﻿<?xml version="1.0" encoding="UTF-8"?>
<bible translation="Sindhi Bible" status="Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962." site="https://www.bible.com/bible/3316/GEN.1.SB62">
	<testament name="Old">
		<book number="1">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">خدا شروعات ۾ آسمان ۽ زمين کي پيدا ڪيو.</verse>
				<verse number="2">۽ زمين بي ترتيب ۽ ويران هئي؛ ۽ اونهائيءَ جي مٿان اوندهہ هئي: ۽ خدا جي روح پاڻيءَ جي مٿان آرو ڪيو.</verse>
				<verse number="3">۽ خدا چيو تہ سوجهرو ٿئي: ۽ سوجهرو ٿيو.</verse>
				<verse number="4">۽ خدا ڏٺو تہ سوجهرو چڱو آهي: ۽ خدا سوجهري کي اوندهہ کان ڌار ڪيو.</verse>
				<verse number="5">۽ خدا سوجهري کي ڏينهن سڏيو ۽ اوندهہ کي رات سڏيائين. سو سانجهي ۽ صبح ٿيو، ۽ پهريون ڏينهن ٿيو.</verse>
				<verse number="6">۽ خدا چيو تہ، پاڻين جي وچ ۾ خال ٿئي تہ پاڻي، پاڻين کان جدا ٿين.</verse>
				<verse number="7">سو خدا خال جوڙيو، ۽ خال جي هيٺان جيڪي پاڻي هئا تن کي انهن پاڻين کان جدا ڪيائين جيڪي خال جي مٿان هئا: ۽ ائين ئي ٿيو.</verse>
				<verse number="8">۽ خدا خال کي آسمان سڏيو. سو سانجهي ۽ صبح ٿيو، ۽ ٻيو ڏينهن ٿيو.</verse>
				<verse number="9">۽ خدا چيو تہ آسمان جي هيٺان جيڪي پاڻي آهن، سي سڀ هڪڙي هنڌ گڏ ٿين: تہ خشڪي ظاهر ٿئي: ۽ ائين ئي ٿيو.</verse>
				<verse number="10">۽ خدا خشڪيءَ کي زمين سڏيو؛ ۽ گڏ ٿيل پاڻين کي سمنڊ سڏيائين: ۽ خدا ڏٺو تہ چڱو آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ خدا چيو تہ زمين تي گاهہ، ٻج وارا ٻوٽا، ۽ ميويدار وڻ، جي پنهنجي پنهنجي جنس موجب ميويدار ۽ ٻج وارا آهن، سي سڀ زمين مان اُڀرن: ۽ ائين ئي ٿيو.</verse>
				<verse number="12">تڏهن زمين تي گاهہ، ۽ ٻوٽا جن ۾ سندن جنس موجب ٻج آهي ۽ ميويدار وڻ، جي پنهنجيءَ جنس موجب ٻج وارا آهن، سي زمين مان اُڀريا: ۽ خدا ڏٺو تہ چڱو آهي.</verse>
				<verse number="13">سو سانجهي ۽ صبح ٿيو، ۽ ٽيون ڏينهن ٿيو.</verse>
				<verse number="14">۽ خدا چيو تہ آسمان جي خال ۾ روشنايون ٿين تہ ڏينهن کي رات کان ڌار ڪن؛ ۽ اُهي نشانين، مندن، ڏينهن ۽ ورهين جي لاءِ ٿين:</verse>
				<verse number="15">۽ اهي آسمان جي خال ۾ سوجهري لاءِ ٿين: تہ زمين کي روشن ڪن: ۽ ائين ئي ٿيو.</verse>
				<verse number="16">سو خدا ٻہ وڏيون روشنيون جوڙيون: هڪڙي اڪبر، جا ڏينهن تي حڪومت هلائي، ٻي اصغر، جا رات تي حڪومت هلائي: ۽ تارا بہ جوڙيائين.</verse>
				<verse number="17">۽ خدا انهن کي آسمان جي خال ۾ رکيو، تہ زمين تي سوجهرو ڪن،</verse>
				<verse number="18">۽ ڏينهن تي ۽ رات تي حڪومت هلائين، ۽ سوجهري کي اوندهہ کان ڌار ڪن: ۽ خدا ڏٺو تہ چڱو آهي.</verse>
				<verse number="19">سو سانجهي ۽ صبح ٿيو، ۽ چوٿون ڏينهن ٿيو.</verse>
				<verse number="20">۽ خدا چيو تہ پاڻيءَ ۾ رهندڙ بيشمار ساهوارا پيدا ٿين، ۽ پکي زمين جي مٿان آسمان جي خال ۾ اُڏامن.</verse>
				<verse number="21">۽ خدا وڏا وڏا درياهي جانور ۽ سڀ ڪنهن قسم جا پاڻيءَ ۾ رهندڙ بيشمار ساهوارا، سندن جنس موجب، ۽ سڀ ڪنهن قسم جا پکي سندن جنس موجب پيدا ڪيا: ۽ خدا ڏٺو تہ چڱو آهي.</verse>
				<verse number="22">۽ خدا اُنهن کي برڪت ڏيئي، چيو تہ وڌو ۽ ويجهو ۽ سمنڊ جي پاڻين کي ڀرپور ڪريو، ۽ پکي زمين تي وڌن ويجهن.</verse>
				<verse number="23">سو سانجهي ۽ صبح ٿيو، ۽ پنجون ڏينهن ٿيو.</verse>
				<verse number="24">۽ خدا چيو تہ زمين مان سڀ ڪنهن قسم جا ساهوارا سندن جنس موجب پيدا ٿين، سڀيئي ڍور ۽ سرندڙ جيت، ۽ جهنگلي جانور سندن جنس موجب پيدا ٿين: ۽ ائين ئي ٿيو.</verse>
				<verse number="25">سو خدا جهنگلي جانورن کي ۽ سڀني ڍورن کي سندن جنس موجب، ۽ زمين تي سرندڙ جيتن کي سندن جنس موجب جوڙيو: ۽ خدا ڏٺو تہ چڱو آهي.</verse>
				<verse number="26">پوءِ خدا چيو، اسين انسان کي پنهنجيءَ صورت تي پاڻ جهڙو جوڙيون: تہ اُهي سمنڊ جي مڇين تي، هوا جي پکين تي، سڀني ڍورن تي، سڄيءَ زمين تي، ۽ سڀني سرندڙ جيتن تي حڪومت هلائين.</verse>
				<verse number="27">۽ خدا پنهنجيءَ صورت تي انسان کي پيدا ڪيو. خدا جي صورت تي کين پيدا ڪيائين؛ نر ۽ ناري بڻائي کين پيدا ڪيائين.</verse>
				<verse number="28">۽ خدا انهن کي برڪت ڏيئي چيو، تہ وڌو ۽ ويجهو، ۽ زمين کي ڀرپور ۽ تابع ڪريو؛ ۽ سمنڊ جي مڇين تي، هوا جي پکين تي ۽ سڀني جانورن تي حڪومت هلايو.</verse>
				<verse number="29">۽ خدا چيو تہ ڏسو، آءٌ زمين جي سڀ ڪا ٻج واري ڀاڄي، ۽ هرڪو وڻ جنهن ۾ سندس ٻج وارو ڦل آهي، سي سڀ اوهان کي ٿو ڏيان؛ اهي اوهان جي کاڌي لاءِ آهن:</verse>
				<verse number="30">۽ زمين جي سڀني جانورن، هوا جي سڀني پکين، ۽ سڀني سرندڙ جيتن، ۽ جن ۾ ساهہ آهي تن کي زمين جا ساوا ٻوٽا کائڻ لاءِ ٿو ڏيان: ۽ ائين ئي ٿيو.</verse>
				<verse number="31">۽ جيڪي خدا جوڙيو هو تنهن سڀ تي نظر ڪيائين، ۽ ڏٺائين تہ تمام چڱو آهي. سو سانجهي ۽ صبح ٿيو ۽ ڇهون ڏينهن ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">انهيءَ طرح آسمان ۽ زمين ۽ سندن سڄي لشڪر جي پيدائش جو ڪم پورو ٿيو.</verse>
				<verse number="2">۽ ستين ڏينهن خدا پنهنجو ڪم پورو ڪيو؛ ۽ جيڪو ڪم ڪيو هئائين تنهن کان ستين ڏينهن فارغ ٿيو.</verse>
				<verse number="3">۽ خدا ستين ڏينهن کي برڪت ڏني، ۽ انهيءَ کي پاڪ ٺهرايائين: ڇالاءِ جو انهيءَ ڏينهن خدا پيدا ڪرڻ ۽ جوڙڻ جي ڪم کان فارغ ٿيو.</verse>
				<verse number="4">هي آسمان ۽ زمين جي پيدائش جو بيان آهي، يعني جنهن ڏينهن خداوند خدا زمين ۽ آسمان جوڙيو.</verse>
				<verse number="5">اڃا تائين زمين تي ڪابہ نباتات ۽ جهنگ جا ٻوٽا ڪونہ اُڀريا هئا: ڇوتہ خداوند خدا زمين تي مينهن ڪونہ وسايو هو، ۽ نڪو انسان هو جو زمين تي پوک ڪري؛</verse>
				<verse number="6">پر زمين مان ڪوهيڙو نڪرندو هو، جنهن سان ساري زمين تي ريج ٿيندو هو.</verse>
				<verse number="7">۽ خداوند خدا زمين جي مٽيءَ مان هڪڙو ماڻهو جوڙيو، ۽ انهي جي ناسن ۾ زندگيءَ جو ساهہ ڦوڪيائين؛ تہ هو جيئرو انسان ٿي پيو.</verse>
				<verse number="8">۽ خداوند خدا اُڀرندي ڏانهن عدن ۾ هڪڙو باغ بنايو؛ ۽ انسان، جنهن کي هن جوڙيو هو، تنهن کي انهيءَ ۾ رکيائين.</verse>
				<verse number="9">۽ خداوند خدا زمين مان هر ڪنهن قسم جا وڻ اُڀاريا، جن جو ميوو ڏسڻ ۾ دلپسند ۽ کائڻ ۾ چڱو هو؛ ۽ باغ جي وچ ۾ زندگيءَ جو وڻ، ۽ نيڪيءَ ۽ بديءَ جي ٻوجهہ جو وڻ بہ اُڀاريائين.</verse>
				<verse number="10">۽ عدن مان هڪڙي ندي باغ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ نڪتي؛ ۽ اُتان چئن ڀاڱن ۾ ورهائجي ويئي.</verse>
				<verse number="11">پهرينءَ جو نالو فيسون آهي: جا حويلا جي ساري زمين کي گهيري ٿي، جتان سون نڪرندو آهي:</verse>
				<verse number="12">انهيءَ زمين جو سون چڱو آهي: ۽ اتي موتي ۽ عقيق بہ ٿئي ٿو.</verse>
				<verse number="13">ٻيءَ نديءَ جو نالو جيحون آهي؛ جا ڪوش جي ساريءَ زمين کي گهيري ٿي.</verse>
				<verse number="14">ٽين نديءَ جو نالو دجلہ آهي، جا اسور جي اُڀرندي ڏانهن ٿي وڃي. ۽ چوٿين نديءَ جو نالو فرات آهي.</verse>
				<verse number="15">۽ خداوند خدا آدم کي عدن جي باغ ۾ رکيو، انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ جي باغباني ڪري ۽ سنڀالي.</verse>
				<verse number="16">۽ خداوند خدا آدم کي حڪم ڏيئي چيو تہ تون باغ جي سڀ ڪنهن وڻ جو ڦل ڀلي کائيندو رهہ:</verse>
				<verse number="17">پر نيڪيءَ ۽ بديءَ جي ٻوجهہ واري وڻ جو ڦل متان کائين، ڇالاءِ تہ جنهن ڏينهن تون اُهو کائيندين، تنهن ڏينهن ضرور مرندين.</verse>
				<verse number="18">۽ خداوند خدا چيو تہ اهو چڱو نہ آهي تہ انسان اڪيلو رهي؛ آءٌ هن جي لاءِ هڪڙو سندس جهڙو مددگار جوڙيندس.</verse>
				<verse number="19">۽ خداوند خدا ميدان جا سڀئي جانور ۽ هوا جا سڀ پکي، مٽيءَ مان جوڙيا ۽ کين آدم وٽ آندائين تہ ڏسي تہ هو انهن جا ڪهڙا نالا ٿو رکي. ۽ آدم جنهن جانور کي جيڪي سڏيو، سو ئي هن جو نالو ٿيو.</verse>
				<verse number="20">سو آدم سڀني ڍورن، هوا جي پکين، ۽ جهنگلي جانورن جا نالا رکيا؛ پر آدم کي سندس جهڙو ڪوبہ مددگار ڪونہ مليو.</verse>
				<verse number="21">پوءِ خداوند خدا آدم تي گهري ننڊ موڪلي، ۽ هو سمهي پيو؛ ۽ هن سندس پاسرين مان هڪڙي پاسري ڪڍي ۽ انهيءَ جي جاءِ تي گوشت ڀريائين:</verse>
				<verse number="22">۽ خداوند خدا انهيءَ پاسريءَ مان، جا آدم مان ڪڍي هئائين، هڪڙي زال جوڙي ۽ انهيءَ کي آدم وٽ وٺي آيو.</verse>
				<verse number="23">تڏهن آدم چيو تہ هيءَ منهنجن هڏن مان هڏو ۽ ماس مان ماس آهي: تنهنڪري هيءَ ناري سڏبي، ڇالاءِ جو نر مان آهي.</verse>
