يسوع مسيح جيڪو دائود ۽ ابرهام جو اولاد آهي، تنهن جا ابا ڏاڏا هي آهن. ابرهام مان اضحاق پيدا ٿيو، اضحاق مان يعقوب پيدا ٿيو ۽ يعقوب مان يهوداہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا. يهوداہ کي فارص ۽ زارح نالي ٻہ پٽ پيدا ٿيا، جن جي ماتا تمر هئي. فارص مان حصرون پيدا ٿيو ۽ حصرون مان رام پيدا ٿيو. رام مان عمينداب پيدا ٿيو، عمينداب مان نحسون پيدا ٿيو ۽ نحسون مان سلمون پيدا ٿيو. سلمون کي سندس پتنيءَ راحب مان بوعز پيدا ٿيو، بوعز کي سندس پتنيءَ رُوت مان عوبيد پيدا ٿيو ۽ عوبيد مان يسي پيدا ٿيو. يسيءَ مان دائود راجا پيدا ٿيو. دائود کي سليمان انهيءَ پتنيءَ مان پيدا ٿيو جيڪا پهريائين اورياہ جي پتني هئي. سليمان مان رحبعام پيدا ٿيو، رحبعام مان ابياہ پيدا ٿيو ۽ ابياہ مان آسا پيدا ٿيو. آسا مان يهوسفط پيدا ٿيو، يهوسفط مان يهورام پيدا ٿيو ۽ يهورام مان عُزياہ پيدا ٿيو. عُزياہ مان يوتام پيدا ٿيو، يوتام مان آخز پيدا ٿيو ۽ آخز مان حزقياہ پيدا ٿيو. حزقياہ مان منسي پيدا ٿيو، منسيءَ مان امُون پيدا ٿيو ۽ امُون مان يوسياہ پيدا ٿيو. جن ڏينهن ۾ بني اسرائيل جا ماڻهو قيد ٿي بابل ڏانهن جلاوطن ٿي ويا هئا، تن ڏينهن ۾ يوسياہ مان يهوياڪين ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا. انهن ماڻهن جي بابل ڏانهن جلاوطن ٿي وڃڻ کان پوءِ يهوياڪين مان سيالتي‌ايل پيدا ٿيو ۽ سيالتي‌ايل مان زربابل پيدا ٿيو. زربابل مان ابيهود پيدا ٿيو، ابيهود مان الياقيم پيدا ٿيو ۽ الياقيم مان عازور پيدا ٿيو. عازور مان صدوق پيدا ٿيو، صدوق مان اخيم پيدا ٿيو ۽ اخيم مان اليهود پيدا ٿيو. اليهود مان اليعزر پيدا ٿيو، اليعزر مان متان پيدا ٿيو ۽ متان مان يعقوب پيدا ٿيو. يعقوب مان يوسف پيدا ٿيو جيڪو مريم جو پتي هو ۽ انهيءَ مريم جي پيٽان يسوع پيدا ٿيو جيڪو مسيح سڏيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح ابرهام کان وٺي دائود تائين ڪل چوڏهن پيڙهيون ٿيون، دائود کان وٺي بابل ڏانهن جلاوطن ٿي وڃڻ تائين بہ چوڏهن پيڙهيون ٿيون ۽ بابل ڏانهن جلاوطن ٿي وڃڻ کان وٺي مسيح تائين وري بہ چوڏهن پيڙهيون ٿيون. يسوع مسيح جو جنم هن ريت ٿيو جو جڏهن سندس ماتا مريم جو مڱڻو يوسف سان ٿيل هو، پر اڃا سندن شادي ڪانہ ٿي هئي تہ مريم کي سڌ پيئي تہ کيس پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان پيٽ ٿيو آهي. هن جو مڱيندو هڪ نيڪ ماڻهو هو، تنهنڪري هن خيال ڪيو تہ ”ڇو نہ مريم کي چپ چاپ ۾ ڇڏي ڏيان ۽ خلق ۾ خوار نہ ڪريانس.“ پر جڏهن هو انهن ڳالهين بابت ڳڻتيون ڪري رهيو هو تہ هن کي خواب ۾ پرميشور جو هڪڙو دوت ڏسڻ ۾ آيو، جنهن چيس تہ ”اي دائود جا اولاد يوسف! تون پنهنجي مڱينديءَ مريم سان شادي ڪرڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇاڪاڻ تہ پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان کيس پيٽ ٿيو آهي. هن کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو يسوع رکجانءِ، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجيءَ قوم کي سندن پاپن کان مڪتي ڏيندو.“ اهڙيءَ طرح اهي سڀ ڳالهيون جيڪي پرميشور پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنت جي معرفت فرمايون هيون سي پوريون ٿيون تہ ”ڏسو، هڪڙي ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، ۽ کيس پٽ ڄمندو جنهن کي ’عمانوايل‘ سڏيندا،“ جنهن جي معنيٰ آهي ”ايشور اسان سان.“ سو جڏهن يوسف ننڊ مان جاڳي اٿيو، تڏهن جيئن پرميشور جي دوت چيو هئس تيئن ئي ڪيائين ۽ مريم سان شادي ڪيائين. پر جيستائين مريم پٽ نہ ڄڻيو تيستائين يوسف کيس هٿ بہ نہ لاتو ۽ ٻار جو نالو يسوع رکيائين. يهوديہ جي راجا هيروديس جي ڏينهن ۾ يسوع يهوديہ جي بيت‌لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. تڏهن ڪي جوتشي اوڀر کان يروشلم ۾ آيا ۽ اچي پڇيائون تہ ”يهودين جو راجا جيڪو پيدا ٿيو آهي، سو ڪٿي آهي؟ اسان هن جو تارو اوڀر ۾ ڏٺو آهي ۽ اسين هن جي اڳيان سيس نوائڻ لاءِ آيا آهيون.“ هيروديس راجا جڏهن هي ٻڌو تہ هو ۽ يروشلم جا سڀيئي ماڻهو ڏاڍا پريشان ٿيا. هن سڀني سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين کي گھرايو ۽ کانئن پڇيو تہ ”مسيح ڪٿي پيدا ٿيندو؟“ انهن وراڻيو تہ ”يهوديہ جي بيت‌لحم ۾، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت هيئن لکيو آهي تہ ’اي بيت‌لحم! يهوديہ جي ملڪ ۾، تون ڪنهن بہ طرح يهوديہ جي راجڪمارن مان ڪنهن کان بہ ننڍو نہ آهين، ڇاڪاڻ تہ تو منجھان هڪ حاڪم نڪرندو، جيڪو منهنجي قوم بني اسرائيل جي رهبري ڪندو.‘“ تنهن تي هيروديس انهن جوتشين کي اڪيلائيءَ ۾ گھرائي پڇيو تہ ”تارو ٺيڪ ڪهڙي وقت نظر آيو هو؟“ پوءِ هن انهن کي هي حڪم ڏيئي بيت‌لحم ڏانهن موڪليو تہ ”وڃي چڱيءَ طرح سان ٻار جي ڳولا ڪريو ۽ جڏهن اوهين انهيءَ کي لهو تہ اچي مون کي ٻڌائجو تہ جيئن آءٌ بہ وڃي سندس اڳيان سيس نوايان.“ هو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻار کي سندس ماتا مريم سميت ڏٺائون ۽ گوڏا کوڙي سندس اڳيان سيس نوايائون. پوءِ انهن پنهنجيون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ هيون. ايشور انهن کي خواب ۾ چتاءُ ڏنو تہ ”متان وري هيروديس وٽ ويا آهيو.“ تنهنڪري اُهي ٻيو رستو وٺي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويا. جڏهن اُهي هليا ويا تہ پرميشور جو هڪڙو دوت يوسف کي خواب ۾ نظر آيو، جنهن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماتا کي وٺي مصر ڏانهن ڀڄي وڃ ۽ جيستائين آءٌ نہ چوانءِ تيستائين اُتي ئي رهجانءِ، ڇو تہ هيروديس ٻار جي ڳولا ڪري کيس مارائڻ گھري ٿو.“ تنهن تي هو اٿيو، ٻار ۽ سندس ماتا کي ساڻ ڪري راتو رات مصر ڏانهن هليو ويو. هيروديس جي مرڻ تائين هو اُتي ئي رهيا، انهيءَ لاءِ تہ پرميشور پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنت جي معرفت جيڪي چيو هو سو پورو ٿئي تہ ”مون پنهنجي پٽ کي مصر مان گھرايو آهي.“ جڏهن هيروديس ڏٺو تہ جوتشين ساڻس ٺڳي ڪئي آهي، تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هن حڪم ڏنو تہ ”بيت‌لحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ انهن سڀني ڇوڪرن کي ماري ڇڏيو، جن جي عمر ٻن سالن تائين هجي،“ ڇو تہ عمر بابت هن کي اهو وقت ياد هو جڏهن جوتشين کيس تاري جي ظاهر ٿيڻ بابت ٻڌايو هو. اهڙيءَ طرح اها ڳالهہ پوري ٿي جيڪا سنديش ڏيندڙ سنت يرمياہ جي معرفت چئي ويئي هئي تہ ”رامہ شهر ۾ هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ڏاڍي روئڻ ۽ پٽڻ جو آواز. راخل پنهنجي ٻارن لاءِ روئي ٿي، اها روئي ٿي ۽ کيس آرام نہ ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ اُهي سڀ مري ويا آهن.“ هيروديس جي مرڻ کان پوءِ مصر ۾ يوسف کي خواب ۾ پرميشور جو هڪڙو دوت ڏسڻ ۾ آيو، جنهن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماتا مريم کي وٺي موٽي اسرائيل جي ملڪ وڃ، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ٻار کي مارائڻ جي ڪوشش ڪن پيا سي مري ويا آهن.“ تنهن تي يوسف اٿيو، ٻار ۽ سندس ماتا کي وٺي موٽي اسرائيل جي ملڪ ۾ آيو. جڏهن هن کي خبر پيئي تہ اتي ارخلائوس پنهنجي پتا هيروديس جي گاديءَ تي يهوديہ صوبي جو حڪمران ٿيو آهي تہ هو اوڏانهن وڃڻ کان ڊڄڻ لڳو. تڏهن هن کي خواب ۾ وڌيڪ هدايتون مليون، سو هو گليل صوبي ۾ آيو ۽ اچي ناصرت ڳوٺ ۾ رهيو. اهو ان ڪري ٿيو تہ سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ”هو ناصري سڏيو ويندو.“ ڪجھہ سالن کان پوءِ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو يهوديہ جي رڻ‌پٽ ۾ پرچار ڪندو پئي وتيو تہ ”توبهہ ڪريو جو آڪاش جو راڄ ويجھو آيو آهي.“ يوحنا اهو ئي هو جنهن لاءِ سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي معرفت چيو ويو هو تہ ”رڻ‌پٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ ’پرڀوءَ لاءِ رستو تيار ڪريو، هن لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.‘“ يوحنا کي اُٺ جي وارن مان ٺهيل ڪپڙا پهريل هوندا هئا، کيس چيلهہ سان چمڙي جو پٽو ٻڌل هوندو هو ۽ سندس خوراڪ ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي هئي. هن وٽ يهوديہ صوبي، بلڪ ان جي شهر يروشلم کان توڙي اردن درياءَ جي چؤطرف وارن علائقن کان ماڻهو پئي آيا. انهن پنهنجا پاپ پئي باسيا ۽ هن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني. يوحنا جڏهن ڏٺو تہ ڪيترائي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رهيا آهن، تڏهن انهن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي تہ اوهين ايشور جي ايندڙ ڏمر کان بچي سگھندا؟ اهڙا ڪم ڪريو جن مان سڌ پوي تہ اوهان سچ پچ پنهنجن پاپن تي پڇتايو آهي. ائين نہ سمجھو تہ اوهين ابرهام جو اولاد هئڻ ڪري بچي ويندا. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ايشور هنن پٿرن مان بہ ابرهام لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو. هاڻي تہ وڻن جي پاڙن تي ڪهاڙو تيار رکيو ويو آهي ۽ جيڪو وڻ سٺو ميوو نہ ڏيندو تہ ان کي وڍي باهہ ۾ اڇلائبو. آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوهان پاپن کان توبهہ ڪئي آهي. پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو سو اوهان کي پوِتر آتما ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو. آءٌ هن جهڙو نہ آهيان، هو شڪتيءَ وارو آهي. آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آهيان. هن کي پنهنجو ڇڄ هٿن ۾ آهي، جنهن سان هو پنهنجي ڳاهيل فصل کي چڱيءَ طرح صاف ڪندو. هو پنهنجي ڪڻڪ پنهنجي ڀانڊي ۾ انبار ڪندو، پر بُهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جيڪا ڪڏهن بہ نہ ٿي وسامي.“ پوءِ يسوع گليل علائقي کان اردن درياءَ تي يوحنا وٽ آيو تہ کانئس بپتسما وٺي. پر يوحنا کيس منع ڪرڻ لڳو ۽ چيائينس تہ ”مون کي تہ پاڻ اوهان کان بپتسما وٺڻ گھرجي ۽ اوهين وري مون وٽ آيا آهيو؟“ تنهن تي يسوع جواب ڏنس تہ ”في‌الحال تہ منهنجي مڃ، ڇاڪاڻ تہ اهڙيءَ طرح اسين ايشور جا سڀ فرض پورا ڪنداسين.“ پوءِ يوحنا کيس بپتسما ڏيڻ قبول ڪيو. سو يسوع جيئن ئي بپتسما وٺي پاڻيءَ مان ٻاهر آيو تہ هن لاءِ آڪاش کُلي پيو ۽ ايشور جي آتما هڪ ڪبوتر وانگر هيٺ لهندي ۽ پاڻ تي ويهندي ڏٺائين. پوءِ آڪاش مان هڪ آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو پٽ آهي ۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان.“ پوءِ پوِتر آتما يسوع کي رڻ‌پٽ ۾ وٺي ويو تہ جيئن شيطان کيس آزمائي. جيئن تہ يسوع چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون وِرت ۾ گذاريو هو، تنهنڪري کيس ڏاڍي بک لڳي هئي. سو شيطان هن وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون ايشور جو پٽ آهين تہ هنن پٿرن کي حڪم ڪر تہ روٽيون ٿي پون.“ تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’ماڻهو رڳو روٽيءَ تي جيوت نہ ٿو رهي، پر هر انهيءَ ڳالهہ تي جيڪا ايشور چوي ٿو.‘“ پوءِ شيطان يسوع کي پوِتر شهر يروشلم ۾ وٺي ويو. هن کي هيڪل جي تمام مٿاهين ڪنگريءَ تي بيهاري چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون ايشور جو پٽ آهين تہ هتان پاڻ کي هيٺ ڪيراءِ، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’ايشور پنهنجي دوتن کي تو لاءِ حڪم ڪندو، اهي تو کي پنهنجن هٿن تي جھلي وٺندا، تہ جيئن تنهنجو پير بہ پٿر تي نہ لڳي.‘“ تنهن تي يسوع ورندي ڏنس تہ ”پوِتر شاستر ۾ اهو بہ لکيل آهي تہ ’تون پرڀوءَ پنهنجي ايشور کي نہ آزماءِ.‘“ شيطان يسوع کي وري هڪڙي مٿاهين جبل تي وٺي ويو ۽ سنسار جا سڀيئي راڄ شان وَ شوڪت سميت ڏيکاريائينس ۽ چيائينس تہ ”آءٌ تو کي هي سڀ شيون ڏيندس، جيڪڏهن تون هيٺ نِوڙي مون اڳيان سيس نوائيندين.“ تنهن تي يسوع ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’پرڀوءَ پنهنجي ايشور آڏو سيس نواءِ ۽ رڳو انهيءَ جي ئي ڀڳتي ڪر.‘“ پوءِ شيطان هن کي ڇڏي هليو ويو تہ هڪدم دوت اچي پهتا ۽ يسوع جي سيوا ڪرڻ لڳا. جڏهن يسوع ٻڌو تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري کي جيل ۾ وڌو ويو آهي تڏهن هو گليل علائقي ڏانهن روانو ٿي ويو. هو ناصرت ۾ نہ رهيو پر وڃي ڪفرناحوم شهر ۾ رهيو، جيڪو گليل ڍنڍ تي بني اسرائيل جي زبولون ۽ نفتالي قبيلن جي حدن اندر آهي. اهو انهيءَ ڪري ٿيو تہ سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ”زبولون جو علائقو ۽ نفتاليءَ جو علائقو جن وٽان وڏو رستو سمنڊ ڏانهن وڃي ٿو ۽ جيڪو اردن جي اوڀر پاسي تائين غير قومن وارو گليل آهي، اتي جا ماڻهو جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺل هئا، تن هڪڙي وڏي روشني ڏٺي. هائو، اهي جيڪي موت واري اونداهي ملڪ ۾ ويٺا هئا، تن تي روشني ظاهر ٿي.“ سو انهيءَ وقت کان وٺي يسوع پنهنجي سنديش جو پرچار ڪرڻ لڳو تہ ”پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آڪاش جو راڄ ويجھو آيو آهي.“ جيئن يسوع گليل ڍنڍ جي ڪناري تان لنگھيو پئي تہ هن ٻہ ڀائر ڏٺا، هڪڙو شمعون جنهن کي پطرس بہ سڏيو وڃي ٿو ۽ ٻيو سندس ڀاءُ اندرياس. اهي ٻيئي مهاڻا هئا ۽ ڍنڍ ۾ ڄار پئي وڌائون. يسوع انهن کي سڏي چيو تہ ”اچو ۽ منهنجي پٺيان هلو تہ آءٌ اوهان کي مڇين بدران ماڻهو هٿ ڪرڻ سيکاريان.“ هو هڪدم پنهنجا ڄار ڦٽا ڪري سندس پٺيان هلڻ لڳا. هو اتان اڳڀرو ٿيو تہ هن ٻہ ٻيا ڀائر يعقوب ۽ يوحنا ڏٺا، جيڪي زبديءَ جا پٽ هئا. اهي پنهنجي پتا زبديءَ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ڄارن جي مرمت ڪري رهيا هئا. يسوع انهن کي سڏيو، تہ اهي بہ هڪدم ٻيڙيءَ ۽ پنهنجي پتا کي ڇڏي يسوع جي پٺيان هلڻ لڳا. يسوع گليل جي سڄي علائقي ۾ گھمندو رهيو ۽ اتي جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ سکيا ڏيندو، آڪاش جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪندو ۽ ماڻهن کي سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ڇٽائيندو رهيو. انهيءَ ڪري سڄي شام صوبي ۾ بہ هن جي هاڪ پئجي ويئي. تنهنڪري ڪيترائي ماڻهو هن وٽ بيمارن کي وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون هيون، جهڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگي وارا. انهن سڀني کي يسوع ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو. سو وڏا وڏا ميڙ سندس پويان پئي هليا، جيڪي گليل ۽ دڪاپلس جي علائقن، يروشلم بلڪ سڄي يهوديہ ۽ اردن جي پرينءَ ڀر واري علائقي کان آيل هئا. يسوع وڏو ميڙ ڏسي ٽڪر تي چڙهي ويو ۽ جڏهن اتي ويهي رهيو تہ چيلا سندس چوڌاري مڙي آيا. هو کين هي ڳالهيون چوندي سکيا ڏيڻ لڳو. ”سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا نماڻا آهن، ڇاڪاڻ تہ آڪاش جو راڄ انهن جو آهي. سڀاڳا آهن اهي جيڪي ڏکويل آهن، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهن کي تسلي ڏيندو. سڀاڳا آهن اهي جيڪي تابعدار آهن، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهن کي ڌرتيءَ جو وارث ڪندو. سڀاڳا آهن اهي جيڪي سچائيءَ جا بکايل ۽ اڃايل آهن، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهن کي چڱيءَ طرح ڍءُ ڪرائيندو. سڀاڳا آهن اهي جيڪي ٻين تي ديا ڪن ٿا، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهن تي ديا ڪندو. سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا صاف آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي ايشور کي ڏسندا. سڀاڳا آهن اهي جيڪي ماڻهن ۾ صلح ڪرائين ٿا، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهن کي پنهنجا ٻار سڏيندو. سڀاڳا آهن اهي جيڪي سچائيءَ جي ڪري ستايا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تہ اهي آڪاش جي راڄ جون آسيسون ماڻين ٿا. سڀاڳا آهيو اوهين، جو ماڻهو منهنجي ڪري اوهان تي ڦٽ لعنت ڪن ٿا، ستائين ٿا ۽ اوهان تي هر قسم جون تهمتون ٿا هڻن، ڇو تہ اهڙيءَ طرح ئي سنديش ڏيندڙ سنتن کي بہ ستايو ويو هو. سو بيحد سرها ۽ خوش ٿيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور وٽ اوهان لاءِ وڏو لاڀ آهي.“ ”اوهين انسانذات لاءِ لوڻ مثل آهيو. پر جيڪڏهن لوڻ پنهنجي لوڻياٺ ڇڏي ڏئي تہ ان کي وري لوڻياٺو بڻائڻ لاءِ ڪوبہ طريقو نہ آهي. اهو بيڪار ٿي پوندو، تنهنڪري ڦٽو ڪيو ويندو ۽ ماڻهن جي پيرن هيٺان لتاڙيو ويندو. جيئن ڪو ٽڪر تي اڏيل شهر نظر کان لڪي نہ ٿو سگھي، تيئن اوهين سڄي سنسار لاءِ روشنيءَ مثل آهيو. ڪوبہ ماڻهو ڏيئو ٻاري ڍڪڻ هيٺان نہ ٿو رکي، پر هو ان کي ڏياٽيءَ تي ٿو رکي جتان گھر جي هر هڪ ڀاتيءَ کي روشني پهچي ٿي. ساڳيءَ طرح اوهان جي روشني بہ ماڻهن اڳيان ائين چمڪي جو اهي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي اوهان جي پتا جي مهما ڪن، جيڪو آڪاش تي آهي.“ ”اوهين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ نيم شاستر توڙي پوِتر شاستر جي ٻين لکتن کي رد ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. آءٌ انهن کي رد ڪرڻ لاءِ نہ، پر مڪمل ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڌرتي ۽ آڪاش باقي آهن، تيستائين ايشور جي نيم جو هڪڙو اکر يا ان جو ڪو نقطو بہ رد نہ ٿيندو، تان جو سڀيئي ڳالهيون پوريون ٿي نہ وڃن. تنهنڪري جيڪو انهيءَ جي ڪنهن ننڍڙي حڪم کي بہ رد ڪندو ۽ ٻين ماڻهن کي پڻ ائين ڪرڻ سيکاريندو، سو آڪاش جي راڄ ۾ سڀني کان ننڍو سڏبو. پر جيڪو انهن تي عمل ڪندو ۽ ٻين کي بہ ائين ئي ڪرڻ سيکاريندو تہ اهو آڪاش جي راڄ ۾ وڏو سڏبو. آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيستائين اوهان جي نيڪي نيم شاسترين ۽ فريسين جي نيڪيءَ کان وڌيڪ نہ ٿيندي، تيستائين اوهين ڪنهن بہ طرح آڪاش جي راڄ ۾ داخل ٿي نہ سگھندا.“ ”اوهان ٻڌو آهي تہ اڳئين زماني جي ماڻهن کي چيو ويو هو تہ ’خون نہ ڪريو‘ ۽ ’جيڪو خون ڪندو سو عدالت ۾ ڏوهاري قرار ڏنو ويندو.‘ پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان ڪاوڙيل رهي ٿو سو بہ ڏوهاري قرار ڏنو ويندو. جيڪو ڪنهن ٻئي کي ’اي چريا!‘ ڪري سڏي ٿو، سو پئنچائت واري عدالت ۾ ڏوهاري قرار ڏنو ويندو ۽ جيڪو ڪنهن کي چوندو تہ ’اي ڪافر!‘ سو نرڳ جي باهہ ۾ پوڻ جي لائق ٿيندو. تنهنڪري جيڪڏهن اوهان مان ڪو پنهنجو دان ٻليدان واري جاءِ تي آڻي چاڙهي ۽ اتي ياد پويس تہ سندس ڪنهن وشواسي ڀاءُ ڀيڻ جو ڏانهس ڪو رنج آهي، تہ پنهنجو دان اتي ٻليدان واري جاءِ جي اڳيان ڇڏي پهريائين وڃي انهيءَ کي پرچائي، پوءِ اچي پنهنجو دان چاڙهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان مان ڪنهن تي ڪيس ڪري ۽ کيس ڪورٽ ڏانهن وٺي وڃي تہ هو واٽ تي ئي ان سان ٺاهہ ڪري ڇڏي، متان اهو فريادي کيس جج جي حوالي ڪري ۽ جج وري کيس سپاهيءَ جي حوالي ڪري ۽ هو جيل ۾ وڌو وڃي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ پوءِ اهو ماڻهو جيستائين ڏنڊ جي پائي پائي نہ ڏيندو تيستائين ڪنهن بہ طرح اتان نڪري نہ سگھندو.“ ”اوهان ٻڌو آهي تہ اهو چيو ويو هو تہ ’زنا نہ ڪريو.‘ پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو ماڻهو ڪنهن ناريءَ ڏانهن بري نظر سان ٿو ڏسي، سو پنهنجيءَ دل ۾ ان ناريءَ سان زنا ڪري چڪو. جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن جي ساڄي اک کيس ڀَٽڪائي وجھي تہ هو اها ڪڍي اڇلائي ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هن لاءِ اهو بهتر آهي تہ سندس عضون مان ڀلي هڪڙو هليو وڃي پر هن جو سڄو شرير نرڳ ۾ نہ پوي. جيڪڏهن ڪنهن جو ساڄو هٿ کيس ڀَٽڪائي وجھي تہ هو ان کي وڍي اڇلائي ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هن لاءِ اهو بهتر آهي تہ سندس عضون مان ڀلي هڪڙو هليو وڃي پر هن جو سڄو شرير نرڳ ۾ نہ پوي.“ ”اهو بہ چيو ويو هو تہ ’جيڪو بہ پنهنجي پتنيءَ کي طلاق ڏيئي ڪڍي ڇڏي، سو انهيءَ کي طلاق نامو بہ لکي ڏئي.‘ پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو بہ پنهنجي پتنيءَ کي زنا جي ڏوهہ کان سواءِ ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري طلاق ٿو ڏئي، سو هن کي زناڪار ٿو بڻائي ۽ پوءِ جيڪو انهيءَ طلاق ڏنل ناريءَ سان پرڻبو سو بہ زناڪار ٿيندو.“ ”ٻيو اوهان اهو بہ ٻڌو آهي تہ اڳئين زماني ۾ ماڻهن کي چيو ويو هو تہ ’پرميشور جي آڏو پنهنجا کنيل قسم نہ ڀڃو، پر اهي پورا ڪريو.‘ پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ قسم اصل کڻو ئي نہ. اوهين نہ آڪاش جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ تہ اهو ايشور جو تخت آهي، نڪي ڌرتيءَ جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ تہ اها ايشور جي پيرن جي صندلي آهي. اوهين نہ يروشلم جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ تہ اهو وڏي راجا ايشور جو شهر آهي ۽ نہ وري پنهنجي سر جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ تہ اوهين هڪ وار بہ ڪارو يا اڇو ڪري نہ ٿا سگھو. پر قسم کڻڻ جي بدران رڳو ’ها‘ يا ’نہ‘ چئو، ان کان وڌيڪ چوڻ شيطاني آهي.“ ”اوهان ٻڌو آهي تہ اهو چيو ويو هو تہ ’اک جي بدلي اک ۽ ڏند جي بدلي ڏند.‘ پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوهان سان بڇڙائي ڪري ان کان بدلو نہ وٺو. پر جيڪڏهن ڪو اوهان کي هڪ ڳل تي چماٽ هڻي تہ ان کي ٻيو ڳل بہ ڦيرائي ڏيو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان مان ڪنهن جي قميص هٿ ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ دعويٰ ڪري تہ هو ان کي پنهنجو ڪوٽ بہ ڏيئي ڇڏي. جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن کي ڪو بيگر ۾ هڪ ڪلوميٽر وٺي وڃي، تنهن سان هو ٻہ ڪلوميٽر هليو وڃي. جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن کان ڪو اڌارو گھري تہ هو کيس انڪار نہ ڪري، بلڪ جيڪڏهن ڪو اوهان کان ڪجھہ مفت گھري تہ بہ انهيءَ کي ڏيئي ڇڏيو.“ ”اوهان ٻڌو آهي تہ اهو چيو ويو هو تہ ’پنهنجي دوستن سان پيار ڪر ۽ پنهنجي دشمنن کان نفرت ڪر.‘ پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن سان بہ پيار ڪريو ۽ جيڪي اوهان کي ستائين تن لاءِ پرارٿنا ڪريو، تہ جيئن اوهان جو پتا، جيڪو آڪاش تي آهي تنهن جا اوهين ٻار ٿيو. هو چڱن توڙي بڇڙن تي پنهنجو سج هڪجهڙو اُڀاري ٿو ۽ سچارن توڙي بدڪارن ٻنهي تي هڪجهڙو مينهن وسائي ٿو. جيڪڏهن اوهين رڳو انهن سان پيار ڪريو ٿا جيڪي اوهان سان پيار ڪن ٿا تہ اوهان کي ڪهڙو لاڀ ملندو؟ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ بہ تہ ائين ئي ڪن ٿا. وري جيڪڏهن اوهين رڳو پنهنجن وشواسي ڀائرن ڀينرن جو ڀليڪار ڪريو ٿا تہ اوهان ڪا خاص ڳالهہ تہ ڪانہ ڪئي، ڇو تہ غير وشواسي بہ ائين ئي ڪن ٿا. سو اوهين بہ ائين ئي ڪامل ٿيو جيئن اوهان جو آڪاش وارو پتا ڪامل آهي.“ ”خبردار ٿجو، متان چڱا ڪم ماڻهن جي ڏيکاءَ لاءِ ڪريو. جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ اوهان کي پنهنجي آڪاش واري پتا وٽان ڪوبہ لاڀ نہ ملندو. تنهنڪري جڏهن اوهين ڪنهن کي دان ڏيو تہ ان جو ڏيکاءُ نہ ڪريو، جيئن پاکنڊي ڀڳتيءَ وارين جاين ۽ بازارن ۾ ڪندا آهن. اهي هي ڪم انهيءَ ڪري ڪندا آهن تہ جيئن ماڻهو انهن جي ساراهہ ڪن. پر آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو لاڀ ملي چڪو آهي. جڏهن اوهين دان ڏيو تہ اوهان جي کاٻي هٿ کي اها سڌ نہ پوي تہ ساڄو هٿ ڇا ٿو ڪري، تہ جيئن اوهان جو دان ڏيڻ ڳجھو رهي. تڏهن اوهان جو پتا جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي ان جو لاڀ ڏيندو.“ ”جڏهن اوهين پرارٿنا ڪريو تڏهن پاکنڊين وانگر نہ ٿيو. اهي ڀڳتيءَ وارين جاين ۽ رستن جي چونڪن تي بيهي پرارٿنا ڪندا آهن تہ جيئن هر هڪ انهن کي ڏسي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو لاڀ ملي چڪو. پر جڏهن اوهين پرارٿنا ڪريو تہ پنهنجي ڪمري جا دروازا بند ڪري پنهنجي پتا آڏو پرارٿنا ڪريو، جيڪو ڳُجھہ ۾ آهي. اوهان جو پتا جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي ان جو لاڀ ڏيندو. اوهين پنهنجي پرارٿنا ۾ اجايا گھڻا لفظ ڪم نہ آڻيو، جيئن غير وشواسي ڪندا آهن، ڇو تہ هو سمجھن ٿا تہ انهن جون ڊگھيون پرارٿنائون ڪرڻ ڪري ايشور سندن ٻڌندو. سو انهن وانگر نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو پتا اوهان جي گھرڻ کان اڳ ۾ ئي ڄاڻي ٿو تہ اوهان کي ڇا گھرجي. تہ پوءِ هن ريت پرارٿنا ڪريو تہ ’اي اسان جا پتا! تون جيڪو آڪاش تي آهين، شل تنهنجو نالو پوِتر مڃيو وڃي، ۽ تنهنجو راڄ اچي. تنهنجي مرضي جيئن آڪاش تي پوري ٿئي ٿي، تيئن ڌرتيءَ تي بہ ٿئي. اسان جي روزانو واري روٽي اڄ اسان کي ڏي. اسان جا ڏوهہ اسان کي ائين معاف ڪر، جيئن اسين بہ پنهنجن ڏوهارين کي معاف ٿا ڪريون. اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي، پر جيڪڏهن آزمائش ۾ پئون تہ اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘ سو جيڪڏهن اوهين ماڻهن کي پنهنجا ڏوهہ معاف ڪندا تہ اوهان جو آڪاش وارو پتا بہ اوهان کي پنهنجا ڏوهہ معاف ڪندو. پر جيڪڏهن اوهين ماڻهن کي پنهنجا ڏوهہ معاف نہ ڪندا تہ اوهان جو آڪاش وارو پتا بہ اوهان کي پنهنجا ڏوهہ معاف نہ ڪندو.“ ”جڏهن اوهين وِرت رکو تہ پاکنڊين وانگر منهن لٿل نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اهي منهن لٿل جو ڏيکاءُ انهيءَ لاءِ ٿا ڪن، تہ جيئن ماڻهو ڏسن تہ هنن وِرت رکيو آهي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو لاڀ ملي چڪو آهي. پر جڏهن اوهين وِرت رکو تہ پنهنجي منهن کي ڌوئو ۽ مٿي کي تيل مکي ڦڻي ڏيو، تہ جيئن ماڻهو نہ، بلڪ اوهان جو پتا جيڪو ڳُجھہ ۾ آهي سو اوهان کي وِرت سان سمجھي. تڏهن اوهان جو پتا جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي لاڀ ڏيندو.“ ”اوهين هن سنسار ۾ پنهنجي لاءِ خزانو گڏ نہ ڪريو، جتي ڪينئان ۽ ڪٽ ان کي تباهہ ڪن ٿا ۽ چور کاٽ هڻي چوري ڪن ٿا. بلڪ پنهنجو خزانو ايشور وٽ گڏ ڪريو، جتي نہ ڪينئان ۽ نہ ڪٽ ان کي تباهہ ڪري سگھن ٿا ۽ نہ وري چور کاٽ هڻي چورائي سگھن ٿا، ڇاڪاڻ تہ جتي اوهان جو خزانو هوندو تہ اوهان جي دل بہ اتي ئي هوندي.“ ”اکيون شرير لاءِ ڏيئي مثل آهن. سو جيڪڏهن اوهان جي نظر صحيح پاسي ڏانهن آهي تہ اوهان جي سڄي شرير اندر روشني هوندي. پر جيڪڏهن اوهان جي نظر ڪنهن غلط پاسي ڏانهن هوندي تہ اوهان جي سڄي شرير اندر اونداهي هوندي. سو جيڪا روشني اوهان ۾ آهي سا جيڪڏهن اوندهہ هجي تہ پوءِ ڪيڏي نہ وڏي اونداهي ٿي پوندي.“ ”ڪوبہ ماڻهو هڪ ئي وقت ٻن مالڪن جي غلامي ڪري نہ ٿو سگھي. هو هڪڙي سان پريم تہ ٻئي سان نفرت ڪندو، يا هڪڙي سان وفادار رهندو تہ ٻئي کي خسيس ڄاڻيندو. سو اوهين ايشور ۽ دولت ٻنهي جي هڪ ئي وقت غلامي ڪري نہ ٿا سگھو. تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’اسين ڇا کائينداسين يا ڇا پيئنداسين؟‘ ۽ نہ پنهنجي شرير لاءِ تہ ’اسين ڇا پهرينداسين؟‘ ڇا جان کاڌي کان ۽ شرير ڪپڙن کان وڌيڪ اهم نہ آهي؟ پکين تي غور ڪريو جيڪي نہ پوکين، نہ لڻين ۽ نہ اناج ڀانڊن ۾ انبار ڪن، تہ بہ اوهان جو آڪاش وارو پتا انهن کي کارائي ٿو. ڇا اوهين انهن کان وڌيڪ قدر نہ ٿا رکو؟ ڇا اوهان مان ڪو ڳڻتيون ڪرڻ سان پنهنجي جيون جو هڪڙو منٽ بہ وڌائي سگھي ٿو؟ اوهين ڪپڙن لاءِ ڇو ٿا ڳڻتي ڪريو؟ غور ڪريو تہ جھنگ ۾ سوسن گل جا ٻوٽا ڪيئن ٿا وڌن. اهي پاڻ کي سينگارڻ لاءِ ڪا محنت ڪونہ ٿا ڪن. پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ سليمان کي باوجود ايڏي شان وَ شوڪت جي، انهن مان ڪنهن هڪ جهڙو بہ ويس پهريل نہ هو. ڏسو، جيڪڏهن جھنگلي گاهہ جيڪو اڄ آهي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنهن کي بہ ايشور ائين پهرائي ٿو، تہ پوءِ اهو اوهان کي نہ پهرائيندو ڇا؟ اوهان جو وشواس ڪيڏو نہ ڪمزور آهي! سو اوهين ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين؟‘ يا ’ڇا پيئنداسين؟‘ يا ’ڇا پهرينداسين؟‘ غير وشواسي انهن شين جي ڳولا ۾ هوندا آهن، جڏهن تہ اوهان جو آڪاش وارو پتا ڄاڻي ٿو تہ اوهان کي هي سڀ شيون گھرجن. پر اوهين پهريائين هن جي راڄ ۽ سچائيءَ جي ڳولا ۾ رهو تہ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون. سو اوهين سڀاڻي جي ڳڻتي نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي جو ڏينهن پنهنجي لاءِ پاڻ ئي ڳڻتي ڪندو. اڄ جي لاءِ اڄ جو ڏک ئي ڪافي آهي.“ ”ٻين جا عيب نہ اُگھاڙيو تہ ايشور بہ اوهان جا عيب نہ اُگھاڙي، ڇاڪاڻ تہ جهڙيءَ طرح اوهين ٻين جا عيب اُگھاڙيندا، تهڙيءَ طرح ايشور بہ اوهان جا عيب اُگھاڙيندو. هائو، جهڙي ماپي سان اوهين ٻين کي ماپي ڏيندا، ساڳي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو. اوهين ڪنهن وشواسي ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک ڇو ٿا ڏسو ۽ پنهنجي اک ۾ جيڪو شهتير پيل اٿوَ، ان جو خيال ڇو نہ ٿا ڪريو؟ اوهين ڪيئن ڪنهن ڀاءُ ڀيڻ کي چئي سگھو ٿا تہ ’پنهنجي اک مان ڪک ڪڍڻ ڏي،‘ جڏهن تہ اوهان جي اک ۾ شهتير پيل آهي. اي پاکنڊيؤ! پهريائين اوهين پنهنجي اک مان شهتير ڪڍو تہ پوءِ اوهين انهيءَ ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ڪڍي سگھندا. اوهين پوِتر شيون ڪتن اڳيان نہ اڇلايو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن اڳيان ڦٽا ڪريو. اهي تہ انهن کي رڳو لتاڙي ڇڏيندا ۽ ڦري اوهان کي چيري ڦاڙي وجھندا.“ ”گھرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ، در کڙڪايو تہ کُليوَ، ڇاڪاڻ تہ جيڪو گھرندو آهي تنهن کي ملندو آهي، جيڪو ڳوليندو آهي، سو لهندو آهي ۽ جيڪو در کڙڪائيندو آهي تنهن لاءِ اهو کلندو آهي. هاڻي ڇا اوهان ۾ ڪو اهڙو پتا آهي جنهن کان سندس ٻار روٽي گھري تہ هو پٿر ڏئيس؟ يا سندس ٻار مڇي گھري تہ نانگ ڏئيس؟ جيڪڏهن اوهين باوجود بڇڙا هئڻ جي پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ اوهان جو آڪاش وارو پتا ڪيتريون نہ وڌيڪ چڱيون شيون اوهان کي ڏيندو جيڪي اوهين کانئس گھرندا! سو هاڻ جهڙو سلوڪ اوهين چاهيو ٿا تہ ماڻهو اوهان سان ڪن، تهڙو سلوڪ اوهين بہ ٻين سان ڪريو. اهو ئي موسيٰ جي نيم توڙي سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي سکيا جو نچوڙ آهي.“ ”اوهين سوڙهي دروازي مان اندر داخل ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو دروازو ۽ رستو برباديءَ ڏانهن وڃي ٿو سو ويڪرو ۽ ڪشادو آهي ۽ ان مان اندر گھڙڻ وارا گھڻا ئي آهن. پر جيڪو دروازو ۽ رستو جيون ڏانهن وڃي ٿو سو ڪيڏو نہ سوڙهو ۽ تنگ آهي ۽ ڪي ٿورا ئي آهن جن کان اهو لڀي ٿو.“ ”سنديش ڏيندڙ انهن سنت سڏائڻ وارن کان هوشيار ٿجو، جيڪي ايشور جا حقيقي سنت نہ آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان وٽ رڍن جي روپ ۾ اچن ٿا پر اندر ۾ اهي وحشي بگھڙ آهن. اوهين انهن کي سندن عملن مان سڃاڻي وٺندا، ڇاڪاڻ تہ ٻٻرن مان ٻير نہ ملندا آهن ۽ نڪي اڪن مان انب. اهڙيءَ طرح سٺو وڻ ميوو بہ سٺو ڏئي ٿو ۽ خراب وڻ ميوو بہ خراب ڏئي ٿو. سٺو وڻ خراب ميوو ڏيئي نہ ٿو سگھي، نڪي خراب وڻ سٺو ميوو ڏيئي سگھي ٿو. جيڪو وڻ سٺو ميوو نہ ٿو ڏئي سو وڍي باهہ ۾ وجھبو آهي. تنهنڪري اوهين انهن سنت سڏائيندڙن کي سندن عملن مان سڃاڻي سگھندا.“ ”جيڪي مون کي ’پرڀو، پرڀو‘ ڪري سڏين ٿا، تن مان سڀڪو آڪاش جي راڄ ۾ داخل ٿي نہ سگھندو. پر رڳو اهي داخل ٿيندا جيڪي منهنجي آڪاش واري پتا جي مرضيءَ موجب هلن ٿا. قيامت جي ڏينهن گھڻا ئي مون کي چوندا تہ ’اي پرڀو! اي پرڀو! اسان تنهنجي نالي تي ايشور جو سنديش نہ ڏنو ڇا؟ اسان تنهنجي نالي تي ڀوت نہ ڪڍيا ڇا؟ اسان تنهنجي نالي تي ڪيترائي چمتڪار نہ ڪيا ڇا؟‘ پر آءٌ کين صاف جواب ڏيئي چوندس تہ ’آءٌ اوهان کي اصل نہ ٿو سڃاڻان. اي ايشور جا نافرمانؤ! مون وٽان هليا وڃو.‘“ ”تنهنڪري جيڪو بہ منهنجيون هي ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل ڪري ٿو سو اهڙي سياڻي ماڻهوءَ مثل آهي جنهن پنهنجو گھر ٽڪر تي اڏايو هجي. جيتوڻيڪ مينهن ان گھر تي ڏاڍو وسڪارو لاتو، ٻوڏ اچي وڪوڙيس ۽ طوفان سخت سٽون ڏنس تڏهن بہ اهو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ٽڪر تي اڏيل هو. پر جيڪو بہ ماڻهو منهنجيون هي ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل نہ ٿو ڪري، سو اهڙي مورک مثل آهي جنهن پنهنجو گھر واريءَ تي اڏايو هجي. ان گھر تي مينهن ڏاڍو وسڪارو لاتو، ٻوڏ اچي وڪوڙيس ۽ طوفان سخت سٽون ڏنس تہ گھر ڪري پيو ۽ تباهہ ٿي ويو.“ جڏهن يسوع هي ڳالهيون چئي چڪو، تڏهن اتي موجود سڄي خلق سندس سکيا تي حيران ٿي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هن نيم شاسترين وانگر نہ، بلڪ ائين پئي سکيا ڏني جيئن ڪو اختيار وارو ڳالهائي. جڏهن يسوع ٽڪر تان هيٺ لٿو تہ وڏو ميڙ هن جي پٺيان هلڻ لڳو. ايتري ۾ هڪڙو ڪوڙهہ جهڙي مرض وارو ماڻهو يسوع وٽ آيو، جنهن سندس اڳيان سيس نوائي چيس تہ ”اي سوامي! جيڪڏهن اوهين چاهيو تہ مون کي ڇٽائي پوِتر ڪري سگھو ٿا.“ تنهن تي يسوع پنهنجو هٿ انهيءَ ماڻهوءَ تي رکندي کيس چيو تہ ”آءٌ چاهيان ٿو تہ تون ڇٽي پوِتر ٿيءُ.“ تڏهن هڪدم هن جو ڪوڙهہ جهڙو مرض لهي ويو. پوءِ يسوع هن کي چيو تہ ”ڏس، اها ڳالهہ ڪنهن کي نہ ٻڌائجانءِ. پر سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي نيم موجب پنهنجي پوِتر ٿيڻ لاءِ ٻليدان ڪر، تہ جيئن هر ڪنهن لاءِ شاهدي ٿئي تہ تون هاڻي ڇٽي پوِتر ٿيو آهين.“ جڏهن يسوع ڪفرناحوم شهر ۾ داخل ٿيو تہ رومي فوج جو هڪ صوبيدار وٽس آيو ۽ منٿ ڪندي چيائينس تہ ”سوامي! منهنجو نوڪر اڌرنگي جي بيماريءَ ۾ گھر ۾ پيو آهي ۽ ڏاڍا عذاب پيو سهي.“ تنهن تي يسوع چيس تہ ”آءٌ تنهنجي گھر هلي هن کي چڱو ڀلو ڪندس.“ پر فوجي صوبيدار وينتي ڪيس تہ ”اي سوامي! آءٌ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهين منهنجي گھر اچو. اوهين هتان ئي رڳو حڪم ڪريو تہ منهنجو نوڪر خوش ٿي پوندو. ڏسو، آءٌ بہ ڪنهن ٻئي جي حڪم هيٺ آهيان ۽ منهنجي هيٺان پڻ سپاهي آهن، سو جيڪڏهن ڪنهن کي چوان ’وڃ،‘ تہ هو ويندو ۽ ڪنهن کي چوان ’اچ،‘ تہ هو ايندو ۽ جي پنهنجي نوڪر کي چوان تہ ’هي ڪم ڪر،‘ تہ هو ڪندو.“ يسوع اهو ٻڌي هن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي ماڻهو سندس پٺيان پئي آيا تن کي چوڻ لڳو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن جهڙو وشواس مون کي بني اسرائيل قوم جي ڪنهن بہ شخص ۾ نظر نہ آيو. آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اوڀر ۽ اولهہ کان ڪيترائي غير قومن وارا ايندا ۽ ابرهام، اضحاق ۽ يعقوب سان گڏ آڪاش جي راڄ ۾ رسوئي کائڻ ويهندا. پر جيڪي انهيءَ راڄ جا وارث آهن تن کي ٻاهر اونداهيءَ ۾ اڇلايو ويندو، جتي هو روئندا رڙندا ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندا.“ پوءِ يسوع فوجي صوبيدار کي چيو تہ ”گھر وڃ، جيئن تون وشواس ڪرين ٿو تيئن ئي تو لاءِ ڪيو ويندو.“ تڏهن انهيءَ گھڙيءَ ئي صوبيدار جو نوڪر چڱو ڀلو ٿي پيو. يسوع جڏهن پطرس جي گھر آيو تہ اتي ڏٺائين تہ پطرس جي سس بخار سبب بستري تي پيئي آهي. يسوع سندس هٿ کي پڪڙيو تہ سندس بخار لهي ويو. تڏهن هوءَ اُٿي کڙي ٿي ۽ سندس سيوا ڪرڻ لڳي. جڏهن سانجھي ٿي تہ ماڻهو يسوع وٽ ڪيترن ئي ڀوتن ورتلن کي وٺي آيا. هن هڪڙي حڪم سان ئي انهن ڀوتن کي ڪڍي ڇڏيو ۽ جيڪي بيمار هئا تن سڀني کي پڻ چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين. هن اهي ڪم ڪري سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي چيل وچن کي پورو ڪري ڏيکاريو تہ ”هن پاڻ اسان جون بيماريون ورتيون، هائو، اسان جا سڀ مرض پنهنجي سر تي کنيا.“ يسوع جڏهن ڏٺو تہ ماڻهن جو وڏو ميڙ کيس ويڙهي ويو آهي، تڏهن هن پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”هلو تہ ڍنڍ جي هن ڀر هلون.“ ان وقت هڪ نيم شاستريءَ يسوع جي ويجھو اچي کيس چيو تہ ”اي گرو! جيڏانهن اوهين ويندا، اوڏانهن آءٌ بہ اوهان جي پٺيان هلندس.“ يسوع کيس جواب ڏنو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آهن، پر منش‌پتر کي اها جاءِ بہ ڪانهي جتي کڻي مٿو لڪائي آرام ڪري.“ هڪڙو ٻيو ماڻهو، جيڪو سندس چيلو هو، تنهن چيس تہ ”اي گرو! مون کي تيستائين آگيا ڏيو، جيستائين آءٌ پنهنجي پتا کي دفنائي اچان.“ تنهن تي يسوع چيس تہ ”منهنجي پويان اچ ۽ ڇڏ تہ ڀلي مُڙدا وڃي مُڙدن کي دفنائين.“ جڏهن يسوع ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺو تہ سندس چيلا بہ ساڻس گڏ هليا. اوچتو ئي ڍنڍ ۾ اهڙو زبردست طوفان آيو جو سندن ٻيڙي ڇولين ۾ ٻڏڻ لڳي. ان وقت يسوع گَهري ننڊ ۾ هو. تڏهن چيلن کيس جاڳائي چيو تہ ”اي گرو! جلدي ڪر بچاءِ! اسين ٻڏڻ تي آهيون.“ تنهن تي يسوع وراڻين تہ ”اوهين ايترا ڊنل ڇو آهيو؟ ڇا اوهان جو وشواس ايترو ئي آهي؟“ پوءِ هو اٿيو ۽ هوا ۽ ڇولين کي ڇينڀيائين تہ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي. اهي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هي ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي جو هوا ۽ پاڻي بہ سندس حڪم مڃين ٿا.“ پوءِ يسوع گليل ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر گراسينين جي علائقي ۾ آيو تہ اتي ٻہ ڄڻا قبرستان مان نڪري اچي ساڻس مليا. اهي ٻئي اهڙي قسم جي ڀوتن سان ورتل هئا جو ڪوبہ ماڻهو انهيءَ رستي سان لنگھي نہ سگھندو هو. يسوع کي ڏسڻ سان هو رڙ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي ايشور جا پٽ! تنهنجو اسان سان ڪهڙو واسطو آهي؟ ڇا تون وقت کان اڳي اسان کي عذاب ڏيڻ آيو آهين؟“ ويجھو ئي سوئرن جو هڪ وڏو ڌڻ چري رهيو هو، سو ڀوتن يسوع کي منٿ ڪئي تہ ”جيڪڏهن اوهين اسان کي ڪڍو ٿا تہ اسان کي آگيا ڏيو تہ سوئرن جي ڌڻ ۾ وڃون.“ تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”ڀلي وڃو.“ تڏهن اهي انهن مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا ۽ ڏسندي ڏسندي سوئرن جو اهو سڄو ڌڻ لاهيءَ تان هيٺ ڌوڪيندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو. ڌڻ چارڻ وارا اهو ڏسي شهر ڏانهن ڀڳا ۽ ڀوتن ورتل ماڻهن جو سمورو احوال ڪري ٻڌايائون. تنهن تي سڄو شهر يسوع سان ملڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيو. جڏهن هن کي ڏٺائون تہ منٿ ڪندي چوڻ لڳس تہ ”سوامي! مهرباني ڪري اسان جي علائقي مان هليا وڃو.“ يسوع ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڍنڍ پار ڪري پنهنجي شهر ڪفرناحوم موٽي آيو. ڪن ماڻهن اڌرنگي جي بيماريءَ وارو هڪ ماڻهو کٽولي تي کڻي وٽس آندو. يسوع هنن جو ايڏو وشواس ڏسي اڌرنگي واري کي چيو تہ ”پٽ! دلجاءِ ڪر، تنهنجا پاپ معاف ڪيا ويا.“ تنهن تي ڪي نيم شاستري سوچڻ لڳا تہ ”هي ماڻهو تہ ايشور جي نندا ٿو ڪري.“ يسوع سمجھي ويو تہ هو ڇا سوچي رهيا آهن، سو کين چيائين تہ ”اوهين اهڙيون خراب ڳالهيون ڇو ٿا سوچيو؟ ڇا اهو سولو آهي جو هن ماڻهوءَ کي چئجي تہ ’تنهنجا پاپ معاف ڪيا ويا،‘ يا اهو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ ۽ گھم ڦر‘؟ پر آءٌ اوهان تي ثابت ڪندس تہ منش‌پتر کي ڌرتيءَ تي ماڻهن جا پاپ معاف ڪرڻ جي اختياري مليل آهي.“ سو اڌرنگي واري ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھر هليو وڃ.“ اهو ماڻهو اُٿي کڙو ٿيو ۽ پنهنجي گھر ڏانهن روانو ٿيو. جڏهن ماڻهن هي ڏٺو تہ ڊڄي ويا ۽ ايشور جي مهما ڪرڻ لڳا تہ هُن انسان کي ڪيڏي نہ اختياري بخشي آهي! يسوع اتان روانو ٿيو ۽ رستي سان هلندي هن متيءَ نالي هڪ شخص کي پنهنجي ٽيڪس اُڳاڙڻ واري اڏي تي ويٺل ڏٺو. يسوع هن کي سڏي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ تنهن تي متي اٿيو ۽ سندس پٺيان هلڻ لڳو. پوءِ جڏهن يسوع پنهنجي چيلن سان گڏ متيءَ جي گھر ۾ رسوئي ويٺي کاڌي، تڏهن ڪيترائي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ۽ پاپي اچي يسوع ۽ سندس چيلن سان گڏ کائڻ ويٺا. فريسين اهو ڏسي يسوع جي چيلن کي چيو تہ ”اوهان جو گرو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ پاپين سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“ يسوع هي ٻڌي ورتو، سو چيائين تہ ”حڪيم جي گھرج چڱن ڀلن کي نہ، بلڪ بيمارن کي هوندي آهي. سو وڃو ۽ وڃي سمجھو تہ پوِتر شاستر جي هن لکت جي معنيٰ ڇا آهي تہ ’مون کي جانورن جو ٻليدان نہ، پر ديا پسند آهي،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ نيڪن کي نہ پر پاپين کي سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“ پوءِ يسوع وٽ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جا چيلا آيا ۽ چيائونس تہ ”اسين ۽ فريسي تہ اڪثر وِرت رکون ٿا، پر اوهان جا چيلا وِرت ڇو نہ ٿا رکن؟“ تنهن تي يسوع وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان گڏ آهي تيستائين هو ڪي غمگين رهندا ڇا؟ پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ انهن کان جدا ڪيو ويندو تہ ان وقت هو بہ وِرت رکندا. ڪوبہ ماڻهو پراڻي قميص کي نئين ڪپڙي جي چتي نہ ٿو هڻي. ائين ڪندو تہ نئين چتي قميص کي ڦاڙي اڃا بہ وڏو انگھہ ڪري وجھندي. نہ وري ڪوبہ تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ ٿو ڀري. جيڪڏهن ائين ڪندو تہ ساندارا ڦاٽي پوندا، مئي هارجي ويندي ۽ ساندارا بہ زيان ٿيندا. تنهنڪري تازي مئي نون ساندارن ۾ وجھبي آهي تہ جيئن ٻيئي سلامت رهن.“ جڏهن يسوع انهن کي هي چئي رهيو هو تڏهن يهودين جي ڀڳتيءَ واري مقامي جاءِ جو هڪڙو اڳواڻ وٽس آيو ۽ سيس نوائي چيائينس تہ ”هينئر ئي منهنجي ڌيءَ مُئي آهي، پر اوهين هلي هٿ لائيندؤس تہ هوءَ جيوت ٿي پوندي.“ تڏهن يسوع اٿيو ۽ چيلن سميت هن سان گڏجي هليو. هلندي هلندي هڪڙي ناري، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو تنهن يسوع جي پٺيان اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي هٿ لاتو. هن دل ۾ اهو سوچيو ٿي تہ ”جيڪڏهن آءٌ رڳو هن جي ڪپڙن کي ئي هٿ لائينديس تہ ڇٽي چڱي ڀلي ٿي پونديس.“ تڏهن يسوع ڦري انهيءَ ناريءَ کي ڏٺو ۽ چيائينس تہ ”دلجاءِ ڪر ڌيءَ! تنهنجي وشواس تو کي ڇٽايو آهي.“ انهيءَ ئي وقت اها ناري چڱي ڀلي ٿي پيئي. پوءِ جڏهن يسوع انهيءَ اڳواڻ جي گھر پهتو تڏهن ڏٺائين تہ ارٿيءَ تي ماتمي ساز پيا وڄن ۽ ماڻهن جو گوڙ لڳو پيو آهي. اهو ڏسي هن چيو تہ ”ٻاهر نڪري وڃو، ڇاڪاڻ تہ ڪنيا مُئي ڪانہ آهي، پر ننڊ پيئي آهي.“ تنهن تي سڀيئي ان تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. جڏهن ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو، تڏهن يسوع ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ ڪنيا کي هٿ کان ورتائين تہ هوءَ اُٿي ويٺي. هي واقعو انهيءَ علائقي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙجي ويو. جڏهن يسوع ان جاءِ تان اڳتي وڌيو تہ ٻہ انڌا ماڻهو رڙيون ڪندا سندس پٺيان آيا تہ ”اي راجا دائود جا اولاد! اسان تي ديا ڪريو.“ پوءِ يسوع هڪ گھر ۾ پهتو تہ اهي انڌا بہ وٽس آيا. هن کانئن پڇيو تہ ”ڇا اوهان کي يقين آهي تہ آءٌ هي ڪم ڪري سگھان ٿو؟“ تنهن تي انهن جواب ڏنس تہ ”هائو، سوامي.“ يسوع انهن جي اکين تي هٿ لائيندي چيو تہ ”ائين ئي ٿئي جيڪو اوهان جو يقين آهي.“ تڏهن اهي ڏسڻ وائسڻ لڳا. پوءِ يسوع کين سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”متان اها ڳالهہ ڪنهن کي ٻڌايو.“ پر انهن علائقي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ يسوع جي مشهوري پکيڙي ڇڏي. ديد ملڻ کان پوءِ جيئن ئي اهي ٻيئي ٻاهر نڪري رهيا هئا تہ ڪي ماڻهو هڪ اهڙو شخص يسوع وٽ وٺي آيا جيڪو ڳالهائي نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ ان ۾ هڪ ڀوت هو. جڏهن يسوع انهيءَ مان ڀوت ڪڍيو تڏهن اهو گونگو ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳو. اهو ڏسي خلق عجب ۾ پئجي ويئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”اسان بني اسرائيل قوم ۾ اڳي ائين ٿيندي ڪونہ ڏٺو آهي.“ پر فريسي چوڻ لڳا تہ ”هو ڀوتن جي سردار جي مدد سان ماڻهن مان ڀوت ڪڍي ٿو.“ پوءِ يسوع آس‌پاس جي سڀني شهرن توڙي ڳوٺن ۾ گھمندو رهيو. اُتي هو ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ سکيا ڏيندو، آڪاش جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪندو ۽ ماڻهن کي هر قسم جي مرضن ۽ بيمارين کان ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو رهيو. ماڻهن جي انهن ميڙن کي ڏسي يسوع جي دل ديا سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هو ائين ڏکويل ۽ بي‌سهارا هئا جيئن رڍون ريڍار کان سواءِ هجن. تنهنڪري هن پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”فصل تہ تمام گھڻو آهي، پر لڻندڙ ٿورا آهن. تنهنڪري فصل جي مالڪ کي وينتي ڪريو تہ پنهنجي فصل جي لاباري لاءِ ماڻهو موڪلي.“ فلپس ۽ برتُلمئي، توما ۽ متي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ تدئي، شمعون قوم‌پرست ۽ يهوداہ اسڪريوتي، جنهن بعد ۾ دغا ڪري يسوع کي پڪڙايو. انهن ٻارهن سنتن کي يسوع روانو ڪندي هي تاڪيد ڪيو تہ ”اوهين غير يهودين جي ڪنهن بہ علائقي ڏانهن يا سامرين جي ڪنهن بہ شهر ۾ نہ وڃجو، پر بني اسرائيل، جيڪي ڀَٽڪيل رڍن وانگر آهن تن وٽ وڃجو. اوهين جتي جتي وڃو تہ اتي اهو اعلان ڪجو تہ ’آڪاش جو راڄ ويجھو آيو آهي.‘ بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪجو ۽ مئلن کي جيوت ڪجو، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارن کي ڇٽائي پوِتر ڪجو ۽ ماڻهن مان ڀوت ڪڍجو. آءٌ هي اوهان کي مفت ۾ ڏيان ٿو، تنهنڪري اوهين بہ مفت ۾ ڏجو. کيسي ۾ پاڻ سان ڪوبہ پئسو پائي نہ کڻجو، توڙي جو سون، چانديءَ يا ٽامي جو سڪو ڇو نہ هجي. سفر ۾ پاڻ سان نہ ٿيلهو کڻجو، نڪي هڪڙي جوڙي کان وڌيڪ ڪپڙا يا جتيون ۽ نہ وري ڪا لٺ کڻجو، ڇاڪاڻ تہ مزدور پنهنجي کاڌي پيتي جو حقدار آهي. سو جڏهن اوهين ڪنهن شهر يا ڳوٺ ۾ وڃو تڏهن جاچ ڪجو تہ اهڙو ڪو آهي جيڪو اوهان جو آڌرڀاءُ ڪري، پوءِ اوهين وٽس ايستائين رهجو جيستائين اُن شهر مان روانا نہ ٿيو. گھر ۾ داخل ٿيڻ وقت کيس نمسڪار ڪجو. جيڪڏهن گھر جي مالڪ نمسڪار وراڻيو تہ اوهان جو نمسڪار مٿس رهندو، پر جيڪڏهن نہ ورائيندو تہ اوهان جو نمسڪار اوهان ڏانهن موٽي ايندو. جيڪڏهن ماڻهو اوهان جو آڌرڀاءُ نہ ڪن يا اوهان جي ڳالهہ نہ ٻڌن، تہ پوءِ اهو گھر توڙي شهر ڇڏي وڃجو ۽ پنهنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ قيامت جي ڏينهن انهيءَ شهر وارا سدوم ۽ عموراہ وارن کان وڌيڪ ڀوڳيندا.“ ”ڏسو، آءٌ اوهان کي ڄڻ تہ رڍن وانگر بگھڙن منجھہ موڪليان ٿو، تنهنڪري اوهين نانگن وانگر چالاڪ ٿجو ۽ ڪبوترن وانگر نہ ڏکوئيندڙ ٿجو. هوشيار ٿجو، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ وٺي ويندا ۽ پنهنجين ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ اوهان کي چهبڪ هڻندا. اوهان کي منهنجي ڪري حاڪمن ۽ راجائن اڳيان پيش ڪيو ويندو. تڏهن اوهين انهن کي توڙي ٻين غير قوم وارن کي بہ آڪاش جي راڄ بابت خوشخبري ٻڌائيندا. پر جڏهن هو اوهان کي گرفتار ڪرائين تڏهن اها ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوهان کي ڪهڙو جواب ڏيڻو آهي. جيڪي اوهان کي چوڻو هوندو سو انهيءَ مهل پاڻ ئي اوهان کي ٻڌايو ويندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون اوهين ڪندا سي اوهان جون نہ هونديون، پر اوهان جي پتا جي آتما اوهان جي وسيلي اهي ڳالهيون ڪندي. ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ ۽ پتا پنهنجي ٻار کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو. ٻار پنهنجي ماتا پتا جي خلاف اُٿي کڙا ٿيندا ۽ کين مارائي ڇڏيندا. منهنجي نالي جي ڪري سڀڪو اوهان سان دشمني رکندو. پر اوهان مان جيڪو توڙ تائين ثابت قدم رهندو سو اطمينان رکي تہ هن لاءِ مڪتي آهي. جڏهن ماڻهو اوهان کي ڪنهن شهر ۾ ستائين تہ اوهين هڪدم ٻئي شهر ڏانهن هليا وڃجو. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اوهين اسرائيل جي سڀني شهرن توڙي ڳوٺن ۾ پنهنجو ڪم ختم ئي نہ ڪندا تہ منش‌پتر اچي پهچندو. چيلو پنهنجي گروءَ کان مٿي نہ هوندو آهي ۽ نہ وري ڪو غلام پنهنجي مالڪ کان. چيلي لاءِ سٺو اهو آهي تہ هو پنهنجي گروءَ سان هر حال ۾ شامل رهي ۽ غلام لاءِ تہ پنهنجي مالڪ سان. سو جيڪڏهن گھر جي مالڪ کي ئي ڀوتن جو سردار بعل‌زبول ڪري سڏيو وڃي تہ سندس گھر جي ڀاتين کي تہ ان کان بہ وڌيڪ بدتر ڪري سڏيندا.“ ماڻهن کان نہ ڊڄو، جيڪي رڳو شرير کي مارين ٿا پر آتما کي نہ ٿا ماري سگھن. ان جي بدران ايشور کان ڊڄو، جيڪو ٻنهي يعني شرير ۽ آتما کي ماري نرڳ ۾ وجھي سگھي ٿو. ڇا هڪ ننڍڙي سڪي ۾ ٻہ جھرڪيون نہ ٿيون وڪامن؟ اهڙين خسيس جھرڪين مان هڪڙي بہ اوهان جي پتا جي مرضيءَ کان سواءِ زمين تي نہ ٿي ڪِري. ”جيڪو ماڻهن جي اڳيان کُليو کُلايو مون کي قبول ڪندو، تنهن کي آءٌ بہ پنهنجي آڪاش واري پتا جي اڳيان قبول ڪندس. پر جيڪو ماڻهن جي اڳيان مون کي قبول نہ ڪندو، تنهن کي آءٌ بہ پنهنجي آڪاش واري پتا جي اڳيان قبول نہ ڪندس.“ ”ائين نہ سمجھو تہ آءٌ ڌرتيءَ تي صلح ڪرائڻ آيو آهيان. منهنجي ڪري صلح نہ ٿيندو، اٽلندو تلوار هلندي. هائو، منهنجي اچڻ ڪري پٽ پتا جي خلاف ٿيندو، ڌيءَ ماتا جي خلاف ۽ نُنهن سس جي خلاف ٿيندي. مطلب تہ ماڻهوءَ جا دشمن خود سندس گھر جا ڀاتي ٿيندا. جيڪڏهن ڪو پنهنجي ماتا يا پتا کي توڙي پنهنجي ڌيءَ يا پٽ کي مون کان وڌيڪ پيار ڪري ٿو، سو منهنجي لائق نہ آهي. جيڪو پنهنجي سولي کڻي منهنجي پٺيان نہ ٿو هلي، سو منهنجي لائق نہ آهي. ڏسو، جيڪو پنهنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو، سو اها وڃائيندو. پر جيڪو منهنجي لاءِ پنهنجي جان وڃائيندو سو اها حاصل ڪندو.“ ”جيڪو اوهان کي قبول ٿو ڪري سو مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو ايشور کي قبول ڪري ٿو جنهن مون کي موڪليو آهي. جيڪو سنديش ڏيندڙ سنت کي ايشور جو سنت سمجھي قبول ٿو ڪري، تنهن کي سنت جيترو لاڀ ملندو ۽ جيڪو نيڪ کي نيڪ سمجھي قبول ٿو ڪري، تنهن کي نيڪ جيترو لاڀ ملندو. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي چيلن مان ڪنهن ننڍي ۾ ننڍي کي بہ منهنجو چيلو سمجھي هڪ پيالو ٿڌي پاڻيءَ جو ئي پيئاريندو تہ هن کي انهيءَ جو لاڀ ضرور ملندو.“ جڏهن يسوع پنهنجي ٻارهن چيلن کي هدايتون ڏيئي چڪو تڏهن هو اتان روانو ٿيو، تہ جيئن ويجھن شهرن ۾ وڃي سکيا ڏئي ۽ پرچار ڪري. هاڻي جڏهن يوحنا جيل ۾ مسيح جي ڪمن بابت ٻڌو تہ هن پنهنجا ڪي چيلا يسوع ڏانهن موڪليا. هنن اچي يسوع کان پڇيو تہ ”جيڪو اچڻ وارو آهي، سو اوهين ئي آهيو يا اسين ڪنهن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“ تنهن تي يسوع جواب ڏنن تہ ”جيڪي ڪجھہ اوهين ٻڌو ۽ ڏسو ٿا سو يوحنا کي وڃي ٻڌايو تہ انڌا ڏسن ٿا، منڊا گھمن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پوِتر ڪيا وڃن ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيوت ڪيا وڃن ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي. سڀاڳو آهي اهو جنهن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آهي.“ جڏهن اهي هليا ويا تہ يسوع ميڙ کي يوحنا بابت چوڻ لڳو تہ ”اوهين رڻ‌پٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا ڀلا واءُ سان لڏندڙ ڪنهن ڪاني کي؟ پر آخر ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا ڀلا سٺن ڪپڙن واري ڪنهن ماڻهوءَ کي؟ ڏسو، جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا سي راجائن جي محلن ۾ هوندا آهن. پر ڀلا ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا سنديش ڏيندڙ هڪ سنت کي؟ ها تہ پوءِ ٻڌو، آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ سنديش ڏيندڙ سنت کان بہ وڏي کي. بلڪ يوحنا ئي اهو آهي جنهن بابت پوِتر شاستر ۾ ايشور فرمايو آهي تہ ’ڏس، آءٌ پنهنجي سنديش ڏيندڙ کي تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو، تہ هو تنهنجي لاءِ رستو تيار ڪري.‘ آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي بہ ماتا جي پيٽ مان نڪتا آهن، انهن ۾ ڪوبہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري کان وڏو نہ آهي. تنهن هوندي بہ آڪاش جي راڄ ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آهي سو يوحنا کان بہ وڏو آهي. يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي پرچار کان وٺي هن وقت تائين آڪاش جي راڄ تي ڏاڍائي پئي ٿي آهي ۽ ڏاڍا ماڻهو ان کي ڏاڍائيءَ سان ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. اها ڳالهہ موسيٰ جي شاستر توڙي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سڀني سنتن جي شاسترن ۾ يوحنا جي وقت تائين اڳڪٿي ڪري ٻڌائي ويئي هئي. جيڪڏهن اوهين وشواس ڪريو تہ سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ، جيڪو اچڻ وارو هو سو هي يوحنا ئي اٿوَ. جنهن کي بہ ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“ هن وڌيڪ چيو تہ ”هن زماني جي ماڻهن کي آءٌ ڪنهن سان ڀيٽيان؟ اهي تہ اهڙن ٻارن وانگر آهن جيڪي بازارن ۾ ويهي هڪٻئي کي سڏ ڪري چون ٿا تہ ’اسان اوهان لاءِ شرنايون وڄايون، پر اوهين نچيا ئي ڪين. اسان اوهان لاءِ پار ڪڍيا، پر اوهين رنا ئي ڪين.‘ ساڳيءَ طرح جڏهن يوحنا وِرت جي ڪري اڪثر نہ کاڌو ٿي، نہ پيتو ٿي، تڏهن ماڻهن چيو ٿي تہ ’هن ۾ ڀوت آهي.‘ پر منش‌پتر کائيندو پيئندو ٿو رهي، تڏهن بہ ماڻهو چون ٿا تہ ’ڏسو، هو پيٽو ۽ شرابي آهي ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن توڙي پاپين جو دوست آهي.‘ پر ياد رکو، ڪمن جي ڦل مان ئي ايشور جي ڏاهپ سچي ثابت ٿئي ٿي.“ جن شهرن ۾ يسوع تمام گھڻا چمتڪار ڏيکاريا هئا ۽ ان جي باوجود بہ اتي جي ماڻهن پنهنجن پاپن کان توبهہ نہ ڪئي هئي، تن کي ننديندي هن چيو تہ ”مصيبت آهي اوهان لاءِ اي خرازين شهر جا رهاڪؤ! ۽ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي بيت‌صيدا شهر جا رهاڪؤ! ڇاڪاڻ تہ جيڪي چمتڪار اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا جي شهرن ۾ ڪيا وڃن ها تہ ڪڏهن جو اتان جا ماڻهو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ خاڪ وجھي پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪن ها. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن اوهين صور ۽ صيدا جي ماڻهن کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا. اي ڪفرناحوم شهر جا رهاڪؤ! ڇا اوهين ڀانئيو ٿا تہ اوهين آڪاش کان مٿي تائين بلند ڪيا ويندا؟ نہ، هرگز نہ. اٽلندو اوهين هيٺ پاتال ۾ ڦٽا ڪيا ويندا، ڇاڪاڻ تہ جيڪي چمتڪار اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن سدوم شهر ۾ ڪيا وڃن ها تہ اهو بہ جيڪر اڄ ڏينهن تائين قائم هجي ها. تہ پوءِ آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن اوهين سدوم شهر وارن کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا.“ انهيءَ وقت يسوع ايشور کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي پتا، اي ڌرتيءَ ۽ آڪاش جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي. هائو، اي پتا! اهو سڀ تنهنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان ئي ٿيو آهي.“ شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پتا مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پتا کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي، نڪي پٽ کان سواءِ پتا کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي. اي اوهين سڀ جيڪي ڳرا بار کڻي ٿڪجي پيا آهيو! مون وٽ اچو، آءٌ اوهان کي آرام ڏيندس. منهنجي ئي پاڃاري پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجھو ۽ مون کان سکو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ دل جو نرم ۽ نماڻو آهيان. ائين ڪرڻ سان اوهان کي آرام ملندو، ڇاڪاڻ تہ منهنجي پاڃاري ڪرپا واري آهي ۽ منهنجو بار هلڪو آهي.“ ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ يسوع سبت جي ڏينهن اناج وارين ٻنين مان لنگھي رهيو هو. جيئن تہ هن جي چيلن کي بک لڳي هئي، سو اهي اناج جا سنگ پٽي کائڻ لڳا. تڏهن فريسين اهو ڏسي يسوع کي چيو تہ ”ڏسو، اوهان جا چيلا اهو ڪم ڪن ٿا جيڪو سبت جي ڏينهن تي ڪرڻ جائز نہ آهي.“ تنهن تي يسوع چين تہ ”ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ اهو ڪين پڙهيو آهي تہ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي هئي تہ دائود ڇا ڪيو هو؟ هو ايشور جي گھر ۾ گھڙي ويو هو ۽ پوءِ هن ۽ سندس ساٿين ڀيٽا وارا اهي روٽ کاڌا هئا جيڪي هنن کي نہ، بلڪ رڳو ڪاهنن کي کائڻ جائز هئا. ڇا اوهان نيم شاستر ۾ نہ پڙهيو آهي تہ هيڪل ۾ توڙي جو ڪاهن سبت جي ڏينهن جي پرهيز نہ ٿا رکن تہ بہ ڏوهي نہ ٿا ليکجن؟ پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو بہ آهي جيڪو هيڪل کان بہ وڏو آهي. پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’مون کي جانورن جو ٻليدان نہ، پر ديا پسند آهي.‘ جيڪڏهن اوهين هن جي صحيح معنيٰ سمجھو ها تہ بي‌ڏوهين کي ڏوهي قرار نہ ڏيو ها. ياد رکو، منش‌پتر تہ سبت جو بہ مالڪ آهي.“ تنهن کان پوءِ يسوع اتان روانو ٿي يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ هليو ويو. اتي هڪڙو سڪل هٿ وارو ماڻهو هو. ڪي اهڙا فريسي بہ موجود هئا جيڪي چاهين پيا تہ يسوع ڪو غلط ڪم ڪري تہ مٿس تهمت هڻن. سو انهن پڇيس تہ ”ڇا سبت جي ڏينهن ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ جائز آهي؟“ تنهن تي يسوع وراڻين تہ ”جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن جي رڍ سبت جي ڏينهن کڏ ۾ ڪري پوي، تہ ڇا اهو ان کي جھلي ٻاهر نہ ڪڍندو؟ جڏهن تہ انسان رڍ کان گھڻو وڌيڪ قيمتي آهي، تنهنڪري سبت جي ڏينهن تي چڱو ڪم ڪرڻ جائز آهي.“ پوءِ هن انهيءَ ماڻهوءَ کي چيو تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن هٿ ڊگھو ڪيو تہ سندس هٿ ٺيڪ ٿي ويو ۽ بلڪل ٻئي هٿ جهڙو ٿي پيس. تڏهن فريسي ٻاهر نڪري پاڻ ۾ سازشون سٽڻ لڳا تہ ڪيئن يسوع کي ختم ڪجي. جڏهن يسوع کي فريسين جي سازشن جي سڌ پيئي تہ هو اتان روانو ٿي ويو. گھڻا ئي ماڻهو سندس پٺيان لڳي پيا. انهن ۾ جيڪي بيمار هئا تن سڀني کي هن ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو ۽ کين تاڪيد ڪندي چيائين تہ ”مون بابت ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو.“ اهڙيءَ طرح ايشور پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي معرفت جيڪي چيو هو سو پورو ٿيو تہ ”ڏسو، هي منهنجو داس آهي، جنهن کي مون مخصوص ڪيو آهي. هي منهنجو پيارو آهي، ۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان. آءٌ هن تي پنهنجي آتما پرگھٽ ڪندس، ۽ هي هر قوم ۾ منهنجي انصاف جو اعلان ڪندو. هي نہ جھيڙو جھڳڙو ڪندو ۽ نہ هل هنگامو، نڪي وري چونڪن ۾ هن جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. هو ڦٿل ڪاني کي بہ ڪين ڀڃندو، ۽ نہ وري اُجھامندڙ ڏيئي کي ئي وسائيندو. ائين ئي هو ثابت قدم رهندو، ايستائين جو انصاف جي سوڀ نہ ڪرائي. هن ۾ ئي سڀني قومن جون اميدون هونديون.“ پوءِ يسوع وٽ هڪڙو ماڻهو آندو ويو جيڪو انڌو هو ۽ ڳالهائي بہ نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ ڀوت هو. يسوع ان کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو، تڏهن هو ڳالهائڻ ۽ ڏسڻ لڳو. هي ڏسي سڄي خلق حيران ٿي ويئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”ڇا هي اهو تہ نہ آهي جيڪو راجا دائود جي پيڙهيءَ مان اچڻ وارو آهي؟“ جڏهن فريسين اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن چوڻ لڳا تہ ”ائين نہ آهي، بلڪ هو ڀوتن جي سردار بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ڪڍي ٿو.“ يسوع انهن جي خيالن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنهن بہ راڄ ۾ ڏڦيڙ پوي ٿو سو برباد ٿيو وڃي ۽ جنهن بہ شهر يا گھر ۾ ڦيٽهڙو پوي ٿو سو بہ هلي نہ ٿو سگھي. سو جيڪڏهن شيطان ئي شيطان کي ڪڍندو تہ ڇا سندس راڄ ۾ ڏڦيڙ نہ پوندو؟ هائو، پوءِ اهو ڪيئن جٽاءُ ڪري سگھندو؟ جيڪڏهن آءٌ بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان، تہ پوءِ اوهان جا ماڻهو ڪنهن جي مدد سان ٿا ڪڍن؟ پوءِ تہ اهي ئي اوهان کي ڪوڙو ثابت ڪندا. پر جيڪڏهن آءٌ ايشور جي آتما جي مدد سان ڀوتن کي ڪڍان ٿو، تہ پوءِ ڄاڻي ڇڏيو تہ ايشور جو راڄ اوهان وٽ اچي پهتو آهي. ڪوبہ ماڻهو ڪنهن ٻلوان ماڻهوءَ جي گھر ۾ گھڙي سندس ملڪيت تيستائين ڦُري نہ سگھندو، جيستائين هو ان ٻلوان ماڻهوءَ کي ٻڌي سوگھو نہ ڪندو. تنهن کان پوءِ ئي هو سندس گھر ڦُري سگھندو. جيڪو مون سان نہ آهي سو منهنجي خلاف آهي ۽ جيڪو مون سان شامل ٿي ڪٺو نہ ٿو ڪري، سو حقيقت ۾ ٽيڙي پکيڙي ٿو ڇڏي. تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ڪنهن بہ پاپ يا ايشور جي نندا جي معافي ملي سگھي ٿي، سواءِ انهيءَ نندا جي جيڪا پوِتر آتما جي خلاف بڪي وڃي ٿي. اها هرگز نہ بخشي ويندي. جيڪڏهن ڪو منش‌پتر جي خلاف ڪجھہ ڳالهائي ٿو تہ کيس معافي ملي سگھي ٿي، پر جيڪڏهن ڪو پوِتر آتما جي خلاف ڪجھہ ڳالهائيندو تہ انهيءَ کي ڪڏهن بہ نہ بخشيو ويندو، نہ هن انتم زماني ۾ ۽ نہ وري ايندڙ نئين زماني ۾.“ يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”هاڻي جيڪڏهن اوهين وڻ کي سٺو چئو ٿا تہ ان جو ميوو بہ سٺو هوندو ۽ جيڪڏهن وڻ کي خراب چئو ٿا تہ ان جو ميوو بہ خراب هوندو، ڇاڪاڻ تہ وڻ کي سندس ميوي مان ئي سڃاڻبو آهي. سو اي نانگ جا ٻچؤ! اوهين ڪيئن چڱيون ڳالهيون چئي سگھو ٿا، جڏهن تہ اوهين پاڻ بڇڙا آهيو. ڏسو، دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي. هڪ چڱو ماڻهو پنهنجي دل جي چڱي خزاني مان چڱيون ڳالهيون ٿو ڪڍي ۽ بڇڙو ماڻهو پنهنجي دل جي بري خزاني مان بريون ڳالهيون ڪڍي ٿو. آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن هر هڪ کي پنهنجي بيڪار ڳالهايل لفظن جو حساب ڏيڻو پوندو. اوهان جا لفظ ئي اوهان کي ڏوهي يا بي‌ڏوهي قرار ڏياريندا.“ پوءِ ڪن نيم شاسترين ۽ فريسين هن کي چيو تہ ”اي گرو! اسان کي ثابتيءَ لاءِ ايشور طرفان ڪا نشاني ڏيکار.“ تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”هن زماني جا ماڻهو ڪيڏا نہ بڇڙا ۽ ڀَٽڪيل آهن جو مون کان ايشور طرفان نشانيءَ جي گھُر ٿا ڪن. پر انهن کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت يوناہ جي نشانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي. جيئن يوناہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون مڇيءَ جي پيٽ ۾ پيو هو، تيئن منش‌پتر بہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون زمين جي پيٽ ۾ رهندو. نينواہ جا ماڻهو قيامت جي ڏينهن اُٿي بيهندا ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ انهن پاڻ يوناہ جي پرچار تي ئي پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو يوناہ کان بہ مهان آهي. قيامت جي ڏينهن ڏکڻ جي راڻي اُٿي بيهندي ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ وڏي پنڌ تان راجا سليمان جي ڏاهپ ٻڌڻ لاءِ آئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو سليمان کان بہ مهان آهي.“ يسوع وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن ڪو ڀوت ماڻهوءَ مان نڪري وڃي ٿو تڏهن اهو ويران هنڌن ۾ ڪا جاءِ لهڻ لاءِ رُلي ٿو، جتي هو آرام ڪري سگھي، پر کيس آرام نہ ٿو ملي. پوءِ هو چوي ٿو تہ ’آءٌ پنهنجي انهيءَ گھر ۾ موٽي ويندس جتان نڪتو هئس.‘ سو جڏهن هو موٽي اچي ڏسي ٿو تہ گھر خالي، صاف ۽ سينگاريل آهي، تڏهن هو وڃي ست ٻيا پاڻ کان بہ وڌيڪ بڇڙا ڀوت وٺي اچي ٿو. اهي ان ماڻهوءَ ۾ داخل ٿي منجھس رهن ٿا ۽ ان جي حالت اڳي کان بہ وڌيڪ خراب ٿي پوي ٿي. سو هن زماني جي بڇڙن ماڻهن سان بہ ساڳي حالت ٿيندي.“ يسوع ميڙ سان اڃا ڳالهائي ئي رهيو هو تہ سندس ماتا ۽ ڀائر ٻاهر اچي پهتا ۽ ساڻس ڳالهائڻ ٿي چاهيائون. تنهن تي ماڻهن مان هڪڙي يسوع کي چيو تہ ”اي گرو! اوهان جي ماتا ۽ ڀائر ٻاهر بيٺا آهن ۽ اوهان سان ڳالهائڻ ٿا چاهين.“ يسوع کيس وراڻيو تہ ”ڪير آهي منهنجي ماتا ۽ ڪير آهن منهنجا ڀائر؟“ پوءِ هن پنهنجي چيلن ڏانهن اشارو ڪري چيو تہ ”ڏسو، منهنجي ماتا ۽ منهنجا ڀائر هي آهن. هائو، جيڪو بہ منهنجي آڪاش واري پتا جي مرضيءَ تي هلي ٿو، سو منهنجو ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماتا آهي.“ انهيءَ ساڳئي ڏينهن يسوع گھر مان نڪري ڍنڍ جي ڪناري تي وڃي سکيا ڏيڻ لاءِ ويٺو. سندس چوڌاري ايترا تہ ماڻهو اچي مڙيا جو پاڻ وڃي هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺو ۽ سڄي خلق ڪناري تي بيٺي رهي. هو انهن کي ڪيتريون ئي ڳالهيون مثالن سان ٻڌائڻ لڳو. هن چيو تہ ”هڪ هاري ٻج ڇٽڻ ويو. ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا ۽ پکي اچي انهن کي چُڳي ويا. ڪي داڻا ٽڪرائتي زمين تي ڪريا. اتي گھڻي مٽي ڪانہ هئي، سو سلا جلدي اڀريا. پر پوري مٽي نہ هئڻ ڪري جڏهن سج اڀريو تہ لهسجي ويا. جيئن تہ انهن کي پاڙ نہ هئي تنهنڪري اهي سڪي ويا. ڪي داڻا ڪانڊيرن ۾ ڪريا. پر جڏهن ڪانڊيرا مٿي اڀريا تہ انهن کي اُسرڻ نہ ڏنائون. پر ڪي داڻا ڀليءَ زمين تي ڪريا ۽ ڦر جھليائون، ڪن ۾ سؤ داڻا ٿيا، ڪن ۾ سٺ تہ ڪن ۾ ٽيهہ داڻا بہ ڦر هو.“ يسوع وڌيڪ چيو تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“ پوءِ چيلن يسوع جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”اوهان انهن سان مثالن ۾ ڇو پئي ڳالهايو؟“ يسوع کين وراڻيو تہ ”اوهان کي تہ آڪاش جي راڄ جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آهي پر انهن کي نہ، ڇاڪاڻ تہ جنهن وٽ ڪجھہ آهي، تنهن کي وڌيڪ ڏنو ويندو تہ وٽس تمام گھڻو ٿي پوندو. پر جنهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي، تنهن کان اهو بہ کسيو ويندو جيڪو هن وٽ آهي. آءٌ انهن سان مثالن ۾ انهيءَ ڪري ڳالهايان ٿو جو اهي ڏسندي بہ نہ ٿا ڏسن ۽ ٻڌندي بہ نہ ٿا ٻڌن، نڪي ڪا کين سمجھہ ٿي پوي. اهڙيءَ طرح سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي معرفت ايشور جيڪي چيو هو سو پورو ٿئي ٿو تہ ’”اوهين ٻڌندا تہ رهندا پر سمجھندا هرگز ڪين، اوهين ڏسندا تہ رهندا پر سڃاڻيندا هرگز ڪين.“ انهيءَ سبب جو هن قوم جي عقل کي تالو لڳل آهي. اهي ڪنن کان ٻوڙا ٿي پيا آهن، ۽ انهن پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، انهيءَ لاءِ تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن، پنهنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پوءِ پنهنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبهہ‌تائب ٿين، ۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘ پر سڀاڳا آهيو اوهين ڇاڪاڻ تہ اوهان جون اکيون ڏسن ٿيون ۽ اوهان جا ڪن ٻڌن ٿا. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ڪيترن ئي سنتن ۽ ٻين نيڪن جي اها خواهش هئي تہ جيڪي اوهين ڏسو ٿا سو هو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوهين ٻڌو ٿا سو هو بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“ ”ڌيان سان ٻڌو ۽ ٻج ڇٽڻ جي مثال جو مطلب سمجھو. اهي جيڪي آڪاش جي راڄ جو سنديش ٻڌن ٿا پر سمجھن نہ ٿا، سي انهيءَ رستي مثل آهن جتي داڻا ڪريا. شيطان اچي انهن جي دل مان اهي پوکيل داڻا ڪڍي ٿو وٺي. ٽڪرائتي زمين جتي داڻا ڪريا تنهن مثل اهي آهن جيڪي سنديش ٻڌي جلدي خوشيءَ سان قبول ڪن ٿا. پر اهو سنديش انهن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو هڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. تنهنڪري جڏهن سنديش جي ڪري کين ڪا تڪليف ڏني وڃي ٿي يا ستايو وڃي ٿو تہ اهي جلدي ڦري وڃن ٿا. ڪانڊيرن واري اها زمين جنهن ۾ داڻا ڪريا تنهن مثل اهي آهن جيڪي سنديش تہ ٻڌن ٿا پر هن سنسار جي چنتا ۽ دولت جو فريب سنديش کي گھُٽي ڇڏين ٿو ۽ انهن ۾ ڦر نہ ٿو جھلي. سٺي زمين جتي داڻا ڪريا تنهن مثل اهي آهن جيڪي سنديش ٻڌن ٿا، ان کي سمجھن ٿا ۽ ڦر جھلين ٿا، پوءِ ڪن ۾ سؤ داڻا، ڪن ۾ سٺ تہ ڪن ۾ ٽيهہ.“ يسوع ميڙ کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آڪاش جي راڄ جو مثال هن ريت آهي تہ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪڻڪ جو سٺو ٻج پوکيو. پر هڪڙيءَ رات جڏهن سڀ ماڻهو ستا پيا هئا تہ هن جو هڪ دشمن اچي ڪڻڪ ۾ ڪانڊيرن جو ٻج ڇٽي هليو ويو. جڏهن سلا اُڀريا ۽ سنگ نڪرڻ شروع ٿيا تہ ڪانڊيرا بہ ظاهر ٿي پيا. ان ماڻهوءَ جا نوڪر وٽس آيا ۽ چيائونس تہ ’سائين! اوهان تہ ٻنيءَ ۾ سٺو ٻج پوکيو هو پر هي ڪانڊيرا ڪٿان آيا؟‘ تنهن تي هن کين جواب ڏنو تہ ’اهو ڪنهن دشمن جو ڪم آهي.‘ پوءِ انهن کانئس پڇيو تہ ’اسين وڃي ڪانڊيرن کي پٽيون ڇا؟‘ هن ورندي ڏنن تہ ’نہ، ڇاڪاڻ تہ جڏهن اوهين ڪانڊيرا پٽيندا تہ متان ڪانڊيرن سان گڏ ڪڻڪ بہ پٽجي اچي. ڇڏيو تہ ڀلي ڪڻڪ ۽ ڪانڊيرا گڏ وڌن، تان جو لاباري جو وقت ٿئي. پوءِ آءٌ لاباري ڪندڙن کي چوندس تہ پهريائين ڪانڊيرا پٽي ٻڌي ڪري باهہ ۾ ساڙين ۽ پوءِ ڪڻڪ گڏ ڪري منهنجي ڀانڊن ۾ رکن.‘“ يسوع انهن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آڪاش جو راڄ سرنهن جي داڻي مثل آهي، جيڪو کڻي ماڻهو پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوکي ٿو. جيتوڻيڪ هو سڀني ٻجن کان ننڍو آهي، تنهن هوندي بہ جڏهن ڦُٽي ٿو تہ سڀني ٻوٽن کان وڏو ٿي وڃي ٿو. اهو وڌي وڻ وانگر ٿئي ٿو ۽ پکي اچي ان جي ٽارين ۾ واهيرا ڪن ٿا.“ يسوع انهن کي هڪڙو ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آڪاش جو راڄ خمير مثل آهي، جيڪو ڪنهن ناريءَ کڻي جڏهن اٽي جي پاٽ ۾ ملايو تہ سڄو اٽو ڦونڊجي پيو ۽ پاٽ ڀرجي ويئي.“ يسوع ميڙن کي هي سڀ ڳالهيون مثالن سان ٻڌائيندو هو ۽ مثالن کان سواءِ انهن کي ڪا ڳالهہ نہ ٻڌائيندو هو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن سنديش ڏيندڙ سنت جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ”آءٌ مثالن ۾ ڳالهائيندس ۽ اهي ڳالهيون چوندس، جيڪي سنسار جي شروعات کان وٺي ڳجھيون رکيون ويون آهن.“ پوءِ يسوع ميڙ کي ڇڏي گھر هليو ويو. سندس چيلا وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ ٻنيءَ ۾ ڪانڊيرا ڦٽڻ جي مثال جي معنيٰ ڇا آهي؟“ تنهن تي يسوع وراڻين تہ ”جنهن سٺو ٻج پوکيو اهو منش‌پتر آهي ۽ ٻني هي سنسار آهي. سٺو ٻج اهي ماڻهو آهن جيڪي آڪاش جي راڄ سان واسطو رکن ٿا ۽ ڪانڊيرا اهي ماڻهو آهن جيڪي شيطان سان واسطو رکن ٿا. دشمن جنهن ڪانڊيرا پوکيا سو شيطان آهي. لابارو آهي قيامت جو ڏينهن ۽ لاباري وارا آهن دوت. تنهنڪري جيئن ڪانڊيرا گڏ ڪري باهہ ۾ ساڙيا ويندا آهن تيئن قيامت جي ڏينهن بہ ٿيندو. منش‌پتر پنهنجي دوتن کي موڪليندو ۽ اهي سندس راڄ مان انهن سڀني کي گڏ ڪندا جيڪي ٻين کي ڀَٽڪائين ٿا ۽ نيم جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا. اهي دوت کين باهہ جي کُوري ۾ اڇلائيندا جتي هو روئندا رڙندا ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندا. پوءِ سچار پنهنجي پتا جي راڄ ۾ سج وانگر چمڪندا.“ يسوع وڌيڪ چيو تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“ ”آڪاش جو راڄ انهيءَ خزاني مثل آهي جيڪو ٻنيءَ ۾ لڪل آهي. جڏهن ڪو ماڻهو اهو لهي ٿو تہ هو وري ان کي ڍڪي ڇڏي ٿو ۽ بيحد خوشيءَ وچان وڃي پنهنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اها ٻني خريد ڪري ٿو. آڪاش جي راڄ جو مثال هن ريت پڻ آهي تہ موتين جو هڪڙو سوداگر عمدن موتين جي ڳولا ۾ رهي ٿو. جڏهن هو ڪو تمام عمدو موتي لهي ٿو تہ وڃي پنهنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اهو موتي خريد ڪري ٿو.“ ”آڪاش جي راڄ جو مثال هن ريت پڻ آهي تہ ڪي مهاڻا پنهنجو ڄار ڍنڍ ۾ اڇلائين ٿا، جنهن ۾ هر قسم جي مڇي ڦاسي ٿي. جڏهن اهو ڄار ڀرجي وڃي ٿو تہ مهاڻا ان کي ڇڪي ٻاهر ڪڍي آڻين ٿا ۽ ڪناري تي ويهي ان مان مڇيون ڪڍين ٿا. جيڪا مڇي چڱي آهي سا کاريءَ ۾ وجھن ٿا ۽ ڪني مڇيءَ کي اڇلائي ڇڏين ٿا. ساڳيءَ طرح قيامت جي ڏينهن بہ ٿيندو. دوتَ وڃي نيڪن کان بڇڙن کي ڌار ڪندا ۽ کين باهہ جي کُوري ۾ اڇلائيندا جتي اهي روئندا رڙندا ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندا.“ پوءِ يسوع پنهنجي چيلن کان پڇيو تہ ”ڇا اوهان هي سڀ ڳالهيون سمجھيون؟“ هنن وراڻيو تہ ”هائو.“ تنهن تي هن چين تہ ”جيڪو بہ نيم شاستري آڪاش جي راڄ جو چيلو ٿئي ٿو، سو پنهنجي ڄاڻ مان نيون توڙي پراڻيون ڳالهيون ائين ٿو ڪڍي، جيئن ڪو گھر جو مالڪ پنهنجي گھر مان نيون ۽ پراڻيون شيون ڪڍي ٿو اچي.“ جڏهن يسوع اهي مثال ٻڌائي چڪو تہ اتان روانو ٿيو ۽ موٽي پنهنجي ڳوٺ ناصرت ۾ آيو، جتي سندن ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي سکيا ڏيڻ لڳو. جن بہ هن کي ٻڌو تن عجب ۾ پئجي پڇيو تہ ”هن ايڏي سياڻپ ۽ چمتڪار ڪرڻ جي اهڙي شڪتي ڪٿان حاصل ڪئي آهي؟ ڇا هي واڍي جو پٽ نہ آهي؟ ڇا هن جي ماتا جو نالو مريم نہ آهي؟ ۽ يعقوب، يوسف، شمعون ۽ يهوداہ هن جا ڀائر نہ آهن ڇا؟ ڇا هن جون ڀينرون هتي نہ ٿيون رهن؟ هن هي سڀ ڪجھہ ڪٿان حاصل ڪيو؟“ سو انهن يسوع کي قبول نہ ڪيو. يسوع کين چيو تہ ”هر سنت پنهنجي ديس ۽ پنهنجي خاندان کان سواءِ جتي ڪٿي مان پائيندو آهي.“ هن اتي گھڻا چمتڪار نہ ڪيا، ڇاڪاڻ تہ انهن کي مٿس وشواس ئي ڪونہ هو. انهن ڏينهن ۾ گليل صوبي جي حڪمران هيروديس انتپاس جڏهن يسوع جي هاڪ ٻڌي، تڏهن پنهنجي نوڪرن کي چيائين تہ ”هي يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو ئي آهي. جيئن تہ هو مئلن مان جيوت ٿي اٿيو آهي، تنهنڪري هو اهي چمتڪار ٿو ڪري.“ ڪجھہ وقت اڳ هيروديس پنهنجي ڀاءُ فلپس جي پتني هيرودياس جي چوڻ تي يوحنا جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو هو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو هئائين. انهيءَ جو سبب اهو هو جو يوحنا هيروديس کي چيو هو تہ ”اوهان لاءِ اهو جائز نہ آهي جو اوهين پنهنجي ڀاءُ فلپس جي جيوت هوندي ئي پنهنجي ڀاڄائي هيرودياس سان شادي ڪريو.“ سو هيروديس يوحنا کي مارائڻ پئي چاهيو پر عوام کان ڊنو ٿي، ڇاڪاڻ تہ هنن يوحنا کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ٿي سمجھيو. پوءِ هيئن ٿيو هو جو جڏهن هيروديس جي جنم جو ڏينهن آيو تڏهن هيرودياس جي ڌيءَ ماڻهن جي وچ ۾ بيهي ناچ ڪيو. هيروديس ايترو تہ خوش ٿيو جو هن قسم کڻي ساڻس وچن ڪيو تہ ”جيڪو گھرندينءَ سو آءٌ ڏيندوسانءِ.“ تنهن تي انهيءَ ڪنيا پنهنجي ماتا جي چوڻ تي وراڻيس تہ ”مون کي يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي سسي ٿالهہ ۾ هتي گھرائي ڏيو.“ اهو ٻڌي هيروديس کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پر جيئن تہ هن مهمانن جي اڳيان قسم کڻي وچن ڪيو هو، تنهنڪري حڪم جاري ڪيائين تہ انهيءَ ڪنيا جي مرضي پوري ٿئي. سو ماڻهو موڪلي جيل ۾ يوحنا جي سسي لهرايائين. سسي ٿالهہ ۾ وجھي آڻي ڪنيا جي اڳيان رکيائون، جنهن اها پنهنجي ماتا کي ڏيئي ڇڏي. ان کان پوءِ يوحنا جي چيلن اچي سندس لاش وٺي ان کي دفن ڪيو هو ۽ يسوع کي اچي ٻڌايو هئائون. جڏهن يسوع اها خبر ٻڌي تڏهن ڪجھہ وقت اڪيلائيءَ ۾ رهڻ لاءِ هڪ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي چيلن سميت ڪنهن نويڪلي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويو. جڏهن ماڻهن اها ڳالهہ ٻڌي تہ پنهنجا شهر ڇڏي پيرين پيادا هن جي پٺيان هليا. جڏهن يسوع ٻيڙيءَ مان لٿو تہ هن هڪ وڏو ميڙ ڏٺو. سندس دل ديا سان ڀرجي ويئي، سو اچي انهن جي بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيائين. جڏهن شام ٿي تہ سندس چيلا وٽس آيا ۽ چيائونس تہ ”اڳي ئي دير ٿي ويئي آهي ۽ هتي اسين ويران هنڌ تي آهيون. سو ماڻهن کي آگيا ڏيو تہ ڀل ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي پنهنجي لاءِ ڪجھہ وٺي کائين.“ پر يسوع وراڻين تہ ”انهن کي وڃڻ جي ضرورت ڪانهي. اوهين ئي انهن کي کائڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“ تنهن تي انهن چيس تہ ”اسان وٽ پنجن روٽين ۽ ٻن مڇين کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونهي.“ يسوع کين چيو تہ ”اهي مون وٽ کڻي اچو.“ هن ماڻهن کي بہ چيو تہ ”گاهہ تي ويهي رهو.“ تڏهن يسوع اهي پنج روٽيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي آڪاش ڏانهن نهاريو ۽ انهن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ هن روٽيون ڀڃي چيلن کي ڏنيون ۽ هو اهي مڇيءَ سان گڏ ماڻهن کي ڏيندا ويا. سڀني ماڻهن کائي ڍءُ ڪيو، تنهن جي باوجود جيڪي ٽڪر ڳڀا بچيا تن مان چيلن ٻارهن کاريون ڀريون. جن ماڻهن کاڌو تن جو تعداد نارين ۽ ٻارن کان سواءِ اٽڪل پنج هزار هو. تڏهن هڪدم يسوع پنهنجي چيلن کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري زور ڀريو تہ ”اوهين مون کان اڳ ڍنڍ جي هُن ڀر هلو.“ پوءِ هن ماڻهن جي ميڙ کي بہ موڪل ڏيئي ڇڏي ۽ پاڻ ٽڪر تي پرارٿنا ڪرڻ ويو. رات تائين هو اتي اڪيلو ئي رهيو. انهيءَ مهل تائين ٻيڙي گھڻو پنڌ پري نڪري ويئي هئي ۽ ڇولين جي ڪري لوڏا کائي رهي هئي، ڇاڪاڻ تہ واءُ ان جي سامهون هو. رات جي پوئين پهر ۾ يسوع پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو انهن وٽ آيو. چيلن جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پاڻيءَ تي پنڌ ڪندي ڏٺو تہ دهلجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هي ڪو جن آهي.“ سو هو ڊپ ۾ وٺي رڙيون ڪرڻ لڳا. تنهن تي يسوع هڪدم کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آهيان، دلجاءِ ڪريو.“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي پرڀو! جيڪڏهن تون آهين تہ مون کي حڪم ڏي تہ آءٌ پاڻيءَ تي هلي تو وٽ اچان.“ تنهن تي يسوع چيس تہ ”ڀلي اچ.“ سو پطرس ٻيڙيءَ مان لٿو ۽ پاڻيءَ تي گھمندو يسوع ڏانهن وڃڻ لڳو. پر جڏهن هن طوفان ڏٺو تہ ڊڄي ويو ۽ ٻڏڻ لڳو. ڊپ مان وٺي رڙيون ڪيائين تہ ”اي پرڀو! بچاءِ، بچاءِ.“ تڏهن يسوع هڪدم هٿ ڊگھيري جھلي ورتس ۽ چيائينس تہ ”تو شڪ ڇو ڪيو؟ تنهنجو وشواس ڪيڏو نہ ڪمزور آهي.“ پوءِ جيئن ئي هو ٻئي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا تہ واءُ بند ٿي ويو. تنهن تي جيڪي بہ ٻيڙيءَ ۾ هئا تن سندس اڳيان سيس نوائيندي کيس چيو تہ ”بيشڪ تون ايشور جو پٽ آهين.“ يسوع پنهنجي چيلن سان گڏ ڍنڍ پار ڪري گنيسرت جي علائقي ۾ آيو. اتان جي ماڻهن هن کي سڃاڻي ورتو. تنهنڪري هنن علائقي جي ڪنڊڪڙڇ مان بيمار ماڻهو گھرائي يسوع وٽ آندا. ماڻهن منٿ ڪيس تہ ”اوهين رڳو پنهنجي دامن کي ئي هٿ لائڻ ڏيو.“ تڏهن جن بہ هٿ لاتس سي چڱا ڀلا ٿي ويا. تنهن کان پوءِ يروشلم مان ڪي فريسي ۽ نيم شاستري يسوع وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”تنهنجا چيلا وڏن جي ڌرمي ريتن رسمن کي ڇو ٿا ڀڃن؟ رسوئي کائڻ وقت هو پنهنجا هٿ ئي نہ ٿا ڌوئن.“ پر يسوع کين وراڻي ڏيندي چيو تہ ”ڀلا اوهين ڇو پنهنجي انهن ريتن رسمن جي ڪري ايشور جو حڪم ڀڃو ٿا؟ جيئن تہ ايشور فرمايو آهي تہ ’پنهنجي ماتا پتا جو مان ڪريو‘ ۽ ’جيڪو بہ پنهنجي پتا يا ماتا جي گلا ڪري تہ ان کي اڦٽ ماريو وڃي،‘ پر اوهين ماڻهن کي سيکاريو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪا اهڙي شيءِ آهي جنهن سان هو پنهنجي ماتا يا پتا جي گھرج پوري ڪري سگھيو ٿي، پر هو چوي ٿو تہ ”اها ايشور جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي،“ تہ پوءِ ڀلي پنهنجي پتا جو مان نہ ڪري.‘ اهڙيءَ طرح اوهين پنهنجين ريتن رسمن جي ڪري ايشور جي وچن کي رد ڪريو ٿا. اي پاکنڊيؤ! بيشڪ ايشور پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي معرفت اوهان بابت ڪيتري قدر نہ صحيح فرمايو آهي تہ ’هي ماڻهو پنهنجي زبان سان تہ مون کي مان ڏين ٿا، پر دل سان نہ ٿا چاهين. هو منهنجي ڀڳتي اجائي ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ هو ماڻهن جا حڪم ائين ٿا سيکارين ڄڻ تہ اهي مون ايشور جا حڪم آهن.‘“ پوءِ يسوع سڄي خلق کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻڌو ۽ سمجھو تہ جيڪا بہ شيءِ وات مان اندر ٿي وڃي سا انسان کي اپوِتر نہ ٿي ڪري. پر جيڪا شيءِ وات مان نڪري ٿي سا ئي انسان کي اپوِتر ڪري ٿي.“ تڏهن چيلن اچي چيس تہ ”گرو! ڇا اوهان کي سڌ آهي تہ اوهان جي هيءَ ڳالهہ فريسين کي ڏاڍي بري لڳي آهي؟“ تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”جيڪو سلو منهنجي آڪاش واري پتا نہ پوکيو آهي سو ضرور پاڙان پٽيو ويندو. سو اوهين انهن کي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو انڌن جا انڌا اڳواڻ آهن. هاڻي جيڪڏهن انڌو انڌي جي اڳواڻي ڪندو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.“ تنهن تي پطرس کانئس پڇيو تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اپوِتر ڪرڻ واري مثال جي معنيٰ ڇا آهي.“ يسوع چيو تہ ”اوهين بہ اڃا تائين بي‌سمجھہ آهيو ڇا؟ ايتري بہ سڌ نہ ٿي پئيوَ تہ جيڪي وات اندر وڃي ٿو سو پيٽ ۾ وڃي پوي ٿو ۽ اتان نيٺ ٻاهر نڪري وڃي ٿو. پر جيڪي ڳالهيون وات مان نڪرن ٿيون سي دل مان ٿيون اچن ۽ اهي ئي ڳالهيون انسان کي اپوِتر ڪن ٿيون. هائو، انسان جي دل مان برا خيال ٿا نڪرن، جيڪي خراب ڪم ٿا ڪرائين، جهڙوڪ: خون، زناڪاري، حرامڪاري، چوري، ڪوڙي شاهدي ۽ گلاخوري. اهي ئي تہ ڳالهيون آهن جيڪي انسان کي اپوِتر ڪن ٿيون. پر اڻ‌ڌوتل هٿن سان کائڻ ماڻهوءَ کي اپوِتر نہ ٿو ڪري.“ پوءِ يسوع اتان روانو ٿي صور ۽ صيدا شهرن جي علائقي ڏانهن ويو. اتان جي هڪ ڪنعاني ناري يسوع جي پٺيان وڏي آواز سان پڪاريندي ٿي آئي تہ ”اي سوامي! اي راجا دائود جا اولاد! مون تي ديا ڪريو. منهنجي ڌيءَ ۾ ڀوت آهي، جيڪو کيس ڏاڍو ستائي ٿو.“ پر يسوع ان ناريءَ کي ڪو جواب نہ ڏنو. تڏهن سندس چيلن ويجھو اچي منٿ ڪندي چيس تہ ”گرو! هن کي روانو ڪريو جو هوءَ اسان جي پٺيان رڙيون ڪندي اچي ٿي.“ تنهن تي يسوع چين تہ ”آءٌ رڳو بني اسرائيل جي ڀَٽڪيل رڍن لاءِ ئي موڪليو ويو آهيان.“ تنهن هوندي بہ هوءَ اچي پهتي ۽ يسوع جي پيرن تي ڪري کيس چيائين تہ ”اي سوامي! منهنجي مدد ڪريو.“ يسوع چيس تہ ”اهو واجب نہ آهي جو ٻارن جي روٽي کڻي ڪتن کي اڇلائي ڏجي.“ پر ناريءَ وراڻيس تہ ”سوامي! اهو تہ برابر آهي، پر ڪتا بہ تہ مالڪن جي رسوئيءَ جا ڪريل ٽڪر کائيندا آهن.“ تنهن تي يسوع چيس تہ ”اي مائي! تون تہ وڏو وشواس رکين ٿي. تون جيڪو گھرين ٿي سو ئي تو لاءِ ٿئي.“ انهيءَ وقت ئي سندس ڌيءَ چڱي ڀلي ٿي پيئي. يسوع اتان روانو ٿي گليل ڍنڍ جي ويجھو پهتو ۽ ان جي ڪناري سان هلڻ لڳو. پوءِ هو هڪڙي ٽڪر تي چڙهي ويو ۽ اتي ويهي رهيو. ماڻهن جا وڏا ميڙ وٽس آيا جن پاڻ سان منڊا، انڌا، ٽُنڊا، گونگا ۽ ٻيا ڪيترائي بيمار آندا. انهن کي يسوع جي پيرن وٽ ويهاريائون ۽ هن کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو. ماڻهن جڏهن ڏٺو تہ گونگا ڳالهائين ٿا، ٽُنڊا سڄا ٿي پيا آهن، منڊا گھمن ٿا ۽ انڌا ڏسن ٿا، تڏهن هو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ بني اسرائيل جي ايشور جي مهما ڪرڻ لڳا. يسوع پنهنجي چيلن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”مون کي هنن ماڻهن تي ڏاڍو ترس ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ هي ٽن ڏينهن کان وٺي مون سان گڏ آهن ۽ هاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونهي جو کڻي کائين. آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اهي بکيا هليا وڃن، ڇو تہ متان هي رستي تي ساڻا ٿي پون.“ تنهن تي چيلن چيس تہ ”هتي ويران هنڌ تي هيڏي سڄي خلق کي کارائڻ لاءِ ايتري روٽي اسين ڪٿان آڻينداسين؟“ يسوع پڇين تہ ”اوهان وٽ ڪيتريون روٽيون آهن؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”ست روٽيون ۽ ٿوريون ڪُرڙيون آهن.“ تنهن تي يسوع ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويهي رهو.“ پوءِ هن ست ئي روٽيون ۽ مڇيون هٿن تي کڻي انهن ۾ ايشور کان برڪت گھري ۽ ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندو چيلن کي ڏيندو ويو ۽ چيلا خلق کي ڏيندا ويا. انهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، تڏهن بہ ٽڪر ڳڀا ايترا تہ بچيا جو چيلن ست کاريون ڀريون. جن ماڻهن کاڌو تن جو تعداد نارين ۽ ٻارن کان سواءِ اٽڪل چار هزار هو. پوءِ يسوع ماڻهن کي روانو ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي مگدن جي علائقي ڏانهن هليو ويو. يسوع وٽ ڪي فريسي ۽ صدوقي آيا. کيس آزمائڻ لاءِ چيائون تہ ”اسان کي ثابتيءَ لاءِ ڪا آڪاشي نشاني ڏيکار.“ پر يسوع انهن کي ورندي ڏني تہ ”جڏهن سج لهڻ مهل آڪاش ڳاڙهو ٿو ٿئي تہ اوهين چئو ٿا تہ ’ڏاڍي صاف موسم ٿيندي،‘ ۽ جڏهن صبح جو آڪاش ڳاڙهو ۽ جھڙالو ٿو ٿئي تہ چئو ٿا تہ ’اڄ مينهن پوندو.‘ اوهان کي آڪاش جي نشانين جي تہ سڌ پوي ٿي پر هلندڙ وقت جي نشانين جي سڌ نہ ٿي پئيوَ. هن زماني جا ماڻهو ڪيڏا نہ بڇڙا ۽ ڀَٽڪيل آهن جو مون کان ايشور طرفان نشاني ٿا گھرن. پر انهن کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت يوناہ جي نشانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي.“ پوءِ هو انهن کي ڇڏي روانو ٿي ويو. گليل ڍنڍ جي هُن ڀر وڃڻ وقت يسوع جي چيلن کان روٽي کڻڻ وسري ويئي هئي. هاڻي جڏهن يسوع کين چيو تہ ”ڏسو، فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان هوشيار ٿجو،“ تڏهن هو پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”هن اسان کي اهو انهيءَ ڪري چيو جو اسين روٽي ڪونہ کڻي آيا آهيون.“ يسوع سندن ڳالهہ سمجھي ويو، سو چيائين تہ ”اوهان جو وشواس ڪيڏو نہ ڪمزور آهي. ڇو ٿا پاڻ ۾ بحث ڪريو تہ ’اسان وٽ روٽي ڪونهي‘؟ اڃا تائين اوهين نہ ٿا سمجھو؟ ڇا اوهان کي ياد نہ آهي تہ اوهان پنج روٽيون پنج هزار ماڻهن ۾ ورهايون هيون؟ ان وقت اوهان بچيل ڳڀن جون ڪيتريون کاريون ڀريون هيون؟ يا وري ست روٽيون چار هزار ماڻهن ۾ ورهائڻ ياد نہ اٿوَ؟ ان وقت اوهان ڪيتريون کاريون ڀريون هيون؟ اوهين ڇو نہ ٿا سمجھو تہ مون اوهان کي روٽيءَ بابت نہ چيو آهي؟ بلڪ ائين چيو اٿم تہ پاڻ کي فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان هوشيار ڪجو.“ تڏهن چيلن سمجھيو تہ هو روٽيءَ ۾ ڪم ايندڙ خمير کان هوشيار نہ پيو ڪري پر فريسين ۽ صدوقين جي سکيا کان هوشيار رهڻ لاءِ پيو چوي. جڏهن يسوع قيصريہ فلپي شهر واري علائقي ۾ پهتو تڏهن پنهنجي چيلن کان پڇيائين تہ ”ماڻهو منش‌پتر بابت ڇا ٿا چون تہ هو ڪير آهي؟“ انهن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوهين يوحنا بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ آهيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ سنديش ڏيندڙ سنت يرمياہ يا ٻين سنتن مان ڪوبہ هڪ آهيو.“ يسوع پڇين تہ ”اوهين ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آهيان؟“ تنهن تي شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اوهين مسيح آهيو، جيوت ايشور جا پٽ.“ يسوع چيس تہ ”اي يوحنا جا پٽ شمعون! تون سڀاڳو آهين، ڇاڪاڻ تہ هيءَ حقيقت ڪنهن انسانذات نہ، پر منهنجي پتا، جيڪو آڪاش تي آهي تنهن تو تي ظاهر ڪئي آهي. آءٌ تو کي اهو بہ چوان ٿو تہ تون ٽڪر آهين ۽ ان ٽڪر تي آءٌ پنهنجي منڊلي اڏيندس جيڪا موت جي طاقت تي حاوي ٿيندي. آءٌ آڪاش جي راڄ جون چاٻيون تنهنجي حوالي ڪندس. سو جنهن ڳالهہ جي تون ڌرتيءَ تي منع ڪندين، تنهن جي آڪاش کان بہ منع ڪئي ويندي ۽ جنهن ڳالهہ جي تون ڌرتيءَ تي آگيا ڏيندين، تنهن جي آڪاش کان بہ آگيا ڏني ويندي.“ پوءِ يسوع پنهنجي چيلن کي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو تہ آءٌ مسيح آهيان.“ انهيءَ وقت کان وٺي يسوع پنهنجي چيلن کي ظاهر ڪري ٻڌائڻ لڳو تہ ”اهو ضروري آهي جو آءٌ يروشلم وڃان ۽ اتي سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن جون گھڻيون سختيون سهان. مون کي ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيوت ڪري اٿاريو وڃان.“ پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ انهيءَ تي جھڻڪ ڏيندي چيائينس تہ ”اي پرڀو! شل اوهين سلامت رهو ۽ اوهان سان ائين نہ ٿئي.“ يسوع ڦري پطرس کي چيو تہ ”اي شيطان! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. تون منهنجي راهہ ۾ رڪاوٽ ٿو بڻجين، ڇاڪاڻ تہ تون ايشور جي مرضيءَ مطابق نہ پر ماڻهن وانگر ٿو سوچين.“ پوءِ يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري تہ هو پنهنجي آپي کي ماري ۽ پنهنجي سولي کڻي منهنجي پٺيان هلي. ڏسو، جيڪو چاهي ٿو تہ ’آءٌ پنهنجي جان بچايان،‘ سو اها وڃائيندو. پر جيڪو منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيندو تنهن کي اها ملندي. ڀلا ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڪهڙو فائدو جو سڄو سنسار تہ هٿ ڪري پر پنهنجي جان وڃائي ڇڏي؟ ماڻهو ڪجھہ بہ ڏيئي پنهنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي. ڏسو، منش‌پتر پنهنجي پتا جي جوت ۾ دوتن سان گڏ جلد ايندو ۽ هر هڪ ماڻهوءَ کي سندس عملن موجب لاڀ ڏيندو. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي هتي بيٺا آهن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين هو منش‌پتر کي راجا جي حيثيت ۾ ايندو نہ ڏسندا.“ ڇهن ڏينهن کان پوءِ يسوع پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کي اڪيلائيءَ ۾ هڪڙي مٿاهين جبل تي وٺي ويو. اتي هنن جي ڏسندي ڏسندي يسوع جو روپ بدلجي ويو. هن جو منهن سج وانگر چمڪڻ لڳو ۽ سندس پوشاڪ اڇي تجليدار ٿي پيئي. تڏهن ڇا ڏسن تہ يسوع سان موسيٰ ۽ ايلياہ سنت ڳالهيون ڪري رهيا آهن. تنهن تي پطرس يسوع کي چيو تہ ”اي پرڀو! اسان جو ڀاڳ ڀلو آهي جو اسين هتي آهيون. جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي تہ آءٌ هتي ٽي تنبو کوڙيان، هڪ اوهان لاءِ، هڪ موسيٰ لاءِ ۽ هڪ ايلياہ لاءِ.“ اڃا هو ڳالهائي ئي پيو تہ ڇا ڏسن تہ هڪ چمڪندڙ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو پٽ آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان. اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“ اهو آواز ٻڌي چيلا ايترو تہ ڊڄي ويا جو پاڻ کي منهن ڀر زمين تي ڪيرائي ڇڏيائون. تڏهن يسوع وٽن اچي کين هٿ لائي چيو تہ ”اُٿو، ڊڄو نہ.“ جڏهن هنن اکيون کڻي نهاريو تہ يسوع کان سواءِ اتي ٻيو ڪنهن کي بہ نہ ڏٺائون. پوءِ جڏهن هو جبل تان هيٺ لٿا پئي تہ يسوع کين حڪم ڏيئي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ سو تيستائين ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو، جيستائين منش‌پتر موت کان پوءِ وري جيوت نہ ٿئي.“ تڏهن چيلن يسوع کان پڇيو تہ ”نيم شاستري ڇو ٿا چون تہ مسيح جي اچڻ کان پهريائين سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ جو اچڻ ضروري آهي؟“ هن وراڻيو تہ ”برابر، ايلياہ پهريائين ايندو ۽ ماڻهن کي بحال ڪندو. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ايلياہ اچي چڪو جڏهن تہ ماڻهن هن کي نہ سڃاتو، بلڪ ساڻس جيئن وڻين تيئن ئي سلوڪ ڪيائون. ساڳيءَ طرح منش‌پتر بہ انهن جي هٿان تڪليفون سهندو.“ تڏهن ئي چيلن سمجھيو تہ هو ساڻن يوحنا بپتسما ڏيڻ واري بابت ڳالهائي رهيو هو. جڏهن يسوع پنهنجي ٽنهي چيلن سان گڏ ٻين چيلن ۽ خلق ڏانهن موٽيو تہ هڪڙو ماڻهو وٽس اچي گوڏا کوڙي چوڻ لڳس تہ ”سوامي! منهنجي پٽ تي ديا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هن کي مرگھيءَ جو اهڙو ڏکوئيندڙ مرض آهي جو اڪثر ڪري باهہ يا پاڻيءَ ۾ وڃيو ڪري. آءٌ کيس اوهان جي چيلن وٽ وٺي آيو هئس، پر اُهي کيس ڇٽائي نہ سگھيا.“ تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”اي بي‌وشواس ۽ ڀَٽڪيل قوم! آءٌ ڪيستائين اوهان وٽ هوندس ۽ ڪيستائين اوهان جون ڳالهيون برداشت ڪندس؟ ڇوڪري کي مون وٽ آندو وڃي.“ پوءِ يسوع ڀوت کي ڇينڀيو تہ هو ڇوڪري مان نڪري ويو ۽ انهيءَ گھڙيءَ اهو چڱو ڀلو ٿي پيو. پوءِ نويڪلائيءَ ۾ چيلن يسوع جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”اسين هن ڀوت کي ڇو نہ ڪڍي سگھياسين؟“ پوءِ جڏهن سڀيئي چيلا گليل علائقي ۾ اچي گڏ ٿيا تہ يسوع انهن کي ٻڌايو تہ ”منش‌پتر جلد ئي ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو. اهي کيس ماري ڇڏيندا پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيوت ٿي اٿندو.“ تنهن تي چيلا ڏاڍا غمگين ٿي پيا. جڏهن يسوع ۽ سندس چيلا ڪفرناحوم ۾ اچي پهتا تہ هيڪل جو ٽيڪس اُڳاڙڻ وارا پطرس وٽ آيا ۽ پڇيائونس تہ ”ڇا تنهنجو گرو هيڪل جو ٽيڪس نہ ڏيندو آهي؟“ تنهن تي پطرس وراڻين تہ ”هائو، ڇو نہ ڏيندو آهي.“ پوءِ جڏهن پطرس گھر ۾ اندر گھڙيو تہ هن جي ڳالهائڻ کان اڳ ۾ ئي يسوع پڇيس تہ ”شمعون! تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟ ڌرتيءَ جا راجا ٽيڪس ۽ ڍل ڪنهن کان اُڳاڙيندا آهن؟ ڇا پنهنجي ملڪ جي رهاڪن کان يا ڌارين کان؟“ تنهن تي پطرس جواب ڏنو تہ ”ڌارين کان.“ يسوع چيو تہ ”چڱو، پوءِ ان جو مطلب تہ ملڪ جا رهاڪو ٽيڪس ڏيڻ کان آجا آهن. پر اسين هنن ٽيڪس اُڳاڙيندڙن کي ناراض ڪرڻ نہ ٿا چاهيون. تنهنڪري تون وڃي ڍنڍ ۾ ڪُنڍي وجھہ. جيڪا پهرين مڇي ڦاسي ان جي وات ۾ چانديءَ جو هڪ وڏو سڪو ڏسندين. اهو کڻي وڃي منهنجي ۽ پنهنجي پاران هنن کي هيڪل جي ٽيڪس طور ڏي.“ انهيءَ مهل چيلن يسوع جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”آڪاش جي راڄ ۾ سڀ کان وڏو ڪير آهي؟“ تنهن تي يسوع هڪ ٻار کي سڏي انهن جي سامهون بيهاري چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين اوهين بدلجي ٻارن وانگر نہ ٿيندا، تيستائين آڪاش جي راڄ ۾ هرگز داخل ٿي نہ سگھندا. ڏسو، آڪاش جي راڄ ۾ سڀ کان وڏو اُهو آهي جيڪو پاڻ کي هن ٻار وانگر نماڻو ۽ نهٺو ٿو ڪري ۽ جيڪو بہ اهڙن ٻارن کي منهنجي ڪري قبول ٿو ڪري سو مون کي قبول ٿو ڪري.“ يسوع وڌيڪ چيو تہ ”هي سادا سٻاجھا پوئلڳ جن مون تي وشواس آندو آهي، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪڏهن ڪو ڀَٽڪائيندو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو جو سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙيو وڃي. حيف آهي هن سنسار تي، جنهن جون شيون ماڻهن کي ڀَٽڪائين ٿيون. ماڻهو ڀَٽڪي تہ ضرور ويندو پر مصيبت آهي اُن ماڻهوءَ لاءِ جنهن جي وسيلي اهو ڀَٽڪي وڃي ٿو. جيڪڏهن تنهنجو هٿ يا پير تو کي ڀَٽڪائي تہ اهو ڪپي پري اڇلائي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ ٻنهي هٿن يا پيرن سان ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ٽُنڊو يا منڊو ٿي امر جيون ۾ داخل ٿئين. جيڪڏهن تنهنجي اک تو کي ڀَٽڪائي تہ اُها ڪڍي پري اڇلائي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ ٻن اکين سان نرڳ جي باهہ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ڪاڻو ئي امر جيون ۾ ‏داخل ٿئين.“ ڪيئن ٿا ڀانئيو؟ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي سؤ رڍون هجن ۽ انهن مان هڪ وڃائجي وڃيس تہ ان جي لاءِ هو ڇا ڇا نہ ڪندو؟ ڇا هو نوانوي رڍن کي ٽڪر تي چرندو ڇڏي اُن هڪ وڃايل رڍ کي ڳولڻ لاءِ نہ ويندو؟ پوءِ جڏهن هو اها رڍ لهي ٿو تہ آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اُهي نوانوي جيڪي گم نہ ٿيون آهن تن کان وڌيڪ هو انهيءَ هڪ لاءِ خوشي ڪندو. ساڳيءَ طرح اوهان جو آڪاش وارو پتا نہ ٿو چاهي تہ هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪو هڪڙو بہ ڀَٽڪي وڃي.“ ”جيڪڏهن اوهان جو ڪو وشواسي ڀاءُ ڀيڻ اوهان جو ڪو ڏوهہ ٿو ڪري تہ هن کي اڪيلائيءَ ۾ وڃي سمجھايو. جيڪڏهن هن اوهان جي ڳالهہ مڃي تہ اوهان هڪ وشواسيءَ کي موٽائي آندو. پر جيڪڏهن هن اوهان جي ڳالهہ نہ مڃي تہ پوءِ جيئن موسيٰ جي نيم ۾ لکيل آهي تہ ’هڪڙو يا ٻہ شخص پاڻ سان وٺي وڃو تہ جيئن سڄو ڏوهہ ٻن يا ٽن شاهدن جي سامهون مٿس ثابت ٿئي.‘ جيڪڏهن هو انهن کي انڪار ڪري تہ منڊليءَ کي ٻڌايو ۽ جيڪڏهن منڊليءَ کي بہ نہ مڃي تہ پوءِ هن کي غير وشواسين ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن جهڙو ڪري سمجھو.“ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جنهن ڳالهہ جي اوهين هن ڌرتيءَ تي منع ڪندا، تنهن جي آڪاش کان بہ منع ڪئي ويندي ۽ جنهن ڳالهہ جي اوهين هن ڌرتيءَ تي آگيا ڏيندا، تنهن جي آڪاش کان بہ آگيا ڏني ويندي. سو آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جڏهن اوهان مان ڪي ٻہ ڄڻا بہ هڪ راءِ ٿي هن ڌرتيءَ تي ڪنهن ڳالهہ لاءِ پرارٿنا ڪندا تہ منهنجو آڪاش وارو پتا اوهان لاءِ اها ضرور پوري ڪندو، ڇاڪاڻ تہ جتي بہ ٻہ ٽي ڄڻا منهنجي نالي تي اچي گڏ ٿين ٿا تہ آءٌ بہ اُتي انهن سان شامل آهيان.“ تڏهن پطرس يسوع جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”اي پرڀو! جيڪڏهن منهنجو ڪو هم‌وشواسي منهنجو ڏوهہ ڪندو رهي تہ آءٌ کيس ڪيترا دفعا بخشي ڇڏيان؟ ڇا ست دفعا بخشي ڇڏيانس؟“ يسوع وراڻيو تہ ”آءٌ بخشي ڇڏڻ لاءِ رڳو ست دفعا نہ ٿو چوان، بلڪ ستر دفعا ست ست. ڏسو، آڪاش جي راڄ جو مثال هن ريت آهي تہ هڪڙي راجا پنهنجي نوڪرن کان حساب ڪتاب وٺڻ جو فيصلو ڪيو. جڏهن هو حساب ڪتاب ڪرڻ لڳو تہ وٽس هڪ اهڙو نوڪر آندو ويو جنهن ڏانهن هن جا ڪروڙين چانديءَ جا سڪا قرض هئا. پر انهيءَ نوڪر وٽ ايترو پئسو ڪونہ هو جو کڻي قرض لاهي. تنهنڪري سندس مالڪ حڪم ڏنو تہ ’هن کي، سندس پتنيءَ ۽ ٻارن کي ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس آهي تنهن کي بہ وڪڻي قرض وصول ڪيو وڃي.‘ تنهن تي نوڪر پنهنجي مالڪ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ وينتي ڪيائينس تہ ’مون کي مهلت ڏيو. آءٌ اوهان جو سمورو قرض ادا ڪندس.‘ هن جي مالڪ کي مٿس ديا اچي ويئي سو کيس آزاد ڪري سندس سمورو قرض بخشي ڇڏيائين. پوءِ جڏهن اهو نوڪر ٻاهر نڪتو تہ پنهنجو هڪ ساٿي نوڪر مليس جنهن ڏانهن هن جا هڪ سؤ چانديءَ جا سڪا قرض هئا. هن انهيءَ کي جھلي ڳچيءَ کان وٺي چيس تہ ’مون کي منهنجو قرض واپس ڏي.‘ هن جو ساٿي پيرن تي ڪري کيس ليلائي چوڻ لڳو تہ ’مون کي مهلت ڏي، آءٌ تو کي قرض واپس ڪندس.‘ پر هن سندس هڪ بہ نہ ٻڌي ۽ جيل ۾ وجھرايائينس جيستائين هو قرض ادا نہ ڪري. جڏهن انهيءَ جي ساٿي نوڪرن هي ڏٺو تہ کين ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ اچي سمورو احوال پنهنجي مالڪ کي ٻڌايائون. تنهن تي مالڪ انهيءَ نوڪر کي گھرائي چيو تہ ’اي بڇڙا نوڪر! مون تو کي پنهنجو سمورو قرض بخشي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ تو مون کي منٿون ڪيون هيون. ڇا تو کي بہ اهڙيءَ طرح پنهنجي ساٿي نوڪر تي ديا ڪرڻ نہ کپندي هئي جيئن مون تو تي ڪئي؟‘ سو مالڪ مٿس ڏاڍو ڏمريو ۽ کيس جلادن جي حوالي ڪري ڇڏيائين، جيستائين هو سمورو قرض واپس نہ ڪري.“ پوءِ يسوع پنهنجي چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”ساڳيءَ طرح جيڪڏهن اوهين پنهنجي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ کي سچيءَ دل سان معاف نہ ڪندا، تہ منهنجو آڪاش وارو پتا بہ اوهان سان ائين ئي ڪندو.“ جڏهن يسوع اهي سمجھاڻيون ڏيئي چڪو تہ هو گليل علائقي مان روانو ٿي يهوديہ علائقي جي انهيءَ حصي ۾ آيو، جيڪو اردن درياءَ جي اوڀر طرف هو. هن جي پٺيان ماڻهن جا جيڪي وڏا ميڙ پئي آيا تن مان بيمارن کي هن اتي ئي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو. اتي ڪي فريسي يسوع کي آزمائڻ لاءِ وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”ڪنهن ماڻهوءَ جو پنهنجي پتنيءَ کي ڪنهن بہ سبب طلاق ڏيڻ جائز آهي يا نہ؟“ تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”اوهان پوِتر شاستر نہ پڙهيو آهي ڇا؟ انهيءَ ۾ لکيل آهي تہ ايشور انسان کي شروعات کان وٺي نر ۽ ناري ڪري پيدا ڪيو ۽ فرمايائين تہ ’انهيءَ ڪري مرد پنهنجي ماتا پتا کي ڇڏي پنهنجي پتنيءَ سان گڏجي رهندو ۽ هو ٻئي گڏجي هڪ شرير ٿي ويندا.‘ هاڻ اهي ٻہ نہ، پر هڪ آهن. سو جن کي ايشور ملايو آهي تن کي ماڻهو جدا نہ ڪري.“ تڏهن انهن فريسين کانئس پڇيو تہ ”پوءِ موسيٰ نيم ۾ ڇو حڪم ڪيو تہ مرد پنهنجي پتنيءَ کي طلاق نامو ڏيئي کيس ڪڍي سگھي ٿو؟“ يسوع وراڻيو تہ ”موسيٰ اوهان جي سخت‌دليءَ ڪري اوهان کي آگيا ڏني تہ اوهين پنهنجي پتنيءَ کي طلاق ڏيئي سگھو ٿا، جڏهن تہ شروعات ۾ ائين نہ هو. پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پتنيءَ کي زناڪاريءَ جي سبب کان سواءِ ڪنهن ٻئي سبب طلاق ڏئي ٿو ۽ ڪنهن ٻي ناريءَ سان شادي ٿو ڪري، تہ هو زنا ٿو ڪري.“ تنهن تي سندس چيلن کيس چيو تہ ”جيڪڏهن پتي پتنيءَ جو اهو حال آهي تہ پوءِ پرڻجڻ ئي چڱو نہ آهي.“ يسوع وراڻيو تہ ”سڀ ماڻهو اها ڳالهہ قبول ڪري نہ سگھندا. رڳو اهي قبول ڪندا جن کي ايشور کان اهڙي شڪتي مليل هوندي، ڇاڪاڻ تہ ڪي سبب آهن جو ماڻهو شادي نہ ٿا ڪن. جيئن تہ ڪي ڄمندي ئي نامرد آهن، ڪن کي ماڻهن نامرد ڪيو آهي ۽ ڪي آڪاش جي راڄ جي لاءِ پنهنجي شرير واري خواهش کي مارين ٿا. جيڪو اها ڳالهہ قبول ڪري سگھي سو ڀلي قبول ڪري.“ پوءِ ڪي ماڻهو يسوع وٽ پنهنجا ننڍڙا ٻار کڻي آيا تہ جيئن يسوع پنهنجا هٿ انهن تي رکي کين آسيس ڪري، پر چيلن انهن ماڻهن کي ڇينڀيو. يسوع چين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو، انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو راڄ اهڙن جو ئي آهي.“ يسوع انهن تي پنهنجا هٿ رکيا ۽ پوءِ اتان روانو ٿي ويو. هڪ دفعي هڪ ماڻهو يسوع وٽ آيو ۽ پڇيائينس تہ ”اي گرو! آءٌ ڪهڙو چڱو ڪم ڪريان جو امر جيون ملي؟“ يسوع وراڻيس تہ ”تون مون کان چڱي ڪم بابت ڇو ٿو پڇين؟ چڱو تہ رڳو ايشور ئي آهي. جيڪڏهن تون امر جيون حاصل ڪرڻ گھرين ٿو تہ ان جي حڪمن تي عمل ڪر.“ هن پڇيس تہ ”ڪهڙا حڪم؟“ يسوع وراڻيس تہ ”’خون نہ ڪر،‘ ’زنا نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاهدي نہ ڏي،‘ ’پنهنجي ماتا پتا جو مان ڪر‘ ۽ ’پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.‘“ تنهن تي جوان مرد جواب ڏنو تہ ”انهن سڀني حڪمن تي تہ آءٌ عمل ڪندو آيو آهيان. باقي ٻيا ڪهڙا ڪم رهيل آهن؟“ يسوع هن کي چيو تہ ”جيڪڏهن تون ڪامل ٿيڻ گھرين ٿو تہ وڃي پنهنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُهي پئسا غريبن ۾ دان ڪر، تڏهن ايشور وٽ تو کي خزانو ملندو. سو دان ڪرڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“ جوان مرد جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي تہ غمگين ٿي پيو ۽ هليو ويو، ڇاڪاڻ تہ هو هڪ وڏو شاهوڪار ماڻهو هو. تڏهن يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ شاهوڪار ماڻهوءَ جو آڪاش جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ اُٺ جو سُئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آهي، پر شاهوڪار ماڻهوءَ جو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ اولو آهي.“ جڏهن چيلن اهو ٻڌو تہ ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ چيائون تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“ يسوع انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”اها ڳالهہ انسان جي وس کان ٻاهر آهي، پر ايشور جي وس کان ڪابہ ڳالهہ ٻاهر نہ آهي.“ تنهن تي پطرس چيس تہ ”ڏسو، اسين تہ سڀ ڪجھہ ڇڏي اوهان جي پٺيان لڳا آهيون. سو اسان کي ڇا ملندو؟“ يسوع کين چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ايندڙ نئين زماني ۾ نئين سر بحاليءَ وقت جڏهن منش‌پتر پنهنجي شان وَ شوڪت سان تخت تي ويهندو، تہ منهنجي پٺيان هلندڙ اوهين ٻارهن ئي ڄڻا ٻارهن تختن تي ويهندا ۽ بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا فيصلا ڪندا. جيڪو بہ پنهنجا گھر، ڀائر، ڀينرون، ماتا، پتا، ٻار يا ٻنيون منهنجي ڪري ڇڏيندو تہ ان کي اُهي سؤڻا ٿي ملندا ۽ امر جيون بہ ملندس. پر ڪيترائي جيڪي هاڻي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي هاڻي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا.“ يسوع وڌيڪ چيو تہ ”آڪاش جي راڄ جو مثال هن ريت آهي تہ ڪو باغ جو مالڪ صبح جو سوير انهيءَ لاءِ ٻاهر نڪتو تہ پنهنجي انگورن جي باغ ۾ ڪي مزدور بيهاري. هنن سان روز جي مزدوري هڪ چانديءَ جو سڪو ٻول ڪري کين پنهنجي انگورن جي باغ ۾ موڪليائين. اٽڪل نائين بجي هو ٻيهر بازار ويو ۽ ڏٺائين تہ اُتي ٻيا مزدور بہ واندا بيٺا آهن. انهن کي چيائين تہ ’اوهين بہ انگورن جي باغ ۾ وڃي ڪم ڪريو ۽ جيڪو حق هوندو سو آءٌ اوهان کي ڏيندس،‘ تڏهن اهي بہ ويا. پوءِ منجھند جو اٽڪل ٻارهين بجي هو وري بازار ويو ۽ ساڳيءَ طرح مزدور ڪيائين. هو وري اٽڪل ٽي بجي بہ ويو ۽ ساڳيءَ طرح مزدور موڪليائين. آخر ۾ هو پنجين بجي ڌاري وري بازار ويو ۽ وري بہ ائين ئي ماڻهن کي واندو بيٺل ڏٺائين ۽ کانئن پڇيائين تہ ’اوهين هتي سڄو ڏينهن ڇو واندا بيٺا آهيو؟‘ انهن وراڻيو تہ ’انهيءَ ڪري جو اسان کي پورهئي تي ڪنهن بہ ڪين بيهاريو آهي.‘ تنهن تي هن چين تہ ’چڱو، اوهين بہ وڃي منهنجي انگورن جي باغ ۾ ڪم ڪريو.‘ جڏهن سانجھي ٿي تہ مالڪ پنهنجي منشيءَ کي چيو تہ ’مزدورن کي سڏي کين مزدوري ڏي. پهريائين انهن کي ڏيڻ شروع ڪر جيڪي پڇاڙيءَ ۾ ڪم تي بيٺا هئا ۽ پڇاڙيءَ ۾ انهن کي ڏي جيڪي پهريائين ڪم تي بيٺل هئا.‘ جيڪي ماڻهو چوٿين پهر ڪم تي بيٺا هئا تن مان هر ڪنهن کي هڪ هڪ چانديءَ جو سڪو مليو. تنهنڪري جيڪي ماڻهو پهريائين اچي ڪم تي بيٺا هئا انهن سمجھيو تہ ’شايد اسان کي گھڻو ملندو،‘ پر انهن مان بہ هر هڪ کي هڪ هڪ چانديءَ جو سڪو مليو. انهن پئسا تہ کنيا پر باغ جي مالڪ خلاف ڪُرڪڻ لڳا تہ ’اسان سڄو ڏينهن پورهيو ڪيو ۽ سج جي گرمي سَٺي، تڏهن بہ تو اسان کي اوتري ئي مزدوري ڏني آهي جيتري رڳو هڪڙو ڪلاڪ ڪم ڪندڙن کي ڏني اٿيئي.‘ تنهن تي هُن انهن مان هڪڙي کي وراڻيو تہ ’ميان! مون تو سان ناحق ڪين ڪيو آهي. ڇا تو مون سان هڪ چانديءَ جو سڪو مزدوري ڪين ٻولي هئي؟ جيڪي تنهنجو حق آهي سو وٺي هليو وڃ. اها منهنجي مرضي آهي تہ هن پوئين کي بہ تو جيترو ڏيان. ڇا مون کي اهو حق نہ آهي جو پنهنجي پئسي کي جيئن وڻي تيئن خرچ ڪريان؟ منهنجي سخاوت تي تو کي ساڙ ٿو ٿئي ڇا؟‘“ يسوع وڌيڪ چيو تہ ”اهڙيءَ طرح جيڪي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا ۽ جيڪي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا.“ جڏهن يسوع يروشلم ڏانهن وڃي رهيو هو تہ رستي ۾ هن پنهنجي ٻارهن چيلن کي هڪ پاسي نويڪلائيءَ ۾ وٺي وڃي چيو تہ ”ڏسو، اسين يروشلم ڏانهن هلي رهيا آهيون، جتي منش‌پتر سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي سندس موت جي سزا جو فيصلو ڏيندا. پوءِ اُهي کيس غير قوم وارن جي حوالي ڪندا، جيڪي مٿس ٺٺوليون ڪندا، ڪوڙا هڻندس ۽ سوليءَ تي چاڙهي ماري ڇڏيندس، پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيوت ڪري اٿاريو ويندو.“ تڏهن زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا جي ماتا پنهنجي ٻنهي پٽن سميت يسوع وٽ آئي ۽ سندس پيرن تي ڪري وينتي ڪرڻ لڳي. يسوع کانئس پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“ تنهن تي هُن چيس تہ ”سوامي! وچن ڪريو تہ جڏهن اوهان جو راڄ اچي تہ منهنجو هڪڙو پٽ اوهان جي ساڄي ۽ ٻيو کاٻي پاسي ويهي.“ تڏهن يسوع سندس ٻنهي پٽن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڇا گھري رهيا آهيو. ڇا اوهين اهو پيالو پي سگھندا جيڪو آءٌ پيئڻ وارو آهيان؟“ انهن وراڻيو تہ ”هائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“ تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”بيشڪ اوهين منهنجو پيالو پيئندا. پر پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ويهارڻ منهنجي اختيار ۾ نہ آهي. اهي جايون انهن جون آهن جن جي لاءِ منهنجي پتا تيار ڪيون آهن.“ جڏهن ٻين ڏهن چيلن اها ڳالهہ ٻڌي تہ اهي ٻنهي ڀائرن تي اچي ڪاوڙيا. تنهن تي يسوع انهن کي سڏي چيو تہ ”اوهين ڄاڻو ٿا تہ قومن جا سردار ۽ امير ماڻهن تي حڪم ٿا هلائين ۽ مٿن پورو اختيار رکن ٿا. پر اوهان ۾ ائين نہ ٿيندو. اوهان ۾ جيڪو وڏو ٿيڻ چاهي تہ اهو اوهان جو سيوڪ ٿئي. هائو، جيڪو اوهان ۾ اڳيان ٿيڻ گھُري تہ اهو اوهان جو داس ٿئي. ساڳيءَ طرح منش‌پتر بہ انهيءَ لاءِ نہ آيو آهي تہ ٻيا سندس سيوا ڪن، بلڪ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ پاڻ ٻين جي سيوا ڪري ۽ گھڻن کي بچائڻ واسطي پنهنجي جان عيوضي طور ڏئي.“ جڏهن يسوع پنهنجي چيلن سان يريحو شهر مان نڪري رهيو هو تہ هڪ وڏو ميڙ سندس پويان هلي پيو. ٻہ انڌا جيڪي رستي جي ڀر ۾ ويٺا هئا تن جڏهن ٻڌو تہ يسوع لنگھي رهيو آهي تڏهن رڙ ڪري چيائون تہ ”اي سوامي، راجا دائود جا اولاد! اسان تي ديا ڪريو.“ خلق انهن کي ڇڙٻُون ڏنيون تہ ”ماٺ ڪريو.“ پر اهي اڃا بہ وڌيڪ رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي سوامي، راجا دائود جا اولاد! اسان تي ديا ڪريو.“ تنهن تي يسوع بيهي رهيو ۽ انهن کي سڏي کانئن پڇيائين تہ ”اوهين ڇا ٿا چاهيو جيڪو آءٌ اوهان جي لاءِ ڪريان؟“ انهن وراڻيس تہ ”سوامي! اسان جي اکين کي کوليو.“ يسوع کي انهن تي ديا اچي ويئي، سو سندن اکين تي هٿ لاتائين تہ اهي هڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳا. پوءِ اهي بہ سندس پٺيان هلڻ لڳا. يسوع ۽ سندس چيلا جڏهن يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر تي بيت‌فگاہ ڳوٺ جي سامهون اچي پهتا، تڏهن اتان يسوع ٻن چيلن کي اڳتي ڳوٺ ڏانهن روانو ڪيو. انهن کي هدايت ڪيائين تہ ”سامهون واري ڳوٺ ۾ وڃو. اُتي گھڙندي ئي اوهين ڏسندا تہ هڪڙي گڏهِہ پنهنجي ٻچي سميت ٻڌل هوندي. انهن کي ڇوڙي مون وٽ ڪاهي اچو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان کي ڪجھہ چوي تہ کيس چئجو تہ ’گروءَ کي انهن جي ضرورت آهي.‘ پوءِ هو هڪدم اوهان کي اهي ڪاهڻ ڏيندو.“ اهو انهيءَ ڪري ٿيو تہ سنديش ڏيندڙ سنت جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ” صيئون شهر جي رهاڪن کي چئو تہ ’ڏسو، اوهان جو راجا اوهان وٽ اچي پيو، هو نماڻو آهي ۽ گڏهہ تي سوار آهي، بلڪ گڏهِہ جي ٻچي يعني کودڙي تي.‘“ تڏهن اهي چيلا روانا ٿي ويا ۽ ائين ئي ڪيائون جيئن يسوع کين چيو هو. اُهي گڏهِہ ۽ سندس کودڙي کي ڪاهي آيا، مٿن پنهنجيون چادرون وڌائون ۽ يسوع انهيءَ تي سوار ٿي ويٺو. اتي موجود وڏي ميڙ مان گھڻن پنهنجيون چادرون کڻي رستي تي پئي وڇايون، جڏهن تہ ٻين وري وڻن جون ٽاميون آڻي رستي تي پئي وڇايون. ميڙ جا ماڻهو جيڪي هن جي اڳيان توڙي پٺيان پئي هليا تن نعرا پئي هنيا تہ ”راجا دائود جي پٽ جي مهما هجي! سڀاڳو آهي اهو جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي! آڪاش تي ايشور جي مهما هجي!“ جڏهن يسوع يروشلم ۾ داخل ٿيو تہ سڄي شهر ۾ هلچل مچي ويئي ۽ ماڻهو پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي؟“ ميڙ مان جواب آيو تہ ”هي گليل جي ڳوٺ ناصرت وارو سنديش ڏيندڙ سنت يسوع آهي.“ يسوع هيڪل ۾ ويو ۽ اُتي اڱڻ ۾ جيڪي ماڻهو واپار ۽ ڏيتي ليتيءَ ۾ رُڌل هئا، تن کي تڙي ڪڍڻ لڳو ۽ پئسا مَٽائي هيڪل جا سڪا ڏيڻ وارن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين. انهن کي چيائين تہ ”ڇا پوِتر شاستر ۾ ايشور اهو نہ فرمايو آهي تہ ’منهنجو گھر پرارٿنا وارو گھر سڏبو،‘ پر اوهان ان کي ’ڌاڙيلن جو اڏو‘ بڻايو آهي.“ پوءِ اتي هيڪل ۾ ڪي انڌا ۽ منڊا يسوع وٽ آيا ۽ هن انهن سڀني کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو. جڏهن سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين يسوع جا اهي عجب جهڙا ڪم ڏٺا، جيڪي هن پئي ڪيا ۽ اتي ٻارن کي هي نعرا هڻندي ٻڌائون تہ ”راجا دائود جي پٽ جي مهما هجي،“ تڏهن اُهي اچي ڪاوڙيا. تنهنڪري انهن يسوع کي اچي چيو تہ ”ڇا تون اهو نہ ٿو ٻڌين جيڪو هو چون پيا؟“ يسوع کين وراڻيو تہ ”هائو. ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ نہ پڙهيو آهي تہ ’تو ٻارن ۽ کير پياڪن کان پنهنجي مهما ڪرائي آهي.‘“ پوءِ يسوع انهن کي ڇڏي شهر مان نڪري بيت‌عنياہ ڳوٺ ڏانهن ويو جتي هو رات رهيو. ٻئي ڏينهن صبح جو سوير جڏهن يسوع يروشلم ڏانهن موٽيو پئي ويو تہ کيس اچي بک لڳي. هن رستي جي ڀر ۾ هڪ انجير جو وڻ ڏٺو سو وڌي اُن وڻ ڏانهن ويو. ڏٺائين تہ وڻ ۾ رڳو پن ئي پن هئا. تنهن تي هن وڻ کي چيو تہ ”تون وري ڪڏهن بہ ميوو نہ جھليندين.“ تڏهن اهو وڻ هڪدم سڪي ويو. چيلا اهو ڏسي حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”انجير جو وڻ ايترو جلد ڪيئن سڪي ويو؟“ يسوع کين وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهين وشواس رکو ٿا ۽ ڪوبہ شڪ نہ ٿا آڻيو، تہ اوهين بہ ائين ئي ڪري سگھندا جيئن مون هن انجير جي وڻ سان ڪيو. نہ رڳو ايترو پر جيڪڏهن اوهين هن جبل کي بہ چوندا تہ ’پنهنجي جاءِ تان هٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪِر،‘ تہ اهو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو. پوري وشواس سان اوهين جيڪي بہ پرارٿنا ۾ گھرندا سو سڀ اوهان کي ملي ويندو.“ يسوع جڏهن هيڪل ۾ اچي سکيا پئي ڏني تہ سردار ڪاهن ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”تون ڪهڙي اختياريءَ سان اهي ڪم ٿو ڪرين؟ اها اختياري تو کي ڪنهن ڏني آهي؟“ يسوع وراڻين تہ ”آءٌ بہ اوهان کان هڪڙو سوال ٿو پڇان ۽ جيڪڏهن اوهان مون کي جواب ڏنو تہ آءٌ بہ اوهان کي ٻڌائيندس تہ ڪهڙي اختياريءَ سان آءٌ هي ڪم ٿو ڪريان. ٻڌايو تہ يوحنا جيڪا بپتسما ٿي ڏني سا ڪنهن جي طرفان هئي، ايشور جي طرفان هئي يا انسان جي طرفان؟“ تنهن تي اهي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”جيڪڏهن ’ايشور جي طرفان‘ ٿا چئون تہ هو اسان کي چوندو تہ ’پوءِ اوهان هن تي يقين ڇو نہ ڪيو؟‘ پر جي چئون ٿا ’انسان جي طرفان‘ تہ اسان کي ماڻهن کان خوف ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ تہ اهي يوحنا کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ڪري پيا مڃين.“ تنهنڪري انهن يسوع کي جواب ڏنو تہ ”اسان کي سڌ نہ آهي.“ تنهن تي هن انهن کي چيو تہ ”پوءِ آءٌ بہ نہ ٻڌائيندس تہ ڪهڙي اختياريءَ سان هي ڪم پيو ڪريان.“ پوءِ يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين هن ڳالهہ بابت ڇا ٿا سمجھو؟ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻہ پٽ هئا. هو پهريائين وڏي پٽ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ’پٽ! اڄ وڃي تون انگورن جي باغ ۾ ڪم ڪر.‘ پهريائين تہ هن جواب ڏنو تہ ’آءٌ ڪين ويندس،‘ پر پوءِ پاڻيهي پڇتائي انگورن جي باغ ڏانهن هليو ويو. پوءِ پتا وري ٻئي پٽ وٽ ويو ۽ کيس ساڳيو ئي ڪم چيائين. هن جواب ۾ چيو تہ ’هائو پتا!‘ پر هو ويو ڪين. هاڻي اوهين ٻڌايو تہ هنن ٻنهي مان ڪنهن پنهنجي پتا جي مرضي پوري ڪئي؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”وڏي.“ تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ وئشيائون ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ اوهان کان اڳي ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿين ٿا. ان جو سبب هي آهي تہ يوحنا جيڪو اوهان کي سچائيءَ جو رستو ڏيکارڻ لاءِ آيو هو، تنهن تي اوهان يقين نہ ڪيو، جڏهن تہ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ۽ وئشيائون هن تي يقين ڪري انهيءَ رستي تي آيا. اهو سڀ ڏسڻ کان پوءِ بہ اوهان نہ پڇتايو جو مٿس يقين ڪريو ها.“ يسوع پئنچائت جي انهن چڱن مڙسن کي وڌيڪ چيو تہ ”هڪڙو ٻيو مثال ٻڌو تہ هڪڙي زميندار انگورن جو باغ لڳايو. ان جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ هڪ حوض ٺهرايائين ۽ پهري لاءِ ٺُلهہ بہ ٺهرايائين. پوءِ اهو باغ ڪن باغائين جي سنڀال هيٺ ڏيئي هو پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو. جڏهن ميوي لهڻ جو وقت ٿيو تہ هن پنهنجا نوڪر انهن باغائين ڏانهن موڪليا تہ سندس ڀاڱي جو ميوو وٺي اچن. پر باغائين سندس نوڪرن کي پڪڙي ڪن کي مار ڏني، ڪن کي ماري ڇڏيو ۽ ڪن کي وري سنگسار ڪري ڇڏيائون. پوءِ زميندار اڳي کان بہ وڌيڪ نوڪر موڪليا، جن سان بہ انهن ساڳي ڪار ڪئي. آخر ۾ هن پنهنجو پٽ موڪليو، ڇاڪاڻ تہ هن جو خيال هو تہ هو انهيءَ جو ضرور لحاظ ڪندا. پر باغائين جڏهن هن جي پٽ کي ڏٺو تڏهن انهن پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’هي مالڪ جو اڪيلو وارث آهي. اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ سندس ميراث اسان جي ٿي پوندي.‘ تڏهن انهن هن کي پڪڙيو ۽ انگورن جي باغ مان ٻاهر ڪڍي ماري ڇڏيائونس.“ پوءِ يسوع پئنچائت جي انهن چڱن مڙسن کان پڇيو تہ ”هاڻي جڏهن باغ جو مالڪ ايندو تڏهن هو انهن باغائين سان ڪهڙو سلوڪ ڪندو؟“ انهن وراڻيو تہ ”هو ضرور انهن بڇڙن ماڻهن کي ماري ڇڏيندو ۽ انگورن جو باغ ڪن ٻين باغائين جي حوالي ڪندو، جيڪي ميوي لهڻ وقت کيس سندس ڀاڱو ڏين.“ يسوع انهن کي چيو تہ ”ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ ڪڏهن اهو نہ پڙهيو آهي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي. اهو پرميشور جي طرفان ڪيو ويو آهي، اها اسان لاءِ ڪهڙي نہ عجيب ڳالهہ آهي!‘“ يسوع وڌيڪ چيو تہ ”تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ايشور جو راڄ اوهان تان هٽي ويندو ۽ انهيءَ نئين چونڊيل قوم مٿان اچي ڇانوَ ڪندو جيڪا پاڻ ۾ انهيءَ جو حقيقي ڦل پيدا ڪندي. باقي، جيڪو بہ اُن پٿر تي ڪرندو، سو ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پوندو ۽ جنهن تي اهو پٿر ڪرندو، تنهن کي پيهي ڇڏيندو.“ سردار ڪاهنن ۽ فريسين جڏهن يسوع جا مثال ٻڌا تہ سمجھي ورتائون تہ ”هو اسان بابت ٿو ڳالهائي.“ تنهنڪري انهن ڪوشش ڪئي تہ يسوع کي پڪڙائين، پر کين ماڻهن جو ڊپ پئي ٿيو، ڇاڪاڻ تہ انهن کيس ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ڪري پئي مڃيو. يسوع وري ماڻهن سان مثالن ۾ ڳالهائڻ لڳو. هن چيو تہ ”آڪاش جي راڄ جو مثال هن ريت آهي تہ هڪڙي راجا پنهنجي پٽ جي شاديءَ جي دعوت ڪئي. هن دعوتين ڏانهن پنهنجا نوڪر موڪليا تہ هو رسوئي کائڻ اچن، پر اهي اچڻ نہ پيا گھرن. تنهن تي هن ٻيا نوڪر موڪليا تہ جن کي دعوت مليل آهي، تن کي چون تہ ’مون ٿلهو متارو مال ڪهايو آهي ۽ رسوئي تيار آهي، بلڪ هر شيءِ تيار آهي. سو رسوئي کائڻ لاءِ هليا اچو.‘ پر دعوتين ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو ۽ پنهنجن ڪمن سان هليا ويا، ڪو پنهنجي ٻنيءَ تي هليو ويو تہ ڪو وري پنهنجي ڪاروبار کي لڳي ويو. جڏهن تہ ڪن دعوتين سندس نوڪرن کي پڪڙي مار ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو. تنهن تي راجا اچي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ پنهنجا سپاهي موڪلي انهن قاتلن کي مارائي ڇڏيائين ۽ سندن شهر ساڙائي ڇڏيائين. پوءِ هن پنهنجي نوڪرن کي سڏي چيو تہ ’شاديءَ جي رسوئي تيار آهي، پر جن کي دعوت ڏني ويئي هئي سي ان جي لائق نہ هئا. تنهنڪري هاڻي اوهين وڏن رستن جي چونڪن تي وڃو ۽ جيترا بہ ماڻهو ڏسو تن سڀني کي شاديءَ جي دعوت ڏيئي وٺي اچو.‘ تنهن تي اهي نوڪر ٻاهر نڪري ويا ۽ رستن تي جيڪي بہ چڱا مَٺا ماڻهو منهن پين تن سڀني کي آڻي گڏ ڪيائون. ايتري قدر جو شاديءَ جي دعوت واري جاءِ مهمانن سان ڀرجي ويئي. جڏهن راجا شاديءَ جي مهمانن کي ڏسڻ لاءِ اندر آيو تہ اتي هن هڪڙو اهڙو ماڻهو ڏٺو جنهن کي شاديءَ وارا ڪپڙا پاتل ڪين هئا. تنهن تي انهيءَ کان پڇيائين تہ ’ميان! تون شاديءَ جي ڪپڙن کان سواءِ هتي ڪيئن آيو آهين؟‘ پر هن ڪڇيو ئي ڪين. تڏهن راجا نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’هن جا هٿ پير ٻڌي ٻاهر اونداهيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيوس، جتي هو پيو روئندو رڙندو ۽ پنهنجي حال تي ڏند پيو ڪرٽيندو.‘“ آخر ۾ يسوع چيو تہ ”بيشڪ دعوتي تہ گھڻا هوندا آهن، پر انهن ۾ چونڊيل ٿورا هوندا آهن.“ تڏهن فريسي هليا ويا ۽ وڃي پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تہ ڪهڙيءَ طرح يسوع کي ڳالهائڻ ۾ ڦاسايو وڃي. پوءِ فريسين پنهنجن چيلن سان گڏ هيروديس جي حمايت ڪندڙن مان ڪن ماڻهن کي يسوع ڏانهن موڪليو، جن اچي کيس چيو تہ ”اي گرو! اسان کي سڌ آهي تہ اوهين سچا آهيو ۽ حق سچ مطابق ايشور جو رستو ٿا ڏيکاريو. اوهين ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿا ڪريو ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي ظاهري ڏيک‌ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو. پوءِ اسان کي ٻڌايو تہ اوهين ڇا ٿا سمجھو؟ رومي مهاراجا قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ اسان لاءِ جائز آهي يا نہ؟“ يسوع انهن جي بري نيت کي ڄاڻي ورتو، تنهنڪري چيائين تہ ”اي پاکنڊيؤ! اوهين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟ ڀلا مون کي هڪڙو سڪو ڏيکاريو جنهن سان ٽيڪس ڏيندا آهيو.“ تڏهن اهي وٽس هڪڙو چانديءَ جو سڪو کڻي آيا. تنهن تي يسوع پڇين تہ ”هن تي ڪنهن جي تصوير ۽ نالو اُڪريل آهي؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”قيصر جو.“ تڏهن يسوع کين چيو تہ ”چڱو، جيڪو قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪو ايشور جو آهي سو ايشور کي ڏيو.“ اهو ٻڌي هو عجب ۾ پئجي ويا ۽ هن کي ڇڏي هليا ويا. انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي صدوقي، جن جو وشواس هو تہ موت کان پوءِ ماڻهو جيوت نہ ٿيندا، تن مان ڪي يسوع وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اي گرو! موسيٰ نيم ۾ لکيو آهي تہ ’جيڪڏهن ڪو ماڻهو بي‌اولاد مري وڃي تہ هن جو ڀاءُ ان جي وڌوا پرڻجي تہ جيئن پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.‘ اسان ۾ هڪڙا ست ڀائر هئا. پهرئين ڀاءُ شادي ڪئي پر بي‌اولاد مري ويو، تنهنڪري هن جي پتني ٻيو ڀاءُ پرڻيو. اهڙيءَ طرح اها ناري ٻئي سان، ٽئين سان ۽ آخرڪار ستن ئي ڀائرن سان پرڻي. انهن سڀني کان پوءِ اها ناري بہ مري ويئي. هاڻي جيئن تہ سڀ ئي ڀائر هن سان پرڻيا هئا، سو ٻڌايو تہ قيامت جي ڏينهن، جڏهن ماڻهو جيوت ٿي اٿندا تڏهن اها ناري انهن ستن مان ڪنهن جي پتني ٿيندي؟“ يسوع انهن کي جواب ڏنو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ڀليل آهيو جو نہ اوهين پوِتر شاستر ٿا ڄاڻو، نڪي ايشور جي شڪتي. ڏسو، جڏهن مري ويل جيوت ٿيندا تہ نہ اهي پرڻبا، نڪي پرڻائبا، پر جيئن ايشور جي شرڻ ۾ رهندڙ دوت آهن تيئن اهي هوندا. مري ويلن جي جيوت ٿيڻ بابت جيڪي ايشور اوهان کي فرمايو آهي، سو اوهان ڪين پڙهيو آهي ڇا؟ هو فرمائي ٿو تہ ’آءٌ ابرهام جو ايشور، اضحاق جو ايشور ۽ يعقوب جو ايشور آهيان.‘ ان جو مطلب آهي تہ هو مئلن جو ايشور نہ، بلڪ جيڪي جيوت آهن تن جو ايشور آهي.“ جڏهن ماڻهن هي ٻڌو تہ اهي يسوع جي سکيا تي عجب ۾ پئجي ويا. جڏهن فريسين هي ٻڌو تہ يسوع صدوقين جا وات بند ڪري ڇڏيا آهن، تڏهن اهي يسوع وٽ اچي گڏ ٿيا. انهن مان هڪڙي نيم شاستريءَ يسوع کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪندي کانئس پڇيو تہ ”اي گرو! موسيٰ جي نيم ۾ وڏو حڪم ڪهڙو آهي؟“ تنهن تي يسوع وراڻيس تہ ”’تون پرڀوءَ پنهنجي ايشور کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان ۽ پنهنجي پوريءَ سمجھہ سان پيار ڪر.‘ سڀ کان وڏو ۽ پهريون حڪم اهو ئي آهي. ٻيو حڪم بہ انهيءَ جهڙو آهي تہ ’تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.‘ سڄو نيم شاستر توڙي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنتن جون سڀ پوِتر لکتون انهن ئي ٻنهي حڪمن تي مدار رکن ٿيون.“ جيڪي فريسي اچي گڏ ٿيا هئا، تن کان يسوع پڇيو تہ ”اوهين مسيح بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟ هو ڪنهن جي اولاد مان هوندو؟“ انهن وراڻيو تہ ”هو راجا دائود جي اولاد مان هوندو.“ تنهن تي يسوع چين تہ ”پوءِ ڪيئن دائود پوِتر آتما جي هدايت تي هن کي ’پرڀو‘ ٿو سڏي؟ ڇاڪاڻ تہ دائود پاڻ چيو آهي تہ ’پرڀو پرميشور منهنجي پرڀوءَ کي چيو تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان.“‘ سو جيڪڏهن دائود مسيح کي ’پرڀو‘ ڪري سڏي ٿو، تہ پوءِ اهو سندس اولاد ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟“ هن جي جواب ۾ ڪو ئي هڪڙو لفظ بہ چئي نہ سگھيو، نڪي وري انهيءَ ڏينهن کان وٺي ڪنهن کي بہ کانئس وڌيڪ سوال پڇڻ جي همت ٿي. پوءِ يسوع ميڙ ۽ پنهنجي چيلن سان ڳالهائيندي چيو تہ ”نيم شاسترين ۽ فريسين کي موسيٰ جي نيم جو اختيار مليل آهي. تنهنڪري اوهان کي انهن جو هر هڪ چيو مڃڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ گھرجي. پر انهن جي ڪمن تي عمل نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ جيئن اهي چون ٿا تيئن ڪونہ ٿا ڪن. هو ڳرا بار ٻڌي ماڻهن جي ڪلهن تي تہ رکن ٿا، پر انهن بارن کي کڻڻ ۾ پاڻ ماڻهن جي ڪابہ مدد ڪونہ ٿا ڪن. هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا سو رڳو ڏيکاءَ لاءِ ٿا ڪن. انهيءَ لاءِ هو آيتن سان ڀريل وڏيون وڏيون پٽيون نرڙ ۽ ٻانهن تي ٻڌن ٿا ۽ جبن تي وڏا وڏا جھالردار ڦُندڻ بہ لڳائين ٿا. هو دعوتن توڙي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ اعليٰ درجي وارين جاين تي ويهڻ پسند ڪن ٿا. هو چاهين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻهو کين نمسڪار ڪن ۽ کين ’سوامي، سوامي‘ ڪري پڪارين. پر اوهين ’سوامي‘ نہ سڏايو، ڇاڪاڻ تہ اوهين سڀيئي هڪٻئي جا ڀائر ڀينر آهيو ۽ اوهان جو رڳو هڪڙو ئي سوامي آهي. ساڳيءَ طرح اوهين هن سنسار ۾ ڪنهن کي بہ پتا نہ سڏيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو هڪڙو ئي پتا آهي جيڪو آڪاش تي آهي. نہ وري اوهين گرو سڏايو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو هڪڙو ئي گرو آهي يعني مسيح. اوهان ۾ جيڪو سڀني کان وڏو آهي سو اوهان جو سيوڪ ٿئي. جيڪو بہ پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريو ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي ڌرم تي آڻڻ لاءِ خشڪي ۽ سمنڊ تہ لتاڙي ٿا وڃو، پر جڏهن هو ڌرم ۾ اچي اوهان جو چيلو ٿئي ٿو تہ پوءِ هن کي پاڻ کان بہ ٻيڻو نرڳ واسي ٿا بڻايو. مصيبت آهي اوهان لاءِ اي انڌا اڳواڻؤ! اوهين چئو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪو هيڪل جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند نہ آهي، پر جيڪڏهن ڪو هيڪل ۾ پيل سون جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند آهي.‘ اي انڌؤ! اي مورکؤ! ڪهڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، سون يا هيڪل جنهن سون کي پوِتر ڪيو؟ اوهين ائين بہ چئو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪو ٻليدان واري جاءِ جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند نہ آهي، پر جيڪڏهن ڪو ٻليدان واري جاءِ تي ڏنل ڀيٽا جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند آهي.‘ اوهين ڪيڏا نہ انڌا آهيو! ڪهڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، ڀيٽا يا ٻليدان واري جاءِ، جيڪا ڀيٽا کي پوِتر ٿي ڪري؟ تنهنڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻليدان واري جاءِ جو قسم کڻي ٿو تہ اهو نہ رڳو ان جو قسم ٿو کڻي پر انهن سڀني شين جو بہ قسم کڻي ٿو جيڪي ان تي رکيل آهن. جيڪڏهن ڪو هيڪل جو قسم ٿو کڻي تہ اهو نہ رڳو ان جو پر ايشور جو بہ قسم ٿو کڻي جيڪو ان ۾ رهي ٿو. جيڪڏهن ڪو آڪاش جو قسم ٿو کڻي تہ هو ايشور جي تخت جو قسم تہ کڻي ٿو بلڪ انهيءَ جو بہ قسم کڻي ٿو جيڪو ان تي ويٺل آهي. مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريو ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين ايشور جي راهہ ۾ ڦودني، وڏفن ۽ زيري جي فصل جو ڏهون حصو تہ ڏيو ٿا، پر جيڪي نيم جون انهيءَ کان بہ وڌيڪ ضروري ڳالهيون آهن، يعني انصاف، ديا ۽ وفاداري، تن کي ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي هو جو هي بہ ڪريو ها ۽ انهن کي بہ نہ ڇڏيو ها. اي انڌا اڳواڻؤ! اوهين پاڻيءَ ۾ پيل مک تہ ڏسي ڪڍو ٿا پر اُٺ کي نظرانداز ڪري ڳڙڪائي ٿا وڃو. مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريو ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين پنهنجي وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو ٻاهريون پاسو تہ ڌوئي صاف ٿا ڪريو، پر ان جي اندر پيل شيون ڏاڍائيءَ ۽ لوڀ سان حاصل ڪيل آهن. اي انڌا فريسيؤ! وٽيءَ جو پهريائين اندريون پاسو ڌوئي صاف ڪريو تہ پوءِ انهيءَ جو ٻاهريون پاسو بہ صاف ٿي ويندو. مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريو ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين اڇين قبرن وانگر آهيو جيڪي ٻاهران تہ سهڻيون نظر ٿيون اچن، پر انهن جو اندر مُڙدن جي هڏن ۽ هر طرح جي گندگيءَ سان ڀريل آهي. ساڳيءَ طرح اوهين بہ ماڻهن کي ٻاهران تہ نيڪ نظر ٿا اچو، پر اوهان جو اندر پاکنڊپائيءَ ۽ ايشور جي نافرمانيءَ سان ڀريل آهي.“ ”مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريو ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين سنديش ڏيندڙ سنتن جا قبا ٿا ٺاهيو ۽ نيڪن جون قبرون ٿا سينگاريو ۽ چئو ٿا تہ ’جيڪڏهن اسين ابن ڏاڏن جي ڏينهن ۾ هجون ها تہ جيڪر سنديش ڏيندڙ سنتن کي قتل ڪرڻ ۾ انهن سان شريڪ نہ ٿيون ها.‘ حقيقت ۾ اهڙيءَ طرح اوهين پاڻ اهو قبول ٿا ڪريو تہ ’اسين سنديش ڏيندڙ سنتن جي قاتلن جو اولاد آهيون.‘ تہ پوءِ وڃو ۽ جيڪو اوهان جي ابن ڏاڏن شروع ڪيو هو تنهن کي ڀلي وڃي پورو ڪريو. اي نانگ جا ٻچؤ! اي ڪاريهر نانگؤ! اوهين نرڳ جي سزا کان ڪيئن بچي سگھندا؟ ڏسو، آءٌ اوهان ڏانهن سنديش ڏيندڙ سنت، سياڻا ماڻهو ۽ شاستري موڪلي رهيو آهيان. اوهين انهن مان ڪن کي قتل ڪري ڇڏيندا، ڪن کي سوليءَ تي چاڙهيندا ۽ ڪن کي پنهنجين ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ چهبڪ هڻندا ۽ کين ستائڻ لاءِ شهر بہ شهر سندن پيڇو ڪندا رهندا. انهيءَ لاءِ تہ سڀني نيڪن جو خون جيڪو ڌرتيءَ تي وهايو ويو سو اوهان جي ڳچيءَ ۾ پوي، يعني نيڪ هابل کان وٺي برڪياہ جي پٽ زڪرياہ جي خون تائين، جنهن کي اوهان هيڪل جي اڱڻ ۾ ٻليدان واري جاءِ ۽ پوِتر جاءِ جي وچ ۾ ماريو هو. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن سڀني جو خون هن پيڙهيءَ جي ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ پوندو.“ ”يروشلم! اي يروشلم! تون سنديش ڏيندڙ سنتن جو قاتل آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي سنديش ڏيندڙ تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن تن کي تون سنگسار ٿو ڪرين. تنهن هوندي بہ مون تنهنجي رهاڪن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنهنجي چوزن کي پنهنجي کنڀن هيٺان گڏ ڪندي آهي، پر تو نہ چاهيو. هاڻي ياد رک، تنهنجي هيڪل ويران ڪئي ويندي. آءٌ تو کي چوان ٿو تہ تون هن کان پوءِ مون کي ايستائين نہ ڏسندين جيستائين ائين نہ چوندين تہ ’سڀاڳو آهي اهو، جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي.‘“ يسوع جيئن ئي هيڪل مان نڪتو پئي تہ سندس چيلا وٽس اچي کيس هيڪل جون عمارتون ڏيکارڻ لڳا. يسوع کين چيو تہ ”ٺيڪ آهي، هي سڀ شيون چڱيءَ طرح ڏسي وٺو. پر آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي اوهين ڏسو ٿا سو سڀ ڊاٺو ويندو ۽ ڪوبہ پٿر پٿر تي نہ رهندو.“ يسوع جڏهن زيتون جي ٽڪر تي ويٺو هو، تڏهن سندس چيلا نويڪلائيءَ ۾ وٽس آيا ۽ کانئس پڇڻ لڳا تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون ۽ اوهان جي راڄ اچڻ جي ۽ هن انتم زماني جي پڄاڻيءَ جي ڪهڙي نشاني هوندي؟“ يسوع کين وراڻيو تہ ”هوشيار رهو، متان ڪو اوهان کي ڀَٽڪائي نہ وڃي، ڇو تہ گھڻا ئي منهنجي نالي سان ايندا ۽ پاڻ کي مسيح سڏائي گھڻن ئي ماڻهن کي ڀَٽڪائيندا. اوهين ويجھو ۽ پري وارين جنگين جون ڳالهيون ٻڌندا پر گھٻرائجو نہ، ڇاڪاڻ تہ پهريائين اهي ڳالهيون ضرور ٿينديون، پر اها اڃا پڄاڻي نہ هوندي. قوم قوم سان وڙهندي ۽ راڄ راڄ تي چڙهائي ڪندو. گھڻن ئي هنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا. پر اهي سڀ ڳالهيون تہ مصيبتن جي شروعات هونديون. ان وقت اوهان کي عذاب ڏيڻ ۽ مارائڻ لاءِ پڪڙايو ويندو. جيئن تہ اوهين منهنجا پوئلڳ آهيو سو سڀني قومن جا ماڻهو اوهان سان دشمني رکندا. ان وقت گھڻا ئي ڀَٽڪي ويندا، هڪٻئي کي پڪڙائيندا ۽ هڪٻئي سان دشمني ڪندا. سنديش ڏيندڙ سنت سڏائڻ وارا گھڻا ئي ظاهر ٿيندا ۽ گھڻن ماڻهن کي ڀَٽڪائيندا. بڇڙائي وڌي وڃڻ ڪري گھڻن ئي جو پيار ٿڌو ٿي ويندو. پر اوهان مان جيڪو توڙ تائين ثابت قدم رهندو سو اطمينان رکي تہ هن لاءِ مڪتي آهي. آڪاش جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار سڄي سنسار ۾ ڪيو ويندو، تہ جيئن سڀني قومن لاءِ شاهدي ٿئي. تنهن کان پوءِ هن سنسار جي پڄاڻي ٿيندي.“ ”جڏهن اوهين ’بربادي آڻيندڙ نفرت جهڙي شيءِ‘ کي پوِتر هيڪل ۾ رکيل ڏسو، جنهن بابت سنديش ڏيندڙ سنت داني‌ايل جي معرفت ٻڌايو ويو آهي (جيڪو هي پڙهي سو ضرور ان بابت سمجھڻ جي ڪوشش ڪري)، تڏهن يهوديہ جي پوري علائقي وارا جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن. مطلب تہ جيڪو ماڻهو گھر جي ڇت تي هجي سو لهي پنهنجي گھر مان ڪا شيءِ کڻڻ لاءِ وقت نہ وڃائي ۽ جيڪو ماڻهو ٻنيءَ ۾ هجي سو بہ گھر ڏانهن ڪپڙا کڻڻ لاءِ نہ موٽي. انهن ڏينهن ۾ جيڪي ناريون پيٽ سان هونديون يا جن کي ٿڃ ڌائيندڙ ٻار هوندا تن لاءِ ڪيڏي نہ مصيبت ٿيندي. ايشور کي پرارٿنا ڪريو تہ شل اوهان جو ڀڄڻ سياري ۾ يا سبت جي ڏينهن نہ ٿئي، ڇاڪاڻ تہ ان وقت واري مصيبت ايڏي تہ وڏي هوندي جيڪا سنسار جي شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ ڪا آئي آهي ۽ نہ وري ڪڏهن ايندي. ايتري قدر جو جيڪڏهن انهن ڏينهن جو مدو گھٽايو نہ وڃي ها تہ جيڪر ڪوبہ بچي نہ سگھي ها. پر ايشور جي چونڊيلن خاطر انهن ڏينهن جو مدو گھٽايو ويندو. ان وقت جيڪڏهن ڪو اوهان کي چوي تہ ’ڏسو، مسيح هيڏانهن آهي،‘ يا چوي تہ ’مسيح هوڏانهن آهي،‘ تہ ان تي يقين نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اهڙا ڪوڙا ماڻهو ظاهر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت سڏائيندا. اهي وڏيون نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جهڙا ڪم ڪندا، انهيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏهن کانئن ٿي سگھي تہ ايشور جي چونڊيلن کي بہ ڀَٽڪائي ڇڏين. پر آءٌ اوهان کي اڳ ۾ ئي اهو ٻڌائي رهيو آهيان. سو جيڪڏهن ڪي اوهان کي چون تہ ’ڏسو، هو رڻ‌پٽ ۾ آهي‘ تہ متان ٻاهر نڪتا آهيو يا وري ڪي چون تہ ’ڏسو، هو اندرين ڪمري ۾ لڪل آهي‘ تہ يقين نہ ڪجو. منش‌پتر جو موٽي اچڻ ان چمڪندڙ کِنوڻ وانگر هوندو، جيڪا سڄي آڪاش ۾ اوڀر کان اولهہ تائين ڏسڻ ۾ ايندي آهي. جيئن ڳجھن جي مڙڻ مان اهو ظاهر ٿيندو آهي تہ اتي ڍونڍ آهي، تيئن اهو ظاهر ٿيندو.“ ”مصيبت وارن انهن ڏينهن کان پوءِ جلد ئي سج ڪاراٽجي ويندو، چنڊ پنهنجي روشني وڃائي ويهندو، تارا آڪاش مان ڪرندا ۽ آڪاشي طاقتون لُڏي وينديون. ان وقت منش‌پتر جي نشاني آڪاش ۾ ظاهر ٿيندي. تنهن تي ڌرتيءَ جي سڀني قومن ۾ ماتم مچي ويندو ۽ هو منش‌پتر کي وڏي شڪتيءَ ۽ شان وَ شوڪت سان آڪاش وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسنديون. تڏهن وڏي آواز سان توتاري جي وڄندي ئي هو پنهنجي دوتن کي هر طرف موڪليندو، جيڪي ڌرتيءَ جي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين ايشور جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪندا.“ ”انجير جي وڻ مان اوهين سبق پرايو. جڏهن هن جون ٽاريون سايون ۽ نرم ٿين ٿيون ۽ انهن ۾ پن اچڻ شروع ٿين ٿا، تڏهن اوهين سمجھو ٿا تہ اونهارو آيو ڪي آيو. ساڳيءَ طرح جڏهن اوهين تڪليفن ۽ تباهين واريون اِهي ڳالهيون ٿيندي ڏسو تڏهن ڄاڻجو تہ هيڪل جي ڊهڻ جو وقت اچي پهتو آهي، بلڪ ائين سمجھجو تہ در تي اچي بيٺو آهي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن پيڙهيءَ جي هلندي هلندي اِهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿينديون. ڌرتي ۽ آڪاش ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“ يسوع پنهنجي چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ جي باوجود منش‌پتر جي موٽي اچڻ واري ڏينهن ۽ گھڙيءَ بابت ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي، نہ آڪاش جا دوت ۽ نہ ئي پٽ، رڳو پتا ئي اهو ڄاڻي ٿو. منش‌پتر جو اچڻ بہ ائين ئي ٿيندو، جيئن نوح جي ڏينهن ۾ ٻوڏ جو اچڻ ٿيو. انهن ڏينهن ۾ ٻوڏ کان اڳ ۾ ماڻهو کائيندا پيئندا ٿي رهيا، شاديون ڪندا ۽ ڪرائيندا ٿي رهيا، تان جو اهو ڏينهن ٿيو جو نوح ٻيڙي ۾ گھڙيو. انهن کي ڪا سڌ ئي ڪانہ هئي تہ ڇا ٿيڻ وارو آهي. تڏهن اوچتو طوفان اچي ڪڙڪيو ۽ انهن سڀني ماڻهن کي لوڙهي ويو. منش‌پتر جو موٽي اچڻ بہ ائين ئي ٿيندو. انهيءَ وقت جيڪڏهن ٻنيءَ ۾ ٻہ ماڻهو هوندا تہ هڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو. يا جيڪڏهن ٻہ ناريون گڏ ويٺيون جنڊ پيهنديون هونديون تہ هڪڙي کنئي ويندي ۽ ٻيءَ کي ڇڏيو ويندو. تنهنڪري اوهين سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڪهڙي ڏينهن اوهان جو پرڀو ايندو. انهيءَ لاءِ هي سمجھو تہ جيڪڏهن ڪنهن گھر جي مالڪ کي سڌ هجي ها تہ چور رات جو ڪهڙي وقت ايندو، تہ جيڪر هو سجاڳ رهي ها ۽ پنهنجي گھر کي کاٽ لڳڻ نہ ڏئي ها. انهيءَ ڪري اوهان کي هر وقت تيار رهڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ منش‌پتر اهڙي وقت ايندو جنهن جو اوهان کي گمان بہ نہ هوندو.“ يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”پوءِ مون کي ٻڌايو تہ وفادار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس مالڪ پنهنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو هجي تہ انهن کي کاڌو پيتو پوري وقت تي ڏئي؟ سڀاڳو آهي اهو نوڪر جنهن کي سندس مالڪ اچڻ مهل ائين ڪندو ڏسي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هو کيس سڄيءَ ملڪيت جو مختيار ڪندو. پر جيڪڏهن اهو نوڪر بڇڙو هجي ۽ دل ۾ خيال ڪري تہ ’منهنجي مالڪ جي اچڻ ۾ دير آهي،‘ ۽ اچي پنهنجي ساٿي نوڪرن کي مارڻ لڳي ۽ شرابين سان کائڻ پيئڻ لڳي، تہ انهيءَ نوڪر جو مالڪ بہ انهيءَ ئي ڏينهن اچي پهچندو جنهن جو هن کي خواب خيال بہ نہ هوندو، نڪي کيس ڪا سڌ ئي هوندي. پوءِ تہ سندس مالڪ اچي کيس چهبڪن سان خوب مار ڏيندو ۽ پاکنڊين ۾ شمار ڪري ڪڍي ڇڏيندس. تڏهن هو روئندو رڙندو ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندو.“ ”منش‌پتر جي موٽي اچڻ واري ڏينهن آڪاش جو راڄ ڪنوار جي انهن ڏهن ساهيڙين وانگر هوندو جيڪي هڪڙيءَ رات پنهنجا ڏيئا کڻي گھوٽ جي آڌرڀاءَ لاءِ ٻاهر نڪري آيون. انهن مان پنج اياڻيون هيون ۽ پنج سياڻيون. اياڻين جڏهن پنهنجا ڏيئا کنيا تہ پاڻ سان تيل ڪونہ کنيائون، پر سياڻين پنهنجن ڏيئن کڻڻ وقت پاڻ سان گڏ پيالن ۾ تيل بہ کنيو. جڏهن گھوٽ کي اچڻ ۾ دير ٿي ويئي تڏهن ڪنيائن کي ننڊ اچڻ لڳي ۽ اهي سمهي پيون. پوءِ اڌ رات جو هُل مچي ويو تہ ’ڏسو، گھوٽ اچي رهيو آهي. ٻاهر اچي سندس آڌرڀاءُ ڪريو.‘ تنهن تي اهي ڪنيائون اُٿي کڙيون ٿيون ۽ پنهنجا ڏيئا ٺيڪ ڪرڻ لڳيون. تڏهن اياڻين ڪنيائن سياڻين کي چيو تہ ’ڪجھہ تيل اسان کي بہ ڏيو، ڇو تہ اسان جا ڏيئا وسامن ٿا.‘ پر سياڻين ڪنيائن وراڻيو تہ ’اسان وٽ ايترو تيل ڪونہ آهي جو اسان ۽ اوهان لاءِ پورو پئجي سگھي. چڱو ائين ٿيندو جو اوهين وڃي پنهنجي لاءِ دڪان تان تيل وٺي اچو.‘ جڏهن اياڻيون ڪنيائون تيل وٺڻ لاءِ ويون تہ ايتري ۾ گھوٽ بہ اچي پهتو. سو اهي پنج ڪنيائون جيڪي تيار هيون سي گھوٽ سان شاديءَ جي دعوت ۾ ويون ۽ دروازو بند ٿي ويو. تنهن کان پوءِ اهي اياڻيون ڪنيائون بہ اچي پهتيون ۽ پڪارڻ لڳيون تہ ’سائين! اي سائين! اسان لاءِ در کوليو.‘ پر گھوٽ وراڻيو تہ ’آءٌ سچ ٿو چوان تہ آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان.‘“ يسوع وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ ڪري اوهين بہ سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي منش‌پتر جي اچڻ واري ڏينهن ۽ گھڙيءَ جي سڌ نہ آهي.“ ”منش‌پتر جي موٽي اچڻ واري ڏينهن آڪاش جو راڄ انهيءَ ماڻهوءَ وانگر هوندو جنهن ٻئي ملڪ ڏانهن وڃڻ وقت پنهنجي نوڪرن کي سڏي پنهنجو مال ملڪيت انهن جي حوالي ڪيو. هن هر هڪ کي سندس قابليت موجب رقم ڏني. انهن مان هڪ کي پنج هزار سون جا سڪا ڏنائين، ٻئي کي ٻہ هزار ۽ ٽئين کي هڪ هزار ڏيئي پاڻ مسافريءَ تي هليو ويو. جنهن کي پنج هزار سون جا سڪا مليا، تنهن وڃي هڪدم انهن سان واپار هلايو ۽ ٻيا پنج هزار ڪمايائين. اهڙيءَ طرح جنهن کي ٻہ هزار سون جا سڪا مليا، تنهن بہ ٻيا ٻہ هزار ڪمايا. پر جنهن کي هڪ هزار سون جا سڪا مليا، تنهن زمين ۾ کڏ کوٽي پنهنجي مالڪ جا ڏنل سڪا پوري ڇڏيا. گھڻي وقت گذرڻ کان پوءِ انهن نوڪرن جو مالڪ موٽي آيو ۽ انهن کان حساب وٺڻ لڳو. جنهن نوڪر کي پنج هزار سون جا سڪا مليا هئا، اهو ٻيا بہ پنج هزار کڻي آيو ۽ چيائين تہ ’سائين! اوهان مون کي پنج هزار سون جا سڪا ڏنا هئا. ڏسو، مون انهن مان ٻيا بہ پنج هزار ڪمايا آهن.‘ تنهن تي هن جي مالڪ چيس تہ ’شاباس، نيڪ ۽ وفادار نوڪر! تون ٿوري ۾ ايماندار رهيو آهين، تنهنڪري آءٌ گھڻو ڪجھہ تنهنجي حوالي ڪندس. اچ ۽ منهنجي خوشين ۾ شريڪ ٿيءُ.‘ پوءِ اهو نوڪر آيو جنهن کي ٻہ هزار سون جا سڪا مليا هئا ۽ اچڻ سان چيائين تہ ’سائين! اوهان مون کي ٻہ هزار سون جا سڪا ڏنا هئا. ڏسو، مون انهن مان ٻيا بہ ٻہ هزار ڪمايا آهن.‘ تنهن تي سندس مالڪ چيس تہ ’شاباس، نيڪ ۽ وفادار نوڪر! تون ٿوري ۾ ايماندار رهيو آهين، تنهنڪري آءٌ گھڻو ڪجھہ تنهنجي حوالي ڪندس. اچ ۽ منهنجي خوشين ۾ شريڪ ٿيءُ.‘ پوءِ اهو نوڪر اندر آيو جنهن کي هڪ هزار سون جا سڪا مليا هئا ۽ اچي چيائين تہ ’سائين! مون کي سڌ هئي تہ اوهين سخت ماڻهو آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهين اهو لڻندا آهيو جيڪو پوکيندا ئي نہ آهيو ۽ اهو گڏ ڪندا آهيو جيڪو ڇٽيندا ئي نہ آهيو. تنهنڪري مون کي ڊپ ٿيو، سو مون وڃي اوهان جا ڏنل هڪ هزار سون جا سڪا زمين ۾ پوري ڇڏيا. سو هي اٿوَ، اوهان جا سڪا.‘ تنهن تي سندس مالڪ چيو تہ ’اي بڇڙا ۽ سست نوڪر! جڏهن تو کي اها بہ سڌ هئي تہ آءٌ اهو لڻندو آهيان جيڪو پوکيندو ئي نہ آهيان ۽ اهو گڏ ڪندو آهيان جيڪو ڇٽيندو ئي نہ آهيان، تہ پوءِ تو کي گھربو هو تہ منهنجا سڪا ڪنهن بئنڪ ۾ رکين ها ۽ جڏهن آءٌ موٽي اچان ها تہ اهي سڪا منافعي سميت واپس وٺان ها.‘ پوءِ مالڪ حڪم ڏنو تہ ’هن کان اهو هڪ هزار بہ کسي ڏهن هزارن واري نوڪر کي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ جنهن ڪجھہ ڪمايو آهي تنهن کي وڌيڪ ڏنو ويندو، تہ جيئن وٽس گھڻو ٿي پوي. پر جنهن ڪجھہ بہ نہ ڪمايو آهي، تنهن کان اهو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آهي. اوهين هن بيڪار نوڪر کي ڌِڪا ڏيئي ٻاهر اونداهيءَ ۾ اڇلايو، جتي هو روئي رڙي ۽ پنهنجي حال تي پنهنجا ڏند ڪرٽي.‘“ ”جڏهن منش‌پتر پنهنجي شان وَ شوڪت سان ايندو ۽ سڀ دوت ساڻس گڏ هوندا، تڏهن هو راجا جي حيثيت سان پنهنجي تيج واري تخت تي ويهندو ۽ سڀني قومن جا ماڻهو سندس اڳيان حاضر ڪيا ويندا. پوءِ هو انهن کي ٻن ٽولن ۾ ورهائيندو، جيئن ريڍار پنهنجي ڌڻ مان رڍن کي ٻڪرين کان ڌار ڪندو آهي. هو رڍن يعني نيڪن کي پنهنجي ساڄي پاسي بيهاريندو ۽ ٻڪرين يعني ٻين کي پنهنجي کاٻي پاسي. پوءِ راجا پنهنجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوهين جيڪي منهنجي پتا جي طرفان سڀاڳا آهيو، سي اچو ۽ منهنجي راڄ‌ڀاڳ ۾ رهو، جيڪو سنسار جي رچنا کان وٺي اوهان جي لاءِ ميراث طور تيار ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ بکايل هئس تہ اوهان مون کي کارايو، آءٌ اڃايل هئس تہ اوهان مون کي پيئاريو، آءٌ پرديسي هئس تہ اوهان مون کي پنهنجي گھر ۾ رهايو، آءٌ اگھاڙو هئس تہ اوهان مون کي ڪپڙا پهرايا، آءٌ بيمار هئس تہ اوهان منهنجي سار سنڀال ڪئي، آءٌ قيد ۾ هئس تہ اوهان منهنجي ملاقات ڪئي.‘ تنهن تي اهي نيڪ کيس چوندا تہ ’اي پرڀو! ڪڏهن اسان اوهان کي بکايل ڏسي کارايو يا اڃايل ڏسي پيئاريو؟ ڪڏهن اسان اوهان کي پرديسي ڏسي پنهنجي گھر ۾ رهايو يا اگھاڙو ڏسي ڪپڙا پهرايا؟ ڪڏهن اسان اوهان کي بيمار يا قيد ۾ ڏسي اوهان جي ملاقات ڪئي؟‘ راجا جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان منهنجي ڪنهن گھٽ کان گھٽ پوئلڳ سان بہ اهڙو ڪم ڪيو، تہ اهو ڄڻ اوهان مون سان ئي ڪيو.‘ پوءِ هو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اي لعنتيؤ! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو ۽ وڃي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ ۾ پئو، جيڪا شيطان ۽ سندس دوتن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي، ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ بکايل هئس تہ اوهان مون کي نہ کارايو، آءٌ اڃايل هئس تہ اوهان مون کي نہ پيئاريو، آءٌ پرديسي هئس تہ اوهان مون کي پنهنجي گھر ۾ نہ رهايو، آءٌ اگھاڙو هئس تہ اوهان مون کي ڪپڙا نہ پهرايا، آءٌ بيمار ۽ قيد ۾ هئس تہ اوهان منهنجي ڪا سار ڪانہ لڌي.‘ پوءِ اهي بہ کيس چوندا تہ ’اي پرڀو! ڪڏهن اسان اوهان کي بکايل، اڃايل، پرديسي، اگھاڙو، بيمار يا قيد ۾ ڏٺو جو اسان اوهان جي مدد نہ ڪئي؟‘ تنهن تي راجا جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جڏهن اوهان منهنجي ڪنهن گھٽ کان گھٽ پوئلڳ جي بہ مدد کان انڪار ڪيو تڏهن ڄڻ اوهان منهنجي مدد کان انڪار ڪيو.‘“ يسوع وڌيڪ چيو تہ ”سو اهڙن ماڻهن کي هميشہ واري سزا ملندي، جڏهن تہ نيڪن کي امر جيون.“ جڏهن يسوع هي سڀ ڳالهيون ٻڌائي چڪو تہ هن پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”اوهين ڄاڻو ٿا تہ ٻن ڏينهن کان پوءِ فصح جو تهوار ايندو. ڏسو، تڏهن منش‌پتر کي ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس سوليءَ تي چاڙهي ماري ڇڏيندا.“ هوڏانهن سردار ڪاهن ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس ڪائفا نالي وڏي سردار ڪاهن جي گھر ۾ اچي گڏ ٿيا. هنن يسوع کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائڻ لاءِ پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي، پر چيائون تہ ”تهوار جي ڏينهن ائين نہ ڪريون متان ماڻهن ۾ وڳوڙ پئجي وڃي.“ يسوع بيت‌عنياہ ۾ ڪوڙهہ جهڙي مرض واري شمعون جي گھر ۾ موجود هو. اتي جڏهن هو رسوئي کائي رهيو هو تہ هڪ ناري وٽس آئي جنهن کي سنگمرمر جي هڪ عطردانيءَ ۾ تمام قيمتي عطر هو. هن اهو يسوع جي مٿي تي هاريو. چيلا هي ڏسي ڪاوڙيا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هي زيان ڇو ڪيو ويو؟ هي عطر وڏيءَ رقم ۾ وڪامجي سگھيو ٿي ۽ اهي پئسا غريبن کي ڏجن ها.“ يسوع سندن اها ڳالهہ ٻڌي چيو تہ ”اوهين هن ناريءَ کي ڇو ٿا ستايو؟ هن منهنجي لاءِ تمام سٺو ڪم ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ غريب تہ اوهان وٽ هميشہ آهن پر آءٌ اوهان سان هميشہ نہ هوندس. سو جڏهن هن منهنجي شرير تي عطر هاريو، ڄڻ تہ هن مون کي دفنائڻ لاءِ تيار ڪيو. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ سڄي سنسار ۾ جتي بہ آڪاش جي راڄ واري خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو ويندو، اتي هن ناريءَ جي يادگيريءَ ۾ سندس ڪيل هن ڪم جو ذڪر بہ ڪيو ويندو.“ پوءِ يسوع جي ٻارهن چيلن مان هڪڙو جنهن کي يهوداہ اسڪريوتي چوندا هئا سو سردار ڪاهنن وٽ ويو ۽ کين چيائين تہ ”جيڪڏهن آءٌ يسوع کي پڪڙائڻ ۾ اوهان جي مدد ڪريان تہ پوءِ اوهين مون کي ڇا ڏيندا؟“ تنهن تي انهن کيس چانديءَ جا ٽيهہ سڪا ڳڻي ڏنا. ان کان پوءِ يهوداہ اهڙي موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳو تہ جيئن يسوع کي پڪڙائي. بي‌خميري روٽيءَ جي تهوار جي پهرئين ڏينهن تي چيلن اچي يسوع کان پڇيو تہ ”اوهين فصح جي تهوار واري رسوئي ڪٿي کائڻ پسند ڪندا، تہ جيئن اسين وڃي تياري ڪريون؟“ يسوع هنن کي چيو تہ ”يروشلم شهر ۾ فلاڻي ماڻهوءَ وٽ وڃو ۽ منهنجي لاءِ کيس ٻڌايو تہ ’گرو چوي ٿو تہ سندس وقت اچي ويجھو ٿيو آهي. هو پنهنجي چيلن سميت فصح جو تهوار اوهان جي گھر ۾ ملهائيندو.‘“ چيلن ائين ئي ڪيو جيئن يسوع کين چيو هو ۽ فصح جي تهوار واري رسوئيءَ جي تياري ڪيائون. جڏهن شام ٿي تہ يسوع پنهنجي ٻارهن چيلن سميت رسوئي کائڻ لاءِ اچي ويٺو. رسوئي کائيندي يسوع چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهان مان هڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“ چيلا ڏاڍا غمگين ٿي ويا ۽ هڪٻئي پٺيان يسوع کان پڇڻ لڳا تہ ”اي پرڀو! اهو آءٌ تہ نہ هوندس نہ؟“ تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”مون سان گڏ ٿالهيءَ مان گرهہ ٻوڙيندڙ ئي مون کي پڪڙائيندو. منش‌پتر تہ ائين ئي مرندو، جيئن پوِتر شاستر ۾ اڳڪٿي ڪئي ويئي آهي. پر حيف آهي ان تي جيڪو منش‌پتر کي پڪڙائيندو. ان ماڻهوءَ لاءِ اهو بهتر هو تہ هو سنسار ۾ اصل ڄائي ئي نہ ها.“ دغاباز يهوداہ ڳالهايو ۽ پڇيائين تہ ”اي گرو! اهو آءٌ تہ نہ هوندس نہ؟“ يسوع وراڻيو تہ ”اهو تہ تون پاڻ ئي ٿو ڄاڻين.“ جڏهن هو کائين پيا تہ يسوع روٽي کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ چيلن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، هي منهنجو شرير آهي.“ پوءِ هن مئي جو پيالو کڻي شڪر ڪري انهن کي ڏيندي چيو تہ ”اوهين سڀيئي هن مان پيئو. هي منهنجو رت آهي، جيڪو گھڻن ئي جي پاپن جي معافيءَ لاءِ وهائجي ٿو ۽ جنهن سان ايشور جو وچن ٻڌجي ٿو. آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ آءٌ وري مئي نہ پيئندس، بلڪ پنهنجي پتا جي راڄ ۾ اوهان سان گڏ نئين مئي ئي پيئندس.“ پوءِ هنن زبور ڳايو ۽ يروشلم کان نڪري زيتون جي ٽڪر ڏانهن روانا ٿي ويا. پوءِ يسوع انهن کي چيو تہ ”اڄ رات اوهين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، جيئن پوِتر شاستر ۾ ايشور فرمائي ٿو تہ ’آءٌ ريڍار کي ماريندس ۽ ڌڻ جون رڍون ٽڙي پکڙي وينديون.‘ تنهن هوندي بہ آءٌ پنهنجي جيوت ٿيڻ کان پوءِ اوهان کان اڳي ئي گليل ڏانهن ويندس.“ تنهن تي پطرس ڳالهايو ۽ يسوع کي چيائين تہ ”توڙي جو ٻيا سڀ اوهان کي ڇڏي وڃن، تڏهن بہ آءٌ اوهان کي هرگز ڇڏي نہ ويندس.“ يسوع هن کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ اڄ رات ئي ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ پر پطرس وراڻيو تہ ”آءٌ ائين ڪڏهن بہ نہ چوندس تہ آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان، توڙي جو مون کي اوهان سان گڏ مرڻو پوي.“ ٻين سڀني چيلن بہ اهڙيءَ طرح اقرار ڪيو. پوءِ يسوع پنهنجي چيلن سان گڏجي گتسمني نالي باغ ۾ آيو. اتي پهچي هن کين چيو تہ ”اوهين هتي ويهي رهو تہ آءٌ هُتي وڃي پرارٿنا ڪريان.“ هو پطرس سان گڏ زبديءَ جي ٻن پٽن يعقوب ۽ يوحنا کي پاڻ سان وٺي ويو. اتي هو ڏاڍو غمگين ۽ پريشان ٿيڻ لڳو. سو کين چيائين تہ ”آءٌ ايترو تہ غمگين ٿي پيو آهيان جو منهنجي دل ٽٽڻ تي آهي. اوهين هتي ترسو ۽ مون سان گڏ جاڳندا رهو.“ يسوع ٿورو پرڀرو ويو ۽ پاڻ کي منهن ڀر ڪيرائي پرارٿنا ڪرڻ لڳو تہ ”اي منهنجا پتا! جيڪڏهن ٿي سگھي تہ هي پيالو مون تان ٽاريو وڃي، تنهن هوندي بہ منهنجي نہ پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“ پوءِ هو ٽنهي چيلن وٽ موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ اهي سمهيا پيا آهن. تنهن تي هن پطرس کي چيو تہ ”ڇا اوهين هڪڙي گھڙي بہ مون سان گڏ جاڳي نہ پيا سگھو؟ جاڳندا رهو ۽ پرارٿنا ڪندا رهو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو. بيشڪ دل تہ چاهي ٿي پر شرير ۾ ايتري طاقت ناهي.“ يسوع ٻيهر پري ويو ۽ پرارٿنا ڪيائين تہ ”اي منهنجا پتا! جيڪڏهن هي پيالو منهنجي پيئڻ کان سواءِ ٽري نہ ٿو سگھي تہ پوءِ ڀلي تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“ پوءِ هو موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ هو وري ستا پيا آهن، ڇو تہ اهي اکيون بہ نہ پيا پٽي سگھن. وري بہ يسوع انهن کي ڇڏي ويو ۽ ٽيون دفعو بہ پرارٿنا ڪري اهي ساڳيا لفظ چيائين. پوءِ هو چيلن وٽ موٽي آيو ۽ کين چيائين تہ ”اوهين اڃا تائين سمهي آرام پيا ڪريو! ڏسو، اها گھڙي اچي پهتي آهي جو منش‌پتر پاپين جي حوالي ڪيو وڃي. اُٿو، هلي ڏسو، مون کي پڪڙائڻ وارو ويجھو اچي پهتو آهي.“ يسوع اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ سندس ٻارهن چيلن مان يهوداہ اسڪريوتيءَ نالي چيلو آيو ۽ هن سان گڏ ماڻهن جو هڪڙو وڏو ٽولو تلوارن ۽ لٺين سان هو، جنهن کي سردار ڪاهنن ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن موڪليو هو. انهيءَ دغاباز هنن کي اها نشاني سمجھائي هئي تہ ”جنهن ماڻهوءَ کي آءٌ چمي ڏيان سو ئي يسوع هوندو ۽ اوهين کيس پڪڙجو.“ سو هو پهچڻ شرط سڌو يسوع وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”اي گرو! نمسڪار.“ پوءِ کيس چمي ڏنائين. تنهن تي يسوع چيس تہ ”ميان! جنهن ڪم لاءِ آيو آهين، سو جلدي ڪري وٺ.“ تڏهن انهن ماڻهن اڳتي وڌي يسوع کي پڪڙي قابو ڪيو. تنهن تي يسوع جي ساٿين مان هڪڙي سٽ ڏيئي پنهنجي تلوار ڪڍي وڏي سردار ڪاهن جي نوڪر کي هنئي ۽ سندس ڪن ڪپي وڌائين. تڏهن يسوع انهيءَ کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار مياڻ ۾ وجھہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪي بہ تلوار ٿا هلائين سي تلوار سان ئي ماريا وڃن ٿا. تون نہ ٿو ڄاڻي ڇا تہ آءٌ پنهنجي پتا کي وينتي ڪري ٿو سگھان تہ هو هينئر ئي منهنجي مدد لاءِ ٻارهن لشڪرن کان بہ مٿي دوت موڪلي ڏئي؟ پر انهيءَ صورت ۾ پوِتر شاستر جي لکت ڪيئن پوري ٿيندي، جنهن ۾ لکيل آهي تہ هيئن ضرور ٿيندو؟“ پوءِ يسوع انهن ماڻهن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل آهيان جو اوهين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ آيا آهيو؟ هيڪل ۾ ويهي آءٌ روزانو سکيا ڏيندو هئس، پر اتي تہ اوهان مون کي ڪڏهن بہ نہ پڪڙيو. پر اهو سڀ انهيءَ لاءِ ٿي رهيو آهي تہ جيئن جيڪي ڪجھہ سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي، سو پورو ٿئي.“ تڏهن سڀيئي چيلا يسوع کي ڇڏي ڀڄي ويا. جن يسوع کي پڪڙيو هو سي کيس يروشلم ۾ ڪائفا نالي وڏي سردار ڪاهن جي گھر وٺي آيا، جتي نيم شاستري ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا هئا. پطرس جيڪو انهن جي پٺيان پٺيان پئي آيو، سو بہ وڏي سردار ڪاهن جي گھر جي اڱڻ ۾ گھڙي پهريدارن سان گڏ ويهي رهيو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن هو ڏسي تہ آخر ٿئي ڇا ٿو. سردار ڪاهنن بلڪ يهودين جي سڄيءَ پئنچائت ڪوشش پئي ڪئي تہ يسوع جي خلاف ڪا ڪوڙي شاهدي هٿ ڪن، تہ جيئن کيس موت جي سزا ڏيارين. جيتوڻيڪ ڪيترائي ڪوڙا شاهد اچي گڏ ٿيا، تڏهن بہ انهن کي ڪا شاهدي ملي نہ سگھي. آخرڪار هڪڙا ٻہ شخص آيا ۽ چوڻ لڳا تہ ”اسان هن ماڻهوءَ کي اهو چوندي ٻڌو آهي تہ ’آءٌ ايشور جي هيڪل ڊاهي سگھان ٿو ۽ ٽن ڏينهن اندر ان کي وري ٺاهي بہ سگھان ٿو.‘“ تنهن تي وڏو سردار ڪاهن اُٿي بيٺو ۽ يسوع کي چيائين تہ ”تون ڳالهائين ڇو نہ ٿو؟ ڇا هنن جي الزامن جي جواب ۾ تو کي ڪجھہ بہ چوڻو نہ آهي؟“ پر يسوع ماٺ ئي رهيو. تڏهن وڏي سردار ڪاهن وري چيس تہ ”آءٌ تو کي جيوت ايشور جو قسم ٿو ڏيان تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ ڇا تون ئي مسيح آهين، ايشور جو پٽ؟“ تنهن تي يسوع وراڻيس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ، بلڪ آءٌ اوهان سڀني کي چوان ٿو تہ هاڻي کان پوءِ اوهين منش‌پتر کي سروِشڪتيوان جي ساڄي پاسي تي ويٺل ڏسندا ۽ کيس آڪاش وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسندا.“ انهيءَ تي وڏي سردار ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”هن شخص ايشور جي نندا ڪئي آهي. بس! هاڻي اسان کي وڌيڪ شاهد نہ کپن، ڇو تہ اوهان پاڻ هن جا ايشور جي نندا وارا لفظ ٻڌا آهن. هاڻ اوهان جو ڪهڙو فيصلو آهي؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”هي ڏوهي آهي، کيس مارڻ کپي.“ پوءِ هنن سندس منهن تي ٿڪون هنيون ۽ کيس ٺونشا هنيائون. ڪن وري کيس چماٽون هڻندي هيئن چيو تہ ”اي مسيح! اسان کي پنهنجي شڪتيءَ سان ٻڌاءِ تہ ڪنهن تو کي ڌڪ هنيو؟“ هوڏانهن پطرس جيڪو ٻاهر اڱڻ ۾ ويٺو هو تنهن کي هڪ نوڪرياڻيءَ اچي چيو تہ ”تون بہ تہ يسوع گليليءَ سان گڏ هئين.“ پر هن انهن سڀني جي روبرو انڪار ڪندي چيو تہ ”آءٌ نہ ٿو سمجھان تہ تون ڇا ٿي چوين پئي.“ پوءِ هو اُٿي ٻاهر ڏيڍيءَ ڏانهن وڃڻ لڳو تہ ٻي نوڪرياڻيءَ هن کي ڏٺو ۽ اتي بيٺل ماڻهن کي چيائين تہ ”هي ماڻهو بہ يسوع ناصريءَ سان گڏ هو.“ پطرس وري بہ انڪار ڪيو ۽ قسم کڻي چيائين تہ ”آءٌ ان ماڻهوءَ کي نہ ٿو سڃاڻان.“ ٿوري دير کان پوءِ اتي بيٺلن بہ اچي پطرس کي چيو تہ ”پڪ سان تون يسوع جي ساٿين مان هڪڙو آهين، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي ڳالهائڻ مان ئي لڳي ٿو تہ تون بہ گليلي آهين.“ تنهن تي پطرس قسم کڻي چيو تہ ”ڪوڙي تي ايشور جي لعنت هجي. آءٌ تہ هن ماڻهوءَ کي سڃاڻان ئي ڪونہ ٿو.“ انهيءَ دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني. تڏهن پطرس کي يسوع جي چيل ڳالهہ ياد اچي ويئي تہ ”ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ پوءِ تہ پطرس ٻاهر وڃي زاروزار روئڻ لڳو. صبح جو سوير ئي سڀيئي سردار ڪاهن ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا ۽ يسوع کي مارائڻ جو منصوبو جوڙي ورتائون. پوءِ هنن يسوع کي ٻڌي وٺي وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيو. دغاباز يهوداہ جڏهن ڏٺو تہ يسوع کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي، تڏهن هن ڏاڍو پڇتايو ۽ چانديءَ جا اهي ٽيهہ سڪا سردار ڪاهنن ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن وٽ موٽائي کڻي ويو. هن کين چيو تہ ”هڪ بي‌قصور منهنجي پڪڙائڻ سبب ماريو ٿو وڃي. اهو مون وڏو پاپ ڪيو آهي.“ پر انهن وراڻيس تہ ”اسان جو ان سان ڪهڙو واسطو؟ اهو تہ تنهنجو ئي ڪم آهي، سو تون ئي ڄاڻ.“ تنهن تي يهوداہ اهي پئسا هيڪل ۾ ئي ڦٽا ڪري هليو ويو ۽ وڃي پاڻ کي ڦاهو ڏنائين. سردار ڪاهنن اهي سڪا کڻي چيو تہ ”هي خون جا پئسا آهن، تنهنڪري انهن پئسن کي هيڪل جي خزاني ۾ وجھڻ جائز نہ آهي.“ سو هنن پاڻ ۾ صلاح ڪري انهن پئسن سان ڪنڀر وارو ميدان خريد ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اتي پرديسين واسطي قبرستان ٺاهين. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڏينهن تائين اها زمين ”خون جو ميدان“ سڏبي آهي. اهڙيءَ طرح سنديش ڏيندڙ سنت يرمياہ جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿيو تہ ”انهن اهي ٽيهہ سڪا کنيا، جيڪي بني اسرائيل وارن سندس مُلهہ طور ڏيڻ لاءِ قبول ڪيا هئا. پوءِ انهن اهي پئسا ڪنڀر جي ميدان لاءِ ڏنا، جيئن پرميشور مون کي حڪم ڏنو هو.“ يسوع کي گورنر پلاطس جي اڳيان پيش ڪيو ويو، جنهن کانئس سوال پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو راجا آهين؟“ يسوع جواب ڏنس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ.“ جڏهن سردار ڪاهنَ ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس مٿس تهمتون هڻڻ لڳا تہ انهن جي جواب ۾ يسوع ڪجھہ بہ نہ چيو. تنهنڪري پلاطس هن کي چيو تہ ”ڇا تون هي سڀ ڳالهيون نہ ٿو ٻڌين جيڪي هي تو تي مڙهين ٿا؟“ پر يسوع جواب ۾ هڪ لفظ بہ نہ ڪڇيو. تنهن تي گورنر ڏاڍو حيران ٿيڻ لڳو. گورنر جو اهو دستور هوندو هو تہ فصح جي تهوار جي موقعي تي هو هڪڙي قيديءَ کي آزاد ڪندو هو، جنهن جي لاءِ رعايا چوندي هئس. انهن ڏينهن ۾ هڪ مشهور ڏوهاري قيد ٿيل هو، جنهن جو نالو برابا هو. پوءِ جڏهن ماڻهو اچي گڏ ٿيا تہ پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”ٻڌايو تہ اوهان جي خاطر آءٌ ڪنهن کي آزاد ڪريان، برابا کي يا يسوع کي، جيڪو مسيح ٿو سڏجي؟“ اهو انهيءَ ڪري پڇيائين جو هن ڄاتو پئي تہ ”سردار ڪاهنن رڳو ساڙ کان يسوع کي قيد ڪري مون وٽ آندو آهي.“ اڃا هو عدالت جي ڪرسيءَ تي ويٺو ئي هو تہ سندس پتنيءَ چوائي موڪليس تہ ”هن نيڪ ماڻهوءَ جي معاملي ۾ هٿ نہ وجھجانءِ، ڇاڪاڻ تہ اڄ خواب ۾ مون هن جي ڪري ڏاڍو ڏک ڏٺو آهي.“ انهيءَ دوران سردار ڪاهنن ۽ پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن خلق کي سمجھايو تہ هو پلاطس کي چون تہ برابا کي آزاد ڪري ۽ يسوع کي موت جي سزا ڏئي. گورنر انهن کان ٻيهر پڇيو تہ ”هنن ٻنهي مان اوهان جي خاطر ڪنهن کي آزاد ڪريان؟“ انهن وراڻيو تہ ”برابا کي!“ تنهن تي پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”پوءِ يسوع کي ڇا ڪريان جيڪو مسيح ٿو سڏجي؟“ انهن سڀني واڪا ڪري چيو تہ ”سوليءَ تي چاڙهيوس.“ تنهن تي پلاطس پڇين تہ ”ڇو، هن ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟“ پر هنن وٺي ڏاڍيون رڙيون ڪيون تہ ”سوليءَ تي چاڙهيوس.“ تنهنڪري جڏهن پلاطس ڏٺو تہ ڪو چارو ئي نہ آهي ۽ اٽلندو فساد ٿو ٿئي، تڏهن ڪجھہ پاڻي کڻي ماڻهن جي اڳيان پنهنجا هٿ ڌوتائين ۽ چيائين تہ ”آءٌ هن ماڻهوءَ جي خون کان آجو آهيان. اها اوهان جي ذميواري آهي.“ سڀني ماڻهن جواب ۾ چيو تہ ”ڀلي تہ هن جي خون جي ذميواري اسان تي ۽ اسان جي اولاد تي هجي.“ پوءِ پلاطس برابا کي انهن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو ۽ سپاهين کي حڪم ڏنائين تہ يسوع کي ڪوڙا هڻي سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻنس. پوءِ اهي سپاهي يسوع کي گورنر جي محلات ۾ وٺي آيا، جتي پنهنجن ٻين ساٿين کي هن جي چوڌاري بيهڻ لاءِ سڏيائون. انهن يسوع جا ڪپڙا لهرايا ۽ هڪڙو لال ڳاڙهو جبو ڍڪايائونس. تنهن کان پوءِ انهن هڪڙو ڪنڊن جو تاج ٺاهي هن جي مٿي تي رکيو ۽ هڪ ڪانو سندس ساڄي هٿ ۾ ڏنائون ۽ پاڻ سڀيئي هن جي اڳيان گوڏا کوڙي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. اهي چون پيا تہ ”نمسڪار، اي يهودين جا راجا!“ پوءِ انهن هن کي ٿڪون هنيون ۽ اهو ئي ڪانو کڻي سندس مٿي تي هڻڻ لڳا. جڏهن اهي ٺٺوليون ڪري چڪا تہ اهو لال ڳاڙهو جبو لهرائي وري کيس ساڳيا ڪپڙا پهرايائون. پوءِ هو کيس ٻاهر وٺي آيا تہ جيئن سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻنس. جڏهن هو يروشلم کان نڪتا پئي ويا تہ انهن کي ڪريني شهر جو هڪڙو ماڻهو مليو جنهن جو نالو شمعون هو. سپاهي انهيءَ تي زور رکي کيس يسوع جي سولي کڻائي هليا. پوءِ هو گُلگُتا نالي هڪڙي جاءِ تي پهتا، جنهن جي معنيٰ آهي ”کوپريءَ جي جاءِ.“ اتي سپاهين يسوع کي ڪؤڙاڻ گڏيل مئي پيئڻ لاءِ ڏني. پر جڏهن هن اها چکي تڏهن پيئڻ کان انڪار ڪيائين. پوءِ هنن کيس سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هنيا. ان کان پوءِ هنن پُکا وجھي سندس ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائي کنيا ۽ اتي ويهي مٿس پهرو ڏيندا رهيا. انهن سوليءَ تي هن جي مٿان هڪڙي تختي پڻ هنئي جنهن تي سندس موت جو اهو سبب لکيائون تہ ”هي يسوع آهي، يهودين جو راجا.“ هنن يسوع سان گڏ انهن ٻن ڌاڙيلن کي بہ سوليءَ تي چاڙهيو، هڪ سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي هو. جيڪي ماڻهو اتان لنگھن پيا سي پنهنجا ڪنڌ ڌوڻي يسوع کي ٺٺوليون ڪندي چون پيا تہ ”تون تہ ٽن ڏينهن ۾ هيڪل پيو ڊاهين ۽ ٺاهين، هاڻي پاڻ کي تہ بچاءِ. جيڪڏهن تون ايشور جو پٽ آهين تہ سوليءَ تان هيٺ لهي تہ ڏيکار.“ ساڳيءَ طرح سردار ڪاهنَ، نيم شاستري ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس بہ هن تي ٺٺوليون ڪندي چوڻ لڳا تہ ”هي تہ ٻين کي پيو بچائي، پر هاڻي پاڻ کي نہ ٿو بچائي سگھي. ڇا اهو آهي بني اسرائيل جو راجا؟ هاڻي سوليءَ تان لهي اچي تہ ڏسون ۽ ان تي وشواس آڻيون. هو ايشور تي ڀروسو رکي ٿو. هاڻي ڏسون تہ ايشور هن کي ڪيئن ٿو بچائي، ڇاڪاڻ تہ هو چوي پيو تہ ’آءٌ ايشور جو پٽ آهيان.‘“ جيڪي ڌاڙيل هن سان گڏ سوليءَ تي چاڙهيا ويا هئا، سي بہ ساڳيءَ طرح کيس گھٽ وڌ ڳالهائين پيا. منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اونداهي ڇانئجي ويئي، جيڪا اٽڪل ٽي بجي تائين هلي. ٽي بجي ڌاري يسوع وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”ايلي! ايلي! لما شبقتني؟“ يعني ”منهنجا ايشور! اي منهنجا ايشور! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟“ جيڪي ماڻهو اتي بيٺا هئا تن مان ڪي سندس اهي لفظ ٻڌي چوڻ لڳا تہ ”هي سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ کي سڏي رهيو آهي.“ انهن مان هڪڙو ماڻهو جلدي ڀڳو ۽ فوم جهڙي هڪ شيءِ کڻي آيو، جيڪا سادي مئي سان ڀري لڪڙي جي چوٽيءَ تي ٻڌي يسوع کي پيئڻ لاءِ ڏنائين. پر ٻين کيس چيو تہ ”ترس، ڏسون تہ ايلياہ هن کي بچائڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ.“ تڏهن يسوع وري وڏي رڙ ڪئي ۽ دم ڏنائين. انهيءَ دم هيڪل جو پوِتر ترين جاءِ وارو پردو مٿي کان وٺي هيٺ تائين ٻن حصن ۾ چيرجي ويو. ڌرتي ڌڏي ويئي، ڏونگر ڏري پيا ۽ قبرون ڦاٽي پيون. پوءِ ڪيترائي ايشور ڀڳت ماڻهو جيڪي مري ويا هئا، سي جيوت ٿي قبرن مان ٻاهر نڪري يسوع جي ٻيهر جيوت ٿيڻ کان پوءِ پوِتر شهر يروشلم ۾ اچي داخل ٿيا ۽ گھڻن ئي ماڻهن کين ڏٺو. فوجي صوبيدار ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ يسوع تي پهرو ڏيئي رهيا هئا، تن جڏهن زلزلو ۽ ٻيو ڪجھہ ٿيندي ڏٺو تہ ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”بيشڪ هيءُ ماڻهو ايشور جو پٽ هو.“ اتي ڪيتريون ئي ناريون بہ هيون، جيڪي گليل علائقي کان يسوع جي سيوا ڪنديون ساڻس گڏجي آيون هيون، سي پڻ پري کان ڏسي رهيون هيون. انهن ۾ مريم مگدليني، يعقوب ۽ يوسف جي ماتا مريم ۽ زبديءَ جي پتني جيڪا يعقوب ۽ يوحنا جي ماتا هئي سي پڻ شامل هيون. جڏهن شام ٿي تہ يوسف نالي يسوع جو هڪ چيلو اچي پهتو، جيڪو ارمٿيا جو رهاڪو ۽ شاهوڪار ماڻهو هو. هن گورنر پلاطس جي درٻار ۾ وڃي کانئس يسوع جو لاش گھريو. پلاطس حڪم ڏنو تہ ”يسوع جو لاش کيس ڏنو وڃي.“ پوءِ يوسف لاش ورتو ۽ انهيءَ کي هڪڙي اُچي صاف سٿري ڪفن ۾ ويڙهي کڻي وڃي اُن غار نموني قبر ۾ رکيائين، جيڪا هن ٽڪر ۾ پنهنجي لاءِ تازو کوٽائي هئي. پوءِ هڪڙو وڏو پٿر ريڙهي قبر جي منهن تي ڏنائين ۽ پاڻ هليو ويو. مريم مگدليني ۽ اها ٻي مريم اچي قبر جي سامهون ويهي رهيون. تياريءَ جي ڏينهن کان پوءِ ٻئي ڏينهن تي سردار ڪاهن ۽ فريسي گڏجي پلاطس وٽ ويا ۽ چيائونس تہ ”سائين! اسان کي ياد آهي تہ هو ٺڳ جڏهن اڃا جيوت هو تہ چوندو هو تہ ’آءٌ ٽن ڏينهن کان پوءِ وري جيوت ٿي اٿندس.‘ تنهنڪري اوهين حڪم جاري ڪريو تہ ٽن ڏينهن تائين قبر تي پهرو ڏنو وڃي، متان هن جا چيلا سندس لاش چورائي وڃن ۽ پوءِ ماڻهن کي چون تہ هو مئلن مان وري جيوت ٿي اٿيو آهي. سو متان هيءَ پوئين ٺڳي پهرينءَ کان بہ وڌيڪ خراب نہ ثابت ٿئي.“ تنهن تي پلاطس انهن کي چيو تہ ”پوءِ پهريدار وٺي وڃو ۽ ايتري سخت چوڪسي ڪريو جيتري ڪري سگھو.“ پوءِ هو پهريدارن کي ساڻ ڪري قبر تي ويا ۽ قبر جي منهن تي ڏنل پٿر تي مُهر هڻي اتي پهرو بيهاريائون. سبت جي ڏينهن کان پوءِ جڏهن آچر جي پرهہ ڦٽڻ لڳي تہ مريم مگدليني ۽ ٻي مريم قبر ڏانهن ويون. ايتري ۾ ڏاڍو زوردار زلزلو آيو ۽ پرميشور جو هڪڙو دوت آڪاش مان هيٺ لٿو ۽ قبر جي منهن واري پٿر کي پاسي تي ريڙهي مٿس چڙهي ويٺو. هن جو روپ کِنوڻ جهڙو تجليدار هو ۽ سندس پوشاڪ اڇي چمڪدار هئي. پهريدار کانئس اهڙا تہ ڊنا جو ڏڪندي ڏڪندي ڌرتيءَ تي ڪري پيا ۽ مُڙدن وانگر پئجي رهيا. انهيءَ دوت نارين کي چيو تہ ”اوهين نہ ڊڄو. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين يسوع کي ڳولي رهيون آهيو، جيڪو سوليءَ تي چاڙهيو ويو هو. هو هتي ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ جيئن هن چيو هو تيئن ئي هو جيوت ٿي اٿيو آهي. هيڏانهن اچو ۽ اها جاءِ ڏسو جتي هو پيل هو. پوءِ جلدي وڃي هن جي چيلن کي ٻڌايو تہ ’هو مئلن مان جيوت ٿي اٿيو آهي ۽ اوهان کان اڳي ئي گليل ڏانهن وڃي رهيو آهي. اتي اوهين کيس ڏسندا.‘ ڏسو، مون اوهان کي سڀ ڪجھہ ٻڌائي ڇڏيو آهي.“ تڏهن هنن اها جاءِ ڏٺي ۽ پوءِ ڊپ ۽ گھڻي خوشيءَ وچان قبر کان جلدي روانيون ٿي يسوع جي چيلن کي ٻڌائڻ لاءِ ڊوڙنديون ٿي ويون تہ اوچتو ئي يسوع انهن سان مليو ۽ چيائين تہ ”نمسڪار.“ تڏهن انهن اڳتي وڌي سندس پيرن تي ڪري هن آڏو سيس نوايو. يسوع کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، وڃو ۽ منهنجي چيلن کي وڃي ٻڌايو تہ هو گليل ڏانهن هلن. اتي هو مون کي ڏسندا.“ اهي ناريون اڃا رستي ۾ ئي هيون تہ هوڏانهن پهريدار جن قبر تي پهرو پئي ڏنو، تن مان ڪي موٽي شهر ڏانهن آيا ۽ جيڪي ڪجھہ ٿيو هو سو سڀ اچي سردار ڪاهنن کي ٻڌايائون. تڏهن سردار ڪاهنن يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن سان ملي صلاح ڪري سپاهين کي جھجھا پئسا رشوت ڏنا تہ جيئن اهي چون تہ ”جڏهن رات جو اسين سمهيا پيا هئاسين تڏهن يسوع جا چيلا آيا ۽ سندس لاش چورائي کڻي ويا.“ هنن سپاهين کي دلجاءِ ڏيندي چيو تہ ”جيڪڏهن اها ڳالهہ گورنر جي ڪن تي پئجي ويئي تہ بہ اسين پاڻيهي هن کي سمجھائينداسين. سو اوهان کي ڪنهن بہ ڳالهہ جو خوف ڪرڻ نہ گھرجي.“ تڏهن پهريدارن پئسا وٺي اها ڳالهہ ڪئي جيڪا کين سيکاري ويئي هئي. ان ئي ڏينهن کان وٺي اها سيکاريل ڳالهہ يهودين ۾ پکڙجي ويئي آهي ۽ اڃا تائين مشهور آهي. تڏهن يارهن ئي چيلا گليل علائقي ڏانهن ويا ۽ انهيءَ جبل تي گڏ ٿيا جتي يسوع وڃڻ لاءِ چيو هئن. اتي جڏهن انهن يسوع کي ڏٺو تہ هن جي اڳيان سيس نوايائون، جيتوڻيڪ ڪن کي شڪ بہ هو. يسوع چيلن جي ويجھو اچي کين چوڻ لڳو تہ ”مون کي ڌرتيءَ ۽ آڪاش تي پورو اختيار ڏنو ويو آهي. تنهنڪري اوهين سڀني قومن وٽ وڃو ۽ انهن کي منهنجا پوئلڳ بڻايو. انهن کي پتا، پٽ ۽ پوِتر آتما جي نالي تي بپتسما ڏيو ۽ کين سکيا ڏيو تہ انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن جن جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي. يقين ڪريو تہ آءٌ سنسار جي پڄاڻيءَ تائين هميشہ اوهان سان هوندس.“ ايشور جي پٽ يسوع مسيح بابت خوشخبري هن ريت شروع ٿئي ٿي. سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ايشور چيو تہ ’ڏس، آءٌ پنهنجي سنديش ڏيندڙ کي تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو، تہ هو تنهنجي لاءِ رستو تيار ڪري.‘ هاڻي رڻ‌پٽ ۾ انهيءَ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ ’پرڀوءَ لاءِ رستو تيار ڪريو، هن جي لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.‘“ تنهنڪري ئي تہ يوحنا رڻ‌پٽ ۾ ظاهر ٿيو هو. هو ماڻهن کي بپتسما ڏئي پيو ۽ پرچار ڪري پيو تہ ”پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو تہ ايشور اوهان جا پاپ معاف ڪري ڇڏي.“ تڏهن يهوديہ صوبي، بلڪ ان جي شهر يروشلم جا بہ تمام گھڻا ماڻهو نڪري يوحنا وٽ آيا. انهن پنهنجا پاپ پئي باسيا ۽ هن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني. يوحنا کي اُٺ جي وارن جا ڪپڙا پاتل هوندا هئا ۽ چيلهہ سان چمڙي جو پٽو ٻڌل هوندو هئس. هو ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي کائيندو هو. يوحنا ماڻهن ۾ پرچار ڪندو هو تہ ”منهنجي پٺيان هڪ اهڙو ماڻهو ٿو اچي جنهن جهڙو آءٌ ڪين آهيان، ڇو تہ هو شڪتيءَ وارو آهي. آءٌ انهيءَ لائق بہ نہ آهيان جو نِوڙي سندس جتيءَ جون ڪهيون کوليان. آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيان ٿو پر هو اوهان کي پوِتر آتما سان بپتسما ڏيندو.“ انهن ڏينهن ۾ يسوع گليل جي ڳوٺ ناصرت کان يوحنا وٽ آيو ۽ يوحنا کيس اردن درياءَ ۾ بپتسما ڏني. جيئن ئي يسوع پاڻيءَ مان ٻاهر نڪتو تہ کيس آڪاش کُليل نظر آيو ۽ پوِتر آتما کي ڪبوتر وانگر پاڻ تي لهندو ڏٺائين. تڏهن آڪاش مان هڪ آواز آيو تہ ”تون منهنجو پيارو پٽ آهين ۽ آءٌ تو مان ڏاڍو خوش آهيان.“ پوءِ جلد ئي پوِتر آتما يسوع کي رڻ‌پٽ ڏانهن ڇڪي ويو، جتي يسوع کي چاليهن ڏينهن تائين شيطان آزمائيندو رهيو. اتي هن جھنگلي جانورن جي وچ ۾ پئي گذاريو ۽ دوتن سندس سيوا پئي ڪئي. يوحنا جي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ يسوع گليل علائقي ۾ موٽي آيو ۽ ايشور جي خوشخبريءَ جو پرچار ڪرڻ لڳو تہ ”وقت اچي ڀريو آهي ۽ ايشور جو راڄ ويجھو آيو آهي، سو توبهہ ڪريو ۽ انهيءَ خوشخبريءَ تي وشواس آڻيو.“ جيئن يسوع گليل ڍنڍ جي ڪناري سان وڃي رهيو هو تہ کيس ٻہ مهاڻا شمعون ۽ سندس ڀاءُ اندرياس نظر آيا، جن ڍنڍ ۾ ڄار پئي وڌا. يسوع انهن کي چيو تہ ”اچو ۽ منهنجي پٺيان هلو تہ آءٌ اوهان کي مڇين بدران ماڻهو هٿ ڪرڻ سيکاريان.“ سو هو هڪدم ڄار ڦٽا ڪري سندس پٺيان هلڻ لڳا. ٿورو اڳڀرو هليو تہ هن زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا کي ٻيڙيءَ ۾ ڄارن جي مرمت ڪندي ڏٺو. هنن کي ڏسندي ئي يسوع کين سڏ ڪيو تہ انهن پنهنجي پتا کي ٻيڙيءَ ۾ مزدورن سان ڇڏي ڏنو ۽ پاڻ يسوع جي پٺيان هلڻ لڳا. پوءِ يسوع پنهنجي انهن چيلن سميت ڪفرناحوم شهر ۾ آيو جتي سبت جي ڏينهن تي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي سکيا ڏيڻ لڳو. ماڻهو هن جي سکيا تي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ هن انهن کي نيم شاسترين وانگر نہ، بلڪ ائين پئي سکيا ڏني جيئن ڪو اختيار وارو ڳالهائي. ايتري ۾ ڀوت ورتل هڪڙو ماڻهو ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ رڙيون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”اي يسوع ناصري! تنهنجو اسان سان ڪهڙو واسطو آهي؟ تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آهين ڇا؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آهين. بيشڪ تون ايشور جي هڪ پوِتر هستي آهين.“ پر يسوع هن کي دڙڪو ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر، هن مان نڪري وڃ.“ تڏهن ڀوت ماڻهوءَ کي خوب جھنجھوڙيو ۽ زور سان رڙ ڪندي هن مان نڪري ويو. تنهن تي سڀ ماڻهو ايترو تہ حيران ٿي ويا جو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي آهي ڇا؟ هيءَ تہ نئين سکيا آهي. هيءَ تہ وڏي اختياري آهي. هو ڀوتن کي بہ حڪم ٿو ڏئي ۽ اهي کيس مڃين ٿا.“ جلد ئي هن جي هاڪ گليل جي سڄي علائقي ۾ جتي ڪٿي پکڙجي ويئي. ان کان پوءِ يسوع ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نڪري يعقوب ۽ يوحنا سميت شمعون ۽ اندرياس سان گڏ سندن گھر آيو. ان وقت شمعون جي سس بخار سبب بستري تي پيئي هئي. سو جيئن ئي يسوع اتي پهتو تہ کيس هن جي بيماريءَ بابت ٻڌايائون. يسوع هن وٽ ويو ۽ کيس هٿ کان وٺي اٿاري ويهاريائين تہ انهيءَ دم سندس بخار لهي ويو ۽ هوءَ سندن سيوا ڪرڻ لڳي. جڏهن سانجھي ٿي ۽ سج لهي ويو تہ ماڻهن ڪيترائي بيمار ۽ ڀوتن ورتل ماڻهو يسوع وٽ آندا. سڄو شهر دروازي تي اچي مڙيو. يسوع ڪيترن ئي بيمارن کي مختلف مرضن کان ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو ۽ ڪيترن مان ڀوت ڪڍيائين. هن ڀوتن کي ڳالهائڻ جي آگيا ئي نہ ڏني، ڇاڪاڻ تہ اهي يسوع کي سڃاڻن پيا تہ هو ڪير آهي. صبح جو سوير بلڪل اوندهہ ۾ ئي يسوع اُٿي ٻاهر نڪري ويو ۽ هڪڙي نويڪلي جاءِ تي وڃي پرارٿنا ڪيائين. شمعون ۽ هن جا ساٿي يسوع کي ڳولڻ نڪتا ۽ جڏهن هنن کيس ڏٺو تہ چيائونس تہ ”هر ڪو اوهان کي ڳولي رهيو آهي.“ پر يسوع کين چيو تہ ”هلو تہ ڪن ٻين ڀر وارن شهرن ۾ هلون، تہ جيئن اتي بہ آءٌ پرچار ڪريان، ڇو تہ انهيءَ لاءِ ئي آءٌ آيو آهيان.“ پوءِ هو گليل جي پوري علائقي جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ وڃي پرچار ڪرڻ لڳو ۽ ماڻهن مان ڀوت ڪڍڻ لڳو. ڪوڙهہ جهڙي مرض وارو هڪڙو ماڻهو يسوع وٽ آيو ۽ گوڏن ڀر ويهي کيس منٿ ڪندي چيائين تہ ”جيڪڏهن اوهين چاهيو تہ مون کي ڇٽائي پوِتر ڪري سگھو ٿا.“ يسوع کي هن تي ديا آئي، سو پنهنجو هٿ انهيءَ ماڻهوءَ تي رکندي چيائينس تہ ”آءٌ چاهيان ٿو تہ تون ڇٽي پوِتر ٿيءُ.“ تڏهن هڪدم هن کان ڪوڙهہ جهڙو مرض لهي ويو ۽ هو ڇٽي پوِتر ٿي پيو. تڏهن يسوع هڪدم کيس روانو ڪندي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”متان ڪنهن کي ڪجھہ ٻڌايو اٿيئي، بلڪ سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ پوءِ موسيٰ جي نيم موجب ٻليدان ڪج، تہ جيئن اها شاهدي ٿئي تہ تون ڇٽي پوِتر ٿي پيو آهين.“ پر هن وڃي اها ڳالهہ جتي ڪٿي ٻڌائي ڇڏي، جيڪا ايتري تہ پکڙجي ويئي جو پوءِ يسوع ڪنهن بہ شهر ۾ کُليءَ طرح داخل ٿي نہ سگھيو. پر هو ٻاهر ويران جاين ۾ ٿي رهيو جتي سڀني هنڌن کان ماڻهو وٽس پئي آيا. ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ يسوع وري ڪفرناحوم ۾ موٽي آيو. سندس گھر اچڻ جي خبر چوڌاري پکڙجي ويئي. سو ايترا تہ ماڻهو اچي مڙيا جو دروازي تي بہ بيهڻ جي جاءِ ڪانہ هئي. جڏهن يسوع انهن کي سنديش پئي ڏنو تہ ڪي ماڻهو هڪ اڌرنگيءَ شخص کي چئن ماڻهن هٿان کٽولي تي کڻائي ڏانهس آيا. جيئن تہ سخت ڀيڙ جي ڪري هو اندر اچي نہ سگھيا، سو جنهن جاءِ ۾ يسوع ويٺل هو، تنهن جي ڇت کي ڦاڙ ڪيائون. جڏهن ڦاڙ ويڪرو ٿيو تہ هنن کٽولو، جنهن تي اڌرنگي پيل هو سو هيٺ لاٿو. يسوع انهن جو ايڏو وشواس ڏسي انهيءَ اڌرنگي شخص کي چيو تہ ”پٽ! تنهنجا پاپ معاف ڪيا ويا.“ اتي ئي ڪي نيم شاستري بہ ويٺا هئا، جيڪي اهو ٻڌي پنهنجين دلين ۾ دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ ”هي ماڻهو ائين ڇو ٿو چوي؟ هي تہ ايشور جي نندا ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ ايشور کان سواءِ ٻيو ڪوبہ پاپ معاف ڪري نہ ٿو سگھي.“ يسوع هڪدم انهن جي دلين جي خيالن کي ڄاڻي ورتو، سو کين چيائين تہ ”ڇو اوهين پنهنجين دلين ۾ اهڙا دليل ڊوڙايو ٿا؟ ڇا اهو سولو آهي تہ هن اڌرنگي ماڻهوءَ کي چئجي تہ ’تنهنجا پاپ معاف ڪيا ويا‘ يا اهو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر‘؟ پر آءٌ اوهان تي ثابت ڪندس تہ منش‌پتر کي ڌرتيءَ تي ماڻهن جا پاپ معاف ڪرڻ جي اختياري مليل آهي.“ سو يسوع اڌرنگي شخص کي چيو تہ ”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھر هليو وڃ.“ تڏهن هو اُٿي بيٺو، هڪدم پنهنجو کٽولو کنيائين ۽ سڀني ماڻهن جي ڏسندي اتان هليو ويو. تنهن تي سڀيئي ماڻهو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ ايشور جي مهما ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اسان اهڙي ڳالهہ ڪڏهن بہ نہ ڏٺي آهي!“ يسوع وري ڍنڍ جي ڪناري سان پئي ويو تہ هن وٽ ماڻهن جو هڪ ميڙ اچي گڏ ٿيو، جن کي هو سکيا ڏيڻ لڳو. پوءِ هن واٽ ويندي حلفيءَ جي پٽ لاويءَ کي ٽيڪس اُڳاڙڻ واري اڏي تي ويٺل ڏٺو. يسوع کيس سڏي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ تنهن تي لاوي اٿيو ۽ هن جي پٺيان هلڻ لڳو. هڪڙي دفعي جڏهن يسوع لاويءَ جي گھر رسوئي ويٺي کاڌي، تڏهن سندس چيلن کان علاوہ ڪيترائي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ۽ پاپي بہ ساڻس گڏ کائي رهيا هئا، ڇاڪاڻ تہ اهڙا گھڻا ئي هئا جيڪي يسوع جي پٺيان ايندا هئا. ڪن فريسي نيم شاسترين جڏهن ڏٺو تہ يسوع اهڙي قسم جي ماڻهن سان گڏ ٿو کائي، تڏهن انهن يسوع جي چيلن کي چيو تہ ”هو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ پاپين سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“ يسوع هي ٻڌي کين وراڻيو تہ ”چڱن ڀلن کي نہ، بلڪ بيمارن کي حڪيم جي گھرج هوندي آهي. سو آءٌ نيڪن کي نہ، بلڪ پاپين کي سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“ هڪڙي دفعي جڏهن يوحنا جا چيلا ۽ فريسي وِرت سان هئا تہ ڪي ماڻهو يسوع وٽ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”يوحنا جا چيلا ۽ فريسي تہ وِرت رکن ٿا پر اوهان جا چيلا ڇو نہ ٿا رکن؟“ يسوع انهن کي جواب ڏنو تہ ”ڇا گھوٽ جي موجودگيءَ ۾ ڄاڃي وِرت رکي سگھن ٿا؟ هرگز نہ! جيستائين گھوٽ انهن سان گڏ آهي، تيستائين کين وِرت رکڻ جي ضرورت ناهي. پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ انهن کان جدا ڪيو ويندو تڏهن هو بہ وِرت رکندا. ڪوبہ ماڻهو پراڻي قميص کي نئين ڪپڙي جي چتي نہ ٿو هڻي. جيڪڏهن هو ائين ڪندو تہ اها چتي پراڻي ڪپڙي کي ڦاڙي اڃا بہ وڏو انگھہ ڪري وجھندي. ساڳيءَ طرح ڪوبہ تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ نہ ٿو ڀري. جيڪڏهن هو ائين ڪندو تہ اها مئي ساندارن کي ڦاڙي وجھندي. سو مئي ۽ ساندارا ٻئي زيان ٿي ويندا. تنهنڪري تازي مئي هميشہ نون ساندارن ۾ ڀربي آهي.“ سبت جي هڪڙي ڏينهن تي يسوع جڏهن پنهنجي چيلن سميت اناج وارين ٻنين مان لنگھي رهيو هو، تہ ڪي چيلا رستي تي هلندي اناج جا سنگ پٽڻ لڳا. تنهن تي فريسين يسوع کي چيو تہ ”ڏسو، اوهان جا چيلا اهو ڪم ڇو ٿا ڪن جيڪو سبت جي ڏينهن تي جائز نہ آهي؟“ يسوع انهن کي وڌيڪ چيو تہ ”سبت انسانن لاءِ ٺهيو آهي، انسان سبت جي لاءِ نہ. ياد رکو، منش‌پتر تہ سبت جو بہ مالڪ آهي.“ يسوع جڏهن ٻيهر ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ داخل ٿيو تہ اتي هڪڙو سڪل هٿ وارو ماڻهو ڏٺائين. ڪي فريسي جيڪي انهيءَ تاڙ ۾ رهندا هئا تہ يسوع تي ڪا تهمت هڻن، سي غور سان ڏسڻ لڳا تہ ڇا يسوع انهيءَ ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ٿو. تڏهن يسوع سڪل هٿ واري ماڻهوءَ کي چيو تہ ”اچ، ماڻهن جي سامهون ٿي بيهہ.“ پوءِ هن ماڻهن کان پڇيو تہ ”موسيٰ جي نيم موجب سبت جي ڏينهن نيڪي ڪرڻ جائز آهي يا بدي، جيون بچائڻ جائز آهي يا مارڻ؟“ پر هنن ڪجھہ بہ نہ ڪڇيو. يسوع کي انهن جي هٺ ۽ هوڏ تي ارمان ٿيڻ لڳو، سو چوڌاري انهن ڏانهن ڪاوڙ ۾ نهاريائين. پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن هٿ ڊگھو ڪيو تہ اهو بلڪل ٺيڪ ٿي ويو. تنهن تي فريسي ٻاهر نڪري وڃي هڪدم هيروديس جي حمايت ڪندڙ ماڻهن سان مليا ۽ يسوع جي خلاف سازشون سٽڻ لڳا تہ کيس ڪيئن ختم ڪجي. جيئن تہ ماڻهن جو گھڻو ڳاهٽ هو تنهنڪري يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”منهنجي لاءِ هڪڙي ٻيڙي تيار رکو، متان ماڻهو مون کي ڳاهي نہ ڇڏين.“ جيئن تہ هن گھڻن ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو، تنهنڪري جن کي بہ بيماري هئي سي کيس هٿ لائڻ لاءِ هڪٻئي کي ڌِڪيندا اڳتي وڌن پيا. ڀوتن ورتل ماڻهن بہ جڏهن يسوع کي ڏٺو پئي تہ پٽ تي ڪري رڙيون ڪندي چيائون ٿي تہ ”تون ايشور جو پٽ آهين.“ پر يسوع انهن کي سختيءَ سان ڇينڀي تاڪيد ٿي ڪيو تہ ”مون کي ظاهر نہ ڪريو.“ پوءِ يسوع هڪڙي پهاڙيءَ تي چڙهي ويو ۽ جن چيلن کي چاهيائين تن کي پاڻ وٽ سڏيائين، جيڪي وٽس هليا آيا. هن انهن مان ٻارهن ڄڻا چونڊي کين خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت مقرر ڪيو. انهن کي چيائين تہ ”مون اوهان کي انهيءَ ڪري چونڊيو آهي تہ اوهين مون سان گڏ رهو. آءٌ اوهان کي پرچار ڪرڻ لاءِ ٻاهر بہ موڪليندس ۽ اوهان کي ماڻهن مان ڀوتن ڪڍڻ جي اختياري بہ ڏيندس.“ يسوع جيڪي ٻارهن ڄڻا چونڊيا سي هي هئا: شمعون، جنهن کي پطرس نالو بہ ڏنائين، زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا، جن کي بوانرگس يعني ”گجگوڙ جا پٽ“ ڪري سڏيائين، اندرياس، فلپس، برتُلمئي، متي، توما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، تدئي، شمعون قوم‌پرست ۽ يهوداہ اسڪريوتي، جنهن پوءِ دغا ڪري پڪڙايو هئس. پوءِ يسوع هڪ گھر ۾ آيو. اتي بہ ايتري تہ خلق اچي مڙي جو يسوع ۽ سندس چيلن کي رسوئي کائڻ جي بہ واندڪائي نہ پئي ملي. هوڏانهن جڏهن يسوع جي مائٽن کي خبر پيئي تہ هو ڇا ڇا ڪندو پيو وتي ۽ ماڻهو کيس ديوانو پيا سمجھن، تڏهن سندس مائٽ کيس پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ لاءِ آيا. ڪي نيم شاستري جيڪي يروشلم کان آيا هئا، تن پئي چيو تہ ”يسوع ۾ ڀوتن جو سردار بعل‌زبول آهي. سو انهيءَ جي مدد سان ئي هو ڀوتن کي ماڻهن مان ڪڍي ٿو.“ تنهن تي يسوع انهن کي پاڻ وٽ گھرائي چيو تہ ”شيطان ڪيئن شيطان کي ڪڍندو؟“ پوءِ کين هي مثال ٻڌايائين تہ ”جيڪڏهن ڪنهن راڄ ۾ ڏڦيڙ پوندو تہ اهو جٽاءُ ڪري نہ سگھندو ۽ جيڪڏهن ڪنهن گھر ۾ ڦيٽهڙو پوندو تہ اهو گھر بہ هلي نہ سگھندو. سو جيڪڏهن شيطان پاڻ ئي پنهنجي خلاف ٿي بيهي ۽ منجھس ڏڦيڙ پيدا ٿي پوي تہ هو ڪيئن بيهي سگھندو؟ هو تہ تباهہ ٿي ويندو. ڪوبہ ماڻهو ڪنهن طاقتور شخص جي گھر ۾ گھڙي تيستائين سندس ملڪيت ڦُري نہ سگھندو، جيستائين هو ان طاقتور شخص کي ٻڌي سوگھو نہ ڪري. تنهن کان پوءِ ئي هو سندس گھر ڦُري سگھي ٿو. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جن ماڻهن جيڪي بہ پاپ ڪيا هوندا يا ايشور جي نندا جون ڳالهيون بڪيون هوندائون، تن سڀني کي معافي ملي سگھي ٿي، سواءِ انهيءَ نندا جي جيڪا پوِتر آتما جي خلاف بڪي وڃي ٿي. اهڙن ماڻهن کي ڪڏهن بہ بخش نہ ڪيو ويندو. اٽلندو اهي هميشہ واري پاپ جا ڏوهاري ليکيا ويندا.“ يسوع اهو انهيءَ ڪري چيو جو ڪن چيو پئي تہ ”هن ۾ ڀوت آهي.“ ايتري ۾ يسوع جي ماتا ۽ ڀائر اچي پهتا ۽ ٻاهر بيهي يسوع کي پاڻ وٽ گھرائڻ لاءِ ماڻهو موڪليائون. جيڪو ميڙ يسوع جي چوگرد ويٺو هو تنهن مان ڪن ماڻهن کيس ٻڌايو تہ ”ڏسو، اوهان جي ماتا ۽ ڀائر ٻاهر بيٺا اوهان کي سڏين ٿا.“ هن پڇيو تہ ”منهنجي ماتا ۽ ڀائر ڪير آهن؟“ پوءِ جيڪي اتي سندس چوڌاري ويٺا هئا تن ڏانهن نظر ڦيرائي چوڻ لڳو تہ ”ڏسو، منهنجي ماتا ۽ منهنجا ڀائر هي آهن، ڇاڪاڻ تہ جيڪو بہ ايشور جي مرضيءَ موجب هلندو سو منهنجو ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماتا آهي.“ يسوع وري گليل ڍنڍ جي ڪناري تي سکيا ڏيڻ لڳو. سندس چوڌاري ايترا تہ ماڻهو اچي مڙيا جو هو پاڻ ڍنڍ ۾ هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺو ۽ سڄي خلق ڪناري تي بيٺي رهي. يسوع مثالن جي ذريعي انهن کي گھڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو. هن سکيا ڏيندي کين چيو تہ ”ٻڌو، هڪڙو هاري ٻج ڇٽڻ ويو. ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا ۽ پکي اچي انهن کي چُڳي ويا. ڪي داڻا ٽڪرائتي زمين تي ڪريا، جتي گھڻي مٽي نہ هئي. سو ٿوري مٽي هئڻ ڪري سلا جلدي تہ اڀريا، پر جڏهن سج اڀريو تہ لهسجي ويا. جيئن تہ اهي پاڙ هڻي نہ سگھيا تنهنڪري سڪي ويا. ڪي داڻا ڪانڊيرن ۾ ڪريا. ڪانڊيرا مٿي اڀريا تہ انهن کي اُسرڻ نہ ڏنائون ۽ انهن ڪوبہ ڦر نہ ڏنو. جڏهن تہ ڪي داڻا ڀليءَ زمين تي ڪريا. اهي انگوريا، اڀريا ۽ ڦر جھليائون، ڪن ۾ ٽيهہ داڻا، ڪن ۾ سٺ داڻا تہ ڪن ۾ سؤ داڻا بہ ڦر هو.“ پوءِ يسوع چيو تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“ يسوع جڏهن نويڪلو ٿيو تہ سندس پوئلڳن ۽ ٻارهن چيلن گڏجي مثالن بابت پڇيس. هن انهن کي چيو تہ ”اوهان کي تہ ايشور جي راڄ جي ڳُجھہ جي سمجھہ ڏني ويئي آهي. پر جيڪي منهنجا پوئلڳ نہ آهن تن کي سڀ ڳالهيون مثالن سان ٻڌائجن ٿيون، تہ جيئن ’اهي نهاريندي نهاريندي بہ نہ ڏسن، ٻڌندي ٻڌندي بہ نہ سمجھن، تہ متان انهن جون دليون ايشور جي طرف ڦري پون ۽ هو کين معاف ڪري ڇڏي.‘“ پوءِ يسوع انهن کان پڇيو تہ ”ڇا اوهين هي مثال نہ ٿا سمجھو؟ تہ پوءِ اوهين ٻين مثالن جو مطلب ڪيئن سمجھندا؟ ڏسو، ٻج ڇٽڻ وارو ايشور جي راڄ جو سنديش پوکي ٿو. ڪنهن وقت سنديش رستي تي ڪري ٿو، يعني اهي ماڻهو جيڪي سنديش ٻڌن ٿا. پر جيئن ئي اهي ٻڌن ٿا تہ شيطان جلدي اچي انهن جي دلين مان ڇٽيل ٻج ڪڍي وٺي ٿو. ٻيا ماڻهو ان ٽڪريلي زمين مثل آهن جتي ٻج ڪريو، يعني اهي سنديش ٻڌن ٿا ۽ جلدي خوشيءَ سان قبول ڪن ٿا، پر اهو انهن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو هڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. سو جڏهن سنديش جي ڪري کين ڪا تڪليف ڏني وڃي ٿي يا ستايو وڃي ٿو تہ اهي جلدي ڦري وڃن ٿا. ٻيا ماڻهو ڪانڊيرن واري ان زمين مثل آهن جنهن ۾ ٻج ڪريو، يعني اهي سنديش تہ ٻڌن ٿا، پر سنسار جي چنتا، دولت جو فريب ۽ ٻين شين جون خواهشون سندن دلين ۾ گھڙي ڪري سنديش کي گھُٽيو ڇڏين ۽ انهن ۾ ڦر نہ ٿو جھلي. ٻيا ماڻهو ان ڀليءَ زمين مثل آهن جتي ٻج ڪريو، يعني اهي سنديش ٻڌن ٿا ۽ قبول ڪن ٿا. پوءِ انهن مان ڪي ٽيهوڻو، ڪي سٺوڻو ۽ ڪي وري سؤڻو ڦر جھلين ٿا.“ يسوع وڌيڪ چين تہ ”ڇا اوهين ڏيئو ٻاري ڍڪڻ يا کٽوليءَ جي هيٺان آڻي رکندا آهيو؟ نہ، پر اهو ڏياٽيءَ تي آڻي رکندا آهيو. مطلب تہ اهڙي ڪابہ شيءِ لڪل نہ آهي جيڪا ظاهر نہ ڪئي ويندي ۽ اهڙي ڪابہ ڳالهہ ڳجھي نہ آهي جيڪا پڌري نہ ٿيندي. جيڪڏهن اوهان کي ڪن آهن تہ ٻڌي ڇڏيو.“ يسوع اهو بہ چين تہ ”اوهين انهن ڳالهين کي ڌيان ۾ رکو جيڪي مون کان ٻڌو ٿا، ڇاڪاڻ تہ جهڙي ماپي سان اوهين ماپي ڏيندا تهڙي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو، بلڪ ان کان بہ وڌيڪ ملندو. هائو، جنهن وٽ آهي تنهن کي وڌيڪ ڏنو ويندو ۽ جنهن وٽ ڪجھہ بہ نہ آهي تنهن کان اهو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آهي.“ يسوع وري ماڻهن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”ايشور جي راڄ جو مثال هن ريت آهي تہ هڪڙو ماڻهو پنهنجي ٻنيءَ ۾ ٻج ڇٽي ٿو. هو رات جو سمهي ٿو ۽ ڏينهن جو جاڳي ڪم ڪار ڪري ٿو، جڏهن تہ ٻج اهڙيءَ طرح ڦٽي هلي ٿو جو هن کي ان جي سڌ ئي نہ ٿي پوي. زمين پاڻيهي فصل ڏئي ٿي، پهريائين سلو، پوءِ سنگ ۽ ان کان پوءِ سنگ ۾ داڻا ٿين ٿا. پر جڏهن فصل پچي تيار ٿئي ٿو تڏهن هو هڪدم انهيءَ ۾ ڏاٽو وجھي ٿو، ڇاڪاڻ تہ لاباري جو وقت اچي ويو آهي.“ يسوع چين تہ ”اسين ايشور جي راڄ کي ڇا سان ڀيٽيون ۽ ان کي سمجھائڻ لاءِ اسين ڪهڙو مثال ڏيون؟ اهو سرنهن جي داڻي مثل آهي، جيڪو سڀني ٻجن ۾ ننڍي ۾ ننڍو آهي، پر پوکڻ کان پوءِ ڦُٽي سڀني ٻوٽن کان وڌي وڃي ٿو ۽ ايڏيون تہ وڏيون ٽاريون ٿو جھلي جو پکي سندس ٽارين ۾ واهيرا ڪن ٿا.“ يسوع انهيءَ قسم جي ڪيترن ئي مثالن ذريعي ماڻهن کي سندن سمجھہ مطابق پنهنجو سنديش ٻڌائيندو هو. هو ماڻهن سان مثالن کان سواءِ نہ ڳالهائيندو هو، پر جڏهن چيلن سان اڪيلائپ ۾ هوندو هو تہ کين سڀني ڳالهين جو مطلب سمجھائيندو هو. انهيءَ ساڳئي ڏينهن شام جو يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”هلو تہ ڍنڍ جي هُن ڀر هلون.“ پوءِ هنن خلق کي روانو ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ جنهن ٻيڙيءَ ۾ يسوع اڳي ئي ويٺل هو، تنهن ۾ چڙهي ساڻس گڏ روانا ٿيا. ٻيون ٻيڙيون بہ انهيءَ ٻيڙيءَ سان گڏ هليون. اوچتو ئي هڪڙو وڏو طوفان آيو ۽ ڇولين ٻيڙيءَ تي اهڙو تہ سٽڪو لائي ڏنو جو ٻيڙي پاڻيءَ سان ڀرجي ٻڏڻ لڳي. يسوع ٻيڙيءَ جي پوئين حصي تي وِهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ستو پيو هو تہ چيلن کيس جاڳائي چيو تہ ”اي گرو! اسين مرڻ تي آهيون ۽ اوهان کي ڪو خيال ئي نہ ٿو ٿئي؟“ تنهن تي يسوع اٿيو ۽ واءُ کي ڇينڀيائين ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي حڪم ڪيائين تہ ”شانت ٿيو.“ تڏهن طوفان بيهجي ويو ۽ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي. پوءِ يسوع چيلن کي چيو تہ ”اوهين ڇو ٿا ڊڄو؟ ڇا اوهان کي اڃا تائين مون تي وشواس نہ آهي؟“ پر اهي ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي جو هوا ۽ پاڻي بہ هن جو حڪم مڃين ٿا؟“ يسوع ۽ سندس چيلا گليل ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر گراسينين جي علائقي ۾ اچي پهتا. اڃا يسوع ٻيڙيءَ تان لٿو ئي مس تہ هڪڙو ڀوت ورتل ماڻهو غارن واري قبرستان مان نڪتو. هو قبرستان ۾ رهندو هو ۽ کيس زنجيرن سان بہ ڪو ٻڌي نہ ٿي سگھيو. هن کي ڪيترائي دفعا لوهہ جي ڪڙين ۽ زنجيرن ۾ ٻڌو ويو هو، پر هن انهن زنجيرن کي ٽوڙي ۽ ڪڙين کي ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو هو. ڪوبہ مٿس قابو پئجي نہ ٿي سگھيو. هو رات ڏينهن قبرستان ۽ ٽڪرن ۾ رڙندو وتندو هو ۽ پٿرن سان پاڻ کي رتوڇاڻ پيو ڪندو هو. هن يسوع کي پري کان ڏسي ورتو، سو ڀڄي اچي سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ زور سان رڙيون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”اي يسوع، پرميشور جا پٽ! تنهنجو مون سان ڪهڙو واسطو آهي؟ آءٌ تو کي وينتي ٿو ڪريان تہ ايشور جي واسطي مون کي عذاب نہ ڏي.“ هن اهو انهيءَ ڪري ٿي چيو جو يسوع کيس انهيءَ ماڻهوءَ مان نڪري وڃڻ لاءِ پئي چيو. يسوع پڇيس تہ ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ ماڻهوءَ جواب ڏنو تہ ”منهنجو نالو لشڪر آهي، ڇاڪاڻ تہ اسين گھڻا ڀوت آهيون.“ پوءِ هن ليلائيندي چيس تہ ”اسان کي هن علائقي مان تڙي نہ ڪڍ.“ اتي ٽڪر جي پاسي ۾ سوئرن جو هڪ وڏو ڌڻ چري رهيو هو. سو يسوع کي ڀوتن وينتي ڪئي تہ ”مهرباني ڪري اسان کي موڪل ڏيو تہ سوئرن ۾ گھڙي وڃون.“ يسوع انهن کي موڪل ڏني ۽ ڀوت ماڻهوءَ مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا. تڏهن ٻہ هزار سوئرن جو اهو سڄو ڌڻ ٽڪر جي چوٽيءَ تان هيٺ ڌوڪيندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو. جيڪي ماڻهو سوئرن جو ڌڻ چاري رهيا هئا، سي ڀڄي ويا ۽ وڃي شهر ۽ ٻهراڙيءَ ۾ اها ڳالهہ ٻڌايائون. تڏهن ماڻهو هن واقعي کي ڏسڻ لاءِ نڪري آيا. هو يسوع وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ جنهن ماڻهوءَ ۾ ڀوتن جو لشڪر هو سو اتي ويٺو آهي ۽ ڪپڙا پاتل اٿس ۽ پوري هوش حواس ۾ آهي. تڏهن سڀيئي ڊڄي ويا. جن اهو واقعو اکين سان ڏٺو هو تن کين ڀوتن ۽ سوئرن بابت سڄي ڳالهہ ڪري ٻڌائي. تنهن تي انهن يسوع کي منٿ ڪندي چيو تہ ”مهرباني ڪري اسان جي علائقي مان هليا وڃو.“ پوءِ جڏهن يسوع ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو پئي تہ جنهن ماڻهوءَ ۾ اڳ ڀوت هئا تنهن اچي منٿ ڪيس تہ ”مون کي بہ پاڻ سان وٺي هلو.“ پر يسوع کيس آگيا نہ ڏني ۽ اٽلندو چيائينس تہ ”گھر مائٽن ڏانهن موٽي وڃ ۽ وڃي انهن کي ٻڌاءِ تہ پرڀوءَ تو لاءِ ڇا ڪيو ۽ ڪيتري قدر هو تو تي ديالو رهيو.“ تنهن تي اهو ماڻهو هليو ويو ۽ وڃي دڪاپلس جي شهرن ۾ ٻڌائڻ لڳو تہ يسوع هن لاءِ ڇا ڪيو آهي. سو جن بہ اهو ٻڌو تہ حيران ٿي ويا. يسوع جڏهن ٻيڙيءَ ۾ چڙهي وري ٻيءَ ڀر موٽيو تہ ڍنڍ جي ڪناري تي ماڻهن جو وڏو ميڙ ڦري آيس. انهيءَ ۾ يائرس نالي هڪ شخص بہ هو، جيڪو يهودين جي ڀڳتيءَ واري مقامي جاءِ جو هڪڙو اڳواڻ هو، سو يسوع کي ڏسندي ئي سندس پيرن تي ڪري پيو. هو کيس ڏاڍيون منٿون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”منهنجي ننڍي ڌيءَ مرڻ تي آهي. مهرباني ڪري هلي هٿ گھمايوس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.“ تنهن تي يسوع ان سان گڏجي هليو تہ هڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان هلڻ لڳو. ماڻهو ايترا تہ گھڻا هئا جو يسوع تي ڳاهٽ پئي ٿيا. انهيءَ ميڙ ۾ هڪڙي اهڙي ناري بہ هئي، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو. هن ڪيترن ئي حڪيمن کان علاج ڪرايو هو ۽ جيڪا بہ پنهنجي ميڙي چونڊي هئس سا سڀ خرچ ڪري ڇڏي هئائين ۽ کيس ذري جو بہ فائدو ڪونہ پيو هو، پر اٽلندو وڌيڪ لاچار ٿيندي پئي ويئي. انهيءَ ناريءَ يسوع بابت ڳالهيون ٻڌيون هيون، سو ميڙ سان گڏجي سندس پٺيان آئي ۽ يسوع جي ڪپڙن کي هٿ لاتائين، ڇاڪاڻ تہ هوءَ دل ۾ چوي پيئي تہ ”جيڪڏهن مون رڳو سندس ڪپڙن کي بہ هٿ لاتو تہ آءٌ چاق ٿي وينديس.“ يسوع جي ڪپڙن کي هٿ لائڻ سان ئي سندس رت وهڻ بند ٿي ويو ۽ هوءَ پاڻ کي چڱو ڀلو سمجھڻ لڳي. ايتري ۾ يسوع محسوس ڪيو تہ ”مون مان شڪتي نڪتي آهي.“ سو ميڙ ڏانهن ڦري پڇيائين تہ ”منهنجي ڪپڙن کي ڪنهن هٿ لاتو آهي؟“ تنهن تي سندس چيلن وراڻيس تہ ”گرو! ماڻهو اوهان تي پيا ڳاهٽ ٿين ۽ اوهين چئو ٿا تہ ’ڪنهن مون کي هٿ لاتو آهي.‘“ پر هو جاچيندو رهيو تہ اهو ڪم ڪنهن ڪيو. هاڻي جڏهن ان ناريءَ سمجھيو تہ هوءَ چڱي ڀلي ٿي پئي آهي، تڏهن ڊڄندي ۽ ڏڪندي آئي ۽ يسوع جي پيرن تي هٿ رکي کيس سڄي ڳالهہ ڪري ٻڌايائين. تنهن تي يسوع کيس چيو تہ ”ڌيءَ! تنهنجي وشواس تو کي ڇٽايو آهي، سو خوش ٿيءُ جو هاڻي آزار کان ڇٽينءَ.“ يسوع اڃا ڳالهائي ئي رهيو هو تہ يائرس جي گھران ڪي ماڻهو آيا، جن اچي يائرس کي ٻڌايو تہ ”اوهان جي ڌيءَ مري ويئي آهي. سو هاڻي گروءَ کي وڌيڪ تڪليف نہ ڏيو.“ يسوع انهيءَ ڳالهہ تي ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو، بلڪ يائرس کي چيائين تہ ”گھٻراءِ نہ، رڳو وشواس رک.“ پوءِ يسوع پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ اوڏانهن هلڻ جي آگيا نہ ڏني. جڏهن اهي يائرس جي گھر وٽ پهتا تہ يسوع ڏٺو تہ گھر ۾ ماتم لڳو پيو آهي ۽ ماڻهو ڏاڍيان روئن پٽين پيا. گھر ۾ داخل ٿيندي يسوع انهن کي چيو تہ ”اوهين هُل ڇو ٿا ڪريو ۽ ڇو ٿا روئو رڙو؟ ڪنيا مئي تہ ڪانهي پر ستي پيئي آهي.“ تنهن تي اهي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. تنهنڪري هن سڀني کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ رڳو پنهنجي ٽن چيلن ۽ ڪنيا جي ماتا پتا کي ساڻ ڪري اندر ويو جتي اها ڪنيا پيئي هئي. هن ڪنيا جي هٿ کي پڪڙي کيس چيو تہ ”تليٿا قُومي،“ جنهن جي معنيٰ آهي تہ ”اي ننڍڙي ڪنيا! اُٿ.“ تنهن تي ڪنيا هڪدم اُٿي کڙي ٿي ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳي. هن جي عمر ٻارهن سال هئي. اهو ڏسي سڀيئي ڏاڍو حيران ٿي ويا. پوءِ يسوع انهن کي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجو.“ هن وڌيڪ چين تہ ”ڪنيا کي کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“ پوءِ يسوع اتان روانو ٿي پنهنجي ڳوٺ ناصرت ۾ موٽي آيو ۽ سندس چيلا بہ هن جي پٺيان آيا. سبت جي ڏينهن تي هو ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ سکيا ڏيڻ لڳو. گھڻا ماڻهو هن کي ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هن اهي ڳالهيون ڪٿان سکيون آهن؟ ايڏي وڏي دانائي کيس ڪيئن ملي آهي؟ هو اهڙا چمتڪار ڪيئن ٿو ڪري ڏيکاري؟ ڇا هي اهو واڍو نہ آهي جيڪو مريم جو پٽ ۽ يعقوب، يوسيس، يهوداہ ۽ شمعون جو ڀاءُ آهي؟ ڇا هن جون ڀينرون هتي نہ ٿيون رهن؟“ سو هنن يسوع کي قبول نہ ڪيو. تنهن تي يسوع کين چيو تہ ”هر سنت پنهنجي ديس، مٽن مائٽن ۽ خاندان کان سواءِ جتي ڪٿي مان لهندو آهي.“ يسوع پنهنجي ٻارهن ئي چيلن کي پاڻ وٽ سڏايو ۽ ٻن ٻن جي ٽولي ۾ کين روانو ڪرڻ لڳو. انهن کي اختياري ڏنائين تہ هو ماڻهن مان ڀوت ڪڍين ۽ کين تاڪيد ڪندي چيائين تہ ”روٽي، ٿيلهو، هڙ ۾ پئسو يا ٻيو ڪجھہ بہ پاڻ سان نہ کڻجو پر سفر لاءِ لٺ ڀلي کڻجو. پيرن ۾ جتي پائجو باقي هڪڙي پاتل جوڙي کان وڌيڪ ڪپڙا پاڻ سان نہ کڻجو.“ يسوع کين اهو بہ چيو تہ ”جتي بہ وڃي ڪنهن گھر ۾ رهو تہ اتي ايستائين رهي پئجو، جيستائين ان شهر مان روانا نہ ٿيو. جيڪڏهن ڪنهن اهڙي هنڌ وڃو جتان جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ پوءِ اتان رواني ٿيڻ وقت پنهنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو تہ جيئن مٿن شاهدي ٿئي.“ پوءِ اهي روانا ٿي ويا ۽ ماڻهن ۾ وڃي پرچار ڪرڻ لڳا تہ ”پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪريو.“ هنن ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت ڪڍيا ۽ گھڻن ئي بيمارن کي زيتون جو تيل مکي چڱو ڀلو ڪيو. جيئن تہ يسوع جي مان ۽ مرتبي جي هاڪ هر هنڌ پکڙجي ويئي هئي، سو گليل صوبي جي راجا هيروديس انتپاس بہ هي سڀ ڪجھہ ٻڌو پئي. يسوع بابت ڪي ماڻهو چون پيا تہ ”يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو وري جيوت ٿيو آهي، تنهنڪري هو اهڙا چمتڪار ڪري رهيو آهي.“ ٻيا وري چون پيا تہ ”هو سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ آهي.“ ڪي چون پيا تہ ”هو ايشور جو سنديش ڏيندڙ اڳين سنتن جهڙو هڪ سنت آهي.“ جڏهن هيروديس هي ٻڌو تہ چيائين تہ ”پوءِ پڪ سان هي يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو آهي، جنهن جي مون سسي لهرائي ڇڏي هئي. پر هاڻي هو وري جيوت ٿيو آهي.“ هيروديس پاڻ ئي يوحنا جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو هو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو هئائين. هن اهو ڪم هيرودياس جي چوڻ تي ڪيو هو، جيڪا سندس ڀاءُ فلپس جي پتني هئي ۽ جنهن سان هن فلپس جي جيوت ئي شادي ڪئي هئي. يوحنا هيروديس کي چيو هو تہ ”اوهان لاءِ اهو جائز نہ آهي جو اوهين پنهنجي ڀاءُ فلپس جي جيوت هوندي ئي سندس پتنيءَ هيرودياس سان شادي ڪريو.“ اهو ئي سبب هو جو هيرودياس يوحنا کان نفرت ڪندي هئي ۽ کيس مارائڻ ٿي چاهيائين. پر هوءَ ائين ڪري نہ ٿي سگھي، ڇاڪاڻ تہ هيروديس يوحنا کان ڊڄندو هو جو هن ڄاتو پئي تہ يوحنا هڪ سچار ۽ پوِتر ماڻهو آهي. سو هيروديس کيس بچائيندو رهيو. هيروديس يوحنا جون ڳالهيون خوشيءَ سان ٻڌندو هو، جيتوڻيڪ ٻڌڻ وقت هي ڳالهيون کيس پريشان ڪنديون هيون. نيٺ هيرودياس کي وجھہ ملي ويو هو. هيروديس پنهنجي جنم جي ڏينهن جي خوشيءَ ۾ اميرن، وڏن جنگي سالارن ۽ گليل جي مکيہ ماڻهن جي دعوت ڪئي هئي. انهيءَ دعوت ۾ هيرودياس جي ڌيءَ پاڻ اندر اچي ناچ ڪري هيروديس ۽ سندس مهمانن کي خوش ڪيو. هيروديس انهيءَ ڪنيا کي چيو تہ ”جيڪي گھرڻو اٿيئي سو گھُر تہ ڏيانءِ.“ هن قسم کڻي وچن ڪيس تہ ”جيڪڏهن حڪومت جو اڌ گھرندينءَ تہ بہ ڏيندوسانءِ.“ تنهن تي هوءَ ٻاهر نڪري ويئي ۽ وڃي پنهنجي ماتا کان پڇيائين تہ ”آءٌ ڇا گھران؟“ هن چيس تہ ”يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي سسي.“ تنهن تي ڪنيا جلد ئي موٽي آئي ۽ اچي هيروديس کي چيائين تہ ”مون کي هاڻي جو هاڻي يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي سسي ٿالهہ ۾ گھرائي ڏيو.“ هن ڳالهہ هيروديس راجا کي ڏاڍو مايوس ڪيو. پر هو کيس انڪار بہ ڪري نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن مهمانن جي روبرو قسم کڻي وچن ڪيو هو. تنهنڪري هيروديس سپاهيءَ کي موڪليو تہ ”جلدي يوحنا جي سسي لاهي کڻي اچ.“ سپاهي روانو ٿيو ۽ جيل ۾ وڃي يوحنا جي سسي لاٿائين. پوءِ هن اها سسي هڪ ٿالهہ ۾ رکي ڪنيا کي آڻي ڏني، جنهن اها کڻي پنهنجي ماتا کي ڏني هئي. جڏهن يوحنا جي چيلن هي ٻڌو هو تہ هنن اچي لاش وٺي ان کي قبر ۾ دفن ڪيو هو. خوشخبري ٻڌائيندڙ ٻارهن ئي سنت واپس اچي يسوع وٽ گڏ ٿيا ۽ جيڪي ڪم ڪيا هئائون ۽ ماڻهن کي جيڪا سکيا ڏني هئائون، تنهن جو کيس سربستو احوال ڪري ٻڌايائون. ان وقت ايترا تہ ماڻهو اچن پيا جو يسوع ۽ سندس چيلن کي رسوئي کائڻ جو وقت بہ نہ ٿي مليو. تنهن تي هن انهن کي چيو تہ ”هلو تہ هتان ڪنهن نويڪلي جاءِ تي هلون، جتي هلي اوهين ٿورو وقت آرام ڪريو.“ سو هو هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڪنهن نويڪلي جاءِ ڏانهن روانا ٿي ويا. تنهن هوندي بہ ڪيترن ئي ماڻهن کين ويندو ڏسي سڃاڻي ورتو. سو اهي سڀيئي پيرين پيادا شهرن مان نڪري پيا ۽ تڪڙا تڪڙا وڃي هنن کان بہ اڳي انهيءَ جاءِ تي پهتا. جڏهن يسوع ٻيڙيءَ مان لهي آيو ۽ ماڻهن جو وڏو ميڙ ڏٺائين تڏهن سندس دل ديا سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هو نڌڻڪين رڍن وانگر هئا. تنهنڪري هو کين گھڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو. جڏهن سج گھڻو لڙي ويو، تڏهن چيلن يسوع جي ويجھو اچي کيس چيو تہ ”اڳي ئي دير ٿي ويئي آهي ۽ اسين هتي ويران هنڌ تي آهيون. سو هنن ماڻهن کي موڪل ڏيو تہ اوسي‌پاسي جي ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ وڃي ڪجھہ وٺي کائين.“ پر يسوع چين تہ ”اوهين ئي هنن کي ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏيو.“ تڏهن چيلن پڇيس تہ ”ڇا اوهان جي مرضي آهي تہ اسين وڃي چانديءَ جي ٻہ سؤ سڪن جي روٽي وٺي اچون ۽ هنن کي کارايون؟“ تنهن تي يسوع کين چيو تہ ”وڃي ڏسو تہ اوهان وٽ ڪيتريون روٽيون آهن؟“ انهن وڃي ڏٺو ۽ اچي کيس ٻڌايائون تہ ”اسان وٽ پنج روٽيون ۽ ٻہ مڇيون آهن.“ پوءِ يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”هنن ماڻهن کي هيٺ سائي گاهہ تي ٽوليون ٺاهي ويهاريو.“ تنهن تي اهي ماڻهو سؤ سؤ ۽ پنجاهہ پنجاهہ جون ٽوليون ٺاهي ويٺا. تڏهن يسوع اهي پنج روٽيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي هٿن ۾ جھلي آڪاش ڏانهن نهاريو ۽ انهن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ روٽين جا ٽڪرا ڀڃندو چيلن کي ڏيندو ويو تہ اهي ماڻهن ۾ ورهائين. هن ٻہ مڇيون بہ انهن سڀني ۾ ورهايون. هر هڪ ماڻهوءَ کائي ڍءُ ڪيو. پوءِ چيلن باقي بچيل روٽيءَ ۽ مڇيءَ جون ٻارهن کاريون ڀريون. جن روٽي کاڌي تن ۾ فقط مردن جو تعداد اٽڪل پنج هزار هو. پوءِ هڪدم يسوع پنهنجي چيلن کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري زور ڀريو تہ ”اوهين مون کان اڳ ڍنڍ جي هُن ڀر بيت‌صيدا شهر ڏانهن هلو.“ ان بعد هن ماڻهن جي ميڙ کي بہ موڪل ڏيئي ڇڏي ۽ پاڻ ٽڪر تي پرارٿنا ڪرڻ ويو. رات ٿيڻ تائين ٻيڙي ڍنڍ جي وچ ۾ وڃي پهتي، جڏهن تہ يسوع اڃا اڪيلو سڪيءَ تي هو. پوءِ جڏهن هن ڏٺو تہ واءُ سامهون گھُلڻ ڪري چيلن کي ٻيڙيءَ جي ونجھہ هلائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، تڏهن هو رات جي پوئين پهر پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو اچي انهن وٽان لنگھيو. پوءِ يسوع اچي انهن سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ويٺو تہ واءُ بند ٿي ويو. اهو ڏسي چيلا ڏاڍا حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ اهي گھڻن ماڻهن کي روٽي کارائڻ واري ڳالهہ بہ نہ سمجھي سگھيا هئا. اها ڳالهہ هنن جي دماغ ۾ ئي نہ ويٺي هئي. اهي ڍنڍ پار ڪري اچي گنيسرت جي علائقي ۾ پهتا جتي ٻيڙيءَ کي ٻڌي ڇڏيائون. هو جيئن ئي ٻيڙيءَ تان لٿا تہ ماڻهن يسوع کي سڃاڻي ورتو. پوءِ اهي ماڻهو سڄي علائقي ۾ پکڙجي ويا ۽ جنهن جڳهہ لاءِ بہ ٻڌائون تہ يسوع اتي آيو آهي، تڏهن ماڻهو پنهنجا بيمار کٽولن تي کڻي وٽس پئي آيا. يسوع ڳوٺن، شهرن ۽ واهڻن ۾ جتي بہ ويو پئي تہ اتي ماڻهن پنهنجا بيمار چونڪن ۾ آڻي ٿي رکيا ۽ کيس منٿ ٿي ڪيائون تہ ”مهرباني ڪري بيمار کي رڳو پنهنجي دامن کي ئي هٿ لائڻ ڏيو.“ پوءِ جن بہ هٿ لاتس پئي سي سڀ چڱا ڀلا ٿي پئي ويا. هڪ دفعي يروشلم کان ڪي فريسي ۽ نيم شاستري يسوع وٽ اچي گڏ ٿيا. انهن ڏٺو تہ يسوع جا ڪي چيلا پنهنجا هٿ ڌوئي پوِتر ڪرڻ کان سواءِ ئي اپوِتر هٿن سان روٽي کائين ٿا پيا. جڏهن تہ فريسي ۽ سڀ يهودي پنهنجن وڏن جي ريتن رسمن موجب، جيستائين پنهنجا هٿ پنهنجي خاص نموني سان نہ ڌوئن تيستائين نہ کائيندا آهن ۽ جڏهن بازار کان اچن تڏهن جيستائين اشنان نہ ڪن تيستائين ڪين کائيندا آهن. انهن وٽ ٻيون بہ گھڻيون ريتون رسمون آهن، جهڙوڪ: پيالن، لوٽن، پتل جي ٿانوَن ۽ بسترن کي ڌوئڻ. سو انهن فريسين ۽ نيم شاسترين يسوع کان پڇيو تہ ”تنهنجا چيلا وڏن جي ڌرمي ريتن رسمن موجب ڇو نہ ٿا هلن ۽ اپوِتر هٿن سان ڇو ٿا روٽي کائين؟“ تنهن تي يسوع چين تہ ”ايشور اوهان پاکنڊين بابت يسعياہ سنت جي معرفت ڪيترو نہ صحيح فرمايو آهي تہ ’هي ماڻهو پنهنجي زبان سان تہ مون کي مان ڏين ٿا، پر دل سان نہ ٿا چاهين. هو منهنجي ڀڳتي اجائي ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ هو ماڻهن جا حڪم ائين ٿا سيکارين ڄڻ تہ اهي مون ايشور جا حڪم آهن.‘“ يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين ايشور جا حڪم ڇڏي انساني ريتن رسمن ۾ ڦاسي پيا آهيو. اوهين پنهنجين ريتن رسمن کي پوري ڪرڻ خاطر ايشور جي حڪمن کي ڪيئن نہ پٺيءَ پويان اڇلائي ٿا ڇڏيو. مثال طور موسيٰ جي نيم شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’پنهنجي ماتا پتا جو مان ڪريو‘ ۽ ’جيڪو پنهنجي ماتا يا پتا جي گلا ڪري تنهن کي اڦٽ ماريو وڃي.‘ پر اوهين ماڻهن کي سيکاريو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪا شيءِ آهي جنهن سان هو پنهنجي ماتا پتا جي گھرج پوري ڪري سگھيو ٿي، پر هن اها ”قربان،“ يعني ايشور جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي، تہ پوءِ هو ماتا پتا جي گھرج پوري ڪرڻ کان ڇٽي وڃي ٿو.‘ اهڙيءَ طرح اوهين پنهنجين ريتن رسمن سان ايشور جو وچن رد ٿا ڪريو. اهڙي نموني ٻيون بہ ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جيڪي اوهين ڪريو ٿا.“ پوءِ يسوع سڄي خلق کي وري پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”اوهين سڀ منهنجي ڳالهہ ٻڌو ۽ سمجھو. جڏهن يسوع ميڙ کي ڇڏي گھر پهتو تہ سندس چيلن انهيءَ مثال بابت پڇيس. تنهن تي يسوع هنن کي چيو تہ ”اوهين بہ ڪيڏا نہ بي‌سمجھہ آهيو، جو ايتري بہ سڌ نہ ٿي پئيوَ تہ جيڪي ٻاهران انسان ۾ داخل ٿئي ٿو سو کيس اپوِتر نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ اهو انسان جي دل ۾ نہ ٿو وڃي پر انسان جي پيٽ ۾ ٿو وڃي ۽ اتان آخرڪار ٻاهر نڪريو وڃي.“ ائين چئي يسوع کائڻ جي سڀني شين کي حلال سڏيو. هن وڌيڪ چين تہ ”جيڪي انسان جي دل مان ٻاهر ٿو نڪري سو ئي کيس اپوِتر ٿو ڪري. هائو، انسان جي دل مان برا خيال ٿا نڪرن، جيڪي خراب ڪم ٿا ڪرائين، جهڙوڪ: حرامڪاري، چوري، خون، زناڪاري، لالچ، بڇڙائي، ٺڳي، ڇڙواڳي، ڪينو، گلاخوري، مغروري ۽ مورکتا. اهي سڀ خرابيون اندر مان ئي ٿيون نڪرن، جيڪي ماڻهوءَ کي اپوِتر ڪن ٿيون.“ پوءِ يسوع اتان اُٿي صور شهر جي علائقي ڏانهن روانو ٿيو ۽ اچي هڪڙي گھر ۾ رهيو. هن جي مرضي هئي تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي سندس اچڻ جي سڌ نہ پوي، پر اها ڳالهہ لڪي نہ سگھي. هڪڙي ناري جنهن جي ننڍڙي ڌيءَ ۾ ڀوت هو، تنهن کي جڏهن يسوع جي اچڻ جي خبر پيئي تہ اها هڪدم وٽس آئي ۽ اچي پيرن تي ڪريس. اها ناري غير يهودي هئي ۽ شام ملڪ جي فينيڪي علائقي مان هئي. هن يسوع کي منٿ ڪئي تہ ”منهنجي ڌيءَ مان ڀوت ڪڍو.“ پر يسوع مثال ۾ ڳالهائيندي چيس تہ ”پهريائين ٻارن کي ڍءُ ڪرڻ ڏي، ڇاڪاڻ تہ اهو واجب نہ آهي جو ٻارن جي روٽي کڻي ڪتن کي اڇلائي ڏجي.“ تنهن تي ناريءَ چيس تہ ”سوامي! برابر، پر ڪتا بہ تہ ٻارن جي رسوئي کائڻ وقت اوبر ڪيل روٽيءَ جا ٽڪر کائيندا آهن.“ يسوع هن کي چيو تہ ”واہ! تنهنجي انهيءَ جواب جي ڪري تنهنجي نياڻيءَ مان ڀوت نڪري ويو. سو تون ڀلي گھر وڃ.“ سو هن گھر وڃي ڏٺو تہ سندس ڌيءَ هنڌ تي پيل آهي ۽ ڀوت بلڪل ڇڏي ويو اٿس. پوءِ يسوع صور جي حدن مان نڪري صيدا جي علائقي مان لنگھي دڪاپلس جي حدن جو وچ وٺي گليل ڍنڍ تي آيو. ماڻهو وٽس هڪڙي اهڙي شخص کي وٺي آيا جيڪو ٻوڙو هو ۽ ڳالهائڻ ۾ بہ هٻڪ هئس. سو منٿ ڪيائونس تہ ”هن کي پنهنجو هٿ لايو.“ يسوع اُن کي گوڙ کان پاسيرو وٺي ويو ۽ پنهنجيون آڱريون هن جي ڪنن ۾ وڌائين ۽ پنهنجي زبان جي لٻ ڪڍي هن جي زبان کي لاتائين. پوءِ يسوع آڪاش ڏانهن نهاري ٿڌو ساهہ ڀريو ۽ هن کي چيائين تہ ”افتح،“ يعني ”کُلي پئُہ.“ تڏهن هڪدم سندس ڪن کُلي پيا ۽ هن جي زبان جي تند ڇڄي پيئي ۽ هو چٽو ڳالهائڻ لڳو. پوءِ يسوع انهن ماڻهن کي تاڪيد ڪندي چيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجو.“ پر جيترو هن وڌيڪ تاڪيد ڪيو هئن، اوترو ئي وڌيڪ هنن وڃي اها ڳالهہ ماڻهن ۾ پڌري ڪئي. سو جن بہ پئي ٻڌو، تن کي ڏاڍو عجب پئي لڳو ۽ چوڻ لڳا تہ ”ڪهڙي نہ سهڻي نموني سان هو هر هڪ ڪم ڪري ٿو، بلڪ هو تہ ٻوڙن کي ٻڌڻ جي ۽ گونگن کي ڳالهائڻ جي بہ طاقت ٿو ڏئي.“ هڪڙي ڏينهن وري ماڻهن جو وڏو ميڙ اچي گڏ ٿيو. انهن وٽ کائڻ لاءِ ڪجھہ بہ ڪونہ هو. تنهن تي يسوع پنهنجي چيلن کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ چيائين تہ ”مون کي هنن ماڻهن تي ڏاڍو ترس ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ هي ٽن ڏينهن کان وٺي مون سان گڏ آهن ۽ هاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونهي جو کڻي کائين. سو جيڪڏهن آءٌ انهن کي پنهنجن گھرن ڏانهن بکئي پيٽ ٿو موڪليان تہ اهي رستي تي ساڻا ٿي پوندا، ڇاڪاڻ تہ انهن مان ڪيترائي پري کان آيل آهن.“ چيلن وراڻيس تہ ”هتي ويران هنڌ تي ايتري روٽي ڪٿان اچي جو هنن ماڻهن جو پيٽ ڀرجي؟“ يسوع چيلن کان پڇيو تہ ”اوهان وٽ ڪيتريون روٽيون آهن؟“ انهن وراڻيو تہ ”ست.“ تڏهن هن ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويهي رهو.“ پوءِ هن اهي ست ئي روٽيون هٿن تي کڻي انهن ۾ ايشور کان برڪت گھري ۽ ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندو چيلن کي ڏيندو ويو تہ جيئن اهي ماڻهن کي کائڻ لاءِ ڏيندا وڃن. چيلن ائين ئي ڪيو. انهن وٽ ٿوريون ڪُرڙيون بہ هيون، تن تي بہ برڪت گھري چيلن کي ڏنائين ۽ چيائين تہ ”اهي بہ کڻي ماڻهن کي ڏيو.“ سو انهن تہ کائي ڍءُ ڪيو، تڏهن بہ ٽڪر ڳڀا ايترا تہ بچيا جو چيلن ست کاريون ڀريون. اهي اٽڪل چار هزار ماڻهو هئا. پوءِ يسوع انهن کي موڪل ڏني ۽ پاڻ پنهنجي چيلن سميت ٻيڙيءَ ۾ چڙهي دلمنوٿا جي علائقي ڏانهن ويو. اتي ڪي فريسي يسوع وٽ آيا ۽ کيس آزمائڻ لاءِ ساڻس بحث ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اسان کي ثابتيءَ لاءِ ڪا آڪاشي نشاني ڏيکار.“ تنهن تي هن ٿڌو ساهہ کڻي چيو تہ ”هن زماني جا ماڻهو نشاني ڇو ٿا گھرن؟ آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن زماني جي ماڻهن کي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي.“ پوءِ هو انهن کي ڇڏي چيلن سميت وري ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو ۽ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر وڃڻ لڳو. ان وقت چيلن کي روٽيون کڻڻ وسري ويون ۽ ٻيڙيءَ ۾ هڪڙي روٽيءَ کان سواءِ انهن وٽ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونہ هو. يسوع چين تہ ”ڏسو، هوشيار ٿجو، متان فريسين ۽ هيروديس جي خمير ۾ ڦاسجي پئو.“ تنهنڪري هو پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”هن اسان کي اهو انهيءَ ڪري چيو جو اسان وٽ روٽي ڪونهي.“ يسوع سندن ڳالهہ سمجھي ويو ۽ چيائين تہ ”ڇو ٿا پاڻ ۾ بحث ڪريو تہ اسان وٽ روٽي ڪونهي؟ ڇا اوهين اڃا تائين نہ ٿا ڄاڻو ۽ سمجھو؟ ڇا اوهان جا دماغ ايترا چٽ آهن؟ ڇا اکين هوندي بہ ڏسي نہ ٿا سگھو ۽ ڪنن هوندي بہ ٻڌي نہ ٿا سگھو؟ ڇا اوهان کي اهي ڳالهيون ياد نہ آهن جڏهن مون پنج روٽيون ڀڃي پنج هزار ماڻهن کي ڏنيون تہ ان وقت اوهان ڪيتريون کاريون اوبر جي بچيل ٽڪرن جون ڀري کنيون هيون؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”ٻارهن کاريون.“ يسوع ٻيهر پڇين تہ ”وري جڏهن مون ست روٽيون چار هزار ماڻهن ۾ ورهائي پوريون ڪيون هيون تہ اوهان ان وقت اوبر جي ٽڪرن جون ڪيتريون کاريون ڀريون هيون؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”ست کاريون.“ تڏهن يسوع چين تہ ”پوءِ اڃا بہ اوهين نہ ٿا سمجھو.“ پوءِ هو بيت‌صيدا ۾ آيا. اتي ڪي ماڻهو هڪ انڌي کي يسوع وٽ وٺي آيا ۽ منٿون ڪيائونس تہ ”هن کي هٿ لايو.“ يسوع انهيءَ انڌي ماڻهوءَ کي هٿ کان وٺي ڳوٺ کان ٻاهر وٺي ويو. اتي هن انڌي ماڻهوءَ جي اکين تي لٻ لائي پنهنجا هٿ گھمايا ۽ پڇيائينس تہ ”ڇا تون ڪا شيءِ ڏسي سگھين ٿو؟“ انڌي ماڻهوءَ مٿي نهاري چيو تہ ”مون کي ماڻهو گھمندي نظر اچن ٿا، پر اهي وڻن وانگر لڳن ٿا.“ تنهن تي يسوع وري پنهنجا هٿ هن جي اکين تي گھمايا. پوءِ هو غور سان ڏسڻ لڳو تہ سندس نظر بحال ٿي ويئي ۽ هو ڏورانهيون شيون بہ چٽيون ڏسڻ لڳو. پوءِ يسوع کيس حڪم ڏنو تہ ”سڌو گھر وڃ ۽ ڳوٺ ۾ ڪنهن سان بہ اها ڳالهہ نہ ڪجانءِ.“ پوءِ يسوع ۽ سندس چيلا قيصريہ فلپي شهر جي ويجھن ڳوٺن ڏانهن ويا. رستي تي هن چيلن کان پڇيو تہ ”ماڻهو منهنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آهيان؟“ انهن وراڻيو تہ ”ڪي ماڻهو چون ٿا تہ اوهين يوحنا بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ آهيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن مان ڪوبہ هڪ آهيو.“ پوءِ يسوع وري پڇين تہ ”اوهين منهنجي لاءِ ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آهيان؟“ تنهن تي پطرس جواب ڏنس تہ ”اوهين مسيح آهيو.“ تڏهن يسوع کين تاڪيد ڪندي چيو تہ ”اهو ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو.“ يسوع پنهنجي چيلن کي سکيا ڏيندي چيو تہ ”منش‌پتر لاءِ ضروري آهي تہ هو گھڻيون سختيون سهي، سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن کان رد ڪيو وڃي، کيس ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيوت ٿي اُٿي.“ يسوع هي ڳالهيون کولي کولي چيون. تنهن تي پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ انهن ڳالهين بابت جھڻڪيون ڏيڻ لڳس. يسوع ڦري چيلن ڏانهن منهن ڪري پطرس کي جھڻڪيو تہ ”اي شيطان! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. تون ايشور جي مرضيءَ مطابق نہ پر ماڻهن وانگر ٿو سوچين.“ پوءِ يسوع ميڙ کي پنهنجي چيلن سميت ويجھو اچڻ لاءِ سڏيو ۽ چيو تہ ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري تہ اهو پنهنجي آپي کي ماري ۽ پنهنجي سولي کڻي منهنجي پٺيان هلي. ڏسو، جيڪو چاهي ٿو تہ پنهنجي جان بچائي سو اها وڃائيندو. پر جيڪو منهنجي واسطي ۽ منهنجي خوشخبريءَ جي واسطي پنهنجي جان وڃائيندو سو اها بچائيندو. ڀلا، ڪنهن ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڪهڙو فائدو ٿيندو جو هو سڄو سنسار تہ هٿ ڪري پر پنهنجي جان وڃائي ڇڏي؟ ماڻهو ڪجھہ بہ ڏيئي پنهنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي. جيڪڏهن ڪو هن ڀَٽڪيل ۽ بڇڙي زماني ۾ مون کان ۽ منهنجي ڳالهين کان شرمائيندو تہ منش‌پتر بہ ان کان شرمائيندو، جڏهن هو پنهنجي پتا جي جوت ۾ پوِتر دوتن سان گڏ ايندو.“ يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هتي ڪي اهڙا شخص بہ بيٺل آهن جيڪي جيستائين ايشور جي راڄ کي شڪتيءَ سان ايندي نہ ڏسندا، تيستائين موت جو ذائقو نہ چکندا.“ ڇهن ڏينهن کان پوءِ يسوع پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ يوحنا کي هڪ مٿاهين جبل تي نويڪلائيءَ ۾ وٺي ويو. تڏهن انهن جي ڏسندي ڏسندي يسوع جو روپ بدلجي پيو. سندس پوشاڪ اهڙي سفيد تجليدار ٿي پيئي جو ڌرتيءَ جو ڪوبہ ڌوٻي پوشاڪ کي اهڙو سفيد ڪري نہ سگھي. پوءِ انهن موسيٰ سنت ۽ ايلياہ سنت کي ڏٺو، جيڪي يسوع سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا. تنهن تي پطرس يسوع کي چيو تہ ”گرو! اسان جو ڀاڳ ڀلو آهي جو اسين هتي آهيون. اسين هتي ٽي تنبو ٿا کوڙيون هڪ اوهان لاءِ، هڪ موسيٰ لاءِ ۽ هڪ ايلياہ لاءِ.“ پطرس کي سڌ نہ پئي پوي تہ هو ڇا پيو چوي، ڇو تہ هو ۽ ٻيا چيلا ڏاڍا ڊڄي ويا هئا. ايتري ۾ هڪڙي ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان هڪ آواز آيو تہ ”هي منهنجو هڪڙو ئي پيارو پٽ آهي. سو هن جي ڌيان سان ٻڌو.“ تڏهن انهن چيلن جلدي هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، پر کين يسوع کان سواءِ اتي ٻيو ڪوبہ نظر نہ آيو. پوءِ جڏهن هو جبل تان هيٺ پئي لٿا تہ يسوع کين تاڪيد ڪيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ سو تيستائين ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو جيستائين منش‌پتر موت کان پوءِ وري جيوت نہ ٿئي.“ انهن يسوع جو حڪم تہ مڃيو پر پاڻ ۾ هن معاملي تي بحث ڪرڻ لڳا تہ ”موت کان پوءِ جيوت ٿيڻ جو مطلب ڇا آهي؟“ تڏهن چيلن کانئس پڇيو تہ ”نيم شاستري ڇو ٿا چون تہ مسيح جي اچڻ کان پهريائين سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ جو اچڻ ضروري آهي؟“ تنهن تي يسوع چين تہ ”برابر، اهو پهريائين ايندو ۽ ماڻهن کي بحال ڪندو. تڏهن بہ پوِتر شاستر ۾ ڇا هيئن بہ لکيل نہ آهي تہ منش‌پتر گھڻيون سختيون سهندو ۽ ڌڪاريو ويندو؟ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ايلياہ اچي چڪو، پر ماڻهن کي جيئن وڻيو تيئن ئي ساڻس سلوڪ ڪيائون، جيئن هن بابت پوِتر شاستر ۾ اڳڪٿي ڪيل آهي.“ جڏهن يسوع پنهنجي ٽنهي چيلن سان گڏ ٻين چيلن ڏانهن موٽي اچي رهيو هو تڏهن ڏٺائين تہ انهن جي چوڌاري ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ لڳو پيو آهي ۽ ڪي نيم شاستري انهن سان بحث ڪري رهيا آهن. يسوع کي ايندو ڏسندي ئي سڀ ماڻهو خوشيءَ وچان ”واہ! واہ!“ ڪرڻ لڳا ۽ ڊوڙي وڃي سندس آڌرڀاءُ ڪيائون. يسوع انهيءَ ميڙ کان پڇيو تہ ”اوهين منهنجي چيلن سان ڪهڙيءَ ڳالهہ تي بحث ڪري رهيا آهيو؟“ تنهن تي ميڙ مان هڪڙي ماڻهوءَ وراڻيو تہ ”اي گرو! مون پنهنجو پٽ اوهان وٽ آندو آهي، ڇاڪاڻ تہ منجھس هڪ ڀوت آهي جنهن ڪري ڳالهائي بہ نہ ٿو سگھي. جڏهن بہ ڀوت وٺيس ٿو تہ کيس پٽ تي ڪيرائي ٿو ۽ وات مان گِگَ ڪڍيس ٿو. ان وقت هو ڏند ڪرٽي ٿو ۽ شرير بہ سيٽجي سيخ ٿي وڃيس ٿو. مون اوهان جي چيلن کي چيو تہ ’هن مان اهو ڀوت ڪڍو.‘ پر اهي ڪڍي نہ سگھيا.“ يسوع چين تہ ”اي بي‌وشواس قوم! آءٌ اوهان سان ڪيستائين هوندس ۽ ڪيستائين آءٌ اوهان جون ڳالهيون برداشت ڪندس؟ هاڻي ڇوڪري کي مون وٽ آڻيو.“ انهن ڇوڪري کي وٽس آندو. يسوع کي ڏسندي ئي ڀوت ڇوڪري کي ڏاڍو جھنجھوڙيو ۽ ڇوڪرو پٽ تي ڪري ليٿڙڻ لڳو ۽ وات مان گِگَ پئي وهيس. يسوع ڇوڪري جي پتا کان پڇيو تہ ”ڪيتري عرصي کان هن جو هي حال آهي؟“ هُن جواب ڏنو تہ ”ننڍي هوندي کان وٺي. ڀوت ڇوڪري کي مارڻ جي ڪوشش بہ پئي ڪئي آهي، ڇو تہ ڪيترائي دفعا کيس باهہ ۽ پاڻيءَ ۾ اڇلايو اٿس. هاڻي جيڪڏهن اوهين ڪجھہ ڪري سگھو ٿا تہ اسان تي ترس کائي اسان جي مدد ڪريو.“ يسوع هن کي چيو تہ ”تنهنجي هنن لفظن تہ ’جيڪڏهن اوهين ڪجھہ ڪري سگھو ٿا،‘ جو مطلب ڇا آهي؟ ياد رک، جيڪو بہ ايشور تي وشواس رکي ٿو تنهن لاءِ سڀ ڪجھہ ٿي سگھي ٿو.“ تنهن تي ڇوڪري جي پتا هڪدم واڪو ڪري چيو تہ ”آءٌ وشواس رکان ٿو، پر جيڪڏهن منهنجو وشواس ڪامل نہ آهي تہ بہ مدد ڪريو.“ يسوع ڏٺو تہ ميڙ ڀيڙ ڪندو ٿو اچي، سو ڀوت کي حڪم ڏنائين تہ ”اي ٻوڙو ۽ گونگو ڪرڻ وارا ڀوت! آءٌ تو کي حڪم ٿو ڏيان تہ ڇوڪري مان هڪدم نڪري وڃ ۽ وري ڪڏهن بہ موٽي نہ اچجانءِ.“ تنهن تي ڀوت رڙيون ڪري ڇوڪري کي ڏاڍو جھنجھوڙيو ۽ منجھانئس نڪري ويو. تڏهن ڇوڪرو مُڙدي جهڙو ٿي پيو ۽ گھڻن تہ ائين پئي سمجھيو تہ هو مري ويو آهي. پر يسوع کيس هٿ کان وٺي اُٿاريو تہ هو اُٿي کڙو ٿيو. جڏهن يسوع گھر پهتو تہ سندس چيلن اڪيلائيءَ ۾ پڇيس تہ ”اسين هن ڀوت کي ڇو نہ ڪڍي سگھياسين؟“ يسوع وراڻيو تہ ”اهڙي قسم جي ڀوت کي پرارٿنا کان سواءِ ٻئي ڪنهن بہ نموني ڪڍي نہ سگھبو آهي.“ هو اتان اُٿي هليا ۽ گليل علائقي منجھان گذري ويا. يسوع نہ ٿي چاهيو تہ سندس اچڻ جي ڪنهن کي بہ خبر پوي، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي چيلن کي سکيا ڏيندي ٻڌايو پئي تہ ”منش‌پتر ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس ماريندا ۽ ٽئين ڏينهن تي هو وري جيوت ٿي اٿندو.“ پر اهي يسوع جي انهيءَ ڳالهہ جو مطلب سمجھي نہ سگھيا ۽ کانئس پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي. يسوع ۽ سندس چيلا ڪفرناحوم شهر ۾ آيا. پوءِ جڏهن اهي هڪڙي گھر ۾ پهتا، تڏهن يسوع پنهنجي چيلن کان پڇيو تہ ”رستي تي اوهان ڪهڙي ڳالهہ تي بحث پئي ڪيو؟“ پر هنن ڪڇيو ئي ڪين، ڇاڪاڻ تہ رستي تي هنن پاڻ ۾ هن ڳالهہ تي بحث پئي ڪيو تہ منجھن سڀ کان وڏو ڪير آهي. پوءِ يسوع ويهي رهيو ۽ ٻارهن ئي چيلن کي سڏي چيائين تہ ”جيڪڏهن ڪو اڳيان ٿيڻ چاهي، تہ هو سڀني کان پويان ٿئي ۽ سڀني جو سيوڪ ٿئي.“ تڏهن هن هڪڙو ننڍو ٻار کڻي اڳيان بيهاريو ۽ کيس ڀاڪر پائي چيلن کي چيائين تہ ”جيڪو منهنجي ڪري اهڙن ٻارن مان ڪنهن بہ هڪڙي کي قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جنهن مون کي قبول ڪيو، تنهن نہ رڳو مون کي بلڪ ايشور کي بہ قبول ڪيو جنهن مون کي موڪليو آهي.“ پوءِ يوحنا يسوع کي چيو تہ ”اي گرو! اسان هڪ اهڙو ماڻهو ڏٺو، جيڪو اوهان جي نالي تي ڀوت ڪڍي رهيو هو. اسان هن کي منع ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هو اسان جي ٽولي مان نہ هو.“ تنهن تي يسوع چين تہ ”هن کي منع نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جيڪو منهنجي نالي تي چمتڪار ڪري ۽ پوءِ جلد ئي منهنجي گلا ڪري سگھي. جيڪو بہ اسان جي خلاف نہ آهي سو اسان جي پاسي آهي. آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوهان کي پاڻيءَ جو پيالو انهيءَ لاءِ ٿو پيئاري تہ اوهين مسيح جا آهيو، تنهن کي پنهنجو لاڀ ضرور ملندو.“ ”انهن سادن سٻاجھن پوئلڳن جن جو مون تي وشواس آهي، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪڏهن ڪو ڀَٽڪائي ٿو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين هو جو انهيءَ کان اڳ ۾ ئي سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي ها. ساڳيءَ طرح جيڪڏهن تنهنجي اک تو کي ڀَٽڪائي تہ اها اک ڪڍي ڇڏ، ڇو تہ ٻن اکين سان نرڳ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ڪاڻو ئي ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿئين. جيڪي نرڳ ۾ پيل آهن تن کي ڪينئان هميشہ کائيندا رهن ٿا ۽ اتي باهہ هميشہ ٻرندي رهي ٿي. ياد رکو، هر ماڻهو هِن سنسار ۾ بہ ڄڻ تہ باهہ سان پوِتر ڪيو ويندو، جهڙيءَ طرح ٻليدان لوڻ سان پوِتر ڪيو وڃي ٿو. سو لوڻ چڱي شيءِ آهي، پر جيڪڏهن انهيءَ مان لوڻياٺ ئي نڪري وڃي تہ پوءِ ان کي ڇا سان وري لوڻياٺو ڪري سگھبو؟ تنهنڪري پاڻ ۾ لوڻ واري خاصيت رکو ۽ هڪٻئي سان صلح ۾ رهو.“ پوءِ يسوع گليل علائقي مان روانو ٿي يهوديہ جي علائقي ۾ ۽ اردن درياءَ جي اوڀر پار ويو. اتي بہ ماڻهن جا ميڙ هن وٽ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ پنهنجي دستور موجب هو انهن کي سکيا ڏيڻ لڳو. تڏهن ڪي فريسي وٽس آيا ۽ کيس آزمائڻ خاطر سوال پڇيائون تہ ”ٻڌاءِ تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي پنهنجي پتنيءَ کي طلاق ڏيڻ جائز آهي يا نہ؟“ يسوع جواب ۾ پڇين تہ ”موسيٰ نيم ۾ اوهان کي ڪهڙو حڪم ڏنو آهي؟“ انهن چيس تہ ”موسيٰ آگيا ڏني آهي تہ طلاق نامو لکي ڏيئي کيس ڪڍي سگھجي ٿو.“ يسوع چين تہ ”موسيٰ اوهان کي هي حڪم انهيءَ لاءِ ڏنو، ڇاڪاڻ تہ هن کي اوهان جي سخت‌دليءَ جي سڌ هئي. پر سنسار جي رچنا کان وٺي ايشور هنن کي نر ۽ ناري ڪري پيدا ڪيو آهي. پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’تنهنڪري مرد پنهنجي ماتا پتا کي ڇڏي پنهنجي پتنيءَ سان گڏجي رهندو ۽ ٻہ شرير گڏجي هڪ ٿي ويندا.‘ هاڻ اهي ٻہ نہ، پر هڪ آهن. سو جن کي ايشور ملايو آهي تن کي ماڻهو جدا نہ ڪري.“ پوءِ جڏهن هو گھر موٽي آيا تہ چيلن يسوع کان ان بابت پڇيو. يسوع کين وراڻيو تہ ”جيڪو ماڻهو پنهنجي پتنيءَ کي طلاق ڏيئي ٻي پتني پرڻجي ٿو، سو زنا ٿو ڪري ۽ اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪا پتني پنهنجي پتيءَ کان طلاق وٺي ڪنهن ٻئي سان پرڻجي ٿي، سا بہ زنا ٿي ڪرائي.“ ڪن ماڻهن ننڍڙا ٻار يسوع وٽ آندا تہ هو انهن تي هٿ رکي، پر چيلن انهن کي ڇينڀيو. جڏهن يسوع اهو ڏٺو تہ ڪاوڙجي پيو ۽ پنهنجي چيلن کي چيائين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو راڄ اهڙن جو ئي آهي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ايشور جي راڄ کي هڪ ننڍي ٻار وانگر ٿي قبول نہ ڪندو، تيستائين اهو ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“ پوءِ هن ٻارن کي هنج ۾ کڻي انهن تي هٿ رکيو ۽ کين آسيس ڪيائين. يسوع جڏهن رستي سان ويو پئي تہ هڪڙو ماڻهو ڀڄندو وٽس آيو ۽ سندس اڳيان گوڏا کوڙي پڇيائينس تہ ”اي نيڪ گرو! آءٌ ڇا ڪريان جو امر جيون حاصل ڪريان؟“ يسوع چيس تہ ”تون مون کي نيڪ ڇو ٿو سڏين؟ ايشور کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نيڪ نہ آهي. باقي تو کي حڪمن جي تہ سڌ آهي تہ ’خون نہ ڪر،‘ ’زنا نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاهدي نہ ڏي،‘ ’ٺڳي نہ ڪر‘ ۽ ’پنهنجي ماتا پتا جو مان ڪر.‘“ تنهن تي انهيءَ ماڻهوءَ جواب ڏنس تہ ”گرو! انهن سڀني حڪمن تي تہ آءٌ ننڍي هوندي کان ئي عمل ڪندو ٿو رهان.“ تڏهن يسوع هن کي چتائي ڏٺو ۽ سندس دل ۾ هن لاءِ پريم پيدا ٿيو. پوءِ چيائينس تہ ”تو ۾ اڃا هڪڙي گھٽتائي آهي. سو وڃ ۽ وڃي پنهنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُهي پئسا غريبن ۾ دان ڪر. تڏهن ايشور وٽ تو کي خزانو ملندو. سو دان ڪرڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“ جيئن تہ هو وڏو شاهوڪار ماڻهو هو، سو هن ڳالهہ تي سندس منهن لهي ويو ۽ ڏک وچان هليو ويو. تڏهن يسوع چوڌاري نهاريندي پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”شاهوڪار ماڻهن جو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“ هنن لفظن تي چيلا حيران ٿي ويا. سو يسوع هنن کي وري چيو تہ ”اي منهنجا ٻارؤ! ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ياد رکو، اُٺ جو سئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آهي، پر شاهوڪار ماڻهوءَ جو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ اولو آهي.“ تنهن تي چيلا وڌيڪ حيران ٿي ويا ۽ هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“ يسوع انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”اها ڳالهہ انسان جي وس کان ٻاهر آهي، پر ايشور جي وس کان نہ، ڇاڪاڻ تہ ايشور هر شيءِ تي شڪتيوان آهي.“ تڏهن پطرس چيس تہ ”ڏسو، اسين تہ سڀ ڪجھہ ڇڏي اوهان جي پٺيان لڳا آهيون.“ تنهن تي يسوع چين تہ ”برابر، پر آءٌ اوهان کي هيءَ ڳالهہ ٻڌايان ٿو تہ جيڪو بہ منهنجي ۽ منهنجي خوشخبريءَ جي ڪري پنهنجو گھر، ڀائر، ڀينرون، ماتا، پتا، ٻار يا ٻنيون ڇڏيندو، تہ ان کي هن ئي انتم زماني ۾ گھڻو ڪجھہ ملندو، جيئن تہ سؤڻا گھر، ڀائر، ڀينرون، ماتائون، ٻار ۽ ٻنيون. پر انهن سان گڏ کيس ستايو بہ ويندو. انهيءَ کان علاوہ ايندڙ نئين زماني ۾ کيس امر جيون بہ ملندو. پر ڪيترائي جيڪي هاڻي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي هاڻي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا.“ يسوع ۽ سندس چيلا يروشلم ڏانهن رستو وٺيو پئي ويا. ان وقت هو چيلن جي اڳيان هلي رهيو هو. اوڏانهن ويندي سندس چيلا ڏاڍا پريشان هئا ۽ جيڪي ماڻهو سندن پٺيان پئي آيا سي ڊنل هئا. سو هڪ دفعو وري يسوع ٻارهن ئي چيلن کي هڪ پاسي وٺي ويو ۽ جيڪي ڳالهيون ساڻس ٿيڻيون هيون سي سڀ کين ٻڌائڻ لڳو. يسوع چين تہ ”ڏسو، هاڻي اسين يروشلم ڏانهن هلي رهيا آهيون، جتي منش‌پتر سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين جي حوالي ڪيو ويندو. اهي سندس موت جي سزا جو فيصلو ڏيندا ۽ کيس غير قوم وارن جي حوالي ڪندا. اهي مٿس ٺٺوليون ڪندا، کيس ٿڪون ۽ ڪوڙا هڻندا ۽ قتل ڪري ڇڏيندا. پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيوت ٿي اٿندو.“ تڏهن زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا يسوع جي ويجھو اچي کيس چيو تہ ”اي گرو! اسين چاهيون ٿا تہ اوهين اسان جي لاءِ ڪجھہ ڪريو.“ يسوع انهن کي چيو تہ ”اوهين مون کان پنهنجي لاءِ ڇا ٿا ڪرائڻ گھرو؟“ انهن چيس تہ ”اسين چاهيون ٿا تہ جڏهن اوهين وڏي شان وَ شوڪت سان پنهنجي راجائي تخت تي ويهو تڏهن اسان کي آگيا ڏجو تہ هڪڙو اوهان جي ساڄي ۽ ٻيو اوهان جي کاٻي پاسي ويهي.“ يسوع انهن کي چيو تہ ”اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوهين ڇا گھري رهيا آهيو. ڇا اوهين اُهو پيالو پي سگھندا جيڪو مون کي پيئڻو آهي؟ يا وري اها بپتسما وٺي سگھندا جيڪا مون کي وٺڻي آهي؟“ انهن چيس تہ ”هائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“ تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”بيشڪ اوهين بہ اهو پيالو پيئندا جيڪو مون کي پيئڻو آهي ۽ اوهين بہ اها بپتسما وٺندا جيڪا مون کي وٺڻي آهي. پر منهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ويهارڻ منهنجي اختيار ۾ نہ آهي، بلڪ انهن جڳهن تي انهن کي ئي ويهاريو ويندو جن جي لاءِ اهي تيار ڪيون ويون آهن.“ جڏهن ٻين ڏهن چيلن اها ڳالهہ ٻڌي تہ اهي يعقوب ۽ يوحنا تي ڪاوڙيا. يسوع انهن سڀني کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ چيائين تہ ”اوهان کي سڌ آهي تہ قومن جا سردار ۽ امير جيڪي ماڻهن تي حڪم ٿا هلائين سي مٿن پورو اختيار رکن ٿا. پر اوهان ۾ ائين نہ آهي. اوهان ۾ جيڪو وڏو ٿيڻ چاهي تہ اهو اوهان جو سيوڪ ٿئي. هائو، جيڪو اوهان ۾ اڳيان ٿيڻ گھُري تہ اهو سڀني جو داس ٿئي. ڏسو، منش‌پتر بہ انهيءَ لاءِ نہ آيو آهي تہ ٻيا سندس سيوا ڪن، بلڪ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ پاڻ ٻين جي سيوا ڪري ۽ گھڻن کي بچائڻ واسطي پنهنجي جان عيوضي طور ڏئي.“ پوءِ اهي يريحو شهر ۾ آيا. يسوع جڏهن پنهنجي چيلن ۽ ماڻهن جي هڪ وڏي ميڙ سان يريحو شهر مان نڪري رهيو هو تہ اتي رستي جي پاسي تي هڪ انڌو فقير ويٺو هو، جنهن جو نالو بارتمائي هو، يعني تمائيءَ جو پٽ. جڏهن هن ٻڌو تہ يسوع ناصري لنگھي رهيو آهي، تڏهن هو رڙيون ڪري چوڻ لڳو تہ ”اي يسوع! اي راجا دائود جا اولاد! مون تي ديا ڪريو.“ ڪيترن ئي هن کي ڇڙٻ ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر.“ پر هن تيئن وٺي ڏاڍيون رڙيون ڪري چيو تہ ”اي راجا دائود جا اولاد! مون تي ديا ڪريو.“ تنهن تي يسوع بيهي رهيو ۽ چيائين تہ ”هن کي سڏ ڪريو.“ سو انهن انڌي ماڻهوءَ کي سڏيو ۽ چيائونس تہ ”دلجاءِ ڪر، هو تو کي سڏي رهيو آهي. اُٿي هل.“ تڏهن هو پنهنجي چادر اتي ئي ڦٽي ڪري ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ يسوع وٽ آيو. يسوع پڇيس تہ ”تون ڇا ٿو چاهين جيڪو آءٌ تنهنجي لاءِ ڪريان؟“ انڌي وراڻيس تہ ”اي گرو! آءٌ چاهيان ٿو تہ مون کي وري ديد ملي.“ يسوع چيس تہ ”وڃ، تنهنجي وشواس تو کي سڄو ڪيو آهي.“ تڏهن هو هڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ يسوع جي پٺيان رستو وٺي هليو. جڏهن يسوع پنهنجي چيلن سميت يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر تي بيت‌فگاہ ۽ بيت‌عنياہ ڳوٺن وٽ پهتو، تڏهن هن پنهنجي ٻن چيلن کي چيو تہ ”سامهون واري ڳوٺ ۾ وڃو. اوهين جيئن ئي ان ڳوٺ ۾ پهچندا تہ اُتي هڪ کودڙو ٻڌل ڏسندا، جنهن تي اڃا ڪنهن بہ سواري نہ ڪئي آهي. اوهين انهيءَ کي ڇوڙي هيڏانهن ڪاهي اچو. جيڪڏهن ڪوبہ اوهان کان پڇي تہ ’اهو ڇو ٿا ڇوڙيو؟‘ تڏهن کيس چئجو تہ ’گروءَ کي انهيءَ جي ضرورت آهي ۽ جلد ئي هو واپس ڏياري موڪليندو.‘“ سو هو روانا ٿي ويا ۽ هڪڙي گھٽيءَ ۾ دروازي جي ٻاهران کودڙو ٻڌل ڏٺائون. جيئن ئي ان کي ڇوڙيائون پئي تہ اُتي بيٺل ماڻهن مان ڪن انهن کي چيو تہ ”هي ڇا ٿا ڪريو ۽ کودڙي کي ڇو ٿا ڇوڙيو؟“ تنهن تي انهن کين اهو ئي جواب ڏنو جيڪو يسوع چيو هئن. تڏهن انهن اهو ڪاهي وڃڻ ڏنن. چيلن اهو کودڙو ڪاهي يسوع وٽ آندو ۽ انهيءَ تي پنهنجيون چادرون وڌائون، پوءِ يسوع ان تي چڙهي ويٺو. ڪيترائي ماڻهو پنهنجيون چادرون يسوع جي اڳيان رستي تي وڇائيندا ٿي رهيا ۽ ڪن وري ٻنين مان گاهہ ۽ وڻن جون ٽاميون پٽي آڻي پئي وڇايون. جيڪي ماڻهو يسوع جي اڳيان ۽ پٺيان پئي هليا تن نعرا پئي هنيا تہ ” ايشور جي مهما هجي! سڀاڳو آهي اهو جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي! سڀاڳو آهي اسان جي پتا دائود جي گھراڻي جو ايندڙ راڄ! آڪاش تي ايشور جي مهما هجي!“ يسوع يروشلم ۾ داخل ٿي هيڪل ۾ ويو ۽ اتي جيڪي وهي واپري پيو تنهن کي چوڌاري نظر ڦيرائي ڏٺائين. پر جيئن تہ ڏينهن ڪافي لڙي چڪو هو، تنهنڪري هو پنهنجي ٻارهن چيلن سان گڏ بيت‌عنياہ ڏانهن هليو ويو. ٻئي ڏينهن تي جڏهن هو بيت‌عنياہ کان موٽي رهيا هئا تہ رستي تي يسوع کي بک لڳي. هن پري کان هڪ انجير جو وڻ ڏٺو، جيڪو ڏاڍو سرسبز هو. انهيءَ ڪري هو اُن وڻ ۾ انجير ڳولڻ ويو تہ شايد ڪجھہ ملي سگھي. پر هو اچي ڏسي تہ وڻ ۾ رڳو پن ئي پن آهن، ڇاڪاڻ تہ انجيرن جي مند نہ هئي. تنهن تي يسوع انجير جي وڻ کي چيو تہ ”اڄ کان پوءِ وري ڪڏهن بہ ڪو تو مان انجير نہ لهندو.“ سندس چيلن اهو ٻڌو. جڏهن اهي يروشلم ۾ پهتا تہ يسوع هيڪل ۾ ويو ۽ اُتي اڱڻ ۾ جيڪي ماڻهو واپار ۽ ڏيتي ليتيءَ ۾ رُڌل هئا، تن کي تڙي ڪڍڻ لڳو ۽ پئسا مَٽائي هيڪل جا سڪا ڏيڻ وارن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين. هن ڪنهن کي بہ سامان کڻي هيڪل جي اڱڻ مان اچڻ وڃڻ نہ ڏنو. پوءِ يسوع ماڻهن کي سکيا ڏيندي چيو تہ ”پوِتر شاستر ۾ ايشور اهو فرمايو آهي تہ ’منهنجو گھر سڀني قومن لاءِ پرارٿنا وارو گھر سڏبو،‘ پر اوهان ان کي ’ڌاڙيلن جو اڏو‘ بڻايو آهي.“ سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين جڏهن اهو ٻڌو تڏهن هو موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳا تہ ڪهڙي طريقي سان يسوع کي مارجي، ڇاڪاڻ تہ هو يسوع کان انهيءَ ڪري ڊڄن پيا جو سڄي خلق هن جي سکيا تي حيران هئي. جڏهن شام ٿي تہ يسوع ۽ سندس چيلا شهر مان نڪري هليا ويا. ٻئي ڏينهن صبح جو سوير جيئن ئي هو يروشلم ڏانهن پئي آيا تہ رستي تي انهن انجير جو اُهو وڻ ڏٺو، جيڪو هاڻي چوٽيءَ کان وٺي پاڙ تائين سڪي ويو هو. تنهن تي پطرس کي سراپ واري ڳالهہ ياد اچي ويئي. تڏهن يسوع کي چيائين تہ ”اي گرو! انجير جي جنهن وڻ کي اوهان سراپ ڏنو هو، سو سڪي ويو آهي.“ يسوع انهن کي چيو تہ ”ايشور تي پورو وشواس رکو. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن ڪنهن جي دل ۾ شڪ نہ آهي ۽ يقين اٿس تہ ’جيئن آءٌ چوان ٿو ائين ٿيندو،‘ تہ پوءِ جيڪڏهن هو هن جبل کي بہ چوندو تہ ’پنهنجي جاءِ تان هٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪِر،‘ تہ اهو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو. تنهنڪري آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪا شيءِ اوهين پرارٿنا ۾ گھرو ٿا تنهن لاءِ يقين ڪريو تہ اها اوهان کي ملي ويئي آهي. تڏهن ئي اها اوهان کي ملندي. پوءِ يسوع پنهنجي چيلن سان گڏ يروشلم ۾ پهتو. جڏهن هو هيڪل ۾ گھميو پئي تہ سردار ڪاهن، نيم شاستري ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس وٽس آيا. انهن پڇيس تہ ”تون ڪهڙي اختياريءَ سان هي ڪم ڪرين ٿو؟ تو کي انهن ڪمن جي اختياري ڪنهن ڏني آهي؟“ تنهن تي يسوع انهن کي جواب ڏنو تہ ”آءٌ بہ اوهان کان هڪ سوال ٿو پڇان ۽ جيڪڏهن اوهان مون کي جواب ڏنو تہ آءٌ بہ اوهان کي ٻڌائيندس تہ ڪهڙي اختياريءَ سان آءٌ هي ڪم ڪريان ٿو. مون کي ٻڌايو تہ يوحنا جيڪا بپتسما ٿي ڏني سا ڪنهن جي طرفان هئي، ايشور جي طرفان يا انسان جي طرفان؟“ تنهن تي اهي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”ڇا چئون؟ جيڪڏهن جواب ۾ چئون ٿا تہ ’ايشور جي طرفان،‘ تہ هو چوندو تہ ’پوءِ اوهان يوحنا جي ڳالهين تي ڇو يقين نہ ڪيو؟‘ جڏهن تہ کُليو کُلايو ائين بہ نہ ٿا چئي سگھون تہ ’انسان جي طرفان.‘“ انهيءَ جو سبب هي هو جو ماڻهن کان کين ڊپ ٿي ٿيو، ڇو تہ ماڻهو يوحنا کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سچو سنت ڪري مڃين پيا. تنهنڪري انهن يسوع کي جواب ڏنو تہ ”اسان کي سڌ نہ آهي.“ تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”پوءِ آءٌ بہ نہ ٻڌائيندس تہ ڪهڙي اختياريءَ سان آءٌ هي ڪم ڪريان ٿو.“ پوءِ يسوع پئنچائت جي انهن چڱن مڙسن سان مثالن ۾ ڳالهائڻ لڳو ۽ چيائين تہ ”ڪنهن ماڻهوءَ انگورن جو هڪ باغ لڳايو. انهيءَ جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ هڪ حوض ٺهرايائين ۽ پهري لاءِ هڪڙو ٺُلهہ بہ ٺهرايائين. پوءِ اهو باغ ڪن باغائين جي سنڀال هيٺ ڏيئي هو پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو. جڏهن انگورن لهڻ جي مند آئي تہ هن انهن باغائين ڏانهن پنهنجو هڪڙو نوڪر موڪليو تہ انگورن جو ڀاڱو وٺي اچي. پر باغائين انهيءَ نوڪر کي پڪڙي مار ڏني ۽ کيس خالي هٿين موٽائي ڇڏيو. تنهن تي هن انهن ڏانهن وري ٻيو نوڪر موڪليو. باغائين ان نوڪر جو بہ مٿو ڦاڙي وڌو ۽ جٺيون ڪري موڪلي ڇڏيائونس. مالڪ وري ٽيون نوڪر موڪليو تہ انهن هن کي ماري وڌو. پوءِ هن ٻيا ڪيترائي ماڻهو موڪليا، جن مان ڪن کي مار ڏنائون تہ ڪن کي اڦٽ ماري وڌائون. هاڻي باقي وڃي سڪيلڌو پٽ بچيو هئس. تنهن کي سڀني کان پوءِ باغائين ڏانهن موڪليائين، جو پڪ هئس تہ هو انهيءَ جو لحاظ ڪندا. پر انهن باغائين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’هي مالڪ جو اڪيلو وارث آهي، اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ سندس ميراث اسان جي ٿي پوندي.‘ پوءِ انهن هن کي پڪڙي ماري وڌو ۽ سندس لاش کي باغ جي ٻاهران اڇلائي ڇڏيائون.“ پوءِ يسوع انهن چڱن مڙسن کي چيو تہ ”هاڻي سوچو تہ انگورن جي باغ جو مالڪ ڇا ڪندو. هاڻ تہ هو پاڻ ايندو ۽ انهن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيندو. پوءِ هو انگورن جو باغ ٻين باغائين جي حوالي ڪري ڇڏيندو. ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ هي نہ پڙهيو آهي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي. اهو پرميشور جي طرفان ڪيو ويو آهي، اها اسان لاءِ ڪهڙي نہ عجيب ڳالهہ آهي!‘“ تنهن تي يهودين جي ڌرمي اڳواڻن يسوع کي پڪڙائڻ چاهيو، ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاڻي ورتو تہ هي مثال يسوع انهن جي خلاف ٻڌايو آهي. پر انهن کي ماڻهن کان ڊپ بہ ٿيو پئي، تنهنڪري هو کيس ڇڏي هليا ويا. پوءِ يهودين جي انهن اڳواڻن ڪي فريسي ۽ ڪي هيروديس جا حمايت ڪندڙ ماڻهو يسوع ڏانهن موڪليا، تہ جيئن اهي کيس ڳالهائڻ ۾ ڦاسائين. اهي هن وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اي گرو! اسان کي سڌ آهي تہ اوهين سچا آهيو ۽ ڪنهن جي پرواهہ ڪانہ ٿا ڪريو. اوهين ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي ظاهري ڏيک‌ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو، بلڪ سچائيءَ سان ايشور جو رستو ٿا ڏيکاريو. سو اسان کي ٻڌايو تہ رومي مهاراجا قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ اسان لاءِ جائز آهي يا نہ؟ اسين اُن کي ٽيڪس ڏيون يا نہ؟“ يسوع انهن جي چالاڪيءَ کي سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ ”اوهين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟ چڱو ڀلا، هڪڙو چانديءَ جو سڪو کڻي اچي مون کي ڏيکاريو.“ اهي چانديءَ جو سڪو وٽس کڻي آيا، تڏهن يسوع پڇين تہ ”هن تي ڪنهن جي تصوير ۽ ڪنهن جو نالو اُڪريل آهي؟“ انهن جواب ڏنس تہ ”قيصر جو.“ تڏهن يسوع کين چيو تہ ”ٺيڪ آهي، جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪي ايشور جو آهي سو ايشور کي ڏيو.“ يسوع جو اهو جواب ٻڌي کين ڏاڍو عجب لڳو. پوءِ صدوقي، جن جو وشواس هو تہ موت کان پوءِ ماڻهو جيوت نہ ٿيندا، تن مان ڪي يسوع وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اي گرو! اسان جي لاءِ موسيٰ نيم ۾ فرمايو آهي تہ ’جيڪڏهن ڪو ماڻهو پتني ڇڏي بي‌اولاد مري وڃي تہ هن جو ڀاءُ ان جي وڌوا پرڻجي، تہ جيئن پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.‘ هڪڙا ست ڀائر هئا، پهرئين شادي ڪئي ۽ بي‌اولاد مري ويو. تڏهن ٻئي ان جي وڌوا سان شادي ڪئي ۽ اهو بہ بي‌اولاد مري ويو ۽ ٽئين بہ ساڳيءَ طرح اُن سان شادي ڪئي. اهڙيءَ طرح ستن ئي ڀائرن ساڻس شادي ڪئي ۽ بي‌اولاد مري ويا. آخرڪار اُها ناري بہ مري ويئي. هاڻي ٻڌايو تہ جڏهن قيامت ٿيندي ۽ سڀيئي جيوت ٿي اٿندا تہ اُها ناري ڪنهن جي پتني ٿيندي، ڇاڪاڻ تہ ستن ئي هن سان شادي ڪئي هئي؟“ يسوع انهن کي چيو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ڀليل آهيو جو نہ پوِتر شاستر جون لکتون ٿا ڄاڻو، نڪي وري ايشور جي شڪتي. ڏسو، مري ويل جڏهن جيوت ٿي اٿندا تڏهن اهي نہ پرڻبا، نڪي پرڻائبا، بلڪ جيئن آڪاش ۾ دوت آهن تيئن اهي بہ هوندا. مري ويلن جي جيوت ٿي اٿڻ بابت اوهان موسيٰ جي شاستر ۾ ٻرندڙ ٻوڙي واري بيان ۾ ڪين پڙهيو آهي ڇا تہ ڪيئن ايشور موسيٰ سان ڳالهايو ۽ چيائينس تہ ’آءٌ ابرهام جو ايشور، اضحاق جو ايشور ۽ يعقوب جو ايشور آهيان.‘ ان جو مطلب آهي تہ هو مئلن جو ايشور نہ، بلڪ جيڪي جيوت آهن تن جو ايشور آهي. سو اوهين تہ سخت ڀليل آهيو.“ انهيءَ وقت نيم شاسترين مان هڪڙو اتي آيو ۽ هنن کي بحث ڪندو ڏسي ڄاڻي ورتائين تہ يسوع صدوقين کي سٺو جواب ڏنو آهي. تڏهن يسوع کان پڇيائين تہ ”سڀني حڪمن کان وڏو حڪم ڪهڙو آهي؟“ تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”پهريون وڏو حڪم هي آهي تہ ’اي بني اسرائيل! ٻڌ، پرڀو اسان جو ايشور هڪڙو ئي پرڀو آهي. تون پرڀوءَ پنهنجي ايشور کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان، پنهنجي پوريءَ سمجھہ ۽ پنهنجي پوريءَ طاقت سان پيار ڪر.‘ ٻيو حڪم هي آهي تہ ’تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.‘ انهن ٻنهي حڪمن کان وڏو ٻيو ڪوبہ حڪم ڪونهي.“ تنهن تي انهيءَ نيم شاستريءَ يسوع کي چيو تہ ”اي گرو! واہ جي ڳالهہ ڪئي اٿوَ. بيشڪ ايشور هڪڙو ئي آهي ۽ انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي. سو ضروري آهي تہ انسان انهيءَ کي ئي پوريءَ دل، پوريءَ سمجھہ ۽ پوريءَ طاقت سان پيار ڪري ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ سان بہ پاڻ جهڙو پيار ڪري. اهو جانورن جي ٻليدان ڪرڻ يا ٻليدان واري جاءِ تي ايشور جي سيوا ۾ ٻيون شيون ڀيٽا ڪرڻ کان بہ وڌيڪ سٺو آهي.“ يسوع ڏٺو تہ هن سياڻپ جو جواب ڏنو آهي. تنهنڪري کيس چيائين تہ ”تون ايشور جي راڄ کان پري نہ آهين.“ انهيءَ کان پوءِ ڪنهن کي بہ همت نہ ٿي جو يسوع کان ڪو ٻيو سوال پڇي سگھي. پوءِ يسوع جڏهن هيڪل ۾ سکيا پئي ڏني تہ هن هڪ سوال ڪيو تہ ”نيم شاستري ڪيئن ٿا چون تہ ’مسيح راجا دائود جو اولاد آهي‘؟ دائود تہ پاڻ پوِتر آتما جي هدايت تي چيو هو تہ ’پرڀو پرميشور منهنجي پرڀوءَ کي چيو تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان.“‘ سو جيڪڏهن دائود پاڻ مسيح کي ’پرڀو‘ ڪري ٿو سڏي، تہ پوءِ مسيح ڪيئن سندس اولاد ٿي سگھي ٿو؟“ يسوع جون اهي ڳالهيون سڄيءَ خلق خوشيءَ سان پئي ٻڌيون. يسوع ماڻهن کي سکيا ڏيندي وڌيڪ چيو تہ ”نيم شاسترين کان هوشيار ٿجو، جيڪي ڊگھا ڊگھا جبا پائي گھمڻ پسند ڪن ٿا. اهي چاهين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻهو کين نمسڪار ڪن. هو ڀڳتيءَ وارين جاين توڙي دعوتن ۾ اعليٰ درجي وارين جاين تي ويهڻ پسند ڪن ٿا. اهي وڌوائن جا گھر لٽي ڦُري ٿا ڇڏين ۽ ماڻهن جي ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون پرارٿنائون ڪن ٿا. اهي تہ ٻين کان بہ وڌيڪ پاپي قرار ڏنا ويندا.“ پوءِ يسوع هيڪل ۾ دان واري پيتيءَ جي ڀرسان ويهي رهيو ۽ جاچڻ لڳو تہ ڪيئن ماڻهو اُن پيتيءَ ۾ پئسا وجھن ٿا. هن ڏٺو تہ ڪي دولتمند ان ۾ گھڻا پئسا وجھي رهيا هئا. ايتري ۾ هڪ غريب وڌوا آئي جنهن ٻہ ننڍڙا سڪا اچي پيتيءَ ۾ وڌا. تڏهن يسوع پنهنجي چيلن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ دان جي پيتيءَ ۾ هن غريب وڌوا سڀني کان وڌيڪ دان وڌو آهي. ٻين ماڻهن جيڪي پنهنجي گھرج کان وڌيڪ هئن تنهن مان پيتيءَ ۾ وڌو آهي، جڏهن تہ هن وڌوا پنهنجي غربت مان بہ جيڪو هڙ ۾ هئس سو سڀ وڌائين ۽ هاڻي جيون گذارڻ لاءِ وٽس ڪجھہ بہ نہ رهيو آهي.“ يسوع جڏهن هيڪل مان ٻاهر نڪتو پئي تہ سندس چيلن مان هڪڙي چيس تہ ”اي گرو! ڏسو تہ هي ڪيڏا نہ سهڻا پٿر ۽ ڪيڏيون نہ خوبصورت عمارتون آهن!“ تنهن تي يسوع چيس تہ ”تون جيڪي هي وڏيون عمارتون ڏسين ٿو، تن جو ڪو پٿر پٿر تي نہ رهندو جيڪو ڊاٺو نہ ويندو.“ پوءِ يسوع جڏهن هيڪل جي سامهون زيتون جي ٽڪر تي ويٺو هو تڏهن پطرس، يعقوب، يوحنا ۽ اندرياس هن سان نويڪلائيءَ ۾ اچي مليا. انهن پڇيس تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون ۽ هنن واقعن ٿيڻ لاءِ ڪهڙي نشاني ٿيندي، جنهن مان سڌ پوي تہ برابر وقت اچي پهتو آهي؟“ تنهن تي يسوع انهن کي چوڻ لڳو تہ ”هوشيار رهو، متان ڪو اوهان کي ڀَٽڪائي نہ ڇڏي، ڇو تہ ڪيترائي منهنجي نالي سان ايندا ۽ پاڻ کي مسيح سڏائي ڪيترن ئي ماڻهن کي ڀَٽڪائي ڇڏيندا. جڏهن اوهين ويجھو ۽ پري وارين جنگين جون ڳالهيون ٻڌو تڏهن نہ گھٻرائجو. اهي ڳالهيون ٿينديون ضرور، پر اها اڃا پڄاڻي نہ آهي. قوم، قوم سان وڙهندي ۽ راڄ، راڄ تي چڙهائي ڪندو. ڪيترن ئي هنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا. اهي ڳالهيون تہ مصيبتن جي شروعات هونديون. جڏهن هو اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ پيش ڪن تڏهن اها ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوهان کي ڇا چوڻو آهي. جيڪي اوهان کي چوڻو هوندو سو انهيءَ مهل پاڻ ئي اوهان کي ٻڌايو ويندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون اوهين ڪندا سي اوهان جون نہ، پر پوِتر آتما جون هونديون. ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ ۽ ماتا پتا پنهنجي اولاد کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندا. اولاد پنهنجي ماتا پتا جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندو ۽ کين مارائي ڇڏيندو. منهنجي نالي جي ڪري هر ڪو اوهان سان دشمني رکندو. پر اوهان مان جيڪو توڙ تائين ثابت قدم رهندو سو اطمينان رکي تہ هن لاءِ مڪتي آهي.“ ”جڏهن اوهين ’بربادي آڻيندڙ نفرت جهڙي شيءِ‘ کي اُتي رکيل ڏسو جتي اهڙي شيءِ رکيل نہ هئڻ گھرجي (جيڪو هي پڙهي سو ضرور ان بابت سمجھڻ جي ڪوشش ڪري)، تڏهن يهوديہ جي پوري علائقي وارا جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن. جيڪو ماڻهو گھر جي ڇت تي هجي سو پاڻ سان ڪا شيءِ کڻي نڪرڻ لاءِ لهي پنهنجي گھر ۾ وڃي وقت نہ وڃائي ۽ جيڪو ماڻهو ٻنيءَ ۾ هجي سو بہ گھر ڏانهن ڪپڙا کڻڻ لاءِ نہ موٽي. انهن ڏينهن ۾ جيڪي ناريون پيٽ سان هونديون، يا جن کي ٿڃ ڌائيندڙ ٻار هوندا، تن لاءِ ڪيڏي نہ مصيبت ٿيندي. ايشور کي پرارٿنا ڪريو تہ شل اهي ڳالهيون سياري ۾ نہ ٿين. جيڪا مصيبت انهن ڏينهن ۾ ايندي سا ايڏي تہ وڏي هوندي جو ايشور جي سنسار پيدا ڪرڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ ڪا آئي آهي ۽ نہ وري ڪڏهن ايندي. پرميشور جيڪڏهن انهن ڏينهن جو مدو نہ گھٽائي ها، تہ جيڪر ڪوبہ بچي نہ سگھي ها. پر هن پنهنجي چونڊيلن جي ڪري انهن ڏينهن جو مدو گھٽائي ڇڏيو. ان وقت جيڪڏهن ڪو اوهان کي چوي تہ ’ڏسو، مسيح هيڏانهن آهي‘ يا چوي تہ ’ڏسو، مسيح هوڏانهن آهي‘ تہ ان تي يقين نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اهڙا ڪوڙا ماڻهو ظاهر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا وري ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت سڏائيندا. اهي نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جهڙا ڪم ڪندا. اهو سڀ اهي انهيءَ مقصد لاءِ ڪندا تہ جيڪڏهن کانئن ٿي سگھي تہ ايشور جي چونڊيلن کي بہ ڀَٽڪائي ڇڏين. تنهنڪري هوشيار رهو. ڏسو، مون اوهان کي هر ڳالهہ وقت کان اڳي ئي ٻڌائي ڇڏي آهي.“ يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”مصيبت وارن انهن ڏينهن کان پوءِ سج ڪاراٽجي ويندو ۽ چنڊ پنهنجي روشني وڃائي ويهندو. تارا آڪاش مان ڪرندا ۽ آڪاشي طاقتون لُڏي وينديون. تڏهن ماڻهو منش‌پتر کي وڏي شڪتيءَ ۽ شان وَ شوڪت سان ڪڪرن تي ايندي ڏسندا. پوءِ هو دوتن کي هر طرف موڪليندو، تہ جيئن اهي ايشور جي چونڊيل سڀني ماڻهن کي آڻي گڏ ڪن جيڪي ڌرتيءَ جي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين پکڙيل آهن.“ ”اوهين انجير جي وڻ مان سبق پرايو. جڏهن هن جون ٽاريون سايون ۽ نرم ٿين ٿيون ۽ انهن ۾ پن اچڻ شروع ٿين ٿا، تڏهن اوهين سمجھو ٿا تہ اونهارو آيو ڪي آيو. ساڳيءَ طرح جڏهن اوهين تڪليفن ۽ تباهين واريون اِهي ڳالهيون ٿيندي ڏسو، تڏهن ڄاڻجو تہ هيڪل جي ڊهڻ جو وقت اچي پهتو آهي، بلڪ ائين سمجھجو تہ در تي اچي بيٺو آهي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن پيڙهيءَ جي هلندي هلندي اِهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿينديون. ڌرتي ۽ آڪاش ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“ يسوع پنهنجي چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ جي باوجود منش‌پتر جي اچڻ واري ڏينهن ۽ گھڙيءَ بابت ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي، نہ آڪاش جا دوت ۽ نہ ئي پٽ، رڳو پتا ئي اهو ڄاڻي ٿو. سو هوشيار ٿجو ۽ سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي سڌ نہ آهي تہ اهو وقت ڪڏهن ايندو. منش‌پتر جو موٽي اچڻ انهيءَ ماڻهوءَ وانگر آهي جيڪو پرديس تي ويو هجي ۽ گھر مان نڪرڻ مهل پنهنجي نوڪرن کي اختياري ڏيئي هر هڪ کي پنهنجو پنهنجو ڪم سونپي ويو هجي، بلڪ دربان کي بہ حڪم ڏيئي ويو هجي تہ ’سجاڳ رهجانءِ.‘ تنهنڪري اوهين بہ سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي سڌ نہ آهي تہ گھر جو مالڪ ڪڏهن ايندو، الائجي سانجھيءَ جو يا اڌ رات جو يا ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ مهل يا صبح جو اچي. ائين نہ ٿئي جو جڏهن هو اوچتو اچي تہ متان اوهان کي ستل ڏسي. جيڪي آءٌ اوهان کي چوان ٿو سو ٻين سڀني کي بہ چوان ٿو تہ سجاڳ رهجو.“ فصح ۽ بي‌خميري روٽيءَ جو تهوار ٻن ڏينهن کان پوءِ اچڻو هو. سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين وجھہ پئي ڳوليو تہ اهي ڪهڙيءَ طرح يسوع کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائين. پر چيائون تہ ”تهوار جي ڏينهن ائين نہ ڪريون، متان ماڻهن ۾ وڳوڙ پئجي وڃي.“ يسوع جڏهن بيت‌عنياہ ۾ ڪوڙهہ جهڙي مرض واري شمعون جي گھر رسوئي کاڌي پئي، تہ هڪڙي ناري سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ خالص جٽاماسيءَ جو قيمتي عطر کڻي آئي ۽ عطرداني ڀڃي عطر يسوع جي مٿي تي هاريائين. تڏهن اتي ويٺلن مان ڪي پنهنجيءَ دل ۾ ڪاوڙيا ۽ چيائون تہ ”هي عطر ڇو زيان ڪيو ويو؟ اهو عطر ٽي سؤ چانديءَ جي سڪن کان بہ وڌيڪ قيمت ۾ وڪامجي سگھيو ٿي ۽ اهي پئسا غريبن کي ڏجن ها.“ سو اُهي انهيءَ ناري کي سختيءَ سان نندڻ لڳا. تنهن تي يسوع کين چيو تہ ”هن کي ڇو ٿا ستايو؟ کيس ڇڏي ڏيو. هن منهنجي لاءِ تمام سٺو ڪم ڪيو آهي. غريب تہ اوهان وٽ هميشہ آهن، سو جڏهن بہ اوهان جي مرضي ٿئي تڏهن انهن سان نيڪي ڪري سگھو ٿا. پر آءٌ اوهان سان هميشہ نہ هوندس. هن ناريءَ کان جيڪو ڪجھہ ٿي سگھيو سو هن ڪيو. هن منهنجي دفن ٿيڻ کان اڳ ئي منهنجي شرير تي خوشبوءِ ڇٽڪائي آهي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ سڄي سنسار ۾ جتي بہ ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو ويندو، اُتي هن ناريءَ جي يادگيريءَ ۾ سندس ڪيل هن ڪم جو ذڪر بہ ڪيو ويندو.“ پوءِ يسوع جي ٻارهن چيلن مان يهوداہ اسڪريوتي سردار ڪاهنن وٽ ويو، انهيءَ لاءِ تہ هو يسوع کي پڪڙائڻ ۾ سندن مدد ڪري. يهوداہ جي هن ڳالهہ تي اهي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هن کي پئسن ڏيڻ جو وچن ڪيائون. پوءِ هو موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳو تہ ڪهڙيءَ طرح يسوع کي پڪڙائي. بي‌خميري روٽيءَ واري تهوار جي پهرئين ڏينهن تي جڏهن هنن فصح جي تهوار جي ٻليدان لاءِ گھيٽا پئي ڪُٺا، تڏهن چيلن يسوع کان پڇيو تہ ”اوهين فصح جي تهوار واري رسوئي ڪٿي کائڻ پسند ڪندا، تہ جيئن اسين وڃي تياري ڪريون؟“ تنهن تي يسوع پنهنجي ٻن چيلن کي اهو چئي موڪليو تہ ”شهر ۾ وڃو. اتي اوهين هڪڙو اهڙو ماڻهو ڏسندا، جنهن کي پاڻيءَ جو دلو کنيل هوندو. اوهين انهيءَ جي پٺيان وڃجو. پوءِ جنهن گھر ۾ اهو ماڻهو گھڙي وڃي تنهن جي مالڪ کي چئجو تہ ’گرو چوي ٿو تہ اهو مهمان‌خانو ڪٿي آهي، جتي هو پنهنجي چيلن سان گڏجي فصح جي تهوار واري رسوئي کائي؟‘ تڏهن هو اوهان کي ماڙيءَ تي سجائي تيار ڪيل هڪ وڏو ڪمرو ڏيکاريندو، جتي اوهين اسان لاءِ فصح جي تهوار واري رسوئيءَ جي تياري ڪجو.“ چيلا جڏهن يروشلم شهر ۾ پهتا تہ اتي هر شيءِ ائين ئي ڏٺائون جيئن يسوع کين ٻڌايو هو. سو هنن اتي فصح جي تهوار واري رسوئي کائڻ جي تياري ڪئي. جڏهن شام ٿي تہ يسوع ٻارهن ئي چيلن سان گڏ اتي آيو. پوءِ جڏهن اهي گڏجي رسوئي کائي رهيا هئا تہ يسوع چين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهان مان هڪڙو مون کي پڪڙائيندو، جيڪو مون سان گڏ کائي ٿو.“ تنهن تي چيلا غمگين ٿيا ۽ هڪٻئي پٺيان يسوع کان پڇڻ لڳا تہ ”اهو آءٌ تہ نہ هوندس نہ؟“ يسوع وراڻيو تہ ”اُهو اوهان ٻارهن مان ئي آهي، جيڪو مون سان گڏ ٿالهيءَ مان گرهہ ٻوڙيندو آهي. منش‌پتر تہ ائين ئي مرندو، جيئن پوِتر شاستر ۾ اڳڪٿي ڪئي ويئي آهي. پر حيف آهي انهيءَ تي جيڪو منش‌پتر کي پڪڙائيندو. انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ اهو بهتر هو تہ هو سنسار ۾ اصل ڄائي ئي نہ ها.“ جڏهن اهي کائين پيا تہ يسوع روٽي کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ چيلن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، هي منهنجو شرير آهي.“ پوءِ هن مئي جو پيالو کڻي شڪر ڪري اهو بہ کين ڏنو ۽ سڀني اُن مان پيتو. تڏهن يسوع چين تہ ”اهو منهنجو رت آهي، جنهن سان ايشور جو وچن ٻڌجي ٿو. اهو رت گھڻن ئي جي لاءِ وهائجي ٿو. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن کان پوءِ آءٌ وري مئي نہ پيئندس، بلڪ ايشور جي راڄ ۾ نئين مئي ئي پيئندس.“ پوءِ انهن زبور ڳايو ۽ يروشلم کان نڪري زيتون جي ٽڪر ڏانهن هليا ويا. رستي تي يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”اوهين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، جيئن پوِتر شاستر ۾ ايشور فرمايو آهي تہ ’آءٌ ريڍار کي ماريندس ۽ رڍون ٽڙي پکڙي وينديون.‘ تنهن هوندي بہ آءٌ پنهنجي جيوت ٿيڻ کان پوءِ اوهان کان اڳي ئي گليل ۾ وڃي پهچندس.“ تنهن تي پطرس چيس تہ ”توڙي جو ٻيا سڀ اوهان کي ڇڏي وڃن، تڏهن بہ آءٌ اوهان کي هرگز ڇڏي نہ ويندس.“ يسوع پطرس کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ اڄ رات ئي ڪڪڙ جي ٻہ دفعا ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ تڏهن پطرس ڏاڍي جوش سان وراڻيس تہ ”آءٌ ائين ڪڏهن بہ نہ چوندس تہ آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان، توڙي جو مون کي اوهان سان گڏ مرڻو پوي.“ ٻين سڀني بہ اهڙيءَ طرح اقرار ڪيو. جڏهن اهي گتسمني نالي هڪ باغ ۾ آيا، تڏهن يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”اوهين هتي ويهي رهو تہ آءٌ پرارٿنا ڪري اچان.“ پوءِ هن پطرس، يعقوب ۽ يوحنا کي پاڻ سان کنيو. ان وقت کيس سخت پريشاني ۽ بي‌چيني وٺي ويئي. سو هن کين ٻڌايو تہ ”آءٌ ايترو تہ غمگين ٿي پيو آهيان جو منهنجي دل ٽٽڻ تي آهي. اوهين هتي ترسو ۽ جاڳندا رهو.“ پوءِ يسوع ٿورو پرڀرو وڃي پاڻ کي زمين تي ڪيرائي پرارٿنا ڪرڻ لڳو تہ ”جيڪڏهن ٿي سگھي تہ هيءَ ڏک جي گھڙي مون تان ٽاري وڃي.“ هن وڌيڪ چيو تہ ”اي پتا! اي منهنجا پتا! تون سڀ ڪجھہ ڪري سگھين ٿو، سو هي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنهن هوندي بہ منهنجي نہ، بلڪ تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“ پوءِ هو موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ ٽيئي چيلا سمهيا پيا آهن. تڏهن هن پطرس کي سڏي چيو تہ ”اي شمعون! تو کي بہ ننڊ وٺي ويئي ڇا؟ ڇا تون هڪڙي گھڙي بہ جاڳي نہ پيو سگھين؟“ پوءِ ٽنهي کي چيائين تہ ”جاڳندا رهو ۽ پرارٿنا ڪندا رهو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو. بيشڪ دل تہ چاهي ٿي پر شرير ۾ ايتري طاقت ناهي.“ هو وري پرڀرو ويو ۽ ائين ئي پرارٿنا ڪيائين جيئن اڳ ۾ ڪئي هئائين. پوءِ هن ٻيهر موٽي اچي ڏٺو تہ چيلا وري بہ ستا پيا آهن. کين ايتري تہ ننڊ ٿي آئي جو اکيون بہ پٽي نہ پئي سگھيا، سو سڌ ئي نہ ٿي پين تہ کيس ڇا چون. پر جڏهن هو ٽيون دفعو انهن وٽ موٽي آيو، تڏهن چيائين تہ ”ڇا اڃا تائين اوهين ننڊون ۽ آرام پيا ڪندا؟ بس، اها گھڙي اچي پهتي آهي. ڏسو، منش‌پتر پاپين جي حوالي ڪيو پيو وڃي. اُٿو، هلي ڏسو، جيڪو مون کي پڪڙائي رهيو آهي سو ويجھو اچي پهتو آهي.“ يسوع اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ سندس ٻارهن چيلن مان يهوداہ اسڪريوتيءَ نالي چيلو ماڻهن جي هڪڙي وڏي ٽولي سان گڏ آيو، جن کي هٿن ۾ تلوارون ۽ لٺيون هيون. انهن کي سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن موڪليو هو. هن دغاباز انهن کي اها نشاني سمجھائي هئي تہ ”جنهن ماڻهوءَ کي آءٌ چميان سو ئي يسوع هوندو. انهيءَ کي پڪڙجو ۽ پهري هيٺ وٺي وڃجوس.“ هو پهچڻ شرط سڌو يسوع وٽ آيو ۽ کيس ”گرو!“ سڏي چمي ڏنائين. پوءِ تہ هنن يسوع کي جھلي قابو ڪيو. تنهن تي يسوع جي ڀرسان بيٺلن مان هڪڙي شخص پنهنجي تلوار ڪڍي وڏي سردار ڪاهن جي نوڪر کي هنئي ۽ سندس ڪن ڪپي وڌائين. پوءِ يسوع انهن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل آهيان جو اوهين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ آيا آهيو؟ آءٌ تہ روزانو اوهان وٽ هيڪل ۾ سکيا ڏيندو هئس پر ان وقت تہ اوهان ڪڏهن بہ مون کي نہ پڪڙيو. پر هي انهيءَ لاءِ ٿئي ٿو تہ جيئن پوِتر شاستر جي ڳالهہ پوري ٿئي.“ تڏهن سڀيئي چيلا يسوع کي ڇڏي ڀڄي ويا. يسوع سان گڏ آيلن مان هڪڙو نوجوان جنهن کي شرير تي رڳو چادر ويڙهيل هئي، تنهن کي انهن چادر کان پڪڙي ورتو. پر هو چادر ڇڏي اگھاڙو ئي ڀڄي نڪتو. پوءِ اهي يسوع کي يروشلم ۾ وڏي سردار ڪاهن جي گھر وٺي آيا، جتي سردار ڪاهنَ، نيم شاستري ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا سڀيئي چڱا مڙس گڏ ٿيندا ٿي ويا. پطرس بہ يسوع جي ٿورو پٺيان پٺيان ايندي وڏي سردار ڪاهن جي گھر جي اڱڻ ۾ اچي پهتو. اُتي هو پهريدارن سان گڏ ويهي رهيو ۽ پاڻ کي باهہ تي سيڪڻ لڳو. ان وقت سردار ڪاهنن بلڪ يهودين جي سڄي پئنچائت ڪوشش پئي ڪئي تہ يسوع جي خلاف ڪا شاهدي هٿ ڪري کيس موت جي سزا ڏيارين. پر انهن کي اهڙي ڪابہ شاهدي ملي نہ سگھي، ڇاڪاڻ تہ ڪيترن ئي ماڻهن يسوع جي خلاف ڪوڙيون شاهديون تہ ڏنيون، پر انهن شاهدين پاڻ ۾ ميل نہ ٿي کاڌو. پوءِ ڪي ماڻهو اُٿي بيٺا ۽ يسوع تي هيءَ تهمت هنيائون تہ ”اسان هن کي هي چوندي ٻڌو آهي تہ ’آءٌ ماڻهن جي ٺهيل هن هيڪل کي ڊاهيندس ۽ ٽن ڏينهن اندر اهڙي هيڪل ٺاهيندس جيڪا ماڻهن جي ٺهيل نہ هوندي.‘“ پر انهن جي هن شاهديءَ بہ ميل نہ ٿي کاڌو. تڏهن وڏو سردار ڪاهن اُٿي بيٺو ۽ سڀني جي روبرو يسوع کان پڇڻ لڳو تہ ”تون ڳالهائين ڇو نہ ٿو؟ ڇا تو کي هنن جي الزامن جي جواب ۾ ڪجھہ چوڻو نہ آهي؟“ پر يسوع ماٺ ئي رهيو ۽ هڪ لفظ بہ نہ ڪڇيائين. وڏي سردار ڪاهن کانئس ٻيهر پڇيو تہ ”ڇا تون ئي مسيح آهين، مهما واري ايشور جو پٽ؟“ تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ آهيان. اوهين منش‌پتر کي سروِشڪتيوان جي ساڄي پاسي ويٺل ڏسندا ۽ کيس آڪاش وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسندا.“ تنهن تي وڏي سردار ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”بس! اسان کي وڌيڪ شاهد نہ کپن. هن جا ايشور جي نندا وارا لفظ اوهان پاڻ ٻڌا آهن. سو هاڻي اوهان جو ڪهڙو فيصلو آهي؟“ تنهن تي انهن سڀني فيصلو ڏيندي چيو تہ ”هي موت جي سزا جي لائق آهي.“ پوءِ انهن مان ڪي يسوع کي ٿڪون هڻڻ لڳا ۽ ڪي سندس اکيون ٻڌي کيس ٺونشا هڻڻ لڳا ۽ چونس پيا تہ ”پنهنجي شڪتيءَ سان ٻڌاءِ تہ ڪنهن تو کي ڌڪ هنيو؟“ پهريدارن بہ کيس چماٽون هنيون. هوڏانهن پطرس اڃا اڱڻ ۾ ئي ويٺو هو تہ وڏي سردار ڪاهن جي هڪ نوڪرياڻي اتي آئي. هن جڏهن پطرس کي باهہ تي پاڻ سيڪيندي ڏٺو تہ ڏانهس چتائي نهاريندي چيائينس تہ ”تون بہ تہ يسوع ناصريءَ سان گڏ هئين.“ پر هن انڪار ڪندي چيس تہ ”آءٌ نہ ٿو ڄاڻان، نڪي سمجھان ٿو تہ تون ڇا چئي رهي آهين.“ هو اهو جواب ڏيئي ٻاهر ڏيڍيءَ ۾ هليو ويو تہ ايتري ۾ ڪڪڙ ٻانگ ڏني. انهيءَ نوڪرياڻيءَ جڏهن پطرس کي وري ڏٺو تڏهن اُتي بيٺل ماڻهن کي چوڻ لڳي تہ ”هي انهن مان هڪڙو آهي.“ پر هن وري بہ انڪار ڪيو. ٿوري دير کان پوءِ اُتي بيٺلن بہ پطرس کي چيو تہ ”پڪ سان تون انهن مان ئي آهين، ڇو تہ تون بہ گليلي پيو لڳين.“ تنهن تي پطرس قسم کڻي چيو تہ ”ڪوڙي تي ايشور جي لعنت هجي. آءٌ تہ هن ماڻهوءَ کي سڃاڻان ئي ڪونہ ٿو، جنهن جي اوهين ڳالهہ ٿا ڪريو.“ انهيءَ دم ڪڪڙ ٻيو دفعو ٻانگ ڏني. تڏهن پطرس کي يسوع جي چيل ڳالهہ ياد اچي ويئي تہ ”ڪڪڙ جي ٻہ دفعا ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ اهو خيال ايندي ئي هو اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. صبح ٿيندي ئي سردار ڪاهنَ اچي نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين سڀني چڱن مڙسن سان مليا ۽ پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪيائون. پوءِ هنن يسوع کي ٻڌي وٺي وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيو. پلاطس کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو راجا آهين؟“ يسوع جواب ڏنس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ.“ اتي سردار ڪاهنَ يسوع تي گھڻيون ئي تهمتون هڻندا رهيا. تنهنڪري پلاطس کانئس وري پڇيو تہ ”ڇا تون ڪجھہ بہ نہ چوندين؟ ڏس، هنن تو تي ڪيتريون تهمتون مڙهيون آهن.“ پر يسوع وري بہ هڪ لفظ نہ ڳالهايو. تنهن تي پلاطس ڏاڍو حيران ٿي ويو. پلاطس هر فصح جي تهوار جي موقعي تي هڪ قيدي آزاد ڪندو هو، جنهن جي لاءِ رعايا چوندي هئس. انهن ڏينهن ۾ برابا نالي هڪ ماڻهو جيل ۾ ٻين باغين سان گڏ هو جن هڪڙي فساد ۾ خون ڪيا هئا. جڏهن خلق اچي گڏ ٿي ۽ دستور موجب پلاطس کان رعايت گھريائون، تڏهن هن انهن کان پڇيو تہ ”ڇا اوهين چاهيو ٿا تہ آءٌ اوهان جي خاطر يهودين جي راجا کي آزاد ڪريان؟“ اهو انهيءَ ڪري پڇيائين جو هن ڄاتو پئي تہ ”سردار ڪاهنن رڳو ساڙ کان يسوع کي قيد ڪري مون وٽ آندو آهي.“ پر خلق سردار ڪاهنن جي دٻاءُ تي پلاطس کي چيو تہ هو يسوع جي بدران برابا کي آزاد ڪري. پلاطس وري بہ ورجائي پڇين تہ ”پر جنهن کي اوهين يهودين جو راجا ٿا سڏيو، تنهن کي آءٌ ڇا ڪريان؟“ تنهن تي انهن رڙيون ڪري چيو تہ ”سوليءَ تي چاڙهيوس.“ تڏهن پلاطس پڇين تہ ”ڇو، هن ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟“ پر هنن وٺي وڏيون رڙيون ڪيون تہ ”سوليءَ تي چاڙهيوس.“ جيئن تہ پلاطس ماڻهن کي راضي رکڻ ٿي گھريو، سو هن برابا کي انهن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو ۽ يسوع کي ڪوڙا هڻائڻ کان پوءِ سپاهين جي حوالي ڪندي چيائين تہ ”وڃي سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻوس.“ سپاهي يسوع کي گورنر جي محلات جي اڱڻ ۾ وٺي آيا ۽ پنهنجن ٻين ساٿين کي بہ سڏيائون. انهن يسوع کي واڱڻائي رنگ جو جبو ڍڪايو ۽ ڪنڊن جو هڪڙو تاج ٺاهي مٿي تي رکيائونس. پوءِ چوڻ لڳس تہ ”نمسڪار، اي يهودين جا راجا!“ ائين چوندي هو کيس مٿي تي لٺ سان ڌڪ هڻندا رهيا، ٿڪون هڻندا رهيا ۽ گوڏن ڀر ويهي سندس اڳيان سيس نوائيندا رهيا. جڏهن هو ٺٺوليون ڪري چڪا تڏهن واڱڻائي جبو لهرائي وري ساڳيا پنهنجا ڪپڙا ڍڪايائونس. پوءِ اُهي کيس ٻاهر وٺي آيا تہ جيئن سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻنس. رستي تي انهن کي شمعون نالي هڪڙو ماڻهو مليو، جيڪو ٻهراڙيءَ کان شهر ڏانهن اچي رهيو هو. هو ڪريني شهر جو رهاڪو هو ۽ سڪندر ۽ روفس جو پتا هو. سپاهي انهيءَ تي زور رکي کيس يسوع جي سولي کڻائي هليا. پوءِ اُهي يسوع کي يروشلم کان گُلگُتا نالي هڪڙي جاءِ تي وٺي آيا، جنهن جي معنيٰ آهي ”کوپريءَ جي جاءِ.“ هنن يسوع کي اهڙي مئي پيارڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ مُرَ نالي نشيدار شيءِ گڏيل هئي، پر هن اُها نہ پيتي. پوءِ هنن کيس سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هنيا ۽ سندس ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائڻ لاءِ پُکا وڌائون. اهو صبح جو اٽڪل نائين بجي جو وقت هو جڏهن انهن کيس سوليءَ تي چاڙهيو. انهن سپاهين هن جي مٿان هڪڙي تختي بہ هنئي جنهن تي سندس موت جو اهو سبب لکيل هو تہ ”هي آهي يهودين جو راجا.“ جيڪي ماڻهو اتان لنگھن پيا سي پنهنجا ڪنڌ ڌوڻي ٺٺوليون ڪري يسوع کي چون پيا تہ ”واہ واہ! اهو تون ئي آهين نہ، جيڪو ٽن ڏينهن ۾ هيڪل ڊاهين ۽ وري ٺاهين پيو. هاڻي پاڻ کي بچائي سوليءَ تان هيٺ تہ لهي ڏيکار.“ ساڳيءَ طرح سردار ڪاهنَ ۽ نيم شاستري يسوع تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا ۽ هڪٻئي کي چون پيا تہ ”هي تہ ٻين کي پيو بچائي، پر هاڻي تہ پاڻ کي بہ نہ ٿو بچائي سگھي. هاڻي ڏسون تہ هي مسيح، بني اسرائيل جو راجا، ڪيئن ٿو سوليءَ تان هيٺ لهي اچي، تہ پوءِ اسين بہ ٿا مٿس وشواس آڻيون.“ يسوع سان گڏ جيڪي ماڻهو سوليءَ تي چڙهيل هئا، تن بہ مٿس ٺٺوليون پئي ڪيون. منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اونداهي ڇانئجي ويئي، جيڪا اٽڪل ٽي بجي تائين رهي. ٽي بجي ڌاري يسوع وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”الوهي! الوهي! لما شبقتني؟“ جنهن جي معنيٰ آهي تہ ”منهنجا ايشور! اي منهنجا ايشور! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟“ جيڪي ماڻهو اُتي بيٺا هئا تن مان ڪي سندس اهي لفظ ٻڌي چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، هو سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ کي سڏي رهيو آهي.“ انهن مان هڪڙو ماڻهو ڀڄي وڃي فوم جهڙي هڪ شيءِ کڻي آيو، جيڪا سادي مئي سان ڀري لڪڙي جي چوٽيءَ تي ٻڌي يسوع کي پيئڻ لاءِ ڏنائين ۽ چيائين تہ ”ڇڏي ڏيوس، ڏسون تہ ايلياہ هن کي سوليءَ تان هيٺ لاهڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ.“ پوءِ يسوع وڏي رڙ ڪندي دم ڏنو. تڏهن هيڪل جو پوِتر ترين جاءِ وارو پردو مٿي کان وٺي هيٺ تائين ٻن حصن ۾ چيرجي ويو. فوجي صوبيدار جيڪو سوليءَ جي اڳيان بيٺو هو تنهن يسوع کي ائين دم ڏيندي ڏسي چيو تہ ”سچ پچ تہ هي ماڻهو ايشور جو پٽ هو.“ اُتي ڪي ناريون بہ بيٺيون هيون، جيڪي پري کان ڏسي رهيون هيون. انهن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسيس جي ماتا مريم ۽ سلومي پڻ شامل هيون. جڏهن يسوع گليل علائقي ۾ هو تڏهن اهي سندس پٺيان لڳي هن جي سيوا ڪنديون ٿي رهيون. ٻيون بہ ڪيتريون ئي ناريون هيون جيڪي هن سان گڏ يروشلم ۾ آيون هيون. شام ٿي چڪي هئي ۽ اها شام سبت جي ڏينهن کان اڳئين تياريءَ جي ڏينهن جي هئي. تڏهن يوسف نالي ارمٿيا جو هڪ شخص، جيڪو يهودي پئنچائت جو هڪ مانوارو ڪارڪن هو ۽ پاڻ ايشور جي راڄ جي انتظار ۾ هو، سو همت ڪري پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ وينتي ڪري کانئس يسوع جو لاش گھريائين. پلاطس کي حيرت وٺي ويئي تہ يسوع ايترو جلد ڪيئن مري ويو. هن هڪ فوجي صوبيدار کي گھرائي کانئس پڇيو تہ ”ڇا يسوع ايترو جلدي مري چڪو آهي؟“ جڏهن صوبيدار کيس اهڙي خاطري ڏياري، تڏهن پلاطس يوسف کي لاش کڻي وڃڻ جي آگيا ڏني. پوءِ يوسف اُچو ڪفن خريد ڪيو ۽ يسوع جي لاش کي لهرائي اُن ۾ ويڙهيائين ۽ اهو ٽڪر ۾ غار نموني کوٽيل هڪڙي قبر ۾ آڻي رکيائين. پوءِ هڪڙو وڏو پٿر ريڙهي ان قبر جي منهن تي ڏنائين. مريم مگدليني ۽ يوسيس جي ماتا مريم اهو هنڌ ڏٺو پئي جتي لاش کي رکيو ٿي ويو. سبت جي ڏينهن پوري ٿيڻ تي سج لهڻ کان پوءِ مريم مگدليني، يعقوب جي ماتا مريم ۽ سلوميءَ خوشبودار شيون خريد ڪيون تہ جيئن يسوع جي لاش کي هڻن. پوءِ آچر جي ڏينهن صبح جو سوير سج اُڀرڻ مهل اهي قبر تي اچي پهتيون. جڏهن اهي قبر جي اندر گھڙيون تہ اڇي پوشاڪ پاتل هڪ نوجوان کي ساڄي پاسي ويٺل ڏسي نهايت حيران ٿي ويون. تنهن تي انهيءَ نوجوان چين تہ ”حيران نہ ٿيو. اوهين يسوع ناصريءَ کي ڳوليو ٿيون پيون نہ، جيڪو سوليءَ تي چاڙهيو ويو هو؟ هو هتي ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ هو وري جيوت ڪيو ويو آهي. ڏسو، هيءَ اها جاءِ آهي جتي سندس لاش کي آڻي رکيو هئائون. پر اوهين وڃو ۽ وڃي پطرس سميت يسوع جي ٻين چيلن کي چئو تہ ’يسوع اوهان کان اڳي ئي گليل ڏانهن وڃي رهيو آهي. اوهين هن کي اتي ڏسندا، جيئن هن پاڻ اوهان کي ٻڌايو هو.‘“ تڏهن اهي قبر کان ٻاهر نڪري وٺي ڀڳيون ۽ جيئن تہ ڊپ وچان کين ڏڪڻي ۽ دهشت وٺي ويئي هئي، سو انهن ڪنهن سان بہ نہ ڳالهايو. يسوع آچر ڏينهن صبح جو سوير جيوت ٿيڻ کان پوءِ سڀني کان پهريائين مريم مگدلينيءَ کي درشن ڏنو، جنهن مان هن ست ڀوت ڪڍيا هئا. تڏهن هن وڃي يسوع جي ساٿين کي اها ڳالهہ ٻڌائي، جيڪي سوڳ ڪندي روئن پيا. جڏهن هنن ٻڌو تہ يسوع جيوت ٿي اٿيو آهي ۽ مريم پاڻ ان کي ڏٺو آهي، تڏهن بہ اهي مٿس اعتبار ئي نہ پيا ڪن. انهيءَ کان پوءِ يسوع ٻئي روپ ۾ چيلن مان ٻن ڄڻن کي درشن ڏنو، جيڪي رستو وٺيو ٻهراڙيءَ ڏانهن پئي ويا. تڏهن اهي اتان ئي يروشلم ڏانهن موٽي آيا ۽ اها ڳالهہ ٻين چيلن کي بہ اچي ٻڌايائون. پر انهن جي ڳالهہ تي بہ هنن اعتبار نہ ڪيو. آخر ۾ يسوع يارهن چيلن کي ان وقت درشن ڏنو جڏهن هو گڏجي رسوئي کائي رهيا هئا. هن سندن وشواس جي گھٽتائيءَ ۽ سخت‌دليءَ سبب کين ڇينڀيو، ڇاڪاڻ تہ کين انهن تي يقين ئي نہ پئي آيو جن هن کي جيوت ٿي اٿڻ کان پوءِ ڏٺو هو. پوءِ هن پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”اوهين سڄي سنسار ۾ وڃي پوري انسانذات ۾ ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪريو. جيڪو بہ انهيءَ تي وشواس آڻيندو ۽ بپتسما وٺندو سو مڪتي حاصل ڪندو، پر جيڪو وشواس نہ آڻيندو سو ڏوهي قرار ڏنو ويندو. جيڪي وشواس آڻيندا، تن ۾ شڪتيءَ جون هي نشانيون هونديون جو اهي منهنجي نالي تي ماڻهن مان ڀوت ڪڍندا ۽ مختلف قسمن جون ٻوليون ڳالهائيندا. جيڪڏهن اهي نانگ جھليندا يا زهر پيئندا تہ بہ انهن کي ڪو نقصان نہ پهچندو. هو بيمارن کي هٿ لائيندا تہ اهي چڱا ڀلا ٿي پوندا.“ انهن سان ڳالهائڻ کان پوءِ پرڀو يسوع آڪاش ڏانهن کڄي ويو ۽ ايشور جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو. پوءِ چيلن وڃي هر هنڌ خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو. انهن جي ڪم ۾ پرڀو يسوع ساڻن گڏ هو ۽ شڪتيءَ جي نشانين سان سندن پرچار کي سچو ثابت ڪري ٿي ڏيکاريائين. شري ٿئوفلس! ڪيترائي ماڻهو انهن ڳالهين کي لکي چڪا آهن، جيڪي اسان ۾ ٿي گذريون آهن. جهڙيءَ طرح اسان کان اڳين اسان تائين اهي ڳالهيون پهچايون، تهڙيءَ طرح هنن بہ هي ڳالهيون انهن کان ٻڌي لکيون، جيڪي شروع کان ئي هنن ڳالهين جا اکين ڏٺا شاهد هئا ۽ انهيءَ خوشخبريءَ جو پرچار پڻ ڪيائون. تنهنڪري مون بہ اهو مناسب سمجھيو تہ هي ڳالهيون اوهان لاءِ ترتيب سان لکان، ڇو تہ مون شروع کان وٺي انهن سڀني جو اڀياس چڱيءَ طرح ڪيو آهي. آءٌ هي انهيءَ ڪري ٿو لکان تہ جن ڳالهين جي اوهان کي سکيا ڏني ويئي آهي، تن جي سچائيءَ جي اوهان کي پوري ڄاڻ پوي. يهوديہ جي راجا هيروديس جي ڏينهن ۾ ڪاهنن جي ابياہ منڊليءَ ۾ زڪرياہ نالي هڪڙو ڪاهن هو. سندس پتني بہ هارون جي اولاد مان هئي، جنهن جو نالو اليشبع هو. هو ٻئي ايشور جي نظر ۾ نيڪ هئا ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قانونن تي پوريءَ طرح سان عمل ڪندا هئا. انهن کي ڪوبہ اولاد ڪونہ هو، ڇاڪاڻ تہ اليشبع سنڍ هئي ۽ ٻئي پتي پتني پوڙها پڻ ٿي چڪا هئا. هڪ دفعي جڏهن زڪرياہ پنهنجي ٽولي جي واري تي ايشور جي شرڻ ۾ ڪاهن جا فرض ادا ڪري رهيو هو، تڏهن ڪاهنن جي رسم موجب مٿس پُکو پيو تہ هو هيڪل جي پوِتر جاءِ ۾ وڃي لوبان ٻاري. سندس لوبان ٻارڻ وقت ماڻهن جي سڄي ميڙ ٻاهر بيٺي پرارٿنا پئي ڪئي. تڏهن زڪرياہ کي پرميشور جو هڪڙو دوت لوبان ٻارڻ واري لوبان‌دانيءَ جي ساڄي پاسي بيٺل نظر آيو. زڪرياہ هن کي ڏسي گھٻرائجي ويو ۽ کيس دهشت وٺي ويئي. تنهن تي پرميشور جي دوت چيس تہ ”اي زڪرياہ! ڊڄ نہ. تنهنجي پرارٿنا قبول ڪئي ويئي آهي. سو تنهنجي پتني اليشبع کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو يوحنا رکج. تو کي خوشي ۽ سڪون ملندو ۽ ڪيترائي هن جي جنم تي خوش ٿيندا. پرميشور جي شرڻ ۾ هو مهان هوندو. هو نہ مئي پيئندو ۽ نڪو شراب واپرائيندو. هو ماتا جي پيٽان ئي پوِتر آتما سان ڀريل هوندو. هو بني اسرائيل جي گھڻن ئي ماڻهن کي پرڀوءَ سندن ايشور ڏانهن ڦيرائيندو. هو پرڀوءَ جي اچڻ لاءِ سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ جهڙي آتما ۽ شڪتيءَ سان سيوا ڪندو، تہ جيئن هر ماتا پتا جي دل کي اولاد ڏانهن ڦيري، نافرمانن کي نيڪن جي سياڻپ واري رستي تي آڻي پرڀوءَ لاءِ هڪڙي لائق قوم تيار ڪري.“ تڏهن زڪرياہ دوت کي چيو تہ ”مون کي انهيءَ جي خاطري ڪيئن ٿيندي، جڏهن تہ آءٌ پوڙهو آهيان ۽ منهنجي پتني بہ وڏيءَ عمر واري آهي؟“ تنهن تي دوت وراڻيس تہ ”آءٌ جبرائيل آهيان ۽ ايشور جي شرڻ ۾ حاضر رهندو آهيان. ايشور ئي مون کي موڪليو آهي تہ تو سان ڳالهايان ۽ تو کي اها خوشخبري ٻڌايان. پر تو منهنجي ڳالهہ تي يقين نہ ڪيو آهي جيڪا مقرر وقت تي سچي ثابت ٿيندي. ڏس، جيئن تہ تو يقين نہ ڪيو آهي تنهنڪري تون گونگو ٿي پوندين ۽ جيستائين اها ڳالهہ پوري نہ ٿيندي تيستائين تون ڳالهائي نہ سگھندين.“ هوڏانهن ٻاهر ماڻهو ڏاڍي انتظار ۾ هئا ۽ حيران هئا تہ زڪرياہ پوِتر جاءِ ۾ ايتري دير ڇو لاتي آهي. جڏهن هو ٻاهر نڪتو تہ انهن سان ڳالهائي نہ ٿي سگھيو، جنهن مان ماڻهن کي سڌ پئجي ويئي تہ هن کي پوِتر جاءِ ۾ ڪو درشن ڏنو ويو آهي. هو ماڻهن کي هٿن جا اشارا ڏئي پيو پر هڪ لفظ بہ ڳالهائي نہ سگھيو. پوءِ جڏهن هيڪل ۾ زڪرياہ جي سيوا جا ڏينهن پورا ٿيا تہ هو گھر ڏانهن هليو ويو. انهن ڏينهن کان پوءِ سندس پتني اليشبع پيٽ سان ٿي ۽ هوءَ پنجن مهينن تائين پنهنجي گھر ۾ لڪندي رهي ۽ دل ۾ هيئن چوڻ لڳي تہ ”پرميشور مون تي ڪيڏي نہ ڪرپا ڪئي آهي. هاڻي هن مون تي ڪرپا جي نظر ڪري ماڻهن جي مهڻن کان منهنجي جند ڇڏائي آهي.“ اليشبع جي پيٽ سان ٿيڻ کان پوءِ ڇهين مهيني ايشور جبرائيل دوت کي گليل جي ڳوٺ ناصرت ۾ موڪليو. هو مريم نالي هڪ ڪنواريءَ ڪنيا وٽ آيو، جيڪا راجا دائود جي گھراڻي جي هڪ شخص يوسف سان مڱيل هئي. جبرائيل وٽس اچي چيو تہ ”نمسڪار آ تو تي، جو ايشور تو ساڻ آهي ۽ هن تو تي وڏي ڪرپا ڪئي آهي.“ مريم دوت جي ڳالهائڻ تي ڏاڍي گھٻرائجي ويئي ۽ عجب ۾ پئجي سوچڻ لڳي تہ هن جي انهن لفظن جو مطلب ڇا آهي. تڏهن دوت چيس تہ ”مريم! ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ ايشور تو تي ديالو آهي. ڏس، تو کي پيٽ ٿيندو ۽ تون پٽ ڄڻيندينءَ. انهيءَ جو نالو يسوع رکج. هو وڏي مهانتا وارو ٿيندو ۽ پرميشور جو پٽ ڪري سڏبو. پرڀو پرميشور هن کي سندس ڏاڏي دائود جو تخت بخشيندو. هو يعقوب جي گھراڻي بني اسرائيل تي هميشہ راڄ ڪندو. هائو، سندس راڄ جو ڪڏهن بہ انت نہ ٿيندو.“ تنهن تي مريم دوت کي چيو تہ ”آءٌ تہ ڪنواري آهيان، پوءِ هي ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟“ دوت وراڻيس تہ ”پوِتر آتما تو تي پرگھٽ ٿيندي. هائو، پرميشور جي شڪتي تو ساڻ هوندي. انهيءَ ڪري ئي اهو پوِتر ٻار ايشور جو پٽ ڪري سڏبو. ڏس، تنهنجي مائٽياڻي اليشبع پوڙهائپ ۾ پٽ ڄڻڻ واري آهي. جنهن لاءِ چيو ويندو هو تہ هوءَ سنڍ آهي، تنهن کي هاڻي ڇهون مهينو پيٽ آهي. بيشڪ اهڙي ڪابہ ڳالهہ ڪانهي جيڪا ايشور جي شڪتيءَ کان ٻاهر هجي.“ تڏهن مريم چيس تہ ”آءٌ پرميشور جي داسي آهيان، سو شل ائين ئي ٿئي جيئن اوهان چيو آهي.“ پوءِ دوت وٽانئس هليو ويو. تنهن کان پوءِ جلد ئي مريم تيار ٿي ۽ جابلو علائقي ۾ يهوديہ جي هڪڙي شهر ڏانهن ويئي. اتي هوءَ زڪرياہ جي گھر ويئي ۽ اليشبع کي نمسڪار ڪيائين. جيئن ئي اليشبع مريم جو نمسڪار ٻڌو تہ ٻار سندس پيٽ ۾ ٽپ کاڌو. تڏهن اليشبع پوِتر آتما سان ڀرجي وڏي واڪي مريم کي چوڻ لڳي تہ ”تون نارين ۾ سڀاڳي آهين ۽ سڀاڳو آهي اهو ٻار جنهن کي تون جنم ڏيندينءَ. مون تي اهڙي ڪرپا ڪيئن ٿي جو منهنجي پرڀوءَ جي ماتا مون وٽ هلي آئي آهي. ڏس، جيئن ئي تنهنجي نمسڪار جو آواز منهنجي ڪنن تي پيو، تہ ٻار منهنجي پيٽ ۾ خوشيءَ وچان ٽپ کاڌو. تون ڪيڏي نہ سڀاڳي آهين، جو تو يقين ڪيو آهي تہ جيڪي ڳالهيون پرميشور جي طرفان تو کي ٻڌايون ويون آهن سي سچيون ثابت ٿينديون.“ مريم چيو تہ ”منهنجي دل پرميشور جي مهما ڪري ٿي. هائو، آءٌ پنهنجي ايشور کان خوش آهيان، جيڪو هر ڳالهہ ۾ منهنجو بچائيندڙ آهي. بيشڪ انهيءَ پنهنجي هن خسيس داسيءَ تي پنهنجي ڪرپا جي نظر ڪئي آهي. سو اڄ کان وٺي ايندڙ سڀيئي پيڙهيون مون کي سڀاڳي سڏينديون، ڇاڪاڻ تہ شڪتيوان مون لاءِ مهان ڪم ڪيا آهن. هن جو نالو پوِتر آهي. هو انهن تي پيڙهي بہ پيڙهي ديا ڪري ٿو، جيڪي کانئس ڊڄن ٿا. هن پنهنجي ٻانهُن جو ٻل ڏيکاريو آهي، ۽ جيڪي پنهنجين دلين ۾ وڏائي ٿا ڪن، تن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو اٿس. هن ٻلوانن کي تخت تان ڪيرايو آهي، ۽ نيچن کي اوچو ڪيو اٿس. هن بکايلن کي سٺين شين سان ڍءُ ڪرايو آهي، ۽ شاهوڪارن کي خالي هٿين موٽائي ڇڏيو اٿس. مريم اٽڪل ٽي مهينا اليشبع سان گڏ رهي ۽ پوءِ پنهنجي گھر موٽي ويئي. هاڻي اليشبع جي ويم ڪرڻ جو وقت اچي پهتو ۽ کيس پٽ ڄائو. هن جي پاڙيسرين ۽ مائٽن جڏهن اهو ٻڌو تہ پرميشور اليشبع تي وڏي ڪرپا ڪئي آهي تہ اهي بہ ساڻس گڏجي خوشيون ڪرڻ لڳا. جڏهن ٻار کي ڄائي اٺ ڏينهن گذريا تہ اهي ٻار جي ختني جي رسم لاءِ وري آيا ۽ مرضي هئن تہ هن جو نالو سندس پتا جي نالي پويان زڪرياہ رکيو وڃي. پر هن جي ماتا چين تہ ”نہ، هن کي يوحنا جي نالي سان سڏيو وڃي.“ تنهن تي انهن چيس تہ ”اهڙي نالي سان تہ اوهان جو ڪوبہ مائٽ نہ آهي.“ پوءِ هنن سندس پتا کان اشارن سان پڇيو تہ هو ٻارڙي جو ڪهڙو نالو رکڻ گھري ٿو. تڏهن زڪرياہ انهن کان تختي گھرائي انهيءَ تي لکيو تہ ”هن جو نالو يوحنا آهي.“ تنهن تي سڀيئي عجب ۾ پئجي ويا. انهيءَ دم زڪرياہ جي زبان کُلي پيئي ۽ هو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ ايشور جي مهما ڪرڻ لڳو. تڏهن سندن آس‌پاس ۾ سڀني رهڻ وارن تي ڊپ ڇانئجي ويو. يهوديہ جي سڄي جابلو علائقي ۾ اهي ڳالهيون پکڙجي ويون. جن بہ اهي ڳالهيون ٻڌيون سي دل ۾ انهن تي غور ويچار ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اهو ٻار ڪيڏو نہ مهان ٿيندو!“ ڇاڪاڻ تہ صاف ظاهر هو تہ انهيءَ ٻار تي پرميشور جو هٿ آهي. يوحنا جو پتا زڪرياہ پوِتر آتما سان ڀرجي ويو ۽ اڳڪٿي ڪندي چوڻ لڳو تہ ”پرڀوءَ، بني اسرائيل جي ايشور کي مهما جڳائي، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي قوم کي بچائڻ لاءِ مٿس ڪرپا جي نظر ڪئي آهي. هائو، هن پنهنجي داس راجا دائود جي گھراڻي مان اسان لاءِ هڪ ٻلوان بچائيندڙ موڪليو آهي، جنهن جو هن پنهنجي سنديش ڏيندڙ پوِتر سنتن جي وسيلي وچن ڪيو هو، جيڪي قديم زماني کان وٺي ايندا رهيا. اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ ايشور اسان کي دشمنن کان بچائي. هائو، انهن سڀني جي هٿان ڇڏائي، جيڪي اسان کان نفرت ڪن ٿا. هن اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيل وچن موجب، اسان تي ديا ڪندي پنهنجو ٻڌل پوِتر وچن پورو ڪيو آهي. هائو، هن پنهنجو اهو وچن پورو ڪيو آهي، جيڪو اسان جي ڏاڏي ابرهام سان قسم کڻي ڪيو هئائين، تہ هو اسان کي دشمنن جي چنبي مان آزاد ڪرائيندو، تہ جيئن اسين بنا ڪنهن خوف جي سندس ڀڳتي ڪريون، ۽ هن جي اڳيان پنهنجي سڄي جيون جا ڏينهن پوِتر ۽ نيڪ ٿي گذاريون. هاڻ اي منهنجا ٻچا يوحنا! تون پرميشور جو سنديش ڏيندڙ سنت سڏيو ويندين، ۽ پرڀوءَ جي اڳيان اڳيان هن لاءِ رستو تيار ڪندو هلندين، ۽ سندس قوم کي ٻڌائيندو ويندين، تہ پنهنجن پاپن کان معافيءَ جي صورت ۾ ئي اهي مڪتي حاصل ڪري سگھن ٿا. بيشڪ اسان جو ايشور وڏو ديالو آهي. هو آڪاش واري صبح جي روشني اسان تي پرگھٽ ڪندو، جيڪا شانتيءَ واري رستي جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ اسان سڀني تي چمڪندي، جيڪي اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي ۾ رهون ٿا.“ اهو ٻار يوحنا شرير توڙي آتما ۾ وڌندو ويو ۽ تيستائين بيابان ۾ رهيو جيستائين بني اسرائيل قوم تي پاڻ کي کُليءَ طرح ظاهر نہ ڪيائين. يوحنا جي پيدائش وارن ڏينهن ۾ قيصر اوگوستس هڪڙو حڪم‌نامو جاري ڪيو تہ سڄي رومي حڪومت جي آدمشماري ڪئي وڃي. اها پهرين آدمشماري هئي جيڪا شام صوبي جي گورنر ڪورنيس جي ڏينهن ۾ ٿي. تنهنڪري هر ڪو پنهنجي پنهنجي شهر ۾ پنهنجو نالو لکائڻ ويو. جيئن تہ يوسف راجا دائود جي پيڙهيءَ مان هو، تنهنڪري هو بہ گليل جي ڳوٺ ناصرت کان يهوديہ علائقي جي ڳوٺ بيت‌لحم ڏانهن روانو ٿي ويو جيڪو راجا دائود جي جنم جو هنڌ هو، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي مڱينديءَ مريم سان گڏ نالو لکائي، جيڪا پيٽ سان هئي. جڏهن هو بيت‌لحم ۾ هئا تہ مريم جي ٻار ڄڻڻ جو وقت اچي ويو. هن پنهنجي پهريتي پٽ کي جنم ڏنو ۽ انهيءَ کي ٻنڌڻن ۾ ويڙهي آهر ۾ کڻي رکيائين، ڇاڪاڻ تہ مسافرخاني ۾ هنن کي جاءِ ڪانہ ملي. انهيءَ ئي علائقي ۾ ڪن ريڍارن رات جو ٻنين ۾ رهي پنهنجن ڌڻن جي سنڀال پئي ڪئي، تہ ڇا ڏسن تہ پرميشور جو هڪڙو دوت انهن وٽ اچي بيٺو ۽ پرميشور جي جوت سندن چوڌاري چمڪڻ لڳي، جنهن ڪري هو ڏاڍا ڊڄي ويا. تنهن تي دوت چين تہ ”ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان لاءِ هڪ وڏي خوشخبري آندي آهي، جيڪا سڄي قوم لاءِ هوندي. ٻڌو، اڄ دائود جي ڳوٺ ۾ اوهان لاءِ هڪڙو مڪتي ڏيڻ وارو ڄائو آهي، جيڪو مسيح ۽ پرڀو آهي. انهيءَ ڳالهہ جي ثابتيءَ لاءِ هڪ نشاني اٿوَ تہ اوهين هڪ ٻارڙي کي ٻنڌڻن ۾ ويڙهيل ۽ آهر ۾ پيل ڏسندا.“ اوچتو ريڍارن کي انهيءَ دوت سان گڏ ٻين دوتن جو هڪڙو وڏو لشڪر ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو ايشور جي مهما ڪندي هيئن چوندو پئي آيو تہ ”آڪاش تي ايشور جي مهما هجي ۽ ڌرتيءَ تي انهن ماڻهن لاءِ امن وَ شانتي، جن کان هو راضي آهي.“ جڏهن دوت انهن وٽان موٽي آڪاش ڏانهن هليا ويا تڏهن ريڍار هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هلو تہ بيت‌لحم هلون. هيءَ ڳالهہ جيڪا ٿي آهي ۽ جنهن جي پرميشور اسان کي خبر ڏني آهي، سا هلي ڏسون.“ تنهنڪري هو تڪڙا تڪڙا شهر ڏانهن ويا ۽ اتي مريم، يوسف ۽ انهيءَ ٻارڙي کي ڏٺائون جيڪو آهر ۾ پيل هو. هي ڏسندي ريڍار ٻار بابت اهي ڳالهيون ٻڌائڻ لڳا جيڪي دوت کان ٻڌيون هئائون. ريڍارن جون اهي ڳالهيون جن بہ ٻڌيون سي سڀ حيرت ۾ پئجي ويا، جڏهن تہ مريم هي سڀ ڳالهيون ياد ڪندي پنهنجيءَ دل ۾ انهن تي ويچار ڪرڻ لڳي. پوءِ ريڍارن جيڪي ٻڌو ۽ ڏٺو تنهن تي ايشور جي مهما ڪندي موٽي ويا، ڇاڪاڻ تہ هنن اهو سڀ ائين ئي ڏٺو هو جيئن دوت کين ٻڌايو هو. اٺين ڏينهن تي جڏهن ٻار جي ختني جو وقت آيو تہ سندس نالو يسوع رکيائون، جيڪو هن جي پيٽ ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي دوت رکيو هو. ان کان پوءِ موسيٰ جي معرفت پرميشور جي ڏنل نيم موجب جڏهن مريم جي پوِتر ٿيڻ لاءِ ٻليدان پيش ڪرڻ جو وقت آيو، تڏهن يوسف ۽ مريم يسوع کي کڻي يروشلم ۾ آيا ۽ کيس هيڪل ۾ پرميشور جي آڏو حاضر ڪيائون، ڇاڪاڻ تہ نيم ۾ لکيل آهي تہ ”هر ڪو پهريتو پٽ پرميشور جي لاءِ وقف ڪيو وڃي.“ اهي نيم موجب مريم جي پوِتر ٿيڻ لاءِ ٻليدان بہ کڻي آيا، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر هجن.“ تن ڏينهن ۾ يروشلم ۾ شمعون نالي هڪڙو سچار ۽ نيڪ ماڻهو رهندو هو، جيڪو پوِتر آتما سان ڀريل هو. هن بني اسرائيل جي بچاءَ جي راهہ پئي نهاري. پوِتر آتما کيس آگاهہ ڪيو هو تہ جيستائين هو پرميشور جي وچن ڪيل مسيح کي نہ ڏسندو، تيستائين ڪين مرندو. پوِتر آتما جي هدايت تي شمعون انهيءَ ڏينهن تي هيڪل ۾ آيو. جڏهن ٻارڙي يسوع جا ماتا پتا کيس نيم جا فرض پورا ڪرڻ لاءِ هيڪل ۾ کڻي آيا، تڏهن شمعون ٻارڙي کي پنهنجي هٿن تي کنيو ۽ ايشور جي مهما ڪندي چيائين تہ ”اي مالڪ! هاڻي تون پنهنجي وچن موجب مون پنهنجي داس کي سلامتيءَ سان سنسار مان روانو ڪر، ڇاڪاڻ تہ منهنجي اکين تنهنجي مڪتي ڏسي ورتي آهي، جنهن کي تو سڀني قومن اڳيان پڻ ظاهر ڪيو آهي، يعني غير قومن واسطي تنهنجي رستي تي هلڻ لاءِ روشنائي، ۽ تنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ وڏائي.“ ٻار جا ماتا پتا حيران هئا تہ انهيءَ بابت شمعون ڇا ڇا نہ پئي چيو! پوءِ شمعون انهن لاءِ آسيس گھري ۽ ٻار جي ماتا مريم کي چيائين تہ ”ڏس، هي ٻار بني اسرائيل ۾ گھڻن جي ڪِرڻ ۽ چڙهڻ جو سبب مقرر ڪيو ويو آهي. هو ايشور جي طرفان چتاءُ جو هڪ نشان هوندو. ڪيترائي ماڻهو سندس مخالفت ڪندا، جنهن مان سندن دلين جا خيال ظاهر ٿي پوندا. تڏهن تو کي ايترو تہ ڏک پهچندو، جو اهو تلوار وانگر تنهنجي دل گھائي ڇڏيندو.“ اها ناري بہ انهيءَ ئي وقت وٽن آئي ۽ ايشور جو شڪر ڪرڻ لڳي. پوءِ هن انهيءَ ٻار بابت انهن سڀني سان ڳالهيون ڪيون جيڪي ايشور طرفان يروشلم جي آزاديءَ لاءِ واجھائي رهيا هئا. يسوع جي ماتا پتا جڏهن موسيٰ جي معرفت پرميشور کان مليل نيم جي فرضن جي پالنا ڪئي، تڏهن گليل علائقي ۾ پنهنجي ڳوٺ ناصرت ڏانهن موٽيا. پوءِ اهو ٻار وڌندو ۽ زور وٺندو ويو. هو سياڻپ سان ڀرپور ٿيندو ويو ۽ مٿس ايشور جي ڪرپا جي نظر هئي. يسوع جا ماتا پتا هر سال فصح جي تهوار جي موقعي تي يروشلم ڏانهن ويندا هئا. جڏهن يسوع ٻارهن سالن جو ٿيو تہ اهي دستور موجب فصح جي تهوار تي اوڏانهن ويا ۽ يسوع ساڻن گڏ هو. جڏهن تهوار جا ڏينهن پورا ٿيا تہ هو گھر ڏانهن موٽڻ لڳا. پر ٻار يسوع يروشلم ۾ رهجي وين ۽ سندس ماتا پتا کي اها سڌ ئي نہ پيئي. انهن سمجھيو پئي تہ هو قافلي سان آهي، سو انهن سڄو ڏينهن سفر ڪيو ۽ پوءِ يسوع کي مائٽن ۽ دوستن ۾ ڳولڻ شروع ڪيائون. جڏهن انهن کيس نہ لڌو تہ هو سندس ڳولا لاءِ موٽي يروشلم ۾ آيا. ٽئين ڏينهن تي هنن يسوع کي هيڪل ۾ لڌو، جتي هو يهودي شاسترين سان ويٺو هو ۽ انهن جون ڳالهيون ٻڌي ساڻن سوال جواب پئي ڪيائين. جن بہ هن کي ٻڌو ٿي، سي سڀيئي هن جي سمجھہ ۽ حاضرجوابيءَ تي عجب ۾ پئجي ٿي ويا. سندس ماتا پتا کيس اتي ويٺل ڏسي حيران ٿي ويا. سو سندس ماتا چيس تہ ”پٽ! تو اسان سان ائين ڇو ڪيو؟ ڏس، تنهنجو پتا ۽ آءٌ تو کي ڳولي لهڻ لاءِ سخت پريشان هئاسين.“ تنهن تي هن کين جواب ڏنو تہ ”اوهان مون کي ڇو پئي ڳوليو؟ ڇا اوهان کي سڌ نہ هئي تہ آءٌ ضرور پنهنجي پتا جي گھر ۾ هوندس؟“ پر اهي سندس اها ڳالهہ سمجھي نہ سگھيا. پوءِ يسوع انهن سان گڏجي ناصرت ۾ آيو، جتي هو انهن جو فرمانبردار ٿي رهيو. هن جي ماتا هي سڀ ڳالهيون پنهنجيءَ دل ۾ سانڍي رکيون. يسوع شرير توڙي سياڻپ ۾ وڌندو ويو ۽ کيس ايشور ۽ ماڻهن جو راضپو پڻ حاصل ٿيندو ويو. تبريس نالي رومي قيصر جي حڪومت جو پندرهون سال هو. انهن ڏينهن ۾ يهوديہ صوبي جو گورنر پنطيس پلاطس هو ۽ گليل صوبي جو حڪمران هيروديس انتپاس هو. اِيتوريا ۽ ترخونيتس جي علائقن جو حڪمران هيروديس جو ڀاءُ فلپس هو ۽ ابليني علائقي جو حڪمران لسانياس هو. جڏهن تہ حَنا ۽ ڪائفا يهودين جا وڏا سردار ڪاهن هئا. انهن ڏينهن ۾ ايشور جو وچن زڪرياہ جي پٽ يوحنا تي پرگھٽ ٿيو، جيڪو رڻ‌پٽ ۾ رهندو هو. سو هو اردن درياءَ جي آس‌پاس واري سڄي علائقي ۾ ويو ۽ ماڻهن ۾ پرچار ڪرڻ لڳو تہ ”توبهہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو تہ اوهان کي پنهنجن پاپن جي معافي ملي.“ اهڙيءَ طرح سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي هيءَ لکت پوري ٿي تہ ”رڻ‌پٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ ’پرڀوءَ لاءِ رستو تيار ڪريو. هائو، هن جي لاءِ واٽ سڌي ڪريو. ائين ڪرڻ سان سڀڪا ماٿري ڀرجي پوندي، ۽ هر هڪ جبل ۽ ٽڪري هموار ڪئي ويندي. هائو، ڏنگا رستا سڌا ٿيندا ۽ کڏن کوٻن واريون واٽون سنئيون ٿينديون. تڏهن ئي سڄي انسانذات ايشور جي مڪتي ڏسندي.‘“ ماڻهن جا جيڪي ميڙ يوحنا کان بپتسما وٺڻ پئي آيا، تن کي هن چيو پئي تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي تہ اوهين ايشور جي ايندڙ ڏمر کان بچي سگھندا؟ انهيءَ لاءِ اوهين وڃي اهڙا ڪم ڪريو جن مان سڌ پوي تہ اوهان سچ پچ پنهنجن پاپن تي پڇتايو آهي. اوهين ائين بہ نہ سوچو تہ ’اسين ابرهام جو اولاد آهيون تنهنڪري بچي وينداسين.‘ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ايشور هنن پٿرن مان بہ ابرهام لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو. ياد رکو، هاڻي تہ وڻن جي پاڙن تي ڪهاڙو تيار رکيو ويو آهي ۽ جيڪو وڻ سٺو ميوو نہ ڏيندو تہ ان کي وڍي باهہ ۾ اڇلائبو.“ تنهن تي ماڻهن کانئس پڇيو تہ ”پوءِ اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ هن ورندي ڏنن تہ ”جنهن وٽ ٻہ قميصون هجن تہ اهو هڪ انهيءَ کي ڏئي جنهن کي هڪ بہ ڪانهي ۽ جنهن وٽ کاڌو آهي، سو بہ اهو ورهائي.“ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ پڻ بپتسما وٺڻ آيا ۽ انهن پڇيس تہ ”اي گرو! اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ تنهن تي انهن کي چيائين تہ ”مقرر اگھہ کان وڌيڪ نہ اُڳاڙيو.“ سپاهين بہ پڇيس تہ ”ڀلا اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ تن کي چيائين تہ ”ڪنهن کي دٻائي ڌمڪائي زوريءَ پئسا نہ وٺو، پر پنهنجي پگھار مان پورت ڪريو.“ هاڻي ماڻهن ۾ جڏهن هڪ آس پيدا ٿيڻ لڳي تڏهن هو يوحنا بابت انهيءَ ويچار ۾ پئجي ويا تہ ”ڇا هي مسيح تہ نہ آهي!“ تنهن تي يوحنا انهن سڀني کي جواب ڏنو تہ ”آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، پر اهو اچڻ وارو آهي جنهن جهڙو آءٌ ڪين آهيان، ڇو تہ هو شڪتيءَ وارو آهي ۽ آءٌ سندس جتيءَ جون ڪهيون ڇوڙڻ جي لائق بہ نہ آهيان. اهو اوهان کي پوِتر آتما ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو. هن کي پنهنجو ڇڄ هٿن ۾ آهي، جنهن سان هو پنهنجي ڳاهيل فصل کي چڱيءَ طرح صاف ڪندو. پوءِ هو ڪڻڪ کي ميڙي پنهنجي ڀانڊي ۾ رکندو ۽ بُهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جيڪا ڪڏهن بہ نہ ٿي وسامي.“ يوحنا ٻيون بہ ڪيتريون ئي نصيحتون ڪندي ماڻهن کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائيندو رهيو. پوءِ يوحنا هيروديس انتپاس کي ڦٽ لعنت ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي ڀاءُ فلپس جي جيوت ئي سندس پتني هيرودياس سان پرڻيو هو ۽ ٻيا بہ ڪيترائي برا ڪم ڪيا هئائين. تڏهن هيروديس هڪ وڌيڪ خرابي ڪئي جو يوحنا کي کڻي جيل ۾ وڌائين. هڪڙي دفعي جڏهن سڀني ماڻهن اردن درياءَ ۾ يوحنا کان بپتسما پئي ورتي تڏهن يسوع بہ کانئس بپتسما ورتي. پوءِ اتي بيٺي جيئن ئي پرارٿنا ٿي ڪيائين تہ آڪاش کُلي پيو ۽ پوِتر آتما ڪبوتر جي روپ ۾ مٿس اچي لٿي. تڏهن آڪاش مان آواز آيو تہ ”تون منهنجو پيارو پٽ آهين. آءٌ تو مان گھڻو خوش آهيان.“ جڏهن يسوع پاڻ سکيا ڏيڻ شروع ڪئي، تڏهن سندس عمر اٽڪل ٽيهہ سال هئي. يسوع کي يوسف جو پٽ سمجھيو ويندو هو، يوسف پٽ عيليءَ جو هو ۽ عيلي پٽ متات جو، متات پٽ لاويءَ جو، لاوي پٽ ملڪيءَ جو، ملڪي پٽ ينا جو ۽ ينا پٽ يوسف جو، يوسف پٽ متتياہ جو، متتياہ پٽ عاموس جو، عاموس پٽ ناحوم جو، ناحوم پٽ اسلياہ جو ۽ اسلياہ پٽ نوگہ جو، نوگہ پٽ ماعت جو، ماعت پٽ متتياہ جو، متتياہ پٽ شمعيءَ جو، شمعي پٽ يوسيخ جو ۽ يوسيخ پٽ يوداہ جو، يوداہ پٽ يوحناہ جو، يوحناہ پٽ رسيا جو، رسيا پٽ زربابل جو، زربابل پٽ سيالتي‌ايل جو ۽ سيالتي‌ايل پٽ نيريءَ جو، نيري پٽ ملڪيءَ جو، ملڪي پٽ اديءَ جو، ادي پٽ قوسام جو، قوسام پٽ المودام جو ۽ المودام پٽ عير جو، عير پٽ يشوع جو، يشوع پٽ اليعزر جو، اليعزر پٽ يوريم جو، يوريم پٽ متات جو ۽ متات پٽ لاويءَ جو، لاوي پٽ شمعون جو، شمعون پٽ يهوداہ جو، يهوداہ پٽ يوسف جو، يوسف پٽ يونان جو ۽ يونان پٽ الياقيم جو، الياقيم پٽ ملي‌آہ جو، ملي‌آہ پٽ مناہ جو، مناہ پٽ متتاہ جو، متتاہ پٽ ناتن جو ۽ ناتن پٽ دائود جو، دائود پٽ يسيءَ جو، يسي پٽ عوبيد جو، عوبيد پٽ بوعز جو، بوعز پٽ سلمون جو ۽ سلمون پٽ نحسون جو، نحسون پٽ عمينداب جو، عمينداب پٽ ارنيءَ جو، ارني پٽ حصرون جو، حصرون پٽ فارص جو ۽ فارص پٽ يهوداہ جو، يهوداہ پٽ يعقوب جو، يعقوب پٽ اضحاق جو، اضحاق پٽ ابرهام جو، ابرهام پٽ تارح جو ۽ تارح پٽ نحور جو، نحور پٽ سروگ جو، سروگ پٽ رعو جو، رعو پٽ فلج جو، فلج پٽ عبر جو ۽ عبر پٽ سِلح جو، سِلح پٽ قينان جو، قينان پٽ ارفڪسد جو، ارفڪسد پٽ سِم جو، سِم پٽ نوح جو ۽ نوح پٽ لمڪ جو، لمڪ پٽ متوسلح جو، متوسلح پٽ حنوڪ جو، حنوڪ پٽ يارد جو، يارد پٽ مهلل‌ايل جو ۽ مهلل‌ايل پٽ قينان جو، قينان پٽ انوس جو، انوس پٽ سيت جو، سيت پٽ آدم جو ۽ آدم ايشور جو پٽ هو. تڏهن شيطان چيس تہ ”جيڪڏهن تون ايشور جو پٽ آهين تہ هن پٿر کي حڪم ڪر تہ روٽي ٿي پوي.“ پر يسوع ورندي ڏنس تہ ”پوِتر شاستر ۾ اهو لکيل آهي تہ ’ماڻهو رڳو روٽيءَ تي ئي جيوت نہ ٿو رهي.‘“ پوءِ شيطان کيس هڪ مٿاهينءَ جاءِ تي وٺي ويو ۽ هڪ پل ۾ سنسار جا سڀيئي راڄ ڏيکاريائينس. شيطان چيس تہ ”آءٌ تو کي انهن سڀني جي حڪومت ۽ شان وَ شوڪت ڏيندس، ڇو تہ اهو مون تي ڇڏيل آهي تہ آءٌ جنهن کي چاهيان تنهن کي ڏيان. سو جيڪڏهن تون مون اڳيان سيس نوائيندين تہ اهو سڀ ڪجھہ تنهنجو ٿيندو.“ تنهن تي يسوع ورندي ڏنس تہ ”اهو بہ لکيل آهي تہ ’تون رڳو پرڀوءَ پنهنجي ايشور آڏو سيس نواءِ ۽ رڳو انهيءَ جي ئي ڀڳتي ڪر.‘“ تنهن کان پوءِ شيطان کيس يروشلم ۾ وٺي ويو ۽ هيڪل جي تمام مٿاهين ڪنگريءَ تي بيهاري چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون ايشور جو پٽ آهين تہ هتان پاڻ کي هيٺ ڪيراءِ، ڇاڪاڻ تہ اهو بہ لکيل آهي تہ ’ايشور پنهنجي دوتن کي تو لاءِ حڪم ڪندو، جيڪي تنهنجي سنڀال ڪندا. اهي تو کي پنهنجن هٿن تي جھلي وٺندا، تہ جيئن تنهنجو پير بہ پٿر تي نہ لڳي.‘“ پر يسوع کيس وراڻيو تہ ”پوِتر شاستر ۾ ائين بہ چيو ويو آهي تہ ’تون پرڀوءَ پنهنجي ايشور کي نہ آزماءِ.‘“ پوءِ جڏهن شيطان يسوع کي هر طرح سان آزمائي چڪو، تڏهن ڪجھہ وقت لاءِ وٽانئس هليو ويو. پوءِ يسوع جيڪو پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان ڀريل هو، سو گليل علائقي ڏانهن موٽيو. سندس هاڪ آس‌پاس واري سڄي علائقي ۾ پکڙجي ويئي. هن ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ سکيا ڏني ۽ سڀني سندس ساراهہ ڪئي. پوءِ هو پنهنجي ڳوٺ ناصرت ۾ آيو جتي سندس پالنا ٿي هئي. سبت جي ڏينهن تي پنهنجي دستور موجب هو ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويو ۽ پوِتر شاستر پڙهڻ لاءِ اُٿي بيٺو. کيس سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جو شاستر ڏنو ويو ۽ هن اهو هنڌ کوليو جتي لکيل هو تہ ”پرميشور مون کي پنهنجي آتما سان ڀري ڇڏيو آهي، ڇو تہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ هن مون کي مخصوص ڪيو آهي. هن مون کي موڪليو آهي تہ قيدين جي رهائيءَ، ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان، ۽ ستايلن کي آزادي بخشيان، ۽ اهو بہ اعلان ڪريان تہ پرميشور جي ڪرپائن جو سال آيو آهي.“ پوءِ يسوع شاستر بند ڪري موٽائي سيواداريءَ کي ڏنو ۽ پاڻ ويهي رهيو. ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ موجود سڀني جون نظرون هن تي کتل هيون. تڏهن هو کين چوڻ لڳو تہ ”اڄ اوهان جي ٻڌندي ئي هيءَ لکت پوري ٿي آهي.“ سڀيئي سندس نيڪي ڪرڻ لڳا ۽ هن جي واتان اهڙا ڪرپا ڀريا لفظ ٻڌي عجب کائي چوڻ لڳا تہ ”ڇا هي يوسف جو پٽ نہ آهي؟“ تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”اوهين ضرور اها چوڻي مون کي چوندا تہ ’حڪيم! پاڻ کي تہ ڇٽاءِ‘ ۽ هيئن بہ چوندا تہ ’هتي پنهنجي ديس ۾ بہ ائين ئي ڪري ڏيکار جيئن ڪفرناحوم شهر بابت ٻڌون ٿا.‘ سچ پڇو تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ڪنهن بہ سنت جو پنهنجي ديس ۾ قدر نہ ٿو ٿئي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ جي ڏينهن ۾ ساڍن ٽن سالن تائين آڪاش مان برسات جي هڪ ڦڙي بہ نہ پيئي، ايتري قدر جو پوري اسرائيل ملڪ ۾ سخت ڏڪار پئجي ويو. ان وقت توڙي جو ملڪ ۾ ڪيتريون ئي وڌوائون هيون، تنهن هوندي بہ ايلياہ کي پنهنجي ڀوڄن لاءِ انهن مان ڪنهن وٽ بہ نہ موڪليو ويو، بلڪ رڳو صيدا علائقي جي صارپت شهر ۾ رهندڙ هڪ وڌوا وٽ ئي موڪليو ويو. ساڳيءَ طرح سنديش ڏيندڙ سنت اليشع جي ڏينهن ۾ اسرائيل ملڪ ۾ ڪيترائي ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا هئا، پر انهن مان ڪنهن کي بہ ڇٽائي چڱو ڀلو نہ ڪيو ويو، بلڪ رڳو شام ملڪ جي رهندڙ نعمان کي ئي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو ويو.“ تڏهن جيڪي بہ ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ موجود هئا، سي سڀ اهي ڳالهيون ٻڌندي ئي ڏاڍا ڪاوڙيا. هو هڪدم اُٿي کڙا ٿيا ۽ يسوع کي گهلي شهر کان ٻاهر ڪڍي آيا. پوءِ جنهن ٽڪريءَ تي سندن شهر اڏيل هو، تنهن جي چوٽيءَ تي وٺي آيس تہ جيئن اتان هيٺ اڇلائينس. پر هو انهن جي وچ مان لنگھي هليو ويو. ان کان پوءِ يسوع گليل جي شهر ڪفرناحوم ۾ آيو، جتي سبت جي ڏينهن تي ماڻهن کي سکيا ڏيڻ لڳو. سڀيئي ماڻهو هن جي سکيا تي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ هن اختيار سان پئي ڳالهايو. ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ هڪ اهڙو ماڻهو بہ هو جنهن تي ڪنهن ڀوت جو پاڇو هو، تنهن وڏي رڙ ڪري چيو تہ ”اي يسوع ناصري! اسان سان تنهنجو ڪهڙو واسطو آهي؟ ڇا تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آهين؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آهين. بيشڪ تون ايشور جي هڪ پوِتر هستي آهين.“ تنهن تي يسوع کيس دڙڪو ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر، هن مان نڪري وڃ.“ تڏهن ڀوت ماڻهوءَ کي سڀني اڳيان هيٺ ڪيرايو ۽ کيس ايذاءَ ڏيڻ کان سواءِ منجھانئس نڪري ويو. اهو ڏسي سڀني کي حيرت وٺي ويئي ۽ هو هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪهڙي قسم جو ڳالهائڻ آهي، جو هو اختياريءَ ۽ شڪتيءَ سان ڀوتن کي حڪم ٿو ڏئي ۽ اهي نڪري وڃن ٿا؟“ تڏهن آس‌پاس واري علائقي ۾ جتي ڪٿي يسوع جي هاڪ پئجي ويئي. يسوع ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نڪري شمعون جي گھر آيو. شمعون جي سس کي سخت بخار هو، سو اُنهيءَ لاءِ کيس وينتي ڪئي ويئي. تڏهن يسوع وٽس وڃي بيٺو ۽ بخار کي حڪم ڪيائين تہ اهو کيس ڇڏي ويو. پوءِ هوءَ هڪدم چاق ٿي اُٿي ۽ هنن جي سيوا ڪرڻ لڳي. سج لهڻ مهل ماڻهو انهن سڀني مريضن کي يسوع وٽ وٺي آيا جيڪي جدا جدا بيمارين ۾ ورتل هئا. يسوع انهن مان هر هڪ کي پنهنجو هٿ لاتو تہ اهي سڀيئي ڇٽي چڱا ڀلا ٿي ويا. ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت وڏي واڪي سان هي چوندي نڪري ويا تہ ”تون ايشور جو پٽ آهين،“ ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاتو پئي تہ هو مسيح آهي. پر يسوع انهن کي دڙڪو ڏيندي منع ڪئي تہ هو ائين نہ چون. جڏهن ڏينهن ٿيو تہ يسوع نڪري هڪڙي ويران هنڌ ڏانهن هليو ويو. پر ماڻهن جي ميڙن کيس ڳولي لڌو ۽ روڪيندي چوڻ لڳس تہ ”اسان کي ڇڏي نہ وڃو.“ پر هن انهن کي چيو تہ ”مون کي ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ٻين شهرن ۾ بہ ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهيءَ لاءِ ئي تہ موڪليو ويو آهيان.“ سو هو سڄي ملڪ جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ وڃي پرچار ڪندو رهيو. هڪڙي دفعي جڏهن يسوع گليل ڍنڍ جي ڪناري تي بيٺو هو تہ ماڻهن جا ميڙ مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ ايشور جون ڳالهيون ٻڌن. ان وقت هن ڍنڍ جي ڪناري تي ٻہ ٻيڙيون بيٺل ڏٺيون، جن مان لهي مهاڻن پنهنجا ڄار پئي ڌوتا. سو يسوع انهن مان هڪڙيءَ ۾ چڙهي پيو، جيڪا شمعون جي هئي. هن شمعون کي ڪناري کان ٿورو پرڀرو ٻيڙي ڌِڪڻ لاءِ چيو، جتي ٻيڙيءَ ۾ ئي ويٺي هو ميڙ کي سکيا ڏيڻ لڳو. جڏهن يسوع ڳالهائي بس ڪئي تڏهن شمعون کي چيائين تہ ”ٻيڙي اونهي پاڻيءَ ۾ ڪاهي هلو ۽ اتي اوهين شڪار لاءِ پنهنجا ڄار وجھو.“ تنهن تي شمعون وراڻي ڏيئي چيس تہ ”اي سوامي! اسان سڄي رات لوڙيو آهي پر ڪجھہ بہ هٿ نہ آيو آهي، تنهن هوندي بہ جيڪڏهن اوهين چئو ٿا تہ ڄار وجھرايان ٿو.“ انهن ڄار وڌا تہ ايتريون مڇيون اچي ڦاٿيون جو ڄار پئي ٽُٽن. تنهن تي ٻي ٻيڙيءَ ۾ جيڪي سنگتي هئن تن کي مدد لاءِ سڏيائون. هو آيا ۽ مڇيءَ سان ٻئي ٻيڙيون ايتريون تہ ڀريائون جو اچي ٻڏڻ لڳيون. جڏهن شمعون پطرس هي واقعو ٿيندي ڏٺو تہ يسوع جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ ”اي پرڀو! مون وٽان هليا وڃو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پاپي آهيان.“ پوءِ اهي ٻيڙين کي ڌِڪي ڪناري تي ڪاهي آيا ۽ سڀ ڪجھہ ڇڏي يسوع جي پٺيان هلڻ لڳا. هڪ دفعي يسوع ڪنهن شهر ۾ ويو جتي هڪ ماڻهو ڪوڙهہ جهڙي مرض سان ورتل هو. هن جڏهن يسوع کي ڏٺو تہ ان جي اڳيان منهن ڀر ڪري منٿون ڪندي چيائينس تہ ”اي سوامي! جيڪڏهن اوهين چاهيو تہ مون کي ڇٽائي پوِتر ڪري سگھو ٿا.“ سو يسوع پنهنجو هٿ انهيءَ ماڻهوءَ تي رکندي کيس چيو تہ ”آءٌ چاهيان ٿو. تون ڇٽي پوِتر ٿيءُ.“ تڏهن هڪدم سندس ڪوڙهہ جهڙو مرض لهي ويو. پوءِ يسوع کيس تاڪيد ڪندي چيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجانءِ، پر سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي نيم موجب پنهنجي پوِتر ٿيڻ لاءِ ٻليدان ڪر، تہ جيئن هر ڪنهن لاءِ شاهدي ٿئي تہ تون هاڻي ڇٽي پوِتر ٿيو آهين.“ يسوع بابت اهي ڳالهيون هنڌين ماڳين پکڙجي ويون. سو ماڻهن جا وڏا ميڙ اچي هن وٽ گڏ ٿيندا هئا، تہ جيئن هن جون ڳالهيون ٻڌن ۽ پنهنجين بيمارين کان ڇٽي چڱا ڀلا ٿين. پوءِ بہ هو وقت ڪڍي پرارٿنا ڪرڻ لاءِ پرڀرو اڪيلائيءَ ۾ هليو ويندو هو. هڪڙي ڏينهن يسوع ڪنهن گھر ۾ سکيا ڏيئي رهيو هو ۽ ڪي فريسي ۽ نيم شاستري بہ اتي ويٺا هئا، جيڪي يروشلم شهر سميت يهوديہ ۽ گليل علائقن جي هر ڳوٺ ۽ شهر کان آيا هئا. جيئن تہ بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ پرميشور جي شڪتي يسوع سان گڏ هوندي هئي، سو ڪي ماڻهو هڪ اڌرنگي ماڻهوءَ کي کٽولي تي کڻي آيا ۽ ڪوشش پئي ڪيائون تہ هن کي گھر جي اندر کڻي اچي يسوع جي اڳيان رکن. پر ميڙ جي ڪري انهن کي اندر کڻي اچڻ لاءِ رستو نہ پئي مليو. تنهنڪري هو ڪوٺي تي چڙهي ويا ۽ ڇت ۾ سوراخ ڪري کٽولي سوڌو کيس هيٺ ماڻهن جي وچ ۾ يسوع جي اڳيان ڪري لاٿائون. يسوع انهن جو ايڏو وشواس ڏسي بيمار کي چيو تہ ”ميان! تنهنجا پاپ معاف ڪيا ويا.“ تنهن تي نيم شاستري ۽ فريسي دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ ”هي تہ ايشور جي نندا ٿو ڪري! ايشور کان سواءِ ٻيو ڪوبہ پاپ معاف ڪري نہ ٿو سگھي.“ يسوع انهن جا خيال سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ ”اوهين اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا سوچيو؟ ڇا هي سولو آهي جو هن ماڻهوءَ کي چئجي تہ ’تنهنجا پاپ تو کي معاف ڪيا ويا،‘ يا اهو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ ۽ گھم ڦر‘؟ پر آءٌ اوهان تي ثابت ڪندس تہ منش‌پتر کي ڌرتيءَ تي پاپ معاف ڪرڻ جي اختياري مليل آهي.“ سو هن اڌرنگي ماڻهوءَ کي چيو تہ ”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھر هليو وڃ.“ تنهن تي هو هڪدم انهن جي اڳيان اُٿي کڙو ٿيو ۽ جنهن کٽولي تي پيل هو سو کنيائين ۽ ايشور جي مهما ڪندي گھر ڏانهن روانو ٿيو. سڀيئي ماڻهو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ خوف وچان ايشور جي مهما ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اڄ اسان ڪهڙيون نہ عجيب ڳالهيون ڏٺيون آهن!“ انهيءَ کان پوءِ يسوع ٻاهر نڪتو ۽ ڏٺائين تہ لاويءَ نالي هڪڙو ٽيڪس اُڳاڙيندڙ پنهنجي اڏي تي ويٺو آهي. يسوع ان کي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ لاوي اٿيو ۽ سڀ ڪجھہ ڇڏي هن جي پٺيان هلڻ لڳو. پوءِ لاويءَ پنهنجي گھر ۾ يسوع جي مان ۾ وڏي دعوت ڪئي، جنهن ۾ وڏو تعداد ٽيڪس اُڳاڙيندڙن جو هو ۽ ٻيا بہ ماڻهو انهن سان گڏ ويٺا هئا. تڏهن ڪن فريسين ۽ سندن نيم شاسترين ڪُرڪندي يسوع جي چيلن کي چيو تہ ”ڇو اوهين ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ پاپين سان گڏ کائو پيئو ٿا؟“ تنهن تي يسوع کين ورندي ڏني تہ ”چڱن ڀلن کي نہ، بلڪ بيمارن کي حڪيم جي گھرج هوندي آهي. آءٌ نيڪن کي نہ، پر پاپين کي توبهہ جي طرف سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“ ڪن ماڻهن يسوع کي چيو تہ ”يوحنا جا چيلا اڪثر وِرت رکندا آهن ۽ پرارٿنائون ڪندا آهن ۽ فريسين جا چيلا بہ ائين ڪندا آهن. پر تنهنجا چيلا تہ کائيندا پيئندا ٿا رهن.“ يسوع وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان آهي، تيستائين اوهين انهن کي ڪو وِرت رکائي سگھو ٿا ڇا؟ پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ کانئن جدا ڪيو ويندو، تہ انهن ڏينهن ۾ هو بہ وِرت رکندا.“ يسوع انهن کي هي مثال بہ ٻڌايو تہ ”ڪوبہ ماڻهو نون ڪپڙن مان ٽڪر ڦاڙي پراڻن ڪپڙن کي چتي نہ ٿو هڻي. جيڪڏهن ائين ڪندو تہ هو نوان ڪپڙا بہ ڦاڙيندو ۽ اهو ٽڪر پراڻي سان ميل بہ نہ کائيندو. ڪوبہ ماڻهو تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ ڪونہ ٿو ڀري، ڇو تہ تازي مئي ساندارن کي ڦاڙي وجھندي. پوءِ تہ مئي بہ هارجي ويندي ۽ ساندارا بہ زيان ٿيندا. تنهنڪري تازي مئي هميشہ نون ساندارن ۾ ڀرڻ گھرجي. پراڻي مئي پيئڻ کان پوءِ ڪوبہ نئين مئي پيئڻ پسند نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ هو چوي ٿو تہ ’پراڻي مئي وڌيڪ سٺي آهي.‘“ سبت واري هڪ ڏينهن يسوع جڏهن پنهنجي چيلن سان گڏ اناج وارين ٻنين مان پئي لنگھيو، تہ سندس ڪي چيلا سنگ پٽي هٿن سان مهٽي کائڻ لڳا. تنهن تي ڪي فريسي کين چوڻ لڳا تہ ”جيڪو ڪم سبت جي ڏينهن ڪرڻ جائز نہ آهي، سو اوهين ڇو ٿا ڪريو؟“ يسوع کين جواب ۾ چيو تہ ”ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ اهو نہ پڙهيو آهي تہ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي هئي تڏهن دائود ڇا ڪيو هو؟ هو ايشور جي گھر ۾ گھڙي ويو ۽ ڀيٽا وارا روٽ، جيڪي ڪاهنن کان سواءِ ٻين کي کائڻ جائز نہ هئا، سي کڻي کائڻ لڳو ۽ ساٿين کي بہ ڏنائين.“ يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”ياد رکو، منش‌پتر تہ سبت جو بہ مالڪ آهي.“ ڪنهن ٻئي سبت جي ڏينهن تي يسوع ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي سکيا ڏيڻ لڳو. اُتي هڪ ماڻهو هو جنهن جو ساڄو هٿ سڪل هو. جيئن تہ ڪي نيم شاستري ۽ فريسي انهيءَ موقعي جي تاڙ ۾ رهندا هئا تہ يسوع تي تهمت هڻجي، سو هو جاچڻ لڳا تہ سبت جي ڏينهن يسوع ڪنهن ماڻهوءَ کي ڇٽائي ٿو يا نہ. يسوع کي انهن جي نيتن جي سڌ پئجي ويئي. سو هن سڪل هٿ واري ماڻهوءَ کي چيو تہ ”اُٿي ماڻهن جي سامهون ٿي بيهہ.“ هو اُٿي اتي اچي بيٺو. تڏهن يسوع ماڻهن کان پڇيو تہ ”ٻڌايو، سبت جي ڏينهن نيڪي ڪرڻ جائز آهي يا بدي ڪرڻ؟ ڪنهن جي جان بچائڻ يا مارڻ؟“ پوءِ هُن چوڌاري ماڻهن ڏانهن نهاري ان سڪل هٿ واري کي چيو تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن ائين ئي ڪيو تہ سندس هٿ ٺيڪ ٿي ويو. تڏهن نيم شاستري ۽ فريسي ڪاوڙ ۾ تپي باهہ ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ صلاحون ڪرڻ لڳا تہ ”يسوع سان ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ هڪڙي ڏينهن يسوع جبل تي پرارٿنا ڪرڻ ويو ۽ اتي سڄي رات ايشور کي پرارٿنا ڪرڻ ۾ گذاريائين. جڏهن ڏينهن ٿيو تہ پنهنجي چيلن کي پاڻ وٽ سڏيائين. انهن مان هي ٻارهن ڄڻا چونڊي کين خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت مقرر ڪيائين: شمعون، جنهن جو نالو پطرس بہ رکيائين، سندس ڀاءُ اندرياس، يعقوب، يوحنا، فلپس ۽ برتُلمئي، متي، توما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ شمعون، جنهن کي ” قوم‌پرست“ ڪري چوندا هئا، يعقوب جو پٽ يهوداہ ۽ يهوداہ اسڪريوتي، جنهن بعد ۾ دغا ڪري کيس پڪڙايو. يسوع هنن سان گڏ جبل تان هيٺ لهي هڪ ميدان ۾ اچي بيٺو. سندس پوئلڳن جي وڏي ٽولي ۽ يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ سان گڏوگڏ صور ۽ صيدا جي سامونڊي ڪناري وارن علائقن کان گھڻا ماڻهو اچي اتي مڙيا. هو انهيءَ لاءِ آيا تہ سندس ڳالهيون ٻڌن ۽ پنهنجين بيمارين کان ڇٽي چڱا ڀلا ٿين. جيڪي ڀوتن جا ستايل هئا سي بہ آيا ۽ ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا. سڀني ماڻهن اها ئي پئي ڪوشش ڪئي تہ کيس هٿ لائين، ڇاڪاڻ تہ منجھانئس اهڙي شڪتي پئي نڪتي، جنهن سان سڀيئي ڇٽي چڱا ڀلا پئي ٿيا. يسوع پنهنجي چيلن ڏانهن نهاري چيو تہ ”سڀاڳا آهيو اوهين، جيڪي غريب آهيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو راڄ اوهان جو آهي. سڀاڳا آهيو اوهين، جيڪي هاڻي بکايل آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي ڍءُ ڪرايو ويندو. سڀاڳا آهيو اوهين، جيڪي هاڻي روئو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهين کِلندا. سڀاڳا آهيو اوهين، جڏهن ماڻهو منش‌پتر جي ڪري اوهان کي ڌڪاريندا، ناتا ٽوڙيندا، ڦٽ لعنت ڪندا ۽ اوهان کي بڇڙو سمجھي ڪڍي ڇڏيندا. انهيءَ ڏينهن اوهين سرها ٿجو ۽ خوشيءَ مان ٽپ ڏجو، جو ايشور وٽ اوهان لاءِ وڏو لاڀ آهي. ڏسو، انهن ماڻهن جي ابن ڏاڏن بہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنتن سان اهڙا ئي پير کنيا هئا. پر مصيبت آهي اوهان لاءِ، جيڪي هاڻي دولتمند آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهين آرام وٺي چڪا. مصيبت آهي اوهان لاءِ، جيڪي هاڻي ڍاول آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهين بکون ڪڍندا. مصيبت آهي اوهان لاءِ، جيڪي هاڻي کِلو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهين ماتم ڪندا ۽ روئندا. مصيبت آهي اوهان لاءِ، جڏهن ماڻهو اوهان کي ساراهين ٿا، ڇاڪاڻ تہ انهن جا ابا ڏاڏا بہ سنديش ڏيندڙ سنت سڏائڻ وارن سان ائين ئي ڪندا هئا.“ ”پر اي منهنجا ٻڌڻ وارؤ! آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن سان پيار ڪريو. جيڪي اوهان کان نفرت ڪن تن سان چڱائي ڪريو. جيڪي اوهان کي سراپ ڏين تن لاءِ ڀلائي گھرو. جيڪي اوهان تي ڦٽ لعنت ڪن تن لاءِ بہ پرارٿنا ڪريو. جيڪو اوهان جي هڪ ڳل تي چماٽ هڻي تنهن کي ٻيو بہ ڦيرائي ڏيو. جيڪو اوهان جو ڪوٽ کسي وٺي تنهن کي قميص ڏيڻ لاءِ بہ تيار رهو. جيڪو اوهان کان ڪجھہ گھري تنهن کي ڏيو. جيڪو اوهان جو مال کسي وٺي تنهن کان موٽائي نہ گھرو. جهڙو سلوڪ اوهين ماڻهن کان چاهيو ٿا تهڙو ئي سلوڪ اوهين ٻين سان ڪريو. جيڪي اوهان سان پيار ڪن ٿا تن سان جيڪڏهن اوهان پيار ڪيو تہ اوهان ڪهڙو احسان ڪيو؟ پاپي بہ تہ پنهنجن پيار ڪندڙن سان پيار ڪن ٿا. جيڪي اوهان سان ڀلائي ڪن ٿا تن سان جيڪڏهن اوهان ڀلائي ڪئي تہ اوهان ڪهڙو احسان ڪيو؟ ڇاڪاڻ تہ پاپي بہ تہ ائين ئي ڪن ٿا. جن کان موٽائي وٺڻ جي اميد آهي تن کي جيڪڏهن اوهان اڌارو ڏنو تہ ڪهڙو احسان ڪيو؟ پاپي بہ تہ پاپين کي اڌارو ڏيئي وري انهن کان موٽائي وٺندا آهن. پر اوهين پنهنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو. کين اڌارو ڏيو پر واپس وٺڻ جي اميد نہ رکو، تہ اوهان کي وڏو لاڀ ملندو ۽ اوهين پرميشور جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ هو ناشڪرن ۽ بڇڙن تي پڻ ديالو آهي. تنهنڪري ديالو ٿيو، جيئن اوهان جو آڪاشي پتا ديالو آهي.“ ”ٻين جا عيب نہ اُگھاڙيو تہ ايشور بہ اوهان جا عيب نہ اُگھاڙيندو. ٻين کي ڏوهي قرار نہ ڏيو تہ ايشور بہ اوهان کي ڏوهي قرار نہ ڏيندو. ٻين کي معاف ڪريو تہ ايشور بہ اوهان کي معاف ڪندو. ٻين کي ڏيندا رهو تہ ايشور کان اوهان کي بہ ملندو، بلڪ واپسيءَ ۾ اوهان کي چڱيءَ طرح، دٻي دٻي، لوڏي لوڏي ۽ وهندڙ ڪري جھول ۾ وڌو ويندو. ياد رکو، جهڙي ماپي سان اوهين ڏيندا، ايشور کان تهڙي ئي ماپي سان اوهان کي ماپجي ملندو.“ يسوع کين هڪ مثال ڏيندي چيو تہ ”ڇا ڪو انڌو ٻئي انڌي کي واٽ ڏيکاري سگھندو؟ جيڪڏهن ائين ٿيو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا. ڪوبہ چيلو پنهنجي گروءَ کان مٿي نہ آهي، پر هر ڪو چيلو جڏهن سکيا پوري ڪندو، تڏهن گروءَ جهڙو ٿي پوندو. ڇو ٿا ڪنهن وشواسي ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک ڏسو ۽ پنهنجي اک ۾ جيڪو شهتير پيل اٿوَ، ان جو اوهان کي ڪوبہ خيال نہ آهي؟ اوهين ڪيئن ان کي چوندا تہ ’پنهنجي اک مان ڪک ڪڍڻ ڏي،‘ جڏهن تہ پنهنجي اک ۾ جيڪو شهتير پيل اٿوَ، تنهن کي نہ ٿا ڏسو. اي پاکنڊيو! پهريائين اوهين پنهنجي اک مان شهتير ڪڍو، تڏهن اوهين پنهنجي ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ڪڍي سگھندا.“ ”ڪوبہ سٺو وڻ خراب ميوو نہ ٿو ڏئي ۽ نہ وري ڪو خراب وڻ سٺو ميوو ڏئي ٿو. سڀ ڪنهن وڻ کي سندس ميوي مان سڃاڻبو آهي، ڇو تہ ماڻهو ڪَنڊين مان انجير ۽ ڪانڊيرن مان انگور نہ ٿا ڇنن. هڪ چڱو ماڻهو پنهنجي دل جي چڱي خزاني مان چڱيون ڳالهيون ٿو ڪڍي ۽ بڇڙو ماڻهو پنهنجي دل جي بري خزاني مان بريون ڳالهيون ڪڍي ٿو. ڏسو، دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي.“ ”اوهين ڇو مون کي ’پرڀو، پرڀو‘ چئو ٿا، جڏهن تہ منهنجي چوڻ تي عمل نہ ٿا ڪريو؟ جيڪو بہ منهنجيون ڳالهيون ٻڌڻ اچي ٿو ۽ اهي ٻڌي انهن تي عمل ٿو ڪري، آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اهو ڪنهن جي مثل آهي. اهو انهيءَ ماڻهوءَ مثل آهي جنهن گھر اڏائڻ وقت زمين اونهي کوٽي ٽڪر تي پيڙهہ رکي. پوءِ جڏهن ٻوڏ آئي تہ درياءَ انهيءَ گھر کي سٽون ڏنيون پر ان کي لوڏي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ گھر مضبوط اڏيل هو. پر جيڪو منهنجيون ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل نہ ٿو ڪري، سو انهيءَ ماڻهوءَ مثل آهي جنهن پيڙهہ رکڻ کان سواءِ گھر اڏايو ۽ جڏهن ٻوڏ آئي ۽ ان کي سٽ ڏنائين تہ اهو ڦَهہ ڪري ڪري پيو ۽ تباهہ وَ برباد ٿي ويو.“ جڏهن يسوع ماڻهن کي اهي سموريون ڳالهيون ٻڌائي چڪو، تڏهن ڪفرناحوم شهر ۾ آيو. اتي رومي فوج جي هڪ صوبيدار جو نوڪر بيمار هو ۽ مرڻ تي هو. اهو نوڪر صوبيدار کي ڏاڍو پيارو هو. هن جڏهن يسوع بابت ٻڌو، تڏهن يهودين جي ڪن چڱن مڙسن کي يسوع ڏانهن موڪلي کيس وينتي ڪيائين تہ هو اچي سندس نوڪر کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري. اهي يسوع وٽ آيا ۽ صوبيدار جي مدد لاءِ ڏاڍيون منٿون ڪندي چيائونس تہ ”اهو ماڻهو انهيءَ لائق آهي جو اوهين مٿس هي احسان ڪريو. هو اسان جي قوم سان گھڻو پيار ڪري ٿو ۽ اسان لاءِ ڀڳتيءَ واري جاءِ بہ هن ئي ٺهرائي آهي.“ تڏهن يسوع انهن ماڻهن سان گڏجي هليو. اڃا هو صوبيدار جي گھر جي ويجھو ئي مس پهتو تہ صوبيدار کيس پنهنجي ماڻهن هٿان چوائي موڪليو تہ ”اي سوامي! تڪليف نہ ڪريو، آءٌ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهين منهنجي گھر اچو، نڪي مون پاڻ کي انهيءَ لائق سمجھيو جو اوهان وٽ اچان. پر اوهين اُتان ئي رڳو حڪم ڪندا تہ منهنجو نوڪر ڇٽي چڱو ڀلو ٿيندو. ڏسو، آءٌ پڻ ٻين جي حڪم هيٺ آهيان ۽ منهنجي هيٺان بہ سپاهي آهن، سو جيڪڏهن ڪنهن کي چوان ’وڃ‘ تہ هو ويندو ۽ ڪنهن کي چوان ’اچ‘ تہ هو ايندو ۽ جي پنهنجي نوڪر کي چوان تہ ’هي ڪم ڪر‘ تہ هو ڪندو.“ يسوع اهو ٻڌي هن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي ماڻهو سندس پٺيان پئي آيا، تن ڏانهن منهن ورائي کين چيائين تہ ”مون ايڏو وشواس بني اسرائيل ۾ بہ ڪونہ ڏٺو آهي.“ جڏهن صوبيدار جا ماڻهو گھر موٽي آيا تہ ڏٺائون تہ نوڪر بلڪل چاق هو. ان کان پوءِ يسوع نائينِ نالي ڳوٺ ڏانهن ويو ۽ هن سان گڏ سندس چيلا ۽ هڪ وڏو ميڙ هو. جڏهن شهر جي دروازي جي ويجھو پهتو تہ ڏٺائين تہ ماڻهو هڪڙي مُڙدي کي ٻاهر کنيو پئي ويا. اهو پنهنجي ماتا جو اڪيلو پٽ هو، جيڪا وڌوا هئي. شهر جا ڪيترائي ماڻهو ان سان گڏ هئا. جڏهن پرڀوءَ ان وڌوا کي ڏٺو، تڏهن کيس مٿس ديا آئي، سو چيائينس تہ ”روءُ نہ.“ پوءِ پاڻ ويجھو اچي ارٿيءَ تي هٿ رکي ڪانڌين کي بيهاريائين ۽ مري ويل کي فرمايائين تہ ”اي جوان! آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ.“ تنهن تي اهو مري ويل اُٿي ويٺو ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳو. پوءِ ان ڇوڪر کي سندس ماتا جي حوالي ڪيائين. انهيءَ تي سڀني ۾ ڏهڪاءُ پئجي ويو ۽ هو ايشور جي مهما ڪري چوڻ لڳا تہ ”ايشور جو هڪڙو وڏو سنت اسان وٽ ظاهر ٿيو آهي. ايشور پنهنجي قوم تي ڪرپا ڪئي آهي.“ اها ڳالهہ سڄي يهوديہ ۽ ڀر واري سموري علائقي ۾ چؤطرف پکڙجي ويئي. اهي سڀ ڳالهيون يوحنا کي سندس چيلن وڃي ٻڌايون. تنهن تي يوحنا پنهنجي چيلن مان ٻن کي پرڀوءَ ڏانهن اهو چوائي موڪليو تہ ”جيڪو اچڻ وارو آهي، سو اوهين ئي آهيو يا اسين ڪنهن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“ اهي ماڻهو يسوع وٽ آيا ۽ چيائون تہ ”يوحنا بپتسما ڏيڻ واري اسان کي اوهان ڏانهن اهو پڇڻ لاءِ موڪليو آهي تہ جيڪو اچڻ وارو آهي، اهو اوهين آهيو يا اسين ڪنهن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“ انهيءَ گھڙيءَ يسوع گھڻن کي مرضن، آفتن ۽ ڀوتن کان ڇٽائي چڱو ڀلو پئي ڪيو ۽ ڪيترن ئي انڌن کي سڄو پئي ڪيائين. سو يسوع انهن کي وراڻي ڏيندي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ اوهان ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، سو يوحنا کي وڃي ٻڌايو تہ انڌا ڏسن ٿا، منڊا هلن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پوِتر ڪيا پيا وڃن، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيوت ڪيا پيا وڃن ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي. سڀاڳو آهي اهو جنهن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آهي.“ جڏهن يوحنا جا قاصد موٽي ويا، تڏهن يسوع ميڙ کي يوحنا بابت چوڻ لڳو تہ ”اوهين رڻ‌پٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا ڀلا واءُ سان لڏندڙ ڪاني کي؟ پر آخر ٻاهر ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڀلا سٺا ڪپڙا پاتل ماڻهوءَ کي؟ ڏسو، جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا ۽ عيش ۽ مزي ۾ گذارين ٿا سي راجائي محلن ۾ هوندا آهن. پر ڀلا ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا سنديش ڏيندڙ هڪ سنت کي؟ ها تہ پوءِ ٻڌو، آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ سنديش ڏيندڙ سنت کان بہ وڏي کي. بلڪ يوحنا ئي اهو آهي جنهن بابت پوِتر شاستر ۾ ايشور هي فرمايو آهي تہ ’ڏس، آءٌ پنهنجي سنديش ڏيندڙ کي تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو، تہ هو تنهنجي لاءِ رستو تيار ڪري.‘ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪي بہ ماتا جي پيٽ مان نڪتا آهن، انهن ۾ ڪوبہ يوحنا کان وڏو نہ آهي. تنهن هوندي بہ ايشور جي راڄ ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آهي سو يوحنا کان بہ وڏو آهي.“ سڀني ماڻهن اهو ٻڌو. جڏهن تہ اڳ ۾ ئي انهن مان عام ماڻهن، بلڪ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن پڻ يوحنا کان بپتسما وٺي ايشور کي سچار ڪري مڃيو هو. پر فريسين ۽ نيم شاسترين يوحنا کان بپتسما نہ وٺندي پنهنجي طرفان ايشور جي ارادي کي رد ڪري ڇڏيو. يسوع وڌيڪ چيو تہ ”هن زماني جي ماڻهن کي آءٌ ڪنهن سان ڀيٽيان تہ اهي ڪنهن وانگر آهن؟ اهي تہ اهڙن ٻارن وانگر آهن، جيڪي بازارن ۾ ويهي هڪٻئي کي سڏ ڪري چون ٿا تہ ’اسان اوهان لاءِ شرنايون وڄايون، پر اوهين نچيا ئي ڪين. اسان اوهان لاءِ پار ڪڍيا، پر اوهين رنا ئي ڪين.‘ ساڳيءَ طرح جڏهن يوحنا بپتسما ڏيڻ واري وِرت جي ڪري اڪثر نہ روٽي ٿي کاڌي، نڪي وري مئي ٿي پيتي، تڏهن اوهان چيو ٿي تہ ’هن ۾ ڀوت آهي.‘ پر منش‌پتر کائيندو پيئندو ٿو رهي تڏهن بہ اوهين چئو ٿا تہ ’ڏسو، هي پيٽو ۽ شرابي آهي ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن توڙي پاپين جو ساٿي آهي.‘ پر ياد رکو، سياڻپ سان هلندڙن جي ڪمن مان ئي ايشور جي ڏاهپ سچي ثابت ٿئي ٿي.“ هڪڙي ڏينهن ڪنهن فريسيءَ يسوع کي وينتي ڪئي تہ ”مون وٽ هلي رسوئي کائو.“ تڏهن هو سندس گھر ويو ۽ کائڻ ويٺو. انهيءَ شهر ۾ هڪڙي پاپڻ ناري رهندي هئي. تنهن کي جڏهن اها خبر پيئي تہ يسوع هڪڙي فريسيءَ جي گھر رسوئي کائي ٿو پيو، تڏهن هوءَ سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ عطر کڻي آئي. هوءَ يسوع جي پيرن وٽ بيهي روئڻ لڳي ۽ پنهنجي ڳوڙهن سان يسوع جا پير آلا ڪيائين. پوءِ پنهنجي وارن سان انهن کي اُگھي چميون ڏيندي ۽ انهن تي عطر مکيندي رهي. تنهن تي فريسي، جنهن يسوع جي رسوئي ڪئي هئي سو هي ڏسي پنهنجيءَ دل ۾ چوڻ لڳو تہ ”جيڪڏهن هي شخص ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت هجي ها تہ جيڪر سڃاڻي وٺي ها تہ هيءَ ناري جيڪا کيس هٿ ٿي لائي سا ڪهڙي قسم جي آهي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ تہ پاپڻ آهي!“ تڏهن يسوع کيس چيو تہ ”اي شمعون! تو کي ڪجھہ چوڻو اٿم.“ شمعون وراڻيو تہ ”گرو! بيشڪ چئو.“ تنهن تي يسوع چيو تہ ”هڪڙي لهڻيدار جا ٻہ قرضدار هئا. هڪڙي ڏانهن پنج سؤ چانديءَ جا سڪا هئس ۽ ٻئي ڏانهن پنجاهہ. پر انهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونہ هو جو کڻي ان کي واپس ڪن، تنهنڪري ٻنهي کي بخشي ڇڏيائين. هاڻي انهن ٻنهي مان کيس گھڻو پيار ڪير ڪندو؟“ شمعون وراڻي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ ڀانئيان ٿو تہ جنهن کي گھڻو بخش ڪيائين، اهو.“ تڏهن يسوع چيو تہ ”تو صحيح جواب ڏنو.“ پوءِ انهيءَ ناريءَ ڏانهن منهن ڪري شمعون کي چيائين تہ ”هن ناريءَ کي ڏسين ٿو؟ آءٌ تنهنجي گھر آيس تہ تو مون کي پير ڌوئڻ لاءِ پاڻي بہ نہ ڏنو، پر هن منهنجا پير پنهنجي ڳوڙهن سان ڌوتا ۽ پنهنجي وارن سان اُگھيا آهن. تو مون کي چميو بہ ڪين، پر جيئن آءٌ آيو آهيان تہ هن منهنجي پيرن کي چمڻ کان بس ئي ڪين ڪئي آهي. تو منهنجي مٿي کي تيل بہ نہ مکيو، پر هن تہ منهنجي پيرن کي عطر مکيو آهي. انهيءَ ڪري آءٌ تو کي چوان ٿو تہ هن جا پاپ، جيڪي گھڻا هئا معاف ڪيا ويا آهن، تنهنڪري هن گھڻو پيار ڪيو آهي. پر جنهن جا پاپ ٿورا هئا جيڪي معاف ڪيا ويا، سو ٿورو پيار ٿو ڪري.“ پوءِ انهيءَ ناريءَ کي چيائين تہ ”تنهنجا پاپ معاف ڪيا ويا.“ تڏهن جن يسوع سان گڏ کاڌو پئي سي هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي جو پاپ بہ معاف ٿو ڪري؟“ يسوع انهيءَ ناريءَ کي وڌيڪ چيو تہ ”تنهنجي وشواس تو کي بچايو آهي. سو هاڻي دلجاءِ سان هلي وڃ.“ تنهن کان پوءِ هيئن ٿيو جو يسوع شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪندو پئي وتيو. سندس ٻارهن چيلا بہ ساڻس گڏ هئا. ڪي ناريون بہ ساڻس گڏ هيون جيڪي ڀوتن ۽ مرضن کان ڇٽي چڱيون ڀليون ٿيون هيون، جن ۾ مريم، جيڪا مگدليني ڪري سڏبي هئي جنهن مان ست ڀوت نڪتا هئا، يوعانا، جيڪا راجا هيروديس انتپاس جي صلاحڪار خوزا جي پتني هئي، سوسنا ۽ ٻيون بہ ڪيتريون ناريون هيون جن پنهنجي مال‌متاع سان يسوع ۽ سندس ٻارهن چيلن جي سيوا پئي ڪئي. جڏهن شهر شهر جا ماڻهو يسوع وٽ اچي گڏ ٿيا تہ هڪڙو وڏو ميڙ ٿي پيو. پوءِ هڪڙو مثال ڏيندي کين چيائين تہ ”هڪڙو هاري ٻج ڇٽڻ ويو. ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا، جيڪي لتاڙجي ويا ۽ پکي انهن کي چُڳي ويا. ڪي داڻا وري ٽڪريلي زمين تي ڪريا ۽ سلا اڃا اُڀريا ئي مس تہ سڪي ويا، ڇو تہ انهن تائين پاڻي ڪونہ پهتو هو. ٻيا وري ڪانڊيرن ۾ ڪريا ۽ ڪانڊيرا، جيڪي انهن سان گڏ اُڀريا تن انهن کي اُسرڻ نہ ڏنو. ٻيا ڀليءَ زمين تي ڪريا ۽ اُسري سؤڻو ڦر ڏنائون.“ اهي ڳالهيون ڪندي وڏي واڪي چيائين تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“ يسوع کان سندس چيلن پڇيو تہ ”هن مثال جو مطلب ڇا آهي؟“ تنهن تي هن چيو تہ ”اوهان کي تہ ايشور جي راڄ جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آهي، پر ٻين کي مثالن سان ٻڌايو ويو آهي تہ اهي نهاريندي نہ ڏسن ۽ ٻڌندي نہ سمجھن.“ ”ٻڌو! انهيءَ مثال جو مطلب هي آهي تہ ٻج آهي ايشور جي راڄ جو سنديش. جيڪي داڻا رستي تي ڪريا تنهن رستي جي معنيٰ اُهي ماڻهو آهن جيڪي سنديش ٻڌن ٿا، پوءِ شيطان اچي انهيءَ سنديش کي سندن دلين مان ڪڍي ٿو تہ متان اهي ان تي وشواس آڻي بچي وڃن. ٽڪريلي زمين اهي ماڻهو آهن، جيڪي سنديش ٻڌن ٿا تڏهن خوشيءَ سان قبول تہ ڪن ٿا، پر پاڙ نہ هئڻ ڪري ٿورو وقت وشواس آڻي پوءِ آزمائش جي مهل ڦري ٿا وڃن. جيڪي ڪانڊيرن واري زمين ۾ ڪريا سا زمين اهي ماڻهو آهن، جيڪي سنديش ٻڌن تہ ٿا پر هلندي هلندي جيون جي ڳڻتين، دولت ۽ عيش عشرت ۾ ڦاسجي ٿا پون ۽ سندن ڦر پچي ئي ڪونہ ٿو. پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪريا، سا ڀلي زمين اهي ماڻهو آهن جيڪي سنديش ٻڌن ٿا ۽ سچيءَ دل ۽ پوري توجھہ سان ان کي سانڍين ٿا ۽ ثابت قدميءَ سان ڦر جھلين ٿا.