				<verse number="24">انهيءَ ڪري مرد پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ کي ڇڏي پنهنجيءَ زال سان گڏجي رهندو ۽ اُهي هڪ بدن ٿيندا.</verse>
				<verse number="25">۽ آدم ۽ سندس زال ٻئي اُگهاڙا هئا، تڏهن بہ لڄارا ڪونہ ٿي ٿيا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">هاڻي خداوند خدا جيڪي جهنگ جا جانور جوڙيا هئا، تن ۾ نانگ سڀني کان وڌيڪ چالاڪ هو. هن زال کي چيو تہ ڇا اهو سچ آهي، تہ خدا چيو آهي تہ اوهين باغ جي ڪنهن بہ وڻ جو ميوو نہ کائجو؟</verse>
				<verse number="2">تڏهن زال نانگ کي چيو تہ باغ جي وڻن جو ميوو تہ اسين کائون ٿا.</verse>
				<verse number="3">پر جيڪو وڻ باغ جي وچ ۾ آهي، تنهن بابت خدا چيو آهي تہ انهيءَ جو ميوو اوهين نہ کائجو، ۽ نہ انهيءَ کي هٿ لائجو، متان اوهين مري وڃو.</verse>
				<verse number="4">تڏهن نانگ زال کي چيو تہ پڪ اوهين ڪين مرندا:</verse>
				<verse number="5">بلڪ خدا کي خبر آهي تہ جنهن ڏينهن اوهين اهو کائيندا، تنهن ڏينهن اوهانجيون اکيون پٽجي پونديون، ۽ اوهين خدا وانگر ٿيندا، ۽ نيڪيءَ ۽ بديءَ کي سمجهندا.</verse>
				<verse number="6">جڏهن زال ڏٺو تہ هن وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ چڱو، ڏسڻ ۾ سهڻو، ۽ سمجهہ ڏيڻ لاءِ سٺو آهي، تڏهن اهو ميوو ڇني پاڻ بہ کاڌائين، ۽ پنهنجي مڙس کي بہ ڏنائين، ۽ هن بہ کاڌو.</verse>
				<verse number="7">تڏهن ٻنهي جون اکيون پٽجي پيون ۽ سمجهڻ لڳا تہ اسين اُگهاڙا آهيون؛ ۽ انجير جا پن سبي پنهنجي لاءِ لانگوٽا جوڙيائون.</verse>
				<verse number="8">۽ ڏينهن ٺرئي جڏهن خداوند خدا باغ ۾ پئي گهميو، تڏهن هنن سندس آواز ٻڌو، ۽ آدم ۽ سندس زال خداوند جي حضوريءَ کان هٽي باغ جي وڻن ۾ وڃي لڪي ويٺا.</verse>
				<verse number="9">تڏهن خداوند آدم کي سڏي چيو تہ تون ڪٿي آهين؟</verse>
				<verse number="10">هن چيو تہ مون باغ ۾ تنهنجو آواز ٻڌو ۽ ڊڄي ويس، ڇو تہ آءٌ اُگهاڙو هوس؛ تنهنڪري پاڻ کي لڪايم.</verse>
				<verse number="11">هن چيس تہ توکي ڪنهن ٻڌايو تہ تون اُگهاڙو آهين؟ تو انهيءَ وڻ جو ميوو کاڌو ڇا، جنهن جي کائڻ کان مون توکي منع ڪئي هئي؟</verse>
				<verse number="12">تڏهن آدم چيو تہ هيءَ زال جا تو مون کي ڏني آهي، تنهن مون کي انهي وڻ جو ميوو ڏنو ۽ مون کاڌو.</verse>
				<verse number="13">تڏهن خداوند خدا زال کي چيو تہ تو هي ڇا ڪيو؟ زال چيو تہ، نانگ مون کي ڀنڀلايو ۽ مون کاڌو.</verse>
				<verse number="14">تڏهن خداوند خدا نانگ کي چيو تہ جيئن تہ تو هي ڪم ڪيو آهي، تنهن ڪري تون سڀني ڍورن ۽ جهنگلي جانورن ۾ لعنتي آهين؛ تون پيٽ ڀر رڙهي هلندين ۽ سڄي حياتي مٽي کائيندين:</verse>
				<verse number="15">۽ آءٌ تنهنجي ۽ زال جي وچ ۾ دشمني، ۽ تنهنجي نسل ۽ زال جي نسل جي وچ ۾ دشمني وجهندس: هو تنهنجو مٿو چٿيندو ۽ تون هن جي کڙي ڏنگيندين.</verse>
				<verse number="16">پوءِ هن زال کي چيو تہ آءٌ تنهنجي ويم جي سورن کي گهڻو وڌائيندس؛ سورن سان تون ٻار ڄڻيندينءَ؛ ۽ پنهنجي مڙس ڏانهن تنهنجو چاهہ ٿيندو، ۽ هو تو تي حڪم هلائيندو.</verse>
				<verse number="17">۽ آدم کي چيائين، جيئن تہ تو پنهنجيءَ زال جو چيو مڃي انهيءَ وڻ جو ميوو کاڌو، جنهن بابت مون توکي حڪم ڪيو هو تہ اهو نہ کائج، انهيءَ لاءِ زمين تنهنجي ڪري لعنتي ٿي، تون پنهنجي سڄي حياتي محنت ڪري، انهيءَ جي پيدائش مان پنهنجو گذران ڪندين؛</verse>
				<verse number="18">انهيءَ مان تو لاءِ ڪنڊيون ۽ ڪانڊيرا اُڀرندا ۽ تون ٻنيءَ جي ڀاڄي کائيندين؛</verse>
				<verse number="19">تون پنهنجي بت جي پگهر جي ماني کائيندين، جيسين ڪ تون موٽي زمين ۾ وڃين؛ ڇا لاءِ جو تون انهيءَ مان نڪتو هئين: تون مٽي آهين ۽ وري بہ مٽيءَ ۾ موٽي ويندين.</verse>
				<verse number="20">۽ آدم پنهنجيءَ زال جو نالو حوا رکيو، ڇالاءِ جو هوءَ سڀني ساهوارن جي ماءُ هئي.</verse>
				<verse number="21">۽ خداوند خدا آدم ۽ سندس زال جي لاءِ چم جا ڪپڙا ٺاهي کين پهرايا.</verse>
				<verse number="22">۽ خداوند خدا چيو تہ ڏسو انسان نيڪيءَ ۽ بديءَ کي سمجهڻ ۾ اسان جهڙو ٿي پيو آهي؛ هاڻي ائين نہ ٿئي جو پنهنجو هٿ ڊگهيري زندگيءَ جي وڻ مان بہ ڪجهہ ڇني کائي ۽ سدائين جيئرو رهي.</verse>
				<verse number="23">تنهنڪري خداوند خدا هن کي عدن جي باغ مان ڪڍي ڇڏيو، تہ زمين، جنهن مان هو نڪتو آهي، تنهن کي پوکي.</verse>
				<verse number="24">سو هن آدم کي ڪڍي ڇڏيو؛ ۽ عدن جي باغ جي اُڀرندي پاسي ڪروبي ۽ چوڌاري گهمندڙ ۽ چمڪندڙ ترار رکيائين تہ زندگيءَ جي وڻ جي واٽ جي چوڪيداري ڪن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">پوءِ آدم پنهنجيءَ زال حوا وٽ ويو؛ ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي ۽ قائن ڄايس، تڏهن هن چيو تہ خداوند جي ٻاجهہ سان مون کي هڪڙو ماڻهو مليو آهي.</verse>
				<verse number="2">پوءِ قائن جو ڀاءُ هابل ڄائو؛ هابل ريڍار هو ۽ قائن هاري هو.</verse>
				<verse number="3">ٿورن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو، جو قائن پنهنجي ٻنيءَ جي پيدائش مان خداوند جي لاءِ نذرانو آندو،</verse>
				<verse number="4">۽ هابل بہ پنهنجين رڍن ٻڪرين مان پهريان ڦر ۽ چرٻي آندي. ۽ خداوند هابل ۽ سندس نذراني کي قبول ڪيو:</verse>
				<verse number="5">پر قائن ۽ سندس نذراني کي قبول نہ ڪيائين. تنهن تي قائن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ سندس منهن لهي ويو.</verse>
				<verse number="6">تڏهن خداوند قائن کي چيو تہ توکي ڪاوڙ ڇو لڳي آهي؟ ۽ منهن لٿل ڇو ٿيو آهين؟</verse>
				<verse number="7">جيڪڏهن تون چڱو ڪرين، تہ جيڪر قبول نہ پوين ڇا؟ پر جي تون چڱو نٿو ڪرين تہ گناهہ تنهنجي دروازي تي ڇپ هڻي ويٺو آهي: ۽ تنهنجي خواهش اٿس، پر تون مٿس غالب پئُہ.</verse>
				<verse number="8">پوءِ قائن پنهنجي ڀاءُ هابل کي چيو تہ هل تہ ٻنيءَ ۾ هلون، ۽ جڏهن هو ٻنيءَ ۾ هئا، تڏهن قائن پنهنجي ڀاءُ هابل تي حملو ڪيو ۽ ماري وڌائينس.</verse>
				<verse number="9">تڏهن خداوند قائن کي چيو تہ تنهنجو ڀاءُ هابل ڪٿي آهي؟ هن چيو تہ مون کي خبر ڪانهي، آءٌ پنهنجي ڀاءُ جو نگهبان آهيان ڇا؟</verse>
				<verse number="10">تنهن تي خداوند چيس تہ تو هي ڇا ڪيو؟ تنهنجي ڀاءُ جو رت مون کي زمين مان پيو پڪاري.</verse>
				<verse number="11">سو هاڻي جنهن زمين تنهنجي هٿان تنهنجي ڀاءُ جو رت وٺڻ لاءِ پنهنجو وات پٽيو آهي، تنهن جي ئي طرفان تون لعنتي ٿيو آهين؛</verse>
				<verse number="12">جڏهن تون زمين تي پوک ڪندين، تڏهن انهيءَ مان توکي پيدائش ڪانہ ملندي، ۽ تون زمين تي رلندين ۽ ڌڪا کائيندين.</verse>
				<verse number="13">تڏهن قائن خداوند کي چيو تہ آءٌ هيءَ سزا سهي ڪين سگهندس.</verse>
				<verse number="14">ڏس اڄ تو مون کي هتان ڪڍي ڇڏيو آهي، ۽ آءٌ تنهنجي حضوريءَ کان پري ٿي ويندس؛ ۽ زمين تي رلندس ۽ ڌڪا کائيندس ۽ جيڪو مون کي ڏسندو، سو ماري وجهندم.</verse>
				<verse number="15">تڏهن خداوند چيس تہ جيڪو قائن کي ماري وجهندو تنهن کي ستوڻي سزا ملندي. ۽ خداوند قائن جي لاءِ هڪڙي نشاني مقرر ڪئي، تہ جيڪو هن کي ڏسي سو ماري نہ وجهيس.</verse>
				<verse number="16">سو قائن خداوند جي حضوريءَ مان نڪري ويو ۽ عدن جي اڀرندي پاسي نود جي ملڪ ۾ وڃي رهيو.</verse>
				<verse number="17">۽ قائن پنهنجيءَ زال وٽ ويو؛ ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي، ۽ حنوڪ نالي پٽ ڄايس؛ ۽ هن هڪڙو شهر ٻڌو ۽ انهيءَ شهر جو نالو پنهنجي پٽ جي نالي تان حنوڪ رکيائين.</verse>
				<verse number="18">۽ حنوڪ مان عيراد پيدا ٿيو، ۽ عيراد مان محوياايل پيدا ٿيو، ۽ محوياايل مان مٿوساايل پيدا ٿيو، ۽ مٿوسوايل مان لمڪ پيدا ٿيو.</verse>
				<verse number="19">لمڪ ٻہ زالون ڪيون: هڪڙيءَ جو نالو عدهہ ۽ ٻيءَ جو نالو ضلهہ هو.</verse>
				<verse number="20">عدهہ کي يابل ڄائو، جو تنبن ۾ رهندڙن ۽ ڍورن پاليندڙن جو پيءُ هو.</verse>
				<verse number="21">۽ هن جي ڀاءُ جو نالو يوبل هو، جو سڀني بين ۽ بانسري وڄائڻ وارن جو پيءُ هو.</verse>
				<verse number="22">ضلهہ کي توبل قائن ڄائو، جو پتل ۽ لوهہ جا سڀ تيز هٿيار ٺاهيندڙ هو: ۽ توبل قائن جي ڀيڻ نعمہ هئي.</verse>
				<verse number="23">۽ لمڪ پنهنجين زالن کي چيو تہ اي عدهہ ۽ ضلهہ منهنجي ڳالهہ ٻڌو؛ اي لمڪ جون زالون منهنجي چوڻ تي ڪن ڏيو: مون هڪڙي ماڻهوءَ کي ماري وڌو، جنهن مون کي زخمي ڪيو هو، ۽ هڪڙي جوان کي قتل ڪيو، جنهن مون کي ايذاءُ رسايو هو:</verse>
				<verse number="24">جيڪڏهن قائن جو بدلو ست ڀيرا ورتو ويندو، تہ لمڪ جو بدلو ستر ڀيرا ورتو ويندو.</verse>
				<verse number="25">۽ آدم وري پنهنجيءَ زال وٽ ويو؛ ۽ هن کي پٽ ڄائو جنهن جو نالو سيت رکيائين: ۽ هوءَ چوڻ لڳي تہ هابل جي بدران، جنهن کي قائن قتل ڪيو هو، خدا مون کي ٻيو پٽ ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="26">۽ سيت جي گهر بہ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو اُنوس رکيائين: انهي وقت کان وٺي ماڻهو خداوند جي نالي دعا گهرڻ لڳا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">آدم جو نسب نامو هن ريت آهي. جڏهن خدا آدم کي پيدا ڪيو تہ هن کي پنهنجيءَ شڪل موجب جوڙيائين؛</verse>
				<verse number="2">نر ۽ ناريءَ کي پيدا ڪيائين؛ ۽ کين برڪت ڏنائين، ۽ جنهن ڏينهن اهي پيدا ٿيا، سندن نالو آدم رکيائين.</verse>
				<verse number="3">۽ جڏهن آدم هڪ سؤ ٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن کيس سندس صورت تي ۽ سندس جهڙو پٽ ڄائو، جنهن جو نالو سيت رکيائين.</verse>
				<verse number="4">۽ سيت جي ڄمڻ کان پوءِ آدم اٺ سؤ سال جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون.</verse>
				<verse number="5">۽ آدم جي سموري عمر نو سؤ ٽيهہ ورهيہ هئي، پوءِ هو مري ويو.</verse>
				<verse number="6">جڏهن سيت هڪ سؤ پنجن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان اُنوس پيدا ٿيو:</verse>
				<verse number="7">۽ اُنوس جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ سيت اٺ سؤ ست سال جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون:</verse>
				<verse number="8">۽ سيت جي سموري عمر نو سؤ ٻارهن ورهيہ هئي، پوءِ هو مري ويو.</verse>
				<verse number="9">جڏهن اُنوس نوي ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان قينان پيدا ٿيو:</verse>
				<verse number="10">۽ قينان جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ اُنوس اٺ سؤ پندرهن سال جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون:</verse>
				<verse number="11">۽ اُنوس جي سموري عمر نو سؤ پنج ورهيہ هئي، پوءِ هو مري ويو.</verse>
				<verse number="12">جڏهن قينان ستر ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان محلل ايل پيدا ٿيو:</verse>
				<verse number="13">۽ محلل ايل جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ قينان اٺ سؤ چاليهہ سال جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون:</verse>
				<verse number="14">۽ قينان جي سموري عمر نو سؤ ڏهہ ورهيہ هئي، پوءِ هو مري ويو.</verse>
				<verse number="15">جڏهن محلل ايل پنجهٺ ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان يارد پيدا ٿيو:</verse>
				<verse number="16">۽ يارد جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ محلل ايل اٺ سؤ ٽيهہ سال جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون:</verse>
				<verse number="17">۽ محلل ايل جي سموري عمر اٺ سؤ پنجانوي ورهيہ هئي، پوءِ هو مري ويو.</verse>
				<verse number="18">جڏهن يارد هڪ سؤ ٻاهٺ ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان حنوڪ پيدا ٿيو:</verse>
				<verse number="19">۽ حنوڪ جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ يارد اٺ سؤ سال جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون:</verse>
				<verse number="20">۽ يارد جي سموري عمر نو سؤ ٻاهٺ ورهيہ هئي، پوءِ هو مري ويو.</verse>
				<verse number="21">جڏهن حنوڪ پنجهٺ ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان متوسلحہ پيدا ٿيو:</verse>
				<verse number="22">۽ متوسلحہ جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ حنوڪ ٽي سؤ سال خدا ساڻ پئي هليو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون:</verse>
				<verse number="23">۽ حنوڪ جي سموري عمر ٽي سؤ پنجهٺ ورهيہ هئي:</verse>
				<verse number="24">۽ حنوڪ خدا ساڻ هلندو رهيو ۽ گم ٿي ويو، ڇالاءِ جو خدا هن کي کڻي ورتو.</verse>
				<verse number="25">جڏهن متوسلحہ هڪ سؤ ستاسي ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان لمڪ پيدا ٿيو:</verse>
				<verse number="26">۽ لمڪ جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ متوسلحہ ست سؤ ٻياسي سال جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون:</verse>
				<verse number="27">۽ متوسلحہ جي سموري عمر نو سؤ اوڻهتر ورهيہ هئي، پوءِ هو مري ويو.</verse>
				<verse number="28">جڏهن لمڪ هڪ سؤ ٻياسي ورهين جو ٿيو، تڏهن منجهانئس هڪ پٽ پيدا ٿيو،</verse>
				<verse number="29">جنهن جو نالو نوح رکيائين، ۽ چيائين تہ زمين، جنهن کي خدا لعنتي ڪيو آهي، تنهن جي سبب اسين پنهنجن هٿن جو جيڪو پورهيو ۽ محنت پيا ڪريون، تنهن کان هي ٻار اسان کي آرام ڏيندو.</verse>
				<verse number="30">۽ نوح جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ لمڪ پنج سؤ پنجانوي سال جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون:</verse>
				<verse number="31">۽ لمڪ جي سموري عمر ست سؤ ستهتر ورهيہ هئي، پوءِ هو مري ويو.</verse>
				<verse number="32">جڏهن نوح پنج سؤ ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان سم، حام، ۽ يافت پيدا ٿيا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن زمين تي ماڻهو وڌڻ لڳا، ۽ انهن مان ڌيون پيدا ٿيون،</verse>
				<verse number="2">تڏهن خدا جي پٽن ماڻهن جي ڌيئرن کي ڏٺو تہ اهي سهڻيون آهن، ۽ انهن مان جنهن کي جيڪا وڻي، سا هن پنهنجي زال ڪئي.</verse>
				<verse number="3">تڏهن خداوند چيو تہ منهنجو روح انسان ۾ هميشہ ڪين رهندو، ڇو تہ هو بشر آهي؛ تڏهن بہ هن جي عمر هڪ سؤ ويهہ ورهيہ ٿيندي.</verse>
				<verse number="4">تن ڏينهن ۾ زمين تي راڪاس هئا، پوءِ جڏهن خدا جا پٽ ماڻهن جي ڌيئرن وٽ ويا، تڏهن انهن مان اولاد پيدا ٿيو، اهي ئي قديم زماني جا ناليرا پهلوان آهن.</verse>
				<verse number="5">پوءِ خداوند ڏٺو تہ انسان جي بڇڙائي زمين تي وڌي ويئي آهي، ۽ هن جي دل جو هرڪو خيال ۽ تصور بہ سدائين بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي.</verse>
				<verse number="6">تڏهن خداوند زمين تي انسان کي پيدا ڪرڻ کان پشيمان ٿيو ۽ دل ۾ رنج ٿيس.</verse>
				<verse number="7">۽ خداوند چيو تہ جنهن انسان کي مون پيدا ڪيو آهي، تنهن کي آءٌ زمين تان مٽائي ڇڏيندس، انسان توڙي حيوان کي، سرندڙ جيتن توڙي هوا جي پکين کي، ڇو تہ آءٌ کين پيدا ڪرڻ کان پشيمان ٿيو آهيان.</verse>
				<verse number="8">پر نوح تي خدا مهربانيءَ جي نظر ڪئي.</verse>
				<verse number="9">نوح جو نسب نامو هن ريت آهي. نوح پنهنجي زماني ۾ راستباز ۽ بي ڏوهي هو. ۽ نوح خدا سان گڏ هلندو هو:</verse>
				<verse number="10">نوح کي سم، حام ۽ يافت نالي ٽي پٽ هئا.</verse>
				<verse number="11">پر زمين خدا جي نظر ۾ بگڙيل ۽ ظلم سان ڀريل هئي.</verse>
				<verse number="12">۽ خدا زمين تي نظر ڪئي ۽ ڏٺائين تہ هوءَ بگڙجي پيئي آهي؛ ڇالاءِ جو زمين تي هر ڪنهن شخص پنهنجي هلت چلت خراب ڪري ڇڏي هئي.</verse>
				<verse number="13">پوءِ خدا نوح کي چيو تہ منهنجي نظر ۾ سڀني ساهوارن جي پڄاڻي اچي پهتي آهي؛ ڇالاءِ جو انهن جي ڪري زمين ظلم سان ڀرجي ويئي آهي، ۽ ڏس آءٌ انهن کي زمين سان گڏ تباهہ ڪندس.</verse>
				<verse number="14">تون ديال جي ڪاٺ مان پنهنجي لاءِ هڪڙي ٻيڙي ٺاهہ، ۽ انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ ڌار ڌار ڪوٺيون ٺاهہ، ۽ ٻيڙيءَ کي اندران ۽ ٻاهران رال لڳاءِ.</verse>
				<verse number="15">اِها ٻيڙي اهڙيءَ طرح ٺاهج جو انهيءَ جي ڊيگهہ ٽي سؤ هٿ، ۽ ويڪر پنجاهہ هٿ ۽ اوچائي ٽيهہ هٿ ٿئي.</verse>
				<verse number="16">۽ ٻيڙيءَ ۾ هڪڙي دري بہ ٺاهج، ۽ مٿان کان وٺي هڪ هٿ تي آڻي پوري ڪج، ۽ انهيءَ جي پاسي ۾ ٻيڙيءَ جو در رکج، ۽ انهي ۾ ٽي طبقا ٺاهج؛ پهريون سڀ کان هيٺ، تنهن جي مٿان ٻيو ۽ ٽيون.</verse>
				<verse number="17">۽ ڏس آءٌ خود زمين تي پاڻيءَ جو طوفان ٿو آڻيان، تہ آسمان جي هيٺان جيڪي ساهوارا آهن، تن سڀني کي برباد ڪريان، ۽ جيڪي بہ زمين تي آهن، سي سڀ مري وڃن.</verse>
				<verse number="18">پر آءٌ تو سان پنهنجو عهد قائم ڪندس؛ تون، تنهنجا پٽ، تنهنجي زال ۽ تنهنجن پٽن جون زالون اچي ٻيڙيءَ ۾ رهو.</verse>
				<verse number="19">۽ سڀني جانورن مان ٻہ ٻہ تون پاڻ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ آڻج تہ اهي تو سان گڏ جيئرا رهن، اُهي نر ۽ مادي هجن.</verse>
				<verse number="20">پکين مان هر ڪنهن قسم جا ٻہ، جانورن مان هر ڪنهن قسم جا ٻہ، ۽ سرندڙ جيتن مان هر ڪنهن قسم جا ٻہ تو وٽ اچن، تہ اهي جيئرا رهن.</verse>
				<verse number="21">۽ سڀ ڪنهن قسم جو کاڌو، جو کائبو آهي، سو کڻي پاڻ وٽ گڏ ڪر، تہ اهو تنهنجي ۽ هنن جي لاءِ خوراڪ ٿئي.</verse>