“ ”اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو ڏيئو ٻاري ڍڪڻ سان ڍڪي، يا کٽولي هيٺان رکي، پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي تہ جيئن اندر ايندڙن کي سوجھرو ملي. مطلب تہ اهڙي ڪابہ شيءِ لڪل نہ آهي جيڪا پڌري نہ ڪئي ويندي ۽ ڪابہ ڳالهہ ڳجھي نہ آهي جنهن جي سڌ نہ پوندي ۽ جيڪا ظاهر نہ ٿيندي. تنهنڪري منهنجي چيل ڳالهين کي ڌيان ۾ رکو، ڇو تہ جنهن وٽ ڪجھہ آهي تنهن کي وڌيڪ ڏنو ويندو ۽ جنهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي تنهن کان اهو بہ کسيو ويندو جنهن کي هو پنهنجو سمجھي ٿو.“ هڪڙي دفعي يسوع جي ماتا ۽ ڀائر وٽس آيا پر ميڙ جي ڪري هن تائين پهچي نہ سگھيا. تنهن تي کيس ٻڌايو ويو تہ ”اوهان جي ماتا ۽ اوهان جا ڀائر ٻاهر بيٺا آهن ۽ اوهان سان ملڻ ٿا چاهين.“ يسوع انهن کي چيو تہ ”منهنجي ماتا ۽ منهنجا ڀائر اهي آهن، جيڪي ايشور جون ڳالهيون ٻڌن ٿا ۽ انهن تي عمل ڪن ٿا.“ هڪڙي ڏينهن يسوع پنهنجي چيلن سميت ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو ۽ کين چيائين تہ ”هلو تہ ڍنڍ جي پرينءَ ڀر هلون.“ سو هو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي روانا ٿيا. جيئن هو هليا پئي تہ يسوع کي ننڊ وٺي ويئي. تڏهن ڍنڍ تي ڏاڍو طوفان اچي لٿو ۽ ٻيڙي پاڻيءَ سان ڀرجڻ لڳي جنهن ڪري انهن جي جان خطري ۾ پئجي ويئي. تڏهن انهن يسوع کي جاڳائيندي چيو تہ ”گرو! اي گرو! اسين تہ ٻڏڻ تي آهيون.“ تنهن تي هو اٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي ڇينڀيائين، جنهن تي طوفان بيهجي ويو ۽ ٺاپر ٿي ويئي. تڏهن يسوع چيلن کي چيو تہ ”اوهان جو وشواس ڪٿي آهي؟“ اهو ڏسي سڀيئي چيلا ڏاڍو ڊڄي ويا ۽ عجب وچان هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي جو هوا ۽ پاڻيءَ کي حڪم ٿو ڪري تہ اهي بہ کيس مڃن ٿا!“ پوءِ اهي گراسينين جي علائقي ۾ وڃي پهتا جيڪو گليل ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر تي آهي. جڏهن يسوع سڪيءَ تي آيو تہ کيس شهر جو هڪڙو ماڻهو مليو، جنهن ۾ ڀوت هئا. هو ڪيترن ڏينهن کان نہ ڪپڙا پائيندو هو، نڪي گھر ۾ رهندو هو، پر قبرستان ۾ گذاريندو هو. هن جڏهن يسوع کي ڏٺو تڏهن رڙيون ڪندي سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ وڏي واڪي چوڻ لڳس تہ ”اي يسوع، پرميشور جا پٽ! مون سان تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ آءٌ تو کي وينتي ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي.“ هن اهو انهيءَ ڪري ٿي چيو جو يسوع انهيءَ ڀوت کي حڪم ڪيو هو تہ ”هن ماڻهوءَ مان نڪري وڃ.“ اهو ڀوت اڪثر انهيءَ کي وٺندو هو ۽ ماڻهو کيس زنجيرن ۽ ڪڙن سان ٻڌي مٿس نظر رکندا هئا، پر هو زنجيرن کي ٽوڙي وجھندو هو ۽ ڀوت کيس رڻ‌پٽ ۾ گهليندو وتندو هو. يسوع انهيءَ ماڻهوءَ کان پڇيو تہ ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ هن جواب ڏنو تہ ”لشڪر،“ ڇاڪاڻ تہ منجھس گھڻن ڀوتن جو واسو هو. انهن ڀوتن يسوع کي وينتي ڪئي تہ ”اسان کي پاتال ۾ وڃڻ جو حڪم نہ ڏيو.“ ڀرسان ئي ٽڪر تي سوئرن جو هڪڙو وڏو ڌڻ پئي چريو. سو ڀوتن يسوع کي وري وينتي ڪئي تہ ”اسان کي هنن ۾ گھڙڻ جي آگيا ڏيو.“ سو هن کين آگيا ڏني. تنهن تي اهي ڀوت انهيءَ ماڻهوءَ مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا ۽ سوئرن جو اهو ڌڻ لاهيءَ تان ڌوڪيندو اچي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو. اهو حال ڏسي ڌنار وٺي ڀڳا ۽ وڃي شهر ۽ ٻهراڙيءَ ۾ اهو سڄو واقعو ٻڌايائون. تنهن تي ماڻهو اهو حال ڏسڻ لاءِ نڪري آيا ۽ يسوع وٽ اچي ڏسن تہ اهو ماڻهو جنهن مان ڀوت نڪري ويا هئا، سو ڪپڙا پائي پوري هوش حواس ۾ يسوع جي پيرن وٽ ويٺو آهي. تڏهن انهن سڀني کي ڊپ وٺي ويو. جن ماڻهن اهو رنگ ڏٺو هو، تن کين ٻڌايو تہ ڪهڙيءَ طرح ڀوتن ورتل شخص ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو. گراسينين جي اوسي‌پاسي وارن سڀني ماڻهن کي ايڏو تہ ڊپ وٺي ويو جو کيس منٿ ڪندي چيائون تہ ”اسان وٽان هليا وڃو.“ سو يسوع ٻيڙيءَ ۾ چڙهي موٽڻ لڳو. تڏهن جنهن ماڻهوءَ مان ڀوت نڪري ويا هئا، تنهن کيس وينتي ڪري چيو تہ ”مون کي پاڻ سان وٺي هلو.“ پر يسوع کيس اهو چئي موٽائي گھر ڏانهن موڪليو تہ ”وڃي ٻڌاءِ تہ ايشور تو سان ڪهڙي نہ ڀلائي ڪئي آهي.“ سو انهيءَ ماڻهوءَ موٽي وڃي سڄي شهر ۾ مشهور ڪيو تہ ”يسوع مون سان ڪيڏي نہ ڀلائي ڪئي آهي.“ جڏهن يسوع موٽي آيو تڏهن ماڻهن سندس وڏو آڌرڀاءُ ڪيو، ڇو تہ سڀني سندس واٽ پئي ڏٺي. ان وقت يائرس نالي هڪڙو شخص جيڪو يهودين جي مقامي ڀڳتيءَ واري جاءِ جو اڳواڻ هو، سو يسوع وٽ اچي سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ کيس وينتي ڪيائين تہ ”منهنجي گھر هلو.“ هن جي سڪيلڌي ڌيءَ جنهن جي عمر اٽڪل ٻارهن سال هئي سا مرڻ تي هئي. پوءِ جيئن جيئن يسوع ساڻس گڏ پئي آيو تيئن تيئن ماڻهو مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا. انهن ۾ هڪڙي اهڙي ناري بہ هئي، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو. هن پنهنجي سڄي ميڙي چونڊي حڪيمن پٺيان وڃائي ڇڏي هئي، پر ڪوبہ ڇٽائي نہ سگھيو هئس. اها ناري يسوع جي پٺيان آئي ۽ اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي هٿ لاتائين تہ انهيءَ گھڙيءَ هن جو رت وهڻ بند ٿي ويو. تڏهن يسوع پڇيو تہ ”مون کي ڪنهن هٿ لاتو؟“ تنهن تي سڀيئي انڪار ڪرڻ لڳا. پر پطرس چيس تہ ”گرو! ماڻهن جي ڳاهٽ ٿيڻ ڪري هو اوهان مٿان ڪرن ٿا پيا.“ پر يسوع چيو تہ ”مون کي پڪ آهي تہ ڪنهن ڄاڻي‌واڻي مون کي هٿ لاتو آهي، ڇاڪاڻ تہ مون مان شڪتي نڪتي آهي.“ جڏهن ناريءَ ڏٺو تہ ”آءٌ لڪي نہ ٿي سگھان،“ تڏهن ڏڪندي ڏڪندي آئي ۽ يسوع جي پيرن تي ڪري پيئي. هن سڀني جي روبرو کيس ٻڌايو تہ ڪهڙي سبب هن کيس هٿ لاتو ۽ ڪهڙيءَ طرح هوءَ هڪدم چڱي ڀلي ٿي پيئي. تنهن تي يسوع چيس تہ ”ڌيءَ! تنهنجي وشواس تو کي ڇٽايو آهي، دلجاءِ سان هلي وڃ.“ اڃا هن ڳالهايو ئي بيٺي تہ ڀڳتيءَ واري جاءِ جي انهيءَ اڳواڻ يائرس جي گھر کان ڪنهن اچي کيس چيو تہ ”تنهنجي ڌيءَ مري ويئي. هاڻي گروءَ کي تڪليف نہ ڏي.“ پر يسوع هي ٻڌي يائرس کي چيو تہ ”گھٻراءِ نہ، رڳو وشواس رک تہ هوءَ بچي پوندي.“ پوءِ يسوع ڪنيا جو هٿ جھلي کيس سڏي چيو تہ ”اي ڪنيا! اُٿ.“ يسوع پنهنجي ٻارهن چيلن کي سڏي کين هيءَ شڪتي ۽ اختياري ڏني تہ هو ماڻهن مان ڀوت ڪڍن ۽ بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪن. پوءِ انهن کي موڪليائين تہ ”وڃي ايشور جي راڄ جو پرچار ڪريو ۽ ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريو.“ هن کين اهو تاڪيد بہ ڪيو تہ ”رستي لاءِ ڪجھہ بہ نہ کڻجو، نہ لٺ، نہ ٿيلهو، نہ روٽي، نہ پئسا ۽ نہ وري ڪو وڌيڪ وڳو. جتي بہ وڃي ڪنهن گھر ۾ رهو تہ اتي ايستائين رهجو جيستائين ان شهر مان روانا نہ ٿيو. جنهن شهر جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ انهيءَ شهر کان ٻاهر نڪري پنهنجن پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو، تہ جيئن مٿن شاهدي ٿئي.“ تڏهن اهي چيلا روانا ٿيا ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي ايشور جي راڄ بابت خوشخبري ٻڌائڻ ۽ هر هنڌ ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ لڳا. جڏهن يسوع بابت سڄو احوال گليل صوبي جي حڪمران هيروديس انتپاس جي ڪَن تي پيو تہ هو مونجھڪاري ۾ پئجي ويو، ڇاڪاڻ تہ ڪن ماڻهن پئي چيو تہ ”يوحنا مئلن مان جيوت ٿيو آهي،“ ڪن پئي چيو تہ ”ايلياہ ظاهر ٿيو آهي“ ۽ وري ٻين پئي چيو تہ ”ايشور جو سنديش ڏيندڙ آڳاٽن سنتن مان ڪو ٻيو وري جيوت ٿيو آهي.“ تنهن تي هيروديس چيو تہ ”يوحنا جي تہ مون سسي لهرائي ڇڏي هئي. پر هيءُ ڪير آهي جنهن بابت هن طرح جون ڳالهيون ٿا ٻڌون؟“ تڏهن هو يسوع سان ملڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. اهي ٻارهن سنت جڏهن موٽي آيا، تڏهن يسوع کي اهو سڄو احوال ڪري ٻڌايائون جيڪي هنن ڪيو هو. پوءِ يسوع انهن کي پاڻ سان گڏ نويڪلو وٺي بيت‌صيدا نالي شهر ڏانهن روانو ٿيو. پر جڏهن ماڻهن جي ميڙن کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پيئي، تڏهن اهي بہ يسوع جي پٺيان اچي وٽس پهتا. هو انهن سان خوشيءَ سان مليو ۽ کين ايشور جي راڄ جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳو ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ لڳو، جنهن کي ان جي ضرورت هئي. جڏهن سج لهڻ تي ٿيو تہ انهن ٻارهن چيلن اچي يسوع کي چيو تہ ”ماڻهن کي آگيا ڏيو تہ اوسي‌پاسي وارن ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ وڃي رهن ۽ کائڻ پيئڻ جو بندوبست ڪن، ڇاڪاڻ تہ اسين هِت ويران هنڌ تي آهيون.“ پر يسوع چيلن کي چيو تہ ”اوهين ئي کائڻ لاءِ ڏيونِ.“ تنهن تي چيلن وراڻيس تہ ”اسان وٽ تہ پنجن روٽين ۽ ٻن مڇين کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونهي. باقي جيڪڏهن اوهين چئو تہ اسين هيڏي وڏي ميڙ لاءِ وڃي کاڌو خريد ڪري اچون.“ هنن اهو انهيءَ ڪري چيو تہ ميڙ ۾ اٽڪل پنج هزار مرد هئا. تڏهن يسوع چيلن کي چيو تہ ”هنن کي پنجاهہ پنجاهہ جي ٽولين ۾ ڪري ويهاريو.“ پوءِ چيلن يسوع جي چوڻ موجب سڀني کي ويهاري ڇڏيو. تڏهن يسوع اهي پنج روٽيون ۽ ٻہ مڇيون وٺي آڪاش ڏانهن نهاري انهن ۾ برڪت گھري. پوءِ اهي ڀڃي هو چيلن کي ڏيندو ويو تہ ماڻهن جي اڳيان رکندا وڃن. پوءِ تہ سڀني ماڻهن کائي ڍءُ ڪيو ۽ جيڪي ٽڪر ڳڀا بچيا تن جون چيلن ٻارهن کاريون ڀريون. هڪ دفعي جڏهن يسوع اڪيلو پرارٿنا ڪري رهيو هو ۽ سندس چيلا ساڻس گڏ هئا، تڏهن انهن کان پڇيائين تہ ”ماڻهو منهنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آهيان؟“ چيلن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوهين يوحنا بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ اوهين ايلياہ آهيو ۽ ڪي وري چون ٿا تہ اوهين ايشور جو سنديش ڏيندڙ آڳاٽن سنتن مان ڪو ٻيو جيوت ٿي اٿيا آهيو.“ هن چيلن کان پڇيو تہ ”اوهين ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آهيان؟“ تنهن تي پطرس چيس تہ ”تون ايشور جو مسيح آهين.“ تڏهن کين تاڪيد ڪندي حڪم ڏنائين تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجو.“ يسوع چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”منش‌پتر لاءِ ضروري آهي تہ هو گھڻيون سختيون سهي، سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن کان رد ڪيو وڃي، کيس ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي ايشور کيس وري جيوت ڪري اٿاري.“ پوءِ چيلن سميت سڀني کي چيائين تہ ”جيڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري سو پنهنجي آپي کي ماري ۽ هر روز پنهنجي سولي کڻي منهنجي پٺيان هلي. ڏسو، جيڪو پنهنجي جان بچائڻ چاهيندو سو اها وڃائيندو. پر جيڪو منهنجي لاءِ پنهنجي جان وڃائيندو، سو انهيءَ کي بچائيندو. جيڪڏهن ماڻهو کڻي سڄو سنسار هٿ ڪري، پر پنهنجي جان وڃائي يا انهيءَ کي برباد ڪري ڇڏي تہ ڪهڙو فائدو ٿيندس؟ ڏسو، جيڪو مون کان ۽ منهنجي ڳالهين کان شرمائيندو، تنهن کان منش‌پتر بہ شرمائيندو، جڏهن هو پنهنجي پتا جي، پنهنجي ۽ پوِتر دوتن جي جوت ۾ ايندو. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي هتي بيٺا آهن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين ايشور جي راڄ کي نہ ڏسندا.“ انهن ڳالهين جي اٽڪل اٺن ڏينهن کان پوءِ يسوع پاڻ سان گڏ پطرس، يوحنا ۽ يعقوب کي وٺي هڪڙي جبل تي پرارٿنا ڪرڻ لاءِ ويو. جيئن ئي هو پرارٿنا ڪري رهيو هو تہ سندس روپ بدلجي پيو ۽ سندس پوشاڪ اڇي تجليدار ٿي پيئي. اتي جو اتي ٻہ شخص يسوع سان ڳالهيون ڪندي نظر آيا. اهي سنديش ڏيندڙ سنت موسيٰ ۽ ايلياہ هئا، جيڪي جوتي روپ ۾ ڏسڻ ۾ پئي آيا. هنن يسوع جي موت بابت پئي ڳالهايو جيڪو يروشلم ۾ ٿيڻو هو. ان وقت پطرس ۽ سندس ساٿي گَهري ننڊ ۾ هئا ۽ جڏهن جاڳيا، تڏهن يسوع جي جوت ڏسڻ ۾ آين ۽ ٻہ ماڻهو ساڻس گڏ بيٺل ڏٺائون. جڏهن موسيٰ ۽ ايلياہ يسوع وٽان وڃڻ لڳا تڏهن پطرس يسوع کي چيو تہ ”اي گرو! اسان جا ڀاڳ ڀلا آهن جو اسين هتي آهيون. سو اسين ٽي تنبو کوڙيون، هڪڙو اوهان لاءِ، ٻيو موسيٰ لاءِ ۽ ٽيون ايلياہ لاءِ.“ پر کيس سڌ ئي ڪانہ ٿي پئي تہ ڇا چئي رهيو آهي. اڃا هن ائين چيو ئي پئي تہ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ جڏهن اهي ڪڪر ۾ گھڙڻ لڳا تہ چيلا ڊڄي ويا. انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو پٽ ۽ منهنجو مخصوص ڪيل آهي، سو اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“ جڏهن اهو آواز آيو تڏهن يسوع اڪيلو ئي ڏسڻ ۾ آين. پوءِ چيلن کڻي ماٺ ڪئي ۽ جيڪي ڳالهيون اتي ٿيندي ڏٺيون هئائون تن مان ڪابہ انهن ڏينهن ۾ ڪنهن سان بہ نہ ڪيائون. ٻئي ڏينهن تي يسوع پنهنجي ٽنهي چيلن سان گڏ جبل تان لٿو تہ هڪ وڏو ميڙ اچي ساڻس مليو. مون اوهان جي چيلن کي بہ وينتي ڪندي چيو تہ ’هن مان اهو ڀوت ڪڍو،‘ پر اهي ڪڍي نہ سگھيا.“ تنهن تي يسوع چيو تہ ”اي بي‌وشواس ۽ ڀَٽڪيل قوم! آءٌ ڪيستائين اوهان سان هوندس ۽ ڪيستائين اوهان جون ڳالهيون برداشت ڪندس؟“ پوءِ هن ڇوڪري جي پتا کي چيو تہ ”پنهنجي پٽ کي مون وٽ آڻ.“ جڏهن ڇوڪرو اڃا آيو ئي پئي تہ ڀوت کيس هيٺ ڪيرائي وڌو ۽ ڏاڍو گھُٽيائينس. پر يسوع ڀوت کي ڇينڀيو ۽ ڇوڪر کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري سندس پتا جي حوالي ڪيائين. سڀيئي ايشور جي ايڏي شڪتي ڏسي عجب ۾ پئجي ويا. جڏهن سڀ ماڻهو يسوع جي ڪمن تي عجب کائي رهيا هئا، تڏهن هن پنهنجي سڀني چيلن کي چيو تہ ”هيءَ ڳالهہ پنهنجي هينئين سان هنڊايو تہ منش‌پتر ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو.“ پر هنن اها ڳالهہ نہ سمجھي. اها ڳالهہ کانئن ڳجھي رکي ويئي هئي تہ جيئن اهي سمجھي نہ سگھن. هو انهيءَ بابت يسوع کان پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي. هڪ دفعي چيلا پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”اسان ۾ وڏو ڪير آهي؟“ يسوع سندن دلين جي خيالن کي ڄاڻي ورتو، سو هڪڙو ننڍو ٻار کڻي پنهنجي ڀرسان بيهاريائين. پوءِ چيلن کي چيائين تہ ”جيڪو هن ننڍي ٻار کي منهنجي ڪري قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جنهن مون کي قبول ڪيو، تنهن ايشور کي قبول ڪيو جنهن مون کي موڪليو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان جي نظر ۾ ننڍو آهي سو ئي وڏو آهي.“ پوءِ يوحنا يسوع کي چيو تہ ”اي گرو! اسان هڪڙي ماڻهوءَ کي اوهان جي نالي تي ڀوت ڪڍندي ڏٺو تہ اسان کيس منع ڪئي، ڇو تہ هو اسان سان گڏ اوهان جي پيروي نہ ٿو ڪري.“ پر يسوع چين تہ ”منع نہ ڪريوس، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان جي خلاف نہ آهي سو اوهان جي پاسي آهي.“ جڏهن يسوع جي مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينهن ويجھا ٿيا، تڏهن هن يروشلم ڏانهن رخ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو. هن پاڻ کان اڳ ۾ ڪن قاصدن کي روانو ڪيو. اهي وڃي سامرين جي هڪڙي ڳوٺ ۾ پهتا تہ جيئن اتي يسوع لاءِ رات گذارڻ جو انتظام ڪرائين. پر اتان جي ماڻهن يسوع جو ڳوٺ ۾ اچڻ قبول نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ سندس رخ يروشلم ڏانهن هو. تڏهن سندس چيلن يعقوب ۽ يوحنا هي ڏسي چيو تہ ”اي پرڀو! جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي تہ اسين حڪم ڪريون تہ آڪاش مان باهہ اچي هنن کي ناس ڪري ڇڏي.“ پر يسوع ڦري هنن کي ڇينڀيو ۽ پوءِ هو سڀيئي ٻئي ڳوٺ ڏانهن روانا ٿي ويا. جيئن هو واٽ وٺيو پئي ويا تہ هڪڙي ماڻهوءَ يسوع کي چيو تہ ”جيڏانهن اوهين ويندا، اوڏانهن آءٌ بہ اوهان جي پٺيان هلندس.“ يسوع هن کي چيو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آهن، پر منش‌پتر کي اها جاءِ بہ ڪانهي جتي کڻي مٿو لڪائي آرام ڪري.“ يسوع ٻئي ماڻهوءَ کي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ پر هن جواب ڏنس تہ ”اي سوامي! مون کي تيستائين آگيا ڏيو، جيستائين آءٌ پنهنجي پتا کي دفنائي اچان.“ تنهن تي يسوع چيس تہ ”ڇڏ تہ ڀلي مُڙدا وڃي مُڙدن کي دفنائين، پر تون وڃي ماڻهن ۾ ايشور جي راڄ جو پرچار ڪر.“ هڪڙي ٻئي بہ يسوع کي چيو تہ ”اي سوامي! آءٌ اوهان جي پٺيان هلندس، پر پهريائين آگيا ڏيو تہ گھر جي ماڻهن کان موڪلائي اچان.“ تنهن تي يسوع هن کي چيو تہ ”جيڪو پنهنجو هٿ هر جي مُٺئي تي رکي وري پوئتي ٿو نهاري، سو ايشور جي راڄ جي لائق نہ آهي.“ انهيءَ کان پوءِ پرڀوءَ ستر چيلا ٻيا بہ مقرر ڪيا ۽ کين ٻن ٻن جي ٽوليءَ ۾ هر انهيءَ شهر ۽ ڳوٺ ڏانهن پاڻ کان اڳ ۾ روانو ڪيو جتي کيس وڃڻو هو. هن کين هدايت ڪئي هئي تہ ”فصل تہ تمام گھڻو آهي، پر لڻندڙ ٿورا آهن. تنهنڪري فصل جي مالڪ کي وينتي ڪريو تہ پنهنجي فصل جي لاباري لاءِ ماڻهو موڪلي. وڃو، آءٌ اوهان ڄڻ تہ گھيٽڙن کي بگھڙن منجھہ ٿو موڪليان. اوهين پاڻ سان ڪابہ ڳوٿري، ٿيلهو يا وڌيڪ جتي نہ کڻجو ۽ نہ واٽ تي ڪنهن کي نمسڪار ڪرڻ ۾ ئي وقت وڃائجو. جنهن بہ گھر ۾ وڃو تہ پهريائين انهيءَ گھر جو سک وَ شانتي گھرجو. جيڪڏهن اتي ڪو شانتي چاهيندڙ هوندو تہ اوهان جو اهو نمسڪار مٿس رهندو، نہ تہ موٽي اوهان وٽ ايندو. پوءِ انهيءَ ئي گھر ۾ ايستائين رهي پئجو جيستائين انهيءَ شهر مان روانا نہ ٿيو. رهڻ لاءِ گھر گھر نہ ڦرندا رهجو. هو جيڪي ڪجھہ اوهان کي ڏين سو کائجو ۽ پيئجو، ڇو تہ مزدور پنهنجي مزدوريءَ جو حقدار آهي. سو جنهن جنهن شهر ۾ وڃو اتي ائين ئي ڪجو، يعني جيڪڏهن اتان جا ماڻهو اوهان کي قبول ڪن تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ اوهان کي آڻي ڏين سو کائجو. انهيءَ شهر ۾ جيڪي بيمار هجن تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪجو ۽ اتان جي ماڻهن کي چئجو تہ ’ايشور جو راڄ اوهان جي ويجھو اچي پهتو آهي.‘ پر جيڪڏهن ڪنهن شهر ۾ وڃو ۽ اتان جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ ان جي چونڪن تي بيهي هيئن چئجو تہ ’اوهان جي شهر جي مٽي جيڪا اسان جي پيرن کي چنبڙي پئي آهي، سا اوهان وٽ ئي ڇنڊي وڃون ٿا، پر ياد رکو تہ ايشور جو راڄ اوهان جي ويجھو اچي پهتو آهي.‘ آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن انهيءَ شهر جا ماڻهو سدوم شهر وارن کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا.“ تڏهن يسوع بي‌وشواس شهرن ڏانهن اشارو ڪندي چيو تہ ”مصيبت آهي اوهان لاءِ اي خرازين شهر جا رهاڪؤ! ۽ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي بيت‌صيدا شهر جا رهاڪؤ! ڇاڪاڻ تہ جيڪي چمتڪار اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا جي شهرن ۾ ڪيا وڃن ها تہ ڪڏهن جو اتان جا ماڻهو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ خاڪ وجھي ويهي پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪن ها. سو قيامت جي ڏينهن تي اوهين صور ۽ صيدا وارن کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا. اي ڪفرناحوم شهر جا رهاڪؤ! ڇا اوهين ڀانئيو ٿا تہ اوهين آڪاش کان مٿي تائين بلند ڪيا ويندا؟ نہ، هرگز نہ. اٽلندو اوهين هيٺ پاتال ۾ ڦٽا ڪيا ويندا.“ پوءِ يسوع چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”جيڪو اوهان جي ٻڌي ٿو، سو منهنجي ٻڌي ٿو. جيڪو اوهان کي نہ ٿو مڃي، سو مون کي نہ ٿو مڃي ۽ جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي، سو ايشور کي نہ ٿو مڃي جنهن مون کي موڪليو آهي.“ پوءِ اهي ستر چيلا ڏاڍا خوش ٿي موٽيا ۽ اچي يسوع کي چيائون تہ ”اي پرڀو! اوهان جي نالي تي ڀوت بہ اسان جي وس هيٺ ٿيا آهن.“ يسوع انهن کي چيو تہ ”بيشڪ، مون شيطان کي شڪست کائي ائين ڪرندي ڏٺو آهي جيئن آڪاش مان کِنوڻ اچيو ڪري. ڏسو، مون اوهان کي اختياري ڏيئي ڇڏي آهي تہ نانگن ۽ وِڇن کي لتاڙي ڇڏيو ۽ دشمن جي سموري زور تي حاوي ٿي وڃو، ڪابہ شيءِ اوهان کي ايذاءُ نہ رسائيندي. تنهن هوندي بہ انهيءَ ڪري خوش نہ ٿيو تہ ڀوت اوهان جي وس هيٺ ٿيا آهن، بلڪ هن ڪري خوش ٿيو جو اوهان جا نالا ايشور وٽ اُڪريل آهن.“ انهيءَ وقت يسوع پوِتر آتما جي وسيلي خوشيءَ سان ڀرجي ويو ۽ هن چيو تہ ”اي پتا، اي ڌرتيءَ ۽ آڪاش جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي. هائو، اي پتا! اهو سڀ تنهنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان ئي ٿيو آهي.“ شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پتا مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پتا کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آهي ۽ پٽ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پتا ڪير آهي، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.“ پوءِ يسوع چيلن ڏانهن ڦري انهن کي اڪيلائيءَ ۾ چيو تہ ”سڀاڳا آهيو اوهين جو هي سڀ ڪجھہ ڏسو ٿا پيا. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ڪيترن ئي سنتن ۽ راجائن جي اها خواهش هئي تہ جيڪي اوهين ٿا ڏسو سو هو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوهين ٿا ٻڌو، سو اهي بہ ٻڌن پر نہ ٻڌائون.“ تنهن کان پوءِ هڪڙو نيم شاستري اُٿي بيٺو ۽ يسوع کي آزمائڻ لاءِ چيائين تہ ”اي گرو! آءٌ ڇا ڪريان جو امر جيون حاصل ڪري سگھان؟“ تنهن تي يسوع چيس تہ ”نيم شاستر ۾ ڇا لکيل آهي؟ تون اهو پڙهي ڇا ٿو سمجھين؟“ هن يسوع کي وراڻيو تہ ”اهو لکيل آهي تہ ’تون پرڀوءَ پنهنجي ايشور کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان، پنهنجي پوريءَ طاقت ۽ پنهنجي پوريءَ سمجھہ سان پيار ڪر‘ ۽ ’پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.‘“ تنهن تي يسوع چيس تہ ”برابر، تو صحيح جواب ڏنو آهي. هاڻي وڃي ائين ئي ڪر تہ امر جيون ملندءِ.“ پر هن پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ يسوع کان پڇيو تہ ”منهنجو پاڙيسري ڪير آهي؟“ يسوع وراڻيو تہ ”هڪڙو ماڻهو يروشلم کان يريحو شهر ڏانهن پئي ويو تہ ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، جن ڪپڙا بہ لاهي ورتس ۽ سخت مار ڏيئي اڌ مئو ڪري ڇڏي ويس. اتفاق سان هڪڙو ڪاهن انهيءَ رستي کان پئي لنگھيو، تنهن جڏهن هن کي ڏٺو تہ پاسو ڪري هليو ويو. ساڳيءَ طرح هڪڙو لاوي بہ انهيءَ رستي سان آيو، سو بہ هن کي ڏسي پاسو ڪري هليو ويو. پوءِ هڪڙو سامري سفر ڪندي اچي اتان لانگھائو ٿيو. ان جڏهن هن کي ڏٺو تڏهن کيس هن تي ديا آئي. هن وٽس اچي سندس ڦٽن تي زيتون جو تيل ۽ دارون مکي پٽي ٻڌس ۽ پنهنجي گڏهہ تي چاڙهي مسافرخاني ۾ وٺي آيس ۽ سندس سيوا ڪيائين. ٻئي ڏينهن تي چانديءَ جا ٻہ سڪا ڪڍي مسافرخاني واري کي ڏنائين ۽ چيائينس تہ ’هن جي سيوا ڪندو رهہ ۽ جيڪي وڌيڪ خرچ ٿئي سو آءٌ وري موٽي اچي ڏيندوسانءِ.‘“ پوءِ يسوع نيم شاستريءَ کان پڇيو تہ ”هاڻي ڇا ٿو ڀانئين تہ اهو شخص جيڪو ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، تنهن جو هنن ٽنهي ڄڻن مان ڪير حقيقي پاڙيسري ٿيو؟“ تنهن تي نيم شاستريءَ وراڻيس تہ ”اهو جنهن کي مٿس ديا آئي.“ يسوع چيس تہ ”تون بہ وڃي ائين ئي ڪر.“ يسوع پنهنجي چيلن سميت هلندي هلندي هڪڙي ڳوٺ ۾ اچي پهتو، جتي مارٿا نالي هڪڙي ناريءَ پنهنجي گھر ۾ سندس آڌرڀاءُ ڪيو. ان ناريءَ جي مريم نالي هڪ ڀيڻ هئي، جنهن يسوع جي پيرن وٽ ويهي سندس ڳالهيون پئي ٻڌيون. مارٿا گھڻي ڪم ڪار ڪرڻ ڪري ٿڪجي پيئي، سو اچي يسوع کي چيائين تہ ”اي سوامي! اوهان کي خيال نہ ٿو ٿئي تہ منهنجي ڀيڻ مون کي ڪم ڪار ۾ اڪيلو کڻي ڇڏي ڏنو آهي؟ هاڻي چئوس تہ هلي منهنجي مدد ڪري.“ پر پرڀوءَ وراڻيس تہ ”مارٿا! اي مارٿا! تون گھڻين ڳالهين جي چنتا ۽ پريشانيءَ ۾ آهين، جڏهن تہ رڳو هڪڙي ئي ڳالهہ ضروري آهي. مريم اها چڱي ڳالهہ چونڊي کنئي آهي، جيڪا ان کان نہ کسبي.“ هڪڙي دفعي ڪنهن هنڌ يسوع پرارٿنا پئي ڪئي. جڏهن هو پرارٿنا ڪري چڪو تڏهن سندس چيلن مان هڪڙي چيس تہ ”اي گرو! جهڙيءَ طرح يوحنا پنهنجي چيلن کي پرارٿنا سيکاري هئي، تهڙيءَ طرح اسان کي بہ پرارٿنا سيکاريو.“ يسوع چيلن کي چيو تہ ”جڏهن اوهين پرارٿنا ڪريو تہ هيئن چئجو تہ ’اي پتا! شل تنهنجو نالو پوِتر مڃيو وڃي، ۽ تنهنجو راڄ اچي. اسان جي روزانو جي روٽي اسان کي هر روز ڏي. اسان جا ڏوهہ اسان کي معاف ڪر، ڇاڪاڻ تہ جيڪي اسان جا ڏوهاري آهن تن کي اسين بہ معاف ٿا ڪريون. ان کان علاوہ اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي.‘“ پوءِ چيلن کي چيائين تہ ”فرض ڪريو تہ اوهان منجھان ڪنهن کي ڪو دوست هجي ۽ اڌ رات جو انهيءَ وٽ وڃي کيس چوي تہ ’اي دوست! مون کي ٽي روٽيون اڌاريون ڏي، ڇاڪاڻ تہ منهنجو هڪڙو دوست مسافريءَ تان مون وٽ آيو آهي ۽ مون وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي جو کڻي هن جي اڳيان رکان.‘ تڏهن اوهان جو دوست اوهان کي اندران ورندي ڏئي تہ ’مون کي تڪليف نہ ڏي. هن مهل در بند آهي ۽ آءٌ پنهنجي ٻارن سان گڏ ستل آهيان، تنهنڪري آءٌ اُٿي تو کي ڪجھہ بہ ڏيئي نہ ٿو سگھان.‘ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هو اوهان جي دوستيءَ جي ڪري نہ بہ اُٿي، پر اوهان جي بار بار گھرندو رهڻ جي ڪري هو اٿندو ۽ جيتريون روٽيون اوهان کي گھرج ۾ هونديون اوتريون ڏيندو. انهيءَ ڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ گھرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ، در کڙڪايو تہ کُليوَ، ڇاڪاڻ تہ جيڪو گھرندو آهي تنهن کي ملندو آهي، جيڪو ڳوليندو آهي تنهن کي لڀندو آهي ۽ جيڪو در کڙڪائيندو آهي تنهن لاءِ کلندو آهي. ڇا اوهان ۾ ڪو اهڙو پتا آهي جنهن کان سندس ٻار اچي مڇي گھري تہ مڇيءَ بدران نانگ ڏئيس؟ يا سندس ٻار بيضو گھريس تہ هو وِڇون ڏئيس؟ جيڪڏهن اوهين باوجود بڇڙا هئڻ جي، پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ آڪاش وارو پتا اوهان گھرڻ وارن کي پوِتر آتما ڪونہ ڏيندو ڇا؟“ هڪڙي دفعي يسوع اهڙي ماڻهوءَ مان ڀوت ڪڍي رهيو هو جيڪو ڳالهائي نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ منجھس گونگو ڪرڻ وارو ڀوت هو. جڏهن منجھانئس ڀوت نڪتو تہ ان ماڻهوءَ ڳالهائڻ شروع ڪيو. اهو ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويا. تڏهن انهن مان ڪن چيو تہ ”يسوع ڀوتن جي سردار بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍي،“ جڏهن تہ ٻين وري آزمائڻ لاءِ چيس تہ ”ثابتيءَ لاءِ اسان کي ڪا آڪاشي نشاني ڏيکار.“ پر يسوع انهن جي نيتن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنهن راڄ ۾ ڏڦيڙ ٿو پوي سو برباد ٿيو وڃي ۽ جنهن گھر ۾ ڦيٽهڙو ٿو پوي سو گھر تباهہ ٿيو وڃي. سو جيڪڏهن شيطان جي راڄ ۾ ڏڦيڙ پوي تہ اهو ڪيئن جٽاءُ ڪندو؟ اوهين چئو ٿا تہ آءٌ بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان. جيڪڏهن آءٌ بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان، تہ پوءِ اوهان جا ماڻهو ڪنهن جي مدد سان ٿا ڪڍن؟ پوءِ تہ اهي ئي اوهان کي ڪوڙو ثابت ڪندا. پر جيڪڏهن آءٌ ايشور جي شڪتيءَ سان ڀوت ٿو ڪڍان تہ پوءِ ڄاڻي ڇڏيو تہ ايشور جو راڄ اوهان وٽ اچي پهتو آهي. جڏهن ڪو طاقت وارو ماڻهو پنهنجا هٿيار پنهوار ٻڌي پنهنجي گھر جو پهرو ٿو ڏئي تہ سندس سڀ مال‌متاع سلامت ٿو رهي. پر جڏهن ان کان بہ وڌيڪ طاقتور ماڻهو حملو ڪري مٿس حاوي ٿو پوي، تڏهن کانئس هٿيار پنهوار کسي ٿو وٺي، جن تي هن کي ڀروسو هو ۽ پوءِ سندس مال ڦُري ورهائي ٿو ڇڏي. جيڪو مون سان نہ آهي، سو منهنجي خلاف آهي ۽ جيڪو مون سان شامل ٿي ڪٺو نہ ٿو ڪري، سو حقيقت ۾ ٽيڙي پکيڙي ٿو ڇڏي.“ يسوع وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن ڪو ڀوت ڪنهن ماڻهوءَ مان نڪري ٿو وڃي تہ اهو ويران هنڌن ۾ اهڙي جاءِ لهڻ لاءِ رُلي ٿو جتي هو آرام ڪري سگھي. جڏهن آرام نہ ٿو مليس تڏهن چوي ٿو تہ ’آءٌ پنهنجي انهيءَ گھر ۾ موٽي ويندس جتان نڪتو هئس.‘ سو جڏهن هو موٽي اچي ٿو ۽ گھر کي صاف ۽ سينگاريل ٿو ڏسي، تڏهن هو وڃي ست ٻيا پاڻ کان بہ وڌيڪ بڇڙا ڀوت وٺي اچي ٿو ۽ اهي ان ماڻهوءَ ۾ داخل ٿي منجھس رهن ٿا ۽ پوءِ سندس حالت اڳي کان بہ وڌيڪ خراب ٿي پوي ٿي.“ يسوع اهي ڳالهيون پئي ڪيون تہ ميڙ مان هڪڙي ناريءَ وڏي واڪي چيس تہ ”ڪيڏو نہ سڀاڳو آهي اهو پيٽ جنهن ۾ اوهين رهيا ۽ اها ڇاتي جيڪا اوهان ڌاتي.“ تنهن تي يسوع چيو تہ ”انهيءَ جي باوجود وڌيڪ سڀاڳا اُهي آهن، جيڪي ايشور جون ڳالهيون ٻڌن ٿا ۽ انهن تي عمل ٿا ڪن.“ جيئن پوءِ تيئن يسوع جي چوگرد ماڻهن جو ميڙ وڌندو پئي ويو تڏهن هن وڌيڪ چيو تہ ”هن زماني جا ماڻهو ڪيڏا نہ بڇڙا آهن جو اهي مون کان ايشور طرفان نشانيءَ جي گھُر ٿا ڪن. پر انهن کي سنديش ڏيندڙ سنت يوناہ جي نشانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي. جيئن نينواہ شهر جي ماڻهن لاءِ يوناہ هڪڙو نشان بڻيو، تيئن هن زماني جي ماڻهن لاءِ منش‌پتر بہ هڪ نشان بڻبو. قيامت جي ڏينهن ڏکڻ جي راڻي اُٿي بيهندي ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ راجا سليمان جي ڏاهپ ٻڌڻ لاءِ وڏي پنڌ تان آئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو سليمان کان بہ مهان آهي. نينواہ جا ماڻهو قيامت جي ڏينهن اُٿي بيهندا ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ انهن پاڻ يوناہ جي پرچار تي ئي پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو يوناہ کان بہ مهان آهي.“ ”ڪوبہ ماڻهو ڏيئو ٻاري ان کي لڪائي يا ڍڪڻ هيٺان نہ ٿو رکي پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي، تہ جيئن اندر ايندڙن کي روشني ملي. اوهان جون اکيون اوهان جي شرير لاءِ ڏيئي مثل آهن، سو جيڪڏهن اوهان جي نظر صحيح پاسي ڏانهن آهي تہ اوهان جو سڄو شرير روشن هوندو. پر جيڪڏهن اوهان جي نظر غلط پاسي ڏانهن آهي تہ اوهان جو سڄو شرير اونداهيءَ ۾ غرق هوندو. تنهنڪري خيال رکو تہ اوهان جي اندر ۾ اونداهي نہ هجي بلڪ ايشور جي ڳالهين جي روشني هجي. جيڪڏهن اوهان جي اندر ۾ پوري پوري روشني هوندي ۽ ڪنهن بہ ڪنڊڪڙڇ ۾ اونداهي نہ هوندي تہ انهيءَ جو مثال ڏيئي جي ان روشنيءَ وانگر هوندو جيڪا اوهان کي روشن ٿي ڪري.“ يسوع جڏهن ڳالهائي بس ڪئي تہ هڪڙي فريسيءَ اچي پاڻ سان رسوئي کائڻ جي دعوت ڏنس. سو هو اندر ويو ۽ ويهي رسوئي کائڻ لڳو. فريسي هي ڏسي حيران ٿي ويو تہ کائڻ کان اڳ ۾ يسوع سندن رسم موجب هٿ ڇو ڪين ڌوتا. تڏهن پرڀوءَ چيس تہ ”اوهين فريسي وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو ٻاهريون پاسو تہ ڌوئي صاف ڪريو ٿا، پر اوهان جو اندر لوڀ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريو پيو آهي. اي مورکؤ! جنهن رچنا ڪندڙ اوهان جو ٻاهر ٺاهيو آهي، ڇا تنهن ئي اوهان جو اندر نہ ٺاهيو آهي؟ پر هائو، جيڪو ڪجھہ اوهان جي وٽين ۽ ٿالهين ۾ آهي سو غريبن ۾ دان ڪندا تہ اوهان لاءِ سڀ ڪجھہ پوِتر ٿي پوندو. ڪيڏي نہ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي فريسيؤ! جو اوهين ايشور جي راهہ ۾ ڦودني، سوئن ۽ هر ڪنهن ڀاڄيءَ جي فصل جو ڏهون حصو تہ ڏيو ٿا، پر انصاف ڪرڻ ۽ ايشور سان پيار ڪرڻ ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي هو جو هي بہ ڪريو ها ۽ انهن کي بہ نہ ڇڏيو ها. اي فريسيؤ! مصيبت آهي اوهان لاءِ، جو اوهين ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ اعليٰ درجي جي جاين تي ويهڻ ۽ بازارن ۾ ماڻهن جا نمسڪار پسند ڪريو ٿا. مصيبت آهي اوهان لاءِ، ڇاڪاڻ تہ اوهين انهن بي‌نشان قبرن جي مثل آهيو، جيڪي گندگيءَ سان ڀريل آهن ۽ ماڻهو مٿائن بي‌سڌ لنگھين ٿا.“ تڏهن هڪڙي نيم شاستريءَ چيس تہ ”اي گرو! هي جيڪي اوهين چئو ٿا تنهن ۾ اسان جو بہ اپمان ٿا ڪريو.“ تنهن تي يسوع کين چيو تہ ”مصيبت آهي اوهان لاءِ بہ، اي نيم شاستريؤ! جو اوهين ماڻهن تي ڳرا بار تہ رکو ٿا، پر انهن بارن کي کڻڻ ۾ پاڻ ماڻهن جي ڪابہ مدد ڪونہ ٿا ڪريو. مصيبت آهي اوهان لاءِ، جو اوهين سنديش ڏيندڙ سنتن جا قبا ٿا ٺاهيو، جن کي اوهان جي ابن ڏاڏن مارائي ڇڏيو هو. انهن قبن ٺاهڻ سان اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جي پاپن جي حمايت ڪندي ڄڻ شاهدي ٿا ڏيو تہ جيڪي قتل انهن ڪيا سي اوهان کي قبول آهن. اوهان جي انهن ڪمن جي ڪري ئي ايشور پنهنجي سياڻپ سان بيان فرمايو تہ ’آءٌ پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنتن کي اوهان وٽ موڪليندس، جن مان اوهين ڪن کي ستائيندا ۽ ڪن کي تہ ماري ڇڏيندا.‘ سو سنسار جي شروعات کان وٺي ايشور جو سنديش ڏيندڙ جن سنتن جو رت وهايو ويو آهي، تن جو حساب هن زماني جي پيڙهيءَ کان ورتو ويندو. مطلب تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هابل جي خون کان وٺي زڪرياہ جي خون تائين، جنهن کي هيڪل جي اڱڻ ۾ ٻليدان واري جاءِ ۽ پوِتر جاءِ جي وچ ۾ ماريو ويو هو، تن سڀني جي خون جو حساب هن زماني جي پيڙهيءَ کان ورتو ويندو. مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريؤ! جو اوهين پاڻ تہ ايشور جي ڳالهين جي سمجھہ نہ ٿا رکو، بلڪ جيڪي انهن کي سمجھڻ چاهين ٿا تن کي بہ اوهين روڪيو ٿا.“ پوءِ يسوع اتان هليو ويو. تڏهن کان وٺي نيم شاستري ۽ فريسي سندس سخت مخالف ٿي پيا ۽ کيس ڦاسائڻ لاءِ کانئس طرح طرح جا سوال پڇڻ لڳا، انهيءَ لاءِ جو هنن وجھہ پئي ڳوليو تہ هو سندس چيل ڪا ڳالهہ پڪڙي وٺن. ايتري ۾ هزارين ماڻهن جو ميڙ يسوع جي چوڌاري اچي گڏ ٿيو. اهي ماڻهو کيس ٻڌڻ لاءِ هڪٻئي تي ڳاهٽ پئي ٿيا. تڏهن يسوع انهن جي اڳيان پنهنجي چيلن کي تاڪيد ڪندي چيو تہ ”پاکنڊپائي فريسين جو خمير آهي، تنهن کان پري رهجو. ياد رکو، ڪابہ ڍڪيل شيءِ اهڙي نہ آهي جيڪا پڌري نہ ڪئي ويندي ۽ ڪابہ لڪل ڳالهہ اهڙي نہ آهي جيڪا ظاهر نہ ڪئي ويندي. سو اوهين جيڪي بہ اونداهيءَ ۾ ڳالهايو ٿا سو ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ٻڌو ويندو ۽ بند ڪمرن ۾ ماڻهن جي ڪنن ۾ جيڪا بہ سُس پُس ڪريو ٿا، سا وڏي واڪي ڪوٺن تان پڪاري ويندي.“ ”اوهين جيڪي منهنجا دوست آهيو، تن کي آءٌ چوان ٿو تہ جيڪي شرير کي قتل ٿا ڪن، تن کان نہ ڊڄو. هو ان کان وڌيڪ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿا سگھن. پر آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ ايشور کان ڊڄو، جيڪو مارڻ کان پوءِ نرڳ ۾ وجھڻ جي اختياري بہ رکي ٿو. سو بس، رڳو انهيءَ کان ئي ڊڄندا رهو. ڇا ٻن ننڍڙن سڪن ۾ پنج جھرڪيون نہ ٿيون وڪامن؟ تنهن هوندي بہ ڪابہ جھرڪي ايشور کان وسريل نہ آهي. جڏهن تہ اوهين ڪيترين ئي جھرڪين کان وڌيڪ قيمتي آهيو، ايتري قدر جو اوهان جي مٿي جا تہ وار بہ ڳڻيل آهن. تنهنڪري اوهين ايشور کان سواءِ ڪنهن کان نہ ڊڄو.“ ”آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو مون کي ماڻهن جي اڳيان کُليو کُلايو قبول ڪندو تہ ان کي منش‌پتر بہ ايشور جي دوتن جي اڳيان قبول ڪندو. پر جيڪو ماڻهن جي اڳيان مون کي قبول نہ ڪندو، تنهن کي منش‌پتر بہ ايشور جي دوتن جي اڳيان قبول نہ ڪندو. جيڪو بہ منش‌پتر جي خلاف ڪا ڳالهہ چوندو تہ ان کي معافي ملي سگھي ٿي، پر جيڪو ماڻهو پوِتر آتما جي نندا ڪندو، تہ ان کي اها هرگز نہ بخشي ويندي. جڏهن بہ ماڻهو اوهان کي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ يا حاڪمن ۽ اعليٰ عملدارن جي اڳيان پيش ڪن، تڏهن ڳڻتي نہ ڪجو تہ ’ڪيئن ۽ ڪهڙو جواب ڏيون‘ يا ’ڇا چئون،‘ ڇاڪاڻ تہ پوِتر آتما ان ئي گھڙيءَ اوهان کي سيکاريندي تہ اوهان کي ڇا چوڻ کپي.“ ميڙ مان هڪڙي ماڻهوءَ يسوع کي چيو تہ ”اي گرو! منهنجي ڀاءُ کي چئو تہ اباڻي ميراث مان منهنجو حصو مون کي ورهائي ڏئي.“ پر يسوع کيس چيو تہ ”ميان! مون کي اوهان جي ونڊ ورڇ لاءِ ڪنهن امين مقرر ڪيو آهي؟“ پوءِ هن سڀني کي چيو تہ ”خبردار ٿجو ۽ پاڻ کي هر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇاڪاڻ تہ ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻهوءَ جي جيون کي نہ ٿي سنواري.“ تڏهن يسوع انهن کي هڪڙو مثال ٻڌائيندي چيو تہ ”ڪنهن زميندار جي ٻنيءَ ۾ سٺو فصل ٿيو. سو هو دل ۾ سوچڻ لڳو تہ ’هاڻي ڇا ڪريان؟ مون وٽ تہ اها جاءِ ئي ڪانهي جتي کڻي پنهنجو فصل گڏ ڪري رکان.‘ آخر دل ۾ چيائين تہ ’آءٌ هيئن ڪندس جو هي ڀانڊا ڊهرائي وڏا ڪري ٺهرائيندس ۽ انهن ۾ سمورو اناج ۽ ٻيون شيون گڏ ڪري رکندس ۽ پوءِ پاڻ کي چوندس تہ ٻيلي، مون وٽ ايترو تہ گھڻو مال آهي جو ڪيترائي سال پيو هلندو، سو آرام ڪريان، کاوان پيئان ۽ موجون ماڻيان.‘ پر ايشور چيس تہ ’اي مورک! اڄوڪي رات ئي تنهنجي جان ورتي ويندي، پوءِ جيڪي گڏ ڪري رکيو اٿيئي سو ڪنهن جو ٿيندو؟‘“ يسوع ان مثال جو مطلب ٻڌائيندي چيو تہ ”بلڪل ائين ئي انهيءَ ماڻهوءَ سان ڪيو ويندو، جيڪو پاڻ وٽ ڌن دولت تہ ميڙي گڏ ٿو ڪري، پر ايشور وٽ خزانو گڏ نہ ٿو ڪري.“ پوءِ يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين‘ ۽ نہ پنهنجي شرير لاءِ تہ ’ڇا پهرينداسين،‘ ڇاڪاڻ تہ جان کاڌي کان ۽ شرير ڪپڙن کان وڌيڪ اهم آهي. ڪانوَن تي غور ڪريو تہ هو نہ پوکين، نڪي لڻين ۽ نہ وري انهن کي اناج جا ڀانڊا يا گودام آهن، تڏهن بہ ايشور انهن کي کارائي ٿو. پر اوهين تہ انهن کان وڌيڪ درجو ٿا رکو. ڇا اوهان مان ڪو ڳڻتين ڪرڻ سان جيون جو هڪڙو منٽ بہ وڌائي سگھندو؟ جيڪڏهن اوهان کان اهڙي خسيس ڳالهہ بہ ٿي نہ ٿي سگھي، تہ پوءِ اوهين ٻين شين لاءِ ڇو ٿا ڳڻتي ڪريو؟ غور ڪريو تہ سوسن گل جا ٻوٽا ڪيئن ٿا وڌن. اهي پاڻ کي سينگارڻ لاءِ ڪا محنت ڪونہ ٿا ڪن. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ سليمان کي باوجود ايڏي شان وَ شوڪت جي، انهن مان ڪنهن هڪ جهڙو بہ ويس پهريل نہ هو. ڏسو، جيڪڏهن جھنگلي گاهہ جيڪو اڄ آهي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنهن کي بہ ايشور ائين پهرائي ٿو تہ پوءِ اهو اوهان کي نہ پهرائيندو ڇا؟ اوهان جو وشواس ڪيڏو نہ ڪمزور آهي. تنهنڪري اوهين کائڻ پيئڻ جي شين جي پٺيان نہ لڳو ۽ انهن بابت ڪابہ ڳڻتي نہ ڪريو. بيشڪ سنسار جون قومون انهن سڀني شين جي ڳولا ۾ هونديون آهن. پر اوهان جو پتا ڄاڻي ٿو تہ اوهان کي ڪهڙين شين جي ضرورت آهي. سو اوهين پهريائين ايشور جي راڄ جي ڳولا ۾ رهو تہ اوهان کي اهي سڀ شيون بہ ملي وينديون.“ يسوع پنهنجي چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا ننڍڙا ڌڻ! متان ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي پتا جي مرضي آهي تہ هو اوهان کي پنهنجي راڄ ۾ شامل ڪري. سو جيڪي اٿوَ سو وڪڻي غريبن کي دان ۾ ڏيو ۽ پنهنجي لاءِ اهڙيون ڳوٿريون ٺاهيو جيڪي پئي پراڻيون نہ ٿين، يعني ايشور وٽ پنهنجي لاءِ اهڙو خزانو گڏ ڪريو جيڪو کُٽي ئي نہ، جنهن کي نہ چور ويجھو اچي ۽ نہ ڪينئون ٽُڪي خراب ڪريس، ڇاڪاڻ تہ جتي اوهان جو خزانو هوندو تہ دل بہ اوهان جي اتي ئي هوندي.“ ”پنهنجا سندرا ٻڌل ۽ پنهنجا ڏيئا ٻريل رکو. اوهين پاڻ کي انهن سجاڳ نوڪرن وانگر بڻايو، جيڪي پنهنجي مالڪ لاءِ اکيون در ۾ اٽڪايو ويٺا واٽ نهارين تہ جڏهن سندن مالڪ شاديءَ جي دعوت تان موٽي اچي در کڙڪائي تہ هڪدم هن لاءِ در کولين. سڀاڳا آهن اهي نوڪر، جن کي سندن مالڪ اچڻ سان سجاڳ ٿو ڏسي. سچ پڇو تہ هو سندرو ٻڌي بيهندو ۽ کين کارائڻ لاءِ پنهنجي سر پاڻ بيهي سندن سيوا ڪندو. سو جيتوڻيڪ مالڪ اڌ رات يا پوئين پهر اچي تہ بہ انهن کي سجاڳ ڏسي، تہ اهي نوڪر ڪهڙا نہ سڀاڳا آهن. اهو بہ ڄاڻي ڇڏيو تہ جيڪڏهن ڪنهن گھر جي مالڪ کي سڌ هجي ها تہ چور ڪهڙيءَ مهل ايندو، تہ هو جيڪر پنهنجي گھر کي کاٽ لڳڻ نہ ڏئي ها. تنهنڪري اوهين بہ تيار رهو، ڇو تہ اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اها گھڙي الائجي ڪهڙي هوندي جڏهن منش‌پتر اچي پهچندو.“ تڏهن پطرس يسوع کان پڇيو تہ ”اي پرڀو! هي مثال اوهين رڳو اسان لاءِ ٿا ڏيو يا سڀني لاءِ؟“ پرڀوءَ جواب ۾ چيو تہ ”اهو وفادار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس مالڪ پنهنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو هجي تہ انهن کي وقت تي کاڌو پاڻي پهچائي؟ سڀاڳو آهي اهو نوڪر، جنهن کي سندس مالڪ اچڻ مهل ائين ڪندو ڏسي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هو کيس سڄيءَ ملڪيت جو مختيار ڪندو. پر جيڪڏهن اهو نوڪر دل ۾ خيال ڪري تہ ’منهنجي مالڪ جي اچڻ ۾ دير آهي،‘ سو اچي نوڪرن ۽ نوڪرياڻين کي مارڻ لڳي ۽ کائڻ پيئڻ ۽ نشي ۾ مست ٿيڻ لڳي، تہ انهيءَ نوڪر جو مالڪ بہ انهيءَ ئي ڏينهن اچي پهچندو جنهن جو هن کي خواب خيال بہ نہ هوندو ۽ اهڙي وقت ايندو جنهن جي هن کي سڌ ئي نہ هوندي. پوءِ تہ سندس مالڪ اچي کيس چهبڪن سان خوب مار ڏيندو ۽ بي‌وفائن ۾ شمار ڪري ڪڍي ڇڏيندس. اهو نوڪر جنهن پنهنجي مالڪ جا اصول ڄاڻيندي بہ تياري نہ ڪئي، نڪي سندس حڪمن موجب هليو، تنهن کي ڏاڍي مار ملندي. پر اهو جنهن کي مالڪ جي اصولن جي سڌ ڪانہ هئي ۽ سزا جوڳو ڪم ڪيائين تہ ان کي ٿوري مار ملندي. سو جنهن کي گھڻو ڏنو ويو آهي تہ ان کان حساب بہ گھڻو ورتو ويندو. هائو، جنهن کي گھڻو سونپيو ويو آهي تہ ان کان گھر بہ گھڻي ٿيندي.“ ”آءٌ ڌرتيءَ تي باهہ لڳائڻ لاءِ آيو آهيان. ڪهڙو نہ چڱو ٿئي ها جو اها اڳ ۾ ئي لڳل هجي ها. پر مون کي هڪڙي بپتسما وٺڻي آهي ۽ جيستائين اها پوري ٿئي تيستائين آءٌ ڪيترو نہ پريشان آهيان. ڇا اوهين ائين سمجھو ٿا تہ آءٌ ڌرتيءَ تي صلح ڪرائڻ لاءِ آيو آهيان؟ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ صلح نہ پر جدائي ڪرائڻ لاءِ آيو آهيان. اڄ کان وٺي جيڪڏهن ڪنهن گھر ۾ پنج ڀاتي هوندا تہ انهن مان ٽي هڪڙي طرف ٿيندا تہ ٻہ ٻئي طرف. پتا پٽ جي خلاف ٿيندو ۽ پٽ پتا جي، ماتا ڌيءَ جي خلاف ٿيندي ۽ ڌيءَ ماتا جي، سس نُنهن جي خلاف ٿيندي ۽ نُنهن سس جي.“ يسوع ميڙ کي چيو تہ ”جڏهن اولهہ ۾ ڪڪر ڏسو ٿا تہ هڪدم چئو ٿا تہ ’مينهن ايندو‘ ۽ ٿئي بہ ائين ٿو. جڏهن ڏکڻ گھُلي ٿو تہ چئو ٿا تہ ’اونهارو اچڻ وارو آهي‘ ۽ واقعي ٿئي بہ ائين ٿو. اي پاکنڊيؤ! اوهين ڌرتيءَ ۽ آڪاش جا رخ تہ سڃاڻي ٿا وٺو، پوءِ هن وقت جيڪي ڪجھہ اوهان منجھہ ڪيو وڃي ٿو تنهن کي ڇو نہ ٿا سڃاڻو؟ جيڪو حق آهي تنهن جو پاڻ ئي فيصلو ڇو نہ ٿا ڪريو؟ جيڪڏهن ڪو فريادي اوهان مان ڪنهن تي ڪيس ڪري ۽ هن کي ڪورٽ ڏانهن وٺي وڃي تہ واٽ تي ئي هو ڪوشش ڪري ساڻس ٺاهہ ڪري، متان اهو هن کي جج وٽ وٺي وڃي ۽ جج هن کي سپاهيءَ جي حوالي ڪري جيڪو کيس جيل ۾ وجھي. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيستائين اهو ماڻهو ڏنڊ جي پائي پائي ادا نہ ڪندو تيستائين جند نہ ڇٽندس.“ ان مهل ڪن ماڻهن يسوع کي انهن گليلين بابت ٻڌايو، جيڪي ٻليدان ڪري رهيا هئا تہ گورنر پلاطس کين مارائي ڇڏيو هو. تنهن تي يسوع چين تہ ”اوهين ائين سمجھو ٿا ڇا تہ اهي گليلي ٻين سڀني گليلين کان وڌيڪ پاپي هئا، تنهنڪري هنن سان اهڙو ظلم ٿيو؟ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ائين نہ آهي، پر جيڪڏهن اوهين پنهنجن پاپن کان توبهہ نہ ڪندا تہ پوءِ سڀيئي برباد ٿيندءُ، جيئن اهي ٿيا هئا. يا وري اوهين ائين سمجھو ٿا ڇا تہ اهي ارڙهن ڄڻا، جن تي شيلوخ وارو منارو ڪريو ۽ دٻجي مري ويا، سي يروشلم جي سڀني رهاڪن کان وڌيڪ پاپي هئا؟ آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ نہ. پر جيڪڏهن اوهين پنهنجن پاپن کان توبهہ نہ ڪندا تہ ائين برباد ٿيندءُ، جيئن اهي ٿيا هئا.“ يسوع ماڻهن کي هي مثال ڏيندي ٻڌايو تہ ”هڪڙي ماڻهوءَ کي انگورن جو باغ هو جنهن ۾ انجير جو وڻ پوکيل هو. هڪ ڏينهن هو آيو ۽ ان ۾ انجيرن لاءِ واجھايائين پر هن هڪ بہ نہ لڌو. تڏهن هن مالهيءَ کي چيو تہ ’آءٌ ٽن سالن کان انهيءَ وڻ ۾ انجيرن لاءِ واجھائيندو رهيو آهيان پر هڪ بہ نہ مليو اٿم. تنهنڪري هن کي وڍي ڇڏ، ڇوجو هروڀرو زمين سيڙايون بيٺو آهي.‘ مالهيءَ جواب ڏنس تہ ’سائين! هن وڻ کي هڪ سال ٻيو بہ ڇڏيو تہ آءٌ هن جي چوڌاري چلهو کوٽيان ۽ ڀاڻ ڏيانس. پوءِ جيڪڏهن ميوو جھليائين تہ ڏاڍو چڱو، نہ تہ کڻي وڍي ڇڏبس.‘“ هڪڙي دفعي سبت جي ڏينهن تي يسوع ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويٺي سکيا ڏني. اتي هڪڙي ناري هئي جنهن ۾ ارڙهن سالن کان هڪڙو ڀوت هو، جنهن ڪري هوءَ ڏاڍي ڪمزور ٿي ڪُٻي ٿي ويئي هئي. هوءَ بلڪل سڌي ٿي نہ سگھندي هئي. يسوع جڏهن هن کي ڏٺو تہ پاڻ وٽ سڏي چيائينس تہ ”اي مائي! تو هاڻي پنهنجي بيماريءَ کان جند ڇڏائي.“ تڏهن يسوع مٿس پنهنجا هٿ رکيا تہ هوءَ هڪدم سنئين سڌي ٿي بيٺي ۽ ايشور جي مهما ڪرڻ لڳي. اهو ڏسي ڀڳتيءَ واري جاءِ جي اڳواڻ کي ڪاوڙ لڳي، ڇاڪاڻ تہ يسوع سبت جي ڏينهن بيمار کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو. تنهنڪري هو ماڻهن کي چوڻ لڳو تہ ”هفتي ۾ ڇهہ ڏينهن آهن جن ۾ ڪم ڪار ڪرڻ جائز آهي. سو انهن ڏينهن تي ڀلي اچو ۽ ڇٽي چڱا ڀلا ٿيو، پر سبت جي ڏينهن تي نہ.“ پرڀوءَ وراڻي ڏيندي چيو تہ ”اي پاکنڊيؤ! سبت جي ڏينهن هر ڪو پنهنجي ڏاند يا گڏهہ کي وٿاڻ مان ڇوڙي پاڻي پيارڻ لاءِ نہ وٺي ويندو آهي ڇا؟ تڏهن هيءَ ناري جيڪا ابرهام جي اولاد مان آهي، جنهن کي شيطان ارڙهن سالن کان ٻڌي سوگھو ڪيو هو، تنهن کي سبت جي ڏينهن انهيءَ قيد مان ڇڏائڻ جائز نہ هو ڇا؟“ يسوع جو جواب ٻڌي سڀيئي مخالف لڄي ٿيا، جڏهن تہ هن جيڪي عجيب وَ غريب ڪم پئي ڪيا تن جي ڪري سڄي خلق خوش پئي ٿي. پوءِ يسوع چوڻ لڳو تہ ”ايشور جو راڄ ڇا جي مثل آهي. ان کي آءٌ ڇا سان ڀيٽيان. اهو سرنهن جي داڻي مثل آهي، جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کڻي پنهنجي باغ ۾ پوکيو تہ اهو وڌي وڻ وانگر ٿي پيو ۽ سندس ٽارين ۾ پکين واهيرا ڪيا.“ يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”ايشور جي راڄ کي آءٌ ٻيو ڇا سان ڀيٽيان. اهو خمير جي مثل آهي، جيڪو ڪنهن ناريءَ کڻي جڏهن اٽي جي پاٽ ۾ ملايو تہ سڄو اٽو ڦونڊجي پيو ۽ پاٽ ڀرجي ويئي.“ جيئن يسوع ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر مان لنگھندو ۽ رستي ۾ سکيا ڏيندو يروشلم ڏانهن پئي ويو، تہ ڪنهن ماڻهوءَ پڇيس تہ ”اي سوامي! ڪن ٿورن کي مڪتي ملندي ڇا؟“ هن ورندي ڏيئي چيو تہ ”سوڙهي دروازي مان اندر گھڙڻ لاءِ تن ۽ من سان ڪوشش ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ڪيترائي اندر گھڙڻ جي ڪوشش ڪندا پر گھڙي نہ سگھندا. جڏهن گھر ڌڻيءَ هڪ دفعو اُٿي در بند ڪري ڇڏيو، تہ پوءِ اوهين ٻاهر بيهي ڪيترو بہ در کڙڪايو ۽ چئو تہ ’اي مالڪ! اسان لاءِ در کوليو،‘ تہ هو ورنديءَ ۾ چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان آيا آهيو.‘ تنهن تي اوهين کيس چوندا تہ ’اسان اوهان جي اڳيان کاڌو پيتو ۽ اوهين اسان جي چونڪن ۾ سکيا ڏيندا هئا.‘ پر هو وري اوهان کي چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان آيا آهيو. اوهين سڀيئي بدڪار منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو.‘ پوءِ اوهين افسوس وچان روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ لڳندءُ جڏهن پاڻ کي ٻاهر ڌِڪيل ۽ ابرهام، اضحاق، يعقوب ۽ ايشور جو سنديش ڏيندڙ سڀني سنتن کي ايشور جي راڄ ۾ شامل ڏسندءُ. ان کان علاوہ اوڀر ۽ اولهہ، اتر ۽ ڏکڻ کان غير قومن وارا ايندا ۽ اچي ايشور جي راڄ واري دعوت ۾ شريڪ ٿيندا. ڏسو، تڏهن ڪيترائي جيڪي هاڻي پويان آهن، سي اڳيان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي هاڻي اڳيان آهن، سي پويان ٿيندا.“ ايتري ۾ ڪن فريسين يسوع کي اچي چيو تہ ”هتان نڪري هليا وڃو، ڇاڪاڻ تہ هيروديس حڪمران اوهان جي مارائڻ جي پويان آهي.“ يسوع انهن کي چيو تہ ”انهيءَ لومڙ کي وڃي چئو تہ آءٌ اڄ ۽ سڀاڻ ڀوت پيو ڪڍان ۽ ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو پيو ڪريان ۽ پرينهن پنهنجو ڪم رسائي پورو ڪندس. پر تڏهن بہ مون لاءِ ضروري آهي تہ آءٌ اڄ، سڀاڻ ۽ پرينهن پنهنجو سفر جاري رکان، ڇاڪاڻ تہ ائين ٿي ئي نہ ٿو سگھي جو ايشور جو سنديش ڏيندڙ ڪو سنت يروشلم کان ٻاهر قتل ڪيو وڃي. يروشلم! اي يروشلم! تون سنديش ڏيندڙ سنتن جو قاتل آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي سنديش ڏيندڙ تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن، تن کي تون سنگسار ٿو ڪرين. تنهن هوندي بہ مون تنهنجي رهاڪن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنهنجي چوزن کي پنهنجي کنڀن هيٺان گڏ ڪندي آهي، پر تو نہ چاهيو. هاڻي ياد رک، تنهنجي هيڪل ويران ڪئي ويندي. آءٌ تو کي چوان ٿو تہ تون مون کي تيستائين نہ ڏسندين جيستائين ائين نہ چوندين تہ ’سڀاڳو آهي اهو، جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي.‘“ هڪ دفعي يسوع سبت جي ڏينهن تي فريسين جي اڳواڻن مان هڪڙي جي گھر رسوئي کائڻ ويو تہ هر ڪو کيس تاڙڻ لڳو. ان گھڙيءَ سندس اڳيان هڪڙو ماڻهو بيٺو هو، جنهن جون ٽنگون ۽ ٻانهون سڄيل هيون. يسوع نيم شاسترين ۽ فريسين کان پڇيو تہ ”سبت جي ڏينهن ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ جائز آهي يا نہ؟“ پر اهي ماٺ رهيا. تڏهن يسوع ان ماڻهوءَ کي هٿ لائي چڱو ڀلو ڪري روانو ڪيو. پوءِ هنن کي چيائين تہ ”جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن جو پٽ يا ڏاند سبت جي ڏينهن کوهہ ۾ ڪري پوي تہ ڇا اوهين کيس جلدي ٻاهر ڪڍندءُ يا نہ؟“ پر اهي ڪو جواب ڏيئي نہ سگھيا. پوءِ جڏهن يسوع هي ڏٺو تہ مهمان مٿاهيون جايون پسند ٿا ڪن، تڏهن انهن کي هڪڙو مثال ڏيندي چيائين تہ ”جڏهن ڪو اوهان کي شاديءَ جي دعوت ڏئي تہ مٿاهينءَ جاءِ تي نہ ويهو، ٿي سگھي ٿو تہ هن اوهان کان بہ وڌيڪ مانواري کي دعوت ڏني هجي. پوءِ جنهن اوهان ٻنهي کي شاديءَ جي دعوت ڏني هجي، اهو اوهان وٽ اچي چوي تہ ’اوهين هن ماڻهوءَ کي جاءِ ڏيو،‘ تہ اوهان کي ڪيترو نہ شرمساريءَ سان سڀ کان هيٺاهينءَ جاءِ تي ويهڻو پوندو. پر جڏهن بہ اوهان کي اهڙي دعوت ملي تہ سڀ کان هيٺاهينءَ جاءِ تي وڃي ويهو، تہ جيئن ميزبان جنهن اوهان کي دعوت ڏني آهي اهو اچي پاڻ چئيوَ تہ ’ادا، مٿي اچي ويهو،‘ تہ انهن جي اڳيان اوهان جو ڪيڏو نہ مان ٿيندو، جن سان گڏ اوهين ويٺا هئا. ڏسو، جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي، سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“ پوءِ جنهن ماڻهوءَ يسوع کي دعوت ڏني هئي، تنهن کي يسوع چيو تہ ”جڏهن بہ رسوئي کائڻ جو سڏ ڏئين تہ پنهنجي دوستن يا ڀائرن، مٽن مائٽن يا شاهوڪار پاڙيسرين کي دعوت نہ ڏج، ڇاڪاڻ تہ متان بدلي ۾ اهي بہ تو کي دعوت ڏيئي تنهنجو ٿورو لاهين. پر جڏهن بہ تون رسوئيءَ جي دعوت ڪرين تہ غريبن، جڏن، منڊن ٽُنڊن ۽ انڌن کي سڏ ڏج، تہ تون سڀاڳو ٿيندين، ڇاڪاڻ تہ انهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي جنهن سان تو کي دعوت ڏيئي تنهنجو ٿورو لاهين. پر تو کي قيامت ۾ ان نيڪيءَ جو لاڀ ضرور ملندو.“ تڏهن مهمانن مان هڪڙي اهي ڳالهيون ٻڌي يسوع کي چيو تہ ”سڀاڳو آهي اُهو، جيڪو ايشور جي راڄ ۾ کائيندو پيئندو.“ يسوع هن کي مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن شخص رسوئي کائڻ جي هڪ وڏي دعوت ڪئي، جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي سڏ ڏنائين. جڏهن رسوئيءَ تيار ٿي ويئي تڏهن نوڪر کي موڪليائين تہ مهمانن کي چئُہ تہ اچن، جو هاڻي هر شيءِ تيار آهي. پر اهي سڀ هڪٻئي پٺيان بهانا ڪرڻ لڳا. پهرئين چيس تہ ’مون ٻني ورتي آهي ۽ مون کي اها ضرور ڏسڻي آهي. سو مهرباني ڪري منهنجي طرفان معافي گھرجانءِ.‘ ٻئي چيس تہ ’مون ڏاندن جا پنج جوڙا ورتا آهن ۽ انهن کي آزمائڻ ٿو وڃان. مهرباني ڪري منهنجي طرفان معافي گھرجانءِ.‘ ٽئين چيس تہ ’مون نئين شادي ڪئي آهي، تنهنڪري آءٌ ڪونہ اچي سگھندس.‘ نوڪر موٽي اچي اهي سڀيئي ڳالهيون پنهنجي مالڪ کي ٻڌايون. پوءِ تہ گھر جو مالڪ اچي ڪاوڙيو، سو نوڪر کي چيائين تہ ’جلدي وڃ، شهر جي چونڪن ۽ بازارن مان غريبن، جڏن، انڌن ۽ منڊن ٽُنڊن کي وٺي اچ.‘ نوڪر ويو ۽ موٽي اچي ٻڌايائين تہ ’سائين! جيئن اوهان حڪم ڏنو تيئن ئي ڪيو اٿم، پر اڃا بہ جاءِ باقي آهي.‘ تنهن تي گھر جي مالڪ نوڪر کي چيو تہ ’سڙڪن ۽ پسگردائيءَ ۾ وڃ ۽ ماڻهن کي مجبور ڪري وٺي اچ تہ جيئن منهنجو گھر ڀرجي وڃي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي چوان ٿو تہ جن کي پهريائين سڏ ڏنو ويو هو، تن مان ڪوبہ شخص منهنجي رسوئي ڪين چکندو.‘“ هڪڙي دفعي ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ يسوع سان گڏ پئي هليو. هن ڦري ماڻهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان اچڻ چاهي تہ اهو جيستائين پنهنجي ماتا، پتا، پتنيءَ، ٻارن ۽ ڀائرن ڀينرن بلڪ خود پاڻ کان بہ وڌيڪ مون سان پيار نہ ڪندو تيستائين هو منهنجو چيلو ٿي نہ سگھندو. جيڪو پنهنجي سولي کڻي منهنجي پٺيان نہ ٿو هلي سو منهنجو چيلو ٿي نہ ٿو سگھي. فرض ڪريو، جيڪڏهن اوهان مان ڪو منارو ٺهرائڻ چاهي ٿو تہ اهو پهريائين ويهي ان جي خرچ جو اندازو نہ ٿو لڳائي ڇا، تہ وٽس ان کي جوڙي راس ڪرائڻ جيترو پئسو آهي يا نہ؟ متان ائين نہ ٿئي جو ان جي پيڙهہ تہ رکرائي پر پورو نہ ڪرائي سگھي، تڏهن ڏسندڙ مٿس ٺٺوليون ڪن ۽ چون تہ ’هن ماڻهوءَ اڏاوت تہ شروع ڪئي پر پوري نہ ڪري سگھيو.‘ يا اهو ڪهڙو راجا آهي جو جيڪڏهن ٻئي ڪنهن راجا سان جنگ جوٽڻ وڃي ۽ پهريائين ويهي ويچار نہ ڪري تہ ’ڇا منهنجو هي ڏهن هزارن جو لشڪر، انهن ويهہ هزار چڙهائي ڪندڙن جو مقابلو ڪري سگھندو يا نہ؟‘ ٻيءَ صورت ۾ ڪاهہ ڪندڙ اڃا پري ئي هوندو تہ هن ڏانهن ايلچي موڪلي صلح جا شرط پڇندس. سو اهڙيءَ طرح اوهان مان جنهن وٽ جيڪي ڪجھہ آهي، جيستائين اهو سڀ ڇڏي نہ ٿو ڏئي تيستائين منهنجو چيلو ٿي نہ ٿو سگھي.“ ”لوڻ تہ چڱو آهي، پر جيڪڏهن خود لوڻ مان لوڻياٺ ئي نڪري وڃي تہ ان کي ڇا سان لوڻياٺو ڪجي؟ پوءِ بي‌سوادو لوڻ کڻي ٻاهر اڇلايو ويندو، ڇاڪاڻ تہ لوڻ نہ زمين جي ڪم ايندو آهي، نہ ئي ڀاڻ ۾ ملائبو آهي.“ يسوع وڌيڪ چيو تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“ هڪ دفعي جڏهن ڪيترائي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ۽ پاپي يسوع جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ سندس چوڌاري اچي مڙيا، تڏهن فريسي ۽ نيم شاستري پاڻ ۾ سُس پُس ڪرڻ لڳا تہ ”ڏسو، هي تہ پاپين جي بہ آجيان ٿو ڪري ۽ ساڻن گڏ ٿو کائي!“ تنهن تي يسوع انهن کي هڪڙو مثال ڏنو تہ ”جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن کي سؤ رڍون هجن ۽ انهن مان هڪڙي گم ٿي وڃيس تہ هو ان جي لاءِ ڇا ڇا نہ ڪندو؟ ڇا هو نوانوي کي جھنگ ۾ ڇڏي ان هڪڙيءَ جي پٺيان نہ رُلندو جيستائين اها نہ لڀيس؟ پوءِ جڏهن اها لڀيس ٿي تہ ايڏو خوش ٿو ٿئي جو انهيءَ کي ڪلهن تي ٿو کڻي. هو جڏهن گھر پهچي ٿو تہ سڀني دوستن ۽ پاڙيسرين کي سڏي چوي ٿو تہ ’مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ مون پنهنجي وڃايل رڍ لڌي آهي.‘ آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ساڳيءَ طرح هڪ پاپي جيڪو توبهہ ٿو ڪري، ان لاءِ آڪاش تي وڌيڪ خوشي ٿيندي بنسبت انهن نوانوي نيڪن جي، جن کي توبهہ جي ضرورت نہ آهي.“ ”يا فرض ڪريو تہ هڪڙيءَ ناري کي چانديءَ جا ڏهہ سڪا آهن ۽ هڪ وڃائجي وڃيس، تہ اها ڇا ڇا نہ ڪندي؟ ڏيئو ٻاريندي، گھر ٻهاريندي ۽ ڌيان سان پيئي ڳوليندي رهندي جيستائين اهو نہ لهندي. جڏهن لڀيس ٿو تہ پنهنجي ساهيڙين ۽ پاڙي وارين کي سڏي گڏ ڪري چوندي تہ ’مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ مون پنهنجو وڃايل سڪو لڌو آهي.‘ آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اهڙيءَ طرح ايشور جي دوتن ۾ بہ خوشي ٿئي ٿي جڏهن هڪ پاپي توبهہ ٿو ڪري.“ يسوع هيئن بہ چيو تہ ”هڪڙي ماڻهوءَ کي ٻہ پٽ هئا، جن مان ننڍي پٽ پتا کي چيو تہ ’اي پتا! ملڪيت مان جيڪو منهنجو حصو ٿئي ٿو سو مون کي ڏيو.‘ سو هن پنهنجي ملڪيت ٻنهي پٽن کي ورهائي ڏني. اڃا ڪجھہ ڏينهن ئي مس گذريا تہ ننڍو پٽ پنهنجو سڀ ڪجھہ ميڙي چونڊي ڪنهن ڏورانهين ملڪ جي سير تي نڪتو. اتي عيش عشرت ۾ پنهنجي سموري ملڪيت اُڏائي ڇڏيائين. جڏهن سڀ ڪجھہ ختم ڪري چڪو، تڏهن ان ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو ۽ هو بک مرڻ لڳو. سو هو انهيءَ ملڪ جي هڪڙي ماڻهوءَ وٽ وڃي نوڪر ٿي بيٺو، جنهن کيس پنهنجي ٻنين ۾ سوئرن چارڻ جو ڪم ڏنو. هو سوئرن وارو کاڌو کائي پيٽ ڀرڻ لاءِ تيار هو، پر اهو بہ ڪنهن نہ ٿي ڏنس. آخرڪار هن پاڻ سنڀاليو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ خيال ڪيائين تہ ’منهنجي پتا جا تہ نوڪر بہ ڍاول ٿا رهن، پر آءٌ هتي بک پيو مران. آءٌ پنهنجي پتا وٽ ويندس ۽ کيس چوندس تہ ”اي پتا! آءٌ ايشور جو ۽ اوهان جو ڏوهاري آهيان ۽ هاڻي انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهان جو پٽ سڏايان. مون کي پنهنجي مزدورن مان هڪڙو سمجھي بيهاريو.“‘ سو هو اُٿي پنهنجي پتا ڏانهن روانو ٿيو. هو اڃا پري ئي هو تہ کيس ڏسي سندس پتا کي مٿس ديا آئي، سو ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چميائينس. تڏهن پٽ چيس تہ ’اي پتا! آءٌ ايشور جو ۽ اوهان جو ڏوهاري آهيان ۽ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهان جو پٽ سڏايان.‘ پر سندس پتا نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’جلدي ڪريو، سٺي ۾ سٺو وڳو کڻي آڻي پهرايوس، سندس هٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جتي پارايوس. هڪڙو ٿلهو متارو جانور آڻي ڪهو ۽ اچو تہ کائي پي خوشيون ملهايون، ڇاڪاڻ تہ منهنجو هي پٽ مري ويو هو ۽ هاڻي وري جيوت ٿيو آهي. هو گم ٿي ويو هو ۽ هاڻي وري مليو آهي.‘ پوءِ اهي خوشيون ملهائڻ لڳا. انهيءَ وقت سندس وڏو پٽ جيڪو ٻنيءَ تي ويل هو سو موٽي آيو. جڏهن گھر جي ويجھو پهتو تڏهن ڳائڻ وڄائڻ جو آواز ٻڌائين. تڏهن هڪڙي نوڪر کي سڏي پڇيائينس تہ ’هي ڇا پيو ٿئي؟‘ تنهن تي نوڪر چيس تہ ’تنهنجو ڀاءُ صحيح سلامت گھر موٽي آيو آهي، تنهنڪري تنهنجي پتا ٿلهو متارو جانور ڪهايو آهي.‘ تڏهن هو ايڏو تہ ڪاوڙيو جو گھر ۾ اندر ئي نہ پيو وڃي. تنهن تي سندس پتا ٻاهر اچي کيس سمجھائڻ لڳو. پر هن پنهنجي پتا کي جواب ۾ چيو تہ ’ڏسو، سالن کان آءٌ هڪ داس وانگر اوهان جي سيوا ڪندو رهيو آهيان ۽ ڪڏهن بہ اوهان جي نافرماني نہ ڪئي اٿم، پر اوهان ڪڏهن مون کي ڇيلو بہ نہ ڏنو تہ وڃي پنهنجي سنگتين سان موجون ماڻيان. جڏهن تہ اوهان جو هي پٽ، جنهن وئشيائن ۾ اوهان جي ملڪيت اڏائي ڇڏي، سو هاڻي آيو آهي تہ هن لاءِ ٿلهو متارو جانور ڪٺو اٿوَ.‘ تنهن تي پتا چيس تہ ’پٽ! تون تہ هميشہ مون سان گڏ آهين ۽ جيڪي منهنجو آهي سو سڀ تنهنجو ئي آهي. پر اسان کي تہ انهيءَ لاءِ شادمانو ۽ خوشي ملهائڻي آهي جو تنهنجو ڀاءُ، جيڪو مري ويو هو سو هاڻي جيوت ٿيو آهي، جيڪو وڃائجي ويو هو سو هاڻي لڌو آهي.‘“ پوءِ يسوع چيلن کي مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن شاهوڪار وٽ هڪڙو منشي هوندو هو. ڪن ماڻهن شاهوڪار کي ٻڌايو تہ ’منشي تنهنجي دولت اُڏائي ٿو.‘ تنهن تي شاهوڪار منشيءَ کي گھرائي چيو تہ ’تنهنجي باري ۾ آءٌ هي ڇا پيو ٻڌان؟ پنهنجي مُنشيگيريءَ جو سڄو حساب ڪتاب ڏي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي اڳتي پنهنجو منشي رکي ڪين سگھندس.‘ تڏهن منشي دل ۾ چوڻ لڳو تہ ’پوءِ آءٌ ڇا ڪندس؟ ڇاڪاڻ تہ منهنجو مالڪ تہ مون کي مُنشيگيريءَ مان ڪڍي ٿو. ڪوڏر هڻڻ جي تہ مون ۾ طاقت ڪانهي ۽ پنڻ کان بہ مون کي شرم ٿو اچي. سو هاڻي اهڙو ڪم ٿو ڪريان جو جڏهن منهنجي نوڪري ختم ٿئي تہ ماڻهو مون کي پنهنجي گھر ۾ اچڻ ڏين.‘ پوءِ ڇا ڪيائين جو شاهوڪار جي هڪڙي هڪڙي قرضدار کي سڏايائين. پهرئين کان پڇيائين تہ ’منهنجي مالڪ جو تو تي ڪيترو قرض آهي؟‘ هن کيس وراڻيو تہ ’زيتون جي تيل جا چاليهن ليٽرن وارا هڪ سؤ مٽ.‘ منشيءَ چيس تہ ’ويهي پنهنجي رسيد تي جھٽ ۾ پنجاهہ مٽ لکي ڏي.‘ پوءِ ٻئي کان پڇيائين تہ ’تو تي ڪيترو قرض آهي؟‘ هن ورندي ڏني تہ ’هڪ هزار ٻوريون ڪڻڪ.‘ انهيءَ کي بہ چيائين تہ ’پنهنجي رسيد کڻي اٺ سؤ ٻوريون لکي ڏي.‘ اهو ڏسي سندس مالڪ بي‌ايمان منشيءَ جي ساراهہ ڪئي، انهيءَ ڪري جو هن هوشياريءَ کان ڪم ورتو هو. اهڙيءَ ئي طرح هن زماني جا ماڻهو هڪٻئي سان هلت چلت ۾ ايشور جي راڄ جي ماڻهن کان وڌيڪ هوشيار آهن.“ يسوع وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ سنساري دولت سان دوست پيدا ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن اها دولت کُٽي وڃي تڏهن امر گھر ۾ اوهان جي آجيان ڪئي وڃي. جيڪو ٿوري ۾ ايماندار آهي سو گھڻي ۾ بہ ايماندار رهندو ۽ جيڪو ٿوري ۾ بي‌ايمان آهي سو گھڻي ۾ بہ بي‌ايمان ٿيندو. سو جيڪڏهن اوهين هن سنساري دولت ۾ ايماندار نہ آهيو تہ ڪير اوهان تي اعتبار ڪري اوهان کي سچي دولت ڏيندو؟ جيڪڏهن اوهين ٻين جي ملڪيت جي لاءِ ايماندار نہ آهيو تہ ڪير اوهان تي اعتبار ڪري اوهان جي ملڪيت اوهان جي حوالي ڪندو؟ ڪوبہ غلام هڪ ئي وقت ٻن مالڪن جي غلامي ڪري نہ ٿو سگھي. هو هڪڙي سان پريم تہ ٻئي سان نفرت ڪندو، يا هڪڙي سان وفادار رهندو تہ ٻئي کي خسيس ڄاڻيندو. سو اوهين ايشور ۽ دولت ٻنهي جي هڪ ئي وقت غلامي ڪري نہ ٿا سگھو.“ فريسي، جن کي دولت سان پيار هو، سي يسوع جون اهي ڳالهيون ٻڌي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. تڏهن يسوع انهن کي چيو تہ ”اوهين انهن منجھان آهيو جيڪي ماڻهن جي اڳيان پاڻ کي سچار ڏيکارين ٿا، پر ايشور اوهان جي دلين کي ڄاڻي ٿو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهن جي ليکي چڱو آهي، سو ايشور جي نظر ۾ ڪراهت جهڙو آهي.“ يسوع وڌيڪ چيو تہ ”موسيٰ جو نيم شاستر توڙي سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جا شاستر يوحنا جي وقت تائين لاڳو رهيا. تنهن کان پوءِ ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ٿيڻ لڳو ۽ هر ڪو ان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ زور پيو ڏئي. تنهن هوندي بہ ڌرتيءَ ۽ آڪاش جو ٽري وڃڻ آسان آهي، پر نيم شاستر جو هڪڙو نقطو بہ ٽري نہ ٿو سگھي. ڏسو، نيم موجب جيڪو بہ پنهنجي پتنيءَ کي طلاق ڏيئي ڪنهن ٻي ناريءَ سان شادي ٿو ڪري سو زنا ٿو ڪري ۽ جيڪو پتيءَ جي طلاق ڏنل ناريءَ سان شادي ٿو ڪري سو بہ زنا ٿو ڪري.“ يسوع مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن زماني ۾ هڪڙو شاهوڪار ماڻهو هوندو هو، جيڪو تمام عمدا ۽ قيمتي ڪپڙا پهريندو هو ۽ روزانو طرح طرح جا طعام کائي موجون ماڻيندو هو. لعزر نالي ناسورن ورتل هڪ غريب شخص کي ان جي دروازي تي ويهاريو ويندو هو. لعزر چاهيندو هو تہ شاهوڪار ماڻهوءَ جي اوبر وارن ٽڪر ڳڀن سان پيٽ ڀري ڍءُ ڪري، جڏهن تہ ڪتا بہ اچي سندس ناسوري ڦٽ چٽيندا هئا. پوءِ جڏهن اهو غريب ماڻهو مري ويو تہ دوتن کڻي وڃي کيس سُرڳ ۾ ابرهام جي پاسي ۾ ويهاريو. هوڏانهن شاهوڪار ماڻهو بہ مري ويو ۽ کيس دفن ڪيو ويو. هو پاتال ۾ وڃي پيو، جتي هو عذابن ۾ مبتلا هو تہ اکيون کڻي نهاريائين تہ پريان ابرهام نظر آيس جنهن جي ڀر ۾ لعزر هو. تڏهن هن رڙ ڪري چيو تہ ’اي پتا ابرهام! مون تي ديا ڪريو ۽ لعزر کي موڪليو تہ آڱر جي چوٽي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي منهنجي ڄڀ کي ٺاري، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هن باهہ جي سخت عذاب ۾ آهيان.‘ پر ابرهام چيس تہ ’پٽ! ياد ڪر، تہ تو کي پنهنجي جيون ۾ سٺيون سٺيون شيون مليل هيون، پر لعزر کي خراب شيون. هاڻي هو هتي مزن ۾ آهي ۽ تون عذاب ۾ آهين. انهيءَ کان علاوہ اوهان ۽ اسان جي وچ ۾ وڏو اوڙاهہ آهي، تنهنڪري جيڪي هتان اوهان ڏانهن وڃڻ گھرن تہ وڃي نہ سگھندا ۽ نہ وري اوهان وٽان ڪو اسان ڏانهن اچي سگھندو.‘ شاهوڪار چيو تہ ’چڱو ڀلا پتا! آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ لعزر کي منهنجي پتا جي گھر ڀائرن ڏانهن موڪليو. جيئن تہ مون کي پنج ڀائر آهن، سو هو انهن کي وڃي تاڪيد ڪري تہ متان اهي بہ هن عذاب واري جاءِ ۾ اچي پون.‘ تنهن تي ابرهام وراڻيس تہ ’انهن وٽ موسيٰ جو نيم شاستر ۽ سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جون لکتون تہ موجود آهن، هو اهي ٻڌي سگھن ٿا.‘ پر شاهوڪار چيس تہ ’نہ، پتا ابرهام! جيڪڏهن ڪو مئلن مان انهن وٽ ويندو، تہ اهي توبهہ ڪندا.‘ ابرهام چيس تہ ’جيڪڏهن هو موسيٰ ۽ ٻين سنتن جي لکتن کي نہ ٿا مڃين، تہ پوءِ ڪو مئلن مان بہ جيوت ٿي وڃين تہ انهيءَ جي بہ ڪونہ ٻڌندا.‘“ يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”پاپ ڏانهن ڌتارجڻ جا سبب تہ اڻٽر آهن، پر مصيبت آهي انهيءَ لاءِ، جنهن جي هٿان اهڙا سبب پيدا ٿين ٿا. منهنجي سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪو پاپ ڏانهن ڌُتاري ٿو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو جو سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي. سو خبردار رهو. جيڪڏهن اوهان جي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ مان ڪو اوهان جو ڏوهہ ڪري تہ کيس هدايت ڪريو ۽ جيڪڏهن هو توبهہ ڪري تہ معاف ڪري ڇڏيوس. جيڪڏهن هو ڏينهن ۾ ست دفعا بہ اوهان جو ڏوهہ ڪري ۽ اوهان وٽ اچي ست دفعا چوي تہ ’مون کي معاف ڪريو‘ تہ بہ اوهين کيس معاف ڪندا رهو.“ يسوع جي چونڊيل سنتن کيس چيو تہ ”اي پرڀو! اسان جو وشواس وڌايو.“ پرڀوءَ چين تہ ”جيڪڏهن اوهين سرنهن جي داڻي جيترو بہ وشواس رکو ٿا تہ اوهين توت جي هن وڻ کي چئي سگھو ٿا تہ ’اتان پاڙؤن نڪري وڃي سمنڊ ۾ لڳ،‘ تہ اهو بہ اوهان جي مڃيندو.“ ”فرض ڪريو تہ اوهان کي ڪو غلام آهي. هو جڏهن هر ڪاهي يا رڍن جو ڌڻ چاري ٻنيءَ تان اچي، تہ ڇا اوهين کيس هيئن چوندا تہ ’جلدي اچ ۽ ويهي رسوئي کاءُ‘؟ بلڪل نہ، اٽلندو اوهين کيس هيئن چوندا تہ ’منهنجي رات جي رسوئي تيار ڪر. جيستائين آءٌ اها کائي پي بس نہ ڪريان تيستائين سيوا ۾ کڙوتڙو بيٺو رهج ۽ پوءِ وڃي تون کائجانءِ ۽ پيئجانءِ.‘ ڇا اوهين غلام جو انهيءَ ڪري ٿورو مڃيندا جو هن حڪم موجب ڪم ڪيو؟ ساڳيءَ طرح اوهان کي بہ جن ڪمن لاءِ حڪم ڪيل آهي، جڏهن اهي پورا ڪريو تڏهن چئو تہ ’اسين تہ خسيس غلام آهيون، جيڪو اسان تي ڪرڻ فرض هو، سو ئي اسان ڪيو.‘“ يروشلم ڏانهن ويندي يسوع گليل ۽ سامريہ جي سرحدي علائقن وچان لنگھيو پئي ويو. جڏهن هو هڪڙي ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ تي هو تہ ڏهہ ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا اچي گڏيس. انهن ڪجھہ پرڀرو بيهي وڏي واڪي چيس تہ ”اي يسوع! اي سوامي! اسان تي ديا ڪريو.“ هنن کي ڏسي چيائين تہ ”وڃو ۽ ڪاهنن کي وڃي پاڻ ڏيکاريو.“ سو جيئن ئي هو وڃن پيا تہ رستي تي ويندي ويندي ڇٽي پوِتر ٿي پيا. جڏهن انهن مان هڪڙي ڏٺو تہ ”آءٌ چڱو ڀلو ٿي پيو آهيان،“ تڏهن وڏي آواز سان ايشور جي مهما ڪندي موٽيو. هو يسوع جي پيرن تي منهن ڀر ڪري سندس ٿورا مڃڻ لڳو. اهو موٽڻ وارو سامري ماڻهو هو. تنهن تي يسوع پڇيو تہ ”ڏهہ ئي ڇٽي پوِتر نہ ٿيا آهن ڇا؟ تہ پوءِ باقي نوَ ڪٿي آهن؟ ڇا هن ڌارئي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ موٽيو، جو اچي ايشور جي مهما ڪري؟“ پوءِ هن کي چيائين تہ ”اُٿ ۽ هليو وڃ، تنهنجي وشواس تو کي بچايو آهي.“ ڪن فريسين يسوع کان پڇيو تہ ”ايشور جو راڄ ڪڏهن ايندو؟“ هن ورنديءَ ۾ چين تہ ”ايشور جي راڄ جي اچڻ جي ڪا ظاهري نشاني نہ هوندي. ڪوبہ ائين نہ چوندو تہ ’ڏسو، راڄ هيڏانهن آهي‘ يا وري ’هوڏانهن آهي.‘ حقيقت ۾ ايشور جو راڄ اوهان جي وچ ۾ آهي.“ هن پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”ڪو وقت ايندو جڏهن اوهين منش‌پتر جي موجودگيءَ وارو ڪو ڏينهن ڏسڻ لاءِ پيا سڪندا، پر اوهين اهڙو ڏينهن نہ ڏسندا. ماڻهو اوهان کي چوندا تہ ’ڏسو، منش‌پتر هيڏانهن آهي. ڏسو، هوڏانهن آهي.‘ پر متان انهن جي ڳالهين تي لڳي اوڏانهن ڊوڙي وڃو. ڏسو، منش‌پتر پنهنجي موٽي اچڻ وقت ائين ظاهر ٿيندو، جيئن کِنوڻ آڪاش ۾ هڪڙي طرف چمڪندي آهي ۽ سندس چمڪاٽ هر طرف ڏسڻ ۾ ايندو آهي. پر پهريائين منش‌پتر کي ڪيتريون ئي سختيون سهڻيون پونديون ۽ هن زماني جي ماڻهن کان رد ڪيو ويندو. منش‌پتر جو اچڻ بہ ائين ئي ٿيندو، جيئن نوح جي ڏينهن ۾ ٻوڏ جو اچڻ ٿيو. انهن ڏينهن ۾ ماڻهو کائيندا پيئندا رهيا ۽ شاديون ڪندا ۽ ڪرائيندا رهيا. پوءِ اهو ڏينهن ٿيو جو نوح ٻيڙي ۾ گھڙيو ۽ ٻوڏ آئي ۽ سڀني کي ناس ڪري ڇڏيائين. ساڳيءَ طرح لوط جي ڏينهن ۾ بہ ٿيو، اهي کائيندا پيئندا، وڻج واپار ڪندا، پوکيندا ۽ اڏيندا رهيا. پر جنهن ڏينهن لوط سدوم شهر کان نڪري ٻاهر ٿيو هو، تنهن ڏينهن آڪاش مان باهہ ۽ گندرف جو مينهن اچي وٺو هو ۽ انهن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيو هئائين. سو بلڪل ائين ئي ٿيندو جنهن وقت منش‌پتر ظاهر ٿيندو. انهيءَ وقت جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪوٺي تي آهي تہ هن کي پاڻ سان ڪا شيءِ کڻي نڪرڻ لاءِ لهي گھر ۾ وڃڻ نہ کپي ۽ ساڳيءَ ريت جيڪڏهن ڪو ٻنيءَ ۾ آهي تہ گھر ڏانهن موٽڻ نہ گھرجيس. لوط جي پتنيءَ واري ڳالهہ ياد رکجو. جيڪو بہ پنهنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو سو اها وڃائيندو، پر جيڪو وڃائيندو سو ئي اها بچائيندو. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ انهيءَ رات جيڪڏهن ٻہ ماڻهو گڏ هڪ بستري تي ستل هوندا تہ هڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو. جيڪڏهن ٻہ ناريون گڏ ويٺيون جنڊ پيهنديون هونديون، تہ هڪڙي کنئي ويندي ۽ ٻيءَ کي ڇڏيو ويندو. ٻنيءَ ۾ جيڪڏهن ٻہ ماڻهو هوندا تہ هڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو.“ چيلن پڇيس تہ ”اي پرڀو! اهو ڪٿي ٿيندو؟“ يسوع وراڻين تہ ”جيئن ڳجھن جي مڙڻ مان اهو ظاهر ٿيندو آهي تہ اتي ڍونڍ آهي، تيئن اهو ظاهر ٿيندو.“ يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”هر وقت پرارٿنا ڪندا رهو ۽ همت نہ هارجو.“ انهيءَ لاءِ هن کين هڪڙو مثال ڏنو تہ ”ڪنهن شهر ۾ هڪڙو جج رهندو هو، جنهن کي نہ ايشور جو خوف هو ۽ نہ ماڻهن جي پرواهہ. انهيءَ شهر ۾ هڪڙي وڌوا رهندي هئي، جيڪا بار بار جج کي اچي چوندي هئي تہ ’جوابدار جي خلاف منهنجو انصاف ڪر.‘ جج ڪجھہ وقت تہ هن جي ٻڌي ئي ڪانہ، پر پوءِ دل ۾ چوڻ لڳو تہ ’جيتوڻيڪ مون کي نہ ايشور جو خوف آهي ۽ نہ ماڻهن جي پرواهہ، تڏهن بہ جيئن تہ هيءَ وڌوا اچي مون کي ڪڪ ٿي ڪري، تنهنڪري ساڻس انصاف ڪندس، نہ تہ هيءَ بار بار اچي مون کي بيزار ڪندي.‘“ پرڀوءَ وڌيڪ چيو تہ ”ٻُڌوَ، هن بي‌انصاف جج ڇا چيو؟ تہ پوءِ ايشور پنهنجي چونڊيلن سان انصاف نہ ڪندو ڇا، جيڪي رات ڏينهن کيس ٻاڏائين پيا؟ ڇا هو انهن جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪندو؟ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هو جلد ئي سندن انصاف ڪندو. پر جڏهن منش‌پتر ايندو تڏهن هو ماڻهن ۾ اهڙو وشواس الائجي ڏسندو يا نہ.“ جن ماڻهن کي پنهنجي سچائيءَ تي ناز هو ۽ ٻين کي گھٽ سمجھندا هئا، تن کي يسوع هڪڙو مثال ٻڌايو تہ ”ٻہ شخص هيڪل ۾ پرارٿنا ڪرڻ ويا، هڪڙو فريسي ۽ ٻيو ٽيڪس اُڳاڙيندڙ. فريسي بيهي پنهنجيءَ دل ۾ هيئن پرارٿنا ڪرڻ لڳو تہ ’اي ايشور! آءٌ تنهنجو ٿورائتو آهيان جو آءٌ ٻين ماڻهن جهڙو ڦورو، بي‌انصاف يا زناڪار نہ آهيان، نہ وري هن ٽيڪس اُڳاڙيندڙ جهڙو آهيان. آءٌ هفتي ۾ ٻہ ڏينهن وِرت ٿو رکان ۽ پنهنجي سڄي ڪمائيءَ جو ڏهون حصو تنهنجي نالي تي ٿو ڏيان.‘ پر ٽيڪس اُڳاڙيندڙ پري بيٺو رهيو ۽ آڪاش ڏانهن اکيون کڻي بہ نہ نهاريائين، بلڪ ڇاتي پٽيندي چوڻ لڳو تہ ’اي ايشور! مون پاپيءَ تي ديا ڪر.‘ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ پهريون نہ، پر هي ٻيو ماڻهو سچار ٿي گھر موٽيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“ ڪي ماڻهو پنهنجا ننڍڙا ٻار يسوع وٽ کڻي آيا تہ هو انهن تي هٿ رکي. پر سندس چيلا اهو ڏسي انهن کي ڇينڀڻ لڳا جيڪي ٻار کڻي آيا هئا. تنهن تي يسوع چيلن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو راڄ اهڙن جو ئي آهي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ ايشور جي راڄ کي ٻار وانگر ٿي قبول نہ ڪندو سو ڪڏهن بہ ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“ هڪڙي سردار يسوع کان پڇيو تہ ”اي نيڪ گرو! آءٌ ڇا ڪريان جو امر جيون حاصل ڪريان؟“ يسوع چيس تہ ”تون مون کي نيڪ ڇو ٿو سڏين؟ ايشور کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نيڪ نہ آهي. باقي تو کي حڪمن جي تہ سڌ آهي تہ ’زنا نہ ڪر،‘ ’خون نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاهدي نہ ڏي‘ ۽ ’پنهنجي ماتا پتا جو مان ڪر.‘“ هن چيو تہ ”انهن سڀني تي تہ آءٌ ننڍپڻ کان ئي عمل ڪندو ٿو رهان.“ اهو ٻڌي يسوع کيس چيو تہ ”اڃا تو ۾ هڪڙي گھٽتائي آهي. سو وڃ ۽ تو وٽ جيڪي بہ آهي سو سڀ وڪڻي غريبن ۾ ورهائي ڇڏ، تڏهن ايشور وٽ تو کي خزانو ملندو. سو ورهائڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“ اهو ٻڌي هو ڏاڍو غمگين ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هو وڏو شاهوڪار ماڻهو هو. يسوع ڏٺو تہ هو ڪيتري قدر نہ غمگين ٿي پيو آهي، تڏهن چيائين تہ ”شاهوڪار ماڻهن جو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ياد رکو، اُٺ جو سُئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آهي، پر شاهوڪار ماڻهوءَ جو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ اولو آهي.“ ماڻهن جڏهن اهو ٻڌو تڏهن پڇيائون تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“ يسوع وراڻين تہ ”جيڪي ڳالهيون انسان جي وس کان ٻاهر آهن، سي ايشور جي وس ۾ آهن.“ تڏهن پطرس چيس تہ ”ڏسو، اسان تہ اوهان جي پٺيان هلڻ لاءِ پنهنجا گھر گھاٽ بہ ڇڏيا آهن.“ يسوع انهن کي چيو تہ ”هائو، آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جنهن ايشور جي راڄ لاءِ گھر، پتني، ڀائر، ماتا، پتا يا ٻار ڇڏيا آهن، تنهن کي هن انتم زماني ۾ تہ گھڻو وڌيڪ ملندو، بلڪ ايندڙ نئين زماني ۾ امر جيون پڻ ملندس.“ يسوع پنهنجي ٻارهن چيلن کي هڪ پاسي وٺي ويو ۽ انهن کي چيائين تہ ”ڏسو، اسين يروشلم ڏانهن هلي رهيا آهيون ۽ منش‌پتر بابت جيڪي ڳالهيون سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت لکيون ويون آهن، سي سڀيئي اتي پوريون ٿينديون. هو غير قوم وارن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي مٿس ٺٺوليون ڪندا، ساڻس جٺيون ڪندا ۽ کيس ٿڪون هڻندا. اهي کيس ڪوڙا هڻندا ۽ قتل ڪري ڇڏيندا، پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيوت ٿي اٿندو.“ انهن ڳالهين مان چيلن کي ڪا هڪڙي ڳالهہ بہ سمجھہ ۾ نہ آئي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون کين چيون ويون، تن جي معنيٰ کانئن ڳجھي رکي ويئي، تنهنڪري اهي سمجھي نہ سگھيا. پوءِ جيئن يسوع يريحو شهر جي ويجھو اچي رهيو هو تہ رستي تي هڪڙي انڌي ماڻهوءَ ويٺي پنيو. هن ميڙ جي لنگھڻ جو گوڙ ٻڌي پڇيو تہ ”هي ڇا آهي؟“ ماڻهن ٻڌايس تہ ”يسوع ناصري لنگھي رهيو آهي.“ تڏهن هن رڙ ڪري چيو تہ ”اي يسوع، راجا دائود جا اولاد! مون تي ديا ڪريو.“ تنهن تي جيڪي اڳيان پئي هليا تن ڇڙٻ ڏيئي چيس تہ ”ماٺ ڪر.“ پر هو اڃا بہ زور سان رڙيون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”اي راجا دائود جا اولاد! مون تي ديا ڪريو.“ اهو ٻڌي يسوع بيهي رهيو ۽ ماڻهن کي حڪم ڏنائين تہ ”هن کي مون وٽ وٺي اچو.“ جڏهن هو ويجھو آيو تہ يسوع پڇيس تہ ”تون ڇا ٿو چاهين جيڪو آءٌ تنهنجي لاءِ ڪريان؟“ هن چيو تہ ”اي سوامي! مون کي وري ديد ملي.“ يسوع چيس تہ ”وٺ هيءَ ديد. ڏس، تنهنجي وشواس تو کي سڄو ڪيو آهي.“ تڏهن هو هڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ ايشور جي مهما ڪندو يسوع جي پٺيان هلڻ لڳو. اهو ڏسي سڀيئي ماڻهو ايشور جي مهما ڪرڻ لڳا. يسوع يريحو شهر ۾ داخل ٿي ان مان لنگھي رهيو هو. اتي زڪئي نالي هڪ ماڻهو رهندو هو، جيڪو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن جو عملدار ۽ شاهوڪار بہ هو. هن جي مرضي هئي تہ ”ڏسان تہ يسوع ڪهڙو آهي.“ پر ميڙ جي ڪري ڏسي نہ ٿي سگھيو، ڇو تہ هن جو قد ننڍو هو. تنهنڪري هو اڳڀرو ڊوڙي وڃي هڪڙي انجير جي وڻ تي چڙهي ويٺو، ڇاڪاڻ تہ يسوع انهيءَ رستي تان لنگھڻو هو. جڏهن يسوع انهيءَ جاءِ تي آيو، تڏهن مٿي نهاري چيائين تہ ”اي زڪئي! هڪدم هيٺ لهي اچ، ڇاڪاڻ تہ اڄ مون کي تنهنجي گھر رهڻو آهي.“ تنهن تي هو جلدي هيٺ لهي آيو ۽ يسوع کي خوشيءَ سان پنهنجي گھر وٺي ويو. اهو ڏسي سڀيئي ڪُرڪندي چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، هو هڪڙي پاپيءَ جي گھر رهيو آهي.“ گھر اندر زڪئي اُٿي بيهي پرڀوءَ کي چيو تہ ”ڏسو، اي پرڀو! آءٌ پنهنجي ملڪيت جو اڌ غريبن کي ٿو ڏيان ۽ جيڪڏهن مون ڪنهن کي ٺڳيو آهي تہ آءٌ کيس چئوڻا ڪري موٽائي ڏيندس.“ يسوع هن کي چيو تہ ”اڄ هن گھر ۾ مڪتي آئي آهي، ڇاڪاڻ تہ تون بہ ابرهام جو اولاد آهين. منش‌پتر انهن کي ڳولڻ ۽ بچائڻ آيو آهي جيڪي ڀَٽڪي ويا آهن.“ جيئن تہ يسوع يروشلم ۾ پهچڻ تي هو، سو جن ماڻهن سندس هي ڳالهيون پئي ٻڌيون سي ائين سمجھن پيا تہ هينئر ئي ٿو ايشور جو راڄ ظاهر ٿئي. تنهن تي يسوع هڪڙو مثال ڏيندي کين چيو تہ ”هڪڙو امير ڪنهن ڏورانهين ملڪ ڏانهن روانو ٿيو تہ جيئن اتان پنهنجي لاءِ راڄ جو اختيار وٺي پوءِ ديس موٽي. وڃڻ کان اڳ هن پنهنجي نوڪرن مان ڏهن ڄڻن کي سڏي کين سون جو هڪ هڪ سڪو ڏنو ۽ چيائين تہ ’جيستائين آءٌ موٽي اچان تيستائين انهن مان واپار هلائجو.‘ پر سندس ديس جا ماڻهو هن کان بيزار هئا. تنهنڪري هنن سندس پٺيان انهيءَ ملڪ ڏانهن پنهنجا ايلچي موڪليا تہ ’اسان جي مرضي نہ آهي تہ هي ماڻهو اسان جي مٿان راڄ ڪري.‘ جڏهن هو راڄ جو اختيار وٺي موٽي آيو تہ حڪم ڏنائين تہ ’انهن نوڪرن کي مون وٽ وٺي اچو، جن کي آءٌ سڪا ڏيئي ويو هئس، ڏسان تہ واپار ڪري ڪيترو ڪمايو اٿن.‘ پهريون نوڪر آيو ۽ چيائينس تہ ’سائين! اوهان جي ڏنل سوني سڪي ڏهہ ٻيا سونا سڪا ڪمايا آهن.‘ تنهن تي هن چيس تہ ’شاباس، چڱا نوڪر! جيئن تہ تون ٿوري ۾ ايماندار ثابت ٿيو آهين، تنهنڪري هاڻي تون ڏهن شهرن جو حاڪم آهين.‘ ٻيو آيو ۽ چيائين تہ ’سائين! اوهان جي ڏنل سوني سڪي پنج ٻيا سونا سڪا ڪمايا آهن.‘ هن ان کي بہ چيو تہ ’هاڻي تون پنجن شهرن جو حاڪم آهين.‘ ٻيو هڪڙو آيو ۽ چيائين تہ ’سائين! ڏسو، هي آهي اوهان جو سونو سڪو. مون اهو رومال ۾ ٻڌي سنڀالي رکيو آهي، ڇاڪاڻ تہ مون کي اوهان جو ڊپ هو جو اوهين سخت ماڻهو آهيو. جيڪي اوهان جمع نہ ڪيو آهي سو کڻو ٿا ۽ جيڪي اوهان نہ پوکيو آهي سو لڻو ٿا.‘ هن چيس تہ ’اي بڇڙا نوڪر! تنهنجي ئي واتان آءٌ تو کي ڏوهاري قرار ڏيندس. جڏهن تو کي سڌ بہ هئي تہ آءٌ سخت ماڻهو آهيان ۽ جيڪي جمع ڪين ڪيو اٿم سو پيو کڻان ۽ جيڪي پوکيو ئي نہ اٿم سو پيو لڻان، تہ پوءِ گھٽ ۾ گھٽ منهنجو سڪو بئنڪ ۾ ئي رکين ها ۽ جڏهن آءٌ موٽي اچان ها تہ تو کان منافعي سميت اچي وٺان ها.‘ پوءِ جيڪي اتي بيٺا هئا تن کي چيائين تہ ’هن کان اهو هڪڙو سونو سڪو بہ کسي ڏهن سونن سڪن واري نوڪر کي ڏيو.‘ تڏهن هنن چيس تہ ’سائين! هن وٽ اڳي ئي ڏهہ سونا سڪا آهن.‘ انهن کي چيائين تہ ’آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جنهن وٽ آهي، تنهن کي وڌيڪ ڏنو ويندو. پر جنهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي، تنهن کان اهو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آهي. هاڻ منهنجا اهي دشمن جن جي مرضي نہ هئي تہ آءٌ مٿن راڄ ڪريان، تن کي هتي وٺي اچو ۽ کين منهنجي اڳيان قتل ڪريو.‘“ اهي ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ يسوع يروشلم ڏانهن اڳتي وڌڻ لڳو. جڏهن هو زيتون واري ٽڪر وٽ بيت‌فگاہ ۽ بيت‌عنياہ ڳوٺن جي ويجھو آيو تہ هن ٻن چيلن کي هي هدايتون ڏيئي روانو ڪيو تہ ”سامهون واري ڳوٺ ۾ وڃو. اوهين جيئن ئي ان ۾ گھڙندا تہ هڪ کودڙو ٻڌل ڏسندا، جنهن تي اڃا تائين ڪنهن بہ ماڻهوءَ سواري نہ ڪئي آهي. ان کي ڇوڙي هتي ڪاهي اچو. جيڪڏهن ڪو اوهان کان پڇي تہ ’ان کي ڇو ٿا ڇوڙيو،‘ تہ اوهين چئجوس تہ ’گروءَ کي انهيءَ جي ضرورت آهي.‘“ سو اهي اوڏانهن ويا ۽ جيئن يسوع چيو هئن تيئن ئي ڏٺائون. جڏهن هو کودڙو ڇوڙين پيا تہ ان جي مالڪ کين چيو تہ ”اوهين هن کي ڇو ٿا ڇوڙيو؟“ هنن ورندي ڏنس تہ ”گروءَ کي انهيءَ جي ضرورت آهي.“ پوءِ هو کودڙي کي يسوع وٽ ڪاهي آيا ۽ ان جي مٿان پنهنجيون چادرون وجھي يسوع کي ان تي سوار ڪيائون. پوءِ جيئن يسوع ان تي سوار ٿي هلندو ٿي رهيو، تيئن ماڻهو پنهنجيون چادرون کڻي رستي تي وڇائيندا ٿي رهيا. جڏهن هو يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر جي لاهيءَ وٽ پهتو تہ سندس چيلن جو سڄو ميڙ يسوع جي چمتڪارن جي ڪري خوشيءَ ۾ ڀرجي وڏي آواز سان ايشور جي مهما جا نعرا هڻڻ لڳو تہ ”سڀاڳو آهي اهو راجا، جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي! شل آڪاش تي شانتي ۽ ايشور جي مهما هجي!“ تنهن تي انهيءَ ميڙ مان ڪن فريسين چيس تہ ”اي گرو! پنهنجي چيلن کي جھليو.“ يسوع کين چيو تہ ”جيڪڏهن هنن ماٺ ڪئي تہ خود پٿر وٺي پڪاريندا.“ جڏهن يسوع يروشلم جي ويجھو آيو تہ شهر کي ڏسي مٿس رنائين ۽ چيائين تہ ”ڪاش، اي يروشلم جي وسندي! تون اڄوڪي ڏينهن سڃاڻي وٺين ها تہ تنهنجي شانتي ڪهڙين ڳالهين ۾ آهي. پر هاڻي تہ اهي تنهنجي اکين کان لڪل آهن. ڏس، اهي ڏينهن تو تي اچي ڪڙڪندا، جڏهن تنهنجا دشمن تنهنجي چوڌاري مورچا ٻڌي تنهنجو گھيرو ڪندا ۽ هر طرف کان تو کي سوڙهو ڪندا. اهي تو کي ۽ تنهنجي رهاڪن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندا ۽ تو ۾ سِر سِر تي رهڻ نہ ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ تو ان وقت کي نہ سڃاتو، جڏهن ايشور تو کي بچائڻ لاءِ تو تي ڪرپا جي نظر ڪئي هئي.“ يسوع هيڪل ۾ آيو ۽ اتي اڱڻ ۾ جيڪي ماڻهو واپار پيا ڪن تن کي تڙي ڪڍڻ لڳو ۽ کين چيائين تہ ”پوِتر شاستر ۾ ايشور اهو فرمايو آهي تہ ’منهنجو گھر پرارٿنا وارو گھر ٿيندو،‘ پر اوهان ان کي ’ڌاڙيلن جو اڏو‘ بڻايو آهي.“ يسوع هر روز هيڪل ۾ وڃي سکيا ڏيندو هو. سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ بني اسرائيل جي ٻين چڱن مڙسن وجھہ پئي ڳوليو تہ ”ڪهڙيءَ طرح هن کي ماري کپائي ڇڏيون.“ پر وس ڪونہ ٿي پُڳن، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو هن جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ آتا هئا. هڪڙي ڏينهن جڏهن يسوع ماڻهن کي هيڪل ۾ ايشور جي راڄ بابت سکيا ڏيئي رهيو هو ۽ انهيءَ راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار پئي ڪيائين تہ سردار ڪاهن ۽ نيم شاستري يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن سان گڏجي وٽس آيا. هنن کانئس پڇيو تہ ”اسان کي ٻڌاءِ تہ تون ڪهڙي اختياريءَ سان هي ڪم ٿو ڪرين؟ اهو ڪير آهي جنهن تو کي اها اختياري ڏني آهي؟“ يسوع چين تہ ”آءٌ بہ اوهان کان هڪڙو سوال ٿو پڇان. مون کي ٻڌايو تہ ڇا يوحنا جيڪا بپتسما ٿي ڏني سا ايشور جي طرفان هئي يا انسان جي طرفان؟“ تڏهن اهي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”جيڪڏهن ’ايشور جي طرفان‘ ٿا چئون تہ هو اسان کي چوندو تہ ’پوءِ اوهان هن تي يقين ڇو نہ ڪيو؟‘ پر جي چئون ٿا ’انسان جي طرفان،‘ تہ سڄي خلق اسان کي سنگسار ڪندي، ڇاڪاڻ تہ هنن کي پڪ آهي تہ يوحنا ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت هو.“ تڏهن هنن جواب ڏنو تہ ”اسان کي سڌ نہ آهي تہ اها ڪنهن جي طرفان هئي.“ تنهن تي يسوع چين تہ ”پوءِ آءٌ بہ اوهان کي ڪين ٻڌائيندس تہ ڪهڙي اختياريءَ سان هي ڪم ٿو ڪريان.“ پوءِ يسوع ماڻهن کي هڪڙو مثال ڏنو تہ ”هڪڙي ماڻهوءَ انگورن جو باغ لڳايو. اهو باغ ڪن باغائين جي سنڀال هيٺ ڏيئي هو پاڻ گھڻي وقت لاءِ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو. جڏهن ميوي لهڻ جي مند آئي تہ هڪڙي نوڪر کي انهن باغائين ڏانهن موڪليائين تہ کانئن انگورن جي ميوي جو ڀاڱو وٺي اچي. پر باغائين هن کي مار ڏيئي خالي هٿين موٽائي ڇڏيو. تنهن تي هن ٻيو نوڪر موڪليو. تنهن کي بہ هنن مار ڏيئي، جٺيون ڪري خالي هٿين موڪلي ڇڏيو. تڏهن هن وري ٽيون نوڪر موڪليو. تنهن کي بہ هنن زخمي ڪري ڌِڪا ڏيئي ڪڍيو. تنهن تي باغ جي مالڪ چيو تہ ’هاڻي آءٌ ڇا ڪريان؟ پوءِ ڀلا، پنهنجو سڪيلڌو پٽ ٿو موڪليان، شايد اهي هن جو ڪو لحاظ ڪن.‘ پر جڏهن باغائين انهيءَ کي ڏٺو، تڏهن پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تہ ’هي مالڪ جو اڪيلو وارث آهي. ڇو نہ هن کي ماري ڇڏيون، تہ پوءِ سندس ميراث اسان جي ٿي پوندي.‘ پوءِ هن کي باغ مان ٻاهر ڪڍي ماري ڇڏيائون. هاڻي باغ جو مالڪ انهن کي ڇا ڪندو؟ هو پاڻ اچي انهن باغائين کي تباهہ ڪندو ۽ باغ ٻين جي حوالي ڪندو.“ جڏهن ماڻهن اهو ٻڌو تڏهن چوڻ لڳا تہ ”ايشور خير ڪري.“ يسوع انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”هي جيڪو پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي، سو ڀلا ڇا معنيٰ ٿو رکي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.‘ هاڻ جيڪو بہ اُن پٿر تي ڪرندو سو ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پوندو ۽ جنهن تي اهو پٿر ڪرندو، تنهن کي پيهي ڇڏيندو.“ انهيءَ گھڙي ئي نيم شاسترين ۽ سردار ڪاهنن ڪوشش ڪئي تہ يسوع کي پڪڙايون، ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاڻي ورتو تہ ”هن اهو مثال اسان تي آندو آهي.“ پر هو ماڻهن کان ڊنا ٿي. پوءِ هو يسوع کي اک ۾ رکندا آيا ۽ ڪي ڪرائيدار ڇاڙتا ڇڏيائون تہ اهي سچارن وانگر بڻجي يسوع کي سندس لفظن ۾ ڦاسائين، تہ جيئن پوءِ کيس رومي گورنر جي قبضي ۽ اختيار ۾ ڏين. انهن ڇاڙتن يسوع کان پڇيو تہ ”اي گرو! اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي اوهين چئو ٿا ۽ سيکاريو ٿا سو حق آهي ۽ اوهين ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ٿا ڪريو، بلڪ اوهين تہ سچائيءَ سان ايشور جو رستو ٿا ڏيکاريو. هاڻ اسان کي ٻڌايو تہ اسان لاءِ رومي مهاراجا قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ جائز آهي يا نہ؟“ يسوع انهن جي چالاڪيءَ کي سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ ”مون کي چانديءَ جو سڪو ڏيکاريو تہ انهيءَ تي ڪنهن جي تصوير ۽ نالو اُڪريل آهي؟“ هنن جواب ڏنو تہ ”قيصر جو.“ تنهن تي هن انهن کي چيو تہ ”چڱو، جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪي ايشور جو آهي سو ايشور کي ڏيو.“ هو ماڻهن جي اڳيان کيس لفظن ۾ ڦاسائي نہ سگھيا. سندس انهيءَ جواب تي هو حيران ٿي ويا ۽ کڻي ماٺ ڪيائون. پوءِ صدوقي، جن جو وشواس هو تہ موت کان پوءِ ماڻهو جيوت نہ ٿيندا، تن مان ڪي يسوع وٽ آيا ۽ کانئس سوال پڇيائون تہ ”اي گرو! موسيٰ اسان لاءِ نيم ۾ لکيو آهي تہ ’جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو شادي ڪيل ڀاءُ بي‌اولاد مري وڃي، تہ سندس ڀاءُ هن جي پتني پرڻجي تہ جيئن پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.‘ هڪڙا ست ڀائر هئا. پهرئين شادي ڪئي ۽ بي‌اولاد مري ويو تہ ٻئي سندس پتنيءَ سان شادي ڪئي، اهو بہ مري ويو. ٽئين بہ انهيءَ ناريءَ سان شادي ڪئي ۽ اهڙيءَ طرح ستن ئي ڀائرن ان سان شادي ڪئي ۽ ست ئي بي‌اولاد مري ويا. سڀ کان پڇاڙيءَ ۾ اها ناري بہ مري ويئي. هاڻي جيئن تہ ست ئي ڀائر هن سان پرڻيا هئا، سو قيامت جي ڏينهن، جڏهن ماڻهو جيوت ٿي اٿندا تڏهن اها ناري انهن ستن مان ڪنهن جي پتني ٿيندي؟“ تنهن تي يسوع چين تہ ”هن انتم زماني جا ماڻهو پرڻبا ۽ پرڻايا ويندا آهن. پر جن کي ايشور ايندڙ نئين زماني ۾ رهڻ ۽ مئلن مان جيوت ٿي اٿڻ جي لائق سمجھي ٿو، سي ان وقت نہ پرڻبا، نڪي پرڻايا ويندا. اهي وري ڪڏهن بہ مرڻ جا نہ آهن، بلڪ اهي دوتن جهڙا هوندا. هائو، اهي ايشور جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ اهي مئلن مان جيوت ڪيل هوندا. مئلن جي جيوت ٿي اٿڻ بابت موسيٰ ٻرندڙ ٻوڙي واري واقعي ۾ پاڻ اهڙو اشارو ڏنو آهي. تنهنڪري ئي هو پرميشور کي ’ابرهام جو ايشور، اضحاق جو ايشور ۽ يعقوب جو ايشور‘ ڪري سڏي ٿو. سو هاڻي پرميشور مئلن جو نہ، بلڪ جيڪي جيوت آهن تن جو ايشور آهي، ڇاڪاڻ تہ هن جي آڏو سڀيئي جيوت آهن.“ تڏهن ڪن نيم شاسترين کيس چيو تہ ”اي گرو! اوهان صحيح ڳالهہ ڪئي آهي.“ انهيءَ کان پوءِ ڪنهن کي بہ همت ڪانہ ٿي جو کانئس ڪو وڌيڪ سوال پڇي. پوءِ يسوع نيم شاسترين کي چيو تہ ”اهو ڪيئن ٿو چيو وڃي تہ ’مسيح راجا دائود جو اولاد آهي‘؟ ڇاڪاڻ تہ دائود خود زبور ۾ چيو آهي تہ ’پرڀو پرميشور منهنجي پرڀوءَ کي چيو تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان.“‘ سو جڏهن دائود هن کي ’پرڀو‘ ڪري ٿو سڏي، تہ پوءِ مسيح ڪيئن سندس اولاد ٿيو؟“ سڀني ماڻهن جي روبرو يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”نيم شاسترين کان هوشيار ٿجو، جيڪي ڊگھا ڊگھا جبا پائي گھمڻ پسند ڪن ٿا. اهي چاهين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻهو کين نمسڪار ڪن. اهي ڀڳتيءَ وارين جاين توڙي دعوتن ۾ اعليٰ درجي وارين جاين تي ويهڻ پسند ڪن ٿا. اهي وڌوائن جا گھر لٽي ڦُري ٿا ڇڏين ۽ ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون پرارٿنائون ڪن ٿا. انهن کي تہ ٻين کان بہ وڌيڪ پاپي قرار ڏنو ويندو.“ يسوع جڏهن نهاريو، تڏهن ڏٺائين تہ شاهوڪار ماڻهو هيڪل جي دان واري پيتيءَ ۾ پنهنجا پنهنجا دان وجھي رهيا آهن. هن هڪ غريب وڌوا کي بہ ان پيتيءَ ۾ ٻہ ننڍڙا سڪا وجھندي ڏٺو. تنهن تي هن چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن غريب وڌوا سڀني کان وڌيڪ دان ڏنو آهي. جڏهن تہ ٻين، جيڪي پنهنجي گھرج کان وڌيڪ هئن تنهن مان ڏنو آهي، پر هن وڌوا پنهنجي غربت مان بہ جيڪو هڙ ۾ هئس سو سڀ ڏنائين ۽ هاڻي جيون گذارڻ لاءِ وٽس ڪجھہ بہ نہ رهيو آهي.“ ڪي چيلا هيڪل بابت چوڻ لڳا تہ ”هي ڪيڏن نہ سهڻن پٿرن ۽ دان وارين سوکڙين سان سينگاريل آهي.“ تنهن تي يسوع چيو تہ ”ڪو وقت ايندو تہ جيڪي شيون اوهين ڏسو ٿا تن جو ڪو پٿر پٿر تي نہ رهندو جيڪو ڊاٺو نہ ويندو.“ پوءِ انهن پڇيس تہ ”اي گرو! اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون؟ اها ڪهڙي نشاني هوندي جنهن مان سڌ پوي تہ انهن ڳالهين جي ٿيڻ جو وقت اچي پهتو آهي؟“ يسوع چين تہ ”هوشيار رهو، متان ڀَٽڪي وڃو، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي منهنجي نالي سان ايندا ۽ هر ڪو چوندو تہ ’آءٌ مسيح آهيان.‘ يا وري چوندو تہ ’اهو وقت اچي پهتو آهي.‘ پر متان انهن جي پيروي ڪئي اٿوَ. بلڪ جڏهن اوهين جنگين ۽ فسادن بابت ٻڌو تڏهن گھٻرائجو نہ، ڇو تہ اهي ڳالهيون پهريائين ضرور ٿينديون، پر پڄاڻي هڪدم ڪين ايندي.“ يسوع انهن کي وڌيڪ چيو تہ ”قوم، قوم سان وڙهندي، راڄ، راڄ تي چڙهائي ڪندو، وڏا وڏا زلزلا ايندا، ڪيترن ئي هنڌن تي ڏڪار ۽ وبائون پونديون. ان کان علاوہ آڪاش ۾ هيبتناڪ ڳالهيون ۽ وڏيون نشانيون ڏسڻ ۾ اينديون. پر هنن ڳالهين ٿيڻ کان اڳي ئي منهنجي نالي جي ڪري اوهين سوگھا ڪيا ويندا، اوهان کي ستايو ويندو، ڀڳتيءَ وارين جاين جي اڳواڻن جي حوالي ڪيو ويندو، جيلن ۾ وڌو ويندو ۽ راجائن ۽ حاڪمن اڳيان پيش ڪيو ويندو. انهيءَ مان اوهان کي ايشور جي راڄ بابت خوشخبري ٻڌائڻ جو موقعو ملي ويندو. تنهنڪري پنهنجين دلين ۾ پڪو ارادو ڪريو تہ اوهين پنهنجي بچاءَ ۾ جواب ڏيڻ لاءِ اڳ ۾ ڪابہ ڳڻتي نہ ڪندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي اهڙي زبان ۽ اهڙي ڏاهپ ڏيندس جو اوهان جو ڪوبہ دشمن اوهان سان مقابلو يا مخالفت ڪري نہ سگھندو. اوهان جا ماتا پتا، ڀائر ڀينر، مٽ مائٽ ۽ سنگتي ساٿي بہ اوهان کي پڪڙائيندا ۽ اوهان مان ڪن کي قتل ڪيو ويندو. هائو، منهنجي نالي جي ڪري سڀ ماڻهو اوهان سان دشمني رکندا. پر اوهين بلڪل محفوظ آهيو. سو انهن ڳالهين تي ثابت قدم رهي پنهنجي جان بچايو.“ ”جڏهن اوهين ڏسو تہ يروشلم کي لشڪرن گھيري ورتو آهي، تڏهن ڄاڻجو تہ سندس تباهيءَ جو وقت اچي ويجھو ٿيو آهي. پوءِ جيڪي هن شهر ۾ هجن سي ٻاهر نڪري وڃن ۽ جيڪي ٻهراڙيءَ ۾ هجن سي اندر شهر ۾ نہ گھڙن، بلڪ يهوديہ جي پوري علائقي وارا جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن. اهي ايشور جي ڏمر جا ڏينهن ٿيندا، تہ جيئن پوِتر شاستر جون سڀيئي ڳالهيون پوريون ٿين. افسوس آهي انهن نارين تي جيڪي انهن ڏينهن ۾ پيٽ سان هونديون يا جن کي ٿڃ ڌائيندڙ ٻار هوندا، ڇاڪاڻ تہ هن ملڪ تي وڏي مصيبت ايندي ۽ هن قوم تي ڏمر پرگھٽ ٿيندو. انهن مان ڪن کي تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ ڪن کي قيد ڪري ٻين قومن ۾ وٺي ويندا. جيستائين غير قومن جو مدو پورو نہ ٿيندو، تيستائين اهي يروشلم کي لتاڙينديون رهنديون.“ ”پوءِ ڪو وقت ايندو جو سج، چنڊ ۽ تارن ۾ نشان ظاهر ٿيندا ۽ ڌرتيءَ تي قومن ۾ سمنڊ جي ڇولين جي وڏي شور ڪري خوف ۽ هراس ڇانئجي ويندو. جيئن تہ آڪاشي طاقتون لُڏي وينديون، سو جيڪي آفتون ڌرتيءَ تي پرگھٽ ٿيڻيون هونديون، تن جي اُلڪي ۽ ڊپ کان ماڻهن جون دليون دهلجي وينديون. تڏهن هو منش‌پتر کي وڏي شڪتيءَ ۽ شان وَ شوڪت سان هڪڙي ڪڪر تي ايندي ڏسندا. جڏهن اهي ڳالهيون ٿيڻ لڳن تہ اٿي کڙا ٿجو ۽ مٿي نهارجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو ڇڏائجڻ اوهان جي ويجھو هوندو.“ يسوع چيلن کي هڪڙو مثال ڏنو تہ ”انجير جي وڻ بلڪ سڀني وڻن تي غور ڪريو. جيئن ئي انهن ۾ پن اچن ٿا تہ اوهين پاڻ ئي ڄاڻي ٿا وٺو تہ اونهارو آيو ڪي آيو. ساڳيءَ طرح جڏهن اوهين تڪليفن ۽ تباهين واريون اِهي ڳالهيون ٿيندي ڏسو تہ سمجھي وٺجو تہ ايشور جو راڄ اچڻ وارو آهي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن پيڙهيءَ جي هلندي هلندي اِهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿينديون. ڌرتي ۽ آڪاش ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“ ”تنهنڪري پاڻ کي سنڀاليو، متان اوهان جون دليون هٻڇ، نشي ۽ هن جيون جي چنتائن ۾ ڦاسي پون ۽ اوچتو ئي اوچتو منش‌پتر جي اچڻ جو اهو ڏينهن اوهان جي مٿان اچي ڪڙڪي. هائو، اهو ڦندي وانگر سڄي ڌرتيءَ جي رهاڪن تي اچي ڪڙڪندو. انهيءَ ڪري هر وقت جاڳندا ۽ پرارٿنا ڪندا رهو تہ اهي ڳالهيون جيڪي ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ ۽ منش‌پتر جي آڏو بيهڻ جي سگھہ مليوَ.“ يسوع ڏينهن جو روزانو هيڪل ۾ سکيا ڏيندو هو ۽ رات جو شهر کان ٻاهر وڃي زيتون نالي ٽڪر تي گذاريندو هو. صبح جو سوير هر ڪو ماڻهو سندس ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ وٽس هيڪل ۾ ايندو هو. هاڻي بي‌خميري روٽيءَ جو تهوار، جنهن کي فصح جو تهوار بہ چيو ويندو آهي سو ويجھو آيو. جڏهن تہ سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين وجھہ پئي ڳوليو تہ يسوع کي چپ چاپ ۾ مارائي ڇڏين، ڇو تہ اهي خلق کان ڊنا ٿي. تڏهن ٻارهن چيلن مان يهوداہ نالي هڪڙي چيلي، جنهن کي اسڪريوتي بہ چوندا هئا، تنهن جي دل ۾ اچي شيطان سمايو. سو هن وڃي سردار ڪاهنن ۽ هيڪل جي حوالدارن سان صلاح ڪئي تہ ڪهڙيءَ ريت هو يسوع کي پڪڙائڻ ۾ سندن مدد ڪري. تنهن تي اهي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هن کي پئسن جي آڇ ڪيائون. هن اها ڳالهہ قبول ڪئي ۽ موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳو تہ جڏهن ميڙ نہ هجي تہ هو يسوع کي پڪڙائي. بي‌خميري روٽيءَ واري تهوار جو پهريون ڏينهن آيو جنهن تي فصح جي تهوار جو ٻليدان ڏيڻ ضروري هو. تڏهن يسوع پطرس ۽ يوحنا کي يروشلم شهر اندر موڪليو تہ ”وڃو ۽ اتي اسان لاءِ فصح جي تهوار واري رسوئيءَ جي تياري ڪريو تہ اسين اچي کائون.“ هنن کانئس پڇيو تہ ”اوهين ڪٿي کائڻ پسند ڪندا، تہ جيئن اسين وڃي تياري ڪريون؟“ تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”ٻڌو، شهر ۾ گھڙڻ سان اوهان کي هڪڙو ماڻهو ملندو جنهن کي پاڻيءَ جو دلو کنيل هوندو، تنهن جي پٺيان وڃجو. جنهن گھر ۾ اهو وڃي تہ اوهين بہ پٺيان وڃجوس. اوهين گھر جي مالڪ کان پڇجو تہ ’گرو چوي ٿو تہ اوطاق ڪٿي آهي جتي هو پنهنجي چيلن سان گڏ فصح جي تهوار واري رسوئي کائي؟‘ هو اوهان کي ماڙيءَ تي سجائي تيار ڪيل هڪ وڏو ڪمرو ڏيکاريندو، جتي اوهين تياري ڪجو.“ پوءِ هو روانا ٿي ويا ۽ جيئن يسوع چيو هئن ائين ئي هر شيءِ ڏٺائون ۽ فصح جي تهوار واري رسوئيءَ جي تياري ڪيائون. جڏهن اها گھڙي اچي پهتي تہ يسوع چونڊيل سنتن سان گڏجي رسوئي کائڻ لاءِ ويٺو. انهن کي چيائين تہ ”منهنجي دل ڏاڍو ٿي چاهيو تہ آءٌ تڪليفن سهڻ کان اڳ ۾ هن فصح جي تهوار واري رسوئي اوهان سان گڏجي کاوان. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ تيستائين آءٌ وري اها نہ کائيندس جيستائين ايشور جي راڄ ۾ انهيءَ جو مطلب پورو نہ ٿئي.“ پوءِ يسوع مئي جو پيالو کڻي ايشور جو شڪر ڪيو ۽ چيو تہ ”اچي، هي وٺو ۽ پاڻ ۾ ورهايو. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اڄ کان پوءِ آءٌ تيستائين مئي وري نہ پيئندس، جيستائين ايشور جو راڄ نہ ايندو.“ پوءِ روٽي کڻي شڪر ڪري ڀڳائين ۽ هنن کي ڏيندي چيائين تہ ”هيءُ منهنجو شرير آهي، جيڪو اوهان جي لاءِ ڏنو وڃي ٿو. اوهين بہ منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ڪندا رهجو.“ ساڳيءَ ريت کائڻ کان پوءِ پيالو کڻي چيائين تہ ”هي پيالو ايشور جو نئون وچن آهي، جيڪو منهنجي رت جي وسيلي ٻڌو وڃي ٿو. اهو رت اوهان جي لاءِ وهائجي ٿو. پر ڏسو، جيڪو مون کي پڪڙائي ٿو، سو مون سان گڏ رسوئي کائڻ ويٺو آهي. منش‌پتر لاءِ جيئن پوِتر شاستر ۾ آهي تيئن ئي هو هن سنسار مان وڃي ٿو، پر مصيبت آهي انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ، جنهن جي هٿان هو پڪڙائجي ٿو.“ تنهن تي چيلا هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”اسان مان اهو ڪير آهي جيڪو اهڙو ڪم ڪندو؟“ چيلن ۾ اهو بہ بحث پيدا ٿيو تہ ”اسان سڀني ۾ وڏو ڪير ليکبو؟“ تنهن تي يسوع چين تہ ”قومن جا راجا مٿن حڪم ٿا هلائين ۽ جن کي مٿن اختياري آهي، سي ماڻهن جو ڀلو ڪندڙ سڏيا وڃن ٿا. پر اوهان ۾ ائين نہ هئڻ گھرجي. اوهان مان وڏي کي ننڍي وانگر ٿيڻ کپي ۽ مالڪ کي غلام وانگر ٿيڻ کپي. ڀلا، وڏو ڪير آهي؟ ڇا اهو جيڪو کائڻ ٿو ويهي يا اهو جيڪو سندس سيوا ٿو ڪري؟ ڇا اهو نہ آهي جيڪو کائڻ ٿو ويهي؟ پر آءٌ اوهان منجھہ ائين آهيان جيئن ڪو سيواداري. اوهين اهي آهيو جيڪي منهنجي سڀني تڪليفن ۾ مون سان گڏ رهيا آهيو ۽ جيئن منهنجي پتا مون لاءِ راڄ مقرر ڪيو آهي، تيئن آءٌ بہ اوهان لاءِ راڄ مقرر ٿو ڪريان. اوهين منهنجي راڄ ۾ مون سان گڏ کائيندا پيئندا ۽ اوهان مان هر ڪو تخت تي ويهي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا فيصلا ڪندو.“ ”شمعون! اي شمعون! ڏس، شيطان اوهان کي آزمائڻ جي آگيا ورتي آهي، تہ جيئن اوهان سڀني کي ڪڻڪ جي ڳاهہ وانگر ڳاهي، اَنَ ۽ بُهہ وانگر جدا جدا ڪري. پر مون تو لاءِ پرارٿنا ڪئي آهي تہ شل تنهنجي وشواس ۾ لوڏو نہ اچي. جڏهن تون مون ڏانهن موٽي اچين تہ پنهنجي ڀائرن جي مدد ڪج.“ پطرس وراڻيو تہ ”اي پرڀو! آءٌ تو سان گڏ جيل ۾ وڃڻ، بلڪ مرڻ لاءِ بہ تيار آهيان.“ تنهن تي يسوع چيس تہ ”اي پطرس! آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ جيستائين ڪڪڙ اڄ رات ٻانگ ڏئي، ان کان اڳ ۾ ئي تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ يسوع هنن کان پڇيو تہ ”ان وقت جڏهن مون اوهان کي ڳوٿريءَ، ٿيلهي يا وڌيڪ جتيءَ کان سواءِ موڪليو هو، تہ ڇا اوهان کي ڪنهن شيءِ جي ڪمي ٿي هئي؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”ڪنهن شيءِ جي بہ نہ.“ تڏهن يسوع چين تہ ”هاڻي جنهن کي بہ ڳوٿري هجي تہ اها کڻي، جنهن کي بہ ٿيلهو هجي تہ اهو کڻي ۽ جنهن کي بہ تلوار نہ هجي تہ اهو پنهنجو ڪوٽ وڪڻي بہ اها خريد ڪري. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ پوِتر شاستر ۾ جيڪو لکيل آهي تہ ’هو ڏوهارين ۾ ليکيو ويندو،‘ سو مون لاءِ پورو ٿيڻ ضروري آهي. بيشڪ جيڪو منهنجي بنسبت لکيل آهي سو پورو ٿيڻ وارو آهي.“ تنهن تي چيلن چيس تہ ”اي پرڀو! ڏسو، هي ٻہ تلوارون آهن.“ هن چين تہ ”بس، بس.“ پوءِ هو يروشلم کان ٻاهر نڪري پنهنجي دستور موجب زيتون جي ٽڪر ڏانهن روانو ٿيو ۽ چيلا بہ ساڻس گڏ هليا. جڏهن هو انهيءَ جاءِ تي پهتو تہ انهن کي چيائين تہ ”پرارٿنا ڪريو تہ شل اوهين آزمائش ۾ نہ پئو.“ پوءِ هو پاڻ انهن کان ٿورو پرڀرو وڃي گوڏا کوڙي پرارٿنا ڪرڻ لڳو تہ ”اي پتا! جيڪڏهن تون چاهين تہ هي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنهن هوندي بہ منهنجي نہ، پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“ ايتري ۾ آڪاش مان هڪڙو دوت پرگھٽ ٿيو، جنهن کيس دلداري ڏني. جيئن تہ هو ڏاڍو پريشان هو تنهنڪري هو اڃا بہ وڌيڪ جوش سان پرارٿنا ڪرڻ لڳو، جو سندس پگھر رت جي ڦڙن وانگر زمين تي ڪري رهيو هو. جڏهن هو پرارٿنا ڪري اٿيو ۽ چيلن ڏانهن موٽي آيو تڏهن ڏٺائين تہ هو سڀ ڏک سبب ماندا ٿي ستا پيا آهن. هن انهن کي چيو تہ ”اوهين ڇو ستا پيا آهيو؟ اُٿو ۽ پرارٿنا ڪريو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو.“ يسوع اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ ماڻهن جو هڪڙو ٽولو اچي پهتو، جنهن جي اڳيان سندس ٻارهن چيلن مان اهو هو جنهن کي يهوداہ ڪري سڏيندا هئا. هن ويجھو اچي يسوع کي چمي ڏني. پر يسوع چيس تہ ”اي يهوداہ! تون چمي ڏيئي منش‌پتر کي پڪڙائين ٿو ڇا؟“ يسوع سان گڏ جيڪي چيلا هئا تن جڏهن هي ٿيندي ڏٺو تہ پڇيائون تہ ”اي پرڀو! اسين تلوار هلايون ڇا؟“ انهن مان هڪڙي تہ ڌڪ هڻي وڏي سردار ڪاهن جي نوڪر جو ساڄو ڪن ڪپي وڌو. تنهن تي يسوع چيو تہ ”بس، گھڻو ٿيو.“ پوءِ هن انهيءَ جي ڪن کي هٿ لائي ڇٽائي ڇڏيو. هيڪل جي حوالدارن کان علاوہ سردار ڪاهن ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس جيڪي مٿس ڪاهي آيا هئا، تن کي يسوع چيو تہ ”تلوارن ۽ لٺين سان ائين ڪاهي آيا آهيو، ڄڻ تہ آءٌ ڪو ڌاڙيل آهيان. آءٌ اوهان سان روزانو هيڪل ۾ گڏ هوندو هئس، پر اوهان اتي تہ مون تي هٿ بہ نہ کنيو. پر هاڻي اوهان جو وقت آهي ڇو تہ هي اونداهيءَ جو راڄ آهي.“ انهن يسوع کي پڪڙي يروشلم ۾ وڏي سردار ڪاهن جي گھر آندو ۽ پطرس پرڀرو سندن پٺيان پئي آيو. جڏهن تہ ڪي ماڻهو اڱڻ جي وچ تي مچ ٻاري ويٺا هئا، سو پطرس بہ اچي انهن سان گڏجي ويٺو. ايتري ۾ هڪڙي نوڪرياڻيءَ هن کي باهہ جي سوجھري ۾ ويٺل ڏٺو ۽ چڱيءَ طرح سڃاڻي چيائين تہ ”هي ماڻهو بہ يسوع سان گڏ هو.“ پر پطرس ڦري ويو ۽ چيائينس تہ ”نہ مائي! آءٌ تہ سڃاڻانس بہ ڪين.“ گھڙي کن کان پوءِ ٻئي ڄڻي ڏٺس ۽ چيس تہ ”تون انهن مان آهين.“ پر پطرس ورنديءَ ۾ چيو تہ ”ادا! اهو آءٌ نہ آهيان.“ ڪلاڪ کن کان پوءِ هڪڙي ٻئي شخص يقين سان چيو تہ ”بيشڪ هي ماڻهو بہ تہ يسوع سان هو، ڇو تہ هي بہ گليلي آهي.“ پر پطرس چيو تہ ”ادا! آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ اوهين ڇا ٿا چئو.“ هو اڃا ڳالهائي ئي پيو تہ انهيءَ دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني. تڏهن پرڀوءَ ڦري پطرس ڏانهن نهاريو تہ پطرس کي پرڀوءَ جا لفظ ياد آيا جيڪي چيا هئائينس تہ ”جيستائين اڄ رات ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳ ۾ ئي تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ تڏهن پطرس ٻاهر نڪري ويو ۽ وڃي زاروزار روئڻ لڳو. جن ماڻهن يسوع تي پهرو پئي ڏنو، تن مٿس ٺٺوليون پئي ڪيون ۽ ڌڪ بہ پئي هنيائونس. سندس اکيون ٻڌي منهن تي چماٽون هڻي پڇنس پيا تہ ”پنهنجي شڪتيءَ سان ٻڌاءِ تہ ڪنهن تو کي ڌڪ هنيو؟“ انهن ٻيون بہ ڪيتريون ئي گاريون ڏيئي کيس گھٽ وڌ پئي ڳالهايو. جڏهن ڏينهن ٿيو تہ سردار ڪاهنَ، نيم شاستري ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا ۽ يسوع کي انهن جي پئنچائت اڳيان پيش ڪيو ويو. انهن کانئس پڇيو تہ ”ٻڌاءِ، ڇا تون مسيح آهين؟“ هن جواب ۾ چين تہ ”جيڪڏهن آءٌ اوهان کي ٻڌايان تہ اوهين اعتبار ئي نہ ڪندا ۽ جيڪڏهن آءٌ اوهان کان سوال پڇان تہ اوهين جواب ئي نہ ڏيندا. پر هن کان پوءِ منش‌پتر سروِشڪتيوان ايشور جي ساڄي پاسي ويهندو.“ انهن سڀني چيو تہ ”پوءِ تون ايشور جو پٽ آهين ڇا؟“ هن جواب ۾ چين تہ ”اوهين پاڻ ئي چئو ٿا تہ آءٌ آهيان.“ تنهن تي انهن چيو تہ ”هاڻي اسان کي وڌيڪ ڪنهن بہ شاهديءَ جي ضرورت نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان پاڻ سندس واتان ٻڌو آهي.“ تڏهن يهودي پئنچائت وارا سڀيئي اُٿي کڙا ٿيا ۽ يسوع کي يهوديہ صوبي جي رومي گورنر پلاطس وٽ وٺي آيا. اتي هو مٿس تهمتون هڻي چوڻ لڳا تہ ”اسان ڏٺو آهي تہ هيءُ ماڻهو اسان جي قوم کي برغلائي ٿو، ماڻهن کي قيصر جي ٽيڪس ڏيڻ کان جھلي ٿو ۽ دعويٰ ٿو ڪري تہ ’آءٌ پاڻ مسيح، يعني مخصوص ڪيل راجا آهيان.‘“ تڏهن پلاطس هن کان پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو راجا آهين؟“ يسوع جواب ڏنس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ.“ تنهن تي پلاطس سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن کي چيو تہ ”هي مون کي ڪنهن بہ طرح ڏوهاري ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“ پر انهن تيئن زور ڏيندي چيو تہ ”سڄي يهوديہ ۾، بلڪ گليل کان وٺي هن جاءِ تائين هي ماڻهن کي باغي ڪندو رهيو آهي.“ جڏهن پلاطس اهو ٻڌو تڏهن پڇيائين تہ ”ڇا هي گليلي آهي؟“ جڏهن کيس خبر پيئي تہ هو گليل صوبي جي حڪمران هيروديس انتپاس جي حد جو آهي، تڏهن يسوع کي ان ڏانهن موڪليائين جيڪو پڻ انهن ڏينهن ۾ يروشلم ۾ هو. هيروديس جڏهن يسوع کي ڏٺو تہ ڏاڍو خوش ٿيو. گھڻي وقت کان هن جي اها تمنا هئي تہ يسوع کي ڏسي، ڇاڪاڻ تہ هن بابت گھڻو ڪجھہ ٻڌو هئائين ۽ چاهي پيو تہ هن کي ڪو چمتڪار ڪندي ڏسي. سو هو کانئس گھڻا ئي سوال پڇندو رهيو، پر يسوع کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو. سردار ڪاهنَ ۽ نيم شاستري جيڪي اتي بيٺا هئا، سي يسوع تي سختيءَ سان تهمتون هڻڻ لڳا. تڏهن هيروديس پنهنجي سپاهين سميت يسوع تي ٺٺوليون ڪري سندس اپمان ڪيو. پوءِ هن کي شاندار وڳو پهرائي واپس پلاطس ڏانهن موڪليائون. انهيءَ ئي ڏينهن پلاطس ۽ هيروديس دوست ٿي پيا، جيڪي اڳي پاڻ ۾ وڙهيل هئا. تڏهن پلاطس سردار ڪاهنن، يهودي پئنچائت جي ٻين اڳواڻن ۽ عام ماڻهن کي سڏائي گڏ ڪيو. کين چيائين تہ ”اوهين هن شخص تي جيڪا تهمت هڻي هِت مون وٽ وٺي آيا آهيو تہ هو قوم کي برغلائي ٿو، تنهن لاءِ مون اوهان جي اڳيان جاچي ڏٺو آهي تہ هو اهڙي ڪنهن بہ ڏوهہ جو ڏوهاري نہ آهي، جيئن اوهين چئو ٿا. ان کان علاوہ نہ ئي هيروديس کي هن ۾ ڪو ڏوهہ نظر آيو، ڇاڪاڻ تہ هن کيس اسان ڏانهن واپس موڪليو آهي. سو هن اهڙو ڪوبہ ڏوهہ نہ ڪيو آهي جو کيس موت جي سزا ڏني وڃي. تنهن تي سڀني وٺي رڙيون ڪيون تہ ”انهيءَ کي ماري ڇڏيو ۽ برابا کي اسان جي خاطر ڇڏي ڏيو.“ برابا نالي انهيءَ شخص کي يروشلم شهر ۾ ڪنهن فساد ۽ خون ڪرڻ سبب جيل ۾ وڌو هئائون. پلاطس جي مرضي هئي تہ يسوع کي ڇڏي ڏجي. سو هن وري بہ هڪ دفعو ميڙ کي چيو. پر هو گوڙ ۽ رڙيون ڪندي چوندا رهيا تہ ”سوليءَ تي چاڙهيوس، سوليءَ تي.“ تڏهن پلاطس ٽيون دفعو چين تہ ”ڇو؟ هن ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟ آءٌ هن کي موت جي سزا ڏيڻ لاءِ ڪوبہ سبب نہ ٿو ڏسان، تنهنڪري آءٌ کيس چهبڪ هڻائي ڇڏي ٿو ڏيان.“ پر اهي واڪا ڪري زور رکي چوندا رهيا تہ ”سوليءَ تي چاڙهيوس.“ ائين گوڙ ڪري اهي پنهنجي ڳالهہ مڃائي ويا. تنهن تي پلاطس فيصلو ڏنو تہ ”سندن وينتي قبول پوي.“ سو هن سندن مرضيءَ تي انهيءَ ماڻهوءَ کي ڇڏي ڏنو، جيڪو فساد ۽ خون ڪرڻ ڪري جيل ۾ پيو هو. پر يسوع کي انهن جي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ سپاهين جي حوالي ڪيائين. جيئن سپاهي يسوع کي وٺي پئي ويا تہ کين شمعون نالي هڪڙو ماڻهو مليو، جيڪو ڪريني شهر جو رهاڪو هو ۽ ٻهراڙيءَ کان شهر ڏانهن پئي آيو، تنهن کي پڪڙي سولي کڻي مٿانئس رکيائون تہ هو اها کڻي يسوع جي پٺيان هلي. يسوع جي پٺيان ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ هو. انهن ۾ ڪي ناريون بہ هيون جيڪي هن لاءِ روئنديون ۽ سينا پٽينديون پئي آيون. يسوع ڦري هنن کي چيو تہ ”اي يروشلم جون نياڻيون! منهنجي لاءِ نہ روئو، بلڪ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجن ٻچن لاءِ روئو، ڇاڪاڻ تہ اهي ڏينهن اچن پيا جڏهن ماڻهو چوندا تہ ’سڀاڳيون آهن اهي سنڍ ناريون جن ڪڏهن بہ ٻار نہ ڄڻيا آهن ۽ نہ ڪڏهن ٿڃ پيئاري اٿائون.‘ انهيءَ وقت ماڻهو پهاڙن کي چوندا تہ ’اسان مٿان ڪِري پئو‘ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ ’اسان کي پوري ڇڏيو،‘ ڇاڪاڻ تہ جيڪي سائي وڻ سان هيئن ٿا ڪن تہ سڪي وڻ سان ڇا ڇا نہ ڪندا؟“ ٻيا ٻہ ماڻهو جيڪي ڏوهاري هئا، تن کي بہ اهي يسوع سان گڏ مارڻ لاءِ وٺيو پئي ويا. جڏهن اهي يروشلم کان انهيءَ جاءِ تي پهتا جنهن کي ”کوپري“ سڏين ٿا، تڏهن انهن سپاهين يسوع ۽ ٻنهي ڏوهارين کي سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هنيا، هڪ سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي هو. يسوع چيو تہ ”اي پتا! هنن کي بخش، ڇاڪاڻ تہ هي نہ ٿا ڄاڻن تہ هو ڇا ڪري رهيا آهن.“ پوءِ اهي هن جا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائڻ لاءِ پُکا وجھڻ لڳا. ماڻهن بيٺي ڏٺو. تڏهن يهودين جي اڳواڻن مٿس ٺٺوليون ڪندي چيو تہ ”هون، ٻين کي ٿي بچايائين. جيڪڏهن هي ايشور جو مسيح ۽ سندس مخصوص ڪيل آهي تہ هاڻي پاڻ کي تہ بچائي.“ سپاهي بہ مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا ۽ وٽس ويجھو اچي سادي مئي آڇيندي کيس چوڻ لڳا تہ ”جيڪڏهن تون يهودين جو راجا آهين تہ پاڻ کي بچاءِ.“ هن جي مٿان هڪ تختي بہ لڳائي ويئي، جنهن تي لکيل هو تہ ”هي آهي يهودين جو راجا.“ جيڪي ڏوهاري يسوع سان گڏ سوليءَ تي ٽنگيل هئا، تن مان هڪڙي طعنو هڻندي چيس تہ ”تون مسيح نہ آهين ڇا؟ پوءِ پاڻ کي ۽ اسان کي بچاءِ.“ پر ٻئي انهيءَ کي ڇينڀي چيو تہ ”ڇا تو کي ايشور جو بہ خوف نہ آهي، جيتوڻيڪ تون بہ تہ ساڳي سزا پيو ڀوڳين؟ اسان کي جيڪا سزا ملي آهي سا حقي واجبي آهي، ڇو تہ اسين پنهنجو ڪيتو پيا لوڙيون، پر هن تہ ڪوبہ ڏوهہ نہ ڪيو آهي.“ پوءِ هن يسوع کي چيو تہ ”اي يسوع! جڏهن اوهين راجا ٿي اچو، تڏهن مون کي ياد ڪجو.“ يسوع ان کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ اڄ ئي تون مون سان گڏ سُرڳ ۾ هوندين.“ ۽ يسوع وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”اي پتا! آءٌ پنهنجي آتما تنهنجي هٿن ۾ ٿو سونپيان.“ بس، ايترو چئي دم ڏنائين. اهو ڏسي فوجي صوبيدار ايشور جي مهما ڪرڻ لڳو ۽ چيائين تہ ”بيشڪ هي هڪ نيڪ ماڻهو هو.“ جيڪي ماڻهو هن واقعي کي ڏسڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا هئا، سي هي ڏسي پنهنجا سينا پٽيندا گھرن ڏانهن موٽيا. جڏهن تہ گليل علائقي کان ساڻس گڏجي آيل ناريون ۽ ٻيا ماڻهو جيڪي سڀ يسوع کي ذاتي طرح ڄاڻين پيا تن پري کان بيٺي اهي ڳالهيون ٿيندي پئي ڏٺيون. هو پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ وينتي ڪري کانئس يسوع جو لاش گھريائين. پوءِ هن لاش هيٺ لهرايو ۽ اُچي ڪفن ۾ ويڙهي هڪ قبر ۾ رکيائين، جيڪا ٽڪر ۾ غار نموني کوٽيل هئي ۽ اڳ استعمال نہ ٿيل هئي. اهو جمعي جو ڏينهن، يعني يهودين جي تياريءَ جو ڏينهن هو ۽ سبت شروع ٿيڻ وارو هو. جيڪي ناريون گليل کان يسوع سان گڏجي آيون هيون، تن يوسف جو پيڇو ڪري اها قبر ڏٺي ۽ اهو بہ تہ يسوع جو لاش ڪيئن ان ۾ رکيو ويو آهي. پوءِ هو گھر واپس ويون ۽ لاش لاءِ سرهاڻيون ۽ عطر تيار ڪيائون. تڏهن هنن نيم جي حڪم موجب سبت جي ڏينهن آرام ڪيو. اهي ناريون آچر جي ڏينهن پرهہ ڦُٽيءَ جو سوير پنهنجيون تيار ڪيل اهي سرهاڻيون پاڻ سان کڻي قبر تي آيون. اتي پهچي ڏٺائون تہ پٿر جيڪو قبر جي منهن تي ڏنل هو، سو پاسي تي رڙهيو پيو آهي. وري جڏهن قبر ۾ اندر گھڙي ويون تہ ڏٺائون تہ پرڀو يسوع جو لاش تہ آهي ئي ڪونہ. اڃا انهيءَ حيرانيءَ ۾ ئي بيٺيون هيون تہ ڇا ڏسن تہ ٻہ ماڻهو تجليدار پوشاڪ ۾ وٽن بيٺا آهن. تنهن تي هو ڏاڍو ڊڄي ويون ۽ هڪدم هيٺ جھڪي پنهنجا منهن لڪايائون. تڏهن انهن ماڻهن چين تہ ”جيڪو جيوت آهي، تنهن کي اوهين مئلن ۾ ڇو ٿيون ڳوليو؟ هو هتي ڪونهي پر جيوت ٿي اٿيو آهي. ياد اٿوَ تہ جڏهن هو گليل ۾ هو تڏهن اوهان کي ڇا چيو هئائين تہ ’اهو ضروري آهي تہ منش‌پتر کي پاپين جي حوالي ڪيو وڃي ۽ سوليءَ تي چاڙهيو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي هو وري جيوت ٿي اُٿي.‘“ تڏهن نارين کي هن جا اهي لفظ ياد آيا. پوءِ هنن قبر کان موٽي اچي يارهن چيلن ۽ ٻين سڀني پوئلڳن کي اهي ڳالهيون ٻڌايون. جن نارين انهن سان اهي ڳالهيون ڪيون، سي هي هيون: مريم مگدليني، يوعانا، يعقوب جي ماتا مريم ۽ ٻيون جيڪي ساڻن گڏ هيون. پر سنتن انهن نارين جي ڳالهين کي اڻ‌ٿيڻيون سمجھي انهن تي يقين نہ ڪيو. تنهن هوندي بہ پطرس اٿيو ۽ وٺي قبر ڏانهن ڊوڙيو ۽ اندر ليئو پائي ڏٺائين تہ رڳو ڪفن پيو آهي. تڏهن جيڪو وهيو واپريو هو تنهن تي عجب کائيندي گھر موٽيو. انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي پوئلڳن منجھان ٻہ ڄڻا اِمائوس نالي ڳوٺ ڏانهن پئي ويا، جيڪو يروشلم کان اٽڪل يارهن ڪلوميٽر پري هو. اهي پاڻ ۾ گذريل واقعن بابت ڳالهيون ڪندا پئي ويا. هنن جيئن پاڻ ۾ ڳالهيون ٻولهيون ڪندي سوال جواب پئي ڪيا تہ يسوع پاڻ ويجھو اچي ساڻن گڏ هلڻ لڳو. پر انهن جي اکين مان يسوع کي سڃاڻڻ جي سگھہ کسي ويئي هئي. يسوع انهن کان پڇيو تہ ”اوهين پاڻ ۾ ڪهڙين ڳالهين تي بحث ڪندا پيا وڃو؟“ تنهن تي هو غمگين ٿي بيهي رهيا. انهن مان ڪلوپاس نالي شخص ورندي ڏنس تہ ”ڇا رڳو تون ئي اهڙو ماڻهو نہ آهين جنهن کي خبر ئي نہ آهي تہ اڄڪلهہ هِت يروشلم ۾ ڇا وهيو واپريو آهي؟“ تنهن تي هن پڇين تہ ”ڇا ٿيو آهي؟“ انهن وراڻيو تہ ”اُهي يسوع ناصريءَ جون ڳالهيون، جيڪو ايشور توڙي سڄي خلق اڳيان چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ ايشور جو سنديش ڏيندڙ شڪتيءَ وارو سنت هو. انهيءَ کي اسان جي سردار ڪاهنن ۽ ٻين يهودي اڳواڻن پڪڙايو تہ جيئن کيس موت جي سزا ڏيارين. ائين هنن کيس سوليءَ تي چاڙهائي ڇڏيو. اسان کي تہ اها اميد هئي تہ هن جي ئي هٿان بني اسرائيل کي آزادي ملندي. پر هاڻي تہ ان واقعي کي بہ اڄ ٽيون ڏينهن ٿيو آهي. اڄ تہ اسان جي ڪن نارين اسان کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو آهي. جڏهن اهي صبح جو سوير قبر تي ويون تہ قبر ۾ لاش نہ ڏٺائون. پوءِ اهي موٽي آيون ۽ اسان کي ٻڌايائون تہ انهن درشن ۾ دوتن کي بہ ڏٺو، جن کين ٻڌايو تہ يسوع جيوت آهي. تڏهن اسان جي ٽولي مان ڪي قبر تي ويا ۽ برابر ائين ئي ڏٺائون جيئن نارين چيو هو، پر يسوع هنن کي نظر نہ آيو.“ تڏهن يسوع انهن کي چيو تہ ”اي مُورکؤ! اوهين سنديش ڏيندڙ سنتن جي سڀني ڳالهين کي مڃڻ ۾ ڪيڏا نہ لاپرواهہ آهيو. ڇا مسيح لاءِ اهو ضروري نہ هو تہ هو هيئن تڪليفون سهي مري، تہ جيئن اچي پنهنجو شان وَ شوڪت ماڻي؟“ پوءِ يسوع انهن کي موسيٰ جي شاستر کان وٺي ايشور جو سنديش ڏيندڙ ٻين سڀني سنتن جي لکتن تائين، پوِتر شاستر جون اهي سڀ ڳالهيون سمجھايون جيڪي سندس بابت لکيل آهن. جنهن ڳوٺ ڏانهن هو ويا پئي، تنهن کي جڏهن ويجھا ٿيا تہ يسوع ائين هليو ڄڻ کيس اڃا اڳتي وڃڻو آهي. پر انهن کيس ترسڻ لاءِ ڏاڍو زور ڀريندي چيو تہ ”اسان سان رهي پئو، ڇو تہ سانجھي ٿيڻ واري آهي ۽ ڏينهن لڙي ويو آهي.“ تڏهن هو انهن سان رهڻ لاءِ گھر اندر ويو. پوءِ جڏهن هو انهن سان گڏ رسوئي کائڻ ويٺو تہ روٽي کڻي شڪر ڪيائين ۽ اها ڀڃي کين ڏنائين. اهو ڏسي سندن اکيون کُليون ۽ هنن يسوع کي سڃاڻي ورتو، پر هو انهن جي اکين اڳيان غائب ٿي ويو. اهي هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ڇا ائين نہ هو تہ جنهن مهل رستي تي هو اسان سان ڳالهائي پيو ۽ پوِتر شاستر سمجھائي پيو، تڏهن ڇا اسان جون دليون بيحد پرجوش نہ پئي ٿيون؟“ پوءِ تہ انهيءَ ئي گھڙيءَ هو اُٿي يروشلم ڏانهن روانا ٿيا. اتي پهچي هنن يارهن چيلن کي ٻين پوئلڳن سان گڏ ڏٺو. اهي پاڻ ۾ چون پيا تہ ”پرڀو سچ پچ جيوت ٿي اٿيو آهي ۽ هن شمعون کي درشن ڏنو آهي!“ تنهن تي هنن ٻنهي کين اهي سموريون ڳالهيون بيان ڪري ٻڌايون جيڪي رستي تي ٿي گذريون هيون ۽ اهو بہ تہ ڪيئن هنن پرڀوءَ کي روٽي ڀڃڻ مهل سڃاتو هو. هنن اڃا اهي ڳالهيون ئي پئي ڪيون تہ يسوع خود اچي وچ ۾ بيٺن ۽ چيائين تہ ”اوهان تي سلامتي هجي.“ تڏهن هو خوف ۽ هراس ۾ ڀرجي ويا ۽ سمجھيائون تہ ڪا آتما ٿا ڏسون. پر هن چين تہ ”ڇو پريشان ٿي ويا آهيو ۽ اوهان جي دلين ۾ ڇو وسوسا پيا جاڳن؟ منهنجي هٿن پيرن کي ڏسو تہ آءٌ اهو ساڳيو ئي آهيان. مون کي هٿ لائي جاچيو، ڇاڪاڻ تہ جهڙا هڏا ۽ ماس مون ۾ ٿا ڏسو، تهڙا آتما ۾ ڪونہ ٿيندا آهن.“ ائين چئي هن کين پنهنجا هٿ ۽ پير ڏيکاريا. جيئن تہ خوشيءَ وچان انهن کي اڃا بہ اعتبار نہ پئي آيو ۽ هو تعجب ۾ ڀريل رهيا، تنهنڪري يسوع چين تہ ”چڱو ڀلا، ڇا اوهان وٽ ڪا کائڻ جي شيءِ آهي؟“ تنهن تي هنن پڪل مڇيءَ جو ٻيرو آڻي ڏنس، جيڪو هن انهن جي سامهون ويهي کاڌو. پوءِ يسوع انهن کي چيو تہ ”اهي ئي ڳالهيون هيون جيڪي مون اوهان کي اڳ ۾ ٻڌايون هيون، جڏهن اڃا اوهان سان هئس، تہ مون بابت جيڪي بہ نيم شاستر، زبور توڙي سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي لکتن ۾ آهي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“ پوءِ پوِتر شاستر کي سمجھڻ لاءِ هنن جا ذهن اُجاگر ڪندي کين چيائين تہ ”پوِتر شاستر ۾ هيئن لکيل آهي تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ ٽئين ڏينهن تي مئلن مان جيوت ٿي اٿندو. پوءِ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين هن جي نالي سان پاپن جي معافيءَ لاءِ توبهہ جو پرچار ڪيو ويندو. اوهين پاڻ انهن ڳالهين جا شاهد آهيو. ڏسو، آءٌ اوهان تي پوِتر آتما پرگھٽ ڪرڻ وارو آهيان، جنهن جو منهنجي پتا وچن ڪيو آهي. پر جيستائين اوهان کي آڪاش مان انهيءَ جي شڪتي نہ ملي تيستائين شهر ۾ رهجو.“ پوءِ يسوع انهن کي يروشلم کان ٻاهر ڪڍي بيت‌عنياہ ڳوٺ جي ويجھو وٺي آيو، جتي پنهنجا هٿ کڻي انهن لاءِ آسيس گھريائين. جيئن ئي هو انهن لاءِ آسيس گھري رهيو هو تہ کانئن جدا ٿيندو ويو، تان جو آڪاش ڏانهن کڄي ويو. تڏهن هنن سندس اڳيان سيس نوايو ۽ خوشيءَ وچان گدگد ٿيندا يروشلم ڏانهن موٽي ويا. اتي هيڪل ۾ هو لڳاتار ايشور جا شڪرانا ادا ڪندا رهيا. سنسار جي شروعات کان اڳي ئي وچن موجود هو، وچن ايشور سان هو ۽ وچن ايشور هو. اهو ئي شروعات ۾ ايشور سان هو. سڀيئي شيون ان جي وسيلي پيدا ٿيون آهن ۽ جيڪا بہ شيءِ پيدا ٿي آهي، سا ان کان سواءِ نہ بڻائي ويئي آهي. وچن ۾ جيون هو ۽ اهو جيون انسانن لاءِ روشني هو. روشني اوندهہ ۾ چمڪي ٿي ۽ اوندهہ ڪڏهن بہ روشنيءَ تي حاوي نہ ٿي آهي. يوحنا نالي هڪڙو شخص آيو، جيڪو ايشور جي طرفان موڪليو ويو هو. اهو شاهد ٿي آيو تہ جيئن روشنيءَ بابت شاهدي ڏئي ۽ سڀيئي ماڻهو ان روشنيءَ تي وشواس آڻين. هو پاڻ تہ روشني نہ هو، پر روشنيءَ بابت شاهدي ڏيڻ لاءِ آيو هو. اها حقيقي روشني جيڪا هر هڪ انسان تي چمڪندي آهي سا پاڻ سنسار ۾ اچڻ واري هئي. جيتوڻيڪ وچن جي ئي وسيلي سنسار پيدا ڪيو ويو ۽ وچن سنسار ۾ هو تہ بہ سنسار هن کي نہ سڃاتو. هو پنهنجن وٽ آيو، پر پنهنجن کيس قبول نہ ڪيو. پر جن بہ کيس قبول ڪيو يعني مٿس وشواس آندو، تن کي اهو حق ڏنائين تہ هو ايشور جا ٻار ٿين. اهي رواجي طرح شرير جي خواهش يا انساني مرضيءَ سان ايشور جا ٻار نہ ٿيا، پر ايشور خود کين پنهنجو ٻار بڻايو. اهو وچن انساني روپ ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رهيو. اسان سندس جوت ڏٺي، جيڪا هن کي پتا جي هڪڙي ئي پٽ هئڻ ڪري ملي ۽ هو ڪرپا ۽ سچائيءَ سان ڀرپور هو. يوحنا هن بابت شاهدي ڏيندي وڏي واڪي چيو هو تہ ”هي اهو آهي، جنهن بابت مون چيو هو تہ ’جيڪو منهنجي پٺيان ٿو اچي سو مون کان وڏو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي موجود هو.‘“ هن جي انهيءَ ڀرپوريءَ مان اسان سڀني کي ڪرپا پٺيان ڪرپا ملي آهي. ايشور جو نيم موسيٰ جي معرفت مليو، جڏهن تہ ڪرپا ۽ سچائي يسوع مسيح جي معرفت ملي. ڪنهن بہ ماڻهوءَ ايشور کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي، پر سندس اڪيلي ئي پٽ، جيڪو ساڻس ويجھي ۾ ويجھو آهي، تنهن ئي کيس ظاهر ڪيو آهي. يوحنا جي شاهدي هن طرح آهي تہ جڏهن يروشلم جي يهودي اڳواڻن يوحنا ڏانهن ڪاهن ۽ لاوي موڪليا، جن اچي کانئس پڇيو تہ ”تون ڪير آهين؟“ تڏهن يوحنا جواب ڏيڻ کان انڪار نہ ڪيو، بلڪ کُليو کُلايو چئي ڏنائين تہ ”آءٌ مسيح نہ آهيان.“ انهن پڇيس تہ ”پوءِ تون ڪير آهين؟ ڇا تون سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ آهين؟“ يوحنا وراڻين تہ ”نہ، آءٌ ايلياہ نہ آهيان.“ انهن چيو تہ ”ڇا ڀلا تون ايشور جو سنديش ڏيندڙ اهو سنت آهين، جيڪو اچڻو آهي؟“ يوحنا وراڻين تہ ”نہ.“ تنهن تي انهن چيس تہ ”پوءِ ٻڌاءِ تہ تون ڪير آهين؟ اسان کي جواب وٺي انهن کي ٻڌائڻو آهي جن اسان کي موڪليو آهي. تون پاڻ بابت ڇا ٿو چوين؟“ تنهن تي يوحنا سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جا هي لفظ ورجايا تہ ”آءٌ اهو آواز آهيان، جيڪو رڻ‌پٽ ۾ پڪاري ٿو تہ ’پرميشور جي لاءِ واٽ سڌي ڪريو.‘“ جن کي موڪليو ويو هو تن مان ڪي فريسي بہ هئا. انهن يوحنا کان پڇيو تہ ”جيڪڏهن تون نہ مسيح آهين، نڪي ايلياہ آهين ۽ نہ وري اچڻ وارو اهو سنت آهين تہ پوءِ تون ڇو ٿو بپتسما ڏين؟“ يوحنا جواب ڏنو تہ ”آءٌ پاڻيءَ سان بپتسما ڏيان ٿو. پر اوهان منجھہ ڪو اهڙو آهي جنهن کي اوهين نہ ٿا سڃاڻو. هو مون کان پوءِ اچي رهيو آهي ۽ آءٌ تہ انهيءَ لائق بہ نہ آهيان جو سندس جتيءَ جون ڪهيون کوليان.“ اهي سڀ ڳالهيون انهيءَ بيت‌عنياہ ڳوٺ ۾ ٿيون جيڪو اردن درياءَ جي اوڀر طرف آهي، جتي يوحنا بپتسما ڏيئي رهيو هو. ٻئي ڏينهن تي يوحنا يسوع کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، هي ايشور جو گھيٽڙو آهي، جيڪو سنسار جا پاپ کڻي وڃي ٿو. هي اهو ئي آهي جنهن بابت مون چيو هو تہ منهنجي پٺيان هڪ اهڙو شخص ٿو اچي جيڪو مون کان وڏو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي موجود هو. مون بہ اڳ ۾ کيس نہ ٿي سڃاتو. آءٌ پاڻيءَ سان بپتسما انهيءَ لاءِ ڏيندو آيس، تہ جيئن هو بني اسرائيل جي اڳيان ظاهر ٿئي.“ يوحنا شاهدي ڏيندي چيو تہ ”مون پوِتر آتما کي ڪبوتر وانگر آڪاش مان لهندي ۽ مٿس ويهندي ڏٺو آهي. آءٌ تہ کيس سڃاڻي بہ ڪونہ سگھان ها، پر ايشور جنهن مون کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيڻ لاءِ موڪليو آهي تنهن مون کي اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو هو تہ ’تون جنهن ماڻهوءَ تي پوِتر آتما کي لهندو ۽ ويهندو ڏسين، سو ئي اٿيئي جيڪو ماڻهن کي پوِتر آتما سان بپتسما ڏيندو.‘ هائو، آءٌ اهو سڀ ڪجھہ ڏسي هاڻي شاهدي ٿو ڏيان تہ هي ئي ايشور جو پٽ آهي.“ ٻئي ڏينهن تي يوحنا پنهنجي ٻن چيلن سان گڏ وري اتي بيٺو هو تہ هن يسوع کي لنگھندي ڏٺو. تڏهن يسوع ڏانهن نهاري چيائين تہ ”ڏسو، اهو اٿوَ ايشور جو گھيٽڙو.“ اها ڳالهہ ٻڌي ٻنهي چيلن يسوع جي پٺيان هلڻ شروع ڪيو. يسوع ڦري انهن کي پنهنجي پويان ايندي ڏسي چيو تہ ”اوهين ڪهڙي ڳولا ۾ آهيو؟“ تنهن تي انهن جواب ڏنو تہ ” اي ربي (يعني گرو)! اوهين ڪٿي رهو ٿا؟“ يسوع جواب ڏنو تہ ”هلي ڏسو.“ اهو اٽڪل چئين بجي جو وقت هو جڏهن اهي ساڻس گڏ هليا ۽ اها جاءِ ڏٺائون جتي هو ترسيل هو. پوءِ هنن اهو ڏينهن ساڻس گڏ گذاريو. جن ٻن ڄڻن يوحنا جي ڳالهہ ٻڌي هئي ۽ يسوع جي پٺيان هلڻ لڳا هئا، تن ۾ هڪڙو شمعون پطرس جو ڀاءُ اندرياس هو. جلد ئي اندرياس پنهنجي ڀاءُ شمعون کي ڳولي لڌو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”اسان مسيح کي ڏٺو آهي.“ (مسيح جي معنيٰ ”مسح ڪري مخصوص ڪيل“ آهي). پوءِ هو شمعون کي يسوع وٽ وٺي آيو. يسوع هن ڏانهن نهاري چيو تہ ”تون يوحنا جو پٽ شمعون آهين، تون ڪيفا (يعني پطرس) جي نالي سان سڏبين.“ ٻئي ڏينهن تي يسوع گليل علائقي ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. اتي پهچي هو فلپس سان مليو ۽ کيس چيائين تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ فلپس بيت‌صيدا شهر جو ويٺل هو، جتي اندرياس ۽ پطرس بہ رهندا هئا. فلپس نٿن‌ايل سان وڃي مليو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”جنهن بابت موسيٰ پنهنجي شاستر ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن پڻ لکيو آهي، سو اسان کي ملي ويو آهي. اهو يوسف جو پٽ يسوع آهي، جيڪو ناصرت ڳوٺ جو آهي.“ نٿن‌ايل هن کي چيو تہ ”ناصرت مان بہ ڪا چڱي شيءِ نڪري سگھي ٿي ڇا؟“ تنهن تي فلپس چيس تہ ”ڀلا هلي ڏس.“ جڏهن يسوع نٿن‌ايل کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو، تڏهن سندس بابت چيائين تہ ”ڏسو، هي بني اسرائيل جو سچو ماڻهو اٿوَ. هن ۾ ڪابہ ڏنگائي ڪانہ آهي.“ تڏهن نٿن‌ايل کانئس پڇيو تہ ”اوهين مون کي ڪيئن ٿا سڃاڻو؟“ يسوع وراڻيس تہ ”فلپس جي تو کي سڏي اچڻ کان اڳ ۾ مون تو کي انجير جي وڻ هيٺان ڏٺو هو.“ تنهن تي نٿن‌ايل چيو تہ ”اي گرو! اوهين تہ ايشور جا پٽ آهيو. اوهين بني اسرائيل جا راجا آهيو.“ يسوع چيس تہ ”ڇا تون انهيءَ ڪري وشواس ٿو آڻين جو مون تو کي ٻڌايو تہ تو کي انجير جي وڻ هيٺ ڏٺو هئم؟ پر تون هن کان بہ وڏيون ڳالهيون ڏسندين.“ پوءِ يسوع وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين آڪاش کلندو ڏسندا ۽ ايشور جي دوتن کي منش‌پتر تي پرگھٽ ٿيندو ۽ مٿي ويندو ڏسندا.“ ٽئين ڏينهن تي گليل جي ڳوٺ قانا ۾ ڪا شادي هئي ۽ يسوع جي ماتا بہ اتي آيل هئي. يسوع ۽ سندس چيلا بہ انهيءَ شاديءَ جي دعوت ۾ موجود هئا. دعوت ۾ جڏهن مئي ختم ٿي ويئي تہ يسوع جي ماتا کيس چيو تہ ”هنن وٽ تہ مهمانن لاءِ مئي کُٽي ويئي آهي.“ تنهن تي يسوع کيس چيو تہ ”ماتا! تنهنجي انهيءَ ڳالهہ جو مون سان ڪهڙو واسطو؟ منهنجي گھڙي اڃا ڪانہ آئي آهي.“ تنهن تي يسوع جي ماتا نوڪرن کي چيو تہ ”جيئن هو چوي تيئن ڪريو.“ اتي يهودين جي پوِترتائيءَ جي رسم لاءِ پٿر جا ڇهہ مٽ رکيل هئا. هر هڪ مٽ ۾ اٽڪل هڪ سؤ ليٽر ماپي سگھيا ٿي. يسوع نوڪرن کي چيو تہ ”هي مٽ پاڻيءَ سان ڀري ڇڏيو.“ سو هنن اهي مٽ ڀري ٽمٽار ڪري ڇڏيا. پوءِ هن کين چيو تہ ”هاڻي انهن مان ڪجھہ ڪڍي شاديءَ جي مُک سيواداريءَ وٽ کڻي وڃو.“ سو هو اهو کڻي ويا. مُک سيواداريءَ اهو پاڻي چکيو، جيڪو هاڻي مئي ٿي پيو هو. نوڪرن، جن پاڻي ڪڍيو هو تن کي سڌ هئي تہ هيءَ مئي ڪٿان آئي آهي، پر مُک سيواداريءَ کي سڌ ڪانہ هئي. سو هن گھوٽ کي گھرايو ۽ کيس چيائين تہ ”سڀڪو ماڻهو پهريائين سٺي مئي پيش ڪندو آهي ۽ جڏهن ماڻهو پي ڍءُ ڪندا آهن، تہ پوءِ سادي مئي پيش ڪندو آهي. پر تو وري سٺي مئي هن مهل تائين بچائي رکي آهي.“ هي يسوع جو پهريون چمتڪار هو، جيڪو هن گليل جي ڳوٺ قانا ۾ نشانيءَ طور ڏيکاري پنهنجي مهانتا ظاهر ڪئي. اهو ڏسي سندس چيلن مٿس وشواس آندو. تنهن کان پوءِ يسوع، سندس ماتا، ڀائر ۽ سندس چيلا ڪفرناحوم شهر ڏانهن ويا، جتي هو ڪجھہ ڏينهن رهيا. يهودين جي فصح جو تهوار ويجھو هو تہ يسوع يروشلم ڏانهن ويو. اتي هن وڃي ڏٺو تہ ماڻهو ٻليدان ڪرڻ لاءِ هيڪل جي اڱڻ ۾ ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون ۽ ڪبوتر وڪڻي رهيا آهن. ان کان علاوہ پئسا مَٽائي هيڪل جا سڪا ڏيڻ وارا بہ پنهنجا صندل رکيو ويٺا آهن. اهو ڏسي هن نوڙين جو چهبڪ ٺاهي انهن سڀني کي سندن رڍن ۽ ڍڳن سميت هيڪل جي اڱڻ مان تڙي ڪڍي ڇڏيو ۽ پئسا مَٽائڻ وارن جا پئسا اڇلائي سندن صندل اونڌا ڪري ڇڏيائين. ڪبوتر وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ ”اهي هتان کڻي وڃو. منهنجي پتا جي گھر کي بازار نہ بڻايو.“ تڏهن سندس چيلن کي پوِتر شاستر جي اها لکت ياد آئي تہ ”اي ايشور! تنهنجي گھر لاءِ منهنجي غيرت مون کي جلائيندي.“ تڏهن يهودي اڳواڻن کيس چيو تہ ”تو کي ڪهڙو حق آهي جو تون ائين ڪرين ٿو؟ ثابتيءَ لاءِ ايشور طرفان ڪا نشاني ڏيکار.“ يسوع وراڻين تہ ”اوهين هن هيڪل کي ڊاهيو تہ آءٌ اها ٽن ڏينهن ۾ وري ٺاهيندس.“ تنهن تي انهن اڳواڻن چيس تہ ”هن هيڪل کي ٺهڻ ۾ ڇائيتاليهہ سال لڳا آهن. تون وري اها ٽن ڏينهن ۾ ٺاهيندين؟“ پر يسوع جنهن هيڪل بابت ڳالهہ ٿي ڪئي تنهن مان مراد سندس پنهنجو شرير هو. تنهنڪري جڏهن هو مئلن مان جيوت ٿي اٿيو، تڏهن سندس چيلن کي ياد آيو تہ هن ڇا چيو هو. سو هنن کي پوِتر شاستر جي لکت ۽ يسوع جي چيل انهيءَ ڳالهہ تي يقين ٿي ويو. فصح جي تهوار جي موقعي تي جڏهن يسوع يروشلم ۾ هو، تڏهن سندس چمتڪارَ ڏسي ڪيترن ئي ماڻهن مٿس وشواس آندو. پر يسوع انهن تي اعتبار نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هن سڀني کي ڄاتو پئي. هن کي ڪابہ ضرورت ڪانہ هئي تہ ڪو ماڻهو ڪنهن بابت کيس ٻڌائي، ڇاڪاڻ تہ هن پاڻ ئي ٿي ڄاتو تہ انسان جي دل ۾ ڇا ڇا آهي. نيڪديمس نالي هڪڙو فريسي هو، جيڪو يهودين جي ڌرمي اڳواڻن مان هڪ هو. هڪ رات هو يسوع وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”سوامي! اسين ڄاڻون ٿا تہ اوهين ايشور جي طرفان گرو ٿي آيا آهيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي چمتڪار اوهين ڪريو ٿا سي جيڪر ڪوبہ نہ ڪري سگھي، جيستائين ايشور ساڻس نہ هجي.“ تنهن تي يسوع وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ماڻهو نئين سر پيدا نہ ٿيندو، تيستائين ايشور جو راڄ ڏسي نہ سگھندو.“ نيڪديمس چيس تہ ”ڪو ماڻهو وري ٻيهر ڪيئن پيدا ٿي سگھندو؟ اهو بلڪل ناممڪن آهي جو هو ٻيهر ماتا جي پيٽ ۾ وڃي ۽ وري پيدا ٿئي.“ تنهن تي يسوع وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ماڻهو پاڻيءَ ۽ پوِتر آتما مان پيدا نہ ٿيندو، تيستائين اهو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿي نہ سگھندو. انسان شرير جي لحاظ کان پنهنجي ماتا پتا مان پيدا ٿيندو آهي، پر آتمڪ لحاظ کان پوِتر آتما مان پيدا ٿئي ٿو. تون انهيءَ ڪري عجب نہ کاءُ جو مون تو کي چيو تہ اوهان سڀني کي نئين سر پيدا ٿيڻ گھرجي. جهڙيءَ طرح هوا کي جيڏانهن وڻي ٿو تيڏانهن گھُلي ٿي ۽ سندس آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، پر سڌ نہ ٿي پوي تہ ڪٿان ٿي اچي ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃي، تهڙيءَ طرح جيڪو پوِتر آتما مان پيدا ٿيو آهي سو بہ ائين ئي آهي.“ تنهن تي نيڪديمس پڇيس تہ ”اهو ڪيئن ٿي سگھندو؟“ يسوع وراڻيس تہ ”تون تہ بني اسرائيل جو وڏو گرو آهين ۽ تو کي ايتري بہ ڄاڻ نہ آهي؟ آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي اسين ڄاڻون ٿا، سو ڳالهايون ٿا ۽ جيڪي اسان ڏٺو آهي، تنهن جي شاهدي ڏيون ٿا. پر اوهان مان ڪوبہ اهڙو نہ آهي جيڪو اسان جي شاهدي قبول ڪري. آءٌ اوهان کي هن سنسار جون ڳالهيون ٿو ٻڌايان، پر اوهين يقين نہ ٿا ڪريو. پوءِ اوهين ڪيئن يقين ڪندا جڏهن آءٌ اوهان کي آڪاش جون ڳالهيون ٻڌائيندس؟ ڪوبہ آڪاش ڏانهن مٿي چڙهي نہ ويو آهي. رڳو هڪڙو ئي آهي جيڪو آڪاش مان آيو آهي، يعني منش‌پتر. جيئن موسيٰ رڻ‌پٽ ۾ پتل جي نانگ کي مٿي چاڙهيو، تيئن منش‌پتر بہ ضرور مٿي چاڙهيو ويندو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي تنهن کي امر جيون ملي.“ ڏسو، ايشور سنسار سان ايترو تہ پيار ڪيو جو هن پنهنجو هڪڙو ئي پٽ ڏنو تہ جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس امر جيون ملي. ايشور پنهنجو پٽ سنسار ۾ انهيءَ لاءِ نہ موڪليو تہ هو سنسار کي پاپي قرار ڏئي، پر انهيءَ لاءِ موڪليائين تہ هن جي ئي وسيلي سنسار کي مڪتي ملي. جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي ٿو تنهن کي پاپي قرار نہ ڏنو ويندو، پر جيڪو وشواس نہ ٿو آڻي تنهن لاءِ پاپي هئڻ جو فيصلو اڳي ئي جاري ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ هن ايشور جي اڪيلي پٽ تي وشواس نہ آندو. انهيءَ فيصلي جو سبب هي آهي تہ روشني سنسار ۾ آئي پر ماڻهن روشنيءَ کان وڌيڪ اونداهيءَ کي پسند ڪيو، ڇاڪاڻ تہ سندن ڪم بڇڙا هئا. جيڪو بہ بڇڙا ڪم ڪري ٿو سو روشنيءَ کان نفرت ڪري ٿو ۽ روشنيءَ ڏانهن نہ ٿو اچي، متان سندس بڇڙا ڪم روشنيءَ ۾ پڌرا ٿي پون. پر جيڪو سچ تي هلي ٿو سو روشنيءَ ڏانهن اچي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ سندس ڪم ظاهر ٿين، جيڪي هن ايشور جي مرضيءَ موجب ڪيا آهن. ان کان پوءِ يسوع پنهنجي چيلن سميت يهوديہ جي ٻئي علائقي ۾ آيو، جتي هو ساڻن گڏ رهيو ۽ ماڻهن کي بپتسما ڏيڻ لڳو. هوڏانهن يوحنا بہ شاليم جي ويجھو عينون ۾ بپتسما ڏيئي رهيو هو، ڇاڪاڻ تہ اتي پاڻي گھڻو هو. ماڻهو وٽس آيا پئي ۽ هن کين بپتسما پئي ڏني. ان وقت تائين يوحنا کي جيل ۾ نہ وڌو ويو هو. يوحنا جي ڪن چيلن جو هڪ يهودي اڳواڻ سان پوِترتائيءَ جي رسمن بابت بحث ٿيو. سو اهي يوحنا وٽ آيا ۽ کيس چيائون تہ ”اي گرو! جيڪو ماڻهو اردن درياءَ جي هُن ڀر اوهان سان گڏ هو ۽ جنهن بابت اوهان شاهدي ڏني هئي، سو هاڻي ماڻهن کي بپتسما ڏيئي رهيو آهي ۽ هر ڪو انهيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي.“ تنهن تي يوحنا جواب ڏنو تہ ”ڪوبہ ماڻهو تيستائين ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿو ڪري سگھي، جيستائين کيس ايشور وٽان نہ ڏنو وڃي. اوهين خود شاهدي ڏيئي سگھو ٿا تہ مون چيو هو تہ ’آءٌ مسيح نہ آهيان، پر آءٌ انهيءَ کان اڳ موڪليل آهيان.‘ گھوٽ اهو آهي جنهن جي ڪنوار آهي. پر گھوٽ جو دوست جيڪو سندس بيٺو ٻُڌي ٿو، سو انهيءَ تي ئي ڏاڍو خوش ٿو ٿئي. آءٌ انهيءَ گھوٽ جو دوست آهيان ۽ هاڻي منهنجي خوشي پوري ٿي آهي. اهو ضروري آهي تہ هو وڌي ۽ آءٌ گھٽجان.“ جيڪو مٿان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاهون آهي. جيڪو سنسار سان واسطو رکي ٿو سو سنسار جو آهي ۽ سنسار جون ئي ڳالهيون ڪري ٿو. بيشڪ جيڪو ايشور وٽان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاهون آهي. هن پاڻ جيڪي ڪجھہ اتي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، تنهن جي ئي شاهدي ڏئي ٿو، پر سندس شاهدي ڪوبہ قبول نہ ٿو ڪري. جڏهن تہ جنهن بہ ماڻهوءَ اها شاهدي قبول ڪئي، تنهن اها تصديق ڪئي تہ ايشور سچو آهي. بيشڪ جنهن کي ايشور موڪليو آهي سو ايشور جون ڳالهيون ٻڌائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ ايشور کيس پنهنجي آتما بي‌حساب بخشي ٿو. پتا پٽ سان پيار ڪري ٿو ۽ کيس سڀڪا اختياري ڏيئي ڇڏي اٿس. جيڪو بہ پٽ تي وشواس آڻي ٿو، تنهن کي امر جيون مليل آهي. پر جيڪو پٽ کي قبول نہ ٿو ڪري، تنهن کي اهو جيون ڪڏهن بہ نہ ملندو، اٽلندو ايشور جو ڏمر مٿس رهي ٿو. يسوع کي خبر پيئي تہ فريسين ٻڌو آهي تہ يسوع يوحنا کان وڌيڪ چيلا ڪري رهيو آهي ۽ بپتسما ڏيئي رهيو آهي. جڏهن تہ حقيقت ۾ يسوع پاڻ ڪنهن کي بہ بپتسما نہ ٿي ڏني، پر سندس چيلا ڏيئي رهيا هئا. انهيءَ ڳالهہ جي ڪري يسوع يهوديہ کي ڇڏي موٽي گليل علائقي ڏانهن روانو ٿيو. رستي ۾ کيس سامريہ جي علائقي وٽان لنگھڻو هو. اتي هو سامريہ جي سوخار نالي هڪڙي شهر جي ويجھو اچي پهتو، جيڪو انهيءَ ٻنيءَ جي ڀر ۾ هو جيڪا يعقوب پنهنجي پٽ يوسف کي ڏني هئي. انهيءَ ٻنيءَ ۾ يعقوب جو کوهہ هو. يسوع مسافريءَ جي ڪري ٿڪجي پيو هو، سو کوهہ جي ڀرسان ويهي رهيو. اهو اٽڪل منجھند جو وقت هو. تنهن تي انهيءَ ناريءَ کيس وراڻيو تہ ”تون يهودي ٿي ڪري مون سامري ناريءَ کان ڪيئن ٿو پيئڻ لاءِ پاڻي گھرين؟“ هن ائين انهيءَ لاءِ چيو جو يهودي ماڻهو اهي ٿانوَ بہ ڪم نہ آڻيندا هئا، جيڪي سامري استعمال ڪندا هئا. يسوع کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن تو کي ايشور جي بخشش جي سڌ هجي ها ۽ ڄاڻين ها تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آهي، تہ تون جيڪر هن کان پاڻي گھرين ها ۽ هو تو کي جيون جو پاڻي ڏئي ها.“ ناريءَ کيس چيو تہ ”سوامي! اوهان وٽ تہ ڪو ڏول ڪونهي ۽ کوهہ بہ اونهو آهي. پوءِ اوهين جيون جو پاڻي ڪٿان آڻيندا؟ ڇا اوهين اسان جي ڏاڏي يعقوب کان بہ وڏا آهيو، جنهن هي کوهہ اسان کي ڏنو هو؟ هِن مان هو پاڻ، سندس پٽ ۽ سندس مال سڀيئي پاڻي پيئندا هئا.“ يسوع وراڻيو تہ ”جيڪو هي پاڻي پيئي ٿو تنهن کي وري اڃ لڳي ٿي. پر جيڪو پاڻي آءٌ ڏيندس سو جيڪڏهن ڪو پيئندو تہ ان کي وري اڃ نہ لڳندي. جيڪو پاڻي آءٌ کيس ڏيندس سو ان ۾ هڪ چشمو ٿي پوندو، جنهن مان جيون جو پاڻي نڪرندو رهندو. اهو کيس امر جيون ڏيندو.“ تنهن تي انهيءَ ناريءَ چيو تہ ”اي سوامي! پوءِ مون کي اهو پاڻي ڏيو تہ جيئن مون کي وري اڃ نہ لڳي ۽ نہ وري هيترو پنڌ ڪري هتي پاڻي ڀرڻ اچان.“ تڏهن يسوع چيس تہ ”وڃ ۽ پنهنجي پتيءَ کي وٺي اچ.“ پر ناريءَ وراڻيس تہ ”مون کي تہ پتي آهي ئي ڪونہ.“ يسوع چيس تہ ”تو سچ چيو تہ تو کي پتي ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ تون پنج پتي ڪري چڪي آهين ۽ هاڻي جنهن شخص وٽ تون رهين ٿي، سو تنهنجو پتي نہ آهي.“ تنهن تي ناريءَ کيس چيو تہ ”سوامي! آءٌ سمجھان ٿي تہ اوهين ايشور جو سنديش ڏيندڙ ڪي سنت آهيو. اسان جا وڏا تہ هن سامهون واري جبل تي ڀڳتي ڪندا هئا، پر اوهين يهودي چئو ٿا تہ ’جنهن جاءِ تي ڀڳتي ڪرڻ گھرجي سا يروشلم ۾ آهي.‘“ يسوع چيس تہ ”اي مائي! مون تي اعتبار ڪرين تہ اها گھڙي اچي رهي آهي جڏهن اوهين پتا جي ڀڳتي نہ هن جبل تي، نڪي يروشلم ۾ ڪندا. اوهين سامري انهيءَ جي ڀڳتي ڪريو ٿا جنهن کي اوهين نہ ٿا ڄاڻو. جڏهن تہ اسين يهودي انهيءَ جي ڀڳتي ڪريون ٿا جنهن کي اسين ڄاڻون ٿا، ڇاڪاڻ تہ يهودين منجھان ئي مڪتي آهي. پر اها گھڙي اچي رهي آهي، بلڪ هاڻي اچي پهتي آهي، جڏهن سچا ڀڳتي ڪندڙ پوِتر آتما ۽ سچ جي پيروي ڪندي پتا جي ڀڳتي ڪندا. هائو، پتا بہ چاهي ٿو تہ اهڙا ڀڳتي ڪندڙ هجن. ايشور آتما آهي، سو اهو ضروري آهي تہ ڀڳتي ڪندڙ پوِتر آتما ۽ سچ جي پيروي ڪندي سندس ڀڳتي ڪن.“ پوءِ ناريءَ يسوع کي چيو تہ ”مون کي سڌ آهي تہ مسيح اچڻو آهي. سو جڏهن اهو ايندو تڏهن اسان کي سڀ ڳالهيون ٻڌائيندو.“ تنهن تي يسوع چيس تہ ”اهو تہ آءٌ آهيان، جيڪو تو سان ويٺو ڳالهايان.“ ايتري ۾ يسوع جا چيلا موٽي آيا ۽ اهو ڏسي عجب ۾ پئجي ويا تہ هو ناري ذات سان ويٺو ڳالهائي. پر انهن مان ڪنهن بہ انهيءَ ناريءَ کان نہ پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“ ۽ نہ يسوع کان پڇيائون تہ ”اوهين هن سان ڇو ٿا ڳالهايو؟“ پوءِ اها ناري پنهنجو دلو اتي ڇڏي شهر ڏانهن موٽي ويئي ۽ ماڻهن کي چيائين تہ ”هلو ۽ هڪ شخص تہ ڏسو، جنهن اهو سڀ ڪجھہ ٻڌايو جيڪي مون ڪيو آهي. ڇا اهو مسيح تہ نہ آهي؟“ تنهن تي اهي شهر مان نڪري يسوع وٽ آيا. هوڏانهن يسوع جي چيلن کيس وينتي ڪئي تہ ”اي گرو! ڪجھہ کائو.“ پر هن کين چيو تہ ”مون وٽ کائڻ لاءِ اهڙو کاڌو آهي، جنهن جي اوهان کي ڪابہ سڌ نہ آهي.“ تنهن تي سندس چيلا هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هن لاءِ ڪنهن کاڌو آندو آهي؟“ يسوع کين چيو تہ ”منهنجو کاڌو اهو آهي تہ آءٌ پنهنجي موڪلڻ واري جي مرضيءَ تي هلندي سندس سونپيل ڪم پورو ڪريان. ڇا اوهان ۾ چوڻي نہ آهي تہ ’فصل اڃا ناهي تيار، لاباري ۾ لڳندا مهينا چار‘؟ پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اکيون کوليو ۽ پوکن ڏانهن نهاريو جو اهي لاباري لاءِ هاڻي بلڪل تيار آهن. ايستائين جو جيڪو لابارو ڪري ٿو تنهن کي مزدوري ملندي ٿي وڃي ۽ ماڻهن جي امر جيون لاءِ فصل گڏ ڪندو ٿو وڃي، تہ جيئن پوکيندڙ ۽ لڻندڙ ٻئي گڏجي خوشي ملهائين. ان تي هيءَ چوڻي ٺهڪي اچي ٿي تہ ’پوکي هڪڙو ٿو ۽ لڻي ٻيو ٿو.‘ مون اوهان کي موڪليو تہ ان فصل جو لابارو ڪندا رهو جيڪو اوهان نہ پر ٻين محنت ڪري پوکيو آهي ۽ اوهين انهن جي ڪم مان فائدو وٺو ٿا.“ انهيءَ شهر جي گھڻن ئي سامرين ان ناريءَ جي شاهديءَ جي ڪري يسوع تي وشواس آندو، جنهن ۾ هن چيو پئي تہ ”جيڪي ڪجھہ مون ڪيو آهي سو سڀ هن مون کي ٻڌايو آهي.“ سو اهي سامري يسوع وٽ آيا ۽ کيس وينتي ڪيائون تہ ”اسان وٽ هلي مهمان ٿيو.“ تڏهن يسوع ٻہ ڏينهن اتي رهيو. سندس ڳالهين جي ڪري ٻين بہ گھڻن ئي مٿس وشواس آندو. پوءِ اهي ان ناريءَ کي چوڻ لڳا تہ ”هاڻي اسين رڳو تنهنجي چوڻ تي مٿس وشواس نہ ٿا آڻيون، پر اسان پاڻ کيس ٻڌو آهي ۽ ڄاڻون ٿا تہ حقيقت ۾ هيءُ ئي سنسار جو مڪتي ڏيندڙ آهي.“ انهن ٻن ڏينهن کان پوءِ يسوع اتان روانو ٿي گليل علائقي ڏانهن هليو ويو. ياد رهي تہ يسوع پاڻ اڳي چيو هو تہ ”ايشور جو سنديش ڏيندڙ ڪنهن بہ سنت کي پنهنجي ديس ۾ مانُ نہ ٿو ملي.“ هاڻ جڏهن هو گليل ۾ پهتو تہ اتي جي ماڻهن سندس آڌرڀاءُ ڪيو. پر اهو انهيءَ ڪري جو هنن اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو هو جيڪو يسوع يروشلم ۾ فصح جي تهوار جي موقعي تي ڪيو هو، جڏهن هو بہ تهوار ملهائڻ ويا هئا. يسوع وري گليل جي ڳوٺ قانا ۾ آيو، جتي هن پاڻيءَ کي مئي بڻايو هو. ڪفرناحوم شهر ۾ هڪ عملدار هو جنهن جو پٽ بيمار هو. هن جڏهن ٻڌو تہ يسوع يهوديہ کان گليل ۾ آيو آهي، تڏهن هو يسوع وٽ آيو ۽ وينتي ڪيائينس تہ ”مهرباني ڪري هلي منهنجي پٽ کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هو مرڻ تي آهي.“ تنهن تي يسوع کيس چيو تہ ”اوهين ماڻهو تيستائين وشواس نہ آڻيندا، جيستائين چمتڪار ۽ ڪرامتون نہ ڏسندا.“ عملدار وراڻيس تہ ”سوامي! مون سان هلو، متان منهنجو ٻچڙو مري نہ وڃي.“ يسوع کيس چيو تہ ”وڃ، تنهنجو پٽ نہ مرندو.“ جيئن يسوع چيس تيئن هن بہ يقين ڪيو ۽ گھر ڏانهن روانو ٿيو. عملدار اڃا گھر ڏانهن وڃي رهيو هو تہ سندس نوڪر کيس رستي تي گڏيا ۽ ٻڌايائونس تہ ”تنهنجو پٽ خوش ٿي ويو آهي.“ تنهن تي هن نوڪرن کان پڇيو تہ ”اها ڪهڙي مهل هئي جڏهن منهنجو پٽ چڱو ڀلو ٿيڻ لڳو؟“ انهن وراڻيس تہ ”ڪالهہ منجھند جو هڪ بجي کيس بخار ڇڏي ويو.“ تنهن تي ٻار جي پتا کي ياد آيو تہ برابر اهو ئي وقت هو جڏهن يسوع کيس چيو هو تہ ”تنهنجو پٽ نہ مرندو.“ سو انهيءَ عملدار ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين يسوع تي وشواس آندو. هي ٻيو چمتڪار هو، جيڪو يسوع ٻيهر يهوديہ کان گليل اچي ڏيکاريو هو. ڪجھہ وقت کان پوءِ يهودين جي هڪڙي تهوار تي يسوع يروشلم ڏانهن ويو. يروشلم ۾ رڍن واري دروازي وٽ هڪ تلاءُ آهي، جنهن کي عبراني ٻوليءَ ۾ بيت‌حسدا ڪري سڏبو آهي ۽ انهيءَ کي پنج ورانڊا آهن. اتي هڪڙو اهڙو ماڻهو هو، جيڪو اٺٽيهن سالن کان مرض ۾ ورتل هو. جڏهن يسوع کيس اتي پيل ڏٺو ۽ خبر پيس تہ هو گھڻي وقت کان وٺي اهڙي حال ۾ آهي، تڏهن چيائينس تہ ”ڇا تنهنجي مرضي آهي تہ تون ڇٽي چڱو ڀلو ٿئين؟“ تنهن تي انهيءَ مرض ورتل وراڻيو تہ ”سائين! جنهن مهل پاڻي اڇل ٿو کائي، تنهن مهل اهڙو ماڻهو ڪونہ هوندو آهي جيڪو مون کي کڻي هن تلاءَ ۾ وجھي. سو جيستائين آءٌ پاڻ پهچان تيستائين مون کان اڳي ڪو ٻيو پاڻيءَ ۾ گھڙي پوندو آهي.“ يسوع چيس تہ ”اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر.“ تڏهن هڪدم اهو ماڻهو ڇٽي چڱو ڀلو ٿي پيو ۽ پنهنجو کٽولو کنيائين ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳو. اهو سبت جو ڏينهن هو. تنهنڪري جيڪو ماڻهو ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن کي يهودي اڳواڻ چوڻ لڳا تہ ”اڄ سبت آهي، سو تو کي کٽولو کڻڻ جائز نہ آهي.“ تنهن تي انهيءَ ماڻهوءَ جواب ڏنن تہ ”جنهن ماڻهوءَ مون کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي، تنهن ئي تہ مون کي چيو تہ ’پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر.‘“ تڏهن انهن کانئس پڇيو تہ ”اهو ماڻهو ڪير آهي، جنهن تو کي چيو تہ ’پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر‘؟“ جيڪو ماڻهو چڱو ڀلو ٿيو هو تنهن کي اها سڌ ڪانہ هئي تہ اهو ڪير هو، ڇاڪاڻ تہ گھڻي گوڙ هئڻ ڪري يسوع اتان کسڪي هليو ويو هو. ٿوري وقت کان پوءِ يسوع انهيءَ ماڻهوءَ کي هيڪل ۾ ڏٺو ۽ کيس چيائين تہ ”ڏس، هاڻي تون چڱو ڀلو ٿي ويو آهين، سو وري پاپ نہ ڪجانءِ، متان هن کان بہ وڌيڪ تڪليف نہ اچيئي.“ پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ وڃي يهودي اڳواڻن کي ٻڌايو تہ ”اهو ماڻهو يسوع آهي، جنهن مون کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي.“ انهيءَ سبب اهي اڳواڻ يسوع کي ستائڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هن سبت جي ڏينهن تي اهڙا ڪم ٿي ڪيا. يسوع کين جواب ڏنو تہ ”منهنجو پتا هميشہ ڪم ڪندو رهي ٿو ۽ آءٌ بہ ائين ئي پيو ڪريان.“ هن ڳالهہ جي ڪري يهودي اڳواڻ هيڪاري کيس مارڻ جا وجھہ ڳولڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هن نہ رڳو سبت جو قاعدو ٿي ڀڳو، بلڪ ايشور کي پنهنجو پتا سڏي پاڻ کي ايشور جي برابر ٿي ڪيائين. تنهنڪري يسوع يهودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ پٽ پنهنجو پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. هو رڳو اهي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنهنجي پتا کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پتا ڪري ٿو سو ئي پٽ ٿو ڪري. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ پتا پٽ سان پيار ٿو ڪري ۽ کيس اهي سڀ ڪم ڏيکاري ٿو جيڪي هو پاڻ ڪري ٿو. هو انهن ڪمن کان اڃا بہ وڏا ڪم کيس ڏيکاريندو جو اوهين سڀيئي حيران ٿي ويندا. جيئن پتا مئلن کي جيوت ڪري کين جيون ڏئي ٿو، تيئن پٽ بہ جنهن کي وڻيس تنهن کي جيون ڏئي ٿو. باقي پتا پاڻ ڪنهن جو فيصلو نہ ٿو ڪري، بلڪ هن فيصلي ڪرڻ جو پورو اختيار پنهنجي پٽ کي ڏيئي ڇڏيو آهي. اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ سڀيئي ماڻهو پٽ کي اهڙي نموني مان ڏين جهڙي نموني پتا کي مان ڏين ٿا. تنهنڪري جيڪو پٽ کي مان نہ ٿو ڏئي سو پتا کي مان نہ ٿو ڏئي، جنهن کيس موڪليو آهي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجيون ڳالهيون ٻڌي ٿو ۽ جنهن مون کي موڪليو آهي انهيءَ تي وشواس رکي ٿو، تنهن جو جيون امر آهي ۽ هو پاپي قرار نہ ڏنو ويندو، بلڪ هو موت مان نڪري جيون ۾ داخل ٿي چڪو آهي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اها گھڙي اچي رهي آهي بلڪ اچي پهتي آهي، جڏهن مئل ماڻهو ايشور جي پٽ جو آواز ٻڌندا ۽ جيڪي ٻڌندا سي جيوت ٿيندا. هائو، جيئن پتا جيون جو بنياد آهي، تيئن هن پنهنجي پٽ کي بہ جيون جو بنياد بڻايو آهي. هن کيس اها اختياري بہ ڏني آهي تہ هو سنسار جو فيصلو ڪري، ڇاڪاڻ تہ هو منش‌پتر آهي. انهيءَ ڳالهہ تي حيران نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اها گھڙي اچي رهي آهي جڏهن قبرن وارا سڀيئي سندس آواز ٻڌندا ۽ قبرن مان نڪري ايندا. پوءِ جن چڱا ڪم ڪيا هوندا تن کي جيون ملندو، پر جن بڇڙا ڪم ڪيا هوندا سي پاپي قرار ڏنا ويندا.“ ”آءٌ پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھان، پر جيئن ايشور مون کي ٻڌائي ٿو تيئن ئي فيصلو ڪريان ٿو. تنهنڪري منهنجو فيصلو صحيح آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي مرضيءَ موجب نہ، بلڪ انهيءَ جي مرضيءَ موجب ڪم ڪريان ٿو، جنهن مون کي موڪليو آهي. جيڪڏهن آءٌ پاڻ پنهنجي شاهدي ڏيان تہ منهنجي شاهدي قبول نہ ٿيندي. پر هڪڙو ٻيو آهي جيڪو مون بابت شاهدي ٿو ڏئي ۽ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جيڪا شاهدي هو مون بابت ڏئي ٿو سا سچي آهي. اوهان تہ يوحنا ڏانهن پنهنجا ماڻهو موڪليا ۽ هن سچ جي شاهدي ڏني. جيتوڻيڪ مون کي انسان جي شاهديءَ جي ضرورت نہ آهي، تنهن هوندي بہ اهي ڳالهيون انهيءَ لاءِ ڪيون اٿم تہ جيئن اوهان کي مڪتي ملي. يوحنا ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ ڏيئي وانگر هو ۽ اوهان گھڙي پلڪ هن جي روشنيءَ ۾ خوش رهڻ پسند ڪيو. پر مون وٽ جيڪا شاهدي آهي سا يوحنا جي شاهديءَ کان بہ وڌيڪ آهي. هائو، جيڪي ڪم پتا مون کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن، يعني اهي ساڳيا ئي ڪم جيڪي آءٌ هينئر ڪري رهيو آهيان، سي ئي منهنجي شاهدي ٿا ڏين تہ پتا مون کي موڪليو آهي. بلڪ پتا، جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن پاڻ بہ مون بابت شاهدي ڏني آهي. پر اوهان نہ تہ ڪڏهن هن جو آواز ٻڌو آهي، نڪي سندس روپ ڏٺو اٿوَ، نڪي وري هن جي ڳالهين کي دل ۾ جاءِ ٿا ڏيو، ڇاڪاڻ تہ جنهن کي هن موڪليو آهي تنهن کي اوهين قبول ئي نہ ٿا ڪريو. اوهين پوِتر شاستر انهيءَ لاءِ ڌيان سان ٿا پڙهو، جو اوهان جو خيال آهي تہ انهيءَ ۾ اوهان کي امر جيون ملندو، جڏهن تہ اهو پوِتر شاستر بہ منهنجي شاهدي ڏئي ٿو. تڏهن بہ اوهين مون وٽ نہ ٿا اچو تہ امر جيون مليوَ. مون کي ضرورت نہ آهي تہ ماڻهو منهنجو مان ڪن، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کان واقف آهيان تہ اوهان جي دلين ۾ ايشور لاءِ پريم نہ آهي. آءٌ تہ پنهنجي پتا جي اختياريءَ سان آيو آهيان ۽ اوهين مون کي قبول نہ ٿا ڪريو. پر جيڪڏهن ڪو ٻيو پنهنجي پاران آيو تہ اوهين انهيءَ کي قبول ڪندا. اوهين جيڪي هڪٻئي کان مان ڪرائڻ گھرو ٿا، پر جيڪو مان هڪڙي ايشور جي طرفان ملي ٿو تنهن جي لاءِ ڪوشش ئي نہ ٿا ڪريو، سي ڪيئن مون کي قبول ڪري سگھو ٿا؟ اوهين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ پتا وٽ اوهان جي شڪايت ڪندس. اوهان جي شڪايت ڪرڻ وارو موسيٰ ئي آهي جنهن تي اوهان جو آسرو آهي. جيڪڏهن اوهين موسيٰ تي يقين ڪريو ها تہ مون تي بہ يقين ڪريو ها، ڇو تہ هن مون بابت لکيو آهي. هاڻ جڏهن اوهين هن جي لکتن تي ئي يقين نہ ٿا ڪريو، تہ پوءِ منهنجي ڳالهين تي ڪيئن يقين ڪندا.“ هڪ دفعي جڏهن يسوع گليل ڍنڍ يعني تبرياس ڍنڍ جي هُن ڀر روانو ٿيو، تڏهن هڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان هلڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هنن اهي چمتڪار ڏٺا هئا جن ۾ هن ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو. تڏهن هن نهاري ڏٺو تہ ماڻهن جو وڏو ميڙ ڏانهس اچي رهيو آهي. سو فلپس کي چيائين تہ ”اسين هيترن ماڻهن کي کارائڻ لاءِ ايترو کاڌو ڪٿان آڻينداسون؟“ هن اهو رڳو فلپس کي آزمائڻ لاءِ چيو، پر اڳي ئي سوچي ڇڏيو هئائين تہ ڇا ڪرڻو آهي. تنهن تي فلپس وراڻيس تہ ”جيڪڏهن هر هڪ کي ٽڪر ڳڀو ئي ڏجي، تہ بہ انهن لاءِ ٻہ سؤ چانديءَ جي سڪن جون روٽيون پوريون نہ پونديون.“ پوءِ اندرياس نالي هڪ ٻئي چيلي، جيڪو شمعون پطرس جو ڀاءُ هو تنهن چيو تہ ”هتي هڪ ڇوڪرو آهي، جنهن کي جَوَن جون پنج روٽيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آهن. پر ڇا اهي هنن سڀني ماڻهن ۾ پوريون پئجي سگھنديون؟“ تڏهن يسوع انهن کي چيو تہ ”ماڻهن کي هيٺ ويهاريو.“ جيئن تہ اتي گھڻو گاهہ هو، سو سڀيئي ماڻهو هيٺ ويهي رهيا. انهن ۾ اٽڪل پنج هزار مرد هئا. پوءِ يسوع اهي روٽيون کڻي ايشور جو شڪر ادا ڪيو ۽ ويٺل ماڻهن ۾ ورهايائين. هن مڇي بہ ائين ئي ورهائي ۽ سڀني ماڻهن کي ايترو مليو جيترو کين کپندو هو. جڏهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، تڏهن يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”بچيل ٽڪر ڳڀا ميڙي گڏ ڪريو، تہ جيئن ذرو بہ زيان نہ ٿئي.“ سو انهن اهي سڀيئي کڻي گڏ ڪيا، تہ جَوَن جي پنجن روٽين جا ٽڪر ڳڀا، جيڪي کائڻ وارن بچايا هئا سي ايترا تہ ٿيا جو ٻارهن کاريون ڀرجي ويون. يسوع جو اهو چمتڪار ڏسي ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”سچ پچ هي ايشور جو سنديش ڏيندڙ اهو سنت آهي، جيڪو هن سنسار ۾ اچڻو آهي.“ پوءِ يسوع ڏٺو تہ ”هنن جو مطلب آهي تہ مون کي جھلي زوريءَ پنهنجو راجا بڻائين.“ تنهنڪري هو اڪيلو ئي وري ٽڪرن ڏانهن نڪري هليو ويو. جڏهن سانجھي ٿي تہ سندس چيلا ڍنڍ جي ڪناري تي ويا. رات ٿي ويئي هئي پر يسوع انهن وٽ نہ آيو هو، سو هو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڍنڍ جي هُن ڀر ڪفرناحوم شهر ڏانهن روانا ٿيا. ايتري ۾ طوفان اچي لٿو ۽ ڍنڍ ۾ ڇوليون اٿڻ لڳيون. جڏهن چيلا پنج ڇهہ ڪلوميٽر ٻيڙي ڪاهي هليا، تڏهن ڏٺائون تہ يسوع پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو ٻيڙيءَ جي ويجھو پيو اچي. اهو ڏسي هو ڏاڍو ڊڄي ويا. پر يسوع کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آهيان.“ تڏهن خوشيءَ سان کيس ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيائون ۽ ٻيڙي هڪدم انهيءَ هنڌ وڃي پهتي جتي کين وڃڻو هو. ٻئي ڏينهن تي ماڻهن جو جيڪو ميڙ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر بيٺو هو، تنهن ڏٺو تہ ڪالهہ اتي رڳو هڪڙي ٻيڙي بيٺي هئي ۽ کين اها بہ سڌ هئي تہ يسوع انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ چيلن سان گڏ نہ ويو هو پر اهي اڪيلا ئي روانا ٿي ويا هئا. ايتري ۾ تبرياس شهر کان ڪي ٻيڙيون انهيءَ جاءِ جي ويجھو ڪناري تي اچي لڳيون، جتي پرڀو يسوع جي شڪر ادا ڪرڻ کان پوءِ ماڻهن کي روٽي کارائي ويئي هئي. سو جڏهن ميڙ ڏٺو تہ اتي نہ يسوع آهي، نڪي سندس چيلا آهن، تڏهن اهي پاڻ انهن ٻيڙين ۾ چڙهي ڪفرناحوم ڏانهن هن کي ڳولڻ ويا. ماڻهن جڏهن يسوع کي ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر تي ڳولي لڌو تہ کيس چيائون تہ ”اي گرو! اوهين هتي ڪڏهن آيا؟“ يسوع وراڻين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين مون کي انهيءَ ڪري نہ ٿا ڳوليو جو اوهان چمتڪارن جو مطلب سمجھي ورتو آهي، پر انهيءَ ڪري ٿا ڳوليو جو اوهان روٽيون کائي ڍءُ ڪيو آهي. ناس ٿيندڙ کاڌي لاءِ محنت نہ ڪريو، بلڪ انهيءَ کاڌي لاءِ محنت ڪريو، جنهن مان امر جيون ٿو ملي. اهو کاڌو منش‌پتر اوهان کي ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ پتا يعني ايشور هن تي اختياريءَ جي مُهر هڻي ڇڏي آهي.“ پوءِ انهن کانئس پڇيو تہ ”ڀلا، اسين ڪهڙو ڪم ڪريون جنهن سان ايشور جي مرضي پوري ٿئي؟“ يسوع وراڻيو تہ ”ايشور جي مرضي اها آهي تہ اوهين انهيءَ تي وشواس آڻيو، جنهن کي ايشور موڪليو آهي.“ تنهن تي انهن چيس تہ ”پوءِ اوهين اسان کي ايشور طرفان ڪهڙي نشاني ٿا ڏيکاريو، جنهن کي ڏسي اسين اوهان تي وشواس آڻيون؟ اوهين ڇا ٿا ڪري ڏيکاريو؟ اسان جي ابن ڏاڏن تہ رڻ‌پٽ ۾ مَنَ کاڌي هئي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’هن کين کائڻ لاءِ آڪاش مان روٽي ڏني.‘“ يسوع کين چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اهو موسيٰ نہ، پر منهنجو پتا آهي جنهن آڪاش واري روٽي اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني، بلڪ هو هاڻي آڪاش مان حقيقي روٽي ڏئي ٿو. هائو، اها روٽي جيڪا ايشور ڏئي ٿو سا آڪاش مان پرگھٽ ٿئي ٿي ۽ سنسار کي جيون ڏئي ٿي.“ تنهن تي انهن ماڻهن وينتي ڪيس تہ ”سوامي! اسان کي هميشہ اها روٽي ڏيندا ڪريو.“ يسوع انهن کي چيو تہ ”جيون جي روٽي آءٌ آهيان. جيڪو مون تي وشواس رکي مون وٽ اچي ٿو، تنهن کي ڪڏهن بہ نہ بک لڳندي ۽ نہ وري اڃ لڳندي. اوهين مون کي ڏسو ٿا پوءِ بہ وشواس نہ ٿا آڻيو. اهو آءٌ اڳ ۾ بہ اوهان کي چئي چڪو آهيان. پر جيڪي پتا مون کي ڏيندو سي سڀ مون وٽ ايندا ۽ جيڪو بہ مون وٽ ايندو تنهن کي آءٌ ڪڏهن بہ نہ موٽائيندس. آءٌ آڪاش مان انهيءَ لاءِ نہ لهي آيو آهيان تہ پنهنجي مرضي هلايان، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي موڪلڻ واري جي مرضي پوري ڪريان. جنهن مون کي موڪليو آهي تنهن جي مرضي اها آهي تہ جيڪي بہ هن مون کي ڏنا آهن تن مان هڪ بہ نہ وڃايان، بلڪ انتم ڏينهن تي انهن سڀني کي وري جيوت ڪري اٿاريان. هائو، منهنجي پتا جي اها مرضي آهي تہ جيڪو بہ سندس پٽ کي سڃاڻي ٿو ۽ مٿس وشواس ٿو آڻي، تنهن کي امر جيون ملي. سو آءٌ کيس انتم ڏينهن تي وري جيوت ڪري اٿاريندس.“ تنهن تي ماڻهو مٿس ناراض ٿي پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هن چيو هو تہ ”آءٌ اها روٽي آهيان، جيڪا آڪاش مان پرگھٽ ٿي آهي.“ انهن چيو تہ ”ڇا هي اهو يسوع نہ آهي جيڪو يوسف جو پٽ آهي؟ اسين تہ سندس ماتا پتا کي بہ سڃاڻون ٿا. پوءِ هي هاڻي ڪيئن ٿو چوي تہ ’آءٌ آڪاش مان پرگھٽ ٿيو آهيان؟‘“ يسوع کين چيو تہ ”مون بابت ڀڻ ڀڻ بند ڪريو. ڪوبہ ماڻهو مون وٽ تيستائين نہ ٿو اچي سگھي جيستائين پتا، جنهن مون کي موڪليو آهي سو کيس مون ڏانهن ڇڪي نہ ٿو آڻي. اهڙي ماڻهوءَ کي آءٌ انتم ڏينهن تي مئلن مان وري جيوت ڪري اٿاريندس. سنديش ڏيندڙ سنتن جي هڪڙي شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’سڀيئي ايشور کان سکيا حاصل ڪندا.‘ سو جيڪو بہ پتا کان ٻڌي ٿو ۽ کانئس سکي ٿو اهو ئي مون وٽ اچي ٿو. انهيءَ جو مطلب اهو نہ آهي تہ ڪنهن ماڻهوءَ ڪڏهن پتا کي ڏٺو آهي، پر رڳو انهيءَ ئي پتا کي ڏٺو آهي، جيڪو سندس طرفان آيو آهي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ مون تي وشواس آڻي ٿو تنهن جو ئي جيون امر آهي. هائو، جيون جي روٽي آءٌ ئي آهيان. ڏسو، اوهان جي ابن ڏاڏن رڻ‌پٽ ۾ مَنَ کاڌي هئي، تڏهن بہ مري ويا. پر جيڪا حقيقي روٽي آڪاش مان پرگھٽ ٿئي ٿي، سا اهڙي آهي جنهن کي جيڪو بہ کائيندو سو نہ مرندو. آءٌ اها جيوت روٽي آهيان جيڪا آڪاش مان پرگھٽ ٿي آهي. جيڪڏهن ڪو هن روٽيءَ مان کائيندو تہ اهو هميشہ جيوت رهندو. جيڪا روٽي آءٌ ڏيندس سا منهنجو ماس آهي، جيڪو آءٌ ڏيان ٿو تہ جيئن هن سنسار کي جيون ملي.“ تنهن تي ماڻهو پاڻ ۾ سخت بحث ڪرڻ لڳا تہ ”هي شخص پنهنجو ماس اسان کي کائڻ لاءِ ڪيئن ٿو ڏيئي سگھي؟“ يسوع وراڻين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين اوهين منش‌پتر جو ماس نہ کائيندا ۽ سندس رت نہ پيئندا، تيستائين اوهان ۾ جيون نہ هوندو. جيڪو بہ منهنجو ماس ٿو کائي ۽ منهنجو رت ٿو پيئي، تنهن جو جيون امر آهي ۽ آءٌ کيس انتم ڏينهن تي وري جيوت ڪري اٿاريندس، ڇاڪاڻ تہ منهنجو ماس ۽ منهنجو رت حقيقي کاڌو آهي. جيڪو بہ منهنجو ماس کائي ٿو ۽ منهنجو رت پيئي ٿو، سو مون ۾ رهي ٿو ۽ آءٌ هن ۾ رهان ٿو. جهڙيءَ طرح پتا جيڪو جيوت آهي تنهن مون کي موڪليو آهي ۽ آءٌ هن جي ڪري جيوت آهيان، تهڙيءَ طرح جيڪو بہ مون کي کائي ٿو سو منهنجي ڪري جيوت رهندو. هيءَ اها حقيقي روٽي آهي جيڪا آڪاش مان پرگھٽ ٿي آهي. هيءَ روٽي اهڙي نہ آهي جهڙي اوهان جي ابن ڏاڏن کاڌي ۽ مري ويا. پر جيڪو هيءَ روٽي کائيندو سو هميشہ جيوت رهندو.“ هي ڳالهيون هن ڪفرناحوم جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ سکيا ڏيندي ٻڌايون هيون. اهي ڳالهيون ٻڌي سندس چيلن مان ڪيترا ئي چوڻ لڳا تہ ”هيءَ ڳالهہ ڏاڍي ڏکي آهي. اها ڪير ٻڌي سگھندو؟“ يسوع ڄاڻي ورتو تہ سندس چيلا هن ڳالهہ تي ڀڻ ڀڻ ڪندي اعتراض ڪري رهيا آهن. تنهنڪري انهن کي چيائين تہ ”هيءَ ڳالهہ اوهان کي ڀَٽڪائي ٿي ڇا؟ ڀلا جيڪڏهن اوهين منش‌پتر کي آڪاش ڏانهن کڄي ويندي ڏسو جتي هو اڳ ۾ هو، تہ پوءِ ڪيئن ٿا ڀانئيو؟ جيون ڏيڻ واري تہ آتما آهي، شرير ڪابہ شيءِ ڪانهي. هاڻ جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي ٻڌايون آهن سي آتما آهن ۽ جيون بہ. تڏهن بہ اوهان مان ڪيترائي وشواس نہ ٿا آڻين.“ يسوع اهو انهيءَ ڪري چيو جو هن شروعات کان ئي ڄاتو ٿي تہ ڪهڙا ڪهڙا وشواس نہ آڻيندا ۽ ڪير ساڻس دغا ڪندو. هن وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ ڪري ئي مون اوهان کي ٻڌايو آهي تہ ايستائين ڪوبہ مون وٽ اچي نہ ٿو سگھي، جيستائين پتا کانئس ائين نہ ٿو ڪرائي.“ تنهن تي يسوع جا گھڻا ئي چيلا کانئس ڦري موٽي هليا ويا. تنهنڪري يسوع انهن ٻارهن چيلن کي چيو تہ ”ڇا اوهين بہ مون کي ڇڏي وڃڻ چاهيو ٿا؟“ شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اي پرڀو! اوهان کي ڇڏي ڪنهن ڏانهن وينداسون؟ اوهان وٽ اهي ڳالهيون آهن جن ۾ امر جيون آهي. اسين اوهان تي وشواس آڻي چڪا آهيون ۽ ڄاڻي ورتو اٿئون تہ اوهين ئي ايشور جي طرفان پوِتر هستي آهيو.“ تڏهن يسوع انهن کي چيو تہ ”جيتوڻيڪ مون اوهان ٻارهن کي چونڊيو آهي، تنهن هوندي بہ اوهان ۾ هڪ اهڙو آهي جيڪو شيطان آهي.“ هو شمعون اسڪريوتيءَ جي پٽ يهوداہ بابت ڳالهائي رهيو هو، جيڪو انهن ٻارهن چيلن مان هوندي بہ اڳتي هلي ساڻس دغا ڪرڻ وارو هو. ان کان پوءِ يسوع گليل علائقي ۾ پئي گھميو. هو يهوديہ ۾ وڃڻ نہ پيو چاهي، ڇاڪاڻ تہ اتي يهودي اڳواڻ کيس مارڻ لاءِ وجھہ ڳولي رهيا هئا. پوءِ جڏهن يهودين جو تنبن وارو تهوار ويجھو آيو، تڏهن سندس ڀائرن کيس چيو تہ ”هتان نڪري يهوديہ ڏانهن وڃ، تہ جيئن تنهنجا پوئلڳ بہ هي ڪم ڏسن جيڪي تون ڪري رهيو آهين. ڏس، اهڙو ڪوبہ نہ آهي جيڪو مشهور ٿيڻ چاهي پر لڪي ڪم ڪري. سو جيڪڏهن تو کي اهي ڪم ڪرڻا ئي آهن تہ پوءِ پنهنجو پاڻ کي سنسار تي کُليءَ طرح ظاهر ڪر.“ سندس ڀائرن اهو انهيءَ ڪري چيس جو هنن جو بہ مٿس وشواس نہ هو. تنهن تي يسوع کين چيو تہ ”منهنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آهي، پر اوهان جو وقت تہ سدائين آهي. سنسار اوهان کان نفرت ڪري نہ ٿو سگھي پر اهو مون کان نفرت ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هن کي ٻڌائيندو رهيو آهيان تہ هن جا ڪم بڇڙا آهن. اوهين ڀلي تهوار تي وڃو. آءٌ هن تهوار تي نہ ٿو وڃان، ڇاڪاڻ تہ منهنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آهي.“ اهي ڳالهيون چوڻ کان پوءِ هو اتي گليل ۾ ئي رهي پيو. ان کان پوءِ يسوع جا ڀائر تهوار تي يروشلم ويا. هو پاڻ بہ تهوار تي ويو پر کُليو کُلايو نہ، بلڪ لڪي ڇپي. جڏهن تہ يهودي اڳواڻ تهوار تي کيس ڳولڻ لڳا ۽ پڇيائون پئي تہ ”يسوع ڪٿي آهي؟“ ماڻهن ۾ يسوع بابت ڏاڍي سُس پُس پئي ٿي. ڪن پئي چيو تہ ”هو نيڪ ماڻهو آهي.“ پر ٻين پئي چيو تہ ”نہ، هو ماڻهن کي ڀَٽڪائي رهيو آهي.“ پر هن بابت ڪوبہ کُليو کُلايو نہ پيو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو يهودي اڳواڻن کان ڊڄن پيا. جڏهن تهوار جا اڌ جيترا ڏينهن گذريا تہ يسوع هيڪل ۾ اچي سکيا ڏيڻ لڳو. تنهن تي يهودي اڳواڻ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون تہ ”هن ماڻهوءَ تہ ڪڏهن سکيا ئي نہ ورتي آهي، پوءِ وٽس ايڏي ڄاڻ ڪٿان آئي؟“ يسوع وراڻيو تہ ”جيڪا سکيا آءٌ ڏيئي رهيو آهيان سا منهنجي نہ، بلڪ انهيءَ جي آهي، جنهن مون کي موڪليو آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايشور جي مرضيءَ موجب هلڻ چاهي ٿو تہ هو انهيءَ سکيا بابت ڄاڻي وٺندو تہ اها ايشور وٽان آهي يا آءٌ پنهنجي طرفان ٿو ڏيان. جيڪو ماڻهو پنهنجي طرفان ڪجھہ چوندو آهي سو چاهيندو آهي تہ سندس ئي مان ٿئي. پر جيڪو چاهي ٿو تہ سندس موڪليندڙ جو مان ٿئي سو ئي سچو آهي ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ ٺڳي ڪانہ آهي. ڇا موسيٰ اوهان کي نيم نہ ڏنو هو؟ تڏهن بہ اوهان مان ڪو انهيءَ نيم تي عمل نہ ٿو ڪري. اوهين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟“ تنهن تي ماڻهن وراڻيس تہ ”تو ۾ تہ ڀوت آهي. ڪير تو کي مارڻ جي ڪوشش ۾ آهي؟“ يسوع چين تہ ”مون سبت جي ڏينهن تي هڪڙو ڪم ڪيو هو تہ اوهين سڀ انهيءَ تي حيران ٿي ويا هئا. ڏسو، موسيٰ اوهان کي ختنو ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. جڏهن تہ اهو حڪم موسيٰ جي دور کان نہ، بلڪ اسان جي ابن ڏاڏن جي وقت کان وٺي آهي ۽ انهيءَ حڪم جي ڪري اوهين سبت جي ڏينهن تي بہ پنهنجن پٽن جو ختنو ڪرائيندا آهيو. هاڻ جيڪڏهن سبت جي ڏينهن تي ڪنهن ڇوڪري جي ختني ڪرائڻ ڪري موسيٰ جي نيم جي ڀڃڪڙي نہ ٿي ٿئي، تہ پوءِ اوهين مون تي ڇو ڪاوڙيا آهيو جو مون هڪڙي ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن تي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي؟ ظاهري ڳالهيون ڏسي فيصلو نہ ڪريو، پر انصاف سان فيصلو ڪريو.“ انهيءَ مهل يروشلم جا ڪي ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”ڇا هي اهو ماڻهو تہ نہ آهي جنهن کي اڳواڻ مارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن؟ ڏسو، هو تہ کُلي‌عام ڳالهائي رهيو آهي، پر ڪوبہ کيس ڪجھہ نہ ٿو چوي. ڇا هاڻي اهي سچ پچ اهو سمجھن ٿا تہ اهو ئي مسيح آهي؟ پر اسين ڄاڻون ٿا تہ جڏهن مسيح ايندو تہ ڪنهن کي بہ سڌ نہ پوندي تہ هو ڪٿان آيو آهي، جڏهن تہ اسان سڀني کي سڌ آهي تہ هي شخص ڪٿان آيو آهي.“ تڏهن يسوع هيڪل ۾ سکيا ڏيندي وڏي واڪي چيو تہ ”ٺيڪ آهي، اوهين مون کي سڃاڻو ٿا ۽ اها بہ سڌ اٿوَ تہ آءٌ ڪٿان جو آهيان. پر هتي آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان نہ آيو آهيان، بلڪ انهيءَ وٽان موڪليو ويو آهيان جيڪو سچو آهي. اوهين انهيءَ کي نہ ٿا سڃاڻو، جڏهن تہ آءٌ کيس ڄاڻان ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ وٽانئس آيو آهيان ۽ هن ئي مون کي موڪليو آهي.“ تنهن تي ڪن ماڻهن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪوبہ کيس پڪڙي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن جو وقت اڃا ڪونہ آيو هو. اتي موجود ماڻهن مان ڪيترا ئي مٿس وشواس آڻيندي چوڻ لڳا تہ ”اهو ئي مسيح آهي، ڇاڪاڻ تہ هن کان وڌيڪ چمتڪار ٻيو ڪو ڪري سگھندو ڇا؟