				<verse number="22">سو نوح ائين ئي ڪيو، ۽ جيڪو بہ حڪم خدا ڏنو هوس، سو بجاءِ آندائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">۽ خداوند نوح کي چيو تہ تون ۽ تنهنجو سڄو خاندان اچي ٻيڙيءَ ۾ رهو ڇالاءِ جو مون هن زماني ۾ رڳو توکي ئي پنهنجي حضور ۾ راستباز ڏٺو آهي.</verse>
				<verse number="2">۽ سڀني پاڪ جانورن مان ست ست نر ۽ انهن جون ماديون؛ ۽ جيڪي پاڪ نہ آهن، تن مان ٻہ ٻہ نر ۽ انهن جون ماديون پاڻ سان گڏ آڻ.</verse>
				<verse number="3">هوا جي پکين مان ٻہ ٻہ نر ۽ سندن ماديون آڻ، تہ زمين تي انهن جو نسل قائم رهي.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو ستن ڏينهن کان پوءِ، آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون زمين تي مينهن وسائيندس، ۽ جيڪي بہ ساهوارا مون جوڙيا آهن، تن سڀني کي برباد ڪندس.</verse>
				<verse number="5">تڏهن نوح خداوند جي حڪم موجب سڀ ڪجهہ ڪيو.</verse>
				<verse number="6">جڏهن زمين تي پاڻيءَ جو طوفان آيو، تڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ ورهيہ هئي.</verse>
				<verse number="7">پوءِ نوح، سندس پٽ، سندس زال ۽ سندس پٽن جون زالون، پاڻيءَ جي طوفان ڪري اچي ٻيڙيءَ ۾ رهيا.</verse>
				<verse number="8">۽ پاڪ جانورن مان، ۽ جيڪي جانور پاڪ نہ آهن تن مان، ۽ پکين مان، ۽ زمين تي سرندڙ جيتن مان؛</verse>
				<verse number="9">ٻہ ٻہ نر ۽ ماديون نوح سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ اچي رهيا، جيئن خداوند نوح کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="10">۽ ستن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو جو پاڻيءَ جو طوفان زمين تي آيو.</verse>
				<verse number="11">جڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ ورهين جي هئي، تڏهن انهيءَ سال جي ٻئي مهيني جي سترهين تاريخ وڏي سمنڊ جا سڀئي چشما ڦاٽي پيا، ۽ آسمان جون دريون پٽجي پيون،</verse>
				<verse number="12">۽ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون زمين تي مينهن پئي پيو.</verse>
				<verse number="13">انهيءَ ساڳئي ڏينهن نوح ۽ سندس ٽي پٽ، سم، حام ۽ يافت ۽ نوح جي زال ۽ نوح جي پٽن جون ٽي زالون اهي سڀ ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا.</verse>
				<verse number="14">۽ سڀ ڪنهن قسم جا جانور، ۽ سڀ ڪنهن قسم جا ڍور، ۽ سڀ ڪنهن قسم جا زمين تي سرندڙ جيت، ۽ سڀ ڪنهن قسم جا وڏا ۽ ننڍا پکي.</verse>
				<verse number="15">۽ سڀني ساهوارن مان جوڙو جوڙو نوح وٽ ٻيڙيءَ ۾ آيو.</verse>
				<verse number="16">۽ جيڪي بہ ساهوارا اندر آيا سي خدا جي حڪم موجب نر ۽ مادي هئا، پوءِ خداوند انهيءَ کي ٻاهران بند ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="17">پوءِ چاليهہ ڏينهن زمين تي سيلاب رهيو ۽ پاڻي چڙهندو ويو، ۽ ٻيڙيءَ کي مٿي کنيائين، سو ٻيڙي زمين تان کڄي مٿي ٿي.</verse>
				<verse number="18">۽ پاڻي زمين تي چڙهندو رهيو، ۽ گهڻو وڌي ويو ۽ ٻيڙي پاڻيءَ تي ترڻ لڳي.</verse>
				<verse number="19">۽ پاڻي زمين تي تمام گهڻو چڙهيو، اهڙو جو جيڪي بہ وڏا جبل دنيا ۾ هئا، سي سڀئي ٻڏي ويا.</verse>
				<verse number="20">پاڻي انهن کان بہ پندرهن هٿ مٿي هو، ۽ جبل پاڻيءَ جي هيٺ اچي ويا.</verse>
				<verse number="21">۽ جيڪي بہ ساهوارا زمين تي گهميا ٿي، جهڙوڪ پکي، ڍور، مرون، سرندڙ جيت ۽ انسان سي سڀئي مري ويا.</verse>
				<verse number="22">۽ جن ۾ زندگيءَ جو دم هو ۽ جيڪي سڪيءَ زمين تي رهندا هئا، سي سڀئي مري ويا.</verse>
				<verse number="23">جيڪا بہ ساهواري شيءِ زمين تي هئي، سا برباد ٿي ويئي. ماڻهو توڙي جانور، سرندڙ جيت توڙي هوا جا پکي، سڀئي زمين تان ميٽجي ويا. رڳو نوح ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ ٻيڙيءَ ۾ هئا، سي وڃي بچيا.</verse>
				<verse number="24">۽ ڏيڍ سو ڏينهن تائين پاڻي زمين تي چڙهندو رهيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">پوءِ خدا نوح کي، ۽ جيڪي ساهوارا ۽ ڍور ساڻس گڏ ٻيڙيءَ ۾ هئا، تن کي ياد ڪيو، ۽ خدا زمين تي واءُ آندو ۽ پاڻي گهٽجي ويو.</verse>
				<verse number="2">۽ وڏي سمنڊ جا چشما ۽ آسمان جون دريون بہ بند ٿيون، ۽ آسمان مان وسندڙ مينهن بہ جهلجي ويو؛</verse>
				<verse number="3">۽ پاڻي زمين تان لهڻ لڳو ۽ ڏيڍ سؤ ڏينهن کان پوءِ گهڻو گهٽجي ويو.</verse>
				<verse number="4">پوءِ ستين مهيني جي سترهين تاريخ ٻيڙي اچي اراراط جبل تي بيٺي.</verse>
				<verse number="5">۽ ڏهين مهيني تائين پاڻي لهندو ويو: ڏهين مهيني جي پهرين تاريخ جبل جون چوٽيون ڏسڻ ۾ آيون.</verse>
				<verse number="6">۽ چاليهن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو جو نوح ٻيڙيءَ ۾ جيڪا دري هئي سا کولي،</verse>
				<verse number="7">۽ هڪڙو ڪانءُ اُڏايائين، جو زمين تي پاڻيءَ جي سڪڻ تائين هيڏانهن هوڏانهن پئي آيو ويو.</verse>
				<verse number="8">وري هن پاڻ وٽان هڪڙو ڪبوتر اُڏايو؛ انهي لاءِ تہ خبر پوي تہ زمين تان پاڻي لهي ويو آهي يا نہ.</verse>
				<verse number="9">پر ڪبوتر کي پير رکڻ جي بہ جاءِ ڪانہ ملي. تنهن ڪري هو موٽي وٽس ٻيڙيءَ ۾ آيو؛ ڇالاءِ جو اڃا ساري زمين تي پاڻي بيٺل هو: ۽ هن پنهنجو هٿ ڊگهيري انهيءَ کي کڻي پاڻ وٽ ٻيڙيءَ ۾ آندو.</verse>
				<verse number="10">پوءِ هو ٻيا ست ڏينهن ترسيو، تنهن کان پوءِ وري ٻيڙيءَ مان ڪبوتر کي اُڏايائين،</verse>
				<verse number="11">۽ اهو ڪبوتر سانجهيءَ جو وري وٽس موٽي آيو؛ ۽ ڏسو، هن جي چهنب ۾ هڪڙو زيتون جو تازو ڇنل پن هو: جنهن مان نوح سمجهيو تہ زمين تان پاڻي لهي ويو آهي.</verse>
				<verse number="12">پوءِ ٻيا ست ڏينهن ترسي ڪبوتر اُڏايائين، جو وري وٽس ڪونہ آيو.</verse>
				<verse number="13">هاڻي هيئن ٿيو جو ڇهہ سؤ پهرئين ورهيہ جي پهرئين مهيني جي پهرين تاريخ زمين تان پاڻي سڪي ويو؛ تڏهن نوح ٻيڙيءَ جي ڇت کولي ۽ ڏٺائين تہ زمين جو مٿاڇرو سڪي ويو آهي.</verse>
				<verse number="14">۽ ٻئي مهيني جي ستاويهين تاريخ ساري زمين سڪي ويئي.</verse>
				<verse number="15">پوءِ خدا نوح کي چيو تہ</verse>
				<verse number="16">تون پنهنجيءَ زال، پنهنجن پٽن ۽ پنهنجن پٽن جي زالن سوڌو ٻيڙيءَ مان نڪري اچ.</verse>
				<verse number="17">۽ سڀئي ساهوارا جيڪي توسان گڏ آهن، پکي توڙي جانور توڙي سرندڙ جيت، تن کي بہ پاڻ سان گڏ ٻاهر وٺي اچ، تہ اهي زمين تي پنهنجو نسل وڌائين، ۽ وڌن ۽ ويجهن.</verse>
				<verse number="18">تڏهن نوح، پنهنجيءَ زال ۽ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجن پٽن جي زالن کي پاڻ سان وٺي ٻاهر آيو،</verse>
				<verse number="19">۽ سڀئي جانور، ۽ سڀيئي سرندڙ جيت، ۽ سڀئي پکي ۽ سڀ جيڪي زمين تي هلن ٿا، سي ٻيڙيءَ مان نڪري ٻاهر آيا.</verse>
				<verse number="20">پوءِ نوح خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي ۽ سڀني پاڪ جانورن ۽ سڀني پاڪ پکين مان ڪي قربانگاهہ تي آڻي قرباني چاڙهيائين.</verse>
				<verse number="21">۽ خداوند کي انهيءَ جي خوشبوءِ پهتي، ۽ خداوند پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ آءٌ انسان جي ڪري زمين تي وري لعنت نہ ڪندس، ڇالاءِ جو انسان جي دل جو خيال ننڍپڻ کان خراب آهي؛ ۽ نڪي سڀ ڪنهن ساهواري کي ماريندس، جيئن هاڻي ڪيو اٿم.</verse>
				<verse number="22">جيسين زمين هوندي تيسين پوکڻ ۽ لڻڻ، سردي ۽ گرمي، سيارو ۽ اونهارو، ڏينهن ۽ رات برابر ٿيندا رهندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">۽ خدا نوح ۽ سندس پٽن کي برڪت ڏيئي چيو تہ وڌو ۽ ويجهو ۽ زمين کي ڀرپور ڪريو.</verse>
				<verse number="2">اوهان جو ڊپ ۽ اوهان جو خوف زمين جي سڀ ڪنهن جانور تي، هوا جي سڀ ڪنهن پکيءَ تي، ۽ جيڪي بہ زمين تي هلن ٿا، ۽ سمنڊ جي سڀني مڇين تي رهندو، اهي سڀئي مون اوهان جي تابع ڪيا آهن.</verse>
				<verse number="3">زمين تي هلندڙ سڀ ساهوارا اوهان جي خوراڪ لاءِ ٿيندا، اهي مون نباتات وانگر اوهان کي ڏنا آهن.</verse>
				<verse number="4">پر گوشت کي رت سوڌو نہ کائجو، ڇو تہ اهو هن جي جان آهي.</verse>
				<verse number="5">۽ اوهان جي رت يعني ساهہ جو بدلو آءٌ ضرور وٺندس؛ هر ڪنهن جانور ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ کان انهيءَ جو بدلو وٺندس. ماڻهوءَ جي ساهہ جو بدلو سندس ڀاءُ کان وٺندس.</verse>
				<verse number="6">جيڪو ماڻهوءَ جو رت وهائيندو تنهن جو رت ماڻهوءَ جي هٿان وهايو ويندو، ڇالاءِ جو خدا انسان کي پنهنجيءَ صورت تي جوڙيو آهي.</verse>
				<verse number="7">اوهين وڌو ۽ ويجهو: زمين تي گهڻو اولاد پيدا ڪريو ۽ وڌندا وڃو.</verse>
				<verse number="8">۽ خدا نوح ۽ سندس پٽن کي چيو تہ</verse>
				<verse number="9">ڏسو، آءٌ اوهان سان ۽ اوهان کان پوءِ اوهان جي اولاد سان؛</verse>
				<verse number="10">۽ سڀني ساهوارن سان، جي اوهان سان گڏ آهن، توڙي پکي توڙي ڍور توڙي زمين جا سڀ جانور، يعني سڀئي ساهوارا جيڪي ٻيڙيءَ مان لٿا آهن، تن سڀني سان عهد ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="11">آءٌ اهو عهد اوهان سان قائم رکندس، تہ سڀئي ساهوارا وري پاڻيءَ جي طوفان ڪري برباد نہ ٿيندا؛ نڪي اڳتي سڄيءَ زمين کي تباهہ ڪرڻ لاءِ ڪو پاڻيءَ جو طوفان ايندو.</verse>
				<verse number="12">۽ خداوند چيو تہ اهو عهد، جيڪو آءٌ پنهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾، ۽ جيڪي ساهوارا اوهان سان گڏ آهن، تن جي وچ ۾ هميشہ جي لاءِ سڀني پيڙهين تائين ڪريان ٿو، تنهن جي نشاني هيءَ آهي:</verse>
				<verse number="13">تہ آءٌ پنهنجي ڪمانَ ڪڪرن ۾ ٿو رکان، اها منهنجي ۽ زمين جي وچ ۾ عهد جي نشاني ٿيندي.</verse>
				<verse number="14">۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن آءٌ زمين جي مٿان ڪو ڪڪر آڻيندس، تڏهن اها ڪمان ڪڪرن ۾ ڏسڻ ۾ ايندي.</verse>
				<verse number="15">۽ آءٌ پنهنجو عهد، جو منهنجي ۽ اوهان جي، ۽ سڀني ساهوارن جي وچ ۾ آهي، سو ياد ڪندس، ۽ سڀني ساهوارن کي برباد ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ جو طوفان وري نہ ايندو.</verse>
				<verse number="16">۽ ڪمان ڪڪرن ۾ رهندي؛ ۽ آءٌ انهيءَ تي نگاهہ ڪندس، تہ اهو عهد ياد ڪريان، جو خدا ۽ زمين جي سڀني ساهوارن جي وچ ۾ آهي.</verse>
				<verse number="17">سو خدا نوح کي چيو تہ اها انهيءَ عهد جي نشاني آهي، جو مون پنهنجي ۽ زمين جي سڀني ساهوارن جي وچ ۾ قائم ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="18">نوح جا پٽ جيڪي ٻيڙيءَ مان نڪتا، سي سم، حام ۽ يافت هئا: ۽ حام ڪنعان جو پيءُ هو.</verse>
				<verse number="19">اهي ٽيئي نوح جا پٽ هئا: ۽ هنن مان ئي ساري زمين آباد ٿي ويئي.</verse>
				<verse number="20">پوءِ نوح پوک ڪرڻ لڳو ۽ هڪڙو ڊاک جو باغ لڳايائين:</verse>
				<verse number="21">۽ انهيءَ جي مئي پيتائين، جنهن ڪري نشو چڙهي ويس: ۽ پنهنجي تنبوءَ ۾ وڃي اگهاڙو ٿيو.</verse>
				<verse number="22">۽ ڪنعان جي پيءُ حام، پنهنجي پيءُ جي اوگهڙ ڏسي، ٻاهر وڃي پنهنجن ٻين ڀائرن کي ٻڌايو.</verse>
				<verse number="23">تنهن تي سم ۽ يافت هڪڙي چادر پنهنجن ڪلهن تي کنئي ۽ پٺيرا وڃي پنهنجي پيءُ جي اوگهڙ ڍڪيائون. انهن جا منهن اُبتا هئا، ۽ انهن پنهنجي پيءُ جي اوگهڙ ڪانہ ڏٺي.</verse>
				<verse number="24">جڏهن نوح نشي مان سجاڳ ٿيو، تڏهن جيڪي سندس ننڍي پٽ ساڻس ڪيو هو، تنهن جي خبر پيس.</verse>
				<verse number="25">تنهن تي چيائين تہ لعنت هجي ڪنعان تي، هو پنهنجي ڀائرن جي غلامن جو غلام ٿيندو.</verse>
				<verse number="26">۽ چيائين تہ خداوند سم جو خدا سڳورو آهي؛ ڀلي تہ ڪنعان هن جو غلام ٿئي.</verse>
				<verse number="27">خدا يافت کي وڌائي، ۽ سم جي تنبن ۾ رهي، ۽ ڪنعان هن جو غلام ٿئي.</verse>
				<verse number="28">طوفان کان پوءِ نوح ساڍا ٽي سؤ ورهيہ جيئرو رهيو.</verse>
				<verse number="29">۽ نوح جي سموري عمر ساڍا نو سؤ سال هئي، پوءِ هو مري ويو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">نوح جي پٽن سم، حام ۽ يافت جو نسب نامو هن ريت آهي: طوفان کان پوءِ هنن کي پٽ ڄاوا.</verse>
				<verse number="2">يافت جا پٽ هئا، جمر، ماجوج، مادي، ياوان، توبل، مسڪ ۽ تيراس.</verse>
				<verse number="3">جمر جا پٽ هئا، اشڪناز، ريفت، ۽ تجرمہ.</verse>
				<verse number="4">۽ ياوان جا پٽ هئا السيہ، ترسيس، ڪتي ۽ دوداني.</verse>
				<verse number="5">قومن جا ٻيٽ انهن ئي جي اولاد ۾، سندن قبيلن ۽ ملڪن موجب ورهائجي ويا، جن مان هر هڪ جي ٻولي پنهنجي هئي.</verse>
				<verse number="6">حام جا پٽ هئا، ڪوش، مصر، فوطہ ۽ ڪنعان.</verse>
				<verse number="7">ڪوش جا پٽ هئا، سبا، حويلہ، سبتہ، رعماہ ۽ سبتيڪ. رعماہ جا پٽ هئا، سبا ۽ ددان.</verse>
				<verse number="8">ڪوش مان نمرود پيدا ٿيو، جو ملڪ ۾ هڪڙو زبردست پهلوان هو.</verse>
				<verse number="9">هو خداوند جي اڳيان هڪڙو شڪاري پهلوان هو، انهيءَ ڪري اها چوڻي ٿي ويئي تہ خداوند جي اڳيان نمرود جهڙو شڪاري پهلوان.</verse>
				<verse number="10">هن جي بادشاهت جي شروعات سنعار ملڪ جي بابل، ارڪ، اڪاد ۽ ڪلنہ مان ٿي.</verse>
				<verse number="11">انهيءَ ملڪ مان نڪري هو اسور ۾ آيو، جتي ڪي شهر ٻڌائين، جهڙوڪ نينوہ، رحوبو تعير ۽ ڪلجہ.</verse>
				<verse number="12">نينوہ ۽ ڪلجہ جي وچ ۾ رسن هو، جو وڏو شهر هو.</verse>
				<verse number="13">مصر مان لودي، عنامي، لهابي، نفتوحي،</verse>
				<verse number="14">فتروسي، ڪسلوحي (جن مان فلستي نڪتا) ۽ ڪفتوري پيدا ٿيا.</verse>
				<verse number="15">ڪنعان کي پهريون پٽ صيدون ڄائو ۽ پوءِ حت؛</verse>
				<verse number="16">انهيءَ مان يبوسي، اموري، جرجاسي،</verse>
				<verse number="17">حوي، عرقي، سيني</verse>
				<verse number="18">اروادي، صماري ۽ حماتي پيدا ٿيا: ۽ پوءِ ڪنعاني قبيلا پکڙجي ويا.</verse>
				<verse number="19">ڪنعانين جون حدون هن ريت آهن: صيدا کان غزہ تائين، جو جرار جي واٽ تي آهي، ۽ ٻئي پاسي لسع تائين جو سدوم، عمورہ، ارمہ ۽ ضيبيان جي واٽ تي آهي.</verse>
				<verse number="20">سو حام جو اولاد اهو آهي، جو پنهنجن قبيلن ۽ ٻولين موجب پنهنجن ملڪن ۽ قومن ۾ آباد آهي.</verse>
				<verse number="21">سم، جو عبر جي سڀني ٻارن جو ڏاڏو ۽ يافت جو وڏو ڀاءُ هو، تنهن مان بہ اولاد پيدا ٿيو.</verse>
				<verse number="22">سم جا پٽ هئا، عيلام، اسور، ارفڪسد، لود ۽ ارام.</verse>
				<verse number="23">ارام جا پٽ هئا، عوض، حول، جتر ۽ مس.</verse>
				<verse number="24">ارفڪسد مان سلحہ پيدا ٿيو، ۽ سلحہ مان عبر.</verse>
				<verse number="25">عبر کي ٻہ پٽ هئا، هڪڙي جو نالو فلجہ هو؛ ڇالاءِ جو انهيءَ جي ڏينهن ۾ زمين ورهائجي ويئي ۽ سندس ڀاءُ جو نالو يقطان هو.</verse>
				<verse number="26">يقطان مان الموداد، سلف، حصارماوت، اراخ؛</verse>
				<verse number="27">هدورام، اوزال، دقلہ:</verse>
				<verse number="28">عوبل، ابي مائيل، سبا؛</verse>
				<verse number="29">اوفير، حويلہ ۽ يوباب پيدا ٿيا؛ اهي سڀيئي يقطان جا پٽ هئا.</verse>
				<verse number="30">انهن جي رهڻ جو هنڌ ميسا کان وٺي اُڀرندي واري سفار جبل ڏانهن هو.</verse>
				<verse number="31">سم جو اولاد اهو آهي، جو پنهنجن قبيلن ۽ ٻولين موجب، پنهنجن ملڪن ۽ قومن ۾ آباد آهي.</verse>
				<verse number="32">نوح جي پٽن جو اولاد پنهنجن قبيلن ۽ قومن موجب اهو آهي، ۽ طوفان کان پوءِ جيڪي قومون زمين تي ورهائجي ويون، سي انهن مان ئي هيون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">۽ ساري زمين تي هڪڙي زبان ۽ هڪڙي ٻولي هئي.</verse>
				<verse number="2">۽ هيئن ٿيو جو اڀرندي ڏانهن مسافري ڪندي ڪندي اهي سنعار ملڪ جي هڪڙي ميدان ۾ آيا، ۽ اتي رهي پيا.</verse>
				<verse number="3">اتي هو هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ اچو تہ سرون ٺاهي انهن کي باهہ ۾ پچايون. سو انهن پهڻن جي بدران سرون، ۽ چن جي بدران گارو ڪم ۾ آندو.</verse>
				<verse number="4">۽ هنن چيو تہ اچو تہ پنهنجي لاءِ هڪڙو شهر ۽ هڪڙو ٺلهہ جوڙيون، جنهن جي چوٽي آسمان تائين وڃي پهچي ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجو نالو قائم ڪريون؛ متان پوءِ اسين ساريءَ زمين تي پري پري پکڙجي وڃون.</verse>
				<verse number="5">تڏهن خداوند اهو شهر ۽ ٺلهہ جو آدم جي اولاد جوڙيو هو، سو ڏسڻ لاءِ لهي آيو.</verse>
				<verse number="6">۽ خداوند چيو تہ ڏسو، هي سڀ هڪڙي قوم آهن، ۽ سندن ٻولي بہ هڪڙي آهي، ۽ اهي جو هيئن ڪرڻ لڳا آهن، سو هو جيڪو ڪم ڪرڻ گهرندا، تنهن ۾ کين روڪ ڪانہ ٿيندي.</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري اچو تہ اتي هلي سندن ٻوليءَ ۾ مونجهارو وجهون، تہ هو هڪ ٻئي جو ڳالهائڻ سمجهي نہ سگهن.</verse>
				<verse number="8">سو خداوند انهن کي اتان هٽائي ساريءَ زمين تي پکيڙي ڇڏيو: تڏهن هنن اهو شهر جوڙڻ ڇڏي ڏنو.</verse>
				<verse number="9">تنهنڪري انهيءَ شهر جو نالو بابل پئجي ويو؛ ڇالاءِ جو اتي خداوند ساري زمين جي ٻولي منجهائي ڇڏي: ۽ اتان خداوند انهن کي ساري زمين تي پکيڙي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="10">سم جو نسب نامو هن ريت آهي. جڏهن سم هڪ سؤ ورهين جو ٿيو، تڏهن طوفان کان ٻہ سال پوءِ هن مان ارفڪسد پيدا ٿيو.</verse>