“ يسوع بابت ماڻهن جي اها سُس پُس جڏهن فريسين ٻڌي تڏهن انهن ۽ سردار ڪاهنن گڏجي هيڪل جي ڪن پهريدارن کي موڪليو تہ جيئن هو کيس پڪڙين. تنهن تي يسوع چيو تہ ”آءٌ اوهان سان اڃا ٿورو وقت رهندس ۽ پوءِ انهيءَ ڏانهن موٽي ويندس جنهن مون کي موڪليو آهي. اوهين مون کي ڳوليندا پر لهي ڪين سگھندا، ڇاڪاڻ تہ جتي آءٌ هوندس اتي اوهين اچي نہ سگھندا.“ تڏهن يهودي اڳواڻ هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هو ڪيڏانهن ويندو جو اسين کيس لهي نہ سگھنداسين؟ ڇا هو غير يهودين جي ڪنهن ملڪ ڏانهن ويندو، جتي اسان جا يهودي ٽڙيل پکڙيل آهن ۽ اتي هو غير يهودين کي سکيا ڏيندو؟ ڀلا انهن ڳالهين جو مطلب ڇا آهي جو هو چوي ٿو تہ ’اوهين مون کي ڳوليندا، پر لهي نہ سگھندا‘ يا وري ’اوهين اتي اچي نہ سگھندا جتي آءٌ هوندس‘؟“ پوءِ تنبن واري تهوار جو انتم ڏينهن، جيڪو خاص ڏينهن آهي، تنهن ڏينهن تي يسوع اُٿي بيٺو ۽ وڏي آواز سان چيائين تہ ”جيڪو بہ اڃايل آهي، سو ڀلي مون وٽ اچي پيئي. هائو، جيڪو بہ مون تي وشواس رکي ٿو، تنهن بابت پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’انهيءَ جي اندر مان جيون ڏيندڙ پاڻيءَ جون نديون وهنديون رهنديون.‘“ هن اها ڳالهہ پوِتر آتما بابت ٿي ڪئي، جيڪا انهن ماڻهن کي ملڻي هئي جن مٿس وشواس آندو هو. پر انهن کي پوِتر آتما اڃا نہ ملي هئي، ڇاڪاڻ تہ يسوع کي اڃا سربلند نہ ڪيو ويو هو. ميڙ مان ڪيترن ئي ماڻهن سندس اهي ڳالهيون ٻڌي چيو تہ ”سچ پچ هي ماڻهو ئي ايشور جو سنديش ڏيندڙ اهو سنت آهي، جيڪو اچڻو آهي.“ ڪن وري چيو تہ ”هو مسيح آهي.“ پر ڪي چوڻ لڳا تہ ”مسيح ڪو گليل مان ايندو ڇا؟ ڇا پوِتر شاستر نہ ٿو چوي تہ مسيح راجا دائود جي پيڙهي مان هوندو ۽ بيت‌لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندو، جتي دائود پيدا ٿيو هو؟“ سو ماڻهن ۾ يسوع جي ڪري ڦوٽ پئجي ويئي. انهن مان ڪي ماڻهو کيس پڪڙڻ پيا چاهين، پر ڪنهن بہ هن ۾ هٿ نہ وڌو. جڏهن پهريدار موٽي آيا تہ سردار ڪاهنن ۽ فريسين کانئن پڇيو تہ ”اوهين يسوع کي ڇو نہ وٺي آيا؟“ پهريدارن جواب ڏنو تہ ”ڪنهن بہ انسان اهڙيءَ طرح ڪڏهن ڪونہ ڳالهايو آهي، جهڙيءَ طرح هي شخص ٿو ڳالهائي.“ تنهن تي فريسين کين چيو تہ ”اوهين بہ ڀَٽڪي ويا آهيو ڇا؟ ڇا يهودي اڳواڻن ۽ اسان فريسين مان ڪنهن بہ مٿس وشواس آندو آهي؟ پر هي عوام جنهن کي موسيٰ جي نيم جي سڌ ئي نہ آهي، سو تہ ايشور جو پٽيل آهي.“ تڏهن نيڪديمس، جيڪو يهودي اڳواڻن مان هڪڙو هو ۽ اڳي يسوع سان ملڻ آيو هو، تنهن چين تہ ”نيم موجب اسين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي ڏوهاري قرار ڏيئي نہ ٿا سگھون، جيستائين اسين پاڻ سندس ڳالهيون ٻڌون ۽ سڌ پوي تہ هو ڇا ٿو ڪري.“ انهن جواب ڏنس تہ ”تون بہ گليلي آهين ڇا؟ پوِتر شاستر پڙهي ڏس تہ تو کي سڌ پوي تہ ڪٿي بہ اهو لکيل ناهي تہ گليل مان ايشور جو سنديش ڏيندڙ ڪوبہ سنت پيدا ٿيندو.“ پوءِ هر ڪو پنهنجي پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو. هوڏانهن يسوع نڪري زيتون جي ٽڪر ڏانهن هليو ويو. ٻئي ڏينهن صبح جو سوير هو وري هيڪل ۾ آيو جتي سڀيئي ماڻهو اچي وٽس گڏ ٿيا ۽ هو ويهي کين سکيا ڏيڻ لڳو. تڏهن نيم شاسترين ۽ فريسين هڪڙي ناريءَ کي آندو جنهن کي زنا جي ڏوهہ ۾ پڪڙيو ويو هو، تنهن کي اڳيان بيهاري يسوع کي چيائون تہ ”اي گرو! هيءَ ناري زنا جي ڏوهہ ۾ پڪڙي ويئي آهي. نيم ۾ موسيٰ اسان کي حڪم ڏنو آهي تہ اهڙين نارين کي سنگسار ڪري ڇڏيون. هاڻي تون هن بابت ڇا ٿو چوين؟“ انهن کيس ڦاسائڻ لاءِ ائين چيو تہ جيئن مٿس تهمت هڻڻ جو سبب ملين. پر يسوع نِوڙي زمين تي پنهنجيءَ آڱر سان لکڻ لڳو. جڏهن هو کانئس بار بار پڇندا رهيا، تڏهن هن ڪنڌ مٿي ڪري چين تہ ”اوهان مان جنهن ڪڏهن بہ ڪو پاپ نہ ڪيو هجي، سو پهريائين هن ناريءَ کي پٿر هڻي.“ پوءِ هو وري نِوڙي زمين تي پنهنجيءَ آڱر سان لکڻ لڳو. جڏهن نيم شاسترين ۽ فريسين اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن انهن مان پهريائين وڏا ۽ پوءِ ننڍا هڪڙو هڪڙو ٿي هليا ويا. پوءِ رڳو يسوع وڃي رهيو ۽ اها ناري بيٺي رهي. يسوع ڪنڌ مٿي ڪري انهيءَ ناريءَ کي چيو تہ ”اي مائي! اهي ڪيڏانهن ويا؟ ڇا هتي ڪوبہ ڪونہ آهي جو تو کي پاپي قرار ڏئي؟“ انهيءَ ناريءَ وراڻيو تہ ”سوامي! نہ، ڪوبہ ڪونهي.“ تنهن تي يسوع چيس تہ ”چڱو آءٌ بہ تو کي پاپي نہ ٿو قرار ڏيان. سو وڃ، پر وري پاپ نہ ڪجانءِ.“ ٻئي دفعي يسوع فريسين سان ڳالهائيندي چيو تہ ”آءٌ سنسار جي روشني آهيان. جيڪو بہ منهنجي پيروي ڪندو، تنهن کي جيون جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏهن بہ اونداهيءَ ۾ نہ گھمندو.“ تنهن تي فريسين کيس چيو تہ ”تون پنهنجي شاهدي پاڻ ئي ٿو ڏئين، سو تنهنجي شاهدي سچي نہ سمجھي ويندي.“ يسوع کين وراڻيو تہ ”جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي شاهدي پاڻ ٿو ڏيان، تہ بہ منهنجي شاهدي سچي آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ ڪٿان آيو آهيان ۽ ڪيڏانهن وڃان ٿو. پر اوهين اها ڳالهہ نہ ٿا ڄاڻو. اوهين رڳو انساني طرح فيصلو ڪريو ٿا، پر آءٌ ڪنهن جو بہ فيصلو نہ ٿو ڪريان. جيڪڏهن آءٌ فيصلو ڪريان بہ تہ منهنجو فيصلو سچو هوندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اڪيلو اهو ڪم نہ ٿو ڪريان پر منهنجو پتا، جنهن مون کي موڪليو آهي، سو بہ مون ساڻ آهي. اوهان جي پنهنجي ئي نيم شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’فيصلي جي ثابتيءَ لاءِ ڪن بہ ٻن شخصن جي شاهدي ضروري آهي.‘ سو هڪڙو تہ آءٌ آهيان جو پاڻ پنهنجي شاهدي ٿو ڏيان ۽ ٻيو پتا، جنهن مون کي موڪليو آهي، سو بہ مون بابت شاهدي ٿو ڏئي.“ تنهن تي انهن پڇيس تہ ”تنهنجو پتا ڪٿي آهي؟“ يسوع کين وراڻيو تہ ”اوهين نہ مون کي سڃاڻو ٿا، نڪي منهنجي پتا کي. جيڪڏهن اوهين مون کي سڃاڻو ها تہ منهنجي پتا کي بہ سڃاڻو ها.“ يسوع اهي ڳالهيون ان وقت چيون جنهن وقت هو هيڪل ۾ دان وارين پيتين وٽ سکيا ڏيئي رهيو هو. اتي کيس ڪنهن بہ نہ پڪڙيو، ڇاڪاڻ تہ اڃا سندس وقت نہ آيو هو. يسوع وري يهودي اڳواڻن کي چيو تہ ”آءٌ هليو ويندس ۽ اوهين مون کي ڳوليندا. پر جتي آءٌ ويندس اتي اوهين اچي نہ سگھندا، بلڪ پنهنجن پاپن ۾ مرندا.“ تنهن تي اهي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”هي چوي ڇا ٿو تہ ’جتي آءٌ ويندس اتي اوهين اچي نہ سگھندا؟‘ انهيءَ جي معنيٰ تہ هو پنهنجو پاڻ کي ماريندو ڇا؟“ يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين هيٺ جا آهيو، پر آءٌ مٿان آيو آهيان. هائو، اوهين هن سنسار جا آهيو، پر آءٌ هن سنسار جو نہ آهيان. اهو ئي سبب آهي جو مون اوهان کي چيو تہ اوهين پنهنجن پاپن ۾ مرندا. جيڪڏهن اوهين اها ڳالهہ قبول نہ ڪندا تہ آءٌ اهو ئي آهيان، تہ پوءِ اوهين ضرور پنهنجن پاپن ۾ مرندا.“ تنهن تي انهن پڇيس تہ ”تون ڪير ’اهو ئي‘ آهين؟“ يسوع وراڻيو تہ ”آءٌ اهو ئي آهيان، جيئن شروعات کان وٺي اوهان کي چوندو آيو آهيان. مون وٽ اوهان بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، جن مان اوهين ڏوهاري ثابت ٿيندا. پر آءٌ رڳو اهي ئي ڳالهيون سنسار کي ٻڌايان ٿو، جيڪي مون انهيءَ کان ٻڌيون آهن جنهن مون کي موڪليو آهي ۽ اهو سچو آهي.“ انهن اهو نہ سمجھيو تہ هو ساڻن پتا بابت ڳالهائي رهيو آهي. سو يسوع کين چيو تہ ”جڏهن اوهين منش‌پتر کي مٿي چاڙهيندا، تڏهن اوهان کي سڌ پوندي تہ آءٌ اهو ئي آهيان. آءٌ پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪريان، پر اهو ئي ڪجھہ چوان ٿو جيڪي پتا مون کي سيکاريو آهي. جنهن مون کي موڪليو آهي سو مون ساڻ آهي. هن مون کي اڪيلو نہ ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هميشہ اهي ڪم ڪريان ٿو جيڪي کيس پسند آهن.“ تنهن تي ڪيترن ئي ماڻهن يسوع جون هي ڳالهيون ٻڌي مٿس وشواس آندو. پوءِ جن يهودين مٿس وشواس آندو هو، يسوع تن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين منهنجي ڳالهين تي قائم رهندا تہ اوهين سچ پچ منهنجا چيلا آهيو. پوءِ اوهان کي سچ جي ڄاڻ پوندي ۽ اهو سچ اوهان کي آزاد ڪندو.“ تنهن تي انهن وراڻيو تہ ”اسين ابرهام جو اولاد آهيون ۽ ڪڏهن بہ ڪنهن جا غلام نہ ٿيا آهيون، تہ پوءِ تنهنجي انهيءَ چوڻ جو مقصد ڇا آهي تہ ’اوهين آزاد ٿيندا‘؟“ يسوع انهن کي چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ پاپ ٿو ڪري سو پاپ جو غلام آهي. ڪنهن بہ خاندان ۾ غلام تہ عارضي طور رهي ٿو، پر پٽ هميشہ تائين. تنهنڪري جيڪڏهن پٽ اوهان کي آزاد ڪندو تہ اوهين سچ پچ آزاد ٿيندا. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ابرهام جو اولاد آهيو. پوءِ بہ اوهين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي ڳالهين کي دل ۾ جاءِ نہ ٿا ڏيو. آءٌ اوهان کي اهو ٻڌايان ٿو جيڪي مون پتا وٽ ڏٺو آهي، پر اوهين اهي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوهان پنهنجي پتا کان ٻڌا آهن.“ تنهن تي انهن وراڻيو تہ ”اسان جو پتا تہ ابرهام آهي.“ يسوع چين تہ ”جيڪڏهن اوهين ابرهام جو اولاد هجو ها تہ اوهين بہ انهيءَ جهڙا ڪم ڪريو ها. پر مون، جنهن اوهان کي اها سچائي ٻڌائي آهي جيڪا ايشور کان ٻڌي اٿم، تنهن کي اوهين مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا. ابرهام تہ اهڙو ڪم ڪونہ ڪيو هو. اوهين اهي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوهان جي پتا ڪيا آهن.“ تڏهن انهن وراڻيو تہ ”اسين ناجائز اولاد آهيون ڇا؟ اسان جو پتا تہ هڪڙو ئي آهي، يعني ايشور.“ يسوع انهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن ايشور اوهان جو پتا هجي ها تہ اوهين مون سان پيار ڪريو ها، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ايشور وٽان آيو آهيان. آءٌ پاڻ ئي ڪين آيو آهيان پر هن مون کي موڪليو آهي. اوهين منهنجو ڳالهائڻ ڇو نہ ٿا سمجھو؟ اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ اوهين منهنجي ڳالهين کي ٻڌي نہ ٿا سگھو. اوهين پنهنجي پتا شيطان جو اولاد آهيو ۽ پنهنجي پتا جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. هو تہ شروعات کان وٺي خوني آهي ۽ ڪڏهن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو اٿائين، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ سچ آهي ئي ڪين. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي تہ پنهنجي فطرت موجب ٿو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو ڪوڙو آهي، بلڪ ڪوڙ جو باني آهي. تنهنڪري ئي اوهين مون تي يقين نہ ٿا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سچائي ٻڌايان ٿو. اوهان مان ڪو اهڙو آهي جيڪو ثابت ڪري تہ مون ڪو پاپ ڪيو آهي؟ جيڪڏهن آءٌ سچائي ٻڌايان ٿو تہ پوءِ اوهين مون تي ڇو نہ ٿا يقين ڪريو؟ جيڪو بہ ايشور جو آهي سو ايشور جون ڳالهيون ٻڌي ٿو. پر اوهين انهيءَ ڪري نہ ٿا ٻڌو جو اوهين ايشور جا نہ آهيو.“ تڏهن انهن يهودين يسوع کي چيو تہ ”ڇا اسين سچ نہ چئي رهيا هئاسين تہ تون سامرين وانگر ڪافر آهين ۽ تو ۾ ڀوت آهي؟“ يسوع وراڻيو تہ ”مون ۾ ڀوت ڪونهي. جڏهن تہ آءٌ جيڪو پنهنجي پتا جو مان مٿاهون ٿو ڪريان، تنهن جو اوهين اپمان ٿا ڪريو. آءٌ خود پنهنجو مان نہ ٿو چاهيان، پر هڪڙو آهي جيڪو چاهي ٿو تہ منهنجو مان ٿئي ۽ اهو منهنجي حق ۾ فيصلو ڏئي ٿو. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي ڳالهين تي عمل ڪري ٿو سو ڪڏهن بہ نہ مرندو.“ تنهن تي انهن يهودين کيس چيو تہ ”هاڻي اسان کي پڪ ٿي تہ تو ۾ ڀوت آهي. ابرهام مري ويو ۽ سنديش ڏيندڙ سنت بہ مري ويا، تہ بہ تون چوين ٿو تہ ’جيڪو منهنجي ڳالهين تي عمل ڪندو سو ڪڏهن بہ نہ مرندو.‘ اسان جو پتا ابرهام جيڪو مري ويو تنهن کان بہ تون وڏو آهين ڇا؟ سنديش ڏيندڙ سنت بہ مري ويا. تون پاڻ کي ڇا ٿو سمجھين؟“ يسوع وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ پنهنجي مهما ڪريان تہ منهنجي مهما ڪا معنيٰ نہ ٿي رکي. پر جيڪو منهنجي مهما ڪري ٿو سو منهنجو پتا آهي، جنهن بابت اوهين چئو ٿا تہ ’اهو اسان جو ايشور آهي.‘ تڏهن بہ اوهان هن کي ڪونہ ڄاتو آهي، پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو. جيڪڏهن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ هن کي نہ ٿو ڄاڻان تہ آءٌ بہ اوهان جهڙو ڪوڙو ٿيندس. پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو ۽ سندس ڳالهين تي عمل ڪريان ٿو. اوهان جي پتا ابرهام کي اميد هئي تہ هو منهنجي اچڻ جو ڏينهن ڏسندو، سو هو ڏاڍو خوش هو. پوءِ هن اهو ڏينهن ڏٺو ۽ بيحد خوش ٿيو.“ تنهن تي انهن چيس تہ ”تون پنجاهہ سالن جو بہ ڪين آهين، پوءِ تو ڪيئن ابرهام کي ڏٺو؟“ يسوع وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ابرهام جي جنم کان بہ اڳي آءٌ آهيان.“ تنهن تي انهن يسوع کي سنگسار ڪرڻ لاءِ پٿر کنيا، پر يسوع پاڻ کي کڻي لڪايو ۽ هيڪل مان نڪري هليو ويو. جيئن يسوع پنهنجي چيلن سان گڏ رستي سان پئي ويو تہ هن هڪ اهڙو ماڻهو ڏٺو، جيڪو ڄائي ڄم کان انڌو هو. هن جي چيلن کانئس پڇيو تہ ”اي گرو! هي ڪنهن جي پاپ جي ڪري انڌو ڄائو آهي؟ ڇا پنهنجي پاپ جي ڪري يا پنهنجي ماتا پتا جي پاپ جي ڪري؟“ يسوع وراڻيو تہ ”هن جي انڌائپ جو هن جي پاپ سان يا سندس ماتا پتا جي پاپ سان ڪوبہ واسطو نہ آهي. پر هي انهيءَ ڪري انڌو آهي تہ جيئن هن مان ايشور جا ڪم ظاهر ٿين. ضروري آهي تہ جيستائين ڏينهن آهي تيستائين اسين انهيءَ جا ڪم ڪريون، جنهن مون کي موڪليو آهي. پر جڏهن رات ايندي تڏهن ڪوبہ ماڻهو ڪم ڪري نہ سگھندو. جيستائين آءٌ هن سنسار ۾ آهيان تہ آءٌ سنسار جي روشني آهيان.“ ائين چوڻ کان پوءِ يسوع زمين تي ٿُڪ اڇلائي ۽ انهيءَ ٿُڪ مان مٽي آلي ڪيائين. پوءِ اها آلي مٽي انهيءَ انڌي جي اکين تي لاتائين ۽ چيائينس تہ ”پنهنجو منهن انهيءَ تلاءَ ۾ وڃي ڌوءُ، جنهن جو نالو شيلوخ آهي.“ (شيلوخ جي معنيٰ ”موڪليل“ آهي.) پوءِ هو ويو ۽ انهيءَ تلاءَ ۾ وڃي منهن ڌوتائين ۽ موٽ تي هو ڏسندو وائسندو آيو. تنهن تي سندس پاڙيسرين ۽ ٻين ماڻهن جن کيس اڳ پنندي ڏٺو هو، سي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”هي اهو فقير تہ نہ آهي جيڪو هتي ويٺو پنندو هو!“ ڪن چيو تہ ”هي اهو ئي آهي“ ۽ ڪي وري چوڻ لڳا تہ ”هي اهو نہ آهي، پر انهيءَ جو ڪو هم‌شڪل آهي.“ تنهن تي هن پاڻ چيو تہ ”آءٌ اهو ئي آهيان.“ تڏهن انهن پڇيس تہ ”تو کي ديد ڪيئن ملي؟“ هن وراڻيو تہ ”اهو شخص جنهن جو نالو يسوع آهي، تنهن مٽي آلي ڪري منهنجي اکين تي لاتي ۽ چيائين تہ ’شيلوخ واري تلاءَ ۾ وڃي منهن ڌوءُ.‘ پوءِ آءٌ ويس ۽ وڃي منهن ڌوتم تہ ڏسڻ وائسڻ لڳس.“ تنهن تي انهن پڇيس تہ ”اهو شخص ڪٿي آهي؟“ هن چين تہ ”مون کي سڌ نہ آهي.“ تڏهن فريسين بہ انهيءَ کان پڇيو تہ ”تون ڪيئن ڏسڻ وائسڻ لڳين؟“ هن انهن کي ٻڌايو تہ ”هڪڙي ماڻهوءَ آلي مٽي منهنجي اکين تي لاتي ۽ مون وڃي منهن ڌوتو تہ آءٌ ڏسڻ وائسڻ لڳس.“ تنهن تي فريسين مان ڪن چيو تہ ”جنهن ماڻهوءَ هي ڪم ڪيو آهي سو ايشور جي طرفان ٿي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ هن سبت جي ڏينهن کي نہ مڃيو آهي.“ پر ٻين چيو تہ ”جيڪو پاپي آهي سو اهڙا چمتڪار ڪيئن ٿو ڪري سگھي.“ تنهنڪري انهن ۾ ڏڦيڙ پئجي ويو. ان کان پوءِ فريسين هڪ دفعو وري انهيءَ ماڻهوءَ کان پڇيو تہ ”تون چوين ٿو تہ هن تو کي ديد ڏني، هاڻ تون انهيءَ شخص بابت ڇا ٿو چوين؟“ هن وراڻيو تہ ”هو ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت آهي.“ يهودي اڳواڻن کي هن ماڻهوءَ جي ڳالهہ تي اڃا بہ اعتبار نہ آيو تہ هو ڪو انڌو هو ۽ پوءِ سڄو ٿيو آهي. تنهنڪري هنن انهيءَ ماڻهوءَ جي ماتا پتا کي گھرائي کانئن پڇيو تہ ”ڇا هي اوهان جو پٽ آهي؟ ڇا هي ڄائي ڄم کان انڌو هو؟ تہ پوءِ اهو ڪيئن ٿي سگھي ٿو تہ هو هاڻي ڏسي وائسي ٿو؟“ هن جي ماتا پتا وراڻيو تہ ”هائو، واقعي هي اسان جو پٽ آهي ۽ ڄائي ڄم کان انڌو هو. پر اسان کي اها سڌ ڪانهي تہ هاڻي ڪيئن هو ڏسڻ وائسڻ لڳو آهي ۽ ڪنهن هن کي ديد ڏني آهي. اوهين کانئس پڇو. هو عاقل بالغ آهي، پاڻ پنهنجي ڳالهہ ڪندو.“ سندس ماتا پتا يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان ائين چيو، ڇاڪاڻ تہ انهن اڳي ئي ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو تہ جيڪو بہ ماڻهو يسوع کي مسيح ڪري مڃيندو تنهن کي هو پنهنجي ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا. اهو ئي سبب هو جو انهيءَ ماڻهوءَ جي ماتا پتا چيو تہ ”اوهين کانئس پڇو، هو عاقل بالغ آهي.“ سو انهن وري انهيءَ ماڻهوءَ کي گھرايو جيڪو اڳي انڌو هو ۽ کيس چيائون تہ ”تون ايشور جي آڏو قسم کڻ تہ سچ ڳالهائيندين. اسين ڄاڻون ٿا تہ جنهن ماڻهوءَ تو کي ديد ڏني سو پاپي آهي.“ انهيءَ ماڻهوءَ وراڻيو تہ ”مون کي سڌ نہ آهي تہ هو پاپي آهي يا نہ. آءٌ رڳو اهو ڄاڻان ٿو تہ اڳي آءٌ انڌو هئس ۽ هاڻي ڏسان وائسان ٿو.“ تنهن تي انهن پڇيس تہ ”هن تو کي ڇا ڪيو؟ ڪيئن تو کي ديد ڏنائين؟“ هن وراڻيو تہ ”اڃا هاڻي تہ مون اوهان کي ٻڌايو آهي تہ بہ اوهان ڪونہ ٻڌو. وري ڇو ٿا ٻڌڻ چاهيو؟ اوهين بہ هن جا چيلا ٿيڻ چاهيو ٿا ڇا؟“ تنهن تي انهن ڦٽ لعنت ڪري چيس تہ ”تون ئي انهيءَ جو چيلو آهين. اسين تہ موسيٰ جا چيلا آهيون. اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور موسيٰ سان ڳالهايو هو، پر انهيءَ شخص بابت اسان کي ڪابہ سڌ نہ آهي تہ هو ڪٿان آيو آهي.“ تنهن تي انهيءَ ماڻهوءَ چيو تہ ”واہ! اها تہ عجيب ڳالهہ آهي. جيتوڻيڪ هن مون کي ديد ڏني آهي، تڏهن بہ اوهان کي سڌ نہ ٿي پوي تہ هو ڪٿان آيو آهي. اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور پاپين جي نہ ٻڌندو آهي، پر جيڪڏهن ڪو ايشور ڀڳت آهي ۽ سندس مرضيءَ تي هلي ٿو تہ ايشور انهيءَ جي ٻڌي ٿو. سنسار جي شروعات کان وٺي ائين ڪڏهن بہ ٻڌڻ ۾ ڪونہ آيو آهي تہ ڄائي ڄم جي انڌي ماڻهوءَ کي ڪنهن ديد ڏني هجي. جيڪڏهن هي ماڻهو ايشور جي طرفان نہ هجي ها تہ ڪجھہ بہ نہ ڪري سگھي ها.“ تنهن تي انهن چيس تہ ”تون اصل ڄائو ئي پاپن ۾ آهين ۽ هاڻي تون ٿو اسان کي سيکارين؟“ پوءِ انهن کيس ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي. جڏهن يسوع ٻڌو تہ يهودي اڳواڻن انهيءَ ماڻهوءَ کي ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي آهي، تڏهن هو ساڻس مليو ۽ کيس چيائين تہ ”ڇا تون منش‌پتر تي وشواس آڻين ٿو؟“ تنهن تي هن پڇيس تہ ”سوامي! اهو ڪير آهي جو آءٌ مٿس وشواس آڻيان؟“ يسوع چيس تہ ”تو کيس اڳي بہ ڏٺو آهي ۽ هاڻي جيڪو تو سان ڳالهائي رهيو آهي، سو ئي آهي.“ تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ چيو تہ ”اي پرڀو! آءٌ وشواس آڻيان ٿو.“ ائين چئي هن سندس اڳيان سيس نوايو. پوءِ يسوع چيو تہ ”آءٌ هن سنسار ۾ فيصلو ڏيڻ لاءِ آيو آهيان، تہ جيئن جيڪي انڌا آهن سي ڏسن ۽ جيڪي ڏسن ٿا سي انڌا ٿين.“ تڏهن اتي موجود فريسين مان ڪن اهي ڳالهيون ٻڌي پڇيس تہ ”ڇا اسين بہ انڌا آهيون؟“ يسوع کين چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين انڌا هجو ها تہ اوهان جو ڪو ڏوهہ نہ هجي ها. پر هاڻي تہ اوهين پاڻ چئو ٿا تہ ’اسين ڏسون ٿا،‘ سو اوهان جو ڏوهہ ثابت آهي.“ يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو ماڻهو رڍن جي واڙي ۾ در کان نہ ٿو گھڙي پر ڪنهن ٻئي پاسي کان ٽپي اچي ٿو، سو چور ۽ ڌاڙيل آهي. جيڪو ماڻهو در کان واڙي ۾ گھڙي ٿو سو رڍن جو ريڍار آهي. دربان هن لاءِ در کولي ٿو ۽ رڍون هن جو آواز ٻڌن ٿيون. هو نالو وٺي پنهنجي رڍن کي سڏي ٿو ۽ کين ٻاهر آڻي ٿو. جڏهن هو انهن سڀني کي ٻاهر ڪڍي اچي ٿو، تڏهن هو سندن اڳيان ٿي هلي ٿو ۽ رڍون هن جي پٺيان هلن ٿيون، ڇاڪاڻ تہ اهي هن جو آواز سڃاڻين ٿيون. اهي ڪنهن ڌارئي جي پٺيان نہ هلنديون، بلڪ انهيءَ کان پري ڀڄي وينديون، ڇاڪاڻ تہ اهي ڌارين جو آواز نہ ٿيون سڃاڻين.“ يسوع انهن کي اهو مثال ٻڌايو، پر انهن نہ سمجھيو تہ هن جي چوڻ جو مقصد ڇا آهي. سو يسوع وري اهو بہ چين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ رڍن لاءِ اهو در آءٌ آهيان. ٻين جن بہ مون کان اڳ ۾ اهڙي قسم جي دعويٰ ڪئي سي چور ۽ ڌاڙيل هئا، جڏهن تہ رڍن انهن جي نہ ٻڌي. آءٌ ئي اهو در آهيان. سو جيڪا بہ رڍ مون مان اندر گھڙندي سا بچي ويندي. اها اندر ٻاهر ايندي ويندي رهندي ۽ چراگاهہ ۾ پيئي چرندي. چور رڳو انهيءَ مطلب لاءِ اچي ٿو تہ چوري ڪري، ماري ۽ برباد ڪري. پر آءٌ انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ کين جيون ملي، بلڪ ڀرپور جيون ملين. آءٌ چڱو ريڍار آهيان ۽ چڱو ريڍار رڍن لاءِ پنهنجي جان بہ ڏئي ٿو. جيڪو مزدور آهي سو نہ ريڍار آهي ۽ نہ وري رڍن جو مالڪ. هو جڏهن بگھڙ کي ايندي ڏسي ٿو تہ رڍن کي ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو ۽ بگھڙ رڍن تي حملو ڪري کين ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏي ٿو. مزدور ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هو رڳو مزدور آهي ۽ کيس رڍن جي ڪا چنتا ڪانہ آهي. منهنجيون ٻيون بہ رڍون آهن جيڪي هن واڙي جون نہ آهن. انهن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آهي. اهي منهنجو آواز ٻڌنديون ۽ پوءِ هڪڙو ئي ڌڻ ۽ هڪڙو ئي ڌنار ٿيندو. آءٌ پنهنجي جان ڏيان ٿو تہ جيئن اها وري موٽائي وٺان. انهيءَ عمل جي ڪري پتا مون سان پيار ٿو ڪري. منهنجي جان مون کان ڪوبہ نہ ٿو کسي، پر آءٌ اها پنهنجي مرضيءَ سان ٿو ڏيان. مون کي پنهنجي جان ڏيڻ جي اختياري آهي ۽ اها وري موٽائي وٺڻ جي بہ اختياري اٿم. هي حڪم مون کي پنهنجي پتا وٽان مليو آهي.“ انهن ڳالهين ٻڌڻ کان پوءِ ماڻهن ۾ وري ڏڦيڙ پئجي ويو. هنن مان ڪيترائي چوڻ لڳا تہ ”هن ۾ ڀوت آهي، بلڪ هي چريو آهي. اوهين ڇو سندس ڳالهين تي ڌيان ڏيو ٿا؟“ پر ٻين وري چيو تہ ”جنهن ماڻهوءَ ۾ ڀوت هوندو آهي، سو هن جهڙيون ڳالهيون نہ ڪري سگھندو آهي. ڀلا، ڀوت ڪنهن انڌي کي ديد ڏيئي سگھي ٿو ڇا؟“ سياري جي موسم هئي ۽ يسوع تجديد واري تهوار جي موقعي تي يروشلم ۾ هو. هو هيڪل جي سليماني ورانڊي ۾ گھمي رهيو هو تہ ماڻهو چوڌاري ڦري آيس ۽ چيائونس تہ ”ڪيستائين تون اسان کي شڪ ۾ رکندين؟ جيڪڏهن تون مسيح آهين تہ اسان کي صاف صاف ٻڌاءِ.“ يسوع کين وراڻيو تہ ”مون تہ اوهان کي ٻڌايو آهي، پر اوهين يقين نہ ٿا ڪريو. جڏهن تہ جيڪي ڪم آءٌ پنهنجي پتا جي اختياريءَ سان ڪريان ٿو سي بہ منهنجي شاهدي ٿا ڏين. پر اوهين انهيءَ ڪري يقين نہ ٿا ڪريو جو اوهين منهنجي رڍن مان نہ آهيو. آءٌ پنهنجي رڍن کي ڄاڻان ٿو. اهي منهنجو آواز ٻڌي منهنجي پٺيان هلن ٿيون. آءٌ انهن کي امر جيون ڏيان ٿو تنهنڪري اهي ڪڏهن بہ برباد نہ ٿينديون، نڪي ڪو ٻيو اهي مون کان کسي سگھندو. منهنجو پتا، جنهن مون کي اهي ڏنيون آهن سو سڀني کان وڏو آهي ۽ ڪوبہ منهنجي پتا کان اهي کسي نہ سگھندو. جڏهن تہ آءٌ ۽ پتا هڪ آهيون.“ تنهن تي ماڻهن وري پٿر کنيا تہ جيئن کيس سنگسار ڪن. تڏهن يسوع کين چيو تہ ”مون پتا جي پاران ڪيترائي چڱا ڪم اوهان کي ڪري ڏيکاريا آهن. انهن مان ڪهڙي ڪم جي ڪري اوهين مون کي سنگسار ڪريو ٿا؟“ تنهن تي ماڻهن وراڻيس تہ ”اسين تو کي ڪنهن چڱي ڪم ڪرڻ جي ڪري نہ، پر ايشور جي نندا ڪرڻ ڪري سنگسار ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ تون انسان ٿي ڪري پاڻ کي ايشور سڏين ٿو.“ يسوع چين تہ ”ڇا اوهان جي پوِتر شاستر ۾ اهو لکيل نہ آهي تہ ’آءٌ ايشور چوان ٿو تہ اوهين منهنجا پٽ آهيو‘؟ ڏسو، ايشور انهن کي پنهنجا پٽ سڏيو جن کي سندس وچن مليل هو. هاڻ پوِتر شاستر تہ ڪڏهن بہ ڪوڙو ٿي نہ ٿو سگھي. سو جڏهن پتا پاڻ مون کي مخصوص ڪيو آهي ۽ هن سنسار ۾ موڪليو اٿس، تہ پوءِ اوهين ڪيئن چئو ٿا تہ مون ايشور جي نندا ڪئي آهي جو چيو اٿم تہ ’آءٌ ايشور جو پٽ آهيان‘؟ جيڪڏهن آءٌ پنهنجي پتا جا ڪم نہ ڪندو هجان تہ ڀلي اوهين مون تي يقين نہ ڪريو. جيتوڻيڪ اوهين مون تي يقين نہ ٿا ڪريو، تڏهن بہ منهنجي انهن ڪمن تي تہ يقين ڪريو جيڪي آءٌ پتا جي طرفان ڪريان ٿو، تہ جيئن اوهين اها حقيقت ڄاڻي وٺو تہ پتا مون ۾ آهي ۽ آءٌ پتا ۾ آهيان.“ تنهن تي هنن وري بہ يسوع کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو اتان کسڪي هليو ويو. يسوع موٽي وري اردن درياءَ جي هُن ڀر انهيءَ جاءِ تي ويو، جتي اڳي يوحنا بپتسما ڏيندو هو. هو اتي رهي پيو. ڪيترائي ماڻهو وٽس ايندا هئا. هو چوندا هئا تہ ”يوحنا ڪوبہ چمتڪار تہ نہ ڏيکاريو، پر هن ماڻهوءَ بابت جيڪي ڳالهيون هن چيون هيون سي سڀ سچيون نڪتيون.“ اتي ڪيترن ئي ماڻهن يسوع تي وشواس آندو. ٻنهي ڀينرن يسوع کي چوائي موڪليو تہ ”اي پرڀو! اوهان جو پيارو دوست بيمار آهي.“ يسوع اهو ٻڌي چيو تہ ”لعزر جي اها بيماري موت واري نہ آهي، بلڪ ايشور جي مهانتا ظاهر ٿيڻ لاءِ آهي، تہ جيئن انهيءَ سان سندس پٽ جي بہ مهانتا ٿئي.“ يسوع جو لعزر ۽ سندس ڀينرن سان پيار هو. تنهن هوندي بہ لعزر جي بيماريءَ بابت ٻڌڻ جي باوجود هو جتي هو اتي ٻہ ڏينهن وڌيڪ ترسي پيو. پوءِ هن چيلن کي چيو تہ ”هلو تہ وري يهوديہ ڏانهن هلون.“ تنهن تي چيلن چيس تہ ”اي گرو! اڃا تازو ئي ماڻهو اوهان کي سنگسار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ۽ اوهين وري اوڏانهن ٿا هلو.“ يسوع وراڻيو تہ ”ڇا ڏينهن جي روشني ٻارهن ڪلاڪ نہ هوندي آهي؟ سو جيڪڏهن ڪو ڏينهن جي وقت گھمندو تہ ٿاٻو نہ کائيندو، ڇاڪاڻ تہ هو سنسار جي روشنيءَ ۾ هلي رهيو آهي. پر جيڪڏهن ڪو رات جي اونداهيءَ ۾ گھمندو تہ ضرور ٿاٻو کائيندو، ڇاڪاڻ تہ هن کي روشني نہ آهي.“ پوءِ يسوع وڌيڪ چين تہ ”اسان جو دوست لعزر ننڊ پيو آهي، پر آءٌ وڃي کيس ننڊ مان اٿاريندس.“ تنهن تي چيلن چيس تہ ”اي پرڀو! جيڪڏهن لعزر ننڊ ۾ آهي تہ بچي پوندو.“ يسوع تہ لعزر جي موت بابت ٿي ڳالهہ ڪئي، پر هنن سمجھيو تہ يسوع ننڊ ۾ سمهي آرام ڪرڻ بابت ٿو چوي. تنهنڪري يسوع صاف چين تہ ”لعزر مري ويو آهي. آءٌ اوهان جي خاطر خوش آهيان جو اتي نہ هئس تہ جيئن اوهين وشواس آڻيو. هاڻي هلو تہ وٽس هلون.“ تنهن تي توما جنهن کي جاڙو بہ سڏيندا هئا، تنهن پنهنجي ساٿي چيلن کي چيو تہ ”اچو تہ اسين بہ هلون تہ جيئن هن سان گڏ هلي مرون.“ جڏهن يسوع بيت‌عنياہ ڳوٺ جي ويجھو پهتو تہ کيس خبر پيئي تہ لعزر کي دفن ڪئي چار ڏينهن گذري چڪا آهن. جيئن تہ يروشلم بيت‌عنياہ کان اٽڪل ٽي ڪلوميٽر پري هو، سو اتان ڪيترائي ماڻهو مارٿا ۽ مريم سان سندن ڀاءُ جي پرچاڻي ڪرڻ لاءِ آيا هئا. جيئن ئي مارٿا ٻڌو تہ يسوع اچي رهيو آهي تہ هوءَ کيس ملڻ لاءِ اڳڀرو ويئي، جڏهن تہ مريم گھر ۾ ئي ويٺي رهي. مارٿا يسوع کي چيو تہ ”اي پرڀو! جيڪڏهن اوهين هتي هجو ها تہ منهنجو ڀاءُ نہ مري ها. پر آءٌ ڄاڻان ٿي تہ جيڪڏهن هاڻي بہ اوهين ايشور کان جيڪو ڪجھہ گھرندا سو هو اوهان کي ڏيندو.“ تنهن تي يسوع چيس تہ ”تنهنجو ڀاءُ وري جيوت ٿيندو.“ مارٿا وراڻيو تہ ”آءٌ ڄاڻان ٿي تہ هو انتم ڏينهن يعني قيامت تي سڀني مئلن سان گڏ وري جيوت ٿي اٿندو.“ يسوع کيس چيو تہ ”قيامت ۽ جيون تہ آءٌ آهيان. جيڪو بہ مون تي وشواس رکي ٿو سو جيتوڻيڪ مري وڃي تہ بہ جيوت رهندو ۽ جيڪو بہ جيوت آهي ۽ مون تي وشواس ٿو رکي سو ڪڏهن بہ نہ مرندو. ڇا تنهنجو هن ڳالهہ تي وشواس آهي؟“ مارٿا وراڻيو تہ ”هائو، پرڀو! مون کي وشواس آهي تہ مسيح ايشور جو پٽ، جيڪو سنسار ۾ اچڻو هو سو اوهين ئي آهيو.“ هن چوڻ کان پوءِ مارٿا موٽي ويئي ۽ پنهنجي ڀيڻ مريم کي پنهنجي منهن سڏي چيائين تہ ”ادي! گرو آيو آهي ۽ تو کي سڏي ٿو.“ اها ڳالهہ ٻڌڻ شرط مريم هڪدم اُٿي کڙي ٿي ۽ يسوع وٽ ويئي. يسوع اڃا تائين ڳوٺ ۾ ڪين پهتو هو، پر اتي ئي هو جتي مارٿا وڃي ساڻس ملي هئي. جيڪي ماڻهو مريم سان گھر ۾ ويٺا هئا ۽ دلداري پئي ڏنائونس، تن جڏهن مريم کي تڪڙو تڪڙو ٻاهر ويندي ڏٺو تڏهن سمجھيائون تہ هوءَ ڀاءُ جي قبر تي روئڻ ٿي وڃي، سو اهي بہ هن جي پٺيان اٿي هليا. جڏهن مريم يسوع وٽ پهتي ۽ هن کي ڏٺائين تہ پيرن تي ڪري پيس ۽ چيائينس تہ ”اي پرڀو! جيڪڏهن اوهين هتي هجو ها تہ منهنجو ڀاءُ مري ئي ڪين ها.“ يسوع جڏهن مريم ۽ ساڻس گڏ آيل ماڻهن کي روئندي ڏٺو، تڏهن انهيءَ واقعي سبب کيس ڏاڍو رنج پهتو ۽ بيحد ڏک ٿيس. هن کانئن پڇيو تہ ”اوهان کيس ڪٿي دفن ڪيو آهي؟“ انهن وراڻيو تہ ”اي پرڀو! هلي ڏسو.“ يسوع روئي ڏنو. تنهن تي ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، لعزر سان کيس ڪيڏو نہ پيار هو.“ پر انهن مان ڪن چيو تہ ”ڇا هي، جنهن انڌي ماڻهوءَ کي ديد ڏني هئي سو ائين ڪري نہ ٿي سگھيو جو لعزر اصل مري ئي نہ ها؟“ پوءِ يسوع کي وري بہ رنج پهتو ۽ هو قبر تي آيو. اها قبر هڪ غار هئي جنهن جي منهن تي پٿر ڏنل هو. يسوع چيو تہ ”هن پٿر کي پري هٽايو.“ فوتيءَ جي ڀيڻ مارٿا کيس چيو تہ ”اي پرڀو! اندر تہ بانس هوندي، ڇاڪاڻ تہ هن کي دفن ڪئي چار ڏينهن گذري ويا آهن.“ يسوع هن کي چيو تہ ”مون تو کي ڪين چيو هو تہ جيڪڏهن تون وشواس رکندينءَ تہ ايشور جي مهانتا ڏسندينءَ؟“ تڏهن هنن پٿر پري هٽايو. پوءِ يسوع مٿي نهاري چيو تہ ”اي پتا! آءٌ تنهنجو شڪرگذار آهيان جو تو منهنجي ٻڌي آهي. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون هميشہ منهنجي ٻڌندو آهين. پر هي ماڻهو جيڪي هتي بيٺا آهن، تن کي اهو ڏيکارڻ لاءِ آءٌ پرارٿنا ٿو ڪريان تہ جيئن اهي يقين ڪن تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.“ ائين چوڻ کان پوءِ يسوع وڏي واڪي چيو تہ ”اي لعزر! ٻاهر نڪري اچ.“ تنهن تي مئل ماڻهو جيوت ٿي ٻاهر نڪري آيو. هن جا هٿ ۽ پير ڪفن سان ٻڌل هئا ۽ سندس منهن رومال سان ويڙهيل هو. يسوع انهن ماڻهن کي چيو تہ ”هن کي کوليو تہ گھمي ڦري.“ جيڪي ماڻهو مريم وٽ آيا هئا، تن مان ڪيترن ئي جڏهن يسوع جو هي ڪم ڏٺو تڏهن مٿس وشواس آندائون. پر انهن مان ڪي فريسين وٽ ويا ۽ يسوع جيڪي ڪجھہ ڪيو هو سو وڃي کين ٻڌايائون. تنهن تي فريسي ۽ سردار ڪاهن پئنچائت گڏ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اسين هاڻي ڇا ڪريون؟ هي ماڻهو تہ گھڻا ئي چمتڪار پيو ڪري. جيڪڏهن اسين هن کي ائين ڪندي ڇڏي ڏينداسون تہ پوءِ هر ڪو مٿس وشواس آڻيندو ۽ رومي حڪمران اسان تي قدم کڻندا. پوءِ هو اسان جي هيڪل ۽ سڄي قوم کي تباهہ ڪري ڇڏيندا.“ انهن مان هڪڙي شخص جو نالو ڪائفا هو جيڪو انهيءَ سال جو وڏو سردار ڪاهن هو، تنهن چيو تہ ”اوهان کي سڌ ئي ڪانہ ٿي پوي. اوهين اهو سمجھو ئي نہ ٿا تہ اوهان جي لاءِ هي بهتر ٿيندو جو هڪڙو ماڻهو قوم لاءِ مري ۽ نہ سڄي قوم تباهہ ٿئي.“ حقيقت ۾ هن اها ڳالهہ پنهنجي طرفان نہ چئي، پر جيئن تہ هو انهيءَ سال جو وڏو سردار ڪاهن هو، تنهنڪري ايشور ئي هن جي واتان اهو چوايو تہ يسوع يهودي قوم لاءِ مرندو ۽ نہ رڳو ان قوم لاءِ مرندو، بلڪ انهيءَ لاءِ بہ تہ ايشور جا ٻار جيڪي ڇڙوڇڙ ٿيل آهن تن کي گڏي هڪ ڪري. انهيءَ ڏينهن کان وٺي يهودي اڳواڻ يسوع کي مارڻ جون سازشون سٽڻ لڳا. تنهنڪري يسوع انهيءَ ڏينهن کان پوءِ يهوديہ ۾ کُليو کُلايو گھمڻ ڇڏي ڏنو. پوءِ هو اتان رڻ‌پٽ جي ڀر واري علائقي ڏانهن هليو ويو ۽ افرائيم نالي هڪ ڳوٺ ۾ پنهنجي چيلن سان گڏ رهڻ لڳو. يهودي قوم جو فصح وارو تهوار ويجھو هو، سو ڪيترائي ماڻهو فصح جي تهوار کان اڳ ٻهراڙيءَ کان يروشلم ۾ آيا هئا تہ جيئن هو پاڻ کي پوِتر ڪن. اهي يسوع کي ڳولي رهيا هئا ۽ هيڪل ۾ بيٺي هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ڇا ٿا ڀانئيو تہ هو تهوار جي موقعي تي ايندو يا نہ؟“ سردار ڪاهنن ۽ فريسين هي حڪم ڏيئي ڇڏيو هو تہ ”ڪنهن کي بہ سڌ پوي تہ يسوع ڪٿي آهي تہ اهو ضرور اطلاع ڏئي تہ جيئن کيس پڪڙيو وڃي.“ فصح جي تهوار کان ڇهہ ڏينهن اڳ يسوع بيت‌عنياہ ڳوٺ ويو جتي لعزر رهندو هو، جنهن کي يسوع مئلن مان جيوت ڪيو هو. اتي يسوع لاءِ رات جي رسوئي تيار ڪئي ويئي. مارٿا سيوا پئي ڪئي، جڏهن تہ لعزر يسوع ۽ ٻين مهمانن سان گڏ رسوئي کائڻ لاءِ ويٺو هو. تڏهن مريم اڌ ليٽر تمام قيمتي عطر، جيڪو سچي سُرهي مُرَ مان تيار ڪيل هو، سو کڻي يسوع جي پيرن کي مکيو ۽ پوءِ پنهنجي وارن سان سندس پير اُگھيائين. انهيءَ عطر جي سرهاڻ سان سڄو گھر ڀرجي ويو. يسوع جي چيلن مان هڪڙي جنهن جو نالو يهوداہ اسڪريوتي هو ۽ جيڪو اڳتي هلي ساڻس دغا ڪرڻ وارو هو، تنهن چيو تہ ”ڇو نہ هي عطر ٽي سؤ چانديءَ جي سڪن ۾ وڪڻي غريبن کي دان ڏجي ها.“ هن اها ڳالهہ غريبن جي همدرديءَ لاءِ نہ چئي، پر هو پاڻ بي‌ايمان هو ۽ انهيءَ لاءِ چيائين تہ هو انهن پئسن مان بہ ڪجھہ چورائي ها، ڇاڪاڻ تہ پئسن جي ڳوٿري وٽس هوندي هئي. يهوداہ جي انهيءَ ڳالهہ تي يسوع چيو تہ ”ڇڏيوس، ڇو تہ هن اهو عطر منهنجي ڪفن دفن لاءِ ئي بچائي رکيو هو. غريب تہ هميشہ اوهان وٽ آهن، پر آءٌ هميشہ اوهان وٽ نہ هوندس.“ ماڻهن جي وڏي ميڙ جڏهن ٻڌو تہ يسوع بيت‌عنياہ ۾ آهي، تڏهن اهي اوڏانهن ويا. اهي نہ رڳو يسوع کي، بلڪ لعزر کي بہ ڏسڻ ويا، جنهن کي يسوع مئلن مان جيوت ڪيو هو. تنهنڪري سردار ڪاهن لعزر کي بہ مارڻ جون سازشون سِٽڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ لعزر جي ڪري ڪيترائي ماڻهو انهن کي ڇڏي ويا هئا ۽ وڃي يسوع تي وشواس آندو هئائون. ٻئي ڏينهن تي وڏو ميڙ جيڪو فصح جي تهوار تي آيو هو تنهن ٻڌو تہ يسوع يروشلم ۾ اچي رهيو آهي. سو اهي ميڙ وارا کجيءَ جون ڇڙيون هٿن ۾ کڻي سندس آڌرڀاءَ لاءِ اڳڀرو ويا ۽ نعرا هڻڻ لڳا تہ ” ايشور جي مهما هجي! سڀاڳو آهي اهو، جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي! بني اسرائيل جو راجا مبارڪ، مبارڪ!“ هوڏانهن يسوع کي هڪ کودڙو ملي ويو ۽ هو مٿس چڙهي ويٺو، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”اي صيئون شهر جا رهاڪؤ! ڊڄو نہ، ڏسو، اوهان جو راجا اچي پيو، جيڪو کودڙي تي سوار آهي.“ سندس چيلن کي پهريائين تہ اهي ڳالهيون سمجھہ ۾ ڪين ٿي آيون. پر پوءِ جڏهن يسوع جي جوت ظاهر ٿي، تڏهن انهن کي ياد آيو تہ پوِتر شاستر ۾ هن بابت انهن ڳالهين جي اڳڪٿي ڪئي ويئي هئي ۽ ائين ئي ماڻهن ساڻس سلوڪ ڪيو. لعزر کي قبر مان سڏي مئلن مان جيوت ڪرڻ مهل جيڪي ماڻهو يسوع سان گڏ هئا، سي انهيءَ چمتڪار جي شاهدي ڏيندا ٿي آيا. انهيءَ سبب ڪيترائي ماڻهو يسوع سان ملڻ لاءِ آيا، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻڌو هو تہ اهو چمتڪار هن ئي ڪيو آهي. تنهن تي فريسي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”افسوس! اسين ناڪام ٿي پيا آهيون. ڏسو، سڄو سنسار سندس پٺيان لڳي پيو آهي.“ جيڪي ماڻهو يروشلم ۾ تهوار تي ڀڳتي ڪرڻ لاءِ آيا هئا، تن ۾ ڪي يوناني بہ هئا. اهي فلپس وٽ آيا جيڪو گليل جي شهر بيت‌صيدا جو ويٺل هو ۽ وينتي ڪيائونس تہ ”اي سائين! اسين يسوع سان ملڻ چاهيون ٿا.“ فلپس اچي اندرياس کي اها ڳالهہ ٻڌائي ۽ پوءِ اندرياس ۽ فلپس ٻنهي وڃي يسوع کي ٻڌايو. تنهن تي يسوع چيو تہ ”اها گھڙي اچي پهتي آهي، جڏهن منش‌پتر جي جوت ظاهر ٿيندي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪڻڪ جو داڻو زمين ۾ پورجي نہ ٿو تيستائين اڪيلو ٿو رهي. پر جي پورجي ٿو تہ ڪيترائي داڻا پيدا ڪري ٿو. جيڪو بہ پنهنجي جان سان پيار ڪري ٿو سو اها وڃائيندو. پر جيڪو هن سنسار ۾ پنهنجي جان کي نظرانداز ڪري ٿو تنهن کي امر جيون ملندو. جيڪو منهنجي سيوا ڪرڻ چاهي سو منهنجي پيروي ڪري، تہ جيئن جتي آءٌ آهيان اتي منهنجو سيواداري بہ هجي. منهنجو پتا انهيءَ کي مان ڏيندو جيڪو منهنجي سيوا ڪندو.“ پوءِ يسوع چوڻ لڳو تہ ”منهنجي دل ڏکويل آهي، هاڻي آءٌ ڇا چوان؟ ڇا آءٌ ائين چوان تہ ’اي پتا! مون کي هن گھڙيءَ کان بچاءِ‘؟ پر هن گھڙيءَ لاءِ ئي تہ آءٌ آيو آهيان. سو اي پتا! تون پنهنجي نالي جي مهانتا ظاهر ڪر.“ تنهن تي آڪاش مان آواز آيو تہ ”مون پنهنجي نالي جي مهانتا ظاهر ڪئي آهي ۽ وري بہ ڪندس.“ تڏهن جيڪي ماڻهو اتي بيٺا ٻڌي رهيا هئا، تن مان ڪن چيو تہ ”آڪاش مان گجگوڙ ٿيو“ ۽ ٻين وري چيو تہ ”ڪنهن دوت ساڻس ڳالهايو آهي.“ تنهن تي يسوع کين چيو تہ ”اهو آواز منهنجي لاءِ نہ پر اوهان جي لاءِ هو. هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي جو هن سنسار کي پاپي قرار ڏنو ويندو ۽ سنسار جي سردار کي لوڌي ڪڍيو ويندو. جڏهن آءٌ ڌرتيءَ کان مٿي چاڙهيو ويس تہ سڀني کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندس.“ هن چوڻ سان هن اهو اشارو ٿي ڏنو تہ سندس موت ڪيئن ٿيندو. تنهن تي ماڻهن چيو تہ ”اسان پوِتر شاستر جي اها ڳالهہ ٻڌي آهي تہ مسيح هميشہ جيوت رهندو، تہ پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ منش‌پتر ضرور مٿي چاڙهيو ويندو؟ اهو منش‌پتر ڪير آهي؟“ يسوع کين چيو تہ ”اڃا ٿوري دير تائين روشني اوهان وٽ آهي ۽ جيستائين روشني اوهان وٽ آهي اوهين اڳتي هلندا رهو. ائين نہ ٿئي جو اونداهي اچي اوهان تي ڪڙڪي ۽ پوءِ اونداهيءَ ۾ هلندي اوهان کي سڌ ئي نہ پوي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو. سو جيڪا گھڙي روشني اوهان وٽ آهي اوهين روشنيءَ تي وشواس آڻيو، تہ جيئن اوهين روشنيءَ جا ٻار ٿيو.“ اهي ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ يسوع هليو ويو ۽ انهن کي منهن نہ ڏيکاريائين. جيتوڻيڪ يسوع ماڻهن جي اڳيان هيترا چمتڪار ڪيا هئا تہ بہ گھڻن ئي مٿس وشواس نہ آندو هو. اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪو سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي لکت ۾ آهي سو پورو ٿئي تہ ”اي پرميشور! اسان جي سنديش تي ڪنهن وشواس ڪيو؟ ۽ ڪنهن تنهنجي ٻانهن جو زور سڃاتو؟“ اهو ئي سبب هو جو انهن وشواس نہ آندو، ڇاڪاڻ تہ يسعياہ جي معرفت هي بہ فرمايو ويو هو تہ ”مون ايشور انهن جون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن، ۽ سندن عقل تي تالو هڻي ڇڏيو اٿم، تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن ۽ پنهنجي دماغ سان سمجھن، ۽ مون آڏو توبهہ‌تائب ٿين تہ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“ يسعياہ هي انهيءَ لاءِ چيو هو جو هن يسوع جي جوت ڏٺي هئي ۽ انهيءَ جي باري ۾ ڳالهايو هئائين. تنهن هوندي بہ ڪيترن ئي يهودي اڳواڻن يسوع تي وشواس آندو، پر فريسين جي ڪري اهي کُليءَ طرح اقرار نہ پيا ڪن، تہ متان کين ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي نہ ڏيئي ڇڏين. اهي ايشور جي نظر ۾ چڱو ٿيڻ بدران ماڻهن اڳيان مان حاصل ڪرڻ کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا. پوءِ يسوع وڏي واڪي چيو تہ ”جيڪو بہ مون تي وشواس رکي ٿو سو نہ رڳو مون تي، بلڪ انهيءَ تي بہ وشواس رکي ٿو جنهن مون کي موڪليو آهي. جيڪو مون کي ڏسي ٿو سو انهيءَ کي بہ ڏسي ٿو جنهن مون کي موڪليو آهي. آءٌ روشني آهيان ۽ هن سنسار ۾ انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ جيڪو بہ مون تي وشواس آڻي سو اونداهيءَ ۾ نہ رهي. جيڪو منهنجيون ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل نہ ٿو ڪري، تنهن کي آءٌ پاپي قرار نہ ٿو ڏيان. آءٌ سنسار کي پاپي قرار ڏيڻ لاءِ نہ، بلڪ انهيءَ کي بچائڻ لاءِ آيو آهيان. جيڪو مون کي ۽ منهنجي ڳالهين کي قبول نہ ٿو ڪري، تنهن کي پاپي قرار ڏيڻ وارو هڪڙو ئي آهي، يعني منهنجو سنديش، جيڪو انتم ڏينهن هن کي پاپي قرار ڏيندو. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪي مون ڳالهايو آهي سو پنهنجي طرفان نہ، پر پتا جي طرفان ڳالهايو اٿم، جنهن مون کي موڪليو آهي. انهيءَ ئي مون کي حڪم ڏنو آهي تہ مون کي ڇا ڇا چوڻ ۽ ڳالهائڻ گھرجي. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ هن جو حڪم امر جيون ڏئي ٿو. تنهنڪري جيڪي ڪجھہ آءٌ چوان ٿو، سو اهو ئي آهي جيڪو پتا مون کي ٻڌائڻ لاءِ چيو آهي.“ هاڻ جيئن تہ يسوع کي اها سڌ پئجي ويئي تہ ”منهنجي اها گھڙي اچي ويئي آهي جو آءٌ هي سنسار ڇڏي پتا ڏانهن وڃان،“ تنهن هوندي بہ جيڪي هن سنسار ۾ پنهنجا هئس تن کي هو انتم گھڙيءَ تائين پيار ڪندو آيو. فصح جي تهوار کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ يسوع ۽ سندس چيلا رات جي رسوئي کائي رهيا هئا. انهيءَ وقت کان اڳ ئي شمعون جي پٽ يهوداہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ شيطان اها ڳالهہ وجھي ڇڏي هئي تہ هو يسوع سان دغا ڪري. يسوع ڄاتو ٿي تہ ”پتا مون کي سڀ ڪجھہ هٿ ۾ ڏنو آهي.“ هن اهو بہ ڄاتو ٿي تہ ”آءٌ ايشور جي طرفان آيو آهيان ۽ ايشور ڏانهن موٽي وڃي رهيو آهيان.“ اهو سڀ ڄاڻيندي يسوع رسوئيءَ تان اٿيو ۽ پنهنجو جبو لاهي ٽوال چيلهہ سان ٻڌائين. پوءِ ڪجھہ پاڻي ٿالهہ ۾ وجھي پنهنجي چيلن جا پير ڌوئڻ لڳو ۽ چيلهہ سان ٻڌل ٽوال سان سندن پير اُگھڻ لڳو. جڏهن هو شمعون پطرس وٽ آيو تہ هن چيس تہ ”اي پرڀو! اوهين منهنجا بہ پير ڌوئيندا ڇا؟“ يسوع وراڻيس تہ ”تون هاڻي نہ ٿو سمجھين تہ آءٌ ڇا ڪري رهيو آهيان، پر پوءِ تو کي سڌ پوندي.“ پطرس چيس تہ ”آءٌ پنهنجا پير اوهان کان ڪڏهن بہ نہ ڌئاريندس.“ يسوع چيس تہ ”جيڪڏهن تون پنهنجا پير مون کان نہ ٿو ڌئارين تہ پوءِ تنهنجو مون سان ڪوبہ واسطو نہ رهندو.“ تنهن تي شمعون پطرس چيس تہ ”اي پرڀو! پوءِ منهنجا رڳو پير نہ ڌوئو، بلڪ منهنجا هٿ ۽ مٿو بہ ڌوئو.“ يسوع چيس تہ ”جنهن جو اشنان ڪيل آهي تنهن کي پيرن ڌوئارڻ کان سواءِ ٻي ڪابہ گھرج نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ هو سڄو ئي پوِتر آهي. سو اوهين بہ پوِتر آهيو، پر سڀيئي نہ.“ ان جو سبب اهو هو جو يسوع کي اڳي ئي سڌ هئي تہ ڪير ساڻس دغا ڪندو، تنهنڪري هن چيو تہ ”اوهين سڀيئي پوِتر نہ آهيو.“ جڏهن يسوع چيلن جا پير ڌوئي چڪو ۽ جبو پائي وري پنهنجي جاءِ تي اچي ويٺو، تڏهن هن کانئن پڇيو تہ ”ڇا اوهان سمجھيو تہ مون اوهان لاءِ ڇا ڪيو؟ اوهين مون کي گرو ۽ پرڀو ڪري ٿا سڏيو، سو برابر آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اهو ئي آهيان. هاڻي جڏهن مون گرو ۽ پرڀو هوندي بہ اوهان جا پير ڌوتا آهن، تڏهن اوهان کي بہ گھرجي تہ هڪٻئي جا پير ڌوئيندا ڪريو. مون اوهان کي اهو نمونو ڏنو آهي، تہ جيئن اوهين بہ ائين ئي ڪندا رهو جيئن مون اوهان سان ڪيو آهي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ غلام پنهنجي مالڪ کان وڏو نہ هوندو آهي، ساڳيءَ طرح نياپو پهچائيندڙ پنهنجي حاڪم کان وڏو نہ هوندو آهي. هاڻي جيڪڏهن اوهين اهي ڳالهيون سمجھي انهن تي عمل ڪندا تہ ڪيڏا نہ سڀاڳا ٿيندا.“ ”آءٌ اوهان سڀني بابت نہ ٿو ڳالهايان. جن کي مون چونڊيو آهي تن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. پر اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ پوِتر شاستر جي اها لکت پوري ٿئي تہ ’جيڪو منهنجو نمڪ کائي ٿو، سو ئي منهنجي خلاف ٿيو آهي.‘ هاڻي انهيءَ ڳالهہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي آءٌ اوهان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن ائين ٿئي تڏهن اوهين وشواس آڻيو تہ آءٌ اهو ئي آهيان. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي موڪليل کي قبول ڪندو، سو مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو ايشور کي قبول ٿو ڪري جنهن مون کي موڪليو آهي.“ جڏهن يسوع هي چئي چڪو، تڏهن ڏاڍو غمگين ٿي پيو ۽ کُليو کُلايو چيائين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهان مان هڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“ تنهن تي چيلا وائڙا ٿي هڪٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳا تہ هن اها ڳالهہ ڪنهن بابت چئي آهي. چيلن مان هڪڙو جنهن سان يسوع جو پيار هو، سو يسوع جي سيني ڏانهن جھُڪي کائي رهيو هو. تنهنڪري شمعون پطرس هن کي اشاري سان چيو تہ ”پڇا ڪر تہ اهو ڪير آهي، جنهن بابت هو ڳالهائي رهيو آهي.“ پوءِ هن ائين ئي يسوع جي ويجھو هوندي کانئس پڇيو تہ ”اي پرڀو! اهو ڪير آهي؟“ يسوع وراڻيو تہ ”آءٌ جنهن ماڻهوءَ کي ٿالهيءَ مان گرهہ ٻوڙي ڏيندس، سو ئي اهو آهي.“ پوءِ هن روٽيءَ جو گرهہ ٻوڙي شمعون اسڪريوتيءَ جي پٽ يهوداہ کي ڏنو. جيئن ئي يهوداہ گرهہ ورتو تيئن ئي شيطان منجھس سمائجي ويو. يسوع کيس چيو تہ ”جيڪو تو کي ڪرڻو آهي سو جلدي ڪري وٺ.“ هاڻي جن بہ اتي ويٺي کاڌو، تن مان ڪنهن بہ نہ سمجھيو تہ يسوع ڪهڙي مطلب سان يهوداہ اسڪريوتيءَ کي ائين چيو. ڪن ائين پئي سمجھيو تہ جيئن تہ يهوداہ وٽ پئسن جي ڳوٿري رهندي آهي، تنهنڪري يسوع چويس ٿو تہ ”تهوار جي لاءِ جيڪي شيون وٺڻيون اٿيئي سي وٺ،“ يا وري ”ڪجھہ غريبن کي ڏي.“ سو يهوداہ گرهہ وٺي هڪدم ٻاهر نڪري هليو ويو. اهو رات جو وقت هو. يهوداہ جي وڃڻ کان پوءِ يسوع چيو تہ ”هاڻي منش‌پتر جي جوت ظاهر ٿيڻ واري آهي ۽ هن مان ايشور جي جوت ظاهر ٿيندي. جيئن تہ ايشور جي جوت منش‌پتر مان ظاهر ٿيندي تہ ايشور بہ هن کي پنهنجي جوت ۾ شريڪ ڪندو، بلڪ ڏسو، هاڻي ئي ٿو ڪريس. اي منهنجا ٻارؤ! آءٌ اوهان سان گھڻو وقت نہ رهندس. اوهين مون کي ڳوليندا، پر جتي آءٌ وڃي رهيو آهيان اتي اچي نہ سگھندا. آءٌ اوهان کي اهو ئي ٻڌايان ٿو، جيڪو مون يهودي اڳواڻن کي ٻڌايو هو. آءٌ اوهان کي هڪ نئون حڪم ٿو ڏيان تہ هڪٻئي سان پيار ڪريو. هائو، جهڙو مون اوهان سان پيار ڪيو آهي، تهڙو ئي اوهين بہ هڪٻئي سان پيار ڪريو. جيڪڏهن اوهين هڪٻئي سان پيار ڪندا تہ پوءِ هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ اوهين منهنجا چيلا آهيو.“ شمعون پطرس يسوع کان پڇيو تہ ”اي پرڀو! تون ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟“ يسوع وراڻيس تہ ”جتي آءٌ وڃي رهيو آهيان اتي تون مون سان هاڻي نہ ٿو هلي سگھين، پر پوءِ تون اتي ايندين.“ پطرس پڇيس تہ ”اي پرڀو! آءٌ تو سان هاڻي ڇو نہ ٿو هلي سگھان؟ آءٌ تہ تنهنجي لاءِ پنهنجي جان بہ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“ يسوع وراڻيس تہ ”ڇا تون سچ پچ منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيندين؟ آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ اڄ رات ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ ئي تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ پوءِ يسوع چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”پنهنجيءَ دل ۾ پريشان نہ ٿيو. ايشور تي ڀروسو رکو ۽ مون تي بہ ڀروسو رکو. منهنجي پتا جي گھر ۾ ڪيتريون ئي ڪوٺيون آهن. آءٌ اوهان جي خاطر جاءِ تيار ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان. جيڪڏهن ائين نہ هجي ها تہ آءٌ اوهان کي نہ ٻڌايان ها. جڏهن آءٌ وڃي اوهان جي لاءِ جاءِ تيار ڪندس تہ پوءِ موٽي ايندس ۽ اوهان کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويندس، تہ جتي آءٌ آهيان اتي اوهين بہ هجو. جيڏانهن آءٌ وڃي رهيو آهيان، انهيءَ رستي جي اوهان کي سڌ آهي.“ تنهن تي توما کيس چيو تہ ”اي پرڀو! اسان کي سڌ ئي نہ آهي تہ اوهين ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو. پوءِ اسان کي انهيءَ رستي جي سڌ ڪيئن پوندي؟“ يسوع کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ جيون آءٌ آهيان. منهنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پتا تائين پهچي نہ ٿو سگھي. جيڪڏهن اوهين مون کي ڄاڻو ٿا تہ منهنجي پتا کي بہ ڄاڻيندا. هائو، هن گھڙيءَ کان وٺي اوهين کيس ڄاڻو ٿا ۽ اوهان کيس ڏٺو بہ آهي.“ تنهن تي فلپس چيس تہ ”اي پرڀو! اسان کي پتا ڏيکاريو. بس اهو ئي اسان کي گھرجي.“ يسوع چيس تہ ”اي فلپس! هيتري وقت کان وٺي آءٌ اوهان سان گڏ آهيان تہ بہ تون مون کي نہ ٿو ڄاڻين؟ جنهن مون کي ڏٺو آهي تنهن پتا کي ڏٺو آهي. پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ’اسان کي پتا ڏيکاريو‘؟ ڇا تو کي يقين نہ آهي تہ آءٌ پتا ۾ آهيان ۽ پتا مون ۾ آهي؟ جيڪي ڳالهيون آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو سي پنهنجي طرفان نہ، پر پتا جي طرفان ٿو ٻڌايان. هائو، پتا، جيڪو مون ۾ رهي ٿو سو پنهنجا ڪم پاڻ ڪري ٿو. مون تي يقين ڪريو تہ آءٌ پتا ۾ آهيان ۽ پتا مون ۾ آهي. جيڪڏهن ائين يقين نہ ٿا ڪريو تہ هي ڪم جيڪي آءٌ ڪري رهيو آهيان، تن جي ڪري ئي يقين ڪريو. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو مون تي وشواس رکندو سو بہ اهڙا ئي ڪم ڪندو جهڙا آءٌ ڪري رهيو آهيان، بلڪ انهن کان بہ وڏا ڪم ڪندو. هائو، جيئن تہ آءٌ پتا وٽ وڃي رهيو آهيان، تنهنڪري اوهين منهنجي نالي تي جيڪي بہ گھرندا سو آءٌ ڏيندس، تہ جيئن پتا جي جوت پٽ جي معرفت ظاهر ٿئي. هائو، اوهين منهنجي نالي تي مون کان جيڪي بہ چاهيندا سو آءٌ ڪندس.“ ”جيڪڏهن اوهين سچ پچ مون سان پيار ڪريو ٿا تہ منهنجي حڪمن تي بہ عمل ڪندا. آءٌ پتا کي وينتي ڪندس تہ هو اوهان کي هڪ ٻيو مددگار ڏيندو، جيڪو هميشہ تائين اوهان سان رهندو. اهو مددگار سچ جي آتما آهي جنهن کي سنسار حاصل ڪري نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ اهو نہ کيس ڏسي ٿو، نہ وري ڄاڻي ٿو. پر اوهين کيس ڄاڻو ٿا، ڇاڪاڻ تہ هو اوهان سان گڏ رهي ٿو ۽ اوهان ۾ رهندو. آءٌ ويندس تہ سهي، پر اوهان کي يتيم ڪري نہ ڇڏي ويندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان وٽ موٽي ايندس. ٿوري وقت کان پوءِ سنسار مون کي وري نہ ڏسندو، پر اوهين مون کي ڏسندا. جيئن تہ آءٌ جيوت آهيان تنهنڪري اوهين بہ جيوت هوندا. جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ پنهنجي پتا ۾ آهيان، اوهين مون ۾ آهيو ۽ آءٌ اوهان ۾ آهيان. جنهن کي منهنجي حڪمن جي ڄاڻ آهي ۽ انهن تي عمل ڪري ٿو سو ئي مون سان پيار ڪري ٿو. جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو، تنهن سان منهنجو پتا پيار ڪندو ۽ آءٌ بہ انهيءَ سان پيار ڪندس ۽ پنهنجو پاڻ کي مٿس ظاهر ڪندس.“ تڏهن يهوداہ جيڪو يهوداہ اسڪريوتي نہ، پر ٻيو يهوداہ هو، تنهن يسوع کان پڇيو تہ ”اي پرڀو! ڇا جي ڪري اوهين پنهنجو پاڻ کي اسان تي تہ ظاهر ڪندا پر سنسار تي نہ؟“ تنهن تي يسوع کيس وراڻيو تہ ”جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو سو منهنجي ڳالهين تي عمل ڪندو ۽ منهنجو پتا هن سان پيار ڪندو. آءٌ ۽ منهنجو پتا هن وٽ اچي ساڻس گڏجي رهنداسون. جيڪو مون سان پيار نہ ٿو ڪري سو منهنجي ڳالهين تي عمل نہ ٿو ڪري. جڏهن تہ اهي ڳالهيون جيڪي اوهان ٻڌيون آهن، سي منهنجيون نہ پر پتا جون آهن، جنهن مون کي موڪليو آهي. اهي ڳالهيون مون اوهان سان رهي اوهان کي ٻڌايون آهن. پر پوءِ هڪ مددگار يعني پوِتر آتما، جيڪا پتا منهنجي نالي سان موڪليندو، سا اوهان کي سڀ ڳالهيون سيکاريندي، بلڪ اهي ڳالهيون بہ ياد ڏياريندي، جيڪي مون اوهان کي چيون آهن. آءٌ اوهان کي شانتي ڏيئي ٿو وڃان، اهڙي نہ ٿو ڏيان جهڙي سنسار ڏئي ٿو، بلڪ پنهنجي شانتي ڏيان ٿو. سو اوهين پنهنجيءَ دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو. اوهان مون کي هي چوندي ٻڌو آهي تہ ’آءٌ وڃي رهيو آهيان پر اوهان وٽ موٽي ايندس.‘ جيڪڏهن اوهان جو مون سان پيار هجي ها تہ جيڪر خوش ٿيو ها جو آءٌ پتا وٽ وڃي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ تہ پتا مون کان وڏو آهي. هن ڳالهہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي مون اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن ائين ٿئي تڏهن اوهين مون تي وشواس آڻيو. هن کان پوءِ آءٌ اوهان سان گھڻو نہ ڳالهائيندس، ڇاڪاڻ تہ هن سنسار جو سردار اچي رهيو آهي. انهيءَ جو مقصد اهو نہ آهي تہ هن جو مون تي ڪو اختيار آهي. پر اهو انهيءَ لاءِ ٿئي ٿو تہ جيئن سنسار ڄاڻي وٺي تہ آءٌ پتا سان پيار ڪريان ٿو ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪريان ٿو جنهن جو پتا مون کي حڪم ڏنو آهي. هاڻي اٿو تہ هتان هلون.“ يسوع وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ حقيقي ول آهيان ۽ منهنجو پتا باغائي آهي. مون ۾ جيڪا ٽاري ميوو نہ ٿي جھلي تنهن کي هو وڍي اڇلائي ٿو. پر جيڪا ٽاري ميوو جھلي ٿي تنهن کي هو ڇانگي ٿو تہ جيئن اها وڌيڪ ميوو ڏئي. سو جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي ٻڌايون آهن، تن جي ڪري اوهين اڳي ئي پوِتر ٿي ويا آهيو. اوهين مون ۾ رهو ۽ آءٌ اوهان ۾ رهندس. ڪابہ ٽاري تيستائين ميوو نہ ٿي جھلي، جيستائين اها ول ۾ نہ ٿي رهي. اهڙيءَ طرح اوهين بہ ميوو نہ ٿا جھلي سگھو جيستائين مون ۾ نہ رهو. آءٌ ول آهيان ۽ اوهين منهنجيون ٽاريون آهيو. جيڪو مون ۾ رهي ٿو، تنهن ۾ آءٌ رهان ٿو ۽ اهو ئي گھڻو ميوو جھليندو، ڇاڪاڻ تہ مون کان جدا ٿي اوهين ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿا سگھو. جيڪو مون ۾ نہ رهندو سو ٽاريءَ وانگر وڍي اڇلايو ويندو. اهڙيون ٽاريون سڪي وينديون آهن ۽ اهي ميڙي گڏ ڪري باهہ ۾ اڇلائي ساڙيون وينديون آهن. جيڪڏهن اوهين مون ۾ رهو ۽ منهنجيون ڳالهيون اوهان ۾ رهن تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گھرو. اهو اوهان لاءِ ڪيو ويندو. اوهان جي گھڻي ميوي جھلڻ مان ثابت ٿيندو تہ اوهين منهنجا چيلا آهيو ۽ انهيءَ ڳالهہ مان منهنجي پتا جي جوت ظاهر ٿئي ٿي. جيئن پتا مون سان پيار ڪيو آهي، تيئن مون بہ اوهان سان پيار ڪيو آهي. هاڻي اوهين منهنجي پيار ۾ رهو. جيڪڏهن اوهين منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ اوهين منهنجي پيار ۾ رهندا، جهڙيءَ طرح مون پنهنجي پتا جي حڪمن تي عمل ڪيو آهي ۽ سندس پيار ۾ رهان ٿو. مون اهي ڳالهيون انهيءَ ڪري اوهان کي ٻڌايون آهن تہ جيئن اوهان کي پوري خوشي حاصل ٿئي جهڙي مون کي آهي. اهو ئي منهنجو حڪم آهي تہ اوهين هڪٻئي سان پيار ڪريو، جيئن مون اوهان سان پيار ڪيو آهي. انهيءَ کان وڌيڪ ڪوبہ پيار ڪونهي جو ماڻهو پنهنجي دوستن لاءِ پنهنجي جان ڏئي. جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي جيڪڏهن عمل ڪريو تہ اوهين منهنجا دوست آهيو. هن کان پوءِ آءٌ نہ چوندس تہ اوهين داس آهيو، ڇاڪاڻ تہ داس کي سڌ نہ هوندي آهي تہ سندس مالڪ ڇا ڪري رهيو آهي. پر مون اوهان کي دوست ڪري سڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون مون پنهنجي پتا کان ٻڌيون آهن سي سڀ اوهان کي ٻڌايون اٿم. اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، بلڪ مون اوهان کي چونڊيو آهي ۽ انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اهڙو ميوو جھليو جيڪو هميشہ هلي. پوءِ اوهين منهنجي نالي تي پتا کان جيڪي بہ گھرندا سو هو اوهان کي ڏيندو. آءٌ اوهان کي اهو ئي حڪم ٿو ڏيان تہ هڪٻئي سان پيار ڪريو.“ ”جيڪڏهن سنسار اوهان کان نفرت ڪري ٿو تہ اوهان کي ياد رکڻ گھرجي تہ انهيءَ پهريائين مون کان بہ نفرت ڪئي هئي. جيڪڏهن اوهين سنسار جا هجو ها تہ جيڪر سنسار اوهان سان پنهنجن جهڙو پيار ڪري ها. پر اوهين سنسار جا نہ آهيو، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان کي سنسار مان چونڊي ڪڍيو آهي، تنهنڪري سنسار اوهان کان نفرت ڪري ٿو. مون اوهان کي اڳ ۾ جيڪي ٻڌايو آهي سو ياد رکو تہ ڪوبہ غلام پنهنجي مالڪ کان وڏو نہ آهي. سو جيئن ماڻهن مون کي ستايو آهي تيئن اوهان کي بہ ستائيندا. جيئن ڪن منهنجي ڳالهين تي عمل ڪيو آهي تيئن اوهان جي ڳالهين تي بہ عمل ڪندا. ماڻهو منهنجي نالي جي ڪري اوهان سان اهڙو سلوڪ ڪندا، ڇاڪاڻ تہ هو انهيءَ کي نہ ٿا ڄاڻين جنهن مون کي موڪليو آهي. جيڪڏهن آءٌ نہ اچان ها ۽ کين اهي ڳالهيون نہ ٻڌايان ها تہ انهن کي پاپي قرار نہ ڏنو وڃي ها. پر هاڻي کين پنهنجن پاپن لاءِ ڪوبہ بهانو نہ آهي. جيڪو مون کان نفرت ڪري ٿو، سو منهنجي پتا کان بہ نفرت ڪري ٿو. جيڪي ڪم ٻئي ڪنهن بہ نہ ڪيا آهن، سي جيڪڏهن آءٌ انهن ۾ نہ ڪريان ها تہ پوءِ انهن کي پاپي قرار نہ ڏنو وڃي ها. پر هاڻي تہ انهن منهنجا ڪم ڏٺا آهن، تنهن هوندي بہ مون کان ۽ منهنجي پتا کان نفرت ڪن ٿا. پر اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي سندن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي سو پورو ٿئي تہ ’انهن مون کان ناحق نفرت ڪئي آهي.‘ جڏهن اهو مددگار ايندو جيڪو آءٌ پتا وٽان اوهان ڏانهن موڪليندس، يعني سچ جي آتما جيڪا پتا مان نڪري ٿي، تڏهن اهو مون بابت شاهدي ڏيندو. اوهين پڻ منهنجي شاهدي ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ اوهين شروع کان وٺي مون سان گڏ رهيا آهيو. اهي سڀ ڳالهيون مون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جيئن اوهين ڀَٽڪي نہ وڃو. ڏسو، ماڻهو اوهان کي ڀڳتيءَ وارين جاين مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا، بلڪ اهو وقت بہ ايندو جڏهن ڪو اوهان کي قتل ڪندي ائين سمجھندو تہ ’آءٌ ايشور جي سيوا ٿو ڪريان.‘ اهي هي ڪم انهيءَ ڪري ڪندا جو انهن نہ پتا کي ڄاتو آهي ۽ نہ مون کي. مون اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جڏهن انهن ڳالهين جي ٿيڻ جو وقت اچي تہ اوهان کي ياد اچي تہ مون انهن بابت اڳي ئي اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو هو.“ ”مون شروع ۾ اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ ڪري نہ ٻڌايون جو آءٌ پاڻ اوهان سان گڏ هئس. پر جيئن تہ هاڻي آءٌ انهيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهيان جنهن مون کي موڪليو آهي، تڏهن آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو. پر اوهان مان ڪوبہ مون کان اهو نہ ٿو پڇي تہ ’اوهين ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟‘ ان جي بدران منهنجي هنن ڳالهين ٻڌائڻ جي ڪري اوهين ڏاڍا غمگين ٿي پيا آهيو. پر آءٌ اوهان کي حقيقت ٿو ٻڌايان تہ منهنجو هتان هليو وڃڻ ئي اوهان لاءِ وڌيڪ فائديمند آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن آءٌ نہ ويندس تہ اهو مددگار اوهان وٽ نہ ايندو. پر جيڪڏهن آءٌ ويندس تہ پوءِ هن کي اوهان ڏانهن ضرور موڪليندس. جڏهن هو ايندو تڏهن ظاهر ڪندو تہ سڄو سنسار پاپ، سچائيءَ ۽ عدالت جي باري ۾ ڪيڏو نہ ڀَٽڪيل آهي، پاپ جي باري ۾ انهيءَ ڪري جو ماڻهو مون تي وشواس نہ ٿا آڻين، سچائيءَ جي باري ۾ انهيءَ ڪري جو آءٌ پتا ڏانهن وڃي رهيو آهيان ۽ هاڻي کان اوهين مون کي نہ ڏسندا، ۽ عدالت جي باري ۾ انهيءَ ڪري جو هن سنسار جي سردار کي پاپي قرار ڏنو ويو آهي. مون کي اوهان سان اڃا ٻيون بہ گھڻيون ڳالهيون ڪرڻيون آهن، پر هينئر اوهين اهي سهي ڪين سگھندا. تنهن هوندي بہ جڏهن سچ جي آتما ايندي، تڏهن اها پوري سچائيءَ ڏانهن اوهان جي رهنمائي ڪندي. اها پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ چوندي، پر ايشور کان جيڪو ٻڌندي سو ئي چوندي ۽ ايندڙ وقت ۾ جيڪي ڳالهيون اوهان کي پيش اينديون سي اوهان کي کولي ٻڌائيندي. اهڙيءَ طرح اها منهنجي جوت ظاهر ڪندي، ڇاڪاڻ تہ اهي منهنجيون ڳالهيون هونديون جيڪي اوهان کي کولي ٻڌائيندي. جيڪي ڪجھہ منهنجي پتا جو آهي سو منهنجو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مون اوهان کي چيو تہ پوِتر آتما منهنجيون ڳالهيون اوهان کي کولي ٻڌائيندي.“ يسوع وڌيڪ چيو تہ ”ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا.“ تڏهن سندس چيلن مان ڪي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”هن جو مطلب ڇا آهي جو هو اسان کي چوي ٿو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا‘؟ هو هيئن بہ چوي ٿو تہ ’اهو انهيءَ ڪري جو آءٌ پتا ڏانهن وڃي رهيو آهيان.‘ انهيءَ ’ٿوريءَ دير‘ جو مطلب ڇا آهي؟ اسان کي تہ سندس ڳالهين جي سڌ نہ ٿي پوي.“ يسوع ڄاڻي ورتو تہ سندس چيلا کانئس ڪجھہ پڇڻ گھرن ٿا. سو کين چيائين تہ ”ڇا اوهين هڪٻئي کان اهو پڇي رهيا آهيو جيڪو مون چيو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا‘؟ آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين روئندا رڙندا، جڏهن تہ سنسار خوش ٿيندو. اوهين غمگين تہ ٿيندا پر اوهان جو غم خوشيءَ ۾ بدلجي ويندو. جڏهن ناري ٻار ڄڻڻ تي هوندي آهي تڏهن هوءَ سورن ۾ هوندي آهي، ڇاڪاڻ تہ اها هن جي لاءِ سورن جي گھڙي آهي. پر جڏهن ٻار پيدا ٿيندو آهي تڏهن کانئس سڀ سور وسري ويندا آهن، ڇاڪاڻ تہ هوءَ خوش ٿيندي آهي تہ هن هڪ ٻار کي سنسار ۾ جنم ڏنو آهي. اوهان سان بہ ائين ئي ٿيندو. هاڻي اوهان جي سورن جو وقت آهي. پر آءٌ اوهان سان وري ضرور ملندس. تڏهن اوهين ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ اوهان جي اها خوشي اوهان کان ڪوبہ کسي نہ سگھندو. انهيءَ ڏينهن اوهين مون کان ڪجھہ بہ نہ گھرندا، پر جيڪڏهن اوهين منهنجي نالي تي پتا کان گھرندا تہ آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هو اوهان کي سڀ ڪجھہ ڏيندو. هن وقت تائين اوهان منهنجي نالي تي کانئس ڪجھہ بہ نہ گھريو آهي. سو گھرو تہ مليوَ، تہ جيئن اوهان جي خوشي پوري ٿئي.“ ”هن وقت تائين مون اوهان کي اهي ڳالهيون مثالن ۾ پئي ٻڌايون آهن. پر اهو وقت ايندو جڏهن آءٌ اوهان سان مثالن ۾ نہ ڳالهائيندس، بلڪ پتا بابت اوهان سان صاف صاف ڳالهيون ڪندس. انهيءَ ڏينهن اوهين منهنجي نالي تي گھرندا. آءٌ اوهان کي ائين نہ ٿو چوان تہ اوهان لاءِ پتا کي ڪو سوال ڪندس تہ هو اوهان جي ٻڌي، ڇاڪاڻ تہ پتا تہ پاڻ اوهان سان پيار ڪري ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان مون سان پيار ڪيو آهي ۽ وشواس آندو اٿوَ تہ آءٌ پتا وٽان آيو آهيان. هائو، آءٌ پتا وٽان نڪري سنسار ۾ آيس ۽ هاڻي سنسار کي ڇڏي پتا ڏانهن موٽي وڃان ٿو.“ تنهن تي چيلن کيس چيو تہ ”هاڻي تہ اوهين صاف صاف ڳالهائي رهيا آهيو ۽ مثالن ۾ نہ ٿا ڳالهايو. هاڻي اسين سمجھون ٿا تہ اوهان کان ڪو سوال پڇڻ جي بہ ضرورت نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي سڀني ڳالهين جي ڄاڻ آهي. انهيءَ سبب اسين وشواس آڻيون ٿا تہ اوهين ايشور وٽان آيا آهيو.“ تنهن تي يسوع کين وراڻيو تہ ”ڇا اوهين هاڻي وشواس آڻيو ٿا؟ تہ پوءِ ڏسو، اها گھڙي اچي رهي آهي، بلڪ اچي پهتي آهي جڏهن اوهين سڀيئي ڇڙوڇڙ ٿي پنهنجي پنهنجي گھر هليا ويندا ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيندا. پر حقيقت ۾ آءٌ اڪيلو نہ آهيان، ڇاڪاڻ تہ پتا مون سان گڏ آهي. مون اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جيئن مون ۾ اوهان کي شانتي ملي. سنسار ۾ اوهين تڪليفون سهندا رهو ٿا، پر همت نہ هاريو. مون سنسار تي سوڀ حاصل ڪئي آهي.“ انهن ڳالهين ڪرڻ کان پوءِ يسوع آڪاش ڏانهن نهاري پرارٿنا ڪرڻ لڳو تہ ”اي پتا! اها گھڙي اچي پهتي آهي. هاڻي تون پنهنجي پٽ جي جوت ظاهر ڪر تہ جيئن پٽ جي معرفت تنهنجي جوت ظاهر ٿئي. تو ئي کيس سڀني انسانن تي اختيار ڏنو آهي تہ جيئن هو هر انهيءَ کي امر جيون بخشي جيڪو تو کيس ڏنو آهي. امر جيون اهو آهي تہ اهي تو هڪ سچي ايشور کي ۽ مون يسوع مسيح کي ڄاڻين، جنهن کي تو موڪليو آهي. جيڪو ڪم تو مون کي ڪرڻ لاءِ ڏنو هو، سو مون پورو ڪري ڌرتيءَ تي تنهنجي جوت ظاهر ڪئي آهي. هاڻي اي پتا! تون پنهنجي شرڻ ۾ مون کي انهيءَ جوت ۾ شريڪ ڪر، جيڪا سنسار جي پيدا ٿيڻ کان اڳ مون کي تو سان گڏ هئي. سنسار مان جيڪي ماڻهو تو مون کي ڏنا آهن، تن تي مون تو کي ظاهر ڪيو آهي. اهي تنهنجا هئا ۽ تو ئي مون کي ڏنا. انهن تنهنجي ڳالهين تي عمل ڪيو آهي ۽ هاڻي انهن اهو ڄاڻي ورتو آهي تہ جيڪي ڪجھہ تو مون کي ڏنو آهي سو سڀ تو وٽان ئي آهي. جيڪو سنديش تو مون کي ڏنو، سو مون انهن تائين پهچايو آهي ۽ انهن اهو قبول ڪيو آهي. انهن اها حقيقت ڄاڻي ورتي آهي تہ آءٌ تو وٽان آيو آهيان، بلڪ سندن وشواس آهي تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي. آءٌ انهن لاءِ پرارٿنا ڪريان ٿو، پر سنسار سان واسطو رکندڙن لاءِ نہ. هائو، انهن ماڻهن لاءِ ئي آءٌ پرارٿنا ڪريان ٿو جيڪي تو مون کي ڏنا آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي تنهنجا آهن. جيڪي منهنجا آهن سي سڀ تنهنجا آهن ۽ جيڪي تنهنجا آهن سي منهنجا آهن ۽ انهن جي وسيلي منهنجي جوت ظاهر ٿي آهي. هاڻي آءٌ تو ڏانهن اچي رهيو آهيان ۽ سنسار ۾ وڌيڪ نہ رهندس، پر اهي اڃا سنسار ۾ رهندا. اي پوِتر پتا! تون پنهنجي پوِتر ذات جيڪا تو منهنجي وسيلي ظاهر ڪئي آهي، تنهن ۾ انهن کي قائم رک، انهيءَ لاءِ تہ اهي گڏجي هڪ ٿي رهن، جيئن تون ۽ آءٌ هڪ آهيون. جيستائين آءٌ انهن سان گڏ هئس، تيستائين تنهنجي انهيءَ پوِتر ذات جيڪا تو منهنجي وسيلي ظاهر ڪئي آهي، تنهن ۾ کين قائم رکندو آيو آهيان ۽ سندن سنڀال ڪئي اٿم. انهن مان مون ڪوبہ نہ وڃايو آهي، سواءِ انهيءَ جي جيڪو برباد ٿيڻو هو، تہ جيئن پوِتر شاستر جي لکت پوري ٿئي. هاڻي آءٌ تو وٽ اچي رهيو آهيان. پر جيستائين آءٌ سنسار ۾ آهيان تيستائين اهي ڳالهيون انهيءَ لاءِ ٻڌايان ٿو تہ جيئن منهنجي پوري خوشي انهن کي حاصل ٿئي. مون تنهنجو سنديش انهن جي حوالي ڪيو آهي. سو سنسار انهن کان نفرت ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تہ جيئن آءٌ سنسار جو نہ آهيان، تيئن اهي بہ سنسار جا نہ آهن. منهنجي پرارٿنا اها نہ آهي تہ تون کين سنسار مان کڻي وٺ، پر اها پرارٿنا آهي تہ کين شيطان کان بچاءِ. جيئن آءٌ سنسار جو نہ آهيان تيئن اهي بہ سنسار جا نہ آهن. بيشڪ تنهنجيون ڳالهيون سچيون آهن. سو سچ جي وسيلي انهن کي مخصوص ڪر. جيئن تو مون کي سنسار ۾ موڪليو آهي، تيئن مون بہ انهن کي سنسار ۾ موڪليو آهي. آءٌ پاڻ کي انهن جي خاطر انهيءَ لاءِ مخصوص ٿو ڪريان، تہ جيئن اهي بہ سچ جي وسيلي تو لاءِ مخصوص ڪيا وڃن. آءٌ رڳو انهن لاءِ پرارٿنا نہ ٿو ڪريان جيڪي تو مون کي ڏنا آهن، پر انهن لاءِ بہ پرارٿنا ڪريان ٿو جيڪي سندن سنديش جي وسيلي مون تي وشواس آڻيندا، انهيءَ لاءِ تہ اهي سڀ گڏجي هڪ ٿين. اي پتا! جهڙيءَ طرح تون مون ۾ آهين ۽ آءٌ تو ۾ آهيان، تهڙيءَ طرح شل اهي بہ اسان ۾ گڏجي هڪ ٿين، تہ جيئن سنسار يقين ڪري تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي. سو تنهنجي اها جوت جنهن ۾ تو مون کي شريڪ ڪيو آهي تنهن ۾ مون کين شريڪ ڪيو آهي، تہ جيئن اهي گڏجي هڪ ٿين جهڙيءَ طرح اسين پاڻ ۾ هڪ آهيون. يعني آءٌ انهن ۾ آهيان ۽ تون مون ۾ آهين، تہ جيئن اهي پوريءَ طرح پاڻ ۾ هڪ ٿي وڃن. اهڙيءَ طرح سنسار ڄاڻي وٺي تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي ۽ تون انهن سان ايترو پيار ڪرين ٿو جيترو تو مون سان ڪيو آهي. اي پتا! آءٌ چاهيان ٿو تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن سي اتي مون سان گڏ هجن جتي آءٌ هجان، تہ جيئن اهي منهنجي اها جوت ڏسن جنهن ۾ تو مون کي پاڻ سان انهيءَ لاءِ شريڪ ڪيو آهي جو سنسار جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي تون مون سان پيار ڪرين ٿو. اي سچا پتا! سنسار تو کي نہ ڄاتو، پر آءٌ تو کي ڄاڻان ٿو. هنن چيلن بہ ڄاڻي ورتو آهي تہ تو مون کي موڪليو آهي. مون تو کي انهن تي ظاهر ڪيو آهي ۽ اڃا بہ ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو پيار تو مون سان ڪيو آهي سو انهن ۾ هجي ۽ آءٌ بہ انهن ۾ هجان.“ جڏهن يسوع اها پرارٿنا ڪري چڪو، تڏهن هو پنهنجي چيلن سان گڏ نڪري يروشلم جي ٻاهران قدرون جي برساتي نهر مان پار لنگھي هڪڙي باغ ۾ داخل ٿيو. يهوداہ دغاباز کي انهيءَ هنڌ جي سڌ هئي، ڇاڪاڻ تہ يسوع ڪيترائي دفعا پنهنجي چيلن سان گڏ اوڏانهن ويو هو. سو يهوداہ پاڻ سان گڏ رومي سپاهين جو ٽولو ۽ ڪجھہ هيڪل جا پهريدار جيڪي سردار ڪاهنن ۽ فريسين موڪليا هئا، سي وٺي انهيءَ باغ ۾ داخل ٿيو. انهن وٽ هٿيار هئا ۽ کين هٿن ۾ مشعلون ۽ شمعدان هئا. يسوع پوريءَ طرح ڄاتو پئي تہ ساڻس ڇا ٿيڻو آهي، سو هو ڪجھہ قدم اڳتي وڌي کانئن پڇڻ لڳو تہ ”اوهين ڪنهن کي ڳولي رهيا آهيو؟“ انهن وراڻيس تہ ”يسوع ناصريءَ کي.“ تنهن تي هن چين تہ ”اهو تہ آءٌ آهيان.“ يهوداہ دغاباز بہ انهن سان گڏ بيٺو هو. جيئن ئي يسوع کين چيو تہ ”اهو تہ آءٌ آهيان،“ تيئن اهي پوئتي هٽي وڃي زمين تي ڪري پيا. تڏهن يسوع کانئن وري پڇيو تہ ”اوهين ڪنهن کي ڳولي رهيا آهيو؟“ انهن چيو تہ ”يسوع ناصريءَ کي.“ تنهن تي يسوع چين تہ ”مون اوهان کي ٻڌايو تہ آهي تہ اهو آءٌ آهيان. سو جيڪڏهن اوهين مون کي ڳولي رهيا آهيو تہ پوءِ هنن ماڻهن کي ڇڏيو تہ وڃن.“ هن اهو انهيءَ لاءِ چيو تہ جيڪو اڳي چيو هئائين سو پورو ٿئي تہ ”اي پتا! تو جيڪي مون کي ڏنا هئا تن مان مون ڪنهن هڪ کي بہ نہ وڃايو آهي.“ ان وقت شمعون پطرس وٽ تلوار هئي، سو هن اها ڪڍي وڏي سردار ڪاهن جي نوڪر کي هنئي ۽ سندس ساڄو ڪن ڪپي وڌائين. انهيءَ نوڪر جو نالو ملخُس هو. تنهن تي يسوع پطرس کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ورائي مياڻ ۾ وجھہ. ڇا آءٌ اهو پيالو نہ پيئان جيڪو پتا مون کي پيئڻ لاءِ ڏنو آهي؟“ تڏهن رومي سپاهين جي ٽولي، سندن عملدار ۽ يهودين جي پهريدارن يسوع کي گرفتار ڪيو ۽ کيس ٻڌي قابو ڪيائون. اهي پهريائين کيس يروشلم ۾ حَنا وٽ وٺي ويا، جيڪو انهيءَ سال جي وڏي سردار ڪاهن ڪائفا جو سهرو هو. هي اهو ڪائفا هو، جنهن يهودي اڳواڻن کي اها صلاح ڏني هئي تہ اهو بهتر ٿيندو جو هڪ ماڻهو سڄيءَ قوم لاءِ مري. شمعون پطرس هڪڙي ٻئي چيلي سان گڏ يسوع جي پٺيان هلندو پئي ويو. جيئن تہ انهيءَ ٻئي چيلي جي وڏي سردار ڪاهن سان واقفيت هئي، سو هو يسوع سان گڏ سندس گھر اندر اڱڻ ۾ ويو. پر پطرس دروازي جي ٻاهران ئي بيٺو رهيو. تنهنڪري اهو ٻيو چيلو جنهن جي وڏي سردار ڪاهن سان واقفيت هئي سو موٽي ٻاهر آيو ۽ دربان ڪنيا کي چئي پطرس کي اندر وٺي وڃڻ لڳو. تڏهن دربان ڪنيا پطرس کان پڇيو تہ ”ڇا تون انهيءَ ماڻهوءَ جي چيلن مان نہ آهين؟“ تنهن تي پطرس وراڻيو تہ ”آءٌ نہ آهيان.“ انهيءَ مهل ڏاڍو سيءُ پئي پيو، سو نوڪرن ۽ پهريدارن ڪوئلن جي باهہ ٻاري ان جي چوڌاري بيٺي پاڻ کي سيڪيو. پطرس بہ انهن سان گڏ وڃي بيٺو ۽ پاڻ کي سيڪڻ لڳو. هوڏانهن وڏو سردار ڪاهن يسوع کان سندس چيلن ۽ سکيا بابت پڇڻ لڳو. يسوع وراڻيس تہ ”مون سنسار سان کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. آءٌ هميشہ ڀڳتيءَ وارين جاين ۽ هيڪل ۾ سکيا ڏيندو رهيو آهيان، جتي سڀ ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن. مون ڳجھيءَ طور ڪابہ ڳالهہ نہ چئي آهي. پوءِ اوهين مون کان ڇو پڇي رهيا آهيو؟ انهن ماڻهن کان پڇو جن منهنجيون ڳالهيون ٻڌيون آهن. انهن کي سڌ آهي تہ مون ڇا چيو آهي.“ جڏهن يسوع هي چيو تہ ڀرسان بيٺل پهريدارن مان هڪڙي سندس منهن تي چماٽ هڻي چيس تہ ”وڏي سردار ڪاهن کي ائين ٿو جواب ڏئين!“ تنهن تي يسوع وراڻيس تہ ”جيڪڏهن مون ڪا غلط ڳالهہ ڪئي هجي تہ اها سڀني جي اڳيان ٻڌاءِ. پر جيڪڏهن مون سچ چيو آهي تہ پوءِ تون مون کي ڇو ٿو مارين؟“ پوءِ حَنا کيس ٻڌل حالت ۾ ئي وڏي سردار ڪاهن ڪائفا ڏانهن ڏياري موڪليو. شمعون پطرس اڃا تائين اتي بيٺي پاڻ کي سيڪيو. سو ٻين کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون انهيءَ ماڻهوءَ جي چيلن مان نہ آهين؟“ پطرس انڪار ڪندي چيو تہ ”آءٌ نہ آهيان.“ تنهن تي وڏي سردار ڪاهن جي هڪڙي نوڪر جنهن جي مائٽ جو ڪن پطرس ڪپيو هو، تنهن چيو تہ ”ڇا مون تو کي هُن ماڻهوءَ سان گڏ باغ ۾ ڪين ڏٺو هو؟“ پطرس وري بہ انڪار ڪيو ۽ انهيءَ دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني. ٻئي ڏينهن صبح جو يسوع کي ڪائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يهودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انهيءَ لاءِ تہ اهي پنهنجي نيم جي رسم موجب اپوِتر نہ ٿين ۽ فصح جي تهوار واري رسوئي کائڻ جهڙا رهن. سو پلاطس ٻاهر نڪري آيو ۽ کانئن پڇيائين تہ ”اوهين هن ماڻهوءَ تي ڪهڙي تهمت ٿا هڻو؟“ تنهن تي انهن وراڻيو تہ ”جيڪڏهن هي ڏوهاري نہ هجي ها تہ اسين کيس اوهان جي حوالي نہ ڪريون ها.“ پلاطس کين چيو تہ ”اوهين پاڻ هن کي وٺي وڃي پنهنجي نيم موجب سندس فيصلو ڪريو.“ يهودي اڳواڻن وراڻيو تہ ”اسان کي اختياري مليل نہ آهي تہ ڪنهن ماڻهوءَ کي موت جي سزا ڏيون.“ اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ يسوع جهڙي نموني پنهنجي موت بابت ٻڌايو هو سو پورو ٿئي. تڏهن پلاطس محلات ۾ اندر موٽي ويو ۽ يسوع کي گھرايائين. هُن کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو راجا آهين؟“ يسوع وراڻيو تہ ”مون بابت هي سوال ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٻئي اوهان کي چيو آهي يا اوهين پاڻ ٿا ڪريو؟“ پلاطس وراڻيو تہ ”ڇو آءٌ يهودي آهيان ڇا؟ تنهنجي پنهنجي قوم وارن ۽ سردار ڪاهنن تو کي منهنجي حوالي ڪيو آهي. ٻڌاءِ تہ تو ڪيو ڇا آهي؟“ يسوع وراڻيو تہ ”منهنجو راڄ هن سنسار جو نہ آهي. جيڪڏهن اهو هن سنسار جو هجي ها تہ جيڪر منهنجا سيواداري منهنجي لاءِ وڙهن ها، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ يهودي اڳواڻن جي حوالي نہ ڪيو وڃان. پر نہ، منهنجو راڄ هن سنسار جو نہ آهي.“ تنهن تي پلاطس پڇيس تہ ”پوءِ ڇا تون راجا آهين؟“ يسوع وراڻيس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ. آءٌ انهيءَ مقصد لاءِ ڄائس ۽ هن سنسار ۾ آيس تہ سچ جي شاهدي ڏيان. جيڪو بہ سچ جي پاسي آهي سو منهنجي ٻڌي ٿو.“ تنهن تي پلاطس چيس تہ ”ڀلا سچ ڇا آهي؟“ پوءِ پلاطس ٻاهر نڪري يهودي اڳواڻن وٽ آيو ۽ کين چيائين تہ ”مون کي تہ هن ۾ ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي. هاڻ جيئن تہ اوهان جي رسم موجب هر سال فصح جي تهوار جي موقعي تي آءٌ اوهان جي خاطر هڪڙو قيدي آزاد ڪندو آهيان، سو جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي تہ آءٌ اوهان جي خاطر هن يهودين جي راجا کي آزاد ڪريان؟“ پر انهن وڏي واڪي چيو تہ ”نہ، انهيءَ کي نہ، پر برابا کي آزاد ڪريو.“ برابا هڪ ڌاڙيل هو. تڏهن پلاطس يسوع کي ڪوڙا هڻايا. سپاهين ڪنڊن جو تاج ٺاهي يسوع جي مٿي تي رکيو ۽ کيس واڱڻائي رنگ جو جبو پهرايائون. پوءِ وٽس ڦري ڦري اچي چوڻ لڳا تہ ”نمسڪار، اي يهودين جا راجا!“ ان کان علاوہ هنن کيس منهن تي چماٽون بہ هنيون. پلاطس هڪ دفعو وري ٻاهر آيو ۽ ماڻهن کي چيائين تہ ”ڏسو، آءٌ هن کي ٻاهر اوهان وٽ وٺي ٿو اچان تہ جيئن اوهان کي سڌ پوي تہ مون کي منجھس ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“ پوءِ يسوع انهيءَ ڪنڊن جي تاج ۽ واڱڻائي جبي سان ٻاهر آيو. تڏهن پلاطس کين چيو تہ ”ڏسو، هي آهي اهو ماڻهو.“ جڏهن سردار ڪاهنن ۽ هيڪل جي پهريدارن يسوع کي ڏٺو تہ اهي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”هن کي سوليءَ تي چاڙهيو، سوليءَ تي.“ پر پلاطس چين تہ ”اوهين پاڻ وٺي وڃي سوليءَ تي چاڙهيوس. مون کي تہ هن ۾ ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“ تنهن تي انهن ماڻهن زور ڀري چيو تہ ”اسان وٽ موسيٰ جو نيم آهي ۽ ان موجب هو موت جي لائق آهي، ڇاڪاڻ تہ هن ايشور جو پٽ هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.“ جڏهن پلاطس اهو ٻڌو تہ هيڪاري اچي ڊپ ورتس. تڏهن هو محلات ۾ موٽي ويو ۽ يسوع کان پڇيائين تہ ”تون ڪٿان جو آهين؟“ پر يسوع کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو. تنهن تي پلاطس چيس تہ ”ڇا تون مون سان نہ ٿو ڳالهائڻ چاهين؟ ياد رک، مون کي اهو اختيار مليل آهي تہ تو کي آزاد ڪريان يا سوليءَ تي چاڙهيان.“ يسوع وراڻيس تہ ”جيڪڏهن تو کي ايشور جي طرفان اهو اختيار مليل نہ هجي ها تہ تنهنجو ڪو زور مون تي نہ هلي ها. سو جنهن ماڻهوءَ مون کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي سو وڌيڪ ڏوهاري آهي.“ تنهن تي پلاطس اها ڪوشش ڪرڻ لڳو تہ يسوع کي ڇڏي ڏئي، پر اهي ماڻهو واڪا ڪندا رهيا تہ ”جيڪڏهن اوهان هن ماڻهوءَ کي ڇڏي ڏنو تہ اوهين قيصر جا سڄڻ نہ آهيو. جيڪو بہ پاڻ کي راجا ٿو سڏائي سو قيصر جي خلاف آهي.“ جڏهن پلاطس اهو ٻڌو تڏهن هو يسوع کي ٻاهر وٺي آيو ۽ جنهن جاءِ کي ”پٿريلو ٿلهو“ چوندا آهن ۽ عبرانيءَ ۾ ”گبٿا“ سڏيندا آهن، تنهن جاءِ تي عدالت جي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو. اهو فصح جي تهوار جي تياريءَ جو ڏينهن هو ۽ منجھند جو وقت هو. پلاطس انهن ماڻهن کي چيو تہ ”ڏسو، هي آهي اوهان جو راجا.“ پر انهن وڏي واڪي چيو تہ ”وٺي وڃونس، وٺي وڃونس. وڃي سوليءَ تي چاڙهيوس.“ تنهن تي پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ اوهان جي راجا کي سوليءَ تي چاڙهيان؟“ سردار ڪاهنن وراڻيو تہ ”قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪوبہ راجا نہ آهي.“ تنهن تي پلاطس سندن مرضيءَ موجب يسوع کي سوليءَ تي چاڙهڻ لاءِ سپاهين جي حوالي ڪيو. تڏهن سپاهي يسوع کي وٺي يروشلم کان ٻاهر نڪري آيا. هو پاڻ پنهنجي سولي کڻي انهيءَ جاءِ تي آيو، جنهن کي عبرانيءَ ۾ ”گُلگُتا“ يعني ”کوپريءَ جي جاءِ“ سڏيندا آهن. اتي هنن کيس سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هنيا ۽ ساڻس گڏ ٻين ٻن ماڻهن کي بہ سوليءَ تي چاڙهيائون، هڪڙي کي هڪ پاسي ۽ ٻئي کي ٻئي پاسي ۽ وچ ۾ يسوع کي. پلاطس هڪ تختي سوليءَ تي هڻائي ڇڏي، جنهن تي لکيل هو تہ ”يسوع ناصري، يهودين جو راجا.“ گھڻن ئي ماڻهن اها تختي پڙهي، ڇاڪاڻ تہ جنهن جاءِ تي يسوع کي سوليءَ تي چاڙهيو هئائون، سا شهر جي ويجھو هئي ۽ لکت عبراني، لاطيني ۽ يوناني ٻولين ۾ هئي. اهو پڙهي يهودين جي سردار ڪاهنن پلاطس وٽ اعتراض ڪيو تہ ”ائين نہ لکايو ها تہ ’يهودين جو راجا،‘ پر هيئن لکايو تہ ’هن جو چوڻ هو تہ آءٌ يهودين جو راجا آهيان.‘“ تنهن تي پلاطس وراڻين تہ ”بس، جيڪو مون لکايو سو لکايو.“ پوءِ سپاهي جڏهن يسوع کي سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻي چڪا تہ سندس ڪپڙن کي کڻي چار حصا ڪيائون، هر ڪنهن لاءِ هڪ هڪ حصو. پوءِ جبو بہ کنيائون، جيڪو اڻ‌سبيل هو ۽ مٿي کان هيٺ تائين سڄو ئي هڪڙي ڪپڙي جو ٺهيل هو. انهيءَ لاءِ سپاهين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ”جبي کي ڦاڙيون نہ ٿا پر پُکو ٿا وجھون تہ اهو ڪنهن جو ٿو ٿئي.“ سپاهين ائين ئي ڪيو. اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پوِتر شاستر جي لکت پوري ٿئي، جنهن ۾ لکيل آهي تہ ”انهن منهنجا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائي کنيا ۽ منهنجي پوشاڪ لاءِ پُکا وڌائون.“ يسوع جي سوليءَ جي ڀرسان سندس ماتا، ماسي، ڪلوپاس جي پتني مريم ۽ مريم مگدليني بيٺيون هيون. جڏهن يسوع پنهنجي ماتا ۽ انهيءَ چيلي کي جنهن سان سندس پيار هو، اتي ڀرسان بيٺل ڏٺو تہ هن پنهنجي ماتا کي چيو تہ ”ماتا! هي تنهنجو پٽ آهي.“ وري انهيءَ چيلي کي چيائين تہ ”هيءَ تنهنجي ماتا آهي.“ انهيءَ ئي ڏينهن اهو چيلو يسوع جي ماتا کي پنهنجي گھر رهائڻ لاءِ وٺي ويو. پوءِ جڏهن يسوع ڄاتو تہ هاڻي هر ڳالهہ پوري ٿي چڪي آهي، تڏهن پوِتر شاستر جي لکت کي پوري ڪرڻ لاءِ هن چيو تہ ”مون کي اڃ لڳي آهي.“ اتي هڪڙو ٿانءُ سادي مئي سان ڀريل رکيو هو. تنهن مان انهن سپاهين فوم جهڙي هڪ شيءِ ٻوڙي زوفا جي ڪاٺيءَ تي رکي سندس وات سان لڳايائون. يسوع اها مئي چوسي چيو تہ ”هاڻي پورو ٿيو.“ پوءِ هن پنهنجو ڪنڌ جھڪايو ۽ دم ڏنائين. اهو تياريءَ جو ڏينهن هو ۽ ايندڙ ڏينهن يهودين لاءِ خاص سبت جو ڏينهن هو. تنهنڪري يهودي اڳواڻن نہ ٿي چاهيو تہ لاش سولين تي ٽنگيل رهن. سو انهن پلاطس کي وينتي ڪئي تہ ”سوليءَ وارن جون ٽنگون ڀڳيون وڃن تہ جيئن جلدي مري وڃن ۽ پوءِ لاش سولين تان لاٿا وڃن.“ تنهن تي سپاهي آيا ۽ جيڪي يسوع سان گڏ سولين تي ٽنگيل هئا تن مان پهريائين هڪڙي جون ٽنگون ڀڳائون ۽ پوءِ ٻئي جون. پر جڏهن يسوع وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ هن اڳ ۾ ئي دم ڏنو آهي، تڏهن سندس ٽنگون نہ ڀڳائون. جڏهن تہ سپاهين مان هڪڙي يسوع جي پاسي ۾ نيزو هنيو تہ هڪدم رت ۽ پاڻي نڪري آيو. جنهن ماڻهوءَ اهو ڏٺو تنهن انهيءَ جي شاهدي ڏني آهي تہ جيئن اوهين بہ وشواس آڻيو. سندس شاهدي سچي آهي ۽ هو ڄاڻي ٿو تہ جيڪو هو چوي ٿو سو سچ آهي. اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پوِتر شاستر جي لکت پوري ٿئي جنهن ۾ لکيل آهي تہ ”هن جي هڪڙي بہ هڏي ڀڳي نہ ويندي.“ وري ٻي پوِتر لکت ۾ آهي تہ ”ماڻهو انهيءَ ڏانهن ڏسندا، جنهن کي گھاءُ ڏيئي زخمي ڪيو هئائون.“ تنهن کان پوءِ ارمٿيا وارو يوسف، جيڪو يهودي اڳواڻن جي ڊپ ڪري ڳجھيءَ طرح يسوع جو چيلو هو، سو پلاطس وٽ آيو ۽ کيس وينتي ڪيائين تہ ”مون کي يسوع جو لاش کڻي وڃڻ جي آگيا ڏيو.“ پلاطس کيس آگيا ڏني. پوءِ هن وڃي لاش کنيو. نيڪديمس بہ اتي آيو. هي اهو ماڻهو هو جنهن هڪڙو دفعو اڳ ۾ يسوع سان رات جو ملاقات ڪئي هئي. نيڪديمس مُرَ ۽ عُود ملائي کڻي آيو، جنهن جي تور اٽڪل چاليهہ ڪلوگرام هئي. پوءِ جيئن يهودين ۾ دفن ڪرڻ جي رسم آهي تيئن انهن بہ يسوع جي لاش کي خوشبوءِ لڳائي ڪفن ۾ ويڙهيو. جتي يسوع کي سوليءَ تي چاڙهيو ويو هو، اتي هڪڙو باغ هو. انهيءَ باغ ۾ غار واري هڪڙي نئين قبر کوٽيل هئي جنهن ۾ اڃا تائين ڪنهن کي بہ دفن نہ ڪيو ويو هو. جيئن تہ اهو ڏينهن يهودين جي تياريءَ جو ڏينهن هو تنهنڪري يسوع جي لاش کي کڻي اتي ئي رکيائون، ڇاڪاڻ تہ اها قبر ويجھي هئي. آچر جي ڏينهن صبح جو سوير اڃا اوندهہ ئي هئي تہ مريم مگدليني قبر تي آئي. ڇا ڏسي تہ قبر جي منهن تان پٿر پري هٽيو پيو آهي. سو هوءَ ڊوڙندي شمعون پطرس ۽ انهيءَ ٻئي چيلي وٽ آئي، جنهن سان يسوع جو پيار هو ۽ کين چيائين تہ ”اهي پرڀوءَ کي قبر مان کڻي ويا آهن ۽ سڌ نہ آهي تہ کيس الائجي ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“ تنهن تي پطرس ۽ اهو ٻيو چيلو قبر ڏانهن روانا ٿيا. اهي ٻئي گڏ ڊوڙڻ لڳا، پر اهو ٻيو چيلو پطرس کان اڳي تڪڙو نڪري ويو ۽ پطرس کان پهريائين قبر تي پهتو. هو قبر ۾ اندر گھڙي نہ ويو، پر ليئو پائي قبر ۾ نهاري ڏٺائين تہ رڳو ڪفن پيو آهي. هن کان پوءِ شمعون پطرس بہ پهتو ۽ هو سڌو قبر ۾ گھڙي ويو جتي ڪفن پيل ڏٺائين. ان کان علاوہ هن اهو رومال بہ اتي پيل ڏٺو، جيڪو يسوع جي مٿي تي ويڙهيل هو. پر اهو ٻئي هنڌ جدا ويڙهيو پيو هو. تنهن کان پوءِ اهو ٻيو چيلو، جيڪو پطرس کان اڳي قبر تي پهتو هو، سو بہ قبر ۾ گھڙي ويو. هن سڀ ڪجھہ ڏٺو ۽ يقين ڪيائين، جيتوڻيڪ اڃا تائين چيلا پوِتر شاستر جي اها لکت نہ سمجھي سگھيا هئا تہ مسيح مئلن مان ضرور جيوت ٿي اٿندو. پوءِ اهي ٻئي چيلا موٽي پنهنجي گھر هليا ويا. پر مريم قبر جي ٻاهران بيٺي روئندي رهي. روئندي روئندي هن نِوڙي قبر ۾ نهاريو ۽ ڏٺائين تہ ٻہ دوت اڇي پوشاڪ سان انهيءَ جاءِ تي ويٺا آهن جتي يسوع جو لاش رکيل هو. هڪ سيرانديءَ کان ۽ ٻيو پيرانديءَ کان ويٺو هو. انهن پڇيس تہ ”اي مائي! روئين ڇو ٿي؟“ هن وراڻيو تہ ”اهي منهنجي پرڀوءَ کي کڻي هليا ويا آهن ۽ سڌ ئي ڪانهي تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“ هن ائين چئي اڃا پٺيان نهاريو تہ يسوع کي اتي بيٺل ڏٺائين، پر سڃاتائين ڪين تہ هو ڪو يسوع آهي. يسوع چيس تہ ”اي مائي! ڇو ٿي روئين؟ ڪنهن کي ٿي ڳولين؟“ مريم سمجھيو تہ هي ڪو باغ جو مالهي آهي، سو چيائين تہ ”سائين! جيڪڏهن تون هن کي هتان کڻي ويو هجين تہ ڀلائي ڪري ٻڌاءِ تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿيئي، تہ آءٌ وڃي اتان کڻي وڃانس.“ يسوع چيس تہ ”مريم!“ تنهن تي مريم ڦري عبرانيءَ ۾ چيس تہ ”ربوني!“ يعني ”اي منهنجا گرو!“ يسوع کيس چيو تہ ”مون کي چنبڙي نہ پئُہ. آءٌ اڃا پتا وٽ مٿي موٽي نہ ويو آهيان. پر تون منهنجي ڀائرن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ آءٌ مٿي موٽي وڃان ٿو پنهنجي پتا ۽ اوهان جي پتا ڏانهن، يعني پنهنجي ايشور ۽ اوهان جي ايشور ڏانهن.“ پوءِ مريم مگدلينيءَ اچي چيلن کي اها ڳالهہ ٻڌائي تہ ”مون پرڀوءَ کي ڏٺو آهي.“ هن کين اهي ڳالهيون بہ ٻڌايون جيڪي پرڀو يسوع ساڻس ڪيون هيون. انهيءَ ساڳئي آچر جي ڏينهن شام جو جڏهن چيلا يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان در دروازا بند ڪيو ويٺا هئا تہ يسوع اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”اوهان تي سلامتي هجي.“ ائين چوڻ کان پوءِ هن چيلن کي پنهنجا هٿ ۽ پاسو ڏيکاريو. تنهن تي يسوع کي سڃاڻيندي ئي چيلا خوشيءَ ۾ ڀرجي ويا. تڏهن يسوع وري چين تہ ”اوهان تي سلامتي هجي. جيئن پتا مون کي موڪليو آهي، تيئن آءٌ بہ اوهان کي موڪليان ٿو.“ پوءِ هنن تي ڦوڪ ڏيندي کين چيائين تہ ”وٺو هيءَ پوِتر آتما. جيڪڏهن اوهين ماڻهن جا پاپ معاف ڪري ڇڏيندا تہ کين معاف ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن اوهين انهن کي معاف نہ ڪندا تہ کين معاف نہ ڪيو ويندو.“ توما انهن ٻارهن چيلن مان هڪڙو هو جنهن کي جاڙو بہ سڏيندا هئا، سو يسوع جي اچڻ مهل چيلن سان گڏ نہ هو. اهو جڏهن آيو تہ ٻين چيلن ٻڌايس تہ ”اسان پرڀوءَ کي ڏٺو آهي.“ تنهن تي هن چيو تہ ”جيستائين آءٌ سندس هٿن ۾ ڪوڪن جا نشان نہ ڏسندس ۽ ڪوڪن جي نشانن ۾ پنهنجي آڱر نہ وجھندس ۽ سندس پاسي ۾ هٿ نہ وجھندس، تيستائين آءٌ اصل ڪونہ مڃيندس.“ هفتي کان پوءِ چيلا وري گھر ۾ گڏ ويٺا هئا ۽ هن ڀيري توما بہ ساڻن گڏ ويٺو هو. گھر جا در دروازا بند هئا تہ يسوع اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”اوهان تي سلامتي هجي.“ پوءِ هن توما کي چيو تہ ”اچ ۽ پنهنجي آڱر هيڏانهن ڪري منهنجي هٿ ۾ وجھي ڏس ۽ پنهنجو هٿ هيڏانهن منهنجي پاسي ۾ وجھہ. بي‌وشواس نہ ٿيءُ پر وشواس رک.“ تنهن تي توما چيس تہ ”اي منهنجا پرڀو! اي منهنجا ايشور!“ يسوع چيس تہ ”تو مون کي ڏٺو آهي، تنهنڪري وشواس رکيو اٿيئي. پر سڀاڳا آهن اهي جيڪي ڏسڻ کان سواءِ ئي وشواس ٿا رکن.“ چيلن جي روبرو يسوع ٻيا بہ ڪيترائي چمتڪار ڪيا، جيڪي هن شاستر ۾ لکيا نہ ويا آهن. پر جيڪي لکيا ويا آهن تن جو مقصد هي آهي تہ جيئن اوهين وشواس آڻيو تہ يسوع ئي مسيح ۽ ايشور جو پٽ آهي ۽ مٿس وشواس آڻڻ سان اوهان کي هن ۾ جيون ملي. ان کان پوءِ يسوع وري پنهنجي چيلن کي گليل ڍنڍ جي ڪناري تي درشن ڏنو. اهو هن طرح ٿيو. جڏهن شمعون پطرس، توما جنهن کي جاڙو بہ سڏيندا هئا، گليل جي قانا ڳوٺ وارو نٿن‌ايل، زبديءَ جا ٻہ پٽ ۽ ٻہ ٻيا بہ چيلا پاڻ ۾ گڏ ويٺا هئا، تڏهن شمعون پطرس ٻين کي چيو تہ ”آءٌ مڇي مارڻ وڃان ٿو.“ تنهن تي ٻين چيلن چيس تہ ”اسين بہ تو سان گڏجي ٿا هلون.“ پوءِ اهي وڃي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا، پر انهيءَ رات ڪابہ مڇي هٿ نہ لڳن. جڏهن ڏينهن ٿيڻ تي هو تہ يسوع اچي ڪناري تي بيٺو، پر چيلن نہ سڃاتو تہ هو ڪو يسوع آهي. پوءِ يسوع انهن کي چيو تہ ”اي جوانؤ! ڇا اوهان کي ڪجھہ مليو؟“ هنن وراڻيس تہ ”ڪجھہ بہ نہ.“ هن انهن کي چيو تہ ”پنهنجو ڄار ٻيڙيءَ جي ساڄي پاسي وجھو تہ اوهان کي ڪجھہ ملندو.“ تنهن تي انهن ڄار پاڻيءَ ۾ وڌو ۽ ايتريون تہ مڇيون اچي ڦاٿيون جو اهي ڇڪي بہ نہ پيا سگھن. پوءِ انهيءَ چيلي جنهن سان يسوع جو پيار هو، تنهن پطرس کي چيو تہ ”ڏسو! هي تہ پرڀو آهي!“ جڏهن شمعون پطرس ٻڌو تہ اهو پرڀو آهي، تڏهن جيئن تہ هو پٺيءَ اگھاڙو هو، سو قميص چيلهہ سان ٻڌندو مسيح سان ملڻ لاءِ هڪدم پاڻيءَ ۾ ٽپي پيو. پر ٻيا چيلا ٻيڙيءَ ۾ ئي مڇين سان ڀريل ڄار ڇڪيندا آيا، ڇاڪاڻ تہ اهي سڪيءَ کان ايترو پري ڪين هئا، اٽڪل هڪ سؤ ميٽر پري هئا. جڏهن اهي سڪيءَ تي پهتا تہ هنن ٽانڊن جي باهہ تي مڇي پيل ڏٺي ۽ اتي روٽي بہ رکيل هئي. پوءِ يسوع انهن کي چيو تہ ”جيڪي مڇيون هينئر ماريون اٿوَ تن مان ڪجھہ کڻي اچو.“ تنهن تي شمعون پطرس ٻيڙيءَ تي چڙهي ويو ۽ اهو ڄار سڪيءَ تي گهلي آيو، جيڪو هڪ سؤ ٽيونجاهہ وڏين مڇين سان ڀريل هو. جيتوڻيڪ ايتريون مڇيون هيون تہ بہ ڄار نہ ٿي ٽٽو. پوءِ يسوع کين چيو تہ ”اچي نيرن ڪريو.“ پر چيلن مان ڪنهن کي بہ همت نہ ٿي جو کانئس پڇي تہ ”اوهين ڪير آهيو؟“ ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاتو پئي تہ هو پرڀو ئي آهي. پوءِ يسوع روٽي کڻي انهن کي ڏني ۽ کين مڇي بہ ڏنائين. اهو ٽيون دفعو هو جو يسوع پنهنجي جيوت ٿي اٿڻ کان پوءِ چيلن کي درشن ڏنو هو. جڏهن هو نيرن ڪري چڪا تڏهن يسوع شمعون پطرس کان پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان هنن کان وڌيڪ پيار ڪرين ٿو؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو پرڀو! اوهين ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ تنهن تي يسوع چيس تہ ”منهنجي گھيٽڙن کي وڃي چار.“ وري ٻيو دفعو يسوع هن کان پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو پرڀو! اوهين ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ تنهن تي يسوع کيس چيو تہ ”منهنجي رڍن جي سنڀال ڪج.“ وري ٽيون دفعو بہ هن کانئس پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنهن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هن ٽيون دفعو کانئس پڇيو هو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي پرڀو! اوهان کي سڀني ڳالهين جي سڌ آهي ۽ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ يسوع چيس تہ ”پوءِ منهنجي رڍن کي وڃي چار. آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جڏهن تون نوجوان هئين تہ پنهنجو سندرو پاڻ ٻڌندو هئين ۽ جيڏانهن تو کي وڻندو هو اوڏانهن گھمندو ڦرندو هئين. پر جڏهن تون پوڙهو ٿيندين تڏهن پنهنجا هٿ ڊگھيريندين ۽ ڪو ٻيو تو کي چيلهہ سان سندرو ٻڌي اوڏانهن وٺي ويندو جيڏانهن وڃڻ لاءِ تنهنجي دل نہ چوندي.“ هن چوڻ مان يسوع جو مطلب اهو هو تہ پطرس ڪهڙيءَ طرح سنسار مان لاڏاڻو ڪري ايشور جي جوت ظاهر ڪندو. پوءِ يسوع چيس تہ ”منهنجي پيروي ڪندو رهُہ.“ پطرس پٺ ورائي ڏٺو تہ اهو چيلو جنهن سان يسوع جو پيار هو، سو پٺيان پيو اچي. انهيءَ چيلي رات جي رسوئي کائڻ مهل سندس سيني تي ٽيڪ ڏيئي پڇيو هئس تہ ”اي پرڀو! اهو ڪير آهي جيڪو اوهان کي پڪڙائيندو؟“ پطرس جڏهن هن کي ڏٺو تڏهن يسوع کان پڇيائين تہ ”اي پرڀو! هن جو ڪهڙو حال ٿيندو؟“ يسوع وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ چاهيان تہ هي ايستائين جيوت رهي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان، تہ ان ۾ تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ تون منهنجي پيروي ڪندو رهُہ.“ ان کان پوءِ سڀني وشواسين ۾ اها ڳالهہ مشهور ٿي ويئي تہ اهو چيلو ڪڏهن بہ نہ مرندو، جيتوڻيڪ يسوع انهيءَ چيلي بابت ائين ڪونہ چيو هو تہ ”هو مرندو ئي ڪونہ.“ پر هن هيئن چيو هو تہ ”جيڪڏهن آءٌ چاهيان تہ هي ايستائين جيوت رهي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان تہ ان ۾ تنهنجو ڪهڙو واسطو.“ هي اهو ئي چيلو آهي جيڪو انهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي ۽ اهي ڳالهيون لکيون بہ اٿس ۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ سندس شاهدي سچي آهي. ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالهيون آهن جيڪي يسوع ڪيون هيون. اهي جيڪڏهن هڪڙي هڪڙي ڪري ويهي لکجن ها تہ آءٌ سمجھان ٿو تہ ايترا تہ شاستر لکجي وڃن ها جو جيڪر سڄي سنسار ۾ نہ سمائجي سگھن ها. هن پنهنجي موت کان پوءِ انهن کي پاڻ ڏيکاريو ۽ ڪيتريون ئي ثابتيون ڏنائين تہ هو جيوت آهي. هن چاليهن ڏينهن تائين انهن کي ڪيترائي دفعا پاڻ ڏيکاريو ۽ ساڻن ايشور جي راڄ بابت ڳالهايائين. هڪڙي دفعي جڏهن اهي سڀيئي چيلا اچي گڏ ٿيا تہ هن کين تاڪيد ڪندي چيو تہ ”يروشلم نہ ڇڏجو، بلڪ منهنجي پتا جي ڪيل وچن جي پوري ٿيڻ جو انتظار ڪجو، جنهن بابت مون اوهان کي ٻڌايو هو. ڏسو، يوحنا پاڻيءَ سان بپتسما ڏني هئي، پر اوهان کي ٿورن ڏينهن کان پوءِ انهيءَ ڪيل وچن موجب پوِتر آتما سان بپتسما ڏني ويندي.“ ٻئي دفعي جڏهن اهي سڀيئي وري اچي گڏ ٿيا تہ انهن يسوع کان پڇيو تہ ”پرڀو! ڇا اوهين هن وقت ئي بني اسرائيل جو راڄ بحال ڪرڻ وارا آهيو؟“ يسوع انهن کي چيو تہ ”وقت ۽ ڏينهن منهنجي پتا پنهنجي اختياريءَ سان مقرر ڪري ڇڏيا آهن، تن کي ڄاڻڻ اوهان جو ڪم ناهي. پر جڏهن پوِتر آتما اوهان تي پرگھٽ ٿيندي، تڏهن اوهان کي شڪتي ملندي ۽ اوهين يروشلم شهر ۾، سڄي يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقي ۾ بلڪ سڄي سنسار ۾ منهنجا شاهد ٿيندا.“ اڃا هن ايترو مس چيو تہ هو انهن جي ڏسندي ئي آڪاش ڏانهن کڄي ويو ۽ هڪڙي ڪڪر جي اوٽ ۾ سندن نظر کان غائب ٿي ويو. جيئن تہ هو مٿي وڃي رهيو هو ۽ انهن جون اکيون آڪاش ۾ کتل هيون تہ اوچتو ئي ٻہ ماڻهو اڇي پوشاڪ سان هنن جي ڀرسان ڏسڻ ۾ آيا. انهن چيو تہ ”اي گليليؤ! اوهين آڪاش ڏانهن ڇو ٿا بيٺا نهاريو؟ اهو ئي يسوع، جيڪو اوهان وٽان آڪاش ڏانهن کڄي ويو آهي، سو ساڳيءَ طرح وري موٽي ايندو جيئن اوهان کيس آڪاش ڏانهن ويندي ڏٺو آهي.“ پوءِ سنت زيتون نالي ٽڪر کان يروشلم شهر ڏانهن موٽيا. اهو ٽڪر يروشلم کان اٽڪل هڪ ڪلوميٽر پري هو. جڏهن اهي شهر ۾ داخل ٿيا تہ انهيءَ ماڙيءَ تي مٿي چڙهي ويا جتي اهي يعني پطرس، يوحنا، يعقوب، اندرياس، فلپس، توما، برتُلمئي، متي، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، شمعون قوم‌پرست ۽ يعقوب جو پٽ يهوداہ رهيل هئا. اهي سڀيئي يسوع جي ماتا مريم سميت ڪجھہ نارين ۽ يسوع جي ڀائرن سان گڏجي پرارٿنا ڪندا هئا. هڪڙي ڏينهن جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ وشواسي اچي گڏ ٿيا، تڏهن پطرس انهن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو ۽ چيائين تہ ”اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! پوِتر شاستر جي انهيءَ لکت جو پورو ٿيڻ ضروري هو، جنهن ۾ پوِتر آتما دائود جي معرفت اڳي ئي يهوداہ بابت ٻڌائي ڇڏيو هو، جنهن يسوع کي پڪڙڻ وارن جي رهنمائي ڪئي. يهوداہ اسان خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن جي ٽولي مان هو، ڇاڪاڻ تہ سيوا واري ڪم ۾ اسان سان شريڪ ٿيڻ لاءِ کيس بہ چونڊيو ويو هو.“ پطرس وڌيڪ چين تہ ”انهيءَ بابت زبور ۾ لکيل آهي تہ ’شل انهيءَ جو گھر ويران ٿئي، ۽ منجھس ڪوبہ نہ رهي.‘ هي بہ لکيل آهي تہ ’شل ڪو ٻيو هن جو جاءِنشين ٿئي.‘ سو انهن ٻن ماڻهن جا نالا پيش ڪيا، هڪڙو يوسف، جنهن کي برسبا عرف يوستُس بہ سڏيندا هئا ۽ ٻيو متياہ. پوءِ انهن پرارٿنا ڪئي تہ ”اي پرڀو! تون سڀني ماڻهن جي دلين کي ڄاڻين ٿو، سو اسان کي ٻڌاءِ تہ تو هنن ٻن مان ڪنهن کي چونڊيو آهي تہ اهو سنت جي سيوا واري اها جاءِ وٺي، جنهن تان يهوداہ خارج ٿيو ۽ پنهنجيءَ جاءِ ڏانهن هليو ويو.“ پوءِ انهن ٻنهي جي لاءِ پُکو وڌائون. پُکو متياہ جي نالي نڪتو ۽ کيس يارهن خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن جي ٽولي ۾ شامل ڪيو ويو. جڏهن پنتيڪُست جي تهوار جو ڏينهن آيو، تڏهن سڀيئي وشواسي اچي هڪڙي هنڌ گڏ ٿيا. اوچتو ئي آڪاش مان هڪ آواز آيو ۽ اهو آواز تيز هوا جي گھوگھٽ جهڙو هو، جنهن سان اها سڄي جاءِ جنهن ۾ هو ويٺا هئا گونجڻ لڳي. تڏهن انهن کي باهہ جهڙيون ڄڀون نظر آيون جيڪي ڌار ڌار ٿي هر هڪ تي اچي ويٺيون. اهي سڀيئي پوِتر آتما سان ڀرجي ويا ۽ انهيءَ جي شڪتيءَ سان ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا. ان وقت سنسار جي هر هڪ ملڪ مان ڌرمي يهودي يروشلم ۾ رهيل هئا. انهن جڏهن اهو آواز ٻڌو تہ اهي وڏي ميڙ جي صورت ۾ اچي گڏ ٿيا. هو سڀيئي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ ۾ انهن کي ڳالهائيندي ٻڌو. انهن کي حيرت وٺي ويئي ۽ عجب ۾ پئجي چوڻ لڳا تہ ”هي ماڻهو جيڪي ائين ٿا ڳالهائين، ڇا اهي سڀ گليلي نہ آهن؟ پوءِ ڪيئن اسان مان هر ڪو انهن کان پنهنجي پنهنجي مادري زبان ٿو ٻڌي؟ ڇاڪاڻ تہ اسين پارٿين، مادئين ۽ عيلامين جي ملڪن ۾ رهندڙ توڙي مسوپتاميہ، يهوديہ، ڪپدُڪيا، پنطس، آسيا، فروگيا، پمفيليا ۽ مصر جي علائقن وارا ۽ لبيا ۾ ڪريني شهر جي آس‌پاس رهندڙ آهيون. ان کان علاوہ روم کان آيل مسافر، جيڪي ڄائي ڄم جا يهودي توڙي اهي غير قوم وارا جيڪي يهودي ڌرم ۾ شامل ٿيل آهن ۽ ڪي ڪريتي ۽ عرب آهن. ان جي باوجود اسين انهن کي پنهنجين پنهنجين ٻولين ۾ ايشور جي وڏن وڏن ڪمن جو بيان ڪندي ٿا ٻڌون.“ سڀيئي حيران ٿي ويا ۽ مونجھڪاري وچان هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هن جو مطلب ڇا آهي؟“ پر انهن مان ڪي وري ٺٺوليون ڪندي چون پيا تہ ”اهي سڀ مئي جي نشي ۾ آهن.“ پوءِ پطرس ٻين يارهن سنتن سان گڏ اُٿي بيٺو ۽ وڏي آواز ۾ ماڻهن سان ڳالهائيندي چيائين تہ ”اي يهودي دوستؤ ۽ يروشلم جا ٻيا سڀيئي رهواسيؤ! جيڪي آءٌ چوان ٿو سو ڪن ڏيئي ٻڌو. هي ماڻهو مئي پي نشي ۾ نہ آهن جيئن اوهين سمجھو ٿا، ڇو تہ صبح جا اڃا نوَ ئي مس ٿيا آهن. پر هن مان اها ڳالهہ پوري ٿئي ٿي جيڪا سنديش ڏيندڙ سنت يوايل جي معرفت ايشور فرمائي هئي تہ ’پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو آءٌ پنهنجي آتما سڀني ماڻهن تي پرگھٽ ڪندس، تڏهن اوهان جا پٽ ۽ ڌيئرون منهنجو سنديش ٻڌائيندا. اوهان جا جوان توڙي پوڙها سچا خواب ۽ درشن ڏسندا. بلڪ انهن ڏينهن ۾ آءٌ داس توڙي داسيءَ تي بہ پنهنجي آتما پرگھٽ ڪندس، سي بہ منهنجو سنديش ٻڌائيندا، ڇاڪاڻ تہ اهي منهنجا آهن. آءٌ مٿي آڪاش ۾ عجب جهڙا ڪم ۽ هيٺ ڌرتيءَ تي چمتڪار ڏيکاريندس، جهڙوڪ: رت، باهہ ۽ گھاٽو دونهون. تڏهن سج ڪاراٽجي ويندو ۽ چنڊ رت جهڙو ڳاڙهو ٿي پوندو. هائو، اهو سڀ مون پرميشور جي مهان ۽ جوت واري ڏينهن جي اچڻ کان پهريائين ٿيندو. ان وقت جيڪو بہ مون پرميشور جو نالو وٺي ٻاڏائيندو، سو بچي ويندو.‘“ پطرس وڌيڪ چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! هي ڌيان سان ٻڌو تہ ايشور اوهان جي اڳيان يسوع ناصريءَ کي پنهنجي طرفان موڪليل طور ثابت ڪيو. ڏسو، ايشور انهيءَ جي هٿان چمتڪار، نشانيون ۽ عجب جهڙا ڪم اوهان جي اڳيان ڪري ڏيکاريا. اوهين اهو چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا. ايشور جي اڳي ئي رٿيل منصوبي ۽ ڄاڻ موجب يسوع کي اوهان جي حوالي ڪيو ويو. تڏهن اوهان هن کي غير يهودين جي هٿان سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻائي مارايو. پر ايشور هن کي موت جي تڪليفن کان آزاد ڪندي وري جيوت ڪري ورتو، ڇاڪاڻ تہ اهو ناممڪن هو جو هو موت جي قبضي ۾ رهي. سو راجا دائود اڳ ۾ ئي يسوع جا لفظ لکيا تہ ’مون تو پرميشور کي هر وقت پنهنجي اڳيان ڏٺو، ڇاڪاڻ تہ تون مون سان گڏ آهين، انهيءَ لاءِ تہ جيئن مون کي ڪو لوڏو نہ اچي. تنهنڪري منهنجي دل خوش آهي ۽ منهنجي زبان خوشيءَ سان ڳالهائي ٿي، بلڪ منهنجو ناس ٿيندڙ شرير بہ اميد سان ڀريل رهندو. يقين اٿم تہ تون منهنجي آتما کي آتمائن جي سنسار ۾ ڇڏي نہ ڏيندين، نڪي پنهنجي پوِتر داس کي ڳرڻ سڙڻ ڏيندين. تو مون کي جيون جون واٽون ڏيکاريون آهن، ۽ تون مون کي پنهنجو درشن ڪرائي خوشيءَ سان ٽمٽار ڪري ڇڏيندين.‘ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي ڏاڏي دائود بابت کُليو کُلايو ٻڌايان ٿو تہ هو مري ويو ۽ دفن ڪيو ويو ۽ سندس قبر اسان وٽ اڄ تائين موجود آهي. هو سنديش ڏيندڙ سنت هو ۽ ڄاتائين ٿي تہ ايشور هن سان قسم کڻي انهيءَ ڳالهہ جو وچن ڪيو هو تہ ’آءٌ تنهنجي اولاد مان هڪڙي کي تنهنجي تخت تي ويهاريندس.‘ دائود اڳي ئي ڄاتو پئي تہ ايشور ڇا ڪندو، تنهنڪري هن مسيح جي وري جيوت ٿيڻ بابت اڳڪٿي ڪندي ائين چيو تہ مسيح نڪي آتمائن جي سنسار ۾ ڇڏيو ويندو ۽ نہ وري سندس شرير ڳري سڙي ويندو. انهيءَ ئي يسوع کي ايشور جيوت ڪيو ۽ اسين سڀ ان ڳالهہ جا شاهد آهيون. هو پنهنجي پتا يعني ايشور جي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو ويو آهي، جنهن کان وچن ڪيل پوِتر آتما وٺي هن اها اسان تي پرگھٽ ڪئي آهي، جنهن جو اثر اوهين هاڻي ڏسو ۽ ٻڌو ٿا. دائود پاڻ آڪاش ڏانهن کڄي نہ ويو، سو هو پاڻ بابت نہ ٿو چوي جڏهن هن هيئن چيو تہ ’پرڀو پرميشور منهنجي پرڀوءَ کي چيو تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان.“‘ سو بني اسرائيل جي پوري قوم يقيني طور ڄاڻي ڇڏي تہ اهو يسوع، جنهن کي اوهان سوليءَ تي چاڙهي ماري ڇڏيو، ايشور تنهن کي پرڀو بہ ڪيو آهي ۽ مسيح بہ.“ جڏهن ماڻهن اهو ٻڌو تہ اها ڳالهہ سندن دلين ۾ چڀي ويئي. سو هنن پريشان ٿي پطرس ۽ ٻين سڀني سنتن کي چيو تہ ”ڀائرؤ! اسين هاڻي ڇا ڪريون؟“ تنهن تي پطرس کين چيو تہ ”توبهہ ڪريو ۽ اوهان مان هر ڪو پنهنجي پاپن جي معافيءَ لاءِ يسوع مسيح جي نالي تي بپتسما وٺي. تڏهن اوهان کي ايشور جي بخشش يعني پوِتر آتما بخشي ويندي. ايشور جو پوِتر آتما ڏيڻ وارو اهو وچن اوهان جي لاءِ، اوهان جي اولاد جي لاءِ ۽ انهن سڀني جي لاءِ بہ آهي جيڪي پري آهن، يعني اهي سڀ جن کي پرڀو، اسان جو ايشور پاڻ ڏانهن سڏيندو.“ پطرس انهن کي ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالهيون ٻڌايون ۽ کين خبردار ڪيائين تہ ”پاڻ کي هن بڇڙي زماني کان بچايو.“ انهيءَ ڏينهن جن پطرس جي سنديش کي قبول ڪيو، سي بپتسما وٺي وشواسين ۾ شامل ٿي ويا. اهي اٽڪل ٽي هزار ماڻهو هئا. اهي پنهنجو وقت سنتن کان سکڻ، هڪٻئي جي سنگت ۾ رهڻ، گڏجي رسوئي کائڻ ۽ پرارٿنا ڪرڻ ۾ گذارڻ لڳا. جيئن تہ سنتن ڪيترائي چمتڪار ۽ عجب جهڙا ڪم ڪيا، سو سڀيئي ماڻهو ايشور جو خوف ڪرڻ لڳا. جن يسوع مسيح تي وشواس آندو هو، سي سڀ گڏ گذارڻ لڳا ۽ هڪٻئي جي شين ۾ ڀائيوار ٿي رهندا هئا. اهي پنهنجو مال ملڪيت وڪڻي پئسا پاڻ ۾ ورهائيندا هئا ۽ هر هڪ کي پنهنجي گھرج آهر ملندو هو. اهي هر روز هيڪل ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ مختلف گھرن ۾ وڃي خوشيءَ ۽ صاف‌دليءَ سان گڏجي کائيندا پيئندا هئا. هو ايشور جي مهما ڪندا هئا ۽ سڀني ماڻهن جو مٿن راضپو هو. پرڀو يسوع ڏينهون ڏينهن مڪتي حاصل ڪندڙن جي منڊليءَ ۾ واڌارو ڪندو ٿي رهيو. هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽي بجي پطرس ۽ يوحنا هيڪل ڏانهن ڀڳتي ڪرڻ ويا. اتي سهڻي نالي دروازي وٽ هڪ ڄائي ڄم کان معذور ويٺو هو، جنهن کي روزانو دروازي وٽ انهيءَ لاءِ ويهاريندا هئا تہ هو هيڪل ۾ ايندڙ ماڻهن کان پني. هن جڏهن پطرس ۽ يوحنا کي هيڪل ۾ ويندي ڏٺو تہ انهن کان بہ دان گھريائين. تنهن تي انهن هن ڏانهن چتائي ڏٺو ۽ پطرس چيس تہ ”اسان ڏانهن نهار.“ سو هن اها اميد رکي هنن ڏانهن نهاريو تہ اهي کيس ڪجھہ ڏيندا. تڏهن پطرس هن کي چيو تہ ”مون وٽ پئسا تہ ڪونہ آهن، پر آءٌ تو کي اهو ڪجھہ ڏيندس جيڪو مون وٽ آهي. يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي سان اُٿ ۽ گھم ڦر.“ پوءِ هن کيس ساڄي هٿ کان وٺي اٿاريو تہ انهيءَ دم ان ماڻهوءَ جا پير ۽ مُرا مضبوط ٿي ويا. هو ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺو ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳو. پوءِ هو گھمندو، ٽپا ڏيندو ۽ ايشور جي مهما ڪندو انهن سان گڏ هيڪل ۾ ويو. سڄيءَ خلق هن کي گھمندي ڦرندي ۽ ايشور جي مهما ڪندي ڏٺو. انهن کيس سڃاتو تہ هي اهو پينو فقير آهي، جيڪو هيڪل جي سهڻي دروازي وٽ ويٺو پنندو هو. تڏهن اهي سڀيئي هن کي ڏسي عجب ۽ حيرت ۾ پئجي ويا. جڏهن هو پطرس ۽ يوحنا کي چنبڙيو بيٺو هو تڏهن سڀيئي ماڻهو ڏاڍي حيرت وچان انهيءَ ورانڊي ڏانهن ڊوڙندا وٽن آيا، جنهن کي سليماني ورانڊو ڪري سڏيندا آهن. پطرس اهو حال ڏسي ماڻهن کي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! هن ماڻهوءَ تي عجب ڇو ٿو لڳيوَ؟ اسان ڏانهن ائين ڇو ٿا نهاريو جو ڄڻ اسان هن کي پنهنجي شڪتيءَ ۽ ڌرمچاريءَ سان گھمڻ ڦرڻ جي طاقت ڏني آهي؟ ابرهام، اضحاق ۽ يعقوب جي ايشور، هائو، اسان جي وڏن جي ايشور پنهنجي داس يسوع کي مهانتا بخشي. پر اوهان هن کي پڪڙايو ۽ کيس گورنر پلاطس جي درٻار ۾ رد ڪيو، جيتوڻيڪ پلاطس هن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو هو. هو پوِتر ۽ سچار هو، پر اوهان کيس رد ڪري هڪ خونيءَ کي آزاد ڪرڻ جي وينتي ڪئي. اهڙيءَ طرح اوهان جيون جي مالڪ کي مارائي ڇڏيو. پر ايشور کيس مئلن مان وري جيوت ڪيو ۽ اسين انهيءَ ڳالهہ جا شاهد آهيون. اها يسوع تي وشواس آڻڻ جي ڪري سندس نالي جي شڪتي ئي آهي جنهن هن معذور ماڻهوءَ کي گھمڻ ڦرڻ جي طاقت ڏني، جنهن کي اوهين ڏسو ۽ سڃاڻو ٿا. هائو، يسوع جي نالي تي وشواس آڻڻ ڪري ئي هي ماڻهو پوريءَ طرح چڱو ڀلو ٿيو ۽ اوهين پاڻ هن کي ڏسي سگھو ٿا. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان ۽ اوهان جي اڳواڻن جيڪي ڪجھہ يسوع سان ڪيو، سو اڻ‌ڄاڻائيءَ جي ڪري ڪيو. ائين ايشور جيڪو اڳي سڀني سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت چيو هو تہ سندس مسيح اهي تڪليفون سهندو، سو هن انهيءَ طرح پورو ڪيو. تنهنڪري توبهہ ڪريو ۽ ايشور ڏانهن اچو تہ اوهان جا پاپ ميٽجي وڃن، انهيءَ لاءِ تہ پرميشور جي شرڻ مان تازگيءَ جا ڏينهن اچن ۽ هو اوهان لاءِ اڳي ئي مقرر ٿيل مسيح، يعني يسوع کي ٻيهر موڪلي. هو تيستائين ضرور آڪاش تي رهندو، جيستائين سڀني ڳالهين جي وري نئين سر ٿيڻ جا ڏينهن اچن، جن بابت ايشور پنهنجي سنديش ڏيندڙ پوِتر سنتن جي معرفت گھڻو اڳي چيو هو. جيئن موسيٰ نيم ۾ چيو هو تہ ’پرڀو اوهان جو ايشور اوهان لاءِ اوهان مان مون جهڙو هڪ سنت موڪليندو. اهو جيڪي بہ ڳالهيون اوهان کي ٻڌائي سي سڀ ٻڌجو. جيڪو بہ انهيءَ سنت جي نہ ٻڌندو، سو سندس قوم کان ڌار ڪري برباد ڪيو ويندو.‘ ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت سموئيل کان وٺي جيڪي بہ سنت آيا، تن مان جن جن بہ اڳڪٿي ڪئي تن سڀني هنن ڏينهن جو ذڪر ڪيو آهي. اوهين انهن سنتن جا وارث ۽ انهيءَ ٻڌل وچن جا شريڪ آهيو جيڪو ايشور اوهان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، جيئن هن ابرهام کي چيو تہ ’تنهنجي اولاد جي وسيلي سنسار جي سڀني قومن کي آسيس ملندي.‘ انهيءَ ڪري ايشور پنهنجي داس يسوع کي مخصوص ڪري پهريائين اسان يهودين ڏانهن موڪليو تہ جيئن هو اسان کي اها آسيس بخشي جو اسين سڀني بڇڙاين کان منهن موڙي ڇڏيون.“ پطرس ۽ يوحنا اڃا ماڻهن سان بيٺي ڳالهايو ئي پئي تہ هيڪل جي صوبيدار ۽ ڪاهنن سميت ڪي صدوقي انهن تي چڙهي آيا. اهي اچي مٿن ڪاوڙيا، ڇاڪاڻ تہ هنن يسوع جو مثال ڏيئي ماڻهن کي سکيا پئي ڏني تہ مئلن کي وري جيوت ڪيو ويندو. سو هنن ٻنهي سنتن کي پڪڙيو، پر جيئن تہ سانجھي ٿي ويئي هئي، تنهنڪري ٻئي ڏينهن صبح تائين هنن کي جيل ۾ رهايو ويو. تنهن هوندي بہ سنديش ٻڌندڙن مان ڪيترن ئي يسوع تي وشواس آندو. اهڙيءَ طرح وشواسين جو تعداد اٽڪل پنج هزار ٿي ويو. ٻئي ڏينهن تي نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن ۽ اڳواڻن جي يروشلم ۾ گڏجاڻي ٿي. انهن ۾ وڏو سردار ڪاهن حَنا ۽ هن سان گڏ ڪائفا، يوحنا، سڪندر ۽ ٻيا جيڪي سردار ڪاهن جا مٽ مائٽ هئا، سي شامل هئا. انهن پطرس ۽ يوحنا کي پنهنجي اڳيان بيهاري پڇيو تہ ”ڪنهن جي شڪتيءَ سان يا ڪنهن جي نالي تي اوهان اهو ڪم ڪيو آهي؟“ تنهن تي پطرس پوِتر آتما سان ڀرجي چوڻ لڳو تہ ”اي قوم جا اڳواڻو ۽ چڱا مڙ‌‌سؤ! جيڪڏهن اڄ اسان کان پڇا ٿي ٿئي تہ اسان معذور ماڻهوءَ سان ڇو چڱائي ڪئي ۽ هو ڪيئن چڱو ڀلو ٿيو، تہ پوءِ اوهان بلڪ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي ڄاڻڻ کپي تہ هي ماڻهو، جيڪو اوهان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آهي سو يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آهي، جنهن کي اوهان سوليءَ تي چاڙهيو ۽ ايشور کيس مئلن مان وري جيوت ڪيو. يسوع اهو آهي جنهن لاءِ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’جنهن پٿر کي اوهان رازن نيچ ٿي ڄاتو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.‘ ڪنهن بہ ٻئي جي هٿ ۾ مڪتي نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ آڪاش جي هيٺان ماڻهن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونهي جنهن جي وسيلي اسان کي مڪتي ملي.“ اهي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ هي عام ماڻهو ٿوري سکيا هوندي بہ ڪيڏا نہ دلير آهن! پر پوءِ ڄاتائون تہ هو يسوع جا ساٿي آهن. جيئن تہ اهو ماڻهو جيڪو چڱو ڀلو ٿيو هو سو بہ اتي انهن سنتن سان گڏ بيٺل هو، تنهنڪري اهي وڌيڪ ڪجھہ بہ چئي نہ سگھيا. تڏهن انهن کين گڏجاڻيءَ کان ٻاهر نڪري وڃڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ ”اسان هنن ماڻهن کي ڇا ڪريون؟ ڇاڪاڻ تہ يروشلم جو هر هڪ ماڻهو ڄاڻي ٿو تہ هنن هڪ وڏو چمتڪار ڪيو آهي جنهن جو اسين انڪار ڪري نہ ٿا سگھون. پر متان اها ڳالهہ وڌيڪ ماڻهن ۾ پکڙجي وڃي، تنهنڪري اچو تہ هنن کي دڙڪو ڏيون تہ يسوع جي نالي جي وري ڳالهہ نہ ڪن.“ پوءِ هنن پطرس ۽ يوحنا کي وري پاڻ وٽ سڏايو ۽ کين سختيءَ سان تاڪيد ڪندي چيائون تہ ”ڪنهن بہ صورت ۾ اوهين يسوع جي نالي نڪي ڪجھہ چئو ۽ نہ وري ڪا سکيا ڏيو.“ پر پطرس ۽ يوحنا ورندي ڏنن تہ ”اوهين پاڻ ئي انصاف ڪريو تہ ايشور جي نظر ۾ ڪهڙي ڳالهہ درست آهي، اوهان جو حڪم مڃڻ يا ايشور جو. اهو ناممڪن آهي تہ اسين اهي ڳالهيون نہ ٻڌايون جيڪي اسان ڏٺيون ۽ ٻڌيون آهن.“ تنهن تي پئنچائت وارن کين وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ تہ ماڻهن جي ڪري کين سزا ڏيڻ جو ڪو طريقو نہ ٿي مليو، ڇو تہ سڀ ماڻهو انهيءَ ڳالهہ سبب ايشور جي مهما ڪري رهيا هئا. جيڪو ماڻهو چمتڪار سان چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن جي عمر چاليهن سالن کان بہ مٿي هئي. جيئن ئي پطرس ۽ يوحنا آزاد ٿيا تہ هو موٽي پنهنجي ساٿين وٽ آيا ۽ جيڪي سردار ڪاهنن ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن چيو هئن سو سڀ کين ٻڌايائون. جڏهن انهن اهو ٻڌو تہ سڀيئي گڏجي وڏي آواز سان ايشور کي پرارٿنا ڪرڻ لڳا تہ ”اي مالڪ! تون ئي آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ جيڪي ڪجھہ انهن منجھہ آهي تنهن جو رچنا ڪندڙ آهين. تو ئي پوِتر آتما جي وسيلي پنهنجي داس ۽ اسان جي وڏي دائود جي واتان چوايو هو تہ ’غير قومن ڇو گوڙ مچايو؟ ماڻهن ڇو اجايا خيال ڪيا؟ ڌرتيءَ جا راجا اٿي کڙا ٿيا، هائو، سڀيئي حاڪم گڏ ٿي پرميشور ۽ سندس مخصوص ڪيل مسيح جي مخالفت ڪرڻ لڳا.‘ اهو سچ ثابت ٿيو آهي تہ تنهنجي پوِتر داس يسوع جنهن کي تو مخصوص ڪري مسيح ڪيو، تنهن جي خلاف گليل صوبي جو حڪمران هيروديس انتپاس ۽ گورنر پنطيس پلاطس، غير قومن ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن سميت هن شهر ۾ اچي گڏ ٿيا. اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي تنهنجي هٿان ۽ تنهنجي مرضيءَ موجب اڳي ئي مقرر ٿيل هو سو پورو ٿئي. هاڻي اي پرڀو! تون هنن جي دڙڪن تي نظر ڪر ۽ اسين، جيڪي تنهنجا داس آهيون تن کي اهڙي شڪتي ڏي تہ جيئن اسين بي‌ڊپا ٿي ماڻهن کي مسيح بابت تنهنجو سنديش ٻڌايون. تون ماڻهن کي چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ اسان تي پنهنجو هٿ رک ۽ اسان جي وسيلي پنهنجي پوِتر داس يسوع جي نالي تي چمتڪار ۽ ڪرامتون ڏيکار.“ جڏهن انهن پرارٿنا پوري ڪئي تہ اها جاءِ ڌڏي ويئي جتي هو گڏ ٿيا هئا. اهي سڀيئي پوِتر آتما سان ڀرجي ويا ۽ مسيح بابت ايشور جو سنديش بي‌ڊپا ٿي ماڻهن کي ٻڌائڻ لڳا. مسيح تي وشواس رکندڙ سڀيئي تن ۽ من سان گڏ هئا ۽ منجھائن ڪوبہ ائين نہ پيو چوي تہ ”هيءَ شيءِ منهنجي آهي،“ پر هو سڀني شين ۾ هڪجهڙا ڀائيوار هئا. خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت وڏي شڪتيءَ سان پرڀو يسوع جي وري جيوت ٿيڻ جي شاهدي ڏيندا هئا. انهن سڀني وشواسين تي ايشور جي ڏاڍي ڪرپا هئي ۽ منجھن اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جنهن کي ڪنهن شيءِ جي محتاجي هجي. انهيءَ ڪري جو جن ماڻهن کي ٻنيون يا گھر هئا سي اهي وڪڻي، پئسا آڻي سنتن جي قدمن ۾ رکندا هئا، جيڪي هر ڪنهن کي سندس گھرج آهر ڏنا ويندا هئا. يوسف نالي هڪ لاوي هو جنهن جو ديس قبرص هو، تنهن کي سنتن برنباس جو لقب ڏنو هو، جنهن جي معنيٰ آهي ”همت‌افزائي ڪندڙ.“ انهيءَ وٽ ڪجھہ ٻني هئي، جيڪا هن وڪڻي ان جا پئسا آڻي سنتن جي قدمن ۾ رکيا. ساڳيءَ طرح حننياہ نالي هڪڙي ماڻهوءَ ۽ سندس پتنيءَ سفيرہ گڏجي پنهنجي ڪجھہ ملڪيت وڪي. پر حننياہ ڪجھہ پئسا پنهنجي لاءِ رکي ڇڏيا، جنهن جي سندس پتنيءَ کي بہ سڌ هئي. باقي پئسا کڻي هن سنتن جي قدمن ۾ آڻي رکيا. تنهن تي پطرس چيس تہ ”اي حننياہ! ڇو شيطان تنهنجي دل ۾ اهڙو خيال وڌو، جو تو پوِتر آتما سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ ٻنيءَ جي پئسن مان ڪجھہ پاڻ وٽ رکي ڇڏيئِہ؟ جيئن ٻني وڪڻڻ کان اڳ تنهنجي ئي ملڪيت هئي، تيئن اها وڪڻڻ کان پوءِ ان جا پئسا بہ تنهنجا ئي هئا. پوءِ تو ڇو دل ۾ اهڙو ڪم ڪرڻ جو خيال ڪيو؟ تو ماڻهن سان نہ پر ايشور سان ڪوڙ ڳالهايو آهي.“ حننياہ اهو ٻڌڻ شرط هيٺ ڪري پيو ۽ مري ويو. جن بہ اهو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو. تڏهن ڪي جوان ماڻهو اٿيا ۽ هن جو لاش ويڙهي ٻاهر کڻي ويا ۽ ان کي دفنائي ڇڏيائون. اٽڪل ٽن ڪلاڪن کان پوءِ هن جي پتني اندر آئي، پر کيس هن واقعي جي ڪابہ سڌ ڪانہ هئي. پطرس ان کي چيو تہ ”مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا سڀ پئسا اهي ئي هئا جيڪي تو کي ۽ تنهنجي پتيءَ کي اوهان جي ملڪيت مان مليا هئا؟“ هن وراڻيس تہ ”هائو، اهي ئي پئسا مليا هئا.“ تنهن تي پطرس کيس چيو تہ ”اها ڪهڙي ڳالهہ آهي جو تو ۽ تنهنجي پتيءَ گڏجي پرڀوءَ جي پوِتر آتما کي آزمائڻ لاءِ ائين ڪيو؟ ڏس، جن ماڻهن تنهنجي پتيءَ کي دفن ڪيو آهي، سي هاڻي دروازي تي اچي پهتا آهن. اهي تو کي بہ ٻاهر کڻي ويندا.“ انهيءَ دم هوءَ بہ سندس پيرن وٽ ڪري پيئي ۽ مري ويئي. جوان ماڻهو اندر آيا ۽ هن کي مئل ڏسي کيس ٻاهر کڻي ويا ۽ سندس پتيءَ جي ڀرسان وڃي دفن ڪيائونس. وشواسين جي سڄي منڊليءَ ۽ ٻين، جن بہ اهو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو. خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت ماڻهن ۾ ڪيترائي چمتڪار ۽ ڪرامتون ڪندا هئا ۽ سڀيئي وشواسي هيڪل اندر سليماني ورانڊي ۾ اچي گڏبا هئا. جيتوڻيڪ باقي ٻيا ماڻهو سندن ساراهہ تہ ڪندا هئا، تہ بہ انهن مان ڪنهن کي همت نہ ٿيندي هئي جو هو انهن سان وڃي شامل ٿين. تنهن هوندي بہ پرڀو يسوع تي وشواس آڻيندڙ مردن توڙي نارين جو واڌارو ٿيندو ٿي ويو. سنتن جا چمتڪار ڏسي ماڻهو بيمارن کي گھٽين ۾ آڻي کٽولن ۽ تڏن تي رکڻ لڳا تہ جڏهن پطرس اتان لنگھي تہ من سندس پاڇو ئي انهن مان ڪن تي پوي. ايتري قدر جو يروشلم جي آس‌پاس وارن ڳوٺن مان بہ تمام گھڻا ماڻهو پنهنجن بيمار ۽ ڀوتن ورتل ماڻهن کي کڻي ايندا هئا ۽ اهي سڀيئي چڱا ڀلا ٿي پوندا هئا. پوءِ وڏو سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿي جيڪي صدوقين جي مقامي پنٿ جا ماڻهو هئا، سي سنتن تي ڏاڍا ساڙ کائڻ لڳا. سو اهي سنتن خلاف اُٿي کڙا ٿيا ۽ کين گرفتار ڪري جيل ۾ وڌائون. پر انهيءَ رات پرڀوءَ جي هڪڙي دوت اچي جيل جا دروازا کوليا ۽ سنتن کي ٻاهر ڪڍي کين چيائين تہ ”وڃو ۽ هيڪل ۾ بيهي ماڻهن کي هن نئين جيون بابت سڀ ڪجھہ ٻڌايو.“ انهيءَ حڪم موجب سنت صبح جو سوير ئي هيڪل ۾ ويا ۽ سکيا ڏيڻ لڳا. هوڏانهن وڏي سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿين يهودي پئنچائت جي ٻين سڀني چڱن مڙسن کي پاڻ وٽ سڏايو تہ جيئن پئنچائت جي مڪمل گڏجاڻي ٿئي. پوءِ انهن جيل ڏانهن چوائي موڪليو تہ جيئن سنتن کي آڻي حاضر ڪن. پر جڏهن سپاهي اتي پهتا تہ انهن جيل ۾ سنتن کي نہ ڏٺو. سو اهي پئنچائت ڏانهن موٽي آيا ۽ ٻڌايائون تہ ”جڏهن اسين اتي پهتاسون تہ اسان جيل کي چڱيءَ طرح تالو لڳل ڏٺو ۽ سڀ پهريدار دروازن تي پهرو ڏيئي رهيا هئا. پر جڏهن اسان دروازا کوليا تہ اسان کي اندر ڪوبہ ماڻهو ڏسڻ ۾ نہ آيو.“ جڏهن هيڪل جي صوبيدار ۽ سردار ڪاهنن اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن وائڙا ٿي ويا. ايتري ۾ هڪ ماڻهو اندر آيو، جنهن اچي کين ٻڌايو تہ ”ڳالهہ ٻڌي اٿوَ! جن ماڻهن کي اوهان جيل ۾ وڌو هو، سي هيڪل ۾ بيٺا ماڻهن کي سکيا پيا ڏين.“ سو صوبيدار پنهنجي سپاهين سان وڃي سنتن کي وٺي آيو. سپاهين سنتن سان ڪابہ زبردستي نہ ڪئي، ڇو تہ هو ڊڄن پيا تہ متان ماڻهو کين پٿر هڻن. هنن سنتن کي آڻي پئنچائت جي اڳيان بيهاريو. تڏهن وڏي سردار ڪاهن کانئن پڇا ڳاڇا ڪندي کين چيو تہ ”اسان اوهان کي سخت تاڪيد ڪيو هو تہ يسوع جي نالي تي سکيا نہ ڏيو. پر اٽلندو اوهان سڄي يروشلم ۾ پنهنجي سکيا پکيڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ اسان کي انهيءَ ماڻهوءَ جي موت جو ذميوار بہ بڻايو ٿا.“ پطرس ۽ ٻين سنتن جواب ۾ چيو تہ ”اسان لاءِ ماڻهن جو نہ، پر ايشور جو چيو مڃڻ لازمي آهي. توڙي جو اوهان يسوع کي سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻي ماري ڇڏيو هو، تڏهن بہ اسان جي ابن ڏاڏن جي ايشور کيس وري جيوت ڪيو. نہ رڳو ايترو پر ايشور کيس مالڪ ۽ مڪتي ڏيندڙ بڻائي پنهنجي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو، تہ جيئن بني اسرائيل کي توبهہ ڪرڻ جي همت ڏئي ۽ سندن پاپ بخشي ڇڏي. اسين انهن ڳالهين جا شاهد آهيون بلڪ پوِتر آتما بہ، جيڪا ايشور انهن کي ڏني آهي جيڪي سندس فرمانبردار آهن.“ جڏهن پئنچائت جي ماڻهن اهو ٻڌو تہ اهي ايترا تہ ڪاوڙيا جو سنتن کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا. پر انهن مان گملي‌ايل نالي هڪڙو فريسي، جيڪو نيم شاستري ۽ سڀني ماڻهن ۾ مانوارو هو، سو پئنچائت جي اڳيان اُٿي بيٺو ۽ سنتن کي ٿوري وقت لاءِ ٻاهر وٺي وڃڻ جو حڪم ڏنائين. پوءِ هن پئنچائت کي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين هنن سان جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سوچي سمجھي ڪريو. ڪجھہ عرصو اڳي ٿيوداس نالي هڪڙو شخص ظاهر ٿيو هو، جنهن دعويٰ ڪئي هئي تہ هو هڪ وڏي هستي آهي. اٽڪل چار سؤ ماڻهو سندس پوئلڳ بہ بڻيا. پر جڏهن هو ماريو ويو تہ سندس سڀ پوئلڳ ڇڙوڇڙ ٿي ويا ۽ سندن سرگرميون مٽيءَ ۾ ملي ويون. ان کان پوءِ آدمشماريءَ جي ڏينهن ۾ يهوداہ گليلي ظاهر ٿيو ۽ هن ڪيترائي ماڻهو پنهنجا پوئلڳ بڻايا، سو بہ چٽ ٿي ويو ۽ سندس سڀيئي پوئلڳ ڇڙوڇڙ ٿي ويا. سو هاڻي آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ هنن ماڻهن جي خلاف ڪوبہ قدم نہ کڻو ۽ کين ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هنن جو مقصد ۽ ڪم ماڻهن جو ٺهيل هوندو تہ اهو پاڻيهي ختم ٿي ويندو. پر جيڪڏهن اهو ايشور جي طرفان آهي تہ پوءِ اوهين انهن ماڻهن تي حاوي ٿي نہ سگھندا، پر اٽلندو اوهين ايشور جي مخالفت ڪندا.“ يهودي پئنچائت گملي‌ايل جي صلاح قبول ڪئي. تنهن هوندي بہ هنن سنتن کي اندر گھرائي چهبڪ هڻايا ۽ کين سخت تاڪيد ڪري ڇڏي ڏنو تہ هو وري يسوع جي نالي تي سکيا نہ ڏين. سنت پئنچائت مان خوشيون ڪندي نڪتا، ڇاڪاڻ تہ ايشور کين انهيءَ لائق بڻايو تہ يسوع جي نالي جي ڪري سندن اپمان ٿيو. اهي روزانو هيڪل ۾ ۽ ماڻهن جي گھرن ۾ سکيا ڏيندا ۽ هن خوشخبريءَ جو پرچار ڪندا رهيا تہ يسوع ئي مسيح آهي. ٿورن ڏينهن کان پوءِ جيئن ئي مسيح تي وشواس آڻيندڙن جو تعداد وڌندو ويو تہ انهن مان يوناني ٻولي ڳالهائيندڙ يهودي عبراني ٻولي ڳالهائيندڙ يهودين جي خلاف ڪُرڪندي شڪايت ڪرڻ لڳا تہ هنن جي وڌوائن کي روزانو کاڌي ورهائڻ وقت گھٽ ڏنو ٿو وڃي. تنهنڪري ٻارهن سنتن سڀني وشواسين کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کين چيو تہ ”اسان لاءِ اهو چڱو نہ آهي جو کاڌي پيتي جي ڳالهين جي ڪري اسين مسيح بابت ايشور جي سنديش جو پرچار ڇڏي ڏيون. تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پاڻ مان ست لائق ماڻهو چونڊيو، جيڪي پوِتر آتما ۽ سياڻپ سان ڀريل هجن. اسين انهن کي کاڌي ورهائڻ واري ڪم جو ذميوار مقرر ڪنداسين. پوءِ اسين پاڻ سمورو وقت پرارٿنا ۽ پرچار جي ڪم ۾ گذارينداسين.“ سنتن جي صلاح تي وشواسين جي سڄي منڊلي خوش ٿي. سو انهيءَ منڊليءَ هنن ماڻهن کي چونڊيو: استيفنس، جيڪو وشواس ۽ پوِتر آتما سان ڀريل هو، فلپس، پرخرس، نيڪانور، تيمون، پرمناس ۽ نيڪلاؤ‌س جيڪو انطاڪيا شهر جو رهاڪو هو ۽ اڳ يهودي ڌرم ۾ شامل ٿيو. منڊليءَ وارن انهن کي سنتن جي اڳيان حاضر ڪيو، جن پرارٿنا ڪئي ۽ انهن تي پنهنجا هٿ رکي کين مخصوص ڪيو. اهڙيءَ طرح مسيح بابت ايشور جو سنديش پکڙبو ويو ۽ يروشلم ۾ وشواسين جو تعداد بہ گھڻو وڌندو ويو. ان کان علاوہ ڪاهنن جو وڏو تعداد پڻ يسوع مسيح بابت خوشخبريءَ جو تابعدار بڻيو. استيفنس ايشور جي ڪرپا ۽ شڪتيءَ سان ڀرجي ماڻهن ۾ ڪيترائي وڏا چمتڪار ۽ ڪرامتون ڪرڻ لڳو. پر ڪي ماڻهو سندس مخالفت ۾ بحث ڪرڻ لڳا، جن مان ڪي ”آزاد ٿيل ماڻهو“ نالي يهودين جي هڪ ڀڳتيءَ واري جاءِ جا رڪن هئا ۽ ڪريني ۽ اسڪندريہ کان آيا هئا ۽ ڪي وري ڪلڪيا ۽ آسيا صوبن جا هئا. پر پوِتر آتما استيفنس کي اهڙي سياڻپ ڏني جو جڏهن هن ڳالهايو تہ اهي سندس مقابلو ڪري نہ سگھيا. تنهن تي هنن ڪن ماڻهن کي ڀڙڪايو تہ اهي چون تہ ”اسان هن کي موسيٰ ۽ ايشور جي خلاف نندا واريون ڳالهيون ڪندي ٻڌو آهي.“ اهڙيءَ طرح هنن نيم شاسترين سميت يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن ۽ عام خلق کي وٺي ڀڙڪايو. تڏهن اهي استيفنس تي چڙهائي ڪري آيا ۽ کيس گرفتار ڪري يهودي پئنچائت جي اڳيان پيش ڪيائون. پوءِ اهي ڪن اهڙن ماڻهن کي اندر وٺي آيا، جيڪي هن جي مٿان ڪوڙي شاهدي ڏين. انهن ماڻهن چيو تہ ”هي ماڻهو هميشہ اسان جي پوِتر هيڪل ۽ موسيٰ جي نيم جي خلاف ڳالهائيندو آهي. اسان کيس هي چوندي ٻڌو آهي تہ يسوع ناصري هيڪل کي ڊاهي ڇڏيندو ۽ جيڪي رسم وَ رواج موسيٰ اسان کي ڏيئي ويو آهي تن کي بہ بدلائي ڇڏيندو.“ تڏهن جيڪي پئنچائت ۾ ويٺا هئا تن استيفنس ڏانهن چتائي نهاريو تہ کين سندس منهن دوت جهڙو ڏسڻ ۾ آيو. تڏهن وڏي سردار ڪاهن استيفنس کان پڇيو تہ ”ڇا اهو سچ آهي؟“ تنهن تي استيفنس جواب ڏنو تہ ”اي ڀائرو ۽ وڏڙؤ! منهنجي ٻڌو. وڏي مهانتا وارو ايشور اسان جي وڏي ابرهام تي ان وقت ظاهر ٿيو، جڏهن حاران شهر ۾ رهڻ کان اڳ هو مسوپتاميہ ۾ رهندو هو. ايشور کيس چيو تہ ’پنهنجا مٽ مائٽ ۽ ديس ڇڏي انهيءَ ملڪ ڏانهن وڃ جيڪو آءٌ تو کي ڏيکاريندس.‘ تنهنڪري هو ڪسدين جي ملڪ کي ڇڏي وڃي حاران ۾ رهڻ لڳو. جڏهن سندس پتا مري ويو تڏهن ايشور کيس هن ملڪ ۾ وٺي آيو، جتي اڄ تائين اوهين رهندا ٿا اچو. ايشور ابرهام کي هن ملڪ ۾ زمين جو هڪ ٽڪرو بہ ميراث طور نہ ڏنو، بلڪ هڪ انچ بہ نہ. پر ايشور ساڻس وچن ڪيو تہ ’اهو ملڪ تو کي ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي ڏيندس تہ جيئن تنهنجي ملڪيت ٿئي،‘ جيتوڻيڪ کيس ڪوبہ اولاد ڪونہ هو. ايشور وڌيڪ چيس تہ ’تنهنجو اولاد هڪڙي ڌارئي ملڪ ۾ وڃي پرديسي ٿي رهندو، جتي اهي چار سؤ سالن تائين غلاميءَ ۾ گذاريندا ۽ انهن سان ماڻهو خراب هلت هلندا.‘ ايشور هيئن بہ چيس تہ ’جنهن قوم جي غلاميءَ ۾ هو رهندا، تنهن جي خلاف آءٌ فيصلو جاري ڪندس. تنهن کان پوءِ هو اتان نڪري اچي هن ئي هنڌ منهنجي ڀڳتي ڪندا.‘ پوءِ ايشور ابرهام لاءِ ختني کي انهيءَ ٻڌل وچن جي نشانيءَ طور مقرر ڪيو. تنهنڪري ابرهام پنهنجي پٽ اضحاق جو سندس جنم کان اٺين ڏينهن تي ختنو ڪرايو. اضحاق مان يعقوب ۽ يعقوب مان ٻارهن پٽ پيدا ٿيا، جيڪي ٻارهن قبيلن جا وڏا ٿيا، تن سڀني جو بہ ختنو ڪرايو ويو. سڀيئي ڀائر پنهنجي هڪ ڀاءُ يوسف تي ساڙ کائڻ لڳا ۽ کيس انهن ماڻهن وٽ وڪيائون، جيڪي هن کي غلام ڪري مصر ڏانهن وٺي ويا. پر ايشور هن ساڻ هو ۽ کيس سڀني مصيبتن مان سلامتيءَ سان پار ڪيائين. ايشور کيس ڏاهپ سان گڏ فرعون يعني مصر جي راجا جو راضپو پڻ بخشيو، ايتري قدر جو فرعون يوسف کي مصر ملڪ توڙي پنهنجي پوري محلات جو حاڪم بڻائي ڇڏيو. تنهن کان پوءِ پوري مصر ۽ ڪنعان ۾ اچي ڏڪار پيو، جنهن ڪري ڏاڍي مصيبت پيدا ٿي. اسان جي وڏن کي ڪوبہ کاڌو ملي نہ ٿي سگھيو. پر جڏهن يعقوب ٻڌو تہ مصر ۾ اناج آهي تڏهن هن پنهنجي پٽن يعني اسان جي وڏن کي پهريون دفعو اوڏانهن موڪليو. ٻئي دفعي يوسف پنهنجي ڀائرن کي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي. تڏهن فرعون کي بہ يوسف جي ڪٽنب جي سڌ پئجي ويئي. پوءِ يوسف پنهنجي پتا يعقوب ۽ پنهنجي سڄي ڪٽنب کي پاڻ وٽ گھرايو. اهي جملي پنجهتر ڄڻا هئا. پوءِ يعقوب مصر ڏانهن ويو، جتي هو ۽ اسان جا وڏا مري ويا. انهن جا لاش کڻي وڃي شڪم جي انهيءَ قبرستان ۾ دفن ڪيائون، جيڪو ابرهام شڪم ۾ حمور جي پٽن کان خريد ڪيو هو. سو جڏهن ابرهام سان ايشور جي ڪيل وچن جو مدو پورو ٿيڻ تي آيو ۽ مصر ۾ اسان جي ماڻهن جو تعداد گھڻو وڌندو ٿي ويو تڏهن هڪڙو ٻيو فرعون مصر ۾ حڪومت ڪرڻ لڳو، جيڪو يوسف کي نہ سڃاڻيندو هو. فرعون اسان جي قوم سان چالاڪي ڪري اسان جي ابن ڏاڏن سان تمام گھڻا ظلم ڪيا. هن کين ان ڳالهہ تي مجبور ڪيو تہ هو پنهنجن ٻارڙن کي گھر کان ٻاهر ڇڏي ڏين، تہ جيئن اهي مري وڃن. انهيءَ ئي وقت موسيٰ جو جنم ٿيو، جيڪو ڏاڍو سهڻو هو. هو ٽي مهينا ماتا پتا جي گھر ۾ پليو. پوءِ جڏهن ماتا پتا کي اهو ٻار گھر کان ٻاهر ڇڏڻو پيو تہ فرعون جي ڌيءَ کيس کڻي ورتو ۽ پنهنجو پٽ ڪري پاليائينس. هن کي مصرين جي سڄي ڏاهپ جي سکيا ڏني ويئي ۽ کيس ڳالهائڻ توڙي ڪم ڪرڻ ۾ وڏي قابليت حاصل ٿي. جڏهن موسيٰ چاليهن سالن جو ٿيو تہ هن ارادو ڪيو تہ ’آءٌ وڃي پنهنجي بني اسرائيل قوم وارن کي ڏسان.‘ هن وڃي ڏٺو تہ بني اسرائيل جي هڪڙي ماڻهوءَ سان ڪو مصري ظلم پيو ڪري. تنهنڪري موسيٰ انهيءَ جي مدد ڪرڻ ويو ۽ سندس بدلو وٺندي انهيءَ مصريءَ کي ماري وڌائين. موسيٰ سوچيو هو تہ ’منهنجي قوم وارا سمجھندا تہ ايشور منهنجي وسيلي کين ظلم کان ڇڏائيندو،‘ پر هنن نہ سمجھيو. ٻئي ڏينهن هن بني اسرائيل جي ٻن ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙهندي ڏٺو ۽ انهن ۾ ٺاهہ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين تہ ’اوهين پاڻ ۾ ڀائر آهيو، سو ڇو ٿا هڪٻئي سان وڙهو؟‘ پر جيڪو ظلم ڪري رهيو هو تنهن موسيٰ کي ڌِڪو ڏنو ۽ چيائينس تہ ’ڪنهن تو کي اسان تي حاڪم ۽ جج مقرر ڪيو آهي؟ تون مون کي بہ ماريندين ڇا، جيئن تو ڪالهہ هڪ مصريءَ کي ماريو هو؟‘ اهو ٻڌي موسيٰ وٺي ڀڳو ۽ مديان جي ملڪ ۾ وڃي اجنبي ٿي رهيو، جتي کيس ٻہ پٽ ڄاوا. چاليهہ سال گذرڻ کان پوءِ سينا جبل جي ويجھو بيابان ۾ ٻرندڙ ٻوڙي مان هڪڙي دوت هن کي درشن ڏنو. موسيٰ هي عجيب نظارو ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو ۽ جڏهن چڱيءَ طرح ڏسڻ لاءِ هو ان جي ويجھو ويو، تڏهن هن پرميشور جو آواز ٻڌو تہ ’آءٌ تنهنجي ابن ڏاڏن جو ايشور، يعني ابرهام، اضحاق ۽ يعقوب جو ايشور آهيان.‘ تنهن تي موسيٰ ڏڪي ويو ۽ ان کي ڏسڻ جي همت نہ ٿيس. پرڀوءَ هن کي وڌيڪ چيو تہ ’پنهنجي جتي لاهہ، ڇاڪاڻ تہ جنهن جاءِ تي تون بيٺو آهين سا هڪ پوِتر زمين آهي. بيشڪ مون پنهنجي قوم سان مصر ۾ ظلم ٿيندي ڏٺو آهي، مون انهن جي دانهن ٻڌي آهي ۽ کين بچائڻ لاءِ لهي آيو آهيان. هاڻي اچ تہ آءٌ تو کي مصر ڏانهن موڪليان.‘ اهو ئي موسيٰ جنهن کي بني اسرائيل قبول نہ ڪيو، بلڪ چيائونس تہ ’ڪنهن تو کي اسان تي حاڪم ۽ جج مقرر ڪيو آهي؟‘ تنهن کي ئي ايشور حاڪم ۽ بچائيندڙ بڻائي انهيءَ دوت جي وسيلي موڪليو، جنهن هن کي ٻرندڙ ٻوڙي ۾ درشن ڏنو هو. هي اهو ئي شخص آهي جنهن کين اتان ڪڍيو ۽ مصر ۾، ڳاڙهي سمنڊ وٽ ۽ چاليهن سالن تائين بيابان ۾ عجب جهڙا ڪم ۽ چمتڪار ڏيکاريندو رهيو. هي اهو ئي موسيٰ آهي جنهن بني اسرائيل کي چيو تہ ’ايشور اوهان لاءِ اوهان مان ئي مون جهڙو سنديش ڏيندڙ هڪڙو سنت موڪليندو.‘ هي اهو ئي آهي، جنهن بيابان ۾ سڄي بني اسرائيل کي آڻي گڏ ڪيو. اتي هو اسان جي ابن ڏاڏن ۽ انهيءَ دوت جو وچ وارو بڻيو، جنهن ساڻس سينا جبل تي ڳالهايو هو. هي اهو ئي آهي جنهن کي جيون ڏيندڙ وچن مليو، انهيءَ لاءِ تہ اهو اسان تائين پهچائي. پر اسان جي ابن ڏاڏن هن جي چئي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. انهن کيس ڌڪاري ڇڏيو ۽ سندن دلين مصر ڏانهن لاڙو رکيو. انهن هارون کي چيو تہ ’اسان لاءِ اهڙا ديوتا ٺاهہ، جيڪي اسان جي اڳيان اڳيان هلن، ڇو تہ جنهن موسيٰ اسان کي مصر مان ڪڍي آندو هو تنهن جي سڌ ئي نہ آهي تہ ساڻس ڇا ٿيو.‘ انهن ئي ڏينهن ۾ هنن هڪڙو بت ٺاهيو، جيڪو گابي جي شڪل جهڙو هو ۽ انهيءَ بت تي ٻليدان ڏنائون. هو پنهنجن هٿن سان ٺهيل بت کي ڏسي خوشيون ڪرڻ لڳا. تنهن تي ايشور انهن کان منهن موڙيو ۽ کين ڇڏي ڏنائين تہ وڃي آڪاش جي لشڪر جي پوجا ڪن، جيئن سنديش ڏيندڙ سنتن جي هڪ لکت ۾ ايشور فرمائي ٿو تہ ’اي بني اسرائيل وارؤ! ڇا اوهان منهنجي لاءِ بيابان ۾ چاليهن سالن تائين جانور ڪهي ٻليدان ڏنا؟ ڪڏهن بہ نہ. پر اوهان مولڪ ديوتا جو خيمو، ۽ رفان ديوتا جي ستاري جي مورتي پاڻ سان کنيو پئي وتيا، جيڪي اوهان پوجا ڪرڻ لاءِ ٺاهيا هئا. هاڻي آءٌ اوهان کي بابل کان بہ پري ڪڍي ڇڏيندس.‘ اسان جي ابن ڏاڏن وٽ بيابان ۾ ايشور سان ملاقات وارو خيمو هو. اهو ائين ئي ٺاهيو ويو هو جيئن ايشور موسيٰ کي ٻڌايو هو، يعني اهڙي نموني جو جهڙيءَ طرح موسيٰ کي ڏيکاريو ويو هو. اهو خيمو اسان جي ابن ڏاڏن کي سندن وڏن کان مليو هو ۽ اهي ان خيمي کي يشوع جي اڳواڻيءَ ۾ پاڻ سان کڻي آيا هئا جڏهن هنن انهن قومن جي ملڪ تي وڃي قبضو ڪيو، جن کي ايشور سندن اڳيان ڀڄائي ڪڍيو. اهو پوِتر خيمو وٽن دائود جي زماني تائين رهيو. دائود ايشور وٽ قبول پيو هو ۽ هن وينتي ڪئي هئس تہ يعقوب جي ايشور لاءِ کيس گھر اڏڻ جي آگيا ملي. پر ايشور جي گھر جي اڏاوت دائود جي پٽ سليمان جي هٿان ئي ٿي. اهي سڀ شيون ڇا منهنجيون ئي ٺاهيل نہ آهن؟‘“ استيفنس کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ضدي آهيو، اوهان جون دليون ڪيڏيون نہ ڦِريل آهن ۽ ايشور جو سنديش ٻڌڻ لاءِ اوهان جا ڪن ٻوڙا آهن. جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا هئا، تيئن ئي اوهين بہ هميشہ پوِتر آتما جي مخالفت ڪندا آهيو. ايشور جو سنديش ڏيندڙ اهو ڪهڙو سنت هو جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ هنن انهن کي بہ مارايو، جن انهيءَ سچار بندي جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني ۽ هاڻي اوهان پاڻ انهيءَ سان دغابازي ڪري کيس مارايو آهي. اوهين اهي آهيو جن کي دوتن جي معرفت نيم مليو، پر اوهان ان تي عمل نہ ڪيو.“ جيئن ئي يهودي پئنچائت جي ماڻهن استيفنس جون اهي ڳالهيون ٻڌيون تہ اهي دل ۾ سڙي ويا ۽ ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجا ڏند ڪرٽڻ لڳا. پر استيفنس پوِتر آتما سان ڀرجي آڪاش ڏانهن نهاريو تہ ايشور جي جوت نظر آيس ۽ يسوع کي ايشور جي ساڄي پاسي بيٺل ڏٺائين. تڏهن هن چيو تہ ”ڏسو، مون کي آڪاش کُليل نظر ٿو اچي ۽ منش‌پتر ايشور جي ساڄي پاسي بيٺو آهي.“ پر هنن وٺي زور سان واڪا ڪيا، پنهنجا ڪن کڻي بند ڪيائون ۽ گڏجي استيفنس تي حملو ڪيائون. هو کيس شهر مان ٻاهر ڪڍي سنگسار ڪرڻ لڳا. استيفنس مٿان شاهدي ڏيندڙن پنهنجا ڪپڙا لاهي سائول نالي هڪڙي نوجوان وٽ رکيا. پوءِ جيئن انهن استيفنس تي پٿر پئي وسايا تہ هن پڪاريندي چيو تہ ”اي پرڀو يسوع! منهنجي آتما قبول ڪر.“ پوءِ هن گوڏا کوڙي وڏي آواز سان چيو تہ ”اي پرڀو يسوع! هنن جي هن پاپ کي نہ ليکجانءِ.“ ايترو چئي هن دم ڏنو. سائول منڊليءَ کي تباهہ ڪندو رهيو ۽ گھر گھر ۾ گھڙي وشواسي مردن توڙي نارين کي گهلي جيل ۾ وجھرائيندو رهيو. جيڪي وشواسي ٽڙي پکڙي ويا هئا، سي جتي بہ ويا اتي انهن مسيح بابت ايشور جي سنديش جو پرچار ڪيو. سيواداري فلپس سامريہ شهر ۾ ويو ۽ اتي ماڻهن ۾ مسيح جو پرچار ڪرڻ لڳو. جڏهن ماڻهن فلپس جو پرچار ٻڌو ۽ اهي چمتڪار ڏٺا جيڪي هن ڪيا، تڏهن سڀيئي گڏجي سندس ڳالهيون دل سان ٻڌڻ لڳا. ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت وڏي واڪي نڪرندا پئي ويا ۽ ڪيترائي اڌرنگي ۽ منڊا ماڻهو چڱا ڀلا ٿي ويا. تنهنڪري انهيءَ شهر ۾ ڏاڍيون خوشيون ٿيڻ لڳيون. انهيءَ شهر ۾ شمعون نالي هڪ ماڻهو رهندو هو، جنهن ڪجھہ عرصي تائين سامريہ جي ماڻهن کي پنهنجي جادوگريءَ سان حيرت ۾ وجھي ڇڏيو هو. هو دعويٰ ڪندو هو تہ ”آءٌ هڪ وڏي هستي آهيان.“ شهر جا ننڍا توڙي وڏا کيس مڃيندا هئا ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کي ايشور جي مهان شڪتي ڪري چوندا هئا. هو کيس ان ڪري مڃيندا هئا جو هن گھڻي عرصي تائين انهن کي پنهنجي جادوگريءَ جي وسيلي موهي ڇڏيو هو. پر جڏهن فلپس ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ ۽ يسوع مسيح جي نالي جو پرچار ڪيو تہ انهن مردن ۽ نارين وشواس آندو ۽ بپتسما ورتائون. شمعون پاڻ بہ وشواس آندو ۽ بپتسما وٺي فلپس سان گڏ رهڻ لڳو. هو وڏا وڏا چمتڪار ۽ ڪرامتون ٿيندي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو. هوڏانهن يروشلم ۾ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن جڏهن ٻڌو تہ سامريہ جي ماڻهن مسيح بابت ايشور جو سنديش قبول ڪيو آهي، تڏهن پاڻ مان يوحنا ۽ پطرس کي انهن ڏانهن موڪليائون. اهي جڏهن اتي پهتا تہ انهن سامرين لاءِ پرارٿنا ڪيائون تہ کين پوِتر آتما ملي، ڇاڪاڻ تہ انهن مان اڃا ڪنهن تي بہ پوِتر آتما پرگھٽ نہ ٿي هئي. انهن کي رڳو پرڀو يسوع جي نالي تي بپتسما ڏني ويئي هئي. پوءِ پطرس ۽ يوحنا انهن تي پنهنجا هٿ رکيا تہ کين پوِتر آتما ملي ويئي. شمعون جڏهن ڏٺو تہ سنتن جي هٿن رکڻ سان پوِتر آتما ٿي ملي، تڏهن يوحنا ۽ پطرس کي پئسا آڇيندي چيائين تہ ”مون کي بہ اها اختياري ڏيو تہ جنهن تي پنهنجا هٿ رکان تہ ان کي پوِتر آتما ملي.“ تنهن تي پطرس جواب ڏنس تہ ”شل تون ۽ تنهنجا پئسا ٻئي نرڳ ۾ پئو، جو تون سمجھين ٿو تہ ايشور جي بخشش پئسن سان ملي سگھي ٿي. هن ڪم ۾ تنهنجو اسان سان ڪوبہ واسطو يا حصو نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي دل اڃا ايشور ڏانهن صاف نہ ٿي آهي. تنهنڪري پنهنجي انهيءَ بڇڙائيءَ تي توبهہ ڪر ۽ پرميشور کي پرارٿنا ڪر تہ شل تو کي تنهنجي دل جي انهيءَ بڇڙي خيال جي معافي ملي. مون کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو تہ تون ڪو ڏاڍو ساڙ ۾ سڙيل ۽ بڇڙائيءَ جي ڦندي ۾ ڦاٿل آهين.“ تنهن تي پطرس ۽ يوحنا کي شمعون چيو تہ ”اوهين منهنجي لاءِ پرميشور کي پرارٿنا ڪريو تہ جيڪي ڳالهيون اوهان چيون آهن تن مان ڪابہ مون سان نہ ٿئي.“ مسيح بابت ايشور جي سنديش ٻڌائڻ ۽ پنهنجي شاهدي ڏيڻ کان پوءِ پطرس ۽ يوحنا يروشلم ڏانهن روانا ٿيا. واٽ تي هنن سامريہ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ انهيءَ خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو. پرميشور جي هڪڙي دوت فلپس کي چيو تہ ”اُٿ، ڏکڻ طرف ان رستي سان وڃ، جيڪو يروشلم کان غزہ ڏانهن بيابان مان وڃي ٿو.“ سو فلپس اٿي روانو ٿيو تہ رستي ۾ کيس حبش جو هڪڙو ماڻهو مليو، جيڪو خواجہ‌سرا هو. هي ماڻهو حبش جي راڻيءَ جي سڄي خزاني جو وزير هو ۽ يروشلم ۾ ايشور جي ڀڳتي ڪرڻ لاءِ ويو هو. هو گھوڙي گاڏيءَ ۾ پنهنجي ديس ڏانهن موٽي رهيو هو ۽ رستي سان سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جو شاستر پڙهندو پئي ويو. پوِتر آتما فلپس کي چيو تہ ”ويجھو وڃي انهيءَ گاڏيءَ سان گڏج.“ تڏهن فلپس ڊوڙي اوڏانهن ويو ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کي يسعياہ سنت جو شاستر پڙهندي ٻڌائين. فلپس کانئس پڇيو تہ ”جيڪي اوهين پڙهو ٿا، سو سمجھو بہ ٿا يا نہ؟“ تنهن تي هن وراڻيس تہ ”جيستائين ڪو مون کي نہ سمجھائيندو تيستائين آءٌ ڪيئن سمجھندس؟“ پوءِ هن فلپس کي وينتي ڪئي تہ ”اچي مون سان گڏ ويهو.“ پوِتر شاستر جو جيڪو حصو انهيءَ پڙهيو پئي سو هي هو تہ ”هو هڪڙي رڍ وانگر آهي، جنهن کي ڪهڻ لاءِ وٺي ويا، ۽ جهڙيءَ طرح ڪو گھيٽڙو پنهنجي اُنَ ڪترڻ واري جي اڳيان گونگو ٿي بيهندو آهي، تهڙيءَ طرح هن بہ ٻڙڪ نہ ڪڇي. ساڻس جٺ ڪيائون ۽ سندس انصاف ڪين ٿيو. پوءِ ڪهڙي پيڙهي هوندس جنهن جو احوال بيان ڪيو ويندو؟ ڇاڪاڻ تہ کيس جيوت ماڻهن جي جهان مان ڪڍيو ويو.“ حبش جي آفيسر فلپس کي چيو تہ ”مهرباني ڪري ٻڌايو تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ هيءُ سنت ڪنهن بابت ٿو چوي؟ هو پنهنجي بابت ٿو چوي يا ڪنهن ٻئي بابت؟“ تڏهن فلپس پوِتر شاستر کي انهيءَ هنڌ کان شروع ڪري کيس يسوع بابت خوشخبري ٻڌائڻ لڳو. سو آفيسر گاڏيءَ کي بيهارڻ جو حڪم ڏنو. هو ۽ فلپس ٻئي هيٺ پاڻيءَ ۾ لٿا ۽ فلپس کيس بپتسما ڏني. هوڏانهن سائول اڃا تائين پرڀو يسوع جي پوئلڳن کي ڌمڪائيندي کين قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ٿي رهيو. سو هو وڏي سردار ڪاهن وٽ ويو ۽ وينتي ڪيائينس تہ ”مون کي دمشق شهر جي يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين لاءِ ڪي اهڙي مضمون جا خط لکي ڏيو تہ جيڪڏهن مون کي يسوع واري رستي تي هلندڙ ڪو مرد توڙي ناري ملي تہ کيس گرفتار ڪري يروشلم ۾ وٺي اچان.“ سفر ڪندي جڏهن هو دمشق جي ويجھو پهتو، تڏهن اوچتو آڪاش مان هڪڙي روشني اچي سندس چوڌاري چمڪڻ لڳي. تڏهن هو زمين تي ڪري پيو ۽ هڪڙو آواز ٻڌائين تہ ”سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟“ هن پڇيس تہ ”اي سوامي! اوهين ڪير آهيو؟“ آواز آيس تہ ”آءٌ يسوع آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو. هاڻي اُٿ ۽ شهر ۾ وڃ، جتي تو کي ٻڌايو ويندو تہ تو کي ڇا ڪرڻ گھرجي.“ جيڪي ماڻهو سائول سان گڏ وڃي رهيا هئا، سي وائڙا ٿي بيهي رهيا، ڇاڪاڻ تہ انهن آواز تہ ٻڌو پر کين ڪوبہ ڏسڻ ۾ نہ آيو. تڏهن سائول زمين تان اٿيو ۽ جڏهن پنهنجيون اکيون کوليائين تہ کيس ڪجھہ بہ ڏسڻ ۾ نہ ٿي آيو. سو انهن کيس هٿ کان وٺي دمشق ۾ آندو. اتي هو ٽن ڏينهن تائين انڌو رهيو ۽ ان عرصي ۾ هن نہ ڪجھہ کاڌو ۽ نہ پيتو. دمشق ۾ حننياہ نالي پرڀو يسوع جو هڪ پوئلڳ هو، جنهن کي درشن ۾ پرڀو يسوع چيو تہ ”حننياہ!“ هن وراڻيو تہ ”حاضر منهنجا پرڀو!“ پرڀوءَ وري هن کي چيو تہ ”اُٿ ۽ سنئين نالي گھٽيءَ ۾ يهوداہ جي گھر وڃي ترسس شهر واري ماڻهوءَ سائول جي پڇا ڪر. ڏس، هو پرارٿنا ڪري رهيو آهي ۽ درشن ۾ ڏٺو اٿس تہ حننياہ نالي هڪ ماڻهوءَ اچي سندس مٿان پنهنجا هٿ رکيا آهن تہ جيئن هو وري ڏسڻ جهڙو ٿئي.“ پر حننياہ چيس تہ ”اي پرڀو! ڪيترن ئي ماڻهن مون کي انهيءَ شخص بابت ٻڌايو آهي تہ هن تو تي وشواس رکندڙن سان يروشلم ۾ ڪيڏيون نہ جٺيون ڪيون آهن. هو هتي بہ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ سردار ڪاهنن جي اختياريءَ سان انهن ماڻهن کي گرفتار ڪري جيڪي تنهنجو نالو وٺن ٿا.“ پرڀو يسوع هن کي چيو تہ ”وڃ، ڇاڪاڻ تہ مون هن کي پنهنجي سيوا واسطي چونڊيو آهي تہ هو منهنجو نالو غير قومن، راجائن ۽ بني اسرائيل اڳيان ظاهر ڪري. آءٌ پاڻ هن کي ڏيکاريندس تہ منهنجي نالي جي ڪري کيس ڪيتريون نہ تڪليفون سهڻيون پونديون.“ سو حننياہ ويو ۽ ان گھر ۾ گھڙي سائول تي پنهنجا هٿ رکي چيائينس تہ ”سائول ڀاءُ! پرڀو يسوع پاڻ مون کي موڪليو آهي، جنهن تو کي رستي ۾ درشن ڏنو هو، جڏهن تون هيڏانهن اچي رهيو هئين. هن مون کي انهيءَ لاءِ موڪليو آهي تہ تو کي وري ديد ملي ۽ تون پوِتر آتما سان ڀرجي وڃين.“ تڏهن هڪدم مڇيءَ جي ڇلر جهڙي ڪا شيءِ سائول جي اکين مان ڪري پيئي ۽ هو وري ڏسڻ وائسڻ لڳو. پوءِ هن اُٿي بپتسما ورتي ۽ کاڌي کائڻ سان سندس طاقت موٽي آئي. سائول دمشق ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين وشواسين سان گڏ رهيو. هو جلد ئي يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ وڃي يسوع بابت پرچار ڪرڻ لڳو تہ هو ايشور جو پٽ آهي. جن بہ هن جي اها ڳالهہ ٻڌي، سي سڀ حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هي اهو ناهي ڇا، جيڪو يروشلم ۾ يسوع جو نالو وٺندڙن کي ستائيندو هو ۽ هتي بہ انهيءَ ارادي سان آيو هو تہ انهن ماڻهن کي گرفتار ڪري سردار ڪاهنن وٽ وٺي وڃي؟“ پر سائول جو پرچار ڏينهون ڏينهن زور وٺندو ويو ۽ جيڪي يهودي دمشق ۾ رهندا هئا تن کي منجھائي ڇڏيائين، جو ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ يسوع ئي مسيح آهي. گھڻن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ يهودين گڏجي سازش سِٽي تہ سائول کي قتل ڪجي. پر سائول کي سندن انهيءَ سازش جي خبر پئجي ويئي. سو جڏهن اهي رات ڏينهن شهر جي دروازن تي انهيءَ تاڙ ۾ رهڻ لڳا تہ کيس مارين، تڏهن سندس چيلن رات جي وقت هن کي هڪڙي کاري ۾ ويهاري شهر جي ڀت تان لڙڪائي هيٺ لاهي ڇڏيو. پوءِ سائول يروشلم ۾ اچي پهتو ۽ اتي جي وشواسين ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪيائين. پر اهي سڀيئي کانئس ڊنا ٿي، جو اعتبار ئي نہ ٿي آين تہ هو بہ ڪو وشواسي آهي. تڏهن برنباس هن کي پاڻ سان گڏ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن وٽ وٺي آيو. هن انهن کي ٻڌايو تہ سائول ڪيئن پرڀو يسوع کي رستي ۾ ڏٺو ۽ ڪيئن پرڀوءَ ساڻس ڳالهايو. هن اهو بہ ٻڌاين تہ سائول دمشق ۾ يسوع جي نالي تي ڪيڏي نہ دليريءَ سان پرچار ڪيو. پوءِ سائول خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن سان گڏ يروشلم ۾ ايندو ويندو هو ۽ پرڀو يسوع جي نالي تي دليريءَ سان پرچار پيو ڪندو هو. هو يوناني ڳالهائيندڙ يهودين سان بہ گفتگو ۽ بحث پيو ڪندو هو، پر اهي کيس مارڻ جا وجھہ پيا ڳوليندا هئا. جڏهن وشواسين کي اها خبر پيئي تہ هو سائول کي قيصريہ شهر ۾ وٺي ويا ۽ پوءِ کيس سندس اباڻي شهر ترسس ڏانهن موڪلي ڇڏيائون. انهن ڳالهين کان پوءِ سڄي يهوديہ، گليل ۽ سامريہ علائقن ۾ وشواسي منڊليءَ کي شانتي ملي. اها پرميشور جو خوف رکندي ترقي ڪندي ويئي ۽ پوِتر آتما جي مدد سان وڌندي ويئي. پطرس هر هنڌ ڦرندو رهيو ۽ هڪڙي ڏينهن هو مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل انهن ماڻهن سان ملڻ ويو، جيڪي لُدہ ۾ رهندا هئا. اتي هن اينياس نالي هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي ڏٺو، جيڪو اڌرنگي جي بيماريءَ ۾ ورتل هو ۽ اٺن سالن کان وٺي کٽولي تي پيو هو. پطرس هن کي چيو تہ ”اي اينياس! يسوع مسيح تو کي ڇٽائي چڱو ڀلو ٿو ڪري. سو اُٿ ۽ پنهنجو هنڌ ويڙهہ.“ هو هڪدم اُٿي کڙو ٿيو. لُدہ ۽ شارون جي سڀني رهاڪن جڏهن کيس چڱو ڀلو ڏٺو تڏهن هنن پرڀو يسوع تي وشواس آندو. يافا ۾ مسيح تي وشواس رکندڙ هڪڙي ناري رهندي هئي، جنهن جو نالو طبيٿا يعني دورڪاس هو. هوءَ گھڻا ئي نيڪ ڪم ۽ دان پُڃ ڪندي هئي. انهن ڏينهن ۾ هوءَ بيمار ٿي پيئي ۽ مري ويئي. هن جي لاش کي اشنان ڏيئي ماڙيءَ تي هڪڙي ڪوٺيءَ ۾ رکيائون. جيئن تہ لُدہ ڳوٺ يافا شهر جي ويجھو هو، تنهنڪري لُدہ جي وشواسين کي خبر پئجي ويئي تہ پطرس يافا ۾ آهي. پوءِ ٻہ ماڻهو هن ڏانهن موڪلي وينتي ڪيائونس تہ ”اسان وٽ جلدي هليا اچو.“ تڏهن پطرس اُٿي انهن سان گڏ روانو ٿيو ۽ جڏهن هو اتي پهتو تہ اهي کيس ماڙيءَ تي وٺي ويا. سڀيئي وڌوائون روئندي پطرس جي ڀرسان اچي بيٺيون ۽ کيس پنهنجا اهي پهراڻ ۽ ڪپڙا ڏيکارڻ لڳيون، جيڪي دورڪاس ساڻن گڏ گذاريندي ٺاهيا هئا. پطرس انهن سڀني کي ٻاهر موڪليو ۽ پاڻ گوڏن ڀر ويهي پرارٿنا ڪيائين. پوءِ سندس لاش ڏانهن منهن ڪري چيائين تہ ”اي طبيٿا! اُٿ.“ تنهن تي هن اکيون کوليون ۽ پطرس کي ڏسي اُٿي ويٺي. پطرس کيس هٿ کان وٺي اٿاريو ۽ وڌوائن سميت مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل سڀني ماڻهن کي سڏي جيوت طبيٿا سندن حوالي ڪيائين. هيءَ ڳالهہ سڄي يافا ۾ مشهور ٿي ويئي ۽ ڪيترن ئي پرڀو يسوع تي وشواس آندو. پوءِ پطرس ڪيترائي ڏينهن يافا ۾ شمعون نالي هڪ ماڻهوءَ وٽ رهيل هو، جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ هو. قيصريہ ۾ ڪُرنيليس نالي هڪ ماڻهو هو، جيڪو رومي لشڪر جي اِٽليءَ واري پلٽڻ ۾ صوبيدار هو. هو ۽ هن جو سڄو ڪٽنب ڌرمچاري ۽ ايشور جو خوف رکندڙ هو. غريب يهودين جي هو ڏاڍي مدد ڪندو هو ۽ هر وقت ايشور کي پيو پرارٿنا ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽي بجي هن کي درشن ڏنو ويو، جنهن ۾ ايشور جي هڪڙي دوت کي چٽيءَ طرح ڏٺائين، جنهن چيس تہ ”اي ڪُرنيليس!“ هن دوت ڏانهن ڊپ وچان ڏسندي چيو تہ ”جي سوامي؟“ دوت چيس تہ ”ايشور تنهنجيون پرارٿنائون ۽ دان قبول ڪيا آهن ۽ تو کي ياد فرمايو اٿس. هاڻي تون ڪي ماڻهو يافا شهر ڏانهن موڪل، جيڪي انهيءَ ماڻهوءَ کي وٺي اچن جنهن جو نالو شمعون آهي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آهن. هو سمنڊ جي ڪناري تي شمعون نالي هڪ ماڻهوءَ جي گھر ۾ رهيل آهي جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ آهي.“ اهو چئي دوت وٽائنس هليو ويو. پوءِ ڪُرنيليس پنهنجي ٻن نوڪرن ۽ هڪ ڌرمچاري سپاهيءَ کي گھرايو، جيڪو هن جو اردلي هو. هن انهن کي سڄي ڳالهہ ٻڌائي ۽ کين يافا ڏانهن موڪليائين. ٻئي ڏينهن تي جڏهن اهي رستي ۾ ئي هئا ۽ شهر کي اچي ويجھا ٿيا تہ پطرس اٽڪل منجھند جو ڪوٺي تي پرارٿنا ڪرڻ لاءِ چڙهيو. هن کي بک لڳي ۽ چاهيائين تہ ”ڪجھہ کاوان.“ سو جڏهن کاڌو اڃا تيار پئي ٿيو تہ هن کي درشن ڏنو ويو. هن ڏٺو تہ آڪاش کُلي پيو آهي ۽ ڪا شيءِ وڏي چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي ڌرتيءَ طرف هيٺ لهي رهي آهي. ان ۾ سڀني قسمن جا جانور، جيت‌جڻا ۽ پکي هئا. تڏهن هڪ آواز آيس تہ ”اي پطرس! اُٿ ۽ اهي ڪهي کاءُ.“ پر پطرس چيو تہ ”اي سوامي! هرگز نہ، ڇاڪاڻ تہ مون ڪڏهن بہ ڪا حرام يا اپوِتر شيءِ ڪانہ کاڌي آهي.“ وري آواز آيس تہ ”جنهن کي ايشور پوِتر ڪيو آهي، تنهن کي اپوِتر نہ چئُہ.“ ٽي دفعا ائين ٿيو ۽ پوءِ اها شيءِ هڪدم وري آڪاش ڏانهن کڄي ويئي. پطرس ڏاڍي مونجھڪاري ۾ پئجي ويو تہ ”جيڪو درشن مون کي ڏنو ويو آهي، تنهن جو مطلب ڇا آهي؟“ هوڏانهن اهي ماڻهو جيڪي ڪُرنيليس موڪليا هئا، تن شمعون جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ هو تنهن جو گھر ڳولي لڌو ۽ اچي سندس دروازي تي بيٺا. هنن سڏ ڪري پڇيو تہ ”شمعون جيڪو پطرس سڏائيندو آهي، سو هن گھر ۾ رهيل آهي ڇا؟“ پطرس اڃا تائين سوچي رهيو هو تہ انهيءَ درشن جو مطلب ڇا آهي تہ پوِتر آتما کيس چيو تہ ”ٻڌ، ٽي ماڻهو تو کي ڳولي رهيا آهن. سو اُٿ ۽ هيٺ لهي وڃ. انهن سان گڏ وڃڻ کان نہ گھٻرائجانءِ، ڇو تہ مون ئي انهن کي موڪليو آهي.“ تنهن تي پطرس هيٺ لهي ويو ۽ انهن ماڻهن کي چيائين تہ ”آءٌ اهو آهيان، جنهن کي اوهين ڳولي رهيا آهيو. اوهين ڪيئن آيا آهيو؟“ انهن وراڻيو تہ ”صوبيدار ڪُرنيليس اسان کي موڪليو آهي. هو هڪ نيڪ ۽ ايشور ڀڳت ماڻهو آهي ۽ يهودين جي سڄي قوم ۾ ڏاڍي ساراهہ اٿس. هن کي ايشور جي هڪڙي پوِتر دوت چيو آهي تہ هو تو کي پنهنجي گھر سڏائي تنهنجي واتان تنهنجيون ڳالهيون ٻڌي.“ پطرس انهن ماڻهن کي اندر وٺي ويو ۽ کين رات اتي رهايائين. ٻئي ڏينهن تي هو تيار ٿي انهن سان گڏ روانو ٿيو ۽ يافا مان ڪي وشواسي بہ هن سان گڏ هليا. ٽئين ڏينهن تي هو قيصريہ ۾ پهتو، جتي ڪُرنيليس پنهنجي مٽن مائٽن ۽ گھاٽن دوستن سميت هنن جو انتظار ڪري رهيو هو. جڏهن پطرس اندر گھڙڻ لڳو تہ ڪُرنيليس اچي ساڻس مليو ۽ سندس پيرن تي ڪري سيس نوايائين. پر پطرس کيس مٿي اٿاريندي چيو تہ ”اُٿو، آءٌ پاڻ بہ هڪ انسان آهيان.“ پطرس ڪُرنيليس سان ڳالهيون ڪندو اندر ويو ۽ ڏٺائين تہ ڪيترائي ماڻهو اچي گڏ ٿيا آهن. پطرس انهن کي چيو تہ ”اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ يهودين جي ڌرم ۾ جائز نہ آهي تہ هو ڪنهن غير قوم واري سان ملن جلن يا دوستي رکن. پر ايشور مون کي صاف چيو آهي تہ آءٌ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي اپوِتر يا گھٽ نہ سمجھان. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن مون کي گھرايو ويو تہ آءٌ بنا ڪنهن اعتراض جي هليو آيس. هاڻي ٻڌايو تہ مون کي ڇو گھرايو اٿوَ؟“ ڪُرنيليس چيس تہ ”چئن ڏينهن جي ڳالهہ آهي جو آءٌ پنهنجي گھر ۾ هن ساڳي ئي وقت اٽڪل ٽي بجي پرارٿنا ڪري رهيو هئس تہ اوچتو هڪ ماڻهو تجليدار پوشاڪ سان منهنجي اڳيان ظاهر ٿيو. هن مون کي چيو تہ ’اي ڪُرنيليس! ايشور تنهنجيون پرارٿنائون ٻڌيون آهن ۽ تنهنجا دان قبول ڪيا ويا آهن. سو ڪنهن ماڻهوءَ کي يافا ڏانهن موڪلي شمعون نالي انهيءَ ماڻهوءَ کي گھراءِ جنهن کي پطرس ڪري بہ سڏيندا آهن. هو سمنڊ جي ڪناري تي شمعون نالي هڪ ماڻهوءَ جي گھر ۾ رهيل آهي جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ آهي.‘ تنهنڪري مون جلدي اوهان ڏانهن ماڻهو موڪليا ۽ اها اوهان جي وڏي ڪرپا آهي جو اوهين آيا آهيو. هاڻي اسين سڀ انهيءَ لاءِ ايشور جي آڏو حاضر ٿيا آهيون تہ جيڪي ڳالهيون ٻڌائڻ لاءِ پرميشور اوهان کي حڪم ڏنو آهي سي ٻڌون.“ پوءِ پطرس هيئن چوڻ لڳو تہ ”هاڻي مون کي پڪ آهي تہ ايشور ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري، بلڪ جيڪو ايشور جو خوف رکي ٿو ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪري ٿو سو ئي وٽس قبول پوي ٿو، پوءِ ڀلي اهو ڪنهن بہ قوم مان هجي. ايشور جي خوشخبريءَ جو سنديش جيڪو هن بني اسرائيل قوم ڏانهن موڪليو سو هي آهي تہ يسوع مسيح جيڪو سڀني جو پرڀو آهي، تنهن جي وسيلي ايشور سان ماڻهن جو ميل ميلاپ ٿئي. اوهين ڄاڻو ٿا تہ اها خوشخبري سڄي يهوديہ ۾ پکڙجي ويئي، جيڪا يوحنا جي بپتسما واري پرچار کان پوءِ گليل کان شروع ٿي هئي. اوهان کي اها بہ سڌ آهي تہ ڪيئن ايشور يسوع ناصريءَ تي پوِتر آتما ۽ شڪتي پرگھٽ ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو شيطان جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهيءَ ساڻ هو. اسين انهن سڀني ڪمن جا شاهد آهيون، جيڪي هن يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ علائقي ۾ ڪيا هئا. تڏهن بہ انهن کيس سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻي ماريو. پر ايشور ٽئين ڏينهن تي کيس مئلن مان وري جيوت ڪري ظاهر ڪيو. ايشور سڄيءَ قوم تي کيس ظاهر نہ ڪيو، پر رڳو اسان تي، جن کي هن اڳي ئي چونڊي ڇڏيو هو تہ جيئن اسين سندس شاهد ٿيون. هائو، اسان ساڻس گڏ کاڌو پيتو هو، جڏهن هو وري جيوت ٿي اٿيو. يسوع مسيح اسان کي حڪم ڏنو تہ اسين ماڻهن ۾ هن بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪريون ۽ کين آگاهہ ڪري ڇڏيون تہ هو ئي اهو آهي جنهن کي ايشور مئل ۽ جيوت ماڻهن جو فيصلو ڪندڙ مقرر ڪيو آهي. انهيءَ بابت ايشور جو سنديش ڏيندڙ سڀني سنتن جي شاهدي آهي تہ جيڪو بہ مٿس وشواس آڻيندو، تنهن جا پاپ سندس نالي جي وسيلي بخشيا ويندا.“ پطرس اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ انهن سڀني تي پوِتر آتما پرگھٽ ٿي، جيڪي اُپديش ٻڌي رهيا هئا. ”هنن ماڻهن کي اسان وانگر ئي پوِتر آتما ملي آهي. هاڻي انهن کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيڻ کان ڪير روڪي سگھي ٿو؟“ سو هن حڪم ڏنو تہ ”انهن کي يسوع مسيح جي نالي تي بپتسما ڏني وڃي.“ پوءِ قيصريہ جي انهن ماڻهن پطرس کي وينتي ڪئي تہ ”مهرباني ڪري ڪجھہ ڏينهن اسان وٽ رهي پئو.“ خوشخبري ٻڌائيندڙ ٻين سنتن ۽ سڄي يهوديہ جي وشواسين ٻڌو تہ غير قومن بہ مسيح بابت ايشور جو سنديش قبول ڪيو آهي. سو جڏهن پطرس يروشلم ۾ آيو تہ ڪي مسيح تي وشواس رکندڙ جيڪي ختني واري حڪم تي عمل ڪندڙن کي ئي لائق سمجھندا هئا، سي ساڻس بحث ڪرڻ لڳا تہ ”جن جو ختنو ئي ٿيل ناهي تن جي گھر ۾ تون نہ رڳو مهمان هئين، بلڪ تو انهن سان گڏ کاڌو پيتو بہ آهي.“ تنهن تي پطرس انهن کي شروع کان وٺي جيڪي ڪجھہ ٿيو هو سو سڄو احوال ٻڌايو تہ ”جڏهن آءٌ يافا شهر ۾ پرارٿنا ڪري رهيو هئس تہ مون کي درشن ڏنو ويو تہ ڪا شيءِ وڏي چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي آڪاش مان هيٺ لهندي ٿي آئي ۽ اچي مون تائين پهتي. مون چتائي ڏٺو تہ منجھس گھريلو توڙي جھنگلي جانور، جيت‌جڻا ۽ پکي نظر آيا ۽ هڪڙو آواز ٻڌم، جنهن مون کي چيو تہ ’پطرس! اُٿ ۽ اهي ڪهي کاءُ.‘ پر مون چيو تہ ’اي سوامي! هرگز نہ، ڇاڪاڻ تہ مون اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن بہ ڪا حرام يا اپوِتر شيءِ نہ کاڌي آهي.‘ تنهن تي وري آڪاش مان آواز آيو تہ ’جنهن شيءِ کي ايشور پوِتر ڪيو آهي تنهن کي اپوِتر نہ چئُہ.‘ ٽي دفعا ائين ٿيو ۽ پوءِ اهي سڀيئي شيون آڪاش ڏانهن کڄي ويون. ايتري ۾ ٽي ماڻهو جن کي قيصريہ مان مون ڏانهن موڪليو ويو هو، سي انهيءَ گھر جي اڳيان اچي بيٺا جنهن ۾ آءٌ رهيل هئس. پوِتر آتما مون کي چيو تہ ’تون بنا گھٻرائڻ جي انهن سان گڏ هليو وڃ.‘ تڏهن آءٌ ۽ اسان جا هي ڇهہ ڀائر گڏجي يافا مان هلي قيصريہ ۾ ڪُرنيليس نالي هڪ ماڻهوءَ جي گھر پهتاسين. هن اسان کي ٻڌايو تہ ڪيئن هڪ دوت کي پنهنجي گھر ۾ بيٺل ڏٺائين، جنهن کيس چيو تہ ’يافا مان انهيءَ ماڻهوءَ کي گھراءِ، جنهن جو نالو شمعون آهي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آهن. هو تو کي اهي ڳالهيون ٻڌائيندو جن جي وسيلي تو کي ۽ تنهنجي سڄي ڪٽنب کي مڪتي ملندي.‘ پوءِ جڏهن مون انهن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو تہ پوِتر آتما انهن تي پرگھٽ ٿي. بلڪل ائين ئي جيئن شروع ۾ اسان تي پرگھٽ ٿي هئي. تڏهن مون کي پرڀو يسوع جو چوڻ ياد آيو تہ ’يوحنا پاڻيءَ سان بپتسما ڏني هئي، پر اوهان کي پوِتر آتما سان بپتسما ڏني ويندي.‘ اهو صاف آهي تہ ايشور ساڳي بخشش غير قومن کي بہ ڏني آهي، جيڪا هن اسان کي پرڀو يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ ڪري ڏني هئي. پوءِ آءٌ ڪير ٿيندو هئس جو ايشور کي روڪي سگھان ها؟“ جڏهن انهن هي ٻڌو تہ کڻي ماٺ ڪيائون ۽ ايشور جي مهما ڪندي چيائون تہ ”واہ! ايشور غير قومن کي بہ جيون حاصل ڪرڻ لاءِ توبهہ ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي.“ استيفنس جي مارجي وڃڻ کان پوءِ بيحد ستايو وڃڻ جي ڪري وشواسي ٽڙي پکڙي ويا. انهن مان ڪي فينيڪي علائقي، قبرص ٻيٽ ۽ شام جي شهر انطاڪيا تائين وڃي پهتا. هو جتي بہ ويا، اتي يهودين کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ پرڀو يسوع بابت ايشور جو سنديش نہ ٻڌائيندا هئا. پر انهن مان ٻيا جيڪي قبرص ٻيٽ ۽ ڪريني شهر جا هئا، سي انطاڪيا ۾ وڃي غير قومن کي بہ اها خوشخبري ٻڌائڻ لڳا. جيئن تہ انهن تي پرميشور جو هٿ هو، سو گھڻا ئي ماڻهو سندن سنديش ٻڌي وشواس آڻيندي پرڀو يسوع ڏانهن ڦري آيا. اهي خبرون جڏهن يروشلم جي وشواسي منڊليءَ ۾ پهتيون تہ انهن برنباس کي انطاڪيا ڏانهن موڪليو. پوءِ برنباس سائول جي ڳولا ۾ ترسس ڏانهن ويو. جڏهن هن کي ڳولي لڌائين، تڏهن کيس انطاڪيا ۾ وٺي آيو. هو ٻيئي هڪ سال تائين وشواسي منڊليءَ جي ماڻهن سان ملندا رهيا ۽ گھڻن ئي ماڻهن کي سکيا ڏنائون. اهو انطاڪيا ۾ ئي ٿيو جو وشواسي پهريون دفعو مسيحي سڏجڻ لڳا. انهن ڏينهن ۾ ڪي مسيح تي وشواس رکندڙ جيڪي ايشور جو سنديش ڏيندا هئا، سي يروشلم مان انطاڪيا ڏانهن آيا. انهن مان هڪڙي جو نالو اگبس هو، جيڪو ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ اُٿي بيٺو ۽ پوِتر آتما جي وسيلي اڳڪٿي ڪيائين تہ سڄي رومي حڪومت ۾ ڏاڍو ڏڪار پوڻو آهي. پوءِ قيصر ڪلوديُس جي ڏينهن ۾ ائين ئي ٿيو. اها اڳڪٿي ٻڌي وشواسين مان هر هڪ اهو ارادو ڪيو تہ يهوديہ ۾ رهندڙ وشواسي ڀائرن ڀينرن جي مدد لاءِ پنهنجي مالي حيثيت آڌار ڪجھہ موڪلين. سو هنن ائين ئي ڪيو ۽ اها امداد برنباس ۽ سائول جي هٿان اتان جي منڊليءَ جي اڳواڻن ڏانهن ڏياري موڪليائون. انهن ڏينهن ۾ يهوديہ جي راجا هيروديس اگرپا وشواسي منڊليءَ جي ڪن ماڻهن کي ستائڻ شروع ڪيو. هن يوحنا جي ڀاءُ يعقوب کي تلوار سان مارائي ڇڏيو. جڏهن هن ڏٺو تہ يهودين کي اها ڳالهہ چڱي لڳي آهي، تڏهن پطرس کي بہ پڪڙايائين. اهي بي‌خميري روٽيءَ جي تهوار جا ڏينهن هئا. هن پطرس کي پڪڙائي جيل ۾ وڌو ۽ مٿس پهري ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاهين جون چار چونڪيون مقرر ڪري ڇڏيائين. هيروديس جو منصوبو هو تہ هو پطرس کي تهوار کان پوءِ ماڻهن اڳيان آڻي سندس فيصلو ڪري. جڏهن پطرس جيل ۾ پهري هيٺ هو، تڏهن منڊليءَ جي ماڻهن هن لاءِ تن ۽ من سان ايشور کي پرارٿنائون پئي ڪيون. جنهن ڏينهن هيروديس کيس ماڻهن اڳيان پيش ڪرڻ وارو هو، انهيءَ کان اڳ واري رات پطرس ٻن پهريدارن جي وچ ۾ ستو پيو هو، جن جا هٿ سندس ٻنهي هٿن ۾ جدا جدا پيل هٿڪڙين سان ٻڌل هئا. جيل جي دروازن تي بہ پهرو هو. تڏهن اوچتو ئي پرميشور جو هڪڙو دوت ظاهر ٿيو ۽ ڪوٺڙيءَ ۾ روشنائي چمڪڻ لڳي. دوت پطرس جي ڪلهي تي هٿ رکي جاڳائي چيس تہ ”جلدي اُٿ.“ هڪدم هٿڪڙيون سندس هٿن مان ٽٽي ڪري پيون. پوءِ دوت چيس تہ ”سندرو ٻڌ ۽ جتي پاءِ.“ هن ائين ئي ڪيو. وري چيائينس تہ ”پنهنجو جبو پاءِ ۽ منهنجي پٺيان هليو اچ.“ سو پطرس جيل مان نڪري سندس پٺيان هلڻ لڳو. پر جيڪي ڪجھہ دوت ڪري رهيو هو تنهن کي حقيقت نہ ٿي ڄاتائين، بلڪ ائين ٿي سمجھيائين تہ ”آءٌ ڪو درشن ڏسي رهيو آهيان.“ اهي پهرين چونڪيءَ وٽان لنگھي ويا ۽ پوءِ ٻي چونڪي ۽ آخرڪار هو انهيءَ لوهي دروازي وٽ اچي پهتا، جيڪو شهر ڏانهن کُليو ٿي. دروازو هنن لاءِ پاڻ ئي کُلي پيو ۽ هو ٻاهر نڪري آيا. اهي شهر جي هڪ گھٽيءَ مان هلڻ لڳا تہ اوچتو ئي دوت پطرس کي ڇڏي هليو ويو. جڏهن پطرس هوش ۾ آيو، تڏهن چوڻ لڳو تہ ”هاڻي مون کي پڪ ٿي تہ پرميشور پنهنجو دوت موڪلي مون کي هيروديس جي چنبي کان آزاد ڪيو آهي ۽ يهودي ماڻهن جي سمورين اميدن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو اٿس.“ اهو سمجھڻ کان پوءِ هو يوحنا عرف مرقس جي ماتا مريم جي گھر ڏانهن روانو ٿيو. اتي گھڻا ئي ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا ۽ پرارٿنائون ڪري رهيا هئا. جڏهن پطرس ٻاهران در کڙڪايو تڏهن رُدي نالي هڪ نوڪرياڻي در تي آئي ۽ پطرس جو آواز سڃاڻي خوشيءَ وچان در کولڻ بدران اندر ڊوڙي وڃي ٻڌايائين تہ ”پطرس در تي بيٺو آهي.“ تنهن تي هنن چيس تہ ”چري ٿي ويئي آهين ڇا؟“ پر هوءَ وري بہ يقين سان چوندي رهي تہ اهو سچ آهي. تڏهن اهي چوڻ لڳا تہ ”پڪ سان اهو سندس ڪو دوت هوندو.“ پطرس در کڙڪائيندو رهيو ۽ جڏهن هنن در کوليو تہ کيس ڏسي حيران ٿي ويا. پطرس کين ماٺ ڪرڻ لاءِ هٿ جو اشارو ڏنو ۽ پوءِ انهن کي ٻڌايائين تہ ڪيئن پرميشور کيس جيل مان ڇڏايو. هن وڌيڪ چين تہ ”هيءَ ڳالهہ يعقوب ۽ ٻين وشواسين کي بہ ٻڌائجو.“ اهو چئي هو اتان نڪري ڪنهن ٻئي هنڌ هليو ويو. جڏهن صبح ٿيو تہ سپاهين ۾ ڏاڍو ٿرٿلو پئجي ويو تہ پطرس ڪيڏانهن ويو؟ هيروديس هن جي ڳولا ڪرائي، پر هو کيس ڪٿي بہ نہ مليو. پوءِ هن پهريدارن کان پڇا‌ڳاڇا ڪري کين قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان کان پوءِ هيروديس راجا يهوديہ مان هليو ويو ۽ وڃي قيصريہ ۾ رهڻ لڳو. جيئن تہ هيروديس صور ۽ صيدا جي ماڻهن تي ڏاڍو ڪاوڙيل هو، تنهنڪري اتان جا ماڻهو هڪ ٽولو ٺاهي کيس پرچائڻ لاءِ وٽس آيا، ڇاڪاڻ تہ سندن شهرن جو دارومدار هيروديس جي ملڪ مان ملندڙ سيڌي سامان تي هو. انهن پهريائين محلات جي دربان بلاسطس کي پنهنجي پاسي ڪيو. سو هيروديس هڪڙو ڏينهن مقرر ڪري راجائي پوشاڪ پهري عدالت واري تخت تي اچي ويٺو ۽ انهن ماڻهن جي اڳيان تقرير ڪرڻ لڳو. تنهن تي ماڻهو وڏي آواز ۾ چوڻ لڳا تہ ”هي ڪو انسان تہ نہ، پر ايشور ٿو ڳالهائي.“ انهيءَ دم پرميشور جي هڪڙي دوت هيروديس تي ڏمر پرگھٽ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ پرميشور جي مهانتا ۾ شريڪ ڪيو وڃڻ تي هو خوش ٿي رهيو هو. پوءِ تہ هن جي شرير ۾ جيت پئجي ويا ۽ هو مري ويو. جڏهن تہ مسيح بابت ايشور جو سنديش وڌندو ۽ پکڙبو ويو. هوڏانهن برنباس ۽ سائول پنهنجو سيوا وارو ڪم پورو ڪري يوحنا عرف مرقس کي پاڻ سان وٺي يروشلم کان شام جي شهر انطاڪيا ۾ موٽي آيا. انطاڪيا جي وشواسي منڊليءَ ۾ ايشور جو سنديش ڏيندڙن ۽ سکيا ڏيندڙن مان ڪي هي هئا: برنباس، شمعون جنهن کي ڪارو سڏيندا هئا، لوڪيس ڪريني، مناهيم جيڪو راجا هيروديس انتپاس جو ننڍپڻ جو دوست هو ۽ سائول. هڪ ڏينهن جڏهن هنن وِرت رکي پرميشور جي ڀڳتي پئي ڪئي تہ پوِتر آتما کين چيو تہ ”جنهن ڪم لاءِ مون برنباس ۽ سائول کي چونڊيو آهي، تنهن لاءِ کين مخصوص ڪريو.“ سو جڏهن هو وِرت سان پرارٿنا ڪري چڪا، تڏهن هنن برنباس ۽ سائول تي هٿ رکي مخصوص ڪري کين روانو ڪيو. سو پوِتر آتما جي حڪم موجب برنباس ۽ سائول روانا ٿيا. هو سلوڪيا جي بندرگاهہ تي وڃي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي قبرص ٻيٽ ڏانهن ويا. جڏهن هو اتي سلميس شهر ۾ پهتا، تڏهن يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ مسيح بابت ايشور جي سنديش جو پرچار ڪرڻ لڳا. يوحنا عرف مرقس جيڪو انهن سان گڏ هو، تنهن هن ڪم ۾ سندن مدد ڪئي. جڏهن هو سڄو ٻيٽ لتاڙي پافس شهر ۾ پهتا تہ هنن اتي سنديش ڏيندڙ سنت سڏائيندڙ هڪڙو يهودي جادوگر ڏٺو، جنهن جو نالو بريسوع هو. هو ٻيٽ جي رومي گورنر سرگيس پولس، جيڪو هڪڙو ذهين شخص هو تنهن جو درٻاري هو. انهيءَ گورنر برنباس ۽ سائول کي پاڻ وٽ گھرايو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي انهيءَ سنديش کي ٻڌڻ لاءِ سندس دل پئي چاهيو. پر بريسوع عرف اليماس، جنهن جي معنيٰ آهي ”جادوگر،“ تنهن گورنر وٽ سندن مخالفت ڪئي تہ جيئن گورنر مسيح تي وشواس نہ آڻي. پوءِ سائول، جنهن کي پولس ڪري بہ سڏيندا آهن، پوِتر آتما سان ڀرجي جادوگر ڏانهن چتائي نهاريو ۽ چيائينس تہ ”اي شيطان جا پٽ! تون هر نيڪيءَ جو دشمن آهين ۽ هر قسم جي ٺڳيءَ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريل آهين. تون پرميشور جي سڌي رستي کي بگاڙي پيش ڪرڻ کان مُڙي ڇو نہ ٿو وڃين؟ سو ٻڌ، تو تي پرميشور جي مار اچي پيئي آهي. هاڻي تون انڌو ٿيندين ۽ ڪجھہ عرصي تائين ڏينهن جي روشني بہ ڏسڻ ۾ نہ ايندءِ.“ تڏهن هڪدم هن جي اکين اڳيان ڌنڌ ۽ اونداهي اچي ويئي ۽ هو هيڏانهن هوڏانهن هٿوراڙيون هڻڻ لڳو تہ من ڪو کيس هٿ کان وٺي هلي. جڏهن گورنر هي حال ڏٺو تہ پرڀو يسوع بابت سکيا تي حيران ٿي ويو ۽ مٿس وشواس آندائين. پولس ۽ سندس ساٿي پافس مان سامونڊي جهاز تي چڙهي پمفيليا علائقي جي پرگا شهر ۾ آيا. پوءِ يوحنا عرف مرقس هنن کي اتي ڇڏي يروشلم ڏانهن موٽي ويو. پولس ۽ برنباس وارا پرگا مان پسديا علائقي واري انطاڪيا شهر ۾ آيا ۽ سبت جي ڏينهن يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي ويٺا. جڏهن اتي نيم شاستر ۽ پوِتر شاستر جون ٻيون لکتون پڙهيون ويون، تڏهن ڀڳتيءَ وارين جاين جي اڳواڻن هنن ڏانهن اشارو ڪري چوايو تہ ”اي ڀائرؤ! جيڪڏهن ماڻهن جي نصيحت لاءِ اوهان کي ڪا ڳالهہ ٻڌائڻي آهي تہ ٻڌايو.“ تنهن تي پولس اُٿي بيٺو ۽ هٿ سان اشارو ڪندي چيائين تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! ۽ اوهين اي ايشور ڀڳت غير يهوديؤ! ڪن ڏيئي ٻڌو. بني اسرائيل قوم جي ايشور اسان جي وڏن کي چونڊيو ۽ جڏهن هو مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا ٿي رهندا هئا، تڏهن انهن کي وڏي قوم بڻايائين. پوءِ ايشور پنهنجي مهان شڪتيءَ سان انهن کي مصر مان ڪڍي آندو ۽ اٽڪل چاليهن سالن تائين بيابان ۾ سندن سنڀال ڪندو رهيو. تڏهن هن ڪنعان ملڪ ۾ رهندڙ ستن قومن کي ناس ڪري بني اسرائيل کي ان ملڪ جو مالڪ بڻايو. اهڙيءَ طرح ساڍا چار سؤ سال گذري ويا. ان کان پوءِ ايشور پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنت سموئيل جي زماني تائين انهن لاءِ رهبر مقرر ڪندو رهيو. تڏهن هنن راجا جي گھُر ڪئي ۽ ايشور بنيامين قبيلي مان قيش جي پٽ سائول کي سندن راجا مقرر ڪيو، جنهن چاليهن سالن تائين حڪومت ڪئي. پوءِ ايشور هن کي هٽائي دائود کي انهن جو راجا مقرر ڪيو. ايشور هن بابت هيئن چيو تہ ’مون يسيءَ جي پٽ دائود کي ڳولي ورتو آهي، جيڪو منهنجي دلي خواهش موجب آهي. هو هميشہ منهنجي مرضيءَ تي هلندو.‘ هاڻي جيئن ايشور وچن ڪيو هو، تيئن ئي هن دائود جي اولاد مان بني اسرائيل لاءِ هڪڙو مڪتي ڏيندڙ موڪليو، يعني يسوع. يسوع جي اچڻ کان اڳ ۾ يوحنا بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم ۾ پرچار ڪيو تہ توبهہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو. جڏهن يوحنا پنهنجو ڪم پورو ڪرڻ تي هو تہ هن ماڻهن کي چيو تہ ’مون بابت ڇا ٿا سمجھو؟ ڏسو، آءٌ اهو نہ آهيان جنهن جو اوهين انتظار ڪري رهيا آهيو، پر اهو مون کان پوءِ ايندو. آءٌ انهيءَ لائق بہ نہ آهيان جو سندس جتيءَ جون ڪهيون ڇوڙيان.‘ اي ابرهام جو اولاد، منهنجا هم‌قوم بني اسرائيل وارؤ! ۽ اوهين اي ايشور ڀڳت غير يهوديؤ! انهيءَ مڪتيءَ وارو سنديش اسان سڀني ڏانهن موڪليو ويو آهي. پر يروشلم جي رهاڪن ۽ سندن اڳواڻن يسوع کي نہ سڃاتو ۽ نہ وري هنن سنديش ڏيندڙ سنتن جي لکتن کي سمجھيو، جيڪي هر سبت جي ڏينهن تي پوِتر شاستر مان پڙهيون وينديون آهن. اٽلندو مٿس موت جو فيصلو ڏيئي ڇڏيائون. اهڙيءَ طرح سنديش ڏيندڙ سنتن جون لکتون سچيون ثابت ٿيون. هائو، جيتوڻيڪ انهن کي يسوع جي مارائڻ جو ڪوبہ سبب نہ مليو، تنهن هوندي بہ هنن گورنر پلاطس کي وينتي ڪئي تہ کيس مارائي ڇڏي. پوءِ جڏهن انهن جي هٿان پوِتر شاستر ۾ هن بابت لکيل اهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿيون، تڏهن انهن سندس لاش کي سوليءَ تان لاهي قبر ۾ رکي ڇڏيو. پر ايشور کيس مئلن مان وري جيوت ڪيو ۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين هو انهن کي درشن ڏيندو رهيو، جيڪي ساڻس گليل علائقي کان يروشلم شهر تائين گڏ آيا هئا. اهي هاڻي بني اسرائيل قوم جي اڳيان سندس شاهد آهن. سو ايشور جيڪو وچن اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو تنهن جي خوشخبري اسين ٻڌايون ٿا. ايشور انهن جي اولاد يعني اسان جي لاءِ يسوع کي جيوت ڪري اهو وچن پورو ڪيو، جيئن زبور ٻئي ۾ لکيل آهي تہ ’تون منهنجو پٽ آهين، هائو، اڄ آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تنهنجو پتا آهيان.‘ باقي اها ڳالهہ تہ ايشور انهيءَ کي اهڙيءَ طرح مئلن مان وري جيوت ڪيو جو هو وري ٻيهر ڪڏهن بہ نہ مرندو، تنهن بابت پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’آءٌ تو کي دائود سان وچن ڪيل پوِتر ۽ سچا وردان ڏيندس.‘ وري هڪڙي زبور ۾ ايشور لاءِ لکيل آهي تہ ’تون پنهنجي پوِتر داس کي ڳري سڙي وڃڻ ڪين ڏيندين.‘ ايشور پنهنجي مرضي دائود جي زماني ۾ ئي سندس هٿان پوري ڪئي ۽ پوءِ دائود مري ويو. هن کي پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو ۽ هن جو لاش ڳري سڙي ويو. پر جنهن کي ايشور مئلن مان وري جيوت ڪيو، تنهن تي ڳرڻ سڙڻ واري تہ حالت ئي ڪين آئي. تنهنڪري اي ڀائرؤ! اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ يسوع جي طرفان اوهان اڳيان پاپن جي معافيءَ جو اعلان ڪجي ٿو. هاڻ جيڪو بہ هن تي وشواس آڻي ٿو سو ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو، جڏهن تہ موسيٰ جي نيم جي وسيلي هو سچار بڻجي نہ سگھي ها. خبردار ٿجو تہ جيڪي سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت چيو ويو آهي سو اوهان سان نہ ٿئي تہ ’اوهين، جيڪي ڌڪاريو ٿا، سي ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا ۽ برباد ٿي ويندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي زماني ۾ هڪڙو اهڙو ڪم ڪندس، جو جيڪڏهن ڪو اوهان کي بيان ڪري ٻڌائي تہ اوهين مٿس ڪڏهن بہ وشواس نہ ڪندا.‘“ جڏهن برنباس ۽ پولس يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ مان ٻاهر نڪتا تہ ماڻهن کين منٿون پئي ڪيون تہ اهي وري ٻئي سبت جي ڏينهن تي اچي کين انهن ڳالهين بابت وڌيڪ ٻڌائين. گڏجاڻي پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي ڄائي ڄم جا يهودي توڙي نوان يهودي ٿيل ڌرمچاري انهن جي پٺيان هلڻ لڳا. تڏهن پولس ۽ برنباس ساڻن ڳالهائي کين تاڪيد پئي ڪيو تہ ”ايشور جي انهيءَ ڪرپا تي قائم رهندا اچو.“ ٻئي سبت جي ڏينهن تي اٽڪل پورو شهر مسيح بابت پرميشور جو سنديش ٻڌڻ لاءِ اچي گڏ ٿيو. جڏهن ڪن يهودين ايڏا ميڙ ڏٺا تہ ساڙ وٺي وين، سو هو پولس جي پرچار خلاف بدشد ڳالهائيندي سندس اپمان ڪرڻ لڳا. پر پولس ۽ برنباس کين دليريءَ سان چيو تہ ”اهو ضروري هو تہ ايشور جو اهو سنديش پهريائين اوهان يهودين کي ٻڌايو وڃي. پر جيئن تہ اهو اوهان قبول نہ ڪيو ۽ پاڻ کي امر جيون جي لائق نہ ٿا سمجھو، تنهنڪري اسين اوهان کي ڇڏي غير قومن وٽ وڃون ٿا، ڇاڪاڻ تہ پرميشور جو هي حڪم اسان لاءِ بہ آهي تہ ’مون تو کي غير قومن جي لاءِ روشني مقرر ڪيو آهي، تہ تون سڄي ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ مڪتيءَ جو وسيلو بڻجين.‘“ جڏهن غير قومن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ پرميشور جي انهيءَ سنديش جي مهما ڪرڻ لڳا. سو انهن مان جن کي ايشور امر جيون لاءِ چونڊي ڇڏيو هو، تن سڀني يسوع مسيح تي وشواس آندو. ائين مسيح بابت پرميشور جو سنديش انهيءَ علائقي ۾ هنڌين ماڳين پکڙجي ويو. تنهن تي يهودين انطاڪيا شهر جي چڱن مڙسن ۽ ايشور ڀڳت مانوارين نارين کي ڀڙڪائي پولس ۽ برنباس خلاف وڏو فساد کڙو ڪرايو. انهيءَ طرح کين پنهنجي علائقي مان تڙي ڪڍيائون. تڏهن پولس ۽ برنباس انهن جي خلاف پنهنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي اڪونيم شهر ڏانهن هليا ويا. تنهن هوندي بہ انطاڪيا جا وشواسي خوشيءَ ۽ پوِتر آتما سان ڀرجندا رهيا. ساڳيءَ طرح اڪونيم ۾ بہ پولس ۽ برنباس يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويا ۽ اهڙي نموني تقرير ڪيائون جو گھڻن ئي يهودين ۽ غير قوم وارن يسوع تي وشواس آندو. پر خوشخبريءَ کي رد ڪندڙ يهودين غير قوم وارن کي ڀڙڪايو ۽ انهن جي جذبات کي وشواسين جي خلاف ڪيائون. تنهن هوندي بہ پولس ۽ برنباس اتي گھڻو عرصو ترسيا ۽ پرڀو يسوع بابت دليريءَ سان ڳالهائيندا رهيا. پرڀوءَ سندن هٿان چمتڪار ۽ ڪرامتون ڏيکاري پنهنجي ڪرپا بابت سندن سنديش کي سچو ثابت ٿي ڪيو. پر شهر جي ماڻهن ۾ ڦوٽ پئجي ويئي ۽ انهن مان ڪي يهودين جي طرف تہ ڪي انهن پرچارين جي طرف ٿي ويا. تڏهن غير قوم وارن ۽ يهودين پنهنجن اڳواڻن سميت گڏجي منصوبو جوڙيو تہ هو پولس ۽ برنباس سان بدسلوڪي ڪن ۽ کين سنگسار ڪن. جڏهن انهن کي اها خبر پئجي ويئي تہ هو هڪدم اتان نڪري لوڪئنيا علائقي جي شهرن لسترا ۽ دربي ۽ انهن جي آس‌پاس وارن علائقن ڏانهن هليا ويا. اتي بہ هو خوشخبري ٻڌائيندا رهيا. لسترا ۾ هڪ ماڻهو رهندو هو جنهن جا پير سڪل هئا. هو ڄائي ڄم کان معذور هو ۽ ڪڏهن بہ پنڌ نہ ڪيو هئائين. جڏهن هو پولس جون مسيح بابت ڳالهيون ٻڌي رهيو هو تہ پولس هن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ ڄاتائين تہ کيس يسوع مسيح تي ايترو وشواس آهي جو هو چڱو ڀلو ٿي سگھندو. سو کيس وڏي آواز سان چيائين تہ ”پنهنجي پيرن تي اُٿي بيهہ.“ هو ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺو ۽ گھمڻ لڳو. جڏهن ماڻهن پولس جو هي ڪم ڏٺو تہ پنهنجي لوڪئنيا ٻوليءَ ۾ وڏي واڪي چوڻ لڳا تہ ”انسانن جي روپ ۾ ديوتا اسان وٽ لهي آيا آهن.“ هنن برنباس جي نالي چيو تہ ”هي زيوس ديوتا آهي“ ۽ پولس جي نالي چيائون تہ ”هي هرميس ديوتا آهي،“ ڇاڪاڻ تہ مکيہ ڳالهائڻ وارو پولس هو. تڏهن زيوس ديوتا جو مندر جيڪو شهر جي ڀرسان هو، تنهن جي پوجاريءَ ۽ ماڻهن جي ميڙ برنباس ۽ پولس جي اڳيان ٻليدان ڪرڻ ٿي چاهيو. سو پوجاريءَ گلن جا هار ۽ ڪجھہ ڏاند پاڻ سان گڏ شهر جي دروازي تي آندا. پر جڏهن انهن ٻنهي پرچارين کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پيئي، تڏهن هو پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڊوڙي وڃي ماڻهن جي وچ ۾ بيٺا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي انسانؤ! اوهين هي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوهان جهڙا عام انسان آهيون. اسين تہ اوهان کي خوشخبري ٻڌائڻ آيا آهيون تہ اوهين هنن ڪوڙين ريتن رسمن کان پاسو ڪري رڳو انهيءَ جيوت ايشور کي مڃو، جنهن آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي انهن ۾ آهي سو پيدا ڪيو آهي. گذريل زمانن ۾ هن هر قوم کي پنهنجي پنهنجي رستي تي هلڻ لاءِ ڇڏي ڏنو هو. تنهن هوندي بہ هن هميشہ چڱا ڪم ڪري پنهنجي وجود کي ظاهر ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ هن مينهن وسائي اوهان کي ڀلا فصل بخشيا آهن، جھجھي خوراڪ ڏني آهي ۽ اوهان جي دلين کي خوشيءَ سان ڀريو آهي.“ ايتري سمجھائڻ کان پوءِ بہ انهن وڏيءَ مشڪل سان ماڻهن کي اهڙي ٻليدان پيش ڪرڻ کان روڪيو. پوءِ پسديا علائقي واري انطاڪيا ۽ اڪونيم کان ڪي يهودي اچي اتي پهتا ۽ ماڻهن کي پنهنجي طرف ڦيري ويا. هنن پولس کي پٿر هڻايا ۽ مئل سمجھي کيس شهر مان گهلي ٻاهر ڦٽو ڪيائون. پر جڏهن وشواسي چوڌاري مڙي آيس تہ هو اُٿي بيٺو ۽ شهر ڏانهن موٽي ويو. ٻئي ڏينهن تي هو برنباس سان گڏجي دربيءَ ڏانهن روانو ٿي ويو. دربيءَ ۾ پولس ۽ برنباس خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو ۽ گھڻا ئي ماڻهو يسوع جا پوئلڳ بڻيا. پوءِ هو موٽي لسترا، اڪونيم ۽ پسديا واري انطاڪيا ۾ آيا. هنن هر هنڌ پرڀوءَ جي پوئلڳن جي وشواس کي مضبوط ڪيو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ هو وشواس تي قائم رهن. هنن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن مان لنگھڻو پوندو.“ هنن هر هڪ وشواسي منڊليءَ لاءِ اڳواڻ مقرر ڪيا ۽ وِرت رکي انهن اڳواڻن لاءِ پرارٿنا ڪيائون ۽ کين پرڀو يسوع جي حوالي ڪيائون، جنهن تي هنن وشواس آندو هو. پوءِ هو پسديا جي وچان لنگھندا پمفيليا علائقي ۾ آيا. اتي پرگا شهر ۾ بہ هنن پرچار ڪيو ۽ پوءِ اتليا بندرگاهہ ڏانهن ويا. اتان سامونڊي جهاز ۾ چڙهي شام واري انطاڪيا ڏانهن واپس موٽيا، جتي انهيءَ پرچاري ڪم لاءِ کين ايشور جي ڪرپا ملي هئي، جيڪو ڪم هنن هاڻي پورو ڪيو. اتي پهچي هنن منڊليءَ جي ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ کين سڄو سربستو احوال ڪري ٻڌايائون تہ ڪيئن ايشور هنن جي مدد ڪئي ۽ ڪهڙيءَ طرح ايشور غير قومن جي لاءِ وشواس جو دروازو کولي ڇڏيو. پوءِ هو اتي وشواسين وٽ گھڻي عرصي تائين ترسي پيا. ان وقت يهوديہ کان ڪي ماڻهو انهيءَ انطاڪيا شهر آيا ۽ مسيح تي وشواس رکندڙن کي هيءَ سکيا ڏيڻ لڳا تہ ”جيستائين اوهين موسيٰ جي نيم موجب ختنو نہ ڪرائيندا، تيستائين اوهان کي مڪتي ملي نہ سگھندي.“ پولس ۽ برنباس هنن سان سخت بحث ڪيو. سو اهو فيصلو ڪيو ويو تہ پولس، برنباس ۽ ڪي ٻيا ماڻهو هن معاملي بابت يروشلم ڏانهن وڃي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن ۽ منڊليءَ جي اڳواڻن کان پڇن. تنهن تي انطاڪيا جي منڊليءَ وارن هنن کي روانو ڪيو. هو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگھندي واٽ تي ٻڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومن يسوع مسيح تي وشواس آندو آهي. اهو ٻڌي اتان جي وشواسين کي ڏاڍي خوشي ٿي. جڏهن هو يروشلم ۾ پهتا تہ منڊليءَ وارن پنهنجن اڳواڻن ۽ اتي موجود سنتن سميت سندن آڌرڀاءُ ڪيو. اتي پولس ۽ برنباس اهو سڀ کين بيان ڪري ٻڌايو جيڪو ايشور هنن جي وسيلي ڪيو هو. پر جن فريسين وشواس آندو هو تن مان ڪي اُٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا تہ ”غير قوم وارن جو ختنو ضرور ٿيڻ کپي ۽ کين تاڪيد ڪيو وڃي تہ هو موسيٰ جي نيم تي هلن.“ تڏهن سنت ۽ منڊليءَ جا ٻيا اڳواڻ گڏجي هن معاملي تي ويچار ڪرڻ لڳا. گھڻي بحث مباحثي کان پوءِ پطرس اُٿي بيٺو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! اوهان کي سڌ آهي تہ ڪجھہ وقت اڳ ۾ ايشور مون کي اوهان مان چونڊيو هو تہ غير قومون منهنجي واتان خوشخبريءَ جو سنديش ٻڌي وشواس آڻين. ايشور جيڪو دلين جو ڄاڻڻ وارو آهي، تنهن اسان وانگر غير قومن تي بہ پوِتر آتما پرگھٽ ڪرڻ سان سندن وشواس آڻي قبول پوڻ جي شاهدي ڏني آهي. هن وشواس جي وسيلي سندن دلين کي بہ پوِتر ڪندي اسان ۾ ۽ انهن ۾ ڪوبہ فرق نہ ڪيو آهي. تہ پوءِ اوهين ايشور کي ڇو ٿا آزمايو جو غير قوم مان مسيح تي وشواس آڻيندڙن تي نيم جا اهڙا بار ٿا رکو، جن کي نہ اسان جا وڏا ۽ نہ اسان ئي کڻي ٿي سگھياسين؟ جڏهن تہ اسان کي بہ انهن وانگر پرڀو يسوع جي ڪرپا سان مٿس وشواس آڻڻ تي ئي مڪتي ملي ٿي.“ پوءِ سڀني ماڻهن خاموشيءَ سان برنباس ۽ پولس جو اهو بيان ٻڌو تہ ڪيئن نہ ايشور انهن جي وسيلي غير قومن ۾ ڪرامتون ۽ چمتڪار ڪيا. جڏهن هنن ڳالهائي بس ڪئي تڏهن يعقوب ڳالهائڻ لڳو تہ ”اي ڀائرؤ! منهنجي بہ ڳالهہ ٻڌو. شمعون پطرس بيان ڪيو آهي تہ ڪيئن ايشور غير قومن تي پنهنجي ڪرپا جي شروعات ڪئي، انهيءَ لاءِ تہ منجھائن هڪ اهڙي قوم بڻائي جيڪا سندس نالي سان سڏجي. ساڳيءَ طرح سنديش ڏيندڙ سنتن جي پوِتر لکت بہ انهيءَ سان ٺهڪي ٿي اچي، جنهن ۾ پرميشور فرمايو آهي تہ ’هنن ڳالهين کان پوءِ آءٌ وري اچي دائود جي ڊٺل گھر کي ٺاهيندس. هائو، انهيءَ جا ٽڪر ٽوٽا گڏ ڪري اهو وري اڏيندس، انهيءَ لاءِ تہ آدم جو باقي اولاد يعني سموريون قومون جيڪي منهنجيون ٿيون سڏجن، سي مون پرميشور جون ڳولائو ٿين. هي آءٌ پرميشور چوان ٿو، جيڪو قديم زماني کان اهو سڀ ڪري ڏيکاريندو آيو آهيان.‘“ يعقوب وڌيڪ چيو تہ ”منهنجي راءِ آهي تہ غير قومن مان جيڪي سچي ايشور ڏانهن اچن ٿا، تن کي اسين تڪليف نہ ڏيون. پر کين لکي تاڪيد ڪيو وڃي تہ جيڪي شيون بتن تي چاڙهيون ويون هجن سي هو نہ کائين، نڪي زنا ڪن ۽ نہ وري رت ۽ گھُٽي ماريل جانور جو گوشت کائين. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ پراڻي زماني کان وٺي هر شهر ۾ موسيٰ جي نيم جو پرچار ڪيو ويندو آهي ۽ هر سبت جي ڏينهن تي نيم جون اهي ڳالهيون يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ پڙهي ٻڌايون وينديون آهن.“ پوءِ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن ۽ اڳواڻن سميت سڄي منڊليءَ اهو فيصلو ڪيو تہ پاڻ مان ڪي ماڻهو چونڊي پولس ۽ برنباس سان گڏ انطاڪيا ڏانهن موڪلجن. انهيءَ لاءِ هنن يهوداہ عرف برسبا ۽ سيلاس کي چونڊيو، جن جو وشواسين ۾ وڏو مان هو. انهن کي هي خط لکي ڏنائون تہ ”غير قومن مان جيڪي مسيح تي وشواس رکندڙ انطاڪيا، بلڪ سڄي شام ۽ ڪلڪيا جي صوبن ۾ ٿا رهن، تن کي اسان ڀائرن، يعني سنتن ۽ اڳواڻن جا نمسڪار هجن. اسان ٻڌو آهي تہ اسان مان ڪي ماڻهو جن کي اسان ڪوبہ اختيار نہ ڏنو آهي، تن وڃي اوهان کي ڪي ڳالهيون ٻڌائي منجھائي وڌو آهي ۽ اوهان کي پريشان ڪري ڇڏيو اٿائون. تنهنڪري اسان پاڻ ۾ هڪ راءِ ٿي اهو مناسب سمجھيو تہ ڪي ماڻهو چونڊي پنهنجن پيارن برنباس ۽ پولس سان گڏ اوهان ڏانهن موڪليون. اهي ٻئي اهڙا ماڻهو آهن جن اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي نالي تي پنهنجي جان جوکي ۾ وڌي آهي. انهن سان گڏ اسين يهوداہ ۽ سيلاس کي موڪليون ٿا جيڪي هي لکيل ڳالهيون اوهان کي زباني بہ بيان ڪندا. پوِتر آتما ۽ اسان اهو مناسب سمجھيو تہ هنن خاص ڳالهين کان سواءِ اوهان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھون تہ اوهين اهو کاڌو نہ کائو جيڪو بتن تي ٻليدان ڪيو ويو هجي، رت ۽ انهيءَ جانور جو گوشت نہ کائو جنهن کي گھُٽي ماريو ويو هجي ۽ زنا کان پري ڀڄو. جيڪڏهن اوهين انهن ڳالهين کان پاسو ڪندا تہ اها اوهان لاءِ چڱي ڳالهہ آهي. شل سدائين سک وَ شانتيءَ سان رهو.“ پوءِ اهي روانا ٿيا ۽ انطاڪيا ۾ اچي پهتا، جتي وشواسين کي گڏ ڪري کين اهو خط ڏنائون. جڏهن هنن اهو خط پڙهيو تہ انهن همتائيندڙ ڳالهين تي هو خوش ٿيا. يهوداہ ۽ سيلاس جيڪي پاڻ بہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ هئا، تن گھڻيون نصيحتون ڪري انهن وشواسين کي همتايو ۽ سندن وشواس مضبوط ڪيو. جڏهن تہ پولس ۽ برنباس انطاڪيا ۾ ترسي پيا ۽ گھڻن ئي ٻين ماڻهن سان گڏجي مسيح بابت پرميشور جي سنديش جي سکيا ڏيندا ۽ ان جو پرچار ڪندا رهيا. ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ پولس برنباس کي چيو تہ ”هل تہ جن جن شهرن ۾ اسان مسيح بابت پرميشور جو سنديش ٻڌايو آهي، اتي انهن ڀائرن ڀينرن وٽ وري هلون ۽ ڏسون تہ انهن جو ڪهڙو حال آهي.“ برنباس جي مرضي هئي تہ يوحنا عرف مرقس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي هلون. پر پولس مناسب نہ سمجھيو تہ هن کي بہ ساڻ کڻجي، ڇاڪاڻ تہ هو اڳ بہ پرچار جي ڪم ۾ کين اڌ ۾ ئي ڇڏي پمفيليا مان موٽي هليو ويو هو. انهيءَ ڳالهہ تي برنباس ۽ پولس جي وچ ۾ ايترو تہ اختلاف ٿي پيو جو هو هڪٻئي کان ڌار ٿي ويا. برنباس مرقس کي وٺي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي قبرص ٻيٽ ڏانهن روانو ٿي ويو، جڏهن تہ پولس سيلاس کي پاڻ سان هلڻ لاءِ چونڊيو. پوءِ وشواسين کين ايشور جي ڪرپا جي حوالي ڪري روانو ڪيو. پولس شام ۽ ڪلڪيا جي صوبن مان ٿيندو اتي جي منڊلين کي وشواس ۾ مضبوط ڪندو اڳتي ويو. پولس پهريائين دربيءَ ۾ آيو ۽ پوءِ لسترا ڏانهن ويو. اتي تيمٿيس نالي هڪڙو شخص رهندو هو، جيڪو يسوع مسيح تي وشواس رکندڙ هو. سندس ماتا يهودڻ هئي ۽ يسوع مسيح تي وشواس آندو هئائين، جڏهن تہ سندس پتا يوناني هو. لسترا ۽ اڪونيم جا وشواسي تيمٿيس جي ساراهہ ڪندا هئا. پولس جي مرضي هئي تہ تيمٿيس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي هلي، تنهنڪري هن سندس ختنو ڪرايو. هن اهو انهيءَ ڪري ڪيو جو اتي جي رهندڙ سڀني يهودين کي سڌ هئي تہ تيمٿيس جو پتا غير يهودي هو. هو جن جن شهرن مان لنگھندا ويا، اتان جي وشواسي منڊلين کي يروشلم جي سنتن ۽ اڳواڻن جا اهي فيصلا ٻڌائيندا ويا جن مطابق کين جيون گذارڻو هو. اهڙيءَ طرح اتان جون منڊليون ڏينهون ڏينهن ماڻهن جي تعداد ۾ وڌنديون ۽ وشواس ۾ مضبوط ٿينديون ويون. جيئن تہ پوِتر آتما هنن کي آسيا صوبي ۾ سنديش جي پرچار ڪرڻ کان منع ڪئي هئي، سو اوڏانهن وڃڻ جي بدران هو فروگيا ۽ گلتيا جي علائقن مان گذريا. جڏهن موسيا علائقي جي سامهون آيا تڏهن ڪوشش ڪيائون تہ بتونيا صوبي ۾ وڃن، پر يسوع جي آتما کين وڃڻ نہ ڏنو. تنهنڪري اهي موسيا جي پاسي کان لنگھي تروآس شهر ۾ آيا. اتي رات جو پولس کي درشن ڏنو ويو جنهن ۾ مڪدُنيا صوبي جو هڪڙو ماڻهو بيهي منٿ ڪري کيس چوي پيو تہ ”سوامي! پار ٽپي مڪدُنيا ۾ اچو ۽ اسان جي مدد ڪريو.“ پولس کي درشن ملڻ شرط اسان هڪدم مڪدُنيا ڏانهن وڃڻ جي تياري ڪئي، ڇاڪاڻ تہ اسان کي يقين ٿي ويو تہ ايشور اسان کي گھرايو آهي تہ کين خوشخبري ٻڌايون. تروآس مان سامونڊي جهاز تي چڙهي اسين سڌا سمتراڪي ٻيٽ ۾ آياسين ۽ ٻئي ڏينهن نياپُلس بندرگاهہ تي پهتاسون. اتي جهاز مان لهي وري فلپي شهر ۾ آياسين، جيڪو مڪدُنيا جي انهيءَ علائقي جو مکيہ شهر آهي. اهو شهر رومين جي رهائش‌گاهہ بہ آهي. اسين اتي ڪجھہ ڏينهن ترسي پياسين. سبت جي ڏينهن اسين شهر جي دروازي کان ٻاهر نديءَ جي ڪناري تي وياسين، جو سمجھيوسين تہ يهودي اتي ڀڳتيءَ لاءِ گڏ ٿيندا هوندا. اتي اسين انهن نارين سان ويهي گفتگو ڪرڻ لڳاسين جيڪي اچي گڏ ٿيون هيون. انهن نارين ۾ ٿواتيرہ شهر جي لُديا نالي هڪ ايشور ڀڳت ناري بہ هئي، جيڪا واڱڻائي رنگ جو ڪپڙو وڪڻندي هئي. پرميشور هن جي دل کولي تہ جيئن هوءَ پولس جون ڳالهيون ڌيان سان ٻڌي. پوءِ جڏهن انهيءَ ناريءَ پنهنجي گھر جي ڀاتين سميت بپتسما ورتي، تڏهن اسان کي منٿون ڪندي چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏهن اوهين مون کي پرڀو يسوع تي وشواس رکندڙ ڪري سمجھو ٿا تہ مهرباني ڪري منهنجي گھر هلي رهو.“ نيٺ هوءَ زور ڀري اسان کي پنهنجي گھر وٺي ويئي. هڪڙي ڏينهن جيئن اسين ڀڳتيءَ واري انهيءَ جاءِ ڏانهن پئي وياسين تہ اسان کي هڪڙي غلام ڪنيا ملي جنهن ۾ ڳجھا ڀيد ڄاڻيندڙ ڀوت هو، جنهن جي ڪري هوءَ ماڻهن کي سندن قسمت جو حال ٻڌائي پنهنجي مالڪن کي ڪيترائي پئسا ڪمائي ڏيندي هئي. هوءَ پولس ۽ اسان جي پٺيان اچي رڙيون ڪندي چوڻ لڳي تہ ”هي ماڻهو پرميشور جا داس آهن، جيڪي اوهان کي مڪتيءَ جو رستو ٿا ٻڌائين.“ ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڪنيا ائين پئي ڪيو. آخرڪار پولس کي ايڏو تہ رنج ٿيو جو هن ڦري ڀوت کي چيو تہ ”آءٌ تو کي يسوع مسيح جي نالي حڪم ٿو ڏيان تہ هن ڪنيا مان نڪري وڃ.“ ڀوت انهيءَ ئي مهل ڪنيا مان نڪري ويو. جڏهن ڪنيا جي مالڪن ڏٺو تہ سندن ڪمائيءَ جو ذريعو ختم ٿي ويو، تڏهن هنن پولس ۽ سيلاس کي پڪڙي ورتو ۽ کين گهلي شهر جي چونڪ تي رومي عملدارن وٽ وٺي ويا. اتي اعليٰ عملدارن جي اڳيان مٿن شاهدي ڏيندي چيائون تہ ”سائين! هي ماڻهو جيڪي يهودي آهن، تن اسان جي شهر ۾ کڻي گوڙ مچايو آهي ۽ اهڙيون رسمون ڪڍيون اٿن جيڪي اسان رومين کي قبول ڪرڻ ۽ انهن تي هلڻ جائز نہ آهي.“ عام خلق بہ هڪ راءِ ٿي انهن ٻنهي تي حملو ڪرڻ لڳي. جڏهن تہ اعليٰ عملدارن هنن جا ڪپڙا ڦاڙي لهرايا ۽ کين چهبڪ هڻڻ جو حڪم ڏنائون. گھڻي مار کان پوءِ کين جيل ۾ وڌائون ۽ جيلر کي تاڪيد ڪيائون تہ کين سخت پهري هيٺ رکيو وڃي. اهو حڪم ملڻ تي جيلر انهن کي اندرين ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪيو ۽ سندن ٽنگون ڪاٺ ۾ وجھي قابو ڪيائين. رات جو پولس ۽ سيلاس پرارٿنائون ڪندا ۽ ايشور جي مهما جا ڀڄن ڳائيندا ٿي رهيا ۽ جيل جا قيدي پڻ ٻڌندا ٿي رهيا. تڏهن اڌ رات ڌاري اوچتو هڪڙو وڏو زلزلو آيو، جنهن جيل جون ڀتيون بنيادن تائين لوڏي ڇڏيون. هڪدم سڀ دروازا کُلي پيا ۽ سڀني قيدين جا بند کُلي ڪري پيا. تنهن تي جيلر جاڳي پيو ۽ ڏٺائين تہ جيل جا سڀ دروازا کُليا پيا آهن، سو سمجھيائين تہ پڪ سڀ قيدي ڀڄي ويا آهن. تنهنڪري تلوار ڪڍي پاڻ کي مارڻ تي هو تہ پولس زور سان رڙ ڪري چيس تہ ”پاڻ کي نہ مار! اسين سڀ هتي موجود آهيون.“ تڏهن جيلر بتي گھرائي ڊوڙندو اندر ويو ۽ ڏڪندي ڏڪندي پولس ۽ سيلاس جي پيرن تي ڪري پيو. پوءِ هن کين ٻاهر ڪڍيو ۽ وينتي ڪندي چوڻ لڳو تہ ”سوامي! آءٌ ڇا ڪريان جو مڪتي ملي؟“ تنهن تي هنن وراڻيس تہ ”پرڀو يسوع تي وشواس آڻ تہ تو کي ۽ تنهنجي ڪٽنب کي مڪتي ملندي.“ پوءِ انهن هن کي ۽ سندس گھر ۾ موجود سڀني ماڻهن کي مسيح بابت پرميشور جو سنديش ٻڌايو. رات جي انهيءَ ئي وقت جيلر کين وٺي وڃي سندن زخم ڌوتا. پوءِ هڪدم هن ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين بپتسما ورتي. پوءِ هن پولس ۽ سيلاس کي مٿي پنهنجي گھر وٺي اچي کارايو پيئاريو. ايشور تي وشواس آڻڻ جي ڪري هو ۽ سندس سڄو ڪٽنب بيحد خوش هو. ٻئي ڏينهن صبح جو اعليٰ عملدارن پنهنجن سپاهين هٿان جيلر ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”انهن ماڻهن کي ڇڏي ڏيو.“ سو جيلر پولس کي ٻڌايو تہ ”اعليٰ عملدارن جو حڪم آهي تہ اوهان کي آزاد ڪيو وڃي. تنهنڪري هاڻي اوهين هليا وڃو، شل سدا سک وَ شانتيءَ سان هجو.“ پر پولس سپاهين کي چيو تہ ”اسين جيڪي رومي آهيون، تن کي هنن بنا عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي عام خلق جي اڳيان چهبڪ هڻائي جيل ۾ وڌو آهي ۽ هاڻي هو چپ چاپ ۾ اسان کان جان ٿا ڇڏائڻ چاهين ڇا؟ ائين ڪڏهن بہ نہ ٿيندو. انهن کي چئو تہ اهي پاڻ اچي اسان کي جيل مان ٻاهر وٺي هلن.“ سپاهين وڃي اهو نياپو اعليٰ عملدارن کي پهچايو. هنن جڏهن ٻڌو تہ پولس ۽ سيلاس رومي آهن، تڏهن هو ڏاڍو ڊڄي ويا. تنهنڪري اهي پاڻ کين سمجھائڻ لاءِ آيا ۽ جيل کان ٻاهر وٺي اچي کين وينتي ڪيائون تہ ”مهرباني ڪري اوهين شهر مان هليا وڃو.“ سو پولس ۽ سيلاس جيل مان نڪري لُديا جي گھر ويا، جتي هو وشواسين سان مليا ۽ کين همتايائون. پوءِ هو اتان روانا ٿي ويا. تڏهن پولس ۽ سيلاس امفپلس ۽ اپلونيا شهرن مان لنگھي ٿِسلُنيڪي ۾ آيا، جتي يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ هئي. پولس پنهنجي دستور موجب سندن ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويو ۽ ٽن هفتن تائين هر سبت جي ڏينهن تي هو پوِتر شاستر مان ساڻن بحث پيو ڪندو هو. هو دليل ڏيئي ثابت ڪري چوندو هئن تہ ”اهو ضروري هو تہ مسيح تڪليفون سهي مري ۽ مئلن مان وري جيوت ٿي اُٿي.“ هن چين تہ ”هي يسوع جنهن جو آءٌ اوهان جي اڳيان پرچار ٿو ڪريان، سو ئي مسيح آهي.“ انهن مان ڪن يهودين، ايشور ڀڳت يونانين جي هڪ وڏي تعداد ۽ ڪيترين ئي مکيہ نارين بہ اها ڳالهہ قبول ڪئي ۽ پولس ۽ سيلاس سان شامل ٿي ويا. پر گھڻن يهودين کي ساڙ ٿيو، سو انهن ڪي بازاري لوفر وٺي هڪ ٽولو ٺاهيو، جن سڄو شهر مٿي تي کنيو. انهن ياسون جي گھر تي حملو ڪيو، تہ جيئن اتان پولس ۽ سيلاس کي ٻاهر ڪڍي خلق جي اڳيان وٺي اچن. جڏهن اهي اتي نہ ملين تڏهن ياسون ۽ ڪن ٻين وشواسين کي گهلي شهر جي عملدارن وٽ وٺي آيا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”جن ماڻهن سڄي سنسار ۾ گڙٻڙ مچائي آهي سي هتي بہ آيا آهن ۽ ياسون انهن کي پاڻ وٽ رهايو آهي. اهي سڀ قيصر جي حڪمن جي خلاف‌ورزي ڪندي چون ٿا تہ راجا ڪو ٻيو آهي، جنهن جو نالو يسوع آهي.“ انهن ڳالهين سان هنن عام ماڻهن توڙي شهر جي عملدارن کي پريشان ڪري ڇڏيو. سو عملدارن ياسون ۽ انهن ٻين کان ضامن وٺي کين ڇڏي ڏنو. تنهن تي وشواسين هڪدم پولس ۽ سيلاس کي راتوواهہ بيريا ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو. جڏهن هو اتي پهتا تہ يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويا. اهي يهودي ٿِسلُنيڪي جي يهودين کان وڌيڪ ڪشادي ذهن وارا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو مسيح بابت ايشور جو سنديش وڏي شوق سان ٻڌندا هئا ۽ روزانو پوِتر شاستر پڙهي ڏسندا هئا تہ ائين برابر آهي يا نہ، جيئن پولس چئي رهيو آهي. تنهنڪري انهن مان گھڻن ئي يسوع مسيح تي وشواس آندو. يونانين مان بہ ڪيترن ئي مردن توڙي مکيہ نارين وشواس آندو. جڏهن ٿِسلُنيڪي جي يهودين کي خبر پيئي تہ پولس بيريا ۾ بہ انهيءَ سنديش جو پرچار ڪري رهيو آهي، تڏهن هنن اتي بہ اچي ماڻهن کي ڀڙڪايو ۽ انهن ۾ گوڙ مچايائون. تڏهن وشواسين انهيءَ گھڙيءَ پولس کي سمنڊ جي ڪناري ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو، جڏهن تہ سيلاس ۽ تيمٿيس ٻئي بيريا ۾ رهي پيا. جيڪي ماڻهو پولس کي ڇڏڻ هليا هئا، سي ساڻس اٿينس شهر تائين گڏ آيا. پوءِ هو بيريا ڏانهن پولس جي هن هدايت سان موٽيا تہ ”جيترو جلد ٿي سگھي سيلاس ۽ تيمٿيس مون سان اچي ملن.“ جڏهن پولس اٿينس ۾ سيلاس ۽ تيمٿيس جو انتظار ڪري رهيو هو، تڏهن هن کي اهو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو تہ سڄو شهر بتن سان ڀريو پيو آهي. تنهنڪري هو يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي يهودين ۽ ايشور ڀڳت غير يهودين سان توڙي بازار ۾ ملڻ وارن سان روزانو بحث پيو ڪندو هو. جيئن تہ پولس يسوع ۽ سندس وري جيوت ٿي اٿڻ جي خوشخبريءَ جو پرچار ڪري رهيو هو، سو اتي ڪي اِپڪور ۽ ستوئيڪ فلسفي جا شاستري ساڻس بحث ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ ”هي واتوڙي ماڻهو ڇا ٿو چوي؟“ ٻين وري چيو تہ ”هيءُ ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڏسجي.“ سو هو کيس اريوپگس نالي هڪڙي جاءِ تي شهر جي پئنچائت وٽ وٺي آيا، جن چيس تہ ”اسان کي سمجھاءِ تہ هي ڪهڙي نئين سکيا آهي جيڪا تون ڏيئي رهيو آهين؟ ڪي ڳالهيون تون اهڙيون ٿو ڪرين جيڪي اسان کي عجيب ٿيون لڳن. اسين ڄاڻڻ چاهيون ٿا تہ انهن ڳالهين جو مقصد ڇا آهي.“ حقيقت ۾ اٿينس جا سڀيئي رهاڪو ديسي توڙي پرديسي پنهنجو وقت هميشہ نيون نيون ڳالهيون ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ ۾ گذاريندا هئا. تڏهن پولس پئنچائت جي اڳيان اُٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو تہ ”اي اٿينس جا رهاڪؤ! آءٌ ڏسان ٿو تہ اوهين هر ڳالهہ ۾ پنهنجي ديوتائن جي ڏاڍي وس هيٺ آهيو، جيڪو مون گھمندي گھمندي اوهان جي ڀڳتيءَ وارين شين تي غور ڪري ڏٺو آهي. مون ٻليدان واري هڪڙي جاءِ ڏٺي جنهن تي لکيل هو تہ ’اڻڄاتل ديوتا جي لاءِ.‘ سو اوهين ڄاڻڻ سڃاڻڻ کان سواءِ جنهن جي ڀڳتي ٿا ڪريو، تنهن جي ئي آءٌ اوهان کي خبر ٿو ڏيان. جنهن ايشور سڄو سنسار ۽ جيڪي شيون منجھس آهن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آهن، سو ڌرتيءَ ۽ آڪاش جو مالڪ آهي ۽ اهو هٿن جي ٺهيل مندرن ۾ نہ ٿو رهي. هو ڪنهن بہ شيءِ جو محتاج نہ آهي جو ڪنهن کان پنهنجي سيوا ڪرائي، ڇاڪاڻ تہ هو پاڻ ئي تہ سڀني کي جيون، ساهہ ۽ ٻيو سڀ ڪجھہ ڏئي ٿو. هن هڪڙي ئي انسان مان سڀ قومون پيدا ڪيون آهن، تہ جيئن اهي سڄي سنسار ۾ آباد ٿين. هن انهن لاءِ اڳ ۾ ئي خاص وقت ۽ رهڻ لاءِ حدون مقرر ڪيون آهن، انهيءَ لاءِ تہ هو ايشور جي ڳولا ڪن ۽ من هٿوراڙيون هڻي کيس ڳولي لهن. جڏهن تہ هو اسان مان ڪنهن کان بہ پري نہ آهي ۽ اسين منجھس ئي جيوت رهون ۽ هلون چلون ٿا، بلڪ اسان جي هستي انهيءَ جي ڪري آهي. اوهان جي شاعرن مان بہ ڪن ائين چيو آهي تہ ’اسين تہ ايشور جو اولاد آهيون.‘ هاڻ جيئن تہ اسين ايشور جو اولاد آهيون، تنهنڪري اهو مناسب نہ آهي جو اسين سمجھون تہ هن جي ذات سون، چانديءَ يا پٿر جي ڪنهن بت وانگر آهي، جيڪو انساني هنر ۽ ڪاريگريءَ سان ٺاهيو وڃي ٿو. ايشور جهالت وارن زمانن کي نظرانداز ڪندي هاڻي سڀني ماڻهن کي هر هنڌ اهو حڪم ٿو ڏئي تہ هو توبهہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ هن هڪ ڏينهن مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي هو انصاف سان سڄي سنسار جو فيصلو انهيءَ ماڻهوءَ جي معرفت ڪندو، جنهن کي هن اڳ ۾ ئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ لاءِ هن کيس مئلن مان وري جيوت ڪري هر ڪنهن تي اها ڳالهہ ثابت ڪري ڇڏي آهي.“ جڏهن انهن پولس جي واتان مئلن مان وري جيوت ٿيڻ جو ٻڌو تہ ڪي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. پر ڪن چيو تہ ”اسين ڪنهن ٻئي وقت اوهان کان هن بابت ڪجھہ وڌيڪ ٻڌڻ چاهيون ٿا.“ تڏهن پولس پئنچائت مان هليو ويو. پوءِ ڪي ماڻهو ساڻس اچي گڏيا ۽ يسوع مسيح تي وشواس آندائون. انهن ۾ اريوپگس پئنچائت جو هڪڙو ڪارڪن جنهن جو نالو ديونسي‌يس هو، دمرس نالي هڪڙي ناري ۽ ٻيا بہ ڪيترائي شامل هئا. انهن ڳالهين کان پوءِ پولس اٿينس مان روانو ٿي ڪرنٿس شهر ۾ اچي پهتو. اتي هن کي اڪولا نالي هڪڙو يهودي ۽ سندس پتني پرسڪلا مليا، جيڪي پنطس علائقي جا رهاڪو هئا ۽ تازو ئي اِٽليءَ مان آيا هئا، ڇاڪاڻ تہ قيصر ڪلوديُس حڪم ڏنو هو تہ سڀ يهودي روم شهر مان نڪري وڃن. پولس انهن ڏانهن ويو ۽ جيئن تہ ٻنهي جو تنبن ٺاهڻ وارو ساڳيو ئي ڌنڌو هو، تنهنڪري پولس انهن سان گڏ رهيو ۽ اهي گڏجي ڪم ڪرڻ لڳا. هو هر سبت جي ڏينهن تي يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويندو هو ۽ بحث ڪري يهودين ۽ يونانين کي مڃائڻ جي ڪوشش پيو ڪندو هو. جڏهن سيلاس ۽ تيمٿيس مڪدُنيا مان اچي اتي پهتا تڏهن پولس پنهنجو پورو وقت پرچار ۾ گذارڻ لڳو. هن يهودين کي انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي پئي چيو تہ يسوع ئي مسيح آهي. جڏهن هو سندس خلاف ٿي پيا ۽ کيس گھٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا تہ هن پنهنجا ڪپڙا ڇنڊيندي کين چيو تہ ”اوهين پنهنجي تباهيءَ جا ذميوار پاڻ آهيو، منهنجو ڪوبہ واسطو نہ آهي. اڄ کان پوءِ آءٌ غير قومن ڏانهن ويندس.“ پوءِ هو اتان روانو ٿي طيطس يوستس نالي هڪڙي شخص جي گھر اچي رهيو، جيڪو ايشور ڀڳت غير يهودي هو ۽ جنهن جو گھر يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ جي ڀرسان هو. ڀڳتيءَ واري جاءِ جي اڳواڻ ڪرسپس پنهنجي سڄي ڪٽنب سميت پرڀو يسوع تي وشواس آندو. ڪرنٿس جي ٻين بہ ڪيترن ئي رهاڪن پولس جو سنديش ٻڌي وشواس آندو ۽ بپتسما ورتائون. هڪڙيءَ رات پولس کي درشن ڏنو ويو، جنهن ۾ پرڀو يسوع کيس چيو تہ ”ڊڄ نہ، ٻڌائيندو رهہ ۽ بس نہ ڪر. جيئن تہ آءٌ تو ساڻ آهيان، سو ڪوبہ ماڻهو حملو ڪري تو کي نقصان پهچائي نہ سگھندو، ڇو تہ هن شهر ۾ منهنجا گھڻا ئي ماڻهو آهن.“ سو هو ڏيڍ سال اتي رهيو ۽ ماڻهن کي مسيح بابت ايشور جي سنديش جي سکيا ڏيندو رهيو. پر جڏهن گَليو نالي هڪ شخص يونان جي صوبي اخيا جو گورنر بڻيو، تڏهن يهودين پاڻ ۾ گڏجي پولس تي حملو ڪيو ۽ کيس پڪڙي گورنر جي درٻار ۾ وٺي آيا. اهي گورنر کي چوڻ لڳا تہ ”هي اهو شخص آهي جيڪو ماڻهن کي اهڙي نموني ڀڳتي ڪرڻ ٿو سيکاري، جيڪا قانون جي خلاف آهي.“ پولس ڳالهائڻ تي هو، پر گورنر گَليوءَ يهودين کي چيو تہ ”اي يهودي قوم وارؤ! جيڪڏهن اها ڪا ظلم زبردستيءَ جي يا ڪا وڏي ڏوهہ جي ڳالهہ هجي ها تہ پوءِ واجب هو جو آءٌ صبر سان اوهان جي ڳالهہ ٻڌان ها. پر جڏهن تہ هي اهڙا الزام آهن جن جو واسطو رڳو لفظن، نالن ۽ خاص اوهان جي نيم سان آهي تہ پوءِ اوهين ڄاڻو، اوهان جو ڪم ڄاڻي. آءٌ اهڙين ڳالهين جو فيصلو ڪرڻ نہ ٿو چاهيان.“ سو هن کين درٻار مان ڀڄائي ڪڍيو. تنهن تي انهن سڀني گڏجي ڀڳتيءَ واري جاءِ جي اڳواڻ سوسٿنيس کي پڪڙي کيس درٻار جي اڳيان مار ڪُٽ ڪئي. پر گَليوءَ کي انهن ڳالهين جي ڪابہ پرواهہ ڪانہ هئي. ان کان پوءِ بہ پولس ڪيترائي ڏينهن ڪرنٿس ۾ رهيو. پوءِ وشواسين کان موڪلائي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي پرسڪلا ۽ اڪولا سان گڏ شام صوبي ڏانهن روانو ٿيو. سفر کان اڳ هن بندرگاهہ واري شهر ڪنخريا ۾ پنهنجو مٿو ڪوڙايو، ڇاڪاڻ تہ هن هڪ باس باسي هئي. جڏهن اهي اِفسس شهر ۾ پهتا تہ پولس پرسڪلا ۽ اڪولا کان موڪلايو. پوءِ پاڻ يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويو جتي يهودين سان بحث مباحثو ڪرڻ لڳو. ان بعد هنن کيس وينتي ڪئي تہ هو ڪجھہ عرصي تائين وٽن رهي، پر هن اها قبول نہ ڪئي. پوءِ موڪلائڻ وقت هن کين چيو تہ ”ايشور گھريو تہ آءٌ ضرور موٽي ايندس.“ ائين چئي هو سامونڊي جهاز تي چڙهي اِفسس مان روانو ٿيو. قيصريہ بندرگاهہ تي لهي هو يروشلم ڏانهن ويو ۽ اتي جي وشواسي منڊليءَ کي نمسڪار ڪري انطاڪيا ڏانهن روانو ٿي ويو. انطاڪيا ۾ ڪجھہ عرصو رهڻ کان پوءِ پولس اتان روانو ٿي گلتيا ۽ فروگيا جي علائقن مان لنگھندو پرڀو يسوع جي سڀني پوئلڳن جي وشواس کي مضبوط ڪندو ويو. انهن ڏينهن ۾ اپلوس نالي هڪڙو يهودي جيڪو اسڪندريہ جو رهاڪو هو سو اِفسس ۾ آيو. هو هڪ سٺو تقرير ڪندڙ هو ۽ کيس پوِتر شاستر جي گھڻي ڄاڻ هئي. جيئن تہ هن پرڀو يسوع واري رستي تي هلڻ جي سکيا حاصل ڪئي هئي، سو هو دلي جذبي سان يسوع جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ۽ يسوع بابت صحيح سکيا ڏيندو هو، جيتوڻيڪ کيس رڳو يوحنا واري بپتسما جي ڄاڻ هئي. هو يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ بي‌ڊپو ٿي ڳالهائڻ لڳو. جڏهن پرسڪلا ۽ اڪولا هن جون ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن هن کي پاڻ وٽ وٺي آيا ۽ کيس مسيح بابت ايشور واري رستي جي چڱيءَ طرح ڄاڻ ڏنائون. جڏهن اپلوس جو يونان جي صوبي اخيا ڏانهن وڃڻ جو ارادو ٿيو تہ اتي جي وشواسين کيس همتائيندي يونان جي وشواسين ڏانهن خط لکي ڏنس تہ اهي يونان ۾ سندس آڌرڀاءُ ڪن. اپلوس اتي پهتو ۽ جن ماڻهن ايشور جي ڪرپا سان پرڀو يسوع تي وشواس آندو هو، تن جي وڏي همت‌افزائي ڪيائين، ڇاڪاڻ تہ ماڻهن جي اڳيان بحث مباحثن ۾ هن مضبوط دليلن سان پوِتر شاستر مان اهو ثابت ڪيو تہ يسوع ئي مسيح آهي. ائين هن يهودين جا وات بند ڪري ڇڏيا. اپلوس اڃا اخيا جي شهر ڪرنٿس ۾ ئي هو تہ پولس مٿين علائقن مان ٿيندو اِفسس ۾ اچي پهتو ۽ اتي ڪن وشواسين سان مليو. هن کانئن پڇيو تہ ”جڏهن اوهان مسيح تي وشواس آندو هو تہ اوهان کي پوِتر آتما ملي هئي يا نہ؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”اسان تہ پوِتر آتما جو نالو ئي نہ ٻڌو آهي.“ پولس پڇين تہ ”پوءِ اوهان ڪهڙي بپتسما ورتي؟“ انهن جواب ڏنس تہ ”يوحنا واري بپتسما.“ تنهن تي پولس کين چيو تہ ”يوحنا تہ ماڻهن کي توبهہ واري بپتسما ڏيندي هي چوندو هو تہ ’جيڪو مون کان پوءِ ايندو تنهن تي وشواس آڻجو،‘ يعني يسوع تي.“ اهو ٻڌي هنن پرڀو يسوع جي نالي تي بپتسما ورتي. تڏهن پولس پنهنجا هٿ انهن تي رکيا تہ پوِتر آتما مٿن پرگھٽ ٿي ۽ هو جدا جدا ٻوليون ڳالهائڻ ۽ ايشور جو سنديش ٻڌائڻ لڳا. اهي سڀيئي اٽڪل ٻارهن ڄڻا هئا. پولس ٽن مهينن تائين يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي بي‌ڊپو ٿي ڳالهائيندو هو. هو ماڻهن سان ايشور جي راڄ بابت بحث ڪندو هو ۽ کين مڃائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پر جڏهن ڪن ماڻهن ضد ڪندي وشواس نہ آندو، بلڪ کُليو کُلايو پرڀو يسوع جي انهيءَ رستي خلاف نندا ڪرڻ لڳا، تڏهن پولس کين ڇڏي ڏنو ۽ وشواسين کي هنن کان الڳ ڪري ڇڏيو. هاڻ هو تُرنس جي وڏي هال ۾ وڃي روزانو بحث مباحثو ڪندو هو. اهو سلسلو ٻن سالن تائين هلندو رهيو ۽ جيڪي آسيا صوبي جا يهودي ۽ غير قوم وارا هئا تن سڀني مسيح بابت پرميشور جو سنديش پئي ٻڌو. ايشور پولس جي معرفت عجيب نموني سان چمتڪار ڏيکاريندو هو. ايتري قدر جو جيڪڏهن رومال يا ڪوبہ ڪپڙو پولس جي شرير کي ڇهي کڻي وڃي بيمارن کي لائيندا هئا تہ انهن کي بيماري ڇڏي ويندي هئي ۽ ڀوتن ورتل ماڻهن مان ڀوت نڪري ويندا هئا. تڏهن هنڌ هنڌ ڦرڻ وارا ڪي يهودي ڀوپا بہ پرڀو يسوع جي نالي تي ماڻهن مان ڀوت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. اهي ڀوتن کي ڪڍڻ وقت هيئن چوندا هئا تہ ”آءٌ تو کي يسوع جو واسطو ٿو ڏيان، جنهن جو پولس پرچار ڪري رهيو آهي.“ سِڪوا نالي هڪڙي يهودي سردار ڪاهن جي ستن پٽن بہ هڪ دفعي ائين پئي ڪيو تہ ڀوت وراڻين تہ ”يسوع کي تہ آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ پولس کي بہ سڃاڻان ٿو، پر اوهين ڪير آهيو؟“ پوءِ جنهن شخص ۾ ڀوت هو، تنهن سٽ ڏيئي کين سوگھو ڪيو ۽ ڌڪ هڻي ڪپڙا ڦاڙي لاٿائين. تڏهن اهي سڀيئي زخمي ٿي انهيءَ گھر مان وٺي ڀڳا. اِفسس ۾ رهندڙ سڀني يهودين ۽ غير قوم وارن جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي تہ کين ڊپ وٺي ويو. ائين پرڀو يسوع جي نالي جي مهانتا ٿيڻ لڳي. جن مٿس وشواس آندو هو تن مان ڪيترن ئي کُلي‌عام پنهنجا ڪيل بڇڙا ڪم باسيا. انهن مان ڪيترائي جيڪي جادوگري ڪندا هئا، تن پنهنجا پنهنجا ڪتاب آڻي گڏ ڪري سڀني ماڻهن جي اڳيان ساڙي ڇڏيا. انهن ڪتابن جي رقم جوڙي ويئي تہ اها پنجاهہ هزار چانديءَ جا سڪا ٿي. اهڙيءَ طرح مسيح بابت ايشور جو سنديش بيحد پکڙبو ۽ زور وٺندو ويو. هنن ڳالهين جي ٿيڻ کان پوءِ پولس ارادو ڪيو تہ هو يونان جي صوبن مڪدُنيا ۽ اخيا مان ٿيندو يروشلم وڃي. هن وڌيڪ هي بہ فيصلو ڪيو تہ ”اتي وڃڻ کان پوءِ مون کي روم بہ ضرور وڃڻ گھرجي.“ سو هن پنهنجي مددگارن مان ٻن ڄڻن تيمٿيس ۽ اراستس کي اڳواٽ مڪدُنيا صوبي ڏانهن موڪليو ۽ پاڻ ڪجھہ وڌيڪ عرصو آسيا صوبي ۾ رهي پيو. انهن ڏينهن ۾ اِفسس ۾ پرڀو يسوع وارو رستو اختيار ڪرڻ جي ڪري ڏاڍي گڙٻڙ متل هئي. ديميتريُس نالي هڪڙو سونارو ارتمس ديويءَ جا چانديءَ جا ننڍڙا مندر ٺاهيندو هو. هن جي ڌنڌي جي ڪري ڪاريگرن کي ڏاڍو فائدو هوندو هو. سو هن انهن ڪاريگرن ۽ اهڙو ڪم ڪندڙ ٻين سڀني کي گڏ ڪري چيو تہ ”اي ڀائرؤ! اوهين ڄاڻو ٿا تہ هن ڌنڌي مان ئي اسان جو گذر سفر ٿي رهيو آهي. اوهين پاڻ ڏسي ۽ ٻڌي سگھو ٿا تہ نہ رڳو اِفسس ۾، بلڪ سڄي آسيا صوبي ۾ هن شخص پولس گھڻن ماڻهن کي برغلائي ڀَٽڪائي ڇڏيو آهي. هو چئي رهيو آهي تہ ’ماڻهن جا ٺاهيل هي بت ايشور هرگز نہ آهن.‘ سو نہ رڳو اهو خطرو آهي جو اسان جو هي ڌنڌو خراب ٿي ويندو، بلڪ اهو بہ انديشو آهي تہ متان مهاديوي ارتمس جو مندر بہ ڪين جهڙو ليکجڻ ۾ اچي ۽ جنهن ديويءَ جي پوجا آسيا صوبي توڙي سڄي سنسار جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڪئي وڃي ٿي، تنهن جي مهانتا ختم نہ ٿي وڃي.“ اهو ٻڌي هو ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويا ۽ رڙيون ڪندي نعرا هڻڻ لڳا تہ ”اِفسين جي ديوي ارتمس مهان آهي!“ سڄي شهر ۾ هُل مچي ويو. گيُس ۽ ارسترخس، جيڪي مڪدُنيا جا رهاڪو هئا ۽ پولس سان گڏ سفر ڪري رهيا هئا، تن کي ماڻهن جي هڪ ميڙ گڏجي پڪڙي تماشہ‌گاهہ ۾ آندو. پولس جي مرضي هئي تہ هو اوڏانهن وڃي، پر وشواسين وڃڻ نہ ڏنس. آسيا صوبي جي وڏن عملدارن مان ڪن جيڪي سندس ڀلو چاهيندڙ هئا، تن چوائي موڪليس ۽ منٿ ڪيائونس تہ ”متان تماشہ‌گاهہ ۾ وڃي پنهنجي جان جوکي ۾ وجھو.“ انهيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون هيون، ڪي واڪو ڪري هڪ ڳالهہ پيا چون تہ ٻيا وري ٻي ڳالهہ. گھڻن کي تہ اها بہ سڌ نہ هئي تہ هو ڇا لاءِ اچي گڏ ٿيا آهن. آخرڪار ماڻهن مان ڪن جو هي خيال هو تہ سڪندر نالي شخص ئي ذميوار آهي، ڇاڪاڻ تہ يهودين کيس اڳ ۾ ڪيو هو. پوءِ سڪندر هٿ سان اشارو ڪري ڪوشش ڪئي تہ ماڻهن اڳيان صفائيءَ ۾ ڪجھہ ڳالهائي. پر جڏهن انهن کي خبر پيئي تہ هي يهودي آهي تڏهن سڀيئي گڏجي اٽڪل ٻن ڪلاڪن تائين ساڳيا ئي نعرا هڻندا رهيا تہ ”اِفسين جي ديوي ارتمس مهان آهي!“ آخرڪار شهر جي مکيہ عملدار ميڙ کي ماٺ ڪرائي چيو تہ ”اي اِفسس جا رهاڪؤ! هر انسان ڄاڻي ٿو تہ اِفسس جو شهر مهاديوي ارتمس جي مندر جو سنڀاليندڙ آهي ۽ ان جو پٿر بہ آڪاش مان هتي پرگھٽ ٿيو هو. انهن ڳالهين کان ڪوبہ انڪار ڪري نہ ٿو سگھي. تنهنڪري اوهان کي گھرجي تہ ٿڌا ٿيو ۽ اُٻهرا ٿي ڪجھہ بہ نہ ڪريو. جن ماڻهن کي اوهين هتي وٺي آيا آهيو، سي نہ مندرن کي لٽڻ ڦرڻ وارا آهن، نڪي اسان جي ديويءَ جي خلاف نندا ڪن ٿا. تنهنڪري ديميتريُس ۽ ساڻس گڏ ڌنڌو ڪندڙن کي جيڪڏهن ڪنهن تي ڪا دعويٰ ڪرڻي آهي تہ ڪورٽ کُلي پيئي آهي ۽ جج ويٺا آهن، ڀلي تہ وڃي ڪيس ڪن. پر جيڪڏهن اوهان کي ڪن ٻين ڳالهين جي صفائي وٺڻي آهي تہ انهيءَ جو فيصلو باقاعدي گڏجاڻيءَ ۾ ڪري سگھجي ٿو. اڄ شهر ۾ جيڪو هنگامو ٿيو آهي، انديشو آهي تہ انهيءَ جي ذميواري اسان تي اچي سگھي ٿي. جيئن تہ هن هنگامي جو ڪو سبب ئي نہ ٿو نظر اچي، سو اسين انهيءَ لاءِ ڪا ثابتي ڏيئي نہ ٿا سگھون.“ ائين چئي هن ماڻهن کي روانو ڪيو. هنگامي ختم ٿيڻ کان پوءِ پولس سڀني وشواسين کي گڏ ڪري نصيحت ڪئي ۽ کانئن موڪلايائين. پوءِ هو مڪدُنيا ڏانهن روانو ٿي ويو. هو اتان جي علائقن مان ٿيندو ۽ ماڻهن کي گھڻين ئي ڳالهين بابت نصيحتون ڪندو يونان اچي پهتو. اتي هو ٽي مهينا ترسيو. پوءِ هو شام صوبي ڏانهن سامونڊي جهاز جي رستي وڃڻ لاءِ تيار هو تہ کيس خبر پيئي تہ ڪي يهودي سندس تاڙ ۾ ويٺا آهن. سو هن مڪدُنيا واري رستي ئي موٽي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. آسيا صوبي تائين پولس سان گڏ سفر ڪرڻ وارا ساٿي هي هئا: بيريا واري پُرس جو پٽ سوپترس، ٿِسلُنيڪي وارن مان ارسترخس ۽ سڪندُس، دربيءَ وارو گيُس، آسيا صوبي وارن تخڪُس ۽ تروفيمس کان علاوہ تيمٿيس پڻ. پوءِ اهي اڳتي وڃي تروآس ۾ اسان جو انتظار ڪرڻ لڳا. بي‌خميري روٽيءَ جي تهوار کان پوءِ اسين فلپيءَ مان سامونڊي جهاز ۾ چڙهي روانا ٿياسين ۽ پنجن ڏينهن کان پوءِ انهن سان تروآس ۾ اچي ملياسين، جتي اسين هڪ هفتو رهياسين. ڇنڇر جي شام جو اسين رسوئي کائڻ لاءِ گڏ ٿياسين. تڏهن اتي پولس ماڻهن سان ڳالهائڻ لڳو. جيئن تہ هو ٻئي ڏينهن تي روانو ٿيڻ وارو هو، تنهنڪري سندس ڳالهائڻ رات جو دير تائين جاري رهيو. جنهن ماڙيءَ تي اسان جي گڏجاڻي هئي اتي ڪيترائي شمعدان پئي ٻريا. يوتخس نالي هڪڙو نوجوان دريءَ ۾ ويٺو هو. اڌ رات جو کيس ننڊ اچڻ لڳي ۽ جيئن تہ پولس گھڻي وقت تائين ڳالهائيندو رهيو سو ان کي ايتري تہ گَهري ننڊ وٺي ويئي جو هو ٽِماڙ تان هيٺ ڪري پيو. جيئن جو اچي کيس کڻن تہ هو مري چڪو هو. تڏهن پولس ماڙيءَ تان هيٺ لهندي ئي جھڪي کيس ڀاڪر ۾ ورتو ۽ پوءِ چوڻ لڳو تہ ”چنتا نہ ڪريو، هي جيوت آهي.“ پوءِ پولس موٽي مٿي ماڙيءَ تي ويو ۽ رسوئي کاڌائين. کائڻ بعد هن ايتري تہ دير تائين پنهنجي تقرير کي جاري رکيو جو صبح ٿي ويو. تڏهن هو روانو ٿي ويو. هوڏانهن انهيءَ نوجوان کي جيوت حالت ۾ گھر آندو ويو، جنهن سان سڀني جي دل کي ڏاڍي تسلي ٿي. جيئن تہ پولس پيرين پيادو آسس جي بندرگاهہ تي پهچڻ جو ارادو ڪيو هو، سو سندس تجويز مطابق هن جي وڃڻ کان پوءِ اسين سامونڊي جهاز تي چڙهي آسس ڏانهن روانا ٿياسين، انهيءَ لاءِ تہ اتي پولس کي بہ پاڻ سان گڏ جهاز تي چاڙهيون. جڏهن هو آسس ۾ اسان سان مليو، تڏهن کيس پاڻ سان گڏ جهاز ۾ چاڙهي متوليني شهر جي بندرگاهہ تي پهتاسين. ان کان پوءِ اسين ٻئي ڏينهن تي خيُس ٻيٽ وٽ ۽ ٽئين ڏينهن تي سامس ٻيٽ وٽ پهتاسين، جتان وري چوٿين ڏينهن تي ميليتس ۾ آياسين. پولس فيصلو ڪيو هو تہ هو اِفسس شهر جي ٻاهران ٻاهران هليو وڃي، تہ جيئن آسيا صوبي ۾ گھڻو وقت نہ لڳيس. ايتري تڪڙ رڳو انهيءَ لاءِ ٿي ڪيائين تہ جيڪڏهن ٿي سگھي تہ پنتيڪُست جو تهوار يروشلم ۾ وڃي ملهائي. پولس ميليتس مان اِفسس وارن ڏانهن نياپو موڪليو تہ اتي جي وشواسي منڊليءَ جا اڳواڻ اچي ساڻس ملن. جڏهن هو وٽس اچي گڏ ٿيا تہ پولس کين چيو تہ ”اوهين ڄاڻو ٿا تہ مون آسيا صوبي ۾ پهچڻ جي پهرئين ڏينهن کان وٺي سڄو وقت اوهان سان ڪيئن گذاريو آهي. مون ڏاڍي نماڻائيءَ سان ڳوڙها ڳاڙيندي ۽ يهودين جي سازشن جون مصيبتون سهندي بہ پرڀو يسوع جي سيوا پئي ڪئي آهي. اوهين ڄاڻو ٿا تہ جيڪي بہ ڳالهيون اوهان جي فائدي جون هيون تن کي بيان ڪرڻ توڙي کُلي‌عام ۽ گھر گھر سکيا ڏيڻ ۾ مون ڪڏهن نہ ڪيٻايو آهي. يهودين توڙي غير قوم وارن ٻنهي کي تاڪيد ڪيو اٿم تہ اهي پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪري ايشور ڏانهن ڦرن ۽ اسان جي پرڀو يسوع تي وشواس آڻين. هاڻي پوِتر آتما جي حڪم موجب آءٌ يروشلم ڏانهن وڃي رهيو آهيان. آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ اتي مون سان ڇا ٿيندو. رڳو ايترو ڄاڻان ٿو تہ قيد ۽ مصيبتون مون لاءِ انتظار ڪري رهيون آهن، جنهن جو چتاءُ پوِتر آتما مون کي هر شهر ۾ ڏنو آهي. پر مون کي پنهنجي جان جي ڳڻتي نہ آهي، نڪي اها منهنجي لاءِ ڪا قيمت رکي ٿي. مون کي رڳو اها چنتا آهي تہ آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪريان ۽ جيڪا سيوا پرڀو يسوع کان مون کي ڪرڻ لاءِ ملي آهي سا پوري ڪريان، يعني ايشور جي ڪرپا جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان. هاڻي مون کي پڪ آهي تہ اوهين سڀ جن ۾ مون ايشور جي راڄ جو پرچار ڪيو آهي، تن مان ڪوبہ وري منهنجو منهن ڪين ڏسندو. تنهنڪري اڄوڪي ڏينهن آءٌ پوري يقين سان چوان ٿو تہ اوهان مان ڪنهن جي بہ ڀَٽڪڻ جو آءٌ ذميوار نہ آهيان، ڇاڪاڻ تہ خوشخبريءَ بابت ايشور جو سمورو مقصد مون اوهان کي ٻڌايو آهي ۽ ذرو بہ نہ ڪيٻايو اٿم. اوهين پاڻ سان گڏ انهيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن لاءِ پوِتر آتما اوهان کي ڌنار مقرر ڪيو آهي. سو ايشور جي انهيءَ منڊليءَ کي سنڀاليندا رهجو، جيڪا هن پنهنجي پٽ جي رت سان خريد ڪئي آهي. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منهنجي وڃڻ کان پوءِ وحشي بگھڙ اوهان ۾ اچي پوندا، جيڪي ڌڻ تي ڪابہ ديا نہ ڪندا. خود اوهان منجھان ئي ڪي اهڙا ماڻهو نڪرندا جيڪي ابتيون سبتيون ڳالهيون ٻڌائيندا تہ جيئن وشواسين کي برغلائي پاڻ ڏانهن ڪن. تنهنڪري اوهين سجاڳ رهو ۽ ياد رکو تہ مون ٽن سالن تائين رات ڏينهن ڳوڙها ڳاڙي هر هڪ کي تاڪيد ڪندي سمجھايو آهي. هاڻي آءٌ اوهان کي ايشور ۽ سندس انهيءَ ڪرپا واري سنديش جي حوالي ٿو ڪريان، جنهن کي شڪتي آهي تہ اهو اوهان ۾ ترقي آڻي ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن سان گڏ اوهان کي ميراث بخشي. مون ڪنهن کان بہ سون، چانديءَ يا ڪپڙي جي لالچ نہ رکي. اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ مون پنهنجي هٿن سان پورهيو ڪري پنهنجيون ۽ پنهنجي سنگتين جون گھرجون پوريون ڪيون آهن. سڀني ڳالهين بابت مون خود عمل ڪري پاڻ کي نمونو بڻائي اوهان کي سمجھايو آهي تہ ڪيئن محنت ڪري ڪمزورن جي مدد ڪرڻ گھرجي ۽ پرڀو يسوع جي سکيا ياد رکڻ گھرجي، جنهن پاڻ فرمايو آهي تہ ’وٺڻ کان ڏيڻ وڌيڪ برڪت ڀريو آهي.‘“ پولس جڏهن ايترو چئي بس ڪئي، تڏهن سڀني سان گڏ گوڏا کوڙي پرارٿنا ڪيائين. هو سڀيئي زاروزار رنا ۽ کيس ڀاڪر پائي چميائون. هنن کي سڀ کان وڌيڪ هن ڳالهہ جو ڏک هو جو پولس چيو هو تہ ”ڪوبہ وري منهنجو منهن ڪين ڏسندو.“ پوءِ هو پولس سان گڏجي سامونڊي جهاز تائين آيا. اِفسس جي اڳواڻن کان مشڪل سان موڪلائي اسين سامونڊي جهاز ۾ چڙهي سڌا قوس ٻيٽ وٽ آياسين ۽ ٻئي ڏينهن تي رُدس ٻيٽ کان ٿيندا پترا نالي بندرگاهہ تي پهتاسين. اتي اسان ڏٺو تہ هڪڙو جهاز شام صوبي جي فينيڪي علائقي ڏانهن وڃي رهيو آهي، سو انهيءَ جهاز ۾ چڙهي روانا ٿياسين. پوءِ اهڙي هنڌ پهتاسين جتان اسين قبرص ٻيٽ کي ڏسي سگھون پيا ۽ انهيءَ جي ڏکڻ طرف کان شام ڏانهن هلندا وياسين. پوءِ صور ۾ پهچي جهاز بندر سان لڳو تہ اسين هيٺ لٿاسين، ڇاڪاڻ تہ اتي جهاز مان سامان لهڻو هو. سو شهر اندر وڃي اتان جي وشواسين کي ڳولي ساڻن ملياسين، جن وٽ اسين ست ڏينهن رهياسين. پوِتر آتما جي وسيلي مليل ڄاڻ جي ڪري هو پولس کي چوندا ٿي رهيا تہ ”اوهين يروشلم ڏانهن نہ وڃو.“ پر جڏهن ست ڏينهن پورا ٿيا تہ اسين ساڳئي ئي سفر لاءِ اتان نڪرڻ لڳاسين. تڏهن هو پنهنجن ٻارن ۽ پتنين سميت شهر کان ٻاهر تائين اسان کي ڇڏڻ آيا ۽ اسان سان گڏجي سمنڊ جي ڪناري تي گوڏن ڀر ويهي پرارٿنا ڪيائون. پوءِ هڪٻئي کان موڪلائي اسين سامونڊي جهاز ۾ چڙهياسون ۽ هو موٽي پنهنجن گھرن ڏانهن هليا ويا. اسان پنهنجو سفر جاري رکندي صور کان پتلميس شهر ۾ پهتاسون، جتي اسان وشواسين جي خير خيريت معلوم ڪئي ۽ انهن وٽ هڪ ڏينهن رهياسون. ٻئي ڏينهن تي اسين اتان روانا ٿي قيصريہ ۾ اچي پهتاسون، جتي اسين خوشخبري ٻڌائيندڙ فلپس جي گھر وڃي رهياسين، جيڪو انهن ستن ماڻهن مان هڪ هو جن کي يروشلم ۾ سيوا لاءِ چونڊيو ويو هو. انهيءَ کي چار ڪنواريون ڌيئر هيون جيڪي ايشور جو سنديش ڏينديون هيون. اتي اسين ڪيترائي ڏينهن رهياسون، تڏهن مسيح تي وشواس رکندڙ اگبس نالي هڪڙو شخص جيڪو ايشور جو سنديش ڏيندو هو، سو يهوديہ مان اتي اچي پهتو. هن اسان وٽ اچي پولس کان ڪمربند ورتو ۽ پنهنجا هٿ پير ٻڌي چوڻ لڳو تہ ”پوِتر آتما جو چوڻ آهي تہ جنهن ماڻهوءَ جو هي ڪمربند آهي، تنهن کي يروشلم ۾ يهودي هن طرح ٻڌي غير قومن جي حوالي ڪندا.“ جڏهن اسان اهو ٻڌو تڏهن کان اسين ۽ اتان جا وشواسي پولس کي منٿ ڪندي چوندا رهياسين تہ ”مهرباني ڪري اوهين يروشلم ڏانهن نہ وڃو.“ پر هن جواب ڏنو تہ ”اوهين روئي رڙي منهنجي دل ڇو ٿا ڀڃو؟ آءٌ يروشلم ۾ نہ رڳو پرڀو يسوع جي واسطي ٻڌجڻ لاءِ، بلڪ اتي مرڻ لاءِ بہ تيار آهيان.“ جڏهن اسين کيس مڃائي نہ سگھياسين، تڏهن اسان ايترو چئي بس ڪئي تہ ”جيڪا پرميشور جي مرضي.“ انهن ڏينهن کان پوءِ اسين پنهنجو سامان سڙو ٻڌي يروشلم ڏانهن روانا ٿياسون. قيصريہ شهر جا ڪي وشواسي بہ اسان سان گڏ هليا، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي يروشلم ۾ مناسون نالي هڪڙي شخص جي گھر وٺي هلن جنهن وٽ اسان کي رهڻو هو. هو قبرص ٻيٽ جو رهاڪو ۽ هڪ جھونو وشواسي هو. جڏهن اسين يروشلم ۾ پهتاسون تہ اتي وشواسين اسان جو وڏي خوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪيو. ٻئي ڏينهن تي پولس اسان سان گڏجي يعقوب سان ملڻ هليو، جتي وشواسي منڊليءَ جا سڀيئي اڳواڻ بہ ويٺا هئا. پولس انهن کي نمسڪار ڪرڻ بعد اهي سڀيئي ڪم تفصيل سان ٻڌائڻ لڳو، جيڪي ايشور سندس معرفت غير قومن ۾ ڪيا هئا. جڏهن هنن اهو ٻڌو تڏهن ايشور جي مهما ڪرڻ لڳا. پوءِ چيائونس تہ ”ادا! اوهان کي سڌ آهي تہ يهودين منجھان هزارين ماڻهن يسوع مسيح تي وشواس آندو آهي، جيڪي موسيٰ جي نيم تي ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان عمل ڪري رهيا آهن. پر اوهان جي باري ۾ کين ٻڌايو ويو آهي تہ غير قومن جي علائقن ۾ جيڪي يهودي آهن، تن سڀني کي اوهين اها سکيا ٿا ڏيو تہ موسيٰ جي نيم کان ڦري وڃن، ٻارن جو ختنو نہ ڪرائين ۽ پنهنجين ريتن رسمن تي نہ هلن. پوءِ هاڻي ڇا ڪجي؟ ڇو تہ هنن کي اوهان جي اچڻ جي ضرور خبر پوندي. تنهنڪري هاڻي جيئن اسين چئون تيئن ڪريو. اسان وٽ چار ماڻهو اهڙا آهن جن کي باسيل باس پوري ڪرڻي آهي. سو هاڻي اوهين انهن سان گڏجي وڃي پوِتر ٿيڻ جي رسم ۾ شريڪ ٿيو ۽ انهن جو خرچ بہ اوهين ڀريو تہ هو پنهنجا مٿا ڪوڙائين. اهڙيءَ طرح سڀيئي ماڻهو ڄاڻي وٺندا تہ جيڪي ڳالهيون اوهان بابت کين ٻڌايون ويون آهن سي سڀ ڪوڙيون آهن، بلڪ اوهين تہ پاڻ نيم تي عمل ڪريو ٿا ۽ ان تي پوريءَ طرح ڪاربند آهيو. باقي رهيا غير قوم وارا جن يسوع مسيح تي وشواس آندو آهي، تن کي اسين فيصلو ڪري لکي موڪلي چڪا آهيون تہ ’اوهين اهو کاڌو نہ کائو، جيڪو بتن تي ٻليدان ڪيو ويو هجي، نڪي رت ۽ انهيءَ جانور جو گوشت کائو جنهن کي گھُٽي ماريو ويو هجي ۽ زنا کان پري ڀڄو.‘“ سو ٻئي ڏينهن تي پولس انهن چئن ماڻهن کي ساڻ وٺي ويو ۽ انهن سان گڏ پاڻ کي پوِتر ڪري هيڪل ۾ اچي اهو ڏينهن ٻڌايائين جڏهن سندن پوِتر ٿيڻ جو وقت پورو ٿيندو ۽ هر هڪ لاءِ ٻليدان پيش ڪيو ويندو. جڏهن پوِتر ٿيڻ جا اهي ست ڏينهن پورا ٿيڻ تي هئا، تڏهن آسيا صوبي جي ڪن يهودين پولس کي هيڪل ۾ ڏٺو. سو هنن سڄي خلق کي ڀڙڪائي اچي کيس پڪڙيو. انهن واڪا ڪري ٿي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! مدد ڪريو. هي اهو ماڻهو آهي جيڪو جتي ڪٿي وڃي سڀني ماڻهن کي اسان جي قوم، موسيٰ جي نيم ۽ هن هيڪل جي خلاف سکيا ڏئي ٿو. هاڻي وري هن ڪن غير قوم وارن کي هن پوِتر هيڪل ۾ آڻي ان کي اپوِتر ڪيو آهي.“ هنن اهو انهيءَ ڪري چيو جو اِفسس جي هڪ شخص تروفيمس کي شهر ۾ پولس سان گڏ ڏٺو هئائون ۽ سمجھيو هئائون تہ پولس کيس هيڪل ۾ وٺي آيو آهي. سو سڄي شهر ۾ گوڙ مچي ويو. ماڻهو ڊوڙي اچي گڏ ٿيندا ويا ۽ پولس کي پڪڙي هيڪل مان گهلي ٻاهر ڪڍي ويا ۽ پوءِ هڪدم در بند ڪيا ويا. هو پولس کي مارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا تہ ايتري ۾ رومي پلٽڻ جي ڪپتان کي خبر پئجي ويئي تہ سڄي يروشلم ۾ هنگامو ٿي پيو آهي. سو جلد ئي ڪپتان ڪجھہ آفيسر ۽ سپاهي ساڻ ڪري گوڙ ڏانهن ڪاهي پيو. جڏهن ماڻهن کيس سپاهين سميت ايندي ڏٺو، تڏهن پولس کي ڌڪن هڻڻ کان بس ڪيائون. ڪپتان ويجھو اچي پولس کي گرفتار ڪيو ۽ حڪم ڏنائين تہ ”هن کي ٻن هٿڪڙين سان ٻڌو وڃي.“ پوءِ ماڻهن کان پڇا ڪرڻ لڳو تہ ”هي شخص ڪير آهي ۽ ڪهڙو ڏوهہ ڪيو اٿس؟“ انهيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون هيون، ڪن واڪو ڪري هڪ ڳالهہ پئي ڪئي تہ ڪن وري ٻي ڳالهہ. ايترو تہ گوڙ هو جو حقيقت جي خبر ئي نہ پئي پيس. تنهنڪري هن حڪم ڏنو تہ ”هن کي قلعي ۾ وٺي هلو.“ جڏهن اهي قلعي جي ڏاڪڻ وٽ پهتا تہ ميڙ جي زور زبردستيءَ سبب سپاهين کي پولس کڻي وڃڻو پيو. جڏهن تہ ماڻهن جو ميڙ پٺيان واڪا ڪندو پئي آيو تہ ”ماري ڇڏيوس! ماري ڇڏيوس!“ جڏهن هو کيس قلعي ۾ بند ڪرڻ وارا هئا تہ پولس ڪپتان کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ ڪجھہ چئي سگھان ٿو؟“ تنهن تي هن چيس تہ ”تو کي يوناني ٻولي بہ اچي ٿي ڇا؟ ڇا تون اهو مصري تہ نہ آهين، جيڪو ڪجھہ ڏينهن اڳ بغاوت ڪري چار هزار خوني وٺي بيابان ڏانهن هليو ويو هئين؟“ پولس جواب ۾ چيس تہ ”آءٌ هڪ يهودي آهيان ۽ ڪلڪيا صوبي جي مشهور شهر ترسس جو ويٺل آهيان. منهنجي وينتي آهي تہ مهرباني ڪري مون کي آگيا ڏيو تہ آءٌ ماڻهن سان ڳالهايان.“ جڏهن ڪپتان آگيا ڏنس تڏهن پولس ڏاڪڻ تي بيهي هٿ جي اشاري سان ماڻهن کي خاموش ٿيڻ لاءِ چيو. جڏهن ماٺ ٿي ويئي تڏهن پولس عبراني ٻوليءَ ۾ کين چوڻ لڳو تہ ”اي ڀائرو ۽ وڏڙؤ! ٻڌو، هاڻي آءٌ اوهان کي پنهنجي صفائيءَ ۾ ڪجھہ چوان ٿو.“ جڏهن انهن کيس عبرانيءَ ۾ ڳالهائيندي ٻڌو تہ وڌيڪ خاموش ٿي ويا ۽ پولس پنهنجو بيان جاري رکندي چيو تہ ”آءٌ هڪ يهودي آهيان ۽ ڪلڪيا جي شهر ترسس ۾ پيدا ٿيس. آءٌ هتي يروشلم ۾ ئي وڌي وڏو ٿيس ۽ گملي‌ايل وٽان سکيا حاصل ڪئي اٿم. هن مون کي وڏن جي نيم جي بہ مڪمل سکيا ڏني. جهڙيءَ طرح اوهين سڀيئي اڄ ايشور جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آهيو، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ هوندو هئس. انهيءَ ڪري آءٌ يسوع جي رستي تي هلڻ وارن ڪيترن ئي مردن توڙي نارين کي ٻڌرائي جيلن ۾ وجھرائيندو هئس. مون کين ايتري قدر ستايو جو ڪن کي مارائي بہ ڇڏيو هو. وڏو سردار ڪاهن بلڪ يهودين جي سڄي پئنچائت هن ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي سگھي ٿي تہ آءٌ سچ ٿو ڳالهايان. انهن ئي مون کي دمشق جي يهودي ڀائرن لاءِ خط لکي ڏنا، جيڪي کڻي آءٌ اوڏانهن روانو ٿيس تہ جيئن اتي بہ يسوع جي رستي تي هلڻ وارن کي ٻڌي يروشلم ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي اچان.“ ”جڏهن آءٌ سفر ڪندو دمشق کي ويجھو ٿيس تڏهن منجھند ڌاري اوچتو ئي اوچتو آڪاش مان هڪڙي تجليدار روشني منهنجي چوڌاري چمڪڻ لڳي. تنهن تي آءٌ زمين تي ڪري پيس ۽ هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيم تہ ’سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟‘ مون جواب ڏيندي چيو تہ ’اي سوامي! اوهين ڪير آهيو؟‘ هن مون کي چيو تہ ’آءٌ يسوع ناصري آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو.‘ جيڪي ماڻهو مون سان گڏ هئا تن اها روشني تہ ڏٺي، پر جنهن مون سان ڳالهايو ٿي، تنهن جو آواز ڪونہ ٻڌائون. مون کانئس پڇيو تہ ’اي پرڀو! آءٌ ڇا ڪريان؟‘ تنهن تي پرڀوءَ مون کي چيو تہ ’اُٿي دمشق ڏانهن وڃ. اتي تو کي اهو سڀ ڪجھہ ٻڌايو ويندو، جيڪو تنهنجي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.‘ آءٌ انهيءَ روشنيءَ جي چمڪ جي ڪري انڌو ٿي پيس، سو منهنجا سنگتي ساٿي مون کي هٿ کان وٺي دمشق ۾ آيا. اتي حننياہ نالي هڪڙو ماڻهو هو، جيڪو دمشق جي سڀني يهودين ۾ وڏي مانوارو ۽ موسيٰ جي نيم موجب ڌرمچاري هو. هو مون وٽ آيو ۽ ڀرسان بيهي چيائين تہ ’ادا سائول! ديد وٺ.‘ انهيءَ دم مون کي وري ديد ملي ويئي ۽ مون کيس ڏٺو. پوءِ هن چيو تہ ’اسان جي ابن ڏاڏن جي ايشور تو کي انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي تہ تون سندس مرضي ڄاڻي وٺين ۽ سندس سچار کي ڏسين ۽ کيس ڳالهائيندي ٻڌين. پوءِ جيڪي تو ڏٺو ۽ ٻڌو هوندو، تنهن بابت تون سڀني ماڻهن جي اڳيان سندس شاهد ٿيندين. تہ پوءِ دير ڇا جي؟ اُٿي ۽ سندس نالو وٺي بپتسما وٺ تہ تنهنجا پاپ ڌوپي وڃن.‘ پوءِ آءٌ موٽي يروشلم ۾ آيس ۽ جڏهن هيڪل ۾ پرارٿنا ڪري رهيو هئس تہ مون کي درشن ڏنو ويو، جنهن ۾ مون پرڀو يسوع کي ڏٺو. هو مون کي چئي رهيو هو تہ ’جلدي ڪر، يروشلم مان هڪدم نڪري وڃ، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو مون بابت تنهنجي شاهدي قبول نہ ڪندا.‘ تنهن تي مون کيس چيو تہ ’اي پرڀو! هو پاڻ ڄاڻين ٿا تہ جيڪي تو تي وشواس آڻيندا هئا، تن کي آءٌ جتي ڪٿي يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ وڃي پڪڙي جيل ۾ وجھرائيندو هئس ۽ مار ڏياريندو هئس. جنهن وقت تنهنجي شاهد استيفنس جو رت ٿي وهايو ويو، تنهن وقت آءٌ بہ اتي بيٺو هئس ۽ انهيءَ ڳالهہ ۾ راضي هئس ۽ جن کيس ماريو پئي تن جي ڪپڙن جي مون سنڀال پئي ڪئي.‘ پوءِ پرڀو يسوع مون کي چيو تہ ’هتان روانو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي غير قومن ڏانهن پري پري موڪليندس.‘“ ايستائين تہ ميڙ وارا پولس جي ڳالهہ ٻڌندا رهيا، پر هاڻ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”هن ماڻهوءَ کي ختم ڪري ڇڏيو! اهڙو ماڻهو سنسار ۾ رهڻ جي لائق نہ آهي!“ جڏهن هو واڪا ڪرڻ، ڪپڙا اڇلائڻ ۽ ڌوڙ اڏائڻ لڳا، تڏهن ڪپتان پولس بابت حڪم ڏنو تہ ”هن کي قلعي ۾ وٺي وڃو ۽ چهبڪ هڻي سندس زباني بيان وٺو تہ مون کي خبر پوي تہ اهي ڇو هن جي خلاف ايڏيون رڙيون ڪن ٿا.“ جڏهن اهي کيس ٻڌي چهبڪ هڻڻ تي هئا تہ پولس اتي بيٺل صوبيدار کي چيو تہ ”ڇا اوهان لاءِ اهو جائز آهي جو ڏوهہ ثابت ٿيڻ کان سواءِ اوهين ڪنهن روميءَ کي چهبڪ هڻايو؟“ اهو ٻڌي صوبيدار سڌو ڪپتان وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”اوهين هي ڇا ڪري رهيا آهيو؟ هي ماڻهو تہ رومي آهي.“ تنهن تي ڪپتان پولس وٽ آيو ۽ پڇيائينس تہ ”سچ ٻڌاءِ، تون رومي آهين ڇا؟“ پولس جواب ڏنو تہ ”هائو.“ تنهن تي ڪپتان چيس تہ ”مون تہ تمام وڏي رقم ڏيئي رومي ٿيڻ جا حق حاصل ڪيا آهن.“ پر پولس چيس تہ ”آءٌ تہ ڄائي ڄم کان رومي آهيان.“ پوءِ جيڪي پولس جو زباني بيان وٺڻ آيا هئا، سي کيس هڪدم ڇڏي پري ٿي بيٺا. ڪپتان کي بہ جڏهن اها خبر پيئي تہ هو رومي آهي تہ هو ڏاڍو ڊڄي ويو جو هن کيس زنجيرن ۾ ٻڌرايو هو. تنهن هوندي بہ ڪپتان جي مرضي هئي تہ هو ڏسي پڪ ڪري تہ يهودي پولس تي ڪهڙا الزام هڻن ٿا. سو هن ٻئي ڏينهن تي پولس جون هٿڪڙيون لهرايون ۽ حڪم ڏنائين تہ ”سڀ سردار ڪاهن بلڪ يهودين جي سڄي پئنچائت گڏ ٿئي.“ پوءِ هن پولس کي وٺي انهن جي اڳيان آڻي بيهاريو. پولس پئنچائت وارن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! اڄ تائين مون پنهنجو سڄو جيون ايشور جي شرڻ ۾ پوري نيڪ نيتيءَ سان پئي گذاريو آهي.“ تنهن تي وڏي سردار ڪاهن حننياہ اتي بيٺل ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”هن کي وات وارو ڌڪ هڻو.“ تڏهن پولس هن کي چيو تہ ”ايشور تو کي ئي ڌڪ هڻندو، اي اندر جا ڪارا! تون تہ منهنجو فيصلو موسيٰ جي نيم موجب ڪرڻ ويٺو آهين. پوءِ ڇو نيم جي خلاف مون کي مار ڏيارڻ جو حڪم ٿو ڏئين؟“ تنهن تي جيڪي ماڻهو پولس جي ڀرسان بيٺا هئا، تن چيس تہ ”تون ايشور جي وڏي سردار ڪاهن کي گھٽ وڌ ٿو ڳالهائين!“ پولس وراڻيو تہ ”اي ڀائرؤ! مون نہ ٿي ڄاتو تہ هو وڏو سردار ڪاهن آهي. پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’تون پنهنجي قوم جي سردار جي گلا نہ ڪر.‘“ جڏهن پولس ڏٺو تہ پئنچائت ۾ ڪي صدوقي ۽ ڪي فريسي آهن، تڏهن هن وڏي آواز سان چيو تہ ”اي ڀائرؤ! آءٌ فريسي ۽ فريسين جو اولاد آهيان. هتي مون تي ڪيس هلايو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ منهنجو اهو يقين آهي تہ جيڪي مري ويا آهن سي وري جيوت ٿي اٿندا.“ جڏهن هن اها ڳالهہ چئي تہ فريسي ۽ صدوقي پاڻ ۾ جھيڙو ڪرڻ لڳا ۽ پئنچائت ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي. اهو انهيءَ ڪري ٿيو جو صدوقي نہ دوتن کي مڃيندا آهن، نڪي آتمائن کي ۽ نہ ئي وري جيوت ٿيڻ کي، جڏهن تہ فريسي اهي سڀ ڳالهيون مڃيندا آهن. سو گوڙ وڌندو ويو، تان جو ڪي نيم شاستري جيڪي فريسين مان هئا، سي اُٿي بيٺا ۽ سختيءَ سان اعتراض ڪرڻ لڳا تہ ”اسين هن شخص ۾ ڪوبہ ڏوهہ نہ ٿا ڏسون. جيڪڏهن ڪنهن آتما يا ڪنهن دوت ساڻس ڳالهايو هوندو تہ پوءِ ڇا ٿيو؟“ جڏهن جھيڙو وڌي ويو تڏهن ڪپتان کي اچي خوف ورتو تہ متان ماڻهو پولس کي ماري ڳڀا ڳڀا نہ ڪري ڇڏين. سو سپاهين کي حڪم ڏنائين تہ ”وڃي گوڙ مان کيس زوريءَ وٺي قلعي ۾ آڻيو.“ جڏهن رات ٿي تڏهن پولس کي پرڀو يسوع پنهنجي ڀرسان بيٺل نظر آيو جنهن چيس تہ ”دلجاءِ ڪر، جيئن تو يروشلم ۾ منهنجي لاءِ شاهدي ڏني آهي تيئن ئي روم ۾ بہ تو کي منهنجي لاءِ شاهدي ڏيڻي آهي.“ ٻئي ڏينهن صبح جو ڪي يهودي اچي گڏ ٿيا ۽ هڪ سازش سِٽيائون. انهن پاڻ ۾ قسم کنيو تہ ”جيستائين اسين پولس کي نہ مارينداسين، تيستائين اسين ڪابہ شيءِ نہ کائينداسين نہ پيئنداسين.“ جن يهودين گڏجي اها سازش سِٽي هئي، سي چاليهن کان وڌيڪ هئا. پوءِ اهي سردار ڪاهنن ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن وٽ ويا ۽ چيائون تہ ”اسان گڏجي قسم کنيو آهي تہ جيستائين پولس کي نہ ماريون، تيستائين ڪابہ شيءِ نہ کائينداسون. سو هاڻي اوهين پئنچائت وارا گڏجي بهانو ڪري ڪپتان کي وينتي ڪريو تہ هو پولس کي وڌيڪ جاچ لاءِ اوهان وٽ موڪلي. پوءِ اوهان وٽ پهچڻ کان اڳواٽ ئي اسين کيس ماري وجھنداسون.“ پر پولس جي ڀاڻيجي جڏهن انهيءَ سازش بابت ٻڌو، تڏهن قلعي ۾ اچي پولس کي اها ڳالهہ ٻڌايائين. تنهن تي پولس صوبيدارن مان هڪڙي کي پاڻ وٽ سڏي وينتي ڪئي تہ ”هن جوان کي ڪپتان وٽ وٺي وڃو، جو کيس ڪجھہ چوڻو آهي.“ اهو صوبيدار انهيءَ جوان کي ڪپتان وٽ وٺي ويو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”قيديءَ پولس مون کي سڏ ڪري وينتي ڪئي تہ هن جوان کي اوهان وٽ وٺي اچان، جو کيس اوهان سان ڪجھہ ڳالهائڻو آهي.“ ڪپتان انهيءَ جوان کي هٿ کان وٺي پاسي تي نويڪلائيءَ ۾ وٺي ويو ۽ پڇيائينس تہ ”تو کي مون سان ڇا ڳالهائڻو آهي؟“ تنهن تي هن چيو تہ ”يهودين پاڻ ۾ سازش سِٽي آهي تہ اوهان کي وينتي ڪن تہ ’سڀاڻي پولس کي پئنچائت ۾ وٺي اچو، تہ جيئن اسين هن بابت وڌيڪ صحيح جاچ ڪريون.‘ پر اوهين سندن چيو نہ مڃجو، ڇاڪاڻ تہ چاليهن کان بہ وڌيڪ يهودي ماڻهو رستي تي لڪي ويهندا، جن قسم کنيو آهي تہ جيستائين هو پولس کي نہ ماريندا، تيستائين نڪي کائيندا نڪي پيئندا. سو هو هاڻي سنبريا ويٺا آهن، رڳو اوهان جي فيصلي جو انتظار اٿن.“ تنهن تي ڪپتان چيس تہ ”تون ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجانءِ تہ اهي ڳالهيون تو مون سان ڪيون آهن.“ پوءِ جوان کي موڪل ڏيئي ڇڏيائين. پوءِ ڪپتان ٻن صوبيدارن کي پاڻ وٽ گھرائي حڪم ڏنو تہ ”ٻہ سؤ سپاهي، ستر گھوڙيسوار ۽ ٻہ سؤ نيزي‌بردار تيار ڪريو تہ جيئن رات جو نائين بجي تائين اوهين قيصريہ ڏانهن روانا ٿي وڃو.“ کين هي بہ چيائين تہ ”پولس جي سواريءَ لاءِ گھوڙن جو انتظام ڪجو، تہ جيئن هن کي گورنر فِيلڪس وٽ صحيح سلامت وٺي وڃجي.“ پوءِ ڪپتان کين هي خط لکي ڏنو تہ ”جناب گورنر فِيلڪس صاحب بهادر! آءٌ ڪلوديُس لوسياس نمسڪار بعد وينتي ٿو ڪريان تہ هن ماڻهوءَ کي يهودين پڪڙيو هو ۽ ذري گھٽ مارڻ تي هئس جو آءٌ سپاهين کي وٺي وڃي اتي پهتس ۽ يهودين کان بچايومانس، ڇاڪاڻ تہ مون کي خبر پئجي ويئي تہ هو رومي آهي. مون کيس يهودين جي وڏي پئنچائت ۾ پيش ڪيو، تہ جيئن مون کي خبر پوي تہ اهي مٿس ڪهڙو الزام ٿا هڻن. پوءِ مون کي خبر پيئي تہ يهودين پنهنجي نيم جي ئي ڳالهين ڪري هن تي تهمت هنئي آهي. پر ڪو اهڙو ڏوهہ نہ ڪيو اٿس جو کيس موت يا قيد جي سزا ڏجي. هاڻ جڏهن مون کي خبر پيئي تہ هن ماڻهوءَ جي خلاف هڪ سازش سِٽي ويئي آهي، تڏهن کيس هڪدم اوهان ڏانهن ڏياري موڪليم ۽ سندس مخالفن کي حڪم ڏنم تہ جيڪڏهن انهن کي هن جي خلاف ڪجھہ چوڻو آهي تہ اوهان وٽ اچي چون.“ پوءِ جيئن سپاهين کي حڪم ڏنو ويو، تيئن ئي اهي پولس کي راتوواهہ انتيپترس ۾ وٺي آيا. ٻئي ڏينهن تي پولس کي گھوڙيسوارن سان گڏ اڳتي روانو ڪرڻ کان پوءِ پيادا سپاهي قلعي ڏانهن موٽي ويا. گھوڙيسوار سپاهين قيصريہ ۾ پهچي گورنر کي خط ڏنو ۽ پولس کي بہ سندس اڳيان پيش ڪيائون. گورنر خط پڙهيو ۽ پڇيائين تہ ”اهو ماڻهو ڪهڙي صوبي جو رهاڪو آهي؟“ جڏهن کيس خبر پيئي تہ هو ڪلڪيا جو رهاڪو آهي، تڏهن پولس کي چيائين تہ ”آءٌ تنهنجو بيان انهيءَ مهل وٺندس، جڏهن تنهنجا مخالف بہ پهچندا.“ پوءِ هن حڪم ڏنو تہ ”هن کي گورنر واري محلات ۾ پهري هيٺ رکيو وڃي.“ پنجن ڏينهن کان پوءِ وڏو سردار ڪاهن حننياہ يهودي پئنچائت جي ڪن ٻين چڱن مڙسن ۽ ترطلس نالي هڪ وڪيل سان گڏجي قيصريہ ۾ آيو. اهي گورنر فِيلڪس اڳيان حاضر ٿيا ۽ پولس تي تهمتون هڻڻ لڳا. جڏهن پولس کي سڏايو ويو تہ ترطلس هن تي الزام هڻندي چيو تہ ”جناب فِيلڪس صاحب بهادر! اسين سائين جن جي ڪري ڏاڍي امن وَ شانتيءَ ۾ ٿا گذاريون ۽ اوهان جي دورانديشيءَ سبب هن قوم جي لاءِ ڪيترائي سڌارا ٿيا آهن. جنابِ اعليٰ! اسين هر طرح ۽ هر جاءِ وڏي شڪرگذاريءَ سان اوهان جا ٿورائتا آهيون. آءٌ اوهان کي وڌيڪ تڪليف نہ ٿو ڏيان، پر وينتي ٿو ڪريان تہ مهرباني ڪري اسان جون رڳو ٻہ ٽي ڳالهيون ٻڌو. هي ماڻهو هڪ وڏو خطرناڪ باغي نڪتو آهي. سنسار جي سڀني يهودين ۾ هن فساد مچايو آهي ۽ ناصرت وارن جي هڪڙي ڀَٽڪيل پنٿ جو اڳواڻ آهي. پوءِ يهودي بہ انهن الزامن هڻڻ ۾ وڪيل سان شامل ٿي ويا ۽ چيائون تہ ”اهي ڳالهيون برابر ائين ئي آهن.“ پوءِ گورنر پولس ڏانهن پنهنجو بيان ڏيڻ لاءِ اشارو ڪيو. تڏهن پولس وراڻيو تہ ”سائين! آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين گھڻن ئي سالن کان وٺي هن قوم جا فيصلا ڪندا ٿا اچو، تنهنڪري آءٌ دلجاءِ سان اوهان جي اڳيان پنهنجي صفائيءَ ۾ بيان ڏيان ٿو. اوهين جاچ ڪري سگھو ٿا تہ ٻارهن ڏينهن بہ مس گذريا هوندا جو آءٌ يروشلم ۾ ڀڳتي ڪرڻ لاءِ ويو هئس. هنن مون کي هيڪل ۾ يا پنهنجين ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ توڙي شهر جي ڪنهن بہ ٻئي هنڌ نڪي ڪنهن سان بحث ڪندي ڏٺو آهي ۽ نہ وري فساد مچائيندي. هو جن ڳالهين جي مون تي هاڻي تهمت ٿا هڻن، تن جي اوهان جي اڳيان ڪا ثابتي بہ ڏيئي نہ ٿا سگھن. آءٌ اوهان جي اڳيان قبول ٿو ڪريان تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي ايشور جي ڀڳتي يسوع واري رستي تي هلندي ڪريان ٿو، جنهن کي هي ڀَٽڪي وڃڻ سمجھن ٿا. آءٌ موسيٰ جي نيم شاستر ۽ سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي لکتن ۾ بيان ڪيل سڀني ڳالهين تي وشواس رکان ٿو. مون کي ايشور ۾ اهڙي ئي اميد آهي جيڪا خود انهن کي بہ آهي تہ ايشور سڀني نيڪن توڙي بدڪارن کي مرڻ کان پوءِ جيوت ڪري اٿاريندو. تنهنڪري آءٌ هميشہ اها ڪوشش ڪندو رهندو آهيان تہ ايشور توڙي ماڻهن جو ڪو قصور نہ ڪريان، جو متان منهنجو ضمير مون تي ڦٽڪار ڪري. آءٌ گھڻن سالن کان پوءِ يروشلم ۾ آيس، تہ جيئن پنهنجي قوم ۾ ڪجھہ دان اچي ڪريان ۽ ايشور آڏو ٻليدان پيش ڪريان. جڏهن مون ائين پئي ڪيو ۽ هيڪل ۾ پوِترتائيءَ جي حالت ۾ هئس، تڏهن هنن مون کي اتي ڪو فساد يا جھيڙو ڪندي نہ ڏٺو. جڏهن تہ اتي آسيا صوبي جا ڪي يهودي بہ موجود هئا، جيڪڏهن کين مون تي ڪا تهمت هڻڻي هجي ها تہ اهي هتي اوهان جي اڳيان حاضر ٿين ها. يا هي ماڻهو ڀلي پاڻ ئي ٻڌائين تہ جڏهن آءٌ يهودي پئنچائت جي اڳيان بيٺو هئس تہ هنن مون ۾ ڪهڙو ڏوهہ ڏٺو، سواءِ هن ڏوهہ جي جو مون سندن وچ ۾ بيهي وڏي واڪي چيو تہ ’اڄ اوهين مون تي انهيءَ ڪري ڪيس ٿا هلايو، جو مون چيو آهي تہ مئل وري جيوت ٿي اٿندا.‘“ جيئن تہ فِيلڪس کي يسوع واري رستي بابت وڌيڪ ڄاڻ هئي، تنهنڪري هن ڪيس جي ٻڌڻي ختم ڪندي چيو تہ ”جڏهن ڪپتان لوسياس ايندو تڏهن آءٌ اوهان جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندس.“ هن پولس جي نگران صوبيدار کي حڪم ڏنو تہ ”هن کي نظربند تہ ڪريو، پر کيس ڪجھہ سهولتون ڏجو ۽ جيڪڏهن هن جا ڪي سنگتي ساٿي سندس سيوا ڪرڻ گھرن تہ کين نہ روڪجو.“ ڪن ڏينهن کان پوءِ فِيلڪس پنهنجي يهودڻ پتني دروسلہ سان گڏجي اتي آيو ۽ پولس کي گھرائي کانئس يسوع مسيح تي وشواس بابت ڳالهيون ٻڌائين. پوءِ جڏهن پولس سچائيءَ، پرهيزگاريءَ ۽ ايندڙ عدالت بابت کين سمجھايو پئي، تڏهن فِيلڪس کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو. سو پولس کي چيائين تہ ”هاڻي تون هليو وڃ ۽ وري جڏهن مون کي واندڪائي ملندي تہ آءٌ تو کي پاڻ وٽ گھرائي وٺندس.“ جيئن تہ فِيلڪس کي اها اميد بہ هئي تہ پولس کيس ڪا رشوت ڏيندو، تنهنڪري هو وري وري کيس سڏائي گفتگو ڪندو هو. پر ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ فِيلڪس جي جاءِ تي پرڪيس فيستس کي گورنر مقرر ڪيو ويو. فِيلڪس پولس کي جيل ۾ ئي ڇڏي هليو ويو، ڇو تہ سندس مرضي هئي تہ انهيءَ طرح هو يهودين کي خوش ڪري. يهوديہ صوبي ۾ پهچڻ کان ٽي ڏينهن پوءِ گورنر فيستس قيصريہ کان يروشلم ڏانهن ويو. سردار ڪاهنن ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن فيستس وٽ وڃي پولس جي خلاف دانهن ڏني ۽ وينتي ڪيائونس تہ ”اوهين مهرباني ڪري پولس کي يروشلم ۾ گھرايو.“ هنن وجھہ پئي ڳوليو تہ پولس کي رستي ۾ ئي ماري ڇڏين. پر فيستس کين جواب ڏنو تہ ”پولس قيصريہ ۾ نظربند آهي ۽ آءٌ پاڻ اوڏانهن وڃڻ وارو آهيان. اوهان مان جيڪي چڱا مڙس آهن، سي مون سان گڏجي هلن ۽ جيڪڏهن انهيءَ ماڻهوءَ ڪو ڏوهہ ڪيو هوندو تہ پوءِ ڀلي مٿس الزام هڻن.“ فيستس اٽڪل اٺ ڏهہ ڏينهن اتي گذاريا ۽ پوءِ قيصريہ ڏانهن هليو ويو. ٻئي ڏينهن تي جج جي ڪرسيءَ تي ويهي حڪم ڏنائين تہ ”پولس کي آندو وڃي.“ جڏهن پولس پهتو تڏهن يهودي جيڪي يروشلم کان آيا هئا، سي چوگرد ڦري آيس ۽ مٿس گھڻيون ئي سخت تهمتون هڻڻ لڳا. پر هو انهن جي ڪا ثابتي ڏيئي نہ سگھيا. پولس پنهنجي صفائيءَ ۾ چيو تہ ”مون يهودين جي نيم جو، هيڪل جو يا قيصر جو ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ڪيو آهي.“ فيستس يهودين کي راضي ڪرڻ لاءِ پولس کان پڇيو تہ ”ڇا تون يروشلم ڏانهن هلندين تہ جيئن اتي منهنجي اڳيان هنن ڳالهين جو فيصلو ٿئي؟“ پولس وراڻيو تہ ”آءٌ قيصر جي ڪورٽ اڳيان بيٺو آهيان، تنهنڪري منهنجو فيصلو بہ هتي ٿيڻ گھرجي. اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ مون يهودين جو ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ڪيو آهي. جيڪڏهن آءٌ ڏوهاري آهيان ۽ موت جي سزا جوڳو ڪم ڪيو اٿم تہ مون کي مرڻ کان انڪار ڪونہ آهي. پر جن ڳالهين جي اهي مون تي تهمت هڻن ٿا، سي سچيون ڪين آهن. پوءِ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي اهو حق نہ آهي تہ هو مون کي انهن جي حوالي ڪري. تنهنڪري آءٌ قيصر وٽ اپيل ٿو ڪريان.“ تنهن تي فيستس پنهنجي صلاحڪارن سان صلاح مشورو ڪري وراڻيو تہ ”تو قيصر وٽ اپيل ڪئي آهي، تنهنڪري تو کي قيصر وٽ وڃڻو پوندو.“ ڪن ڏينهن کان پوءِ اگرپا راجا ۽ سندس ڀيڻ برنيڪي قيصريہ ۾ فيستس سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيا ۽ ڪيترائي ڏينهن اتي رهي پيا. تڏهن فيستس پولس جي ڪيس جو احوال راجا کي ٻڌائيندي چيو تہ ”هڪڙو شخص آهي، جنهن کي فِيلڪس جيل ۾ ڇڏي هليو ويو آهي. جڏهن آءٌ يروشلم ۾ هئس تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ جي خلاف سردار ڪاهنن ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن مون کي دانهن ڏني هئي ۽ وينتي ڪئي هئائون تہ آءٌ کيس سزا ڏيان. پر مون کين جواب ڏنو تہ جيستائين جوابدار فريادين جي روبرو نہ ٿئي ۽ جيڪو الزام هو مٿس هڻن ٿا تنهن جي صفائيءَ ۾ بيان ڏيڻ جو موقعو نہ مليس، تيستائين کيس سزا ڏيڻ رومين جي دستور ۾ نہ آهي. سو جڏهن هو هتي اچي گڏ ٿيا تڏهن مون دير ڪانہ ڪئي، بلڪ ٻئي ڏينهن تي ڪورٽ ۾ جج جي ڪرسيءَ تي ويهي حڪم ڏنو تہ ’انهيءَ ماڻهوءَ کي وٺي اچو.‘ پر جڏهن سندس مخالف اُٿي بيٺا، تڏهن انهن مٿس اهڙو ڪوبہ الزام ڪونہ هنيو جن ڏوهن جو مون کي گمان هو. پر هنن ساڻس پنهنجي ڌرم ۽ يسوع نالي هڪڙي شخص بابت تڪرار ٿي ڪيو، جيڪو مري ويو هو پر پولس چوي ٿو تہ هو جيوت آهي. مون کي سمجھہ ۾ نہ آيو تہ انهن ڳالهين جي صحيح جاچ ڪيئن ڪجي. تنهنڪري مون پولس کان پڇيو تہ ’ڇا تون يروشلم ڏانهن وڃڻ ۾ راضي آهين تہ جيئن اتي انهن ڳالهين جو فيصلو ٿئي؟‘ پر جڏهن پولس اپيل ڪئي تہ سندس ڪيس جو فيصلو قيصر جي ڪورٽ ۾ ٿئي، تڏهن مون حڪم ڏنو تہ جيستائين آءٌ کيس قيصر ڏانهن نہ موڪليان تيستائين هو نظربند رهي.“ تنهن تي اگرپا فيستس کي چيو تہ ”آءٌ بہ انهيءَ ماڻهوءَ جون ڳالهيون سندس زباني ٻڌڻ چاهيان ٿو.“ فيستس کيس وراڻيو تہ ”اوهين سڀاڻي ئي کڻي هن جون ڳالهيون ٻڌجو.“ ٻئي ڏينهن تي اگرپا ۽ برنيڪي وڏي شان وَ شوڪت سان درٻار هال ۾ داخل ٿيا. هنن سان فوجي ڪپتان ۽ مانوارا شهري بہ ساڻ هئا. تڏهن فيستس جي حڪم تي پولس کي پيش ڪيو ويو. پوءِ فيستس چوڻ لڳو تہ ”اي راجا اگرپا ۽ درٻار ۾ موجود مانوارؤ! هن شخص ڏانهن ڏسو، جنهن بابت يهودين جي سڄي خلق هتي قيصريہ ۾ ۽ يروشلم ۾ مون وٽ فرياد ڪيو ۽ واڪا ڪري چيائون تہ ’هن ماڻهوءَ کي جيوت نہ ڇڏيو.‘ پر مون کي خبر پيئي تہ هن شخص اهڙو ڪوبہ ڏوهہ نہ ڪيو آهي جو کيس موت جي سزا ڏجي. هن پاڻ قيصر وٽ اپيل ڪئي، جنهن ڪري مون فيصلو ڪيو تہ کيس اوڏانهن موڪليان. پر هن بابت ڪابہ پڪي ڄاڻ نہ آهي، جيڪا آءٌ قيصر ڏانهن لکي موڪليان. تنهنڪري مون هن کي اوهان سڀني جي اڳيان ۽ خاص ڪري اي راجا اگرپا! اوهان جي اڳيان حاضر ڪيو اٿم. سو اوهين هن ڪيس جي جاچ ڪريو تہ جيئن آءٌ ڪجھہ لکي سگھان. مون لاءِ اهو واجب نہ آهي جو آءٌ هڪ قيديءَ کي تہ موڪليان، پر مٿس جيڪي الزام لڳل آهن، تن بابت چٽيءَ طرح سان نہ لکان.“ تڏهن اگرپا پولس کي چيو تہ ”تو کي آگيا آهي تہ تون پنهنجي پاران ڪجھہ چئُہ.“ پولس هٿ جو اشارو ڪندي پنهنجي صفائيءَ ۾ هي بيان ڏنو تہ ”اي راجا اگرپا! آءٌ پاڻ کي ڀاڳ وارو ٿو سمجھان جو اڄ اوهان جي اڳيان انهن ڳالهين جي صفائيءَ ۾ بيان ڏيڻو اٿم جن جي يهودين مون تي تهمت هنئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهين تہ يهودين جي سڀني ريتن رسمن ۽ ڌرمي تڪرارن کان چڱيءَ طرح واقف آهيو. سو منهنجي اوهان کي خاص وينتي آهي تہ مهرباني ڪري منهنجو بيان صبر سان ٻڌو. سڀيئي يهودي ڄاڻين ٿا تہ ننڍپڻ کان وٺي مون پنهنجو جيون پنهنجي ديس ۽ يروشلم شهر ۾ ڪيئن گذاريو آهي. هائو، گھڻي عرصي کان وٺي اهي مون کي ڄاڻين ٿا ۽ جيڪڏهن مرضي هجين تہ شاهدي ڏين تہ ڪيئن آءٌ پنهنجي ڌرم جي سڀني کان سخت پابند پنٿ فريسيءَ موجب جيون گذاريندو هئس. سو هاڻي مون کي انهيءَ وچن جي اميد جي ڪري هتي ڪورٽ ۾ آڻي بيهاريو اٿن، جيڪو ايشور اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو. انهيءَ وچن جي پوري ٿيڻ جي اميد تي اسان جا ٻارهن ئي قبيلا تن ۽ من سان ڏينهن رات ايشور جي ڀڳتي ڪندا رهندا آهن. اي راجا اگرپا! انهيءَ اميد جي ڪري ئي يهودي مون تي تهمتون هڻن ٿا. هاڻ اي يهوديو‌ٔ! آءٌ اوهان کان پڇان ٿو تہ اوهان کي اها ڳالهہ ناممڪن ڇو ٿي لڳي تہ ايشور مئلن کي وري جيوت ڪري اٿاري ٿو؟ ڪنهن وقت آءٌ پاڻ ائين سمجھندو هئس تہ يسوع ناصريءَ جي سخت مخالفت ڪرڻ منهنجو فرض آهي. سو يروشلم ۾ آءٌ ائين ئي ڪندو هئس. سردار ڪاهنن کان اختياري وٺي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ڪيترن ئي ماڻهن کي جيل ۾ وجھرائيندو هئس ۽ کين قتل ڪرائڻ لاءِ انهن جي خلاف پنهنجو رايو بہ ڏيندو هئس. يهودين جي سڀني ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ گھڻا ئي دفعا انهن کي سزا ڏياري زوريءَ کانئن يسوع مسيح جي نندا ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس، بلڪ انهن جي خلاف اهڙو تہ ڇتو ٿي لڳو هئس جو ٻاهرين شهرن ۾ بہ وڃي کين ستائيندو هئس.“ ”انهيءَ ئي ڪم لاءِ هڪڙي دفعي آءٌ سردار ڪاهنن کان اختياريءَ جو حڪم‌نامو وٺي دمشق ڏانهن پئي ويس. اهو منجھند جو وقت هو، تڏهن، اي راجا اگرپا! رستي ويندي مون آڪاش مان هڪڙي روشني ڏٺي جيڪا سج کان بہ وڌيڪ تجليدار هئي، سا مون تي ۽ منهنجي ساٿين تي اچي چمڪي. اسين سڀ زمين تي ڪري پياسين تہ ان وقت مون عبراني ٻوليءَ ۾ هڪ آواز ٻڌو تہ ’سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟ ڏاند وانگر پنهنجي مالڪ جي لٺ آڏو لت کڻي تون پاڻ کي نقصان ڇو ٿو پهچائين؟‘ مون پڇيو تہ ’اي سوامي! اوهين ڪير آهيو؟‘ تنهن تي هن وراڻيو تہ ’آءٌ يسوع آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو. پر هاڻي اُٿ ۽ سڌو ٿي بيهہ. مون هن مقصد لاءِ تو کي درشن ڏنو آهي تہ آءٌ تو کي پنهنجو داس ۽ شاهد مقرر ڪريان، تہ جيئن ٻين کي ٻڌائين تہ ڪيئن تو اڄ مون کي ڏٺو آهي ۽ آئيندہ جيڪي ڳالهيون تو کي ڏيکاريندو رهندس سي بہ کين ٻڌائين. آءٌ تو کي تنهنجي قوم کان بچائيندس ۽ انهن غير قومن کان بہ، جن ڏانهن آءٌ تو کي موڪليان ٿو. تو کي انهن جون اکيون کولڻيون آهن ۽ کين اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آهي. انهن کي شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري ايشور ڏانهن موڙڻو آهي، تہ جيئن اهي مون تي وشواس آڻين ۽ پاپن جي معافي ملين ۽ هو ايشور جي پنهنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“ ”سو اي راجا اگرپا! مون کي آڪاش مان جيڪو درشن ڏنو ويو، تنهن کان منهن نہ موڙيو اٿم. پهريائين دمشق، پوءِ يروشلم شهر سميت يهوديہ جي سڄي علائقي ۽ غير قومن ۾ پڻ مون اهو پرچار ڪيو تہ اهي پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪري ايشور ڏانهن ڦرن ۽ اهڙا ڪم ڪن جن مان سڌ پوي تہ هنن سچ پچ توبهہ ڪئي آهي. اهو ئي سبب هو جو يهودين مون کي هيڪل ۾ پڪڙي مارڻ جي ڪوشش ڪئي. پر اڄ تائين ايشور جي مدد مون ساڻ آهي، سو آءٌ پنهنجيءَ ڳالهہ تي قائم آهيان ۽ هر غريب توڙي امير جي اڳيان هڪجهڙي شاهدي ٿو ڏيان. آءٌ رڳو اهي ڳالهيون ٿو ٻڌايان، جن بابت موسيٰ ۽ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ٻيا سنت اڳڪٿي ڪري ويا آهن تہ اهي ضرور ٿينديون. اهي هي آهن تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ اهو ئي سڀ کان پهريائين مئلن مان جيوت ٿي اٿندو، تہ جيئن يهودين توڙي غير قومن کي روشنيءَ جي سڌ ڏئي.“ جيئن ئي پولس هن نموني پنهنجي صفائي پيش ڪري رهيو هو تہ فيستس وڏي واڪي چيس تہ ”پولس تون ديوانو آهين. گھڻو پڙهي پڙهي تون چريو ٿي پيو آهين.“ تنهن تي پولس وراڻيس تہ ”جناب فيستس صاحب بهادر! آءٌ چريو نہ آهيان، پر سچ ۽ عقل جون ڳالهيون ٿو ڪريان. راجا، جنهن سان آءٌ بي‌ڌڙڪ ٿي ڳالهايان ٿو، تنهن کي بہ انهن ڳالهين جي پوري ڄاڻ آهي، بلڪ پڪ اٿم تہ انهن مان ڪابہ ڳالهہ کانئس ڳجھي نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اهي ڳالهيون ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ نہ ٿيون آهن. اي راجا اگرپا! ڇا اوهين ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنتن کي مڃو ٿا؟ هائو، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين مڃيندا آهيو.“ تنهن تي اگرپا پولس کي چيو تہ ”تون ٿوري وقت ۾ مون کي مسيحي بڻائيندين ڇا؟“ پولس وراڻيو تہ ”منهنجي تہ ايشور جي در اها پرارٿنا آهي تہ ٿوري يا گھڻي وقت ۾ شل اوهين ۽ هي ٻيا جيڪي اڄ منهنجي ٻڌي رهيا آهن سي مون جهڙا ٿين، سواءِ هنن زنجيرن ۾ ٻڌجڻ جي.“ پوءِ راجا اگرپا اٿي بيٺو ۽ گورنر، برنيڪي ۽ ٻيا جيڪي اتي ساڻن گڏ ويٺا هئا، سي سڀ بہ اُٿي بيٺا. هو ٻاهر نڪرندي هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هن ماڻهوءَ تہ اهڙو ڪوبہ ڏوهہ نہ ڪيو آهي جو کيس موت يا جيل جي سزا ڏني وڃي.“ پوءِ اگرپا فيستس کي چيو تہ ”هي ماڻهو جيڪڏهن قيصر کي اپيل نہ ڪري ها تہ جيڪر ڇٽي وڃي ها.“ پوءِ جڏهن سامونڊي جهاز ۾ چڙهي اسان جو اِٽليءَ جي شهر روم ڏانهن وڃڻ جو مقرر وقت آيو، تڏهن هنن پولس ۽ ٻين قيدين کي رومي لشڪر جي مهاراجا واري پلٽڻ جي هڪ صوبيدار يوليس جي حوالي ڪيو. اسين ادرموتيم جي جهاز ۾ چڙهي روانا ٿياسين، جيڪو آسيا صوبي جي ڪناري وارن شهرن ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار بيٺو هو. ارسترخس نالي هڪڙو مڪدوني، جيڪو ٿِسلُنيڪي جو رهاڪو هو سو بہ اسان سان گڏ هو. ٻئي ڏينهن تي اسين صيدا ۾ پهتاسين. يوليس اتي پولس تي اها ڪرپا ڪئي جو کيس موڪل ڏنائين تہ هو ڀلي پنهنجي دوستن وٽ وڃي ۽ جيڪي گھرجيس سو ڀلي انهن کان وٺي. پوءِ اسين صيدا مان روانا ٿياسين، پر جيئن تہ واءُ اڻائو هو تنهنڪري قبرص ٻيٽ جي آڙ وٺي هلياسين. پوءِ اسين ڪلڪيا ۽ پمفيليا علائقي جي پاسي وارو سمنڊ پار ڪري مورا ۾ اچي پهتاسين، جيڪو لوڪيا صوبي جو هڪڙو شهر آهي. اتي صوبيدار ڏٺو تہ اسڪندريہ جو هڪڙو سامونڊي جهاز اِٽليءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي، سو هن اسان کي انهيءَ جهاز ۾ سوار ڪيو. اسين آهستي آهستي سفر ڪري رهيا هئاسين، تنهنڪري ڪيترائي ڏينهن لڳي ويا. نيٺ وڏيءَ مشڪل کان پوءِ ڪندوس شهر جي سامهون پهتاسين. واءُ جي زور ڪري اڳتي وڌي نہ سگھياسين. تنهنڪري اسين سلمونيءَ جي اڳيان لنگھي ڪريتي ٻيٽ جي آڙ وٺي هلڻ لڳاسين ۽ وڏيءَ مشڪل سان انهيءَ جو ڪنارو ڏيئي هلندي هلندي اچي سهڻي نالي بندر تي پهتاسين، جنهن جي ويجھو لسيا جو شهر آهي. اتي اسان کي گھڻو عرصو لڳي ويو، تان جو وِرت جو ڏينهن بہ گذري ويو. هاڻي تہ جهاز جو سفر بہ ڏاڍو جوکائتو ٿي پيو هو. تنهنڪري پولس هنن کي صلاح ڏني تہ ”اي دوستؤ! آءٌ سمجھان ٿو تہ هن سفر ۾ تڪليف ۽ وڏي نقصان ٿيڻ جو انديشو آهي. رڳو مال ۽ جهاز جو نقصان نہ پر جيون جو بہ خطرو آهي.“ پر صوبيدار پولس جي ڳالهين کان وڌيڪ جهاز جي ڪپتان ۽ مالڪ جون ڳالهيون مڃيون. جيئن تہ اهو بندر سياري گذارڻ لاءِ چڱو نہ هو، تنهنڪري گھڻن اها صلاح ڏني تہ هتان اڳتي هلجي ۽ جي ٿي سگھي تہ سيارو هلي فينڪس ۾ گذارجي، جيڪو ڪريتي جو بندر آهي ۽ سندس رخ اتر اولهہ ۽ ڏکڻ اولهہ ڏانهن آهي. جڏهن ڏکڻ جو واءُ آهستي آهستي گھُلڻ لڳو، تڏهن هنن سمجھيو تہ سٺو موقعو آهي. تنهنڪري هو جهاز جا لنگر کڻي ڪريتي جو ڪنارو ڏيئي هليا. اڃا ٿورو وقت ئي ڪين گذريو تہ سمنڊ ۾ هڪ سخت موسمي طوفان اچي ڪڙڪيو، جنهن کي ”يُوراڪلون“ چون ٿا. جڏهن جهاز ڦاسي پيو ۽ واءُ جي سامهون هلي نہ سگھيو، تڏهن لاچار ٿي اسان کيس واءُ جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ڪريتي کان پري ڌِڪبا پئي وياسين. ڪودا نالي هڪڙي ننڍڙي ٻيٽ جي آڙ ۾ لنگھندي وڏيءَ ڪوشش سان بچاءَ ٻيڙيءَ کي بچائي ورتوسين. تڏهن ملاحن انهيءَ ٻيڙيءَ کي جهاز ۾ چاڙهي، جهاز کي هيٺين پاسي کان رسا ٻڌي مضبوط ڪيو. پر پوءِ اچي کين ڊپ ورتو تہ متان اڳتي هلي لبيا ملڪ جي سورتس وٽ پاڻيءَ هيٺان واريءَ ۾ ڦاسي پئون. تنهنڪري جهاز جو سڙهہ هيٺ لاٿائون ۽ پوءِ ڇولين جي ديا وَ ڪرپا تي ڌِڪبا وياسون. جڏهن طوفان جي ڪري جهاز تمام گھڻا لوڏا کائڻ لڳو، تڏهن ٻئي ڏينهن تي ملاحن واپار وارو سامان اڇلائڻ شروع ڪيو ۽ ٽئين ڏينهن تي انهن سان گڏ سڀني مسافرن جهاز جو ساز وَ سامان بہ ڦٽو ڪيو. پوءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين اسان کي سج، چنڊ ۽ تارا نظر نہ آيا ۽ تيز هوائون گھُلنديون رهيون. آخرڪار اسين پنهنجي جيون کان بلڪل نااميد ٿي وياسين. جڏهن ماڻهن کي کاڌي کان سواءِ ڪيترائي ڏينهن گذري ويا، تڏهن پولس انهن جي اڳيان اُٿي بيهي چيو تہ ”اي دوستؤ! جيڪڏهن اوهين منهنجي صلاح مڃيو ها ۽ ڪريتي وٽان نہ هلو ها تہ هي نقصان ۽ تڪليف اسان کي نہ رسي ها. پر هاڻي آءٌ اوهان کي دلجاءِ ٿو ڏيان تہ دل نہ لاهيو، ڇو تہ اسان مان ڪنهن جي بہ جان نہ ويندي، رڳو جهاز تباهہ ٿيندو. ڏسو، جنهن ايشور جو آءٌ داس آهيان ۽ جنهن جي آءٌ ڀڳتي ٿو ڪريان، تنهن جو دوت رات منهنجي ڀرسان ظاهر ٿيو ۽ چيائين تہ ’اي پولس! ڊڄ نہ، تون ضرور قيصر جي اڳيان پيش ٿيندين ۽ ڏس، هي جيڪي ماڻهو جهاز ۾ تو سان گڏ آهن، تن سڀني کي ايشور تنهنجي خاطر بچايو آهي.‘ تنهنڪري اي دوستؤ! دلجاءِ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ منهنجو ايشور تي پورو يقين آهي تہ جيئن مون کي چيو اٿس تيئن ئي ٿيندو ۽ ضرور اسين ڪنهن ٻيٽ سان وڃي لڳنداسين.“ طوفان جي چوڏهن ڏينهن تائين اسين تيز هوائن سان ڀونوچ سمنڊ ۾ ڌِڪبا رهياسين. چوڏهين ڏينهن اٽڪل اڌ رات جو وقت هو جو ملاحن کي اهو گمان ٿيو تہ اسين شايد ڪنهن سڪي علائقي کي ويجھا ٿيندا ٿا وڃون. هنن پاڻيءَ جي اونهائي ماپي تہ هڪ هنڌ چاليهہ ميٽر ٿي ۽ ٿورو اڳڀرو وڃي ماپيائون تہ اها ٽيهہ ميٽر ٿي. سو هنن کي ڊپ ٿيو تہ متان ڪنهن ٽڪرائتي ڪناري سان نہ وڃي لڳن. تنهنڪري هو جهاز جي پوئين حصي جا چار لنگر لاهي پرارٿنا ڪرڻ لڳا تہ جلدي ڏينهن ٿئي. ان وقت ملاحن اها ڪوشش پئي ڪئي تہ جهاز مان لهي ڀڄي وڃن ۽ انهيءَ ڪوشش ۾ انهن بچاءَ ٻيڙي بہ سمنڊ ۾ لاهي ڇڏي ۽ اهو بهانو بڻايائون تہ ”اسين جهاز جي اڳئين حصي تان لنگر ٿا لاهيون.“ تنهن تي پولس صوبيدار ۽ سپاهين کي چيو تہ ”جيڪڏهن هي ملاح جهاز تي نہ رهندا تہ اوهين بچي نہ سگھندا.“ سو سپاهين بچاءَ ٻيڙيءَ جا رسا وڍي ڇڏيا تہ هلي وڃي. جڏهن صبح ٿيڻ وارو هو تہ پولس سڀني کي ڪجھہ کاڌو کائڻ لاءِ وينتي ڪئي ۽ چيائين تہ ”اوهين چوڏهن ڏينهن تائين خوف ۽ خطري جي حالت ۾ رهيا آهيو ۽ ايترو وقت اوهان ڪجھہ بہ نہ کاڌو آهي. آءٌ اوهان کي وينتي ٿو ڪريان تہ مهرباني ڪري ڪجھہ کائو، تہ جيئن اوهان جي جان بچي. هاڻ اوهان جو وار بہ ونگو نہ ٿيندو.“ اهو چئي هن روٽي کنئي ۽ سڀني جي اڳيان ايشور جو شڪر ڪري ان مان گرهہ ڀڃي کائڻ لڳو. تڏهن ٻين کي بہ دلجاءِ ٿي ۽ اهي روٽي کائڻ لڳا. جهاز تي اسين سڀيئي ٻہ سؤ ڇاهتر ماڻهو سوار هئاسين. جڏهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو تڏهن هنن جهاز تان بار هلڪو ڪرڻ لاءِ جهاز ۾ پيل سموري ڪڻڪ سمنڊ ۾ ڦٽي ڪئي. جڏهن ڏينهن ٿيو تہ ڪنارو نظر آيو، پر ملاح اهو علائقو سڃاڻي نہ سگھيا. اتي کين سڪيءَ اندر وڌيل اهڙي جاءِ نظر آئي، جنهن جو ڪنارو صاف هو. سو هو پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ جيڪڏهن ٿي سگھي تہ جهاز کي انهيءَ هنڌ ڪناري تي وڃي بيهارجي. پوءِ تہ لنگر ڇوڙي سمنڊ ۾ ڦٽا ڪيائون، ونجھن جا رسا بہ کولي ڇڏيائون ۽ اڳئين حصي وارو سڙهہ واءُ جي رخ تي چاڙهي ڪناري ڏانهن وڌڻ لڳا. تڏهن جهاز هڪڙي هنڌ اچي واريءَ ۾ ڦاٿو جو سندس اڳيون حصو قابو ٿي پيو، پر پويون حصو ڇولين جي سٽڪي لڳڻ ڪري ڀڄڻ لڳو. سپاهين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ قيدين کي ماري ڇڏجي، متان انهن منجھان ڪو تري ڀڄي نہ وڃي. پر صوبيدار جي دل گھريو ٿي تہ ڪنهن طرح پولس کي بچائي، تنهنڪري هنن کي انهيءَ ارادي کان روڪيائين. هن ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”جيڪي تري سگھن ٿا سي پهريائين جهاز مان ٽپو ڏيئي سمنڊ جي ڪناري تي وڃي پهچن ۽ باقي ڪي تختن تي، ڪي جهاز جي ترندڙ شين تي نڪري وڃن.“ نيٺ ٿيو بہ ائين جو سڀيئي صحيح سلامت وڃي سڪيءَ تي پهتا. جڏهن اسين خير سان ڪناري تي پهتاسين، تڏهن اسان کي خبر پيئي تہ انهيءَ ٻيٽ جو نالو مالٽا آهي. اتان جي رهاڪن اسان تي ڏاڍي ڪرپا ڪئي. انهن باهہ ٻاري اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مهل مينهُن پئي پيو ۽ گھڻي ٿڌ هئي. پولس ڪجھہ ڪاٺيون گڏ ڪري کڻي باهہ ۾ وڌيون تہ تپش جي ڪري هڪڙو نانگ ٻاهر نڪتو، جيڪو پولس جي هٿ ۾ چڪ پائي چنبڙي پيو. جڏهن اتان جي رهاڪن ڏٺو تہ پولس جي هٿ ۾ نانگ چنبڙيل آهي، تڏهن هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”پڪ هي ماڻهو خوني آهي. جيتوڻيڪ هو سمنڊ مان بچي نڪتو آهي، تہ بہ انصاف واري ديوي هن کي جيوت رهڻ نہ ٿي ڏئي.“ پولس هٿ ڇنڊي اها بلا باهہ ۾ اڇلائي ڇڏي ۽ کيس بلا کان ڪوبہ نقصان نہ پهتو. اهي هن انتظار ۾ هئا تہ پولس سُڄي پوندو يا اوچتو ڪري مري ويندو. پر انهن جڏهن گھڻو وقت انتظار ڪيو ۽ ڏٺائون تہ هن کي ڪجھہ بہ نہ ٿيو تہ هنن پنهنجا خيال بدلايا ۽ چيائون تہ ”هي تہ ڪو ديوتا آهي.“ اتي ڀرسان ئي انهيءَ ٻيٽ جي سردار پُبليس جي جاگير هئي. هن اسان کي پنهنجي گھر وٺي وڃي سٺو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ اسين ٽن ڏينهن تائين سندس مهمان ٿي رهياسين. پُبليس جو پتا بخار ۽ پيچش جي ڪري بستري داخل هو. پولس هن جي ڪمري ۾ ويو ۽ پرارٿنا ڪيائين. پوءِ مٿس پنهنجا هٿ رکي کيس چڱو ڀلو ڪيائين. جڏهن هي ڪم ٿيو تڏهن ٻيٽ ۾ جيڪي بہ بيمار هئا، تن کي پولس وٽ آندو ويو تہ کين چڱو ڀلو ڪيو ويو. اسين سراڪوسہ شهر ۾ اچي پهتاسين ۽ اتي ٽي ڏينهن رهياسين. اتان ٿي اسين ريگيم شهر ۾ اچي پهتاسين. ٻئي ڏينهن ڏکڻ جو واءُ گھُلڻ لڳو سو اسين ٻن ڏينهن ۾ اِٽليءَ جي شهر پُتيلي ۾ اچي لٿاسين. اتي اسان کي ڪي وشواسي مليا، جن جي وينتي ڪرڻ تي اسين هڪ هفتو وٽن رهياسين. پوءِ اسين روم ڏانهن هلڻ لڳاسين. جڏهن روم جي وشواسين اسان جي اچڻ جو ٻڌو تہ انهن مان ڪي اسان سان ملڻ لاءِ اپيُس منڊي چونڪ تائين ۽ ڪي وري ٽسرائي ڳوٺ تائين آيا. جڏهن پولس انهن کي ڏٺو تہ ايشور جو شڪر ڪيائين ۽ نئون حوصلو پيدا ٿيس. جڏهن اسين روم ۾ پهتاسين تہ پولس کي ڪنهن گھر ۾ اڪيلي رهڻ جي آگيا ملي، جڏهن تہ هڪ سپاهي سندس پهري تي بيهاريو ويو. ٽن ڏينهن کان پوءِ پولس اتي جي يهودي اڳواڻن جي گڏجاڻي سڏائي. جڏهن اهي اچي گڏ ٿيا تہ هن کين چيو تہ ”اي ڀائرؤ! جيتوڻيڪ مون نڪي پنهنجي قوم وارن ۽ نہ وري وڏن جي ڌرمي ريتن رسمن خلاف ئي ڪجھہ ڪيو هو، تہ بہ مون کي يروشلم ۾ پڪڙي رومين جي حوالي ڪيو ويو. انهن مون کان پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ مون کي آزاد ڪرڻ ٿي چاهيائون، ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاڻي ورتو تہ مون ڪو اهڙو ڪم نہ ڪيو هو جنهن جي ڪري مون کي موت جي سزا ملي. پر يهودين انهيءَ تي اعتراض ڪيو. سو لاچار ٿي مون کي قيصر وٽ اپيل ڪرڻي پيئي، جڏهن تہ منهنجو اهو ارادو نہ آهي تہ پنهنجي قوم تي ڪا تهمت هڻان. اهو ئي سبب هو جو مون اوهان کي پاڻ وٽ گھرايو آهي تہ اوهان سان ملان ۽ ويهي ڳالهہ ٻولهہ ڪريان. آءٌ انهيءَ مسيح جي خاطر هن زنجير ۾ ٻڌو ويو آهيان، جيڪو بني اسرائيل جي اميد آهي.“ انهن کيس چيو تہ ”يهوديہ مان اسان کي تنهنجي باري ۾ نہ تہ ڪو خط پٽ مليو آهي ۽ نہ وري آيل ڀائرن مان ڪنهن تو بابت ڪجھہ ٻڌايو آهي يا تنهنجي ڪا گلا ڪئي آهي. سو اسين تنهنجا خيال ٻڌڻ گھرون ٿا، ڇاڪاڻ تہ اسان کي خبر آهي تہ جنهن پنٿ سان تون واسطو رکين ٿو، تنهن پنٿ جي جتي ڪٿي مخالفت هلي ٿي.“ پوءِ انهن پولس سان هڪڙو ڏينهن مقرر ڪيو ۽ ان ڏينهن تي سندن وڏو تعداد انهيءَ جاءِ تي اچي ڪٺو ٿيو، جتي هو رهيل هو. صبح کان شام تائين ايشور جي راڄ بابت سمجھائيندي پولس کين اُپديش ڏيندو رهيو، جنهن ۾ يسوع بابت کين مڃائڻ لاءِ موسيٰ جي نيم شاستر ۽ سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي لکتن مان کين مثال ٻڌائيندو رهيو. ڪن ماڻهن سندس ڳالهين کي مڃي ورتو، جڏهن تہ ڪن نہ مڃيو. سو اهي پاڻ ۾ هڪ راءِ نہ ٿيا ۽ وڃڻ تي هئا، تڏهن پولس کين هڪڙي ڳالهہ چئي تہ ”پوِتر آتما سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي معرفت اوهان جي ابن ڏاڏن کي بلڪل صحيح فرمايو هو، جڏهن يسعياہ کي حڪم ڏنو هئائين تہ ’کين وڃي چئُہ تہ ”اوهين ٻڌندا تہ رهندا پر سمجھندا هرگز ڪين، اوهين ڏسندا تہ رهندا پر سڃاڻيندا هرگز ڪين.“ انهيءَ سبب جو هن قوم جي عقل کي تالو لڳل آهي. اهي ڪنن کان ٻوڙا ٿي پيا آهن، ۽ انهن پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، انهيءَ لاءِ تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن، پنهنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پوءِ پنهنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبهہ‌تائب ٿين، ۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘“ پولس ٻن سالن تائين پنهنجي مسواڙ واري جاءِ ۾ رهيو، جتي هو انهن جو آڌرڀاءُ ڪندو هو جيڪي ساڻس ملڻ ايندا هئا. هو وڏي دليريءَ سان بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي ايشور جي راڄ جو پرچار ڪندي پرڀو يسوع مسيح بابت ڳالهين جي سکيا ڏيندو هو. هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو مسيح يعني يسوع جو داس آهيان. ايشور مون کي سنت ڪري چونڊيو آهي ۽ پنهنجي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ مخصوص ڪيو اٿس. انهيءَ خوشخبريءَ جو وچن ايشور اڳي ئي پوِتر شاستر ۾ پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت ڪيو هو. انهيءَ جي ئي معرفت ايشور مون تي اها ڪرپا ڪئي جو آءٌ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت مقرر ٿيس، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ مسيح جي نالي خاطر سڀني قومن جي ماڻهن کي هي سنديش ڏيان تہ هو وشواس آڻي فرمانبردار ٿين. انهن ماڻهن ۾ اوهين بہ شامل آهيو، جن کي ايشور يسوع مسيح جا پوئلڳ ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي. هي خط اوهان سڀني ڏانهن آهي، جيڪي روم شهر ۾ ايشور جا پيارا آهيو ۽ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيا ويا آهيو. شل اوهان تي اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي. سڀ کان پهريائين آءٌ اوهان سڀني لاءِ يسوع مسيح جي معرفت پنهنجي ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جو اوهان جي وشواس جون ڳالهيون سڄي سنسار ۾ ٿي رهيون آهن. ايشور، جنهن جي پٽ بابت خوشخبري ٻڌائڻ ۾ آءٌ پنهنجي تن ۽ من سان سندس سيوا ٿو ڪريان، سو ئي منهنجو شاهد آهي تہ ڪيئن نہ آءٌ هردم اوهان کي پنهنجي پرارٿنائن ۾ ياد ڪندي اها وينتي ڪندو رهندو آهيان تہ ايشور شل مون کي هاڻي جو هاڻي اوهان وٽ اچڻ ۾ ڪاميابي بخشي. مون کي اوهان سان ملڻ جي ڏاڍي تمنا آهي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي وسيلي اوهان کي ڪا آتمڪ بخشش ملي، جنهن سان اوهين پنهنجي وشواس ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيو. آءٌ سمجھان ٿو تہ انهيءَ سان اسان ٻنهي جي حوصلہ‌افزائي ٿيندي، اوهان جي وشواس سان منهنجي ۽ منهنجي وشواس سان اوهان جي. اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي سڌ هئڻ گھرجي تہ مون ڪيترائي دفعا اوهان ڏانهن اچڻ جو ارادو ڪيو هو، پر هيستائين ڪنهن نہ ڪنهن ڳالهہ جي ڪري اچي نہ سگھيس. منهنجي مرضي آهي تہ جيئن منهنجو ڪم غير قومن جي ٻين ماڻهن ۾ وڌيو ويجھيو آهي، تيئن اوهان ۾ بہ وڌي ويجھي. مون تي سڀني جو فرض آهي، توڙي جو اهي شهري هجن يا جھنگلي، پڙهيل هجن يا اڻ‌پڙهيل. تنهنڪري منهنجي اها تمنا آهي تہ آءٌ پنهنجي وس آهر اوهان روم وارن کي بہ خوشخبري ٻڌايان. آءٌ خوشخبري ٻڌائيندي نہ ٿو شرمايان، ڇاڪاڻ تہ اها هر انهيءَ ماڻهوءَ جي مڪتيءَ لاءِ ايشور جي شڪتي آهي، جيڪو مسيح تي وشواس آڻي ٿو. اها پهريائين يهودين لاءِ ۽ هاڻي غير قومن لاءِ بہ آهي. انهيءَ خوشخبريءَ مان اهو ظاهر آهي تہ ايشور ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڪيئن سچار ٿو ڪري. اهو رڳو وشواس رکڻ جي وسيلي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ٿئي ٿو، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جنهن کي وشواس جي وسيلي ايشور ڏانهن سچار ڪيو ويو آهي، سو ئي جيوت آهي.“ جڏهن تہ جيڪي ماڻهو پنهنجي بڇڙائيءَ جي ڪري سچ کي دٻائي ٿا ڇڏين، تن جي اهڙي بي‌ڌرمي ۽ بڇڙائيءَ سبب آڪاش مان ايشور جو ڏمر پرگھٽ ٿئي ٿو. ايشور جون جيڪي ڳالهيون انسان ڄاڻي سگھي ٿو، سي سندن لاءِ صاف ظاهر آهن. ايشور پاڻ انهن تي اهي ظاهر ڪيون آهن. هائو، ايشور جون ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ صفتون، يعني سندس امر شڪتي ۽ ذات سنسار جي شروعات کان وٺي سندس رچيل شين مان چٽيءَ طرح ظاهر پيون ڏسجن. تنهنڪري اهڙن ماڻهن کي ڪوبہ بهانو نہ آهي. پر هنن ايشور کي سڃاڻڻ جي باوجود سندس لائق وڏائي بيان نہ ڪئي، نڪي سندس شڪرگذاري ڪيائون، بلڪ اجاين خيالن ۾ پئجي ويا ۽ سندن بي‌عقل دماغن تي اوندهہ ڇانئجي ويئي. هنن دعويٰ ٿي ڪئي تہ ”اسين سياڻا آهيون،“ پر مورک ثابت ٿيا. هنن ابناسي ايشور کي مهانتا ڏيڻ جي بدران اهڙن بتن جي پوجا ڪئي جيڪي ناس ٿيندڙ انسانن، پکين، ريڙهيون پائيندڙن توڙي چوپاين جانورن جي صورت تي بڻايا ويا هئا. سو ايشور انهن کي سندن دلين جي خواهشن موجب گندين عادتن ۾ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي جيئن وڻين تيئن پاڻ ۾ هڪٻئي سان بي‌حيائيءَ وارا ڪم پيا ڪن. انهن ايشور جي سچائيءَ کي ڇڏي ڪوڙ کي قبول ڪيو ۽ ايشور جي رچيل شين کي مان ڏيئي انهن جي پوجا ڪئي. هائو، رچنا ڪندڙ ايشور کي ڇڏي ڏنائون، جنهن جي مهما شل هميشہ ٿيندي رهي. آمين. تنهنڪري ايشور انهن کي سندن شرمناڪ خواهشن ۾ ڇڏي ڏنو، ايتري قدر جو انهن جون ناريون پنهنجو فطري ڪم ڇڏي پاڻ ۾ هڪٻئي سان بدفعلي ڪرڻ لڳيون. اهڙيءَ طرح مرد بہ نارين سان فطري ڪم ڇڏي پاڻ ۾ شهوت ۾ مست ٿي ويا، يعني هڪٻئي سان بدفعلي ڪيائون. انهيءَ شهوت‌پرستيءَ جي کين جوڳي سزا ملي. جهڙيءَ طرح هنن ايشور کي مڃڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح ايشور بہ کين گندي سوچ ۾ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي وڃي نالائقيءَ وارا ڪم ڪن. سو هو هر طرح جي بڇڙائيءَ، بديءَ، لالچ، بدنيتيءَ، ريس، خونريزيءَ، جھيڙي، ٺڳيءَ ۽ ساڙ سان ڀرجي وڃن ٿا. هو چغلخور، گلاخور، ايشور کان نفرت ڪندڙ، بي‌ادب، مغرور، ٻٽاڪي، برايون پيدا ڪندڙ، ماتا پتا جي نافرماني ڪندڙ، مورک، وچن نہ پاڙيندڙ، بي‌قربا ۽ ڪٺور ٿي پون ٿا. جيتوڻيڪ اهي ايشور جي هن حڪم کي ڄاڻين ٿا تہ جيڪي ماڻهو هي ڪم ڪن ٿا سي موت جي لائق آهن، تنهن هوندي بہ اهي نہ رڳو پاڻ هي ڪم ڪن ٿا، بلڪ جيڪي ٻيا اهڙا ڪم ڪن ٿا تن کان بہ راضي ٿين ٿا. هاڻ اي انسان! تون جيڪو ٻين جا عيب ٿو اُگھاڙين، پوءِ تون کڻي ڪير بہ هجين تو کي انهيءَ جو ڪوبہ حق نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ جن ڪمن جو الزام تون ٻين تي ٿو هڻين، سي ڪم تہ تون خود ڪري پاڻ کي ڏوهاري ٿو قرار ڏئين. جڏهن تہ اسين سڀ ڄاڻون ٿا تہ جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا تن بابت ايشور جو فيصلو حق سچ وارو آهي. اي انسان! تون اهڙن ڪمن ڪرڻ وارن تي تہ الزام هڻين ٿو، پر پاڻ بہ ساڳيا ئي ڪم ٿو ڪرين! ڇا تون ائين ٿو سمجھين تہ ايشور جي فيصلي کان بچي ويندين؟ ائين ٿو لڳي جو تون ايشور جي ڀلائيءَ، برداشت ۽ ڌيرج واري دولت کي خسيس ٿو سمجھين. ڇا تون ايترو نہ ٿو سمجھين تہ ايشور جي ڀلائي تو کي توبهہ ڏانهن ٿي ڇڪي؟ پر تنهنجي دل ايڏي سخت ٿي ويئي آهي جو تون توبهہ نہ ٿو ڪرين، سو تون تہ ايشور جي انهيءَ قهر واري ڏينهن واسطي پاڻ پنهنجي لاءِ ڏمر ميڙي گڏ پيو ڪرين، جنهن ڏينهن ايشور جو پورو پورو انصاف ظاهر ٿيندو. ايشور هر ڪنهن کي سندس عملن موجب لاڀ ڏيندو. جيڪي نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهندي مان، مهانتا ۽ ابناسي جيون جي تمنا رکندڙ آهن، تن کي ايشور امر جيون ڏيندو. پر جيڪي مطلبي آهن ۽ سچ کي نہ پر ڪوڙ کي ٿا مڃين، تن تي ايشور جو ڏمر ۽ قهر پرگھٽ ٿيندو. بيشڪ جيڪي بڇڙا ڪم ڪن ٿا تن سڀني تي مصيبت ۽ تڪليف پرگھٽ ٿيندي، نہ رڳو يهودين تي جيڪي پهريائين چونڊيا ويا، بلڪ غير قومن تي بہ. پر جيڪي نيڪ ڪم ڪن ٿا تن سڀني کي ايشور مان، مهانتا ۽ شانتي بخشيندو، نہ رڳو يهودين کي جيڪي پهريائين چونڊيا ويا، بلڪ غير قومن کي بہ، ڇاڪاڻ تہ ايشور ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري. ايشور هر پاپ ڪندڙ کي سزا ڏيندو. هائو، غير قوم وارا جن موسيٰ جي معرفت مليل نيم کان سواءِ پاپ ڪيا، سي انهيءَ نيم کان سواءِ ئي ناس ٿيندا ۽ يهودي جن موسيٰ جي نيم هوندي پاپ ڪيا، تن جو فيصلو بہ انهيءَ نيم موجب ٿيندو. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايشور سندس نيم ٻڌڻ وارن کي نہ، پر سندس نيم تي عمل ڪرڻ وارن کي ئي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي. غير قومون جن وٽ ايشور جو نيم ڪونهي سي جيڪڏهن پنهنجي فطرت موجب ايشور جي نيم جهڙا ڪم ڪن ٿيون تہ اهي پنهنجي لاءِ پاڻ نيم آهن، توڙي جو انهن وٽ سندس نيم نہ آهي. انهن قومن جي عمل مان سڌ پوي ٿي تہ نيم جون ڳالهيون سندن دلين تي اُڪريل آهن ۽ سندن ضمير انهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي. سو انهن جا خيال ڪڏهن پنهنجو پاڻ تي تهمت ٿا هڻن تہ ڪڏهن پاڻ کي آزاد ٿا سمجھن. مطلب تہ منهنجي ٻڌايل خوشخبريءَ مطابق اهو سڀ انهيءَ ڏينهن ٿيندو، جڏهن ايشور يسوع مسيح جي معرفت ماڻهن جي دلين جي لڪل ڳالهين جو فيصلو ڪندو. هاڻ اوهين جيڪي پاڻ کي يهودي ٿا سڏايو، تن بابت آءٌ ڇا چوان؟ اوهين ايشور جي نيم تي ڀاڙي ٿا ويهو ۽ ايشور سان پنهنجي واسطي تي فخر ٿا ڪريو. ايشور جي نيم جي سکيا مان اوهين سمجھي ٿا وٺو تہ ايشور جي مرضي ڪهڙي آهي ۽ ڪهڙا ڪم ۽ رستا صحيح آهن. اوهين پنهنجو پاڻ تي يقين ٿا رکو تہ ”اسين انڌن لاءِ رهبر ۽ انهن لاءِ روشني آهيون جيڪي اونداهيءَ ۾ آهن. اسين بي‌سمجھن کي سمجھائيندڙ ۽ نوجوانن کي سکيا ڏيندڙ آهيون، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي نيم جي صورت ۾ سڄي ڄاڻ ۽ حق سچ اسان وٽ موجود آهي.“ هاڻ ٻڌايو تہ ٻين کي تہ اوهين اهو سڀ سيکاريو ٿا، پر پاڻ ڇو نہ ٿا سکو؟ اوهين اعلان ڪريو ٿا تہ ”چوري نہ ڪريو،“ پر پاڻ چوري ڇو ٿا ڪريو؟ اوهين چئو ٿا تہ ”زنا نہ ڪريو،“ پر اوهين پاڻ زنا ڇو ٿا ڪريو؟ اوهين بتن کان تہ نفرت ڪريو ٿا، پر اوهين مندرن جون ڦُريل شيون ڇو ٿا استعمال ڪريو؟ اوهين ايشور جي نيم تي فخر تہ ڪريو ٿا، پر پاڻ انهيءَ نيم جا حڪم ڀڃي ايشور جو اپمان ڇو ٿا ڪريو؟ اهو ئي سبب آهي جو پوِتر شاستر ۾ چيو ويو آهي تہ ”اوهان يهودين جي ڪري ئي غير قومون ايشور جي نالي خلاف نندا ڪن ٿيون.“ ختنو ڪرائڻ مان تہ بيشڪ فائدو آهي، پر تڏهن جڏهن اوهين ايشور جي نيم تي عمل ڪريو. جيڪڏهن اوهين انهيءَ نيم جي ئي ڀڃڪڙي ٿا ڪريو تہ پوءِ اوهان جو ختنو جهڙو ٿيو تهڙو نہ ٿيو. جيڪڏهن ڪنهن غير قوم واري جو ختنو ٿيل نہ آهي، پر هو نيم جي حڪمن تي عمل ڪري ٿو، تہ ڇا ايشور کيس ختني ڪيلن جهڙو ڪري نہ ڀائيندو؟ جيتوڻيڪ اوهان يهودين جو ختنو ٿيل آهي ۽ اوهان وٽ ايشور جو نيم بہ موجود آهي، تڏهن بہ اوهين انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿا ڪريو. تہ پوءِ غير قوم وارا جن جو ختنو ٿيل نہ آهي، پر ايشور جي نيم جهڙا عمل ڪن ٿا، تن جي ڪري اوهان کي پاپي قرار نہ ڏنو ويندو ڇا؟ اهو ماڻهو حقيقي يهودي نہ آهي، جيڪو رڳو نالي جو يهودي هجي ۽ نہ ئي اهو ختنو حقيقي آهي، جيڪو رڳو ظاهري ۽ شرير جو ختنو هجي. پر حقيقي يهودي اهو آهي جنهن جي دل ايشور ڏانهن سچي هجي ۽ حقيقي ختنو اهو آهي جيڪو دل جو هجي. اهو ختنو لکيل نيم مطابق نہ، پر آتمڪ هجي. اهڙي يهوديءَ جي ساراهہ ماڻهن جي واتان نہ پر ايشور جي طرفان ٿئي ٿي. تہ پوءِ يهودي هئڻ يا ختنو ڪرائڻ جو ڪو فائدو آهي؟ هائو، هر طرح جو فائدو آهي. خاص طور هي فائدو آهي جو ايشور جا وچن کين ئي سونپيا ويا آهن. پوءِ جيڪڏهن انهن مان ڪن بيوفائي ڪئي تہ ڇا ٿيو؟ ڇا انهن جي بيوفائي ايشور جي وفا کي بيڪار بڻائي سگھي ٿي؟ بلڪل نہ. ايشور هر حال ۾ سچو آهي توڙي جو هر انسان ڪوڙو هجي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”اي ايشور! تون هميشہ پنهنجي وچنن ۾ سچو ثابت ٿيو آهين، ۽ عدالت ۾ تو سوڀ حاصل ڪئي آهي.“ پر جيڪڏهن اسان جي بڇڙائيءَ جي ڪري ايشور پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري ٿو تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ ”ايشور سچو نہ آهي، جو هو ڏمر پرگھٽ ڪري ٿو.“ ائين بلڪل نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن ائين هجي تہ پوءِ ايشور ڪيئن سنسار جي عدالت ڪندو؟ شايد ڪو هيئن چوي تہ ”پوءِ جيڪڏهن منهنجي ڪوڙ جي ڪري ايشور جي سچائي ايتري تہ وڌيڪ پڌري ٿي جو سندس جوت ظاهر ٿي، تہ پوءِ مون تي پاپيءَ هئڻ جو فيصلو ڇو ٿو جاري ڪيو وڃي؟“ پوءِ اوهين بہ ڇو نہ چئو تہ ”اسين بڇڙا ڪم ڪريون تہ انهيءَ مان ڀلائي ٿئي.“ ڪي ماڻهو اسان تي اها تهمت هڻن بہ ٿا تہ اها سکيا اسان جي آهي. اهڙن تهمت هڻندڙن کي ڏوهاري قرار ڏيڻ انصاف آهي. پوءِ ڀلا، اسين يهودي ڪنهن بہ نموني ٻين قومن کان بهتر آهيون ڇا؟ نہ، هرگز نہ. هن بحث دوران اسين اڳ ئي مڃي چڪا آهيون تہ يهودي توڙي غير يهودي سڀيئي هڪجهڙا پاپ جي قبضي ۾ آهن، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ڪوبہ سچار نہ آهي، هڪڙو بہ نہ. ڪوبہ سمجھو نہ آهي، ڪوبہ ايشور جو ڳولائو نہ آهي. سڀني ماڻهن ايشور کان منهن موڙيو آهي، سڀيئي ڀَٽڪي ويا آهن. ڪوبہ نيڪي ڪندڙ ڪونهي، نہ، هڪڙو بہ نہ. انهن جا وات کُليل قبرن مثل آهن، يعني انهن جي زبانن مان ٺڳي نڪري ٿي. سندن چپن مان نڪتل لفظ نانگ جي زهر وانگر آهن. انهن جا وات ڦٽ لعنت ۽ نفرت سان ڀريل آهن. انهن جا قدم خونريزي ڪرڻ لاءِ تڪڙا ٿا هلن. اُهي جتي بہ وڃن ٿا تہ مصيبت ۽ تباهي ٿا پکيڙين. انهن کي امن جي رستي جي سڌ ئي نہ آهي، نہ وري کين ايشور جو ڪو خوف آهي.“ پوءِ هيءَ لکت ڪنهن جي لاءِ آهي؟ اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور جي نيم ۾ جيڪي بہ فرمايل آهي سو انهن لاءِ فرمايل آهي جيڪي انهيءَ نيم جا پابند آهن، تہ جيئن سڄي سنسار سان گڏ انهن مان بہ ڪنهن کي بهاني جي ڪا گنجائش نہ رهي، بلڪ سڄي انسانذات ايشور آڏو پاپي قرار ڏني وڃي. مطلب تہ نيم جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ڪوبہ ماڻهو ايشور ڏانهن سچار ٿي نہ ٿو سگھي. نيم جي وسيلي تہ رڳو کيس پاپن جي سڌ پوي ٿي. پر هاڻي ايشور پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري آهي ۽ ان سان نيم جو ڪوبہ واسطو نہ آهي. انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي موسيٰ جو شاستر ۽ ٻين سنتن جون پوِتر لکتون ڏين ٿيون. جيڪا سچائي هاڻي ظاهر ٿي آهي سا هيءَ آهي تہ ايشور انهن سڀني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو جيڪي يسوع مسيح تي وشواس آڻين ٿا، پوءِ اهي يهودي هجن توڙي غير يهودي. اهي سڀ هڪ جهڙا آهن، ڇاڪاڻ تہ سڀني ماڻهن پاپ ڪيا آهن، جنهن ڪري اهي ايشور جي جوت کان محروم آهن. جڏهن تہ ايشور پنهنجي ڪرپا واري بخشش سان يسوع مسيح ۾ مڪتيءَ سبب ئي انهن سڀني کي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي. ايشور يسوع کي اهڙو ڪفارو بڻايو، جو سندس جان جي ٻليدان جي ڪري جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي ٿو تنهن جا پاپ معاف ڪيا وڃن ٿا. ايشور ان مان پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري ٿو. جڏهن تہ هن کان اڳي ايشور بردباري ڪندي ماڻهن جي پاپن کي درگذر ٿي ڪيو، پر هاڻي هو ائين نہ ٿو ڪري. انهيءَ جي بدران پنهنجي سچائي ڏيکاريندي ايشور اهو ظاهر ٿو ڪري تہ هو سچو آهي ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ کي پڻ پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو، جيڪو يسوع تي وشواس آڻي ٿو. هاڻي ڪيڏانهن ويو اوهان جو فخر؟ انهيءَ جي تہ ڪا گنجائش ئي ناهي رهي. ڪهڙي نيم جي ڪري؟ ڇا عمل واري نيم جي ڪري؟ نہ، رڳو وشواس واري نيم جي ڪري. هائو، اسين دعويٰ سان چئون ٿا تہ نيم تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر ماڻهو رڳو وشواس رکڻ جي وسيلي ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو. هاڻ ڇا ايشور رڳو يهودين جو ئي آهي؟ ڇا هو غير يهودين جو نہ آهي؟ بيشڪ هو غير يهودين جو بہ آهي. جيئن تہ ايشور هڪڙو ئي آهي، سو هو ختني ٿيلن توڙي ختني نہ ٿيلن کي هڪڙي ئي رستي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو، يعني وشواس آڻڻ سان. پوءِ هن جو مطلب اهو ٿيو ڇا تہ اسين وشواس رکڻ جي ڪري نيم کي رد ٿا ڪريون؟ هرگز نہ. اسين تہ انهيءَ سان نيم کي قائم ٿا ڪريون. هاڻ آءٌ ابرهام جو مثال ڏيندس، جيڪو شرير جي لحاظ کان اسان جو ڏاڏو آهي، تہ هو ڪيئن ايشور ڏانهن سچار بڻيو. جيڪڏهن ابرهام پنهنجي عملن جي ڪري ايشور ڏانهن سچار بڻيو هجي ها تہ پنهنجو پاڻ تي فخر ڪري سگھي ها. پر ايشور جي شرڻ ۾ پاڻ تي فخر ڪرڻ جو وٽس ڪو سبب نہ هو، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ابرهام ايشور تي وشواس آندو، تنهنڪري ايشور کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبوليو.“ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪم ڪري ٿو تہ ان جو بدلو بخشش نہ پر حق ٿو ڪري ليکجي. جڏهن تہ جيڪو ماڻهو ڪم نہ ٿو ڪري، پر ايشور تي وشواس آڻي ٿو، جيڪو پاڻ کان پري رهندڙن کي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو تہ هن جو اهو وشواس سندس سچائي ڪري ٿو ليکجي. جنهن ماڻهوءَ کي سندس عملن کان سواءِ ئي ايشور پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو ليکي، تنهن کي دائود بہ هيئن سڀاڳو ٿو سڏي تہ ”سڀاڳا آهن اهي، جن جا ڏوهہ ايشور معاف ڪيا آهن، ۽ جن جا پاپ بخشي ڇڏيا اٿائين. هائو، سڀاڳا آهن اهي جن جا پاپ پرميشور ليکي ۾ ڪين ٿو آڻي.“ ڇا اها سڀاڳائي دائود رڳو انهن لاءِ چئي آهي جن جو ختنو ٿيل آهي؟ نہ. پر ان جو واسطو انهن سان بہ آهي جن جو ختنو ٿيل نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان اڳ ۾ بيان ڪيو آهي تہ ابرهام جي وشواس رکڻ جي ڪري ئي ايشور کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکيو. ابرهام جي اها سڀاڳائي ڪڏهن ليکي ويئي؟ سندس ختني ڪرائڻ کان اڳ ۾ ليکي ويئي يا پوءِ؟ اها ابرهام جي ختني ڪرائڻ کان پوءِ نہ، پر اڳ ۾ ليکي ويئي هئي. ابرهام جو ختنو پوءِ ٿيو، جيڪو انهيءَ ثابتيءَ جو نشان هو تہ ايشور سندس وشواس رکڻ جي ڪري ئي کيس ختني کان سواءِ پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبول ڪيو. اهڙيءَ طرح ابرهام انهن سڀني جو پتا آهي، جيڪي ختني کان سواءِ ايشور تي وشواس آڻين ٿا ۽ ايشور کين پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکي ٿو. ان سان گڏوگڏ هو انهن ختنو ٿيلن جو بہ پتا آهي، جيڪي نہ رڳو ختنو ٿيل آهن پر وشواس وارو اهڙو جيون گذارين ٿا جهڙو اسان جي پتا ابرهام ختني کان اڳ واريءَ حالت ۾ گذاريو. ابرهام ۽ سندس اولاد سان ايشور اهو وچن ڪيو هو تہ هو کين سنسار جو وارث بڻائيندو. پر اهو وچن انهيءَ ڪري نہ ڪيو ويو تہ ابرهام نيم تي عمل ڪيو، بلڪ انهيءَ ڪري جو هن وشواس آندو ۽ ائين ايشور ڏانهن سچار بڻايو ويو. جيڪڏهن سنسار جي وارث بڻائڻ جو وچن ايشور انهن سان ڪيو هجي ها جيڪي نيم تي عمل ڪن ٿا، تہ پوءِ ايشور تي وشواس آڻڻ اجايو ۽ سندس وچن بيڪار ٿي پوي ها. ڳالهہ اها آهي تہ نيم تہ ايشور جو ڏمر پيدا ڪري ٿو، پر جتي نيم ئي نہ آهي اتي انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪهڙي؟ تنهنڪري اهو وچن وشواس رکڻ جي بنياد تي آهي تہ جيئن اهو ايشور جي ڪرپا جي بخشش هجي، جيڪو ابرهام جي سڄي اولاد لاءِ قائم رهي. هي نہ رڳو انهن لاءِ آهي جن وٽ نيم آهي، پر انهن لاءِ بہ آهي جيڪي ابرهام وانگر وشواس آڻين ٿا. اهڙيءَ طرح ابرهام اسان سڀني جو پتا آهي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”اي ابرهام! مون تو کي گھڻين قومن جو پتا بڻايو آهي.“ اهو وچن سچو آهي، ڇاڪاڻ تہ ابرهام جو وشواس انهيءَ ايشور تي هو، جيڪو مئلن کي جيوت ڪري ٿو ۽ جنهن جي حڪم سان اهي شيون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي اڳ ۾ موجود نہ آهن. ابرهام نااميديءَ جي حالت ۾ بہ اميد رکي ايشور تي وشواس رکيو ۽ گھڻين قومن جو پتا بڻيو، جيئن ايشور وچن ڪيو هئس تہ ”تو کي ايترو ئي گھڻو اولاد ٿيندو.“ جيتوڻيڪ سندس عمر اٽڪل هڪ سؤ سال هئي ۽ ڄاتائين ٿي تہ سندس مرداڻي طاقت اڳ ۾ ئي ختم ٿي چڪي آهي ۽ سارہ ۾ بہ ڄڻڻ جي اميد ڪانہ هئي، تنهن هوندي بہ ابرهام جو وشواس ڪمزور نہ ٿيو ۽ ايشور جي وچن تي ذرو بہ شڪ نہ ڪيائين. اٽلندو هو وشواس ۾ وڌيڪ پڪو ٿي ايشور جي مهما ڪندو رهيو. هائو، هن کي پورو يقين هو تہ ايشور جيڪو وچن ڪيو آهي تنهن کي پوري ڪرڻ جي شڪتي بہ رکي ٿو. اهو ئي سبب هو جو ايشور ابرهام کي سندس وشواس رکڻ جي وسيلي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکيو. اهي لفظ تہ ”پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکيو،“ رڳو ابرهام لاءِ لکيل نہ آهن، پر اسان لاءِ بہ لکيل آهن، جن کي ايشور پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبول ڪندو، ڇاڪاڻ تہ اسين بہ انهيءَ ايشور تي وشواس آڻيون ٿا جنهن اسان جي پرڀو يسوع کي مئلن مان جيوت ڪيو. اسان جي پاپن جي خاطر هن کي موت جي حوالي ڪيو ويو ۽ اسان کي ايشور ڏانهن سچار بڻائڻ لاءِ کيس وري جيوت ڪيو ويو. جيئن تہ اسين وشواس رکڻ جي ڪري ايشور ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيون، تنهنڪري اسان جو پنهنجي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي ايشور سان ميل ميلاپ ٿي ويو آهي. اسان جي وشواس جي وسيلي مسيح اسان کي ايشور جي انهيءَ ڪرپا تائين پهچايو آهي، جنهن تي اسين قائم آهيون. اسين انهيءَ اميد تي فخر ٿا ڪريون تہ ايشور جي جوت ۾ شريڪ ٿينداسين. نہ رڳو ايترو پر پنهنجين مصيبتن ۾ بہ فخر ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ مصيبت مان ثابت قدمي پيدا ٿئي ٿي. ثابت قدميءَ مان ايشور جي رضامندي پيدا ٿئي ٿي ۽ سندس رضامنديءَ مان اميد پيدا ٿئي ٿي. اها اميد اسان کي شرمندو ٿيڻ نہ ٿي ڏئي، ڇاڪاڻ تہ جيڪا پوِتر آتما اسان کي بخشي ويئي آهي، تنهن جي وسيلي ايشور جو اسان سان پريم اسان جي دلين ۾ ڀريو ويو آهي. اها ڳالهہ هن مان ظاهر آهي جو جڏهن اسين اڃا لاچار ئي هئاسين تہ بلڪل انهيءَ وقت مسيح اسان لاءِ جان ڏني جيڪي ايشور کان پري هئاسين. ڪنهن سچار ماڻهوءَ خاطر بہ مشڪل سان ڪو پنهنجي جان ڏيندو، پر ٿي سگھي ٿو جو ڪو ماڻهو ڪنهن نيڪ ماڻهوءَ لاءِ پنهنجي جان ڏيڻ جي همت ڪري بہ وجھي. پر ايشور اسان سان پنهنجو پيار انهيءَ مان ثابت ٿو ڪري جو جڏهن اسين اڃا پاپي ئي هئاسين تہ مسيح اسان جي لاءِ جان ڏني. هاڻ جڏهن هن جي ٻليدان جي وسيلي اسين ايشور ڏانهن سچار بڻايا وياسين، تڏهن اها ڳالهہ ڪيڏي نہ يقيني آهي جو اسين مسيح جي وسيلي ايشور جي ڏمر کان بچي وينداسين. اڳي ايشور جا دشمن هئڻ جي باوجود اسان جو سندس پٽ جي موت جي وسيلي ساڻس ميل ميلاپ ٿي ويو. هاڻي جڏهن تہ اسان جو ايشور سان ميل ميلاپ ٿي ويو آهي، تڏهن اها ڳالهہ ڪيڏي نہ يقيني آهي جو سندس پٽ جي جيون جي وسيلي اسين بچي وينداسين. نہ رڳو ايترو پر پنهنجي پرڀو يسوع مسيح، جنهن جي وسيلي اسان جو ايشور سان ميل ميلاپ ٿيو آهي، تنهن جي معرفت اسين ايشور تي فخر بہ ڪريون ٿا. هڪڙي ماڻهوءَ جي وسيلي سنسار ۾ پاپ آيو، پاپ جي سبب موت آيو ۽ موت سڄي انسانذات ۾ پکڙجي ويو، ڇاڪاڻ تہ سڀني پاپ ڪيو. سو موسيٰ جي نيم ملڻ کان اڳ سنسار ۾ پاپ هو، پر جتي نيم نہ آهي اتي پاپن جو حساب بہ نہ ٿو رکيو وڃي. ڏسو، آدم کان وٺي موسيٰ تائين سڀني ماڻهن تي موت جي حڪمراني هئي، جيتوڻيڪ انهن مان ڪن آدم جي نافرمانيءَ وانگر ايشور جي حڪم جي ڀڃڪڙي نہ ڪئي. انسانذات تي اثر جي لحاظ کان آدم مسيح وانگر آهي، جيڪو پوءِ اچڻ وارو هو. پر ڪرپا واري بخشش کي آدم جي نافرمانيءَ سان ڀيٽي نہ ٿو سگھجي. جيڪڏهن انهيءَ هڪڙي شخص جي نافرمانيءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻهو مري ويا، تہ پوءِ ايشور جي ڪرپا ڪيڏي نہ وڌيڪ آهي، جڏهن سندس بخشش هڪڙي ئي شخص يعني يسوع مسيح جي ڪرپا جي وسيلي گھڻن ئي ماڻهن لاءِ جھجھي انداز ۾ رکي ويئي آهي. ان کان علاوہ ڪرپا واري بخشش ۽ هڪڙي ماڻهوءَ جي نافرمانيءَ جا نتيجا هڪجهڙا نہ آهن. ڏسو، هڪڙي ئي پاپ ڪرڻ تي پاپي هئڻ جو فيصلو جاري ٿيو، جڏهن تہ پاپن جي گھڻائيءَ واري حالت ۾ بہ ايشور پاڻ ڏانهن سچار بڻائڻ واري بخشش بخشي. اهو سچ آهي تہ هڪڙي ئي ماڻهوءَ جي وسيلي يعني آدم جي نافرمانيءَ جي ڪري موت انسان تي حڪمراني ڪرڻ لڳو. پر هاڻ جن کي ڪرپا ۽ ايشور ڏانهن سچار بڻائڻ واري بخشش جھجھي انداز ۾ ملي ٿي، سي هڪڙي ئي ماڻهوءَ يعني يسوع مسيح جي وسيلي امر جيون جي حالت ۾ ڪيڏي نہ وڌيڪ حڪمراني ڪندا. جهڙيءَ طرح هڪڙي ماڻهوءَ جي نافرمانيءَ جي ڪري سڀني ماڻهن لاءِ پاپي هئڻ جو فيصلو جاري ٿيو، تهڙيءَ طرح هڪڙي جي سچائيءَ واري ڪم جي وسيلي سڀني ماڻهن کي ايشور ڏانهن سچار بڻجي جيون حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. هائو، جيئن هڪڙي ماڻهوءَ جي نافرمانيءَ جي ڪري گھڻا ماڻهو پاپي ٿيا، تيئن هڪڙي ئي ماڻهوءَ جي فرمانبرداريءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻهو ايشور ڏانهن سچار بڻايا ويندا. مطلب تہ موسيٰ جو نيم انهيءَ لاءِ آيو تہ جيئن ان جي حڪمن جي ڀڃڪڙيءَ ڪري پاپ وڌي. پر جتي پاپ گھڻو وڌيو اتي ايشور جي ڪرپا انهيءَ کان بہ گھڻو جھجھي انداز ۾ وڌي. تنهنڪري جيئن پاپ جي حڪمراني ماڻهن کي موت جي حوالي ڪندي پئي رهي، تيئن هاڻي ايشور جي ڪرپا جي حڪمراني اسان کي ايشور ڏانهن سچار بڻائي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي امر جيون ٿي بخشي. تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ پاپ ڪندا رهون تہ جيئن ايشور جي ڪرپا وڌيڪ ٿئي؟ نہ، هرگز نہ. اسين جيڪي پاپ جي نسبت مري چڪا آهيون، سي وري ڪيئن پاپ وارو جيون گذاري ٿا سگھون؟ ڇا اوهين اهو نہ ٿا ڄاڻو تہ اسين جيڪي بپتسما وٺي يسوع مسيح سان هڪ ٿيا آهيون، سي انهيءَ ئي بپتسما سان سندس مرڻ ۾ بہ ساڻس هڪ ٿي ويا آهيون؟ تنهنڪري بپتسما جي وسيلي اسين سندس مرڻ ۾ شامل ٿي هن سان گڏ دفن ٿي ويا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ جهڙيءَ طرح مسيح کي پتا جي مهان شڪتيءَ سان مئلن مان جيوت ڪيو ويو، تهڙيءَ طرح اسين بہ نئين سر جيون گذاريون. جيئن تہ اسين مسيح جي مرڻ ۾ ساڻس گڏ شامل آهيون، سو سندس جيوت ٿي اٿڻ ۾ بہ ضرور شامل ٿينداسين. سو اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جي پراڻي انساني فطرت مسيح سان گڏ سوليءَ تي چاڙهي ويئي، تہ جيئن اسان جي شرير تان پاپ جو قبضو ختم ٿي وڃي ۽ اڳتي اسين پاپ جي غلاميءَ ۾ نہ رهون، ڇاڪاڻ تہ جيڪو مسيح سان گڏ مري ويو سو پاپ کان آزاد ڪيو ويو آهي. هاڻ جڏهن اسين مسيح سان گڏ مري ويا آهيون، تہ پوءِ اسان جو وشواس آهي تہ ساڻس گڏ جيوت رهڻ ۾ بہ شامل رهنداسين، ڇاڪاڻ تہ مسيح جيڪو مئلن مان جيوت ٿي اٿيو آهي سو وري ڪڏهن بہ نہ مرندو. هاڻي موت جو مٿس ڪوبہ اختيار نہ آهي. هائو، جڏهن هو مري ويو تہ هميشہ جي لاءِ پاپ جي اختيار کان نڪري ويو ۽ هاڻي جڏهن هو وري جيوت ٿيو آهي تہ سندس جيون ايشور لاءِ مخصوص آهي. اهڙيءَ طرح اوهين بہ پاڻ کي پاپ جي نسبت مئل سمجھو، جڏهن تہ يسوع مسيح ۾ اوهين پنهنجو جيون ايشور لاءِ مخصوص سمجھو. تنهنڪري اوهين پنهنجي هن ناس ٿيندڙ شرير ۾ پاپ کي حڪمراني ڪرڻ نہ ڏيو، متان اوهين پاپ وارين خواهشن جي وس هيٺ رهو. پنهنجي شرير جي عضون کي پاپ جي حوالي نہ ڪريو، متان اهي بڇڙائيءَ جا هٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيوت سمجھي ايشور جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوهان جي شرير جا عضوا سچائيءَ جا هٿيار ٿين. سو اڳتي پاپ جو اوهان تي ڪوبہ اختيار نہ رهندو، ڇو تہ هاڻي اوهين نيم جي وس هيٺ نہ، بلڪ ايشور جي ڪرپا جي وس هيٺ آهيو. پوءِ ڇا اسين پاپ ڪريون، انهيءَ لاءِ تہ هاڻي اسين نيم جي نہ، پر ايشور جي ڪرپا جي وس هيٺ آهيون؟ نہ، هرگز نہ. ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪڏهن اوهين ڪنهن جي وس هيٺ رهو ٿا تہ انهيءَ طرح اوهين پنهنجو پاڻ کي انهيءَ جا غلام ٿا بڻايو؟ هاڻي جيڪڏهن اوهين پاپ جي وس هيٺ رهندا تہ ان جو نتيجو موت آهي. پر جيڪڏهن ايشور جي وس هيٺ رهندا تہ ان جو نتيجو سچائي آهي. حقيقت ۾ اوهين اڳي پاپ جا غلام هئا، پر ايشور جو شڪر آهي جو هاڻي اوهين انهيءَ سونپيل سکيا تي هلندي تن ۽ من سان ان جي وس هيٺ ٿيا آهيو. هائو، اوهين پاپ جي غلاميءَ کان آزاد ٿي سچائيءَ جا غلام بڻيا آهيو. اوهان جي انساني فطرت واري ڪمزوريءَ جي ڪري آءٌ اوهان کي غلاميءَ جو هي عام رواجي مثال ڏيئي سمجھائي رهيو آهيان. جيئن اڳي اوهان بڇڙائي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي حرامڪاريءَ ۽ بدڪاريءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، تيئن هاڻي پوِتر ٿيڻ لاءِ پاڻ کي سچائيءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو. جڏهن اوهين پاپ جا غلام هئا، تڏهن اوهان تي سچائيءَ جي ڪا پابندي نہ هئي. پوءِ جن ڪمن تي اوهين هن مهل شرمسار آهيو، تن کي ڪرڻ مان اوهان کي ڪهڙو فائدو مليو؟ ڪجھہ بہ نہ، ڇاڪاڻ تہ انهن ڪمن جو نتيجو تہ موت آهي. پر هاڻي اوهين پاپ کان آزاد ڪيا ويا آهيو ۽ ايشور جا غلام ٿيا آهيو، جنهن جو فائدو اوهان کي پوِترتائي جي صورت ۾ ملي ٿو ۽ انهيءَ جو نتيجو آهي امر جيون. بيشڪ پاپ جو لاڀ موت آهي، جڏهن تہ ايشور اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي اسان کي پنهنجي ڪرپا واري بخشش يعني امر جيون بخشي ٿو. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين جيڪي نيم کان واقف آهيو، سي ڄاڻو ٿا تہ جيستائين انسان جيوت آهي تيستائين نيم جو مٿس حڪم هلي ٿو. مثال طور نيم موجب پتني پنهنجي پتيءَ سان سندس جيون تائين ٻڌل رهي ٿي. پر جڏهن اهو پتي مري وڃي ٿو تہ هوءَ سندس شاديءَ واري ٻنڌڻ کان آزاد ٿئي ٿي. جيڪڏهن اها ناري پتيءَ جي جيوت هوندي ڪنهن ٻئي مرد سان لاڳاپو رکي ٿي تہ اها زناڪار سڏبي. پر جيڪڏهن سندس پتي مري وڃي تہ هوءَ نيم موجب آزاد آهي ۽ پوءِ جيڪڏهن ڪنهن بہ مرد سان شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ٿي تہ اها زناڪار نہ سڏبي. منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ساڳيءَ طرح مسيح جي موت جي وسيلي اوهين بہ نيم جي لحاظ کان مري ويا آهيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين مسيح سان ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي هڪ ٿي وڃو، جيڪو مئلن مان جيوت ٿيو. انهيءَ طرح اسين سڀ ايشور جي لائق ڦل جھلينداسين. جڏهن اسين رڳو انساني فطرت موجب رهندا هئاسين، تڏهن اسان جون شرير واريون خواهشون، جيڪي نيم جي ڪري ظاهر ٿي ٿيون سي اسان تي قابض هيون، جنهن ڪري اسان موت جي لائق ڦل جھليوسين. پر هاڻ اسين نيم جي لحاظ کان مرڻ جي ڪري ان جي ٻنڌڻ کان آزاد ٿي ويا آهيون. هاڻي اسين ايشور جي سيوا ڪرڻ ۾ پراڻن لکيل حڪمن جا نہ، بلڪ پوِتر آتما واري نئين جيون جا پابند آهيون. پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ نيم خود پاپ آهي؟ نہ، بلڪل نہ. جيڪڏهن نيم نہ هجي ها تہ مون کي پاپ جي سڌ نہ پوي ها. جيڪڏهن نيم نہ چوي ها تہ ”لالچ نہ ڪر“ تہ مون کي لالچ جي سڌ ئي نہ پوي ها. پر نيم جي انهيءَ حڪم جي ڪري پاپ کي ڄڻ وجھہ ملي ويو جو هن مون ۾ هر طرح جي لالچ پيدا ڪئي، ڇاڪاڻ تہ نيم کان سواءِ پاپ مئل آهي. ڪو وقت هو جڏهن نيم کان سواءِ آءٌ جيوت هئس. پر جڏهن نيم وارو اهو حڪم منهنجي سامهون آيو تڏهن پاپ جيوت ٿي پيو ۽ آءٌ مري ويس. اهڙيءَ طرح سڌ پيئي تہ نيم وارو اهو حڪم جنهن جو مقصد مون کي جيون بخشڻ هو، سو ئي منهنجي لاءِ موت جو سبب بڻجي پيو. پاپ وجھہ وٺي نيم واري انهيءَ حڪم جي وسيلي مون کي برغلايو ۽ انهيءَ ئي حڪم جي وسيلي مون کي ماري وڌائين. هاڻي جڏهن تہ نيم پاڻ پوِتر آهي ۽ سندس حڪم بہ پوِتر، سچا ۽ چڱا آهن، تہ پوءِ انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ڇا تہ جيڪا چڱي شيءِ آهي، تنهن مون کي ماريو؟ نہ، بلڪل نہ. پر اهو پاپ جو ڪم هو جنهن هڪ چڱيءَ شيءِ جو سهارو وٺي مون لاءِ موت پيدا ڪيو، تہ جيئن ان جي فطرت ظاهر ٿئي. انهيءَ طرح نيم وارن حڪمن جي وسيلي پاپ جي بڇڙائي حد کان وڌيڪ پڌري ٿئي ٿي. اسين ڄاڻون ٿا تہ نيم آتمڪ آهي. پر منهنجي فطرت انساني آهي ۽ آءٌ پاپ جي هٿ وڪاميل آهيان. ڳالهہ اها آهي تہ مون کي پنهنجي ڪمن جي بہ سڌ نہ ٿي پوي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪم آءٌ ڪرڻ گھران ٿو سي تہ نہ ٿو ڪريان، پر اٽلندو اهي ڪم ڪريان ٿو جن کان مون کي نفرت آهي. جيڪڏهن آءٌ اهي ڪم ڪريان ٿو جيڪي حقيقت ۾ آءٌ ڪرڻ نہ ٿو گھران تہ انهيءَ مان ظاهر آهي تہ آءٌ قبول ٿو ڪريان تہ نيم چڱو آهي. سو هاڻوڪي حالت ۾ ڪم ڪرڻ وارو آءٌ نہ آهيان، پر اهو پاپ آهي جيڪو مون ۾ گھر ڪري ويٺو آهي. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ مون ۾ يعني منهنجي انساني فطرت ۾ ڪابہ نيڪي ڪانہ ٿي رهي. جيتوڻيڪ منهنجي دل ۾ نيڪي ڪرڻ جي خواهش آهي، تنهن هوندي بہ اها مون کان ٿي نہ ٿي سگھي. هائو، آءٌ نيڪي ڪرڻ گھران ٿو، پر نہ ٿو ڪريان ۽ بڇڙا ڪم ڪرڻ نہ ٿو گھران، پر اهي ڪريان ٿو. هاڻي جڏهن آءٌ اهڙا ڪم ٿو ڪريان جن جي ڪرڻ لاءِ دل نہ ٿي گھري، تہ پوءِ اهي ڪم ڪرڻ وارو آءٌ نہ آهيان، پر اهو پاپ ئي آهي جيڪو مون ۾ گھر ڪري ويٺو آهي. تنهنڪري مون ۾ هڪ اهڙو حڪم ڪم ڪندي نظر اچي ٿو جو آءٌ جڏهن چڱا ڪم ڪرڻ گھران ٿو تہ انهن جي بدران بڇڙا ڪم ٿيو پون. منهنجي دل تہ ايشور جي نيم مان خوش آهي، پر آءٌ پنهنجي شرير جي عضون ۾ انهيءَ ٻئي حڪم کي ڪم ڪندي ڏسان ٿو، جيڪو منهنجي دلي سوچ سان جنگ ڪري ٿو. اهو مون کي پاپ جي انهيءَ حڪمرانيءَ جو غلام ٿو بڻائي، جيڪا منهنجي عضون ۾ موجود آهي. سو آءٌ ڪيڏو نہ نڀاڳو ماڻهو آهيان! مون کي اهڙي شرير کان ڪير ڇڏائيندو جنهن جي وسيلي موت ايندو؟ انهيءَ لاءِ آءٌ ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي مون کي ڇڏائيندو. مطلب تہ جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي دلي سوچ سان ايشور جي نيم جي وس هيٺ آهيان، تڏهن بہ منهنجي انساني فطرت اڃا پاپ جي حڪم هيٺ آهي. پر هاڻ جيڪي يسوع مسيح ۾ آهن، سي پاپي هئڻ جي فيصلي کان آزاد آهن. پوِتر آتما جي حڪمراني جيڪا اسان کي يسوع مسيح ۾ جيون ڏئي ٿي، تنهن اسان کي پاپ ۽ موت جي حڪمرانيءَ کان ڇڏايو آهي. جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب نيم نہ ڪري سگھيو سو ايشور ڪيو. انهيءَ لاءِ هن پنهنجي پٽ کي انساني يعني پاپين واري روپ ۾ موڪليو، تہ جيئن هو اسان جي پاپن خاطر پنهنجي جان ڏئي. اهڙيءَ طرح انساني فطرت ۾ موجود پاپ جي خلاف ايشور فيصلو جاري ڪيو. اهو ايشور انهيءَ لاءِ ڪيو تہ اسان ۾ نيم جي سچائي پوري ٿي وڃي، جيڪي انساني فطرت موجب نہ پر پوِتر آتما موجب جيون گذاريون ٿا. سو جيڪي انساني فطرت جي وس هيٺ آهن تن جي سوچ سنساري آهي، پر جيڪي پوِتر آتما جي وس هيٺ آهن تن جي سوچ آتمڪ آهي. انساني فطرت واري سوچ موت آهي، پر پوِتر آتما واري سوچ جيون ۽ ايشور سان ميل ميلاپ آهي. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ انساني فطرت واري سوچ ايشور جي دشمن آهي، ڇاڪاڻ تہ اها نہ ايشور جي حڪمرانيءَ جي وس هيٺ آهي، نڪي ٿي سگھي ٿي. جيڪي انساني فطرت موجب هلن ٿا سي ايشور کي راضي رکي نہ ٿا سگھن. پر اوهين انساني فطرت موجب نہ بلڪ پوِتر آتما موجب هلو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهان ۾ ايشور جي آتما رهي ٿي. جنهن ماڻهوءَ ۾ مسيح جي آتما نہ آهي سو مسيح جو نہ آهي. پر جيڪڏهن مسيح اوهان ۾ آهي، پوءِ توڙي جو پاپ جي ڪري اوهان جو شرير مئل آهي، تڏهن بہ ايشور ڏانهن سچار هئڻ ڪري جيون بخشيندڙ پوِتر آتما اوهان ۾ آهي. هاڻ جيڪڏهن اوهان ۾ ايشور جي آتما موجود آهي، جنهن يسوع کي مئلن مان جيوت ڪيو، تہ پوءِ مسيح کي مئلن مان جيوت ڪرڻ وارو اوهان جي ناس ٿيندڙ شريرن کي بہ پنهنجي انهيءَ آتما جي وسيلي جيوت ڪندو جيڪا اوهان ۾ رهي ٿي. تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين انساني فطرت جا قرضدار نہ آهيون جو انهيءَ موجب جيون گذاريون. هاڻي جيڪڏهن اوهين انساني فطرت موجب جيون گذاريندا تہ ضرور مرندا. پر جيڪڏهن پوِتر آتما جي وسيلي انساني فطرت وارن خراب ڪمن کي ناس ڪندا تہ جيوت رهندا. سو جيڪي ايشور جي آتما جي هدايت موجب هلن ٿا سي ئي ايشور جا ٻار آهن. ڏسو، اوهان کي اها آتما نہ ملي آهي جيڪا اوهان کي وري ڊپ جو غلام بڻائي. پر اوهان کي اها آتما ملي آهي جنهن جي وسيلي اوهين ايشور جا ٻار مقرر ڪيا ويا آهيو. انهيءَ آتما جي ڪري اسين سڀيئي ايشور کي ”پتا، اي پتا!“ ڪري ٿا پڪاريون. اها پوِتر آتما پاڻ اسان جي آتما سان گڏ شاهدي ٿي ڏئي تہ اسين ايشور جا ٻار آهيون. جيڪڏهن اسين هن جا ٻار آهيون تہ وارث بہ آهيون، يعني ايشور جا وارث ۽ مسيح سان ورثي ۾ شريڪ آهيون، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اسين مسيح سان تڪليفن ۾ شريڪ ٿيون ٿا تہ پوءِ ساڻس گڏ جوت ۾ بہ شريڪ ڪيا وينداسون. سو آءٌ سمجھان ٿو تہ جيڪي ڏک سور اسين هن وقت ڏسون ٿا، تن جي ڀيٽ انهيءَ جوت سان ڪري ئي نہ ٿي سگھجي جنهن ۾ اسين ظاهر ٿيڻ وارا آهيون. سڄي رچنا ڏاڍي سڪ منجھان پيئي واجھائي تہ ڪڏهن ايشور جا ٻار انهيءَ جوت ۾ ظاهر ڪيا ويندا. جيتوڻيڪ سڄي رچنا پنهنجي رچنا وارو مقصد وڃائي ويٺي آهي، جيڪو سندس مرضيءَ سان نہ ٿيو پر ايشور کيس پنهنجي لعنت هيٺ آندو، تنهن هوندي بہ کيس اها اميد ڏني ويئي تہ ڪو وقت ايندو جڏهن رچنا کي بہ ناس ٿيڻ جي غلاميءَ کان ڇڏايو ويندو ۽ ايشور جي ٻارن جي جوت واري آزاديءَ ۾ شريڪ ڪيو ويندو. جڏهن تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ سڄي رچنا هن وقت تائين ويم جهڙن سورن ۾ پيئي ڪنجھي ۽ تڙپي. انهن سان گڏوگڏ اسين پاڻ بہ پنهنجي اندر ۾ پيا ڪنجھون. جيتوڻيڪ ايشور اسان کي انهيءَ آزاديءَ جي پهرين بخشش پوِتر آتما جي صورت ۾ بخشي آهي، تہ بہ ايشور جا پوريءَ طرح ٻار ٿيڻ يعني پنهنجي شرير کي نئين حالت ملڻ جي بيحد انتظار ۾ ويٺا آهيون. انهيءَ اميد سان اسان کي مڪتي ڏني ويئي. پر جيڪڏهن اها شيءِ ڏسڻ ۾ اچي، جنهن جي اميد رکجي ٿي تہ پوءِ اميد ڇا جي؟ ڇا ڪو اهڙو ماڻهو آهي جيڪو ڪا شيءِ ڏسي ۽ پوءِ بہ انهيءَ لاءِ اميد رکي؟ پر جيڪڏهن اسين اهڙيءَ شيءِ جي اميد ٿا ڪريون جيڪا اڃا ڏسڻ ۾ نہ آئي آهي، تہ پوءِ اسين صبر سان ان جو بيحد انتظار ٿا ڪريون. انهيءَ اميد سان گڏوگڏ پوِتر آتما بہ اسان جي ڪمزوريءَ ۾ مدد ٿي ڪري. جيئن تہ اسين نہ ٿا ڄاڻون تہ ڪهڙي مناسب پرارٿنا ڪريون، سو پوِتر آتما پاڻ بيان کان ٻاهر آهون ڀري ڀري اسان جي سفارش پيئي ڪري. ايشور جيڪو دلين جو پرکڻ وارو آهي سو ڄاڻي ٿو تہ پوِتر آتما ڇا ٿي چاهي، يعني پوِتر آتما سندس مرضيءَ موجب مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي سفارش ٿي ڪري. اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور سڀني ڳالهين ۾ انهن ماڻهن لاءِ ڀلائي رکي ٿو، جيڪي ساڻس پيار ڪن ٿا ۽ سندس مقصد لاءِ چونڊيا ويا آهن. هائو، شروع کان ئي ايشور انهن کي پنهنجو ٿي ڄاتو ۽ کين اڳ ۾ ئي مخصوص بہ ڪيو هئائين. ايشور اهو انهيءَ لاءِ ڪيو تہ اهي سندس پٽ جهڙا ٿين، تہ جيئن سندس پٽ گھڻن ڀائرن ڀينرن ۾ پهريتو ٿئي. سو ايشور جن کي مخصوص ڪيو هو تن کي سڏيائين بہ، جن کي سڏيائين تن کي پاڻ ڏانهن سچار بہ بڻايائين ۽ جن کي سچار بڻايائين تن کي پنهنجي جوت ۾ بہ شريڪ ڪيائين. سو انهن سڀني ڳالهين جي نتيجي ۾ اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن ايشور اسان سان آهي تہ ڪير اسان جو مخالف ٿي سگھندو؟ هن تہ پنهنجو پٽ بہ اسان کان پري نہ رکيو، بلڪ کيس اسان سڀني جي خاطر موت جي حوالي ڪيو. پوءِ ٻي ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا هو انهيءَ سان گڏ اسان کي نہ ڏيندو؟ ڪير آهي جيڪو ايشور جي چونڊيل ماڻهن تي تهمت هڻندو؟ جڏهن تہ ايشور خود انهن کي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي. ڪير آهي جيڪو اسان کي پاپي قرار ڏيندو؟ جڏهن تہ يسوع مسيح خود اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني، بلڪ مئلن مان وري جيوت ٿي اٿيو. هو ايشور جي ساڄي پاسي آهي ۽ اسان جي سفارش پيو ڪري. پوءِ ڪير آهي جيڪو اسان کي مسيح جي پيار کان جدا ڪري سگھي؟ توڙي جو اسين مصيبت يا تنگيءَ ۾ هجون، اسان کي ستايو وڃي يا اسين بک، غريبيءَ ۽ خطري ۾ هجون يا اسان کي ماريو وڃي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”تنهنجي خاطر هر وقت اسان کي موت جو منهن ڏيکاريو وڃي ٿو. هائو، اسان سان ڪوس جي رڍن وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.“ انهن سڀني حالتن ۾ بہ اسين انهيءَ جي وسيلي شاندار سوڀ حاصل ڪريون ٿا، جنهن اسان کي پيار ڪيو. منهنجو وشواس آهي تہ نہ موت، نہ جيون، نہ دوت، نہ ڀوت، نہ حال توڙي مستقبل جون شيون، نہ شڪتيون، نہ آڪاش، نہ پاتال ۽ نہ وري ڪا ٻي مخلوق اسان کي ايشور جي انهيءَ پيار کان جدا ڪري سگھندي، جيڪو يسوع مسيح يعني اسان جي پرڀوءَ جي وسيلي اسان کي مليو آهي. آءٌ مسيح ۾ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان. منهنجي دل جيڪا پوِتر آتما جي وس ۾ آهي، سا بہ مون سان گڏ شاهدي ٿي ڏئي تہ اهي بني اسرائيل ئي آهن، جن کي ايشور پنهنجا ٻار مقرر ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي. انهن کي هن پنهنجي جوت ڏيکاري، ساڻن پنهنجا وچن ٻڌائين ۽ کين نيم بخشيائين. اهي ئي حقيقي ڀڳتي ۽ سندس وچنن جا حقدار آهن. اهي ئي ابرهام، اضحاق ۽ يعقوب جو اولاد آهن ۽ شرير جي لحاظ کان مسيح بہ انهن مان ئي آهي. واہ! شل ايشور، جيڪو سڀني جي مٿان حاڪم آهي، تنهن جي مهما هميشہ ٿئي. آمين. هاڻ جيڪڏهن اهي مڪتي حاصل نہ ٿا ڪن تہ پوءِ ايشور جو انهن سان ڪيل وچن ڪوڙو ثابت ٿيو ڇا؟ نہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪي بني اسرائيل قوم ۾ پيدا ٿيا آهن، تن مان سڀ حقيقي بني اسرائيل وارا نہ آهن ۽ نہ وري ابرهام جي پيڙهيءَ مان هئڻ ڪري اهي سڀ ايشور جا ٻار ليکيا ويا آهن. اهو ئي سبب آهي جو پوِتر شاستر ۾ ابرهام کي فرمايو ويو آهي تہ ”تنهنجي پيڙهي اضحاق مان ئي سڏي ويندي.“ مطلب تہ شرير جي لحاظ کان پيدا ٿيل ٻار ايشور جا ٻار نہ آهن، پر ابرهام سان ايشور جي ڪيل وچن موجب جيڪي ٻار پيدا ٿيا، سي ئي ابرهام جو اولاد ليکجن ٿا. ايشور جي ساڻس انهيءَ وچن جي هن مان سڌ پوي ٿي تہ ”ايندڙ سال هنن ئي ڏينهن ۾ آءٌ موٽي ايندس، تڏهن سارہ کي پٽ ڄاول هوندو.“ اسان جي وڏن مان هڪ ٻيو مثال هي آهي جڏهن اضحاق کي ربقہ مان جاڙا ٻار پيدا ٿيا. جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”مون يعقوب سان پريم رکيو پر عيسوءَ سان نہ.“ پوءِ اسين ائين چئون ڇا تہ ايشور وٽ سچائي نہ آهي؟ نہ، هرگز نہ. ايشور پاڻ موسيٰ کي چيو تہ ”جنهن تي آءٌ ديا ڪرڻ گھران تنهن تي ديا ڪندس ۽ جنهن تي ڪرپا ڪرڻ گھران تنهن تي ڪرپا ڪندس.“ تنهنڪري اهو نہ انسان جي خواهش ڪرڻ تي ۽ نہ ڪوشش ڪرڻ تي مدار رکي ٿو، پر اهو سڀ ايشور جي ديا تي مدار رکي ٿو. پوِتر شاستر ۾ بہ اهڙيءَ ئي طرح ايشور فرعون کي فرمائي ٿو تہ ”مون تو کي راجا انهيءَ لاءِ بڻايو آهي تہ آءٌ تنهنجي ڪري پنهنجي شڪتي ظاهر ڪريان ۽ سنسار ۾ منهنجو نالو روشن ٿئي.“ مطلب تہ ايشور جنهن تي ديا ڪرڻ گھري ٿو، تنهن تي ديا ڪري ٿو ۽ جنهن کي ضد تي قائم رکڻ گھري ٿو تنهن جي دل کي سخت ڪري ٿو. هاڻي شايد اوهان مان ڪو ائين چوي تہ ”جيڪڏهن اها ڳالهہ آهي جو ڪو ايشور جي مرضيءَ جو مقابلو ڪري نہ ٿو سگھي، تہ پوءِ هو ڇو ٿو ماڻهن کي پاپي قرار ڏئي؟“ پر اي انسان! تون ڪير ٿيندو آهين جو ايشور سان سوال جواب ڪرين؟ ڇا رچيل شيءِ رچيندڙ کي چئي سگھي ٿي تہ ”تو مون کي اهڙو ڇو رچيو آهي؟“ ڇا ڪنڀر کي اهو اختيار نہ آهي جو هو ساڳي مٽيءَ جي پنوڙي مان هڪڙو قيمتي ٿانءُ بڻائي ۽ ٻيو خسيس؟ سو انهيءَ ۾ عجب جي ڪهڙي ڳالهہ آهي جو ايشور پنهنجو ڏمر ظاهر ڪرڻ ۽ شڪتي ڏيکارڻ واري پنهنجي ارادي کي روڪيندي انهن ڏمر جي لائق ٿانوَن کي صبر سان برداشت ڪندو رهيو، جيڪي ڀڃي ناس ٿيڻ لاءِ تيار ڪيا ويا هئا. يا انهيءَ ۾ عجب جي ڪهڙي ڳالهہ آهي جو ايشور پنهنجي جوت جي دولت انهن ديا وارن ٿانوَن تي ظاهر ڪئي، جيڪي هن پنهنجي جوت جي لاءِ اڳي ئي تيار ڪري ڇڏيا هئا، يعني اسان کي، جن کي هن نہ رڳو يهودين مان پر غير قومن مان بہ چونڊي ورتو آهي. اهو ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت هوسيع جي پوِتر لکت مطابق آهي، جنهن ۾ ايشور فرمائي ٿو تہ ”جيڪا منهنجي قوم نہ هئي، تنهن کي پنهنجي قوم سڏيندس، ۽ جيڪا مون کي پياري نہ هئي، تنهن کي پياري چوندس.“ اهو بہ لکيل آهي تہ ”جنهن جاءِ تي انهن کي چيو ويندو هو تہ ’اوهين منهنجي قوم نہ آهيو،‘ انهيءَ ساڳي جاءِ تي اهي ’جيوت ايشور جا ٻار‘ سڏبا.“ جڏهن تہ بني اسرائيل بابت سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ پڪاري چوي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ بني اسرائيل جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو گھڻو هوندو، تہ بہ انهن مان ڪي ٿورا ئي وڃي بچندا. پرميشور پنهنجي انهيءَ ٻڌايل فيصلي کي ڌرتيءَ تي جلد ئي پوريءَ طرح عمل ۾ آڻيندو.“ يسعياہ سنت هن ڳالهہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ هيئن بہ چيو آهي تہ ”جيڪڏهن سروِشڪتيوان پرميشور اسان جو ڪوبہ اولاد باقي نہ ڇڏي ها، تہ اسان جو حال بہ سدوم ۽ عموراہ شهر وارن جهڙو ٿئي ها.“ ان مان اسان جي چوڻ جو مطلب هي آهي تہ جيتوڻيڪ غير قوم وارن ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪا ڪوشش نہ ڪئي، تہ بہ انهن مان ڪن کي ايشور پاڻ ڏانهن سچار بڻايو ۽ اهو سندن وشواس رکڻ جي ڪري ئي ٿيو. ان جي ابتڙ بني اسرائيل، جيڪي نيم تي عمل جي وسيلي ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، سي انهيءَ ۾ ناڪام ٿي ويا. ان جو سبب ڪهڙو هو؟ اهو هو تہ هنن وشواس رکڻ جي وسيلي نہ، پر نيم تي عمل جي وسيلي ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪئي. ائين هنن انهيءَ ٿاٻڙائڻ واري پٿر تان ٿاٻو کاڌو. اهو پٿر يسوع آهي، جنهن بابت ايشور پوِتر شاستر ۾ فرمايو آهي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني هڪ ڇپ رکي ڇڏيان ٿو، جيڪا ٿاٻو کائڻ جو سبب بڻبي، پر جيڪو هن تي وشواس آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منهنجي دلي تمنا آهي تہ بني اسرائيل کي مڪتي ملي ۽ انهيءَ لاءِ آءٌ ايشور جي در پرارٿنا ٿو ڪريان. هنن بابت آءٌ اها شاهدي ٿو ڏيان تہ ايشور جي لاءِ کين جذبو تہ آهي، پر سمجھہ ڪانہ اٿن تہ ماڻهو ڪهڙيءَ طرح ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو. سو هو نيم وسيلي ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. ائين هو ايشور ڏانهن سچار بڻجڻ جو صحيح رستو اختيار نہ ٿا ڪن. جيئن تہ نيم جو مقصد مسيح ۾ پورو ٿي ويو، تنهنڪري جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي ٿو سو ئي ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو. نيم تي عمل ڪرڻ سان ايشور ڏانهن سچار بڻجڻ جي باري ۾ موسيٰ بيشڪ اهو لکيو آهي تہ ”نيم جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ماڻهو جيوت رهندو.“ جڏهن تہ جيڪو وشواس آڻڻ جي وسيلي ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو، تنهن کي اها سچائي چوي ٿي تہ ”تون پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ چئُہ تہ ’ڪير آڪاش تي چڙهندو؟‘“ ڇاڪاڻ تہ مسيح اڳي ئي هيٺ لهي آيو آهي. يا ”ائين نہ چئُہ تہ ’ڪير پاتال ۾ لهي ويندو؟‘“ ڇاڪاڻ تہ مسيح اڳي ئي مئلن مان جيوت ٿي چڪو آهي. بلڪ اها سچائي هيئن بہ چوي ٿي تہ ”ايشور جون ڳالهيون تنهنجي ويجھو آهن، بلڪ تنهنجي زبان تي ۽ تنهنجي دل ۾ آهن.“ ايشور جون هي ڳالهيون وشواس آڻڻ جو اهو ئي سنديش آهي، جنهن جو اسين پرچار ڪريون ٿا. سو هاڻي جيڪڏهن اوهين زبان سان اقرار ڪريو تہ ”يسوع ئي پرڀو آهي“ ۽ دل سان وشواس آڻيو تہ ”ايشور کيس مئلن مان جيوت ڪيو آهي“ تہ پوءِ اوهان کي مڪتي ملندي. ڏسو، دل سان وشواس آڻڻ ڪري ئي اسين ايشور ڏانهن سچار بڻجون ٿا ۽ زبان سان اقرار ڪرڻ ڪري ئي اسان کي مڪتي ملي ٿي. اهو سنديش سڀني لاءِ آهي، جيئن پوِتر شاستر ۾ بہ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ هن تي وشواس آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“ مطلب تہ يهودين توڙي غير قوم وارن ۾ ڪوبہ فرق نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي سڀني جو پرڀو آهي ۽ جيڪو بہ کيس ٻاڏائي ٿو تنهن کي جھجھي انداز ۾ ڏئي ٿو، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ پرڀوءَ جو نالو وٺي ٻاڏائيندو تنهن کي مڪتي ملندي.“ پر جنهن تي هنن وشواس ئي نہ آندو آهي، تنهن کي هو ڪيئن ٻاڏائيندا؟ جنهن جي باري ۾ هنن ٻڌو ئي نہ آهي، تنهن تي ڪيئن وشواس آڻيندا؟ جيڪڏهن ڪو سنديش ٻڌائڻ وارو ئي ڪونہ آهي، تہ پوءِ هو ڪيئن ٻڌي سگھندا؟ جيستائين ڪن کي موڪليو ئي نہ وڃي، تيستائين اهي سنديش جو پرچار ڪيئن ڪندا؟ جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”خوشخبري ٻڌائڻ وارن جو اچڻ ڪيڏو نہ وڻندڙ آهي!“ پر بني اسرائيل مان سمورن اها خوشخبري قبول نہ ڪئي آهي، جيئن يسعياہ پاڻ چيو تہ ”اي پرميشور! اسان جي سنديش تي ڪنهن وشواس آندو؟“ سو وشواس سنديش ٻڌڻ سان پيدا ٿئي ٿو ۽ اهو سنديش آهي مسيح بابت پرچار. پر آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل وارن سنديش نہ ٻڌو؟ بيشڪ ٻڌو، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ٻڌائڻ وارن جو آواز سڄي ڌرتيءَ تي پکڙجي ويو، هائو، انهن جو سنديش ڌرتيءَ جي ڇيڙن تائين وڃي پهتو.“ آءٌ وري پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل جي ماڻهن کي اهو سنديش سمجھہ ۾ نہ آيو؟ ضرور آيو، پر مڃيائون ڪين. انهيءَ ڪري موسيٰ جي معرفت ايشور اڳي ئي فرمايو آهي تہ ”آءٌ اوهان کي انهن ماڻهن جي وسيلي غيرت ڏياريندس، جيڪي ڪا قوم ئي نہ آهن. آءٌ اوهان کي ان قوم جي وسيلي ڪاوڙائيندس، جيڪا بي‌سمجھہ آهي.“ وري يسعياہ وڏي دليريءَ سان ايشور جو هي فرمان ٻڌايو تہ ”جن مون کي نہ ڳوليو، تن کي آءٌ ملي ويس. جيڪي مون لاءِ پڇن بہ نہ پيا، تن کي مون درشن ڏنو.“ پر بني اسرائيل بابت ايشور فرمائي ٿو تہ ”مون سڄو وقت هڪڙي نافرمان ۽ ضدي قوم جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ پنهنجا هٿ ڊگھيري رکيا.“ تنهنڪري آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا ايشور پنهنجيءَ قوم کي رد ڪري ڇڏيو آهي؟ نہ، هرگز نہ. ڏسو، آءٌ پاڻ بہ تہ بني اسرائيل مان آهيان. هائو، آءٌ بہ ابرهام جي پيڙهيءَ ۽ بنيامين جي قبيلي مان آهيان. ايشور پنهنجي انهيءَ قوم کي ڪيئن رد ڪندو، جنهن کي شروع کان ئي هن پنهنجو ٿي ڄاتو! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ پوِتر شاستر ۾ ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ جي باري ۾ ڇا لکيل آهي؟ ايلياہ بني اسرائيل جي خلاف ايشور آڏو فرياد ڪندي چوي ٿو تہ ”اي پرميشور! هنن تنهنجين ٻليدان وارين جاين کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ تنهنجي سنديش ڏيندڙ سنتن کي قتل ڪيو اٿائون. آءٌ اڪيلو ئي باقي وڃي بچيو آهيان ۽ منهنجي پٺيان بہ هٿ ڌوئي ڪڍ پيا آهن.“ پر ايشور کيس ڇا فرمايو؟ هن وراڻيس تہ ”مون ست هزار ماڻهو پنهنجي لاءِ بچائي رکيا آهن، جن بعل ديوتا آڏو سيس ناهي نوايو.“ ساڳيءَ طرح هن وقت بہ بني اسرائيل مان ڪي ٿورا ماڻهو وڃي بچيا آهن، جن کي ايشور پنهنجي ڪرپا سان چونڊيو آهي. جيئن تہ اها چونڊ ايشور جي ڪرپا موجب آهي، تنهنڪري ان ۾ ماڻهن جي عملن جو ڪو دخل نہ آهي، نہ تہ ايشور جي ڪرپا ڪرپا نہ ليکجي ها. انهيءَ مان ڪهڙو نتيجو نڪتو؟ اهو تہ بني اسرائيل جنهن سچائيءَ جي ڳولا ڪندا ٿي رهيا، سا پوريءَ قوم کي نہ، بلڪ منجھائن ڪن ٿورن چونڊيلن کي ملي ۽ باقي ٻين جي دلين کي سخت ڪيو ويو، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ايشور اڄ ڏينهن تائين انهن جي دل ۽ دماغ کي مدهوش رکيو آهي. سو اهي نہ اکين سان ڏسي ٿا سگھن، نڪي ڪنن سان ٻڌي ٿا سگھن.“ اهڙيءَ طرح راجا دائود چوي ٿو تہ ”شل سندن پنهنجي ئي رسوئي کائڻ واري چادر سندن لاءِ ڄار ۽ ڦندو ثابت ٿئي، ۽ اها ٺوڪر کائڻ ۽ سزا ڀوڳڻ جو سبب بڻجين! شل انهن جون اکيون انڌيون ٿين، تہ جيئن هو ڏسي نہ سگھن، ۽ سندن پٺيون تڪليفن سان هميشہ لاءِ جھڪي پون.“ پوءِ آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل قوم ٿاٻو کائي ائين ڪِري پيئي جو وري ڪڏهن بحال نہ ٿيندي؟ نہ، هرگز نہ. ڏسو، بني اسرائيل جي انهيءَ ڪِري پوڻ جي ڪري غير قوم وارن کي مڪتي ملي ويئي، تہ جيئن اهو ڏسي بني اسرائيل کي غيرت اچي. هاڻ جڏهن بني اسرائيل جو ڪِري پوڻ يعني انهن جو مڪتيءَ کي قبول نہ ڪرڻ سنسار جي سڀني غير قوم وارن لاءِ گھڻو فائديمند ثابت ٿيو، تہ پوءِ جڏهن بني اسرائيل ۾ وشواسين جو تعداد وڌي ڀرپور ٿيندو، تڏهن سڀني لاءِ ايشور جي ڪيڏي نہ وڌيڪ ديا ٿيندي. اي غير قومن وارؤ! آءٌ خاص طور اوهان سان ڳالهائي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ تہ آءٌ غير قومن ڏانهن خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت ڪري موڪليو ويو آهيان. مون کي پنهنجي هن ڪم تي فخر بہ آهي، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ڪنهن طرح پنهنجي قوم وارن کي غيرت ڏياريان ۽ انهن مان ڪن کي بچائي وٺان. جڏهن انهن کي ڪڍي ڇڏڻ ڪري غير قومن سان ايشور جي ميل ميلاپ جو موقعو پيدا ٿيو، تہ پوءِ ايشور جو انهن کي وري قبول ڪرڻ مئلن مان جيوت ڪرڻ جي برابر نہ ٿيندو ڇا؟ ابرهام ايشور جو چونڊيل هو، تنهنڪري سندس پيڙهي بہ چونڊيل آهي. هائو، ايشور کي ڏنل دان جو پهريون چاڻو پوِتر قرار ڏنو ويو تہ سڄو ڳوهيل اٽو بہ پوِتر ٿي ويو يا وڻ جي پاڙ جڏهن مخصوص ڪئي ويئي تہ ان جون ٽاريون بہ مخصوص ٿي ويون. سو هاڻي انهيءَ پوکيل زيتون جون ڪي ٽاريون ڀڳيون ويون آهن ۽ اوهين غير قوم وارا جيڪي هڪ جھنگلي زيتون جي ٽاريءَ مثل آهيو، سي انهن ڀڳل ٽارين جي جاءِ تي پيوند ڪيا ويا آهيو ۽ انهيءَ پوکيل زيتون جي مخصوص پاڙ ۾ شامل ٿي ان جي سڻڀي رس حاصل ڪريو ٿا. تہ پوءِ اوهين انهن ڀڳل ٽارين کي خسيس سمجھي پاڻ تي فخر نہ ڪجو. ياد رکو، اوهين رڳو ٽاريون آهيو ۽ پاڙ جي پرورش نہ ٿا ڪريو، بلڪ پاڙ اوهان جي پرورش ڪري ٿي. شايد اوهين ائين چوندا تہ ”اهي ٽاريون انهيءَ لاءِ ڀڳيون ويون، تہ جيئن اسين پيوند ڪيا وڃون.“ ٺيڪ آهي. پر ياد رکو، اهي ٽاريون انهيءَ لاءِ ڀڳيون ويون جو انهن مسيح تي وشواس نہ آندو ۽ اوهين انهيءَ ڪري جڙيل آهيو جو اوهان مسيح تي وشواس آندو آهي. سو پاڻ تي وڏائي نہ ڪريو، بلڪ خوف رکو. هاڻ جڏهن ايشور بني اسرائيل وارن، يعني اصلي ٽارين کي بہ وڻ ۾ رهڻ نہ ڏنو، تہ پوءِ اوهين ڪيئن بچي سگھندا؟ سو ايشور جي ڪرپا ۽ سختيءَ کي ڌيان ۾ رکو. هو سختي انهن تي ٿو ڪري جيڪي ڀَٽڪي ويا آهن، جڏهن تہ اوهان تي ڪرپا ٿو ڪري. پر شرط هي آهي تہ اوهين سندس ڪرپا جو قدر ڪندا رهو، نہ تہ اوهين بہ ڀڃي اڇلايا ويندا. بني اسرائيل وارا بہ جيڪڏهن وشواس نہ آڻڻ واري ڳالهہ تي قائم رهڻ ڇڏي ڏيندا تہ کين بہ پيوند ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهن کي وري پيوند ڪرڻ جي شڪتي رکي ٿو. اوهين غير قومن وارا جيڪي جھنگلي وڻ جون ڀڳل ٽاريون آهيو، سي پوکيل زيتون سان غير طبعي طور پيوند ڪيا ويا آهيو. جڏهن تہ بني اسرائيل جيڪي پوکيل زيتون جي وڻ جون اصلي ٽاريون آهن، سي ڪيترو نہ آسانيءَ سان پنهنجي زيتون جي وڻ سان پيوند ٿي سگھندا. اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪ ڳجھو ڀيد آهي، جيڪو آءٌ سمجھان ٿو تہ اوهان کي ڄاڻڻ گھرجي. شايد اهو اوهان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪي جو اوهين پنهنجو پاڻ کي داناءُ سمجھو. اهو ڀيد هي آهي تہ بني اسرائيل جي ڪن ماڻهن ۾ جيڪا دل جي سختي پيدا ٿي آهي، سا رڳو ايستائين رهندي جيستائين ايشور ڏانهن ڦري ايندڙ غير قومن جو تعداد پورو نہ ٿئي. انهيءَ طرح پوري بني اسرائيل قوم مڪتي حاصل ڪندي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ” صيئون مان مڪتي ڏيندڙ ايندو. هو يعقوب جي اولاد مان سندن بي‌ڌرميءَ کي ڪڍي ڇڏيندو. پوءِ جڏهن آءٌ ايشور هنن جا پاپ ميٽي ڇڏيندس، تڏهن ساڻن ٻڌل منهنجو اهو وچن پورو ٿيندو.“ خوشخبري قبول نہ ڪرڻ جي ڪري بني اسرائيل ايشور جا دشمن ٿيا ۽ اهو اوهان غير قوم وارن لاءِ فائدي وارو ٿيو. پر جيئن تہ ايشور سندن ابن ڏاڏن کي چونڊيو، تنهنڪري اهي ايشور جا پيارا آهن، ڇاڪاڻ تہ ايشور پنهنجي ڪيل چونڊ ۽ پنهنجي ڏنل وردانن کان ڦري نہ ٿو. ڏسو، گذريل وقت ۾ اوهين غير قوم وارا بہ ايشور جا نافرمان هئا، پر هاڻي ايشور بني اسرائيل جي نافرمانيءَ جي ڪري اوهان تي ديا ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح هاڻي بني اسرائيل نافرمان ٿيا آهن، تہ جيئن اوهان تي جيڪا ديا ٿي آهي سا انهن تي بہ ٿئي. مطلب تہ ايشور سڀني انسانن کي نافرمانيءَ واري ڦندي ۾ ڦاسڻ ڏنو آهي، تہ جيئن هو سڀني تي ديا ڪري. واہ! ايشور جي ديا ڪيڏي نہ وڏي آهي! سندس ڏاهپ ۽ ڄاڻ ڪيڏي نہ اونهي آهي! سندس فيصلا سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهن ۽ سندس منصوبن جو پتو ئي پئجي نہ ٿو سگھي! اهو پوِتر شاستر مطابق آهي تہ ”پرميشور جي ارادي کي ڪير ٿو ڄاڻي سگھي؟ ڪير سندس صلاحڪار ٿي سگھي ٿو؟ ڇا ڪنهن کيس اڳ ۾ ڪا شيءِ ڏني آهي، جو بدلي ۾ هو کيس ڪجھہ ڏئي؟“ بيشڪ سڀيئي شيون ايشور جون ئي پيدا ڪيل آهن، انهيءَ جي ڪري ئي وجود ۾ آهن ۽ انهيءَ جي لاءِ ئي آهن. شل ايشور جي مهانتا جي مهما هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين. تنهنڪري اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيئن تہ ايشور جي اسان تي وڏي ديا آهي، سو آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجي سڄي شرير کي اهڙي ٻليدان لاءِ ڀيٽا ڪريو، جيڪو جيوت، پوِتر ۽ ايشور کي پسند هجي. اها ئي حقيقي ڀڳتي آهي جيڪا اوهان کي احتياط سان ڪرڻ گھرجي. پاڻ کي هن انتم زماني جو نمونو اختيار ڪرڻ نہ ڏيو، بلڪ ايشور جي ڏنل نئين سوچ سمجھہ جي وسيلي پاڻ ۾ ايشور کي تبديلي ڪرڻ ڏيو. پوءِ اوهين سمجھي سگھندا تہ ايشور جي چڱي، وڻندڙ ۽ ڪامل مرضي ڪهڙي آهي. آءٌ انهيءَ ڪرپا جي ڪري جيڪا مون کي بخشي ويئي آهي، اوهان مان هر هڪ کي چوان ٿو تہ پنهنجو پاڻ کي وِت کان وڌيڪ وڏو نہ سمجھو، بلڪ مناسب طور پاڻ کي اوترو سمجھو جيترو ايشور اوهان کي وشواس بخشيو آهي. جهڙيءَ طرح شرير ۾ گھڻا ئي عضوا آهن ۽ هر هڪ عضوي جو پنهنجو پنهنجو ڪم آهي، تهڙيءَ طرح اسين بہ جيتوڻيڪ گھڻا آهيون، تہ بہ مسيح ۾ هڪ شرير ٿيا آهيون ۽ پاڻ ۾ هڪٻئي جا عضوا آهيون. ايشور جيڪا ڪرپا اسان تي ڪئي آهي، تنهن موجب اسان کي جدا جدا وردان مليا آهن. تنهنڪري جيڪڏهن ڪنهن کي ايشور جو سنديش ٻڌائڻ جو وردان مليو آهي تہ هو پنهنجي وشواس جي اندازي موجب ايشور جو سنديش ٻڌائي. جيڪڏهن ڪنهن کي سيوا ڪرڻ جو وردان مليو آهي تہ هو سيوا ڪندو رهي. جيڪڏهن اهو وردان سکيا ڏيڻ جو هجي تہ هو سکيا ڏيندو رهي. جيڪڏهن اهو وردان نصيحت ڪرڻ جو هجي تہ هو نصيحت ڪندو رهي، جيڪڏهن امداد ڏيڻ جو هجي تہ سخاوت سان امداد ڏيندو رهي. جيڪڏهن اهو رهنمائي ڪرڻ جو هجي تہ سرگرميءَ سان رهنمائي ڪري يا جيڪڏهن اهو وردان ديا ڪرڻ جو هجي تہ خوشيءَ سان ديا ڪري. پيار ۾ پاکنڊپائي نہ هئڻ گھرجي. اوهين بڇڙائيءَ کان نفرت ڪريو ۽ نيڪيءَ سان دل لڳايو. هڪٻئي سان ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪريو ۽ هڪٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ مان ڏيو. محنت ۾ سستي نہ ڪريو ۽ تن ۽ من سان پرڀو يسوع جي سيوا ڪندا رهو. اميد ۾ خوش رهو، مصيبت ۾ صبر ڪريو ۽ پرارٿنا ڪرڻ ۾ هميشہ مگن رهو. مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي اوکيءَ ويل مدد ڪريو ۽ مهمان‌نوازيءَ جي پاڻ ۾ عادت وجھو. جيڪي اوهان کي ستائين ٿا تن لاءِ پرارٿنا ڪريو. هائو، پرارٿنا ڪريو پر کين سراپ نہ ڏيو. خوشي ڪرڻ وارن سان گڏجي خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان گڏجي روئو. پاڻ ۾ ايڪو ڪريو. اوهين مغرور نہ ٿيو، بلڪ غريبن سان دوستي رکو. پنهنجو پاڻ کي داناءُ نہ سمجھو. جيڪو اوهان سان بڇڙائي ڪري تنهن سان بڇڙائي نہ ڪريو. اهڙي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو جنهن کي سڀ چڱو چون. جيڪڏهن ٿي سگھي تہ اوهين پنهنجي وس آهر سڀني ماڻهن سان صلح ۾ رهو. اي منهنجا پريميؤ! پاڻ ڪڏهن بہ بدلو نہ وٺو، پر اهو ايشور جي ڏمر تي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ پرميشور فرمائي ٿو تہ ”بدلو وٺڻ منهنجو ڪم آهي، آءٌ ئي سزا ڏيندس.“ اهو بہ لکيل آهي تہ ”جيڪڏهن تنهنجو دشمن بکايل آهي تہ کيس کاراءِ ۽ اڃايل آهي تہ کيس پيئار، ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ سان تون هن کي شرمسار ڪندين.“ بڇڙائيءَ کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نہ ڏيو، بلڪ نيڪيءَ جي وسيلي بڇڙائيءَ تي سوڀ حاصل ڪريو. هر ڪنهن شخص کي ملڪ جي حڪومت جي وس هيٺ رهڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اهڙي ڪابہ حڪومت ڪانهي جيڪا ايشور جي طرفان نہ هجي. جيڪي بہ حڪومتون آهن سي ايشور جي طرفان مقرر ٿيل آهن. تنهنڪري جيڪو بہ حڪومت جي مخالفت ڪري ٿو سو ايشور جي انتظام جي مخالفت ٿو ڪري ۽ جيڪي مخالفت ڪن ٿا سي پاپي قرار ڏنو وڃڻ جو پاڻ سبب ٿا بڻجن. چڱن ڪمن ڪندڙن کي حاڪمن کان ڊڄڻ نہ گھرجي، بلڪ انهن کي ڊڄڻ گھرجي جيڪي بڇڙا ڪم ٿا ڪن. سو جيڪڏهن اوهين حاڪم کان ڊڄڻ نہ ٿا گھرو، تہ پوءِ چڱا ڪم ڪريو تہ هو اوهان جي نيڪي ڪندو، ڇاڪاڻ تہ هو اوهان جي ڀلي لاءِ ايشور جو سيواداري آهي. پر جيڪڏهن اوهين بڇڙا ڪم ڪريو ٿا تہ هن کان ڊڄو، ڇو تہ هو بنا سبب جي تلوار نہ ٿو کڻي. هو ايشور جو سيواداري آهي تہ جيئن سندس ڏمر موجب بڇڙي کي سزا ڏئي. تنهنڪري نہ رڳو سزا ملڻ جي ڊپ کان، بلڪ پنهنجي ضمير جي خاطر پڻ اوهان کي حڪومت جي وس هيٺ رهڻ گھرجي. اهو ئي سبب آهي جو اوهين ٽيڪس بہ ڏيندا آهيو، ڇاڪاڻ تہ حڪومتون جڏهن پنهنجا فرض پورا ٿيون ڪن تہ حقيقت ۾ اهي ايشور جي لاءِ ڪم ڪن ٿيون. سو سڀني جو حق ادا ڪريو. جنهن کي ڍل ڏيڻي هجي تنهن کي ڍل ڏيو، جنهن کي ٽيڪس ڏيڻو هجي تنهن کي ٽيڪس ڏيو، جنهن کان ڊڄڻ گھرجي تنهن کان ڊڄو ۽ جنهن کي مان‌سمان ڏيڻ گھرجي تنهن کي مان‌سمان ڏيو. هڪٻئي جي پيار کان سواءِ ٻي ڪنهن بہ شيءِ ۾ ڪنهن جا قرضدار نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ٻين سان پيار ڪري ٿو، تنهن پوري نيم تي عمل ڪري ڇڏيو. هائو، نيم جي هنن حڪمن يعني ”زنا نہ ڪر، خون نہ ڪر، چوري نہ ڪر ۽ لالچ نہ ڪر“ سان گڏوگڏ جيڪي بہ حڪم آهن سي سڀ هن هڪڙيءَ ڳالهہ ۾ اچي وڃن ٿا تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.“ جيڪو ڪنهن سان پيار ڪري ٿو سو ان سان بڇڙائي نہ ٿو ڪري. تنهنڪري پيار ڪرڻ ئي پوري نيم تي عمل ڪرڻ آهي. اوهين وقت کي سڃاڻي ائين ڪريو، انهيءَ ڪري جو اها گھڙي اچي پهتي آهي جو اوهين ننڊ مان سجاڳ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جنهن وقت اسان پرڀو يسوع تي وشواس آندو هو تنهن وقت جي نسبت هاڻي اسان جي مڪمل مڪتي وڌيڪ ويجھو آهي. رات گھڻي گذري چڪي آهي ۽ ڏينهن ٿيڻ وارو آهي. تنهنڪري اچو تہ اونداهيءَ جا ڪم ڇڏي سوجھري جا هٿيار ٻڌون. اهڙيءَ طرح سهڻي ڍنگ سان هلون جيئن ڏينهن جو هلبو آهي. سو اوهين نہ نشي ۾ مست ٿي بداخلاقيءَ ۾، نہ زناڪاريءَ ۽ شهوت‌پرستيءَ ۾ ۽ نہ وري جھيڙي ۽ ساڙ ۾ هلو. اٽلندو پرڀو يسوع مسيح کي پوشاڪ وانگر ڍڪي ڇڏيو ۽ شرير جي خواهشن جي پورائيءَ لاءِ خيال نہ پچايو. جنهن جو وشواس ڪمزور آهي تنهن کي قبول ڪريو ۽ شڪ شبهي بابت ساڻس بحث نہ ڪريو. هڪڙو ماڻهو مڃي ٿو تہ هر ڪا شيءِ کائڻ جائز آهي، پر ٻئي جو وشواس ڪمزور آهي سو رڳو ڀاڄي ٿو کائي. جيڪو سڀ ڪجھہ کائي ٿو سو نہ کائڻ واري کي گھٽ نہ سمجھي ۽ جيڪو نہ ٿو کائي سو کائڻ واري تي ڪابہ تهمت نہ هڻي، ڇاڪاڻ تہ ايشور ٻنهي کي قبول ڪيو آهي. سو تون ڪير ٿيندو آهين جو ڪنهن ٻئي جي نوڪر تي تهمت ٿو هڻين؟ انهيءَ کي قبول ڪرڻ يا نہ ڪرڻ جي فيصلي جو اختيار سندس مالڪ کي ئي آهي ۽ اهو قبول ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ سندس مالڪ کيس قبول پوڻ جي لائق بڻائي سگھي ٿو. ڪو ماڻهو سمجھي ٿو تہ فلاڻو ڏينهن ٻين ڏينهن کان وڌيڪ خاص آهي، جڏهن تہ ٻئي ماڻهوءَ لاءِ سڀ ڏينهن هڪجهڙا آهن. هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي خيال تي پختو رهڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪو ڪنهن ڏينهن کي سڀاڳو ٿو سمجھي تہ هو پرڀو يسوع جي لاءِ ائين ٿو سمجھي ۽ جيڪو گوشت ٿو کائي سو بہ پرڀوءَ جي واسطي کائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هو انهيءَ لاءِ ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪري. پر جيڪو نہ ٿو کائي سو بہ پرڀوءَ جي واسطي نہ ٿو کائي ۽ هو بہ انهيءَ لاءِ ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪري. سو اسان مان ڪوبہ پنهنجي لاءِ جيوت نہ ٿو رهي، نڪي پنهنجي لاءِ ٿو مري. هائو، جيڪڏهن اسين جيوت رهون ٿا تہ پرڀو يسوع جي خاطر ۽ جي مرون ٿا تہ بہ پرڀو يسوع جي خاطر. سو اسين جيوت رهون توڙي مرون تہ بہ پرڀو يسوع جا ئي آهيون. مسيح انهيءَ لاءِ ئي مري ويو ۽ وري جيوت ٿي اٿيو تہ جيئن هو مئلن توڙي جيوت ماڻهن جو مالڪ ٿئي. تہ پوءِ تون پنهنجي ڪنهن هم‌وشواسيءَ تي تهمت ڇو ٿو هڻين؟ يا وري انهيءَ کي گھٽ ڇو ٿو سمجھين؟ اسين تہ سڀ جو سڀ ايشور جي اڳيان پيش ڪيا وينداسين ۽ اهو ئي فيصلو ڪندو، جيئن پوِتر شاستر ۾ پرميشور فرمايو آهي تہ ”آءٌ ايشور پنهنجي جيون جو قسم کڻي چوان ٿو تہ هر گوڏو منهنجي اڳيان جھڪندو، ۽ هر زبان مون ايشور جي مهما ڪندي.“ مطلب تہ اسان مان هر هڪ ايشور کي پنهنجو پنهنجو حساب ڏيندو. تنهنڪري اسان کي گھرجي تہ اڳتي هڪٻئي کي ڏوهاري قرار نہ ڏيون، بلڪ اهو فيصلو ڪري ڇڏيون تہ اسان مان ڪوبہ ماڻهو ڪنهن ٻئي لاءِ ڪا اهڙي ڳالهہ نہ ڪندو، جيڪا سندس ٿاٻو کائڻ يا ڀَٽڪي وڃڻ جو سبب بڻجي. آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ پرڀو يسوع جي وسيلي مون کي يقين آهي تہ اهڙي ڪابہ شيءِ نہ آهي جيڪا خود اپوِتر هجي. پر جيڪڏهن ڪنهن شيءِ کي ڪو اپوِتر سمجھي ٿو تہ پوءِ اها انهيءَ جي لاءِ اپوِتر آهي. سو جيڪڏهن تنهنجي ڪجھہ کائڻ ڪري تنهنجي ڪنهن ڀاءُ ڀيڻ کي رنج پهچي ٿو تہ پوءِ تون پيار جي اصولن تي نہ ٿو هلين. تون پنهنجي کاڌي جي ڪري انهيءَ شخص کي برباد نہ ڪر، جنهن جي خاطر مسيح پنهنجي جان ڏني آهي. تنهنڪري اهو احتياط ڪر تہ جنهن شيءِ کي تون چڱو ٿو سمجھين تنهن کي ٻيا خراب نہ سمجھندا هجن. ياد رک، ايشور جو راڄ کائڻ پيئڻ تي مدار نہ ٿو رکي، بلڪ اهو سچائيءَ، ڀائيچاري ۽ انهيءَ خوشيءَ تي ٻڌل آهي جيڪا اسان ۾ پوِتر آتما جي هئڻ ڪري آهي. سو جيڪو بہ اهڙي نموني مسيح جي سيوا ٿو ڪري، اهو ايشور کي پسند آهي ۽ ماڻهن کي بہ قبول آهي. پوءِ اچو تہ اسين اهڙا ڪم ڪندا رهون، جن سان ڀائيچارو پيدا ٿئي ۽ هڪٻئي جي وشواس کي وڌائي سگھون. اوهين کاڌي جي ڪري ايشور جي ڪم کي برباد نہ ڪريو. بيشڪ سڀ شيون پوِتر آهن، پر جنهن شيءِ جي کائڻ ڪري ڪو ٻيو ماڻهو ڀَٽڪي وڃي ٿو تہ کائڻ واري ماڻهوءَ لاءِ اها شيءِ خراب آهي. چڱو تہ ائين ٿيندو جو اوهين نہ گوشت کائو، نڪي مئي پيئو ۽ نہ وري ڪو اهڙو ڪم ڪريو، جنهن جي ڪري اوهان جو ڪو ڀاءُ ڀيڻ ڀَٽڪي وڃي. اهڙين ڳالهين بابت اوهان جو جيڪو وشواس آهي سو اوهان جي ۽ ايشور جي وچ ۾ رهي، يعني اهو پنهنجيءَ دل ۾ ئي رکو. سڀاڳو آهي اهو ماڻهو جيڪو پاڻ کي انهيءَ ڪم جي ڪرڻ سان ڏوهاري قرار نہ ٿو ڏياري، جيڪو سندس نظر ۾ مناسب آهي. پر جيڪو ڪنهن شيءِ ۾ شڪ رکندي بہ اها کائيندو تہ اهو ڏوهاري ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ هو اها شيءِ جائز هجڻ جي وشواس سان نہ ٿو کائي ۽ جيڪي ڪجھہ وشواس سان نہ ڪيو وڃي سو پاپ آهي. انهيءَ کان علاوہ اسان مان جن جو وشواس مضبوط آهي سي ڪمزور وشواس وارن جي ڪمزورين کي برداشت ڪن ۽ پنهنجي مرضيءَ تي نہ هلن. اسان مان هر هڪ کي پنهنجي هم‌وشواسيءَ جي مرضيءَ جو لحاظ رکڻ گھرجي، تہ جيئن هن جي وشواس ۾ بہ واڌارو ٿئي. ڏسو، مسيح بہ پنهنجي مرضيءَ وارو جيون نہ گذاريو، جيئن پوِتر شاستر ۾ هن بابت بيان ڪيو ويو آهي تہ ”جن تو کي طعنا هنيا تن جا طعنا مون تي اچي پيا.“ جيڪي بہ ڳالهيون اڳي لکيون ويون آهن، سي اسان جي سکيا لاءِ آهن، تہ جيئن ثابت قدميءَ مان ۽ پوِتر شاستر کان مليل حوصلي مان اسان کي اميد حاصل ٿئي. سو ثابت قدمي بخشيندڙ ۽ حوصلو ڏيندڙ ايشور شل اوهان کي هيءَ شڪتي ڏئي جو اوهين يسوع مسيح جي پيروي ڪندي پاڻ ۾ هڪ دل ٿي رهو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين سڀ گڏجي هڪ زبان سان ايشور جي مهما ڪريو، جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو پتا آهي. تنهنڪري جيئن مسيح اوهان کي قبول ڪيو آهي تيئن اوهين بہ هڪٻئي کي قبول ڪريو، تہ جيئن ايشور جي مهما ٿئي. چوڻ جو مطلب هي آهي تہ مسيح يهودين جو سيواداري انهيءَ لاءِ بڻيو، تہ جيئن جيڪي وچن ايشور اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيا هئا سي پورا ڪري ايشور کي سچو ثابت ڪري ۽ هن ڪري بہ تہ غير قومون پڻ ايشور جي ديا جي ڪري ايشور جي مهما ڪن. زبور جي ليکڪ جو اهو ئي مطلب هو جڏهن هن لکيو هو تہ ”آءٌ غير قومن ۾ تنهنجي مهما ڪندس. هائو، آءٌ تنهنجي نالي جا ڀڄن ڳائيندس.“ پوِتر شاستر ۾ وري ٻئي هنڌ لکيل آهي تہ ”اي غير قومون! ايشور جي قوم سان گڏجي خوشي ڪريو.“ پوِتر شاستر ۾ هيئن بہ چيل آهي تہ ”اي غير قومون! اوهين سڀيئي پرميشور جي مهما ڪريو. اي سڀيئي قومون! اوهين سندس مهما ڪريو.“ وري سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ بہ چوي ٿو تہ ”يسيءَ جي پٽ راجا دائود جي اولاد مان ڪو ايندو. هائو، اهو جيڪو غير قومن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيندو، تنهن تي ئي غير قومون اميد رکنديون.“ هاڻ جڏهن تہ اوهين وشواس تي قائم آهيو، تڏهن شل اميد بخشيندڙ ايشور اوهان کي خوشيءَ ۽ شانتيءَ سان ڀرپور ڪري، تہ جيئن پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان اوهان جي اميد ۾ گھڻو واڌارو ايندو وڃي. اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! مون کي پڪ آهي تہ اوهين نيڪيءَ سان ڀرپور ۽ گھڻي کان گھڻي ڄاڻ رکندڙ آهيو ۽ هڪٻئي کي نصيحت ڪري سگھو ٿا. تنهن هوندي بہ هن خط ۾ ڪٿي ڪٿي اوهان کي ياد ڏيارڻ لاءِ مون ڪجھہ دليريءَ سان لکيو آهي، ڇاڪاڻ تہ ايشور مون تي اها ڪرپا ڪئي آهي تہ آءٌ يسوع مسيح جو سيوڪ ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاهن جي حيثيت وانگر مسيح بابت ايشور جي خوشخبريءَ جو پرچار ڪريان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ غير قومون پوِتر آتما جي مخصوص ۽ پوِتر ڪرڻ سان ايشور جي آڏو دان جي روپ ۾ قبول پون. تنهنڪري آءٌ ايشور جي سيوا ڪرڻ ۾ يسوع مسيح جي وسيلي ئي فخر ٿو ڪريان. سو آءٌ رڳو انهن ڪمن بابت دليريءَ سان ڳالهايان ٿو، جيڪي مسيح غير قومن کي ايشور جي وس هيٺ ڪرڻ لاءِ منهنجي چوڻ ۽ ڪرڻ جي وسيلي ڪيا. اهي ڪم ڪرامتن ۽ چمتڪارن جي طاقت وسيلي يعني پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح مون يروشلم کان وٺي اُلرڪم علائقي تائين چئني پاسن مسيح بابت خوشخبريءَ جي پرچار واري سيوا پوري ڪري ڇڏي آهي. منهنجي آڏو رڳو هڪڙو ئي مقصد رهيو آهي تہ جتي اڳي مسيح جو نالو نہ ورتو ويو آهي اتي هن بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي وڌل بنياد تي عمارت نہ اڏيان، بلڪ مون چاهيو تہ جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تيئن ئي ٿئي تہ ”جن تائين هن جي خبر بہ نہ پهتي آهي، تن جون بند اکيون کلي وينديون، ۽ جن هن بابت ٻڌو بہ نہ آهي سي ڄاڻي وٺندا.