				<verse number="11">۽ ارفڪسد جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ سم پنج سؤ ورهيہ جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون.</verse>
				<verse number="12">جڏهن ارفڪسد پنجٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان سلحہ پيدا ٿيو:</verse>
				<verse number="13">۽ سلحہ جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ ارفڪسد چار سو ٽي ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون.</verse>
				<verse number="14">جڏهن سلحہ ٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان عبر پيدا ٿيو:</verse>
				<verse number="15">۽ عبر جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ سلحہ چار سؤ ٽي ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون.</verse>
				<verse number="16">جڏهن عبر چوٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان فلجہ پيدا ٿيو:</verse>
				<verse number="17">۽ فلجہ جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ عبر چار سؤ ٽيهہ ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون.</verse>
				<verse number="18">جڏهن فلجہ ٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان رعو پيدا ٿيو:</verse>
				<verse number="19">۽ رعو جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ فلجہ ٻہ سؤ نو ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون.</verse>
				<verse number="20">جڏهن رعو ٻٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان سروج پيدا ٿيو:</verse>
				<verse number="21">۽ سروج جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ رعو ٻہ سؤ ست ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون.</verse>
				<verse number="22">جڏهن سروج ٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان نحور پيدا ٿيو:</verse>
				<verse number="23">۽ نحور جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ سروج ٻہ سؤ ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون.</verse>
				<verse number="24">جڏهن نحور اوڻٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان تارح پيدا ٿيو:</verse>
				<verse number="25">۽ تارح جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ نحور هڪ سؤ اوڻيهہ ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون.</verse>
				<verse number="26">جڏهن تارح ستر ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان ابرام، نحور ۽ حاران پيدا ٿيا.</verse>
				<verse number="27">تارح جو نسب نامو هن ريت آهي: تارح مان ابرام، نحور ۽ حاران پيدا ٿيا؛ ۽ حاران مان لوط پيدا ٿيو.</verse>
				<verse number="28">۽ حاران پنهنجي پيءُ تارح جي جيئري، پنهنجي ڄمڻ واري هنڌ، يعني ڪسدين جي اور ۾ مري ويو.</verse>
				<verse number="29">۽ ابرام ۽ نحور شادي ڪئي. ابرام جي زال جو نالو ساري هو، ۽ نحور جي زال جو نالو ملڪہ هو، جا انهيءَ حاران جي ڌيءَ هئي جو ملڪہ ۽ اسڪہ جو پيءُ هو.</verse>
				<verse number="30">ساري سنڍ هئي؛ ۽ کيس ڪو ٻار ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="31">پوءِ تارح پنهنجي پٽ ابرام ۽ پنهنجي پوٽي لوط کي، جو حاران جو پٽ هو، ۽ پنهنجيءَ ننهن، يعني ابرام جي زال ساريءَ کي پاڻ سان وٺي نڪتو، ۽ اهي سڀيئي ڪسدين جي اور مان روانا ٿيا ۽ ڪنعان جي ملڪ ڏانهن ويا. جڏهن اهي حاران ۾ آيا، تڏهن اتي رهي پيا.</verse>
				<verse number="32">تارح جي ساري عمر ٻہ سؤ پنج ورهيہ هئي: ۽ تارح حاران ۾ مري ويو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">هاڻي خداوند ابرام کي چيو تہ تون پنهنجي ملڪ مان ۽ پنهنجن مائٽن مان ۽ پنهنجي پيءُ جي گهر مان نڪري، انهيءَ ملڪ ۾ وڃ جو آءٌ توکي ڏيکاريندس:</verse>
				<verse number="2">آءٌ تو مان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس، توکي برڪت ڏيندس، تنهنجو نالو سرفراز ڪندس ۽ تون برڪت جو سبب ٿيندين.</verse>
				<verse number="3">جيڪي توکي مبارڪ چوندا، تن کي آءٌ برڪت ڏيندس، ۽ جيڪي توکي پِٽيندا تن تي آءٌ لعنت ڪندس. تو کان زمين جي سڀني قبيلن کي برڪت ملندي.</verse>
				<verse number="4">سو ابرام خداوند جي چوڻ موجب روانو ٿيو؛ ۽ لوط بہ ساڻس گڏجي هليو: جڏهن ابرام حاران مان نڪتو، تڏهن پنجهتر ورهين جو هو.</verse>
				<verse number="5">سو ابرام پنهنجي زال ساري، پنهنجو ڀائٽيو لوط، ۽ سڀ مال جو گڏ ڪيو هئائين، ۽ ماڻهو جيڪي حاران ۾ مليا هئس، سي پاڻ سان کنيا، ۽ اهي ڪنعان جي ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ روانا ٿيا؛ ۽ نيٺ اچي انهيءَ ملڪ ۾ پهتا.</verse>
				<verse number="6">۽ ابرام انهيءَ ملڪ مان لنگهي، سڪم ۾ مورہ جي شاہ بلوط تائين پهتو. تنهن وقت ڪنعاني انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هئا.</verse>
				<verse number="7">تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏيئي چيو تہ هيءُ ملڪ آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس: سو جنهن خداوند کيس ڏيکاري ڏني، تنهن لاءِ اُتي هڪڙي قربانگاهہ ٺاهيائين.</verse>
				<verse number="8">پوءِ هو اتان نڪري انهيءَ جبل وٽ آيو جو بيت ايل جي اڀرندي ۾ آهي، ۽ اتي اهڙي هنڌ پنهنجو تنبو کوڙيائين، جتي بيت ايل سندس الهندي پاسي هو، ۽ عئي سندس اڀرندي پاسي: اتي هن خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي، ۽ خداوند کان دعا گهريائين.</verse>
				<verse number="9">۽ اتان اڳتي وڌي ڏکڻ ڏانهن ويو.</verse>
				<verse number="10">پوءِ انهيءَ ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو ۽ ڏڪار تمام سخت هو، تنهنڪري ابرام مصر ملڪ ڏانهن هليو ويو.</verse>
				<verse number="11">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو مصر ۾ داخل ٿيڻ تي هو، تڏهن هن پنهنجي زال ساريءَ کي چيو تہ ڏس، تون ڏسڻ ۾ سهڻي آهين.</verse>
				<verse number="12">سو هيئن ٿيندو تہ جڏهن مصري توکي ڏسندا ۽ سڃاڻندا تہ تون منهنجي زال آهين: تڏهن هو مون کي ماري وجهندا ۽ توکي جيئرو ڇڏيندا.</verse>
				<verse number="13">تنهنڪري تون چئج تہ آءٌ هن جي ڀيڻ آهيان. اهڙيءَ طرح تنهنجي ڪري منهنجو ڀلو ٿيندو، ۽ تنهنجي سببان منهنجي جان بچي پوندي.</verse>
				<verse number="14">سو هيئن ٿيو تہ جڏهن ابرام مصر ۾ آيو، تڏهن مصرين ڏٺو تہ هيءَ زال ڏاڍي سهڻي آهي،</verse>
				<verse number="15">۽ فرعون جي اميرن هن کي ڏسي فرعون وٽ هن جي تعريف ڪئي: ۽ هو انهيءَ زال کي فرعون جي گهر وٺي ويا.</verse>
				<verse number="16">۽ هن انهيءَ زال جي ڪري ابرام سان گهڻي ڀلائي ڪئي، ۽ کيس رڍون، ڏاند، گڏهہ، غلام، ٻانهيون، گڏهيون ۽ اُٺ ڏنائين.</verse>
				<verse number="17">پر خداوند ابرام جي زال ساريءَ جي ڪري، فرعون ۽ سندس خاندان کي مصيبتن ۾ وڌو.</verse>
				<verse number="18">تڏهن فرعون ابرام کي سڏي چيو تہ تو مون سان هي ڇا ڪيو؟ تو ڇو نہ مون کي چيو تہ هيءَ منهنجي زال آهي.</verse>
				<verse number="19">تو ڇو چيو تہ هيءَ منهنجي ڀيڻ آهي؟ انهيءَ ڪري مون هن کي پنهنجي زال ٿي ڪيو: هاڻي ڏس، تنهنجي زال حاضر آهي، وٺي وڃينس.</verse>
				<verse number="20">پوءِ فرعون پنهنجن ماڻهن کي هن بابت حڪم ڏنو، ۽ هنن کيس ۽ سندس زال کي، ۽ ٻيو جيڪي وٽس هو تنهن کي روانو ڪيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">پوءِ ابرام پنهنجيءَ زال ۽ ملڪيت سوڌو مصر مان نڪري ڪنعان جي ڏکڻ ڏانهن روانو ٿيو، ۽ لوط بہ ساڻس گڏ هو.</verse>
				<verse number="2">۽ ابرام وٽ چوپايو مال ۽ چاندي ۽ سون گهڻو هو.</verse>
				<verse number="3">هو ڏکڻ کان مسافري ڪندو بيت ايل ۾ آيو؛ انهيءَ هنڌ جتي شروعات ۾ بيت ايل ۽ عئي جي وچ ۾ سندس تنبو کُتل هو؛</verse>
				<verse number="4">يعني انهيءَ هنڌ جتي هن پهرين قربانگاهہ ٺاهي هئي: اتي ابرام خداوند کان دعا گهري.</verse>
				<verse number="5">۽ لوط، جو مسافريءَ ۾ ابرام سان گڏ هو، تنهن وٽ بہ ڌڻ، ڍور ۽ تنبو هئا.</verse>
				<verse number="6">۽ انهيءَ ملڪ ۾ ايتري جاءِ ڪانہ هئي، جو هو ٻئي گڏ رهي سگهن، ڇالاءِ جو هنن جو مال گهڻو هو تنهن ڪري هو ٻئي گڏ رهي نٿي سگهيا.</verse>
				<verse number="7">۽ ابرام جي ڌنارن ۽ لوط جي ڌنارن جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو. انهيءَ وقت ملڪ ۾ ڪنعاني ۽ فرزي رهندا هئا.</verse>
				<verse number="8">تڏهن ابرام لوط کي چيو تہ منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، توڙي منهنجن ڌنارن ۽ تنهنجن ڌنارن جي وچ ۾ جهيڙو ٿيڻ نہ گهرجي؛ ڇالاءِ جو پاڻ ڀائر آهيون.</verse>
				<verse number="9">سڄو ملڪ تنهنجي سامهون ڪين پيو آهي ڇا؟ سو تون مون کان ڌار ٿيءُ: جي تون ساڄي پاسي وڃين، تہ آءٌ کٻي وڃان، جي تون کٻي پاسي وڃين تہ آءٌ ساڄي وڃان.</verse>