“ اهو ئي سبب آهي جو آءٌ اوهان ڏانهن اچڻ کان ڪيترائي دفعا رڪجي ويس. پر هاڻي هنن علائقن ۾ منهنجي سيوا پوري ٿي چڪي آهي ۽ جيئن تہ ڪيترن ئي سالن کان مون کي سڪ رهي آهي تہ اوهان ڏانهن اچان، سو جڏهن آءٌ اسپين ملڪ ڏانهن ويندس، تڏهن اميد آهي تہ اوهان وٽان ٿيندو ويندس، تہ جيئن اوهان جي پيار مان منهنجي دل ڪجھہ قدر ڀرجي. پوءِ اوهين مون کي اسپين ڏانهن روانو ڪرڻ ۾ مدد ڪجو. پر هينئر تہ آءٌ يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن منجھہ سيوا ڪرڻ لاءِ اوڏانهن وڃي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ تہ مڪدُنيا ۽ اخيا وارن ڀائرن ڀينرن جي مرضي آهي تہ هو يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن منجھہ جيڪي غريب آهن، تن لاءِ امداد موڪلين. انهن پاڻ اهو فيصلو ڪيو آهي. پر حقيقت ۾ مٿن اهو فرض بہ هو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي آتمڪ آسيسون يروشلم جي وشواسين کي مليون هيون، تن ۾ غير قومن کي بہ شريڪ ڪيو اٿائون. سو غير قومن تي واجب آهي تہ هو پنهنجن مالي وسيلن سان انهن جي مدد ڪن. جڏهن آءٌ اهو ضروري ڪم ختم ڪندس يعني انهن لاءِ گڏ ڪيل پوري امداد سندن حوالي ڪندس، تڏهن آءٌ اسپين ڏانهن ويندس ۽ رستي تي اوهان سان بہ ملندو ويندس. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جڏهن آءٌ اوهان وٽ ايندس تڏهن مسيح جي پوري آسيس اسان تي پرگھٽ ٿيندي. اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! يسوع مسيح جيڪو اسان جو پرڀو آهي، تنهن جو واسطو ڏيئي ۽ پوِتر آتما جو پريم ياد ڏياري آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون سان گڏجي تن ۽ من سان ايشور کي منهنجي لاءِ پرارٿنا ڪريو تہ ايشور مون کي يهوديہ علائقي ۾ غير وشواسين کان بچائي ۽ يروشلم شهر وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن وٽ منهنجي سيوا قبول پوي. پوءِ ايشور جي مرضيءَ موجب خوشيءَ سان اوهان وٽ اچان ۽ اوهان سان گڏ تازگي حاصل ڪريان. شانتي بخشيندڙ ايشور شل اوهان سڀني ساڻ هجي. آمين. اسان جي وشواسي ڀيڻ فيبي، جيڪا ڪنخريا شهر واري وشواسي منڊليءَ جي سيواداري آهي، تنهن جي آءٌ اوهان کي پارت ٿو ڪريان تہ اوهين پرڀو يسوع جي نالي هن جو اهڙيءَ طرح آڌرڀاءُ ڪجو، جهڙيءَ طرح مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن تي واجب آهي ۽ جيڪڏهن کيس ڪا ضرورت هجي تہ ان ۾ سندس مدد ڪجو، ڇاڪاڻ تہ هن ڪيترن ئي ماڻهن جي ۽ خود منهنجي بہ مدد ڪئي آهي. پرسڪلا ۽ سندس پتي اڪولا کي منهنجا نمسڪار چئجو، جيڪي نہ رڳو مون سان گڏجي يسوع مسيح جي سيوا ڪندا رهيا آهن، بلڪ هنن منهنجي جان بچائڻ واسطي پنهنجي جان بہ خطري ۾ وجھي ڇڏي هئي. انهن جو نہ فقط آءٌ پر غير قومن جون سموريون وشواسي منڊليون پڻ ٿورائتيون آهن. جيڪا منڊلي سندن گھر ۾ گڏ ٿيندي آهي، تنهن کي بہ نمسڪار چئجو. منهنجي پياري دوست اپينتس کي نمسڪار چئجو، جيڪو آسيا صوبي ۾ پهريون شخص آهي جنهن مسيح تي وشواس آندو هو. مريم کي منهنجا نمسڪار چئجو، جنهن اوهان جي لاءِ گھڻي محنت ڪئي آهي. منهنجي قوم وارن اندرنيڪس ۽ يونياس کي نمسڪار چئجو، جيڪي مون سان گڏ جيل ۾ هئا ۽ مخصوص ڪيل پرچارين طور مشهور آهن ۽ جن مون کان اڳ مسيح تي وشواس آندو هو. امپلياطس کي منهنجا نمسڪار چئجو، جيڪو مسيح ۾ منهنجو پيارو ڀاءُ آهي. اُربانُس کي منهنجا نمسڪار چئجو، جيڪو اسان وانگر مسيح جي سيوا ڪندڙ ساٿي آهي. منهنجي پياري دوست استخس کي بہ نمسڪار چئجو. اپليس کي نمسڪار چئجو، جنهن جي مسيح سان وفاداري ثابت ٿي چڪي آهي. انهن وشواسين کي بہ منهنجا نمسڪار چئجو، جيڪي ارستبولس جي گھر ۾ آهن. هيروديون نالي منهنجي قوم واري کي منهنجا نمسڪار چئجو. نرڪسس جي گھر ۾ جيڪي مسيح جا آهن، تن کي منهنجا نمسڪار چئجو. تروفينا ۽ تروفوسا، جيڪي پرڀو يسوع جي سيوا ۾ محنت ڪن ٿيون، تن کي منهنجا نمسڪار چئجو. پياري ڀيڻ پرسس کي بہ منهنجا نمسڪار چئجو، جنهن پرڀو يسوع لاءِ ڏاڍو ڪم ڪيو آهي. روفس، جيڪو مسيح ۾ اسان جو ڀاءُ آهي تنهن کي نمسڪار چئجو ۽ سندس ماتا کي بہ منهنجا نمسڪار چئجو، جنهن مون کي پنهنجو پٽ ڪري ٿي ڀانئيو. اسنڪرتس، فلگون، هرميس، پترباس، هرماس ۽ انهن سان گڏ جيڪي ٻيا وشواسي ڀائر ڀينر آهن، تن کي بہ منهنجا نمسڪار چئجو. فِللگس ۽ ڀيڻ يوليا، نيريوس ۽ سندس ڀيڻ کان علاوہ اُلمپاس ۽ انهن سان گڏ جيڪي بہ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل آهن، تن سڀني کي منهنجا نمسڪار چئجو. هڪٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي نمسڪار چئجو. مسيح جون سڀ منڊليون اوهان کي نمسڪار چون ٿيون. آخر ۾ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جيڪا سکيا اوهان کي ملي آهي تنهن جي خلاف جيڪي ڏڦيڙ وجھن ٿا ۽ ماڻهن کي ڀَٽڪائين ٿا، تن کي نظر ۾ رکجو ۽ کانئن پري رهجو. هائو، جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي اسان جي پرڀو مسيح جي سيوا نہ ٿا ڪن، پر پنهنجي پيٽ جي پوجا ٿا ڪن ۽ پنهنجي سڻڀي ۽ مٺيءَ زبان سان اٻوجھن جون دليون ٿا ٺڳين. جيتوڻيڪ مسيح لاءِ اوهان جي فرمانبرداريءَ بابت سڀني ماڻهن کي خبر پئجي ويئي آهي، جنهن ڪري آءٌ اوهان مان ڏاڍو خوش آهيان، تنهن هوندي بہ منهنجي اها خواهش آهي تہ اوهين نيڪ ڪمن ۾ سياڻا ۽ خراب ڪمن ۾ اٻوجھہ ٿي رهو. تڏهن شانتي بخشيندڙ ايشور جلد ئي شيطان کي اوهان جي پيرن هيٺ لتاڙائي چيڀاٽي ڇڏيندو. اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا شل اوهان سڀني تي هجي. مون سان گڏ سيوا ڪندڙ تيمٿيس ۽ منهنجي قوم وارا لوڪيس، ياسون ۽ سوسپطرس اوهان کي نمسڪار ٿا چون. آءٌ ترتيس، جنهن کان هي خط لکرايو وڃي ٿو، سو بہ پرڀو يسوع ۾ اوهان کي نمسڪار ٿو چوان. شل يسوع مسيح جي وسيلي انهيءَ اڪيلي ۽ داناءَ ايشور جي مهما هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين. هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو ايشور جي مرضيءَ سان مسيح يعني يسوع جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت ٿيڻ لاءِ سڏيو ويو آهيان. هي اسان جي ڀاءُ سوسٿنيس جي طرفان بہ آهي. هي خط ڪرنٿس شهر ۾ ايشور جي منڊليءَ ڏانهن لکجي ٿو، يعني اوهان ڏانهن جيڪي يسوع مسيح ۾ پوِتر ڪيا ۽ چونڊيا ويا آهيو. هي انهن سڀني جي نالي پڻ لکجي ٿو جيڪي هر هنڌ پرڀو يسوع مسيح جو نالو وٺن ٿا، جيڪو انهن جو ۽ اسان جو پرڀو آهي. شل اوهان تي اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي. ايشور جيڪا ڪرپا يسوع مسيح ۾ اوهان کي بخشي آهي، تنهن جي ڪري آءٌ اوهان لاءِ هميشہ پنهنجي ايشور جو شڪر ڪندو رهان ٿو، جو مسيح ۾ اوهين هر قسم جي ڳالهائڻ ۾ توڙي هر طرح جي ڄاڻ جي لحاظ کان مالا مال ٿي ويا آهيو. هائو، مسيح بابت اسان جي شاهدي اوهان ۾ ايتري قدر قائم ٿي چڪي آهي، جو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ظاهر ٿيڻ جي راهہ نهاريندي اوهان ۾ ڪنهن بہ آتمڪ وردان جي ڪمي ڪانہ آهي. اسان جو پرڀو يسوع مسيح اوهان کي پڇاڙيءَ تائين وشواس ۾ قائم بہ رکندو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اوهين سندس اچڻ واري ڏينهن تي بي‌الزام قرار ڏنا وڃو. ايشور، جنهن پنهنجي پٽ يعني اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي سنگت ۾ رهڻ لاءِ اوهان کي سڏيو آهي، سو ڀروسي لائق آهي. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي نالي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پاڻ ۾ هڪ راءِ ٿيو تہ جيئن اوهان ۾ ڪابہ ڌڙابندي پيدا نہ ٿئي. اهڙيءَ طرح اوهين سڀ هڪ دل ۽ هڪ راءِ ٿي مڪمل طور ٻڌيءَ سان رهو. آءٌ هي انهيءَ ڪري ٿو چوان جو ڀيڻ خلوئيءَ جي گھر ۾ رهندڙن کان پوريءَ طرح خبر پيئي آهي تہ اوهان ڀائرن ڀينرن جا هڪٻئي سان جھيڙا جھڳڙا پيا هلن. منهنجي چوڻ جو مطلب هي آهي تہ اوهان مان ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پولس جو آهيان“ ۽ ڪو وري چوي ٿو تہ ”آءٌ اپلوس جو آهيان.“ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پطرس جو آهيان“ ۽ ڪو وري چوي ٿو تہ ”آءٌ مسيح جو آهيان.“ ڀلا مسيح ورهائجي ويو آهي ڇا؟ ڇا اوهان جي لاءِ سوليءَ تي پولس کي چاڙهي ماريو ويو؟ ڇا اوهان بپتسما پولس جي نالي تي ورتي هئي؟ آءٌ ايشور جو شڪر ٿو ڪريان تہ مون اوهان مان ڪرسپس ۽ گيُس کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ بپتسما نہ ڏني آهي. سو ڪوبہ چئي نہ ٿو سگھي تہ کيس منهنجي نالي تي بپتسما ڏني ويئي هئي. ها! مون استفناس ۽ سندس گھراڻي کي بہ بپتسما ڏني آهي. پر انهن کان سواءِ مون کي نہ ٿو سُجھي تہ ڪنهن ٻئي کي بپتسما ڏني هجي. حقيقت ۾ مسيح مون کي بپتسما ڏيڻ لاءِ نہ پر خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ موڪليو آهي ۽ اها بہ ڏاهپ وارن لفظن استعمال ڪرڻ سان نہ، متان مسيح جو سوليءَ تي چڙهي جان ڏيڻ بي‌اثر ٿئي. بيشڪ، سوليءَ جو هي سنديش انهن جي نظر ۾ مورکتا آهي، جيڪي برباد ٿي رهيا آهن. پر اسين جيڪي مڪتي حاصل ڪري رهيا آهيون، تن لاءِ اهو ايشور جي شڪتي آهي. اهو ايشور جي پوِتر شاستر مطابق آهي تہ ”آءٌ ڏاهن جي ڏاهپ ناس ڪندس ۽ عقلمندن جي عقل کي بيڪار ڪري ڇڏيندس.“ هاڻي ڪٿي آهن ڏاها؟ ڪٿي آهن نيم شاستري؟ ڪٿي آهن هن زماني جا بحث ڪندڙ؟ ڇا ايشور هن سنسار جي ڏاهپ کي مورکتا قرار نہ ڏنو آهي؟ ايشور پنهنجي ڏاهپ سان ماڻهن لاءِ اهو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ هو پنهنجي ذاتي ڏاهپ سان کيس سڃاڻين. تنهن هوندي بہ ايشور جي مرضي ٿي تہ هو انهن کي بچائي جيڪي اسان جي سنديش وسيلي وشواس آڻين، جيتوڻيڪ اهو سنديش سنسار جي نظر ۾ مورکتا آهي. يهودي تہ ثابتيءَ لاءِ چمتڪار گھرندا آهن، جڏهن تہ يوناني ڏاهپ جا ڳولائو هوندا آهن. پر اسين سوليءَ تي چاڙهيل مسيح جو پرچار ٿا ڪريون، جيڪو يهودين جي نظر ۾ ٺوڪر جو سبب ۽ غير قومن جي نظر ۾ مورکتا آهي. پر جن ماڻهن کي ايشور سڏيو آهي، توڙي جو اهي يهودي هجن يا غير قوم وارا، تن لاءِ مسيح ايشور جي شڪتي ۽ ايشور جي ڏاهپ آهي. ياد رکو، ايشور جون جيڪي ڳالهيون مورکتا ڀانئجن ٿيون، سي ماڻهن جي ڏاهپ کان وڌيڪ ڏاهپ واريون آهن ۽ ايشور جون جيڪي ڳالهيون ڪمزوري ليکجن ٿيون، سي ماڻهن جي طاقت کان وڌيڪ طاقتور آهن. هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ياد ڪريو تہ انهيءَ وقت اوهين ڇا هئا، جڏهن ايشور اوهان کي سڏيو. ماڻهن جي نظر ۾ تہ اوهان مان ڪي ٿورا ڏاها، ٿورا طاقتور ۽ ٿورا اميرزادا هئا. پر ايشور انهن کي چونڊيو جن کي سنسار مورک ٿي سمجھيو، انهيءَ لاءِ تہ ڏاهن کي شرمندو ڪري. ايشور انهن کي چونڊيو جن کي سنسار ڪمزور ٿي سمجھيو، انهيءَ لاءِ تہ طاقتورن کي شرمندو ڪري. ايشور انهن کي چونڊيو جن کي سنسار خسيس، نيچ بلڪ ڪجھہ بہ نہ ٿي سمجھيو، انهيءَ لاءِ تہ ماڻهو جن کي ڪا شيءِ سمجھن ٿا تن جي ڪابہ حيثيت نہ رهي. مطلب تہ ڪوبہ انسان ايشور جي آڏو پاڻ تي فخر نہ ڪري. اهو ايشور ئي تہ آهي جنهن اسان کي يسوع مسيح سان گڏي هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو مسيح ئي آهي جنهن کي ايشور اسان لاءِ ڏاهپ بڻايو آهي، جنهن مان سچائي، پوِترتائي ۽ مڪتي ملي ٿي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو فخر ڪرڻ چاهي ٿو، سو پرميشور تي فخر ڪري.“ جڏهن آءٌ اوهان ڀائرن ڀينرن وٽ آيو هئس تہ مون ايشور جي ڀيد جو پرچار ڏکين ۽ ڏاهپ وارن لفظن کان سواءِ ڪيو هو. مون اهو پڪو ارادو ڪيو هو تہ جيترو وقت آءٌ اوهان وٽ رهان تہ يسوع مسيح، بلڪ سندس سوليءَ تي چڙهڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ نہ ڳالهايان. آءٌ اوهان وٽ ڪمزوريءَ، خوف ۽ ڏاڍي ڏڪڻيءَ واري حالت ۾ آيس. منهنجي تقرير ۽ پرچار ڏاهپ جي دلفريب لفظن سان نہ، پر پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان يقين ڪرڻ جهڙا ثابت ٿي پئي ويا، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اوهان جو وشواس ماڻهن جي ڏاهپ تي نہ، پر ايشور جي شڪتيءَ تي قائم هجي. تنهن هوندي بہ پختي وشواس وارن ماڻهن منجھہ اسين ڏاهپ جون ڳالهيون ٿا ڪريون. پر اها ڏاهپ نہ هن سنسار جي آهي، نڪي هن سنسار جي حاڪمن جي، جيڪي ناس ٿي رهيا آهن. اسين تہ ايشور جي اها ڳجھي ۽ لڪل ڏاهپ بيان ڪري رهيا آهيون، جيڪا ايشور سنسار جي شروعات کان اڳي ئي اسان جي شان وَ شوڪت لاءِ مقرر ڪري ڇڏي هئي. انهيءَ ڏاهپ کي هن سنسار جي حاڪمن مان ڪنهن بہ نہ سمجھيو. جيڪڏهن اهي سمجھن ها تہ جيڪر وڏي تيجوان پرڀوءَ کي ڪڏهن بہ سوليءَ تي ڪين چاڙهين ها. پر اهو ائين ئي ٿيو جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو ڪجھہ نہ ڪنهن اک ڏٺو آهي، نہ ڪنهن ڪن ٻڌو آهي ۽ نہ وري ڪنهن دماغ سوچيو آهي، سو ايشور پنهنجي پيار ڪندڙن لاءِ تيار ڪيو آهي.“ پر اسان تي ايشور اهو پنهنجي پوِتر آتما جي وسيلي ظاهر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ پوِتر آتما سڀني ڳالهين کي، بلڪ ايشور جي ڳجھين ڳالهين جي بہ سڌ حاصل ڪري ٿي وٺي. ماڻهوءَ جا خيال سندس آتما کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نہ ٿو سمجھي سگھي. ساڳيءَ طرح ايشور جا خيال سندس پوِتر آتما کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نہ ٿو سمجھي سگھي. اسان کي سنساري آتما نہ، بلڪ ايشور جي طرفان پوِتر آتما مليل آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اسين انهن ڳالهين کي ڄاڻون جيڪي ايشور اسان کي بخشيون آهن. اسين اهي ڳالهيون ماڻهن جي ڏاهپ جي سيکاريل لفظن ۾ نہ، پر پوِتر آتما جي سيکاريل لفظن ۾ بيان ٿا ڪريون. اهڙيءَ طرح اسين پوِتر آتما جون ڳالهيون انهن کي سمجھايون ٿا، جن ۾ پوِتر آتما رهي ٿي. پر جنهن ماڻهوءَ کي پوِتر آتما مليل نہ آهي، سو ايشور جي پوِتر آتما جون ڳالهيون قبول نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ اهي هن جي نظر ۾ مورکتا آهن. هو انهن کي سمجھي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ اهي پوِتر آتما جي وسيلي ئي پرکي سگھجن ٿيون. جنهن ماڻهوءَ ۾ پوِتر آتما رهي ٿي، سو سڀني ڳالهين کي پرکي ٿو سگھي، پر خود انهيءَ پوِتر آتما واري کي بنا پوِتر آتما وارو ڪوبہ پرکي نہ ٿو سگھي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ڪنهن پرميشور جي عقل کي سمجھيو آهي، جو کيس صلاح ڏيئي سگھي؟“ پر اسان کي تہ مسيح جو عقل مليل آهي. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! مون اوهان سان ائين نہ ڳالهايو هو جيئن آتمڪ ماڻهن سان ڳالهائبو آهي، پر ائين ڳالهايو هئم جيئن سنساري ماڻهن سان ڳالهائبو آهي. هائو، جيئن تہ اوهين مسيح ۾ ننڍڙن ٻارن وانگر آهيو سو مون اوهان کي ڄڻ کير پيئاريو پر کاڌو نہ کارايو، ڇاڪاڻ تہ اوهين اڃا انهيءَ لائق نہ هئا، نڪي هاڻي ئي انهيءَ لائق آهيو. جيئن تہ اوهان ۾ ساڙ ۽ جھيڙو جھڳڙو آهي، سو اوهين اڃا سنساري ماڻهن وانگر آهيو. هائو، اوهين شرير جي لحاظ کان جيون گذاريو ٿا. جڏهن اوهان مان ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پولس جو آهيان“ ۽ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ اپلوس جو آهيان،“ تہ پوءِ انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو تہ اوهين سنساري ماڻهن وانگر آهيو. ڀلا اپلوس ڪهڙي شيءِ آهي؟ ۽ پولس ڇا آهي؟ اسين ٻئي تہ سيواداري آهيون، جن جي وسيلي اوهان مسيح تي وشواس آندو. هر ڪو اهڙيءَ طرح ڪم ڪري ٿو جهڙيءَ طرح پرميشور کيس ڏنو آهي. مون پوکيو، اپلوس پاڻي ڏنو پر وڌايو ايشور. سو پوکيندڙ ۽ پاڻي ڏيندڙ ڪا شيءِ نہ آهن، پر وڌائڻ وارو يعني ايشور ئي سڀ ڪجھہ آهي. پوکڻ وارو ۽ پاڻي ڏيڻ وارو ٻئي هڪجهڙا آهن. هر ڪنهن کي پنهنجي پورهئي آهر لاڀ ملندو. مطلب تہ اسين ايشور جي وس هيٺ ڪم ڪندڙ سيواداري آهيون، جڏهن تہ اوهين ايشور جي پوک آهيو. اوهين ايشور جي عمارت پڻ آهيو. سو ايشور جي ڪرپا جيڪا هن مون کي بخشي آهي، تنهن موجب مون هڪڙي ماهر رازي وانگر انهيءَ عمارت جو بنياد وڌو ۽ ٻيو انهيءَ تي اڏاوت ٿو ڪري. پر هر هڪ کي خبردار رهڻ گھرجي تہ هو انهيءَ تي ڪهڙي اڏاوت ٿو ڪري. ڪوبہ انسان ٻيو بنياد وجھي نہ ٿو سگھي، سواءِ ايشور جي انهيءَ رکيل بنياد جي ۽ اهو بنياد يسوع مسيح آهي. سو هاڻي جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهيءَ بنياد تي سون، چانديءَ، هيرن جواهرن، يا وري ڪاٺ، گاهہ يا ڪکن ڪانن جي اڏاوت ڪندو، تہ سندس ڪم ظاهر ٿي پوندو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ڪم کي عدالت جي ڏينهن ظاهر ڪيو ويندو. انهيءَ ڏينهن باهہ ئي هر ڪنهن جو ڪم پرکيندي تہ ڪهڙي قسم جو آهي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو انهيءَ بنياد تي اڏيل ڪم جٽادار هوندو تہ کيس ان جو لاڀ ملندو. پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪم سڙي ويندو تہ کيس نقصان کڻڻو پوندو، جڏهن تہ هو پاڻ سڙندي سڙندي بچي ويندو. اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهين سڀ گڏجي ايشور جي هيڪل آهيو ۽ ايشور جي آتما اوهان ۾ رهي ٿي؟ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايشور جي هيڪل کي برباد ڪندو تہ ايشور انهيءَ ماڻهوءَ کي برباد ڪري ڇڏيندو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي هيڪل پوِتر آهي ۽ اها هيڪل اوهين ئي آهيو. ڪوبہ ماڻهو پاڻ کي نہ ٺڳي. جيڪڏهن اوهان منجھان ڪو ماڻهو ڀانئين ٿو تہ هو سنسار جي لحاظ کان ڏاهو آهي، تہ پوءِ کيس مورک بڻجڻ گھرجي تہ جيئن هو حقيقي ڏاهو ٿي پوي. ڏسو، هن سنسار جي ڏاهپ ايشور جي آڏو مورکتا آهي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ايشور ڏاهن کي سندن ئي چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي.“ هيئن بہ لکيل آهي تہ ”پرميشور ڄاڻي ٿو تہ ڏاهن جا خيال اجايا آهن.“ تنهنڪري ڪوبہ ڪنهن انسان تي فخر نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ ايشور ئي سڀ ڪجھہ اوهان کي ڏنو آهي، پوءِ ڀلي اهو پولس هجي توڙي اپلوس يا پطرس، يا وري سنسار، يا جيون، يا موت هجي، يا وري حال يا مستقبل هجي. اِهي سڀيئي اوهان جا آهن. جڏهن تہ اوهين سڀيئي مسيح جا آهيو ۽ مسيح ايشور جو آهي. سو ماڻهن کي گھرجي تہ اسان کي مسيح جا سيوادار سمجھن، جن کي ايشور جا ڀيد ظاهر ڪرڻ جي ذميواري سونپي ويئي آهي. هاڻ جنهن کي ڪا شيءِ سونپي ويندي آهي تنهن لاءِ ضروري آهي تہ هو ايماندار هجي. سو منهنجي لاءِ اها ڳالهہ خسيس آهي جو اوهين يا ڪا انساني ڪورٽ منهنجي جاچ ڪري، بلڪ آءٌ پاڻ بہ پنهنجي جاچ نہ ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ منهنجو ضمير مون کي ڪا ڦٽڪار نہ ٿو ڪري. پر اهو مون کي بي‌قصور قرار ڏنو وڃڻ لاءِ ڪافي نہ آهي. مون کي جاچڻ وارو تہ خود پرڀو يسوع آهي. تنهنڪري پرڀو يسوع جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوندهہ ۾ لڪل ڳالهيون روشنيءَ ۾ آڻيندو ۽ ماڻهن جي دلين جا منصوبا ظاهر ڪندو. تڏهن ايشور جي طرفان هر مناسب سوچ رکندڙ جي ساراهہ ڪئي ويندي. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! مون هنن ڳالهين ۾ اوهان جي خاطر پنهنجو ۽ اپلوس جو ذڪر مثال طور پيش ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اوهين اسان تي غور ڪندي هن چوڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو تہ ”جيڪي ڪجھہ لکيل آهي، تنهن کان ٻاهر نہ وڃو.“ پوءِ اوهان مان ڪو ٻٽاڪون هڻندي هڪڙي جي ڀر وٺي ٻئي جي مخالفت نہ ڪندو. تون ڪير ٿيندو آهين پاڻ ۾ ۽ ٻين ۾ فرق ڪرڻ وارو؟ ڇا تو وٽ اهڙي ڪا شيءِ آهي جيڪا تو کي ايشور کان نہ ملي هجي؟ جيڪڏهن تو کي واقعي ايشور کان ملي آهي تہ پوءِ فخر ڇو ٿو ڪرين جو ڄڻ تہ اها تو پاڻ حاصل ڪئي آهي؟ واہ! سائين، واہ! اوهين تہ پهريائين ئي آسودا ٿي ويا آهيو. اوهين تہ اڳي ئي دولتمند ٿي ويا آهيو ۽ اوهين تہ اسان کان سواءِ ئي راڄ ڪريو ٿا. ڪاش! اوهين سچ پچ راڄ ڪريو ها تہ من اسين بہ اوهان سان گڏ راڄ ڪريون ها. اٽلندو منهنجي خيال ۾ ايشور اسان خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن کي سڀ کان هيٺاهون ڪري انهن ماڻهن وانگر پيش ڪيو آهي، جن لاءِ سرِعام قتل جو حڪم ملي چڪو هجي. هائو، اسين ماڻهن توڙي دوتن لاءِ، بلڪ سڄي سنسار لاءِ هڪ تماشو بڻايا ويا آهيون. اسين تہ مسيح جي خاطر مورک ٿا سڏجون، پر اوهين مسيح ۾ سياڻا ٿا ليکجو. اسين هيڻا پر اوهين ٻلوان، اوهين مانوارا پر اسين بي‌مانا ٿا ليکجون. اڄ ڏينهن تائين اسين بکايل ۽ اڃايل ٿا رهون ۽ شرير تي پورا ڪپڙا بہ نہ آهن. اسان کي چماٽون هنيون وڃن ٿيون ۽ بي‌گھر ڦرندا ٿا وتون. اسين پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪندي ساڻا ٿي ٿا پئون. جڏهن ماڻهو اسان تي ڦٽ لعنت ٿا ڪن تہ اسين سندن لاءِ پرارٿنائون ٿا ڪريون. جڏهن هو اسان کي ستائين ٿا تہ اسين صبر سان ٿا سهون. جڏهن هو اسان کي گھٽ وڌ ڳالهائين ٿا تہ اسين نرميءَ سان منٿون ڪندي ساڻن ڳالهايون ٿا. هن وقت تائين اسين سنسار جو گند ڪچرو ۽ سڀني شين جو ٻُهر پيا ليکجون. آءٌ هي ڳالهيون اوهان کي شرمسار ڪرڻ خاطر نہ ٿو لکان، بلڪ پنهنجا پيارا ٻار سمجھي اوهان کي نصيحت ٿو ڪريان. جيتوڻيڪ مسيح جي راهہ تي هلڻ ۾ اوهان جا ڏهہ هزار سنڀاليندڙ بہ ڇو نہ هجن، تہ بہ اوهان جا پتا گھڻا ڪين آهن. آءٌ ئي اوهان جو پتا بڻيس، ڇاڪاڻ تہ خوشخبريءَ جي پرچار وسيلي اوهين يسوع مسيح ۾ منهنجا ئي ٻار ٿيا. تنهنڪري آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين بہ مون جهڙو جيون گذاريو. انهيءَ سبب مون تيمٿيس کي اوهان ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي، جيڪو پرڀو يسوع ۾ منهنجو پيارو ۽ وفادار پٽ آهي. هو اوهان کي مسيح ۾ منهنجي هلت چلت جا اهي نمونا ياد ڏياريندو، جهڙيءَ طرح آءٌ هر هنڌ هر وشواسي منڊليءَ ۾ سکيا ڏيان ٿو. اوهان مان ڪي اهو سمجھي مغرور ٿي ويا آهن، جو ڄڻ تہ آءٌ اوهان وٽ وري ڪڏهن ڪونہ ايندس. پر جيڪڏهن پرميشور گھريو تہ آءٌ جلدي اوهان وٽ ايندس ۽ مغرورن جي ڳالهين کي نہ، پر انهن ۾ پوِتر آتما جي شڪتيءَ کي معلوم ڪندس، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو راڄ ڳالهين تي نہ، پر شڪتيءَ تي مدار رکي ٿو. اوهان جي ڪهڙي مرضي آهي تہ جڏهن آءٌ اوهان وٽ اچان تہ ڪيئن پيش اچان، ڏنڊي سان يا پيار ۽ نماڻائيءَ سان؟ مون تہ ايتري قدر بہ ٻڌو آهي تہ اوهان ۾ زناڪاري ٿي رهي آهي ۽ زناڪاري بہ اهڙي جيڪا غير قومن ۾ بہ ڪانهي، بلڪ اوهان مان تہ هڪڙو پنهنجي ماٽيلي ماتا پاڻ وٽ ويهاريو ويٺو آهي. تڏهن بہ اوهان کي ڪا شرمساري نہ ٿي ٿئي، پر اٽلندو فخر ٿا ڪريو. اوهان کي گھربو هو تہ انهيءَ ماڻهوءَ کي پنهنجي منڊليءَ مان ڪڍي ڇڏيو ها. جيتوڻيڪ آءٌ شرير جي لحاظ کان اوهان وٽ حاضر نہ آهيان، تڏهن بہ آتما جي لحاظ کان حاضر آهيان. سو مون ڄڻ تہ موجودگيءَ واري حالت ۾ اهڙي ڪم ڪرڻ واري لاءِ پاپي هئڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي. سو جڏهن اوهين اسان جي پرڀو يسوع جي نالي ۾ گڏ ٿيندا تہ پرڀو يسوع جي شڪتيءَ سان گڏ منهنجي آتما بہ اوهان سان هوندي. انهيءَ وقت اهڙي شخص کي شيطان جي حوالي ڪري ڇڏجو، تہ جيئن سندس شرير واريون خواهشون ناس ٿي وڃن پر سندس آتما پرڀوءَ جي موٽي اچڻ واري ڏينهن بچي وڃي. سو اوهان کي فخر ڪرڻ نہ ٿو جڳائي. اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ٿورڙو ئي خمير سڄي ڳوهيل اٽي کي ڦنڊائي ڇڏيندو آهي؟ پنهنجي پاڻ مان خمير ڪڍي ڇڏيو تہ جيئن اوهين نج ڳوهيل اٽو بڻجي پئو. حقيقت ۾ اوهين خمير کان پوِتر بہ آهيو، ڇاڪاڻ تہ اسان جو فصح جي تهوار وارو گھيٽڙو يعني مسيح اسان جي لاءِ ٻليدان ٿي ويو آهي. تنهنڪري اچو تہ تهوار ملهايون، پر خمير يعني برائيءَ ۽ بڇڙائيءَ سان نہ، بلڪ صاف‌دليءَ ۽ سچائيءَ سان، جيڪي بي‌خميري روٽيءَ مثل آهن. مون پنهنجي خط ۾ اوهان ڏانهن لکيو هو تہ زناڪارن سان سنگت نہ رکجو. منهنجو مطلب اهو نہ هو تہ اوهين هن سنسار جي زناڪارن، لوڀين، دغابازن ۽ بتن جي پوجارين سان لاڳاپا ئي لاهي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ لاءِ اوهان کي ضرور هن سنسار مان نڪري وڃڻو پوندو. دراصل منهنجي لکڻ جو مطلب اهو هو تہ جيڪڏهن ڪو پاڻ کي وشواسي چوي پر هجي زناڪار يا لوڀي يا بتن جو پوجاري يا بدزبان يا شرابي يا دغاباز، تہ انهيءَ سان سنگت نہ رکجو، بلڪ اهڙي سان گڏ کاڌو بہ نہ کائجو. ڪيڏي نہ شرم جي ڳالهہ آهي جو اوهان مان ڪنهن جو ٻئي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان ڪو قانوني معاملو آهي تہ فيصلي لاءِ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن وٽ نہ، پر غير وشواسين جي عدالت ۾ وڃي ٿو. اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ئي سنسار جو انصاف ڪندا؟ سو جڏهن سنسار جو انصاف اوهان جي هٿان ٿيڻو آهي، تہ پوءِ خسيس معاملن جي فيصلن ڪرڻ جا بہ اوهين لائق نہ آهيو ڇا؟ ڇا اوهين ايترو نہ ٿا ڄاڻو تہ اسين دوتن جو انصاف ڪنداسين؟ تہ پوءِ هن سنسار جا معاملا اسين پاڻ ڇو نہ نبيريون؟ تنهنڪري جيڪڏهن اوهان کي فيصلي ڪرائڻ لاءِ سنسار جا معاملا آهن تہ انهن فيصلن لاءِ اوهين اهڙن ججن وٽ ڇو ٿا وڃو جيڪي منڊليءَ جي نظر ۾ حقير آهن؟ آءٌ اوهان کي احساس ٿو ڏياريان تہ هي ڪيڏي نہ شرم جي ڳالهہ آهي. ڇا اوهان ۾ ڪوبہ اهڙو سياڻو ڪونهي جيڪو اوهان ڀائرن ڀينرن جا پاڻ ۾ معاملا نبيري؟ پر اٽلندو اوهين ڀائر ڀينر هڪٻئي تي ڪيس ٿا ڪريو سو بہ غير وشواسين وٽ. حقيقت ۾ هڪٻئي تي ڪيس ڪرڻ ئي اوهان جي وڏي ناڪامي آهي. اوهين ناانصافي سهڻ ڇو نہ ٿا بهتر سمجھو؟ ڦُرجي وڃڻ ڇو نہ ٿا قبول ڪريو؟ بلڪ اوهين تہ خود ئي ناانصافي ڪريو ٿا ۽ ڦُريو ٿا، سو بہ پنهنجن ڀائرن ڀينرن کي. اوهين اهو نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ناانصافي ڪندڙ ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار نہ ٿيندا؟ سو پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ حرامڪار، بتن جا پوجاري، زناڪار، بدفعلي ڪرائيندڙ، لونڊي‌باز، چور، لوڀي، شرابي، بدزبان ۽ ڌاڙيل ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار هرگز نہ ٿيندا. اوهان ۾ بہ ڪي اهڙا ئي هئا. پر هاڻي اوهين پرڀو يسوع مسيح جي نالي ۽ اسان جي ايشور جي پوِتر آتما جي وسيلي پاپن کان ڌوتا ويا آهيو، مخصوص ڪيا ويا آهيو ۽ ايشور ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيو. اوهان مان ڪو پنهنجي لاءِ چوي تہ ”هر ڪا شيءِ منهنجي لاءِ جائز آهي.“ ٺيڪ آهي، پر هر ڪا شيءِ فائدي واري نہ آهي. هائو، هر ڪا شيءِ منهنجي لاءِ بہ جائز آهي، پر آءٌ ڪنهن بہ شيءِ کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نہ ڏيندس. بيشڪ، ”کاڌو پيٽ لاءِ آهي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ ۽ ايشور ٻنهي کي ختم ڪري ڇڏيندو.“ پر انهيءَ جو مطلب اهو نہ آهي تہ شرير زناڪاريءَ لاءِ آهي. اهو تہ پرڀو يسوع جي سيوا لاءِ آهي ۽ هو ئي انهيءَ جو مالڪ آهي. انهيءَ ڪري ايشور جهڙيءَ طرح پنهنجي شڪتيءَ سان پرڀو يسوع کي جيوت ڪري اٿاريو، تهڙيءَ طرح هو اسان کي بہ جيوت ڪري اٿاريندو. ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اسان جا شرير مسيح جا عضوا آهن؟ تڏهن ڇا ڀلا آءٌ مسيح جي عضون کي ڪنهن وئشيا جي شرير جا عضوا بڻجڻ ڏيان؟ نہ، هرگز نہ. ڇا اوهين ايترو بہ نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪو وئشيا سان ميلاپ ڪري ٿو، سو انهيءَ سان گڏجي هڪ شرير ٿي پوي ٿو؟ اهو پوِتر شاستر مطابق آهي تہ ”اهي ٻئي گڏجي هڪ شرير ٿي ويندا.“ جڏهن تہ جيڪو پرڀو يسوع سان ميل ميلاپ رکي ٿو سو پوِتر آتما جي لحاظ کان ساڻس هڪ ٿي وڃي ٿو. سو زناڪاريءَ کان ڀڄو. ٻيو هر پاپ، جيڪو ماڻهو ڪري ٿو سو شرير کان ٻاهر آهي، پر جيڪو زنا ڪري ٿو سو پاڻ پنهنجي شرير جو پاپي آهي. ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوهان جو شرير پوِتر آتما جو گھر آهي؟ اها پوِتر آتما جيڪا اوهان ۾ رهي ٿي سا ايشور اوهان کي بخشي آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ نہ آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهين مُلهہ ڏيئي ورتل آهيو. تنهنڪري اوهين پنهنجي شرير سان ايشور جي جوت ظاهر ڪريو. هاڻي جن ڳالهين بابت اوهان لکي پڇيو آهي، تن مان هڪڙي ڳالهہ اها هئي تہ ”مرد لاءِ چڱو آهي تہ ناريءَ کي هٿ بہ نہ لائي.“ پر ٻڌو، جيئن تہ زناڪاري عام آهي، تنهنڪري هر هڪ پتي پنهنجي پتنيءَ سان رهي ۽ هر هڪ پتني پنهنجي پتيءَ سان رهي. هر پتي پنهنجي پتنيءَ جو حق ادا ڪري ۽ ساڳيءَ طرح هر پتني بہ پنهنجي پتيءَ جو. پتني پنهنجي شرير جي مالڪياڻي نہ آهي، بلڪ سندس پتي آهي. ساڳيءَ طرح پتي بہ پنهنجي شرير جو مالڪ نہ آهي، بلڪ سندس پتني آهي. اوهين هڪٻئي کي حق ادائيءَ کان محروم نہ ڪريو، پر ڀلي هڪٻئي جي رضامنديءَ سان هڪ مقرر وقت لاءِ پرهيز ڪريو، تہ جيئن اوهين پرارٿنا ڪرڻ ۾ پوريءَ طرح مصروف رهو. پوءِ وري پاڻ ۾ ملو، ڇو تہ متان اوهان ۾ برداشت جي گھٽتائيءَ سبب شيطان اوهان کي برغلائي وجھي. انهيءَ ڳالهہ جي آءٌ آگيا ڏيان ٿو پر حڪم نہ ٿو ڏيان. تنهن هوندي بہ منهنجي اها خواهش آهي تہ سڀ ماڻهو مون وانگر هجن. پر هر ڪنهن ماڻهوءَ کي ايشور کان پنهنجو پنهنجو وردان مليل آهي، ڪنهن کي ڪهڙو تہ ڪنهن کي ڪهڙو. جيڪي هن وقت پرڻيل نہ آهن، تن کي ۽ خاص طور وڌوائن کي منهنجي صلاح آهي تہ انهن لاءِ اهو سٺو ٿيندو تہ جيئن آءٌ اڪيلو آهيان تيئن هو بہ رهن. پر جيڪڏهن ماڻهو پاڻ کي وس ۾ رکي نہ ٿا سگھن تہ ڀلي پرڻجن، ڇاڪاڻ تہ جنسي جذبات ۾ سڙڻ کان پرڻجڻ بهتر آهي. باقي جيڪي پرڻيل آهن تن کي آءٌ نہ، بلڪ پرڀو يسوع حڪم ٿو ڏئي تہ پتني پنهنجي پتيءَ کان جدا نہ ٿئي ۽ پتي بہ پنهنجي پتنيءَ کي ڇڏي نہ ڏئي. پر جيڪڏهن پتني کڻي پنهنجي پتيءَ کان جدا ٿئي ٿي تہ پوءِ يا تہ هوءَ اڪيلي رهي يا وري پنهنجي پتيءَ سان پرچي وڃي، پر ٻي شادي نہ ڪري. باقي هِنن لاءِ پرڀو يسوع جو نہ، بلڪ منهنجو چوڻ آهي تہ جيڪڏهن ڪنهن وشواسي ڀاءُ جي پتني غير وشواسي هجي ۽ اها ساڻس گڏ رهڻ ۾ راضي هجي تہ هن کي اها ڇڏڻ نہ گھرجي. يا جيڪڏهن ڪنهن وشواسي ڀيڻ جو پتي غير وشواسي هجي ۽ اهو ساڻس گڏ رهڻ ۾ راضي هجي تہ هن کي اهو ڇڏڻ نہ گھرجي. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ وشواسي پتنيءَ جي ڪري غير وشواسي پتي پوِتر ٿئي ٿو ۽ وشواسي پتيءَ جي ڪري غير وشواسي پتني پوِتر ٿئي ٿي، نہ تہ جيڪر انهن جا ٻار اپوِتر هجن ها، پر هاڻي اهي پوِتر آهن. انهيءَ هوندي بہ جيڪڏهن ڪو غير وشواسي پتي يا پتني جدا ٿئي تہ جدا ٿيڻ ڏيوس. اهڙين حالتن ۾ وشواسي پتي يا پتني پابند نہ آهي. پر ڏسو، ايشور اوهان کي ميل ميلاپ سان رهڻ لاءِ سڏيو آهي. اي ڀيڻ! ٿي سگھي ٿو جو تون پنهنجي پتيءَ لاءِ مڪتيءَ جو سبب بڻجين. يا اي ڀاءُ! ٿي سگھي ٿو جو تون پنهنجي پتنيءَ لاءِ مڪتيءَ جو سبب بڻجين. آءٌ وشواسين جي سڀني منڊلين کي اهو ساڳيو ئي حڪم ٿو ڏيان تہ ايشور جنهن کي جهڙيءَ حالت ۾ مسيح ڏانهن سڏيو آهي، اهو انهيءَ حالت ۾ ئي رهي، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن جي حالت پرڀو يسوع جي طرفان مقرر ڪيل آهي. سو جيڪڏهن ايشور ڪنهن کي ختنو ٿيل جي حالت ۾ سڏيو آهي تہ هو ختني جا نشان نہ لڪائي. پر جيڪڏهن ايشور ڪنهن کي ختني کان سواءِ واري حالت ۾ سڏيو آهي تہ هو ختنو نہ ڪرائي. ختنو ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آهي، پر ايشور جي حڪمن تي هلڻ ئي سڀ ڪجھہ آهي. ايشور جنهن کي جهڙيءَ حالت ۾ سڏيو آهي، سو انهيءَ حالت ۾ ئي رهي. توڙي جو ايشور جي سڏڻ وقت تون غلام آهين تہ بہ چنتا نہ ڪر. پر جيڪڏهن تو کي آزاد ٿيڻ جو موقعو ملي، تہ اهو هٿان نہ وڃاءِ. جڏهن تہ جيڪو بہ غلام پرڀو يسوع جو ٿيڻ لاءِ سڏيو ويو آهي سو پرڀو يسوع جو آزاد ڪيل آهي. ساڳيءَ طرح جيڪو بہ آزاد ماڻهو سڏيو ويو آهي سو مسيح جو غلام آهي. مُلهہ ڏيئي اوهين خريد ڪيا ويا آهيو، سو ڪنهن انسان جا غلام نہ ٿيو. مطلب تہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪو جنهن حالت ۾ سڏيو ويو آهي، سو ايشور جي آڏو ساڳيءَ حالت ۾ رهي. ڪنوارو رهڻ يا نہ رهڻ بابت مون کي پرميشور جو ڪوبہ حڪم مليل ڪونهي، پر آءٌ، جنهن تي پرميشور پنهنجي ديا پرگھٽ ڪئي آهي سو ڀروسي جوڳو هئڻ جي حيثيت سان پنهنجي راءِ ٿو ڏيان. آءٌ سمجھان ٿو تہ هاڻوڪيءَ مصيبت جي ڪري ماڻهو جهڙو آهي تهڙو ئي رهي تہ چڱو. جيڪڏهن ڪو پرڻيل آهي تہ پتنيءَ کي ڇڏڻ جي ڪوشش نہ ڪري ۽ جيڪڏهن ڪو اڻ‌پرڻيل آهي تہ پرڻجڻ جي ڪوشش نہ ڪري. پر جيڪڏهن ڪو شادي ڪرڻ گھري تہ ڪو پاپ نہ آهي ۽ جيڪڏهن ڪا ڪنواري شادي ڪندي تہ بہ ڪو پاپ نہ آهي. ڏسو، جيڪي شادي ڪن ٿا تن کي هن جيون ۾ تڪليفون اچن ٿيون ۽ انهن کان آءٌ اوهان کي بچائڻ ٿو گھران. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! چوڻ جو مطلب هي آهي تہ آخري وقت ويجھو اچي چڪو آهي. سو مسيح جي اچڻ جي بنسبت هاڻي کان وٺي پرڻيل ماڻهو پنهنجي شاديءَ کي ڪا اهميت نہ ڏين، روئڻ وارا پنهنجي غم کي ڪا اهميت نہ ڏين، خوشي ڪرڻ وارا پنهنجي خوشيءَ کي ڪا اهميت نہ ڏين ۽ خريد ڪرڻ وارا پنهنجي خريد ڪيل شيءِ کي ڪا اهميت نہ ڏين. مطلب تہ سنسار جو ڪاروبار ڪرڻ وارا انهيءَ ۾ ئي مگن ٿي نہ وڃن، ڇاڪاڻ تہ هن سنسار جو موجودہ رنگ ڍنگ ختم ٿيڻ وارو آهي. منهنجي خواهش اها آهي تہ اوهين سنساري چنتائن کان آزاد رهو. اڻ‌پرڻيل ماڻهوءَ کي پرڀو يسوع جي ڳالهين جي چنتا رهي ٿي تہ هو ڪهڙيءَ طرح پرڀو يسوع کي راضي رکي. جڏهن تہ پرڻيل ماڻهوءَ کي سنسار جي ڳالهين جي بہ چنتا رهي ٿي تہ هو ڪيئن پنهنجي پتنيءَ کي راضي رکي. سو هن جو ڌيان ورهايل رهي ٿو. ساڳيءَ طرح اڻ‌پرڻيل يا ڪنواري ناري پرڀو يسوع جي ڳالهين جي چنتا ۾ رهي ٿي تہ هوءَ ڪيئن شرير ۽ آتما جي لحاظ کان هن لاءِ مخصوص ۽ پوِتر رهي. جڏهن تہ پرڻيل ناريءَ کي سنساري چنتا بہ رهي ٿي تہ هوءَ ڪيئن پتيءَ کي راضي رکي. اهو آءٌ اوهان کي پابند ڪرڻ لاءِ نہ پر اوهان جي ئي فائدي لاءِ ٿو چوان، تہ جيڪو صحيح ۽ مناسب آهي سو ڪريو تہ جيئن اوهين تن ۽ من سان پرڀو يسوع جي سيوا ڪندا رهو. جيڪڏهن ڪو سمجھي ٿو تہ هن جي ڪنيا جوانيءَ کان موٽي آهي ۽ کيس ڪنوارو رکي هن ساڻس ناانصافي ڪئي آهي ۽ هاڻي کيس احساس ٿئي ٿو تہ انهيءَ جي شادي ٿيڻ گھرجي، سو ڀلي شادي ڪرائيس. انهيءَ ۾ ڪوبہ پاپ ڪونهي. پر جيڪو ماڻهو پنهنجي ارادي ۾ مضبوط آهي ۽ بغير ڪنهن مجبوريءَ جي پنهنجي دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو اٿائين تہ هو پنهنجي ڪنيا کي ڪنواري رکندو تہ هو چڱو ٿو ڪري. مطلب تہ جيڪو پنهنجي ڪنواري ڪنيا کي پرڻائي ٿو سو چڱو ٿو ڪري، پر جيڪو کيس نہ ٿو پرڻائي سو وڌيڪ چڱو ٿو ڪري. جيستائين پتي جيوت آهي تيستائين پتني سندس پابند آهي. پر جيڪڏهن سندس پتي مري وڃي تہ پوءِ هوءَ آزاد آهي، جنهن سان وڻيس تنهن سان پرڻجي، بشرطيڪ اهو مرد پرڀو يسوع مسيح جو هجي. پر منهنجي راءِ آهي تہ جيڪڏهن اها ٻيهر نہ پرڻجي تہ وڌيڪ سڀاڳي رهندي. اهو آءٌ انهيءَ ڪري ٿو چوان جو آءٌ سمجھان ٿو تہ مون ۾ بہ ايشور جي پوِتر آتما آهي. هاڻي بتن تي ٻليدان ڪرڻ واري ڳالهہ تي اچو. انهيءَ بابت ڄاڻيندي اسين چئون ٿا تہ ”اسين سڀيئي ڄاڻ رکون ٿا.“ پر ڄاڻ تہ انسان کي مغرور ڪري ٿي، جڏهن تہ پريم ترقي بخشي ٿو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو سمجھي ٿو تہ ”آءٌ ڪجھہ ڄاڻان ٿو،“ تہ هو اڃا ايترو نہ ٿو ڄاڻي جيترو کيس ڄاڻڻ گھرجي. پر جيڪو ايشور سان پيار ٿو ڪري، تنهن کي ايشور ڄاڻي ٿو. سو بتن تي ٻليدان ڪرڻ بابت اسين ڄاڻون ٿا تہ بت سنسار ۾ ڪابہ حقيقت نہ ٿا رکن ۽ هي بہ ڄاڻون ٿا تہ سواءِ هڪڙي جي ٻيو ڪوبہ ايشور ڪونهي. جيتوڻيڪ ڌرتيءَ ۽ آڪاش جي گھڻين ئي شين کي ايشور ۽ پرڀو سڏيو وڃي ٿو ۽ اهڙن گھڻن ئي ديوتائن جي پوجا بہ ڪئي وڃي ٿي، تنهن هوندي بہ اسين ڄاڻون ٿا تہ هڪڙو ئي ايشور آهي يعني آڪاشي پتا، جنهن سڀ شيون پيدا ڪيون آهن ۽ اسين انهيءَ جي لاءِ جيوت آهيون. اسان جو پرڀو بہ هڪڙو ئي آهي يعني يسوع مسيح، جنهن جي وسيلي سڀ شيون وجود ۾ آيون ۽ اسين انهيءَ جي وسيلي جيوت آهيون. پر سڀني ماڻهن کي اها ڄاڻ نہ آهي، ايتري قدر جو اسان وشواسين مان بہ اڃا تائين ڪن جي اها سوچ آهي تہ بتن جو وجود آهي. سو بتن تي ٻليدان ڪيل کاڌو کائڻ سان هو پاڻ کي انهن جي پوجا ۾ شامل سمجھن ٿا. اهڙيءَ طرح ضمير جي ڪمزوريءَ جي ڪري سندن سوچ اپوِتر ٿي پوي ٿي. حقيقت ۾ کاڌو اسان کي ايشور سان نہ ٿو ملائي. جيڪڏهن نہ کائون تہ ڪو نقصان ناهي ۽ جيڪڏهن کائون تہ ڪو فائدو بہ ناهي. پر خبردار رهجو، ائين نہ ٿئي جو اوهان جي هيءَ آزادي ڪمزور سمجھہ وارن لاءِ ڀَٽڪي وڃڻ جو سبب بڻجي. فرض ڪريو تہ ڪو ڪمزور سمجھہ وارو اوهان ڄاڻ وارن مان ڪنهن کي بت‌خاني ۾ بتن تي ٻليدان ڪيل کاڌو کائيندو ڏسي، تہ هو بہ اهو کاڌو کائڻ ۾ نہ همتائبو ڇا؟ مطلب تہ اوهان جي ڄاڻ جي ڪري ڪمزور سمجھہ وارو شخص، يعني اوهان جو اهو هم‌وشواسي برباد ٿي ويندو، جنهن جي خاطر مسيح پنهنجي جان ڏني. اهڙيءَ طرح اوهين پنهنجي وشواسي ڀائرن ڀينرن جي ڪمزور ضمير کي زخمي ڪري سندن ڏوهي ٿا بڻجو ۽ ائين اوهين مسيح جا پاپي ٿا قرار ڏنا وڃو. سو جيڪڏهن گوشت کائڻ سان منهنجو ڪو هم‌وشواسي ڀَٽڪي وڃي ٿو تہ آءٌ گوشت ڪڏهن بہ نہ کائيندس، متان آءٌ پنهنجي انهيءَ ڀاءُ ڀيڻ جي ڀَٽڪي وڃڻ جو سبب بڻجان. ڇا ٻين وانگر آءٌ پنهنجو حق وٺڻ لاءِ آزاد نہ آهيان؟ ڇا آءٌ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت نہ آهيان؟ ڇا مون يسوع کي نہ ڏٺو آهي جيڪو اسان جو پرڀو آهي؟ ڇا اوهين پرڀوءَ جي لاءِ منهنجي سيوا جو نتيجو نہ آهيو؟ جيڪڏهن ٻيا مون کي سنت نہ ٿا مڃين تہ اوهان جي لاءِ تہ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان. منهنجي سنت هجڻ جي ثابتي اها ئي آهي جو اوهين پرڀوءَ ۾ آهيو. جن کي مون تي اعتراض آهي، تن لاءِ منهنجو جواب هي آهي تہ ڇا منهنجو ۽ برنباس جو اهو حق نہ آهي تہ سيوا جي بدلي ۾ اسان کي کارايو پيئاريو وڃي؟ ڇا اسان جو اهو حق نہ آهي تہ اسان مان هر ڪو وشواسي ناري پرڻجي ۽ کيس پاڻ سان گڏ وٺي هلندو رهي، جيئن پرڀوءَ جا ڀائر، پطرس ۽ ٻيا سنت ڪن ٿا؟ ڇا رڳو منهنجي ۽ برنباس جي لاءِ ئي ضروري آهي تہ اسين پورهيو ڪري گذارو ڪريون؟ ڇا ڪڏهن ڪو پنهنجي خرچ تي فوج ۾ نوڪري ڪندو آهي؟ ڇا اهڙو ڪو مالهي آهي جيڪو انگورن جو باغ تہ لڳائي ٿو، پر ان جو ميوو نہ ٿو کائي؟ ڇا اهڙو ڪو ڌنار آهي جيڪو ڌڻ تہ چاري ٿو، پر انهيءَ ڌڻ جو کير نہ ٿو پيئي؟ ڇا اهي ڳالهيون آءٌ رڳو انساني سوچ موجب چوان ٿو؟ ڇا نيم بہ ائين نہ ٿو چوي؟ هائو، موسيٰ جي نيم شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جڏهن ڪو ڍڳو ڳاهہ ۾ وهي، تڏهن ان جو وات نہ ٻڌ.“ ڇا ڀلا ايشور کي رڳو ڍڳن جي ڳڻتي آهي؟ يا هو خاص اسان جي لاءِ ائين ٿو فرمائي؟ هائو، اهو اسان جي لاءِ لکيو ويو آهي. ڏسو، هر ڪاهڻ وارو اها اميد رکي هر ڪاهي ٿو تہ کيس ڪجھہ ملندو ۽ اَنُ ڳاهڻ وارو اها اميد رکي اَنُ ڳاهي ٿو تہ کيس پوک مان حصو ملندو. جيڪڏهن اسان اوهان ۾ آتمڪ شيون پوکيون آهن، تہ پوءِ اها ڪا وڏي ڳالهہ آهي ڇا جو اوهان مان اسين سنساري شيون لڻون؟ جيڪڏهن ٻين کي اوهان کان حصو وٺڻ جو حق آهي، تہ پوءِ اسان جو حق وڌيڪ نہ آهي ڇا؟ تنهن هوندي بہ اسان اهو حق نہ ورتو. اٽلندو سڀ ڪجھہ سهندا رهون ٿا تہ جيئن يسوع مسيح بابت خوشخبري ڦهلائڻ ۾ ڪنهن بہ طرح جي رنڊڪ جو سبب نہ بڻجون. اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ جيڪي هيڪل ۾ ڪم ڪرڻ وارا آهن سي هيڪل مان ٿا کائين ۽ جيڪي ٻليدان واري جاءِ جا سيواداري آهن سي ٻليدان مان ٿا حصو وٺن؟ ساڳيءَ طرح پرڀو يسوع بہ اهو بندوبست ڪيو آهي تہ خوشخبريءَ جو پرچار ڪرڻ وارن کي خوشخبريءَ جي وسيلي گذران ڪرڻ گھرجي. پر مون انهن مان ڪوبہ حق استعمال ڪونہ ڪيو آهي، نڪي آءٌ هي انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان تہ اهڙيون شيون مون کي ملن. آءٌ ان کان پهريائين مرڻ بهتر سمجھان ٿو تہ متان ڪو مون کان اهو فخر کسي وٺي. پر منهنجي فخر ڪرڻ جو سبب خوشخبريءَ جو پرچار ڪرڻ ڪونہ آهي، ڇاڪاڻ تہ پرچار ڪرڻ مون تي فرض آهي. جيڪڏهن آءٌ خوشخبريءَ جو پرچار نہ ٿو ڪريان تہ منهنجي حال تي افسوس آهي. جيڪڏهن آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان پرچار ڪريان ها تہ پوءِ انهيءَ جي لاڀ جو حق بہ رکان ها. پر جيئن تہ منهنجي مرضيءَ کان وڌيڪ اها مون تي هڪ ذميواري آهي، جيڪا مون کي سونپي ويئي آهي، تہ پوءِ منهنجو لاڀ ڪهڙو آهي؟ اهو ئي تہ خوشخبريءَ جو مفت پرچار ڪريان ۽ پنهنجي انهيءَ حق جو فائدو حاصل نہ ڪريان جيڪو مون کي انهيءَ جي پرچار ڪرڻ سان حاصل آهي. جيتوڻيڪ آءٌ هڪ آزاد ماڻهو آهيان ۽ ڪنهن جو بہ غلام نہ آهيان، تنهن هوندي بہ مون پاڻ کي هر ڪنهن جو غلام بڻائي ڇڏيو آهي، تہ جيئن گھڻي کان گھڻا ماڻهو هٿ ڪريان. يهودين لاءِ آءٌ يهودين جهڙو بڻيس تہ جيئن يهودين کي هٿ ڪريان. نيم جي پابندن لاءِ آءٌ نيم جو پابند بڻيس تہ جيئن نيم جي پابندن کي هٿ ڪريان، جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ نيم جو پابند ڪين هئس. غير قومون جيڪي نيم کان سواءِ آهن، تن لاءِ آءٌ انهن جهڙو بڻيس تہ جيئن کين هٿ ڪريان، جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ ايشور جي نيم کان سواءِ ڪين هئس. اهو ائين جو آءٌ مسيح جي نيم جو پابند هئس. ڪمزور ضمير وارن لاءِ آءٌ انهن جهڙو ڪمزور بڻيس تہ جيئن کين هٿ ڪريان. مطلب تہ جيڪو جهڙو هو تنهن لاءِ آءٌ تهڙو بڻيس، تہ جيئن ڪنهن نہ ڪنهن نموني آءٌ ڪن کي بچايان. اهو سڀ ڪجھہ آءٌ خوشخبريءَ جي خاطر ٿو ڪريان تہ جيئن انهيءَ جي آسيسن ۾ حصيدار ٿيان. ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ گوءِ جي ميدان تي ڊوڙندا تہ گھڻا ئي آهن، پر انعام رڳو هڪڙي کي ملندو آهي؟ سو اوهين اهڙا ڊوڙو جيئن انعام کٽو. هر ڪو پهلوان سڀني ڳالهين ۾ پرهيز ٿو ڪري. اهي تہ ناس ٿيندڙ تاج ملڻ لاءِ ائين ٿا ڪن، پر اسين ابناسي تاج لاءِ. تنهنڪري آءٌ بنا مقصد جي نہ ٿو ڊوڙان، نڪي آءٌ هوا ۾ مڪون ٿو هڻان، بلڪ آءٌ شرير وارين خواهشن کي ماري پنهنجي شرير کي پوري وس ۾ ٿو رکان. ائين نہ ٿئي جو ٻين ۾ پرچار ڪندي آءٌ پاڻ قبول نہ پوان. سو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اوهين اسان جي ابن ڏاڏن جي واقعن کان اڻ‌ڄاڻ رهو. هو سڀ ڪڪر جي ڇانوَ هيٺان هئا ۽ سڀيئي سمنڊ مان لنگھي پار پيا. اهڙيءَ طرح انهيءَ ڪڪر ۽ سمنڊ ۾ سڀني ڄڻ تہ پنهنجي رهنماءَ موسيٰ جي بپتسما ورتي. تنهن هوندي بہ ايشور انهن مان گھڻن سان راضي نہ هو، تنهنڪري اهي رڻ‌پٽ ۾ مري کپي ويا. هي واقعا اسان جي لاءِ سبق بڻيا تہ جيئن اسين ڪابہ بري نموني واري خواهش نہ ڪريون، جهڙيءَ طرح انهن ٿي ڪئي. تنهنڪري اسان کي گھرجي تہ بتن جا پوجاري نہ ٿيون جهڙيءَ طرح انهن مان ڪي ٿيا، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ماڻهو کائڻ پيئڻ لاءِ ويٺا ۽ پوءِ اٿي نچڻ ٽپڻ ۽ عياشيءَ ۾ لڳي ويا.“ نڪي اسان کي زناڪاري ڪرڻ گھرجي، جيئن انهن مان ڪن زناڪاري ڪئي ۽ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ٽيويهہ هزار ماڻهو موت جي حوالي ڪيا ويا. نڪي اسان کي مسيح کي آزمائڻ گھرجي، جيئن انهن مان ڪن آزمايو ۽ نانگن کين ڏنگي چٽ ڪري ڇڏيو. نڪي وري اسان کي ڪُرڪڻ ڪنجھڻ گھرجي، جيئن انهن مان ڪي ڪُرڪيا ۽ موت واري دوت هٿان چٽ ٿي ويا. ساڻن هي واقعا انهيءَ لاءِ پيش آيا تہ جيئن ماڻهن لاءِ هڪ سبق بڻجن ۽ پوءِ اهي اسان انتم زماني وارن لاءِ نصيحت طور لکيا ويا آهن. تنهنڪري جيڪو پاڻ کي اهڙين ڳالهين تي مضبوط بيٺل ٿو سمجھي، سو خبردار رهي متان ڪري نہ پوي. اوهان تي اهڙي ڪا آزمائش نہ پيئي آهي جيڪا انسان لاءِ عام نہ هجي. ايشور سچو آهي، هو اوهان کي اهڙي آزمائش ۾ پوڻ ڪين ڏيندو جيڪا اوهان جي سهڻ جي طاقت کان ٻاهر هجي. هائو، جڏهن اوهين آزمائش ۾ پوندا تہ هو اوهان کي برداشت ڪرڻ جي طاقت سان گڏوگڏ انهيءَ مان بچي نڪرڻ جو رستو بہ ٺاهي ڏيندو. تنهنڪري اي پريميؤ! بتن جي پوجا کان ڀڄو. سمجھدار ماڻهو سمجھي آءٌ اوهان سان ٿو ڳالهايان ۽ جيڪي آءٌ چوان ٿو تنهن کي پرکي ڏسو. جڏهن اسين مسيح جي موت جي ياد ۾ پيالو پيئندي ايشور جي مهما ٿا ڪريون، تڏهن اها مسيح جي رت ۾ شموليت نہ آهي ڇا؟ ۽ جڏهن اسين روٽي ڀڃي کائون ٿا، تڏهن اها مسيح جي شرير ۾ شموليت نہ آهي ڇا؟ جيئن تہ روٽي هڪڙي آهي، تيئن جيتوڻيڪ اسين گھڻا آهيون تہ بہ هڪڙو شرير آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسين سڀيئي انهيءَ هڪڙيءَ روٽيءَ ۾ شامل ٿا ٿيون. يا وري بني اسرائيل تي نظر ڪريو. ڇا اهي ٻليدان کائڻ وارا ٻليدان واري جاءِ جي سيوا ۾ شامل نہ آهن؟ منهنجي چوڻ جو مقصد هي ناهي تہ جيڪو ٻليدان بتن تي ڪيو وڃي ٿو سو ڪا حيثيت رکي ٿو يا بت پاڻ ڪا حيثيت رکن ٿا. نہ، بلڪ منهنجي چوڻ جو مقصد هي آهي تہ جيڪي بتن تي ٻليدان ڪن ٿا سي ڀوتن لاءِ ٿا ڪن، نہ ايشور لاءِ. سو آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اوهين ڀوتن سان شامل ٿيو. اوهين پرڀو يسوع جي پيالي سان گڏوگڏ ڀوتن جي پيالي مان پي نہ ٿا سگھو. اوهين پرڀو يسوع جي کاڌي سان گڏوگڏ ڀوتن جي کاڌي ۾ شامل ٿي نہ ٿا سگھو. ڇا ائين ڪندي اسين پرڀوءَ جي غيرت کي جوش ڏياريون؟ ڇا اسين هن کان وڌيڪ ٻلوان آهيون؟ ڪن ماڻهن جي چوڻ موجب ”سڀ شيون جائز آهن.“ ٺيڪ آهي، پر سڀيئي ترقيءَ جو سبب نہ ٿيون بڻجن. هائو، سڀ شيون جائز تہ آهن، پر سڀيئي سڌارو نہ ٿيون آڻين. سو هر ڪو ماڻهو پنهنجو ڀلو نہ پر ٻئي جو ڀلو گھري. جيڪو بہ گوشت بازار ۾ وڪامجي ٿو سو ڀلي کائو، پر انهيءَ جي جائز يا ناجائز هجڻ بابت دل ۾ سوچ ويچار نہ ڪريو، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ڌرتي ۽ ان جون سموريون شيون پرميشور جون ئي آهن.“ جيڪڏهن ڪو غير وشواسي اوهان کي رسوئيءَ جي دعوت ڏئي ۽ اوهين قبول ڪريو تہ جيڪي ڪجھہ اوهان جي اڳيان رکيو وڃي، سو کائو ۽ انهيءَ جي جائز يا ناجائز هجڻ بابت دل ۾ سوچ ويچار نہ ڪريو. پر جيڪڏهن ڪو اوهان کي چوي تہ ”هي کاڌو بتن تي ٻليدان ڪيل آهي،“ تہ جنهن اوهان کي جتايو انهيءَ جي ڪري ۽ ضمير جي ڦٽڪار ڪري اهو نہ کائو. ضمير مان منهنجو مطلب اوهان جو ضمير نہ آهي، پر انهيءَ ٻئي ماڻهوءَ جو. ڀلا، منهنجي آزادي ٻئي جي ضمير جي ڪري ڇو پرکي وڃي؟ جيڪڏهن آءٌ شڪر ڪري ٿو کاوان تہ جنهن شيءِ جي لاءِ ايشور جو شڪرانو ٿو ڪريان، تنهن جي ڪري مون کي ڇو ٿو بدنام ڪيو وڃي؟ تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو، يا جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سڀ ايشور جي مهما خاطر ڪريو. اوهين ڪنهن جي بہ ڀَٽڪڻ جو سبب نہ بڻجو، توڙي جو اهي يهودي هجن يا غير قوم وارا يا ايشور جي منڊلي. انهيءَ طرح آءٌ بہ هر ڪنهن ڳالهہ ۾ سڀ ڪنهن کي راضي ٿو رکان. آءٌ پنهنجو فائدو نہ، پر ٻين جو فائدو چاهيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن گھڻن کي مڪتي ملي. اوهين منهنجي نقشِ‌قدم تي هلو، جهڙي نموني آءٌ مسيح جي نقشِ‌قدم تي هلان ٿو. آءٌ اوهان جي ساراهہ ٿو ڪريان جو اوهين هر معاملي ۾ مون کي ياد ٿا رکو ۽ جيڪي روايتون مون اوهان تائين پهچايون هيون، تن تي اوهين جيئن جو تيئن عمل ڪندا ٿا رهو. هاڻ آءٌ اوهان کي هڪڙي ٻي ڳالهہ سمجھائڻ گھران ٿو تہ هر مرد جو مٿو مسيح آهي، ناريءَ جو مٿو مرد آهي ۽ مسيح جو مٿو ايشور آهي. جيڪو مرد پنهنجو مٿو ڍڪي پرارٿنا ٿو ڪري يا ايشور جو سنديش ٿو ٻڌائي، سو پنهنجي مٿي جو اپمان ٿو ڪري. جيڪا ناري مٿي اگھاڙي پرارٿنا ٿي ڪري يا ايشور جو سنديش ٿي ٻڌائي، سا پنهنجي مٿي جو اپمان ٿي ڪري. اهو ڄڻ تہ سندس مٿي ڪوڙائڻ جي برابر آهي. جيڪڏهن ڪا ناري پنهنجو مٿو نہ ٿي ڍڪي تہ وار بہ ڪترائي ڇڏي. پر جيڪڏهن ڪنهن ناريءَ لاءِ وار ڪترائڻ يا ڪوڙائڻ شرم جهڙي ڳالهہ آهي، تہ پوءِ پنهنجو مٿو چادر سان ڍڪي. مرد کي پنهنجو مٿو نہ ڍڪڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هو ايشور جو روپ ۽ شان آهي، جڏهن تہ ناري مرد جو شان آهي. اهو انهيءَ لاءِ آهي جو شروع ۾ مرد ناريءَ مان نہ، پر ناري مرد مان ٺاهي ويئي هئي، ڇاڪاڻ تہ مرد ناريءَ لاءِ نہ، پر ناري مرد لاءِ پيدا ڪئي ويئي. سو ناريءَ کي گھرجي تہ هوءَ دوتن کي نظر ۾ رکندي پنهنجو مٿو ڍڪي، جيڪو سندس اختياريءَ جو نشان آهي. تنهن هوندي بہ پرڀو يسوع ۾ نہ ناري مرد کان سواءِ آهي، نڪي مرد ناريءَ کان سواءِ، ڇاڪاڻ تہ جيئن ناري مرد مان ٺاهي ويئي آهي، تيئن مرد ناريءَ مان ڄڻيل آهي. پر سڀني شين جو ٺاهيندڙ ايشور آهي. اوهين پاڻ ئي فيصلو ڪريو تہ ڇا اهو مناسب آهي جو ايشور جي آڏو ناري اگھاڙي مٿي سان پرارٿنا ڪري؟ ڇا فطرت خود اوهان کي اهو نہ ٿي سيکاري تہ مرد لاءِ ڊگھا وار رکڻ اپمان جي ڳالهہ آهي، جڏهن تہ ناريءَ لاءِ ڊگھا وار سندس مان آهن؟ ڇاڪاڻ تہ ناريءَ کي اهي وار پردي جي لاءِ ڏنا ويا آهن. جيڪڏهن ڪو انهيءَ بابت بحث مباحثو ڪرڻ گھري تہ کيس چئجو تہ ”مٿي اگھاڙي ناريءَ جو پرارٿنا ڪرڻ وارو دستور نہ اسان جو آهي نڪي ايشور جي منڊلين جو.“ هيٺين ڳالهين ۾ آءٌ اوهان جي ساراهہ نہ ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي گڏ ٿيڻ سان فائدي کان وڌيڪ نقصان ٿو ٿئي. اول تہ مون کي ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ آءٌ ٿورو گھڻو يقين بہ ڪريان ٿو تہ منڊليءَ جي گڏ ٿيڻ وقت اوهان ۾ ڌڙابندي نظر اچي ٿي ۽ حقيقت ۾ اوهان جي وچ ۾ ڏڦيڙ بہ ضرور هوندا تہ جيئن اهو صاف ظاهر ٿئي تہ اوهان مان ڪير سچا آهن. پر ڳالهہ هيءَ آهي تہ جڏهن اوهين پاڻ ۾ گڏجو ٿا تڏهن جيڪي ڪجھہ کائو ٿا، تنهن جو پرڀو يسوع جي يادگيريءَ واري روٽيءَ سان ڪو واسطو ڪونهي. هر ڪو ٻئي جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي رسوئي کائي ٿو وٺي ۽ ائين هڪڙو بکايل رهجي وڃي ٿو تہ ٻيو کائي پيئي نشي ۾ چور ٿي پوي ٿو. ڇا کائڻ پيئڻ لاءِ اوهان کي پنهنجا گھر ڪونہ آهن؟ جن کي ڪابہ شيءِ ڪانہ آهي تن کي شرمندو ڪري منڊليءَ کي ڇو ٿا نيچ سمجھو؟ آءٌ اوهان کي ڇا چوان؟ ڇا انهيءَ ڪري آءٌ اوهان جي ساراهہ ڪريان؟ نہ، هرگز نہ. جيڪا ڳالهہ مون کي پرڀو يسوع کان ملي هئي سا مون اڳ ۾ اوهان تائين پهچائي آهي. اها هيءَ آهي تہ جنهن رات پرڀو يسوع کي گرفتار ڪرايو ويو، تنهن رات هن روٽي کڻي شڪر ڪري اها ڀڳي ۽ چيائين تہ ”هي منهنجو شرير آهي، جيڪو اوهان جي واسطي آهي. منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ڪندا رهجو.“ اهڙيءَ طرح هن رسوئي کائڻ کان پوءِ مئي جو پيالو بہ کنيو ۽ چيائين تہ ”هي پيالو اهو نئون وچن آهي، جيڪو منهنجي رت جي وسيلي ٻڌو وڃي ٿو. جڏهن بہ اهو پيالو پيئو تہ منهنجي يادگيريءَ لاءِ ائين ڪندا رهجو.“ مطلب تہ جڏهن بہ اوهين هيءَ روٽي کائو ٿا ۽ هي پيالو پيئو ٿا، تڏهن اوهين پرڀو يسوع جي موت جو اظهار ٿا ڪريو، جيستائين هو موٽي اچي. تنهنڪري جيڪو بہ نالائقيءَ طور پرڀو يسوع جي روٽي کائيندو ۽ سندس پيالو پيئندو، سو پرڀو يسوع جي شرير ۽ رت جي نسبت ۾ سندس پاپي قرار ڏنو ويندو. تنهنڪري پهريائين هر ڪو ماڻهو پاڻ کي خيال سان جاچي ۽ پوءِ انهيءَ روٽيءَ مان کائي ۽ انهيءَ پيالي مان پيئي. ياد رکو، جيڪو شخص اها روٽي کائڻ ۽ اهو پيالو پيئڻ وقت پرڀو يسوع جي شرير جي صحيح سڃاڻپ نہ ٿو رکي، سو انهيءَ کائڻ پيئڻ ۾ پاپي قرار ڏنو وڃڻ جو پاڻ سبب ٿو بڻجي. انهيءَ ڪري اوهان مان گھڻا ڪمزور ۽ بيمار آهن ۽ ڪيترا تہ قبر ۾ وڃي ستا آهن. جيڪڏهن اسين پنهنجو پاڻ کي جاچيون ها تہ اسين پاپي قرار نہ ڏنا وڃون ها. پر پرڀو اسان کي سيکت ڏيئي اسان جي تربيت ٿو ڪري، تہ جيئن اسين سنسار سان گڏ پاپي قرار نہ ڏنا وڃون. تنهنڪري اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏهن اوهين کائڻ لاءِ گڏ ٿيو تہ هڪٻئي لاءِ ترسو. جيڪڏهن ڪو بکايل هجي تہ ڀلي پنهنجي گھر کائي، متان اوهان جو گڏ ٿيڻ پاپي هئڻ جي فيصلي جو سبب نہ بڻجي. باقي ٻيون ڳالهيون جڏهن آءٌ ايندس تڏهن اچي ٺيڪ ڪندس. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان پوِتر آتما جي ڏنل وردانن جي جيڪا ڳالهہ ڪئي، تنهن بابت آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اوهين اڻ‌ڄاڻ رهو. اوهين ڄاڻو ٿا تہ پرڀو يسوع تي وشواس آڻڻ کان اڳ ۾ اوهان کي ڪنهن نہ ڪنهن نموني ڀَٽڪائي گونگن بتن ڏانهن نيو ويندو هو. تنهنڪري آءٌ اوهان کي سمجھائڻ گھران ٿو تہ ايشور جي آتما جي اثر هيٺ ڪوبہ نہ چوندو تہ يسوع لعنتي آهي ۽ نہ وري ڪو پوِتر آتما کان سواءِ چئي سگھندو تہ يسوع ئي پرڀو آهي. آتمڪ وردان تہ جدا جدا قسمن جا آهن، پر پوِتر آتما تہ هڪڙي ئي آهي. سيوائون بہ جدا جدا قسمن جون آهن، پر پرڀو يسوع تہ هڪڙو ئي آهي. ڪم ڪرڻ جون مهارتون بہ جدا جدا قسمن جون آهن، پر ايشور تہ هڪڙو ئي آهي، جيڪو سڀني ماڻهن کي طرح طرح جا ڪم ڪرڻ جون مهارتون بخشي ٿو. هر هڪ وشواسيءَ مان پوِتر آتما جو ڏيک ڪنهن نہ ڪنهن وردان جي وسيلي ٿئي ٿو تہ جيئن سڀني جو فائدو ٿئي. هڪڙي کي پوِتر آتما ڏاهپ سان ڳالهائڻ جو وردان بخشي ٿي تہ ٻئي کي ساڳي پوِتر آتما ڄاڻ سان ڳالهائڻ جو وردان ٿي بخشي. ڪنهن کي ساڳي پوِتر آتما وشواس ۾ مضبوطي بخشي ٿي تہ ڪنهن کي اها هڪڙي ئي پوِتر آتما ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ جو وردان ٿي بخشي. پوِتر آتما ڪنهن کي چمتڪار ڪرڻ جي شڪتي ڏئي ٿي تہ ڪنهن کي ايشور جو سنديش ٻڌائڻ جو وردان ٿي بخشي. ڪنهن کي سچين ۽ ڪوڙين آتمائن کي سڃاڻڻ جي شڪتي ڏئي ٿي تہ ڪنهن کي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ جي ۽ ڪنهن کي انهن ٻولين جي ترجمي ڪرڻ جي قابليت ڏئي ٿي. مطلب تہ اهو سڀ ڪجھہ اها هڪڙي ئي پوِتر آتما ٿي ڪري، جيڪا پنهنجي مرضيءَ موجب هر ڪنهن کي جدا جدا وردان ورهائي ٿي ڏئي. جيئن هڪڙي شرير جا عضوا گھڻا آهن، تڏهن بہ اهي سڀيئي عضوا گڏجي هڪڙو شرير ٿين ٿا، تيئن مسيح بہ آهي. جيتوڻيڪ اسين ڪي يهودي، ڪي غير يهودي، ڪي غلام تہ ڪي آزاد هئاسين، تہ بہ اسان سڀني کي هڪڙي ئي پوِتر آتما جي وسيلي هڪڙي شرير ٿيڻ لاءِ بپتسما ملي ۽ اها هڪڙي ئي پوِتر آتما اسان سڀني کي پيئاري ويئي. هاڻ جيئن تہ شرير هڪڙي عضوي جو نہ پر گھڻن جو ٺهيل آهي، سو جيڪڏهن پير چوي تہ ”آءٌ هٿ نہ آهيان، تنهنڪري شرير جو حصو نہ آهيان،“ تہ ائين ٿي نہ ٿو سگھي تہ هو شرير جو حصو نہ آهي. يا جيڪڏهن ڪن چوي تہ ”آءٌ اک نہ آهيان، تنهنڪري شرير جو حصو نہ آهيان،“ تہ ائين ٿي نہ ٿو سگھي تہ هو شرير جو حصو نہ آهي. جيڪڏهن سڄو شرير اک هجي ها تہ ٻڌڻ ڪٿان ٿئي ها؟ يا جيڪڏهن سڄو شرير ڪن هجي ها تہ سنگھڻ ڪٿان ٿئي ها؟ حقيقت ۾ ايشور هر هڪ عضوي کي شرير ۾ پنهنجيءَ مرضيءَ موجب ترتيب سان رکيو آهي. جيڪڏهن اهي سڀ هڪڙو عضوو هجن ها تہ شرير جو نالو ئي نہ هجي ها. مطلب تہ عضوا تہ گھڻا آهن پر شرير هڪڙو ئي آهي. اک هٿ کي چئي نہ ٿي سگھي تہ ”مون کي تنهنجي ضرورت نہ آهي.“ يا وري مٿو پيرن کي چئي نہ ٿو سگھي تہ ”مون کي اوهان جي ضرورت ڪانهي.“ اٽلندو شرير جا اهي عضوا، جيڪي ڪمزور لڳن ٿا سي پاڻ وڌيڪ ضروري آهن. شرير جا اهي عضوا جن کي اسين گھٽ مان وارا سمجھون ٿا، تن کي مان سان ڍڪيون ٿا، يعني انهن کي اسين شرم وچان ڍڪي سندن گھڻو مان‌سمان ٿا ڪريون، جڏهن تہ اسان جي کليل عضون کي اهڙي ضرورت نہ آهي. سو ايشور شرير کي اهڙيءَ طرح جوڙيو آهي جو جيڪو گھٽ مان وارو عضوو آهي، تنهن جو وڏو احترام ڪيو وڃي. اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ جيئن شرير ۾ ڪو ڏڦيڙ نہ پوي، بلڪ سڀيئي عضوا هڪٻئي جو هڪجهڙو خيال رکن. جيڪڏهن هڪڙي عضوي کي تڪليف رسي ٿي تہ سڀني عضون کي انهيءَ سان گڏ تڪليف ٿي رسي ۽ جيڪڏهن هڪڙي عضوي کي خاص مان ملي ٿو تہ انهيءَ سان گڏ سڀ خوشي ڪن ٿا. سو اوهين سڀ گڏجي مسيح جو شرير آهيو ۽ هر هڪ ان جو عضوو آهي. ايشور منڊليءَ ۾ الڳ الڳ شخص مقرر ڪيا آهن، پهريان خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت، ٻيا ايشور جو سنديش ڏيندڙ، ٽيان سکيا ڏيندڙ، پوءِ چمتڪار ڪندڙ، پوءِ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندڙ، مددگار، اڳواڻي ڪندڙ ۽ اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائيندڙ. ڇا سڀيئي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهن؟ ڇا سڀيئي ايشور جو سنديش ڏيندڙ آهن؟ ڇا سڀيئي سکيا ڏيندڙ آهن؟ ڇا سڀيئي چمتڪار ڪندڙ آهن؟ ڇا سڀني کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ جو وردان مليل آهي؟ ڇا سڀيئي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائين ٿا؟ ڇا سڀيئي ترجمو ڪن ٿا؟ سو جاکوڙ ڪريو تہ اوهان ۾ بهتر کان بهتر وردان هجن. هاڻي آءٌ اوهان کي انهيءَ کان بہ وڌيڪ بهترين رستو ٻڌايان ٿو. جيڪڏهن آءٌ انسانن توڙي دوتن جون ٻوليون ڳالهائيندو هجان، پر مون ۾ پريم نہ آهي، تہ پوءِ آءٌ رڳو وڄندڙ گھِنڊ، يا ڇمڪندڙ جھانجھر آهيان. جيڪڏهن مون کي ايشور جو سنديش ٻڌائڻ جو وردان مليل هجي، سڀني ڀيدن ۽ هر ڄاڻ جي واقفيت هجي، ۽ منهنجو وشواس ايڏو تہ ڪامل هجي، جو آءٌ جبلن کي بہ هٽائي سگھان، پر جيڪڏهن مون ۾ پريم نہ آهي، تہ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آهيان. جيڪڏهن آءٌ پنهنجو سڀ مال ملڪيت غريبن ۾ ورهائي ڇڏيان، بلڪ پنهنجي جان بہ جوکي ۾ وجھان، پر مون ۾ پريم نہ آهي، تہ انهيءَ مان مون کي ڪو فائدو ڪونہ ٿيندو. پريم صبر ڪرڻ وارو ۽ ديالو آهي. پريم ساڙ نہ ٿو ڪري، نڪي پاڻ کي پڏائي ٿو ۽ نہ وري پاڻ بابت ٻٽاڪون ٿو هڻي. پريم بدتميزي نہ ٿو ڪري، پريم مطلبي نہ ٿو ٿئي، پريم جلدي نہ ٿو چڙي ۽ نہ وري غلطين جو حساب ڪتاب ٿو رکي. پريم بڇڙائيءَ ۾ خوش نہ ٿو ٿئي، پر سچائيءَ ۾ خوش ٿئي ٿو. پريم سڀ ڪجھہ ڍڪي ڇڏي ٿو ۽ پورو وشواس رکي ٿو. پريم پوري اميد رکي ٿو ۽ سڀ ڪجھہ برداشت ڪري ٿو. پريم ڪڏهن ختم نہ ٿو ٿئي، جڏهن تہ ايشور جو سنديش ٻڌائڻ جو ڪم ختم ٿي ويندو، اڻ‌ڄاتل ٻوليون بند ٿي وينديون، ۽ ڄاڻ ميٽجي ويندي، ڇاڪاڻ تہ اسان جي ڄاڻ اڌوري آهي، ۽ ايشور جي سنديش ٻڌائڻ ۾ اسين ڪامل نہ آهيون. پر جڏهن ڪامل ايندو تہ اڌورو ختم ٿي ويندو. جڏهن آءٌ ٻار هئس، تڏهن ٻارن وانگر ڳالهائيندو هئس، ٻارن وانگر سمجھندو هئس ۽ ٻارن وانگر سوچيندو هئس. پر جڏهن آءٌ جوان ٿيس، تڏهن ٻاراڻيون ڳالهيون ڇڏي ڏنم. ساڳيءَ طرح هن وقت اسان کي ڄڻ تہ آئيني ۾ چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي، پر ڪو وقت ايندو جڏهن روبرو ڏسنداسين. هن وقت آءٌ ٿورو ٿورو ڄاڻان ٿو، پر ڪو وقت ايندو جڏهن آءٌ پوريءَ طرح ڄاڻيندس، جيئن ايشور مون کي پوريءَ طرح ڄاڻي ورتو آهي. مطلب تہ وشواس، اميد ۽ پريم، اهي ٽيئي اٽل آهن. پر انهن ٽنهي مان پريم اُتم آهي. سو اوهين پريم جا ڳولائو رهو. انهيءَ کان علاوہ پوِتر آتما کان ملندڙ وردانن لاءِ جاکوڙ ڪندا رهو، خاص ڪري ايشور جو سنديش ٻڌائڻ جي وردان لاءِ. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪو اڻ‌ڄاتل ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو سو ماڻهن سان نہ، پر رڳو ايشور سان ڳالهائي ٿو. ڪوبہ ماڻهو سندس ڳالهہ نہ ٿو سمجھي، ڇاڪاڻ تہ هو پوِتر آتما جي وسيلي ڳجھيون ڳالهيون ٿو ڳالهائي. جڏهن تہ ايشور جو سنديش ٻڌائيندڙ اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪري جيڪي ماڻهن جي آتمڪ ترقي، نصيحت ۽ دلاسي جو سبب بڻجن ٿيون. جيڪو ماڻهو اڻ‌ڄاتل ٻوليءَ ۾ ٿو ڳالهائي سو رڳو پنهنجي فائدي لاءِ ائين ٿو ڪري، پر جيڪو ايشور جو سنديش ٿو ٻڌائي سو منڊليءَ جي ڀلائيءَ لاءِ ائين ٿو ڪري. جيڪڏهن اوهين سڀيئي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهايو تہ مون کي خوشي ٿيندي، پر وڌيڪ خوشي انهيءَ ڳالهہ کان ٿيندي جو اوهين سڀيئي ايشور جو سنديش ٻڌايو. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪڏهن ڪو اڻ‌ڄاتل ٻوليون ٿو ڳالهائي پر منڊليءَ جي آتمڪ ترقيءَ لاءِ انهن جو ترجمو نہ ٿو ڪري تہ ايشور جو سنديش ٻڌائڻ وارو انهيءَ کان وڌيڪ اهم آهي. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن آءٌ اوهان وٽ اچان ۽ رڳو اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهايان تہ اوهان کي ڪهڙو فائدو ٿيندو، جيستائين آءٌ اوهان کي آڪاش‌واڻي، ڄاڻ، سکيا يا ايشور جو سنديش نہ ٻڌايان. بي‌جان سازن تي ئي غور ڪريو. مثال طور جيڪڏهن بانسري يا ستارَ صحيح نموني سان نہ وڄائي وڃي تہ ٻڌندڙن کي ان جي سُر جي سڌ ڪيئن پئجي سگھندي؟ يا وري بِگل جو آواز چٽو نہ هوندو تہ ڪير پاڻ کي جنگ جي لاءِ تيار ڪندو؟ اهڙيءَ طرح جيڪڏهن اوهين اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائيندا ۽ انهيءَ جي معنيٰ جيستائين ٻڌندڙن کي سمجھہ ۾ نہ ايندي، تيستائين ڪيئن سڌ پوندي تہ اوهين ڇا ٿا ڳالهايو. ائين تہ اوهين ڄڻ هوا سان ٿا ڳالهايو. سنسار ۾ تہ ڪيتريون ئي مختلف ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، پر انهن مان ڪابہ معنيٰ کان سواءِ نہ آهي. سو جيڪڏهن ڳالهائيندڙ جي ٻوليءَ جي معنيٰ مون کي سمجھہ ۾ نہ ايندي تہ هو منهنجي لاءِ ڌاريو ٿيندو ۽ آءٌ هن لاءِ ڌاريو ٿيندس. اهو اوهان تي بہ لاڳو آهي. سو جيئن اوهين پوِتر آتما کان ملندڙ وردانن جي تمنا رکو ٿا، تيئن اها ڪوشش بہ ڪريو تہ اوهان جي انهن وردانن جي استعمال سان منڊليءَ جي آتمڪ ترقي ٿئي. تنهنڪري اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائيندڙ کي اها پرارٿنا ڪرڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ هو چوي ٿو تنهن جو ترجمو بہ ڪري سگھي. مثال طور جيڪڏهن آءٌ ڪنهن اڻ‌ڄاتل ٻوليءَ ۾ پرارٿنا ڪندس تہ منهنجي آتما تہ پرارٿنا ڪندي، پر دماغ مان منڊليءَ کي ڪو فائدو نہ رسندو. پوءِ آءٌ ڇا ڪريان؟ تڏهن آءٌ آتما سان بہ پرارٿنا ڪندس ۽ دماغ سان بہ. آءٌ آتما سان بہ مهما ڳائيندس ۽ دماغ سان بہ. ڏسو، جيڪڏهن اوهان مان ڪو رڳو آتما سان ايشور جي مهما ڪندو تہ ٻيو ماڻهو جيڪو اها ٻولي نہ ٿو ڄاڻي سو شڪرگذاريءَ تي ”آمين“ ڪيئن چوندو؟ هن کي تہ ڪجھہ سمجھہ ۾ ئي ڪونہ آيو. پرارٿنا ڪندڙ بيشڪ چڱيءَ طرح ايشور جو شڪرانو ڪندو هجي، پر انهيءَ سان ٻئي جي تہ ڪابہ ترقي نہ ٿي ٿئي. آءٌ ايشور جو شڪر ٿو ڪريان تہ اوهان سڀني کان وڌيڪ آءٌ اڻ‌ڄاتل ٻوليون ٿو ڳالهايان. پر منڊليءَ ۾ ٻين کي سکيا ڏيڻ لاءِ، ڏهہ هزار اڻ‌ڄاتل ٻوليءَ وارا لفظ ڳالهائڻ جي بنسبت آءٌ پنج معنيٰ وارا لفظ ڳالهائڻ وڌيڪ پسند ٿو ڪريان. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين ٻاراڻي سمجھہ نہ رکو. بڇڙائيءَ ۾ تہ ٻارڙا بڻجو، پر سمجھہ ۾ جوان ٿيو. پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”توڙي جو آءٌ هن قوم سان ڌاريون ٻوليون، ۽ ڌارين ماڻهن جي واتان ڳالهائيندس، تہ بہ هو منهنجي نہ ٻڌندا. اهو آءٌ پرميشور ٿو چوان.“ انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو تہ اڻ‌ڄاتل ٻوليون مسيح تي وشواس رکندڙن لاءِ نہ، پر انهن لاءِ نشان آهن جيڪي وشواس نہ ٿا رکن، جڏهن تہ ايشور جو سنديش ٻڌائڻ وشواس نہ رکندڙن لاءِ نہ، پر وشواس رکندڙن لاءِ نشان آهي. تنهن هوندي بہ جيڪڏهن سڄي منڊليءَ جا ماڻهو هڪڙي هنڌ گڏ ٿين ۽ سڀيئي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائين ۽ ڪي اوپرا ۽ غير وشواسي ماڻهو بہ اندر لنگھي اچن تہ ڇا اهي اوهان کي چريو نہ چوندا؟ پر جيڪڏهن سڀيئي ايشور جو سنديش ٻڌائيندا هجن ۽ ڪو غير وشواسي يا اوپرو ماڻهو اندر لنگھي اچي تہ اوهان جو سنديش ٻڌي مڃي وٺندو تہ هو پاپي آهي، ائين هو پاڻ کي پرکي وٺندو. سندس دل جون لڪل ڳالهيون ظاهر ٿي پونديون ۽ هو منهن ڀر ڪري ايشور آڏو سيس نوائيندو ۽ اقرار ڪندو تہ ”بيشڪ ايشور اوهان منجھہ موجود آهي.“ تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ اهو ئي تہ جڏهن اوهين گڏ ٿيو تڏهن هر ڪو ڪجھہ نہ ڪجھہ ڪري، ڪو ڀڄن ڳائي، ڪو سکيا ڏئي، ڪو آڪاش‌واڻي ٻڌائي، ڪو اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائي يا ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر اهو لازمي آهي تہ سڀ ڳالهيون منڊليءَ جي آتمڪ ترقيءَ لاءِ هجن. اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ وقت ٻہ يا وڌ ۾ وڌ ٽي ڄڻا واري واري تي ڳالهائين ۽ هڪ ڄڻو سندن ترجمو بہ ڪندو وڃي. پر جيڪڏهن ڪوبہ ترجمو ڪندڙ نہ هجي تہ اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائيندڙ منڊليءَ ۾ ماٺ ڪري ويهي. هو رڳو دل ۾ ايشور سان ڳالهائي. ايشور جو سنديش ٻڌائيندڙن مان ٻہ يا ٽي ڳالهائين ۽ ٻيا سندن ڳالهين کي پرکين. انهيءَ دوران جيڪڏهن ڪنهن ويٺل تي آڪاش‌واڻي پرگھٽ ٿئي تہ ڳالهائيندڙ بس ڪري کيس ڳالهائڻ ڏئي. اهڙيءَ طرح اوهين سڀيئي هڪ هڪ ٿي ايشور جو سنديش ٻڌائي سگھو ٿا، تہ جيئن سڀيئي سکي سگھن ۽ سڀني جي همت‌افزائي ٿئي. ايشور جو سنديش ٻڌائيندڙ پنهنجي آتمڪ وردان کي انهيءَ ترتيب مطابق وس ۾ رکي سگھن ٿا. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايشور گڙٻڙ جو نہ، بلڪ امن وَ شانتيءَ جو ايشور آهي. مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي سڀني منڊلين ۾ هي دستور آهي تہ نارين کي منڊلين جي گڏجاڻين ۾ مداخلت ڪرڻ جي اجازت نہ آهي، بلڪ اهي وس هيٺ رهندي خاموش رهن. اهو ئي نيم شاستر ۾ بہ فرمايل آهي. باقي جيڪڏهن اهي ڪجھہ بہ سکڻ گھرن تہ گھر ۾ پنهنجي پنهنجي پتيءَ کان پڇن. جڏهن تہ منڊليءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ ڪابہ مداخلت ڪرڻ ناريءَ لاءِ شرم جهڙي ڳالهہ آهي. اي ڪرنٿيؤ! ڇا ايشور جو سنديش اوهان وٽان شروع ٿيو آهي؟ يا اهو رڳو اوهان وٽ ئي پهتو آهي؟ جيڪڏهن ڪو سمجھي ٿو تہ هو ايشور جو سنديش ٻڌائيندڙ يا ڪا خاص آتمڪ حيثيت رکندڙ آهي تہ کيس ڄاڻڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ آءٌ اوهان کي لکان ٿو سو پرڀو يسوع جو حڪم آهي. هاڻ جيڪڏهن ڪو اها ڳالهہ نظرانداز ٿو ڪري تہ اهو پاڻ بہ نظرانداز ڪيو ويندو. مطلب تہ، اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ايشور جو سنديش ٻڌائڻ لاءِ جاکوڙ ڪندا رهو ۽ ڪنهن کي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ کان منع نہ ڪريو. پر اهو لازمي آهي تہ سڀيئي ڳالهيون سهڻي ڍنگ ۽ ترتيب سان ڪيون وڃن. هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان جو ڌيان انهيءَ خوشخبريءَ ڏانهن ڏياريان ٿو، جيڪا اوهان کي ٻڌائي هئم. اوهان اها قبول ڪئي هئي ۽ انهيءَ تي قائم بہ آهيو. انهيءَ جي ئي وسيلي اوهان کي مڪتي ملي ٿي، بشرطيڪ جيڪا خوشخبري اوهان کي ٻڌائي هئم، تنهن تي جيئن جو تيئن پابند رهندا اچو، نہ تہ اوهان جو وشواس آڻڻ بنا ڪنهن سوچ سمجھہ جي آهي. جيڪا خوشخبري مون کي ملي، تنهن کي سڀ کان اهم سمجھي اوهان تائين پهچايم. اها هيءَ آهي تہ مسيح پوِتر شاستر مطابق اسان جي پاپن جي واسطي پنهنجي جان ڏني. پوءِ هن کي دفن ڪيو ويو ۽ ٽئين ڏينهن تي کيس وري جيوت ڪيو ويو جيئن پوِتر شاستر ۾ فرمايل آهي. پوءِ پطرس کي ۽ بعد ۾ ٻارهن سنت نالي ٽولي کي درشن ڏنائين. تنهن کان پوءِ پنجن سون کان وڌيڪ وشواسين کي هڪ ئي وقت درشن ڏنائين، جن مان گھڻا اڃا تائين جيوت آهن، جڏهن تہ ڪجھہ مري ويا آهن. پوءِ وري هن يعقوب کي ۽ بعد ۾ سڀني سنتن کي درشن ڏنو. سڀني کان پوءِ هن مون کي بہ درشن ڏنو، ڄڻ تہ آءٌ اڌوري وقت تي ڄائو هئس. آءٌ تہ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن ۾ سڀني کان گھٽ آهيان، بلڪ سنت سڏجڻ جي بہ لائق نہ آهيان، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي منڊليءَ کي ستايو هئم. هاڻي آءٌ جيڪي ڪجھہ آهيان، سو ايشور جي ڪرپا سان آهيان ۽ ايشور جي اها ڪرپا مون تي اجائي نہ هئي، ڇو تہ مون ٻين سڀني سنتن کان وڌيڪ سيوا جو ڪم ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ منهنجي محنت نہ، پر اها ايشور جي ڪرپا هئي جيڪا مون تي آهي. تنهنڪري آءٌ هجان توڙي اهي هجن، اسين سڀ ساڳي سنديش جو پرچار ٿا ڪريون ۽ انهيءَ تي ئي اوهان وشواس بہ آندو آهي. هاڻي جڏهن اهو پرچار ڪيو ٿو وڃي تہ مسيح مئلن مان جيوت ٿي اٿيو آهي، تہ اوهان مان ڪي ڪيئن ٿا چون تہ مئل جيوت ٿي ڪين ٿا اٿن؟ جيڪڏهن مئل جيوت ٿي نہ ٿا اٿن تہ پوءِ چئجي تہ مسيح بہ جيوت ٿي ڪونہ اٿيو آهي. هاڻ جيڪڏهن مسيح جيوت ٿي ڪونہ اٿيو آهي، تہ پوءِ اسان جو پرچار اجايو آهي ۽ اوهان جو وشواس رکڻ بہ اجايو آهي. پوءِ تہ اسين ايشور جي باري ۾ بہ ڪوڙا شاهد ٿي پياسين، ڇو تہ اسان شاهدي ڏني آهي تہ هن مسيح کي جيوت ڪيو. سو جيڪڏهن اهو سچ آهي تہ مئل جيوت ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ پوءِ ايشور مسيح کي بہ جيوت ڪري نہ اٿاري ها. مطلب تہ جيڪڏهن مئل جيوت ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ پوءِ مسيح بہ جيوت ڪري نہ اٿاريو ويو آهي ۽ جيڪڏهن مسيح جيوت ڪري نہ اٿاريو ويو آهي تہ اوهان جو وشواس رکڻ اجايو آهي ۽ اوهين اڃا تائين پنهنجن پاپن ۾ ڦاٿل آهيو. تڏهن چئجي تہ جيڪي بہ مسيح تي وشواس رکندڙ مري چڪا آهن سي برباد ٿي ويا. جيڪڏهن اسين رڳو هن جيون لاءِ مسيح ۾ اميد ٿا رکون تہ پوءِ اسين سڀني ماڻهن کان وڌيڪ ديا جي لائق آهيون. پر حقيقت اها آهي تہ مسيح مئلن مان جيوت ٿي اٿيو آهي، جيڪو سڀني مري ويلن مان پهريون ڦل آهي. جيئن انسان جي وسيلي موت آيو، تيئن انسان جي ئي وسيلي مئلن جو جيوت ٿي اٿڻ بہ آيو آهي. هائو، جيئن آدم جا هئڻ ڪري سڀ مرن ٿا، تيئن ئي جيڪي مسيح جا آهن سي سڀ جيوت ڪيا ويندا. پر هر ڪو پنهنجي واري تي جيوت ڪيو ويندو. ان جو پهريون ڦل مسيح آهي ۽ پوءِ سندس موٽي اچڻ تي اهي جيوت ڪيا ويندا جيڪي مسيح جا آهن. انهيءَ کان پوءِ انت ٿيندو، جڏهن مسيح هر حڪومت، هر اختياريءَ ۽ شڪتيءَ کي ختم ڪري راڄ ايشور يعني پتا جي حوالي ڪري ڇڏيندو. اهو ضروري آهي تہ مسيح تيستائين حڪمراني ڪري، جيستائين هو سڀني دشمنن کي پنهنجي قدمن هيٺان نہ ڪري. سڀني کان آخري دشمن جيڪو ختم ڪيو ويندو سو آهي موت. اهو ئي پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ايشور سڀني شين کي سندس قدمن هيٺان ڪري ڇڏيو آهي.“ هاڻي جڏهن ائين چئجي ٿو تہ سڀڪا شيءِ سندس وس هيٺ ڪئي ويئي آهي تہ ظاهر آهي تہ ان ۾ ايشور پاڻ شامل نہ آهي، جنهن سڀڪا شيءِ مسيح جي وس هيٺ ڪئي آهي. ڏسو، جڏهن ايشور سڀ ڪجھہ پٽ جي وس هيٺ ڪندو، تڏهن پٽ پنهنجو پاڻ ايشور جي وس هيٺ ٿي ويندو، جيڪو سڀ شيون پٽ جي وس هيٺ ڪري ٿو. ائين سڀني ۾ ايشور ئي سڀ ڪجھہ هوندو. جيڪڏهن مئل وري جيوت ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ مئلن جي حق ۾ بپتسما وٺندڙ ڇا ڪندا؟ جيڪڏهن مئل واقعي ئي جيوت ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ انهن جي حق ۾ ماڻهن کي بپتسما ڇو ٿي ڏني وڃي؟ يا وري اسين هر گھڙيءَ پاڻ کي خطري ۾ ڇو ٿا رکون؟ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ روزانو موت جي منهن ۾ آهيان. اها ڳالهہ ايتري ئي سچي آهي جيترو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جا هئڻ ڪري اوهان تي منهنجو فخر آهي. جيڪڏهن آءٌ رڳو هن ئي جيون لاءِ اِفسس شهر ۾ ڄڻ تہ جھنگلي جانورن سان وڙهيس تہ پوءِ مون کي ڪهڙو فائدو رسيو؟ جيڪڏهن مئل جيوت ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ پوءِ ڇو نہ کائي پي وٺون، ڇو تہ سڀاڻي مري کپي وينداسين. تہ پوءِ پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو. ياد رکو، ”بري سنگت سٺيون عادتون بگاڙي ڇڏي ٿي.“ صحيح سوچ رکڻ لاءِ جاڳي پئو ۽ پاپ ڪرڻ ڇڏي ڏيو. اوهان مان ڪي ايشور جي باري ۾ ڪجھہ نہ ٿا ڄاڻن. آءٌ چوان ٿو تہ اها اوهان لاءِ شرم جي ڳالهہ آهي. هاڻي شايد ڪو چوندو تہ مئل ڪيئن جيوت ڪري اٿاريا وڃن ٿا؟ ۽ اهي وري ڪهڙي قسم جي شرير سان اچن ٿا؟ اي بي‌سمجھہ! جيڪو ٻج پوکجي ٿو، سو جيستائين مري نہ ٿو تيستائين ڦٽي نہ ٿو. اهڙيءَ طرح جيڪو تون پوکين ٿو سو اهو شرير نہ آهي جيڪو پيدا ٿيڻ وارو آهي پر رڳو داڻو آهي، پوءِ اهو ڪڻڪ جو هجي يا ڪنهن ٻي جنس جو. ايشور کي جيئن وڻي ٿو تيئن انهيءَ ٻج کي شرير ڏئي ٿو، بلڪ هر هڪ ٻج کي پنهنجو پنهنجو شرير ڏئي ٿو. سڀني جو شرير هڪجهڙو نہ ٿيندو آهي. انسانن جو شرير هڪ قسم جو آهي تہ چوپاين جو ٻئي قسم جو، پکين جو هڪڙو تہ مڇين جو ٻيو. آڪاشي شرير بہ آهن ۽ ڌرتيءَ وارا بہ. پر آڪاش وارن جي جوت هڪڙي آهي تہ ڌرتيءَ وارن جي وري ٻي. سج جي جوت هڪڙي آهي تہ چنڊ جي وري ٻي ۽ تارن جي اڃا وري ٻي. هر هڪ تارو وري ٻئي تاري کان جوت ۾ جدا آهي. اهو ئي حال آهي مئلن جي جيوت ٿي اٿڻ جو، يعني جيڪو شرير ناس ٿيڻ جي حالت ۾ پورجي ٿو سو ابناسي حالت ۾ جيوت ٿئي ٿو. اهو بي‌قدريءَ سان پورجي ٿو، پر شان وَ شوڪت سان جيوت ٿئي ٿو. ڪمزوريءَ جي حالت ۾ پورجي ٿو ۽ طاقتور ٿي جيوت ٿئي ٿو. سنساري شرير پورجي ٿو پر آتمڪ شرير ٿي جيوت ٿئي ٿو. جيڪڏهن سنساري شرير آهي تہ پوءِ آتمڪ شرير بہ آهي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”پهريون انسان آدم جيوت جيءُ بڻيو.“ تہ پوءِ آخري آدم يعني مسيح آتمڪ شرير ٿي جيون بخشيندڙ بڻيو. انهيءَ هوندي بہ پهريائين آتمڪ شرير واري نہ، پر سنساري شرير واري حالت ٿئي ٿي ۽ پوءِ آتمڪ شرير واري. پهريون انسان ڌرتيءَ جو هو ۽ مٽيءَ مان ٺهيل هو، جڏهن تہ ٻيو انسان آڪاش مان آيو. مٽيءَ وارا انهيءَ وانگر ٿين ٿا جيڪو مٽيءَ مان بڻيو ۽ آڪاش وارا انهيءَ وانگر ٿين ٿا جيڪو آڪاش مان آيو. يعني جهڙي نموني اسان کي مٽيءَ واري جو روپ مليو آهي، تهڙي نموني آڪاش واري جو روپ بہ ضرور ملندو. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منهنجي چوڻ جو مطلب آهي تہ مٽيءَ جي شرير وارو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ جو حقدار نہ ٿو ٿي سگھي. هائو، جيڪو ناس ٿيندڙ آهي سو ابناسي شين جو وارث بڻجي نہ ٿو سگھي. سو اهو لازمي آهي تہ هي ناس ٿيندڙ شرير ابناسي جيون جي پوشاڪ پائي. هائو، مرڻ وارو شرير امر جيون جي پوشاڪ پائي. پوءِ جڏهن ناس ٿيندڙ ۽ مرڻ وارو شرير ابناسي ۽ امر جيون واري پوشاڪ پهري چڪو هوندو، تڏهن پوِتر شاستر ۾ ڪيل هي وچن پورو ٿيندو تہ ”موت ناس ٿي ويو، مڪمل سوڀ ٿي آهي. اي موت! ڪيڏانهن ويئي تنهنجي سوڀ؟ اي موت! ڪيڏانهن ويو تنهنجو ڏنگ؟“ ڏسو، موت جو ڏنگ پاپ آهي ۽ پاپ جي شڪتي نيم آهي. پر ايشور جو شڪر آهي جو هو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي اسان کي سوڀ بخشي ٿو. تہ پوءِ اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت قدم رهو. پرڀو يسوع جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا هلو، اهو ڄاڻيندي تہ سندس سيوا ۾ اوهان جو پورهيو اجايو نہ آهي. باقي رهي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ چندي جي ڳالهہ، جنهن بابت آءٌ اوهان کي ساڳي هدايت ڪريان ٿو، جيڪا مون گلتيا صوبي جي وشواسي منڊلين کي ڪئي هئي تہ هر آچر جي ڏينهن تي اوهان مان هر هڪ پنهنجي ڪمائيءَ آهر ڪجھہ بچائي پاڻ وٽ رکي تہ جيئن منهنجي اچڻ تي چندي گڏ ڪرڻ جي ضرورت نہ پوي. پوءِ جڏهن آءٌ پهچان تڏهن جن ماڻهن کي اوهين وشواس جوڳو سمجھي مقرر ڪندا تن کي ڪي خط ڏيئي موڪليندس، تہ جيئن هو اوهان جو اهو دان يروشلم ڏانهن کڻي وڃن. پر جيڪڏهن مناسب هوندو تہ آءٌ بہ ويندس ۽ اهي مون سان گڏجي هلندا. جيئن تہ منهنجو مڪدُنيا صوبي ڏانهن اچڻ جو ارادو آهي، سو آءٌ اتان ٿيندو پوءِ اوهان وٽ ايندس. شايد آءٌ اوهان وٽ ڪجھہ وقت رهان يا سڄو سيارو گذاريان. پوءِ مسافريءَ ۾ جيڏانهن بہ وڃان تہ اوهين مدد ڪري مون کي روانو ڪجو. آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ هن وقت رستي ويندي اوهان سان ٿوري وقت لاءِ ملاقات ڪريان، بلڪ اوهان سان ڪافي وقت گذارڻ جي اميد اٿم، جيڪڏهن پرميشور چاهيو تہ. في‌الحال پنتيڪُست جي تهوار تائين آءٌ هتي اِفسس ۾ رهندس، ڇاڪاڻ تہ مون کي هتي اثرائتي ڪم ڪرڻ جو وڏو موقعو مليو آهي، توڙي جو مخالف بہ گھڻا ئي آهن. جيڪڏهن تيمٿيس اوهان وٽ پهچي تہ سندس خيال رکجو تہ جيئن هو اوهان سان بي‌ڊپو ٿي رهي، ڇاڪاڻ تہ مون وانگر هو بہ پرميشور جي سيوا جو ڪم پيو ڪري. تنهنڪري ڪوبہ هن کي نيچ نہ سمجھي. بعد ۾ سک ۽ شانتيءَ سان کيس روانو ڪجو تہ جيئن هو مون ڏانهن موٽي سگھي. ٻين ڀائرن سان سندس گڏجي اچڻ جو آءٌ انتظار پيو ڪريان. هاڻي ڀاءُ اپلوس جي باري ۾ هي آهي تہ آءٌ هن کي ڀائرن سان گڏجي اوهان ڏانهن اچڻ لاءِ بار بار زور ڀريندو رهيس. پر هن وقت سندس اچڻ جو ڪو ارادو ناهي، جڏهن موقعو مليس تہ هو ضرور ايندو. سجاڳ رهو، وشواس تي قائم رهو، همت ڌاريو، مضبوط رهو ۽ جيڪي ڪجھہ ڪريو سو پريم سان ڪريو. اوهين ڄاڻو ٿا تہ استفناس ۽ سندس گھر جا ڀاتي اخيا صوبي ۾ اهي پهريان ماڻهو آهن جن يسوع مسيح تي وشواس آندو ۽ پاڻ کي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ماڻهن جي سيوا لاءِ وقف ڪري ڇڏيائون. سو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ اهڙن ماڻهن ۽ جيڪي بہ انهن سان گڏجي سيوا وارو ڪم ڪن ٿا، تن سڀني جي اوهين فرمانبرداري ڪريو. آءٌ استفناس، فرتُوناتس ۽ اخيڪُس جي اچڻ تي ڏاڍو خوش آهيان، ڇو تہ هنن منهنجي اها سڪ پوري ڪري ڇڏي جيڪا اوهان سان نہ ملڻ جي ڪري منهنجي دل ۾ هئي. ائين هنن منهنجي دل کي بہ تازگي بخشي آهي، جهڙيءَ طرح اوهان جي دلين کي تازگي بخشين ٿا. سو اهڙن ماڻهن جو قدر ڪريو. آسيا صوبي جون وشواسي منڊليون اوهان کي نمسڪار ڪن ٿيون. اڪولا ۽ سندس پتني پرسڪلا پنهنجي گھر ۾ گڏ ٿيندڙ منڊليءَ سميت اوهان کي پرڀو يسوع ۾ پرجوش نمسڪار ٿا ڪن. سڀيئي ڀائر ڀينر اوهان کي نمسڪار ٿا ڪن. هڪٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي نمسڪار ڪجو. هاڻ آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان لکان ٿو. اوهان کي منهنجا نمسڪار هجن. جيڪو پرڀو يسوع سان پيار نہ ٿو ڪري تنهن تي لعنت هجي. اي اسان جا پرڀو! اچ. شل اوهان تي پرڀو يسوع جي ڪرپا ٿيندي رهي. اوهين جيڪي يسوع مسيح ۾ آهيو، تن سڀني سان آءٌ پيار ڪريان ٿو. هي خط مون پولس، جيڪو ايشور جي مرضيءَ سان مسيح يعني يسوع جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان لکجي ٿو. هي خط ڪرنٿس شهر ۾ ايشور جي منڊليءَ بلڪ اخيا صوبي جي پوري علائقي ۾ رهندڙ سڀني مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن ڏانهن آهي. شل اوهان تي اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي. مهما هجي انهيءَ جي، جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو ايشور ۽ پتا آهي. هو ديا وارو پتا ۽ هر طرح جي دلداري ڏيندڙ ايشور آهي. هو اسان کي هر مصيبت ۾ دلداري ٿو ڏئي، تہ جيئن اسين سندس مليل اها ساڳي دلداري ٻين کي ڏيئي سگھون، جيڪي ڪنهن مصيبت ۾ آهن. جيئن مسيح جي تڪليفن ۾ شريڪ ٿي اسين گھڻا ڏک سور سهون ٿا، تيئن مسيح جي وسيلي اسان کي دلداري بہ گھڻي ڏني وڃي ٿي. جيڪڏهن اسان تي مصيبت اچي ٿي تہ اها اوهان جي دلداريءَ ۽ مڪتيءَ لاءِ آهي. وري جيڪڏهن اسان کي دلداري ملي ٿي تہ اها بہ اوهان جي ئي لاءِ آهي. اها دلداري اوهان کي صبر سان ساڳيا ڏک سور سهڻ جي شڪتي ڏئي ٿي جيڪي اسين بہ سهون ٿا. تنهنڪري اسان کي اوهان لاءِ پڪي اميد رهي ٿي تہ اوهين همت نہ هاريندا، ڇاڪاڻ تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ جهڙيءَ طرح اوهين ڏک سور ۾ اسان سان شريڪ رهو ٿا، تهڙيءَ طرح انهيءَ دلداريءَ ۾ بہ شريڪ آهيو جيڪا اسان کي ملي ٿي. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! انهيءَ جو مثال ڏيندي اسين اوهان کي ان مصيبت کان آگاهہ ڪرڻ چاهيون ٿا، جيڪا آسيا صوبي ۾ ڀوڳيسين. اسين برداشت کان ٻاهر بار هيٺ دٻيل هئاسين، ايتري قدر جو اسان جيوت رهڻ جي اميد ئي ڇڏي ڏني هئي. سچ پچ تہ اسان کي پنهنجي موت جو يقين ٿي ويو هو. اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن اسين پاڻ تي نہ پر ايشور تي ڀروسو رکون، جيڪو مئلن کي جيوت ڪري ٿو. هن اسان کي هيبتناڪ موت جي منهن مان بچائي ورتو ۽ بچائيندو رهي ٿو. هن ۾ اميد آهي تہ اسان کي اڃا بہ بچائيندو رهندو. جڏهن تہ اوهين بہ گڏجي پنهنجين پرارٿنائن جي وسيلي اسان جي مدد ڪريو ٿا. پوءِ گھڻين پرارٿنائن جي وسيلي اسان تي ڪرپا ٿي ويندي، تڏهن اسان جي ڪري گھڻا ماڻهو ايشور جو شڪرانو ڪندا. اسين صاف ضمير سان فخر ڪندي چئي سگھون ٿا تہ ايشور کان مليل پوِترتائيءَ ۽ سچائيءَ سان اسان جيون گذاريو آهي. اهڙو ورتاءُ اسان سنسار ۾ ۽ خاص ڪري اوهان سان ڪيو آهي. اسان ائين سنساري ڏاهپ موجب نہ، بلڪ ايشور جي ڪرپا موجب ڪيو آهي. جيئن تہ مون کي انهيءَ ڳالهہ جو پورو يقين هو، تنهنڪري مون پهريائين اوهان وٽ اچڻ ٿي چاهيو، تہ جيئن اوهان کي ٻيڻيون آسيسون ملن. يعني آءٌ اوهان وٽان ٿيندو مڪدُنيا صوبي ڏانهن وڃان ۽ اتان موٽي وري اوهان وٽ اچان. پوءِ اوهين منهنجي مدد ڪري يهوديہ صوبي ڏانهن روانو ڪريو. تہ پوءِ جڏهن مون اهو منصوبو جوڙيو تڏهن ان ۾ ڦيرڦار جو سوچيو هئم ڇا؟ يا جن ڳالهين جو آءٌ ارادو ٿو ڪريان، سو ڇا سنساري ماڻهن وانگر ٿو ڪريان، جو ڪڏهن ”ها“ ڪريان تہ وري ساڳئي وقت ڪڏهن ”نہ“؟ ڏسو، ايشور جيڪو وچن جو سچو آهي، سو منهنجو شاهد آهي تہ اوهان سان اسان جو وچن جيڪڏهن ”ها“ ۾ آهي تہ انهيءَ ۾ ”نہ“ شامل نہ آهي. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايشور جو پٽ يسوع مسيح جنهن جو پرچار مون سان گڏ سيلاس ۽ تيمٿيس اوهان ۾ ڪيو هو، تنهن ۾ ڪابہ ”ها“ اهڙي نہ هئي جيڪا ”نہ“ ۾ بدلي هجي، پر ان جي ”ها“ هميشہ ”ها“ ئي آهي. ڏسو، ايشور جا جيترا بہ وچن آهن، سي سڀ مسيح ۾ ”ها“ ئي آهن. انهيءَ سبب اسان جي پرچار جي ڪري مسيح جي وسيلي ماڻهو ايشور کي ”آمين“ چئي سندس مهما ڪن ٿا. اهو ايشور ئي آهي، جيڪو اسان کي اوهان سان مسيح ۾ قائم رکي ٿو. ايشور ئي اسان کي مخصوص ڪيو آهي. هن ئي اسان جي دلين تي پنهنجي مالڪيءَ جي مُهر هنئي آهي. اها مُهر پوِتر آتما آهي، جيڪا اسان جي دلين ۾ وجھي هن پنهنجي وچنن جو بيانو ادا ڪيو آهي. سو جيڪڏهن آءٌ سچ نہ ڳالهايان تہ شل ايشور منهنجي خلاف ٿئي. ڳالهہ هيءَ آهي تہ آءٌ ڪرنٿس ۾ انهيءَ ڪري موٽي نہ آيس تہ متان اوهان کي رنج پهچايان. مطلب تہ وشواس جي معاملي ۾ اسين اوهان تي حڪم هلائڻ نہ ٿا چاهيون، پر اوهان جي خوشيءَ ۾ اوهان جا مددگار آهيون، ڇاڪاڻ تہ اوهين پنهنجي وشواس تي مضبوطيءَ سان قائم آهيو. سو مون پنهنجيءَ دل ۾ اهو فيصلو ڪيو آهي تہ آءٌ وري اوهان وٽ اچي رنج واري حالت پيدا نہ ڪندس. ڏسو، جيڪڏهن آءٌ اوهان کي رنج پهچايان تہ مون کي ڪير خوش ڪندو، سواءِ اوهان جي جن کي منهنجي ڪري رنج پهچي؟ مون انهيءَ ڪري اوهان کي خط لکيو هو تہ جڏهن آءٌ اچان تہ جن کان خوشي ملڻ گھرجي، تن کان متان مون کي رنج پهچي. آءٌ اوهان سڀني جي لاءِ اهو يقين رکان ٿو تہ منهنجي خوشي اوهان سڀني جي خوشي آهي. سو مون گھڻي ڏک ۽ دلگيريءَ وچان ڳوڙها وهائيندي وهائيندي اوهان ڏانهن اهو خط لکيو هو. منهنجو مقصد اوهان کي رنج پهچائڻ نہ هو، پر مون چاهيو ٿي تہ اوهين ڄاڻو تہ منهنجو اوهان سان ڪيڏو نہ گھڻو پريم آهي. جيڪڏهن ڪنهن مون کي رنجايو آهي تہ انهيءَ رڳو مون کي نہ، پر ٿورو گھڻو اوهان سڀني کي بہ رنجايو آهي. پر آءٌ انهيءَ ڳالهہ تي گھڻو زور ڏيڻ نہ ٿو چاهيان، ڇاڪاڻ تہ جيڪا سزا اوهان مان گھڻن ماڻهن جي طرفان کيس ملي آهي، سا اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڪافي آهي. اٽلندو هاڻي اوهان کي گھرجي تہ کيس معاف ڪريو ۽ تسلي ڏيو، متان اهو ماڻهو گھڻي غم وچان برباد نہ ٿي وڃي. تنهنڪري آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين هن سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪريو. ڏسو، مون انهيءَ واسطي بہ اوهان کي لکيو هو تہ جيئن اوهان کي آزمايان ۽ ڏسان تہ اوهين سڀني ڳالهين ۾ فرمانبردار آهيو يا نہ. جنهن کي اوهين معاف ڪريو ٿا تنهن کي آءٌ بہ معاف ڪريان ٿو. جيتوڻيڪ ڪا معاف ڪرڻ جوڳي ڳالهہ هئي يا نہ، تہ بہ مسيح جي شرڻ ۾ اوهان جي خاطر معاف ڪئي اٿم. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ متان اسين شيطان جي فريب ۾ ڦاسي پئون، ڇوجو اسين سندس چالاڪيءَ کان واقف آهيون. جڏهن آءٌ مسيح بابت خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ تروآس شهر ۾ پهتس تہ پرڀو يسوع جي طرفان مون لاءِ سيوا ڪرڻ جو هڪڙو در کُلي پيو. پر جڏهن مون ڀاءُ طيطس کي اتي نہ ڏٺو، تڏهن منهنجي دل کي آرام نہ آيو. سو آءٌ اتان جي ماڻهن کان موڪلائي مڪدُنيا صوبي ۾ آيس. ايشور جو شڪر آهي، جيڪو اسان کي مسيح جا هئڻ ڪري سدائين پنهنجي سوڀ واري جلوس ۾ گھمائي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح اسان جي وسيلي هر هنڌ مسيح بابت ڄاڻ خوشبوءِ وانگر پکيڙي ٿو. هائو، اسين ايشور جي آڏو مسيح جي اهڙي وڻندڙ خوشبوءِ آهيون، جيڪا مڪتي حاصل ڪندڙن توڙي تباهي حاصل ڪندڙن ٻنهي لاءِ آهي، يعني ڪن جي واسطي اسين موت ڏيندڙ بوءِ آهيون تہ ڪن جي واسطي جيون بخشيندڙ خوشبوءِ. تڏهن ڪير اها ذميواري کڻڻ جي لائق آهي؟ ڪوبہ نہ. تنهن هوندي بہ اسين انهن گھڻن ماڻهن وانگر نہ آهيون، جيڪي پنهنجي فائدي لاءِ مسيح بابت ايشور جي سنديش جو غلط استعمال ڪن ٿا. پر اسين ايشور کي حاضر ڄاڻيندي ايشور جي طرفان ۽ دل جي سچائيءَ سان مسيح ۾ ڳالهايون ٿا. ڇا اسين وري بہ پنهنجين خوبين جو بيان پيا ڪريون؟ يا ڇا اسان کي ڪن ماڻهن وانگر سفارشي خط اوهان وٽ آڻڻ يا اوهان کان وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي؟ نہ، اسان جو خط تہ اوهين پاڻ آهيو، جيڪو اسان جي دلين تي لکيل آهي ۽ جنهن کي سڀ ماڻهو پڙهي ۽ سمجھي سگھن ٿا. اها ڳالهہ صاف ظاهر آهي تہ اوهين مسيح جو خط آهيو، جيڪو اسان جي سيوا جي وسيلي لکيو ويو آهي. اهو خط مس سان نہ پر جيوت ايشور جي آتما سان، پٿر جي تختين تي نہ پر ماڻهن جي دلين تي لکيل آهي. اها ڳالهہ مسيح جي وسيلي ايشور تي اسان جي ڀروسي جو اظهار آهي. ائين نہ آهي تہ اسين پنهنجو پاڻ انهيءَ لائق آهيون جو ڪنهن ڪم جي دعويٰ ڪري سگھون، پر اسان جي قابليت ايشور جي طرفان آهي. اهو ئي آهي، جنهن اسان کي نئين ٻڌل وچن جا سيواداري هئڻ جي لائق ڪيو. اهو وچن لکيل نيم جو نہ پر پوِتر آتما جو آهي، ڇاڪاڻ تہ لکيل نيم جو اثر موت آهي جڏهن تہ پوِتر آتما جيون ڏئي ٿي. هاڻي موت وارو اهو ٻڌل وچن جيڪو پٿر جي تختين تي اُڪريل هو، تنهن جي سيوا اهڙي تہ جوت واري هئي جو موسيٰ جو منهن چمڪڻ لڳو. ايتري قدر جو بني اسرائيل سندس منهن ڏانهن غور سان نهاري نہ ٿي سگھيا، جڏهن تہ اها جوت عارضي هئي ۽ هاڻي نہ رهي آهي. سو جيڪڏهن موت واري اها سيوا ايڏي جوت واري هئي، تہ پوءِ پوِتر آتما جي سيوا ڪيڏي نہ وڌيڪ جوت واري هوندي! هائو، جيڪڏهن اها ڏوهاري بڻائڻ واري سيوا ايڏي جوت واري هئي، تہ پوءِ جنهن سيوا جي ڪري ماڻهو سچار ٿا بڻايا وڃن سا ضرور انهيءَ کان بہ وڌيڪ جوت واري هوندي. حقيقت ۾ جيڪو ٻڌل وچن ڪنهن وقت جوت وارو هو، سو هن ٻئي تمام وڌيڪ جوت واري ٻڌل وچن جي ڪري بي‌جوت ٿي پيو. سو جيڪڏهن اها ناس ٿيندڙ شيءِ جوت واري هئي تہ هيءَ ابناسي شيءِ ڪيترو نہ وڌيڪ جوت واري هوندي! تنهنڪري اسين اهڙي اميد جي ڪري وڏي دليريءَ سان سيوا ڪريون ٿا. سو اسين ائين نہ ٿا ڪريون جيئن موسيٰ ڪيو، جنهن پنهنجي منهن تي پردو ٿي وڌو تہ جيئن بني اسرائيل انهيءَ جوت تي غور نہ ڪن، جيڪا گھٽجندڙ ۽ ناس ٿيندڙ هئي. پر هنن جا دماغ اهڙا تہ بند ڪيا ويا جو اڄ ڏينهن تائين پراڻي وچن‌نامي جي پڙهڻ وقت اهو ساڳيو پردو رهي ٿو ۽ اهي سچ کي سمجھي نہ ٿا سگھن. اهو پردو رڳو مسيح ۾ ئي کڄي وڃي ٿو. هائو، اڄ ڏينهن تائين جڏهن بہ موسيٰ جو شاستر پڙهيو وڃي ٿو، تڏهن سندن دلين تي پردو پيل رهي ٿو. پر جڏهن بہ ڪنهن جي دل پرميشور ڏانهن ڦري اچي ٿي تڏهن اهو پردو کڄي وڃي ٿو. هتي پرميشور مان مراد جيون ڏيندڙ پوِتر آتما آهي ۽ جتي پرميشور جي آتما آهي اتي آزادي آهي. سو اسان جي منهن تي پردو پيل نہ آهي، تنهنڪري اسين سڀيئي پرڀوءَ جي جوت جو عڪس ڄڻ تہ آئيني ۾ ڏسندي ڏسندي سندس مهان روپ ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون. اهو ڪم پرميشور پنهنجي پوِتر آتما جي وسيلي ڪري ٿو. سو اسان خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن کي ايشور جي ديا سان هيءَ سيوا ملي آهي، جنهن ۾ اسين همت نہ ٿا هاريون. اسين بي‌شرميءَ وارين لڪل ڳالهين کان بہ پاسو ڪريون ٿا. اسين نڪي ٺڳيءَ سان ٿا هلون ۽ نہ وري مسيح بابت ايشور جي سنديش ۾ ڦيرڦار ٿا ڪريون. اٽلندو سچ کي پڌرو ڪري ايشور جي آڏو هر هڪ ماڻهوءَ جي دل ۾ پنهنجي نيڪي ٿا ڄمايون. پر جيڪڏهن اسان جي خوشخبريءَ تي پردو پيل آهي تہ اها خوشخبري انهن جي ئي لاءِ ڍڪيل آهي جيڪي ناس ٿي رهيا آهن. اهي وشواس نہ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ شيطان جنهن کي هو هن سنسار جو ايشور ڪري مڃين ٿا، تنهن سندن عقل کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي. هو چاهي ٿو تہ مسيح جيڪو ايشور جو روپ آهي، تنهن جي مهانتا جي باري ۾ خوشخبريءَ جي روشني هو ڏسي نہ سگھن. جڏهن تہ اسين پاڻ بابت نہ پر يسوع مسيح بابت پرچار ڪريون ٿا تہ هو ئي پرڀو آهي ۽ پنهنجي لاءِ هيئن ٿا چئون تہ يسوع جي خاطر اسين اوهان جا سيوڪ آهيون. اسين پرچار انهيءَ لاءِ ڪريون ٿا جو جنهن ايشور فرمايو تہ ”اونداهيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنهن پنهنجي روشني اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن سندس مهانتا کي ڄاتو وڃي جيڪا يسوع مسيح جي چهري مان چمڪي ٿي. اسين جن ۾ اهو خزانو رکيو ويو آهي، سي مٽيءَ جي ٿانوَن وانگر آهيون، تہ جيئن ظاهر ٿئي تہ اها تمام گھڻي شڪتي اسان جي نہ پر ايشور جي آهي. اسين هر طرف کان مصيبتن ۾ دٻايا وڃون ٿا، پر چيڀاٽجي ڪونہ ٿا وڃون، پريشان تہ ٿيون ٿا پر نااميد نہ ٿا ٿيون، ستايا وڃون ٿا پر اڪيلا نہ ٿا ڇڏيا وڃون، ڪيرايا تہ وڃون ٿا پر ناس نہ ٿا ٿيون. مطلب تہ اسين يسوع جو موت هر وقت پنهنجي شرير ۾ کنيو ٿا وتون، تہ جيئن يسوع جو جيون بہ اسان جي شرير ۾ ظاهر ٿئي. هائو، اسين جيوت حالت ۾ يسوع جي خاطر هر وقت موت جي منهن ۾ ٿا رهون، تہ جيئن يسوع جو جيون بہ اسان جي ناس ٿيندڙ شرير ۾ ظاهر ٿئي. ائين اسان ۾ موت، پر اوهان ۾ جيون اثر ڪري ٿو. پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”مون وشواس آندو، تنهنڪري ڳالهايو.“ اسان ۾ بہ پوِتر آتما جو بخشيل ساڳيو ئي وشواس آهي. سو اسين بہ وشواس آڻيون ٿا، تنهنڪري ڳالهايون ٿا، ڇاڪاڻ تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور جنهن پرڀو يسوع مسيح کي مئلن مان جيوت ڪيو آهي، سو يسوع سان گڏ هجڻ ڪري اوهان سميت اسان کي بہ جيوت ڪري پاڻ وٽ حاضر ڪندو. هي سڀ ڪجھہ اوهان جي فائدي لاءِ آهي، تہ جيئن جيڪا ڪرپا گھڻن کان گھڻن ماڻهن تائين پهچي ٿي، تنهن جي وسيلي ايشور جي مهما لاءِ ماڻهن جي شڪراني ۾ بہ واڌارو ٿيندو وڃي. تنهنڪري اسين همت نہ ٿا هاريون. جيتوڻيڪ شرير جي لحاظ کان اسين ناس ٿيندا ٿا وڃون، تڏهن بہ آتمڪ طور ڏينهون ڏينهن نوان ٿيندا پيا وڃون، ڇاڪاڻ تہ جيڪا مصيبت اسين سهون ٿا سا خسيس ۽ ٿوري دير جي لاءِ آهي. اها اسان لاءِ هڪ اهڙي زبردست ۽ امر جوت پيدا ڪندي ٿي وڃي جنهن جي ڀيٽ ۾ هيءَ مصيبت ڪجھہ بہ ناهي. سو اسين ڏٺل شين تي نہ، پر اڻ‌ڏٺل شين تي نظر ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ تہ جيڪي شيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون سي عارضي آهن ۽ جيڪي نہ ٿيون ڏسجن سي امر آهن. انهيءَ جو سبب هي آهي جو اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جو شرير جيڪو هن ڌرتيءَ تي جھوپڙيءَ جهڙو ڪچو گھر آهي، سو جيڪڏهن ڊاهيو وڃي تہ بہ اسان لاءِ ايشور وٽ آڪاش تي هڪڙو پڪو گھر آهي. اهو انساني هٿن سان جوڙيل نہ آهي، بلڪ هميشہ قائم رهندڙ آهي. سو هن ڪچي گھر ۾ ڪنجھندي اسين اها وڏي تمنا پيا رکون تہ پنهنجي آڪاشي گھر کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيون. جڏهن اسين ان کي پهري وٺنداسين تہ اگھاڙا نہ ٿينداسين. جيستائين اسين هن جھوپڙيءَ ۾ رهندي بار هيٺان دٻيل آهيون، تيستائين ڪنجھندا پيا رهون. انهيءَ جو اهو مطلب نہ آهي تہ اسين موجودہ شرير کي ڇڏڻ ٿا چاهيون، بلڪ اسين آڪاشي گھر کي ان مٿان پوشاڪ وانگر پهرڻ ٿا چاهيون، تہ جيئن هي ناس ٿيندڙ شرير جيون ۾ بدلجي وڃي. اهو ايشور ئي آهي، جنهن اسان کي انهيءَ تبديليءَ لاءِ تيار ڪيو آهي ۽ اڳواٽ ئي پوِتر آتما بياني طور ڏني اٿائين. تنهنڪري اسان کي هميشہ پوري خاطري ٿي رهي، توڙي جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جيستائين اسين پنهنجي هن شرير واري گھر ۾ رهون ٿا، تيستائين پرڀو يسوع جي گھر کان پري آهيون. مطلب تہ اسين جيڪو جيون گذاري رهيا آهيون سو وشواس رکڻ جي وسيلي آهي، اکين سان ڏسڻ جي ڪري نہ. هاڻ اسان کي هن شرير ۾ پوري خاطري آهي، تنهن هوندي بہ هن شرير واري گھر کي ڇڏي پرڀو يسوع وٽ رهڻ وڌيڪ پسند ڪريون ٿا. سو توڙي اسين پنهنجي هن ناس ٿيندڙ شرير واري گھر ۾ رهون يا نہ رهون، اسان جو سڀ کان وڏو مقصد هي آهي تہ اسين پرڀو يسوع کي پسند اچون. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسان سڀني کي مسيح جي عدالت اڳيان پيش ٿيڻو آهي، تہ جيئن هر ڪنهن کي انهن ڪمن جو بدلو ملي، جيڪي هن شرير ۾ رهي ڪيا آهن، پوءِ اهي چڱا هجن يا بڇڙا. تنهنڪري پرميشور جو خوف ڪندي اسين ماڻهن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اسين تہ ايشور جي آڏو پوريءَ طرح ظاهر آهيون ۽ مون کي اميد آهي تہ اوهين بہ اسان کي ظاهري طور ڏسو ٿا. اها ڳالهہ چوندي اسين وري اوهان آڏو پنهنجيون خوبيون بيان نہ ٿا ڪريون، پر اوهان کي موقعو ٿا ڏيون تہ اسان تي فخر ڪريو، جيئن انهن ماڻهن کي جواب ڏيئي سگھو جيڪي اندر جي ڳالهين تي نہ پر ظاهري ڳالهين تي فخر ڪن ٿا. پوءِ جيڪڏهن ڪي سمجھن ٿا تہ اسين ديوانا آهيون تہ ايشور جي خاطر آهيون، پر جيڪڏهن ٺيڪ دماغ سان آهيون تہ اوهان جي خاطر آهيون. ٻنهي حالتن ۾ مسيح جو اسان سان پريم اسان کي مجبور ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ اسين هن نتيجي تي پهتا آهيون تہ جڏهن هڪ شخص سڀني جي لاءِ مري ويو، تڏهن ان جو مطلب آهي تہ اسين سڀ مري ويا آهيون. هو سڀني جي لاءِ انهيءَ ڪري مري ويو تہ جيڪي جيوت آهن سي اڳتي پنهنجي لاءِ نہ پر هن جي لاءِ جيوت رهن، جيڪو انهن جي خاطر مري ويو ۽ وري جيوت ٿي اٿيو. تنهنڪري هاڻي کان اسين ڪنهن کي بہ سنساري نظر سان نہ ٿا ڏسون. پهريائين اسان مسيح کي بہ سنساري نظر سان ٿي ڏٺو، پر هاڻي ائين نہ ٿا ڪريون. مطلب تہ جيڪو بہ مسيح ۾ آهي سو نئون رچيل آهي. پراڻو جيون گذري ويو، ڏسو، نئون جيون شروع ٿي ويو آهي. هي سڀ ڪجھہ ايشور جي طرفان آهي، جنهن مسيح جي وسيلي اسان جو پاڻ سان ميل ميلاپ ڪرايو ۽ اسان جي حوالي اها سيوا ڪيائين تہ ٻين جو ساڻس ميل ميلاپ ڪرايون. منهنجو مطلب آهي تہ ايشور مسيح جي وسيلي سنسار جو پاڻ سان ميل ميلاپ ڪندي ماڻهن جي پاپن جو ڪو حساب نہ ڪيو. ميل ميلاپ ڪرائڻ جو اهو سنديش هن اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو. تنهنڪري اسين مسيح جي پاران ايلچي آهيون ۽ ايشور اسان جي وسيلي ماڻهن کي نصيحت ٿو ڪري. سو اسين مسيح جي پاران اوهان کي منٿ ٿا ڪريون تہ ايشور کي پاڻ سان ميل ميلاپ ڪرڻ ڏيو. مسيح جيڪو پاپ کان پوِتر هو، تنهن کي ايشور اسان جي واسطي پاپ جو ٻليدان مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان ايشور جي سچائي ظاهر ٿئي. اسين جيڪي ايشور جي وس هيٺ ڪم ڪندڙ سيواداري آهيون، سي وري بہ منٿ ڪريون ٿا تہ ايشور جي ڪرپا جيڪا اوهان تي ٿي آهي سا اجائي نہ وڃايو، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ ايشور فرمائي ٿو تہ ”قبول ڪرڻ واري وقت مون اوهان جي ٻڌي، ۽ ڇڏائڻ واري ڏينهن مون اوهان جي مدد ڪئي.“ ڏسو، هاڻي قبول پوڻ جو اهو وقت اچي ويو آهي. هائو، ڇڏائڻ جو اهو ڏينهن اڄ ئي آهي. اسين ڪنهن بہ صورت ۾ ٿاٻڙجڻ جو موقعو نہ ٿا ڏيون، متان اسان جي سيوا تي ڪو الزام اچي. بلڪ اسين هر حالت کي منهن ڏيڻ سان پاڻ کي ايشور جا سيوڪ ٿي ڏيکاريون ٿا، جهڙوڪ: ڏاڍي صبر سان، مصيبتن سان، ضرورتن سان، تنگ حالتن سان، چهبڪن جي مار کائڻ سان، قيد ٿيڻ سان، هنگامن ۾ ڦاسڻ سان، سخت پورهئي سان، ننڊ ڦٽائڻ سان ۽ بکون ڪاٽڻ سان. انهن کان علاوہ پوِترتائيءَ سان، ڄاڻ سان، ڌيرج سان، ڪرپا سان، پوِتر آتما سان، حقيقي پريم سان، سچو سنديش ٻڌائڻ سان ۽ ايشور جي شڪتيءَ سان اسين پاڻ کي ايشور جا سيوڪ ثابت ڪريون ٿا. حملي ڪرڻ توڙي بچاءُ ڪرڻ لاءِ اسان وٽ سچائيءَ جا هٿيار آهن. اسان جو مان بہ ڪيو وڃي ٿو ۽ اپمان بہ. اسان جي نيڪ نامي بہ ڪئي وڃي ٿي ۽ بدنامي بہ. توڙي جو اسين سچا آهيون تہ بہ ڪي اسان کي ٺڳ ٿا سمجھن. جيتوڻيڪ چڱيءَ طرح ڄاتا وڃون ٿا، تہ بہ اسان کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. مرندي مرندي بہ ڏسو، اسين جيوت رهون ٿا. ماڻهو اسان کي مار تہ ڏين ٿا پر قتل نہ ٿا ڪيا وڃون. اسين غم سهندي سهندي بہ هميشہ خوش ٿا رهون. غريب سمجھيا وڃون ٿا، تڏهن بہ گھڻن کي مالا مال ٿا ڪريون. سڃا سکڻا آهيون، تڏهن بہ اسان وٽ سڀ ڪجھہ آهي. اي ڪرنٿس جا رهواسيؤ! اسان کُليءَ طرح اوهان سان ڳالهايو آهي ۽ اسان جون دليون اوهان لاءِ کُليل آهن. اوهان لاءِ اسان جي دلين ۾ جيڪا جاءِ آهي سا گھٽ نہ ٿي آهي، پر اوهان جي دلين ۾ اسان لاءِ جاءِ گھٽجي ويئي آهي. هاڻي آءٌ اوهان کي پنهنجا ٻار سمجھي چوان ٿو تہ اوهين بہ ساڳيءَ طرح اسان لاءِ پنهنجيون دليون کُليل رکو. جيڪي مسيح تي وشواس نہ ٿا رکن تن سان پابند رهڻ کان پري رهو، ڇاڪاڻ تہ سچائي ۽ بدڪاري ڪيئن گڏ رهنديون؟ يا روشني ۽ اونداهيءَ جي وچ ۾ ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ مسيح ۽ شيطان جو ايڪو ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ مسيح تي وشواس آڻيندڙ ۽ نہ آڻيندڙ جو پاڻ ۾ ڪهڙو واسطو آهي؟ ايشور جو گھر ۽ بت پاڻ ۾ ڪيئن ٿا راضي رهي سگھن، جڏهن تہ ايشور جيڪو جيوت آهي، تنهن جو گھر تہ اسين آهيون؟ پوِتر شاستر ۾ ايشور پنهنجي قوم بابت جيڪي فرمايو آهي، سو اسان لاءِ بہ آهي تہ ”آءٌ انهن ۾ رهندس ۽ انهن ۾ گھمندس ڦرندس، آءٌ انهن جو ايشور ٿيندس ۽ هو منهنجا ماڻهو ٿيندا.“ تنهنڪري ئي پرميشور جو فرمان آهي تہ ”اوهين انهن مان نڪري الڳ ٿي رهو، ۽ ڪنهن بہ اپوِتر شيءِ کي هٿ نہ لايو، تڏهن آءٌ اوهان کي قبول ڪندس. آءٌ اوهان جو پتا ٿيندس ۽ اوهين منهنجا پٽ ۽ ڌيئرون ٿيندا. آءٌ سروِشڪتيوان پرميشور ائين ٿو چوان.“ اي پريميؤ! جڏهن اسان سان اهڙا وچن ڪيا ويا آهن، تہ پوءِ اچو تہ پاڻ کي هر انهيءَ شيءِ کان پوِتر ڪريون جيڪا اسان جي شرير ۽ آتما ٻنهي کي اپوِتر ڪري ٿي ۽ ايشور جو خوف رکندي مڪمل طرح پوِتر ٿي وڃون. اسان کي پنهنجين دلين ۾ جاءِ ڏيو. اسان ڪنهن سان بہ ناحق نہ ڪيو آهي، نڪي ڪنهن کي بگاڙيو آهي ۽ نہ وري ڪنهن کان ناجائز فائدو حاصل ڪيو آهي. آءٌ اوهان کي ڏوهي قرار ڏيڻ خاطر ائين نہ ٿو چوان، ڇاڪاڻ تہ مون اڳي ئي چئي ڇڏيو آهي تہ اوهان لاءِ اسان جي دلين ۾ اهڙي جاءِ آهي جو اسين جيوت رهڻ توڙي مرڻ ۾ هميشہ گڏ آهيون. انهيءَ لاءِ اهو سڀ آءٌ دليريءَ سان کُليءَ طرح اوهان سان ڳالهايان ٿو. مون کي اوهان تي ڏاڍو فخر آهي. مون کي پوري تسلي ٿي ويئي آهي. هاڻ اسان تي مصيبتن اچڻ جي باوجود بہ منهنجي دل خوشيءَ سان ٽمٽار رهي ٿي. ڏسو، جڏهن اسين مڪدُنيا صوبي ۾ آياسين تڏهن بہ اسان کي آرام نہ مليو، بلڪ هر طرف کان مصيبتن ۾ ڦاسجي وياسين. ٻاهر جھيڙا جھڳڙا هئا ۽ اندر ۾ خوف خطرا. پر ايشور جيڪو دلگيرن کي تسلي ڏيندڙ آهي، تنهن طيطس جي اچڻ تي اسان کي تسلي ڏني. اسان کي نہ رڳو هن جي اچڻ ڪري تسلي ملي، پر انهيءَ تسليءَ جي ڪري بہ جيڪا هن کي اوهان کان ملي هئي. هن اسان کي ٻڌايو تہ اوهين مون کي ڏسڻ لاءِ ڪيڏو نہ شوق رکو ٿا، ڪيل ڪمن تي پڇتاءُ اٿوَ ۽ هاڻي مون سان وفاداريءَ جو وڏو جذبو رکو ٿا. تڏهن مون کي اڃا بہ وڌيڪ خوشي ٿي. جيتوڻيڪ منهنجي خط اوهان کي غمگين ڪيو، تڏهن بہ ان لکئي تي آءٌ نہ ٿو پڇتايان. جيڪڏهن پڇتايو هئم تہ اهو ڏسي ڪري تہ خط اوهان کي صرف ٿوري دير لاءِ غمگين ڪيو. هاڻي آءٌ خوش آهيان، انهيءَ لاءِ نہ تہ اوهين غمگين ٿيا هئا، پر انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي غمگينيءَ جو اهو نتيجو نڪتو جو اوهان توبهہ ڪئي. سو اوهان جي غمگيني ايشور جي مرضيءَ موجب هئي، تنهنڪري اسان جي طرفان اوهان کي ڪنهن بہ قسم جو نقصان نہ پهتو. حقيقت ۾ اهڙو غم جيڪو ايشور جي مرضيءَ موجب آهي، سو توبهہ پيدا ٿو ڪري جنهن جو نتيجو مڪتي آهي. انهيءَ توبهہ تي ڪنهن کي پڇتائڻو نہ ٿو پوي. انهيءَ جي ابتڙ سنساري غم موت پيدا ٿو ڪري. هاڻي ڏسو، اوهان جي غمگيني جيڪا ايشور جي مرضيءَ موجب هئي، تنهن اوهان ۾ ڪيڏو نہ اثر پيدا ڪيو. هائو، انهيءَ اوهان ۾ پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪيڏي نہ سرگرمي، غلط ڪمن تي ڪيڏو نہ رنج، ايشور جو ڪيڏو نہ خوف، ڪيڏي نہ سڪ ۽ ڪيڏو نہ جذبو پيدا ڪيو ۽ اوهين ڏوهاريءَ کي سيکت ڏيڻ لاءِ ڪيڏا نہ تيار ٿيا. ائين اوهان هر طرح سان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ اوهين هن معاملي ۾ بي‌ڏوهي آهيو. مون اوهان ڏانهن جيڪو خط لکيو هو، سو نہ انهيءَ جي ڪري هو جنهن ڏوهہ ڪيو ۽ نہ وري انهيءَ جي ڪري هو جنهن جو ڏوهہ ڪيائين. ان جي بدران منهنجي لکڻ جو مقصد هي هو تہ اسان لاءِ اوهان جو جذبو ايشور جي آڏو اوهان تي ظاهر ٿئي. سو اسان کي تسلي ملي آهي. انهيءَ تسليءَ کان علاوہ طيطس کي خوش ڏسي اسان کي پڻ نهايت گھڻي خوشي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اوهين سڀيئي هن جي دل جي تازگيءَ جو سبب بڻيا. مون هن جي اڳيان اوهان بابت جيڪو فخر ڪيو هو تنهن ۾ آءٌ شرمندو نہ ٿيس. هائو، جيئن اسان اوهان سان هميشہ سچيون ڳالهيون ڪيون آهن، تيئن جيڪو فخر مون طيطس جي اڳيان ڪيو هو سو بہ سچو ثابت ٿيو. جڏهن هن کي اوهان سڀني جي فرمانبرداري ياد ٿي اچي تہ ڪيئن نہ ڊڄندي ۽ ڏڪندي اوهان هن جي مهمان‌نوازي ڪئي هئي، تڏهن سندس دلي پريم اوهان لاءِ گھڻو وڌي ٿو وڃي. آءٌ خوش آهيان، ڇاڪاڻ تہ هر ڳالهہ ۾ مون کي اوهان جي طرفان خاطري ٿي ويئي آهي. هاڻ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي ايشور جي انهيءَ ڪرپا بابت ٻڌايون ٿا، جيڪا مڪدُنيا جي وشواسي منڊلين تي ٿي آهي. اها هن ڳالهہ مان ظاهر ٿي جو مصيبت جي وڏي آزمائش ۾ انهن جي وڏي خوشيءَ ۽ بيحد غريبيءَ انهن ۾ امداد ڏيڻ جي سخاوت کي حد کان گھڻو وڌائي ڇڏيو. آءٌ شاهدي ٿو ڏيان تہ انهن پنهنجي حيثيت آهر، بلڪ پنهنجي حيثيت کان بہ وڌيڪ ڏنو ۽ پاڻمرادو ڏنو. هنن اسان کي ڏاڍي منٿ ڪندي وينتي ڪئي تہ ”مهرباني ڪري اسان کي اهو موقعو ڏنو وڃي تہ جيئن اسين يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ سيوا واري ڪم ۾ شريڪ ٿيون.“ سو انهن پاڻ کي پهريائين پرڀو يسوع جي حوالي ۽ پوءِ ايشور جي مرضيءَ سان اسان جي حوالي ڪندي نہ رڳو ڏنو، بلڪ اسان جي اميد کان بہ وڌيڪ ڏنو. تنهنڪري اسان طيطس کي هدايت ڪئي آهي تہ امداد ڏيارڻ وارو جيڪو ڪم هن اوهان کان شروع ڪيو هو سو پورو بہ ڪري. جيئن تہ اوهين هر ڳالهہ يعني وشواس ۾، اُپديش ڏيڻ ۾، ڄاڻ توڙي هر طرح جي سرگرميءَ ۾ ۽ انهيءَ پريم ۾ جيڪو اسان سان رکو ٿا وڌندا ٿا وڃو، سو هن ڀلائيءَ واري ڪم ۾ بہ وڌندا وڃو. آءٌ اهو اوهان کي حڪم ڏيندي نہ ٿو چوان، پر انهيءَ لاءِ چوان ٿو تہ ٻين جي سرگرميءَ جو مثال ڏيندي اوهان جي پريم جي سچائيءَ کي آزمايان. ڏسو، اسان جي پرڀو يسوع مسيح اوهان سان ڪيڏي نہ سخاوت ڪئي آهي جو جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تڏهن بہ اوهان جي خاطر غريب بڻيو، تہ جيئن سندس غريب ٿي وڃڻ جي ڪري اوهين دولتمند ٿي وڃو. اهو تہ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا. اوهين گذريل سال نہ رڳو امداد واري ان ڪم شروع ڪرڻ ۾ بلڪ انهيءَ جي ارادي ڪرڻ ۾ بہ پهريان هئا. انهيءَ ڳالهہ بابت آءٌ پنهنجي اها صلاح ٿو ڏيان، جيڪا اوهان جي لاءِ بهتر آهي تہ هاڻي انهيءَ ڪم کي پورو ڪريو، تہ جيئن جيڪو ارادو اوهان شوق سان ڪيو هو سو اوهان جي حيثيت آهر ڏيڻ سان پورو بہ ٿي وڃي. جيڪڏهن ڏيڻ جي نيت هوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو تنهن موجب ايشور سندس دان قبول ڪندو، نڪي انهيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آهي. آءٌ ائين نہ ٿو چاهيان تہ ٻين کي آرام ملي ۽ اوهان کي تڪليف ملي، پر هڪجهڙائي هجي. هن وقت جيڪا اوهان وٽ گھڻائي آهي تنهن سان اوهين هنن جي گھرج پوري ڪريو ۽ جڏهن هنن وٽ گھڻائي ٿئي تہ اهي اوهان جي ڪمي پوري ڪندا. اهڙيءَ طرح هڪجهڙائي ٿي ويندي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جنهن گھڻو گڏ ڪيو تنهن وٽ وڌيڪ نہ بچيو ۽ جنهن ٿورو گڏ ڪيو تنهن وٽ گھٽتائي ڪانہ ٿي.“ ايشور جو شڪر آهي، جنهن طيطس جي دل ۾ بہ اوهان لاءِ اها ساڳي سرگرمي پيدا ڪئي آهي جيڪا مون ۾ آهي، ڇاڪاڻ تہ طيطس نہ رڳو اسان جي هدايت کي مڃيو بلڪ ڏاڍي سرگرميءَ ۽ پنهنجي خوشيءَ سان اوهان ڏانهن اچي رهيو آهي. هن سان گڏ اسين انهيءَ ڀاءُ کي بہ موڪليون ٿا، جنهن جي ساراهہ خوشخبري ڦهلائڻ جي ڪري وشواسين جي سڀني منڊلين ۾ ڪئي وڃي ٿي. منڊليون نہ رڳو سندس ساراهہ ڪن ٿيون، بلڪ کيس مقرر ڪيو اٿائون تہ يروشلم ڏانهن دان کڻي وڃڻ واري اسان جي انتظام ۾ هو اسان سان گڏ بہ هلي. اسين هيءَ سيوا انهيءَ لاءِ ٿا ڪريون تہ جيئن انهيءَ منجھان پرميشور جي مهما ٿئي ۽ اسان جو شوق ظاهر ٿئي. اسين احتياط ٿا ڪريون تہ انهيءَ جھجھي دان پهچائڻ واري انتظام جي باري ۾ ڪوبہ ماڻهو اسان کي الزام نہ ڏئي. اسان جو مقصد هي آهي تہ اسين اهو ئي ڪجھہ ڪريون جيڪو نہ رڳو پرميشور جي نظر ۾ بلڪ ماڻهن جي نظر ۾ بہ چڱو آهي. اسين انهن سان گڏ پنهنجي هڪڙي ٻئي ڀاءُ کي بہ اوهان ڏانهن موڪليون ٿا، جنهن کي اسان گھڻين ڳالهين ۾ ڪيترائي ڀيرا آزمائي سرگرم ڏٺو آهي. جيئن تہ کيس اوهان تي ڏاڍو ڀروسو آهي، تنهنڪري هو هاڻي وڌيڪ سرگرم آهي. جيستائين طيطس جو واسطو آهي تہ هو منهنجو ساٿي ۽ اوهان منجھہ سيوا ڪرڻ ۾ مون سان گڏ آهي. باقي اسان جا هي ٻيا ڀائر منڊلين جا نمائندا ۽ مسيح جي مهما جو سبب آهن. تنهنڪري اوهين سندن سيوا ڪري پنهنجو پريم ۽ اهو فخر جيڪو اسان کي اوهان تي آهي، سو منڊلين جي اڳيان ثابت ڪري ڏيکاريو. يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ امداد ڏيڻ واري سيوا بابت مون کي اوهان ڏانهن لکڻ جي ڪابہ ضرورت نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين مدد ڪرڻ لاءِ ڪيڏو نہ شوق رکو ٿا. انهيءَ ڪري آءٌ مڪدُنيا صوبي جي ماڻهن اڳيان اوهان تي فخر ٿو ڪريان تہ اوهين اخيا صوبي جا ماڻهو گذريل سال کان مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيو. اوهان جي انهيءَ سرگرميءَ جو ٻڌي انهن مان گھڻن ۾ مدد ڪرڻ جو جوش پيدا ٿيو آهي. سو آءٌ طيطس وارن کي انهيءَ لاءِ موڪليان ٿو تہ جيڪو فخر آءٌ اوهان تي ڪريان ٿو سو هن ڳالهہ ۾ خالي لفظن وانگر ثابت نہ ٿئي، بلڪ جيئن مون چيو آهي تيئن ئي اوهين تيار رهجو. ائين نہ ٿئي جو جيڪڏهن مڪدُنيا جا ڪي ماڻهو مون سان گڏ اچن ۽ اوهان کي تيار نہ ڏسن، تہ پوءِ اوهان تي ڪيل وشواس جي ڪري نہ رڳو اسان کي پر اوهان کي بہ شرمندو ٿيڻو پوي. تنهنڪري مون طيطس وارن کي اهو تاڪيد ڪرڻ ضروري سمجھيو تہ هو اڳواٽ اوهان وٽ اچن ۽ جنهن امداد جو اوهان وچن ڪيو آهي، سا پهريائين گڏ ڪري رکن، تہ جيئن اها مجبوريءَ سان نہ بلڪ خوشيءَ سان ڏنل هجي. ياد رکو، جيڪو ٿورو ٻج ٿو پوکي سو لڻندو بہ ٿورو ۽ جيڪو گھڻو ٿو پوکي سو لڻندو بہ گھڻو. هر هڪ ماڻهو بغير ڪُرڪڻ ڪنجھڻ جي ۽ بغير ڪنهن لاچاريءَ جي اوترو ئي ڏئي جيترو هن دل ۾ ارادو ڪيو آهي، ڇو تہ ايشور خوشيءَ سان ڏيڻ واري کي پيار ٿو ڪري. ايشور اوهان تي هر طرح جي ڪرپا وڌائي سگھي ٿو، تہ جيئن هر شيءِ اوهان وٽ هر وقت ۽ هر حالت ۾ اوهان جي ضرورت کان گھڻي هجي ۽ اوهين هر نيڪ ڪم ۾ وڌندا وڃو، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”اهي جھجھائيءَ سان غريبن کي ڏين ٿا، انهن جي سخاوت هميشہ تائين قائم رهندي.“ ايشور جيڪو پوکيندڙ کي ٻج ۽ کائڻ واري کي روٽي ٿو ڏئي، سو اوهان کي بہ پوکڻ لاءِ ٻج ڏيئي انهيءَ کي وڌائيندو ۽ اوهان جي سخاوت جي ڦل ۾ واڌارو آڻيندو. ائين اوهين هر شيءِ ۾ مالا مال ٿي هر طرح جي امداد سخاوت سان ڏيندا، جيڪا اسان جي معرفت ضرورتمندن تائين پهچي ايشور جي شڪرگذاريءَ جو سبب بڻبي. هائو، هن سيوا جي پوري ڪرڻ سان نہ رڳو يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جون گھرجون پوريون ٿينديون، بلڪ ايشور جي شڪرگذاري بہ وڌندي ويندي. انهيءَ سيوا مان اهو ثابت ٿيندو تہ ڪيئن نہ اوهين مسيح بابت خوشخبريءَ کي قبول ڪرڻ جو اقرار ڪندي سندس وس هيٺ رهو ٿا. ضرورتمند اوهان جي انهيءَ فرمانبرداريءَ ڪري ايشور جي مهما ڪندا ۽ انهيءَ ڪري بہ تہ اوهين نہ رڳو هنن جي بلڪ سڀني ماڻهن جي سخاوت سان مدد ڪريو ٿا. ان کان علاوہ اوهان تي ايشور جي انهيءَ مهان ڪرپا کي ڏسي هو اوهان لاءِ ڏاڍي چاهت سان پرارٿنا ڪندا. بهرحال ايشور جي بخشش جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، تنهن لاءِ سندس شڪر آهي. هاڻي آءٌ پولس، جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو تہ آءٌ اوهان جي روبرو بزدل آهيان پر اوهان جي پرپٺ اوهان جي واسطي وڏو دلير آهيان، سو مسيح جي نماڻائيءَ ۽ نرميءَ جو واسطو وجھي اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ جڏهن اوهان وٽ اچان تڏهن مون کي دليري ڏيکارڻ لاءِ مجبور نہ ڪجو. ڏسو، ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي سمجھن ٿا تہ اسان جي هلت چلت سنساري آهي، تن کي آءٌ دليري بہ ڏيکاري سگھان ٿو. جيتوڻيڪ اسين سنسار ۾ رهون ٿا، تنهن هوندي بہ سنساري نيت سان نہ ٿا وڙهون، ڇاڪاڻ تہ اسان جي ويڙهہ جا هٿيار سنساري نہ، پر ايشور جي شڪتيءَ وارا آهن. انهن سان اسين مضبوط قلعن کي بہ ڊاهيو ٿا وجھون، يعني انهن اجاين دليلن ۽ هٺ وارين ڳالهين کي مِٽائي ٿا ڇڏيون، جيڪي ايشور کي ڄاڻڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي اُڀرن ٿيون. اسين هر هڪ خيال کي قيد ڪري مسيح جي وس هيٺ ٿا ڪريون. سو اسين تيار آهيون تہ جڏهن اوهين پوريءَ طرح وس هيٺ ٿي ويندا، تڏهن اسين هر طرح جي نافرماني ڪندڙن کي سزا ڏينداسين. اوهين رڳو ظاهري صورت تي نظر ڪريو ٿا. جيڪڏهن ڪنهن کي پاڻ تي اهو يقين آهي تہ هو مسيح جو آهي، تہ انهيءَ کي وري دل ۾ اهو بہ سوچڻ گھرجي تہ جيئن هو پاڻ مسيح جو آهي، تيئن اسين بہ آهيون. پرڀو يسوع اسان کي اختيار ڏنو آهي تہ اوهان جي وشواس ۾ واڌارو آڻيون نڪي انهيءَ کي ڊاهيون. پوءِ جيڪڏهن انهيءَ اختيار تي آءٌ ڪجھہ وڌيڪ فخر ڪريان ٿو، تہ انهيءَ ۾ منهنجي لاءِ شرمندگيءَ جي ڪا ڳالهہ نہ آهي. اوهين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ اوهان کي پنهنجي خطن ذريعي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان. بيشڪ ڪي چون ٿا تہ ”پولس جا خط رعب وارا ۽ سخت آهن، پر جڏهن پاڻ حاضر ٿئي ٿو تہ هن ۾ رعب تاب ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي ۽ تقرير ڪين جهڙي اٿس.“ اهڙا ماڻهو سمجھي ڇڏين تہ جهڙو پرپٺ اسين خطن ۾ لکون ٿا، تهڙو ئي روبرو عمل بہ ڪريون ٿا. اهو ٿي نہ ٿو سگھي تہ اسين اهڙي همت ڪري پاڻ کي انهن ماڻهن ۾ شمار ڪريون يا انهن سان ڀيٽيون جيڪي پنهنجي ساراهہ پاڻ ٿا ڪن. جڏهن تہ اهي پنهنجو پاڻ کي مٿاهون سمجھي هڪٻئي کي آزمائي ۽ پاڻ سان ڀيٽ ڪري مورک ٿا بڻجن. پر اسين حد کان وڌيڪ فخر نہ ڪنداسين. اسان جو سيوا وارو فخر رڳو انهيءَ حد جي اندر هوندو جيڪا ايشور اسان لاءِ مقرر ڪئي آهي، جنهن ۾ اوهين بہ شامل آهيو. جيڪڏهن اسين اوهان تائين نہ پهچون ها تہ پوءِ اسان جو فخر حد کان وڌيڪ ليکجي ها. پر اسان تہ مسيح بابت خوشخبري ٻڌائيندي اوهان تائين پهريائين پهچي ويا هئاسين. اسين اهڙي ڪم تي فخر ڪونہ ٿا ڪريون جيڪو ٻين جي محنت سان ٿيل آهي. ان ۾ بہ اسين مناسب حد جي اندر رهون ٿا. ان جي بدران اسين اميد ٿا رکون تہ جيئن جيئن اوهان جو وشواس وڌندو ويندو، تيئن تيئن اسان جي ڪم جو دائرو بہ مقرر ڪيل حد موجب اوهان ۾ وڌندو ويندو، تہ جيئن اسين اوهان جي سرحد کان پري وارن علائقن ۾ بہ خوشخبري ٻڌايون. اسين نہ ٿا چاهيون تہ ڪنهن ٻئي جي ڪيل ڪم تي فخر ڪريون. بهرحال پوِتر شاستر ۾ اهو لکيل آهي تہ ”جيڪو فخر ڪري سو پرميشور تي فخر ڪري.“ ياد رکو، جيڪو پنهنجي سچي هئڻ جي ساراهہ پاڻ ٿو ڪري سو قبول نہ ٿو پوي، پر اهو ئي قبول پوي ٿو جيڪو پرميشور آڏو سچو آهي. ڪاش! اوهين منهنجي ٿورڙي مورکتا کي برداشت ڪري سگھو. هائو، ضرور برداشت ڪريو. مون کي اوهان لاءِ ايشور جهڙي غيرت آهي. انهيءَ ڪري ئي مون اوهان کي هڪڙي پتيءَ، يعني مسيح سان مڱايو تہ جيئن اوهان کي پوِتر ڪنواريءَ وانگر هن وٽ حاضر ڪريان. پر مون کي اهو ڊپ آهي تہ جيئن نانگ پنهنجي مڪاريءَ سان حوا کي برغلايو، تيئن متان ڪنهن نموني اوهان جا خيال بہ انهيءَ سچائيءَ ۽ پوِترتائيءَ کان بگڙي وڃن جيڪي مسيح جي لائق آهن. اهو آءٌ انهيءَ ڪري چوان ٿو جو اوهين خوشيءَ سان هر انهيءَ کي برداشت ڪريو ٿا جيڪو اوهان وٽ اچي يسوع جي باري ۾ ڪو ٻيو پرچار ڪري ٿو، جيڪو پرچار اسان نہ ڪيو هو. ان کان علاوہ اوهين مليل پوِتر آتما جي بدران ٻي آتما قبول ڪريو ٿا ۽ مليل خوشخبريءَ جي بدران ٻي خوشخبري قبول ڪريو ٿا. اهڙو پرچار ڪرڻ وارا، جن کي اوهين تمام وڏا سنت ٿا سمجھو، تن کان آءٌ پاڻ کي ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گھٽ نہ ٿو سمجھان. پر جيڪڏهن آءٌ تقرير ڪرڻ ۾ ماهر نہ بہ هجان تہ بہ گيان ۾ گھٽ نہ آهيان ۽ اهو اسان هر وقت ۽ هر ڳالهہ ۾ اوهان جي اڳيان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. ڀلا ڇا منهنجو ڏوهہ اهو آهي جو مون اوهان کي ايشور جي خوشخبري مفت ۾ ٻڌائڻ سان پنهنجو پاڻ کي هيٺاهون ڪيو تہ جيئن اوهان جو مان مٿاهون ٿئي؟ ڏسو، جڏهن آءٌ اوهان منجھہ سيوا ڪري رهيو هئس، تڏهن ٻين وشواسي منڊلين منهنجي مدد پئي ڪئي. ائين ڄڻ تہ آءٌ اوهان جي خاطر انهن کي ڦري رهيو هئس. جنهن وقت آءٌ اوهان وٽ هئس ۽ ضرورتمند ٿي پيس تڏهن بہ آءٌ ڪنهن تي بار ڪين ٿيس، ڇاڪاڻ تہ مڪدُنيا مان وشواسين اچي منهنجيون سڀ گھرجون پوريون ڪيون. مون هر ڳالهہ ۾ اوهان تي بار وجھڻ کان پاڻ کي روڪيو ۽ آئيندہ بہ روڪيندو رهندس. مسيح جو حق سچ جيڪو مون ۾ آهي، تنهن کي اڳيان رکي چوان ٿو تہ اوهان جي صوبي اخيا جي سمورن علائقن ۾ مون کي انهيءَ فخر ڪرڻ کان ڪوبہ روڪي نہ ٿو سگھي. آءٌ ائين ڇو ٿو چوان؟ ڇا انهيءَ لاءِ تہ آءٌ اوهان سان پيار نہ ٿو ڪريان؟ ايشور ڄاڻي ٿو تہ آءٌ اوهان سان ڪيڏو نہ پيار ٿو ڪريان. اوهان تي بار نہ ٿيڻ بابت آءٌ جيڪي ڪجھہ ڪريان ٿو سو ڪندو رهندس، تہ جيئن موقعي جي تاڙ ۾ رهندڙن کي ڪوبہ موقعو نہ ڏيان جو اهي فخر سان چون تہ هو بہ اسان جهڙي ئي سيوا ڪن ٿا. حقيقت ۾ اهڙا ماڻهو سنت نہ، پر ڪوڙا ۽ دغابازيءَ سان ڪم ڪندڙ آهن جيڪي روپ مَٽائي پنهنجو پاڻ کي مسيح جي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن جهڙو ٿا بڻائين. انهيءَ ۾ ڪوبہ عجب ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ شيطان بہ روپ مَٽائي پنهنجو پاڻ کي هڪ جوتي دوت جهڙو بڻائي ٿو. تنهنڪري جيڪڏهن شيطان جا سيوڪ بہ پنهنجو روپ مَٽائي پاڻ کي سچائيءَ جي سيوڪن جهڙو ٿا بڻائين تہ ڪو عجب ڪونهي. پر انهن جي پڇاڙي سندن عملن مطابق ٿيندي. آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ مون کي ڪوبہ مورک نہ سمجھي. پر جيڪڏهن اوهين ائين سمجھو ٿا تہ مون کي مورک ئي سمجھي قبول ڪريو، تہ جيئن آءٌ بہ ٿورو فخر تہ ڪريان. جيڪي ڪجھہ آءٌ هاڻي چوان ٿو سو پرڀو يسوع وانگر نہ، پر هڪ مورک وانگر پنهنجو پاڻ تي فخر ڪري ائين چوان ٿو جيئن ٻيا گھڻا ئي ماڻهو شرير جي لحاظ کان فخر ڪن ٿا. آءٌ بہ اهڙو ئي فخر ڪندس، ڇاڪاڻ تہ اوهين ايترا تہ ڏاها آهيو جو مورکن کي بہ خوشيءَ سان برداشت ڪريو ٿا. ڏسو، جڏهن ڪو اوهان کي غلام ٿو بڻائي، يا اوهان کي لٽي ڦري ٿو، يا اوهان کي ڦاسائي ٿو، يا اوهان تي رعب ٿو ڄمائي، يا اوهان جي منهن تي چماٽ ٿو هڻي تہ اوهين برداشت نہ ٿا ڪريو ڇا؟ آءٌ شرمندگيءَ سان چوان ٿو تہ ڄڻ تہ اسين ائين ڪرڻ ۾ ڪمزور هئاسين. پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڳالهہ تي فخر ڪرڻ ۾ دلير آهي تہ آءٌ مورکتا سان ئي چوان ٿو تہ آءٌ بہ دلير آهيان. ڇا هو ئي عبراني آهن؟ آءٌ بہ آهيان. ڇا هو ئي بني اسرائيل آهن؟ آءٌ بہ آهيان. ڇا هو ئي ابرهام جي پيڙهيءَ مان آهن؟ آءٌ بہ آهيان. ڇا هو ئي مسيح جا سيوڪ آهن؟ آءٌ ديواني وانگر ڳالهايان ٿو تہ آءٌ انهن کان بهتر سيوڪ آهيان. مون انهن کان وڌيڪ سخت محنت ڪئي آهي. آءٌ انهن کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ قيد ۾ رهيو آهيان. مون انهن کان وڌيڪ چهبڪ کاڌا آهن. آءٌ گھڻا ئي دفعا موت جي منهن ۾ ويو آهيان. مون يهودين جي هٿان پنج دفعا اوڻيتاليهہ اوڻيتاليهہ ڪوڙا کاڌا. ٽي دفعا مون کي لڪڻن سان مار ملي، هڪ دفعو پٿر هنيا ويا، ٽي دفعا سامونڊي جهاز ڀڄڻ جي مصيبت ۾ ڦاٿس ۽ هڪ رات ۽ هڪ ڏينهن وچ سمنڊ ۾ لڙهندو رهيم. آءٌ گھڻا ئي دفعا مسافري ڪندي خطرن ۾ رهيو آهيان، يعني دريائن جي خطرن ۾، ڌاڙيلن جي خطرن ۾، پنهنجي قوم جي خطرن ۾، غير قومن جي خطرن ۾، شهر جي خطرن ۾، بيابان جي خطرن ۾، سمنڊ جي خطرن ۾ ۽ ڪوڙن وشواسين جي خطرن ۾. مون محنت ۽ سخت پورهيو ڪندي اڪثر اوجاڳا ڪاٽيا آهن ۽ ڪيترا ئي دفعا بنا ڪجھہ کائڻ پيئڻ جي گذاريو آهي. هائو، اڪثر ڪري بکون ڪاٽيون اٿم ۽ سرديءَ ۾ اڻپورن ڪپڙن سان رهيو آهيان. اهڙين ٻين ڳالهين کان علاوہ وشواسين جي سڀني منڊلين جي ڳڻتي هميشہ مون تي بار وانگر ٿي رهي. ڪنهن کي ڪمزور ڏسي سندس ڪمزوريءَ ۾ آءٌ پاڻ بہ شامل نہ ٿو ٿيان ڇا؟ جڏهن ڪنهن کي ڀَٽڪي ويندي ڏسان ٿو تہ ڇا منهنجي دل نہ ٿي سڙي؟ جيڪڏهن مون کي فخر ڪرڻو پيو تہ آءٌ انهن ڳالهين تي فخر ڪندس، جيڪي منهنجي ڪمزوري ظاهر ڪن ٿيون. پرڀو يسوع جو پتا يعني ايشور، جنهن جي شل هميشہ تائين مهما هجي، سو ڄاڻي ٿو تہ آءٌ ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان. دمشق شهر جي گورنر، جيڪو راجا ارتاس جي هٿ هيٺ هو، تنهن مون کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ دمشق جي دروازن تي پهرو بيهاري ڇڏيو هو. پر آءٌ هڪڙي دريءَ مان ٽوڪري جي ذريعي ڀت تان هيٺ لاٿو ويس ۽ هن جي هٿان بچي نڪتس. ضروري آهي تہ آءٌ اڃا بہ فخر ڪريان، جيتوڻيڪ انهيءَ مان ڪوبہ فائدو ڪونهي. سو جيڪي درشن ۽ آڪاش‌واڻيون مون کي پرڀو يسوع کان مليون آهن، هاڻي آءٌ تن جو ذڪر ڪندس. آءٌ مسيح جي هڪڙي پوئلڳ کي ڄاڻان ٿو، جيڪو چوڏهن سال اڳي اوچتو آڪاش تي کنيو ويو. مون کي سڌ نہ آهي تہ هو شرير سميت يا شرير کان سواءِ کنيو ويو. اهو ايشور ئي ڄاڻي ٿو. هائو، رڳو ايشور ڄاڻي ٿو تہ اهو شخص شرير سميت يا شرير کان سواءِ اوچتو سُرڳ ۾ پهچايو ويو. اتي هن اهڙيون زبردست ڳالهيون ٻڌيون جن کي بيان ڪرڻ جي ڪنهن بہ انسان کي اجازت نہ آهي. جيتوڻيڪ اهو شخص آءٌ پاڻ آهيان، تنهن هوندي بہ انهيءَ باري ۾ آءٌ رڳو ٻئي شخص تي فخر ڪندس. آءٌ رڳو پنهنجي ڪمزورين جي ڪري پنهنجو پاڻ تي فخر ڪندس. پر جيڪڏهن آءٌ فخر ڪرڻ گھران، تہ بہ مورک نہ هوندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ حقيقت بيان ڪريان ٿو. پر آءٌ انهيءَ ڪري پاڻ کي روڪيان ٿو تہ متان ڪو ماڻهو، جهڙو مون کي ڏسي ٿو يا ٻڌي ٿو تنهن کان وڌيڪ سمجھي. انهيءَ درشن جي زبردست ڳالهين جي ڪري متان آءٌ ڦونڊجي وڃان، تنهنڪري منهنجي شرير ۾ هڪ ڪَنڊو هنيو ويو، يعني شيطان جو چيلو جيڪو مون کي تنگ ڪندو رهي تہ جيئن آءٌ ڦونڊجي نہ وڃان. هن بابت مون ٽي دفعا پرڀو يسوع کي منٿ ڪئي تہ اهو مون کان پري ڪيو وڃي. پر هن مون کي چيو تہ ”منهنجي ڪرپا تنهنجي لاءِ ڪافي آهي، ڇاڪاڻ تہ منهنجي شڪتي ڪمزوريءَ ۾ مڪمل ٿي وڃي ٿي.“ تنهنڪري هاڻي آءٌ وڏي خوشيءَ سان پنهنجي ڪمزورين تي ئي فخر ڪندس، تہ جيئن مسيح جي شڪتي منهنجي مٿان ڇانيل رهي. سو آءٌ مسيح جي خاطر ڪمزورين ۾، اپمانن ۾، گھُرجن ۾، ستائجڻ ۾ ۽ مشڪلاتن ۾ خوش ٿو رهان، ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ ڪمزور هوندو آهيان تڏهن ئي آءٌ طاقتور هوندو آهيان. آءٌ مورک تہ برابر ٿيو آهيان، پر انهيءَ لاءِ اوهان ئي مون کي مجبور ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان منهنجي ساراهہ نہ ڪئي جيڪا اوهان کي ڪرڻ گھربي هئي. جيتوڻيڪ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آهيان، تڏهن بہ جن کي اوهين تمام وڏا سنت سمجھو ٿا، تن کان آءٌ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گھٽ نہ آهيان. جڏهن آءٌ اوهان وٽ هئس تہ مون وڏي بردباريءَ سان نشانين، عجيب ڪمن ۽ چمتڪارن ذريعي اوهان تي اها حقيقت ظاهر ڪئي تہ آءٌ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان. ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ اوهين وشواسين جي ٻين منڊلين کان گھٽ ٿيا، سواءِ هن جي تہ آءٌ اوهان تي بار نہ ٿيس؟ جيڪڏهن اها غلطي سمجھو ٿا تہ مون کي معافي ڏجو. هاڻي آءٌ ٽيون دفعو اوهان وٽ اچڻ لاءِ تيار آهيان ۽ وري بہ اوهان تي بار نہ ٿيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي ڌن دولت کي نہ، پر اوهان کي چاهيان ٿو. ڌن دولت تہ ماتا پتا کي ٻارن جي لاءِ گڏ ڪري رکڻ گھرجي، نہ ٻارن کي ماتا پتا جي لاءِ. تنهنڪري آءٌ اوهان جي خاطر وڏي خوشيءَ سان پنهنجو سڀ ڪجھہ خرچ ڪري ڇڏيندس، بلڪ پنهنجي جان بہ ڏيئي ڇڏيندس. سو جڏهن آءٌ اوهان سان ايڏو پيار ڪريان ٿو، تہ پوءِ ڇو اوهين مون سان گھٽ پيار ٿا ڪريو؟ بس! اهو ظاهر ٿي ويو تہ آءٌ اوهان تي بار نہ بڻيس. پر ڪي وري ائين چون ٿا تہ مون چالاڪي ڪري اوهان کي ٺڳيءَ سان ڦاسايو. ڀلا مون پنهنجي موڪليل ماڻهن مان ڪنهن جي بہ وسيلي اوهان کان ڪو ناجائز فائدو ورتو ڇا؟ مون طيطس کي اوهان ڏانهن اچڻ لاءِ تاڪيد ڪيو ۽ ساڻس گڏ ٻيو ڀاءُ بہ موڪليم. پوءِ طيطس اوهان مان ڪو ناجائز فائدو ورتو ڇا؟ اسان ٻنهي ساڳيءَ ئي نيت سان ڪم نہ ڪيو ڇا؟ اسين ٻئي ساڳئي ئي پير تي نہ هلياسين ڇا؟ ڇا اڃا تائين اوهين ائين سمجھو ٿا تہ اسين اوهان جي اڳيان پنهنجي صفائي پيش ڪري رهيا آهيون؟ نہ، اسين تہ ايشور کي حاضر ناظر ڄاڻي مسيح جا هئڻ جي حيثيت سان ڳالهايون ٿا. اي پريميؤ! هي سڀ ڪجھہ اوهان جي آتمڪ ترقيءَ لاءِ آهي. تنهن هوندي بہ آءٌ ڊڄان ٿو تہ جڏهن اتي اچان تہ متان جيئن آءٌ چاهيان ٿو تيئن اوهان کي نہ ڏسان ۽ جيئن اوهين نہ ٿا چاهيو تيئن مون کي ڏسو. مون کي ڊپ آهي تہ متان اوهان ۾ جھيڙا جھڳڙا، ساڙ، ڪاوڙ، ڏڦيڙ، گھٽ وڌ ڳالهائڻ، گلائون، هٺ ۽ فساد هجن. هائو، مون کي اهو بہ ڊپ آهي تہ جڏهن آءٌ وري اوهان وٽ اچان تہ منهنجو ايشور متان مون کي اوهان جي اڳيان شرمندو ڪري ۽ مون کي اهڙن گھڻن ماڻهن جي ڪري افسوس ڪرڻو پوي جن هيستائين حرامڪاريءَ، زناڪاريءَ ۽ بي‌حيائيءَ وارا ڪم ڪري پاپ پئي ڪيا آهن ۽ انهن کان توبهہ نہ ڪئي اٿن. جيئن تہ نيم شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ٻن يا ٽن شاهدن جي واتان سڀڪا ڳالهہ ثابت ٿي ويندي،“ سو ياد رکو تہ هي ٽيون دفعو آهي جو آءٌ اوهان ڏانهن پيو اچان. جڏهن اڳئين دفعي آءٌ اوهان وٽ موجود هئس، تڏهن اوهان کي ان وقت ئي آگاهہ ڪيو هئم. هاڻي آءٌ غيرحاضريءَ ۾ اڳي کان پاپ ڪندڙن توڙي ٻين سڀني کي ٻيهر آگاهہ ٿو ڪريان تہ جڏهن آءٌ وري ايندس تڏهن ڪنهن کي بہ نہ ڇڏيندس. انهيءَ مان اوهان کي پنهنجي گھربل ثابتي ملندي تہ مسيح منهنجي معرفت ڳالهائي ٿو. هو اوهان سان واسطي رکڻ ۾ ڪمزور نہ آهي، پر اوهان ۾ پنهنجي طاقت جو اظهار ڪري ٿو. هائو، جيتوڻيڪ هو پنهنجو پاڻ کي ڪمزور بڻائي سوليءَ تي چڙهي ويو، تڏهن بہ ايشور جي شڪتيءَ سان جيوت آهي. ساڳيءَ طرح مسيح جا هئڻ ڪري اسين بہ ڪمزور بڻيا آهيون، پر ساڻس گڏ جيوت رهندي اسين ايشور جي شڪتيءَ سان اوهان سان واسطو رکنداسين. اوهين پاڻ کي جاچي ڏسو تہ وشواس تي آهيو يا نہ. هائو، اوهين پنهنجو پاڻ کي آزمايو. اوهين ڇو نہ ٿا سمجھو تہ يسوع مسيح اوهان ۾ آهي. جيڪڏهن نہ، تہ اوهين انهيءَ آزمائش ۾ سچا ثابت نہ ٿيا آهيو. پر مون کي اميد آهي تہ اوهين سچا ثابت ٿي ڄاڻي وٺندا تہ اسين اوهان منجھہ سيوا ڪرڻ ۾ سچا ثابت ٿي ويا آهيون. هاڻي اسين ايشور کي پرارٿنا ٿا ڪريون تہ اوهين ڪا بڇڙائي نہ ڪريو. انهيءَ لاءِ نہ، تہ اسين سچا ڏسڻ ۾ اچون، پر انهيءَ لاءِ تہ اوهين اهي ئي ڪم ڪريو جيڪي چڱا هجن، توڙي جو اسين سچا نہ سمجھيا وڃون. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسين حق سچ جي خلاف کڙا ٿي نہ ٿا سگھون، پر رڳو ان جي حمايت ڪري ٿا سگھون. سو جيڪڏهن اوهين سچ‌پچ طاقتور آهيو تہ پوءِ اسين پنهنجي ڪمزور هجڻ ۾ خوش آهيون ۽ اها بہ پرارٿنا ٿا ڪريون تہ اوهين بهتر کان بهتر ٿيندا وڃو. آءٌ پنهنجي غيرحاضريءَ ۾ هي ڳالهيون انهيءَ لاءِ لکان ٿو تہ جڏهن اوهان وٽ اچان تڏهن مون کي انهيءَ اختيار موجب اوهان تي سختي ڪرڻي نہ پوي، جيڪو پرڀو يسوع مون کي انهيءَ لاءِ ڏنو آهي تہ جيئن اهو اوهان کي بگاڙڻ لاءِ نہ، پر بڻائڻ لاءِ ڪم آڻيان. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آخر ۾ آءٌ چوان ٿو تہ خوش رهو، سڌرندا رهو، منهنجي نصيحت تي عمل ڪندا رهو، هڪ دل ٿي رهو ۽ سک وَ شانتيءَ سان جيون گذاريندا رهو. اهڙيءَ طرح ايشور جيڪو پريم ۽ شانتيءَ وارو آهي سو اوهان ساڻ هوندو. هڪٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي نمسڪار ڪجو. مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل سڀيئي اوهان کي نمسڪار ٿا چون. شل پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ ايشور جو پيار ۽ پوِتر آتما جي سنگت اوهان سڀني سان هجي. هي خط مون پولس سنت جي طرفان آهي. آءٌ نہ ماڻهن جي پاران نڪي ماڻهن جي وسيلي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت چونڊيو ويو آهيان. پر آءٌ يسوع مسيح ۽ پتا يعني ايشور جي طرفان آهيان، جنهن مسيح کي مئلن مان جيوت ڪري اٿاريو. جيڪي وشواسي هتي مون سان گڏ آهن سي سڀ بہ اوهان گلتيا صوبي وارن جي وشواسي منڊلين ڏانهن هي خط موڪلڻ ۾ شامل آهن. شل اوهان تي اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي. مسيح اسان جي پاپن جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، تہ جيئن هو ايشور اسان جي پتا جي مرضيءَ موجب اسان کي هن هاڻوڪي خراب زماني کان بچائي. شل ايشور جي مهانتا جي مهما هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين. مون کي عجب ٿو لڳي تہ ايشور جنهن اوهان کي مسيح جي ڪرپا جي وسيلي سڏيو، تنهن کان اوهين ايترو جلد ڦري ڪنهن ٻئي قسم جي خوشخبريءَ ڏانهن ٿا وڃو، جيڪا حقيقت ۾ خوشخبري آهي ئي نہ. ڳالهہ هيءَ آهي تہ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي اوهان ۾ مونجھارو پيدا ڪري مسيح بابت خوشخبريءَ ۾ تبديلي آڻڻ ٿا گھرن. ڏسو، جيڪا خوشخبري اسان اوهان کي ٻڌائي آهي، تنهن کان جيڪڏهن ڪو مختلف خوشخبري ٻڌائي ٿو تہ انهيءَ تي شل لعنت هجي، پوءِ اسين ائين ڪريون توڙي آڪاش مان ڪو دوت اچي ائين ڪري. جيئن اسان اڳي ئي چيو آهي تيئن آءٌ هاڻي وري بہ چوان ٿو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان کي مليل خوشخبريءَ جي بدران ڪا ٻي خوشخبري ٻڌائي ٿو تہ انهيءَ ماڻهوءَ تي لعنت هجي. آءٌ ائين چئي ماڻهن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش نہ ٿو ڪريان، پر ايشور کي راضي ڪرڻ چاهيان ٿو. ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ آءٌ ماڻهن کي خوش ڪرڻ ٿو گھران؟ جيڪڏهن هن مهل تائين ماڻهن کي خوش ڪندو رهان ها تہ جيڪر مسيح جو داس نہ هجان ها. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي کولي ٻڌائڻ ٿو گھران تہ جيڪا خوشخبري مون اوهان کي ٻڌائي آهي، سا انساني سوچ مان ٺهيل نہ آهي. هائو، اها خوشخبري مون کي ڪنهن انسان کان نہ ملي آهي، نڪي ڪنهن مون کي سيکاري آهي. پر يسوع مسيح پاڻ ظاهر ٿي اها منهنجي حوالي ڪئي آهي. اوهين مون بابت تہ ٻڌي چڪا آهيو تہ جڏهن آءٌ يهودي ڌرم جو پابند هئس تہ منهنجي ڪهڙي هلت چلت هئي. آءٌ ايشور جي منڊليءَ کي حد کان وڌيڪ ستائيندو هئس ۽ ان کي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئس. آءٌ يهودي ڌرم جي لحاظ کان ان وقت پنهنجي قوم جي گھڻن هڪ جيڏن کان وڌيڪ اڳڀرو ٿيندو ٿي ويس. آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي ڌرمي ريتن رسمن تي نهايت ئي سرگرميءَ سان هلندو هئس. پر ايشور پنهنجي ڪرپا سان مون کي ماتا جي پيٽ ۾ ئي مخصوص ڪيو ۽ پنهنجي سيوا لاءِ مون کي سڏيو، تنهن پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي پٽ کي مون تي ظاهر ڪيو، تہ جيئن آءٌ غير قومن ۾ مسيح بابت خوشخبري ٻڌايان. ان وقت مون ڪنهن انسان کان صلاح نہ ورتي، نڪي آءٌ يروشلم ۾ انهن خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن وٽ ويس جيڪي مون کان اڳي مقرر ٿيل هئا. پر آءٌ هڪدم عربستان ڏانهن هليو ويس ۽ پوءِ اتان موٽي دمشق شهر ۾ آيس. پوءِ آخرڪار ٽئين سال آءٌ پطرس سان ملڻ لاءِ يروشلم ويس ۽ پندرهن ڏينهن ساڻس گڏ رهيس. اتي مون پرڀو يسوع جي ڀاءُ يعقوب کي ڏٺو، پر ٻين سنتن مان ڪنهن کي بہ ڪونہ ڏٺو. جيڪي ڳالهيون آءٌ اوهان ڏانهن لکي رهيو آهيان تن بابت ايشور کي حاضر ڄاڻي چوان ٿو تہ بلڪل سچيون آهن. تنهن کان پوءِ آءٌ شام ۽ ڪلڪيا جي علائقن ۾ آيس. ان وقت يهوديہ صوبي ۾ جيڪي مسيح جون منڊليون هيون، تن منهنجي شڪل بہ نہ ڏٺي هئي. پر انهن منڊلين وارا رڳو ايترو ٻڌندا هئا تہ ”پولس جيڪو اڳي اسان کي ستائيندو هو، سو هاڻي انهيءَ وشواس واري خوشخبريءَ جو پرچار ڪري رهيو آهي، جنهن کي هو ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.“ سو اهي منهنجي ڪري ايشور جي مهما ڪندا هئا. آخرڪار چوڏهن سالن کان پوءِ آءٌ برنباس سان گڏجي وري يروشلم ڏانهن ويس ۽ طيطس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويس. آءٌ انهيءَ ڪري ويس جو آڪاش‌واڻيءَ ۾ مون کي اوڏانهن وڃڻ جو حڪم ٿيو. اتي جيڪي ماڻهو وشواسي منڊليءَ جا مانوارا سمجھيا ويندا هئا، تن جي اڳيان مون نويڪلائيءَ ۾ اها خوشخبري پيش ڪئي، جنهن جو پرچار آءٌ غير قومن ۾ ڪندو آهيان. اهو مون انهيءَ ڪري ڪيو تہ جيئن سڀني جي اڳيان اهو ظاهر ٿئي تہ اسان سنتن جي خوشخبري هڪجهڙي آهي يا نہ. مون نہ ٿي چاهيو تہ منهنجي اڳوڻي يا هاڻوڪي ڊڪ ڊوڙ اجائي ٿئي. سو نہ رڳو هنن مڃيو، پر منهنجو يوناني ساٿي طيطس توڙي جو ختنو ٿيل نہ هو، تڏهن بہ مٿس ختنو ڪرائڻ لاءِ ڪو زور ڪونہ ڀريائون. ختني جو سوال تہ انهن ڪوڙن ڀائرن اٿاريو، جيڪي چور وانگر لڪي ڇپي اسان ۾ گھڙي آيا هئا، تہ جيئن جيڪا آزادي اسان کي يسوع مسيح ۾ ملي آهي، تنهن جي جاسوسي ڪري اسان کي يهودي ريتن رسمن جي غلاميءَ ۾ ڦاسائي ڇڏين. انهن جي وس هيٺ رهڻ اسان هڪڙي گھڙي بہ قبول نہ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ خوشخبريءَ جي سچائي اوهان ۾ قائم رهي. باقي منڊليءَ ۾ جيڪي مانوارا ليکيا ويندا هئا، پوءِ انهن جو رتبو ڪهڙو بہ هو، انهيءَ ڳالهہ سان منهنجو واسطو ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي نظر ۾ سڀ برابر آهن، تن مان مون کي وڌيڪ ڪابہ ڳالهہ حاصل نہ ٿي. اٽلندو انهن مانوارن کي اها خبر پئجي ويئي تہ ايشور غير يهودين کي خوشخبري ٻڌائڻ جي ذميواري منهنجي حوالي ڪئي آهي، جيئن هن يهودين کي خوشخبري ٻڌائڻ جي ذميواري پطرس جي حوالي ڪئي هئي. هائو، ايشور جنهن يهودين ۾ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت ٿيڻ لاءِ پطرس ۾ اثر پيدا ڪيو، تنهن غير يهودين ۾ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت ٿيڻ لاءِ وري مون ۾ اثر پيدا ڪيو. سو انهن جڏهن انهيءَ حقيقت کي مڃي ورتو تہ ايشور سچ پچ مون کي سيوا ڪرڻ جي ڪرپا بخشي آهي، تڏهن انهن جي طرفان يعقوب، پطرس ۽ يوحنا جيڪي منڊليءَ جا ٿنڀا ليکيا ويندا هئا، تن برنباس ۽ مون سان هٿ ملائي پاڻ سان شامل ڪيو. پوءِ هڪ راءِ ٿياسين تہ اسين غير يهودين ۾ سيوا ڪريون ۽ هو يهودين ۾. هنن رڳو ايترو چيو تہ ”غريبن کي ياد رکجو.“ پر انهيءَ ڪم لاءِ تہ آءٌ اڳي ئي سرگرم هئس. پر هڪ دفعي جڏهن پطرس انطاڪيا شهر ۾ آيو تہ مون آمهون سامهون سندس مخالفت ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هو صفا غلطيءَ تي هو. ڳالهہ اها هئي جو هو غير يهودين سان کائيندو پيئندو هو، پر جڏهن يعقوب وٽان ڪي ماڻهو آيا تڏهن هو غير يهودين سان کائڻ پيئڻ ڇڏڻ لڳو، بلڪ انهن کان ڌار ٿيڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هو انهن ماڻهن کان ڊنو ٿي جيڪي ختنو ڪرائڻ لاءِ زور ڀريندا هئا. اتي وارا سڀ يهودي، جيڪي مسيح جا ٿيا هئا سي بہ اهڙي پاکنڊپائيءَ ۾ پطرس جو ساٿ ڏيڻ لڳا، ايتري قدر جو خود برنباس بہ انهن جي پاکنڊپائيءَ ۾ ڦاسي پيو. جڏهن مون ڏٺو تہ اهي خوشخبريءَ جي سچائيءَ موجب سنئين راهہ تي نہ ٿا هلن، تڏهن مون انهن سڀني جي اڳيان پطرس کي چيو تہ ”جيتوڻيڪ تون يهودي آهين تڏهن بہ غير يهودين وانگر ٿو گذارين، نڪي يهودين وانگر. تہ پوءِ تون ڪيئن غير يهودين کي زور ٿو ڀرين تہ هو يهودين وانگر گذارين؟“ بيشڪ آءٌ توڙي پطرس ڄائي ڄم کان يهودي آهيون ۽ غير يهودي جن کي پاپي ليکيو وڃي ٿو، تن مان نہ آهيون. تنهن هوندي بہ اسين ڄاڻون ٿا تہ ڪوبہ ماڻهو موسيٰ جي نيم تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ سان ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو. تنهنڪري اسان بہ يسوع مسيح تي وشواس آندو تہ جيئن نيم تي عمل ڪرڻ سبب نہ، پر مسيح تي وشواس آڻڻ سبب ايشور ڏانهن سچار بڻايا وڃون، ڇاڪاڻ تہ نيم تي عمل ڪرڻ سبب ڪوبہ انسان ايشور ڏانهن سچار نہ بڻبو. پر اسين جيڪي مسيح جي وسيلي ايشور ڏانهن سچار بڻجڻ ٿا گھرون، سي جيڪڏهن غير يهودين وانگر موسيٰ جي نيم جي نسبت ۾ پاپي ليکجون، تہ پوءِ ڇا اهو سمجھبو تہ مسيح پاپ ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو؟ هرگز نہ. حقيقت ۾ نيم جي ڀت جيڪا مون ڊاهي ڇڏي آهي، سا جيڪڏهن وري اڏيان تڏهن آءٌ ڏوهاري قرار ڏنو ويندس. جيئن تہ نيم جي وسيلي آءٌ پاپي قرار ڏنو ويو آهيان، سو نيم جي نسبت ۾ آءٌ مري ويو آهيان، تہ جيئن ايشور جي نسبت ۾ جيوت رهان. هاڻ جيئن تہ آءٌ مسيح سان گڏ سوليءَ تي چاڙهيو ويو آهيان، سو آءٌ جيوت نہ رهيو آهيان، پر مسيح مون ۾ جيوت آهي. هاڻي جيڪو جيون آءٌ هن شرير ۾ گذاريان ٿو سو ايشور جي پٽ تي وشواس رکڻ ڪري گذاري رهيو آهيان، جنهن مون سان پيار ڪيو ۽ منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي. مطلب تہ آءٌ ايشور جي ڪرپا کي هٿان نہ ٿو وڃايان، ڇاڪاڻ تہ سچائي جيڪڏهن نيم جي وسيلي ملي ها تہ پوءِ مسيح جو مرڻ اجايو ٿئي ها. اي مورک گلتيؤ! ڪنهن اوهان تي جادو ڪيو آهي؟ يسوع مسيح کي سوليءَ تي چاڙهي سندس موت جو منظر ڄڻ تہ اوهان جي اکين اڳيان صاف صاف ڏيکاريو ويو. آءٌ اوهان کان رڳو ايترو پڇڻ ٿو گھران تہ پوِتر آتما اوهان کي خوشخبري ٻڌي وشواس آڻڻ ڪري ملي يا نيم تي عمل ڪرڻ ڪري؟ اوهين ايترا مورک آهيو ڇا جو پوِتر آتما جي وسيلي نئون جيون شروع ڪري هاڻي انهيءَ کي شريري ڪوشش جي وسيلي پورو ڪرڻ چاهيو ٿا؟ اوهان هيتريون تڪليفون اجايو سٺيون ڇا؟ اهي سچ پچ اجايو هيون ڇا؟ ڇا نيم تي عمل ڪرڻ ڪري ايشور اوهان کي پوِتر آتما بخشي ٿو ۽ اوهان ۾ چمتڪار ٿو ڪري؟ هرگز نہ، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ اوهان مسيح بابت خوشخبري ٻڌي وشواس آندو آهي. پوِتر شاستر مان ابرهام جي مثال تي غور ڪريو، جنهن بابت لکيل آهي تہ ”هن ايشور تي وشواس آندو، تنهنڪري ايشور کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبوليو.“ سو ڄاڻي ڇڏيو تہ جيڪي وشواسي آهن، حقيقت ۾ اهي ئي ابرهام جو اولاد آهن. انهيءَ ڳالهہ جي پوِتر شاستر اڳڪٿي بہ ڪئي آهي تہ ايشور غير قومن کي وشواس آڻڻ جي وسيلي پاڻ ڏانهن سچار بڻائيندو. هائو، هن اڳي ئي اها خوشخبري ابرهام کي ٻڌائي ڇڏي هئي تہ ”تنهنجي وسيلي سڀني قومن کي آسيس ملندي.“ تنهنڪري جيڪي وشواسي آهن تن کي ابرهام سان گڏ آسيس ٿي ملي، جيڪو خود وشواس وارو هو. اهو ئي سبب آهي جو جيڪي بہ ايشور ڏانهن سچار بڻجڻ لاءِ نيم تي عمل ڪرڻ تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت هيٺ اچن ٿا، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪي ڳالهيون نيم شاستر ۾ لکيل آهن، تن سڀني تي عمل ڪرڻ ۾ جيڪو قائم نہ ٿو رهي، سو لعنتي آهي.“ هاڻي اها ڳالهہ صاف ظاهر آهي تہ ڪوبہ ماڻهو نيم جي وسيلي ايشور آڏو سچار نہ ٿو بڻجي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جنهن کي وشواس جي وسيلي ايشور ڏانهن سچار بڻايو ويو آهي، سو ئي جيوت آهي.“ نيم جو وشواس سان ڪو واسطو ڪونهي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو نيم جي ڳالهين تي عمل ڪري ٿو، سو نيم جي ڳالهين لاءِ پيو جيون گذاريندو.“ هاڻ مسيح اسان جي بدران عيوضو ڏيئي نيم تي عمل نہ ڪرڻ واري لعنت کان اسان کي ڇڏايو. هائو، هو سوليءَ تي چڙهي اسان جي واسطي پاڻ لعنتي بڻيو، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“ هي انهيءَ ڪري ٿيو تہ جيئن ابرهام سان وچن ڪيل آسيس يسوع مسيح ۾ غير قومن تائين بہ پهچي ۽ اسين سڀيئي وشواس آڻڻ جي وسيلي اها پوِتر آتما حاصل ڪريون جنهن جو وچن ڪيو ويو آهي. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي روزاني جيون جو هڪ مثال ڏيان ٿو تہ ماڻهن جي تصديق ڪيل اقرار نامي کي ڪوبہ رد نہ ٿو ڪري سگھي ۽ نہ ئي ان کي گھٽائي وڌائي سگھي ٿو. ايشور جا وچن بہ اهڙي نموني آهن جيڪي هن ابرهام ۽ سندس پيڙهيءَ سان ڪيا. ڏسو، پوِتر شاستر ائين نہ ٿو چوي تہ ”پيڙهين سان،“ جنهن مان مراد گھڻا ماڻهو هجن. پر هو چوي ٿو تہ ”پيڙهيءَ سان،“ جنهن مان مراد هڪڙو شخص آهي ۽ اهو مسيح آهي. منهنجو مطلب هي آهي تہ جنهن ٻڌل وچن جي ايشور پهريائين ئي تصديق ڪئي هئي تنهن کي موسيٰ جو نيم، جيڪو چار سؤ ٽيهن سالن کان پوءِ آيو، سو ڪوڙو ڪري نہ ٿو سگھي، نہ تہ ايشور جو وچن بيڪار ٿي وڃي ها. سو جيڪڏهن ميراث نيم تي عمل ڪرڻ سان ملي ها تہ اها وچن تي دارومدار نہ رکي ها. پر ايشور پنهنجي ڪرپا سان اها وچن جي وسيلي ئي ابرهام کي بخشي. تہ پوءِ نيم جو مقصد ڇا آهي؟ بعد ۾ نيم انهيءَ لاءِ ڏنو ويو تہ جيئن ايشور جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ظاهر ٿئي. نيم جو مدو ابرهام جي انهيءَ پيڙهيءَ جي اچڻ تائين هو، جنهن لاءِ ايشور وچن ڪيو هو. اهو نيم دوتن جي انتظام سان هڪ وچ واري يعني موسيٰ جي معرفت ڏنو ويو. ڏسو، نيم ڏيڻ ۾ ڪي وچ وارا هئا، جڏهن تہ ايشور بنا ڪنهن وچ واري جي ابرهام سان سڌو سنئون وچن ڪيو. تہ پوءِ نيم ايشور جي وچن کي رد ڪيو آهي ڇا؟ هرگز نہ. جيڪڏهن ڪو اهڙو نيم ڏنو وڃي ها جيڪو جيون ڏيئي سگھي ها تہ جيڪر سچائي نيم جي وسيلي ملي ها. پر پوِتر شاستر ظاهر ڪري ٿو تہ سڄو سنسار پاپ جي قبضي ۾ آهي. اهو انهيءَ لاءِ ظاهر ڪري ٿو تہ جيئن ان قبضي کان آزاديءَ وارو ايشور جو وچن يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ سان اسان ۾ پورو ٿئي. پر انهيءَ وشواس واري واٽ ملڻ کان اڳ اسين نيم جي پهري هيٺ قيد ۾ هئاسين. هائو، وشواس واري واٽ ظاهر ڪئي وڃڻ تائين اسين نيم جا پابند رهياسين. مطلب تہ جيئن ٻار جو ڪو سنڀاليندڙ ٿيندو آهي، تيئن نيم مسيح جي اچڻ تائين اسان جو سنڀاليندڙ ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اسين وشواس آڻڻ جي وسيلي ايشور ڏانهن سچار بڻايا وڃون. هاڻ جڏهن وشواس واري واٽ ملي ويئي آهي تہ پوءِ اسين نيم جي سنڀال هيٺ نہ رهيا آهيون. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ جي وسيلي اوهين سڀيئي ايشور جا ٻار بڻجي ويا آهيو. اوهان سڀني مسيح جا ٿيڻ جي بپتسما وٺي مسيح کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو آهي. سو جيئن تہ اوهين سڀيئي يسوع مسيح جا ٿي ويا آهيو، تنهنڪري اوهان ۾ يهودي يا غير يهودي، غلام يا آزاد ۽ مرد يا ناريءَ جي الڳ سڃاڻپ نہ رهي آهي. هاڻي جيڪڏهن اوهين مسيح جا آهيو تہ پوءِ ابرهام جي پيڙهي آهيو ۽ ايشور جي وچن موجب وارث بہ آهيو. ڏسو، عام طور وارث جيتوڻيڪ هر شيءِ جو مالڪ هوندو آهي، تنهن هوندي بہ جيستائين هو ٻار آهي تيستائين انهيءَ ۾ ۽ غلام ۾ ڪوبہ فرق نہ هوندو آهي. هو انهيءَ وقت تائين سنڀاليندڙن ۽ مختيارن جي وس ۾ رهندو آهي، جيڪو وقت سندس پتا مقرر ڪندو آهي. ساڳيءَ طرح اسين بہ ڪنهن وقت ڄڻ تہ ٻار هئاسين جڏهن سنسار جي شروعاتي اصولن جا پابند ٿي غلاميءَ جي حالت ۾ رهياسين. پر جڏهن وقت پورو ٿيو تہ ايشور پنهنجو پٽ ڌرتيءَ تي موڪليو، جنهن کي هڪ ناريءَ جنم ڏنو. هو نيم جي وس هيٺ هجڻ واري وقت آيو، انهيءَ لاءِ تہ نيم جي وس هيٺ رهڻ وارن کي هو عيوضو ڏيئي ڇڏائي ۽ اسان سڀني وشواسين کي ايشور جا ٻار ٿيڻ جو درجو حاصل ٿئي. جيئن تہ اوهين ايشور جا ٻار آهيو، تنهنڪري ايشور پنهنجي پٽ جي آتما اوهان جي دلين ۾ بہ موڪلي آهي. اها پوِتر آتما ”پتا، اي پتا!“ چئي پڪاري ٿي. سو هاڻي اوهين غلام نہ رهيا آهيو، بلڪ ٻار بڻجي ويا آهيو ۽ ٻار بڻجي وڃڻ جو اهو مطلب آهي تہ ايشور اوهان کي وارث بہ بڻائي ڇڏيو آهي. بيشڪ وشواس آڻڻ کان اڳ ۾ ايشور جي ڄاڻ نہ هوندي اوهين انهن جي غلاميءَ ۾ هئا جيڪي حقيقت ۾ ايشور نہ آهن. پر هاڻي جڏهن اوهين ايشور کي ڄاڻو ٿا، بلڪ ايشور اوهان کي ڄاتو آهي تہ پوءِ اوهين وري انهن ڪمزور ۽ خسيس شروعاتي اصولن ڏانهن ڇو ٿا ڦرو؟ ڇا اوهين ٻيهر انهن جي غلاميءَ ۾ رهڻ ٿا چاهيو؟ جيئن تہ اوهين يهودين جي خاص ڏينهن، مهينن، وقتن ۽ سالن کي مڃيندا ٿا رهو، سو مون کي اوهان بابت ڊپ آهي تہ متان ائين نہ ٿئي جو جيڪا محنت مون اوهان تي ڪئي آهي سا اجائي وڃي. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين مون جهڙا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ بہ اوهان جهڙو ٿيو آهيان. ڇا اوهان مون سان ڪا بدسلوڪي ڪئي جڏهن مون اوهان کي پهريون دفعو خوشخبري ٻڌائي هئي؟ نہ، جيتوڻيڪ اوهين ڄاڻو پيا تہ آءٌ شرير جي هيڻائيءَ ۽ بيماريءَ جي سبب اوهان وٽ آيو هئس. توڙي جو منهنجي شريري حالت اوهان لاءِ هڪ آزمائش هئي، تڏهن بہ اوهان مون کي نڪي نيچ سمجھيو، نڪي ڌڪاريو. پر اوهان مون کي ايشور جي دوت وانگر، بلڪ يسوع مسيح وانگر ڪري قبول ڪيو. پوءِ شڪرگذاريءَ واري اوهان جي اها خوشي هاڻي ڪٿي آهي؟ ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو شاهد آهيان تہ ان وقت جيڪڏهن ٿي سگھي ها تہ جيڪر اوهين پنهنجيون اکيون بہ ڪڍي مون کي ڏيو ها. تہ پوءِ ڇا سچ ٻڌائڻ جي ڪري هاڻي آءٌ اوهان جو دشمن ٿي پيو آهيان؟ اهي نيم جا پابند اوهان کي پنهنجو بڻائڻ لاءِ جذبو تہ رکن ٿا، پر سندن نيت صاف نہ آهي. اهي اوهان کي مون کان ڌار ڪرڻ چاهين ٿا تہ جيئن اوهين رڳو انهن لاءِ ئي جذبو رکو. جذبو رکڻ تہ سٺي ڳالهہ آهي، پر شرط هي آهي تہ نيت بہ صاف هجي. آءٌ هميشہ ائين ٿو ڪريان، نہ رڳو تڏهن جڏهن آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. اي منهنجا ٻارڙؤ! آءٌ اوهان جي لاءِ ويم ڪندڙ ناريءَ وانگر وري سور محسوس ڪريان ٿو، جيستائين اوهين پوريءَ طرح مسيح جهڙا بڻجي نہ ٿا وڃو. دل چوي ٿي تہ آءٌ هاڻي ئي اوهان وٽ پهچي نرميءَ سان اوهان کي سمجھايان، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي باري ۾ ڏاڍو منجھي پيو آهيان. اوهين جيڪي موسيٰ جي نيم جي وس هيٺ رهڻ ٿا گھرو، سي مون کي ٻڌايو تہ اوهين نيم جون ڳالهيون نہ ٿا ٻڌو ڇا؟ ان ۾ لکيل آهي تہ ابرهام کي ٻہ پٽ هئا، هڪڙو داسيءَ مان ۽ ٻيو سندس پتنيءَ مان. داسيءَ وارو پٽ عام طور ڄائو هو، پر آزاد پتنيءَ وارو پٽ ايشور جي وچن موجب ڄائو هو. انهن ڳالهين مان هڪڙو مثال وٺجي ٿو تہ اهي ٻہ ناريون ڄڻ تہ ٻہ ٻڌل وچن آهن. انهن مان هڪڙي ناري هاجرہ عربستان جي سينا جبل واري ٻڌل وچن مثل آهي، جنهن مان غلام ئي پيدا ٿين ٿا. جيئن تہ هاجرہ سينا جبل جي مثل آهي، سو ان جي ڀيٽ هاڻوڪي يروشلم شهر سان ڪري سگھجي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اها وسندي پنهنجي ٻارن يعني رهاڪن سميت نيم جي غلاميءَ ۾ آهي. پر ايشور جي شرڻ وارو يروشلم آزاد آهي ۽ اها ئي وسندي اسان جي ماتا سارہ آهي. ڏسو، پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”اي سنڍ ناري! تون جيڪا ٻار نہ ٿي ڄڻين، سا خوشي ڪر. تون، جنهن کي ڪڏهن بہ ويم جا سور نہ ٿيا آهن، سا خوشيءَ سان وڏي واڪي پڪار، ڇاڪاڻ تہ ڇڏي ڏنل پتنيءَ جا ٻار پتيءَ واري پتنيءَ جي ٻارن کان گھڻا آهن.“ هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين سارہ جي پٽ اضحاق وانگر ايشور جي وچن موجب پيدا ٿيل اولاد آهيون. پر جيئن انهيءَ وقت شرير جي لحاظ کان پيدا ٿيل ٻار پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان پيدا ٿيل ٻار کي ستائيندو هو، تيئن ئي هاڻي بہ ٿئي ٿو. پر پوِتر شاستر ڇا ٿو چوي؟ اهو تہ ”داسيءَ ۽ سندس پٽ کي ڪڍي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ داسيءَ جو پٽ، آزاد پتنيءَ جي پٽ سان گڏ هرگز وارث نہ ٿيندو.“ مطلب تہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين داسيءَ جا نہ، پر آزاد پتنيءَ جا ٻار آهيون. مسيح اسان کي آزاد رهڻ لاءِ ئي آزاد ڪيو آهي، تنهنڪري اوهين انهيءَ آزاديءَ کي قائم رکو ۽ پاڻ کي وري غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ نہ جوٽيو. ڌيان سان ٻڌو! آءٌ پولس اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪڏهن اوهين ختنو ڪرائيندا تہ مسيح کان اوهان کي ڪوبہ فائدو نہ پهچندو. آءٌ حقيقت ٻڌائيندي اوهان کي وري چوان ٿو تہ جيڪو بہ ختنو ڪرائي ٿو، تنهن تي اهو فرض آهي تہ هو سڄي نيم تي عمل ڪري. اوهين جيڪي نيم جي وسيلي ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو، سي مسيح کان جدا ۽ ايشور جي ڪرپا کان محروم ٿي ويا آهيو. پر اسين پوِتر آتما جي وسيلي وشواس آڻڻ جي ڪري ايشور ڏانهن سچار بڻايا وينداسين. انهيءَ اميد جي پوري ٿيڻ جو اسين وڏي چاهہ سان انتظار ڪري رهيا آهيون. سو جڏهن اسين يسوع مسيح جا آهيون، تڏهن ختنو ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنهن ڪم جو نہ آهي. پر رڳو مسيح تي وشواس ئي ڪم جو آهي، جنهن جو اثر پريم رکڻ مان ظاهر ٿئي ٿو. اوهين تہ وشواس جي ڊوڙ چڱيءَ طرح ڊوڙي رهيا هئا. پوءِ اهي ڪير ٿيندا آهن جيڪي اوهان کي سچ جي پيرويءَ کان روڪين ٿا؟ اهو ڪم اوهان جي سڏڻ واري ايشور جي طرفان نہ آهي. خبردار رهجو، اهو ڪم خمير مثل آهي جيڪو ٿورڙو ئي سڄي ڳوهيل اٽي کي ڦنڊائي ڇڏيندو آهي. جيئن تہ اسين پرڀو يسوع جا آهيون، سو اوهان بابت مون کي يقين آهي تہ اوهين ٻي ڪا سوچ نہ رکندا. پر جيڪي ماڻهو اوهان کي پريشان ٿا ڪن، سي ڪير بہ هجن تہ کين سزا ڀوڳڻي پوندي. جيڪڏهن اڃا تائين آءٌ اهو پرچار ڪريان ٿو تہ ختنو ڪرائڻ ضروري آهي، تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ ڇو ٿو ستايو وڃان؟ جيڪڏهن ائين آهي تہ پوءِ سوليءَ وارو منهنجو پرچار ڪنهن لاءِ بہ ٺوڪر جو سبب نہ رهيو. چڱو تہ ائين ٿيندو تہ جيڪي اوهان کي ختنو ڪرائڻ لاءِ پريشان ڪن ٿا، سي پنهنجو پاڻ کي ختني وانگر اوهان کان ڪٽي ڇڏين. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آهيو. پر پنهنجي انهيءَ آزاديءَ کي شريري خواهشن جي پورائي لاءِ ڪم نہ آڻيو، بلڪ پيار جي رستي هڪٻئي جي سيوا ڪريو. اهڙيءَ سيوا جي وسيلي سڄو نيم هن هڪڙي ئي حڪم ۾ پورو ٿئي ٿو تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.“ پر جيڪڏهن اوهين هڪٻئي کي چڪ هڻندا ۽ ڳڙڪائيندا ٿا وڃو تہ خبردار ٿجو، متان هڪٻئي کي چٽ ڪري سڀيئي برباد ٿي وڃو. پر آءٌ چوان ٿو تہ پوِتر آتما جي هدايت تي هلو، تہ پوءِ اوهين انساني فطرت جي خواهشن کي ڪڏهن بہ پورو نہ ڪندا، ڇاڪاڻ تہ انساني فطرت پوِتر آتما جي برخلاف خواهش ڪري ٿي ۽ پوِتر آتما انساني فطرت جي برخلاف. هي ٻئي هڪٻئي جون دشمن آهن. انهيءَ ڪري جيڪي اوهين ڪرڻ چاهيو ٿا سو نہ ٿا ڪريو. پر جيڪڏهن اوهين پوِتر آتما جي هدايت تي هلو ٿا تہ نيم جي وس هيٺ نہ آهيو. هاڻ انساني فطرت جا ڪم ظاهر آهن، يعني زناڪاري، حرامڪاري ۽ شهوت‌پرستي، بتن جي پوجا، جادوگري، دشمني ۽ جھيڙو جھڳڙو، ساڙ، ڪاوڙ، ذاتي لالچ، جدايون ۽ ڌڙابندي، ڪينو، نشي‌بازي، عياشي ۽ ٻيا اهڙا ڪم. انهن بابت جيئن اڳي بہ مون اوهان کي خبردار ڪيو هو، تيئن هاڻي بہ خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار ڪين ٿيندا. پر پوِتر آتما جو ڦل آهي پيار، خوشي، شانتي، صبر، ڪرپا، نيڪي، وفاداري، نماڻائي ۽ پرهيزگاري. اهڙين ڳالهين جي برخلاف ڪوبہ نيم نہ آهي. اسين جيڪي يسوع مسيح جا آهيون، تن انساني فطرت کي ان جي سوچن ۽ برين خواهشن سميت سوليءَ تي چاڙهي ڇڏيو آهي. هاڻي جيئن تہ اسين پوِتر آتما جي ڪري جيوت آهيون، سو اسان کي هلڻ بہ پوِتر آتما جي هدايت موجب کپي ۽ اجايو فخر ڪندي اسين نہ هڪٻئي کي چيڙايون، نڪي هڪٻئي سان ساڙ ڪريون. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڏوهہ ۾ پڪڙجي پوي تہ اوهين جيڪي پوِتر آتما جي هدايت تي هلو ٿا، تنهن کي نرم رويي سان سڌاريو. اوهين پنهنجو بہ خيال ڪندا رهو، متان اوهين بہ آزمائش ۾ پئجي وڃو. اوهين هڪٻئي جا بار کڻو، اهڙيءَ طرح اوهين مسيح جي نيم کي پورو ڪندا. ياد رکو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪجھہ نہ هوندي بہ، پنهنجو پاڻ کي ڪجھہ سمجھي ٿو تہ هو پنهنجو پاڻ کي دوکو ٿو ڏئي. تنهنڪري هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجا ڪم پاڻ جاچڻ گھرجن. انهيءَ حالت ۾ هو رڳو پنهنجو پاڻ تي فخر ڪري سگھي ٿو ۽ پوءِ هن کي ڪنهن ٻئي سان پنهنجي ڀيٽ ڪرڻ جي ضرورت نہ ٿيندي. اهڙيءَ طرح هر ڪو ماڻهو پنهنجو ٻوجھہ پاڻ کڻندو. جيڪو ايشور جي ڳالهين جي سکيا حاصل ٿو ڪري، تنهن کي گھرجي تہ سکيا ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ سان شريڪ ڪري. ڪوبہ ايشور کي ٺڳي نہ ٿو سگھي. سو اهڙي سوچ رکي پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو. ياد رکو، انسان جيڪي پوکي ٿو سو ئي لڻندو. جيڪو پنهنجي شريري فطرت جي لاءِ پوکي ٿو، سو انهيءَ فطرت مان موت جو فصل لڻندو. پر جيڪو پوِتر آتما جي لاءِ پوکي ٿو، سو پوِتر آتما مان امر جيون جو فصل لڻندو. اسان کي نيڪي ڪرڻ ۾ ٿڪجڻ نہ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن همت نہ هارينداسين تہ پوري وقت تي لابارو لاهينداسين. تنهنڪري جيتري قدر موقعو ملي تہ اسين سڀني ماڻهن سان نيڪي ڪريون، خاص ڪري انهن سان جيڪي وشواس رکڻ جي وسيلي اسان سان هڪ ئي خاندان ۾ شامل آهن. ڏسو، ڪهڙن نہ وڏن وڏن اکرن سان آءٌ پنهنجي هٿ سان اوهان ڏانهن لکي رهيو آهيان. جيڪي ماڻهو مان جي لائق هئڻ جو ڏيکاءُ ڪن ٿا، سي اوهان کي ختنو ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪري رهيا آهن. هو رڳو انهيءَ لاءِ ائين ڪن ٿا تہ جيئن مسيح جي سوليءَ واري سکيا جي ڪري ستايا نہ وڃن. ختنو ڪرائڻ وارا تہ پاڻ نيم تي پوريءَ طرح عمل نہ ٿا ڪن، پر هو اوهان کي ختنو ڪرائڻ لاءِ انهيءَ ڪري مجبور ٿا ڪن، تہ جيئن اوهان جي انهيءَ شريري رسم کي قبول ڪرڻ تي اهي فخر ڪري سگھن. پر ايشور نہ ڪري جو آءٌ ڪنهن ٻيءَ ڳالهہ تي فخر ڪريان، سواءِ پنهنجي پرڀو يسوع مسيح جي سوليءَ جي. هن جي سوليءَ واري موت سان سنسار منهنجي لاءِ مري چڪو آهي ۽ آءٌ سنسار جي لاءِ. انهيءَ ڪري ختنو ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آهي، پر اهم ڳالهہ نئين سر پيدا ٿيڻ آهي. جيڪي بہ انهيءَ اصول تي هلن ٿا، حقيقت ۾ اهي ئي ايشور جي قوم بني اسرائيل آهن، تن تي شل ديا ۽ شانتي هجي. اڄ کان پوءِ ڪوبہ ماڻهو مون کي تڪليف نہ ڏئي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي نشان آءٌ پنهنجي شرير تي کنيو ٿو وتان سي ظاهر ٿا ڪن تہ آءٌ يسوع جو داس آهيان. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! شل اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا اوهان تي هجي. آمين. هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو ايشور جي مرضيءَ سان مسيح يعني يسوع جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان. هي خط اِفسس شهر ۾ رهندڙ اوهان مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي يسوع مسيح جا وفادار پوئلڳ آهيو. شل اوهان تي اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي. شل ايشور جي مهما هجي جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو پتا آهي، جنهن اسان کي مسيح ۾ آڪاش جي هر هڪ آتمڪ آسيس سان مالا مال ڪيو آهي. هن ئي اسان کي سنسار بڻائڻ کان اڳ مسيح ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چونڊي ڇڏيو، تہ جيئن اسين سندس آڏو پريم ۾ پوِتر ۽ بي‌عيب هجون. هن پنهنجي خوشيءَ ۽ مرضيءَ سان اڳي ئي فيصلو ڪيو تہ اسين يسوع مسيح جي وسيلي سندس ٻار مقرر ڪيا وڃون، انهيءَ لاءِ تہ سندس جوت سان ڀريل انهيءَ ڪرپا جي مهما ٿئي، جيڪا هن پنهنجي پياري پٽ ۾ اسان کي مفت بخشي. انهيءَ پٽ ۾ ئي سندس رت جي وسيلي اسين ڇڏايا وڃون ٿا، يعني اسان جا پاپ معاف ڪيا وڃن ٿا. اهو ايشور جي انهيءَ ڪرپا جي دولت موجب آهي، جيڪا هن تمام گھڻي انداز ۾ اسان تي پرگھٽ ڪئي آهي. ايشور پوريءَ ڏاهپ ۽ دانائيءَ سان پنهنجي مرضيءَ جو لڪل ارادو اسان تي ظاهر ڪيو، جيڪو هن مسيح جي وسيلي پوري ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي پنهنجي خوشيءَ سان طئي ڪري ڇڏيو هو. اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن زمانن جي پوري ٿيڻ جو اهڙو بندوبست ٿئي جو آڪاش توڙي ڌرتيءَ تي جيڪي ڪجھہ بہ آهي، سو سڀ مسيح جي سنڀال هيٺ اچي وڃي. ايشور اسان کي بہ اڳي ئي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪري مسيح ۾ شامل ڪيو. اهو ايشور جي ارادي موجب ٿيو جيڪو انهن سڀني ڳالهين ۾ پنهنجي مرضي پوري ڪري ٿو. ايشور چاهيو ٿي تہ اسين يهودي، جن اوهان کان اڳي مسيح ۾ اميد رکي هئي، سي سندس مهانتا جي مهما جو سبب ٿيون. اوهين غير يهودي بہ مسيح جا ٿيا جڏهن اوهان سچائيءَ جو سنديش يعني خوشخبري ٻڌي مسيح تي وشواس آندو ۽ اها خوشخبري اوهان لاءِ مڪتيءَ جو سبب بڻي. اهڙيءَ طرح ايشور پنهنجو وچن پورو ڪندي اوهان کي بہ پوِتر آتما بخشي، جيڪا سندس مالڪيءَ جي مُهر آهي. پوِتر آتما اسان يهودين توڙي غير يهودين کي ملڻ واري ميراث جو بيانو آهي، جيڪو ايستائين ضمانت آهي جيستائين اسين سڀ جيڪي ايشور جي ملڪيت آهيون، تن کي پوريءَ طرح ڇڏايو وڃي، تہ جيئن ايشور جي مهانتا جي مهما ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو پرڀو يسوع تي اوهان سڀني جي مضبوط وشواس ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ اوهان جي پيار بابت ٻڌي آءٌ پنهنجي پرارٿنائن ۾ اوهان کي ياد ڪندي اوهان لاءِ ايشور جو شڪر ڪرڻ نہ ٿو ڇڏيان. منهنجي پرارٿنا آهي تہ اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو ايشور، جيڪو وڏي مهانتا وارو پتا آهي، سو ڏاهپ بخشڻ ۽ سچ ظاهر ڪرڻ واري پوِتر آتما کي اوهان ۾ ڀرپوري بخشي، تہ جيئن اوهين کيس پوريءَ طرح ڄاڻو. آءٌ هيءَ بہ پرارٿنا ڪندو آهيان تہ اوهان جون دليون روشن ٿين، تہ جيئن اوهين سمجھي وٺو تہ ايشور جنهن اميد لاءِ اوهان کي سڏيو آهي سا ڪيڏي نہ وڏي آهي، مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ سندس ميراث ڪيڏي نہ مهان آهي ۽ اسان وشواسين لاءِ هن جي شڪتي ڪيڏي نہ بي‌انداز آهي. اها شڪتي ايشور جي ساڳي مهان شڪتي آهي جيڪا هن مسيح ۾ ظاهر ڪئي، جڏهن کيس مئلن مان جيوت ڪري اٿاريائين ۽ آڪاش تي پنهنجي ساڄي پاسي ويهاريائين. هائو، هن مسيح کي هر طرح جي حڪومت، اختياريءَ، شڪتيءَ ۽ راڄ کان گھڻو مٿاهون ڪيو آهي. اهڙو رتبو نہ هن انتم زماني ۾ ۽ نہ وري ايندڙ نئين زماني ۾ ڪنهن کي حاصل ٿيندو. اهڙيءَ طرح ايشور سڀ ڪجھہ مسيح جي پيرن هيٺ ڪري کيس سڀني جو مٿو بڻايو. اهو ايشور وشواسي منڊليءَ جي لاءِ ڪيو، جيڪا مسيح جو شرير آهي. مسيح سان ئي منڊليءَ جي ڀرپوري ٿئي ٿي ۽ هو ئي هر شيءِ کي هر طرح سان ڀرپور ڪري ٿو. گذريل وقت ۾ اوهين پنهنجين نافرمانين ۽ پاپن جي ڪري مئل هئا. انهيءَ وقت اوهين سنسار جي دستور موجب هلندا هئا ۽ نظر نہ ايندڙ مخلوقن تي اختياري هلائيندڙ حڪمران جا پوئلڳ هئا يعني شيطان جا. هي اها ئي آتما آهي، جيڪا هاڻي تائين انهن ماڻهن تي اثر ڪري ٿي جيڪي ايشور جا نافرمان آهن. اڳ اسين سڀيئي بہ انهن سان گڏ پنهنجي انساني فطرت جي شريري خواهشن موجب جيون گذاريندا هئاسين ۽ پنهنجي تن ۽ من جون خواهشون پوريون ڪندا هئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين ماڻهن وانگر ايشور جي ناراضپي جا حقدار هئاسين. پر ايشور، جيڪو ديا سان ڀرپور آهي تنهن پنهنجي گھڻي پيار جي سبب جيڪو هن اسان سان ڪيو، اسان کي مسيح سان گڏ جيوت ڪيو، جڏهن تہ اسين اڃا پاپن جي ڪري مئل هئاسين. هائو، اوهين بہ ايشور جي ڪرپا جي ڪري ئي بچي ويا آهيو. يسوع مسيح ۾ هئڻ ڪري ايشور اسان کي ساڻس گڏ اٿاريو ۽ آڪاش تي ساڻس گڏ ويهاريائين. اهو انهيءَ لاءِ ڪيائين تہ هو پنهنجي انهيءَ ديا جي وسيلي جيڪا يسوع مسيح ۾ اسان تي آهي، پنهنجي ڪرپا جي بي‌انداز دولت کي ايندڙ زمانن ۾ ظاهر ڪري. مطلب تہ ايشور جي ڪرپا جي ڪري ئي اوهين وشواس آڻڻ جي وسيلي بچي ويا آهيو. اهو اوهان جي ڪوشش جي ڪري نہ، پر ايشور جي بخشش جي ڪري ٿيو آهي. هائو، اهو اوهان جي عملن جي ڪري نہ آهي جو متان ڪو پاڻ تي فخر ڪري. اسين تہ ايشور جي ڪاريگري آهيون ۽ هن اسان کي يسوع مسيح ۾ نئين سر پيدا ڪيو آهي، تہ جيئن اسين چڱا ڪم ڪندا رهون جيڪي هن اڳي ئي اسان جي ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا آهن. تنهنڪري اوهين جيڪي پيدائشي طور غير قوم آهيو، جنهن سبب شرير جي لحاظ کان هٿ سان ڪرايل ختني وارا فخر وچان پاڻ کي ختني ٿيل سڏائيندي اوهان کي بنا ختني وارا سڏيندا آهن، سي ياد رکو تہ اڳي اوهين مسيح کان ڌار، بني اسرائيل جي منڊليءَ کان ٻاهر ۽ ايشور جي ٻڌل وچنن کان اڻ‌ڄاڻ هئا. اوهين هن سنسار ۾ ايشور کان جدا ۽ نااميديءَ وارو جيون گذاريندا هئا. پر هاڻي يسوع مسيح ۾ شامل ٿيڻ ڪري اوهين جيڪي پهريائين گھڻو پري هئا، سي سندس رت جي وسيلي ايشور جي ويجھو ٿي پيا آهيو. سو مسيح ئي اسان جي صلح جو وسيلو آهي، جنهن پنهنجي شرير جي ٻليدان وسيلي يهودين ۽ غير يهودين ٻنهي کي ملائي هڪ ڪري ڇڏيو. هن اها ڀت ڊاهي ڇڏي، جنهن ٻنهي کي هڪٻئي کان جدا ڪري دشمن بڻائي رکيو هو. اها ڀت نيم پنهنجي قاعدن قانونن سان کڙي ڪئي هئي. مسيح انهيءَ نيم کي هٽائي يهودين ۽ غير يهودين ٻنهي کي پاڻ ۾ شامل ڪري هڪڙو نئون انسان پيدا ڪري صلح ڪرائي ڇڏيو. مسيح انهن جو ايشور سان ميل ميلاپ ڪرائي ٻنهي کي هڪڙو شرير بڻائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح پنهنجي سوليءَ واري موت وسيلي انهن جي دشمني ختم ڪرائي ڇڏيائين. سو اوهين جيڪي ٻڌل وچنن کان پري هئا ۽ اهي جيڪي ويجھا هئا، تن ٻنهي کي مسيح اچي ميل ميلاپ جي خوشخبري ٻڌائي. ائين مسيح جي ئي وسيلي اسان ٻنهي يعني يهودين ۽ غير يهودين کي ساڳيءَ ئي پوِتر آتما ملڻ سان پتا تائين پهچ حاصل ٿي آهي. تنهنڪري اوهين غير قوم وارا هاڻي ڌاريا ۽ پرديسي نہ رهيا آهيو، بلڪ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن منجھہ شامل ٿي اوهين ايشور جي گھر جا ڀاتي ٿي ويا آهيو. اوهين ڄڻ تہ هڪ عمارت آهيو جيڪا خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن ۽ ايشور جي ٻين سنديش ڏيندڙن جي انهيءَ بنياد تي اڏيل آهي، جنهن جي پيڙهہ جو پٿر خود يسوع مسيح آهي. هن ۾ ئي سموري اڏاوت ڳنڍجي وڌندي ٿي وڃي ۽ اهڙيءَ طرح پرميشور لاءِ هڪ مخصوص ۽ پوِتر گھر ٺهندو وڃي ٿو. مسيح ۾ شامل هئڻ ڪري اوهين غير قوم وارا بہ ساڻن گڏ ساڳئي گھر ۾ اڏبا ٿا وڃو، جنهن ۾ ايشور پنهنجي پوِتر آتما جي ذريعي رهي سگھي. انهيءَ سبب آءٌ پولس، جيڪو اوهان غير قومن جي خاطر ۽ يسوع مسيح جي واسطي قيدي آهيان، اوهان لاءِ پرارٿنا ٿو ڪريان. اوهان ٻڌو هوندو تہ ايشور اوهان غير قوم وارن لاءِ پنهنجي ڪرپا جو خاص ڪم منهنجي حوالي ڪيو آهي. ايشور پنهنجو هي ڀيد آڪاش‌واڻيءَ ذريعي مون تي ظاهر ڪيو، جنهن جو احوال مختصر طور اڳي ئي لکي چڪو آهيان. اهو پڙهي اوهان کي سڌ پئجي ويندي تہ مسيح جو اهو ڀيد آءٌ ڪيتري قدر سمجھان ٿو. اڳين پيڙهين ۾ ماڻهن تي هي ڀيد ظاهر نہ ٿيو هو، پر هاڻي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن تي جيڪي ايشور جا مخصوص ڪيل آهن ۽ ايشور جي ٻين سنديش ڏيندڙن تي پوِتر آتما جي وسيلي ظاهر ڪيو ويو آهي. اهو ڀيد هي آهي تہ يسوع مسيح ۾ غير قومن وارا بہ بني اسرائيل سان گڏ خوشخبريءَ جي وسيلي ايشور جي ميراث ۾ شريڪ آهن، هڪ ئي شرير جا عضوا آهن ۽ ايشور جي وچن ۾ حصيدار آهن. ايشور جي ڪرپا جي انهيءَ بخشش سان، جيڪا سندس شڪتيءَ جي اثر ڪري مون کي ملي هئي، آءٌ انهيءَ خوشخبريءَ جو سيوڪ بڻايو ويس. جيتوڻيڪ آءٌ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن منجھہ سڀني کان گھٽ آهيان، تنهن هوندي بہ ايشور اها ڪرپا مون کي بخشي تہ آءٌ غير قومن کي مسيح جي بي‌انداز دولت جي خوشخبري ٻڌايان ۽ سڀني ماڻهن تي اها ڳالهہ روشن ڪريان تہ جيڪو ڀيد شروع کان سڀني شين جي رچنا ڪندڙ ايشور وٽ ڳجھو رکيل هو تنهن جو انتظام ڪهڙو آهي. ايشور چاهيو ٿي تہ هاڻي وشواسي منڊليءَ جي وسيلي سندس طرح طرح جي ڏاهپ جي انهن حڪمرانن ۽ اختياريءَ وارن کي ڄاڻ پئجي وڃي، جيڪي آڪاشي جاين ۾ آهن. اهو سڀ ايشور شروع کان ئي پنهنجي ڪيل ارادي موجب اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي پورو ڪيو. هاڻي مسيح تي وشواس رکڻ سان اسين مسيح ۾ شامل ٿيا آهيون، جنهن ڪري دليريءَ ۽ ڀروسي سان ايشور جي شرڻ ۾ حاضر ٿيون ٿا. تنهنڪري آءٌ وينتي ٿو ڪريان تہ جيڪي مصيبتون اوهان جي خاطر سهان ٿو تن جي ڪري بي‌همت نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ منهنجيون اهي مصيبتون اوهان لاءِ فخر جو سبب آهن. پرارٿنا ٿو ڪريان تہ هو پنهنجي مهانتا واري دولت موجب اوهان کي پنهنجي پوِتر آتما جي وسيلي شڪتي بخشي تہ اوهين پنهنجي اندر ۾ ٻلوان ٿيو ۽ وشواس رکڻ جي وسيلي مسيح اوهان جي دلين ۾ گھر ڪري. اها پرارٿنا آءٌ انهيءَ ڪري ڪريان ٿو تہ جيئن اوهين پريم ۾ پاڙ ڄمائي انهيءَ جي بنياد تي جيون گذاريو. هائو، منهنجي پرارٿنا آهي تہ مسيح ۾ سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن سان گڏ اوهين پوريءَ طرح سمجھي سگھو تہ مسيح جو پريم ايڏو تہ جھجھو آهي جو ان جي ويڪرائي، ڊگھائي، اوچائي ۽ اونهائي ماپي نہ ٿي سگھجي. شل اوهين مسيح جي انهيءَ پريم کي ڄاڻي سگھو جيڪو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، تہ جيئن اوهين ايشور جي سڄي ڀرپوريءَ سان ڀرپور ٿي وڃو. مهما ٿي ڪجي انهيءَ شڪتيوان جي، جيڪو اسان ۾ اثر ڪندڙ پنهنجي شڪتيءَ موجب اسان جي پرارٿنا ۽ سوچ کان گھڻو وڌيڪ ڪم ڪري سگھي ٿو. شل منڊليءَ ۽ يسوع مسيح جي وسيلي پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ هميشہ تائين سندس مهانتا جي مهما ٿيندي رهي. آمين. تنهنڪري آءٌ، جيڪو پرڀو يسوع جو هئڻ ڪري قيدي آهيان، اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جهڙي جيون گذارڻ لاءِ ايشور اوهان کي سڏيو آهي، اهڙو ئي لائق جيون گذاريو. مطلب تہ ڏاڍي نماڻائيءَ ۽ نِوڙت سان رهو، صبر ڪريو ۽ پيار سان هڪٻئي جي برداشت ڪريو. جيئن تہ پوِتر آتما اوهان کي هڪ ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري دل سان ڪوشش ڪريو تہ هڪٻئي سان ميل ميلاپ جي ٻنڌڻ وسيلي ٻڌل رهو. ڏسو، هڪڙو ئي شرير آهي ۽ هڪڙي ئي پوِتر آتما، جيئن اوهين بہ هڪڙي ئي اميد لاءِ سڏيا ويا آهيو. هڪڙو ئي پرڀو، هڪڙو ئي وشواس ۽ هڪڙي ئي بپتسما آهي. هڪڙو ئي ايشور آهي، جيڪو سڀني جو پتا آهي. هو سڀني جي مٿان آهي، سڀني سان گڏ آهي ۽ سڀني ۾ موجود آهي. انهيءَ ايڪي کي قائم رکڻ لاءِ اسان مان هر هڪ کي مسيح پنهنجي بخشش موجب جدا جدا ڪرپا بخشي آهي. انهيءَ ڪري ئي پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جڏهن هو مٿي چڙهي ويو، تڏهن قيدين کي پاڻ سان وٺي ويو، ۽ ماڻهن کي سوکڙيون ڏنائين.