				<verse number="10">تڏهن لوط پنهنجيون اکيون کڻي يردن جو سارو ميدان جو ضغر ڏانهن آهي سو ڏٺو؛ ڇالاءِ جو سدوم ۽ عمورہ کي خداوند برباد ڪيو، تنهن کان اڳي، اهو هنڌ مصر جي ملڪ ۽ خداوند جي باغ وانگر آباد هو.</verse>
				<verse number="11">تنهنڪري لوط پنهنجي لاءِ يردن جو سارو ميدان چونڊيو، ۽ لوط اڀرندي ڏانهن هليو ويو؛ ۽ هو هڪ ٻئي کان ڌار ٿيا.</verse>
				<verse number="12">ابرام ڪنعان جي ملڪ ۾ رهي پيو، ۽ لوط ميدان جي شهرن ۾ وڃي رهيو، ۽ سدوم وٽ پنهنجو تنبو کوڙيائين.</verse>
				<verse number="13">هاڻي سدوم جا ماڻهو خداوند جي نظر ۾ تمام بدڪار ۽ گنهگار هئا.</verse>
				<verse number="14">لوط جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ، خداوند ابرام کي چيو تہ پنهنجون اکيون مٿي کڻ ۽ جتي تون بيٺو آهين، اُتان اُتر، ڏکڻ، اڀرندي ۽ الهندي پاسي نهار:</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ تہ جيڪو ملڪ تون ڏسين ٿو، سو سڀ آءٌ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ ڏيندس.</verse>
				<verse number="16">۽ آءٌ تنهنجو اولاد زمين جي واريءَ جيترو ڪندس، اهڙو جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو واريءَ جي ذرن کي ڳڻي سگهندو، تہ تنهنجي اولاد کي بہ ڳڻي سگهندو.</verse>
				<verse number="17">اٿي هن زمين جي ڊيگهہ ۽ ويڪر گهمي ڏس، ڇو تہ اِها آءٌ توکي ڏيندس.</verse>
				<verse number="18">۽ ابرام پنهنجو تنبو کڻي اچي ممريءَ جي شاهہ بلوط وٽ رهيو، جو حبرون ۾ آهي، ۽ اتي، خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">پوءِ سنعار جي بادشاهہ امرافل، ۽ الاسر جي بادشاهہ اريوڪ، ۽ عيلام جي بادشاهہ ڪدرلاعمر، ۽ جوئيم جي بادشاهہ تدعال جي ڏينهن ۾ هيئن ٿيو،</verse>
				<verse number="2">جو انهن سدوم جي بادشاهہ برع، ۽ عمورہ جي بادشاهہ برشع، ۽ ادمہ جي بادشاهہ سني اب، ۽ ضبوئيم جي بادشاهہ شميبر، ۽ بالع، يعني ضغر جي بادشاهہ، سان جنگ ڪئي.</verse>
				<verse number="3">اهي سڀئي سديم يعني کاري سمنڊ جي ماٿريءَ ۾ اچي گڏ ٿيا.</verse>
				<verse number="4">ٻارهن ورهيہ هنن ڪدرلاعمر جي تابعداري ڪئي ۽ تيرهين ورهيہ ۾ فساد ڪيائون.</verse>
				<verse number="5">۽ چوڏهين ورهيہ ۾ ڪدرلاعمر ۽ ٻيا بادشاهہ جيڪي ساڻس هئا، سي آيا ۽ رفائيم کي عستارات قرنيم ۾، ۽ زوزين کي هام ۾، ۽ ايميم کي سوي قريتيم ۾،</verse>
				<verse number="6">۽ حورين کي سندن جبل شعير ۾ ماريندا ماريندا ايل فاران تائين آيا، جو رڻ پٽ جي ويجهو آهي.</verse>
				<verse number="7">پوءِ هو موٽي عين مصفات يعني قادس ۾ آيا، ۽ عماليقين جي سڄي ملڪ کي ۽ اموري، جي حصيصون تبر ۾ رهندا هئا، تن کي بہ ماريائون.</verse>
				<verse number="8">۽ سدوم جو بادشاهہ، ۽ عمورہ جو بادشاهہ، ۽ ادمہ جو بادشاهہ، ۽ ضبوئيم جو بادشاهہ، ۽ بالع، يعني ضغر جو بادشاهہ، سي هن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ نڪتا.</verse>
				<verse number="9">۽ عيلام جي بادشاهہ ڪدرلاعمر، ۽ جوئيم جي بادشاهہ تدعال، ۽ سنعار جي بادشاهہ امرافل، ۽ الاسر جي بادشاهہ اريوڪ سان، سديم جي ماٿريءَ ۾ جنگ ڪيائون. هي چار بادشاهہ هنن پنجن سان وڙهيا.</verse>
				<verse number="10">هاڻي سديم جي ماٿريءَ ۾ رال جون ڪيتريون ئي کڏون هيون، ۽ سدوم ۽ عمورہ جا بادشاهہ ڀڄندا ڀڄندا وڃي اتي ڪِريا؛ ۽ باقي جيڪي بچيا سي جبل ڏانهن ڀڄي ويا.</verse>
				<verse number="11">پوءِ اهي سدوم ۽ عمورہ جي سموري ملڪيت ۽ کاڌي جون سڀ شيون کڻي ويا.</verse>
				<verse number="12">۽ ابرام جو ڀائٽيو لوط جو سدوم ۾ رهندو هو، تنهن کي ۽ سندس سڀ مال متاع کي بہ هو کڻي ويندا رهيا.</verse>
				<verse number="13">تڏهن هڪڙو ماڻهو جنهن ڀڄي جند ڇڏائي هئي، تنهن اچي ابرام عبرانيءَ کي خبر ڏني، جو انهيءَ وقت اسڪال ۽ عانير جي ڀاءُ، ممري اموريءَ جي بلوطن جي وڻن وٽ رهندو هو؛ ۽ هنن جو ابرام سان عهدنامو ڪيل هو.</verse>
				<verse number="14">سو جڏهن ابرام ٻڌو تہ منهنجو ڀاءُ قيد ٿيو آهي، تڏهن ٽي سؤ ارڙهن ماڻهو، جي سندس گهر ۾ ڄاوا ۽ نپنا هئا، ۽ وڙهڻ جا هوشيار هئا، تن کي ساڻ ڪري، دان تائين هنن جي پٺيان پيو.</verse>
				<verse number="15">۽ رات جي وقت هن ۽ سندس نوڪرن جدا جدا ٽوليون ٺاهي هنن تي ڪاهہ ڪئي، ۽ کين شڪست ڏنائون، ۽ خوبہ تائين، جو دمشق جي کٻي پاسي آهي، هنن جي پٺيان پيا.</verse>
				<verse number="16">پوءِ هو سڀ مال متاع، ۽ پنهنجو ڀاءُ لوط ۽ سندس مال متاع، زالن ۽ ماڻهن سميت موٽائي وٺي آيو.</verse>
				<verse number="17">۽ جڏهن هو ڪدرلاعمر ۽ ٻيا جيڪي بادشاهہ ساڻس هئا، تن کي ماري موٽيو، تڏهن صدوم جو بادشاهہ، سويءَ جي ماٿريءَ، يعني بادشاهي ماٿريءَ تائين، سندس استقبال لاءِ آيو.</verse>
				<verse number="18">۽ ملڪ صدق، جو سالم جو بادشاهہ هو، سو ماني ۽ مئي کڻي آيو؛ اِهو خدا تعاليٰ جو ڪاهن هو.</verse>
				<verse number="19">انهيءَ کيس برڪت ڏيئي چيو تہ خدا تعاليٰ، جو آسمان ۽ زمين جو مالڪ آهي، تنهن جي برڪت ابرام تي هجي.</verse>
				<verse number="20">سڳورو آهي خدا تعاليٰ جنهن تنهنجي دشمنن کي تنهنجي قبضي ۾ ڏنو. تڏهن ابرام هن کي سڀ مال مان ڏهون حصو ڏنو.</verse>
				<verse number="21">پوءِ سدوم جي بادشاهہ ابرام کي چيو تہ ماڻهو مون کي ڏي، پر مال سڀ ئي تون پاڻ رک.</verse>
				<verse number="22">پر ابرام سدوم جي بادشاهہ کي چيو تہ مون خداوند خدا تعاليٰ، جو آسمان ۽ زمين جو مالڪ آهي، تنهن ڏانهن هٿ کڻي قسم کنيو آهي،</verse>
				<verse number="23">تہ آءٌ هڪڙو سڳو يا جُتيءَ جو ڌاڳو بہ ڪين وٺندس، نڪي ڪا ٻي شيءِ وٺندس جا تنهنجي آهي؛ متان تون چوين تہ مون ابرام کي دولتمند ڪيو:</verse>
				<verse number="24">جوانن جيڪي کاڌو ۽ جيڪي مون سان گڏ ويا هئا، تن جي حصي کان سواءِ آءٌ ڪي بہ ڪين وٺندس؛ يعني عانير، اسڪال ۽ ممري ڀلي پنهنجو پنهنجو حصو وٺن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="15">
				<verse number="1">هنن ڳالهين کان پوءِ خداوند جو ڪلام رويا ۾ ابرام تي نازل ٿيو، ۽ چيائينس تہ اي ابرام ڊڄ نہ، آءٌ تنهنجي ڍال ۽ تنهنجو وڏو انعام آهيان.</verse>
				<verse number="2">ابرام چيو تہ اي خداوند خدا تون مون کي ڇا ڏيندين؟ آءٌ تہ بي اولاد آهيان ۽ منهنجي گهر جو مختيار اليعزر دمشقي آهي.</verse>
				<verse number="3">وري ابرام چيو تہ ڏس، تو مون کي اولاد ڪونہ ڏنو آهي، ۽ هڪڙو غلام جو منهنجي گهر ۾ ڄائو آهي سو منهنجو وارث ٿيندو.</verse>
				<verse number="4">تڏهن خداوند جو ڪلام هن تي نازل ٿيو ۽ چيائينس تہ هي ماڻهو تنهنجو وارث نہ ٿيندو، پر جيڪو تو مان پيدا ٿيندو سو ئي تنهنجو وارث ٿيندو.</verse>
				<verse number="5">۽ هو کيس ٻاهر وٺي ويو ۽ چيائينس تہ هاڻي آسمان ڏانهن نهار، ۽ جي تارن کي ڳڻي سگهين تہ ڳڻ: ۽ چيائينس تہ تنهنجو اولاد ايترو ٿيندو.</verse>
				<verse number="6">۽ هن خداوند تي ايمان آندو؛ ۽ هن اهو سندس لاءِ راستبازي شمار ڪيو.</verse>
				<verse number="7">۽ چيائينس تہ ڏس آءٌ اهو خداوند آهيان، جو توکي ڪسدين جي اور مان ڪڍي آيس، تہ هي ملڪ توکي ورثي ۾ ڏيان.</verse>
				<verse number="8">تڏهن هن چيو تہ اي خداوند خدا مون کي ڪيئن خبر پوي تہ آءٌ هن ملڪ جو وارث ٿيندس؟</verse>
				<verse number="9">۽ هن چيس تہ منهنجي لاءِ هڪڙو ٽسالو وهڙو، ۽ هڪڙي ٽسالي ٻڪري، ۽ هڪڙو ٽسالو گهيٽو، ۽ هڪڙي قمري، ۽ هڪڙو ڪبوتر جو ٻچو وٺي اچ.</verse>
				<verse number="10">۽ هو اهي سڀئي وٺي آيو، ۽ انهن کي وچان وڍي ٻہ اڌ ڪيائين، ۽ هر هڪ جو هڪڙو حصو ٻئي جي سامهون ڪري رکيائين: پر پکين کي ٻہ اڌ نہ ڪيائين.</verse>
				<verse number="11">پوءِ شڪاري پکي اچي انهن ٽڪرن تي لٿا، پر ابرام انهن کي هڪليندو رهيو.</verse>
				<verse number="12">۽ سج لهڻ مهل ابرام کي ڏاڍي ننڊ آئي ۽ ڏسو، هڪڙي هيبتناڪ اوندهہ مٿس ڇانئجي ويئي.</verse>
				<verse number="13">پوءِ هن ابرام کي چيو تہ اها پڪ ڄاڻ تہ تنهنجو اولاد اهڙي ملڪ ۾ پرديسي ٿيندو جو سندن نہ آهي، ۽ اتي جي ماڻهن جي غلامي ڪندو، ۽ اهي چئن صدين تائين کين تڪليف ڏيندا.</verse>
				<verse number="14">جنهن قوم جي هو غلامي ڪندا تنهن کي بہ آءٌ سزا ڏيندس، ۽ پوءِ هو گهڻي مال متاع سان اُتان نڪرندا.</verse>
				<verse number="15">پر تون آرام سان پنهنجن ابن ڏاڏن ڏانهن ويندين، تون تمام وڏيءَ ڄمار ۾ دفن ٿيندين.</verse>
				<verse number="16">۽ هو چوٿينءَ پيڙهيءَ ۾ موٽي هتي ايندا: ڇالاءِ جو امورين جي گناهن جو گهڙو اڃا ڀريو نہ آهي.</verse>
				<verse number="17">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سج لٿو ۽ اوندهہ ٿي، تڏهن هڪڙو دکندڙ تنور ۽ هڪڙو ٻرندڙ مشعال انهن ٽڪرن جي وچان لنگهندو ڏسڻ ۾ آيو.</verse>