“ هاڻي مسيح جي مٿي چڙهي وڃڻ جو مطلب هن کان سواءِ ٻيو ڇا آهي تہ هو هيٺ ڌرتيءَ تي بہ لٿو. هو جيڪو هيٺ لٿو سو اهو ساڳيو ئي آهي جيڪو آڪاش تي سڀني کان مٿاهينءَ جاءِ تي چڙهي ويو، انهيءَ لاءِ تہ هو آڪاش توڙي ڌرتيءَ کي پاڻ سان ڀرپور ڪري. مسيح پنهنجي بخشش واري ڪرپا اهڙي نموني ورهائي جو ڪن کي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت، ڪن کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ، ڪن کي خوشخبريءَ جو پرچار ڪندڙ ۽ ڪن کي منڊليءَ جا سنڀاليندڙ ۽ سکيا ڏيندڙ مقرر ڪيائين. مسيح انهيءَ لاءِ اهو ڪيو تہ جيئن هن ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ماڻهو سيوا جي ڪم جي مڪمل تربيت حاصل ڪن ۽ سندس شرير يعني منڊليءَ جي ترقيءَ جو سبب بڻجن. ايستائين جو اسين سڀ جو سڀ ايشور جي پٽ کي ڄاڻڻ ۽ مٿس وشواس رکڻ ۾ هڪ ٿي ڪامل انسان بڻجون. هائو، اسين وشواس ۾ بالغ ٿيون يعني مسيح وانگر پوريءَ طرح ڪامل بڻجي وڃون، تہ جيئن اسين ٻارڙا نہ رهون. مطلب تہ اسين ماڻهن جي ٺڳيءَ ۽ سندن مڪاريءَ وارن ڀَٽڪائيندڙ منصوبن جي ڪري هر ڪوڙي سکيا جي وسيلي هيڏانهن هوڏانهن گهلبا نہ وتون. پر اٽلندو اسين پيار جي جذبي سان سچ تي هلي سڀني ڳالهين ۾ وڌندي پوري نموني مسيح سان گڏجي هڪ ٿيون، جيڪو منڊليءَ جو مٿو آهي. انهيءَ مٿي جي ئي وسيلي شرير جا سڀ عضوا پاڻ ۾ ڳنڍجن ٿا ۽ شرير جو سنڌ سنڌ انهيءَ سان جڙيل هئڻ ڪري قائم رهي ٿو. سو جيڪڏهن هر هڪ عضوو پنهنجو پنهنجو ڪم صحيح نموني ۾ ڪري ٿو تہ سڄو شرير وڌي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي پيار جي وسيلي ترقي وٺائيندو رهي ٿو. جيئن تہ اسين پرڀو يسوع جا آهيون، تنهنڪري آءٌ اوهان کي تاڪيد ڪندي چوان ٿو تہ اوهين غير قومن واري غلط رستي کي ڇڏي اڳتي سندن اجاين خيالن موجب جيون نہ گذاريو. اهڙو جيون گذارڻ وارا عقل جا انڌا آهن. سندن دلين جي سختيءَ ۽ جهالت جي ڪري ايشور جي ڏنل جيون ۾ سندن ڪوبہ حصو ڪونہ آهي. اهي ايترا تہ بي‌شرم ٿي چڪا آهن جو پاڻ کي عياشيءَ جي حوالي ڪيو اٿن. اهڙيءَ طرح هو هر قسم جا گندا ڪم گھڻي حرص سان ڪندا رهن ٿا. پر مسيح کي اوهان اهڙو ڪين ڄاتو آهي. اوهان تہ مسيح بابت سنديش ٻڌو آهي ۽ جيڪا سچائي هن ۾ آهي، تنهن جي سکيا هن جا هئڻ ڪري اوهان کي ڏني ويئي آهي. اها سکيا هي آهي تہ اوهين پنهنجي پراڻي انساني فطرت جيڪا برين خواهشن جي دوکي سبب بگڙندي ٿي وڃي، تنهن کي سندس اڳوڻي هلت چلت سميت لاهي ڇڏيو ۽ پنهنجي دل ۽ دماغ کي پوريءَ طرح نئون ٿيڻ ڏيو. ائين اوهين نئين فطرت کي لباس وانگر پهري ڇڏيو، جيڪا ايشور ۾ موجود حقيقي سچائيءَ ۽ پوِترتائيءَ سان پيدا ڪيل آهي. تنهنڪري ڪوڙ کي ڇڏي اوهان مان هر ڪو هڪٻئي سان سچ ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ اسين سڀ وشواسي هڪ ئي شرير جا عضوا آهيون. جيڪڏهن اوهان کي ڪاوڙ اچي وڃي تہ پاپ نہ ڪجو، بلڪ سج لهڻ کان اڳ اوهان جي ڪاوڙ بہ ختم ٿي وڃي. شيطان کي ڪوبہ موقعو نہ ڏيو. چوري ڪرڻ وارو اڳتي چوري نہ ڪري، پر اٽلندو ڪو چڱو ڪم اختيار ڪندي پنهنجي هٿن سان محنت ڪري، تہ جيئن ڪنهن ضرورتمند کي ڏيڻ لاءِ بہ وٽس ڪجھہ هجي. اوهان جي وات مان ڪابہ بري ڳالهہ نہ نڪري، پر اهڙي ڳالهہ نڪري جيڪا ضرورت موجب ٻين جي آتمڪ ترقيءَ جو سبب بڻجي، تہ جيئن ٻڌڻ وارن کي انهيءَ مان فائدو ملي. انهيءَ سان گڏ ايشور جي پوِتر آتما کي رنج نہ ڪريو، جيڪا انهيءَ ڏينهن لاءِ اوهان تي مُهر آهي جڏهن اوهين ڇڏايا ويندا. هر قسم جي ڪيني، ڏمر، ڪاوڙ، هل هنگامي ۽ گھٽ وڌ ڳالهائڻ کي هر طرح جي بدنيتيءَ سميت پاڻ کان پري ڪريو. هڪٻئي تي ديالو ۽ نرم دل ٿيو ۽ جهڙيءَ طرح ايشور مسيح جي وسيلي اوهان کي معاف ڪيو، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪٻئي کي معاف ڪندا رهو. مطلب تہ اوهين ايشور جا پيارا ٻار هئڻ جي حيثيت سان سندس پيروي ڪريو. اوهين پيار ڀريو جيون گذاريو، جيئن مسيح اسان سان پيار ڪندي اسان جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي ايشور جي آڏو خوشبودار ڀيٽا طور ٻليدان ڪري ڇڏيو. جيئن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ مناسب آهي، تيئن اوهان ۾ زناڪاري، ڪنهن بہ قسم جي حرامڪاري يا لالچ جو نالو بہ نہ هئڻ کپي. انهيءَ سان گڏ نالائقيءَ واريون هي ڳالهيون بہ نہ ڪرڻ کپن، جهڙوڪ: بي‌شرميءَ وارو ڳالهائڻ، اجائي بڪ بڪ ڪرڻ ۽ گندي چرچي بازي. اٽلندو شڪرگذاري ڪرڻ کپي. ياد رکو تہ ڪوبہ زناڪار يا ڪوبہ حرامڪار يا ڪوبہ لالچي ماڻهو جيڪو بتن جي پوجاريءَ جي برابر آهي، تنهن جو مسيح ۽ ايشور جي راڄ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي. خبردار، متان اهڙن ماڻهن جي اجاين ڳالهين سان اوهين ٺڳجي وڃو، ڇاڪاڻ تہ اهڙين ڳالهين جي ڪري نافرمانن تي ايشور جو ڏمر پرگھٽ ٿئي ٿو. تنهنڪري اوهين انهن سان شريڪ نہ ٿيو. ياد رکو تہ اڳي اوهين اوندهہ مثل هئا، پر هاڻي پرڀو يسوع جا هئڻ ڪري روشنيءَ مثل آهيو. سو اوهين روشنيءَ وارن جي راهہ تي هلو، ڇاڪاڻ تہ روشنيءَ جو ڦل هر طرح جي چڱائي، سچائي ۽ حق سچ آهي. اهڙو جيون گذاريندي اوهين پرکيندا رهو تہ پرڀو يسوع کي ڪهڙي ڳالهہ پسند آهي. اونداهيءَ جي اجاين ڪمن سان ڪو واسطو نہ رکو، پر اٽلندو انهن تي ڦٽڪار وجھو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪم نافرمان لڪي ڇپي ڪن ٿا، تن جو ذڪر ڪرڻ بہ شرم جهڙي ڳالهہ آهي. پر سڀڪا شيءِ جيڪا ڦٽڪار هيٺ اچي ٿي سا انهيءَ روشنيءَ جي ڪري پڌري ٿي پوي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اها روشني هر شيءِ کي روشن ڪري ٿي. انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو تہ ”اي ستل! جاڳي پئُہ، مئلن منجھان جيوت ٿي اُٿ، تہ مسيح جي روشني تو تي چمڪندي.“ تنهنڪري تمام خبرداريءَ سان ڏسو تہ ڪيئن ٿا جيون گذاريو. مورکن وانگر نہ گذاريو، پر ڏاهن وانگر نيڪي ڪرڻ جو ڪوبہ موقعو هٿان نہ وڃايو، ڇاڪاڻ تہ زمانو خراب آهي. انهيءَ ڪري مورک نہ ٿيو، پر سمجھو تہ پرڀو يسوع جي مرضي ڪهڙي آهي. هميشہ سڀني ڳالهين لاءِ اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي نالي ۾ ايشور پتا جا شڪرانا ادا ڪندا رهو. مسيح جي ادب جي ڪري اوهين هڪٻئي جي وس هيٺ رهو. تنهنڪري اي پتنيؤ! اوهين پنهنجن پتين جي اهڙيءَ طرح وس هيٺ رهو جهڙيءَ طرح پرڀو يسوع جي، ڇاڪاڻ تہ پتي پتنيءَ جو مٿو آهي، جيئن مسيح پنهنجي شرير يعني منڊليءَ جو مٿو ۽ ان جو بچائيندڙ آهي. سو جيئن منڊلي مسيح جي وس هيٺ آهي، تيئن پتنين کي بہ هر ڳالهہ ۾ پنهنجن پتين جي وس هيٺ رهڻ گھرجي. ساڳيءَ طرح اي پتيؤ! اوهين پنهنجين پتنين سان پيار ڪريو، جهڙيءَ طرح مسيح منڊليءَ سان پيار ڪيو ۽ ان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏيائين. هن انهيءَ ڪري ائين ڪيو تہ جيئن منڊليءَ کي خوشخبريءَ جي وسيلي پاڻيءَ سان اشنان ڪرائي صاف ڪري مخصوص ۽ پوِتر بڻائي. هن جو مقصد هو تہ هڪڙي اهڙي شاندار منڊلي پنهنجي اڳيان پيش ڪري، جنهن تي ڪوبہ داغ يا گھنج يا اهڙي ڪا ٻي شيءِ نہ هجي، بلڪ اها پوِتر ۽ بي‌عيب هجي. سو پتين کي بہ پنهنجين پتنين سان اهڙيءَ طرح پيار ڪرڻ کپي، جهڙيءَ طرح هو پنهنجن شريرن سان ڪن ٿا. جيڪو پنهنجي پتنيءَ سان پيار ڪري ٿو سو پنهنجو پاڻ سان پيار ڪري ٿو. ڏسو، ڪوبہ ماڻهو پنهنجي شرير کان ڪڏهن بہ نفرت نہ ٿو ڪري، اٽلندو انهيءَ کي اهڙي نموني کارائي پيئاري ٿو ۽ انهيءَ جي پالنا ڪري ٿو، جهڙي نموني مسيح منڊليءَ کي سنڀالي ٿو، ڇاڪاڻ تہ اها سندس شرير آهي ۽ اسين انهيءَ شرير جا عضوا آهيون. پتي پتنيءَ بابت پوِتر شاستر ۾ انهيءَ ڪري ئي لکيو ويو آهي تہ ”مرد پنهنجي ماتا پتا کي ڇڏي پنهنجي پتنيءَ سان گڏجي رهندو ۽ ٻئي هڪ شرير ٿي ويندا.“ اهو هڪڙو وڏو ڀيد آهي. پر هتي آءٌ چوان ٿو تہ انهيءَ ڀيد جو واسطو مسيح ۽ منڊليءَ سان آهي. اهو اوهان سان بہ واسطو رکي ٿو تہ اوهان مان هر هڪ پتيءَ کي پنهنجي پتنيءَ سان اهڙو پيار ڪرڻ گھرجي جهڙو پيار هو پاڻ سان ٿو ڪري ۽ پتنيءَ کي بہ پنهنجي پتيءَ جو ادب ڪرڻ گھرجي. اي ٻارؤ! پرڀو يسوع جا هئڻ ڪري پنهنجي ماتا پتا جا فرمانبردار رهو، ڇو تہ ائين ڪرڻ واجب آهي. پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”پنهنجي ماتا پتا کي مان ڏيو.“ هي پهريون حڪم آهي جنهن سان هي وچن بہ شامل آهي: ”تہ جيئن اوهان جو ڀلو ٿئي ۽ ڌرتيءَ تي وڏي عرصي تائين جيوت رهو.“ اي پتا! اوهين پنهنجن ٻارن کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو نہ، بلڪ کين اهڙي تربيت ۽ نصيحت ڏيئي سندن پالنا ڪريو جيڪا پرڀو يسوع کي پسند هجي. اي غلامؤ! جهڙيءَ طرح اوهين مسيح جا فرمانبردار آهيو، تهڙيءَ طرح پنهنجن سنساري مالڪن جا بہ صاف‌دليءَ سان ڊڄندي ۽ ڏڪندي فرمانبردار رهو. انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏيکاءَ طور نہ، پر مسيح جي داس جي حيثيت ۾ دل سان سيوا ڪندي ايشور جي مرضي پوري ڪريو. هائو، تن ۽ من سان اهڙيءَ طرح سيوا ڪريو، جو ڄڻ تہ ماڻهن جي نہ پر پرڀو يسوع جي سيوا ٿا ڪريو. اوهين ڄاڻو ٿا تہ ڪوبہ ماڻهو، پوءِ اهو غلام هجي توڙي آزاد، جيڪو بہ چڱو ڪم ڪندو تنهن جو لاڀ پرڀو يسوع کان ملندس. اي مالڪؤ! اوهين بہ پنهنجن غلامن سان ساڳيو سلوڪ ڪريو. کين ڌمڪايو نہ، ڇو تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ انهن جو ۽ اوهان جو، ٻنهي جو مالڪ آڪاش تي آهي ۽ اهو ڪنهن جي بہ طرفداري ڪونہ ڪندو آهي. انهيءَ کان علاوہ اوهين سڀ پرڀو يسوع ۾ سندس شڪتيءَ سان ڀرپور ٿي ٻلوان ٿيو. ايشور جا سڀ هٿيار ٻڌو، تہ جيئن شيطان جي سازشن جو مقابلو ڪندي قائم رهي سگھو. ياد رکو تہ اسان جي جنگ انسانذات سان نہ، پر هن سنسار تي ڇانيل اونداهيءَ وارين طاقتن، اختياريءَ وارن ۽ حاڪمن سان ۽ ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ بڇڙين آتمائن جي لشڪرن سان آهي. تنهنڪري ايشور جا سڀ هٿيار ٻڌي تيار رهو، تہ جيئن انهن جي حملي وارن برن ڏينهن ۾ سندن مقابلو ڪري سگھو ۽ سڀ ڪجھہ ڪرڻ کان پوءِ بہ مضبوطيءَ سان قائم رهي سگھو. تہ پوءِ ثابت قدم رهو، چيلهہ سان سچ جو سندرو ٻڌو ۽ ڇاتيءَ تي سچائيءَ جو لوهي سينابند ڍڪيو. پنهنجي پيرن ۾ ميل ميلاپ واري خوشخبريءَ جي جتي پائي تيار رهو. انهن سان گڏ وشواس جي ڍال کڻو، جنهن سان اوهين انهيءَ بدڪار يعني شيطان جي سڀني ٻرندڙ تيرن کي اُجھائي سگھو. پنهنجي مٿي تي مڪتيءَ جو لوهي ٽوپ پايو ۽ پوِتر آتما جي تلوار، يعني ايشور جو وچن پاڻ سان کڻو. پوِتر آتما جي هدايت سان هر وقت ۽ هر حالت ۾ پرارٿنا ۽ منٿ سان ايشور کان مدد گھرندا رهو. مسيح ۾ سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ بہ هميشہ ائين ئي پرارٿنا ڪندا رهو، انهيءَ لاءِ سجاڳ رهو ۽ همت نہ هاريو. منهنجي لاءِ بہ پرارٿنا ڪندا ڪريو تہ ڳالهائڻ وقت مون کي شڪتيءَ وارا لفظ ڏنا وڃن، تہ جيئن آءٌ خوشخبريءَ جو ڀيد دليريءَ سان ظاهر ڪندو رهان. انهيءَ خوشخبريءَ لاءِ مسيح مون کي چونڊيو آهي ۽ انهيءَ جي ٻڌائڻ ڪري آءٌ قيد ۾ زنجيرن سان ٻڌل آهيان. پرارٿنا ڪريو تہ اها بنا ڪنهن ڊپ جي ٻڌائيندو رهان، جيئن مون کي ٻڌائڻ کپي. تخڪُس، جيڪو پرڀو يسوع ۾ پيارو ڀاءُ ۽ سچو سيواداري آهي، سو اوهان کي منهنجيون سڀ ڳالهيون ٻڌائيندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين بہ منهنجي حال کان واقف ٿيو تہ آءٌ ڪيئن ٿو گذاريان. آءٌ هن کي اوهان ڏانهن انهيءَ مقصد لاءِ موڪلي رهيو آهيان تہ اوهين ڄاڻي وٺو تہ اسين ڪيئن آهيون ۽ اهو بہ تہ جيئن هو اوهان جي دلين کي همتائي. ايشور پتا ۽ پرڀو يسوع مسيح جي طرفان شل سڀني ڀائرن ڀينرن تي شانتي هجي ۽ وشواس سان گڏ پريم حاصل ٿئي. شل انهن سڀني تي ڪرپا ٿيندي رهي، جيڪي اسان جي پرڀو يسوع مسيح سان امر پريم رکن ٿا. هي خط مون پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان آهي، جيڪي مسيح يعني يسوع جا داس آهيون. هي خط وشواسي منڊليءَ جي سنڀاليندڙن ۽ سيوڪن سميت يسوع مسيح ۾ انهن سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو جيڪي فلپي شهر ۾ رهن ٿا. شل اوهان تي اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي. جڏهن بہ اوهين ياد اچو ٿا، تڏهن آءٌ پنهنجي ايشور جو شڪر ٿو ڪريان. هر اها پرارٿنا، جيڪا اوهان سڀني لاءِ ٿو ڪريان سا هميشہ خوشيءَ سان ڪندو آهيان، ڇاڪاڻ تہ اوهين پهرئين ڏينهن کان وٺي اڄ تائين مسيح بابت خوشخبري ڦهلائڻ ۾ مون سان شريڪ رهيا آهيو. مون کي انهيءَ ڳالهہ جو يقين آهي تہ ايشور جيڪو چڱو ڪم اوهان ۾ شروع ڪيو آهي، سو يسوع مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين پورو ڪندو. سو اهو مناسب آهي تہ آءٌ اوهان سڀني جي باري ۾ خوش رهان، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي دل ۾ موجود آهيو ۽ ايشور جي ڪرپا ۾ مون سان شريڪ آهيو، نہ رڳو هن وقت جڏهن آءٌ قيد ۾ آهيان بلڪ مخالفن آڏو خوشخبريءَ کي سچو ثابت ڪرڻ ۽ قبول ڪندڙن اڳيان ان جو پرچار ڪرڻ وقت بہ. ڏسو، ايشور منهنجو شاهد آهي تہ يسوع مسيح جي پريت جهڙي اوهان سڀني لاءِ ڪيڏي نہ سڪ اٿم. سو منهنجي پرارٿنا آهي تہ ڄاڻ ۽ هر طرح جي سمجھہ سان گڏوگڏ اوهان ۾ پريم گھڻي کان گھڻو وڌندو وڃي، جنهن سان اوهين بهتر ڳالهين کي پرکي وٺو. اهو انهيءَ لاءِ تہ جيئن مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين اوهين صاف‌دل ۽ بي‌ڏوهي رهو. اهڙيءَ طرح ايشور جي مهانتا ظاهر ڪرڻ ۽ سندس مهما لاءِ اوهين سچائيءَ جي انهيءَ ڦل سان ڀريل رهو، جيڪو يسوع مسيح جي وسيلي ملي ٿو. هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهين ڄاڻي وٺو تہ مون سان جيڪي ڪجھہ ٿئي ٿو، سو حقيقت ۾ خوشخبريءَ جي واڌاري جو سبب ٿو بڻجي. ايتري قدر جو راجائي پلٽڻ جي سڀني سپاهين سميت سڀني ماڻهن ۾ مشهور ٿي ويو آهي تہ آءٌ مسيح جي خاطر قيد ۾ پيو آهيان. ان کان علاوہ منهنجي قيد هجڻ ڪري گھڻن وشواسين جو پرڀو يسوع ۾ ڀروسو ايتري قدر وڌي ويو آهي جو اهي وڌيڪ همت ۽ بي‌خوفيءَ سان مسيح بابت سنديش ٻڌائين ٿا. پوءِ انهن مان ڪي تہ مون سان ساڙ ۽ جھيڙي جي ڪري مسيح جو پرچار ڪن ٿا، تہ ڪي وري نيڪ نيتيءَ سان. نيڪ نيتيءَ وارا پريم جي ڪري ائين ٿا ڪن. اهي ڄاڻن ٿا تہ آءٌ مسيح بابت خوشخبريءَ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيل آهيان. پر ٻيا سچيءَ نيت سان نہ، بلڪ ساڙ جي ڪري انهيءَ خيال سان مسيح جو پرچار ٿا ڪن تہ جيئن منهنجي لاءِ قيد ۾ وڌيڪ مصيبت پيدا ٿئي. پر اها ڪا وڏي ڳالهہ ناهي. وڏي ڳالهہ هيءَ آهي تہ مسيح جو پرچار هر طرح سان ٿئي ٿو، پوءِ ڪو اها بري نيت سان ڪري ٿو يا سچيءَ نيت سان. انهيءَ سبب آءٌ خوش آهيان. هائو، آءٌ اڃا بہ خوش رهندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان جي پرارٿنائن ۽ يسوع مسيح جي مليل آتما جي مدد سان آءٌ قيد مان ڇڏائجي ويندس. حقيقت ۾ مون کي اميد، بلڪ پورو ڀروسو آهي تہ آءٌ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ شرمندو نہ ٿيندس. پر وڏي دليريءَ سان هميشہ وانگر هاڻي بہ آءٌ پنهنجي شرير جي وسيلي مسيح جي وڏائي ظاهر ڪندو رهندس، پوءِ توڙي جيوت رهان يا مري وڃان. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ مون لاءِ جيوت رهڻ جي معنيٰ آهي مسيح، جڏهن تہ مرڻ جي معنيٰ آهي نفعو. جيئن تہ هن شرير ۾ جيوت رهڻ ئي منهنجي انهيءَ سيوا واري ڪم لاءِ فائديمند آهي، تنهن هوندي بہ آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ ڇا کي پسند ڪريان. آءٌ ٻنهي ڳالهين جي وچ ۾ منجھي پيو آهيان. منهنجي خواهش تہ اها آهي تہ هن سنسار کي ڇڏي وڃي مسيح سان رهان، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ کان بهتر آهي. پر منهنجو شرير ۾ رهڻ اوهان جي خاطر وڌيڪ ضروري آهي. انهيءَ ڳالهہ جي پڪ هئڻ ڪري آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ جيوت رهي ڪري اوهان سڀني سان گڏ گذاريندس، تہ جيئن اوهان جي وشواس ۾ واڌارو ٿئي ۽ ان ۾ اوهين خوش رهو. سو اوهان وٽ ٻيهر اچڻ سان منهنجي ڪري اوهان جو فخر يسوع مسيح ۾ گھڻو وڌي ويندو. اوهين رڳو هي ڪريو جو پنهنجو روزانو جيون مسيح بابت خوشخبريءَ جي لائق گذاريو. پوءِ آءٌ اچي اوهان سان گڏجان يا نہ، تہ بہ احوال اهو ٻڌان تہ هڪڙي ئي پوِتر آتما ۾ قائم رهندي اوهين هڪ دل ٿي ڪري گڏجي سخت ڪوشش ڪندا ٿا رهو تہ ماڻهن ۾ خوشخبريءَ تي وشواس وڌندو رهي. آءٌ اهو بہ ٻڌان تہ اوهين پنهنجن مخالفن کان ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ نہ ٿا ڊڄو. اوهان جي وشواس واري اهڙي هلت هنن جي لاءِ برباديءَ جي نشاني آهي، پر اوهان جي لاءِ مڪتيءَ جي. اها نشاني ايشور جي طرفان آهي، ڇاڪاڻ تہ مسيح جي خاطر اوهان تي اها ڪرپا ٿي آهي تہ نہ رڳو مٿس وشواس رکو، بلڪ هن جي لاءِ تڪليفون بہ سهو. اوهين بہ خوشخبريءَ جي لاءِ ساڳيءَ سخت ڪوشش ۾ شامل آهيو، جيڪا اوهان مون کي ڪندي ڏٺي هئي ۽ هاڻي بہ ٻڌو ٿا تہ آءٌ ائين ئي پيو ڪريان. هاڻ جيڪڏهن اوهان کي مسيح ۾ هئڻ ڪري همت ملي ٿي، سندس پريم مان تسلي ٿئي ٿي، پوِتر آتما سان سنگت رکو ٿا ۽ اوهان کي همدردي ۽ ديا حاصل آهي، تہ پوءِ منهنجي هيءَ خوشي پوري ڪريو تہ هڪ دل ٿيو، هڪجهڙو پريم رکو، هڪ جان ٿيو ۽ هم‌خيال رهو. ذاتي لالچ ۽ اجائي هٺ کان ڪجھہ بہ نہ ڪريو، پر نماڻائيءَ سان هر ڪو ٻئي کي پاڻ کان بهتر سمجھي. اوهان مان هر هڪ رڳو پنهنجي باري ۾ نہ، پر ٻين جي باري ۾ بہ سوچي. اوهين اهڙو ئي سڀاءُ رکو جهڙو يسوع مسيح جو هو. جيتوڻيڪ هو پاڻ ايشور جو روپ هو، تہ بہ هن ايشور سان برابر هئڻ جي درجي کي زوريءَ پنهنجي قبضي ۾ رکڻ جي شيءِ نہ سمجھيو. اٽلندو پاڻ کي خالي ڪري ڇڏيائين، ۽ داس جو روپ ڌاري انسانن جهڙو ٿي ويو. انساني شڪل ۾ ظاهر ٿي ڪري هن پاڻ کي هيٺاهون ڪيو، ۽ ايتري قدر فرمانبردار رهيو جو موت، بلڪ سوليءَ وارو موت قبول ڪيائين. تنهنڪري ئي ايشور هن کي تمام گھڻو مٿاهون ڪيو، ۽ کيس اهو نالو بخشيائين جيڪو هر نالي کان اتم آهي. اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ يسوع جي نالي تي هر ڪو گوڏا کوڙي، پوءِ اهو آڪاش تي هجي يا ڌرتيءَ تي، يا وري هيٺ پاتال ۾ هجي، ۽ هر هڪ زبان اقرار ڪري تہ ”يسوع مسيح ئي پرڀو آهي،“ تہ جيئن ايشور پتا جي مهانتا جي مهما ٿئي. تنهنڪري اي منهنجا پريميؤ! جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو تيئن نہ رڳو منهنجي موجودگيءَ ۾ پر هاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ فرمانبرداري ڪندا رهو. سو اوهين ڊڄندي ۽ ڏڪندي اهڙا ڪم ڪندا رهو جو اوهان جي حاصل ڪيل مڪتيءَ جو مقصد پورو ٿئي. جڏهن تہ اهو ايشور ئي آهي جيڪو پنهنجي نيڪ ارادي موجب اوهان ۾ ڪم ڪندو رهي ٿو، تہ جيئن اوهين سندس مرضي قبول ڪريو ۽ انهيءَ تي عمل بہ ڪريو. سڀ ڪم شڪايت ۽ تڪرار ڪرڻ کان سواءِ ڪندا رهو، تہ جيئن اوهين بي‌ڏوهي ۽ معصوم ٿي ڪري ڏنگن ۽ ڀَٽڪيل ماڻهن جي هن سنسار ۾ ايشور جا بي‌عيب ٻار ثابت ٿيو. مطلب تہ انهن جي وچ ۾ اوهين ائين چمڪو جيئن آڪاش ۾ ستارا ۽ انهن منجھہ جيون جي سنديش تي قائم رهو. اوهين انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪندا رهو، تہ جيئن آءٌ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تي فخر ڪري سگھان تہ منهنجي ڊڪ ڊوڙ ۽ محنت اجائي نہ ٿي. پوءِ ڀلي اوهان جي وشواس واري سيوا جيڪا هڪ ٻليدان مثل آهي، تنهن تي جيڪڏهن مون کي پنهنجو رت بہ وهائڻو پوي تہ بہ آءٌ خوش آهيان ۽ اوهان سڀني سان گڏ خوشي ٿو ڪريان. اوهين بہ ساڳيءَ طرح خوش ٿيو ۽ مون سان گڏ خوشي ڪريو. مون کي اميد آهي تہ پرڀو يسوع جي مرضيءَ سان آءٌ تيمٿيس کي جلد اوهان ڏانهن موڪليندس، تہ جيئن هن کان هڪٻئي جو حال احوال ٻڌي اوهان سان گڏ مون کي بہ دلجاءِ ٿئي. مون وٽ هن جهڙو ٻيو ڪوبہ هم‌خيال ماڻهو ڪونهي، جنهن کي سچ پچ اوهان جي ڀلائيءَ لاءِ ڳڻتي هجي. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ هر ڪو ماڻهو يسوع مسيح جي ڳالهين کي نہ، بلڪ پنهنجي مطلب جي ڳالهين کي ٿو ڏسي. جڏهن تہ تيمٿيس جي ڀروسي جوڳو ثابت ٿيڻ جي اوهان کي ڄاڻ آهي جو هن مون سان گڏجي خوشخبري ڦهلائڻ جي ائين سيوا ڪئي آهي جيئن ڪو پٽ پتا سان گڏجي ڪم ڪري. تنهنڪري جڏهن آءٌ ڏسندس تہ منهنجيون موجودہ ڳالهيون حل ٿي ويون آهن، تڏهن اميد اٿم تہ کيس هڪدم اوهان ڏانهن روانو ڪندس، بلڪ مون کي پرڀو يسوع تي ڀروسو آهي تہ آءٌ پاڻ بہ جلد ايندس. هن وقت آءٌ اهو ضروري ٿو سمجھان تہ اِپفروديتس کي واپس اوهان ڏانهن موڪليان، جيڪو مسيح ۾ منهنجو ڀاءُ، ساٿي سيواداري ۽ ساٿي سپاهي آهي. هي اوهان جو نياپو پهچائيندڙ بہ آهي، جنهن کي اوهان منهنجي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ سيوڪ طور مون ڏانهن موڪليو هو. آءٌ کيس انهيءَ ڪري واپس موڪليان ٿو جو اوهان سڀني جي ڏاڍي سڪ اٿس، بلڪ هو بي‌چين ٿو رهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان سندس بيماريءَ بابت ٻڌو هو. هو ايتري قدر بيمار هو جو مرڻ تي هو. پر ايشور مٿس ديا ڪئي، نہ رڳو هن تي پر مون تي بہ، جو مون کي ڏک پٺيان ڏک کان بچايائين. تنهنڪري مون کي اڃا بہ وڌيڪ خيال ٿيو تہ کيس جلدي اوهان ڏانهن موڪليان، تہ جيئن اوهين کيس وري ڏسي خوش ٿيو ۽ منهنجي چنتا بہ گھٽجي وڃي. سو پرڀو يسوع ۾ وڏي خوشيءَ سان سندس آڌرڀاءُ ڪجو ۽ هن جهڙن شخصن کي مان ڏيندا رهجو، ڇاڪاڻ تہ هو مسيح جي سيوا خاطر پنهنجي جان جوکي ۾ وجھي مرڻ تي هو. هن انهيءَ لاءِ ائين ڪيو تہ جيئن اوهان جي غير حاضريءَ سبب منهنجي سيوا ۾ اوهان جي طرفان جيڪا ڪمي رهجي ويئي هئي، تنهن کي هو پورو ڪري. اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! پرڀو يسوع جا هئڻ ڪري اوهين خوش رهو. ساڳيون ڳالهيون اوهان ڏانهن بار بار لکندي مون کي ڪابہ تڪليف ڪونہ ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ تہ اهو اوهان جي بچاءَ لاءِ آهي. ڪتن کان خبردار رهو، يعني انهن ماڻهن کان جيڪي برائي ٿا ڪن ۽ شرير کي وڍائڻ يعني ختنو ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڪن. ياد رکو تہ حقيقي ختنو ڪرايل اسين آهيون، جيڪي ايشور جي پوِتر آتما جي مرضيءَ سان جيون گذاريون ٿا، يسوع مسيح تي فخر ڪريون ٿا ۽ شرير وارين ڳالهين تي وشواس نہ ٿا رکون. ڏسو، آءٌ بہ پنهنجي شرير وارين ڳالهين تي وشواس رکي ٿو سگھان. هائو، جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو سمجھي ٿو تہ هو شرير وارين ڳالهين تي وشواس رکي ٿو سگھي، تہ آءٌ انهيءَ کان بہ وڌيڪ رکي ٿو سگھان. اهو انهيءَ لاءِ آهي جو دستور موجب اٺين ڏينهن تي منهنجو ختنو ٿيو، آءٌ بني اسرائيل قوم جو آهيان، آءٌ انهيءَ جي بنيامين قبيلي مان آهيان، آءٌ عبرانين ۾ پڪو عبراني آهيان ۽ موسيٰ جي نيم تي عمل جي لحاظ کان آءٌ ڪنهن وقت يهودين جي ڪٽر فرقي فريسيءَ مان هئس. ڌرمي غيرت جي لحاظ کان آءٌ وشواسي منڊليءَ جو ستائيندڙ هئس ۽ جيڪڏهن يهودين جي نيم طور سچي هئڻ جو ڪو سوال آهي تہ ان لحاظ کان آءٌ بي‌داغ هئس. پر جيڪي بہ ڳالهيون ان وقت منهنجي فائدي جون هيون، سي هاڻي مسيح جي خاطر مون نقصان سمجھيون آهن. سچ تہ يسوع مسيح جيڪو منهنجو پرڀو آهي، تنهن کي ڄاڻڻ واري مهان خوبيءَ جي ڀيٽ ۾ آءٌ هر هڪ شيءِ کي نقصان برابر ٿو سمجھان. هن جي خاطر مون سڀني شين تان هٿ کنيو آهي ۽ انهن کي گند ٿو سمجھان، تہ جيئن آءٌ مسيح کي حاصل ڪريان ۽ هن سان پوريءَ طرح گڏيل ثابت ٿيان. اهو منهنجي انهيءَ سچائيءَ رکڻ سان ناهي جيڪا نيم تي عمل ڪرڻ وسيلي آهي، پر انهيءَ سچائيءَ سبب آهي جيڪا مسيح تي وشواس آڻڻ جي وسيلي حاصل ٿئي ٿي. هائو، وشواس جي ڪري ئي ايشور ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي. آءٌ رڳو اهو چاهيان ٿو تہ مسيح ۽ سندس وري جيوت ٿي اٿڻ جي شڪتيءَ کي ڄاڻي وٺان. آءٌ هن جي تڪليفن ۾ شريڪ ٿيندي سندس موت ۾ شامل ٿيڻ چاهيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ من ڪنهن طرح مئلن منجھان جيوت ٿي اٿڻ جي درجي کي حاصل ڪريان. آءٌ ائين نہ ٿو چوان تہ اهو سڀ ڪجھہ حاصل ڪري ورتو اٿم، يا آءٌ ڪامل ٿي چڪو آهيان، پر انهيءَ مقصد کي هٿ ڪرڻ جي اميد رکي اڳتي ڊوڙندو ٿو وڃان، جنهن لاءِ يسوع مسيح مون کي هٿ ڪيو آهي. هائو، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اها دعويٰ نہ ٿو ڪريان تہ مون اهو انعام کٽي ورتو آهي. پر منهنجي ڪوشش رڳو اها آهي تہ جيڪي ڪجھہ پٺتي رهجي ويو آهي تنهن کي وساري، جيڪي ڪجھہ اڳيان آهي تنهن منزل ڏانهن زور لڳائيندو ڊوڙندو وڃان، تہ جيئن سربلنديءَ وارو اهو انعام کٽان جنهن جو سڏ يسوع مسيح ۾ شامل هئڻ ڪري ايشور وٽان آيو آهي. تنهنڪري اسان مان جيڪي آتما جي لحاظ کان بالغ آهن، تن کي اهو ئي خيال رکڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪنهن ڳالهہ ۾ اوهان جو ڪو ٻيو خيال هجي تہ ايشور انهيءَ کي بہ اوهان تي کولي پڌرو ڪندو. بهرحال اسان کي رڳو ايترو ڪرڻو آهي تہ جنهن حد تائين اسين سمجھون ٿا، تنهن موجب جيون گذاريون. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين سڀيئي گڏجي مون وانگر هلو ۽ انهن ماڻهن تي پڻ ڌيان ڏيندي جيون گذاريو، جيڪي اسان جي نموني تي هلن ٿا. ڏسو، گھڻا ئي اهڙا ماڻهو بہ آهن جن بابت اڳ ڪيترائي دفعا مون اوهان کي ٻڌايو آهي ۽ هاڻي وري بہ روئي روئي ٿو چوان تہ اهي اهڙا آهن جن جي هلت چلت مان ظاهر ٿو ٿئي تہ اهي مسيح جي سوليءَ جا دشمن آهن. اهڙن ماڻهن جو انت بربادي آهي، انهن جو ايشور سندن پيٽ آهي، اهي پنهنجي شرمناڪ ڳالهين تي فخر ٿا ڪن ۽ کين رڳو سنساري شين جي چنتا ٿي رهي. جڏهن تہ اسين جن جو ديس آڪاش تي آهي، سي وڏي چاهہ سان انهيءَ مڪتي ڏيندڙ، يعني پرڀو يسوع مسيح جي اتان موٽي اچڻ جي انتظار ۾ آهيون. هو پنهنجي انهيءَ شڪتيءَ سان، جنهن جي ذريعي هر شيءِ کي پنهنجي هٿ هيٺ آڻي ٿو سگھي، اسان جي خسيس شرير کي بدلائي پنهنجي مهانتا واري شرير جي روپ جهڙو ڪندو. تنهنڪري اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين، جن جو آءٌ سڪايل آهيان ۽ جيڪي منهنجي خوشي ۽ تاج آهيو، سي اي پريميؤ! پرڀو يسوع ۾ انهيءَ طرح ئي قائم رهو. آءٌ ڀيڻ يوئوديا ۽ ڀيڻ سنتخي ٻنهي کي وينتي ٿو ڪريان تہ پرڀو يسوع جون هئڻ ڪري هڪ دل ٿي رهن. اي سچا ساٿي! آءٌ تو کي بہ وينتي ٿو ڪريان تہ انهن نارين جي صلح ڪرائڻ ۾ سندن مدد ڪر. انهن ٻنهي ڪليمنس توڙي منهنجي ٻين ساٿي سيوادارين سان شامل ٿي مون سان گڏجي خوشخبري ڦهلائڻ ۾ سخت محنت ڪئي آهي. هنن سڀني جا نالا ايشور وٽ جيون شاستر ۾ لکيل آهن. پرڀو يسوع ۾ اوهين هر وقت خوش رهو. آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ خوش رهو. اوهين سڀني ماڻهن سان نرم دليءَ سان پيش اچو. اها ڳالهہ نہ وساريو تہ پرڀو يسوع اسان جي ويجھو آهي. سو ڪنهن بہ ڳالهہ جي چنتا نہ ڪريو، بلڪ هر ڳالهہ بابت پنهنجيون وينتيون اوهين پرارٿنا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪندي ايشور جي شرڻ ۾ پيش ڪندا رهو. تڏهن ايشور جي شانتي، جيڪا انساني سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهي، سا اوهان جي دلين ۽ خيالن کي يسوع مسيح ۾ محفوظ رکندي. هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي بہ ڳالهيون سچيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون شرافت جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون صحيح آهن، جيڪي بہ ڳالهيون پوِتر آهن، جيڪي بہ ڳالهيون وڻندڙ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون من کي موهيندڙ آهن، مطلب تہ جيڪي بہ نيڪيءَ واريون ۽ ساراهہ جي لائق ڳالهيون آهن انهن تي ويچار ڪندا رهجو. جيڪي بہ ڳالهيون اوهان مون کان سکيون، حاصل ڪيون يا ٻڌيون، يا وري مون ۾ ڏٺيون آهن، تن تي عمل ڪندا رهو. پوءِ شانتي بخشيندڙ ايشور اوهان سان گڏ هوندو. آءٌ پرڀو يسوع ۾ نهايت خوش آهيان، جو اوهان کي منهنجو ساٿ ڏيڻ لاءِ نئين سر ڳڻتي پيدا ٿي. بيشڪ اڳي بہ اوهان کي اهڙي ڳڻتي هئي، پر انهيءَ کي ظاهر ڪرڻ جو گھڻي وقت کان اوهان کي موقعو نہ ٿي مليو. هيءَ ڳالهہ آءٌ ضرورتمند هجڻ ڪري نہ ٿو چوان، ڇاڪاڻ تہ مون هر حالت ۾ راضي رهڻ سکيو آهي. آءٌ اڻ‌هوند کي بہ ڄاڻان ٿو ۽ جھجھي مقدار ۾ هئڻ کي بہ ڄاڻان ٿو. مون هر ڳالهہ ۾ ۽ هر حالت ۾ راضي رهڻ جو ڀيد سکيو آهي، پوءِ ڍاول هجان توڙي بکايل، خوشحال هجان توڙي ڪنگال. مطلب تہ پرڀو يسوع جيڪو مون کي شڪتي بخشي ٿو تنهن ۾ آءٌ هر ڳالهہ کي منهن ڏيئي ٿو سگھان. تنهن هوندي بہ اوهان چڱو ڪيو جو مدد ڪندي منهنجي تڪليفن ۾ شامل ٿيا. اي فلپيؤ! اوهين پاڻ بہ ڄاڻو ٿا تہ خوشخبريءَ جي پرچار وارن شروعاتي ڏينهن ۾ جڏهن آءٌ اوهان جي صوبي مڪدُنيا مان روانو ٿي رهيو هئس تہ اوهان کان سواءِ ٻي ڪابہ وشواسي منڊلي، ڏيڻ وٺڻ جي معاملي ۾ مون سان شامل نہ ٿي. هائو، جڏهن آءٌ مڪدُنيا صوبي جي ٿِسلُنيڪي شهر ۾ ئي هئس، تڏهن منهنجي ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ اوهان هڪ کان وڌيڪ ڀيرا مون ڏانهن مدد موڪلي. ائين نہ آهي تہ آءٌ بخشش ٿو گھران، پر آءٌ انهيءَ بخشش جو اوهان لاءِ اهڙو ڦل ٿو چاهيان جيڪو اوهان جي کاتي ۾ وڌندو رهي. هي خط ڄڻ تہ منهنجي رسيد آهي تہ اوهان جون موڪليل شيون اِپفروديتس جي هٿان مون کي مليون آهن. هاڻي مون وٽ سڀ ڪجھہ آهي، بلڪ جھجھائي سان آهي. اها امداد خوشبودار ۽ اهڙو قبول پوندڙ ٻليدان آهي، جنهن کي ايشور پسند ٿو ڪري. ائين منهنجو ايشور پنهنجي جھجھي خزاني مطابق يسوع مسيح جي وسيلي اوهان جي هر هڪ ضرورت کي پورو ڪندو. شل اسان جي ايشور ۽ پتا جي مهانتا جي مهما هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين. يسوع مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل هر هڪ کي نمسڪار ڏجو. جيڪي وشواسي ڀائر ڀينر مون سان گڏ آهن سي اوهان کي نمسڪار ٿا چون. مسيح ۾ سمورا چونڊي پوِتر ڪيل، خاص ڪري اهي جيڪي قيصر جي محل ۾ آهن، اوهان کي نمسڪار ٿا چون. شل پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا اوهان سڀني تي هجي. هي خط مون پولس، جيڪو ايشور جي مرضيءَ سان مسيح يعني يسوع جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان آهي. هي خط ڪلسي شهر ۾ رهندڙ چونڊي پوِتر ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي مسيح ۾ وفادار ڀائر ڀينر آهن. شل اوهان تي اسان جي پتا ايشور جي ڪرپا ۽ شانتي هجي. اسين جڏهن بہ اوهان لاءِ پرارٿنا ٿا ڪريون، تڏهن هميشہ ايشور جا شڪرانا ادا ٿا ڪريون، جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو پتا آهي. شڪرانن جو سبب هي آهي تہ اسان ٻڌو آهي تہ اوهين يسوع مسيح تي وشواس رکو ٿا ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن سان پيار ٿا ڪريو. اوهان جي انهيءَ وشواس ۽ پيار جو دارومدار انهيءَ اميد تي آهي، جيڪا اوهان لاءِ آڪاش تي مخصوص ٿيل آهي. اوهان ان جو ذڪر اڳي ئي انهيءَ خوشخبريءَ جي سچي سنديش ۾ ٻڌو آهي، جيڪا اوهان وٽ پهچي چڪي آهي. جڏهن اوهان اها خوشخبري ٻڌي ۽ سمجھيو تہ حقيقت ۾ ايشور جي ڪرپا ڇا آهي، تڏهن کان وٺي اها اوهان ۾ بہ اهڙيءَ طرح ڦل پيدا ڪندي ۽ وڌندي ٿي رهي، جهڙيءَ طرح سڄي سنسار ۾. انهيءَ خوشخبريءَ جي سکيا اوهان اسان جي پياري اِپفراس کان حاصل ڪئي، جيڪو اسان وانگر پرڀو يسوع جو داس آهي. مسيح جو هي وفادار سيوڪ اوهان ۾ سيوا پيو ڪري. هن جي ڏنل احوال مان اهو ظاهر ٿئي ٿو تہ پوِتر آتما اوهان ۾ ڪيڏو نہ پريم پيدا ڪيو آهي. جنهن ڏينهن اسان اوهان جي باري ۾ اهو سڀ ٻڌو، تنهن ڏينهن کان وٺي اوهان لاءِ ايشور کي پرارٿنا ۽ هيءَ وينتي ڪرڻ کان بس نہ ٿا ڪريون تہ شل هو اوهان کي پوِتر آتما جي سموري ڏاهپ ۽ سمجھہ بخشيندي پنهنجي مرضيءَ جي ڄاڻ سان ڀري ڇڏي. اها پرارٿنا اسين انهيءَ لاءِ ٿا ڪريون تہ جيئن اوهين پنهنجو جيون پرڀو يسوع جي لائق گذاريو ۽ کيس هر طرح خوش رکو. هائو، اوهين هر ڪنهن نيڪ ڪم ۾ ڦلدار ٿيندي ايشور کي ڄاڻڻ ۾ وڌندا وڃو. انهيءَ لاءِ ضروري آهي تہ اوهين سندس مهانتا واري شڪتيءَ سان هر طرح ٻلوان ٿيندا وڃو. پوءِ اوهين هر حالت ۾ صبر ۽ برداشت ڪندي خوشيءَ سان ايشور پتا جا شڪرانا ادا ڪندا، جنهن اوهان کي روشنيءَ واري راڄ ۾ انهيءَ ورثي جا حصيدار ٿيڻ جي لائق ڪيو آهي، جيڪو هن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ مقرر ڪيو آهي. هن اسان کي اونداهيءَ جي چنبي مان ڇڏائي پنهنجي پياري پٽ جي راڄ ۾ آندو، جنهن جي وسيلي اسان کي مڪتي، يعني پاپن جي معافي ملي آهي. ايشور جيڪو ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي، تنهن جو ظاهري روپ مسيح آهي. هو سڀني رچيل شين کان پهريان موجود هو، سو هو پهريتي هئڻ جو حق رکي ٿو. سڀ شيون، آڪاش ۾ توڙي ڌرتيءَ تي، ڏسڻ ۾ ايندڙ توڙي نہ ايندڙ، تخت هجن توڙي طاقتون، حڪومتون هجن توڙي اختياريون، مطلب تہ ايشور سموريون شيون هن ۾ شامل، هن جي وسيلي ۽ هن جي لاءِ پيدا ڪري قائم رکيون آهن. اهو ئي سڀني شين کان اڳي موجود آهي ۽ هن ۾ ئي سڀ شيون ترتيب سان قائم رهن ٿيون. اهو ئي وشواسي منڊليءَ جو مٿو آهي جيڪا سندس شرير آهي. اهو ئي منڍ آهي ۽ اهو ئي مئلن منجھان جيوت ٿي اٿڻ ۾ پهريتو آهي، انهيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ اول درجو هن جو ئي ٿئي. اهو سڀ ڪجھہ انهيءَ ڪري آهي جو ايشور کي اهو وڻيو تہ سندس سڄي ڀرپوري انهيءَ ۾ ئي رهي. ايشور جي مرضي اها بہ هئي تہ سوليءَ تي وهايل مسيح جي رت جي وسيلي ميل ميلاپ ڪري سندس معرفت سڀني شين جو پاڻ سان رابطو بحال ڪري، پوءِ اهي ڌرتيءَ تي هجن توڙي آڪاش ۾. ڪنهن وقت اوهين ايشور جي شرڻ کان ٻاهر هئا ۽ بري سوچ رکندي بڇڙا ڪم ڪرڻ سبب سندس دشمن هئا. پر هاڻي هن مسيح جي شريري موت جي وسيلي اوهان جو پاڻ سان رابطو بحال ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هو اوهان کي پوِتر، بي‌عيب ۽ بي‌الزام بڻائي پنهنجي شرڻ ۾ حاضر ڪري. پر شرط هي آهي تہ جيڪا خوشخبري اوهان ٻڌي آهي تنهن جي اميد نہ ڇڏيو ۽ اوهان جو وشواس انهيءَ خوشخبريءَ جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رهي. انهيءَ خوشخبريءَ جو پرچار آڪاش هيٺان رهندڙ سڄي مخلوق ۾ ڪيو ويو آهي ۽ آءٌ پولس انهيءَ خوشخبريءَ جو سيوڪ ٿيو آهيان. هاڻي آءٌ انهن ڏکن سورن جي ڪري خوش آهيان، جيڪي اوهان جي خاطر پيو سهان. اهڙيءَ طرح مسيح جي تڪليفن سهڻ جي جيڪا ڪمي سندس شرير، يعني منڊليءَ جي مضبوطيءَ لاءِ آهي، تنهن کي آءٌ پنهنجي شرير ۾ پورو پيو ڪريان. ايشور مون کي منڊليءَ جو سيوڪ مقرر ڪري اها ذميواري ڏني آهي تہ آءٌ مسيح بابت ايشور جو سنديش اوهان وٽ پوريءَ طرح پيش ڪريان. انهيءَ سنديش ۾ هڪ ڀيد آهي، جيڪو اڳين زمانن ۾ پيڙهين کان ڳجھو رکيو ويو هو. پر هاڻي اهو مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن تي ظاهر ڪيو ويو آهي. انهن تي ايشور اهو ظاهر ڪرڻ ٿي چاهيو تہ انهيءَ ڀيد جي دولت سڀني قومن لاءِ ڪيڏي نہ مهانتا ڀري آهي. اهو ڀيد هي آهي تہ مسيح جيڪو اوهان ۾ آهي، سو ايشور جي جوت ۾ شريڪ ٿيڻ جي اميد آهي. اسين انهيءَ مسيح بابت ئي سنديش ٻڌايون ٿا ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هر ڪنهن کي سمجھايون ۽ سکيا ڏيون ٿا، تہ جيئن هر هڪ کي مسيح ۾ ڪامل بڻائي ايشور جي شرڻ ۾ پيش ڪريون. انهيءَ مقصد لاءِ ئي آءٌ ايشور جي انهيءَ شڪتيءَ موجب سخت جدوجهد ٿو ڪريان، جيڪا مون ۾ زور سان اثر ڪري ٿي. آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهين ڄاڻي وٺو تہ اوهان لاءِ، اوهان جي ڀر واري شهر لوديڪيا ۾ رهندڙن لاءِ ۽ انهن سڀني لاءِ جن ذاتي طور مون کي نہ ڏٺو آهي، آءٌ ڪيتري قدر سخت جدوجهد ٿو ڪريان. اهو آءٌ انهيءَ ڪري ٿو ڪريان تہ انهن جي دلين ۾ همت پيدا ٿئي ۽ اهي پيار سان پاڻ ۾ هڪ ٿي رهن. آءٌ چاهيان ٿو تہ اهي پوري اعتماد سان سمجھہ واري اهڙي دولت حاصل ڪن جنهن سان ايشور جي ڀيد، يعني مسيح کي ڄاڻين، جنهن ۾ ڏاهپ ۽ ڄاڻ جا سڀ خزانا لڪل آهن. هي آءٌ انهيءَ ڪري ٿو چوان تہ متان ڪو ماڻهو مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون ڪري اوهان کي ڀَٽڪائي نہ وجھي. ڏسو، جيتوڻيڪ آءٌ شرير جي لحاظ کان اوهان وٽ موجود نہ آهيان، تڏهن بہ آتما جي لحاظ کان اوهان وٽ موجود آهيان. آءٌ اوهان جي باقاعدگيءَ واري چال چلت ۽ مسيح تي اوهان جو پختو وشواس ڏسي خوش ٿو ٿيان. سو جيئن تہ اوهان يسوع مسيح کي پنهنجو پرڀو ڪري قبول ڪيو آهي، تنهنڪري انهيءَ ۾ جيون گذاريندا رهو. هائو، مسيح ۾ پاڙ ڄمائيندا ۽ مٿس پنهنجو جيون اڏيندا وڃو. جيئن اوهان کي سکيا ملي آهي، تيئن وشواس ۾ مضبوط ٿيندا وڃو ۽ بيحد شڪرگذاري ڪندا رهو. خبردار رهجو، متان ڪو ماڻهو انهن اجاين ۽ ڀَٽڪائيندڙ خيالن سان اوهان کي شڪار ڪري نہ وٺي، جن جو بنياد مسيح تي نہ پر ماڻهن جي روايتن ۽ هن سنسار جي شروعاتي اصولن تي آهي. سو انهن کان پاسو ڪريو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي ذات جي سڄي ڀرپوري، شرير جي لحاظ کان مسيح ۾ ئي ٿي رهي ۽ مسيح ۾ اوهان کي ڀرپور جيون مليو آهي. هو ئي هر حڪمران ۽ اختيار واري جو مالڪ آهي. مسيح ۾ اوهان جو اهڙو ختنو ٿيو آهي جيڪو ماڻهن جي هٿن سان نہ، پر مسيح جي وسيلي ٿيو آهي، جنهن ۾ شريري فطرت کي لاٿو وڃي ٿو. اوهان ۾ اهو عمل تڏهن ٿيو جڏهن اوهين بپتسما جي وسيلي مسيح سان گڏ دفن ٿيا ۽ ايشور، جنهن کيس مئلن مان جيوت ڪيو، تنهن جي انهيءَ شڪتيءَ تي وشواس آڻڻ جي ڪري اوهين ساڻس گڏ جيوت ڪري اٿاريا ويا. اوهين تہ پنهنجي پاپن جي ڪري ۽ پنهنجي پاپن سان ڀريل فطرت لٿل نہ هئڻ ڪري مئل هئا، پر ايشور اوهان کي بہ مسيح سان گڏ جيوت ڪيو. هن اسان جا سمورا پاپ بخشي پنهنجي حڪمن واري انهيءَ لکت کي مِٽائي ڇڏيو، جيڪا اسان بابت ۽ اسان جي خلاف هئي. هائو، هن انهيءَ کي سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻي اسان کان پري ڪري ڇڏيو. ايشور ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ حڪمرانن ۽ اختيار وارن کان هٿيار کسي کين کُليو کُلايو تماشو بڻايو. هائو، مسيح جي سوليءَ واري موت جي ڪري انهن تي سوڀ جو شادمانو وڄايائين. تنهنڪري ڪنهن کي بہ اها اختياري هلائڻ نہ ڏيو جو کاڌي پيتي، تهوار، نئين چنڊ يا سبت جي ڏينهن جي رسمن تي عمل نہ ڪرڻ ڪري اوهان کي ڪو ڏوهاري قرار ڏئي. اهي رسمون تہ بعد ۾ اچڻ وارين شين جو رڳو پاڇو آهن، جڏهن تہ حقيقت مسيح پاڻ آهي. ائين نہ ٿئي جو ڏيکاءَ واري نِوڙت ۽ دوتن جي پوجا ڪرڻ وارو ڪو ماڻهو زور ڀري اوهان کي مسيح ۾ جيون گذارڻ وارو انعام کٽڻ کان رهائي وجھي. اهڙو ماڻهو درشن جي ڳالهين کي اجائي اهميت ڏيئي پنهنجي شريري عقل تي ڦونڊجي ٿو. اهو ماڻهو شرير جي مٿي يعني مسيح سان پنهنجو لاڳاپو وڃائي ويهي ٿو، جنهن جي ڪري ئي سڄو شرير سنڌن ۽ نسن جي وسيلي پرورش پائي پاڻ ۾ ڳنڍيل رهي ٿو ۽ ايشور جي وڌائڻ سان وڌندو ٿو وڃي. جيئن تہ اوهين مسيح سان گڏ هن سنسار جي شروعاتي اصولن جي بنسبت مري ويا آهيو، تہ پوءِ ڇو اهڙو جيون ٿا گذاريو جو ڄڻ تہ اوهين هن سنسار جا آهيو؟ ڇو اهڙن سنساري قاعدن جي وس هيٺ ٿا رهو جيڪي چون ٿا تہ ”هن شيءِ کي هٿ ۾ نہ کڻو،“ ”هن کي نہ چکو،“ ”هن کي نہ ڇُهو“؟ اهڙي قسم جا حڪم ۽ اهڙي سکيا انسانن جي ٺاهيل آهي، جڏهن تہ اهي سڀ شيون ڪم آڻڻ سان ناس ٿي وڃن ٿيون. اهڙا هٿرادو ٺاهيل قاعدا قانون ڀڳتي، نِوڙت ۽ شرير کي سختي ڏيڻ جي لحاظ کان ڏاهپ جو ڏيک تہ رکن ٿا، پر حقيقت ۾ شريري خواهشن کي روڪڻ لاءِ اهي ڪنهن بہ ڪم جا نہ آهن. هاڻ جيئن تہ اوهين مسيح سان گڏ جيوت ڪيا ويا آهيو، تنهنڪري انهن شين سان دل لڳايو جيڪي آڪاش تي آهن، جتي مسيح ايشور جي ساڄي پاسي ويٺو آهي. هائو، اوهين انهن شين ڏانهن ڌيان ڏيو جيڪي آڪاش تي آهن، نہ انهن ڏانهن جيڪي ڌرتيءَ تي آهن، ڇاڪاڻ تہ اوهين مري ويا آهيو ۽ اوهان جو جيون هاڻي مسيح سان گڏ ايشور جي شرڻ ۾ لڪل آهي. پوءِ جڏهن مسيح، جيڪو اوهان جو جيون آهي سو ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهين بہ ساڻس گڏ سندس جوت ۾ ظاهر ڪيا ويندا. تنهنڪري اوهين پنهنجين سنساري عادتن کي ختم ڪري ڇڏيو، يعني حرامڪاري، اپوِترتائي، شهوت‌پرستي، بريون خواهشون ۽ لالچ، جيڪا بتن جي پوجا جي برابر آهي. انهن ڳالهين جي ڪري نافرمانن تي ايشور جو ڏمر پرگھٽ ٿئي ٿو. اڳي اوهان ۾ بہ اهڙيون خواهشون هيون، جڏهن اوهين انهن موجب جيون گذاريندا هئا. پر هاڻي اوهين هي سموريون ڳالهيون بہ ڇڏي ڏيو، يعني ڏمر، ڪاوڙ، بدنيتي، گلاخوري ۽ گاريون ڏيڻ. نڪي اوهين هڪٻئي سان ڪوڙ ڳالهايو، ڇو تہ اوهان پراڻي انساني فطرت کي سندس عادتن سميت لاهي ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي ۽ نئين فطرت کي پهري ڇڏيو آهي. جيئن جيئن اها نئين فطرت پنهنجي ڪرتار جي روپ موجب نئين ٿيندي وڃي ٿي تيئن تيئن اوهين ايشور جي ڄاڻ ۾ وڌندا وڃو ٿا. نئين فطرت واري حالت ۾ نہ ڪو يهودي آهي نہ غير يهودي، نہ ڪو ختنو ڪيل آهي نہ وري ختنو نہ ڪيل، نہ ڪو جھنگلي آهي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آهي ۽ اهو اوهان سڀني ۾ آهي. تنهنڪري جيئن اوهين ايشور جا چونڊيل، پوِتر ۽ پيارا آهيو، تيئن ديا، ڪرپا، نِوڙت، نماڻائيءَ ۽ ڌيرج کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪنهن ڏانهن رنج هجي تہ هڪٻئي جي برداشت ڪريو ۽ هڪٻئي کي معاف ڪريو. جيئن پرڀوءَ اوهان کي معاف ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ڪريو. انهن سڀني خوبين جي مٿان پريم کي ڪمربند وانگر ٻڌي ڇڏيو، جيڪو انهن کي مڪمل طور ٻڌيءَ ۾ رکي ٿو. ان کان علاوہ مسيح جي شانتي، جنهن لاءِ اوهين هڪ شرير ٿيڻ جي واسطي سڏيا ويا آهيو، تنهن کي پنهنجي دلين تي حڪمراني ڪرڻ ڏيو ۽ شڪرگذار رهو. مسيح بابت سنديش کي پوريءَ طرح پاڻ ۾ رهڻ ڏيو ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هڪٻئي کي سکيا ڏيندا ۽ نصيحت ڪندا رهو. ان سان گڏ دل سان ايشور جي شڪرگذاري ڪندي زبور، ڀڄن ۽ آتمڪ گيت ڳائيندا رهو. اوهين جيڪي بہ چئو ۽ جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ پرڀو يسوع جي نالي تي ڪريو ۽ سندس وسيلي ايشور پتا جو شڪر ڪندا رهو. اي پتنيون! پرڀو يسوع جون هئڻ ڪري جيئن اوهان لاءِ مناسب آهي، تيئن پنهنجن پتين جي وس هيٺ رهو. اي پتيؤ! پنهنجين پتنين سان پيار ڪريو، انهن ڏانهن پنهنجي دل کٽي نہ ڪريو. اي ٻارؤ! پرڀو يسوع جا هئڻ ڪري هر ڳالهہ ۾ پنهنجي ماتا پتا جي فرمانبرداري ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اها چڱي ڳالهہ آهي. اي پتا! پنهنجن ٻارن کي چڙ نہ ڏياريو جو متان هو بي‌دل ٿي پون. اي غلامؤ! پنهنجي سنساري مالڪن جا هر ڳالهہ ۾ فرمانبردار رهو. انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏيکاءَ طور نہ، پر صاف‌دليءَ سان ۽ پرميشور جو خوف رکندي سندن سيوا ڪريو. جيڪي بہ ڪريو سو دل سان ڪريو، ائين سمجھو تہ پرڀو يسوع جي لاءِ ٿا ڪريو، نہ ماڻهن جي لاءِ. اها ڳالهہ ذهن ۾ رکو تہ مالڪن جي اهڙي سيوا جي عيوض ۾ اوهان کي پرميشور کان ميراث ملندي. سو ائين اوهين پرڀو مسيح جي سيوا ڪندا رهو. ياد رکو، جيڪو غلط ڪم ڪري ٿو تنهن کي پنهنجي انهن ڪمن جو بدلو ملندو، ڇاڪاڻ تہ ايشور وٽ ڪنهن جي بہ طرفداري ڪانہ ٿي ٿئي. اي مالڪؤ! پنهنجن غلامن سان اهو ڄاڻيندي حق ۽ انصاف وارو سلوڪ ڪريو تہ اوهان جو بہ هڪڙو مالڪ آهي جيڪو آڪاش تي آهي. پرارٿنا ۾ سجاڳ رهو ۽ شڪرگذاري ڪندي انهيءَ ۾ مگن رهو. انهيءَ سان گڏ اسان جي لاءِ بہ پرارٿنا ڪندا ڪريو جو ايشور اسان لاءِ سنديش ٻڌائڻ جو دروازو کولي، تہ جيئن اسين مسيح جي انهيءَ ڀيد کي بيان ڪري سگھون جنهن جي خاطر آءٌ قيد ۾ آهيان. پرارٿنا ڪريو تہ آءٌ انهيءَ سنديش کي صاف طور پڌرو ڪريان، جيئن مون کي ڪرڻ گھرجي. جن اڃا وشواس نہ آندو آهي، تن سان هر هڪ موقعي جو فائدو وٺندي ڏاهپ سان هلت ڪندا رهو. اوهان جي ڳالهہ ٻولهہ هميشہ اهڙي سلڇڻي ۽ وڻندڙ هجي، جو اوهين هر ماڻهوءَ کي مناسب جواب ڏيئي سگھو. تخڪُس اوهان کي منهنجو سڄو احوال ٻڌائيندو. هو پيارو ڀاءُ، سچو سيواداري ۽ اسان وانگر پرڀو يسوع جو داس آهي. هن کي آءٌ انهيءَ مقصد لاءِ اوهان ڏانهن موڪلي رهيو آهيان تہ اوهين اسان جي حالتن بابت ڄاڻو ۽ هو اوهان جي دلين کي همتائي. هن سان گڏ اُنيسمس کي بہ موڪلي رهيو آهيان. هو اسان جو سچو ۽ پيارو ڀاءُ آهي ۽ اوهان مان ئي هڪڙو آهي. اهي ٻيئي اوهان کي هتي جون سڀ ڳالهيون ٻڌائيندا. ارسترخس، جيڪو مون سان گڏ قيد ۾ آهي، اوهان کي نمسڪار چوي ٿو. مرقس بہ، جيڪو برنباس جو سؤٽ آهي اوهان کي نمسڪار چوي ٿو. هن بابت اوهان کي هدايتون ٿيل آهن، سو جيڪڏهن هو اوهان وٽ اچي تہ سندس آڌرڀاءُ ڪجو. يسوع جنهن کي يوستُس ڪري سڏيندا آهن، سو بہ اوهان کي نمسڪار چوي ٿو. مسيح تي وشواس رکندڙ يهودين مان رڳو اهي ٽي ماڻهو آهن، جن مون سان گڏجي ايشور جي راڄ جو پرچار پئي ڪيو آهي. اهي منهنجي گھڻي تسليءَ جو سبب بڻيا آهن. اِپفراس جيڪو اوهان مان هڪڙو آهي ۽ يسوع مسيح جو سيواداري آهي، سو اوهان کي نمسڪار ٿو چوي. هو اوهان جي لاءِ هميشہ ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان پرارٿنا ٿو ڪري، تہ جيئن اوهين ڪامل ٿي پوري وشواس سان هر هڪ ڳالهہ ۾ ايشور جي مرضيءَ تي قائم رهو. آءٌ سندس شاهدي ٿو ڏيان تہ هو اوهان لاءِ توڙي لوديڪيا ۽ هيراپلس شهرن جي وشواسي منڊلين لاءِ سخت محنت ٿو ڪري. اسان جو پيارو دوست حڪيم لوقا ۽ ديماس اوهان کي نمسڪار ٿا ڏين. لوديڪيا شهر جي ڀائرن ڀينرن کي ۽ ڀيڻ نمفاس ۽ جيڪا وشواسي منڊلي سندس گھر ۾ گڏ ٿيندي آهي تن سڀني کي منهنجا نمسڪار ڏجو. جڏهن هي خط اوهين پڙهي پورو ڪيو، تڏهن انهيءَ کي لوديڪيا جي منڊليءَ ۾ بہ پڙهيو وڃي. وري جيڪو خط لوديڪيا ڏانهن موڪليو ويو آهي، اهو اوهين بہ پڙهجو. ان کان علاوہ ارخپس کي نياپو ڏجو تہ ”پرڀو يسوع جي سيوا وارو جيڪو ڪم تنهنجي حوالي ڪيو ويو آهي، تنهن کي ضرور پورو ڪجانءِ.“ هاڻ آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان نمسڪار لکي رهيو آهيان. منهنجي قيد جي زنجيرن کي ياد رکجو. شل اوهان تي ڪرپا ٿيندي رهي. هي خط مون پولس سان گڏ سيلاس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿِسلُنيڪي شهر جي وشواسي منڊليءَ ڏانهن لکجي ٿو، جيڪا ايشور پتا ۽ پرڀو يسوع مسيح جي آهي. شل اوهان تي ڪرپا ۽ شانتي هجي. اسين هميشہ اوهان سڀني جي لاءِ ايشور جو شڪر ڪندا ٿا رهون ۽ پنهنجين پرارٿنائن ۾ اوهان کي ياد پيا ڪريون. هائو، اوهان جي وشواس واري عمل، پريم ڀري محنت ۽ انهيءَ ثابت قدميءَ کي اسين پنهنجي ايشور پتا جي آڏو سدائين ياد پيا ڪريون، جيڪا اوهان کي اسان جي پرڀو يسوع مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آهي. اي ڀائرو ۽ ڀينرون، اي ايشور جا پيارؤ! اهو ڄاڻيندي اسين ايشور جو شڪر ٿا ڪريون تہ هن اوهان کي چونڊي ورتو آهي. انهيءَ لاءِ جو جيڪا خوشخبري اسان اوهان وٽ پهچائي سا نہ رڳو لفظي طور پر شڪتيءَ، پوِتر آتما ۽ پوري وشواس سان پهتي آهي. اوهين بہ اسان بابت ڄاڻو ٿا تہ اسين جڏهن اوهان وٽ هئاسين تہ اوهان جي خاطر ڪهڙو جيون گذاريوسين. اوهين اسان جي ۽ پرڀو يسوع جي نقشِ‌قدم تي هلندڙ بڻيا جڏهن گھڻو ستايو وڃڻ جي باوجود اوهان پوِتر آتما جي مليل خوشيءَ سان ايشور جو سنديش قبول ڪيو. ايتري قدر جو اوهين مڪدُنيا ۽ اخيا صوبن جي سڀني وشواسين لاءِ نمونو ٿيا. اهڙيءَ طرح مڪدُنيا ۽ اخيا کان ٻاهر بہ اوهان جي ڪري پرڀو يسوع بابت سنديش ڦهليو آهي. هائو، اوهان جو ايشور تي وشواس هر هنڌ ايڏو تہ مشهور ٿي ويو آهي جو انهيءَ بابت اسان کي ڪجھہ بہ چوڻ جي ضرورت ڪانهي. ماڻهو پاڻ ئي ذڪر ٿا ڪن تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان اسان کي قبول ڪيو جو اوهين بتن جي پوجا کي ڇڏي ايشور ڏانهن ڦِريا، تہ جيئن اوهين جيوت ۽ سچي ايشور جي ڀڳتي ڪريو ۽ آڪاش مان سندس پٽ جي اچڻ جو انتظار ڪريو، جنهن کي هن مئلن مان جيوت ڪيو. اهو پٽ يسوع ئي آهي، جيڪو اسان کي ايشور جي ايندڙ ڏمر کان بچائي ٿو. سو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ اسان جو اوهان وٽ اچڻ اجايو ڪين ٿيو. اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان وٽ اچڻ کان اڳ فلپي شهر ۾ اسان ڪيڏيون نہ تڪليفون سٺيون ۽ ڪيئن نہ اسان جو اپمان ڪيو ويو. پر ايشور اسان کي همت ڏني جو سخت مخالفت جي باوجود اسان اوهان وٽ اچي بنا ڪنهن خوف جي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي. اوهين اهو بہ ڄاڻو ٿا تہ اوهان ۾ اسان جو پرچار ڀَٽڪائڻ وارو نہ هو، نڪي اسان جو مقصد اپوِتر هو ۽ نہ وري اسان جي نيت ٺڳيءَ واري هئي. ان جي ابتڙ ايشور اسان کي لائق قرار ڏيئي خوشخبريءَ جو سنديش جيئن اسان جي حوالي ڪيو آهي، تيئن ئي اسين بيان ٿا ڪريون. اسين ماڻهن کي نہ پر ايشور کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون، جيڪو اسان جي دلين کي پرکي ٿو. اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ اسين جڏهن اوهان وٽ هئاسين تہ ڪڏهن بہ خوشامند جي ڳالهہ نہ ڪئي، نڪي اسان جي دل ۾ ڪا لالچ هئي. ايشور انهيءَ ڳالهہ جو شاهد آهي. اسان ماڻهن کان پنهنجي ساراهہ ڪرائڻ بہ نہ گھري، نہ اوهان کان، نہ ڪنهن ٻئي کان، جيتوڻيڪ مسيح جا خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت هئڻ جي حيثيت ۾ اسين اوهان تي هر طرح جو بار وجھي ٿي سگھياسين. اٽلندو اسين اوهان سان اهڙي نرميءَ سان هلياسين، جهڙيءَ طرح ماتا پنهنجي ٻارڙن کي سنڀاليندي آهي. انهيءَ طرح اسان کي اوهان لاءِ ايڏي تہ پريت هئي جو اسان اوهان کي نہ رڳو ايشور جي خوشخبري ٻڌائي، بلڪ پنهنجي جان بہ اوهان جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار هئاسين، ڇاڪاڻ تہ اوهين اسان جا ڏاڍا پيارا ٿي ويا هئا. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ضرور ياد هوندو تہ جڏهن اسان اوهان کي ايشور جي خوشخبري پئي ٻڌائي، تڏهن اسان رات ڏينهن محنت ۽ سخت پورهيو بہ ٿي ڪيو تہ جيئن ڪنهن تي بہ بار نہ ٿيون. اوهين شاهد آهيو ۽ ايشور بہ شاهد آهي تہ اوهان وشواسين سان اسان جي هلت چلت ڪهڙي نہ پوِتر، سچي ۽ بي‌داغ هئي. اوهين ڄاڻو ٿا تہ جهڙيءَ طرح ڪو پتا پنهنجي ٻارن سان هلندو آهي، تهڙيءَ طرح اسين بہ اوهان مان هر هڪ سان هلياسين. اسين اوهان کي همتائيندا، دلداري ڏيندا ۽ سمجھائيندا رهياسين تہ اوهين ايشور جي لائق جيون گذاريو، جيڪو اوهان کي پنهنجي راڄ ۽ جوت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سڏي ٿو. انهن ڳالهين کان علاوہ اسين هميشہ ايشور جو شڪر بہ ٿا ڪريون تہ جڏهن اوهان کي ايشور جو سنديش مليو جيڪو اوهان اسان کان ٻڌو، تڏهن اوهان اهو انسان جو نہ پر جيئن حقيقت ۾ آهي تيئن ايشور جو فرمان سمجھي قبول ڪيو، جيڪو اوهان وشواسين تي اثر بہ ڪري رهيو آهي. انهيءَ ڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين ايشور جي انهن منڊلين جهڙا ٿي پيا، جيڪي يهوديہ صوبي ۾ يسوع مسيح ۾ آهن، ڇاڪاڻ تہ اوهان بہ پنهنجي هم‌وطن ماڻهن کان ساڳيون ئي تڪليفون سٺيون، جهڙيون انهن منڊلين پنهنجي هم‌وطن يهودين کان سٺيون هيون. يهودين پرڀو يسوع کي توڙي سنديش ڏيندڙ سنتن کي ماري وڌو ۽ اسان کي بہ ستائي تڙي ڪڍيائون. اهي ايشور کي نہ ٿا وڻن ۽ سڀني ماڻهن جي برخلاف آهن. اهو هن مان ظاهر ٿئي ٿو جو اهي اسان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تہ اسين غير قومن کي سندن مڪتيءَ جو سنديش ٻڌايون. اهڙيءَ طرح اهي پنهنجن پاپن جي ڀريل مٽڪي کي اڃا بہ ڀريندا ٿا رهن. پر نيٺ ايشور جو ڏمر انهن تي ڪڙڪڻ لاءِ اچي پهتو آهي. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏهن اسين ٿوري عرصي لاءِ اوهان کان دلي طور نہ پر رڳو شرير جي لحاظ کان جدا ٿياسين، تڏهن اسان ڏاڍي سڪ جي ڪري اوهان سان وري ملڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪئي. انهيءَ لاءِ اسان ۽ خاص طور مون پولس، هڪ کان وڌيڪ دفعا اوهان وٽ اچڻ چاهيو، پر شيطان اسان کي روڪيو. ڀلا، اسان جي پرڀو يسوع جي اچڻ وقت اسان جي اميد، اسان جي خوشي ۽ اسان جي فخر جو تاج ڪير آهي؟ ڇا اهي اوهين ئي نہ آهيو جيڪي سندس شرڻ ۾ حاضر هوندا؟ هائو، اسان جو فخر ۽ خوشي اوهين ئي تہ آهيو. تنهنڪري جڏهن اسين اوهان کان جدا رهڻ وڌيڪ برداشت ڪري نہ سگھياسين، تڏهن اسان بهتر سمجھيو تہ اٿينس شهر ۾ ڀلي اڪيلا رهجي وڃون، پر تيمٿيس کي اوهان ٿِسلُنيڪين ڏانهن موڪليون. اهو اسان جو وشواسي ڀاءُ ۽ مسيح بابت خوشخبري ڦهلائڻ ۾ ايشور جو سيواداري آهي. اسان انهيءَ لاءِ کيس موڪليو هو تہ هو اوهان کي وشواس ۾ مضبوط ڪري ۽ همتائي، تہ جيئن انهيءَ ستائجڻ سان اوهان مان ڪو گھٻرائجي نہ وڃي، ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ اسين وشواسي ستائجڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا آهيون. ڏسو، جڏهن اسين اوهان وٽ هئاسين تڏهن اوهان کي اڳواٽ ئي بار بار چيو هوسين تہ اسان وشواسين کي ستايو ويندو. اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ ائين ئي ٿيو. اها حالت ڏسي آءٌ وڌيڪ برداشت ڪري نہ سگھيس، سو اوهان جي وشواس بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ تيمٿيس کي موڪليو هئم. مون کي ڊپ هو تہ متان ڪنهن طرح آزمائڻ واري، يعني شيطان اوهان کي آزمايو هجي ۽ اسان جي اوهان تي ڪيل محنت بيڪار ويئي هجي. پر هاڻي تيمٿيس اوهان وٽان ٿي واپس آيو آهي ۽ اوهان جي وشواس ۽ پيار جي باري ۾ سٺو احوال ڏنو اٿائين. هن اسان کي ٻڌايو آهي تہ اوهين اسان کي هميشہ دل سان ياد پيا ڪريو ۽ اسان سان ملڻ جي گھڻي سڪ اٿوَ، جهڙيءَ طرح اسان کي اوهان جي لاءِ آهي. تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان کي پنهنجي تنگيءَ ۽ مصيبتن ۾ بہ اوهان جي وشواس جي ڪري اوهان بابت تسلي ٿي، ڇاڪاڻ تہ پرڀو يسوع تي اوهان جي وشواس قائم رهڻ سان ئي اسان جي شرير ۾ ساهہ آهي. اوهان جي ڪري اسان کي پنهنجي ايشور جي آڏو ڪيڏي نہ خوشي حاصل ٿي آهي! انهيءَ خوشيءَ جي ڪري اسين ڪهڙيءَ طرح اوهان لاءِ ايشور جو شڪر ادا ڪريون! اسين رات ڏينهن تن ۽ من سان پرارٿنا ڪندا ٿا رهون، تہ شل وري اوهان سان ملون ۽ اوهان جي وشواس ۾ جيڪا گھٽتائي آهي سا پوري ڪريون. شل اسان جو ايشور پتا پاڻ ۽ اسان جو پرڀو يسوع اسان جي رستي جون رڪاوٽون هٽائين، تہ جيئن اسين اوهان وٽ اچي سگھون. جيئن اسان کي اوهان سان بيحد پريم آهي، تيئن پرڀو يسوع شل اوهان جو پريم بہ هڪٻئي لاءِ، بلڪ سڀني لاءِ گھڻي کان گھڻو وڌائيندو رهي. ائين هو اوهان جي دلين کي اهڙو مضبوط ڪري جو جڏهن هو اچي ۽ پنهنجي سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن سان گڏ هجي، تڏهن اسان جي ايشور پتا جي آڏو اوهين پوِتر ۽ بي‌عيب قرار ڏنا وڃو. انهيءَ ڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي منٿ ٿا ڪريون ۽ پرڀو يسوع ۾ تاڪيد ٿا ڪريون تہ جيئن اسان اوهان کي سيکاريو هو تہ ايشور کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن جيون گذارجي، جيڪو اوهين سچ پچ گذاري بہ رهيا آهيو، تيئن هاڻي اوهين انهيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو. اوهين ائين ڪري سگھو ٿا، ڇاڪاڻ تہ پرڀو يسوع جي اختياريءَ سان جيڪي حڪم اسان اوهان کي ڏنا سي اوهين ڄاڻو ٿا. مطلب تہ ايشور جي مرضي اها آهي تہ اوهين هن لاءِ مخصوص ۽ پوِتر رهو. سو زناڪاريءَ کان پوريءَ طرح پاسو ڪريو. اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي شرير کي پوِتر ۽ مانواري نموني ۾ وس هيٺ رکڻ سکي، يعني انهن قومن وانگر پنهنجو جيون شهوت‌پرستيءَ ۾ نہ گذاري، جيڪي ايشور کي نہ ٿيون ڄاڻين. سو انهيءَ ڳالهہ ۾ ڪوبہ وشواسي پنهنجي ڪنهن هم‌وشواسيءَ سان زيادتي يا ٺڳي ڪندي سندس گھر تي بري نظر نہ رکي. جيئن تہ اسان اڳي ئي اوهان کي ٻڌايو ۽ خبردار ڪيو آهي تہ پرڀو اهڙن سڀني پاپن جي سزا ڏيندو. ياد رکو، ايشور اسان کي اپوِتر جيون گذارڻ لاءِ نہ، پر پوِتر جيون گذارڻ لاءِ سڏيو آهي. تنهنڪري جيڪو هيءَ سکيا رد ٿو ڪري سو ماڻهوءَ کي نہ، بلڪ ايشور کي رد ٿو ڪري، جيڪو اوهان کي پنهنجي پوِتر آتما بخشي ٿو. هاڻي هڪٻئي سان پيار ڪرڻ بابت اوهان ڏانهن ڪجھہ لکڻ جي ضرورت ڪانهي، ڇاڪاڻ تہ ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪرڻ ايشور پاڻ اوهان کي سيکاريو آهي. اهو پيار اوهين سچ پچ پوري مڪدُنيا صوبي جي سڀني وشواسين سان بہ ڪريو ٿا. تڏهن بہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي تاڪيد ٿا ڪريون تہ انهيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو. جهڙيءَ طرح اسان اوهان کي اڳي ئي چئي ڇڏيو آهي، تهڙيءَ طرح ڪوشش ڪري امن وَ شانتيءَ وارو جيون گذاريو، پنهنجي ڪم سان ڪم رکو ۽ پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪريو. انهيءَ طرح اوهين ڪنهن بہ شيءِ جا محتاج نہ رهندا ۽ اوهان جي روزاني هلت چلت جي ڪري منڊليءَ کان ٻاهر وارن سان اوهان جو رويو بهتر رهندو. هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين چاهيون ٿا تہ جيڪي وشواسي قبر ۾ وڃي ستا آهن تن بابت اوهين اها ڄاڻ رکو تہ انهن جو ڇا ٿيندو، تہ جيئن انهن ماڻهن وانگر غمگين نہ ٿيو جن کي ڪا اميد ئي ڪانهي. ڏسو، جيئن تہ اسان جو وشواس آهي تہ يسوع مري ويو ۽ وري جيوت ٿي اٿيو، تيئن اسان جو هي بہ وشواس آهي تہ جيڪي يسوع ۾ مري ويا آهن، تن کي بہ ايشور يسوع سان گڏ رهائيندو. انهيءَ بابت اسين اوهان کي پرڀو يسوع جي فرمان موجب کولي ٻڌايون ٿا تہ سندس اچڻ وقت اسان مان جيڪي جيوت هوندا سي ڪنهن بہ طرح انهن کان اڳتي ڪين ٿي ويندا جيڪي قبر ۾ وڃي ستا آهن. اهو دوتن جي سردار جي آواز سان ۽ ايشور طرفان توتاري وڄڻ سان ٿيندو. ان وقت پرڀو يسوع وڏي واڪي حڪم ڏيندي پاڻ آڪاش مان هيٺ لهندو. تڏهن جيڪي مسيح تي وشواس رکندي مري ويا آهن سي پهريائين جيوت ٿي اٿندا. انهيءَ کان پوءِ اسان وشواسين مان جيڪي ان وقت جيوت هوندا سي انهن سان گڏ ڪڪرن ۾ مٿي کنيا ويندا، تہ جيئن هوا ۾ پرڀو يسوع جو ڀليڪار ڪن. انهيءَ طرح اسين سڀ پرڀو يسوع سان هميشہ گڏ رهنداسين. سو اوهين انهن ڳالهين سان هڪٻئي کي همتائيندا ڪريو. هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اهو سڀ ڪجھہ ٿيڻ واري وقت ۽ زماني جي باري ۾ اسان کي اوهان ڏانهن لکڻ جي ڪابہ ضرورت ڪانهي، ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ پرڀو يسوع جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن ائين اوچتو ايندو جيئن رات جو ڪو چور ٿو اچي. جنهن وقت ماڻهو چوندا هوندا تہ ”ڪو ڊپ ڪونهي، اسين محفوظ آهيون،“ انهيءَ وقت اوچتو ئي اوچتو مٿن تباهي ائين اچي پرگھٽ ٿيندي جيئن پيٽ واري ناريءَ کي سور ٿيڻ لڳندا آهن. تڏهن اهي هرگز نہ بچندا. پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين اونداهيءَ ۾ نہ آهيو جو اهو ڏينهن چور وانگر اوچتو اوهان مٿان اچي پوي. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اوهان سڀني جو روشنيءَ ۽ ڏينهن سان گَهرو واسطو آهي. هائو، اسان وشواسين جو رات يا اونداهيءَ سان ڪوبہ واسطو ڪونهي، هائو، جيئن تہ اسين ڏينهن وارا آهيون، تنهنڪري اچو تہ ڇاتيءَ تي وشواس ۽ پريم جو لوهي سينابند ڍڪي ۽ مٿي تي مڪتيءَ جي اميد جو لوهي ٽوپ پائي هوشيار رهون، ڇاڪاڻ تہ ايشور اسان کي ڏمر سهڻ لاءِ نہ، بلڪ انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي تہ اسين پنهنجي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي مڪتي حاصل ڪريون. هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ سندس اچڻ وقت اسين جيوت هجون توڙي مئل، تہ بہ ساڻس گڏ جيوت رهون. تنهنڪري اوهين هڪٻئي کي همتائيندا ۽ هڪٻئي جي ترقيءَ جو سبب بڻبا رهو، جيئن سچ پچ اوهين ڪريو بہ پيا. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي وينتي ٿا ڪريون تہ اوهين انهن جو قدر ڪريو جيڪي اوهان منجھہ محنت ڪن ٿا ۽ پرڀو يسوع ۾ اوهان جي رهنمائي ڪندي اوهان کي نصيحت ٿا ڪن. هائو، سندن انهيءَ سيوا جي ڪري پيار سان کين وڏو مان ڏيو. اوهين پاڻ ۾ ميل ميلاپ سان رهو. انهيءَ سان گڏ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي اهو تاڪيد بہ ڪريون ٿا تہ اجايو وقت وڃائڻ وارن کي سمجھايو، بزدل ماڻهن کي همتايو، هيڻن جي مدد ڪريو ۽ سڀني سان ڏاڍي ڌيرج سان پيش اچو. خبردار، ڪوبہ ماڻهو ڪنهن سان بڇڙائيءَ جي عيوض بڇڙائي نہ ڪري، بلڪ هڪٻئي سان ۽ سڀني ماڻهن سان هميشہ نيڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهو. هر وقت خوش رهو. سدائين پرارٿنا ڪندا رهو. هر حالت ۾ شڪر ڪريو، ڇاڪاڻ تہ يسوع مسيح ۾ اوهان لاءِ ايشور جي اها ئي مرضي آهي. پوِتر آتما جي رهنمائيءَ کي نہ دٻايو. جيڪڏهن ڪو سنديش ٻڌائيندي چوي ٿو تہ ”هي ايشور جو سنديش آهي“ تہ ان کي اجايو نہ سمجھو. سڀني ڳالهين کي پرکيو، جيڪا چڱي هجي تنهن کي اختيار ڪريو ۽ هر قسم جي برائيءَ کان پاسو ڪريو. شل شانتي بخشيندڙ ايشور اوهان کي مڪمل طور پوِتر ڪري. شل هو اوهان جي آتما، جان ۽ شرير کي پوريءَ طرح محفوظ رکي، تہ جيئن اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي اچڻ وقت اوهين بي‌عيب قرار ڏنا وڃو. اوهان کي سڏڻ وارو سچو آهي ۽ هو ائين ئي ڪندو. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي لاءِ پرارٿنا ڪريو. سڀني وشواسين کي اسان جي طرفان پريم ڀريا نمسڪار ڏجو. آءٌ پرڀوءَ جي نالي اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ هي خط سڀني وشواسين اڳيان پڙهيو وڃي. شل اوهان تي اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ٿيندي رهي. هي خط مون پولس، سيلاس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿِسلُنيڪي شهر جي وشواسي منڊليءَ ڏانهن لکجي ٿو، جيڪا اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي آهي. شل اوهان تي ايشور پتا ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان تي لازم آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ ايشور جو شڪر ادا ڪندا رهون. هي انهيءَ ڪري مناسب آهي جو اوهان جي وشواس ۾ گھڻي کان گھڻو واڌارو ايندو ٿو وڃي ۽ اوهان سڀني جو هڪٻئي لاءِ پيار وڌندو ٿو وڃي. تنهنڪري اسين پاڻ ايشور جي ٻين منڊلين ۾ اوهان بابت فخر ٿا ڪريون تہ اوهين ڪيڏي نہ ثابت قدميءَ سان پنهنجي وشواس تي قائم آهيو، توڙي جو ظلم ۽ تڪليفون پيا سهو. انهيءَ مان ثابت ٿو ٿئي تہ ايشور جي عدالت سچي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اوهين ايشور جي راڄ جي لائق قرار ڏنا ويا آهيو، جنهن لاءِ اوهين تڪليفون بہ پيا سهو. جيئن تہ ايشور انصاف ڪندڙ آهي سو هو اوهان جي تڪليفن ڏيڻ وارن کي بدلي ۾ تڪليفون ڏيندو ۽ اوهان تڪليفن سهڻ وارن کي اسان سان گڏ آرام ڏيندو. هي انهيءَ وقت ٿيندو جڏهن اسان جو پرڀو يسوع پنهنجي دوتن جي لشڪر سان گڏ ڀڙڪندڙ باهہ ۾ آڪاش مان ظاهر ٿيندو ۽ انهن کي سزا ڏيندو جيڪي سندس بابت خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين ۽ نہ وري ايشور کي ٿا ڄاڻين. اهي پرڀو يسوع جي شرڻ کان ۽ سندس شڪتيءَ جي مهانتا کان پري رهي هميشہ واري برباديءَ جي سزا ڀوڳيندا. مسيح جي اچڻ واري انهيءَ ڏينهن تي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل، يعني مٿس وشواس رکندڙ سڀ سندس شڪتي ڏسي حيران ٿي ويندا ۽ سندس مهما ڪندا. انهن ۾ اوهين بہ شامل هوندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان اسان جي شاهديءَ تي وشواس آندو آهي. انهيءَ ڪري اسين هميشہ اوهان لاءِ پرارٿنا ڪندا رهندا آهيون، تہ شل اسان جو ايشور اوهان کي اهڙي جيون جي لائق قرار ڏئي جنهن لاءِ اوهان کي سڏيو ويو آهي. شل هو اوهان جي هر نيڪ خواهش ۽ جيڪو ڪم وشواس سان ڪريو ٿا تنهن کي پنهنجي شڪتيءَ سان پورو ڪري. اسين هيءَ پرارٿنا انهيءَ لاءِ ڪندا آهيون تہ جيئن اسان جي ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڏنل ڪرپا موجب، اسان جي پرڀو يسوع جو نالو اوهان ۾ مهان ڄاتو وڃي ۽ اوهين هن ۾ مان ماڻيو. جڏهن اسان جو پرڀو يسوع مسيح موٽي ايندو تڏهن اسين هن وٽ گڏ ٿي وينداسين. سو انهيءَ بابت اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين وينتي ٿا ڪريون تہ اوهين ايترو جلدي پنهنجن خيالن ۾ ڊانوانڊول نہ ٿجو، نڪي اوهين پريشان ٿجو جڏهن ماڻهو اهو چون تہ پرڀو يسوع جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن اڳي ئي اچي چڪو آهي، توڙي جو هو دعويٰ ڪن تہ اها سڌ پوِتر آتما کان، يا ڪنهن سنديش مان يا وري اسان وٽان آيل ڪنهن خط مان پيئي آهي. مطلب تہ ڪنهن بہ طرح ڪنهن ماڻهوءَ جي دوکي ۾ نہ اچجو. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اهو ڏينهن تيستائين نہ ايندو، جيستائين ايشور جي خلاف وڏي بغاوت نہ ٿئي ۽ اهو وڳوڙي جنهن جي پڇاڙي بربادي آهي ظاهر نہ ڪيو وڃي. هو پاڻ کي انهن سڀني کان مٿاهون ڄاڻيندو ۽ انهن جي مخالفت ڪندو، جيڪي ايشور يا ديوتا ٿا سڏجن، ايتري قدر جو هو ايشور جي پوِتر گھر ۾ ويهي اها دعويٰ ڪندو تہ ”ايشور آءٌ آهيان.“ ياد ڪريو تہ جڏهن آءٌ اوهان وٽ هئس، تڏهن اوهان کي اهي ڳالهيون ٻڌائيندو هئس. اوهين هي بہ ڄاڻو ٿا تہ انهيءَ وڳوڙيءَ کي سندس مقرر وقت کان اڳ ظاهر ٿيڻ کان ڪيئن روڪيو ويو آهي. اهو هڪ ڀيد آهي تہ وڳوڙ اڳي ئي اثر ڪندو ٿو رهي، پر انهيءَ کي ڪو تيستائين روڪيندو رهندو، جيستائين ان جي روڪڻ واري کي رستي کان هٽايو نہ ويندو. تنهن کان پوءِ اهو وڳوڙي ظاهر ٿيندو، جنهن کي پرڀو يسوع پنهنجي وات جي ڦوڪ سان ماري وجھندو، بلڪ پنهنجي اچڻ جي تجلي سان ئي کيس چٽ ڪري ڇڏيندو. ظاهر ٿيڻ کان پوءِ اهو وڳوڙي شيطان جي عمل سان هر قسم جي طاقت جو استعمال ڪندو ۽ ڪوڙيون نشانيون ۽ عجيب ڪم ڪري ڏيکاريندو. انهن سان هو برباد ٿيڻ وارن کي هر قسم جي بڇڙائيءَ وارو دوکو ڏيندو. اهي ماڻهو انهيءَ ڪري برباد ٿيندا جو سچ جو قدر ئي نہ ڪندا، جنهن جي وسيلي کين مڪتي ملي ها. اهو ئي سبب آهي جو ايشور هنن تي ڀَٽڪي وڃڻ جو اهڙو اثر وجھندو، جو هو ڪوڙ کي سچ ڪري مڃيندا. اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ جيڪي سچ تي وشواس نہ ٿا آڻين ۽ بڇڙائيءَ ۾ خوش ٿا رهن، تن سڀني کي پاپي قرار ڏنو وڃي. پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اي پرميشور جا پيارؤ! اسان تي لازم آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ ايشور جو شڪر ادا ڪندا رهون، ڇاڪاڻ تہ هن شروع ۾ ئي اوهان کي انهيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو هو تہ اوهين پوِتر آتما جي وسيلي پوِتر ٿي ۽ سچ تي وشواس آڻي مڪتي حاصل ڪريو. هن اوهان کي اسان کان مليل خوشخبريءَ جي وسيلي انهيءَ لاءِ سڏيو، تہ جيئن اوهين اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي مهانتا ۾ شريڪ ٿيو. تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ثابت قدم رهو ۽ انهن روايتن تي قائم رهو، جيڪي اسان اوهان کي زباني يا خط جي وسيلي سيکاريون آهن. هاڻ اسان جو پرڀو يسوع مسيح پاڻ ۽ اسان جو پتا ايشور، جنهن اسان سان پريم رکيو ۽ پنهنجي ڪرپا جي ڪري اسان کي هميشہ جي تسلي ۽ چڱي اميد ڏني، سي شل اوهان جي دلين کي همت ڏين ۽ اهڙي طاقت بخشين جو جيڪي ڪجھہ اوهين چئو ۽ ڪريو سو چڱو هجي. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي لاءِ بہ پرارٿنا ڪريو تہ اسان جي وسيلي پرڀو يسوع بابت سنديش جلد ڦهلجي ۽ مان‌سمان سان قبول ڪيو وڃي، جيئن اوهان منجھہ آهي. هيءَ بہ پرارٿنا ڪريو تہ اسين ڏنگن ۽ بڇڙن ماڻهن کان بچيل رهون، ڇاڪاڻ تہ سڀ ڪنهن ۾ وشواس ڪونهي. پر پرڀو يسوع سچو آهي، جيڪو اوهان کي مضبوط ڪندو ۽ بڇڙائيءَ کان بچائيندو. پرڀو يسوع ۾ اسان کي اوهان تي ڀروسو آهي تہ جيڪي حڪم اسين اوهان کي ڏيون ٿا، تن تي اوهين عمل ڪريو ٿا ۽ اڳتي بہ ڪندا رهندا. شل پرڀو يسوع اوهان جي اهڙي رهنمائي ڪري جو جيئن جيئن اوهين ايشور جي پريم ۾ وڌندا رهو، تيئن تيئن مسيح جي ثابت قدميءَ ۾ بہ وڌندا رهو. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين پنهنجي پرڀو يسوع مسيح جي نالي تي اوهان کي تاڪيد ٿا ڪريون تہ اوهين هر انهيءَ وشواسيءَ کان پاسو ڪريو، جيڪو اسان جي سيکاريل روايت موجب جيون نہ ٿو گذاري، اٽلندو اجايو وقت ٿو وڃائي. اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان کي اسان جي نقشِ‌قدم تي هلڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اسين جڏهن اوهان وٽ هئاسين تہ اجايو وقت نہ وڃايوسين. اسان مفت جي روٽي نہ کاڌيسين، بلڪ رات ڏينهن محنت ۽ سخت پورهيو ڪيوسين، انهيءَ لاءِ تہ اوهان مان ڪنهن تي بہ بار نہ ٿيون. اسان اهو انهيءَ لاءِ نہ ڪيوسين تہ اسان جو اوهان تي ڪو حق نہ هو، بلڪ انهيءَ لاءِ ڪيوسين تہ اسين پاڻ کي اوهان جي لاءِ نمونو بڻايون تہ جيئن اوهين اسان جي نقشِ‌قدم تي هلو. جڏهن اسين اوهان وٽ هئاسين، تڏهن بہ اوهان کي تاڪيد ڪيو هوسين تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪم ڪرڻ نہ چاهي تہ اهو کائي بہ نہ. تنهن هوندي بہ اسين ٻڌون ٿا تہ اوهان مان ڪي ماڻهو اجايو وقت ٿا وڃائين. اهي پاڻ تہ ڪوبہ ڪم ڪونہ ٿا ڪن، بلڪ ٻين جي ڪمن ۾ دخل ٿا ڏين. اسين پرڀو يسوع مسيح جي نالي تي اهڙن ماڻهن کي نصيحت ڪندي سمجھايون ٿا تہ اهي خاموشيءَ سان پنهنجو ڪم ڪري پنهنجي روزي ڪمائين. ان کان علاوہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين چڱائي ڪرڻ ۾ ڪڏهن نہ ٿڪجو. جيڪڏهن اوهان مان ڪو اسان جي هن خط ۾ لکيل هدايتن تي عمل نہ ڪري تہ انهيءَ کي ڌيان ۾ رکو ۽ ساڻس واسطو نہ رکو، تہ جيئن شرمسار ٿئي. پر انهيءَ کي دشمن نہ سمجھو، بلڪ هم‌وشواسي سمجھي کيس نصيحت ڪندا رهو. هاڻي شانتي بخشيندڙ پرڀو يسوع پاڻ اوهان کي هميشہ ۽ هر طرح سان شانتي بخشي. شل پرڀو يسوع اوهان سڀني ساڻ هجي. هاڻ آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان هي نمسڪار لکي رهيو آهيان. آءٌ ائين ئي لکندو آهيان، جيڪا هر خط ۾ منهنجي نشاني هوندي آهي. شل اوهان سڀني تي اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ٿيندي رهي. هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو اسان جي مڪتي ڏيندڙ ايشور ۽ اسان جي اميد مسيح يعني يسوع جي حڪم سان هن جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان. هي خط تو تيمٿيس ڏانهن لکان ٿو، جيڪو وشواس رکڻ جي لحاظ کان منهنجو سچو پٽ آهين. شل تو تي ايشور پتا ۽ اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا، ديا ۽ شانتي هجي. جيئن مون مڪدُنيا صوبي ڏانهن وڃڻ وقت تو کي تاڪيد ڪيو هو تيئن تون اِفسس شهر ۾ رهجانءِ، انهيءَ لاءِ تہ ڪن ماڻهن کي حڪم ڏئين تہ غلط قسم جي سکيا نہ ڏين، نڪي هٿرادو ڪهاڻين ۽ ابن ڏاڏن جي بي‌انت فهرستن تي ڌيان ڏين. اهي رڳو تڪرار جو سبب بڻجن ٿا، نہ ايشور جي انهيءَ انتظام جو جيڪو وشواس رکڻ تي دارومدار رکي ٿو. منهنجي انهيءَ حڪم جو مقصد اهو پريم پيدا ڪرڻ آهي، جيڪو نيڪ نيتيءَ، صاف‌دليءَ ۽ سچي وشواس مان پيدا ٿئي ٿو. ڪي ماڻهو انهن ڳالهين کان ڀَٽڪي اجائي بحث ۾ وڃي پيا آهن. اهي نيم شاستري تہ ٿيڻ چاهين ٿا، پر جيڪي ڳالهيون هو ڪن ٿا ۽ انهن بابت ڄاڻڻ جي وڏي يقين سان دعويٰ ٿا ڪن تن کي هو سمجھن ئي ڪونہ ٿا. اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور جو نيم چڱو آهي، بشرطيڪ انهيءَ کي صحيح نموني ۾ استعمال ڪيو وڃي. اسين هي بہ ڄاڻون ٿا تہ نيم نيڪ ماڻهن لاءِ نہ ٺهيو آهي. پر اهو نافرمانن ۽ فسادين، بي‌ڌرمين ۽ پاپين، ايشور جي ڳالهين کي ڌڪاريندڙن ۽ ايشور جي نندا ڪندڙن لاءِ ۽ انهن لاءِ ٺهيو آهي جيڪي ماتا پتا کي ماريندڙ آهن ۽ جيڪي خوني آهن. اهو زناڪارن ۽ لونڊي‌بازن لاءِ، ماڻهن کي اغوا ڪري وڪڻندڙن لاءِ، ڪوڙ ڳالهائڻ توڙي ڪوڙا قسم کڻڻ وارن لاءِ آهي. انهيءَ کان سواءِ صحيح سکيا جي برخلاف جيڪي بہ ڪم ڪيا وڃن ٿا، تن کان پري رهڻ لاءِ پڻ آهي. اها صحيح سکيا مهما واري ايشور جي انهيءَ مهانتا ڀري خوشخبريءَ موجب آهي، جيڪا منهنجي حوالي ڪئي ويئي آهي. اسان جو پرڀو يسوع مسيح، جيڪو مون کي طاقت بخشي ٿو، تنهن جو آءٌ شڪر ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ هن مون کي ايماندار سمجھي پنهنجي سيوا لاءِ مقرر ڪيو آهي. جيتوڻيڪ آءٌ اڳي يسوع مسيح جي نندا ڪندڙ ۽ سندس شان ۾ گھٽ وڌ ڳالهائيندڙ هئس ۽ وشواسين کي ستائيندو هئس، تنهن هوندي بہ ايشور مون تي ديا ڪئي، ڇاڪاڻ تہ مون جيڪي ڪجھہ ڪيو سو وشواس نہ آڻڻ جي حالت ۾ اڻ‌ڄاڻائيءَ ڪري ڪيو. بيشڪ، اسان جي پرميشور جي ڪرپا مون تي نهايت ئي گھڻي ٿي ۽ انهيءَ سان گڏ مون کي يسوع مسيح ۾ هئڻ ڪري وشواس ۽ پريم بخشيو ويو. اها ڳالهہ ڀروسي جوڳي ۽ پوريءَ طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي تہ يسوع مسيح پاپين کي مڪتي ڏيڻ لاءِ سنسار ۾ آيو، جن ۾ سڀني کان وڏو پاپي آءٌ آهيان. انهيءَ سبب ئي ايشور مون تي ديا ڪئي تہ جيئن يسوع مسيح مون وڏي پاپيءَ ۾ پنهنجي پوري پوري بردباري ظاهر ڪري مون کي انهن لاءِ نمونو بڻائي جيڪي پوءِ مٿس وشواس آڻي امر جيون حاصل ڪندا. هاڻي شل امر راجا يعني ابناسي، ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ ۽ هڪڙي ئي ايشور جو مان‌سمان ۽ مهما هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين. اي منهنجا پٽ تيمٿيس! تو بابت ايشور جي اڳي ڏنل فرمانن موجب آءٌ تو کي اهو حڪم ٿو ڏيان تہ تون انهن تي عمل ڪندي چڱي ويڙهہ وڙهندو رهہ ۽ پنهنجي وشواس ۽ صاف ضمير کي قائم رک. ڪن ماڻهن پنهنجي ضمير کي ڇڏي پنهنجي وشواس جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي. همنيس ۽ سڪندر انهن مان ئي آهن، جن کي مون شيطان جي حوالي ڪري ڇڏيو، تہ جيئن ايشور جي نندا کان مُڙي وڃڻ سکن. هاڻي سڀ کان پهريائين آءٌ هيءَ نصيحت ٿو ڪريان تہ منٿون، پرارٿنائون، وينتيون ۽ شڪرگذاريون سڀني ماڻهن لاءِ ڪيون وڃن. خاص ڪري راجائن ۽ سڀني اختياريءَ وارن لاءِ پرارٿنا ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اسين پوري ڌرمچاريءَ ۽ سنجيدگيءَ سان سک ۽ شانتيءَ وارو جيون گذاريون. اها ڳالهہ چڱي ۽ اسان جي مڪتي ڏيندڙ ايشور جي نظر ۾ وڻندڙ آهي. هو چاهي ٿو تہ سڀيئي ماڻهو مڪتي حاصل ڪري سچائيءَ کي ڄاڻي وٺن. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ مڪتي ڏيڻ وارو ايشور هڪڙو ئي آهي ۽ ايشور ۽ ماڻهن جو وچ وارو بہ هڪڙو آهي، يعني يسوع مسيح جيڪو انسان آهي. هن سڀني ماڻهن جي مڪتيءَ لاءِ پنهنجو پاڻ کي عيوضي طور ڏيئي ڇڏيو. مسيح جو اهو ٻليدان هڪ شاهدي آهي جيڪا مناسب وقت تي ڏني ويئي. انهيءَ شاهديءَ جو پرچار ڪندڙ ۽ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت مون کي مقرر ڪيو ويو، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ غير قومن کي سکيا ڏيان تہ جيئن اهي وشواس آڻي سچائيءَ کي ڄاڻي وٺن. آءٌ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان. منهنجي مرضي آهي تہ مرد گڏجي هر ڀڳتيءَ ۾ ڪاوڙ ۽ تڪرار کان سواءِ پوِتر هٿن سان پرارٿنا ڪن. منهنجي مرضي اها بہ آهي تہ ناريون حياءَ واري پوشاڪ ڍڪي لڄ ۽ پرهيزگاريءَ سان پاڻ کي سينگارين، نہ وارن کي ڳُتڻ يا سون يا موتين يا قيمتي ڪپڙن پهرڻ سان، بلڪ اهي پاڻ کي چڱن ڪمن سان سينگارين، جيئن انهن نارين کي مناسب آهي، جيڪي پاڻ کي ايشور ڀڳت ٿيون چوائين. نارين کي گھرجي تہ خاموش رهندي پوري تابعداريءَ سان سکيا حاصل ڪن. آءٌ آگيا نہ ٿو ڏيان تہ ناريون مردن کي سکيا ڏين يا مٿن حڪم هلائين، بلڪ اهي خاموش رهن. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ پهريائين آدم جوڙيو ويو ۽ پوءِ حوا. اهو بہ آهي تہ آدم ٺڳيو نہ ويو، پر حوا يعني ناري ٺڳجي ويئي ۽ ايشور جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪيائين. تنهن هوندي بہ ناري ذات ٻار پيدا ڪرڻ واري حالت جي باوجود مڪتي حاصل ڪندي، بشرطيڪ اها وشواس، پريم ۽ پوِترتائيءَ تي پرهيزگاريءَ سان قائم رهي. اهو سچ آهي تہ جيڪو ماڻهو وشواسي منڊليءَ ۾ سنڀاليندڙ جو عهدو وٺڻ گھري ٿو، سو چڱي ڪم جي خواهش ٿو ڪري. تنهنڪري ضروري آهي تہ سنڀاليندڙ تي ڪو الزام نہ هجي. هو پنهنجي پتنيءَ سان وفادار رهڻ سان گڏ پرهيزگار، سمجھُو، اصول وارو، مهمان‌نواز ۽ سکيا ڏيڻ جي لائق هجي. هو نشئي نہ هجي، نہ ئي مار ڪٽ ڪندڙ، بلڪ نماڻو هجي. هو جھيڙو ڪندڙ يا پئسي جو لالچي نہ هجي. هو پنهنجي گھر جو چڱيءَ طرح سنڀاليندڙ ۽ پنهنجي ٻارن کي پوري سنجيدگيءَ سان وس هيٺ رکڻ وارو هجي. ڏسو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو گھر ئي سنڀالي نہ ٿو سگھي تہ اهو ايشور جي منڊليءَ جي سار سنڀال ڪيئن ڪري سگھندو؟ هو تازو وشواس آڻيندڙ نہ هجي، متان ڦونڊ ۾ اچي شيطان وانگر پاپي قرار ڏنو وڃي. انهيءَ کان علاوہ جيڪي منڊليءَ کان ٻاهر آهن، تن ۾ بہ هو نيڪ نام هجي، انهيءَ لاءِ تہ متان ڦٽڪار هيٺ اچي ۽ شيطان جي ڦندي ۾ ڦاسي پوي. ساڳيءَ طرح منڊليءَ جا سيوڪ بہ مانائتي ڪردار وارا هجن. اهي ٻِہ‌چاپڙا، نشئي ۽ لالچي نہ هجن. اهي وشواس وارين ظاهر ڪيل ڳالهين کي صاف ضمير سان سنڀالي رکن. هي بہ ضروري آهي تہ پهريائين انهن کي پرکيو وڃي، پوءِ جيڪڏهن سندن خلاف ڪو الزام ثابت نہ ٿئي تہ ڀلي سيوڪ طور ڪم ڪن. ساڳئي نموني سيواداري ناريون بہ مانائتي ڪردار واريون هجن. اهي گلا ڪندڙ نہ هجن، پر پرهيزگار ۽ هر ڳالهہ ۾ ڀروسي جوڳيون هجن. هر هڪ سيوڪ پنهنجي پتنيءَ سان وفادار هجي ۽ پنهنجن ٻارن ۽ پنهنجي گھر جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪندڙ هجي. سو جيڪي سيوڪ چڱيءَ طرح سيوا ٿا ڪن، سي چڱو درجو ٿا ماڻين ۽ جيڪو وشواس کين يسوع مسيح تي آهي تنهن ۾ وڏي دليري حاصل ڪن ٿا. مون کي اميد آهي تہ جلد ئي تو سان اچي ملندس. تڏهن بہ هي هدايتون آءٌ تو ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان جو جيڪڏهن مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ هنن هدايتن مان تون ڄاڻي وٺجانءِ تہ ايشور جو گھراڻو جيڪو جيوت ايشور جي منڊلي ۽ سچ جو ٿنڀو ۽ بنياد آهي، تنهن ۾ ماڻهن کي ڪهڙيءَ طرح هلت چلت ڪرڻ کپي. انهيءَ سچ بابت اسان کي ڪو شڪ ناهي، بلڪ ڌرمچاريءَ جو اهو ڀيد مهان آهي، يعني هو شرير ۾ ظاهر ٿيو ۽ پوِتر آتما ۾ سچو ثابت ٿيو. هو دوتن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس پرچار ڪيو ويو. سنسار ۾ مٿس وشواس آندو ويو ۽ مٿي مهان ايشور جي تخت ڏانهن کنيو ويو. پوِتر آتما صاف طور چوي ٿي تہ انتم ڏينهن ۾ ڪي ماڻهو وشواس کان ڦري ڀَٽڪائيندڙ آتمائن ۽ ڀوتن جي سکيا تي ڌيان ڏيندا. اهڙيون ڳالهيون انهن ڪوڙن ماڻهن جي پاکنڊپائيءَ ڪري ٿينديون، جن جي ضمير کي شيطان ڏنڀ هڻي پنهنجو ظاهر ڪيو آهي. اهڙا ماڻهو شادي ڪرڻ کان منع ٿا ڪن ۽ کاڌي وارين ڪن شين کان پرهيز ڪرڻ جو حڪم ٿا ڏين، جڏهن تہ اهي شيون ايشور انهيءَ لاءِ پيدا ڪيون آهن تہ جيڪي ماڻهو وشواس رکن ٿا ۽ سچ کي سڃاڻين ٿا سي انهن کي شڪرگذاريءَ سان کائين. ايشور جيڪي ڪجھہ جوڙيو آهي، سو چڱو آهي ۽ انهيءَ کي رد ڪرڻ نہ گھرجي. پر ضروري اهو آهي تہ انهيءَ کي ايشور جي شڪرگذاريءَ سان قبول ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ايشور جي فرمان ۽ ماڻهن جي پرارٿنا جي ڪري پوِتر ٿي پوي ٿو. جيڪڏهن تون وشواسين کي اهي ڳالهيون ياد ڏياريندو رهندين تہ يسوع مسيح جو سٺو سيواداري ثابت ٿيندين. انهيءَ سان گڏ وشواس وارين ڳالهين ۽ سٺي سکيا سان پرورش پائيندين، جن تي تون هلندو رهيو آهين. اجاين ۽ سکڻين ڪهاڻين تي ڌيان نہ ڏي، اٽلندو پاڻ ۾ ڌرمچاريءَ جي پرورش ڪر. انهيءَ جو سبب اهو آهي تہ شرير جي پرورش مان تہ ڪو ٿورو فائدو آهي، پر ڌرمچاري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي. هائو، هاڻوڪي ۽ آئيندہ جيون جي لاءِ وچن بہ انهيءَ جي ڪري ٿيل آهي. اها ڳالهہ ڀروسي جوڳي ۽ پوريءَ طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي. انهيءَ سبب ئي اسين محنت ۽ سخت ڪوشش ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان جي اميد انهيءَ جيوت ايشور تي رکيل آهي جيڪو سڀني ماڻهن، خاص ڪري وشواسين کي مڪتي ڏيندڙ آهي. اهي ڳالهيون سيکاريندي ماڻهن کي مٿن عمل ڪرڻ جو حڪم ڏي. ائين ٿيڻ نہ ڏي جو ڪوبہ ماڻهو تنهنجي جوانيءَ جي ڪري تو کي خسيس سمجھي، بلڪ تون ڳالهہ ٻولهہ ۾، هلت چلت ۾، پريم ۾، وشواس ۾ ۽ پوِترتائيءَ ۾ وشواسين لاءِ نمونو ٿيءُ. جيستائين آءٌ اچان تيستائين ماڻهن ۾ پوِتر لکتون پڙهي ٻڌائڻ، نصيحت ڪرڻ ۽ سکيا ڏيڻ ۾ مگن رهہ. جيڪو وردان تو کي ايشور جي فرمان جي وسيلي وشواسي منڊليءَ جي اڳواڻن جي هٿن رکڻ سان مليو هو، تنهن کان لاپرواهي نہ ڪر. انهن ڳالهين تي ڌيان ڏي ۽ پاڻ کي انهن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏ، تہ جيئن هر ڪنهن ماڻهوءَ تي تنهنجي ترقي ظاهر ٿئي. پاڻ کي ۽ پنهنجي سکيا کي جاچيندو رهہ. انهن هدايتن تي ثابت قدم رهہ، ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ سان تون پنهنجي ۽ پنهنجي ٻڌڻ وارن جي مڪتيءَ جو سبب بڻبين. ڪنهن وڏي عمر واري ماڻهوءَ کي ڇڙٻ نہ ڏي، بلڪ انهيءَ کي پتا وانگر سمجھي نصيحت ڪر ۽ نوجوانن کي ڀائرن وانگر سمجھاءِ. وڏي عمر وارين نارين کي ماتا وانگر ۽ جوان نارين کي ڀينرن وانگر سمجھي کين پوري پوِترتائيءَ سان سمجھاءِ. انهن وڌوائن جو پوريءَ طرح مان ڪر، جيڪي سچ پچ نڌڻڪيون آهن. پر جيڪڏهن ڪنهن وڌوا کي ڌيئر، پٽ يا انهن جا ٻار هجن تہ اهي سڀ کان پهريائين پنهنجي گھراڻي سان ڌرمچاريءَ واري هلت ڪرڻ ۽ پنهنجي ماتا پتا ۽ وڏن جو حق ادا ڪرڻ سکن، ڇاڪاڻ تہ ايشور کي اهو پسند آهي. اهڙي وڌوا جيڪا سچ پچ نڌڻڪي ۽ بلڪل اڪيلي آهي، سا ايشور تي آسرو ٿي رکي ۽ مدد لاءِ رات ڏينهن ايشور کي منٿون ڪرڻ ۽ پرارٿنا ڪرڻ ۾ مگن ٿي رهي. پر جيڪا وڌوا عيش عشرت ۾ ٿي گذاري، سا جيوت ئي مئل آهي. انهن ڳالهين لاءِ سڀني کي تاڪيد ڪر تہ جيئن ڪنهن تي بہ ڪا تهمت نہ لڳي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي مائٽن ۽ خاص ڪري پنهنجي گھر ٻار جي سار سنڀال نہ ٿو ڪري، تہ اهو وشواس کان انڪاري ٿيو ۽ انهيءَ کان بہ وڌيڪ خراب آهي جنهن جو ڪو وشواس ڪونهي. وڌوائن جي ياداشت نامي ۾ انهيءَ وڌوا جو نالو داخل ڪيو وڃي، جنهن جي عمر سٺ سالن کان گھٽ نہ هجي ۽ پنهنجي پتيءَ سان وفادار ٿي رهي هجي. اها هر چڱي ڪم ڪرڻ ۾ مشغول رهي هجي، جنهن جي شاهدي ماڻهو ڏيندا هجن، مثال طور ٻارن جي پالنا ۽ مسافرن جي مهمان‌نوازي ڪئي هجائين، پيار ۽ نماڻائيءَ سان مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي سيوا ڪئي هجائين ۽ ڏکويلن جي مدد ڪئي هجائين. انهيءَ کان علاوہ اهي گھر گھر وڃي اجايو وقت وڃائڻ جون عادي بڻجن ٿيون. نہ رڳو اجايو وقت وڃائڻ بلڪ اجائي بڪ بڪ ڪن ٿيون ۽ ٻين جي ڪمن ۾ دخل ڏيندي اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿيون، جيڪي ڪرڻ نہ گھرجن. تنهنڪري آءٌ چاهيان ٿو تہ جوان وڌوائون شادي ڪن، ٻار ڄڻين ۽ پنهنجا گھر سنڀالين. اهڙيءَ طرح اهي ڪنهن مخالف کي اسان تي ڦٽ لعنت ڪرڻ جو وجھہ نہ ڏين. آءٌ هي انهيءَ ڪري ٿو چاهيان جو هن کان اڳ ڪي وڌوائون ڀَٽڪي شيطان جي پيروي ڪرڻ لڳيون آهن. جيڪڏهن ڪنهن وشواسي ناريءَ جي گھراڻي ۾ ڪي وڌوائون هجن، تہ اها ئي سندن پرگھور لهي. منڊليءَ تي انهن جو بار نہ پوڻ کپي، تہ جيئن منڊلي انهن وڌوائن جي پرگھور لهي سگھي جيڪي سچ پچ نڌڻڪيون آهن. جيڪي اڳواڻ منڊليءَ جي چڱيءَ طرح سنڀال ٿا ڪن، خاص ڪري اهي جيڪي پرچار ڪرڻ ۽ سکيا ڏيڻ جو ڪم محنت سان ٿا ڪن، سي مان‌سمان سان گڏ مدد جي لائق بہ سمجھيا وڃن. پوِتر شاستر ۾ بہ ائين ئي لکيل آهي تہ ”جڏهن ڪو ڍڳو ڳاهہ ۾ وهي، تڏهن ان جو وات نہ ٻڌ.“ اهو بہ لکيل آهي تہ ”مزدور پنهنجي مزدوريءَ جو حقدار آهي.“ ڪنهن اڳواڻ تي ڪا تهمت لڳي تہ اها ٻن يا ٽن شاهدن کان سواءِ نہ ٻڌجانءِ. پوءِ جيڪڏهن ڪو واقعي ڏوهي ثابت ٿئي تہ ان کي سڀني ماڻهن جي اڳيان ڦٽ لعنت ڪر، تہ جيئن ٻين کي بہ ڊپ ٿئي. آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ ايشور، يسوع مسيح ۽ آڪاشي دوتن کي حاضر ناظر ڄاڻي بنا ڪنهن ساڙ جي انهن هدايتن تي عمل ڪجانءِ ۽ ڪنهن جي بہ طرفداريءَ نہ ڪجانءِ. ڪنهن ماڻهوءَ کي سيوا لاءِ مقرر ڪرڻ ۾ اُٻهرو نہ ٿجانءِ ۽ نہ وري ٻين جي پاپن ۾ شريڪ ٿجانءِ. مطلب تہ پنهنجو پاڻ کي هر الزام کان پوِتر رکجانءِ. معدي ۾ تڪليف ۽ اڪثر بيمار رهڻ جي ڪري هاڻي رڳو پاڻي ئي نہ پيئندو ڪر، بلڪ ٿوري مئي بہ استعمال ڪندو ڪر. هيءَ ڳالهہ ياد رک تہ ڪن ماڻهن جا پاپ سندن عدالت ۾ پهچڻ کان اڳي ئي صاف ظاهر ٿا ٿين، پر ڪن جا پاپ بعد ۾ ظاهر ٿيو پون. ساڳيءَ طرح چڱا ڪم بہ صاف ظاهر ٿين ٿا ۽ جيڪي ظاهر نہ آهن سي بہ لڪل رهي نہ ٿا سگھن. جيڪي وشواسي غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ آهن، سي پنهنجن مالڪن کي پوري مان‌سمان جي لائق سمجھن، انهيءَ لاءِ تہ ايشور جي نالي جي ۽ اسان جي سکيا جي بدنامي نہ ٿئي. جن وشواسي غلامن جا مالڪ بہ وشواسي آهن سي ائين نہ سمجھن تہ ”اسان کي پنهنجن مالڪن جو گھڻو مان ڪرڻ جي ضرورت نہ آهي، ڇوجو اسين انهن جا وشواسي ڀائر ڀينر آهيون.“ ان جي بدران اهي مالڪن جي بهتر سيوا ڪن، ڇاڪاڻ تہ جن کي سندن سيوا جو فائدو ٿو ملي سي انهن جا هم‌وشواسي ۽ پيارا آهن. انهن سڀني ڳالهين جي تون ماڻهن کي سکيا ڏي ۽ نصيحت ڪر. جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي صحيح ڳالهين ۽ ڌرمچاريءَ واري سکيا کي نہ ٿو مڃي ۽ ٻئي قسم جي سکيا ٿو ڏئي تہ اهو مغرور آهي ۽ ڪجھہ بہ نہ ٿو ڄاڻي. هن کي بحث مباحثي ۽ ڳالهہ ڳالهہ تي تڪرار ڪرڻ جو مرض آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ساڙ، جھيڙا، گلاخوري ۽ شڪ شبها پيدا ٿين ٿا. عقل کان بگڙيل اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ سدائين اڻ‌بڻت پيدا ٿيندي ٿي رهي. اهي سچ کان محروم آهن ۽ ڌرمچاريءَ کي مالي فائدي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجھن ٿا. بيشڪ ڌرمچاري وڏي فائدي واري آهي، بشرطيڪ ان سان گڏ پاڻ وٽ جيڪي ڪجھہ بہ هجي تنهن تي راضي رهجي، ڇاڪاڻ تہ اسان سنسار ۾ نہ ڪجھہ آندو آهي ۽ نہ ئي ڪجھہ منجھانئس کڻي وڃي ٿا سگھون. سو جيڪڏهن اسان وٽ رڳو خوراڪ ۽ پوشاڪ موجود آهي تہ انهيءَ تي ئي راضي رهون. پر جيڪي ماڻهو دولتمند ٿيڻ ٿا گھرن، سي آزمائش ۾ پون ٿا ۽ گھڻين ئي مورکتا ۽ نقصان وارين خواهشن جي ڦندي ۾ ڦاسجي تباهيءَ ۽ برباديءَ ۾ غرق ٿي وڃن ٿا. ياد رکو، پئسي سان پيار رکڻ هر قسم جي برائيءَ جي پاڙ آهي. ڪي ماڻهو دولت جي خواهش ۾ پئجي وشواس کان ڀَٽڪي ويا آهن ۽ پاڻ کي طرح طرح جي تڪليفن ۾ وڪوڙي ڇڏيو اٿائون. پر اي ايشور جا بندا! تون انهن ڳالهين کان پري ڀڄجانءِ ۽ سچائيءَ، ڌرمچاريءَ، وشواس، پريم، ثابت قدميءَ ۽ نمرتا جو ڳولائو رهجانءِ. تون وشواس جي ويڙهہ چڱيءَ طرح وڙهہ ۽ امر جيون کي هٿ ڪر، جنهن جي لاءِ تون سڏيو ويو هئين ۽ گھڻن شاهدن جي روبرو تو چڱو اقرار ڪيو هو. آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ ايشور، جيڪو هر جاندار کي جيون ٿو بخشي ۽ يسوع مسيح، جنهن گورنر پنطيس پلاطس جي اڳيان چڱو اقرار ڪندي شاهدي ڏني هئي، تن کي حاضر ناظر ڄاڻي تون اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ظاهر ٿيڻ تائين انهيءَ حڪم تي بي‌داغ ۽ بي‌الزام رهي عمل ڪر. ايشور پنهنجي مقرر وقت تي مسيح کي ظاهر ڪندو. هائو، اهو ئي ايشور مسيح کي ظاهر ڪندو جيڪو وڏيءَ مهما وارو ۽ اڪيلو حاڪم آهي ۽ جيڪو راجائن جو راجا ۽ پرڀوئن جو پرڀو آهي. رڳو اهو ئي ابناسي آهي ۽ هو انهيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نہ ٿو سگھي. هن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. شل انهيءَ ايشور جو مان‌سمان ٿيندو رهي ۽ سندس شڪتي هميشہ تائين قائم رهي. آمين. جيڪي هم‌وشواسي هن انتم زماني ۾ دولتمند آهن، تن کي تاڪيد ڪر تہ اهي مغرور نہ ٿين. هو ناس ٿيندڙ دولت تي نہ، پر انهيءَ ايشور تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون. انهن کي نصيحت ڪر تہ نيڪي ڪن ۽ چڱن ڪمن ۾ دولتمند ٿين، سخي ٿين ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار رهن. انهيءَ طرح اهي ايندڙ نئين زماني لاءِ اهڙي دولت ميڙيندا جيڪا پختي بنياد واري هوندي، جنهن تي قائم رهي هو اهڙو جيون هٿ ڪري سگھن ٿا جيڪو حقيقي آهي. اي تيمٿيس! خوشخبريءَ واري امانت جيڪا تو کي سونپي ويئي آهي، تنهن جي سنڀال ڪر. اجائي بڪ بڪ ۽ انهيءَ گيان کان پاسو ڪندو رهہ، جنهن ۾ اختلافي ڳالهيون آهن ۽ جنهن کي گيان چوڻ ئي غلط آهي. ڪي ماڻهو اهڙي گيان جا ماهر هئڻ جي دعويٰ ڪري وشواس کان ڀَٽڪي ويا آهن. اوهان سڀني تي ڪرپا ٿيندي رهي. هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو ايشور جي مرضيءَ سان مسيح يعني يسوع جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان، تہ جيئن انهيءَ وچن ڪيل جيون جو سنديش ٻڌايان جيڪو اسان کي يسوع مسيح ۾ حاصل ٿئي ٿو. هي خط تو تيمٿيس ڏانهن لکان ٿو، جيڪو منهنجو پيارو پٽ آهين. شل تو تي ايشور پتا ۽ اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا، ديا ۽ شانتي هجي. جنهن ايشور جي ڀڳتي منهنجي ابن ڏاڏن ڪئي، آءٌ بہ انهن وانگر صاف‌دليءَ سان انهيءَ جي ڀڳتي ڪندي ۽ پنهنجين پرارٿنائن ۾ رات ڏينهن سدائين تو کي ياد ڪندي ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪريان. تنهنجي ڳوڙهن کي ياد ڪري تو سان ملڻ لاءِ سڪان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ تو سان ملي منهنجي دل خوشيءَ سان ڀرجي وڃي. مون کي تنهنجو سچو وشواس ياد آهي ۽ يقين اٿم تہ تنهنجو وشواس اهو ساڳيو ئي وشواس آهي جيڪو پهريائين تنهنجي نانيءَ لوئس ۽ تنهنجي ماتا يونيڪيءَ جو هو. انهيءَ سبب آءٌ تو کي ياد ٿو ڏياريان تہ تون پاڻ ۾ موجود ايشور جي انهيءَ وردان کي شعلي وانگر ڀڙڪاءِ، جيڪو منهنجي هٿن رکڻ جي وسيلي تو کي مليل آهي. ائين ڪندو رهہ، ڇاڪاڻ تہ ايشور اسان کي بزدليءَ واري آتما نہ ڏني آهي، پر شڪتيءَ واري، پريم واري ۽ خود ضابطي واري آتما ڏني اٿس. تنهنڪري اسان جي پرڀو يسوع بابت شاهدي ڏيڻ کان شرم نہ ڪر. نڪي مون کان شرم ڪر جيڪو سندس واسطي قيدي آهيان. ان جي بدران ايشور کان ملندڙ شڪتيءَ سان خوشخبريءَ جي خاطر سختي سهڻ ۾ مون سان شريڪ ٿيءُ. انهيءَ ايشور اسان کي مڪتي ڏني ۽ پوِتر جيون گذارڻ لاءِ پاڻ ڏانهن سڏيو. اهو اسان جي عملن جي ڪري نہ، پر سندس خاص ارادي ۽ انهيءَ ڪرپا موجب ٿيو، جيڪا اسان تي يسوع مسيح ۾ سنسار جي شروعات کان اڳ ڪئي ويئي هئي. هاڻ اها اسان جي مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح جي اچڻ سان ظاهر ٿي، جنهن موت کي ناس ڪري ڇڏيو ۽ جيون بلڪ ناس نہ ٿيندڙ جيون کي پنهنجي خوشخبريءَ جي وسيلي روشنيءَ ۾ آڻي اسان تي ظاهر ڪيو. مون کي انهيءَ ئي خوشخبريءَ جو اعلان ڪندڙ، پرچار جو اختيار رکندڙ ۽ سکيا ڏيندڙ مقرر ڪيو ويو، جنهن ڪري مون کي جيل ۾ تڪليفون ڏنيون وڃن ٿيون. تنهن هوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ تہ جنهن تي منهنجو وشواس آهي، تنهن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو پنهنجي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين سنڀال ڪري ٿو سگھي. اهي صحيح ڳالهيون جيڪي تو مون کان ٻڌيون، تنهنجي لاءِ هڪ نمونو آهن. سو تون انهن کي انهيءَ وشواس ۽ پريم سان دل ۾ سانڍي ڇڏ، جيڪي مسيح ۾ تو کي آهن. خوشخبريءَ واري چڱي امانت جيڪا تو کي سونپي ويئي آهي تنهن جي سنڀال انهيءَ پوِتر آتما جي مدد سان ڪر، جيڪا اسان ۾ رهي ٿي. تون اهو ڄاڻين ٿو تہ فوگلس ۽ هرمگنيس ڀائرن سميت آسيا صوبي جا سڀ وشواسي مون کان منهن موڙي ويا آهن. پرڀو يسوع شل اُنيسفرس جي گھراڻي تي ديا ڪري، ڇاڪاڻ تہ هن ڪيترائي ڀيرا قيد ۾ منهنجي سار سنڀال ڪئي ۽ منهنجي قيدي هئڻ سبب ڪا شرمساري محسوس نہ ڪيائين. ايتري قدر جو جڏهن هو روم شهر ۾ آيو تہ منهنجي ڏاڍي ڳولا ڪيائين، تان جو مون کي اچي ڳولي لڌائين. شل پرڀو يسوع ائين ڪري جو سندس اچڻ واري ڏينهن هن تي پرڀو پرميشور جي ديا ٿئي. تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو تہ هن اِفسس شهر ۾ بہ منهنجي ڪيتري نہ مدد ڪئي. هاڻ اي منهنجا پٽ! جيڪا ڪرپا تو کي يسوع مسيح ۾ بخشي ويئي آهي، تنهن سان پختو ٿيءُ. جيڪي ڳالهيون تو گھڻن شاهدن جي روبرو مون کان ٻڌيون آهن، سي اهڙن ايماندار ماڻهن جي حوالي ڪر جيڪي ٻين کي بہ سيکارڻ جي لائق هجن. يسوع مسيح جي سٺي سپاهيءَ وانگر سختي سهڻ ۾ مون سان شريڪ ٿيءُ. ڪوبہ سپاهي پنهنجي فرض جي ادائگيءَ دوران پاڻ کي سنسار جي معاملن ۾ نہ ٿو ڦاسائي، انهيءَ لاءِ تہ جنهن آفيسر کيس ڀرتي ڪيو آهي تنهن کي خوش ڪري. يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو پهلوانيءَ جو مقابلو ٿو ڪري تہ اهو بہ جيستائين مقرر قاعدي موجب نہ ٿو وڙهي تيستائين سوڀ جو انعام حاصل نہ ٿو ڪري. يا وري هاريءَ جو مثال وٺ، جيڪو سخت محنت ٿو ڪري. انهيءَ کي سڀ کان پهريائين فصل جو حصو ملڻ گھرجي. انهن مثالن تي غور ڪر، پرميشور تو کي انهن سڀني ڳالهين جي سمجھہ ڏيندو. اها ڳالهہ سدائين ياد رک تہ يسوع مسيح، جيڪو راجا دائود جي پيڙهيءَ مان آهي، تنهن کي مئلن مان جيوت ڪيو ويو آهي. اها ئي منهنجي خوشخبري آهي. اها خوشخبري ٻڌائڻ جي ڪري ئي آءٌ تڪليفون ٿو سهان، ايتري قدر جو ڪنهن ڏوهاريءَ وانگر قيد ۾ پيو آهيان. پر ايشور جي سنديش کي قيد ڪري نہ ٿو سگھجي. تنهنڪري آءٌ ايشور جي چونڊيلن جي خاطر سڀ ڪجھہ سهان ٿو، تہ جيئن جيڪا مڪتي يسوع مسيح ۾ ٿي ملي، تنهن کي اهي بہ هميشہ واري مهانتا سميت حاصل ڪن. اها ڳالهہ ڀروسي جوڳي آهي تہ ”جيڪڏهن اسين يسوع مسيح سان گڏ مئا آهيون، تہ پوءِ هن سان گڏ جيوت بہ رهنداسين. جيڪڏهن اسين تڪليفون سهندا رهون، تہ هن سان گڏ راڄ بہ ڪنداسين. جيڪڏهن اسين هن کي قبول نہ ڪنداسين، تہ هو بہ اسان کي قبول نہ ڪندو. جيڪڏهن اسين بي‌وفا ٿا ٿيون، تڏهن بہ هو هميشہ وفادار رهندو. هائو، جيئن تہ هو سچو آهي، سو پنهنجو انڪار ڪري نہ ٿو سگھي.“ اهي ڳالهيون ماڻهن کي ياد ڏيار ۽ کين تاڪيد ڪر تہ اهي ايشور کي حاضر ناظر ڄاڻي ڳالهہ ڳالهہ تي تڪرار نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مان ڪجھہ بہ حاصل ٿيڻو ناهي. اٽلندو انهيءَ سان ٻڌڻ وارا برباد ٿيو وڃن. پنهنجو پاڻ کي ايشور وٽ وڻندڙ يعني اهڙي محنتيءَ طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪر جنهن کي شرمندو ٿيڻو نہ پوي ۽ جيڪو حق جو سنديش صحيح نموني ۾ استعمال ڪندڙ هجي. اجائي بڪ بڪ کان پاسو ڪر، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو انهيءَ ۾ جيترو وڌندا ويندا، اوترو ئي بي‌ڌرميءَ ۾ بہ وڌندا ويندا. انهن جي بڪواس ائين پکڙبي رهندي جيئن شرير ۾ ناسور پکڙبو آهي. همنيس ۽ فليتس اهڙن ئي ماڻهن مان آهن. اهي سچ کان ڀَٽڪي چون ٿا تہ مئلن جو جيوت ٿي اٿڻ اڳي ئي ٿي چڪو آهي. ائين اهي ڪن ماڻهن جو وشواس بگاڙين ٿا. تنهن هوندي بہ ايشور جو وڌل مضبوط بنياد قائم رهي ٿو. انهيءَ تي هي لفظ اُڪريل آهن تہ ”پرميشور پنهنجن کي سڃاڻي ٿو“ ۽ ”جيڪو پرميشور جو نالو وٺي ٿو، سو بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري.“ ڪنهن وڏي گھر ۾ نہ رڳو سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ هوندا آهن جيڪي اتم ڪمن لاءِ استعمال ٿين ٿا، بلڪ ڪاٺ ۽ ٺڪر جا بہ هوندا آهن جيڪي نيچ ڪمن لاءِ استعمال ٿين ٿا. اهڙي نموني جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي انهن نيچ ڳالهين کان پوِتر ٿو رکي تہ اهو مانائتو ۽ مخصوص ٿانءُ ٿيندو، جيڪو پنهنجي مالڪ لاءِ ڪارائتو ۽ هر چڱي ڪم لاءِ تيار هوندو. تون جوانيءَ جي برين خواهشن کان پري ڀڄ ۽ جيڪي پوِتر دل سان پرميشور کي پڪارين ٿا، تن سان گڏجي سچائيءَ، وشواس، پريم ۽ شانتيءَ جو ڳولائو ٿيءُ. مورکتا ۽ اڻ‌ڄاڻائيءَ وارن بحثن کان پاسو ڪر، ڇاڪاڻ تہ تون ڄاڻين ٿو تہ انهن سان جھيڙا جھڳڙا پيدا ٿين ٿا. پرميشور جي داس لاءِ مناسب نہ آهي تہ هو جھيڙو ڪري. ان جي بدران کيس گھرجي تہ سڀني سان نرميءَ سان پيش اچي، سکيا ڏيڻ جي لائق هجي ۽ بردبار هجي. جيڪي سندس مخالف آهن تن کي هو نرميءَ سان سمجھائي. ٿي سگھي ٿو تہ ايشور انهن کي توبهہ جي شڪتي ڏئي تہ جيئن اهي سچ کي ڄاڻي وٺن ۽ پنهنجي هوش ۾ اچي شيطان جي ڦندي مان ڇٽن، جنهن کين انهيءَ لاءِ قيدي بڻايو آهي تہ اهي سندس مرضي پوري ڪن. هاڻ هي بہ ڄاڻي ڇڏ تہ هن انتم زماني ۾ جيون گذارڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو مطلبي، پئسي جا پوجاري، ٻٽاڪي، مغرور، ايشور جي نندا ڪندڙ، ماتا پتا جا نافرمان، بي‌شڪرا ۽ ايشور جي ڳالهين کي ڌڪاريندڙ هوندا. اهي پريم کان خالي، سنگدل، بدنامي ڪندڙ، پاڻ تي ضابطو نہ رکندڙ، وحشي ۽ نيڪيءَ جا دشمن هوندا. اهي دغاباز، اُٻهرا، وڏائيءَ ۾ ڦونڊيل ۽ ايشور جي بدران عيش عشرت جا ڳولائو هوندا. اهي ڌرمچاريءَ جو ظاهري نمونو تہ رکندا، پر انهيءَ جو اثر قبول نہ ڪندا. اهڙن ماڻهن کان پاسو ڪجانءِ. اهڙي ئي قسم جي ماڻهن مان ڪي لڪ چوريءَ گھرن ۾ گھڙي اهڙين بي‌عقل نارين کي پنهنجي چنبي ۾ آڻين ٿا، جيڪي پنهنجن پاپن جي ڪري پريشان رهندي طرح طرح جي برين خواهشن ۾ ڦاٿل رهن ٿيون. اهي هميشہ نيون نيون ڳالهيون تہ سکنديون رهن ٿيون، پر سچ جي سڃاڻپ تائين ڪڏهن بہ نہ ٿيون پهچن. جهڙيءَ طرح ينيس ۽ يمبريس جادوگرن موسيٰ جي مخالفت ڪئي هئي، تهڙيءَ طرح هي ماڻهو بہ سچ جي مخالفت ڪن ٿا. هي اهڙا ماڻهو آهن جن جو عقل بگڙيل آهي ۽ وشواس جي لحاظ کان رد ٿيل آهن. پر اهي اڳتي وڌي ڪين سگھندا، ڇاڪاڻ تہ سندن مورکتا سڀني ماڻهن تي ظاهر ٿيندي، جهڙيءَ طرح انهن ٻنهي جادوگرن جي بہ ٿي هئي. پر تو منهنجي سکيا، هلت چلت، مقصد، وشواس، برداشت، پريم ۽ ثابت قدميءَ ۾ منهنجي پيروي ڪئي آهي. انهيءَ کان علاوہ تو انهن آزارن ۽ ڏکن سورن ۾ بہ منهنجي پيروي ڪئي آهي، جيڪي انطاڪيا، اڪونيم ۽ لسترا شهرن ۾ مون کي ڏنا ويا. مون ڪيڏا نہ آزار سٺا، پر پرڀو يسوع مون کي انهن سڀني مان ڇڏايو. حقيقت ۾ جيڪي بہ يسوع مسيح ۾ ڌرمچاريءَ سان جيون گذارڻ چاهين ٿا، سي سڀ ستايا ويندا. جڏهن تہ بڇڙا ۽ دوکيباز ماڻهو ٻين کي دوکو ڏيندي ۽ پاڻ بہ دوکو کائيندي خراب کان خراب ٿيندا ويندا. پر تون انهن ڳالهين تي قائم رهہ، جيڪي تو سکيون آهن ۽ جن کي تو پوريءَ طرح قبول ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تون انهن کي ڄاڻين ٿو جن کان تو اهي سکيون آهن ۽ ننڍپڻ کان وٺي ايشور جي انهن پوِتر لکتن کان بہ واقف آهين، جيڪي يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ سان مڪتي حاصل ڪرڻ لاءِ تو کي ڏاهپ ڏيئي سگھن ٿيون. پوِتر شاستر جي هر لکت جو سرچشمو ايشور ئي آهي ۽ اها لکت حق سچ جي ڄاڻ ڏيڻ، ڇينڀڻ ۽ سڌارڻ ۽ سچائيءَ جي تربيت ڏيڻ لاءِ فائدي واري آهي. مطلب تہ پوِتر لکت جو مقصد اهو آهي تہ ايشور جا داس هر لحاظ کان انهيءَ لائق ٿين جو هر چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ پوريءَ طرح تيار رهن. هاڻ آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ ايشور ۽ يسوع مسيح، جيڪو وري اچي راجا جي حيثيت سان ظاهر ٿيندو ۽ جيوت توڙي مئلن جي عدالت ڪندو، تن ٻنهي کي حاضر ناظر ڄاڻي تون مسيح بابت سنديش جو پرچار ڪندو رهہ ۽ انهيءَ جي لاءِ وقت بي‌وقت تيار رهہ. پوري ڌيرج سان ماڻهن کي سکيا ڏيندي کين سمجھاءِ، ڇينڀ ۽ سندن همت‌افزائي بہ ڪر، ڇاڪاڻ تہ اهڙو وقت ايندو، جڏهن ماڻهو صحيح سکيا برداشت نہ ڪندا. اٽلندو هو پنهنجين خواهشن جي پورائي لاءِ پنهنجي چوڌاري گھڻا ئي اهڙا سکيا ڏيندڙ آڻي گڏ ڪندا، جيڪي کين اهو ئي ڪجھہ ٻڌائين جيڪو سندن ڪن ٻڌڻ چاهين ٿا. اهي سچ ٻڌڻ کان پنهنجا ڪن بند ڪري هٿرادو ڪهاڻين ڏانهن ڌيان ڏيندا. سو تون هر حالت ۾ هوشيار رهہ، سختي سهُہ، خوشخبري ٻڌائڻ جو ڪم ڪر ۽ پنهنجي سيوا جي ذميواري پوري ڪر. باقي رهي منهنجي ڳالهہ تہ هاڻي منهنجي جان ايشور جي لاءِ ٻليدان ٿي رهي آهي. هائو، منهنجي لاڏاڻي جو وقت اچي پهتو آهي. آءٌ چڱي ويڙهہ وڙهي چڪو آهيان. آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪري چڪو آهيان. مون وشواس کي محفوظ رکيو آهي. هاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آهي. اهو تاج، پرڀو يسوع، جيڪو انصاف ڪندڙ جج آهي سو عدالت واري ڏينهن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انهن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاهر ٿيڻ لاءِ واجھائي رهيا آهن. مون وٽ جلد اچڻ جي ڪوشش ڪر، ڇاڪاڻ تہ ديماس هن سنسار جي چاهت ۾ ڦاسي مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٿِسلُنيڪي شهر ڏانهن هليو ويو آهي. ان کان علاوہ ڪريسڪينس گلتيا صوبي ڏانهن هليو ويو آهي ۽ طيطس دلمتيا علائقي ڏانهن. رڳو لوقا مون وٽ آهي. تون مرقس کي پاڻ سان گڏ وٺي اچجانءِ، ڇاڪاڻ تہ سيوا واري ڪم ۾ هو منهنجو سٺو مددگار آهي. تخڪُس کي مون اِفسس شهر ڏانهن موڪليو آهي. جيڪو جبو آءٌ تروآس شهر ۾ ڪرپس وٽ ڇڏي آيو هئس، جڏهن اچين تہ اهو کنيو اچجانءِ، ان سان گڏ منهنجا لکيل ورق بہ، خاص ڪري چمڙي جا ورق. پتل جا ٿانوَ ٺاهڻ واري سڪندر مون سان گھڻي بڇڙائي ڪئي آهي. پرڀو يسوع هن کي پنهنجو ڪيتو لوڙائيندو. تون بہ انهيءَ کان خبردار رهجانءِ، ڇاڪاڻ تہ هن اسان جي ٻڌايل سنديش جي گھڻي مخالفت ڪئي آهي. ڪورٽ ۾ صفائي پيش ڪرڻ واري منهنجي پهرين حاضريءَ تي ڪنهن بہ منهنجو ساٿ نہ ڏنو، بلڪ سڀني مون کي ڇڏي ڏنو. شل ايشور کانئن انهيءَ جو حساب نہ وٺي. پر پرڀو يسوع مون سان گڏ هو، جنهن مون کي شڪتي ڏني، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي وسيلي خوشخبريءَ جو پرچار پورو ٿئي ۽ سڀ غير قومون ان کي ٻڌن. ائين ڄڻ تہ آءٌ شينهن جي وات مان ڇڏايو ويس. پرڀو يسوع مون کي اڳتي بہ هر بڇڙائيءَ کان بچائي وٺندو ۽ آڪاش واري پنهنجي راڄ ۾ صحيح سلامت پهچائيندو. شل سندس مهانتا جي مهما هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين. پرسڪلا ۽ سندس پتي اڪولا کي ۽ اُنيسفرس جي گھر وارن کي نمسڪار ڏجانءِ. اراستس ڪرنٿس شهر ۾ رهي پيو، جڏهن تہ تروفيمس کي بيمار هئڻ ڪري ميليتس شهر ۾ ڇڏڻو پيو. تون سياري کان اڳ مون وٽ اچڻ جي ڪوشش ڪجانءِ. يوبولس، پودينس، لينَس، ڀيڻ ڪلوديا ۽ ٻيا سڀ وشواسي بہ تو کي نمسڪار ٿا چون. شل پرڀو يسوع تو سان گڏ هجي ۽ اوهان سڀني تي سندس ڪرپا ٿيندي رهي. هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو ايشور جو داس ۽ يسوع مسيح جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان. آءٌ انهيءَ ڪري مقرر ڪيو ويو آهيان تہ جيئن وشواس ۾ مضبوط رهڻ لاءِ ايشور جي چونڊيلن جي رهنمائي ڪريان ۽ کين انهيءَ سچائيءَ جي پوريءَ طرح ڄاڻ ڏيان، جيڪا ڌرمچاريءَ جو رستو ٿي ڏيکاري. انهيءَ وشواس رکڻ ۽ سچائيءَ جي ڄاڻ مان انهن ۾ هي ڀروسو پيدا ٿو ٿئي تہ کين امر جيون مليو آهي. ايشور، جيڪو ڪوڙ ڳالهائي نہ ٿو سگھي، تنهن سنسار جي شروعات کان ئي انهيءَ جيون جو وچن ڪيو آهي. هاڻ مناسب وقت تي هن پنهنجي انهيءَ سنديش کي پرچار جي وسيلي ظاهر ڪيو. اهو پرچار اسان جي مڪتي ڏيندڙ ايشور جي حڪم سان مون پولس جي حوالي پڻ ڪيو ويو. هي خط آءٌ تو طيطس ڏانهن لکان ٿو، جيڪو وشواس رکڻ جي لحاظ کان منهنجو سچو پٽ آهين. شل تو تي ايشور پتا ۽ اسان جي مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي. مون تو کي ڪريتي ٻيٽ ۾ انهيءَ لاءِ ڇڏيو هو تہ تون باقي رهيل ڳالهين کي درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون تو کي هدايت ڪئي هئي، تيئن هر شهر جي وشواسي منڊليءَ ۾ اڳواڻ مقرر ڪرين. هر اڳواڻ اهڙو هجي جنهن تي ڪو الزام نہ هجي ۽ هو پنهنجي پتنيءَ سان وفادار هجي. هن جي ٻارن جي هلت چلت وشواسين جي لائق هجي ۽ بدچاليءَ ۽ گستاخيءَ جي تهمت کان پوِتر هجن. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ سنڀاليندڙ کي جيئن تہ منڊليءَ ۾ ايشور جي وس هيٺ ذميواري سونپي ويئي آهي، تنهن لاءِ لازمي آهي تہ هن تي ڪا تهمت نہ هجي. هو نہ هٺيلو هجي، نہ چيڙاڪ، نہ نشئي هجي، نہ مار ڪٽ ڪندڙ ۽ نہ وري لالچي هجي. اٽلندو هو مهمان‌نواز، نيڪيءَ سان پيار رکندڙ، سمجھُو، انصاف پسند، پوِتر ۽ پاڻ تي ضابطو رکندڙ هجي. هن لاءِ لازمي آهي تہ جيڪو ڀروسي وارو سنديش سيکاريو وڃي ٿو تنهن تي قائم رهي، تہ جيئن هو صحيح سکيا سان ٻين کي نصيحت ڪري سگھي ۽ مخالفن جو وات بہ بند ڪري سگھي. انهيءَ جو سبب هي آهي جو گھڻا ئي ماڻهو، خاص ڪري اهي جيڪي ختنو ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڀرين، سي فسادي، اجائي بڪ بڪ ڪندڙ ۽ دغاباز آهن. انهن جو وات بند ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ تہ اهڙا ماڻهو لالچ جي خاطر اهڙيون ڳالهيون سيکاري گھرن جا گھر بگاڙي ٿا ڇڏين، جيڪي کين نہ سيکارڻ گھرجن. ڪريتين جي ڏاهن مان هڪڙي تہ ايتري تائين بہ چيو آهي تہ ”ڪريتي جا ماڻهو هميشہ ڪوڙا، وحشي جانور ۽ نڪما پيٽو هوندا آهن.“ سندس اها شاهدي سچي آهي، تنهنڪري انهن کي سختيءَ سان ڇينڀيندو ڪر، تہ جيئن سندن وشواس درست ٿي وڃي ۽ اهي يهودين جي هٿرادو ڪهاڻين يا انهن ماڻهن جي حڪمن تي ڌيان نہ ڏين جيڪي سچ کان منهن ٿا موڙين. پوِتر ماڻهن لاءِ سڀ شيون پوِتر آهن، پر جيڪي اپوِتر ۽ وشواس نہ آڻيندڙ آهن، تن جي لاءِ ڪابہ شيءِ پوِتر ناهي. حقيقت ۾ انهن جو ذهن توڙي ضمير ٻئي اپوِتر آهن. اهي ايشور کي ڄاڻڻ جي دعويٰ تہ ڪن ٿا، پر سندن عمل انهيءَ جي ابتڙ آهن. اهي نفرت جوڳا، نافرمان ۽ ڪنهن نيڪ ڪم ڪرڻ جي لائق نہ آهن. پر تون اهي ڳالهيون بيان ڪندو رهہ، جيڪي صحيح سکيا موجب آهن. پوڙهن مردن کي سمجھاءِ تہ اهي مانائتي ڪردار وارا، سمجھُو ۽ پرهيزگار رهن ۽ پوري وشواس، پريم ۽ ثابت قدميءَ سان جيون گذارين. ساڳيءَ طرح پوڙهين نارين کي سمجھاءِ تہ انهن جي هلت چلت ايشور ڀڳتيءَ واري هجي ۽ هو گلا ڪندڙ يا نشي جون عادي نہ هجن. اهي چڱيون ڳالهيون سيکارڻ واريون هجن، تہ جيئن جوان نارين کي اها سمجھہ ڏيئي سگھن تہ اهي پنهنجن پتين ۽ ٻارن سان پيار ڪن، سمجھُو ۽ پوِتر هجن، گھر سنڀاليندڙ، ديالو ۽ پنهنجن پتين جي وس هيٺ هجن، تہ جيئن ايشور جي سنديش جي بدنامي نہ ٿئي. ساڳيءَ طرح جوان مردن کي نصيحت ڪر تہ اهي هر لحاظ کان سمجھدار جيون گذارين. تون پاڻ سڀني ڳالهين ۾ چڱا ڪم ڪري انهن لاءِ نمونو بڻجي ڏيکار. تنهنجي سکيا ڏيڻ مان ايمانداري ۽ سنجيدگي ظاهر ٿئي. اهڙي صحيح سکيا ڏي جيڪا ڦٽڪار جوڳي نہ هجي، انهيءَ لاءِ تہ مخالف ماڻهو اسان تي تهمت هڻڻ جو ڪوبہ سبب نہ ڏسي شرمندا ٿين. غلامن کي نصيحت ڪر تہ هر ڳالهہ ۾ پنهنجن مالڪن جي وس هيٺ رهن، انهن کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪن، کين آڏا جواب نہ ڏين ۽ نہ ئي سندن چوري چڪاري ڪن. اٽلندو اهي هر طرح سان چڱا ۽ ايماندار ٿي پيش اچن، انهيءَ لاءِ تہ اهي اسان جي مڪتي ڏيندڙ ايشور جي سکيا کي هر طرح سان سينگاري سگھن. اهڙي هلت چلت ضروري آهي، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي اها ڪرپا جيڪا سڀني ماڻهن جي مڪتيءَ جو سبب آهي، سا ظاهر ٿي چڪي آهي. اها ڪرپا اسان کي هيءَ سکيا ٿي ڏئي تہ سنساري خواهشن ۽ بي‌ڌرميءَ کي ڇڏي اسين هن انتم زماني ۾ پرهيزگاريءَ، سچائيءَ ۽ ڌرمچاريءَ سان جيون گذاريون. ان سان گڏ اسين انهيءَ آسيس ڀري اميد، يعني يسوع مسيح جيڪو اسان جو مهان ايشور ۽ مڪتي ڏيندڙ آهي، تنهن جي شان وَ شوڪت سان ظاهر ٿيڻ جو انتظار ڪريون. هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پوِتر ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي. سو اهي ڳالهيون آهن جيڪي تو کي سيکارڻيون آهن. پوري اختياريءَ سان ماڻهن کي نصيحت ڪر ۽ کين ڇينڀ. ائين ٿيڻ نہ ڏي جو ڪوبہ ماڻهو تو کي خسيس سمجھي. ماڻهن کي ياد ڏياريندو رهہ تہ اهي حڪمرانن ۽ اختياريءَ وارن جي وس هيٺ رهن، سندن حڪم مڃين ۽ هر چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار رهن. اهي ڪنهن جي بہ گلا نہ ڪن، نہ ئي جھيڙو ڪندڙ ٿين، بلڪ نرم سڀاءُ اختيار ڪندي سڀني ماڻهن سان پوري نماڻائيءَ سان پيش اچن. ڏس، اسين ڪنهن وقت مُورک، نافرمان، ڀَٽڪيل ۽ طرح طرح جي شرير وارين خواهشن ۽ عياشين جا غلام هئاسين. اسين دشمنيءَ ۽ ساڙ جي حالت ۾ گذاريندا هئاسين، نفرت جي لائق هئاسين ۽ هڪٻئي سان بہ نفرت ڪندا هئاسين. پر جڏهن اسان جي مڪتي ڏيندڙ ايشور جي ڪرپا ۽ انسان لاءِ سندس پريم ظاهر ٿيو، تڏهن هن اسان کي مڪتي ڏني. اها سچائيءَ وارن انهن ڪمن ڪرڻ ڪري نہ جيڪي اسان پاڻ ڪيا، پر سندس ديا جي ڪري ملي. هائو، هن اسان کي انهيءَ پوِتر آتما جي وسيلي مڪتي ڏني، جنهن اسان کي آتما جي لحاظ کان ڌوئي نئين سر پيدا ڪيو ۽ نئون جيون بخشيو. اها پوِتر آتما اسان جي مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح جي وسيلي ايشور جھجھي انداز ۾ اسان تي پرگھٽ ڪئي، انهيءَ لاءِ تہ اسين سندس ڪرپا جي ڪري ڏانهس سچار بڻجي انهيءَ امر جيون جا وارث ٿيون، جنهن جيون جي اسين اميد رکون ٿا. اها ڳالهہ ڀروسي واري آهي. سو منهنجي مرضي آهي تہ تون پوري يقين سان انهن ڳالهين جي دعويٰ ڪر، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي ايشور تي پورو ڀروسو رکن ٿا، سي ڌيان سان چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ رڌل رهن. اهي ڳالهيون چڱيون ۽ ماڻهن لاءِ فائديمند آهن. پر مورکتا وارن بحثن، ابن ڏاڏن جي ڊگھين فهرستن، جھيڙن جھڳڙن ۽ موسيٰ جي نيم بابت تڪرارن کان پاسو ڪر، ڇاڪاڻ تہ اهي بي‌فائدہ ۽ اجايا آهن. وشواسي منڊليءَ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪندڙ ماڻهوءَ کي هڪ ٻہ دفعا نصيحت ڪر. جيڪڏهن پوءِ بہ نہ مڃي تہ ساڻس ڪوبہ واسطو نہ رک. تون ڄاڻي ڇڏ تہ اهڙو ماڻهو بگڙيل ۽ ڏوهي آهي ۽ پاڻ کي پاپي قرار ڏياري ٿو. جڏهن آءٌ ارتماس يا تخڪُس کي تو وٽ موڪليان، تڏهن تون مون وٽ نيڪپلس شهر ۾ اچڻ جي پوري ڪوشش ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ مون سيارو اتي گذارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. زيناس وڪيل ۽ اپلوس جي تن ۽ من سان مدد ڪري اهڙي بندوبست سان کين روانو ڪجانءِ جيئن هو ڪنهن شيءِ جا محتاج نہ هجن. اهو بہ لازمي آهي تہ ڪريتي وارا اسان جا وشواسي ڀائر ڀينر چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ مگن رهڻ سکن، انهيءَ لاءِ تہ جيئن هو ضرورتن جو پورائو ڪري سگھن ۽ بي‌فائدہ جيون نہ گذارين. جيڪي مون سان گڏ آهن، سي سڀ تو کي نمسڪار ٿا ڏين. اسان سان پريم رکندڙ سڀني وشواسين کي نمسڪار ڏجانءِ. شل اوهان سڀني تي ڪرپا ٿيندي رهي. هي خط مون پولس، جيڪو مسيح يعني يسوع جي خاطر قيد ٿيل آهيان ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان آهي. هي خط تو فليمون ڏانهن موڪلجي ٿو جيڪو اسان جو پيارو ۽ ساٿي سيواداري آهين. تو سان گڏ هي خط اسان جي ڀيڻ افيا ۽ اسان وانگر مسيح جي سپاهي ارخپس ۽ تنهنجي گھر ۾ گڏ ٿيندڙ وشواسي منڊليءَ لاءِ پڻ آهي. شل اوهان تي اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي. جڏهن بہ آءٌ پنهنجي پرارٿنا ۾ تو کي ياد ٿو ڪريان، تڏهن هميشہ ايشور جو شڪر ٿو ڪريان جو آءٌ تنهنجي باري ۾ ٻڌندو آهيان تہ تون پرڀو يسوع تي وشواس رکين ٿو ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن سان پيار ڪرين ٿو. منهنجي پرارٿنا آهي تہ اسان کي مسيح ۾ مليل آسيسن جي ڄاڻ تو ۾ جيئن جيئن وڌندي وڃي، تيئن تيئن اسان سان تنهنجي وشواس واري صحبت مسيح جي خاطر اثرائتي ثابت ٿيندي وڃي. اي ڀاءُ! تنهنجي پيار مون کي وڏي خوشي ۽ تسلي ڏني آهي، ڇاڪاڻ تہ تو مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي دلين کي تازگي ڏني آهي. آءٌ مسيح جي ڪري ايترو تہ دلير آهيان جو تو کي هن ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏيان جيڪو تو کي ڪرڻو آهي. پر تنهن هوندي بہ آءٌ پولس جيڪو پيرسن ۽ هن وقت يسوع مسيح جي خاطر قيد ٿيل آهيان، سو تو کي پيار وچان وينتي ٿو ڪريان. منهنجي وينتي اُنيسمس جي باري ۾ آهي، جنهن کي مون قيد ۾ هوندي پنهنجو پٽ بڻايو آهي. اڳي تہ هو تنهنجي ڪنهن بہ ڪم جو ڪونہ هو، پر هاڻي تنهنجي توڙي منهنجي، ٻنهي جي ڪم جو آهي. آءٌ اُنيسمس کي جيڪو منهنجي جگر جو ٽڪرو آهي تو ڏانهن موٽائي ٿو موڪليان. حقيقت ۾ مون هن کي پاڻ وٽ رکڻ پئي چاهيو، تہ جيئن جيستائين آءٌ هتي خوشخبريءَ جي خاطر قيد ۾ آهيان، هي تنهنجي پاران منهنجي سيوا ڪري. تنهن هوندي بہ منهنجي اها مرضي نہ هئي تہ تنهنجي اڻڄاڻيءَ ۾ ڪجھہ ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اُنيسمس تي تون جيڪا بہ مهرباني ڪرين سا مجبوريءَ سان نہ، پر خوشيءَ سان ڪرين. شايد اُنيسمس تو کان ٿوري وقت لاءِ انهيءَ ڪري ڌار ٿيو تہ جيئن پوءِ هو تو وٽ اچي هميشہ لاءِ هڪ غلام وانگر نہ، پر غلام کان بهتر هڪ پيارو ڀاءُ ٿي رهي. هو مون کي تہ تمام پيارو آهي، پر تنهنجي گھر ۾ رهندڙ ۽ وري مسيح ۾ ڀاءُ هجڻ ڪري تنهنجو اڃا بہ وڌيڪ پيارو هوندو. سو جيڪڏهن تون مون کي پنهنجو ساٿي ٿو سمجھين تہ هن جو آڌرڀاءُ ائين ڪجانءِ جيئن جيڪر منهنجو ڪرين ها. جيڪڏهن هن تنهنجو ڪو نقصان ڪيو آهي، يا تنهنجو ڪو لهڻو ليکو اٿس تہ اهو منهنجي کاتي سمجھہ. آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان لکي ٿو ڏيان تہ هن جو لهڻو ليکو آءٌ پاڻ ڀري ڏيندس. باقي مون کي ائين چوڻ جو ڪو ضرور ئي ڪونهي تہ تنهنجي جان ئي منهنجي قرضدار آهي. اي ڀاءُ! آءٌ چاهيان ٿو تہ پرڀو يسوع جا هئڻ ڪري مون کي تو کان اهو فائدو ملي. ائين مسيح ۾ منهنجي دل کي تازگي ڏي. آءٌ تو ڏانهن انهيءَ يقين سان ٿو لکان تہ تون منهنجي ڳالهہ تي عمل ڪندين، بلڪ منهنجي چوڻ کان بہ وڌيڪ ڪري ڏيکاريندين. انهيءَ کان علاوہ منهنجي ترسڻ لاءِ هڪ ڪمرو تيار رکجانءِ، ڇو تہ مون کي اميد آهي تہ اوهانجين پرارٿنائن جي وسيلي پرڀو مون کي قيد مان آزاد ڪرائي اوهان وٽ آڻيندو. شل پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا اوهان سڀني تي هجي. آمين. اڳئين زماني ۾ ايشور اسان جي ابن ڏاڏن سان وقت بہ وقت ۽ مختلف طريقن سان سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت ڳالهايو. پر هاڻي هن انتم زماني ۾ ايشور اسان سان پنهنجي پٽ جي معرفت ڳالهايو، جنهن کي هن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي سڀيئي زمانا بڻايائين. اهو پٽ ايشور جي جوت جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنهنجي شڪتيءَ واري وچن سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. هو اسان کي پاپن کان ڌوئي پوِتر ڪرڻ بعد مٿي آڪاش تي مهان ايشور جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو. اهڙيءَ طرح هو دوتن کان اوتري قدر مهان ٿيو، جيتري قدر کيس انهن جي دوت نالي کان مهان نالو ورثي ۾ مليو. ڇا ايشور دوتن مان ڪڏهن ڪنهن کي هيئن فرمايو جيئن يسوع کي فرمايائين تہ ”تون منهنجو پٽ آهين، هائو، اڄ آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تنهنجو پتا آهيان“؟ يا ڪنهن دوت بابت هي فرمايو اٿائين تہ ”آءٌ هن جو پتا ٿيندس ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو“؟ وري جڏهن هو پنهنجي پهريتي پٽ کي سنسار ۾ موڪلي ٿو، تڏهن فرمائي ٿو تہ ”مون ايشور جا سڀ دوت هن جي اڳيان سيس نوائين.“ دوتن جي باري ۾ هو فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي دوتن کي هوائون، بلڪ پنهنجي انهن سيوڪن کي باهہ جا شعلا ٿو بڻايان.“ پر پنهنجي پٽ کي هو فرمائي ٿو تہ ”اي ايشور! تنهنجو تخت هميشہ هميشہ تائين قائم رهندو. تنهنجي حڪومت انصاف واري حڪومت آهي. تو سچائيءَ سان پريم، ۽ نيم جي ڀڃڪڙيءَ کان نفرت رکي. تنهنڪري مون يعني تنهنجي ايشور تو کي بيحد خوشيءَ واري وردان سان مخصوص ڪري تنهنجي سنگتين کان تو کي مٿاهون ڪيو.“ هو پٽ کي هيئن بہ فرمائي ٿو تہ ”اي پرڀو! تو شروع ۾ ڌرتيءَ کي بڻايو، ۽ آڪاش پڻ تنهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن. اهي سڀ ناس ٿي ويندا، پر تون قائم رهندين. اهي سڀ پوشاڪ وانگر پراڻا ٿي ويندا. تون انهن کي چادر وانگر مَٽائي ويڙهي ڇڏيندين. هائو، انهن کي پراڻي پوشاڪ وانگر بدلائيندين. پر تون اهڙو جو اهڙو ئي رهندين، ۽ تنهنجو جيون ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندو.“ ڇا ايشور دوتن مان ڪڏهن بہ ڪنهن کي فرمايو تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان“؟ ڇا اهي سڀ دوت ڀڳتي ڪندڙ آتمائون نہ آهن، جيڪي ميراث طور مڪتي حاصل ڪندڙن جي سيوا لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟ تنهنڪري لازمي آهي تہ يسوع بابت جيڪي ڳالهيون اسان ٻڌيون آهن، تن تي اسين وڌيڪ ڌيان ڏيون، انهيءَ لاءِ تہ متان لڙهي انهن کان پري نڪري نہ وڃون. ڏسو، نيم جو جيڪو سنديش دوتن جي معرفت ٻڌايو ويو، سو قائم رهيو ۽ جنهن انهيءَ تي عمل نہ ڪندي ان جي نافرماني ڪئي تنهن کي جوڳي سزا ڏني ويئي. تہ پوءِ هيڏي مهان مڪتيءَ کان جيڪڏهن اسين لاپرواهہ رهياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ انهيءَ مڪتيءَ جو اعلان پهريائين خود پرڀو يسوع ڪيو ۽ پوءِ جن ماڻهن اهو ٻڌو تن اسان کي ثابتي ڏيئي انهيءَ سچائيءَ جي شاهدي ڏني. ايشور بہ نشانين، ڪرامتن ۽ طرح طرح جي چمتڪارن سان ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب پوِتر آتما جا وردان ماڻهن ۾ ورهائيندي انهيءَ مڪتيءَ جي شاهدي ڏيندو رهيو. بيشڪ هيءَ مڪتي دوتن جي معرفت ٻڌايل سنديش کان مهان آهي، ڇاڪاڻ تہ هن انتم زماني کان پوءِ نئين سر بحاليءَ وارو ايندڙ زمانو، جنهن بابت اسين هن خط ۾ ذڪر ٿا ڪريون، تنهن کي ايشور دوتن جي وس هيٺ نہ ڪيو آهي. ڏسو، پوِتر شاستر ۾ اهو بيان ڪيو ويو آهي تہ ”اي ايشور! انسان ڇا آهي، جو تون هن کي ياد ڪرين، يا انسان جو اولاد ڇا آهي، جو تون هن جي چنتا ڪرين. تو هن کي دوتن کان ٿورڙو گھٽ ڪيو آهي. تو هن کي مان‌سمان ۽ مهانتا وارو تاج پارائي سڀ شيون هن جي پيرن هيٺ ڪري ڇڏيون آهن.“ هاڻ جيئن سڀ شيون انسان جي پيرن هيٺ ڪيون ويون آهن، تڏهن ان مان ظاهر آهي تہ ايشور ڪابہ اهڙي شيءِ نہ ڇڏي آهي جيڪا انسان جي وس هيٺ نہ هجي. تنهن هوندي بہ اسين اڃا تائين سڀ شيون انسان جي وس هيٺ نہ ٿا ڏسون. پر اسين يسوع کي ڏسون ٿا، جنهن کي ”دوتن کان ٿورڙو گھٽ“ ڪيو ويو هو، تہ جيئن هو ايشور جي ڪرپا سان هر انسان لاءِ موت جو ذائقو چکي. سو جيئن تہ هن موت جي تڪليف سٺي، تنهنڪري کيس ”مان‌سمان ۽ مهانتا وارو تاج“ پارايو ويو آهي. حقيقت ۾ ايشور، جنهن جي لاءِ ۽ جنهن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آهن، تنهن کي اهو مناسب لڳو تہ گھڻن ٻارن کي مهانتا ۾ داخل ڪرڻ لاءِ يسوع کي تڪليفن جي وسيلي سندن مڪتيءَ جو ڪامل وسيلو بڻائي. هاڻ جيئن تہ پوِتر ۽ مخصوص ڪرڻ واري يعني يسوع جو ۽ پوِتر ۽ مخصوص ٿيڻ وارن يعني ٻارن جو پتا هڪڙو ئي آهي، تنهنڪري يسوع انهن کي ڀاءُ ڀيڻ ڪري سڏڻ کان نہ ٿو شرمائي، بلڪ هو ايشور کي چوي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي ڀائرن ڀينرن ۾ تنهنجو نالو پڌرو ڪندس. منڊليءَ ۾ آءٌ تنهنجي مهما جا ڀڄن ڳائيندس.“ هو وري چوي ٿو تہ ”آءٌ پاڻ بہ ايشور تي ڀروسو رکندس.“ هو ائين بہ چوي ٿو تہ ”آءٌ انهن ٻارن سميت ايشور آڏو حاضر آهيان، جيڪي هن مون کي ڏنا آهن.“ سو جيئن اهي ٻار انسان آهن، تيئن يسوع پاڻ بہ انهن سان گڏ انهن وانگر بڻيو، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي موت جي وسيلي موت تي اختيار رکندڙ يعني شيطان کي ناس ڪري. اهڙيءَ طرح هو انهن سڀني کي آزاد ڪري، جيڪي موت جي ڊپ کان سڄي عمر غلاميءَ ۾ گرفتار آهن. هاڻ ظاهر آهي تہ جن جي هو مدد ٿو ڪري سي دوت نہ آهن، پر ابرهام جي پيڙهي آهن. تنهنڪري اهو لازمي هو تہ هو پاڻ بہ هر طرح پنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ ايشور جي سيوا ڪرڻ ۾ هو اهڙو سردار ڪاهن ٿئي، جيڪو ديالو ۽ وفادار هجي ۽ ماڻهن جي پاپن جو ڪفارو ادا ڪري سگھي. هاڻ جيئن تہ يسوع مسيح آزمائش ۾ پئي پاڻ تڪليفون سٺيون، تنهنڪري هو انهن جي مدد ڪري سگھي ٿو جيڪي آزمائش ۾ پون ٿا. تنهنڪري اي پوِتر ۽ مخصوص ٿيل ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي آڪاشي سڏ ۾ شامل آهيو، اوهين ايشور جي موڪليل انهيءَ ايلچيءَ ۽ سردار ڪاهن يسوع تي غور ڪريو، جنهن جو اسين اقرار ڪريون ٿا. هو هن ڪم لاءِ مقرر ڪرڻ واري ايشور سان ائين وفادار رهيو، جهڙي نموني موسيٰ ايشور جي سڄي گھراڻي ۾ پنهنجي ڪم سان وفادار رهيو. پر يسوع موسيٰ کان ايتري قدر وڌيڪ مهانتا جي لائق ليکيو ويو، جيتري قدر ڪنهن گھر جو جوڙيندڙ انهيءَ گھر کان وڌيڪ مانوارو ٿئي ٿو. بيشڪ هر گھر جو ڪو نہ ڪو جوڙيندڙ هوندو آهي، پر جنهن سڀ ڪجھہ جوڙيو آهي سو ايشور ئي آهي. هاڻي ڏسو، موسيٰ سيوڪ جي حيثيت ۾ ايشور جي سڄي گھراڻي سان وفادار رهيو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي ڳالهيون ايشور کي اڳتي ظاهر ڪرڻيون هيون، تن جي شاهدي ڏئي. پر مسيح پٽ جي حيثيت ۾ ايشور جي گھراڻي جو مختيار هوندي وفادار رهيو. هاڻي ايشور جو گھراڻو اسين آهيون، بشرطيڪ اسين پنهنجيءَ همت ۽ انهيءَ اميد تي قائم رهون، جنهن تي اسان کي اعتماد آهي. سو اوهان کي ائين ڪرڻ گھرجي جيئن پوِتر آتما فرمائي ٿي تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اڄ جڏهن اوهين مون ايشور جو آواز ٻڌو، تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو، جيئن مون کي چڙ ڏيارڻ واري مهل، يعني آزمائش جي ڏينهن اوهان جي ابن ڏاڏن رڻ‌پٽ ۾ ڪيو هو. اتي هنن منهنجي آزمائش ورتي، ۽ مون کي پرکيو. انهيءَ لاءِ هو چاليهن سالن تائين منهنجي ناراضپي هيٺ رهيا. هائو، آءٌ انهيءَ پيڙهيءَ کان ناراض ٿيس، ۽ چيم تہ ’انهن ماڻهن جون دليون هميشہ ڀَٽڪيل رهن ٿيون. انهن منهنجي واٽن تي هلڻ جي ڪوشش نہ ڪئي.‘ تنهنڪري مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ ’هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا، جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها.‘“ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خبردار رهجو، متان اوهان مان ڪنهن جي دل بڇڙي ۽ بي‌اعتبار ٿي جيوت ايشور کان ڦري وڃي. پر جيستائين ايشور جو آواز ٻڌڻ وارو اهو ”اڄ“ جو ڏينهن جاري آهي، تيستائين اوهين هر روز هڪٻئي کي نصيحت ڪندا رهجو، انهيءَ لاءِ تہ متان اوهان مان ڪو پاپ جي فريب ۾ اچي سخت دل ٿي پوي. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسين مسيح جا ساٿي ٿي ويا آهيون، بشرطيڪ اسين پنهنجي شروع واري اعتماد تي پڇاڙيءَ تائين مضبوطيءَ سان قائم رهون. جيئن بني اسرائيل کي چيو ويو آهي تہ ”اڄ جڏهن اوهين مون ايشور جو آواز ٻڌو، تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو، جيئن اوهان مون کي چڙ ڏيارڻ واري مهل ڪيو هو.“ ڀلا اهي ڪير هئا جن ايشور جو آواز ٻڌي کيس چڙ ڏياري؟ ڇا هو اهي سڀ نہ هئا جيڪي موسيٰ جي اڳواڻيءَ ۾ مصر مان نڪتا هئا؟ اهي ڪير هئا جن کان ايشور چاليهن سالن تائين ناراض رهيو؟ ڇا هو اهي نہ هئا جن پاپ ڪيو ۽ جن جا لاش رڻ‌پٽ ۾ پيا رهيا؟ ۽ اهي ڪير هئا جن لاءِ ايشور قسم کڻي فرمايو تہ ”هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا، جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها“؟ ڇا هو اهي نہ هئا جن نافرماني ڪئي؟ انهيءَ مان اسين ڏسون ٿا تہ بي‌اعتباريءَ جي ڪري اهي بني اسرائيل وارا انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿي نہ سگھيا جتي کين آرام ملي ها. بني اسرائيل سان آرام ڏيڻ وارو اهو وچن اڃا قائم آهي جيڪو اسان جي لاءِ بہ آهي. هاڻي اسان کي خبردار رهڻ گھرجي تہ متان اسان مان بہ ڪو آرام حاصل ڪرڻ کان پوئتي رهجي نہ وڃي. ڏسو، ايشور کان آرام ملڻ واري خوشخبري جيئن بني اسرائيل وارن کي ٻڌائي ويئي، تيئن اسان کي بہ ٻڌائي ويئي. پر انهيءَ خوشخبريءَ واري سنديش مان انهن ڪو فائدو حاصل نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ ٻڌي ڪري انهيءَ تي اعتبار نہ رکيائون. انهن جي ڀيٽ ۾ اسين جيڪي وشواس رکون ٿا، تن کي اهو آرام ملي سگھي ٿو. جيتوڻيڪ ايشور فرمايو هو تہ ”مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ ’هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا، جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها،‘“ جڏهن تہ سنسار جي بڻائڻ وقت هن اهو آرام تيار ڪري ڇڏيو هو. اهو بيان ڪندي پوِتر شاستر ۾ هڪڙي هنڌ ستين ڏينهن بابت هيئن ٻڌايو ويو آهي تہ ”ايشور پنهنجي سڀني ڪمن کي پورو ڪري ستين ڏينهن آرام ڪيو.“ هي اهو ساڳيو آرام آهي جنهن جو ذڪر هلي رهيو آهي تہ ”هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا، جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها.“ هاڻي ڏسو، جن کي آرام واري اها خوشخبري پهريائين ٻڌائي ويئي هئي، تن پنهنجي نافرمانيءَ جي ڪري آرام حاصل نہ ڪيو. جڏهن تہ اهو آرام ماڻهن کي ملڻ لاءِ اڃا تائين قائم آهي. تنهنڪري گھڻي وقت کان پوءِ ايشور وري هڪڙو خاص ڏينهن مقرر ڪيو، جنهن کي دائود جي معرفت پوِتر لکت ۾ ”اڄ“ سڏيائين، جيڪا مون ٿورو اڳ بيان ڪئي آهي تہ ”جيڪڏهن اڄ اوهين مون ايشور جو آواز ٻڌو، تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو.“ ڏسو، يشوع بني اسرائيل جي ٻي پيڙهيءَ کي انهيءَ ملڪ يعني ڪنعان ۾ تہ آندو، پر کين آرام ڪونہ مليو. جيڪڏهن ان وقت کين آرام ملي ها، تہ بعد ۾ آرام ڏيڻ لاءِ ايشور ڪنهن ٻئي ڏينهن جو ذڪر نہ ڪري ها. انهيءَ مان سمجھي سگھجي ٿو تہ ايشور جي چونڊيلن لاءِ اهڙو آرام باقي رهيل آهي، جيڪو ايشور جي ستين ڏينهن واري آرام جهڙو آهي. سو جنهن کي ايشور کان آرام ملي ٿو، سو ايشور وانگر پنهنجي ڪمن کي پورو ڪري آرام حاصل ڪري ٿو. تنهنڪري اچو تہ اسين وڏي جذبي سان انهيءَ آرام کي حاصل ڪريون، انهيءَ لاءِ تہ متان ائين نہ ٿئي جو اسان مان ڪو انهن نافرمانن جي نموني تي هلندي ايشور جي ڏمر هيٺ اچي وڃي. انهيءَ ڳالهہ کي ڌيان ۾ رکو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جيڪي بہ فرمائي ٿو سو جيوت ۽ اثرائتو آهي. اهو اهڙو تکو آهي جو جان کي آتما کان ائين ڌار ڪريو ڇڏي، جيئن ٻِہ‌منهين تلوار سنڌن کي مِکُ کان ڌار ڪريو ڇڏي. اهو دل جي خيالن ۽ ارادن کي جاچي ٿو وٺي. ڪابہ رچيل شيءِ ايشور کان لڪل ڪانهي، بلڪ جنهن کي اسين حساب ڏينداسين تنهن جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن. تنهنڪري اچو تہ انهيءَ وشواس تي مضبوطيءَ سان قائم رهون، جنهن جو اسين اقرار ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان جو مهان سردار ڪاهن اهو آهي جيڪو آڪاش تي ايشور وٽ وڃي ويٺو آهي، يعني ايشور جو پٽ يسوع. اهو اهڙو سردار ڪاهن ناهي جيڪو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان جو همدرد نہ ٿي سگھي، پر هو اهڙو آهي جيڪو اسان وانگر هر طرح سان آزمايو ويو، تڏهن بہ پاپي نہ رهيو. تنهنڪري اچو تہ دليريءَ سان ايشور جي ڪرپا واري تخت جي ويجھو هلون، تہ جيئن هو اسان تي ديا ڪري ۽ اسان کي اها ڪرپا بخشي جيڪا ضرورت جي وقت اسان جي مدد ڪري. ڏسو، هر ڪو سردار ڪاهن ماڻهن مان چونڊجي ايشور سان واسطو رکندڙ ڳالهين ۾ ماڻهن جي ئي نمائندگيءَ لاءِ انهيءَ ڪري مقرر ٿو ڪجي، تہ جيئن هو ڀيٽائون ۽ پاپن لاءِ ٻليدان پيش ڪري. هو جاهلن ۽ ٺڳجي ويندڙن سان نرميءَ واري هلت ڪري ٿو، ڇو تہ هو پاڻ بہ ڪمزوريءَ ۾ ڦاٿل آهي. انهيءَ ڪري مٿس اهو فرض آهي تہ جهڙيءَ طرح ماڻهن جي پاپن واسطي ٻليدان پيش ڪري ٿو، تهڙيءَ طرح پنهنجي پاپن لاءِ بہ ڪري. مان وارو اهو عهدو ڪوبہ ماڻهو پنهنجو پاڻ حاصل ڪري نہ ٿو سگھي، جيستائين ايشور کيس هارون نالي پهرئين سردار ڪاهن وانگر نہ چونڊي. ساڳيءَ طرح مسيح بہ پاڻ کي سردار ڪاهن ٿيڻ جو مان پاڻ نہ ڏنو، بلڪ ايشور ئي کيس ڏنو، جيئن پوِتر شاستر ۾ کيس فرمايائين تہ ”تون منهنجو پٽ آهين، هائو، اڄ آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تنهنجو پتا آهيان.“ اهڙيءَ طرح پوِتر لکت ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ کيس هي بہ فرمايو اٿائين تہ ”تون ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو هميشہ وارو ڪاهن آهين.“ يسوع پنهنجي شرير واري جيون ۾ زاروزار روئي ۽ دانهون ڪري ايشور کي پرارٿنائون ۽ منٿون ڪيون، جيڪو کيس موت کان بچائي ٿي سگھيو. انهيءَ ادب سان وس هيٺ رهڻ جي ڪري سندس پرارٿنائون قبول پيون. جيتوڻيڪ هو ايشور جو پٽ هو، تڏهن بہ هن تڪليفون سهي ڪري فرمانبردار رهڻ سکيو. انهيءَ باري ۾ اسان کي اڃا گھڻو ڪجھہ چوڻو آهي، پر اوهان کي سمجھائڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهين ٻڌڻ جا ڍلا ٿي پيا آهيو. حقيقت ۾ وقت جي لحاظ کان تہ اوهان کي سکيا ڏيندڙ ٿيڻ گھربو هو، پر اوهين اڃا تائين انهيءَ ڳالهہ جا محتاج آهيو تہ ڪو ماڻهو وري اوهان کي ايشور جي سنديش وارين بنيادي ڳالهين جي سکيا ڏئي. سو اوهان کي سخت کاڌي بدران اڃا کير جي گھرج آهي. هاڻي ڏسو، جيڪو رڳو کير تي ٿو پلي، سو اڃا ٻارڙو آهي ۽ هو سچائيءَ جي ڄاڻ بابت بي‌سمجھہ آهي. جڏهن تہ سخت کاڌو پوريءَ عمر وارن جي لاءِ آهي، جيڪي آزمودي وسيلي ان لائق ٿي ويا آهن جو نيڪيءَ ۽ بديءَ جو فرق سمجھي سگھن. تنهنڪري اچو تہ مسيح بابت بنيادي ڳالهين کان اڳتي بلوغت ڏانهن وڌندا هلون. هائو، انهن بنيادي ڳالهين کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي ضرورت نہ آهي، جهڙوڪ: موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان توبهہ ڪري ايشور تي وشواس آڻڻ، هٿ منهن ڌوئڻ جي ريتن رسمن ۽ مخصوص ڪرڻ يا آسيس گھرڻ لاءِ هٿن رکڻ بابت توڙي مئلن جي وري جيوت ٿيڻ ۽ امر عدالت بابت سکيا. جيڪڏهن ايشور گھريو تہ اسين انهن ڳالهين کان اڳتي وڌنداسين. پر هيءَ ڳالهہ ذهن ۾ رکو تہ جن سچائيءَ جي روشني حاصل ڪرڻ سان گڏ آڪاش واري بخشش جو سواد چکيو آهي، پوِتر آتما جي آسيس ۾ شريڪ ٿيا آهن ۽ ايشور جي چڱي سنديش ۽ نئين سر بحاليءَ واري ايندڙ زماني جي طاقتن جو تجربو بہ حاصل ڪيو اٿائون، پر ان جي باوجود بہ اهي يسوع مسيح کان منهن موڙي ويا آهن، تن ماڻهن کي ٻيهر توبهہ ڏانهن مائل ڪرڻ ناممڪن آهي. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اهي پنهنجي اهڙي رويي سان ڄڻ تہ ايشور جي پٽ کي ٻيهر سوليءَ تي چاڙهي کُليو کُلايو هن جو اپمان ٿا ڪن. ڏسو، جيڪا زمين پاڻ تي بار بار پوندڙ مينهن جو پاڻي پيئي ٿي ۽ پنهنجي پوکيندڙ لاءِ ڪمائتو فصل ٿي اُپائي، تنهن تي ايشور جي آسيس پرگھٽ ٿئي ٿي. پر جيڪا زمين ڪَنڊا ۽ ڪانڊيرا ٿي اُپائي، سا ڪنهن ڪم جي ناهي. انهيءَ تي جلد ئي لعنت اچي پوي ٿي ۽ آخرڪار انهيءَ تي باهہ لڳائي وڃي ٿي. پر اي پريميؤ! جيتوڻيڪ اسين اهي ڳالهيون لکون ٿا، تڏهن بہ اوهان جي باري ۾ انهن بهترين ڳالهين جو يقين ٿا رکون، جيڪي مڪتيءَ سان لاڳو آهن. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايشور بي‌انصاف ناهي جو هو اوهان جي محنت ۽ انهيءَ پيار کي وساري ڇڏي، جيڪو اوهان سندس نالي واسطي اهڙيءَ طرح ظاهر ڪيو جو مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي سيوا ڪئي، بلڪ اڃا تائين ڪندا ٿا رهو. اسان جي خواهش آهي تہ اوهان مان هر ڪو سيوا ڪرڻ ۾ ساڳي سرگرمي پڇاڙيءَ تائين ڏيکاريندو رهي، تہ جيئن جن ڳالهين جي اوهين اميد رکو ٿا سي پوريون ٿين. سو اوهين سست نہ ٿيو، پر انهن جي نموني تي هلو، جيڪي وشواس ۽ ثابت قدميءَ جي وسيلي اها ميراث حاصل ڪن ٿا، جنهن جو وچن ايشور ڪيو آهي. ايشور جڏهن ابرهام سان وچن ڪيو تڏهن هن پنهنجو ئي قسم کنيو، ڇاڪاڻ تہ کانئس وڏو ڪوبہ نہ آهي. ان وقت ايشور کيس فرمايو تہ ”يقيناً آءٌ تو کي آسيس مٿان آسيس ڏيندي تنهنجو اولاد گھڻو وڌائيندس.“ انهيءَ تي ابرهام ڌيرج سان انتظار ڪندي اها وچن ڪيل آسيس حاصل ڪئي. ڏسو، قسم کڻڻ وقت ماڻهو پاڻ کان ڪنهن وڏي جو ئي قسم کڻندا آهن. اهڙيءَ طرح اهي تڪرار ۾ هر بحث کي ختم ڪرڻ لاءِ آخري ثابتي قسم سان ئي ڪندا آهن. ساڳئي نموني ايشور بہ انهيءَ ڪري قسم کنيو تہ جيئن وچن ڪيل آسيس حاصل ڪندڙن تي اهو صاف ظاهر ٿئي تہ سندس ارادي ۾ ڪابہ ڦيرگھير ڪانہ ٿيندي. سو ايشور جو وچن ۽ قسم ٻئي اهڙيون شيون آهن جيڪي بدلجي نہ ٿيون سگھن ۽ جن جي باري ۾ ايشور جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي. ايشور اهو انهيءَ ڪري ڪيو تہ اسين جيڪي بچاءَ واسطي سندس شرڻ ۾ اچڻ لاءِ ڊوڙيا آهيون، سي پڪيءَ طرح خاطري ڪري انهيءَ اميد تي قائم رهون جيڪا اسان کي ڏيکاري ويئي آهي. اها اميد اسان لاءِ سامونڊي جهاز جي مضبوط ۽ قائم رهندڙ لنگر مثل آهي، جيڪا پردي جي پٺيان پوِتر ترين جاءِ ۾ پهچي ٿي جتي ايشور رهي ٿو. اتي يسوع هميشہ جي لاءِ ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو سردار ڪاهن ٿي اسان جي خاطر اسان کان پهريائين داخل ٿيو آهي. هي اهو ملڪِ‌صدق آهي، جيڪو سالم شهر جو راجا ۽ پرميشور جو ڪاهن هو. جڏهن ابرهام چئن راجائن کي قتل ڪري موٽيو پئي آيو تہ ملڪِ‌صدق ساڻس گڏيو ۽ کيس آسيسون ڏنائين. ابرهام هن کي دشمن لشڪر کان هٿ آيل سڀني شين جو ڏهون حصو ڏنو. ملڪِ‌صدق پنهنجي نالي جي معنيٰ موجب ”سچائيءَ جو راجا“ آهي. پر جيئن تہ هو سالم شهر جو راجا بہ آهي ۽ سالم لفظ جي معنيٰ آهي شانتي، سو هو ”شانتيءَ جو راجا“ بہ آهي. هو بنا پتا، بنا ماتا ۽ بنا ابن ڏاڏن جي آهي. نہ سندس عمر جي شروعات آهي، نڪي جيون جي پڄاڻي، بلڪ هو ايشور جي پٽ جهڙو ڪيو ويو تہ جيئن هميشہ لاءِ ڪاهن رهندو اچي. سو غور ڪري ڏسو تہ اهو ڪيڏي نہ مهان هستي آهي، جو قوم جي ابي ڏاڏي ابرهام بہ کيس ڏهون حصو ڏنو. لاويءَ جي اولاد مان جن کي ڪاهن جو عهدو ٿو ملي، تن کي موسيٰ جي نيم موجب اهو حڪم مليل آهي تہ پنهنجي قوم بني اسرائيل کان ڏهون حصو اُڳاڙين، جيتوڻيڪ اهي لاوي قبيلي وارا بہ ابرهام جي پيڙهيءَ مان ئي آهن. پر توڙي جو ملڪِ‌صدق جو لاويءَ جي پيڙهيءَ سان ڪو لاڳاپو نہ هو، تنهن هوندي بہ ابرهام کان ڏهون حصو ورتائين ۽ جنهن سان وچن ڪيا ويا هئا، تنهن کي آسيسون ڏنائين. انهيءَ ۾ ڪوبہ شڪ ڪونهي تہ آسيسون ڏيڻ وارو آسيسون وٺڻ واري کان مٿاهون هوندو آهي. لاوي جيڪي ڏهون حصو وٺن ٿا سي ناس ٿيندڙ انسان آهن، جڏهن تہ ملڪِ‌صدق جنهن ابرهام کان ڏهون حصو ورتو، تنهن جي باري ۾ پوِتر شاستر شاهدي ڏئي ٿو تہ هو جيوت آهي. هاڻي اسين اهو چئي سگھون ٿا تہ لاوي، جنهن جو اولاد ڏهون حصو اُڳاڙي ٿو، تنهن بہ ابرهام جي وسيلي ڏهون حصو ڏنو، ڇاڪاڻ تہ جڏهن ملڪِ‌صدق ابرهام سان گڏيو هو، تڏهن لاوي اڃا پنهنجي ابي ڏاڏي جي شرير ۾ هو. بني اسرائيل قوم وارا لاويءَ واري ڪاهنيءَ جي انتظام هيٺ نيم وارا ٿيا. سو جيڪڏهن انهيءَ ڪاهنيءَ جي وسيلي ماڻهو مڪمل طور ايشور لاءِ مخصوص ٿي وڃي ها، تہ پوءِ ٻئي ڪاهن جي اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي جيڪو پهرئين لاوي سردار ڪاهن هارون جي نہ، پر ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو ليکيو ويو آهي. ڳالهہ هيءَ بہ آهي تہ جڏهن ڪاهني بدلجي ٿي، تڏهن ان سان واسطو رکندڙ نيم جو بدلجڻ بہ لازمي ٿي پوي ٿو. اها ڳالهہ هن مان ظاهر ٿئي ٿي تہ اسان جو پرڀو، جنهن بابت هي ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون، سو لاوي نہ پر ٻئي قبيلي جو آهي جنهن مان ڪنهن بہ ماڻهوءَ ٻليدان واري جاءِ جي سيوا ڪانہ ڪئي آهي. هائو، هو يهوداہ قبيلي جو آهي، جنهن مان ڪاهن ٿيڻ جي باري ۾ موسيٰ ڪجھہ بہ ڪونہ چيو آهي. هاڻ بدلجڻ واري اها ڳالهہ اڃا بہ وڌيڪ صاف ٿي وڃي ٿي، جڏهن هڪ ٻيو ڪاهن ظاهر ٿئي ٿو، جيڪو ملڪِ‌صدق جهڙو ئي آهي. هو نيم جي قاعدي موجب ڪنهن خاص انساني پيڙهيءَ مان نہ، پر ابناسي جيون جي شڪتيءَ موجب ملڪِ‌صدق جهڙو ڪاهن مقرر ٿيو آهي. انهيءَ بابت پوِتر شاستر ۾ شاهدي ڏني ويئي آهي تہ ”تون ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو هميشہ وارو ڪاهن آهين.“ اهڙيءَ طرح لاوين واري ڪاهنيءَ سان واسطو رکندڙ نيم جو پراڻو قاعدو ڪمزور ۽ بي‌فائدي هئڻ ڪري ختم ٿي ويو، ڇاڪاڻ تہ نيم ڪنهن بہ ڳالهہ کي مڪمل ڪري نہ سگھيو. سو انهيءَ جي بدران اسان کي هڪ بهتر اميد ڏني ويئي آهي، جنهن جي وسيلي اسين ايشور وٽ وڃي ٿا سگھون. قسم واري انهيءَ فرق جي ڪري يسوع هڪ بهتر ٻڌل وچن جو ضامن مقرر ٿيو. ان کان علاوہ هي بہ فرق آهي تہ موت لاوي ڪاهنن کي قائم رهڻ نہ ٿي ڏنو، تنهنڪري انهن مان گھڻا ئي ڪاهن مقرر ٿيندا رهيا. پر يسوع جي ڪاهني ابناسي آهي، ڇاڪاڻ تہ هو هميشہ تائين جيوت رهڻ وارو آهي. انهيءَ ڪري جيڪي سندس وسيلي ايشور ڏانهن اچن ٿا، تن کي هميشہ لاءِ هو مڪمل مڪتي ڏيئي ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ انهن جي سفارش لاءِ هو هميشہ جيوت آهي. سو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گھرج هئي جيڪو پوِتر، بي‌ڏوهہ، بي‌عيب، پاپين کان ڌار ۽ مٿي آڪاش تائين بلند ڪيو ويو هجي. ٻين سردار ڪاهنن وانگر هو انهيءَ ڳالهہ جو محتاج نہ هجي جو هر روز پهريائين پنهنجي پاپن ۽ پوءِ قوم وارن جي پاپن واسطي ٻليدانَ پيش ڪري، ڇاڪاڻ تہ هن ماڻهن جي پاپن واسطي هڪڙي ئي ڀيري هميشہ لاءِ ٻليدان پيش ڪيو، جڏهن پاڻ کي ٻليدان ڪري ڇڏيائين. موسيٰ جو نيم تہ انهن کي سردار ڪاهن مقرر ڪري ٿو جيڪي ڪمزور انسان آهن، پر اهو قسم، جيڪو نيم کان پوءِ ايشور کنيو، سو سندس پٽ کي هميشہ جي لاءِ ڪامل سردار ڪاهن مقرر ٿو ڪري. انهن ڳالهين جو خاص مطلب هي آهي تہ اسان جو هڪڙو اهڙو سردار ڪاهن آهي، جيڪو مٿي آڪاش تي مهان ايشور جي تخت تي ساڄي پاسي ويٺو آهي. اتي هو انهيءَ پوِتر خيمي ۾ سيوا ٿو ڪري، جيڪو حقيقي پوِتر خيمو آهي ۽ جنهن کي انسان نہ پر پرميشور کوڙيو آهي. جيئن تہ هر ڪو سردار ڪاهن ڀيٽائون ۽ ٻليدان چاڙهڻ لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي، انهيءَ ڪري اهو ضروري هو تہ اسان جي سردار ڪاهن وٽ بہ پيش ڪرڻ لاءِ ڪجھہ هجي. جيڪڏهن هو اڃا ڌرتيءَ تي هجي ها تہ ڪڏهن بہ ڪاهن نہ ٿئي ها، ڇاڪاڻ تہ هتي ڪاهن موسيٰ جي نيم مطابق مقرر ٿي ڀيٽائون چاڙهيندا آهن. هتي پوِتر جاءِ ۾ هو جيڪا سيوا ڪن ٿا، سا آڪاش واري پوِتر خيمي واري حقيقي سيوا جو رڳو نقل ۽ پاڇو آهي. اها ڳالهہ هن مان ظاهر ٿئي ٿي جو جڏهن موسيٰ پوِتر خيمو ٿي جوڙيو، تڏهن کيس تاڪيد ڪيو ويو تہ ”ڏس، سيوا واري هر شيءِ انهيءَ نموني ٺاهجانءِ، جيڪو تو کي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي.“ پر هاڻي يسوع کي انهن ڪاهنن کان ايتري قدر بهتر سيوا ملي آهي، جيتري قدر پراڻي ٻڌل وچن کان اهو ٻڌل وچن بهتر آهي جنهن جو هو وچ وارو آهي. اهو ٻڌل وچن ايشور جي بهتر وچنن جي بنياد تي قائم ڪيو ويو آهي. ڏسو، جيڪڏهن انهيءَ پهرئين ٻڌل وچن ۾ گھٽتائي نہ هجي ها تہ ڪنهن ٻئي وچن ٻڌجڻ جو سبب ئي پيدا نہ ٿئي ها. سو ايشور پنهنجي قوم جنهن سان هن پهريون وچن ٻڌو، تنهن جي گھٽتائي ظاهر ڪندي پوِتر شاستر ۾ فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ پرميشور چوان ٿو تہ اهي ڏينهن اچن ٿا، جڏهن آءٌ اسرائيل توڙي يهوداہ ملڪ وارن سان هڪ نئون وچن ٻڌندس. اهو انهيءَ وچن جهڙو نہ هوندو، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن سان انهيءَ ڏينهن ٻڌو، جڏهن کين مصر جي ملڪ مان ڪڍي آڻڻ لاءِ سندن هٿ جھليو هئم. اهي منهنجي انهيءَ ٻڌل وچن تي قائم نہ رهيا، تنهنڪري مون انهن ڏانهن ڌيان ڪونہ ڏنو. پر هاڻ آءٌ پرميشور چوان ٿو تہ جيڪو وچن آءٌ بني اسرائيل سان اچڻ وارن ڏينهن ۾ ٻڌندس، سو هن طرح ٻڌندس جو آءٌ پنهنجا قانون هنن جي ذهنن ۾ وجھندس، ۽ اهي سندن دلين تي بہ لکندس. آءٌ سندن ايشور هوندس، ۽ هو منهنجي قوم هوندا. پوءِ ڪنهن کي ڪڏهن بہ اها ضرورت نہ پوندي، جو پنهنجي هم‌وطن يا برادريءَ واري کي اهو چئي سيکاري تہ ’پرميشور کي ڄاڻ،‘ ڇاڪاڻ تہ انهن مان ننڍا توڙي وڏا سڀ مون کي ڄاڻيندا هوندا. انهيءَ ڪري جو آءٌ سندن بڇڙاين کي معاف ڪري ڇڏيندس ۽ سندن پاپن کي وري ڪڏهن بہ ياد نہ ڪندس.“ ايشور هن ٻڌل وچن کي نئون چئي پهرئين ٻڌل وچن کي پراڻو قرار ڏنو ۽ جيڪا شيءِ پراڻي ۽ جھوني ٿي ويندي آهي، سا مِٽجڻ کي ويجھو هوندي آهي. هاڻي پوِتر خيمي جي سيوا بابت وڌيڪ سمجھاڻي هيءَ آهي تہ پهرئين ٻڌل وچن ۾ ڀڳتيءَ جا قاعدا هئا ۽ ڀڳتيءَ واري هڪڙي پوِتر جاءِ بہ هئي، جيڪا ڌرتيءَ تي هڪ پوِتر خيمي جي صورت ۾ کوڙي ويئي هئي. انهيءَ جي پهرئين ڪمري ۾ هڪ شمعدان ۽ هڪ ميز هوندي هئي، جنهن تي ڀيٽا جا روٽ رکيل هوندا هئا. انهيءَ ڪمري کي پوِتر جاءِ سڏيو ويندو هو. پوِتر خيمي ۾ پردي جي پٺيان هڪ ٻيو ڪمرو هو، جنهن کي پوِتر ترين جاءِ سڏبو هو. انهيءَ ۾ لوبان ٻارڻ لاءِ سونو پٽ چڙهيل لوبان‌داني ۽ ٻڌل وچن واري صندوق رکيل هئي، جيڪا چئني پاسن کان سون سان مڙهيل هئي. انهيءَ صندوق ۾ مَنَ سان ڀريل هڪ سونو ٿانءُ، هارون جي لٺ جنهن مُکڙيون جھليون هيون ۽ وچن‌نامي واريون پٿر جون ٻہ تختيون هيون. صندوق جي مٿان پردار آڪاشي جيوَ جهڙيون ٻہ مورتيون ٺهيل هيون، جيڪي ايشور جي موجودگيءَ جي نشاني هيون ۽ اهي ڪفاري واري جاءِ تي ڇانوَ ڪيو بيٺيون هيون. پر هن وقت انهن ڳالهين کي تفصيل سان بيان ڪرڻ جو موقعو ناهي. جيئن تہ انهن شين جو اهڙو انتظام ٿيل هو، سو پوِتر خيمي جي پهرئين ڪمري ۾ ڪاهن سيوا ڪرڻ لاءِ ڪنهن بہ وقت داخل ٿيندا هئا. پر ٻئي ڪمري ۾ رڳو سردار ڪاهن سال ۾ فقط هڪڙو ڀيرو داخل ٿيندو هو. سو بہ انهيءَ رت کڻي وڃڻ کان سواءِ نہ ويندو هو، جيڪو هو پنهنجي ۽ پنهنجي قوم وارن جي اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ڪيل پاپن لاءِ ڀيٽا ڪري ڏيندو هو. انهيءَ مان پوِتر آتما هي اشارو ٿي ڏئي تہ جيستائين پوِتر خيمي جو پهريون ڪمرو ان جي قاعدن سميت بيٺو آهي، تيستائين پوِتر ترين جاءِ جو رستو ماڻهن لاءِ کُليل نہ آهي. اهو خيمو هاڻوڪي زماني لاءِ هڪڙو مثال آهي، جنهن مان ظاهر ٿو ٿئي تہ جيڪي ڀيٽائون ۽ ٻليدان ڏنا ويندا آهن، سي ڀڳتي ڪندڙ کي ضمير جي نسبت سان ڪامل ڪري نہ ٿا سگھن. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اهي رڳو کائڻ پيئڻ ۽ مختلف طريقن سان ظاهري پوِتر ٿيڻ جون رسمون آهن، يعني اهي اهڙا ظاهري قاعدا آهن جيڪي انهيءَ وقت تائين مقرر ڪيا ويا هئا جيستائين نئون سڌارو اچي. پر هاڻي مسيح انهن چڱين ڳالهين جو سردار ڪاهن ٿي اچي چڪو آهي، جيڪي هينئر موجود آهن. هو ڌرتيءَ تي انسان جي ٺاهيل خيمي ۾ نہ، پر انهيءَ کان وڌيڪ مهان ۽ ڪامل خيمي جي رستي پوِتر ترين جاءِ ۾ هڪڙو ئي ڀيرو هميشہ لاءِ داخل ٿيو. اتي هن ٻڪرن ۽ گابن جي رت جي وسيلي نہ، پر خود پنهنجي رت جي وسيلي اسان جي لاءِ امر مڪتي حاصل ڪئي. ڏسو، اڳئين نيم واري انتظام مطابق ٻڪرن جو رت، ڏاندن جو رت يا ساڙيل گابيءَ جي رک اپوِتر ماڻهن تي ڇٽڪاري ويندي هئي، تہ جيئن اهي شرير جي لحاظ کان پوِتر ٿي سگھن. تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسان جي ضمير کي موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان پوِتر ڪري ٿو، تہ جيئن اسين جيوت ايشور جي ڀڳتي ڪري سگھون. مسيح ائين ئي ڪيو جڏهن هن هميشہ واري پوِتر آتما جي وسيلي پاڻ کي ايشور وٽ بي‌عيب ٻليدان طور پيش ڪيو. انهيءَ ٻليدان جي وسيلي ئي مسيح ايشور ۽ ماڻهن جي وچ ۾ نئين ٻڌل وچن جو وچ وارو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جن کي ايشور سڏيو آهي، سي سندس امر ورثو حاصل ڪن جنهن جو هن وچن ڪيو آهي. پر اڳ ۾ اهو ضروري هو تہ جيڪي ماڻهو پهرئين ٻڌل وچن جي زماني ۾ حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري قصوروار بڻيا هئا، تن لاءِ هڪ موت ٿئي تہ جيئن اهي پاپ کان آزاد ٿين. ڏسو، وچن ٻڌڻ لاءِ اهو ضروري آهي تہ وچن ڪندڙ رت وهائڻ سان پنهنجي موت جي نشاني پيش ڪري. مطلب تہ وچن ڪرڻ واري جي جيوت هوندي وچن ڪونہ ٿو ٻڌجي. پر هن جي مري وڃڻ سان ئي اهو وچن عمل ۾ ٿو اچي. انهيءَ ڪري ئي پهريون وچن بہ رت کان سواءِ نہ ٻڌو ويو. هائو، جڏهن موسيٰ ايشور جي نيم جو هر حڪم سڄي قوم کي ٻڌائي چڪو، تڏهن هن گابن ۽ ٻڪرن جو رت کڻي پاڻيءَ سان گڏي، لال ڳاڙهي اُن ۽ زوفا جي ٽارين سان نيم واري شاستر ۽ سڄي قوم تي ڇٽڪاريندي چيو تہ ”هن رت سان ايشور اوهان سان وچن ٻڌي ٿو، جنهن تي اوهان کي عمل ڪرڻو آهي.“ پوءِ موسيٰ ساڳيءَ طرح پوِتر خيمي ۽ ڀڳتيءَ جي سڀني شين تي بہ رت ڇٽڪاريو. حقيقت ۾ نيم موجب تقريباً هر شيءِ کي رت سان ئي پوِتر ڪيو وڃي ٿو ۽ جيستائين رت نہ ٿو وهايو وڃي تيستائين معافي بہ نہ ٿي ملي. تنهنڪري اهو ضروري هو تہ ڌرتيءَ تي پوِتر خيمو ۽ ان جي ڀڳتيءَ واريون شيون جيڪي آڪاشي شين جو نقل هيون، تن کي اهڙي نموني جانورن جي رت جي ٻليدان وسيلي پوِتر ڪيو وڃي. پر جيڪي خود آڪاشي شيون آهن تن لاءِ ضروري هو تہ اهي انهيءَ کان وڌيڪ بهتر ٻليدان جي وسيلي پوِتر ڪيون وڃن. اهو ئي سبب آهي جو مسيح انسان جي ٺاهيل انهيءَ پوِتر ترين جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جيڪا حقيقي پوِتر ترين جاءِ جو رڳو نقل هئي. پر هو آڪاش ۾ ئي داخل ٿيو، تہ جيئن هاڻي ايشور جي شرڻ ۾ اسان جي خاطر حاضر رهي. ڌرتيءَ واري خيمي جو سردار ڪاهن هر سال پوِتر ترين جاءِ ۾ پنهنجو نہ پر جانورن جو رت کڻي ٿو وڃي. پر مسيح پاڻ کي وري وري ٻليدان ڪرڻ لاءِ آڪاش ۾ داخل نہ ٿو ٿئي، نہ تہ سنسار جي شروعات کان وٺي ڪيترائي ڀيرا کيس تڪليف سهڻي پوي ها. پر هاڻي زمانن جي پڇاڙيءَ ۾ هو هڪڙو ئي ڀيرو ظاهر ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ پاڻ کي ٻليدان ڪرڻ سان پاپ کي مِٽائي ڇڏي. جهڙيءَ طرح هر انسان جو هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ پوءِ ايشور جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ مقرر ٿيل آهي، تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻهن جي پاپن کي کڻي وڃڻ لاءِ ٻليدان ٿيو. پر جڏهن هو ٻيهر ظاهر ٿيندو تہ پاپن لاءِ ٻليدان ٿيڻ واسطي نہ، پر انهن کي مڪتي ڏيڻ واسطي ظاهر ٿيندو جيڪي سندس واٽ پيا نهارين. ڏسو، نيم آئندہ ملڻ وارين چڱين شين جو رڳو پاڇو آهي، اهو انهن حقيقي شين جو اصلي روپ ناهي. تنهنڪري نيم مطابق هر سال ساڳيا ئي ٻليدان پيش ڪندو رهڻ سان اهو نيم ڀڳتي ڪندڙن کي ڪڏهن بہ ايشور وٽ ڪامل نہ ٿو ڪري سگھي. جيڪڏهن نيم ائين ڪري سگھي ها تہ پوءِ اهي ٻليدان پيش ڪرڻ بند ٿي وڃن ها. هائو، جيڪڏهن ڀڳتي ڪندڙ هڪ ئي دفعي هميشہ لاءِ پوِتر ٿي وڃن ها، تہ پوءِ اڳتي هنن کي پاپي هجڻ جو احساس ئي نہ رهي ها. پر ان جي بدران اهي ٻليدان هر سال ماڻهن کي سندن پاپن جي ياد ڏيارين ٿا. مطلب تہ ائين ٿي نہ ٿو سگھي جو ڏاندن ۽ ٻڪرن جو رت پاپن کي مِٽائي ڇڏي. تنهنڪري ئي مسيح سنسار ۾ اچڻ مهل ايشور کي چيو تہ ”تو ٻليدان ۽ ڀيٽا نہ چاهي، پر تو منهنجي لاءِ هڪڙو شرير تيار ڪيو. هائو، ساڙڻ وارن ٻليدانن ۽ پوِتر ٿيڻ واسطي ٻليدانن کان تون خوش نہ ٿئين. تڏهن مون چيو تہ ’اي ايشور! آءٌ آيو آهيان، انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي مرضي پوري ڪريان،‘ جهڙيءَ طرح پوِتر شاستر ۾ منهنجي باري ۾ لکيل آهي.“ پهريائين مسيح چيو تہ ”ٻليدانَ، ڀيٽائون، ساڙڻ وارا ٻليدان ۽ پوِتر ٿيڻ واسطي ٻليدان تو نہ چاهيا، نڪي تون انهن مان خوش ٿئين.“ مسيح ائين چيو جيتوڻيڪ اهي ٻليدان نيم موجب چاڙهيا وڃن ٿا. پوءِ وري چيائين تہ ”آءٌ آيو آهيان، انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي مرضي پوري ڪريان.“ اهڙي نموني مسيح اڳئين نيم واري انتظام کي رد ڪندي نئون انتظام قائم ڪري ٿو. ايشور جي انهيءَ مرضيءَ جي نتيجي ۾ اسين يسوع مسيح جي شرير جي هڪڙي ئي دفعي هميشہ لاءِ ٻليدان ٿيڻ جي وسيلي مخصوص ۽ پوِتر ڪيا ويا آهيون. نيم موجب هر هڪ ڪاهن روزانو بيهي ڌرمي سيوا ٿو ڪري ۽ هر هر ساڳيا ئي ٻليدان ٿو چاڙهي، جيڪي ڪڏهن بہ پاپن کي مِٽائي نہ ٿا سگھن. پر مسيح هڪڙو ئي ٻليدان هميشہ جي واسطي چاڙهي پاپن کي مِٽائي ڇڏيو. پوءِ هو ”ايشور جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.“ انهيءَ وقت کان وٺي هو انتظار ۾ آهي تہ ”سندس دشمنن کي سندس پيرن هيٺان ڪيو وڃي.“ سو هن هڪڙو ٻليدان چاڙهڻ سان انهن کي هميشہ جي لاءِ ايشور وٽ ڪامل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي انهيءَ ٻليدان جي وسيلي مخصوص ۽ پوِتر ڪيا ويا آهن. پوِتر آتما بہ انهيءَ باري ۾ اسان کي شاهدي ڏيئي پرميشور جو هي فرمان ٻڌائي ٿي تہ ”جيڪو نئون وچن اچڻ وارن ڏينهن ۾ آءٌ پنهنجي قوم سان ٻڌندس، سو هي آهي تہ آءٌ پنهنجا قانون سندن دلين ۾ وجھندس، ۽ سندن ذهنن تي اهي نقش ڪندس.“ پوِتر آتما پرميشور جو وڌيڪ فرمان ٻڌائي ٿي تہ ”هنن جا پاپ ۽ هنن جون نافرمانيون آءٌ وري ڪڏهن بہ ياد نہ ڪندس.“ هاڻي جيئن تہ انهن جي پاپن جي معافي ٿي ويئي آهي، تڏهن سندن پاپن لاءِ ٻليدان جي ضرورت ئي ناهي رهي. تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان کي پورو ڀروسو آهي تہ اسين يسوع جي رت جي وسيلي آڪاش واري پوِتر ترين جاءِ ۾ داخل ٿي سگھون ٿا. يسوع اسان جي لاءِ پردي منجھان هڪ نئون ۽ جيون ڏيندڙ رستو کولي ڇڏيو آهي ۽ اهو سندس شرير جي ٻليدان وسيلي آهي. هو اسان جو اهڙو مهان ڪاهن آهي، جيڪو ايشور جي گھراڻي جو مختيار آهي. سو هاڻي جيئن تہ اسان تي مسيح جو رت ڇٽڪاريو ويو آهي، يعني اسان جا ضمير پاپن کان پوِتر ٿيل آهن ۽ اسان جا شرير صاف پاڻيءَ سان ڌوتل آهن، تنهنڪري اچو تہ سچيءَ دل سان ۽ پوري وشواس سان ايشور کي ويجھا ٿيون. اچو تہ جنهن اميد جو اسين اقرار ٿا ڪريون تنهن تي بنا ڪنهن شڪ شبهي جي قائم رهون، ڇاڪاڻ تہ جنهن اسان کي اها اميد ڏني آهي سو سچو آهي. اچو تہ اسين پيار ۽ چڱن ڪمن جو هڪٻئي ۾ شوق پيدا ڪرڻ لاءِ ويچار ڪريون. اسين پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ ڇڏي نہ ڏيون، جيئن ڪن ماڻهن جي عادت آهي. انهيءَ جي بدران اچو تہ هڪٻئي کي همتائيندا رهون، خاص ڪري ان ڳالهہ کي نظر ۾ رکندي تہ پرڀوءَ جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن ويجھو ايندو پيو وڃي. ياد رکو، جيڪڏهن اسين سچ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان پوءِ بہ ڄاڻي‌واڻي پاپ ڪندا رهون تہ پاپن جي مِٽائڻ لاءِ ڪوبہ ٻليدان اڳتي باقي ناهي رهيو. پوءِ رڳو ايشور جي عدالت جو خوف ڀريو انتظار ۽ اها ڀڙڪندڙ باهہ باقي رهندي، جيڪا ايشور جي دشمنن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي. جڏهن ڪو ماڻهو موسيٰ جي نيم کي نہ ٿو مڃي تہ بنا ڪنهن ديا جي ”ٻن يا ٽن ماڻهن جي شاهديءَ تي کيس ماريو ٿو وڃي،“ تڏهن غور ڪريو تہ اهو شخص ڪيڏي نہ وڏي سزا جي لائق ٿيندو، جنهن ايشور جي پٽ کي پيرن هيٺ لتاڙيو، ٻڌل وچن جي انهيءَ رت کي ڪين جهڙو سمجھيو جنهن سان کيس مخصوص ۽ پوِتر ڪيو ويو هو ۽ ڪرپا بخشيندڙ آتما جو اپمان ڪيائين! هائو، کيس سزا ضرور ملندي، ڇاڪاڻ تہ اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون ٿا جنهن فرمايو آهي تہ ”بدلو وٺڻ منهنجو ڪم آهي، آءٌ ئي سزا ڏيندس.“ وري هي بہ ڄاڻون ٿا تہ ”پرميشور پنهنجي قوم جو فيصلو ڪندو.“ سو ياد رکو، جيوت ايشور جي پڪڙ وڏي خوفناڪ آهي. انهن اڳوڻن ڏينهن کي ياد ڪريو، جڏهن سچائيءَ جي روشني حاصل ڪرڻ کان پوءِ اوهان ثابت قدميءَ سان سخت تڪليفن کي منهن ڏنو. ڪڏهن تہ اوهين ڦٽ لعنت ۽ ستائجڻ جي ڪري خود سرِعام تماشو بڻيا ۽ ڪڏهن وري اوهان اهڙين حالتن ۾ ڦاٿل ماڻهن جو ساٿ ڏنو. جيڪي قيد ۾ هئا، تن سان اوهان همدردي ڪئي ۽ پنهنجي مال ملڪيت جو لٽجي وڃڻ بہ خوشيءَ سان قبول ڪيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان ڄاتو پئي تہ اوهان وٽ انهيءَ کان بهتر ۽ امر ملڪيت موجود آهي. سو هاڻي اوهين پنهنجي انهيءَ اعتماد کي هٿان وڃڻ نہ ڏيو، جنهن جو لاڀ مهان آهي. هائو، اوهان کي ثابت قدميءَ سان منهن ڏيڻ گھرجي، انهيءَ لاءِ تہ ايشور جي مرضي پوري ڪري اوهين اهو ڪجھہ حاصل ڪريو، جنهن جو ايشور پاڻ وچن ڪيو آهي، جيئن هن پوِتر شاستر ۾ فرمايو آهي تہ ”تمام ٿورو وقت باقي آهي، جو اچڻ وارو ايندو ۽ دير نہ ڪندو. ان وقت جيڪو منهنجو سچار ماڻهو هوندو، سو وشواس جي وسيلي جيوت رهندو، پر جيڪڏهن ڪو پوئتي هٽندو، تہ آءٌ هن کان خوش نہ ٿيندس.“ سو اسين پوئتي هٽڻ وارن مان نہ آهيون جو ناس ٿيون، پر اسين انهن مان آهيون جيڪي وشواس رکي پاڻ کي بچائين ٿا. وشواس مان مراد آهي انهن شين جي ملڻ جي خاطري، جن جي اميد ڪئي وڃي ٿي، هائو، انهن شين تي يقين، جيڪي ڏسڻ ۾ نہ ٿيون اچن. اهو انهن جو وشواس ئي هو جو اڳئين زماني جي ماڻهن ايشور جو راضپو حاصل ڪيو. وشواس جي ڪري ئي اسين سمجھون ٿا تہ سڀيئي جهان ايشور جي حڪم سان بڻيا آهن. ائين نہ آهي تہ جيڪي ڪجھہ نظر اچي ٿو سو ڏسڻ ۾ ايندڙ شين مان بڻيو آهي. وشواس جي ڪري ئي هابل ايشور آڏو قائن کان وڌيڪ سٺو ٻليدان پيش ڪيو. انهيءَ جي ڪري ايشور سندس ڀيٽا قبول ڪري ظاهر ڪيو تہ هو سچار هو. جيتوڻيڪ هو مري ويو آهي تہ بہ پنهنجي وشواس جي مثال وسيلي ڄڻ تہ اڃا تائين ڳالهائي پيو. وشواس جي ڪري ئي حنوڪ مٿي آڪاش ڏانهن کنيو ويو، تہ جيئن موت کي نہ ڏسي. جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”هن جو ڪوبہ پتو ڪونہ پيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور مٿي کڻي ورتس.“ اهو هن ڪري ٿيو جو سندس کڄي وڃڻ کان اڳ هن بابت اها شاهدي ڏني ويئي هئي تہ ”هو ايشور کي پسند آيو آهي.“ وشواس کان سواءِ ايشور کي پسند اچڻ ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ايشور ڏانهن اچي ٿو، تنهن لاءِ اهو وشواس رکڻ لازمي آهي تہ ايشور موجود آهي ۽ جيڪي چاهہ سان سندس ڳولائو ٿين ٿا تن کي لاڀ ڏئي ٿو. وشواس جي ڪري ئي نوح اهي ڳالهيون مڃيون جيڪي اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون هيون، جن بابت ايشور کيس خبردار ڪيو هو. هن ايشور جو خوف رکي پنهنجي خاندان کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ هڪڙو ٻيڙو ٺاهيو. اهڙيءَ طرح نوح سنسار کي ڏوهي قرار ڏنو ۽ انهيءَ سچائيءَ جو وارث ٿيو، جيڪا وشواس جي ڪري حاصل ٿئي ٿي. جڏهن ابرهام کي سڏيو ويو تہ وشواس جي ڪري ئي هو ايشور جو حڪم مڃي انهيءَ ملڪ ڏانهن هليو ويو، جيڪو بعد ۾ کيس وچن ڪيل ميراث طور ملڻو هو. هائو، هو اٿي روانو ٿيو، جيتوڻيڪ هن کي اها سڌ نہ هئي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي. وشواس جي ڪري ئي ايشور جي وچن ڪيل ملڪ ۾ ابرهام تنبن ۾ هڪ پرديسيءَ وانگر رهيو. اضحاق ۽ يعقوب جيڪي سندس اولاد هئا ۽ ايشور جي ساڳئي وچن ۾ ساڻس گڏ وارث هئا، سي بہ ابرهام وانگر تنبن ۾ رهندا هئا. ابرهام انهيءَ شهر جو اميدوار هو، جنهن جو بنياد پڪو ۽ پختو آهي ۽ جنهن جو رچيندڙ ۽ اڏيندڙ خود ايشور آهي. وشواس جي ڪري ئي ابرهام پتا ٿيڻ جي لائق ٿيو، جيتوڻيڪ هو تمام پوڙهو هو ۽ سندس پتني سارہ بہ سنڍ هئي. ابرهام وچن ڪرڻ واري کي سچو ڄاتو. اهڙيءَ طرح هڪڙي اهڙي پوڙهي شخص مان جيڪو ڄڻ مرڻ ڪنڌيءَ تي هو، ”آڪاش جي تارن جيترو ۽ سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جي ذرڙن جيترو بي‌شمار اولاد“ پيدا ٿيو. اهو وشواس ئي هو جنهن تي اهي سڀ مرڻ گھڙيءَ تائين قائم رهيا. جيتوڻيڪ کين ڪجھہ بہ نہ مليو، جنهن جو ايشور ساڻن وچن ڪيو هو، تڏهن بہ پري کان ئي سڀ ڪجھہ ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيائون. ان سان گڏ هنن اقرار ڪيو تہ ”اسين ڌرتيءَ تي پرديسي ۽ مسافر آهيون.“ جيڪي ماڻهو اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن، سي ظاهر ڪندا آهن تہ ”اسان جو ديس ڪو ٻيو آهي، جنهن جا اسين خواهشمند آهيون.“ ائين چوندي جيڪڏهن هنن جو انهيءَ ملڪ ڏانهن وڃڻ جو خيال هجي ها، جنهن مان نڪري آيا هئا تہ هو اوڏانهن موٽي وڃي ٿي سگھيا. پر ان جي بدران هو انهيءَ کان بهتر يعني آڪاشي ديس جي لاءِ واجھائي رهيا هئا. جيئن تہ ايشور، انهن جو ايشور سڏجڻ کان شرمائي نہ ٿو، تنهنڪري هن انهن جي لاءِ هڪڙو شهر تيار ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ جو سبب هي هو جو هن سمجھيو ٿي تہ ايشور کي مئلن مان جيوت ڪرڻ جي بہ شڪتي آهي. سو اضحاق جي موت کان بچي وڃڻ جي باوجود ابرهام کيس مثالي طرح مئلن مان وري حاصل ڪيو. وشواس جي ڪري ئي اضحاق پنهنجي ٻنهي پٽن يعقوب ۽ عيسوءَ کي ايندڙ وقت جي ڳالهين بابت بہ آسيس ڪئي. وشواس جي ڪري ئي يعقوب مرڻ مهل پنهنجي پٽ يوسف جي ٻنهي پٽن مان هر هڪ کي آسيس ڪئي ۽ پنهنجي لٺ جي چوٽيءَ تي مٿو رکي ايشور آڏو سيس نوايائين. وشواس جي ڪري ئي يوسف جڏهن مرڻ کي ويجھو هو، تڏهن هن مصر ملڪ مان بني اسرائيل جي نڪرڻ بابت ٻڌايو ۽ اهو حڪم بہ ڏنو تہ ”منهنجي هڏين کي ساڻ کڻي وڃجو.“ وشواس جي ڪري ئي موسيٰ جي ماتا پتا سندس جنم کان پوءِ ٻارڙي جي خوبصورتي ڏسي کيس ٽن مهينن تائين لڪائي رکيو. هو راجا جي انهيءَ حڪم جي خلاف‌ورزيءَ کان ڪين ڊنا تہ نئين ڄاول پٽ کي ماريو وڃي. وشواس جي ڪري ئي موسيٰ وڏي ٿيڻ تي مصر جي راجا جي ڌيءَ جو پٽ سڏائڻ کان انڪار ڪيو. انهيءَ جو سبب هي هو تہ ٿوري وقت تائين پاپ جا مزا ماڻڻ بدران هن ايشور جي قوم وارن سان شامل ٿي بري سلوڪ سهڻ کي وڌيڪ پسند ڪيو. هن مسيح جي خاطر اپمانت ٿيڻ کي مصر جي خزانن کان وڏي دولت سمجھيو. هن جي نظر ملڻ واري لاڀ تي هئي. وشواس جي ڪري ئي راجا جي ڪاوڙ جي پرواهہ نہ ڪندي موسيٰ مصر کي ڇڏي ڏنو. ائين هو ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ ايشور کي ڄڻ تہ ڏسي ڪري ثابت قدم رهيو. وشواس جي ڪري ئي هن فصح جو تهوار قائم ڪيو، جڏهن بني اسرائيل کي حڪم ڏنائين تہ اهي ٻليدان ڪري رت دروازن جي ٻانهين ۽ سردرن تي ڇٽڪارين، انهيءَ لاءِ تہ موت جو دوت بني اسرائيل جي پهريتن پٽن کي هٿ نہ لائي. وشواس جي ڪري ئي جڏهن ڳاڙهي سمنڊ مان پاڻي سڪي ويو تہ بني اسرائيل اتان لنگھي ويا. پر جڏهن مصرين انهن جو پيڇو ڪندي ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ اهي ٻڏي مئا. وشواس جي ڪري ئي بني اسرائيل جڏهن يريحو شهر جي چوڌاري ست ڏينهن ڦيرا ڏنا تہ شهر جو ڪوٽ ڪري پيو. وشواس جي ڪري ئي راحب وئشيا بچي ويئي جڏهن انهيءَ شهر جي نافرمانن کي ماريو ويو، ڇاڪاڻ تہ هن بني اسرائيل قوم جي جاسوسن کي پاڻ وٽ صحيح سلامت رکيو هو. هاڻي وڌيڪ آءٌ ڇا ٻڌايان؟ هينئر ايترو وقت ڪانہ اٿم جو جِدعون، برق، سمسون، افتاح، يا وري دائود، سموئيل ۽ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جو ذڪر ڪريان. وشواس جي ڪري ئي انهن مان ڪن راڄن تي سوڀ حاصل ڪئي، ڪن انصاف سان سنڀال ڪئي، ڪن اهي آسيسون حاصل ڪيون جن جو ايشور ساڻن وچن ڪيو هو ۽ ڪن شينهَن جا وات بند ڪري ڇڏيا. انهن مان ڪن ڀڙڪندڙ باهہ کي ٿڌو ڪيو ۽ ڪي تلوار جي ڌار کان بہ بچي نڪتا. انهن مان ڪي ڪمزوريءَ مان ٻلوان ٿيا، ڪي جنگ ۾ طاقتور بڻيا، ڪن ڌارين فوجن کي ڀڄائي ڪڍيو ۽ ڪن نارين کي سندن مري ويل پيارا وري جيوت ٿي مليا. وشواس جي ڪري ئي ڪي ماڻهو ايذاءَ سهندي سهندي مري ويا پر آزادي قبول نہ ڪيائون، انهيءَ لاءِ تہ ٻيهر جيوت ٿي بهتر جيون حاصل ڪن. ڪن ماڻهن کي کِل ٺٺوليءَ جو نشانو بڻائي چهبڪ هنيا ويا، ايتري قدر جو کين زنجيرن سان ٻڌي قيد ۾ وڌو ويو. ڪي ماڻهو سنگسار ڪيا ويا، ڪي ڪرٽ سان چيريا ويا ۽ ڪي تلوار سان قتل ڪيا ويا. ڪي ماڻهو محتاجيءَ، مظلوميءَ ۽ بدسلوڪيءَ جي حالت ۾ رڍن ۽ ٻڪرين جون کلون پائي بيابانن ۽ جبلن ۾ ڀَٽڪندا رهيا ۽ غارن ۽ زمين جي چُرن ۾ لڪندا رهيا. هي سنسار انهن جي رهڻ لائق نہ هو. جيتوڻيڪ انهن سڀني کي سندن وشواس جي ڪري ايشور جو راضپو حاصل ٿيو، تڏهن بہ کين اهو ڪجھہ نہ مليو جنهن جو ايشور وچن ڪيو هو. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايشور اڳي ئي هڪ بهتر منصوبو جوڙي ڇڏيو هو جنهن ۾ اسين بہ شامل آهيون. ايشور چاهيو ٿي تہ اهي سڀ اسان سان گڏجڻ سان ئي وٽس ڪامل ڪيا وڃن. جيئن تہ اسين بيان ڪيل شاهدن جي ايڏي وڏي ڪڪر جي گھيري ۾ آهيون، تنهنڪري اچو تہ اسين بہ هر رڪاوٽ ۽ ڦاسائيندڙ هر پاپ کي هٽائي ثابت قدميءَ سان انهيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙون جيڪا اسان جي اڳيان آهي. اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين يسوع تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي وشواس جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري سوليءَ جي تڪليف سٺي ۽ ايشور جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو. هائو، جنهن هستيءَ پاپين جي ايڏي وڏي مخالفت برداشت ڪئي، تنهن تي غور ڪريو. تڏهن اوهين انهيءَ ڊوڙ ۾ ٿڪجي همت هاري نہ ويهندا. ڏسو، پاپ جي خلاف وڙهندي اوهان اڃا تائين اهڙو مقابلو نہ ڪيو آهي جو اوهان جو رت وهايو ويو هجي. اوهين انهيءَ همتائيندڙ نصيحت کي وساري ويٺا آهيو، جنهن ۾ اوهان کي ”منهنجا ٻچا“ چئي مخاطب ڪيو ويو آهي تہ ”اي منهنجا ٻچا! پرميشور جي سيکت کي خسيس نہ سمجھہ، ۽ جڏهن هو تو کي ڇينڀي، تڏهن همت نہ هار. ڏس، پرميشور جنهن سان پريم ٿو رکي، تنهن کي سيکت بہ ڏئي ٿو، ۽ جنهن کي پنهنجو ٻار ٿو بڻائي، تنهن کي سزا بہ ڏئي ٿو.“ سو اوهين بہ انهيءَ سيکت کي برداشت ڪندا رهو، ڇاڪاڻ تہ ايشور اوهان سان ٻچن جهڙي هلت ٿو ڪري. اهو ڪهڙو ٻار آهي جنهن کي سندس پتا سيکت نہ ٿو ڏئي؟ جيڪڏهن اوهان کي سڀني وانگر سيکت نہ ڏني وڃي، تہ ان جو مطلب اهو ٿئي ها تہ اوهين ايشور جا حقيقي ٻار نہ، پر ناجائز اولاد آهيو. ڏسو، اسان جا سنساري پتا اسان کي سيکت ڏيندا هئا، تہ بہ اسين هنن جو مان‌سمان ڪندا رهيا آهيون. تہ پوءِ اسين پنهنجي آڪاشي پتا يعني ايشور جي ڇو نہ وڌيڪ آگيا مڃون تہ جيئن جيوت رهون؟ اسان جا سنساري پتا ٿورن ڏينهن جي لاءِ پنهنجي سمجھہ مطابق اسان کي سيکت ڏيندا هئا. پر ايشور جيڪا سيکت اسان کي ڏئي ٿو، سا اسان جي ڀلائيءَ جي لاءِ آهي، تہ جيئن اسين سندس پوِترتائيءَ ۾ شامل ٿيون. ڪابہ سيکت جڏهن ڏني وڃي ٿي، تڏهن خوشيءَ جو نہ، پر ڏک جو سبب ٿي لڳي. پر جيڪي برداشت ڪري پختا ٿي وڃن ٿا، تن کي اها پڇاڙيءَ ۾ سچائيءَ ۽ شانتيءَ وارو جيون بخشي ٿي. تنهنڪري ڍلا هٿ ۽ ڪمزور گوڏا مضبوط ڪريو. پنهنجي پيرن جا رستا سنوان ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ ڪو منڊو ٿاٻو نہ کائي، بلڪ ڇٽي چڱو ڀلو ٿئي. سڀني ماڻهن سان صلح وَ شانتيءَ سان رهڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ انهيءَ پوِترتائيءَ جا ڳولائو ٿيو، جنهن کان سواءِ ڪوبہ پرميشور کي نہ ڏسندو. خيال رکو تہ متان اوهان مان ڪو ماڻهو ايشور جي ڪرپا کان محروم رهجي وڃي، يا ڪا ڪؤڙي پاڙ ڦُٽي اوهان کي تڪليف ڏئي ۽ انهيءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻهو اپوِتر ٿي پون. خيال رکو تہ متان ڪو زناڪار يا عيسوءَ وانگر ايشور جي ڳالهين کي خسيس ڄاڻيندڙ نہ ٿئي، جنهن هڪڙي وقت جي کاڌي جي عيوض پنهنجي پهريتي هجڻ جو حق وڪڻي ڇڏيو. اوهين ڄاڻو ٿا تہ انهيءَ کان پوءِ جڏهن هن آسيس جو وارث ٿيڻ ٿي گھريو تہ کيس رد ڪيو ويو. هن کي توبهہ ڪرڻ جو موقعو بہ نہ مليو، جيتوڻيڪ هن ڳوڙها ڳاڙيندي انهيءَ آسيس کي حاصل ڪرڻ جي تمام گھڻي ڪوشش ڪئي. اوهان جي هلت چلت چڱي هئڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اوهين ايشور جي شرڻ ۾ آيا آهيو. ائين نہ آهي جو اوهين ڌرتيءَ تي ڪنهن اهڙي جاءِ وٽ آيا آهيو جتي باهہ پئي ٻري ۽ ڪاراڻ، اونداهي ۽ طوفان آهي، جيئن سينا جبل وٽ بني اسرائيل وارن سان ٿيو. انهيءَ جبل تي توتاري جو شور ۽ ايشور جي ڳالهائڻ جو اهڙو آواز هو، جنهن جي ٻڌڻ وارن يعني بني اسرائيل وينتي ڪئي تہ ساڻن وڌيڪ نہ ڳالهايو وڃي، ڇاڪاڻ تہ هو اهو آواز برداشت ڪري نہ سگھيا، جنهن ۾ کين اهو حڪم ڏنو ويو هو تہ ”جيڪڏهن ڪو جانور بہ هن جبل کي ڇهي تہ کيس سنگسار ڪيو وڃي.“ اهو نظارو اهڙو تہ خوفناڪ هو جو موسيٰ چيو تہ ”آءٌ خوف وچان ڏڪي رهيو آهيان.“ ڏسو، اوهين سينا جبل وٽ اچڻ وارن جيان نہ، پر صيئون جبل تي جيوت ايشور جي شهر وارن جيان ايشور جي شرڻ ۾ آيا آهيو. اتي آڪاشي يروشلم وٽ جشن ملهائيندڙ بي‌شمار دوتن جي محفل آهي. اوهين ايشور جي انهن پهريتن يعني چونڊي پوِتر ڪيلن جي منڊليءَ ۾ آيا آهيو، جن جا نالا ايشور وٽ آڪاش تي لکيل آهن. اوهين سڄي مخلوق جي انصاف ڪندڙ ايشور وٽ آيا آهيو. اوهين ايشور آڏو ڪامل ڪيل سچارن جي آتمائن وٽ آيا آهيو. اوهين نئين ٻڌل وچن جي وچ واري يسوع وٽ ۽ سندس ڇٽڪاريل انهيءَ رت وٽ آيا آهيو، جيڪو هابل جي وهايل رت وارين ڳالهين کان بهتر ڳالهيون ٿو ڪري. خبردار! انهيءَ هستيءَ جي فرمان جو انڪار نہ ڪجو جيڪو هن وقت ڳالهائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل وارا، جن ڌرتيءَ تي ڏنل سندس فرمان جو انڪار ڪيو هو سي بچي نہ سگھيا. تہ پوءِ آڪاش مان آيل سندس فرمان جو جيڪڏهن اسين انڪار ڪنداسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ انهيءَ هستيءَ جڏهن سينا جبل تان ڳالهايو هو تہ ڌرتي لڏي ويئي هئي. پر هاڻي هن فرمايو آهي تہ ”هڪڙو دفعو وري بہ آءٌ نہ رڳو ڌرتيءَ کي، بلڪ آڪاش کي بہ لوڏي ڇڏيندس.“ سو اهي لفظ تہ ”هڪڙو دفعو وري بہ“ اهو ظاهر ٿا ڪن تہ جيڪي شيون لوڏيون وڃن ٿيون، سي رچيل هئڻ ڪري مِٽجي وينديون، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي شيون نہ ٿيون لڏن سي قائم رهن. سو جيئن تہ اسان کي اهڙي راڄ ۾ شامل ڪيو ٿو وڃي، جيڪو لڏي وڃڻ وارو ناهي، تنهنڪري اچو تہ اسين شڪرگذار ٿيون ۽ اهڙي مان‌سمان ۽ خوف سان ڀڳتي ڪريون جو اها ايشور کي پسند اچي، ڇاڪاڻ تہ اسان جو ايشور ساڙي رک ڪرڻ واري باهہ آهي. هڪٻئي سان ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪندا رهو. مسافرن جي مهمان‌نوازي ڪرڻ نہ وسارجو، ڇاڪاڻ تہ مهمان‌نوازي ڪرڻ سان ڪن ماڻهن اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ دوتن جي مهمان‌نوازي ڪئي آهي. قيدين کي ياد رکندي سندن ائين سار سنڀال لهو جو ڄڻ تہ اوهين بہ انهن سان گڏ قيد ۾ آهيو. جن سان بدسلوڪي ڪئي وڃي ٿي تن کي بہ ائين ياد رکو، جو ڄڻ تہ اوهين پاڻ بہ انهن سان گڏ بدسلوڪي سهو ٿا. سڀني ماڻهن جي نظر ۾ شادي مانائتي ڳالهہ هئڻ کپي ۽ پتي پتنيءَ کي هڪٻئي سان وفادار هئڻ گھرجي. ياد رکو، ايشور حرامڪارن ۽ زناڪارن جي خلاف فيصلو جاري ڪندو. پئسي سان پيار نہ رکو. جيڪي اوهان وٽ آهي تنهن تي راضي رهو، ڇاڪاڻ تہ ايشور پاڻ فرمايو آهي تہ ”آءٌ هميشہ تو ساڻ آهيان. آءٌ تو کي ڪڏهن بہ ڇڏي نہ ڏيندس.“ تنهنڪري اسين پوري يقين سان چئي ٿا سگھون تہ ”پرميشور منهنجو مددگار آهي، سو آءٌ ڪين ڊڄندس. انسان مون کي ڇا ٿو ڪري سگھي؟“ اوهين پنهنجي اڳواڻن کي ياد ڪريو، جن اوهان کي مسيح بابت ايشور جو سنديش ٻڌايو. انهن پنهنجو جيون جيڪو ڀلائي ڪندي گذاريو، تنهن تي ويچار ڪريو ۽ انهن جي وشواس جي نموني موجب هلو. يسوع مسيح ڪالهہ توڙي اڄ، بلڪ هميشہ تائين ساڳيو ئي آهي. جدا جدا قسمن جي عجيب سکيا تي لڳي ڀَٽڪي نہ وڃو. اوهان جي لاءِ چڱو اهو آهي تہ دلين کي ايشور جي ڪرپا جي وسيلي پختو رکو، نڪي رسمي کاڌن کائڻ جي وسيلي، جن مان ڪوبہ فائدو حاصل ڪونہ ٿو ٿئي. اسان وشواسين جي تہ هڪ اهڙي ٻليدان جي جاءِ آهي، جتان پوِتر جاءِ ۾ سيوا ڪندڙ ڪاهنن کي کائڻ جو ڪوبہ حق ڪونهي. ڏسو، اڳئين انتظام مطابق جن جانورن جو رت سردار ڪاهن هر سال پاپن جي ڪفاري جي لاءِ پوِتر ترين جاءِ ۾ کڻي ويندو آهي، تن جا شرير قوم جي رهائش واري خيمي‌گاهہ جي ٻاهران ساڙيا ويندا آهن. ساڳئي نموني يسوع بہ شهر جي دروازي جي ٻاهران تڪليف سهي جان ڏني، تہ جيئن پنهنجي رت جي وسيلي پنهنجي چونڊيل ماڻهن کي مخصوص ۽ پوِتر ڪري. سو اچو تہ اسين سندس خواري پاڻ تي کڻي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر هن وٽ هلون. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ڌرتيءَ تي اسان جو ڪو قائم رهڻ وارو شهر ڪونهي. ان جي بدران اسين اهڙي شهر جا خواهشمند آهيون جيڪو آئندہ ملڻ وارو آهي. تنهنڪري اچو تہ اسين يسوع جي وسيلي ايشور آڏو سدائين سندس مهما جو ٻليدان ڪندا رهون، يعني انهيءَ زبان جو ڦل ڀيٽا ڪريون، جيڪا سندس نالي جو اقرار ٿي ڪري. ان سان گڏوگڏ اوهين ڀلائي ڪرڻ ۽ مليل آسيسن ۾ ٻين کي شريڪ ڪرڻ کي نہ وساريو، ڇاڪاڻ تہ اهڙا ٻليدان ايشور کي پسند آهن. اوهين پنهنجي اڳواڻن تي اعتماد رکندي سندن وس هيٺ رهو، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان جي آتمڪ فائدي لاءِ سجاڳ ٿا رهن ۽ ايشور وٽ انهيءَ جو حساب ڏيڻ جا ذميوار آهن. سو اوهين ائين ڪريو، تہ جيئن هو اها ذميواري خوشيءَ سان پوري ڪن نڪي رنج سان، نہ تہ اوهان کي ڪو فائدو نہ ٿيندو. اسان جي لاءِ پرارٿنا ڪندا رهو، اهو اعتماد رکندي تہ اسان جي نيت صاف آهي ۽ اسين هر طرح سان نيڪيءَ وارو جيون گذارڻ ٿا چاهيون. آءٌ اوهان کي خاص طور منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پرارٿنا ڪريو، تہ جيئن آءٌ جلد اوهان وٽ وري اچي سگھان. هاڻ شانتي بخشيندڙ ايشور جنهن رڍن جي مهان ڌنار، يعني اسان جي پرڀو يسوع کي سندس رت سان ٻڌل امر وچن جي وسيلي مئلن مان وري جيوت ڪري اٿاريو، شل سو ئي اوهان کي هر چڱي آسيس بخشي ڪامل بڻائي، تہ جيئن اوهين سندس مرضي پوري ڪريو. شل هو يسوع مسيح جي وسيلي اسان سڀني ۾ اهو ڪجھہ پيدا ڪري جيڪو کيس پسند آهي. سندس مهانتا جي مهما هميشہ ٿيندي رهي. آمين. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ نصيحت جي هنن ڳالهين تي صبر سان پوريءَ طرح غور ڪريو. حقيقت ۾ مون اوهان ڏانهن اهي مختصر طور لکيون آهن. آءٌ اوهان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان تہ اسان جي وشواسي ڀاءُ تيمٿيس کي آزاد ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن هو جلد مون وٽ آيو تہ هو بہ مون سان گڏ اچي اوهان سان ملندو. پنهنجي اڳواڻن سميت مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن سڀني کي نمسڪار ڏجو. اٽليءَ وارا وشواسي بہ اوهان کي نمسڪار ٿا چون. شل اوهان سڀني تي ڪرپا ٿيندي رهي. آمين. هي خط ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي داس مون يعقوب جي طرفان اوهان هنڌ هنڌ پکڙيل ماڻهن ڏانهن آهي، جيڪي ايشور جا چونڊيل آهيو. آءٌ اوهان کي نمسڪار ٿو چوان. اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏهن اوهين طرح طرح جي آزمائشن ۾ پئو، تڏهن انهيءَ کي وڏي خوشيءَ جي ڳالهہ ڪري سمجھو، ڇاڪاڻ تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان جي وشواس جي پرک اوهان ۾ ثابت قدمي پيدا ڪري ٿي. انهيءَ ثابت قدميءَ کي پنهنجو ڪم پورو ڪرڻ ڏيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ڪامل ۽ ڀرپور ٿيو ۽ اوهان ۾ ڪنهن بہ ڳالهہ جي ڪمي نہ رهي. جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن ۾ ڏاهپ جي ڪمي آهي تہ اهو ايشور کان گھري. هو کيس ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ ايشور بنا ڇينڀڻ جي سڀني کي بي‌انداز ٿو ڏئي. پر جڏهن هو کانئس گھري تہ مٿس وشواس رکي گھري ۽ ڪوبہ شڪ نہ آڻي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو شڪ ٿو آڻي سو سمنڊ جي انهيءَ ڇوليءَ وانگر آهي، جيڪا هوا سان ڌِڪجي ۽ اڇلجي ٿي. اهڙو ماڻهو ائين نہ سمجھي تہ کيس پرڀوءَ کان ڪجھہ نہ ڪجھہ ملندو. اهو ماڻهو ٻِہ‌دليو آهي، جيڪو پنهنجي ڪنهن بہ ڳالهہ تي قائم نہ ٿو رهي. غريب وشواسيءَ کي مسيح ۾ پنهنجي اعليٰ درجي تي فخر ڪرڻ گھرجي، جڏهن تہ دولتمند وشواسيءَ کي هيٺاهين درجي تي، ڇاڪاڻ تہ دولتمندي جھنگلي گل وانگر ڪومائجي ويندي. هن ڪري جو جڏهن سج جي تيز اُس ان ٻوٽي تي پوي ٿي ۽ ان کي سڪائي ٿي ڇڏي، تڏهن انهيءَ جو گل ڇڻيو پوي ۽ خوبصورتي ختم ٿيو وڃيس. ساڳيءَ طرح دولتمند ماڻهو بہ دولت جي پٺيان لڳي برباد ٿي ويندو. سڀاڳو آهي اهو ماڻهو، جيڪو آزمائش ۾ ثابت قدم ٿو رهي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ۾ ڪامياب قرار ڏنو وڃڻ تي کيس سوڀ جو تاج، يعني اهو جيون حاصل ٿيندو جنهن جو وچن ايشور پاڻ سان پريم رکڻ وارن سان ڪيو آهي. جيڪڏهن آزمائش جي گھڙيءَ ۾ ڪو ماڻهو پاپ ڏانهن ڇڪجي وڃي تڏهن هو ائين نہ چوي تہ ”اهو سڀ ايشور جي طرفان ٿئي ٿو.“ ياد رکو تہ ايشور بڇڙائيءَ سان نہ پاڻ آزمائجي ٿو سگھي ۽ نہ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٿو آزمائي. پر اهڙي ماڻهوءَ کي سندس ئي شرير واريون خواهشون ڇڪي ۽ موهي آزمائش ۾ ڦاسائي ٿيون ڇڏين. تنهن کان پوءِ اهي شرير واريون خواهشون وڌي پاپ کي جنم ڏين ٿيون ۽ جڏهن اهو پاپ وڌي وڏو ٿئي ٿو، تڏهن موت پيدا ٿو ڪري. اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو. هر چڱي ۽ ڪامل بخشش مٿان کان آهي، يعني انهيءَ ايشور پتا جي طرفان ملي ٿي، جيڪو آڪاش مان روشني ڏيندڙ شين جو پيدا ڪندڙ آهي. هو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي. هن پنهنجي مرضيءَ سان اسان کي سچ جي سنديش وسيلي نئين سر پيدا ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين سندس رچيل شين ۾ پهريون ڦل بڻجون. اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اها ڳالهہ ياد رکو تہ هر هڪ ماڻهو ٻڌڻ ۾ تکو، ڳالهائڻ ۾ ڍرو ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ٿڌو ٿئي، ڇاڪاڻ تہ ڪاوڙ جي حالت ۾ ماڻهوءَ کان اهڙا ڪم ٿي نہ ٿا سگھن جن مان ايشور جي سچائي ظاهر ٿئي. تنهنڪري اپوِترتائيءَ ۽ بڇڙائيءَ جي سموري گندگيءَ کي پري اڇلائي نماڻائيءَ سان انهيءَ سنديش کي قبول ڪريو، جيڪو اوهان ۾ پوکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوهان کي مڪتي ڏيئي ٿو سگھي. هليو وڃي ٿو ۽ جلد ئي وساري ٿو ڇڏي تہ هو ڪيئن هو. پر جيڪو ماڻهو سچ جي انهيءَ سنديش يعني آزادي ڏيندڙ ڪامل نيم کي ڌيان سان ڏسندو ٿو رهي ۽ ٻُڌي ڪري وساري نہ ٿو، بلڪ انهيءَ تي عمل ٿو ڪري سو ئي پنهنجي ڪمن ۾ آسيس وارو ٿيندو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي ڌرمچاري ٿو سمجھي پر پنهنجي زبان کي ضابطي ۾ نہ ٿو رکي تہ سندس ڌرمچاري اجائي آهي ۽ اهو پاڻ کي دوکو ٿو ڏئي. اسان جي پتا ايشور جي نظر ۾ خالص ۽ بي‌عيب ڌرمچاري اها آهي تہ يتيمن ۽ وڌوائن جي سندن مصيبت جي وقت سار سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي سنسار جي گندگيءَ کان بچائي بي‌داغ رکجي. اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي مهان تيج واري پرڀو يسوع مسيح تي وشواس رکڻ وارا ٿي ڪري اوهين ٻِہ‌اکيائي نہ ڪريو. فرض ڪريو تہ ڪو ماڻهو سونيون منڊيون ۽ شاندار ڪپڙا پائي اوهان جي منڊليءَ ۾ اچي ٿو ۽ ٻيو ميرن ۽ ڦاٽل ڪپڙن وارو هڪڙو غريب ماڻهو بہ اچي ٿو. هاڻي جيڪڏهن اوهين شاندار پوشاڪ واري جو خاص لحاظ ڪري چئو تہ ”اوهين هِتي چڱيءَ جاءِ تي اچي ويهو،“ پر هن غريب ماڻهوءَ کي چئو تہ ”تون هُتي بيهہ،“ يا ”هِتي منهنجي پيرن وٽ اچي ويهہ،“ تڏهن ڇا اوهان پاڻ ۾ ٻِہ‌اکيائي نہ ڪئي؟ ۽ ڇا اوهين بري نيت وارا عدالت ڪندڙ نہ ٿيا؟ منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا اهي ماڻهو جيڪي سنسار جي نظر ۾ غريب آهن، تن کي ايشور وشواس ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ پنهنجي راڄ جي انهيءَ وچن ڪيل ورثي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آهي، جيڪو هن ساڻس پريم رکندڙن سان ڪيو آهي؟ پوءِ ڇو اوهين غريبن جو اپمان ٿا ڪريو؟ اوهان تي ظلم ڪرڻ وارا تہ دولتمند آهن. ڇا اهي اوهان کي ڪورٽ ۾ گهلي وٺي نہ ٿا وڃن؟ ڇا هو اهي ئي نہ آهن، جيڪي انهيءَ مانواري نالي يسوع بابت نندا ٿا ڪن، جنهن جا اوهين سڏيا ٿا وڃو؟ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.“ سو جيڪڏهن اوهين ايشور جي انهيءَ راجائي حڪم تي عمل ڪندي پنهنجي هم‌وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان پيار ڪريو ٿا، تہ پوءِ چڱو ٿا ڪريو. پر جيڪڏهن ٻِہ‌اکيائي ٿا ڪريو تہ انهيءَ حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري اوهين پاپ ٿا ڪريو. تنهن تي ايشور جو نيم اوهان کي پاپي قرار ٿو ڏئي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو نيم جي رڳو هڪڙي حڪم جي ڀڃڪڙي ٿو ڪري، سو سڄي نيم جي خلاف‌ورزي ڪري پاپي قرار ڏنو وڃي ٿو. اهو انهيءَ ڪري جو جنهن چيو آهي تہ ”زنا نہ ڪر،“ تنهن هيئن بہ چيو آهي تہ ”خون نہ ڪر.“ سو جيڪڏهن تون زنا نہ ڪرين پر خون ڪرين تہ تون نيم جو پاپي ٿي چڪين. ياد رکو، اوهان جو فيصلو آزادي ڏيندڙ نيم جي انهيءَ مهان حڪم مطابق ٿيڻو آهي. تنهنڪري پنهنجو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ هلت چلت نيڪ رکو، ڇاڪاڻ تہ جنهن پاڻ ٻين تي ديا نہ ڪئي، تنهن جو فيصلو بنا ڪنهن ديا ڪرڻ جي ڪيو ويندو. مطلب تہ جڏهن فيصلو ڪيو ويندو، تڏهن ٻين تي ديا ڪرڻ جي ڳالهہ حاوي پوندي. اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي ٿو تہ ”مون کي وشواس آهي،“ پر هو انهيءَ جي لائق عمل نہ ٿو ڪري، تہ پوءِ سندس ائين چوڻ مان ڪهڙو فائدو؟ ڇا اهڙو وشواس هن کي بچائي ٿو سگھي؟ فرض ڪريو تہ ڪنهن وشواسي ڀاءُ يا ڀيڻ کي پهرڻ لاءِ ڪپڙا ڪونہ آهن ۽ روزاني کاڌي لاءِ محتاج آهي. اهو ڏسي جيڪڏهن اوهان مان ڪو کيس چوي تہ ”شانتيءَ سان وڃي گذار، گرم ڪپڙا پاءِ ۽ کائي پي ڍءُ ڪر،“ پر کيس اهي شيون نہ ڏئي جيڪي سندس شرير لاءِ ضروري آهن، تہ پوءِ ائين چوڻ مان ڪهڙو فائدو؟ اها ئي ڳالهہ آهي تہ جيڪڏهن وشواس سان گڏ عمل نہ آهي تہ اهو وشواس مئل آهي. پر ٿي سگھي ٿو ڪو ماڻهو ائين چوي تہ ”ڪن وٽ وشواس آهي ۽ ڪن وٽ عمل بہ آهي.“ چڱو ڀلا، آءٌ انهيءَ ماڻهوءَ کي چوان ٿو تہ ”تون عمل کان سواءِ مون کي پنهنجو وشواس ڏيکار ۽ آءٌ پنهنجي عمل سان تو کي پنهنجو وشواس ڏيکاريندس. تون چوين ٿو تہ ’آءٌ وشواس ٿو رکان تہ ايشور هڪڙو آهي.‘ ٺيڪ آهي. اها ڳالهہ تہ بريون آتمائون بہ مڃين ٿيون ۽ اهي ڏڪن بہ ٿيون.“ اي مورکؤ! ڇا اوهين ايترو نہ ٿا سمجھي سگھو تہ عمل کان سواءِ وشواس بيڪار آهي؟ ڏسو، ڇا ايشور اسان جي پتا ابرهام کي عمل جي ڪري پاڻ ڏانهن سچار قرار نہ ڏنو، جڏهن هن پنهنجي پٽ اضحاق کي ٻليدان واري جاءِ تي ڀيٽا ٿي ڪيو؟ هاڻي اوهين سمجھي ٿا سگھو تہ ابرهام جي وشواس سندس عمل سان گڏجي ڪم ٿي ڪيو ۽ عمل جي ڪري ئي سندس وشواس ڪامل قرار ڏنو ويو. اهڙيءَ طرح پوِتر شاستر جي اها ڳالهہ پوري ٿي تہ ”ابرهام ايشور تي وشواس آندو، تنهنڪري ايشور کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبوليو.“ انهيءَ ڪري هو ايشور جو دوست سڏيو ويو. سو اوهين ڏسي ٿا سگھو تہ ايشور انسان کي رڳو وشواس جي ڪري پاڻ ڏانهن سچار قرار نہ ٿو ڏئي، بلڪ ان سان گڏ عمل جو هجڻ لازمي آهي. ساڳيءَ طرح راحب جيڪا وئشيا هئي، تنهن بہ جڏهن بني اسرائيل قوم جي موڪليل جاسوسن کي پاڻ وٽ رهايو ۽ شهر مان نڪرڻ جي ٻئي رستي کان روانو ڪري کين بچايو، تڏهن ڇا ايشور هن کي سندس انهيءَ عمل جي ڪري پاڻ ڏانهن سچار قرار نہ ڏنو؟ مطلب تہ جيئن آتما کان سواءِ شرير مئل آهي، تيئن عمل کان سواءِ وشواس بہ مئل آهي. اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان مان گھڻا سکيا ڏيندڙ ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسين جيڪي سکيا ڏيندڙ آهيون تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ڪئي ويندي. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسين انسان گھڻين ئي ڳالهين ۾ ٿاٻڙجي خطا ٿا ڪريون. پر جيڪو ماڻهو ڳالهائڻ ۾ ڪڏهن بہ خطا نہ ٿو ڪري سو ڪامل آهي ۽ پنهنجي سڄي شرير کي ضابطي ۾ رکي ٿو سگھي. جڏهن اسين گھوڙن کي پنهنجي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ سندن وات ۾ لغام ٿا وجھون، تڏهن انهن جي سڄي شرير کي بہ ڦيرائي ٿا سگھون. يا سامونڊي جهازن جو کڻي مثال وٺو، جيتوڻيڪ اهي تمام وڏا ٿا ٿين ۽ تيز هوائن سان ڌِڪجي ٿا هلن، تڏهن بہ تمام ننڍي ونجھہ جي وسيلي انهن کي هلائڻ وارو جيڏانهن بہ چاهي ڦيرائي ٿو سگھي. ساڳيءَ طرح زبان بہ هڪڙو ننڍو عضوو آهي، پر وڏيون وڏيون ٻٽاڪون ٿي هڻي. ڏسو تہ هڪ ننڍڙي چڻنگ مان ڪيڏي نہ وڏي ٻيلي کي باهہ لڳي ٿي وڃي. زبان بہ هڪ چڻنگ وانگر آهي. اها زبان اسان جي عضون منجھہ ائين بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي جيئن سنسار بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي. اها ئي زبان اسان جي سڄي شرير کي خراب ٿي ڪري ۽ اسان جي جيون جي سڄي چرخي کي باهہ ٿي لڳائي. اها باهہ ان کي نرڳ جي باهہ مان ملي ٿي. ڏسو، انسان هر قسم جي جانورن، پکين، جيت‌جڻن ۽ سامونڊي ساهوارن کي وس ۾ آڻي سگھي ٿو، بلڪ انهن کي وس ۾ آندو بہ اٿائين، پر زبان کي ڪنهن بہ ماڻهوءَ وس ۾ نہ آندو آهي. اها هڪ اهڙي بلا آهي جيڪا روڪڻ جي ئي ڪونهي. اها موتمار زهر سان ڀريل آهي. جنهن زبان سان اسين پتا پرميشور جي مهما ٿا ڪريون تنهن سان ئي ماڻهن کي سراپ ٿا ڏيون، جيڪي ايشور جي روپ تي پيدا ٿيل آهن. ڏسو، ساڳئي ئي وات مان پرارٿنا بہ ٿي نڪري ۽ سراپ بہ. اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ائين ٿيڻ نہ گھرجي. ڇا چشمي جي هڪڙي ئي منهن مان مٺو ۽ کارو پاڻي نڪري ٿو؟ اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ڇا اهو ٿي سگھي ٿو تہ انجير جو وڻ زيتون يا انگورن جي ول انجير جو ڦل جھلي؟ هرگز نہ. ساڳيءَ طرح کاري پاڻيءَ جو چشمو مٺو پاڻي نہ ٿو ڏئي سگھي. اوهان ۾ ڏاهو ۽ سمجھُو ڪير آهي؟ انهيءَ کي گھرجي تہ هو پنهنجي چڱيءَ هلت چلت جي وسيلي اهڙي نماڻائيءَ سان اهو ثابت ڪري ڏيکاري، جيڪا ڏاهپ مان پيدا ٿئي ٿي. پر جيڪڏهن اوهين پنهنجين دلين ۾ سخت ساڙ ۽ پنهنجو مطلب رکو ٿا، تہ ڏاهو هجڻ جون ٻٽاڪون نہ هڻو، نڪي حق سچ جي خلاف ڪوڙ ڳالهايو. اهڙي ڏاهپ اها نہ آهي جيڪا ايشور وٽان ٿي ملي، پر اها سنساري، شرير واري ۽ شيطاني آهي. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جتي ساڙ ۽ مطلب‌پرستي هوندي آهي، اتي جھيڙو جھڳڙو ۽ هر طرح جو برو ڪم بہ هوندو آهي. پر جيڪا ڏاهپ ايشور وٽان ٿي ملي، سا پهريائين تہ پوِتر آهي، پوءِ صلح پسند، نماڻي ۽ سُلجھيل هئڻ سان گڏ ديا ۽ هر قسم جي چڱي ڦل سان ڀريل آهي. منجھس نہ طرفداري آهي ۽ نہ وري پاکنڊپائي. جيڪي ماڻهن ۾ صلح ٿا ڪرائين، سي صلح سان گڏ اهڙو ٻج ٿا پوکين، جيڪو سچائيءَ جو ڦل پيدا ٿو ڪري. اوهان ۾ جھيڙا جھڳڙا ڪٿان ٿا اچن؟ ڇا اهي انهن عيش عشرت وارين خواهشن مان نہ ٿا نڪرن، جيڪي اوهان جي عضون ۾ جھيڙو جھڳڙو پيدا ٿيون ڪن؟ اوهين ڪنهن شيءِ جي خواهش تہ ڪريو ٿا، پر نہ ملڻ جي صورت ۾ اوهين انهيءَ لاءِ خون ٿا ڪريو. اوهين لالچ تہ ڪريو ٿا، پر پوري نہ ٿيڻ جي صورت ۾ اوهين جھيڙا جھڳڙا ٿا ڪريو. اوهان کي انهيءَ ڪري ڪجھہ بہ هٿ نہ ٿو اچي جو اوهين ايشور کان ڪونہ ٿا گھرو. پر جڏهن اوهين کانئس گھرو بہ ٿا تڏهن بہ ڪونہ ٿو مليوَ، ڇو تہ اوهين بري نيت سان ٿا گھرو، تہ جيئن پنهنجي عيش عشرت ۾ خرچ ڪريو. اي بي‌وفا انسانؤ! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ سنسار جي دوستي ايشور سان دشمني آهي؟ تنهنڪري جيڪو ماڻهو سنسار جو دوست ٿيڻ ٿو گھري، سو پاڻ کي ايشور جو دشمن ٿو بڻائي. ڇا اوهين ائين ٿا سمجھو تہ پوِتر شاستر جو ائين چوڻ اجايو آهي تہ جيڪا آتما ايشور اسان ۾ رهڻ لاءِ وڌي آهي، تنهن لاءِ هو سخت غيرتمند آهي؟ پر انهيءَ غيرتمنديءَ کان وڌيڪ ايشور اسان تي ڪرپا ٿو ڪري. انهيءَ ڪري ئي پوِتر شاستر چوي ٿو تہ ”ايشور مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن تي ڪرپا ٿو ڪري.“ تنهنڪري پاڻ کي ايشور جي وس هيٺ رکندي شيطان جو مقابلو ڪريو تہ هو اوهان وٽان ڀڄي ويندو. ايشور جي ويجھو وڃو تہ هو اوهان جي ويجھو ايندو. اي پاپيؤ! پنهنجا هٿ صاف ڪريو. اي ٻِہ‌دليؤ! پنهنجين دلين کي مخصوص ۽ پوِتر ڪريو. افسوس ڪريو، ماتم ڪريو ۽ روئو. اوهين پنهنجو کِلڻ روئڻ پٽڻ ۾ بدلايو ۽ خوشي اداسيءَ ۾. پرميشور جي آڏو پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ هو اوهان کي سربلند ڪندو. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪٻئي تي تهمت نہ هڻو. جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي خلاف ٿو ڳالهائي يا مٿس ڪا تهمت ٿو هڻي، سو ايشور جي نيم جي خلاف ٿو ڳالهائي ۽ ان تي تهمت ٿو هڻي. هاڻي جڏهن اوهين ايشور جي نيم تي تهمت ٿا هڻو تڏهن اوهين ان تي عمل ڪرڻ وارا نہ، بلڪ انهيءَ مٿان عدالت ڪرڻ وارا بڻجي ويٺا آهيو. ياد رکو تہ نيم ڏيڻ وارو ۽ عدالت ڪرڻ وارو تہ رڳو هڪڙو آهي. اهو ئي بچائي ۽ برباد ڪري سگھي ٿو. پوءِ اوهين ڪير ٿيندا آهيو جو پنهنجي هم‌وشواسيءَ جي عدالت ٿا ڪريو! هاڻ اوهين ٻڌو، جيڪي چئو ٿا تہ ”اڄ يا سڀاڻي فلاڻي شهر ۾ وينداسين، هڪڙو سال اتي وڃي گذارينداسين ۽ ڌنڌو ڌاڙي ڪري پئسا ڪمائينداسين.“ ڏسو، اوهان کي تہ ايتري بہ سڌ ڪانهي تہ سڀاڻي ڇا ٿيندو. اوهان جو جيون آهي ئي ڇا؟ اوهين تہ هڪڙي ٻاڦ آهيو، جيڪا ٿوري وقت تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ پوءِ گم ٿيو وڃي. تنهنڪري اوهان کي هيئن چوڻ گھرجي تہ ”جيڪڏهن پرميشور گھريو تہ اسين جيوت بہ رهنداسين ۽ فلاڻو فلاڻو ڪم بہ ڪنداسين.“ پر انهيءَ جي بدران اوهين ٻٽاڪون هڻي فخر ٿا ڪريو. اهڙو سمورو فخر برو آهي. مطلب تہ جيڪو ماڻهو چڱائي ڪرڻ ڄاڻي ٿو پر ڪري نہ ٿو تہ اهو سندس پاپ ليکيو ويندو. هاڻ اي دولتمندؤ! اوهين ٻڌو، انهن مصيبتن جي ڪري روئو ۽ رڙو، جيڪي اوهان تي اچڻيون آهن. سمجھي ڇڏيو تہ اوهان جو مال ملڪيت ڳري سڙي ويو ۽ اوهان جا ڪپڙا ڪينئان کائي ويا. اوهان جي سون ۽ چانديءَ تي ڪٽ چڙهي ويئي. اها ڪٽ اوهان تي شاهدي ڏيندي ۽ باهہ وانگر اوهان جو ماس کائيندي. اوهان هن انتم زماني ۾ دولت جا ڍير لڳائي ڇڏيا آهن، جڏهن تہ اهو زمانو ختم ٿيڻ وارو آهي. ڏسو، جن مزدورن اوهان جي ٻنين ۾ لابارو ڪيو، تن جي مزدوري جيڪا اوهان ناانصافي ڪري رکي ڇڏي آهي، سا رڙيون ڪري پڪاري پيئي ۽ لاباري ڪرڻ وارن جون دانهون سروِشڪتيوان پرميشور جي ڪنن تائين وڃي پهتيون آهن. اوهان ڌرتيءَ تي عيش عشرت ۾ گذاريو آهي ۽ موجون ماڻيون اٿوَ. حقيقت ۾ اوهان پاڻ کي ڪوس واري ڏينهن لاءِ ٿلهو متارو ڪيو آهي. اوهان بي‌ڏوهي ماڻهن کي ڏوهي قرار ڏيئي قتل ڪيو آهي، جيڪي پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪجھہ بہ ڪري نہ سگھيا. تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پرڀو يسوع جي اچڻ تائين ڌيرج ڪريو. ڏسو، هاري زمين جي قيمتي پيدائش لاءِ ڪيڏو نہ انتظار ٿو ڪري. هو آڳاٽي ۽ پاڇاٽي مينهن پوڻ تائين ڌيرج ٿو ڪري. اوهين بہ ڌيرج ڪريو ۽ ثابت قدم رهو، ڇاڪاڻ تہ پرڀو يسوع جو اچڻ ويجھو آهي. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪٻئي جي شڪايت نہ ڪريو، متان اوهان کي پاپي قرار ڏنو وڃي. ڏسو، انصاف ڪرڻ وارو در تي بيٺو آهي. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنتن کي تڪليفن سهڻ ۽ ڌيرج ڪرڻ جو نمونو ڪري سمجھو. اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسين ڌيرج سان تڪليفون سهڻ وارن کي سڀاڳو ٿا سڏيون. اوهان ايوب جي ڌيرج بابت تہ ٻڌو آهي ۽ اها بہ سڌ اٿوَ تہ پڇاڙيءَ ۾ پرميشور هن لاءِ ڇا ڇا ڪيو. انهيءَ مان ظاهر آهي تہ پرميشور نهايت ڪرپالو ۽ ديالو آهي. اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! سڀ کان اهم ڳالهہ هيءَ آهي تہ قسم نہ کڻو، نہ آڪاش جو نہ ڌرتيءَ جو ۽ نہ وري ڪنهن ٻيءَ شيءِ جو. پر اوهان کي ”هائو“ جي جاءِ تي رڳو ”هائو“ ۽ ”نہ“ جي جاءِ تي رڳو ”نہ“ چوڻ کپي، تہ جيئن اوهين ڀَٽڪي پاپي قرار ڏنو وڃڻ جو سبب نہ بڻجو. جيڪڏهن اوهان مان ڪو ماڻهو تڪليف ۾ آهي تہ انهيءَ کي پرارٿنا ڪرڻ کپي. جيڪڏهن ڪو خوش آهي تہ انهيءَ کي مهما جا ڀڄن ڳائڻ گھرجن. جيڪڏهن اوهان مان ڪو بيمار آهي تہ اهو منڊليءَ جي اڳواڻن کي گھرائي ۽ اهي اڳواڻ پرڀو يسوع جي نالي ۾ انهيءَ بيمار کي زيتون جو تيل مکي هن لاءِ پرارٿنا ڪن. اهڙي پرارٿنا جيڪا وشواس سان ڪئي ويندي، سا بيمار کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندي ۽ پرميشور انهيءَ کي اٿاري کڙو ڪندو. جيڪڏهن هن پاپ ڪيا هوندا تہ کيس انهن جي بہ معافي ملندي. تنهنڪري پنهنجا پاپ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ پرارٿنا ڪريو تہ جيئن ڇٽي چڱا ڀلا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ سچار ماڻهوءَ جي پرارٿنا نهايت اثر واري ٿئي ٿي. سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ بہ اسان وانگر انسان هو. هن وڏي جوش سان پرارٿنا ڪئي تہ مينهن نہ وسي، پوءِ ساڍن ٽن سالن تائين ڌرتيءَ تي مينهن نہ پيو. وري جڏهن هن پرارٿنا ڪئي تڏهن آڪاش مان مينهن پيو ۽ زمين پنهنجا فصل اُپايا. اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن اوهان مان ڪو سچ جي راهہ کان ڀَٽڪي وڃي ۽ ٻيو جيڪو انهيءَ کي موٽائي سچ جي راهہ تي آڻي، تڏهن اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ اهو جيڪو ڪنهن پاپيءَ کي ڀَٽڪڻ کان موٽائي راهہ تي ٿو آڻي، سو هن کي موت کان بچائيندو ۽ سندس گھڻن پاپن جي معافيءَ جو سبب بڻبو. هي خط مون پطرس جي طرفان آهي، جيڪو يسوع مسيح جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان. هي ايشور جي انهن چونڊيل ماڻهن ڏانهن ٿو لکجي، جيڪي پرديسين جي حيثيت ۾ پنطس، گلتيا، ڪپدُڪيا، آسيا ۽ بتونيا صوبن ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن. ايشور پتا پنهنجي ارادي موجب اڳ ۾ ئي پوِتر آتما جي وسيلي اوهان کي مخصوص ڪري چونڊيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين يسوع مسيح جا فرمانبردار ٿيو ۽ سندس رت ڇٽڪارڻ سان پوِتر ڪيا وڃو. شل اوهان تي ڪرپا ۽ شانتي وڌندي رهي. شل ايشور جي مهما هجي جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو پتا آهي، جنهن پنهنجي وڏي ديا سان يسوع مسيح جي مئلن مان وري جيوت ٿي اٿڻ جي وسيلي اسان کي نئين سر پيدا ڪيو. اهڙيءَ طرح اسان ۾ هڪ جيوت اميد پيدا ڪئي ويئي تہ اسين هڪ ابناسي، بي‌داغ ۽ امر ورثو حاصل ڪريون، جيڪو وشواسين لاءِ ايشور وٽ آڪاش تي رکيل آهي. اوهين ايشور جي شڪتيءَ سان وشواس جي وسيلي سنڀال هيٺ آهيو، ايستائين جو اها مڪمل مڪتي حاصل ڪريو جيڪا انتم ڏينهن تي ظاهر ٿيڻ لاءِ تيار آهي. انهيءَ ڳالهہ جي ڪري اوهين گھڻي خوشي ٿا ڪريو، جيتوڻيڪ في‌الحال ٿوري وقت لاءِ اوهان کي طرح طرح جي آزمائشن سبب ڏک ڏسڻا ٿا پون. انهن آزمائشن جو مقصد اهو آهي تہ اوهان جو وشواس خالص ثابت ٿئي. ڏسو، جيئن باهہ سون کي خالص بڻائي ٿي ڇڏي تيئن اوهان جو وشواس بہ آزمايو وڃي ٿو، جڏهن تہ اهو ناس ٿيندڙ سون کان گھڻو قيمتي آهي. ايشور چاهي ٿو تہ اوهين يسوع مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت ساراهہ، شان وَ شوڪت ۽ مان‌سمان جي لائق قرار ڏنا وڃو. جيتوڻيڪ اوهان يسوع کي نہ ڏٺو آهي، تڏهن بہ کيس پيار ٿا ڪريو. اوهين هن وقت بہ کيس ڏسڻ کان سواءِ مٿس وشواس آڻي اهڙي خوشي ٿا ملهايو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر ۽ مهانتا سان ڀرپور آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهين پنهنجي وشواس جي منزل، يعني مڪمل مڪتي حاصل ڪريو ٿا. ايشور جي سنديش ڏيندڙ سنتن انهيءَ ئي مڪتيءَ جي باري ۾ وڏي ڳولا ۽ کوجنا ڪئي ۽ اڳڪٿي ڪري انهيءَ ڪرپا بابت ٻڌايائون، جيڪا ايشور هاڻي اوهان تي ڪري رهيو آهي. اهي انهيءَ کوجنا ۾ هئا تہ مسيح جي آتما، جيڪا انهن ۾ هئي تنهن ڪهڙي وقت ۽ حالتن ڏانهن اشارو ڪري اڳڪٿي ٿي ڪئي تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ پوءِ مهانتا حاصل ڪندو. انهن سنتن تي هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ سندن اهي اڳڪٿيون هنن جي پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي لاءِ هونديون هيون، جن جي پوري ٿيڻ جي ڄاڻ هاڻي اوهان کي انهن سنديش ڏيندڙن جي معرفت ملي، جن آڪاش مان موڪليل پوِتر آتما جي وسيلي اوهان کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي. هي ڳالهيون اهڙيون تہ دلچسپ آهن جو دوت بہ انهن کي وڏي چاهہ سان ڏسن ٿا. تنهنڪري اوهين سمجھہ جو سندرو ٻڌي هوشيار ٿيو ۽ مڪتيءَ واري انهيءَ ڪرپا تي پوري اميد رکو جيڪا يسوع مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت اوهان تي ڪئي ويندي. اوهين ايشور جي فرمانبردار ٻارن وانگر جيون گذاريندي اهي بريون خواهشون اختيار نہ ڪريو، جيڪي اوهان جي جهالت واري زماني ۾ اوهان منجھہ هيون. انهيءَ جي بدران اوهين پنهنجي سموري هلت چلت ۾ اهڙيءَ طرح پوِتر ٿيو، جهڙيءَ طرح اوهان جو سڏڻ وارو پوِتر آهي. هن ڪري جو پوِتر شاستر ۾ ايشور فرمايو آهي تہ ”اوهين پوِتر ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پوِتر آهيان.“ هاڻي جيڪڏهن اوهين پرارٿنا ڪندي ايشور کي پتا ڪري سڏيو ٿا، جيڪو هر هڪ ماڻهوءَ جي عمل موجب بنا طرفداريءَ جي انصاف ٿو ڪري، تہ پوءِ پنهنجو هي مسافرن وارو جيون سندس خوف ۾ گذاريو. اوهين ڄاڻو ٿا تہ اها اجائي هلت چلت جيڪا اوهان جي ابن ڏاڏن کان هلندي ٿي آئي، تنهن کان اوهان کي ڇڏائڻ جي قيمت سون ۽ چانديءَ جهڙيون ناس ٿيندڙ شيون نہ هيون، پر هڪ بي‌عيب ۽ بي‌داغ گھيٽڙي، يعني مسيح جي قيمتي رت سان اوهان کي ڇڏايو ويو. سنسار جي بڻائڻ کان اڳ ۾ ئي مسيح کي چونڊيو ويو هو، پر هن انتم زماني ۾ اوهان جي خاطر کيس ظاهر ڪيو ويو. مسيح جي ئي وسيلي اوهين ايشور تي وشواس رکو ٿا. هن کيس مئلن مان جيوت ڪري مهانتا بخشي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو وشواس ۽ آسرو ايشور تي ئي هجي. هاڻي جيئن تہ اوهان حق جي وس هيٺ رهڻ سان پاڻ کي پوِتر ڪيو آهي، جنهن سان اوهان ۾ ڀائراڻي ۽ حقيقي پريم جو جذبو پيدا ٿيو آهي، تنهنڪري تن ۽ من سان پاڻ ۾ گَهرو پريم رکو. اوهين ناس ٿيندڙ ٻج مان نہ، بلڪ ابناسي ٻج، يعني ايشور جي انهيءَ فرمان جي وسيلي نئين سر پيدا ٿيا آهيو، جيڪو جيوت ۽ امر رهڻ وارو آهي. هن ڪري جو پوِتر شاستر چوي ٿو تہ ”هر انسان گاهہ مثل آهي، انهيءَ جو سمورو شان وَ شوڪت گاهہ جي گل وانگر آهي. گاهہ سڪي وڃي ٿو ۽ گل ڪري ٿو پوي. پر پرميشور جو فرمان هميشہ تائين قائم رهندو.“ هي اهو ئي فرمان آهي، جنهن جي خوشخبري اوهان کي ٻڌائي ويئي آهي. انهيءَ ڪري هر طرح جي بدنيتي، سموري ٺڳي، پاکنڊپائي، ساڙ ۽ هر قسم جي گلا کي پاڻ کان پري اڇلايو. انهن جي بدران جيئن نوان ڄاول ٻارڙا نج کير ٿا چاهين، تيئن اوهين بہ ايشور جي فرمانن وارين نج ڳالهين جو چاهہ رکندا تہ انهن جي وسيلي مڪمل مڪتيءَ ڏانهن وڌندا ويندا. هائو، اوهين چاهہ رکندا، بشرطيڪ اوهان پرميشور جي ديالو هئڻ جو سواد چکيو هجي. اهڙيءَ طرح اوهين انهيءَ جيوت پٿر، يعني يسوع مسيح وٽ اچو ٿا، جنهن کي ماڻهن تہ رد ڪري ڇڏيو پر ايشور ان کي قيمتي ڄاڻي مخصوص ڪيو. اوهين بہ جيوت پٿرن وانگر اڏجي ايشور جو آتمڪ گھر بڻبا ٿا وڃو. نہ رڳو اهو، پر اوهين پوِتر ڪاهنن جي مخصوص منڊليءَ جا رڪن بڻجي اهڙا آتمڪ ٻليدان پيش ٿا ڪريو، جيڪي يسوع مسيح جي وسيلي ايشور وٽ قبول پون ٿا. هن ڪري جو پوِتر شاستر ۾ ايشور فرمايو آهي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ هڪ پٿر رکان ٿو، جيڪو مخصوص، قيمتي ۽ پيڙهہ جو پٿر آهي. جيڪو ماڻهو انهيءَ تي وشواس آڻيندو، سو ڪڏهن بہ شرمندو نہ ٿيندو.“ تنهنڪري اوهان وشواس آڻڻ وارن لاءِ اهو قيمتي آهي. پر وشواس نہ آڻڻ وارن لاءِ پوِتر شاستر ۾ هي لکيل آهي تہ ”جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي،“ ۽ ”اهو ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني ماڻهن لاءِ ٿاٻو کائڻ واري ڇپ ٿيو آهي.“ سو اهي ماڻهو ايشور جي فرمان تي وشواس نہ آڻڻ سان ٿاٻڙجن ٿا ۽ انهيءَ جي لاءِ ئي اهي مقرر بہ ڪيا ويا آهن. پر اوهين هڪڙي چونڊيل پيڙهي، ايشور جي ڪاهنن واري منڊلي، مخصوص قوم ۽ ايشور جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ ايشور جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي. اڳي اوهين ڇڙوڇڙ هئا، پر هاڻي اوهين ايشور جي قوم آهيو. اڳي اوهان تي ديا ڪونہ ٿي هئي، پر هاڻي ايشور جي ديا ٿي اٿوَ. اي پريميؤ! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ هن سنسار ۾ پاڻ کي پرديسي ۽ مسافر سمجھي شرير جي انهن خواهشن کان پري رهو، جيڪي اوهان جي آتما سان جنگ ٿيون جوٽين. غير وشواسين ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جيئن جيڪي اوهان تي بڇڙو هئڻ جي تهمت ٿا هڻن سي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي انهيءَ ڏينهن تي ايشور جي مهما ڪن جڏهن هو اچي عدالت ڪندو. پرميشور جي خاطر هر انساني اختيار جي وس هيٺ رهو مثال طور مهاراجا جي، انهيءَ ڪري جو هو سڀني کان اعليٰ اختيار وارو آهي. اهڙيءَ طرح حاڪمن جي وس هيٺ انهيءَ ڪري رهو جو اهي مهاراجا جا مقرر ڪيل آهن، انهيءَ لاءِ تہ اهي بڇڙن کي سزا ڏين ۽ نيڪ ڪم ڪرڻ وارن جي ساراهہ ڪن. اهڙي نموني ئي اوهين وس هيٺ رهو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي مرضي اها آهي تہ نيڪ ڪم ڪرڻ سان اوهين مورکتا جون ڳالهيون ڪرڻ وارن مورک ماڻهن جا وات بند ڪري ڇڏيو. اوهين آزاد تہ آهيو، پر پنهنجي انهيءَ آزاديءَ کي بڇڙائيءَ جو بهانو نہ بڻايو، بلڪ ايشور جي داسن وانگر جيون گذاريو. سڀني جو مان‌سمان ڪريو، وشواسي ڀائرن ڀينرن سان پيار ڪريو، ايشور جو خوف رکو ۽ مهاراجا جو مان‌سمان ڪريو. اي غلامؤ! ڏاڍي ادب سان پنهنجن مالڪن جي وس هيٺ رهو، نہ رڳو نيڪن ۽ نرم سڀاءَ وارن جي، بلڪ ظالمن جي بہ. هن ڪري جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايشور کي حاضر ناظر ڄاڻي بي‌انصافيءَ جي ڪري ڏک ۽ تڪليفون صبر سان سهي ٿو تہ اها ڳالهہ ايشور وٽ قبول پوندڙ آهي. ڏسو، جيڪڏهن اوهان غلط ڪم ڪري مار کاڌي ۽ صبر ڪيو تہ انهيءَ ۾ فخر جي ڪا ڳالهہ نہ آهي. پر جيڪڏهن اوهين چڱا ڪم ڪري تڪليف سهو ۽ صبر ڪريو ٿا تہ اها ڳالهہ ايشور وٽ قبول پوندڙ آهي. انهيءَ ڳالهہ لاءِ ئي ايشور اوهان کي سڏيو آهي. هائو، صبر سان تڪليفون سهڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ تہ مسيح بہ اوهان جي خاطر تڪليفون سٺيون. ائين هو اوهان کي هڪڙو نمونو ڏيئي ويو آهي، تہ جيئن اوهين سندس نقشِ‌قدم تي هلندا رهو. پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”هن نڪي ڪو پاپ ڪيو ۽ نہ ئي سندس زبان مان ڪا ٺڳيءَ جي ڳالهہ نڪتي.“ هن گاريون کائي بہ موٽ ۾ ڪنهن کي گار نہ ڏني ۽ تڪليفون سهي بہ ڪنهن کي ڪونہ ڌمڪايائين، بلڪ پاڻ کي سچي انصاف ڪرڻ واري جي حوالي ڪيائين. هو پاڻ اسان جا پاپ پنهنجي شرير تي کڻي سوليءَ تي چڙهيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين پاپن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي لحاظ کان جيوت رهون. ڏسو، هو مار کائي زخمي ٿيو، جنهن سان اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا. هائو، اڳي اوهين ڀَٽڪيل رڍن وانگر هئا پر هاڻي پنهنجين آتمائن جي ڌنار ۽ سنڀاليندڙ وٽ موٽي آيا آهيو. اوهان جو سينگار وار ڳُتڻ، سونا زيور پائڻ ۽ عمدا ڪپڙا پهرڻ وارو ظاهري سينگار نہ هئڻ گھرجي. ان جي بدران اوهان جي اندر واري انسانيت نماڻي ۽ نرم سڀاءَ جي ابناسي سينگار سان سينگاريل هجي. ايشور جي نظر ۾ انهيءَ جو وڏو قدر آهي. اڳئين زماني ۾ بہ ايشور تي ڀروسو رکندڙ پوِتر ناريون پنهنجي پنهنجي پتيءَ جي وس هيٺ رهي انهيءَ ريت پاڻ کي سينگارينديون هيون. اهڙيءَ طرح سارہ بہ ابرهام جي فرمانبردار رهندي هئي ۽ کيس پنهنجو سوامي چوندي هئي. اوهين بہ انهيءَ جون ڌيئر آهيو، بشرطيڪ نيڪ ڪم ڪريو ۽ ڪنهن بہ خوف جو شڪار نہ ٿيو. اي پتيؤ! اوهين بہ ساڳيءَ طرح پنهنجين پتنين سان ڏاهپ سان هلو. ناري ذات کي پاڻ کان نازڪ سمجھي کيس مان ڏيو ۽ ڄاڻو تہ اهي بہ نئين جيون جي وردان ۾ اوهان سان گڏ وارث آهن. ائين ڪرڻ سان اوهان جون پرارٿنائون رڪجي نہ وينديون. مطلب تہ اوهين سڀيئي پاڻ ۾ هڪ دل ٿي گذاريو ۽ هڪٻئي سان لاڳاپن ۾ همدرديءَ، پيار، نرم دليءَ ۽ نماڻائيءَ وارو سڀاءُ اختيار ڪريو. بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو ۽ گار جي بدلي گار نہ ڏيو، اٽلندو آسيس ڪريو، ڇاڪاڻ تہ ايشور اوهان کي آسيس جا وارث ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي. ڏسو، پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ جيون سکيو گذارڻ چاهي ۽ چڱا ڏينهن ڏسڻ جو خواهشمند هجي، سو پنهنجي زبان کي بڇڙائيءَ جي ڳالهين کان روڪي، هائو، پنهنجي وات کي ٺڳيءَ وارين ڳالهين کان پري رکي. هو بدي ڪرڻ کان پاسو ڪري ۽ نيڪي ڪري. هو صلح وَ شانتيءَ جو ڳولائو هجي ۽ انهيءَ جي ڪوشش ۾ لڳو رهي. انهيءَ ڪري جو پرميشور جون اکيون سچارن تي کتل رهن ٿيون، ۽ سندس ڪن انهن جي پرارٿنا تي لڳل ٿا رهن. پر جيڪي بدي ڪن ٿا تن جو هو مخالف آهي.“ جيڪڏهن اوهين نيڪي ڪرڻ ۾ سرگرم آهيو تہ ڪير اوهان سان برائي ڪندو؟ پر جيڪڏهن سچائيءَ جي ڪري کڻي تڪليفون سهو بہ تہ اوهين سڀاڳا آهيو. سو ماڻهن جي ڌمڪين کان نہ ڊڄو، نڪي پريشان ٿيو. پر مسيح کي پرڀو ڄاڻي پنهنجين دلين ۾ کيس مان ڏيو. جيڪو ماڻهو اوهان کان انهيءَ اميد جو سبب پڇي، جيڪا اوهان کي مسيح ۾ آهي تہ کيس مطمئن ڪرڻ لاءِ هميشہ تيار رهو، پر نماڻائيءَ سان، ايشور جو خوف رکڻ سان ۽ پنهنجي نيت کي صاف رکڻ سان. پوءِ جيڪي ماڻهو اوهان کي مسيح جي پوئلڳ هئڻ ڪري اوهان جي چڱي هلت چلت بابت گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين، سي پنهنجي انهيءَ بدزبانيءَ تي شرمندا ٿيندا. ڏسو، جيڪڏهن ايشور جي اها ئي مرضي هجي تہ اوهين نيڪي ڪرڻ سبب تڪليفون سهو، تہ اها ڳالهہ بدي ڪرڻ سبب تڪليفن سهڻ کان بهتر آهي. مسيح جو مثال اوهان جي سامهون آهي تہ هو سچار هو ۽ هن بدڪارن لاءِ سندن پاپن جي ڪري هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري تڪليف سهي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي ايشور تائين پهچائي. هو هن پاپي سنسار جي نسبت ۾ ماريو ويو، پر آتمڪ طور وري جيوت ڪيو ويو. انهيءَ حالت ۾ هن انهن آتمائن وٽ وڃي پنهنجي سوڀ جو اعلان ڪيو جيڪي قيد ۾ هيون. هي اهي آتمائون هيون، جن اڳي نوح جي زماني ۾ نافرماني ڪئي هئي. ان وقت ايشور صبر ڪري انتظار ٿي ڪيو ۽ ٻيڙو تيار پئي ٿيو. پوءِ جڏهن ٻوڏ آئي تڏهن انهيءَ ٻيڙي ۾ ويٺل ٿورا ماڻهو، يعني رڳو اٺ ڄڻا انهيءَ پاڻيءَ وسيلي بچي نڪتا. اهو پاڻي انهيءَ بپتسما ڏانهن اشارو آهي، جيڪا هاڻي بہ اوهان کي بچائي ٿي. بپتسما مان مراد اها ناهي تہ شرير جي ميراڻ صاف ٿئي، پر اها آهي تہ نيڪ نيتيءَ سان ايشور سان وچن ڪجي. اها بپتسما يسوع مسيح جي وري جيوت ٿي اٿڻ جي وسيلي اوهان کي بچائي ٿي. هو آڪاش تي وڃي ايشور جي ساڄي پاسي ويٺو آهي ۽ دوت، اختياريون ۽ شڪتيون سندس وس هيٺ ڪيون ويون آهن. هاڻ جيئن تہ مسيح هن پاپي سنسار ۾ تڪليف سٺي، تنهنڪري اوهين بہ ساڳيو سڀاءُ اختيار ڪندي تڪليفون سهڻ لاءِ تيار رهو، ڇاڪاڻ تہ جنهن بہ مسيح جي خاطر هن پاپي سنسار ۾ تڪليف سٺي آهي، سو پاپ تي حاوي پيو آهي. اڳتي هو پنهنجو باقي جيون هن پاپي سنسار جي انساني خواهشن موجب نہ، پر ايشور جي مرضيءَ موجب گذاريندو. گذريل وقت ۾ اوهان بہ غير وشواسين جي مرضيءَ موجب جيڪا هلت ڪئي، يعني شهوت‌پرستيءَ، برين خواهشن، شراب‌خوريءَ، عياشيءَ، بداخلاقيءَ واري نچڻ ڳائڻ ۽ ڪراهت جهڙي بتن جي پوجا ڪرڻ ۾ گذاريو، سو ئي ڪافي آهي. هاڻي انهن غير وشواسين کي عجب ٿو لڳي تہ اوهين هنن جي اهڙي سخت بدچاليءَ ۾ ساڻن شريڪ ڇو نہ ٿا ٿيو، تنهنڪري هو اوهان کي گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين. پر کين ايشور کي حساب ڏيڻو پوندو، جيڪو جيوت ماڻهن توڙي مئلن جي عدالت ڪرڻ لاءِ تيار آهي. مئلن جي عدالت انهيءَ ڪري جو جڏهن اهي جيوت هئا، تڏهن انهن کي بہ مسيح بابت خوشخبري انهيءَ مقصد لاءِ ٻڌائي ويئي هئي تہ جيئن آتمڪ طور اهي ايشور آڏو جيوت رهن، جيتوڻيڪ هن پاپي سنسار ۾ سندن جيوت ئي ماڻهن طرفان عدالت ڪئي ويئي هئي. سنسار جي انت جو وقت ويجھو اچي پهتو آهي. تنهنڪري اوهين پرارٿنا ڪرڻ لاءِ هوشيار ۽ سجاڳ رهو. سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهہ هيءَ آهي تہ هڪٻئي سان حقيقي پيار ڪريو، ڇاڪاڻ تہ پيار گھڻين ئي خطائن کي ڍڪي ٿو ڇڏي. بنا ڪُرڪڻ جي هڪٻئي جي مهمان‌نوازي ڪريو. هر ماڻهوءَ کي جيڪو وردان مليو آهي سو انهيءَ وردان کي، ايشور جي ڪرپا جي مختلف وردانن جو چڱو ذميوار ٿي هڪٻئي جي سيوا لاءِ ڪم آڻي. مثال طور جيڪڏهن ڪو ماڻهو اُپديش ڏئي تہ اهڙيءَ طرح ڏئي جو ڄڻ تہ هو ايشور جو فرمان پيش ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو سيوا ڪري تہ انهيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا ايشور کيس بخشي ٿو. اهو سڀ انهيءَ طرح ڪريو جو سڀني ڳالهين ۾ يسوع مسيح جي وسيلي ايشور جي مهما ٿئي. شل سندس مهانتا ۽ شڪتي هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين. اي پريميؤ! تڪليفن جي باهہ جيڪا اوهان جي آزمائش لاءِ اوهان تي اچي ڀڙڪي آهي، تنهن تي تعجب نہ ڪريو جو ڄڻ تہ ڪا انوکي ڳالهہ اوهان تي اچي پيئي آهي. اٽلندو خوشي ملهايو جو اوهين مسيح جي تڪليفن ۾ شامل ٿا ٿيو. پوءِ جڏهن هو شان وَ شوڪت سان وري ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي ڏاڍي خوشي ۽ سرهائي حاصل ٿيندي. جيڪڏهن مسيح جي نالي جي ڪري اوهان تي ڦٽ لعنت ڪئي ٿي وڃي تہ اوهين سڀاڳا آهيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي نهايت مهانتا واري آتما جي ڇانوَ اوهان تي آهي. سو انهيءَ لاءِ ائين نہ ٿئي جو اوهان مان ڪو خوني، چور، بدڪار يا ٻين جي ڪمن ۾ دخل ڏيندڙ ٿي تڪليف سهي. پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو مسيح جو هئڻ سبب تڪليف سهي تہ شرمسار نہ ٿئي، بلڪ انهيءَ نالي جي ڪري ايشور جي مهما ڪندو رهي. هاڻي اهو وقت اچي پهتو آهي تہ عدالت ايشور جي گھراڻي کان شروع ٿئي. سو جيڪڏهن اها عدالت اسان جي بہ ٿئي ٿي تہ پوءِ انهن جو ڪهڙو انت ٿيندو جيڪي مسيح بابت ايشور جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين؟ اهو پوِتر شاستر مطابق آهي تہ ”جيڪڏهن سچار ئي وڏيءَ مشڪل سان ٿا بچي نڪرن، تہ پوءِ ايشور کان پري رهندڙ پاپين جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟“ تنهنڪري جيڪي ايشور جي مرضيءَ موجب تڪليفون ٿا سهن، سي نيڪ ڪم ڪندي پنهنجو پاڻ کي سچي ڪرتار جي حوالي ڪن. اوهان وشواسين ۾ جيڪي منڊلين جا اڳواڻ آهن تن کي آءٌ، جيڪو انهن اڳواڻن مان هڪڙو، مسيح جي تڪليفن جو شاهد ۽ ظاهر ٿيڻ واري سندس جوت ۾ پڻ شامل هوندس، تاڪيد ٿو ڪريان تہ ايشور جو ڌڻ جيڪو اوهان جي سار سنڀال هيٺ آهي تنهن جي سنڀال ڪندي انهيءَ کي چاريندا رهو. هي ڪم جيئن ايشور چاهي ٿو تيئن خوشيءَ سان ڪريو، نڪي لاچاريءَ سبب، دل جي شوق سان ڪريو، نڪي ذاتي لالچ جي ڪري. جيڪو ڌڻ اوهان جي حوالي ڪيو ويو آهي تنهن تي حڪم نہ هلايو، بلڪ انهيءَ ڌڻ جي لاءِ پاڻ کي هڪ نمونو بڻايو. پوءِ جڏهن وڏو ڌنار ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي جوت وارو اهڙو تاج ملندو جيڪو ڪڏهن بہ جھَڪو نہ ٿيندو. اهڙيءَ طرح اي جوانؤ! اوهان تي لازم آهي تہ اوهين اڳواڻن جي وس هيٺ رهو. اي منڊلين وارؤ! اوهين سڀيئي هڪٻئي اڳيان نماڻائيءَ واري سڀاءَ سان پيش اچو، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ايشور مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن تي ڪرپا ٿو ڪري.“ تنهنڪري ايشور جي شڪتيءَ واري هٿ هيٺ پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ هو اوهان کي مناسب وقت تي سربلند ڪري. ائين ڪندي پنهنجيون سموريون ڳڻتيون انهيءَ تي رکو، ڇاڪاڻ تہ هن کي اوهان جي چنتا آهي. هوشيار ۽ سجاڳ رهو. اوهان جو دشمن شيطان گجندڙ شينهن وانگر چوڌاري ڦري وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنهن کي چيري ڦاڙي کائي. اوهين وشواس تي قائم رهي سندس مقابلو ڪريو. اها ڳالهہ نہ وساريو تہ اوهان جا وشواسي ڀائر ڀينر جيڪي سڄي سنسار ۾ آهن، سي بہ اهڙين ئي تڪليفن ۾ پيا گذارين. هاڻي ايشور، جيڪو هر طرح جي ڪرپا جو سرچشمو آهي ۽ جنهن اوهان کي مسيح جا هئڻ ڪري پنهنجي امر جوت ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ سڏيو آهي، سو اوهان جي ٿوري وقت تائين تڪليفن سهڻ کان پوءِ پاڻيهي اوهان کي بحال، قائم، مضبوط ۽ پڪو ڪندو. شل انهيءَ جي شڪتي هميشہ هميشہ تائين رهي. آمين. آءٌ اوهان ڏانهن هي مختصر خط سيلاس جي مدد سان لکي رهيو آهيان، جنهن کي آءٌ وفادار ڀاءُ سمجھان ٿو. آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهان کي همتايان ۽ شاهدي بہ ڏيان تہ جيڪو بہ لکيو اٿم سو ايشور جي سچي ڪرپا آهي. اوهين انهيءَ تي قائم رهو. اوهان وانگر چونڊيل منڊلي، جيڪا بابل ۾ آهي سا اوهان کي نمسڪار ٿي ڏئي ۽ مرقس بہ نمسڪار ٿو ڏئي، جيڪو مون لاءِ هڪ پٽ جيان آهي. هڪٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي نمسڪار ڪجو. شل اوهان سڀني تي، جيڪي مسيح جا آهيو شانتي هجي. هي خط مون شمعون پطرس جي طرفان آهي، جيڪو يسوع مسيح جو داس ۽ سندس خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان. هي خط انهن ڏانهن ٿو لکجي، جن کي اسان جي ايشور ۽ مڪتي ڏيندڙ، يعني يسوع مسيح جي سچائيءَ جي وسيلي اسان جهڙو قيمتي وشواس حاصل ٿيو آهي. شل ايشور ۽ اسان جي پرڀو يسوع کي ڄاڻڻ جي وسيلي اوهان تي ڪرپا ۽ شانتي گھڻي کان گھڻي ٿيندي رهي. پرڀو يسوع پنهنجي آڪاشي شڪتيءَ سان اهو سڀ اسان کي بخشي ٿو، جيڪو ڌرمچاريءَ سان جيون گذارڻ لاءِ ضروري آهي. اهو سڀ ايشور کي ڄاڻڻ جي وسيلي اسان کي حاصل ٿئي ٿو، جنهن اسان کي پنهنجي ذاتي مهانتا ۽ خوبين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي. انهيءَ طرح هو اسان سان ڪيل نهايت وڏا ۽ قيمتي وچن پورا ڪري ٿو. هن چاهيو ٿي تہ اوهين انهن جي وسيلي سنسار جي برين خواهشن مان پيدا ٿيندڙ تباهيءَ واري خرابيءَ کان بچي سندس مهان ذات ۾ شامل ٿي وڃو. سو انهن ڳالهين کي اڳيان رکندي اوهين تمام گھڻي ڪوشش ڪري پنهنجي وشواس سان نيڪيءَ ۾ واڌارو آڻيو ۽ نيڪيءَ سان ڄاڻ ۾، پنهنجي ڄاڻ سان پرهيزگاريءَ ۾، پرهيزگاريءَ سان ڌيرج ۾ ۽ ڌيرج سان ڌرمچاريءَ ۾ واڌارو آڻيو. اوهين ڌرمچاريءَ سان ڀائيچارو ۽ ڀائيچاري سان پريم وڌايو. جيڪڏهن اهي خوبيون اوهان ۾ موجود هونديون ۽ وڌنديون رهنديون تہ اهي اوهان کي اسان جي پرڀو يسوع مسيح کي ڄاڻڻ ۾ بيڪار ۽ بي‌ڦل ٿيڻ نہ ڏينديون. پر جنهن ماڻهوءَ ۾ اهي خوبيون نہ آهن، سو گھٽ نظر وارو بلڪ انڌو آهي. هو پنهنجي اڳوڻن پاپن کان ڌوپجي صاف ٿيڻ واري ڳالهہ کي وساري ويٺو آهي. تنهنڪري، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پنهنجي سڏ ۽ چونڊ کي يقيني بڻائڻ لاءِ تن ۽ من سان ڪوشش ڪريو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ ڪڏهن بہ ٿاٻو نہ کائيندا، بلڪ اسان جي پرڀوءَ ۽ مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح جي امر راڄ ۾ وڏي خوشيءَ سان داخل ڪيا ويندا. انهيءَ ڪري آءٌ اوهان کي اهي ڳالهيون هميشہ ياد ڏياريندو رهندس، جيتوڻيڪ اوهين انهن کان واقف آهيو ۽ انهيءَ سچ تي مضبوطيءَ سان قائم آهيو، جيڪو اوهان کي مليل آهي. آءٌ اها ڳالهہ لازمي ٿو سمجھان تہ جيستائين آءٌ جيوت آهيان تيستائين اوهان جي دلين کي اُڀارڻ لاءِ يادگيري ڏياريندي هوشيار ڪندو رهان. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منهنجي مرڻ جو وقت ويجھو آهي، جيئن اسان جي پرڀو يسوع مسيح مون تي ظاهر ڪيو آهي. تنهنڪري آءٌ تن ۽ من سان ڪوشش ڪندو رهندس تہ منهنجي مري وڃڻ کان پوءِ بہ اوهين هر وقت اهي ڳالهيون ياد رکي سگھو. اسان پنهنجي پرڀو يسوع مسيح جي شڪتيءَ ۽ سندس موٽي اچڻ جي جيڪا خبر اوهان کي ڏني هئي، سا اسان بناوٽي ڪهاڻين تي لڳي ڪري ڪونہ ٻڌائي هئي، پر سندس شان وَ شوڪت جا اکين ڏٺا شاهد هئاسين. هائو، جڏهن يسوع کي ايشور پتا مان‌سمان ۽ مهانتا بخشي، تڏهن انهيءَ وڏي مهانتا واري ايشور وٽان اتي هي آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو پٽ آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان.“ ان وقت اسين بہ پرڀو يسوع سان گڏ پوِتر جبل تي موجود هئاسون ۽ اسان پاڻ اهو آواز آڪاش مان ايندي ٻڌو. انهيءَ واقعي جي ڪري سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت مليل پوِتر شاستر تي اسان جو وشواس وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. سو اوهين چڱو ڪندا جو انهيءَ تي ڌيان ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ اهو هڪ ڏيئي وانگر آهي جيڪو اونداهيءَ ۾ روشني ٿو ڏئي ۽ اهو تيستائين روشني ڏيندو، جيستائين پرهہ ڦٽي ۽ صبح جو تارو، يعني مسيح وري اچي اوهان جي دلين ۾ چمڪي. پوِتر شاستر تي ڌيان ڏيندي پهريائين هي ڄاڻي ڇڏيو تہ پوِتر شاستر ۾ سنديش ڏيندڙ سنتن جي ڪابہ ڳالهہ ڪنهن جي بہ ذاتي مطلب سان نہ ٿي ٿئي. هائو، سنديش ڏيندڙ سنتن جي ڪابہ ڳالهہ ڪڏهن بہ انسان جي پنهنجي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي، بلڪ اهي پوِتر آتما جي رهنمائيءَ سان ايشور جي طرفان ڳالهائيندا هئا. پر جهڙيءَ طرح بني اسرائيل ۾ سنديش ڏيندڙ سنت سڏائڻ وارا ڪوڙا ماڻهو هئا، تهڙيءَ طرح اوهان ۾ بہ ڪوڙي سکيا ڏيندڙ ظاهر ٿيندا. اهي ڳُجھيءَ طرح برباد ڪندڙ ڪوڙيون ڳالهيون ڦهلائيندا. ايتري قدر جو هو انهيءَ مالڪ جو بہ انڪار ڪندا، جنهن کين مُلهہ ڏيئي خريد ڪيو هو. ائين هو پاڻ تي جلد ئي بربادي آڻيندا. ڪيترائي ماڻهو انهن جي شهوت‌پرستيءَ جي پٺيان لڳندا، جن جي ڪري حق جي راهہ جي بدنامي ٿيندي. اهي لالچ جي ڪري بناوٽي ڳالهيون ٻڌائي اوهان مان ناجائز فائدو حاصل ڪندا. گھڻو وقت اڳي ايشور سندن خلاف فيصلو جاري ڪيو هو، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ هو تيار رهي ٿو ۽ کين برباد ڪرڻ لاءِ سجاڳ آهي. انهيءَ لاءِ هي مثال ڏسو تہ ايشور انهن دوتن کي بہ نہ بخشيو جن پاپ ڪيو، بلڪ کين پاتال ۾ وجھي اونداهين غارن ۾ بند ڪري ڇڏيائين، انهيءَ لاءِ تہ عدالت جي ڏينهن تائين قيد ۾ رهن. يا هي ڏسو تہ ايشور پراڻي زماني جي ماڻهن کي نہ بخشيندي انهن بي‌ڌرمين جي سنسار تي ٻوڏ آندي ۽ رڳو سچائيءَ جي پرچار ڪندڙ نوح کي ٻين ستن ڄڻن سميت بچايائين. ساڳئي نموني ايشور سدوم ۽ عموراہ جي شهرن کي برباديءَ جي سزا ڏيئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ اهي ايندڙ زمانن جي بي‌ڌرمين لاءِ هڪ ڀوائتو مثال ٿين. وري لوط جو مثال ڏسو، جنهن کي ايشور بچائي ورتو. اهو سچار شخص هو ۽ بدڪارن جي گندي هلت چلت کان تنگ ٿيو هو، ڇاڪاڻ تہ هو انهن ۾ رهي هر روز انهن جا بڇڙائيءَ وارا ڪم ڏسي ۽ ٻڌي پنهنجي سچيءَ دل ۾ پيو پريشان ٿيندو هو. انهن مثالن مان اهو ظاهر ٿو ٿئي تہ پرميشور ڄاڻي ٿو تہ ڌرمچارين کي آزمائش کان ڪيئن بچائي ۽ بدڪارن کي عدالت جي ڏينهن تائين ڪهڙيءَ طرح سزا هيٺ رکي، خاص ڪري انهن کي جيڪي شرير جي برين خواهشن جي پٺيان لڳي ايشور جي اختياريءَ کي ڪين جهڙو ٿا سمجھن. ساڳئي نموني ڪوڙي سکيا ڏيندڙ بہ اهڙا تہ بي‌ادب ۽ هٺيلا آهن جو آڪاشي هستين جو اپمان ڪرڻ کان بہ نہ ٿا ڊڄن. جڏهن تہ دوت جيڪي انهن ڪوڙي سکيا ڏيندڙن کان طاقت ۽ شڪتيءَ ۾ وڌيڪ آهن، سي پرميشور جي اڳيان انهن آڪاشي هستين کي گھٽ وڌ ڳالهائيندي تهمت نہ ٿا هڻن. انهن ڪوڙي سکيا ڏيندڙن جي فطرت بي‌عقل جانورن وانگر آهي، جيڪي رڳو پڪڙجڻ ۽ ناس ٿيڻ لاءِ پيدا ٿيا آهن. اهي ماڻهو جن ڳالهين کان اڻ‌ڄاڻ آهن تن جي باري ۾ گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين. جانورن وانگر اهي بہ ناس ٿي ويندا. مطلب تہ جيڪو نقصان هو ٻين کي رسائين ٿا، تنهن جي بدلي ۾ کين نقصان رسايو ويندو. اهي کلي عام عياشي ڪندي خوش ٿا ٿين. اهي اوهان سان گڏ کائيندي پيئندي پنهنجين دغابازين سان عيش عشرت پيا ڪن. ائين اهي ماڻهو اوهان ۾ داغ ۽ عيب آهن. اهي زناڪاريءَ لاءِ هر وقت نارين کي بري نظر سان پيا ڏسن ۽ پاپن کان بس نہ ٿا ڪن. جيڪي ڪمزور وشواس وارا آهن، تن کي هو غلط ڪمن ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ ڦاسايو ٿا وٺن. اهي لالچ ڪرڻ جا ماهر ۽ لعنتي آهن. اهي سچائيءَ واري رستي تان ڀَٽڪي بعور جي پٽ بلعام جي پيروي ٿا ڪن، جنهن کي پئسن جي لالچ ۾ بڇڙائي ڪرڻ پسند هوندي هئي. هن پنهنجي قصور جي ڪري پاڻ تي اها ڦٽڪار کنئي جو سندس بي‌زبان گڏهِہ انسان وانگر ڳالهائي انهيءَ سنديش ڏيندڙ سنت کي چريائيءَ کان روڪي ڇڏيو. اهي ماڻهو اهڙا چشما آهن، جن جو پاڻي سڪي ويو آهي ۽ اهي اهڙو ڪوهيڙو آهن، جنهن کي طوفان اڏائي ڇڏيو آهي. انهن جي لاءِ گھُگھُہ اونداهي رکي ويئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اهي لٻاڙون هڻندي نهايت بيهوديون ڳالهيون ڪري، شهوت‌پرستيءَ جي وسيلي انهن ماڻهن کي شرير وارين خواهشن ۾ ڦاسائين ٿا، جن ڀَٽڪيلن واري جيون مان هاڻي آزادي حاصل ڪئي آهي. هو انهن کي آزاديءَ جو وچن ڏين ٿا، جڏهن تہ پاڻ تباهيءَ واري بڇڙائيءَ جا غلام بڻيا وتن. ياد رکو، جيڪا شيءِ انسان تي حاوي ٿئي ٿي تنهن جو انسان غلام بڻجي وڃي ٿو. سو جيڪي ماڻهو اسان جي پرڀوءَ ۽ مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح کي ڄاڻڻ جي ڪري سنسار جي بڇڙاين کان ڇڏائجي ويا آهن، سي جيڪڏهن وري انهن بڇڙاين جي وس هيٺ اچي ڦاسي پون تہ انهن جي پوئين حالت اڳينءَ کان بہ وڌيڪ خراب ٿيندي. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ انهن سچائيءَ جي واٽ کي ڄاتو تہ سهي پر انهيءَ واٽ تي هلڻ واري پوِتر حڪم کان ڦري ويا، جيڪو کين سونپيو ويو هو. سو انهن لاءِ سٺو ٿئي ها جو اهي ان واٽ کي ڄاڻن ئي نہ ها. انهن تي هيءَ سچي چوڻي ٺهڪي ٿي تہ ”ڪتو الٽي ڪري وري انهيءَ ڏانهن ٿو موٽي“ ۽ هيءَ چوڻي بہ ٺهڪي ٿي تہ ”اشنان ڪيل سوئرڻي وري وڃيو گپ ۾ ليٿڙي.“ اي پريميؤ! آءٌ اوهان ڏانهن هي ٻيو خط لکي رهيو آهيان. ٻنهي خطن ۾ آءٌ اوهان کي اهي ڳالهيون ياد ڏياريندي اوهان جي ذهنن کي سچائيءَ واري سوچ لاءِ اُڀارڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، جيڪي ايشور جو سنديش ڏيندڙ پوِتر سنت اڳي ڪري ويا آهن. انهن سان گڏ اسان جي پرڀوءَ ۽ مڪتي ڏيندڙ جو سچائيءَ جي واٽ تي هلڻ وارو اهو حڪم بہ ياد ٿو ڏياريان، جيڪو اوهان کي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن جي وسيلي ڏنو ويو هو. سڀ کان پهريائين اوهان کي اهو ڄاڻڻ گھرجي تہ هن انتم زماني ۾ اهڙا ٺٺوليون ڪندڙ ماڻهو هوندا، جيڪي پنهنجين برين خواهشن موجب هلندا. اهي ٺٺوليون ڪندي چوندا تہ ”انهيءَ يسوع تہ موٽي اچڻ جو وچن ڪيو هو، پوءِ هاڻي هو ڪٿي آهي؟ ڇو تہ جڏهن کان اسان جا ابا ڏاڏا قبر ۾ وڃي ستا آهن، تڏهن کان وٺي سڀ ڪجھہ ائين ئي پيو هلي جيئن سنسار جي پيدا ٿيڻ وقت هو.“ پر هيءَ ڳالهہ انهن ڄاڻي‌واڻي وساري ڇڏي آهي تہ ايشور جي حڪم سان قديم زماني ۾ آڪاش وجود ۾ آيا ۽ ڌرتي پاڻيءَ منجھان ٺهي ۽ پاڻيءَ جي وچ ۾ قائم آهي. پاڻيءَ جي ئي وسيلي سڀ ڪجھہ چٽ ٿي ويو، جڏهن قديم زماني جي سنسار تي ٻوڏ آئي. پر وجود ۾ آڻڻ واري ساڳئي ئي حڪم جي وسيلي موجودہ ڌرتي ۽ آڪاش باهہ لاءِ بچائي رکيا ويا. هائو، اهي انهيءَ ڏينهن لاءِ رکيا ويا آهن جنهن ڏينهن بي‌ڌرمين جي عدالت ڪري کين ساڙي ناس ڪيو ويندو. پر اي پريميؤ! اوهين هيءَ ڳالهہ ڪڏهن بہ نہ وسارجو تہ پرميشور جي اڳيان هڪڙو ڏينهن هزار سالن جي برابر آهي ۽ هزار سال هڪڙي ڏينهن جي برابر. پرميشور پنهنجو وچن پورو ڪرڻ ۾ دير ڪين ڪندو آهي، جهڙي دير ڪي ماڻهو سمجھن ٿا. پر هو اوهان جي خاطر ڌيرج ڪري ٿو، انهيءَ ڪري جو هو نہ ٿو چاهي تہ ڪوبہ ناس ٿئي، بلڪ هو چاهي ٿو تہ سڀيئي توبهہ‌تائب ٿين. ياد رکو، پرميشور جو ڏينهن چور وانگر اوچتو ايندو. انهيءَ ڏينهن جڏهن آڪاشي شيون سخت باهہ جي ڪري ڳري ناس ٿي وينديون، تڏهن آڪاش وڏي ڪڙڪي سان ختم ٿي ويندا ۽ ڌرتي ۽ جيڪي ڪجھہ مٿس آهي سو سڀ سڙي ناس ٿي ويندو. هاڻي جيئن تہ هي سڀ شيون اهڙيءَ طرح ڳري ناس ٿي وڃڻيون آهن، تڏهن سوچو تہ اوهان کي ڪهڙي قسم جو ماڻهو ٿيڻ گھرجي؟ اوهان کي گھرجي تہ اوهين پوِتر ۽ ڌرمچاري جيون گذاريو. جيئن تہ اوهين انهيءَ ڏينهن جي اچڻ جو انتظار ڪريو ٿا، جڏهن ايشور اچي عدالت ڪندو، تڏهن اهڙو ئي جيون گذاريو، بلڪ اهڙا عمل پڻ ڪريو جيڪي انهيءَ ڏينهن جي جلد اچڻ جو سبب بڻجن. انهيءَ ڏينهن تي آڪاش باهہ ۾ سڙي ناس ٿي ويندا ۽ آڪاشي شيون سخت باهہ جي ڪري پگھرجي ختم ٿي وينديون. جڏهن تہ اسين ايشور جي وچن ڪيل انهيءَ نئين آڪاش ۽ نئين ڌرتيءَ جي انتظار ۾ آهيون جتي سچائي رهي ٿي. سو اي پريميؤ! جيئن تہ اوهين انهيءَ انتظار ۾ آهيو، تڏهن پوريءَ دل سان ڪوشش ڪندا رهو تہ ايشور سان ميل ميلاپ جي حالت ۾ اوهين سندس آڏو بي‌داغ ۽ بي‌عيب قرار ڏنا وڃو. ياد رکو تہ اسان جي پرڀوءَ جو ڌيرج ماڻهن کي مڪتي حاصل ڪرڻ جو موقعو ٿو ڏئي. اسان جي پياري ڀاءُ پولس بہ ايشور جي بخشيل ڏاهپ موجب اوهان ڏانهن اهڙيءَ طرح ئي لکيو آهي. هن پنهنجي سڀني خطن ۾ انهن ڳالهين بابت اهڙي ئي نموني بيان ڪيو آهي. هن جي خطن ۾ ڪي ڳالهيون اهڙيون بہ آهن جن جو سمجھڻ مشڪل آهي. جاهل ۽ ثابت قدم نہ رهندڙ ماڻهو انهن جي معنيٰ کي ڦيرائي ابتي پيا ڪن، جيئن اهي پوِتر شاستر جي ٻين لکتن جي ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح اهي پنهنجي لاءِ تباهي ٿا پيدا ڪن. تنهنڪري اي پريميؤ! جيئن تہ اوهان کي انهن ڳالهين جي اڳي ئي ڄاڻ آهي، سو خبردار رهو. ائين نہ ٿئي جو اوهين بي‌ڌرم ماڻهن جي ڀَٽڪي وڃڻ ڏانهن ڇڪجي پنهنجي ثابت قدميءَ کي ڇڏي ڏيو. ان جي بدران اوهين اسان جي پرڀوءَ ۽ مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح جي ڪرپا جي وسيلي کيس ڄاڻڻ ۾ وڌندا رهو. شل انهيءَ جي مهانتا جي مهما هاڻي بہ ٿئي ۽ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين. اسين اوهان ڏانهن جيون جي وچن بابت لکون ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي هو. اسان اهو ٻڌو ۽ پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي. هائو، اسان نہ رڳو ڏٺو آهي بلڪ پنهنجن هٿن سان ڇهيو بہ آهي. هو جيڪو خود جيون هو، سو ظاهر ٿيو ۽ اسان انهيءَ کي ڏٺو. اسين شاهدي ڏيئي انهيءَ امر جيون بابت اوهان کي ٻڌايون ٿا، جيڪو ايشور پتا سان هو ۽ اسان تي ظاهر ٿيو. جيڪي ڪجھہ اسان پاڻ ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، سو اوهان کي ٻڌايون ٿا تہ جيئن اوهين اسان سان انهيءَ ميل ميلاپ ۾ شريڪ ٿيو، جيڪو اسان کي ايشور پتا ۽ سندس پٽ يسوع مسيح سان آهي. هي ڳالهيون اسين انهيءَ لاءِ لکي رهيا آهيون تہ جيئن اسان جي خوشي پوري ٿئي. هاڻي جيڪو سنديش اسان يسوع مسيح کان ٻڌو آهي، سو اوهان کي ٻڌايون ٿا تہ ”ايشور روشني آهي ۽ منجھس اوندهہ تہ اصل آهي ئي ڪانہ.“ پوءِ جيڪڏهن اسين چئون تہ ايشور سان اسان جو ميل ميلاپ آهي ۽ هلون وري اوندهہ ۾، تہ اسين ڪوڙ ٿا ڳالهايون ۽ سچ تي عمل نہ ٿا ڪريون. پر جيڪڏهن اسين روشنيءَ ۾ هلون ٿا، جيئن ايشور پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ پوءِ اسان جو هڪٻئي سان ميل ميلاپ آهي ۽ سندس پٽ يسوع جو رت اسان کي سڀني پاپن کان پوِتر ڪري ٿو ڇڏي. جيڪڏهن اسين چئون تہ اسان ۾ پاپ آهي ئي ڪونہ، تہ پوءِ اسين پاڻ کي ٺڳيون ٿا ۽ اسان ۾ سچ موجود ڪونهي. پر جيڪڏهن اسين پنهنجا پاپ باسينداسين تہ ايشور اسان جا پاپ معاف ڪرڻ ۽ اسان کي سڄي بڇڙائيءَ کان پوِتر ڪرڻ وارو پنهنجو وچن پاڙيندو، ڇاڪاڻ تہ هو سچو ۽ وفا ڪرڻ وارو آهي. هاڻ جيڪڏهن اسين چئون تہ اسان پاپ ڪونہ ڪيو آهي، تڏهن اسين ڄڻ ايشور کي ڪوڙو ٿا ڪريون ۽ اسان ۾ سندس سنديش موجود نہ آهي. اي منهنجا پيارا ٻارؤ! آءٌ هي اوهان ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان، تہ جيئن اوهين پاپ نہ ڪريو. پر جيڪڏهن ڪو شخص پاپ ڪري ٿو تہ پتا وٽ اسان جي سفارش ڪندڙ هڪڙو مددگار موجود آهي، يعني يسوع مسيح جيڪو خود سچار آهي. اهو ئي اسان جي پاپن جو ڪفارو ڏيڻ وارو ٻليدان آهي، نہ رڳو اسان جي، بلڪ سڄي سنسار جي پاپن جو ڪفارو پڻ. جيڪڏهن اسين ايشور جي حڪمن تي عمل ڪنداسين، تہ پوءِ اسان کي يقين ٿي ويندو تہ اسين کيس چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا. جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي ٿو تہ ”آءٌ ايشور کي ڄاڻان ٿو،“ پر سندس حڪمن تي عمل نہ ٿو ڪري تہ اهو شخص ڪوڙو آهي ۽ هن ۾ سچ اصل موجود ڪونہ آهي. پر جيڪو ايشور جي سنديش تي عمل ڪري ٿو تہ بيشڪ انهيءَ شخص ۾ ايشور جو پريم مڪمل ٿي چڪو آهي. انهيءَ مان اسان کي يقين ٿئي ٿو تہ اسين ايشور ۾ آهيون. جيڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ ايشور ۾ رهان ٿو،“ تنهن تي لازم آهي تہ هو اهڙيءَ طرح وفاداريءَ سان هلي جهڙيءَ طرح مسيح هلندو هو. اي پريميؤ! آءٌ اوهان ڏانهن ڪو نئون حڪم نہ پر اهو پراڻو حڪم لکان ٿو، جيڪو شروع کان وٺي اوهان کي مليل آهي. هي پراڻو حڪم هڪٻئي سان پيار وارو اهو ئي سنديش آهي، جيڪو اوهين ٻڌي چڪا آهيو. تڏهن بہ جيڪو حڪم آءٌ اوهان ڏانهن لکي رهيو آهيان، سو نئون آهي جو انهيءَ جي سچائي مسيح جي ۽ اوهان جي جيون مان ڏسڻ ۾ ٿي اچي، ڇاڪاڻ تہ اونداهي ختم ٿي رهي آهي ۽ حقيقي روشنيءَ جي چمڪ وڌي رهي آهي. جيڪو دعويٰ ٿو ڪري تہ ”آءٌ روشنيءَ ۾ آهيان،“ پر پنهنجي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان نفرت ٿو ڪري، سو اڃا تائين اونداهيءَ ۾ آهي. جيڪو پنهنجي هم‌وشواسيءَ سان پيار ٿو ڪري، سو روشنيءَ ۾ ٿو رهي ۽ منجھس اهڙي ڪابہ ڳالهہ نہ آهي جيڪا کيس ڀَٽڪائي ڇڏي. پر جيڪو پنهنجي هم‌وشواسيءَ سان نفرت ٿو ڪري، سو اونداهيءَ ۾ آهي ۽ اونداهيءَ ۾ هلي ٿو. کيس سڌ نہ آهي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃي، ڇاڪاڻ تہ اونداهيءَ سندس اکين کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي. اي منهنجا پريميؤ! آءٌ اوهان ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان جو مسيح جي نالي جي ڪري اوهان جا پاپ معاف ڪيا ويا آهن. اي پوڙهؤ! آءٌ اوهان ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان جو اوهين مسيح کي چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي آهي. اي نوجوانؤ! آءٌ اوهان ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان جو اوهين شيطان تي سوڀارا ٿيا آهيو. اي منهنجا پريميؤ! مون اوهان ڏانهن انهيءَ ڪري لکيو آهي جو اوهين پتا کي چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا. اي پوڙهؤ! مون اوهان ڏانهن انهيءَ ڪري لکيو آهي جو اوهين مسيح کي چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي آهي. اي نوجوانؤ! مون اوهان ڏانهن انهيءَ ڪري لکيو آهي جو اوهين مضبوط آهيو ۽ ايشور جو سنديش اوهان ۾ رهي ٿو ۽ اوهين شيطان تي سوڀارا ٿيا آهيو. نہ سنسار سان پيار ڪريو، نڪي انهن شين سان جيڪي سنسار جون آهن. جيڪڏهن ڪنهن کي سنسار سان پيار آهي تہ انهيءَ ۾ ايشور پتا جو پيار ڪونہ آهي. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪي ڪجھہ سنسار جو آهي، يعني شرير جي خواهش، اکين جي خواهش ۽ سنساري وڏائي، سي پتا جي طرفان نہ آهن پر سنسار جي طرفان آهن. جڏهن تہ سنسار ۽ ان جون موهيندڙ شيون ناس ٿينديون ٿيون وڃن، پر جيڪو ايشور جي مرضيءَ موجب هلي ٿو سو هميشہ قائم رهي ٿو. پيارا ٻارؤ! هي انتم وقت آهي. اوهان ٻڌو آهي تہ مسيح جو هڪ مخالف اچڻ وارو آهي، جڏهن تہ هاڻي مسيح جا ڪيترائي مخالف ظاهر ٿيا آهن، جنهن مان اسان کي سڌ پوي ٿي تہ هي ئي انتم وقت آهي. مسيح جا اهي مخالف نڪتا تہ اسان منجھان ئي آهن، پر حقيقت ۾ اهي اسان منجھان نہ هئا، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هو اسان منجھان هجن ها تہ اسان سان گڏ رهن ها. هنن جو اسان کي ڇڏي وڃڻ اهو ثابت ڪري ٿو تہ انهن مان ڪنهن جو بہ اسان سان ڪو واسطو ڪونہ هو. پر اوهان تي پوِتر هستيءَ پنهنجي آتما پرگھٽ ڪري اوهان کي مخصوص ڪيو آهي، تنهنڪري اوهان سڀني کي سچائيءَ جي ڄاڻ آهي. مون اوهان ڏانهن هن ڪري نہ لکيو آهي تہ اوهين سچ کان اڻ‌ڄاڻ آهيو. پر انهيءَ لاءِ لکيو اٿم تہ اوهين سچ کي ڄاڻو ٿا ۽ هي بہ ڄاڻو ٿا تہ ڪوبہ ڪوڙ سچ مان نہ ٿو نڪري. هاڻي ڏسو، ڪوڙو ڪير آهي؟ ڪوڙو اهو آهي جيڪو انڪار ڪندي چوي ٿو تہ ”يسوع اهو مسيح نہ آهي.“ اِهو ئي مسيح جو مخالف آهي، ڇو تہ هو پتا ۽ پٽ جو انڪار ڪري ٿو. جيڪو پٽ جو انڪار ٿو ڪري تنهن وٽ پتا بہ نہ آهي، پر جيڪو پٽ جو اقرار ڪري ٿو تنهن وٽ پتا بہ آهي. هاڻ جيڪو ڪجھہ اوهان شروع کان ٻڌو آهي، سو اوهان ۾ قائم رهي. جيڪڏهن اهو اوهان ۾ قائم رهيو تہ اوهين بہ پٽ ۽ پتا ۾ قائم رهندا. تڏهن اهو امر جيون جنهن جو وچن پٽ يعني يسوع مسيح اسان سان ڪيو آهي، سو اوهان ۾ هوندو. مون هي ڳالهيون اوهان ڏانهن انهن ماڻهن بابت لکيون آهن، جيڪي اوهان کي ڀَٽڪائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پر اوهان کي مسيح پوِتر آتما سان مخصوص ڪيو آهي، جيڪا اوهان ۾ رهي ٿي. هاڻي اوهان کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري. جيئن تہ اوهين مخصوص ٿي ويا آهيو، تنهنڪري پوِتر آتما اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿي. اوهان جو مخصوص ٿيڻ سچو آهي ۽ ڪوڙو ناهي. سو جيئن پوِتر آتما اوهان کي سيکاريو آهي، تيئن اوهين مسيح ۾ قائم رهو. هاڻي اي پيارا ٻارؤ! مسيح ۾ قائم رهندا اچو تہ جڏهن هو ظاهر ٿئي، تڏهن اسان کي اهو اعتماد هجي تہ سندس اچڻ مهل اسين هن جي اڳيان شرمندا نہ ٿينداسين. جيئن تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ مسيح سچار آهي، تہ پوءِ اوهين اهو بہ پڪ ڄاڻو تہ جيڪو بہ سچائيءَ جا ڪم ٿو ڪري تنهن کي ايشور پنهنجو ٻار بڻايو آهي. ڏسو، ايشور پتا جو اسان سان ڪيڏو نہ پيار آهي! ايتري قدر جو اسين سندس ٻار ٿا سڏجون ۽ حقيقت ۾ اسين آهيون بہ. پر سنسار وارا اسان کي نہ ٿا ڄاڻين، ڇاڪاڻ تہ هنن ايشور کي بہ نہ ڄاتو. اي پريميؤ! هاڻي اسين ايشور جا ٻار تہ آهيون، تڏهن بہ اهو ظاهر ڪونہ ٿيو آهي تہ اسين ڇا ٿي وينداسين. بس اسين ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏهن مسيح ظاهر ٿيندو تڏهن اسين هن جهڙا ٿي پونداسين، ڇاڪاڻ تہ اسين کيس ائين ڏسنداسين جيئن هو حقيقت ۾ آهي. جنهن کي بہ مسيح ۾ اهڙي اميد آهي، سو پاڻ کي اهڙو پوِتر ڪري جهڙو مسيح پوِتر آهي. جيڪو بہ پاپ ڪري ٿو سو ايشور جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿو ڪري. هائو، پاپ ايشور جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ئي آهي. اوهين ڄاڻو ٿا تہ مسيح انهيءَ لاءِ ظاهر ٿيو تہ جيئن پاپن کي کڻي وڃي ۽ هو ئي آهي جنهن ۾ پاپ آهي ئي ڪونہ. تنهنڪري جيڪو منجھس قائم رهي ٿو سو پاپ نہ ٿو ڪري. پر جيڪو پاپ ڪري ٿو تنهن نہ کيس ڏٺو آهي ۽ نہ وري کيس ڄاتو آهي. سو اي پيارا ٻارؤ! ڪنهن جي دوکي ۾ نہ اچجو. جيڪو سچائيءَ جا ڪم ڪري ٿو سو ئي سچار آهي، جيئن مسيح سچار آهي. جيڪو پاپ ڪري ٿو سو شيطان جي ٽولي مان آهي، ڇاڪاڻ تہ شيطان شروع کان وٺي پاپ ڪندو ٿو اچي. ايشور جو پٽ انهيءَ لاءِ ظاهر ٿيو تہ جيئن شيطان جي ڪمن کي ناس ڪري. جيڪو ايشور جو ٻار آهي سو پاپ نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي فطرت منجھس رهي ٿي. هائو، جيئن تہ هو ايشور جو ٻار بڻيو آهي تنهنڪري هو پاپ ڪري ئي نہ ٿو سگھي. سو ڪير ايشور جو ٻار آهي ۽ ڪير شيطان جو؟ اهو هن مان معلوم ٿئي ٿو تہ جيڪو سچائيءَ جا ڪم نہ ٿو ڪري ۽ جيڪو پنهنجي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري سو ايشور جو ٻار نہ آهي. هي ئي اهو سنديش آهي جيڪو اوهان شروع کان ٻڌو آهي تہ اسين هڪٻئي سان پيار ڪريون. اوهين قائن وانگر نہ ٿجو، جيڪو شيطان جي ٽولي مان هو ۽ پنهنجي ڀاءُ جو خون ڪيائين. قائن پنهنجي ڀاءُ جو خون ڇو ڪيو؟ انهيءَ ڪري جو قائن جا ڪم بڇڙا هئا، جڏهن تہ سندس ڀاءُ جا ڪم سچائيءَ وارا هئا. سو منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن سنسار وارا اوهان سان دشمني ٿا رکن تہ عجب نہ کائو. اسين ڄاڻون ٿا تہ موت مان نڪري جيون ۾ آيا آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسين پنهنجن هم‌وشواسين سان پيار ڪريون ٿا. جيڪو پيار نہ ٿو ڪري سو موت جي حالت ۾ آهي. جيڪو بہ پنهنجي ڪنهن هم‌وشواسيءَ سان دشمني ٿو رکي سو خوني آهي ۽ اوهين ڄاڻو ٿا تہ ڪوبہ خوني امر جيون جي حالت ۾ نہ آهي. اسان پيار کي انهيءَ مان ڄاتو آهي تہ مسيح اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني. سو اسان جو بہ فرض آهي تہ اسين پنهنجن هم‌وشواسين لاءِ جان ڏيون. جيڪڏهن ڪنهن وٽ سنسار جو مال ملڪيت آهي ۽ پنهنجي هم‌وشواسيءَ کي گھرج ۾ ڏسي بہ مٿس ديا نہ ٿو ڪري، تنهن ۾ ڀلا ايشور جو پيار ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ اي پيارا ٻارؤ! اسين رڳو ڳالهين ۽ زبان سان نہ، پر عملي طور سچ مطابق پيار ڪريون. اي پريميؤ! جيڪڏهن اسان جي دل محسوس نہ ٿي ڪري تہ اسين پاپي آهيون، تڏهن ايشور جي آڏو اسين اعتماد سان حاضر ٿي سگھون ٿا. هاڻ جيڪو ڪجھہ اسين ايشور کان گھرون ٿا، سو اسان کي وٽانئس ملي ٿو، ڇاڪاڻ تہ اسين سندس حڪمن تي عمل ڪريون ٿا ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪريون ٿا، جيڪي کيس پسند آهي. هاڻ هن جو حڪم ڪهڙو آهي؟ هن جو حڪم هي آهي تہ اسين سندس پٽ يسوع مسيح جي نالي تي وشواس آڻيون ۽ هڪٻئي سان ائين پيار ڪريون جيئن مسيح اسان کي حڪم ڏنو آهي. بيشڪ جيڪو ايشور جي حڪمن تي عمل ڪري ٿو، سو منجھس رهي ٿو ۽ هو انهيءَ ۾ رهي ٿو. اسين سندس بخشيل پوِتر آتما جي ڪري ڄاڻون ٿا تہ ايشور اسان ۾ رهي ٿو. اي پريميؤ! جيڪي دعويٰ ٿا ڪن تہ هو ايشور جي پوِتر آتما طرفان ٿا ڳالهائين، تن سڀني کي پرکڻ کان سواءِ مٿن وشواس نہ ڪريو. هائو، انهن کي پرکي ڏسو تہ منجھن ايشور جي آتما آهي يا نہ، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي اهڙا ماڻهو سنسار ۾ نڪري پيا آهن، جيڪي پاڻ کي سنديش ڏيندڙ سنت سڏائين ٿا. ايشور جي آتما کي اوهين هن طرح سڃاڻي سگھو ٿا تہ جيڪو ماڻهو قبول ڪري ٿو تہ يسوع مسيح شرير ۾ آيو، تنهن ۾ ايشور جي آتما آهي. پر جيڪو ماڻهو يسوع بابت انهيءَ ڳالهہ کي نہ ٿو مڃي، تنهن ۾ ايشور جي آتما نہ آهي. انهيءَ ۾ مسيح جي مخالف جي آتما آهي، جنهن بابت اوهان ٻڌو آهي تہ اها آتما اچڻ واري آهي، بلڪ هاڻي سنسار ۾ اچي چڪي آهي. پيارا ٻارؤ! اوهين ايشور جا آهيو ۽ انهن تي سوڀارا ٿيا آهيو جيڪي سنديش ڏيندڙ سنت سڏائين ٿا، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان ۾ آهي سو انهيءَ کان وڌيڪ طاقتور آهي جيڪو سنسار ۾ آهي. اهي ماڻهو سنسار جا آهن، تنهنڪري هو سنسار جون ڳالهيون ڪن ٿا ۽ سنسار انهن جي ٻڌي ٿو. پر اسين ايشور جا آهيون. جيڪو ايشور کي ڄاڻي ٿو سو اسان جي ٻڌي ٿو. جيڪو ايشور جو نہ آهي سو اسان جي نہ ٿو ٻڌي. انهيءَ مان اسين ڄاڻي وٺون ٿا تہ ڪنهن ۾ سچ واري آتما آهي ۽ ڪنهن ۾ ڀَٽڪائڻ واري آتما. اي پريميؤ! اچو تہ هڪٻئي سان پيار ڪريون، ڇاڪاڻ تہ پيار ايشور جي طرفان آهي. جيڪو پيار ڪري ٿو، سو ايشور جو ٻار آهي ۽ هو ايشور کي ڄاڻي ٿو. پر جيڪو پيار نہ ٿو ڪري سو ايشور کي نہ ٿو ڄاڻي، ڇاڪاڻ تہ ايشور پيار آهي. ايشور پنهنجو پيار اسان سان هن طرح ظاهر ڪيو جو هن پنهنجو هڪڙو ئي پٽ سنسار ۾ موڪليو، تہ جيئن انهيءَ جي وسيلي اسين نئون جيون حاصل ڪريون. پيار اهو نہ آهي تہ اسين ايشور سان پيار ڪريون ٿا، پر هي آهي تہ ايشور اسان سان پيار ڪندي پنهنجي پٽ کي اسان جي پاپن جو ڪفارو ڏيڻ واري ٻليدان طور موڪليو. اي پريميؤ! جيئن تہ ايشور اسان سان ايڏو پيار ڪيو، تہ پوءِ لازمي آهي تہ اسين بہ هڪٻئي سان پيار ڪريون. ايشور کي ڪنهن بہ ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي. پر جيڪڏهن اسين هڪٻئي سان پيار ڪريون ٿا تہ ايشور اسان ۾ رهي ٿو ۽ سندس پيار اسان ۾ مڪمل ٿئي ٿو. اسين ڪيئن ڄاڻي سگھون ٿا تہ اسين ايشور ۾ رهون ٿا ۽ هو اسان ۾ رهي ٿو؟ اهو اسين هن طرح ٿا ڄاڻون جو هن اسان کي پنهنجي پوِتر آتما بخشي آهي. هيءَ ڳالهہ بہ آهي تہ اسان ڏٺو آهي ۽ انهيءَ جي شاهدي بہ ڏيون ٿا تہ پتا پنهنجي پٽ کي سنسار جو مڪتي ڏيندڙ ڪري موڪليو آهي. سو جيڪو اقرار ڪري ٿو تہ يسوع ايشور جو پٽ آهي، تہ ايشور انهيءَ ۾ رهي ٿو ۽ هو ايشور ۾. ان کان علاوہ اسان پاڻ بہ ڄاڻي ورتو آهي ۽ اهو وشواس بہ اٿئون تہ ايشور جو اسان سان پيار آهي. بيشڪ ايشور پيار آهي، تنهنڪري جيڪو پيار ۾ رهي ٿو سو ايشور ۾ رهي ٿو ۽ ايشور بہ انهيءَ ۾ رهي ٿو. ايشور ۾ رهڻ ڪري پيار اسان ۾ مڪمل ٿئي ٿو. سو عدالت جي ڏينهن اسين پوري اعتماد سان بيهي سگھنداسين، ڇاڪاڻ تہ جيئن مسيح ايشور ۾ آهي تيئن ئي هن سنسار ۾ اسين بہ ايشور ۾ آهيون. پيار ۾ ڪوبہ خوف ڪونهي، بلڪ مڪمل پيار تہ خوف ڪڍي ٿو ڇڏي. خوف سزا جي ڪري ٿئي ٿو، سو جيڪو ڊڄي ٿو سو پيار ۾ اڃا ڪامل نہ ٿيو آهي. اسين پيار انهيءَ لاءِ ٿا ڪريون، جو پهريائين ايشور اسان سان پيار ڪيو آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي تہ ”آءٌ ايشور سان پيار ٿو ڪريان،“ پر هو پنهنجي ڪنهن هم‌وشواسيءَ سان نفرت ٿو ڪري تہ هو ڪوڙو آهي. انهيءَ ڪري جو جن کي هو ڏسي ٿو تن سان پيار نہ ٿو ڪري، تہ پوءِ هو ايشور سان پيار ڪيئن ڪري سگھندو جنهن کي هو ڏسي ئي ڪونہ ٿو. جڏهن تہ مسيح جي طرفان اسان کي اهو حڪم مليو آهي تہ جيڪو ايشور سان پيار ٿو ڪري، سو پنهنجي هم‌وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان بہ پيار ڪري. جنهن جو اهو وشواس آهي تہ يسوع ئي مسيح آهي، سو ايشور جو ٻار بڻيو آهي. ڏسو، هن سنسار ۾ جيڪو ڪنهن پتا سان پيار ٿو ڪري، سو سندس اولاد سان بہ پيار ٿو ڪري. سو جڏهن اسين ايشور سان پيار ڪريون ٿا ۽ سندس حڪمن تي عمل ٿا ڪريون، تہ انهيءَ مان سڌ ٿي پوي تہ اسين ايشور جي ٻارن سان بہ پيار ٿا ڪريون. ايشور سان پيار ڪرڻ جو مطلب آهي تہ اسين سندس حڪمن تي عمل ڪريون. هن جا حڪم اسان لاءِ ٻوجھہ نہ آهن. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪو بہ ايشور جو ٻار بڻيو آهي، سو سنسار تي سوڀ حاصل ڪري ٿو. اها سوڀ جنهن اسان کي سنسار تي سوڀارو ڪيو آهي سا آهي اسان جو وشواس. سنسار تي سوڀ انهيءَ کان سواءِ ڪير حاصل ڪري سگھي ٿو جنهن جو وشواس آهي تہ يسوع ايشور جو پٽ آهي؟ اهو يسوع مسيح ئي آهي جيڪو پنهنجي ورتل بپتسما جي پاڻيءَ ۽ پنهنجي موت جي رت جي وسيلي ايشور جي پٽ طور ظاهر ٿيو. هو نہ رڳو پاڻيءَ جي وسيلي، پر پاڻيءَ ۽ رت ٻنهي جي وسيلي ظاهر ٿيو. پوِتر آتما جيڪا خود سچ آهي، سا اها شاهدي ڏئي ٿي، بلڪ شاهدي ڏيڻ وارا تہ ٽي آهن، يعني پوِتر آتما، پاڻي ۽ رت، جيڪي ٽيئي هڪڙي ئي ڳالهہ جي تصديق ڪن ٿا. جيئن تہ اسين ماڻهن جي شاهدي قبول ڪريون ٿا، تہ پوءِ ايشور جي شاهدي تہ انهيءَ کان گھڻو وڌيڪ آهي ۽ ايشور جي اها اهم شاهدي سندس پٽ جي حق ۾ آهي. جيڪو ايشور جي پٽ تي وشواس رکي ٿو، سو دل سان اها شاهدي قبول ڪري ٿو. پر جيڪو انهيءَ کي قبول نہ ٿو ڪري سو ڄڻ تہ ايشور کي ڪوڙو ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ هو ايشور جي انهيءَ شاهديءَ تي يقين نہ ٿو ڪري، جيڪا سندس پٽ جي حق ۾ آهي. اها شاهدي هيءَ آهي تہ ايشور اسان کي امر جيون بخشيو آهي ۽ اهو جيون ايشور جي پٽ ۾ آهي. سو جنهن وٽ ايشور جو پٽ آهي تنهن وٽ جيون آهي ۽ جنهن وٽ ايشور جو پٽ نہ آهي تنهن وٽ جيون بہ ڪونهي. اوهين جيڪي ايشور جي پٽ جي نالي تي وشواس رکو ٿا، تن ڏانهن مون هي ڳالهيون انهيءَ لاءِ لکيون آهن تہ جيئن اوهين ڄاڻي وٺو تہ اوهان کي امر جيون مليل آهي. اسان کي ايشور جي شرڻ ۾ پورو پورو اعتماد آهي تہ جڏهن بہ اسين سندس مرضيءَ موجب ڪجھہ گھرون تہ هو اسان جي ٻڌندو. جيئن تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ هو اسان جي ٻڌي ٿو، تيئن اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ جيڪو بہ اسين کانئس گھرون ٿا سو هو اسان کي ڏئي ٿو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي هم‌وشواسيءَ کي اهڙو پاپ ڪندو ڏسي، جنهن جو نتيجو موت نہ آهي تہ کيس هن لاءِ ايشور کي پرارٿنا ڪرڻ کپي، جيڪو کيس جيون بخشيندو. هي انهن لاءِ آهي جيڪي اهڙا پاپ ٿا ڪن جن جو نتيجو موت نہ آهي. پر اهڙو پاپ بہ آهي، جنهن جو نتيجو موت آهي. آءٌ نہ ٿو چوان تہ کيس انهيءَ پاپ ڪرڻ واري بابت پرارٿنا ڪرڻ کپي. هر بري ڳالهہ پاپ آهي، پر هر پاپ جو نتيجو موت نہ آهي. اسين ڄاڻون ٿا تہ جن کي ايشور پنهنجو ٻار بڻايو آهي، سي پاپ نہ ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ سندن حفاظت اهو ٿو ڪري جيڪو ايشور جو پٽ آهي. سو شيطان کين هٿ بہ لائي نہ ٿو سگھي. هاڻ اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين ايشور جا ٻار آهيون، جڏهن تہ سڄو سنسار شيطان جي قبضي ۾ آهي. اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ ايشور جو پٽ هن سنسار ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس پٽ يسوع مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي ايشور ۽ امر جيون آهي. سو اي پيارا ٻارؤ! بتن کان پاڻ کي بچائجو. آءٌ جيڪو مهاتما سڏيو وڃان ٿو، سو هي خط مسيح ۾ چونڊيل تو مانواري ناريءَ ۽ تنهنجي ٻارن ڏانهن لکي رهيو آهيان. اوهان کي آءٌ سچائيءَ سبب پيار ٿو ڪريان، نہ رڳو آءٌ پر اهي سڀيئي پڻ جيڪي سچ کي ڄاڻين ٿا. اهو انهيءَ سچ جي ڪري آهي جيڪو اسان ۾ رهي ٿو ۽ هميشہ اسان سان گڏ رهندو. اسين جيڪي سچائيءَ ۽ پيار ۾ رهون ٿا، تن تي ايشور پتا ۽ سندس پٽ يسوع مسيح جي ڪرپا، ديا ۽ شانتي ٿيندي رهي ٿي. آءٌ ڪيڏو نہ خوش ٿيس جڏهن مون ڏٺو تہ تنهنجا ڪي ٻار ائين سچ مطابق هلي رهيا آهن، جيئن پتا اسان کي حڪم ڏنو آهي. سو اي پياري ڀيڻ! آءٌ تو کي وينتي ٿو ڪريان تہ اسين سڀ هڪٻئي سان پيار ڪريون. اهو آءٌ ڪو نئون حڪم نہ پر پراڻو حڪم لکي رهيو آهيان، جيڪو شروع کان اسان کي مليو آهي. پيار جو مطلب هي آهي تہ اسين اهي عمل ڪريون جن جو ايشور اسان کي حڪم ڏنو آهي. هي اهو ئي حڪم آهي جيڪو اوهان شروع کان ٻڌو آهي تہ اوهين پيار سان جيون گذاريو. اهو ضروري آهي ڇاڪاڻ تہ سنسار ۾ ڪيترائي ڀَٽڪائيندڙ نڪري پيا آهن، جيڪي اهو انڪار ٿا ڪن تہ يسوع مسيح شرير ۾ آيو. اهڙي قسم جا ماڻهو ڀَٽڪائيندڙ ۽ مسيح جا مخالف آهن. سو خبردار ٿجو، جيڪا محنت اسان اوهان ۾ ڪئي آهي سا وڃائي نہ ڇڏجو، پر انهيءَ مان پورو پورو لاڀ حاصل ڪجو. جيڪو بہ مسيح جي سکيا تي قائم نہ ٿو رهي ۽ هٽي ڪري پنهنجيون ڳالهيون ٿو ڪري، تنهن وٽ ايشور موجود نہ آهي. پر جيڪو مسيح جي سکيا تي قائم رهي ٿو، تنهن وٽ پتا بہ آهي ۽ پٽ بہ. جيڪڏهن ڪو اوهان وٽ اچي اها سکيا نہ ڏئي تہ اهڙي شخص کي گھر ۾ اچڻ نہ ڏجو، نڪي کيس نمسڪار ڪجو. ياد رکو، جيڪو اهڙي ماڻهوءَ جو آڌرڀاءُ ڪري ٿو، سو سندس بڇڙن ڪمن ۾ شريڪ ٿئي ٿو. مون کي ڪيتريون ئي ڳالهيون اوهان کي ٻڌائڻيون آهن، جيڪي مس ۽ ڪاغذ جي وسيلي نہ ٿو ڪرڻ چاهيان. پر اميد اٿم تہ روبرو اوهان سان ملي ڳالهيون ڪريان تہ جيئن اسان جي خوشي پوري ٿئي. مسيح ۾ چونڊيل تنهنجي ڀيڻ جا ٻار تو کي نمسڪار ڏين ٿا. آءٌ جيڪو مهاتما سڏيو وڃان ٿو، سو هي خط تو پياري گيُس ڏانهن لکان ٿو جنهن کي آءٌ سچائيءَ سبب پيار ٿو ڪريان. اي پيارا! منهنجي اها پرارٿنا آهي تہ شل تون هر حال ۾ خوش رهين ۽ شرير جي لحاظ کان ائين چڱو ڀلو هجين، جيئن آتما جي لحاظ کان آهين. اهو آءٌ انهيءَ ڪري چوان ٿو تہ جڏهن خوشخبريءَ جي ڪن پرچار ڪرڻ وارن اچي اها شاهدي ڏني تہ تون سچ تي قائم رهندي سچائيءَ سان جيون گذاري رهيو آهين، تڏهن مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. منهنجي لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪابہ خوشي ڪانهي، جڏهن آءٌ ٻڌان تہ منهنجا ٻار سچ مطابق هلي رهيا آهن. اي منهنجا پيارا! جيڪي پرچار ڪرڻ وارا تو وٽ اچن ٿا، خاص ڪري جيڪي تنهنجا اڳ ڏٺل بہ نہ آهن، تڏهن بہ تون سچائيءَ سان انهن جي سيوا ڪرين ٿو. هتان جي وشواسي منڊليءَ جي اڳيان انهن تنهنجي پيار جي شاهدي ڏني آهي. اهو چڱو ٿيندو جيڪڏهن تون ائين سندن مدد ڪري کين سفر لاءِ روانو ڪرين جيئن ايشور کي پسند آهي، ڇاڪاڻ تہ هو مسيح جي نالي تي نڪتا آهن ۽ غير وشواسين جي مدد قبول نہ ڪئي اٿائون. سو اسان جو فرض آهي تہ اهڙن ماڻهن جي مدد ڪريون، تہ جيئن اسين هن سچ واري ڪم ۾ ساڻن شريڪ ٿيون. مون تنهنجي وشواسي منڊليءَ ڏانهن ڪجھہ لکيو هو. پر ديترفيس جيڪو وڏو ٿيڻ گھري ٿو، سو منهنجي اختياري نہ ٿو مڃي. سو جيڪڏهن آءٌ آيس تہ جيڪي ڪم ديترفيس ڪري ٿو، سي اچي اوهان کي ياد ڏياريندس تہ ڪيئن هو اسان جي خلاف بڪواس ٿو ڪري. هو رڳو انهيءَ ڳالهہ تي راضي نہ ٿو ٿئي، پر پرچار ڪرڻ وارن کي بہ قبول نہ ٿو ڪري ۽ جيڪي انهن کي قبول ڪرڻ گھرن ٿا تن کي بہ منع ڪري منڊليءَ مان ڪڍي ڇڏي ٿو. منهنجا پيارا! بڇڙائيءَ جي نہ، پر چڱائيءَ جي رستي تي هل. جيڪو چڱائي ڪري ٿو سو ايشور جو ٻار آهي ۽ جيڪو بڇڙائي ڪري ٿو تنهن ايشور کي ڪڏهن بہ نہ ڄاتو آهي. ديميتريُس جي چڱائيءَ جي هر ڪو، بلڪ خود سچ بہ شاهدي ڏئي ٿو. اسين بہ سندس شاهدي ڏيون ٿا ۽ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسان جي شاهدي سچي آهي. مون کي ڪيتريون ئي ڳالهيون تو کي ٻڌائڻيون هيون، پر آءٌ اهي مس ۽ ڪاغذ جي وسيلي نہ ٿو ڪرڻ چاهيان. اميد اٿم تہ جلد ئي اچي تو سان ملندس ۽ پوءِ روبرو ڳالهائينداسين. شل تو تي شانتي هجي. هتان جا دوست تو کي نمسڪار چون ٿا. تون ايڏانهن وارن دوستن کي نالي وار اسان جا نمسڪار چئجانءِ. هي خط مون يهوداہ جي طرفان آهي، جيڪو يسوع مسيح جو داس ۽ يعقوب جو ڀاءُ آهيان. هي انهن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي ايشور پتا جي پيار ۽ يسوع مسيح جي سنڀال هيٺ رهڻ لاءِ سڏيا ويا آهن. شل اوهان تي ديا، شانتي ۽ پيار جھجھي انداز ۾ ٿيندو رهي. اي پريميؤ! آءٌ اوهان ڏانهن انهيءَ مڪتيءَ جي باري ۾ لکڻ لاءِ تمام گھڻو سرگرم آهيان، جنهن ۾ اسين سڀ شريڪ آهيون. پر مون پهريائين اهو لکڻ ضروري سمجھيو تہ اوهان کي تاڪيد ڪريان تہ انهيءَ وشواس تي قائم رهڻ لاءِ سخت جدوجهد ڪريو، جيڪو ايشور هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن کي سونپيو آهي. منهنجي خط لکڻ جو سبب هي آهي تہ ڪي اهڙا ماڻهو لڪي ڇپي اوهان منجھہ گھڙي آيا آهن، جن کي پوِتر شاستر مطابق پراڻي زماني کان پاپي قرار ڏنو ويو آهي. اهي بي‌ڌرمي ماڻهو آهن، جيڪي اسان جي ايشور جي ڪرپا کي بگاڙي پنهنجي شهوت‌پرستيءَ جو بهانو ٿا بڻائين ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ پرڀوءَ، يعني يسوع مسيح جو انڪار ٿا ڪن. جيتوڻيڪ اوهين اڳي ئي پاپي قرار ڏيڻ وارا هي سڀ مثال ڄاڻو ٿا، تنهن هوندي بہ آءٌ اوهان کي ياد ڏيارڻ ٿو چاهيان تہ پرميشور پنهنجي قوم کي مصر ملڪ مان ڪڍي بچائي ورتو، پر پوءِ وري انهن مان ئي جن مٿس وشواس نہ رکيو تن کي تباهہ ڪيائين. اهڙيءَ طرح جن دوتن پنهنجي مليل اختيار واري حيثيت قائم نہ رکندي پنهنجي مقرر جاءِ ڇڏي ڏني، تن کي ايشور ابناسي زنجيرن سان قيد ڪري فيصلي لاءِ مهان ڏينهن، يعني عدالت واري ڏينهن تائين اونداهيءَ ۾ رکيو آهي. ساڳئي نموني سدوم، عموراہ ۽ انهن جي آس‌پاس جي شهرن وارا انهن دوتن وانگر زناڪاري ۽ حرامڪاريءَ جي پٺيان پئجي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ جي سزا پيا ڀوڳين ۽ اهو ٻين لاءِ ڀوائتو مثال آهي. انهيءَ طرح هي بي‌ڌرمي ماڻهو بہ پنهنجن خوابن جي پٺيان لڳي بدڪاريءَ وارو جيون ٿا گذارين، پرڀوءَ جي اختياريءَ کي ڪين جهڙو ٿا ڄاڻن ۽ آڪاشي هستين جو اپمان ٿا ڪن. اهڙي همت تہ دوتن جي سردار ميڪائيل کي بہ ڪونہ ٿي جو شيطان تي ڦٽ لعنت ڪري، جڏهن موسيٰ جي لاش بابت هن سان بحث ۽ تڪرار پئي ڪيائين. هن شيطان کي رڳو ايترو چيو تہ ”پرميشور تو تي ڦٽڪار ڪري.“ پر هي ماڻهو جن ڳالهين کي ڄاڻن ئي نہ ٿا، تن تي ڦٽڪار ٿا ڪن ۽ جن ڳالهين کي هو بي‌عقل جانورن وانگر فطري طور ٿا ڄاڻن، تن جي پٺيان لڳي پاڻ کي تباهہ ٿا ڪن. مصيبت آهي هنن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هي قائن جي واٽ تي ٿا هلن، نفعي جي خاطر بلعام جيان ڀَٽڪي ويا آهن ۽ قورح وانگر بغاوت ڪري برباد ٿا ٿين. هي ماڻهو اوهان جي پريم وارين رسوئيءَ جي گڏجاڻين لاءِ نقصانڪار آهن، جيڪي بنا ڪنهن جي پرواهہ ڪرڻ جي رڳو پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ اوهان سان گڏ کائين پيئن ٿا. اِهي بنا پاڻيءَ وارا ڪڪر آهن، جن کي هوائون کنيو اُڏائينديون وتن. اِهي سرءُ جا سڪل وڻ آهن جيڪي ٻنهي لحاظن کان مئل آهن، يعني بي‌ڦل ۽ پاڙؤن پٽيل آهن. اِهي سمنڊ جون بي‌قابو ڇوليون آهن، جيڪي پنهنجي بي‌شرميءَ جي گَج ٿيون اڇلائين. هو آڪاش جا ڀَٽڪندڙ تارا آهن، جن لاءِ هميشہ گھُگھُہ اونداهي رکي ويئي آهي. حنوڪ، جيڪو آدم جي ستين پيڙهيءَ مان هو، تنهن بہ انهن ماڻهن جي باري ۾ اڳڪٿي ڪندي چيو هو تہ ”ياد رکو، پرميشور پنهنجي لکين دوتن سان ايندو. هو انهيءَ لاءِ ايندو تہ جيئن سڀني ماڻهن جي عدالت ڪري ۽ انهن سڀني کي پاپي قرار ڏئي، جن بي‌ڌرميءَ جو طريقو اختيار ڪري بي‌ڌرميءَ وارا ڪم ڪيا آهن. هو انهن سڀني سخت ڳالهين لاءِ بہ هنن بي‌ڌرمي پاپين کي ڏوهاري قرار ڏيندو، جيڪي سندس برخلاف ڪيون اٿائون.“ اهي ماڻهو ڪُرڪندڙ، شڪايت ڪندڙ، پنهنجين برين خواهشن تي هلندڙ ۽ لٻاڙون هڻندي پنهنجي فائدي لاءِ ٻين جي خوشامند ڪندڙ آهن. سو اي پريميؤ! اوهين هنن ڳالهين کي ياد رکو، جيڪي اسان جي پرڀو يسوع مسيح بابت خوشخبري ٻڌائيندڙ سندس سنت اڳي ئي اوهان کي ٻڌائيندا ٿي رهيا تہ ” انتم زماني ۾ ڪي ٺٺوليون ڪندڙ ماڻهو هوندا، جيڪي پنهنجين بي‌ڌرميءَ وارين خواهشن جي پٺيان لڳندا.“ هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي اوهان منجھہ ڏڦيڙ وجھي رهيا آهن. هي پوِتر آتما کان محروم سنساري سوچ رکندڙ ماڻهو آهن. وشواسي منڊليءَ ۾ جيڪي ماڻهو وشواس جي باري ۾ شڪ شبهو رکن ٿا، تن تي ديا ڪجو. ڪن کي باهہ جي سزا ۾ پوڻ کان ڇڪي ڪڍي بچائجو، جڏهن تہ ڪن تي ديا ڪجو پر خوف رکندي سندن بڇڙن ڪمن کان پاسو ڪجو، ايتري قدر جو سندن اپوِتر ٿيل ڪپڙن کان بہ نفرت ڪجو. ايشور، جيڪو اوهان کي ٿاٻي کائڻ کان بچائي سگھي ٿو، جيڪو پنهنجي شان وَ شوڪت واري شرڻ ۾ بي‌عيب ۽ خوشيءَ سان ڀرپور ڪري بيهاري سگھي ٿو ۽ جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي اسان کي مڪتي ڏئي ٿو، تنهن اڪيلي ايشور کي مهانتا، شڪتي، اختيار ۽ مهما سونهي، جيئن شروعات کان هو، هاڻي آهي ۽ هميشہ تائين هوندو. آمين. هن شاستر ۾ انهن ڳالهين جو بيان آهي، جيڪي يسوع مسيح ظاهر ڪيون. اها آڪاش‌واڻي ايشور هن کي انهيءَ لاءِ ڏني تہ هو پنهنجي داسن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آهن. مسيح پنهنجي دوت جي وسيلي پنهنجي داس يوحنا تي اهي ڳالهيون ظاهر ڪيون. پوءِ يوحنا انهن سڀني ڳالهين جي شاهدي ڏني جيڪي هن ڏٺيون، يعني ايشور جو سنديش ۽ يسوع مسيح جي شاهدي. سڀاڳو آهي اهو جيڪو انهيءَ لکت جون ڳالهيون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ اهي جيڪي ٻڌي ڪري انهيءَ ۾ لکيل ڳالهين تي عمل ڪن ٿا، ڇاڪاڻ تہ انهن ڳالهين جي پوري ٿيڻ جو وقت ويجھو آهي. هي سنديش يوحنا جي طرفان وشواسين جي انهن ستن منڊلين ڏانهن آهي جيڪي آسيا صوبي ۾ آهن. شل اوهان تي ايشور جي ڪرپا ۽ شانتي هجي، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو. انهيءَ کان علاوہ جيڪي ست آتمائون ايشور جي تخت جي اڳيان آهن، تن وٽان بہ اوهان تي ڪرپا ۽ شانتي هجي ۽ يسوع مسيح وٽان بہ، جيڪو سچو شاهد، مئلن مان جيوت ٿي اٿڻ وارن ۾ پهريتو ۽ ڌرتيءَ جي راجائن تي حڪم هلائيندڙ آهي. يسوع مسيح، جيڪو اسان سان پيار ٿو ڪري، جنهن پنهنجو رت وهائي اسان کي پاپن کان مڪتي ڏني آهي ۽ جنهن اسان کي ڪاهنن جو هڪڙو راڄ بڻايو تہ جيئن اسين سندس پتا يعني ايشور جي سيوا ڪري سگھون. شل انهيءَ جي مهانتا ۽ شڪتي هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين. ڏسو، هو ڪڪرن تي ٿو اچي، هر هڪ اک هن کي ڏسندي. اهي بہ کيس ڏسندا جن هن کي گھاءُ ڏيئي ماريو هو، ۽ کيس ايندو ڏسي خوف وچان ڌرتيءَ جون سڀيئي قومون ڇاتي پٽينديون. هائو، ائين ئي ٿيندو. آمين. پرڀو پرميشور، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو، اهو سروِشڪتيوان فرمائي ٿو تہ ”اول ۽ آخر آءٌ ئي آهيان.“ آءٌ يوحنا اوهان جو وشواسي ڀاءُ، يسوع جو هئڻ ڪري ستائجڻ ۾، ايشور جي راڄ ۾ ۽ ثابت قدميءَ ۾ اوهان سان شريڪ آهيان. آءٌ ايشور جي سنديش ٻڌائڻ ۽ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ ڪري انهيءَ ٻيٽ ۾ ڇڏيو ويو هئس جيڪو پتمس ٿو سڏجي. پرڀوءَ واري ڏينهن، يعني آچر جي ڏينهن آءٌ پوِتر آتما جي ضابطي ۾ اچي ويس ۽ پنهنجي پٺيان توتاري جي آواز جهڙو هڪڙو وڏو آواز ٻڌم، جنهن چيو تہ ”جيڪي تون ڏسين ٿو، سو شاستر ۾ لک ۽ اهو ستن ئي منڊلين ڏانهن ڏياري موڪل، جيڪي اِفسس، سمرنا، پرگمن، ٿواتيرہ، سرديس، فلدلفيا ۽ لوديڪيا شهرن ۾ آهن.“ آءٌ پوئتي مڙيس تہ جيئن انهيءَ کي ڏسان جنهن مون سان ٿي ڳالهايو. تڏهن ڇا ڏسان تہ ست سونا شمعدان آهن. انهن شمعدانن جي وچ ۾ مون انساني شڪل جهڙو هڪڙو شخص ڏٺو، جنهن کي پيرن تائين هڪ ڊگھو جبو پهريل هو ۽ ڇاتيءَ تي سونهري رنگ جو هڪڙو سينابند ٻڌل هئس. انهيءَ جو مٿو ۽ وار اهڙا اڇا هئا جهڙي اڇي اُن، بلڪ جهڙو کير. سندس اکيون مشعل وانگر ٻرن پيون. انهيءَ جا پير صاف پتل جهڙا هئا جيڪو ڄڻ تہ بٺيءَ مان تپي اُجرو ٿي نڪتل هجي. سندس آواز زور سان وهندڙ پاڻيءَ جهڙو هو. هن جي ساڄي هٿ ۾ ست تارا هئا ۽ وات مان هڪڙي ٻِہ‌منهين تکي تلوار ٿي نڪتس. سندس شڪل ٻپهريءَ جي چمڪندڙ سج جهڙي هئي. جڏهن مون هن کي ڏٺو تہ سندس پيرن تي ڪري مُڙدي وانگر پئجي رهيس. هن پنهنجو ساڄو هٿ مون تي رکي چيو تہ ”ڊڄ نہ، آءٌ شروعات، پڇاڙي ۽ اهو آهيان جيڪو جيوت رهان ٿو. آءٌ مري تہ ويو هئس، پر ڏس آءٌ هميشہ تائين جيوت رهان ٿو. موت توڙي مئلن جي سنسار جون چاٻيون مون وٽ آهن. سو هاڻي جيڪي ڪجھہ تون ڏسين ٿو سو سڀ لک، يعني اهي ڳالهيون جيڪي هن وقت ٿين ٿيون ۽ اهي ڳالهيون جيڪي هن کان پوءِ ٿينديون. اهي ست تارا جيڪي تون منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڏسين ٿو، تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو ڀيد هي آهي تہ ست تارا ستن منڊلين جا دوت آهن ۽ ست شمعدان ست منڊليون آهن.“ هن مون کي اِفسس واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جنهن کي پنهنجي ساڄي هٿ ۾ ست تارا آهن ۽ جيڪو ستن سونن شمعدانن جي وچ ۾ هلي ٿو، سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ ”مون کي اوهان جي عملن، يعني اوهان جي سخت محنت ۽ ثابت قدميءَ جي ڄاڻ آهي ۽ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ اوهين بڇڙائي ڪندڙن کي برداشت ڪري نہ ٿا سگھو. جيڪي پاڻ کي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت ٿا سڏائين پر آهن ڪين، تن کي اوهان آزمائي ڏٺو تہ اهي ڪوڙا نڪتا. منهنجي نالي جي ڪري اوهين سختيون سهندي سهندي بہ ڪين ٿڪا آهيو، بلڪ ثابت قدميءَ سان هلندا ٿا رهو. پر مون کي اوهان کان اها شڪايت آهي تہ اوهان مون سان پهريون وارو پريم ڇڏي ڏنو آهي. سو ياد ڪريو تہ اوهين ڪٿان ڪريا آهيو ۽ پوءِ توبهہ‌تائب ٿي اڳي وانگر عمل ڪريو. جيڪڏهن اوهان ائين نہ ڪيو تہ آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ اوهان جو شمعدان مقرر جاءِ تان کڻي ڇڏيندس. پر اوهان ۾ اوهان جي فائدي جي هڪڙي ڳالهہ آهي تہ اوهين نيڪلين جي عملن کان نفرت ڪريو ٿا، جن کان مون کي بہ نفرت آهي. جنهن کي ڪن آهن سو پوِتر آتما جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي اها وشواسي منڊلين کي فرمائي ٿي. جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو تنهن کي آءٌ جيون ڏيندڙ انهيءَ وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ ڏيندس جيڪو ايشور جي باغ، يعني سُرڳ ۾ آهي.“ هن مون کي سمرنا واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جيڪو شروعات ۽ پڇاڙي آهي، جيڪو مري ويو هو ۽ وري جيوت ٿيو، سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ ”مون کي اوهان جي ستائجڻ ۽ غريبيءَ جي ڄاڻ آهي، پر حقيقت ۾ اوهين دولتمند آهيو. جيڪي اوهان تي ڦٽ لعنت پيا ڪن تن کي بہ آءٌ ڄاڻان ٿو. اهي پاڻ کي يهودي تہ سڏائين ٿا پر آهن ڪين، اهي شيطان جو ٽولو آهن. جيڪي تڪليفون اوهان کي سهڻيون پون تن کان نہ ڊڄجو. ياد رکو تہ شيطان آزمائڻ لاءِ اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجھرائيندو ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان کي ستايو ويندو. اوهين مرڻ گھڙيءَ تائين وشواس تي قائم رهو تہ آءٌ اوهان کي جيون جو تاج پارائيندس. جنهن کي ڪن آهن سو پوِتر آتما جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي اها وشواسي منڊلين کي فرمائي ٿي. جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو سو ٻيو موت هرگز نہ ڏسندو.“ هن مون کي پرگمن واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جنهن وٽ ٻِہ‌منهين تکي تلوار آهي سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ ”آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ڪٿي ٿا رهو، يعني اتي جتي شيطان جو تخت آهي. اوهين منهنجي نالي تي قائم آهيو ۽ اوهان انهن ڏينهن ۾ بہ مون تي وشواس رکڻ نہ ڇڏيو، جڏهن منهنجو وفادار شاهد انتپاس اوهان جي شهر ۾ ماريو ويو جتي شيطان رهي ٿو. پر مون کي اوهان کان ڪجھہ شڪايتون آهن تہ اوهان وٽ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي بلعام جي سکيا تي عمل ڪن ٿا، جنهن راجا بلق کي سيکاريو ٿي تہ بني اسرائيل کي ڪيئن ڀَٽڪائي جو اهي بتن تي ٻليدان ڪيل کاڌو کائين ۽ زنا ڪن. اهڙيءَ طرح اوهان وٽ نيڪلين جي سکيا تي عمل ڪندڙ ماڻهو بہ آهن، جيڪا بلعام جي سکيا جهڙي آهي. سو توبهہ‌تائب ٿيو، نہ تہ آءٌ جلد اوهان وٽ ايندس ۽ پنهنجي وات جي تلوار سان انهن سان وڙهندس. جنهن کي ڪن آهن سو پوِتر آتما جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي اها وشواسي منڊلين کي فرمائي ٿي. جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو تنهن کي آءٌ لڪل مَنَ مان ڪجھہ ڏيندس ۽ هڪڙو اڇو پٿر بہ ڏيندوسانس. انهيءَ پٿر تي هڪڙو نئون نالو لکيل هوندو، جنهن کي ٻيو ڪوبہ نہ ڄاڻيندو، سواءِ انهيءَ جي جنهن کي ملندو.“ هن مون کي ٿواتيرہ واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ ايشور جو پٽ جنهن جون اکيون مشعل وانگر ٻرن ٿيون ۽ جنهن جا پير صاف ٿيل پتل جهڙا آهن، سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ ”مون کي اوهان جي عملن، يعني اوهان جي پيار ۽ وشواس، سيوا ۽ ثابت قدميءَ جي ڄاڻ آهي. آءٌ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ جيڪي عمل اوهين هاڻي ڪري رهيا آهيو، سي اوهان جي پهرين عملن کان وڌيڪ آهن. پر مون کي اوهان کان اها شڪايت آهي تہ اوهين انهيءَ ناري ايزبل کي پاڻ وٽ برداشت ڪريو ٿا جيڪا پاڻ کي سنديش ڏيندڙ سنتياڻي سڏائي ٿي. اها منهنجي داسن کي زنا ڪرڻ ۽ بتن تي ٻليدان ڪيل کاڌو کائڻ جي سکيا ڏيئي ڀَٽڪائي ٿي. مون انهيءَ ناريءَ کي مهلت ڏني تہ توبهہ‌تائب ٿئي، پر هوءَ پنهنجي انهيءَ زناڪاريءَ کان توبهہ ڪرڻ نہ ٿي چاهي. ڏسو، آءٌ هن کي بستري داخل ٿو ڪريان ۽ جيڪي انهيءَ زناڪاريءَ ۾ ساڻس شريڪ آهن، سي بہ جيڪڏهن سندس ڪمن تي عمل ڪرڻ کان توبهہ نہ ڪندا تہ کين وڏيءَ مصيبت ۾ وجھندس. هائو، آءٌ انهيءَ ناريءَ جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀيئي وشواسي منڊليون ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي دلين ۽ دماغن کي پرکڻ وارو آهيان ۽ آءٌ ئي اوهان مان هر هڪ کي سندس عملن جو بدلو ڏيندس. پر اوهين ٿواتيرہ جي منڊليءَ جا باقي ماڻهو ايزبل جي سکيا تي عمل نہ ٿا ڪريو ۽ شيطان جي ڳالهين کان اڻ‌ڄاڻ آهيو جن کي ماڻهو اونهيون ڳالهيون چون ٿا. آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اوهان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھندس، سواءِ انهيءَ جي تہ جيڪي اوهان کي مليو آهي تنهن کي مضبوطيءَ سان جھليو جيستائين آءٌ اچان. جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو ۽ منهنجي مرضيءَ موجب توڙ تائين نڀائيندو، تنهن کي آءٌ قومن تي اختيار ڏيندس، جنهن کي ڪن آهن سو پوِتر آتما جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي اها وشواسي منڊلين کي فرمائي ٿي.“ هن مون کي سرديس واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جنهن وٽ ايشور جون ست آتمائون ۽ ست تارا آهن، سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان جي عملن کي ڄاڻان ٿو. ماڻهو اوهان کي آتما جي لحاظ کان جيوت سمجھن ٿا، پر اوهين تہ مئل آهيو. اوهين سجاڳ ٿيو ۽ جيڪي ڪجھہ اوهان وٽ باقي بچيو آهي ۽ ناس ٿيڻ تي آهي تنهن کي مضبوط ڪريو، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان جي ڪنهن بہ عمل کي پنهنجي ايشور جي آڏو پورو نہ ڏٺو آهي. تنهنڪري پنهنجو اهو جذبو ياد ڪريو جيڪو اوهان کي سنديش قبول ڪرڻ وقت هو. انهيءَ سکيا تي عمل ڪريو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو. جيڪڏهن اوهين سجاڳ نہ ٿيندا تہ آءٌ چور وانگر ايندس. هائو، اوهان کي سڌ ئي ڪانہ پوندي تہ آءٌ ڪهڙي وقت اچي اوهان جي مٿان ڪڙڪندس. پر اوهان سرديس وارن جي منڊليءَ ۾ ڪي اهڙا ماڻهو بہ آهن، جن پنهنجا ڪپڙا داغدار نہ ڪيا آهن. اهي اڇا ڪپڙا پائي مون سان گڏ گھمندا، ڇاڪاڻ تہ اهي انهيءَ لائق آهن. هائو، جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو، تنهن کي اهڙيءَ طرح اڇا ڪپڙا پهرايا ويندا. آءٌ سندس نالو جيون شاستر مان اصل ڪونہ ڪڍندس، بلڪ آءٌ پنهنجي پتا ۽ سندس دوتن جي اڳيان اقرار ڪندس تہ اهو شخص منهنجو آهي. جنهن کي ڪن آهن سو پوِتر آتما جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي اها وشواسي منڊلين کي فرمائي ٿي.“ هن مون کي فلدلفيا واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جيڪو پوِتر ۽ سچو آهي، جنهن وٽ دائود جي راڄ جي چاٻي آهي، جنهن جي کوليل کي ڪوبہ بند نہ ٿو ڪري سگھي ۽ جنهن جي بند ڪيل کي ڪوبہ کولي نہ ٿو سگھي، سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ ”مون کي اوهان جي عملن جي ڄاڻ آهي ۽ ڄاڻان ٿو تہ اوهان ۾ طاقت ٿوري آهي. تنهن هوندي بہ اوهان منهنجي سنديش تي عمل ڪيو ۽ منهنجي نالي جو انڪار ڪين ڪيو. سو مون اوهان جي اڳيان هڪڙو دروازو کولي ڇڏيو آهي، جنهن کي ڪوبہ بند ڪري نہ ٿو سگھي. ڏسو، ڪي ڪوڙا پاڻ کي يهودي ٿا سڏائين، پر حقيقت ۾ آهن ڪونہ، بلڪ اهي شيطان جو ٽولو آهن. انهن کي آءٌ اوهان جي حوالي ڪري ڇڏيندس. هو اچي اوهان جي پيرن تي ڪرندا ۽ اهو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو. جيئن تہ اوهين منهنجي حڪم مطابق ثابت قدم رهيا آهيو، تنهنڪري آءٌ آزمائش جي انهيءَ گھڙيءَ ۾ اوهان جي حفاظت ڪندس، جيڪا ڌرتيءَ تي رهڻ وارن جي آزمائش لاءِ سڄي سنسار تي اچڻي آهي. آءٌ جلد اچڻو آهيان. جيڪي ڪجھہ اوهان وٽ آهي تنهن کي مضبوطيءَ سان جھليو تہ ڪوبہ اوهان جو تاج کسي نہ وٺي. جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو، تنهن کي آءٌ پنهنجي ايشور جي هيڪل جو اهڙو ٿنڀو بڻائيندس جيڪو اتي هميشہ تائين قائم رهندو. آءٌ انهيءَ تي پنهنجي ايشور جو نالو ۽ پنهنجي ايشور جي شهر، يعني انهيءَ نئين يروشلم جو نالو اڪريندس، جيڪو منهنجي ايشور وٽان آڪاش کان هيٺ لهي اچڻ وارو آهي. آءٌ پنهنجو نئون نالو بہ انهيءَ ٿنڀي تي اڪريندس. جنهن کي ڪن آهن سو پوِتر آتما جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي اها وشواسي منڊلين کي فرمائي ٿي.“ هن مون کي لوديڪيا واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جيڪو آمين، يعني وفادار ۽ سچو شاهد آهي ۽ جنهن جي وسيلي ايشور سڀ ڪجھہ بڻايو، سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ ”مون کي اوهان جي عملن جي ڄاڻ آهي. اوهين نہ ٿڌا آهيو نڪي گرم. ڪاش! اوهين ٿڌا يا گرم هجو ها تہ چڱو ٿئي ها. پر اوهين نہ گرم نڪي ٿڌا، بلڪ نيم گرم آهيو. تنهنڪري آءٌ اوهان کي پنهنجي وات مان ٿوڪاري ڇڏيندس. ڏسو، اوهين چئو ٿا تہ ’اسين دولتمند آهيون ۽ گھڻو مال ملڪيت گڏ ڪيو آهي ۽ ڪنهن بہ شيءِ جي گھرج ڪانہ آهي.‘ پر اوهان کي اها سڌ ڪانهي تہ حقيقت ۾ اوهين بد‌بخت، ڏکيارا، ڪنگال، انڌا ۽ اگھاڙا آهيو. تنهنڪري آءٌ اوهان کي صلاح ٿو ڏيان تہ باهہ ۾ صاف ٿيل نج سون مون کان خريد ڪريو تہ دولتمند ٿيو ۽ اڇا ڪپڙا بہ وٺو تہ پنهنجي اوگھڙ ڍڪي شرمسار نہ ٿيو. پنهنجي اکين لاءِ سرمو وٺو تہ ڏسي سگھو. آءٌ جن سان پيار ڪندو آهيان تن کي ڇينڀ ۽ سيکت بہ ڏيندو آهيان، تنهنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو. ڏسو، آءٌ دروازي وٽ بيهي کڙڪايان ٿو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجو آواز ٻڌي دروازو کوليندو تہ آءٌ اندر لنگھي وٽس ويندس ۽ اسين ٻيئي گڏجي رسوئي کائينداسين. جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو تنهن کي آءٌ پاڻ سان گڏ پنهنجي تخت تي ويهاريندس، جهڙيءَ طرح آءٌ پاڻ حاوي پيس ۽ پنهنجي پتا سان گڏ سندس تخت تي ويٺس. جنهن کي ڪن آهن سو پوِتر آتما جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي اها وشواسي منڊلين کي فرمائي ٿي.“ انهن ڳالهين کان پوءِ مون آڪاش ڏانهن نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ انهيءَ ۾ هڪڙو کُليل دروازو آهي! ان وقت اهو توتاري جهڙو آواز جيڪو مون اڳ ۾ ٻڌو هو، سو وري ٻڌڻ ۾ آيو ۽ چيائين تہ ”هيڏانهن مٿي اچ تہ آءٌ تو کي اهو ڪجھہ ڏيکاريان، جيڪو هن کان پوءِ ٿيڻ وارو آهي.“ تڏهن هڪدم آءٌ پوِتر آتما جي ضابطي ۾ اچي ويس ۽ ڇا ڏسان تہ آڪاش تي هڪڙو تخت رکيل آهي ۽ انهيءَ تخت تي ڪا هستي ويٺي آهي! جيڪو انهيءَ تي ويٺو هو، سو زبرجد ۽ عقيق جهڙو چمڪندڙ نظر پئي آيو ۽ تخت جي چوڌاري انڊلٺ هئي جيڪا ڏسڻ ۾ زمرد جهڙي روشن هئي. انهيءَ تخت جي چوڌاري چوويهہ تخت ٻيا بہ هئا ۽ انهن تختن تي مون چوويهہ مهاتما ويٺل ڏٺا، جن کي اڇا ڪپڙا پهريل هئا ۽ انهن جي مٿن تي سونا تاج هئا. انهيءَ تخت مان کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باهہ جا مشعل پئي ٻريا، جيڪي ايشور جون ست آتمائون آهن. تخت جي اڳيان بلور جهڙو ڄڻ تہ شيشي جو هڪ سمنڊ هو. تخت جي چوڌاري چئني پاسن تي چار ساهوارا هئا، جن کي اڳيان توڙي پٺيان اکيون ئي اکيون هيون. پهريون ساهوارو شينهن جهڙو هو، ٻيو گابي جهڙو هو، ٽئين جو منهن ماڻهوءَ جهڙو هو ۽ چوٿون ساهوارو اڏامندڙ عقاب جهڙو هو. انهن چئني ساهوارن مان هر هڪ کي ڇهہ پر هئا ۽ چوڌاري ٻاهرين توڙي اندرين پاسي اکين سان ڀريا پيا هئا. اهي رات ڏينهن سدائين اهو چون پيا تہ ”پوِتر، پوِتر، پوِتر، پرڀو پرميشور سروِشڪتيوان، جيڪو هو، جيڪو آهي ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو.“ جڏهن اهي ساهوارا انهيءَ جي مهما، مان‌سمان ۽ شڪرگذاري ڪن ٿا جيڪو تخت تي ويٺو آهي ۽ هميشہ هميشہ تائين جيوت رهندو، تڏهن اهي چوويهہ مهاتما منهن ڀر ڪري انهيءَ جي آڏو سيس ٿا نوائين، جيڪو تخت تي ويٺو آهي ۽ هميشہ هميشہ تائين جيوت رهي ٿو. اهي سيس نوائيندي پنهنجا تاج ان تخت جي اڳيان رکي چون ٿا تہ ”اي پرڀو، اسان جا ايشور! تون مهما، مان‌سمان ۽ شڪتيءَ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تو ئي سڀ شيون پيدا ڪيون آهن. هائو، تنهنجي ئي مرضيءَ سان هر ڪا شيءِ پيدا ٿي ۽ وجود ۾ آئي آهي.“ اتي تخت تي ويٺل هستيءَ جي ساڄي هٿ ۾ مون هڪڙو ويڙهوٽو ڏٺو، جيڪو اندران ۽ ٻاهران لکيل هو. اهو ستن مُهرن سان بند ٿيل هو. مون هڪڙي شڪتيوان دوت کي ڏٺو، جنهن وڏي واڪي سان هي اعلان ڪندي چيو تہ ”ڪير آهي جيڪو مُهرن کي ٽوڙي هي ويڙهوٽو کولڻ جي لائق هجي؟“ پر آڪاش جو، يا ڌرتيءَ جو، يا ڌرتيءَ جي هيٺان جو ڪوبہ شخص اهڙو نہ هو جيڪو اهو ويڙهوٽو کولي يا انهيءَ ۾ ڏسي سگھي. آءٌ زاروزار روئڻ لڳس جو ڪوبہ اهو ويڙهوٽو کولڻ يا انهيءَ ۾ ڏسڻ جي لائق نہ نڪتو. تڏهن مهاتمائن مان هڪڙي مون کي چيو تہ ”روءُ نہ. ڏس، هو يهوداہ قبيلي جو شينهن جيڪو راجا دائود جي پيڙهيءَ مان آهي، سو ئي سوڀارو ٿيڻ ڪري انهن ستن مُهرن کي ٽوڙڻ ۽ انهيءَ ويڙهوٽي کي کولڻ جي لائق آهي.“ پوءِ مون چئن ساهوارن ۽ انهن مهاتمائن جي وچ ۾ رکيل انهيءَ تخت وٽ هڪڙو گھيٽڙو بيٺل ڏٺو. ائين ٿي لڳو تہ هن کي ڪُٺو ويو هجي. انهيءَ کي ست سڱ ۽ ست اکيون هيون. اهي اکيون ايشور جون ست آتمائون آهن جيڪي سڄي ڌرتيءَ تي موڪليون ويون آهن. گھيٽڙي اڳتي وڌي تخت تي ويٺل هستيءَ جي ساڄي هٿ مان اهو ويڙهوٽو ورتو. جڏهن هن اهو ويڙهوٽو ورتو تہ اهي چارئي ساهوارا ۽ چوويهہ مهاتما انهيءَ گھيٽڙي جي پيرن تي ڪري پيا. انهن مهاتمائن مان هر هڪ جي هٿن ۾ هڪڙي ستارَ ۽ لوبان سان ڀريل سونو پيالو هو. اهو لوبان مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جون پرارٿنائون هيون. گھيٽڙي جي پيرن تي ڪرندي ئي اهي هڪڙو نئون ڀڄن ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اهو ويڙهوٽو وٺڻ ۽ انهيءَ جي مُهرن کي ٽوڙڻ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ تو پنهنجي رت سان سڀ ڪنهن قوم، قبيلي، ٻوليءَ ۽ ذات منجھان ماڻهن کي ايشور جي لاءِ خريد ڪيو آهي. تو انهن کي هڪ اهڙو راڄ بڻايو، جنهن جو هر فرد ڪاهن بڻجي اسان جي ايشور جي سيوا ڪري. اهي ڌرتيءَ تي راڄ ڪندا.“ ڏسندي ڏسندي مون تخت، چئني ساهوارن ۽ مهاتمائن جي چوڌاري تمام گھڻن دوتن جا آواز ٻڌا، جن جو تعداد لکن ۽ ڪروڙن ۾ هو. اهي وڏي آواز سان چئي رهيا هئا تہ ”گھيٽڙو جيڪو ڪُٺو ويو آهي، سو ئي شڪتي، دولت، ڏاهپ، طاقت، مان‌سمان، مهانتا ۽ مهما جي لائق آهي.“ پوءِ سموري مخلوق جيڪا آڪاش ۾، ڌرتيءَ تي، ڌرتيءَ جي هيٺان ۽ سمنڊ ۾ آهي، تن سڀني کي مون هي چوندي ٻڌو تہ ”جيڪو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي ۽ گھيٽڙي جي مهما، مان‌سمان، مهانتا ۽ شڪتي شل هميشہ هميشہ تائين قائم رهي.“ اهي چارئي ساهوارا ”آمين، آمين“ چوندا رهيا ۽ اهي مهاتما منهن ڀر ڪري سيس نوائڻ لڳا. پوءِ مون ڏٺو تہ جڏهن گھيٽڙي انهن ستن مُهرن مان هڪ کي ٽوڙيو، تڏهن انهن چئن ساهوارن مان هڪڙي کي گجگوڙ جهڙي آواز سان چوندي ٻڌم تہ ”اچ.“ تڏهن ڇا ڏسان تہ هڪڙو اڇو گھوڙو بيٺو آهي! ان جي سوار وٽ تيرڪمان هو ۽ کيس هڪڙو تاج پارايو ويو. ائين هو سوڀاري جي حيثيت ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. جڏهن گھيٽڙي ٻي مُهر ٽوڙي تہ مون ٻئي ساهواري کي چوندي ٻڌو تہ ”اچ.“ ايتري ۾ هڪ ٻيو گھوڙو نڪتو جيڪو باهہ جهڙو ڳاڙهو هو. ان جي سوار کي هڪ وڏي تلوار ڏيئي اهو اختيار ڏنو ويو تہ هو ڌرتيءَ تان صلح وَ شانتي کڻي وٺي، تہ جيئن ماڻهو هڪٻئي جو رت وهائين. جڏهن گھيٽڙي ٽئين مُهر ٽوڙي تہ مون ٽئين ساهواري کي چوندي ٻڌو تہ ”اچ.“ تڏهن ڇا ڏسان تہ هڪڙو ڪارو گھوڙو بيٺو آهي! ان جي سوار جي هٿ ۾ اناج تورڻ واري تارازي هئي. مون ڄڻ تہ چئني ساهوارن جي وچ مان هي آواز ٻڌو تہ ”ڏڪار پيدا ڪر تہ جيئن هڪ ڏينهن جي مزدوريءَ جي عيوض رڳو هڪ ڪلوگرام ڪڻڪ يا ٽي ڪلوگرام جَوَ ٿين. پر زيتون جي تيل ۽ مئي کي زيان نہ ڪر.“ جڏهن گھيٽڙي چوٿين مُهر ٽوڙي تہ مون چوٿين ساهواري کي هي چوندي ٻڌو تہ ”اچ.“ تڏهن ڇا ڏسان تہ پيلي رنگ جو گھوڙو بيٺو آهي! انهيءَ جي سوار جو نالو موت آهي ۽ پاتال سندس پٺيان پئي آيو. موت ۽ پاتال کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ اهي جنگ، ڏڪار، بيماريءَ ۽ وحشي جانورن جي وسيلي ڌرتيءَ جي چوٿين حصي جي ماڻهن کي ماري ڇڏين. جڏهن گھيٽڙي پنجين مُهر ٽوڙي، تڏهن مون ٻليدان واري جاءِ جي هيٺان انهن جون آتمائون ڏٺيون، جيڪي يسوع بابت ايشور جي سنديش ۽ سندس شاهدي ڏيڻ تي قائم رهڻ سبب ڪُٺا ويا هئا. انهن وڏي آواز سان رڙيون ڪندي تخت تي ويٺل هستيءَ کي چيو تہ ”اي پوِتر ۽ سچا مالڪ! تون ڪيستائين عدالت نہ ڪندين ۽ ڌرتيءَ تي رهڻ وارن کان اسان جي خون جو بدلو نہ وٺندين؟“ تڏهن انهن مان هر هڪ کي اڇو جبو پارايو ويو ۽ کين چيو ويو تہ ”اوهين اڃا ٿوري وقت تائين آرام ڪريو، جيستائين اوهان سان گڏ سيوا ڪندڙن ۽ اوهان جي ٻين ڀائرن ڀينرن جو تعداد پورو نہ ٿئي، جيڪي اوهان وانگر قتل ڪيا ويندا.“ جڏهن گھيٽڙي ڇهين مُهر ٽوڙي تڏهن مون ڏٺو تہ ڌرتيءَ تي هڪڙو وڏو زلزلو آيو. سج پنهنجي روشني وڃائي ڄڻ ڪارو ويس ڍڪيو ۽ سڄو چنڊ رت جهڙو ڳاڙهو ٿي پيو. آڪاش جا تارا ڌرتيءَ تي ائين ڪري پيا، جيئن زوردار هوا ۾ انجير جو ڪچو ڦر وڻ مان ڪري پوندو آهي. آڪاش ائين ويڙهجي گم ٿي ويو، جيئن ويڙهوٽو ويڙهجي ٿو ۽ سڀيئي جبل ۽ ٻيٽ پنهنجي جاين تان هٽي ويا. ڌرتيءَ جا راجا، حاڪم، فوجي سردار، دولتمند ۽ ٻلوان، غلام توڙي آزاد هر ڪو ماڻهو جبلن جي غارن ۽ ڇِپن ۾ وڃي لڪيو. اهي جبلن ۽ ڇِپن کي منٿون ڪرڻ لڳا تہ ”اسان تي ڪري پئو تہ جيئن تخت تي ويٺل هستيءَ جي نظر کان ۽ گھيٽڙي جي ڏمر کان اسين لڪي وڃون، ڇاڪاڻ تہ انهن جي ڏمر جو زوردار ڏينهن اچي پهتو آهي. هاڻ، انهن اڳيان ڪير ٿو بيهي سگھي؟“ انهيءَ کان پوءِ مون ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن وٽ چار دوت بيٺل ڏٺا. اهي ڌرتيءَ جي چئني هوائن کي هلڻ کان روڪيو بيٺا هئا، تہ جيئن ڌرتيءَ، سمنڊ يا ڪنهن بہ وڻ کي طوفاني هوا نہ لڳي. پوءِ مون هڪڙي ٻئي دوت کي اوڀر کان مٿي ايندي ڏٺو، جنهن وٽ جيوت ايشور جي مُهر هئي. جن چئن دوتن کي هوائن تي اختيار ڏنو ويو هو تہ جيئن اهي ڌرتيءَ ۽ سمنڊ کي نقصان رسائين، تن کي انهيءَ دوت وڏي آواز سان چيو تہ ”جيستائين اسين پنهنجي ايشور جي داسن جي پيشانين تي مُهر نہ هڻون، تيستائين اوهين نہ ڌرتيءَ، نڪي سمنڊ ۽ نہ وري وڻن کي نقصان رسائجو.“ مون ٻڌو تہ جن کي مُهر هنئي ويئي، تن جو تعداد هڪ لک چوئيتاليهہ هزار هو. اهي بني اسرائيل جي ٻارهن ئي قبيلن مان هئا، يعني يهوداہ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي مُهر لڳي، روبن جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، جد جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، آشر جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، نفتاليءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، منسيءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، شمعون جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، لاويءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، اِسڪار جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، زبولون جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، يوسف جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، ۽ بنيامين جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي مُهر لڳي. انهن ڳالهين کان پوءِ ڇا ڏسان تہ هڪ وڏو ميڙ آهي، جنهن کي ڪوبہ ڳڻي نہ ٿي سگھيو! اهو هر قوم، قبيلي، ذات ۽ هر ٻوليءَ مان هو. اهي اڇو جبو پايو، کجيءَ جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽڙي جي اڳيان بيٺا هئا. اهي وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ ”مڪتي تخت تي ويٺل اسان جي ايشور جي طرفان ۽ گھيٽڙي جي طرفان آهي.“ سڀيئي دوت ان تخت، انهن مهاتمائن ۽ چئني ساهوارن جي چوڌاري بيهي رهيا ۽ تخت جي اڳيان منهن ڀر ڪري ايشور آڏو سيس نوائي چوڻ لڳا تہ ”آمين. اسان جي ايشور جي مهما، مهانتا، ڏاهپ، شڪرگذاري، مان‌سمان، شڪتي ۽ طاقت هميشہ هميشہ تائين هجي. آمين.“ انهن مهاتمائن مان هڪڙي مون کان پڇيو تہ ”جيڪي اڇو جبو پايو بيٺا آهن، سي ڪير آهن ۽ ڪٿان آيا آهن؟“ مون جواب ڏنو تہ ”اي منهنجا سوامي! اوهين ئي ڄاڻو ٿا.“ هن مون کي چيو تہ ”هي اهي آهن جيڪي ستائجڻ واري تڪليف مان نڪري آيا آهن. انهن پنهنجا جبا گھيٽڙي جي رت ۾ ڌوئي پوِتر ڪري اڇا ڪيا آهن. انهيءَ ڪري هي ايشور جي تخت جي اڳيان آهن ۽ سندس هيڪل ۾ رات ڏينهن سندس ڀڳتي پيا ڪن ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي، سو هنن جي مٿان تنبوءَ وانگر ڇانوَ ڪندو ٿو رهي. انهن کي وري ڪڏهن بہ بک يا اڃ نہ لڳندي ۽ نہ وري کين اُس يا گرمي ستائيندي. اهو انهيءَ جي ڪري ٿيندو جو گھيٽڙو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار هوندو ۽ کين امرت‌جل جي چشمن وٽ وٺي ويندو ۽ ايشور سندن اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو.“ جڏهن گھيٽڙي ستين مُهر ٽوڙي تہ اٽڪل اڌ ڪلاڪ تائين آڪاش ۾ ماٺ ٿي ويئي. پوءِ مون اهي ست دوت ڏٺا، جيڪي ايشور جي اڳيان بيٺا هوندا آهن. انهن کي ست توتارا ڏنا ويا. هڪڙو ٻيو دوت جنهن جي هٿ ۾ سونو خوشبودان هو، سو اچي ٻليدان واري جاءِ وٽ بيٺو. کيس گھڻو لوبان ڏنو ويو، تہ جيئن مسيح ۾ چونڊي سڀني پوِتر ڪيلن جي پرارٿنائن سان گڏ هو اهو ان سوني لوبان‌دان تي ٻاري جيڪو تخت جي اڳيان هو. تڏهن انهيءَ دوت جي هٿان ٻرندڙ لوبان جو دونهون مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي پرارٿنائن سان گڏ مٿي ايشور آڏو وڃي پهتو. پوءِ دوت اهو خوشبودان کڻي انهيءَ کي ٻليدان واري جاءِ جي باهہ سان ڀري ڌرتيءَ تي اڇلائي ڇڏيو. تنهن تي گجگوڙون، وڏا آواز ۽ کِنوڻين جا چمڪاٽ ٿيڻ لڳا ۽ زلزلو آيو. تنهن کان پوءِ جن ستن دوتن وٽ ست توتارا هئا، تن اهي وڄائڻ جي تياري ڪئي. پهرئين دوت توتارو وڄايو تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باهہ پيدا ٿي، جن کي پوري ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو تہ سڄي ڌرتيءَ جو ٽيون حصو وڻن توڙي سائي گاهہ سميت سڙي ويو. ٻئي دوت توتارو وڄايو تہ ڄڻ باهہ سان ٻرندڙ هڪڙو وڏو جبل سمنڊ ۾ اڇلايو ويو تہ سمنڊ جو ٽيون حصو رت ٿي پيو. تڏهن سمنڊ جي ٽئين حصي جا سڀ جاندار مري ويا ۽ ٽئين حصي جا سامونڊي جهاز بہ تباهہ ٿي ويا. جڏهن ٽئين دوت توتارو وڄايو تہ مشعل وانگر ٻرندڙ هڪڙو وڏو تارو آڪاش مان دريائن جي ٽئين حصي ۽ پاڻيءَ جي چشمن مٿان ڪري پيو. انهيءَ تاري جو نالو ”ڪؤڙاڻ“ هو، جنهن سان ڌرتيءَ جي پاڻيءَ جو ٽيون حصو ڪؤڙو ٿي پيو ۽ انهيءَ ڪؤڙي پاڻي پيئڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو مري ويا. چوٿين دوت توتارو وڄايو تہ سج، چنڊ ۽ تارن جي ٽئين حصي کي نقصان پهتو، جنهن ڪري انهن جو ٽيون حصو اونداهو ٿي پيو. مطلب تہ ڏينهن توڙي رات جو ٽيون حصو روشني وڃائي ويٺو. پوءِ مون هڪڙي عقاب کي مٿي اڏامندي ڏٺو، جنهن کي وڏي آواز سان اهو چوندي ٻڌم تہ ”ٽن دوتن جا توتارا وڄائڻ اڃا باقي آهن ۽ جڏهن اهي وڄايا ويندا تہ ڌرتيءَ تي رهڻ وارن تي ڪيڏي نہ مصيبت ايندي! هائو، مصيبت مٿان مصيبت.“ جڏهن پنجين دوت توتارو وڄايو تہ مون آڪاش مان ڌرتيءَ تي ڪريل هڪ تارو ڏٺو. اُن تاري کي اوڙاهہ واري کڏ جي چاٻي ڏني ويئي. هن اوڙاهہ واري کڏ کولي تہ انهيءَ مان وڏي کُوري وانگر دونهون نڪرڻ لڳو. انهيءَ کڏ جي دونهين جي ڪري سج ۽ هوا ڪارا ٿي پيا. انهيءَ دونهين مان ماڪڙ نڪري ڌرتيءَ تي آئي. ان کي ايتري طاقت ڏني ويئي، جيتري ڌرتيءَ جي وِڇُن کي آهي. انهيءَ ماڪڙ کي چيو ويو تہ ”ڌرتيءَ جي گاهہ توڙي وڻن کي، بلڪ ڪنهن بہ ساوڪ کي نقصان نہ رسائجو. رڳو انهن ماڻهن کي نقصان رسائجو، جن جي پيشانين تي ايشور جي مُهر لڳل نہ هجي.“ ماڪڙ کي اهو اختيار نہ ڏنو ويو تہ انهن ماڻهن کي صفا ماري ڇڏين، پر کين پنجن مهينن تائين ايذاءَ ڏيندي رهي. ان جو ايذاءُ اهڙو هو جهڙو وِڇُونءَ جو ماڻهن کي ڏنگڻ. انهن پنجن مهينن ۾ ماڻهو موت کي ڳوليندا پر لهي نہ سگھندا، هو مرڻ چاهيندا پر موت کانئن پري ڀڄندو. اها ماڪڙ ائين نظر اچي رهي هئي، جيئن جنگ لاءِ تيار ڪيل گھوڙا. ان ماڪڙ جي مٿن تي ڄڻ تہ سون جهڙا تاج هئا ۽ انهيءَ جا منهن انسانن جهڙا هئا. انهيءَ کي نارين جي وارن جهڙا وار هئا ۽ ڏند شينهن جي ڏندن جهڙا هئس. انهيءَ جي ڇاتي لوهي سينابند جهڙي هئي ۽ ان جي پرن جي آواز مان ائين پئي لڳو ڄڻ تہ ڪيتريون ئي جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ گھوڙا جنگ ۾ ڪاهي پيا هجن. انهيءَ جا پڇ وِڇن جهڙا هئا، جن تي ڏنگ لڳل هئا. انهن ڏنگن ۾ ماڻهن کي پنجن مهينن تائين ايذاءَ رسائڻ جي طاقت هئي. انهيءَ ماڪڙ جو راجا اوڙاهہ وارو دوت هو، جنهن جو نالو عبراني ٻوليءَ ۾ ابدون ۽ يوناني ٻوليءَ ۾ اپليون آهي، جن جي معنيٰ آهي ”ناس ڪندڙ.“ ائين پهرين مصيبت گذري ويئي، پر ياد رکو، اڃا ٻہ ٻيون مصيبتون باقي اچڻيون آهن. جڏهن ڇهين دوت توتارو وڄايو تہ مون هڪڙو آواز ٻڌو. اهو آواز انهيءَ سوني لوبان‌دان جي چئني ڪنڊن تي لڳل سڱن مان اچي رهيو هو، جيڪو ايشور جي اڳيان رکيل هو. ان آواز انهيءَ ڇهين دوت کي چيو تہ ”جيڪي چار دوت وڏي درياءَ فرات وٽ ٻڌل آهن، تن کي ڇوڙي ڇڏ.“ پوءِ انهن چئني دوتن کي ڇوڙيو ويو تہ جيئن انسانن جي ٽئين حصي کي ماري ڇڏين. اهي دوت ان خاص مهل، ڏينهن، مهيني ۽ سال جي لاءِ تيار بيٺا هئا. ان وقت مون اهو ٻڌو تہ انهن دوتن جي لشڪر ۾ گھوڙي سوارن جو تعداد ويهہ ڪروڙ آهي. مون درشن ۾ گھوڙا ۽ سندن سوار ڏٺا، جن جي سينابندن جو رنگ باهہ وانگر ڳاڙهو، نيرو ۽ گندرف جهڙو پيلو هو. انهن گھوڙن جا منهن شينهن جي منهن جهڙا هئا ۽ سندن وات مان باهہ، دونهون ۽ گندرف پئي نڪتو. اهي ٽيئي آفتون يعني باهہ، دونهون ۽ گندرف جيڪي گھوڙن جي وات مان پئي نڪتيون، تن انسانن جي ٽئين حصي کي ماري ڇڏيو. انهن گھوڙن جو زور نہ رڳو سندن واتن ۾، بلڪ سندن پڇن ۾ بہ هو، ڇاڪاڻ تہ انهن جا پڇ نانگن جهڙا هئا. انهن پڇن ۾ سسيون هيون، جن سان ماڻهن کي ايذاءَ ٿي ڏنائون. جيڪي ماڻهو انهن آفتن مان باقي بچيا، تن بڇڙائيءَ کان توبهہ نہ ڪئي. هائو، اهي برين آتمائن ۽ سون، چانديءَ، پتل، پٿر ۽ ڪاٺ جي ٺهيل بتن جي پوجا ڪرڻ کان نہ مڙيا، جيڪي نہ ڏسي سگھن ٿا، نہ ٻڌي سگھن ٿا ۽ نہ وري گھمي ڦري ٿا سگھن. انهيءَ سان گڏوگڏ هنن قتل، جادوگريءَ، حرامڪاريءَ ۽ چوريءَ جي ڪمن کان بہ توبهہ نہ ڪئي. پوءِ مون هڪڙي شڪتيوان دوت کي آڪاش مان لهندي ڏٺو، جيڪو ڪڪر سان ويڙهيل هو ۽ سندس مٿي تي انڊلٺ هئي. هن جو منهن سج جهڙو هو ۽ سندس ٽنگون باهہ جي ٿنڀن جهڙيون هيون. هن جي هٿ ۾ هڪڙو ننڍڙو کُليل ويڙهوٽو هو. هن پنهنجو ساڄو پير سمنڊ تي ۽ کاٻو پير زمين تي رکيو. پوءِ هن وڏي آواز سان اهڙي رڙ ڪئي جهڙي شينهن جي گجگوڙ. هن جي رڙ ڪرڻ سان گجندڙ ڪڪرن جا ست آواز ٿيا. جڏهن گجگوڙن جا اهي ست آواز ٻڌڻ ۾ آيا تہ مون انهن جون ڳالهيون لکڻ جو ارادو ڪيو. پر آڪاش مان هڪڙو آواز ٻڌم، جنهن چيو تہ ”جيڪي ڳالهيون انهن ستن گجندڙ آوازن ڪيون، تن کي ڳجھو رک ۽ لک نہ.“ ان کان پوءِ جنهن دوت کي مون سمنڊ ۽ زمين تي بيٺل ڏٺو، تنهن پنهنجو ساڄو هٿ آڪاش ڏانهن کنيو ۽ هميشہ هميشہ تائين جيوت رهندڙ ايشور جنهن آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ جيڪي انهن ۾ آهي تن کي پيدا ڪيو آهي، انهيءَ جو قسم کڻي چيائين تہ ”هاڻي وڌيڪ دير نہ ٿيندي. پر انهن ڏينهن ۾ جڏهن ستون دوت توتارو وڄائڻ وارو هوندو تڏهن ايشور پنهنجي ڀيد جون ڳالهيون پوريون ڪندو، جيڪي هن پنهنجي داسن يعني سنديش ڏيندڙ سنتن کي ٻڌايون هيون.“ پوءِ جيڪو آواز مون آڪاش مان ٻڌو هو، تنهن وري مون کي چيو تہ ”وڃ ۽ جيڪو دوت سمنڊ ۽ زمين تي بيٺو آهي، تنهن جي هٿ مان اهو کُليل ويڙهوٽو وٺ.“ آءٌ انهيءَ دوت وٽ ويس ۽ کيس وينتي ڪيم تہ ”اهو ننڍڙو ويڙهوٽو مون کي ڏيو.“ هن مون کي چيو تہ ”هي وٺ ۽ کاءُ. هي تنهنجو پيٽ ڪؤڙو ڪندو. پر شروعات ۾ تنهنجي وات کي اهڙو مٺو لڳندو جهڙي ماکي.“ مون اهو ننڍڙو ويڙهوٽو دوت کان وٺي کائي ڇڏيو. منهنجي وات ۾ تہ اهو ماکيءَ جهڙو مٺو لڳو، پر جڏهن کائي بس ڪيم تہ منهنجو پيٽ ڪؤڙو ٿي پيو. پوءِ مون کي چيو ويو تہ ”تو لاءِ اهو لازم آهي تہ تون گھڻين قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ راجائن جي باري ۾ ايشور جو وڌيڪ فرمان ٻڌاءِ.“ پوءِ مون کي ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙو ڪانو ڏنو ويو ۽ چيو ويو تہ ”اُٿ ۽ وڃي ايشور جي هيڪل ۽ ان جي ٻليدان واري جاءِ جي ماپ ڪر ۽ جيڪي اُن ۾ ڀڳتي ڪن ٿا تن کي ڳڻ. پر هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ کي ڇڏي ڏي ۽ ان جي ماپ نہ ڪر، ڇاڪاڻ تہ اهو غير قومن کي ڏنو ويو آهي، جيڪي هن پوِتر شهر کي ٻائيتاليهن مهينن تائين لتاڙينديون رهنديون. آءٌ پنهنجي ٻن شاهدن کي اختيار ڏيندس تہ اهي اِنهن مهينن يعني هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن تائين کٿو ڍڪي سنديش ٻڌائين.“ اهي ٻہ شاهد ٻہ زيتون جا وڻ ۽ ٻہ شمعدان آهن، جيڪي ڌرتيءَ جي مالڪ جي شرڻ ۾ بيٺا آهن. جيڪڏهن ڪو انهن شاهدن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ انهن جي وات مان باهہ نڪري سندن دشمنن کي ساڙي ٿي ڇڏي. هائو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ اهو ضرور اهڙيءَ طرح ئي ماريو ويندو. انهن شاهدن کي اختيار آهي تہ آڪاش بند ڪري ڇڏين، تہ جيئن جيستائين هو سنديش ٻڌائيندا رهن، تيستائين مينهن نہ وسي. هنن کي اهو بہ اختيار آهي تہ پاڻيءَ کي بدلائي رت بڻائي ڇڏين ۽ زمين تي هر طرح جون آفتون آڻين. ائين هو جيترا دفعا چاهين ڪري سگھن ٿا. پوءِ مون ڏٺو تہ جڏهن انهن پنهنجي اها شاهدي پوري ڪئي، تڏهن اوڙاهہ مان نڪرڻ وارو حيوان ساڻن وڙهيو ۽ مٿن حاوي پئي کين ماري وڌائين. سندن لاش انهيءَ وڏي شهر جي سڙڪ تي پيا رهيا، جتي انهن جي پرڀوءَ کي سوليءَ تي چاڙهيو ويو هو. انهيءَ شهر کي علامتي طور سدوم ۽ مصر سان ڀيٽي سگھجي ٿو. انهن جي لاشن کي سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين منجھان ڪجھہ ماڻهو ساڍن ٽن ڏينهن تائين ڏسندا رهيا ۽ کين دفن ٿيڻ نہ ڏنائون. ڌرتيءَ تي رهڻ وارا انهن جي موت تي خوشيون ۽ جشن ڪندا رهيا ۽ هڪٻئي ڏانهن سوکڙيون موڪليندا رهيا، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ انهن ٻنهي شاهدن ڌرتيءَ وارن کي ڏاڍي تڪليف ڏني هئي. اِنهن ساڍن ٽن ڏينهن کان پوءِ ايشور انهن شاهدن ۾ وري جيون جي آتما ڦوڪي ۽ اهي اُٿي کڙا ٿيا. جيڪي کين ڏسي رهيا هئا، تن کي ڏاڍي دهشت وٺي ويئي. ان وقت ايشور جو سنديش ڏيندڙ انهن شاهدن آڪاش مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنهن کين چيو تہ ”هيڏانهن مٿي اچو.“ تنهن تي اهي ٻيئي شاهد ڪڪر ۾ آڪاش ڏانهن ويا ۽ دشمن کين ڏسندا رهيا. انهيءَ ئي مهل ڌرتيءَ تي هڪڙو وڏو زلزلو آيو ۽ اِن وڏي شهر جو ڏهون حصو ڪري تباهہ ٿي ويو. انهيءَ زلزلي ۾ ست هزار ماڻهو مري ويا ۽ باقي بچيل ماڻهن ۾ دهشت ڦهلجي ويئي ۽ اهي آڪاش واري ايشور جي مهانتا مڃڻ لڳا. ائين ٻي مصيبت بہ لنگھي ويئي. هاڻ ٽين مصيبت جلد اچڻ واري آهي. جڏهن ستين دوت توتارو وڄايو تہ آڪاش ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ”سنسار جو راڄ اسان جي پرڀو پرميشور ۽ سندس مسيح جو ٿي ويو آهي. پرڀو پرميشور هميشہ هميشہ تائين راڄ ڪندو رهندو.“ پوءِ اهي چوويهہ مهاتما جيڪي ايشور جي اڳيان پنهنجي پنهنجي تخت تي ويٺا هئا، سي منهن ڀر ڪري ايشور اڳيان سيس نوائي چوڻ لڳا تہ ”اي پرڀو، سروِشڪتيوان ايشور! تون جيڪو آهين ۽ جيڪو هئين، اسين تنهنجا شڪرانا ادا ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ تہ تون پنهنجي وڏي شڪتي ڏيکاري راڄ ڪرڻ لڳو آهين. قومن کي ڪاوڙ لڳي ۽ تنهنجو ڏمر پرگھٽ ٿيو. هاڻ اهو وقت اچي ويو آهي، جڏهن مري ويلن جو انصاف ٿيندو. هائو، تنهنجا داس، يعني تو ايشور جو سنديش ڏيندڙ، ۽ مسيح ۾ چونڊي سڀيئي پوِتر ڪيل ننڍا توڙي وڏا، جيڪي تنهنجو خوف رکن ٿا، تن کي سندن ڦل ڏنو ويندو، ۽ جيڪي ڌرتيءَ کي برباد ڪن ٿا، تن کي برباد ڪيو ويندو.“ پوءِ ايشور جي هيڪل جيڪا آڪاش ۾ آهي، سا کولي ويئي تہ هيڪل ۾ سندس ٻڌل وچن واري صندوق نظر آئي. تڏهن کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون، ڌرتيءَ تي زلزلو آيو ۽ وڏا وڏا ڳڙا پيا. پوءِ آڪاش ۾ هڪڙو وڏو عجيب نشان ڏسڻ ۾ آيو، يعني هڪ ناري نظر آئي، جنهن کي سج چادر جيان ويڙهيل هو، چنڊ انهيءَ جي پيرن هيٺان هو ۽ سندس مٿي تي ٻارهن تارن جو تاج پاتل هو. اها ناري پيٽ سان هئي ۽ ويم جي سورن جي ڪري ڏاڍيون رڙيون پئي ڪيائين. ان وقت آڪاش ۾ هڪڙو ٻيو نشان نظر آيو، يعني هڪڙو وڏو ڳاڙهو ازدها، جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا. سندس مٿن تي ست تاج هئا. انهيءَ پنهنجي پڇ سان آڪاش جي تارن جو ٽيون حصو ڇڪي ڌرتيءَ تي ڪيرائي وڌو. پوءِ ازدها ٻار ڄڻيندڙ انهيءَ ناريءَ جي اڳيان وڃي بيهي رهيو، تہ جيئن سندس ٻار کي پيدا ٿيندي ئي ڳڙڪائي ڇڏي. ناريءَ کي ٻار ڄائو، يعني اهو پٽ جيڪو لوهہ جي لٺ سان سڀني قومن تي حڪمراني ڪندو. انهيءَ ٻار کي بچائي هڪدم ايشور ۽ سندس تخت وٽ آندو ويو. جڏهن تہ ناري پاڻ بچائي بيابان ڏانهن هلي ويئي، جتي ايشور هن جي لاءِ هڪ جاءِ تيار ڪري ڇڏي هئي، تہ جيئن اُتي هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن تائين سندس سار سنڀال ٿي سگھي. انهيءَ دوران آڪاش ۾ جنگ لڳي. ميڪائيل ۽ سندس دوت انهيءَ ازدها سان وڙهڻ لاءِ نڪتا. ازدها ۽ سندس دوت بہ انهن سان وڙهيا، پر کين شڪست آئي. تنهنڪري آڪاش ۾ انهن جي ڪابہ جاءِ نہ رهي. اهو وڏو ازدها يعني قديم نانگ، جيڪو تهمت هڻندڙ يا شيطان بہ سڏبو آهي ۽ جيڪو سڄي سنسار کي ڀَٽڪائي ٿو، تنهن کي آڪاش مان ڪڍي سندس دوتن سميت ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو. پوءِ مون آڪاش ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جنهن چيو تہ ”هاڻي اسان جي ايشور جي مڪتي، شڪتي ۽ راڄ ۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان جي ڀائرن ڀينرن تي تهمت هڻڻ وارو، جيڪو رات ڏينهن اسان جي ايشور جي اڳيان مٿن تهمت هڻندو ٿي رهيو، سو هيٺ اڇلايو ويو آهي. اسان جا ڀائر ڀينر گھيٽڙي جي رت جي وسيلي ۽ پنهنجي شاهديءَ جي ڪري مٿس حاوي پيا. هنن مرڻ گھڙيءَ تائين پنهنجو ساهہ پيارو نہ ڪيو. تنهنڪري اي آڪاشؤ ۽ آڪاشن جا رهاڪؤ! اوهين خوشيون ڪريو. پر اي ڌرتي ۽ سمنڊ! اوهان لاءِ مصيبت آهي، ڇاڪاڻ تہ شيطان اوهان تي اچي پيو آهي. هو ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ آهي ڇو جو هو ڄاڻي ٿو تہ سندس وقت باقي ٿورو وڃي بچيو آهي.“ سو جڏهن انهيءَ ازدها ڏٺو تہ کيس ڌرتيءَ تي ڪيرايو ويو آهي، تڏهن هو انهيءَ ناريءَ کي ستائڻ لاءِ سندس پٺيان لڳو جنهن کي پٽ ڄائو هو. پر ناريءَ کي وڏي عقاب جي پرن جهڙا ٻہ پر ڏنا ويا، تہ جيئن هوءَ اڏامي بيابان ۾ انهيءَ جاءِ تي پهچي وڃي، جيڪا هن لاءِ تيار ڪئي ويئي هئي. اتي انهن ساڍن ٽن سالن تائين انهيءَ ازدها کان محفوظ رکندي سندس سار سنڀال ٿيڻي هئي. پوءِ ازدها انهيءَ ناريءَ جي پٺيان پنهنجي وات مان درياءَ وانگر پاڻي وهايو تہ جيئن کيس وهڪري ۾ وهائي ڇڏي. پر ڌرتيءَ انهيءَ ناريءَ جي مدد ڪئي ۽ پنهنجو وات کولي انهيءَ پاڻيءَ کي پي ويئي، جيڪو ازدها پنهنجي وات مان وهايو هو. ازدها کي ناريءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. تنهنڪري هو ناريءَ جي باقي اولاد، يعني جيڪي ايشور جي حڪمن تي هلن ٿا ۽ يسوع بابت شاهديءَ تي قائم آهن، تن سان جنگ ڪرڻ لاءِ هليو ويو ۽ سمنڊ جي ڪناري تي وڃي بيٺو. پوءِ مون هڪڙي حيوان کي سمنڊ مان نڪرندي ڏٺو، جنهن کي ڏهہ سڱ ۽ ست مٿا هئا. سندس هر سڱ تي هڪ تاج هو ۽ سندس هر مٿي تي ايشور نندا جو هڪ نالو لکيل هو. مون جيڪو حيوان ڏٺو سو چيتي جهڙو هو، پر سندس پير رڇ جهڙا هئا ۽ وات شينهن جي وات جهڙو هئس. ازدها انهيءَ حيوان کي پنهنجي طاقت، پنهنجو تخت ۽ وڏو اختيار ڏنو. مون ڏٺو تہ هن جي هڪڙي مٿي تي ڄڻ تہ موتمار ڌڪ لڳل هو، پر اهو زخم ڇٽي ويو هو. ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو حيران ٿي ويا ۽ انهيءَ حيوان جا پوئلڳ بڻجي ويا. ماڻهن ازدها اڳيان سيس نوايو، ڇاڪاڻ تہ هن انهيءَ حيوان کي پنهنجو اختيار ڏنو هو. هنن حيوان اڳيان بہ سيس نوايو ۽ چيائون تہ ”هن حيوان جهڙو ڪير آهي ۽ ڪير هن سان وڙهي ٿو سگھي؟“ انهيءَ حيوان کي ايشور نندا جون وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ ڏنيون ويون. هن کي ٻائيتاليهن مهينن تائين پنهنجو ڪم جاري رکڻ جو اختيار ڏنو ويو. سو هن پنهنجو وات کوليو ۽ ايشور جي خلاف نندا ڪرڻ لڳو. هائو، هو ايشور جي نالي ۽ سندس تخت جي خلاف ۽ اتي رهڻ وارن جي خلاف نندا ڪندو رهيو. انهيءَ کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن سان جنگ ڪري کين شڪست ڏئي. هن کي سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين تي حڪمرانيءَ جو اختيار ڏنو ويو. ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو انهيءَ حيوان اڳيان سيس نوائيندا، سواءِ انهن جي جن جا نالا سنسار جي شروعات کان وٺي جيون شاستر ۾ لکيل آهن، جيڪو ڪُٺل گھيٽڙي جو آهي. جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي تہ جيڪڏهن ڪو قيد ٿيڻو آهي تہ اهو قيد ۾ ويندو ۽ جيڪڏهن ڪو تلوار سان قتل ٿيڻو آهي تہ اهو تلوار سان قتل ڪيو ويندو. مطلب تہ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ثابت قدم ۽ وشواس ۾ مضبوط رهن. پوءِ مون هڪڙي ٻئي حيوان کي ڌرتيءَ مان نڪرندي ڏٺو، جنهن کي گھيٽڙي وانگر ٻہ سڱ هئا، پر هن ازدها وانگر ٿي ڳالهايو. انهيءَ حيوان پهرئين حيوان جي روبرو سندس سڄو اختيار ٿي هلايو. هن ڌرتيءَ ۽ ان جي رهاڪن کان انهيءَ پهرئين حيوان اڳيان سيس ٿي نورايو، جنهن جو موتمار زخم ڇٽي ويو هو. هُن وڏا چمتڪار ٿي ڏيکاريا، ايتري تائين جو ماڻهن جي سامهون آڪاش مان ڌرتيءَ تي باهہ ٿي وسايائين. اُن حيوان کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ پهرئين حيوان جي روبرو ڌرتيءَ جي رهاڪن کي ڀَٽڪائڻ لاءِ چمتڪار ڏيکاري. انهن چمتڪارن جي ڪري هو ڀَٽڪي رهيا هئا. هُن کين چيو تہ انهيءَ حيوان جو بت بڻايو جنهن کي تلوار سان زخمي ڪري ماريو ويو، جيڪو پوءِ جيوت ٿي پيو هو. انهيءَ ٻئي حيوان کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ پهرئين حيوان جي بت ۾ آتما ڦوڪي، تہ جيئن اهو بت ڳالهائي ۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ اڳيان سيس نہ نوائين تن کي مارائي ڇڏي. انهيءَ ٻئي حيوان وڏن توڙي ننڍن، دولتمندن توڙي غريبن، آزادن توڙي غلامن سڀني کي سندن ساڄي هٿ يا پيشانيءَ تي هڪڙو نشان هڻائي ڇڏيو. ڪوبہ شخص نہ ڪا شيءِ خريد ڪري ٿي سگھيو ۽ نہ وڪڻي ٿي سگھيو، جيستائين ان تي اهو نشان نہ هجي، يعني انهيءَ حيوان جو نالو يا سندس نالي جو عدد. انهيءَ ڳالهہ کي سمجھڻ لاءِ وڏي ڏاهپ جي ضرورت آهي. جنهن کي سمجھہ آهي سو انهيءَ حيوان جي نالي جو عدد ڳڻي، ڇاڪاڻ تہ اهو ڪنهن ماڻهوءَ جو عدد آهي ۽ اهو عدد ڇهہ سؤ ڇاهٺ آهي. پوءِ مون نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ گھيٽڙو صيئون جبل تي بيٺو آهي! ساڻس گڏ هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهو آهن، جن جي پيشانين تي هن جو ۽ سندس پتا جو نالو لکيل آهي. ان وقت مون آڪاش ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جيڪو زور سان وهندڙ پاڻيءَ ۽ گجندڙ ڪڪرن جي آواز جهڙو هو. اهو آواز اهڙو بہ هو جو ڄڻ تہ ستارَ وارن ستارَ پئي وڄايا. اهو آواز انهن هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهن جو هو، جيڪي تخت توڙي چئني ساهوارن ۽ مهاتمائن جي اڳيان بيهي هڪ نئون ڀڄن ڳائي رهيا هئا. گھيٽڙي مُلهہ ڏيئي انهن ماڻهن کي سنسار مان خريد ڪيو هو ۽ رڳو اهي ئي اهو ڀڄن سکي ٿي سگھيا. اهي ڪنوارن جيان پاڻ کي پوِتر رکندي گھيٽڙي جي ئي پٺيان هلن پيا. جيڏانهن هو وڃي ٿو، اوڏانهن اهي بہ وڃن ٿا. انهن کي گھيٽڙي مُلهہ ڏيئي انسانن مان خريد ڪيو آهي، تہ جيئن ايشور ۽ گھيٽڙي جو پهريون ڦل ٿين. انهن جي واتان ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ نڪتو. اهي بي‌عيب آهن. تنهن کان پوءِ مون هڪڙو دوت مٿي اڏامندي ڏٺو، جنهن وٽ ڌرتيءَ جي رهاڪن يعني سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين کي ٻڌائڻ لاءِ هميشہ واري خوشخبري هئي. هُن وڏي آواز سان چيو تہ ”ايشور جو خوف رکندي سندس مهانتا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سندس عدالت جو وقت اچي پهتو آهي. انهيءَ جي ڀڳتي ڪريو، جنهن آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ پاڻيءَ جا چشما پيدا ڪيا آهن.“ هن جي پٺيان هڪڙو ٻيو دوت آيو ۽ چيائين تہ ”ڪِري پيو، اهو وڏو شهر بابل ڪِري پيو، جنهن سڀني قومن کي پنهنجي زناڪاريءَ جي مئي پيئاري، جنهن جي ڪري انهيءَ شهر تي ايشور جو ڏمر پرگھٽ ٿي رهيو آهي.“ انهن ٻنهي دوتن جي پٺيان هڪڙو ٽيون دوت آيو ۽ وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”جيڪي ماڻهو انهيءَ حيوان ۽ سندس بت اڳيان سيس نوائين ٿا ۽ پنهنجي پيشانيءَ يا هٿ تي سندس نشان هڻائين ٿا، تن کي ايشور جي ڏمر جي مئي مان پيئڻو پوندو، يعني اها مئي جيڪا هن پنهنجي ڏمر جي پيالي ۾ بنا ڪنهن ملاوٽ جي وڌي آهي. انهن سڀني کي پوِتر دوتن ۽ گھيٽڙي جي اڳيان باهہ ۽ گندرف جو ايذاءُ ڏنو ويندو. انهن جي ايذاءَ جو دونهون سدائين پيو نڪرندو رهندو. هائو، اهي ماڻهو جيڪي انهيءَ حيوان ۽ سندس بت اڳيان سيس نوائين ٿا ۽ سندس نالي جو نشان هڻائين ٿا، تن کي رات ڏينهن ڪڏهن آرام نہ ملندو.“ مطلب تہ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ثابت قدم رهن، جيڪي ايشور جي حڪمن تي ٿا هلن ۽ يسوع تي وشواس ٿا رکن. پوءِ مون آڪاش ۾ هڪڙو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”اهو لک تہ ’سڀاڳا آهن اهي، جيڪي اڄ کان وٺي پرڀو يسوع جا ٿي ٿا مرن.‘“ پوِتر آتما چوي ٿي تہ ”هائو، اهي پنهنجي پورهين کان واندا ٿي آرام ڪندا، ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجي ڪمن جو نتيجو پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.“ پوءِ مون نهاريو تہ هڪ اڇو ڪڪر آهي ۽ ڇا ڏسان تہ انهيءَ ڪڪر تي انساني شڪل جهڙو هڪڙو شخص ويٺل آهي! هن جي مٿي تي سونو تاج هو ۽ هٿ ۾ هڪڙو تکو ڏاٽو هئس. ايتري ۾ هڪڙو دوت آڪاشي هيڪل مان نڪري آيو ۽ ڪڪر تي ويٺل انهيءَ شخص کي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”پنهنجو ڏاٽو هلائي لابارو ڪر، ڇاڪاڻ تہ ڌرتيءَ جو فصل پچي راس ٿي ويو آهي ۽ لاباري جو وقت اچي ويو آهي.“ تنهن تي ڪڪر تي ويٺل انهيءَ شخص پنهنجو ڏاٽو ڌرتيءَ تي ڦيرايو تہ فصل لڻجي ويو. ان کان پوءِ هڪڙو ٻيو دوت آڪاشي هيڪل مان نڪتو، جنهن جي هٿ ۾ بہ تکو ڏاٽو هو. پوءِ هڪڙو ٽيون دوت بہ آيو جيڪو ٻليدان واري جاءِ مان نڪتو، جنهن کي باهہ تي اختيار هو. هن تکي ڏاٽي واري دوت کي وڏي آواز سان چيو تہ ”پنهنجو تکو ڏاٽو هلاءِ ۽ ڌرتيءَ جي انگورن واري ول جا ڇڳا وڍي گڏ ڪر، ڇاڪاڻ تہ انگور پچي بلڪل راس ٿي ويا آهن.“ انهيءَ دوت پنهنجو ڏاٽو هلايو ۽ ڌرتيءَ جي انگورن واري ول جا ڇڳا وڍي گڏ ڪري رس ڪڍڻ واري انهيءَ وڏي حوض ۾ اڇلايا، جيڪو ايشور جي ڏمر جو حوض آهي. شهر کان ٻاهر انهيءَ حوض ۾ انگور پيڙيا ويا تہ انهن مان رت نڪتو، جيڪو ايترو تہ هو جو گھوڙن جي لغامن تائين اچي پهتو ۽ ٽي سؤ ڪلوميٽرن تائين وهي هليو. پوءِ مون آڪاش ۾ هڪڙو ٻيو وڏو عجيب نشان ڏٺو، يعني ست دوت جن وٽ ست آفتون هيون. اهي آفتون آخري آهن، ڇاڪاڻ تہ انهن تي ايشور جو ڏمر پورو ٿئي ٿو. مون شيشي جهڙو هڪڙو سمنڊ ڏٺو، جنهن ۾ باهہ گڏيل هئي ۽ جيڪي انهيءَ حيوان توڙي سندس بت ۽ نالي جي عدد وارين آزمائشن تي حاوي پيا هئا، سي ايشور جا ڏنل ستارَ وارا ساز کنيو انهيءَ شيشي جي سمنڊ وٽ بيٺا هئا. اهي ايشور جي داس موسيٰ جو راڳ ڳائين پيا ۽ گھيٽڙي جو راڳ ڳائيندي چون پيا تہ ”اي پرڀو، سروِشڪتيوان ايشور! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ وڏا ۽ عجيب آهن! هائو، اي قومن جا راجا! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ انصاف وارا ۽ سچا آهن! اي پرڀو! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟ تنهنجي نالي جي مهانتا ڪير نہ ڪندو؟ ڇاڪاڻ تہ رڳو تون ئي پوِتر آهين. سڀيئي قومون اچي تنهنجي اڳيان سيس نوائينديون، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي انصاف جا ڪم ظاهر ٿيا آهن.“ انهن ڳالهين کان پوءِ مون آڪاش ۾ ڏٺو تہ هيڪل يعني ايشور سان ملاقات واري جاءِ کُليل نظر آئي. انهيءَ مان اهي ست دوت نڪتا، جن وٽ ست آفتون هيون. انهن کي صاف سٿريون ۽ چمڪندڙ پوشاڪون پهريل هيون ۽ سندن ڇاتين تي سونهري رنگ جا سينابند ٻڌل هئا. پوءِ انهن چئن ساهوارن مان هڪڙي انهن ستن دوتن کي ست سونا پيالا ڏنا، جيڪي هميشہ هميشہ تائين جيوت رهندڙ ايشور جي ڏمر سان ڀريل هئا. هيڪل ايشور جي تيج ۽ سندس شڪتيءَ جي دونهين سان ڀرجي ويئي ۽ جيستائين انهن ستن دوتن جون ست آفتون پوريون نہ ٿيون، تيستائين ڪوبہ هيڪل ۾ گھڙي نہ سگھيو. پوءِ مون هيڪل مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جيڪو انهن ستن دوتن کي چئي رهيو هو تہ ”وڃو ۽ ايشور جي ڏمر جا ست ئي پيالا ڌرتيءَ تي هاري ڇڏيو.“ پهرئين دوت وڃي پنهنجو پيالو ڌرتيءَ تي هاريو تہ جن ماڻهن تي انهيءَ حيوان جو نشان هو ۽ جيڪي سندس بت اڳيان سيس نوائيندا هئا، تن کي گندا ۽ ناسوري ڦٽ ٿي پيا. ٻئي دوت پنهنجو پيالو سمنڊ تي هاريو تہ انهيءَ جو پاڻي مئل ماڻهوءَ جي رت جهڙو ٿي پيو ۽ سمنڊ جا سڀيئي ساهوارا مري ويا. جڏهن ٽئين دوت پنهنجو پيالو دريائن ۽ پاڻيءَ جي چشمن تي هاريو تہ انهن جو پاڻي بہ رت ٿي پيو. ان وقت مون پاڻيءَ تي مقرر ڪيل دوت کي هي چوندي ٻڌو تہ ”اي پوِتر هستي! تون جيڪو آهين ۽ جيڪو هئين، تون انصاف وارو آهين ۽ تو ئي اهڙو انصاف ڪيو، ڇاڪاڻ تہ جن ماڻهن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن ۽ ايشور جو سنديش ڏيندڙن جو رت وهايو آهي، تن کي تو رت پيئڻ لاءِ ڏنو. اهي انهيءَ جي ئي لائق آهن.“ ايتري ۾ مون ٻليدان واري جاءِ مان هي آواز ٻڌو تہ ”هائو، اي پرڀو، سروِشڪتيوان ايشور! بيشڪ تنهنجا فيصلا سچا ۽ انصاف وارا آهن.“ چوٿين دوت پنهنجو پيالو سج تي هاريو تہ سج کي اختيار ڏنو ويو تہ ماڻهن کي باهہ سان ساڙي. سخت تپش جي ڪري ماڻهو ڏاڍا سڙي پيا. تنهن هوندي بہ انهن توبهہ نہ ڪئي جو ايشور، جيڪو انهن آفتن تي اختيار رکي ٿو، تنهن ڏانهن ڦري سندس مهانتا ڪن. اٽلندو هو سندس نندا ڪرڻ لڳا. پنجين دوت پنهنجو پيالو انهيءَ حيوان جي تخت تي هاريو تہ انهيءَ جي راڄ ۾ اوندهہ ٿي ويئي. ماڻهو سور سببان پنهنجيون زبانون چٻاڙيندا ۽ پنهنجي سورن ۽ ڦٽن جي ڪري آڪاش جي ايشور جي خلاف نندا ڪندا رهيا. پر پنهنجي ڪمن کان توبهہ نہ ڪيائون. جڏهن ڇهين دوت پنهنجو پيالو وڏي درياءَ فرات تي هاريو تہ ان جو پاڻي سڪي ويو. انهيءَ لاءِ تہ اهڙو رستو تيار ٿي وڃي جو اوڀر کان راجا پنهنجن لشڪرن سان ڪاهي اچن. ان وقت مون ٽي اپوِتر آتمائون ڏيڏرن جي شڪل ۾ ڏٺيون، جيڪي ازدها جي وات مان، پهرئين حيوان جي وات مان ۽ ڪوڙو سنديش ڏيندڙ ٻئي حيوان جي وات مان نڪتيون. اهي ڏيڏر ڀوتن جون آتمائون آهن، جيڪي پوري ڌرتيءَ جي راجائن وٽ وڃي چمتڪار ڏيکارين ٿيون، تہ جيئن سروِشڪتيوان ايشور جي مهان ڏينهن واري جنگ لاءِ کين گڏ ڪن. انهيءَ ڪري پرڀو يسوع فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ ائين پيو اچان، جيئن چور ايندو آهي. سڀاڳو آهي اهو جيڪو سجاڳ ٿو رهي ۽ پنهنجي پوشاڪ جي سنڀال ٿو ڪري، تہ جيئن اگھاڙو نہ ٿئي ۽ ماڻهو سندس اوگھڙ نہ ڏسن.“ پوءِ انهن اپوِتر آتمائن راجائن کي انهيءَ هنڌ آڻي گڏ ڪيو، جنهن کي عبراني ٻوليءَ ۾ هرمجدون ٿا چون. جڏهن ستين دوت پنهنجو پيالو هوا ۾ هاريو تہ هيڪل مان تخت واري پاسي کان هڪڙو وڏو آواز آيو، جنهن چيو تہ ”پورو ٿيو.“ انهيءَ تي کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون ۽ ڌرتيءَ تي وڏو زلزلو آيو. اهڙي قسم جو زلزلو انسان جي پيدا ٿيڻ کان وٺي ڌرتيءَ تي ڪڏهن بہ ڪونہ آيو آهي. زلزلو ايڏو تہ سخت هو جو وڏو شهر بابل ٽي ٽڪرا ٿي پيو ۽ سنسار جا ٻيا شهر بہ ڪري پيا. ائين ايشور اُن وڏي شهر بابل جي بڇڙائي ياد ڪري کيس پنهنجي وڏي ڏمر جي مئي جو پيالو پيئاريو. سڀيئي ٻيٽ غائب ٿي ويا ۽ جبلن جو نالو نشان بہ ڪونہ رهيو. ماڻهن تي آڪاش مان وڏا وڏا ڳڙا وسيا، جن مان هر هڪ جو وزن اٽڪل چاليهہ ڪلوگرام هو. انهن ڳڙن جي آفت جي ڪري ماڻهو ايشور جي خلاف نندا ڪرڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ اها آفت ڏاڍي سخت هئي. پوءِ انهن ستن دوتن مان جن وٽ ست پيالا هئا، هڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”هيڏانهن اچ تہ تو کي ڏيکاريان تہ انهيءَ مشهور وئشيا کي ڪهڙي سزا ڏني ويندي، يعني انهيءَ وڏي شهر کي جيڪو گھڻن دريائن جي ڀرسان اڏيل آهي. انهيءَ سان ڌرتيءَ جي راجائن زناڪاري ڪئي ۽ ڌرتيءَ جا رهاڪو هن جي زناڪاريءَ جي مئي مان پي ڪري الوٽ ٿي پيا هئا.“ پوءِ اهو دوت مون کي پوِتر آتما جي ضابطي واري حالت ۾ بيابان ڏانهن وٺي ويو. اُتي مون هڪڙي ناري ڏٺي، جيڪا لال ڳاڙهي رنگ جي حيوان تي ويٺي هئي. انهيءَ حيوان کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا ۽ سڄو شرير ايشور نندا جي نالن سان ڀريو پيو هئس. انهيءَ ناريءَ کي واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي پوشاڪ پهريل هئي ۽ سون، هيرن جواهرن ۽ موتين سان سينگاريل هئي. انهيءَ کي هٿ ۾ هڪڙو سونو پيالو هو، جيڪو سندس زناڪاريءَ جي گندگيءَ ۽ ڪراهت وارين شين سان ڀريل هو. انهيءَ ناريءَ جي پيشانيءَ تي هيءَ سڃاڻپ لکيل هئي، ”وڏو شهر بابل، وئشيائن ۽ ڌرتيءَ جي ڪراهت وارين شين جي ماتا،“ جنهن جي هڪ ڳجھي معنيٰ آهي. مون انهيءَ ناريءَ کي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جو رت پيئڻ سان الوٽ ڏٺو، جن کي يسوع بابت شاهدي ڏيڻ سبب قتل ڪيو ويو هو. آءٌ انهيءَ ناريءَ کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿي ويس. تنهن تي انهيءَ دوت مون کي چيو تہ ”تون حيران ڇو ٿيو آهين؟ آءٌ تو کي انهيءَ ناريءَ ۽ انهيءَ ستن مٿن ۽ ڏهن سڱن واري حيوان جنهن تي هوءَ سوار آهي، تن ٻنهي جو ڀيد بيان ڪري ٻڌائيندس. اهو حيوان جيڪو تو ڏٺو، سو اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي. پر اوڙاهہ مان نڪري اچڻ تي آهي ۽ پوءِ برباد ڪيو ويندو. ڌرتيءَ جا اهي رهاڪو جن جا نالا سنسار جي شروعات کان وٺي جيون شاستر ۾ لکيل نہ آهن، سي انهيءَ حيوان جو وري ظاهر ٿيڻ ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا، ڇاڪاڻ تہ اهو حيوان اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي. انهيءَ ڀيد کي سمجھڻ لاءِ ڏاهپ گھرجي. اهي ست مٿا ست جبل آهن، جن تي اها ناري ويٺي آهي. اهي ست راجا بہ آهن. انهن مان پنج ڪري پيا آهن، هڪڙو موجود آهي ۽ ٻيو اڃا آيو ئي ڪونهي ۽ جڏهن اهو ايندو تہ کيس رڳو ٿوري وقت تائين راجا رهڻو آهي. جيڪو حيوان اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي، سو اٺون راجا آهي ۽ انهن ستن مان ئي هڪ آهي. هو پڻ برباد ڪيو ويندو. جيڪي ڏهہ سڱ تو ڏٺا سي اهي ڏهہ راجا آهن، جن کي اڃا تائين راڄ‌ڀاڳ ڪونہ مليو آهي. پر انهيءَ حيوان سان گڏ کين هڪڙي ڪلاڪ لاءِ راجائن جهڙو اختيار ملندو. انهن ڏهن ئي جي هڪڙي راءِ هوندي ۽ اهي پنهنجي طاقت ۽ اختيار انهيءَ حيوان کي ڏيئي ڇڏيندا. اهي گھيٽڙي سان جنگ ڪندا، پر گھيٽڙو مٿن حاوي پوندو، ڇاڪاڻ تہ هو پرڀوئن جو پرڀو ۽ راجائن جو راجا آهي. هن جا وفادار جن کي هن سڏي چونڊيو آهي، سي ساڻس گڏ هوندا.“ پوءِ دوت مون کي چيو تہ ”جن دريائن جي ڀرسان تو وئشيا کي ويٺل ڏٺو، سي قومون، قبيلا، ٻولين وارا ۽ ذاتيون آهن. جيڪو حيوان ۽ سندس ڏهہ سڱ تو ڏٺا، سي انهيءَ وئشيا کان نفرت ڪندا. اهي کيس لُٽي ڦري اگھاڙو ڪري ڇڏيندا، سندس گوشت کائي ويندا ۽ کيس باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندا. انهيءَ لاءِ جو ايشور انهن جي دلين ۾ اها ڳالهہ وجھي ڇڏي آهي تہ اهي ڏهہ راجا سندس مقصد پورو ڪن ۽ هڪ راءِ ٿي انهيءَ وقت تائين راڄ‌ڀاڳ ڪرڻ جو پنهنجو اختيار انهيءَ حيوان جي حوالي ڪن، جيستائين ايشور جون ڳالهيون پوريون ٿين. اها ناري جيڪا تو ڏٺي سا اهو وڏو شهر آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي راجائن تي حڪمراني ٿو ڪري.“ ان کان پوءِ مون هڪڙو ٻيو دوت آڪاش مان لهندي ڏٺو، جنهن کي وڏو اختيار مليل هو. هن جي جوت جي ڪري ڌرتي روشن ٿي ويئي. هن وڏي آواز سان چيو تہ ”ڪري پيو، وڏو شهر بابل ڪري پيو. اهو برين آتمائن جو گھر بڻجي ويو. هائو، اهو هر اپوِتر آتما جو اڏو، بلڪ هر ڪنهن اپوِتر ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ هن جي زناڪاريءَ جي مئي سڀني قومن پيتي آهي، جنهن جي ڪري ايشور جو ڏمر پرگھٽ ٿي رهيو آهي. هائو، ڌرتيءَ جي راجائن انهيءَ سان زناڪاري ڪئي آهي ۽ سنسار جا سوداگر انهيءَ جي عيش عشرت جي گھڻائيءَ جي ڪري دولتمند ٿي پيا آهن.“ پوءِ مون آڪاش ۾ هڪڙو ٻيو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! بابل مان نڪري اچو، تہ جيئن انهيءَ جي پاپن ۾ شريڪ نہ ٿيو. متان هن جي آفتن مان ڪا اوهان تي اچي نہ پوي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جا پاپ ايشور جي تخت تائين اچي پهتا آهن، ۽ ايشور کي هن جون بدڪاريون ياد آهن. اي بدلو وٺڻ وارؤ! جهڙو سلوڪ بابل ٻين سان ڪيو، تهڙو اوهين بہ هن سان ڪريو. جيڪا بڇڙائي هن ڪئي آهي، تنهن جو کيس ٻيڻو بدلو ڏيو. هائو، جيڪو پيالو هن ٻين لاءِ تيار ڪيو آهي، تنهن پيالي کي ٻيڻو گھاٽو ڪري کيس ڏيو. جيتري قدر انهيءَ پاڻ کي شاندار ڪيو ۽ عيش عشرت ڪيائين، اوتري قدر اوهين کيس ايذاءَ ڏيو ۽ سوڳ ۾ وجھو، ڇاڪاڻ تہ بابل جي وسندي پنهنجيءَ دل ۾ چوي ٿي تہ ’آءٌ راڻيءَ جي حيثيت ۾ تخت تي ويٺي آهيان. آءٌ وڌوا نہ آهيان، ۽ ڪڏهن بہ سوڳ نہ ڪنديس.‘ انهيءَ ڪري مٿس هڪڙي ئي ڏينهن ۾ هي آفتون اينديون، يعني موت، سوڳ ۽ ڏڪار. اها وسندي باهہ ۾ ساڙي ناس ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ تہ هن جي عدالت ڪرڻ وارو، پرڀو پرميشور نهايت شڪتيوان آهي.“ ڌرتيءَ جي جن راجائن ساڻس زناڪاري پئي ڪئي ۽ عيش عشرت ڪندا ٿي رهيا، سي جڏهن هن جي سڙڻ جو دونهون ڏسندا تہ هن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا. اهي سندس ايذاءَ ڏسي ڊپ وچان پري بيهي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اي وڏا ۽ مضبوط شهر بابل! تو کي هڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ سزا ڏني ويئي آهي.“ سنسار جا سوداگر بہ هن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا، ڇاڪاڻ تہ ڪوبہ ماڻهو اهڙو نہ رهيو هوندو جيڪو سندن هي مال خريد ڪري، جهڙوڪ: سون، چاندي، هيرا جواهرات، موتي، سنهي وٽيل سڻيءَ جو ڪپڙو، ريشمي توڙي واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهو ڪپڙو، سڀ سرهيون ڪاٺيون، عاج توڙي تمام قيمتي ڪاٺ مان ۽ پتل، لوهہ ۽ سنگمرمر مان ٺهيل هر قسم جون شيون، دالچيني، ننڍا ڦوٽا، اگربتي، عطر، لوبان، مئي، زيتون جو تيل، ميدو، ڪڻڪ، ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون، گھوڙا، گاڏيون، غلام ۽ وڪري لاءِ پڪڙيل انسان. اهي سوداگر بابل شهر کي چوندا تہ ”تنهنجا دل پسند ميوا تو وٽان هليا ويا ۽ سموريون لذيذ ۽ عيش عشرت واريون شيون جيڪي تو وٽ هيون، سي بہ تو وٽان گم ٿي ويون ۽ وري ڪڏهن بہ هٿ ڪين اينديون.“ انهن شين جا سوداگر جيڪي کيس اهي شيون وڪڻڻ جي ڪري دولتمند ٿي ويا هئا، سي هن جا ايذاءَ ڏسي ڊپ وچان پري بيهي روئندي پٽيندي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اها وڏي وسندي جيڪا سنهي وٽيل سڻيءَ جو ڪپڙو، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي پوشاڪ پهريندي هئي ۽ سون، هيرا جواهرات ۽ موتين سان سينگاريل هوندي هئي، تنهن جي هڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ سڄي دولت برباد ٿي ويئي.“ سامونڊي جهازن جا ڪپتان، مسافر ۽ ملاح ۽ ٻيا جيڪي سمنڊ تي گذران ٿا ڪن، سي سڀيئي پري بيهي رهندا. اهي هن شهر جي سڙڻ جو دونهون ڏسي رڙيون ڪندي چوندا تہ ”ڇا ڪڏهن ڪو هن جهڙو وڏو شهر هو؟“ اهي پنهنجي مٿي ۾ خاڪ وجھي روئندي پٽيندي رڙيون ڪندي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اهو وڏو شهر جنهن جي دولت جي ڪري سمنڊ جا سڀيئي جهازن وارا دولتمند ٿي پيا، سو هڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ برباد ٿي ويو.“ مون هي بہ ٻڌو تہ ”اي آڪاش! انهيءَ شهر تي خوشيون ڪر، اي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلؤ! اي يسوع بابت خوشخبري ۽ ايشور جو سنديش ٻڌائيندڙؤ! اوهين انهيءَ شهر تي خوشيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ ايشور عدالت ڪري هن کان اوهان جو بدلو وٺي ٿو.“ پوءِ هڪڙي ٻلوان دوت جنڊ جيڏو هڪڙو وڏو پٿر کڻي سمنڊ ۾ اڇلائي چيو تہ ”وڏو شهر بابل بہ اهڙيءَ طرح زور سان ڪيرايو ويندو ۽ وري ان جو ڪو پتو ئي ڪونہ پوندو. اي وڏا شهر بابل! ستارَ، بانسري، توتاري توڙي ڳائڻ جو آواز وري تو ۾ ڪڏهن بہ ڪونہ ٻڌبو. ڪوبہ ڪاريگر، ڪهڙي بہ ڌنڌي وارو، وري تو ۾ ڪونہ لڀندو ۽ نہ وري ڪڏهن تو ۾ ڪنهن چڪيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. ڏيئي جو سوجھرو بہ وري تو ۾ ڪڏهن ڪونہ ٿيندو ۽ نہ وري ڪڏهن تو ۾ ڪنهن شاديءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. انهيءَ ڪري جو تنهنجا سوداگر ڌرتيءَ جا مالڪ بڻجي ويٺا آهن ۽ سڀ قومون تنهنجي جادوگريءَ سان ڀَٽڪي ويون آهن. ايشور جو سنديش ڏيندڙن توڙي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن، مطلب تہ جن کي بہ ڌرتيءَ تي ڪُٺو ويو آهي، تن سڀني جو رت تو ۾ ٿو ملي.“ انهن ڳالهين کان پوءِ مون آڪاش ۾ ڄڻ تہ هڪ وڏي ميڙ کي وڏي واڪي هي چوندي ٻڌو تہ ”پرڀو پرميشور جي مهما هجي! مڪتي، تيج ۽ شڪتي اسان جي ايشور جي آهي. بيشڪ هن جا فيصلا سچا ۽ صحيح آهن، ڇاڪاڻ تہ هن انهيءَ مشهور وئشيا جي عدالت ڪئي، جنهن پنهنجي زناڪاريءَ سان سنسار کي خراب ڪري ڇڏيو هو. ايشور هن کان پنهنجي داسن جي خون جو بدلو ورتو.“ انهيءَ وڏي ميڙ وري ٻيو دفعو چيو تہ ”پرڀو پرميشور جي مهما هجي! ڏسو، انهيءَ وڏي شهر بابل جو دونهون هميشہ هميشہ تائين پيو اٿندو رهندو.“ تنهن تي اهي چوويهہ مهاتما ۽ چارئي ساهوارا منهن ڀر ڪري تخت تي ويٺل ايشور آڏو سيس نوائيندي چوڻ لڳا تہ ”آمين، شل پرڀو پرميشور جي مهما هجي!“ ان وقت تخت جي پاسي کان هڪڙو آواز آيو تہ ”اي ايشور جا داسؤ، ننڍؤ توڙي وڏؤ! اوهين جيڪي سندس خوف ٿا رکو، سي سڀ اسان جي ايشور جي مهما ڪريو.“ پوءِ مون ڄڻ تہ هڪڙي وڏي ميڙ جو آواز وري ٻڌو، جيڪو زور سان وهندڙ پاڻيءَ ۽ گجندڙ ڪڪرن جي آواز جهڙو هو، جنهن چيو تہ ”پرڀو پرميشور جي مهما هجي! ڇاڪاڻ تہ پرڀو اسان جو ايشور جيڪو سروِشڪتيوان آهي، تنهن جو راڄ ڌرتيءَ تي قائم ٿي ويو آهي. اچو تہ اسين خوش ٿيون ۽ خوشيون ملهايون ۽ سندس مهانتا ظاهر ڪريون، ڇاڪاڻ تہ گھيٽڙي جي شاديءَ جو ڏينهن اچي پهتو آهي ۽ سندس ڪنوار بہ پاڻ کي تيار ڪيو آهي. هن کي سنهي وٽيل سڻيءَ جا صاف سٿرا ۽ چمڪندڙ ڪپڙا پائڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي. انهن عمدن ڪپڙن مان مراد مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي سچائيءَ وارا ڪم آهن.“ ان کان پوءِ دوت مون کي چيو تہ ”هي لکي ڇڏ تہ سڀاڳا آهن اهي، جن کي گھيٽڙي جي شاديءَ جي دعوت ملي آهي.“ هن هي بہ چيو تہ ”هي ايشور جا سچا لفظ آهن.“ تڏهن آءٌ هن جي اڳيان سيس نوائڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر هُن مون کي چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو ايشور آڏو ئي سيس نواءِ! آءٌ تہ تو وانگر ۽ تنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر سيوا ڪرڻ وارو آهيان جيڪي سڀ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ تي قائم آهيون، ڇاڪاڻ تہ يسوع بابت شاهدي ئي ايشور جي سنديش جو نچوڙ آهي.“ پوءِ مون کي آڪاش کُليل نظر آيو ۽ ڇا ڏسان تہ هڪ اڇو گھوڙو بيٺو آهي! انهيءَ تي جيڪو سوار هو سو وفادار ۽ سچار سڏيو ويندو آهي. هو سچائيءَ سان عدالت ۽ جنگ ڪري ٿو. هن جون اکيون ڄڻ تہ باهہ جا شعلا آهن ۽ سندس مٿي تي ڪيترائي تاج آهن. هن تي هڪڙو نالو لکيل آهي، جيڪو انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي. هن جي پوشاڪ رت سان ڀريل آهي ۽ سندس سڃاڻپ ”ايشور جو وچن“ آهي. آڪاش جا لشڪر سنهي وٽيل سڻيءَ جون اڇيون ۽ صاف سٿريون پوشاڪون پهري اڇن گھوڙن تي سوار سندس پٺيان پئي آيا. هن جي وات مان هڪڙي تکي تلوار ٿي نڪتي، تہ جيئن هو قومن کي ماري. هائو، هو پاڻ لوهہ جي لٺ سان مٿن حڪمراني ڪندو ۽ سروِشڪتيوان ايشور جي خوفناڪ ڏمر واري حوض ۾ انگورن وانگر کين لتاڙيندو. هن جي پوشاڪ تي ران وٽ سندس هي لقب لکيل آهي: ”راجائن جو راجا ۽ پرڀوئن جو پرڀو.“ ان وقت مون سج ۾ هڪڙو دوت بيٺل ڏٺو، جنهن مٿي اڏامندڙ سڀني پکين کي وڏي آواز سان سڏ ڪري چيو تہ ”اچو ۽ ايشور جي رسوئيءَ واري وڏي دعوت ۾ شريڪ ٿي ڪري راجائن، سپهہ‌سالارن، سپاهين، گھوڙن ۽ انهن جي سوارن جو ماس کائو. پوءِ اهي آزاد هجن توڙي غلام، ننڍا هجن توڙي وڏا، تن سڀني جو ماس کائو.“ پوءِ مون انهيءَ حيوان، ڌرتيءَ جي راجائن ۽ سندن لشڪرن کي ڏٺو، جيڪي انهيءَ اڇي گھوڙي جي سوار ۽ سندس لشڪر سان جنگ ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا. تڏهن انهيءَ پهرئين حيوان کي پڪڙيو ويو ۽ ڪوڙو سنديش ڏيندڙ انهيءَ ٻئي حيوان کي بہ ساڻس گڏ پڪڙيو ويو، جنهن پهرئين حيوان جي سامهون ماڻهن کي چمتڪار ڏيکاري ڀَٽڪائي ڇڏيو هو، تہ جيئن اهي پهرئين حيوان جو نشان هڻائين ۽ سندس بت جي پوجا ڪن. اهي ٻيئي حيوان گندرف سان ڀڙڪندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيوت ئي اڇلايا ويا. باقي ٻيا ماڻهو انهيءَ اڇي گھوڙي جي سوار جي تلوار، جيڪا سندس وات مان ٿي نڪتي تنهن سان ماريا ويا، جن جو ماس کائي سڀني پکين ڍءُ ڪيو. اُن کان پوءِ مون هڪڙي دوت کي آڪاش مان هيٺ لهندي ڏٺو، جنهن جي هٿ ۾ اوڙاهہ جي چاٻي ۽ هڪڙو وڏو زنجير هو. هُن انهيءَ ازدها، يعني قديمي نانگ جنهن کي تهمت هڻندڙ يا شيطان بہ سڏيو وڃي ٿو، تنهن کي پڪڙي هزار سالن لاءِ ٻڌي ڇڏيو. هن کيس انهيءَ اوڙاهہ ۾ اڇلائي تالو هڻي بند ڪري ڇڏيو ۽ تالي تي مُهر هڻي ڇڏيائين، تہ جيئن هزار سالن جي پوري ٿيڻ تائين قومن کي وري نہ ڀَٽڪائي. انهيءَ کان پوءِ ضروري آهي تہ کيس ٿوري وقت لاءِ ڇوڙيو وڃي. پوءِ مون تخت ڏٺا ۽ جيڪي انهن تي ويٺا هئا، تن کي عدالت ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. هي اهي ماڻهو هئا جن جون سسيون يسوع بابت شاهدي ڏيڻ ۽ ايشور جي سنديش ٻڌائڻ جي ڪري لاٿيون ويون هيون. هنن نہ انهيءَ حيوان ۽ سندس بت جي پوجا ڪئي، نڪي ان جو نشان پنهنجي پيشانيءَ ۽ هٿ تي هڻايو. اهي جيوت ٿي مسيح سان گڏ هزار سالن تائين راڄ ڪندا رهيا. اهو پهريون جيوت ٿي اٿڻ آهي. جيستائين هزار سال پورا نہ ٿيا، تيستائين ٻيا مئل جيوت نہ ٿيا. سڀاڳا ۽ پوِتر آهن اهي جيڪي انهيءَ پهرئين جيوت ٿي اٿڻ ۾ شريڪ ٿا ٿين. اهڙن ماڻهن تي ٻئي موت جو ڪوبہ اختيار نہ ٿو هلي. اهي ايشور ۽ مسيح جا ڪاهن هوندا ۽ ساڻس گڏ هزار سالن تائين راڄ ڪندا. جڏهن هزار سال پورا ٿيندا تہ شيطان کي قيد مان آزاد ڪيو ويندو. هو ٻاهر نڪري ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن جي قومن، يعني جوج ۽ ماجوج کي ڀڙڪائيندو ۽ کين جنگ جي لاءِ گڏ ڪندو. انهن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو آهي. مون ڏٺو تہ هو ڌرتيءَ تي چوڌاري پکڙجي ويا ۽ ايشور جي پياري شهر کي وڪوڙي ويا جتي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل سڀيئي گڏجي رهن ٿا. ان وقت آڪاش مان باهہ نڪتي ۽ وڪوڙڻ وارن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيائين. پوءِ شيطان جنهن کين دوکو ڏنو هو، سو باهہ ۽ گندرف جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو، جتي پهرئين حيوان ۽ ڪوڙو سنديش ڏيندڙ ٻئي حيوان کي اڇلايو ويو هو. اهي رات ڏينهن اتي هميشہ هميشہ تائين ايذاءَ پيا سهندا. پوءِ مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ۽ انهيءَ تي ويٺل هستيءَ کي ڏٺو. انهيءَ جي موجود هئڻ ڪري ڌرتي ۽ آڪاش گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا. مون سڀني مئلن، ننڍن توڙي وڏن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو. پوءِ هڪ شاستر، يعني جيون شاستر کوليو ويو. اُن سان گڏ ٻيا شاستر بہ کوليا ويا ۽ جهڙيءَ طرح انهن شاسترن ۾ لکيل هو، تهڙيءَ طرح مئلن جي عملن موجب سندن فيصلو ڪيو ويو. جيڪي بہ مئل ماڻهو سمنڊ ۾ هئا توڙي موت جي قبضي ۾ اچي مئلن جي سنسار ۾ هئا، سي سڀ حاضر ڪيا ويا ۽ هر هڪ جو فيصلو سندس عملن موجب ڪيو ويو. ان کان پوءِ موت ۽ مئلن جي سنسار کي ڀڙڪندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو. اها باهہ جي ڍنڍ ٻيو موت آهي. جنهن جو بہ نالو جيون شاستر ۾ لکيل نہ ڏٺو ويو، تنهن کي انهيءَ باهہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو. پوءِ مون هڪڙو نئون آڪاش ۽ هڪڙي نئين ڌرتي ڏٺي، ڇاڪاڻ تہ پهريون آڪاش ۽ پهرين ڌرتي ڪانہ رهي ۽ نہ وري ڪو سمنڊ هو. مون پوِتر شهر، يعني نئون يروشلم ايشور وٽان آڪاش مان هيٺ لهندي ڏٺو. اهو انهيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو هو، جيڪا پنهنجي گھوٽ لاءِ سينگاري ويندي آهي. مون تخت مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”ڏس، ايشور ماڻهن منجھہ موجود آهي. هو انهن سان گڏ رهندو ۽ اهي سندس پنهنجا هوندا. هائو، ايشور خود انهن سان گڏ رهندو ۽ هو ئي سندن ايشور هوندو. هو انهن جي اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو. ان کان پوءِ نہ موت رهندو، نڪو ماتم، نڪو روئڻ ۽ نہ وري ڪو سور رهندو، ڇاڪاڻ تہ اڳيون حالتون گذري ويون آهن.“ پوءِ تخت تي ويٺل هستيءَ مون کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ سڀني شين کي نئون ٿو ڪريان.“ هن هي بہ چيو تہ ”اهو لکي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ هي لفظ سچا ۽ ڀروسي جوڳا آهن.“ هن مون کي وڌيڪ چيو تہ ”اهي ڳالهيون پوريون ٿي چڪيون آهن. آءٌ اول ۽ آخر، شروعات ۽ پڇاڙي آهيان. جيڪو اڃايل آهي تنهن کي آءٌ امرت‌جل جي چشمي مان مفت پيئاريندس. جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو سو هنن شين جو حقدار ٿيندو. آءٌ انهيءَ جو ايشور هوندس ۽ هو منهنجو ٻار هوندو. پر جيڪي ڊڄڻا، وشواس کان ڦرندڙ، ڪراهت جهڙا، قاتل، زناڪار، جادوگر، بتن جا پوجاري ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جي جاءِ اها ڍنڍ هوندي، جيڪا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ڀڙڪي. اهو ئي ٻيو موت آهي.“ پوءِ اهي ست دوت جن جي ستن پيالن مان آخري ست آفتون نڪتيون هيون، تن مان هڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”هيڏانهن اچ تہ آءٌ تو کي ڪنوار ڏيکاريان، جيڪا گھيٽڙي جي پتني آهي.“ هو مون کي پوِتر آتما جي ضابطي واري حالت ۾ هڪڙي وڏي ۽ مٿاهين جبل تي وٺي ويو ۽ پوِتر شهر يروشلم ايشور وٽان آڪاش مان لهندو ڏيکاريائين. اُن ۾ ايشور جي جوت هئي ۽ اهو تمام قيمتي هيري جواهر وانگر چمڪي رهيو هو، ڄڻ تہ زبرجد ۽ اهڙو صاف هو جهڙو بلور. شهر جي وڏي ۽ مٿاهين ڪوٽ کي ٻارهن دروازا هئا، جن تي ٻارهن دوت بيٺا هئا. دروازن تي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا نالا لکيل هئا. ٽي دروازا اوڀر طرف هئا، ٽي دروازا اتر طرف، ٽي دروازا ڏکڻ طرف ۽ ٽي دروازا اولهہ طرف هئا. انهيءَ شهر جو ڪوٽ ٻارهن بنيادي پٿرن تي اڏيل هو ۽ هر هڪ پٿر تي گھيٽڙي جي ٻارهن سنتن مان هڪ هڪ جو نالو لکيل هو. جنهن دوت مون سان ڳالهايو ٿي، تنهن وٽ ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙي سوني لٺ هئي، جنهن سان هو شهر کي، اُن جي دروازن کي ۽ ڪوٽ کي ماپي سگھي. اهو شهر چوڪنڊو هو ۽ ان جي ڊيگھہ ۽ ويڪر هڪ جيتري هئي. هُن انهيءَ لٺ سان شهر جي ماپ ڪئي تہ اُن جي ڊيگھہ، ويڪر ۽ اوچائي هڪ جيتري ٻارهن ٻارهن هزار فرلانگ هئي. دوت شهر جي ڪوٽ جي ماپ انساني هٿ موجب ڪئي تہ اهو هڪ سؤ چوئيتاليهہ هٿ ٿُلهو هو. شهر جو ڪوٽ زبرجد جو ٺهيل هو ۽ شهر خالص سون جو ٺهيل هو ۽ شيشي جهڙو صاف ۽ شفاف هو. شهر جي ڪوٽ جا بنيادي پٿر هر قسم جي قيمتي ۽ رنگين هيرن سان سينگاريل هئا. پهريون بنيادي پٿر زبرجد جو هو، ٻيو نيلم جو، ٽيون شب‌چراغ جو، چوٿون زمرد جو، پنجون عقيق جو، ڇهون لعل جو، ستون سونهري پٿر جو، اٺون فيروزي جو، نائون پکراج جو، ڏهون لاجورد جو، يارهون سنبلي پٿر جو ۽ ٻارهون ياقوت جو هو. شهر جا ٻارهن ئي دروازا موتين جا هئا ۽ هر هڪ دروازو هڪ هڪ موتيءَ جو هو. شهر جي سڙڪ خالص سون جي هئي ۽ شيشي جهڙي صاف هئي. مون شهر ۾ ڪابہ هيڪل ڪانہ ڏٺي، ڇاڪاڻ تہ سروِشڪتيوان پرڀو پرميشور ۽ گھيٽڙو ئي ان جي هيڪل آهن. انهيءَ شهر کي روشنيءَ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ڪانہ هئي، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي جوت ان کي روشن ٿي ڪري ۽ گھيٽڙو ان جو ڏيئو آهي. انهيءَ جي روشنيءَ ۾ قومون گھمنديون ڦرنديون ۽ ڌرتيءَ جا راجا پنهنجي شان وَ شوڪت وارو سامان منجھس آڻيندا. شهر جا دروازا ڏينهن جو ڪڏهن بہ بند نہ ٿيندا ۽ رات تہ اتي ٿيندي ئي ڪانہ. ماڻهو قومن جي شان وَ شوڪت ۽ مان‌سمان وارو سامان انهيءَ ۾ آڻيندا. انهيءَ شهر ۾ ڪابہ اپوِتر شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جهڙو ڪم ڪندڙ هرگز داخل ٿي نہ سگھندو. رڳو اهي داخل ٿيندا، جن جا نالا جيون شاستر ۾ لکيل آهن، جيڪو گھيٽڙي جو آهي. پوءِ انهيءَ دوت مون کي امرت‌جل جو هڪڙو درياءُ ڏيکاريو، جيڪو بلور وانگر پئي چمڪيو ۽ ايشور ۽ گھيٽڙي جي تخت مان نڪري انهيءَ شهر جي سڙڪ جي وچ مان وهي رهيو هو. درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي جيون ڏيندڙ وڻ هو، جنهن سال ۾ ٻارهن قسمن جا ميوا ٿي ڏنا ۽ هر مهيني منجھس نوان ميوا ٿي لڳا. انهيءَ وڻ جي پنن مان سڀيئي قومون ڇٽي چڱيون ڀليون پئي ٿيون. انهيءَ شهر ۾ ايشور جي لعنت هيٺ ايندڙ ڪابہ شيءِ ڪونہ هوندي. اتي ايشور ۽ گھيٽڙي جو تخت هوندو ۽ ايشور جا داس ايشور جي ڀڳتي ڪندا. اهي هن جو منهن ڏسندا ۽ سندس نالو هنن جي پيشانيءَ تي لکيل هوندو. اتي وري ڪڏهن بہ رات نہ ٿيندي، تنهنڪري انهن کي ڏيئي يا سج جي روشنيءَ جي ضرورت نہ پوندي، ڇاڪاڻ تہ پرڀو پرميشور انهن کي روشن ڪندو ۽ اهي هميشہ هميشہ تائين راڄ ڪندا. پوءِ انهيءَ دوت مون کي چيو تہ ”هي ڳالهيون وشواس جوڳيون ۽ سچيون آهن.“ پرڀو پرميشور، جيڪو پنهنجي سنديش ڏيندڙن تي پنهنجي آتما پرگھٽ ڪري ٿو، تنهن پنهنجو دوت انهيءَ لاءِ موڪليو تہ پنهنجي داسن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آهن. جيئن پرڀو يسوع چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان.“ سڀاڳو آهي اهو جيڪو هن شاستر جي ڳالهين مطابق جيون گذاري ٿو. آءٌ يوحنا اهو آهيان جنهن اهي ڳالهيون ٻڌيون ۽ ڏٺيون. سو جڏهن مون ٻڌو ۽ ڏٺو تڏهن انهيءَ دوت جي پيرن تي ڪري سندس آڏو سيس نوائڻ لڳس، جنهن مون کي اهي ڳالهيون ڏيکاريون. پر هن چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو ايشور آڏو ئي سيس نواءِ! آءٌ تہ تو وانگر، ٻين سنديش ڏيندڙن وانگر ۽ هن شاستر جي ڳالهين تي عمل ڪرڻ وارن وانگر سيوا ڪرڻ وارو آهيان.“ پوءِ هن مون کي چيو تہ ”هن شاستر جي ڳالهين کي ڳجھو نہ رک، ڇاڪاڻ تہ وقت ويجھو آهي. جيڪو برائي ڪري ٿو سو ڀلي برائي پيو ڪري، جيڪو اپوِتر آهي سو ڀلي اپوِتر پيو رهي، جيڪو نيڪ آهي سو ڀلي نيڪي پيو ڪري ۽ جيڪو پوِتر آهي سو ڀلي پوِتر پيو رهي.“ جيئن پرڀو يسوع چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان ۽ منهنجو ڦل مون ساڻ آهي، تہ جيئن هر ڪنهن کي سندس عملن موجب بدلو ڏيان. آءٌ اول ۽ آخر، شروعات ۽ پڇاڙي آهيان. هائو، آءٌ ئي هميشہ کان هميشہ تائين آهيان.“ سڀاڳا آهن اهي جيڪي پنهنجا جبا ڌوئي صاف ٿا ڪن. اهي دروازن مان شهر ۾ داخل ٿي جيون ڏيندڙ وڻ جي ميوي کائڻ جا حقدار هوندا. پر ڪتا، يعني جادوگر، زناڪار، قاتل، بتن جا پوجاري، ڪوڙ کي پسند ڪندڙ ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ شهر کان ٻاهر هوندا. پرڀو يسوع چوي ٿو تہ ”مون يسوع پنهنجو دوت انهيءَ لاءِ موڪليو آهي تہ هو وشواسي منڊلين کي انهن ڳالهين جي شاهدي ڏئي. آءٌ راجا دائود جي پيڙهيءَ ۽ خاندان مان آهيان ۽ صبح جو چمڪندڙ تارو آهيان.“ پوِتر آتما ۽ گھيٽڙي جي ڪنوار ٻئي چون ٿيون تہ ”اي پرڀو يسوع! اچ.“ هر ٻڌڻ وارو بہ اهو ئي چوي تہ ”اچ.“ جيڪو اڃايل آهي سو ڀلي اچي ۽ جنهن جي مرضي هجي سو امرت‌جل مفت پيئي. آءٌ يوحنا هر انهيءَ کي جيڪو هن شاستر جون ڳالهيون ٻڌي ٿو، آگاهہ ٿو ڪريان تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو هنن ۾ ڪو واڌارو ڪندو تہ ايشور هن شاستر ۾ لکيل آفتون مٿس آڻيندو. جيڪڏهن ڪو هن شاستر جي ڳالهين مان ڪي گھٽائيندو تہ ايشور جيون ڏيندڙ وڻ ۽ پوِتر شهر مان، جن جي ڳالهہ هن شاستر ۾ ڪيل آهي، انهيءَ شخص جو حصو ڪڍي ڇڏيندو. جيڪو هنن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي، سو چوي ٿو تہ ”بيشڪ، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان.“ آمين. اي پرڀو يسوع! اچ. شل پرڀو يسوع جي ڪرپا سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن تي ٿيندي رهي. آمين.