				<verse number="18">انهيءَ ڏينهن خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪيو ۽ چيائينس تہ مون هي ملڪ مصر جي نديءَ کان وٺي، وڏي ندي يعني فرات نديءَ تائين تنهنجي اولاد کي ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="19">يعني قيني، قنزي، قدموني</verse>
				<verse number="20">حتي، فرزي، رفائني،</verse>
				<verse number="21">اموري، ڪنعاني، جرجاسي ۽ يبوسي، انهن سڀني جو ملڪ، مون تنهنجي اولاد کي ڏنو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="16">
				<verse number="1">هاڻي ابرام جي زال ساري کي ڪوبہ اولاد ڪونہ هو: هن وٽ هاجرہ نالي هڪڙي ٻانهي هئي، جا مصر جي هئي.</verse>
				<verse number="2">۽ ساريءَ ابرام کي چيو تہ هاڻي ڏس، خداوند مون کي اولاد کان وانجهي رکيو آهي، سو تون پنهنجيءَ ٻانهيءَ وٽ وڃ، شايد ان مان مون کي ڪي ٻار ملن. ۽ ابرام ساريءَ جي ڳالهہ قبول ڪئي.</verse>
				<verse number="3">جڏهن ابرام کي ڪنعان جي ملڪ ۾ رهندي ڏهہ ورهيہ ٿيا هئا، تڏهن سندس زال ساريءَ پنهنجي مصري ٻانهي کيس ڏني تہ هن جي زال ٿي رهي.</verse>
				<verse number="4">۽ هو هاجرہ وٽ ويو ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي، ۽ جڏهن کيس خبر پيئي تہ آءٌ پيٽ سان ٿي آهيان، تڏهن پنهنجي ڌياڻيءَ جي حقارت ڪرڻ لڳي.</verse>
				<verse number="5">تڏهن ساريءَ ابرام کي چيو تہ مون سان جيڪو ظلم ٿيو آهي، سو تنهنجي سر تي آهي! مون پنهنجي ٻانهي تنهنجيءَ هنج ۾ ڏني ۽ هاڻي جڏهن هن ڏٺو تہ پيٽ سان ٿي آهي، تڏهن مون ڏانهن حقارت سان ٿي نهاري: سو خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ انصاف ڪندو.</verse>
				<verse number="6">تنهن تي ابرام ساريءَ کي چيو تہ ڏس تنهنجي ٻانهي تنهنجي هٿ ۾ آهي، جيئن وڻيئي تيئن ساڻس ڪر. تڏهن ساري هن سان سختي ڪرڻ لڳي ۽ هوءَ وٽانئس ڀڄي ويئي.</verse>
				<verse number="7">۽ رڻ پٽ ۾ شور جي رستي تي جيڪو پاڻيءَ جو چشمو آهي، تنهن وٽ خداوند جو فرشتو هن کي گڏيو،</verse>
				<verse number="8">۽ چيائينس تہ ساريءَ جي ٻانهي هاجرہ تون ڪٿان ٿي اچين، ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃين؟ هن چيو تہ آءٌ پنهنجيءَ ڌياڻيءَ وٽان ڀڄي آئي آهيان.</verse>
				<verse number="9">تڏهن خداوند جي فرشتي چيس تہ تون پنهنجيءَ ڌياڻيءَ وٽ موٽي وڃ ۽ سندس هٿ هيٺ رهہ.</verse>
				<verse number="10">۽ خداوند جي فرشتي هن کي چيو تہ آءٌ تنهنجو اولاد ايترو وڌائيندس جو شمار کان ٻاهر ٿيندو.</verse>
				<verse number="11">۽ خداوند جي فرشتي چيو تہ ڏس تون حاملہ آهين ۽ پٽ ڄڻيندينءَ: ۽ انهيءَ جو نالو اسماعيل رکج؛ ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي ڏک جي دانهن ٻڌي آهي.</verse>
				<verse number="12">هو ماڻهن ۾ جهنگلي گڏهہ جهڙو آزاد رهندو؛ هن جو هٿ سڀني جي برخلاف ۽ سڀني جو هٿ هن جي برخلاف ٿيندو؛ ۽ هو پنهنجن سڀني ڀائرن جي روبرو رهندو.</verse>
				<verse number="13">۽ جنهن خداوند ساڻس ڳالهايو تنهن جو نالو هن اتاايل روئي رکيو يعني اي خدا تون ڏسين ٿو: ڇالاءِ جو هن چيو تہ سچ پچ مون خدا کي ڏٺو ۽ پوءِ بہ جيئري آهيان؟</verse>
				<verse number="14">تنهنڪري انهيءَ چشمي جو نالو بيرلحي روئي پئجي ويو؛ ۽ ڏسو، اهو قادس ۽ برد جي وچ ۾ آهي.</verse>
				<verse number="15">۽ هاجرہ کي ابرام مان هڪڙو پٽ ڄائو ۽ ابرام پنهنجي انهيءَ پٽ جو نالو، جو هاجرہ کي ڄائو، اسماعيل رکيو.</verse>
				<verse number="16">جڏهن هاجرہ کي ابرام مان پٽ ڄائو، تڏهن ابرام ڇهاسي ورهين جو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="17">
				<verse number="1">جڏهن ابرام نوانوي ورهين جو ٿيو، تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ آءٌ قادر مطلق خدا آهيان، تون منهنجي حضور ۾ هل ۽ ڪامل ٿيءُ.</verse>
				<verse number="2">آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ عهد ڪندس ۽ توکي گهڻو وڌائيندس.</verse>
				<verse number="3">تڏهن ابرام جهڪي سجدو ڪيو: ۽ خدا ساڻس ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="4">ڏس، منهنجو تو سان عهد آهي، تون گهڻين قومن جو پيءُ ٿيندين.</verse>
				<verse number="5">اڳتي تنهنجو نالو ابرام نہ پر ابرهام سڏبو؛ ڇالاءِ جو مون توکي گهڻين قومن جو پيءُ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="6">آءٌ توکي گهڻي اولاد وارو ڪندس، تو مان قومون پيدا ڪندس، ۽ تنهنجي اولاد مان بادشاهہ نڪرندا.</verse>
				<verse number="7">آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي نسل جي وچ ۾، انهن جي سڀني پيڙهين لاءِ ابدي عهد ڪندس؛ آءٌ تنهنجو ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد جو خدا ٿيندس.</verse>
				<verse number="8">آءٌ توکي، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين، يعني ڪنعان جو سارو ملڪ، جنهن ۾ تون پرديسي آهين، سو هميشہ جي لاءِ قبضي ۾ ڏيندس؛ ۽ آءٌ انهن جو خدا ٿيندس.</verse>
				<verse number="9">۽ خدا ابرهام کي چيو تہ تون منهنجو عهد مڃيندو رهج، تون ۽ تو کان پوءِ تنهنجو اولاد، سڀني پيڙهين تائين اهو مڃيندا رهجو.</verse>
				<verse number="10">۽ منهنجو عهد، جيڪو منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي نسل جي وچ ۾ آهي؛ جو اوهين مڃيندا رهندا، سو هي آهي؛ تہ اوهان مان سڀ ڪنهن مرد جو ختنو ڪيو وڃي.</verse>
				<verse number="11">اوهين پنهنجي بدن جي کل جو ختنو ڪرائجو: اهو منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ ڪيل عهد جو نشان ٿيندو.</verse>
				<verse number="12">اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ سڀ ڪنهن ڇوڪر جو، جڏهن هو اٺن ڏينهن جو ٿئي، تڏهن ختنو ڪيو وڃي. پوءِ توڙي هو تنهنجي گهر ۾ ڄاول هجي يا ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ کان، جو تنهنجي نسل مان نہ آهي پر پئسن تي خريد ڪيل آهي.</verse>
				<verse number="13">سڀ ڪو مرد جو تنهنجي گهر ۾ ڄاول هجي، يا پئسن تي خريد ڪيل هجي، تنهن جو ختنو ڪيو وڃي: منهنجو عهد اوهان جي جسم ۾ ابدي عهد ٿيندو.</verse>
				<verse number="14">۽ نامختون مرد جنهن جي جسم جي کل جو ختنو ٿيل نہ هجي سو اُمت مان ٻاهر ڪڍيو وڃي؛ ڇالاءِ جو هن منهنجو عهد ڀڳو آهي.</verse>
				<verse number="15">پوءِ خداوند ابرهام کي چيو تہ ساري، جا تنهنجي زال آهي، تنهن کي اڳتي ساري نہ سڏج، پر هن جو نالو سارہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="16">آءٌ هن کي برڪت ڏيندس ۽ سندس پيٽان توکي هڪڙو پٽ ڏيندس. هائو، آئون هن کي برڪت ڏيندس ۽ هوءَ قومن جي ماءُ ٿيندي، ۽ اُمت جا بادشاهہ منجهانئس پيدا ٿيندا.</verse>
				<verse number="17">تڏهن ابرهام جهڪي سجدو ڪيو ۽ کلي دل ۾ چيائين تہ جنهن ماڻهو جي عمر سؤ ورهيہ آهي، تنهن مان ڪو ٻار پيدا ٿيندو، ۽ سارہ جا نوي ورهين جي آهي، سا ڪو ٻار ڄڻيندي؟</verse>
				<verse number="18">۽ ابرهام خدا کي چيو تہ شل اسماعيل تنهنجي حضور ۾ جيئرو رهي!</verse>
				<verse number="19">پر خدا ابرهام کي چيو تہ نہ، تنهنجي زال سارہ تو لاءِ پٽ ڄڻيندي، تون انهي جو نالو اسحاق رکج: آءٌ انهيءَ سان ۽ انهيءَ کان پوءِ سندس اولاد سان پنهنجو عهد، جو ابدي عهد آهي، سو قائم ڪندس.</verse>
				<verse number="20">باقي اسماعيل بابت مون تنهنجو عرض قبول ڪيو: مون هن کي برڪت ڏني آهي، آءٌ کيس گهڻي اولاد ڪندس ۽ تمام گهڻو وڌائيندس؛ اولاد وارو ڪندس ۽ تمام گهڻو وڌائيندس؛ هن مان ٻارهن سردار پيدا ٿيندا، ۽ آءٌ هن کي هڪڙي وڏي قوم بنائيندس.</verse>
				<verse number="21">پر ايندڙ سال جي هن مند ۾ سارہ جيڪو پٽ اسحاق ڄڻيندي، تنهن سان آءٌ پنهنجو عهد قائم ڪندس.</verse>
				<verse number="22">جڏهن خدا ابرهام سان ڳالهائي چڪو، تڏهن وٽانئس مٿي چڙهي ويو.</verse>
				<verse number="23">پوءِ ابرهام انهيءَ ڏينهن خدا جي حڪم موجب پنهنجي پٽ اسماعيل جو، ۽ جيڪي سندس گهر ۾ پيدا ٿيا هئا، ۽ جيڪي هن پئسن تي خريد ڪيا هئا، يعني ابرهام سندس گهر جي ماڻهن مان سڀني مردن جي جسم جي کل جو ختنو ڪرايو.</verse>
				<verse number="24">جڏهن ابرهام جي جسم جي کل جو ختنو ٿيو، تڏهن هو نوانوي ورهين جو هو.</verse>
				<verse number="25">۽ جڏهن سندس پٽ اسماعيل جي جسم جي کل جو ختنو ٿيو، تڏهن هو تيرهن ورهين جو هو.</verse>
				<verse number="26">ابرهام ۽ سندس پٽ اسماعيل جو ختنو ساڳئي ڏينهن ٿيو.</verse>
				<verse number="27">۽ هن جي گهر جا سڀيئي مرد جيڪي سندس گهر ۾ پيدا ٿيا هئا ۽ جيڪي هن پئسن تي خريد ڪيا هئا، تن سڀني جو بہ ساڻس گڏ ختنو ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="18">
				<verse number="1">وري ٻنپهرن جي وقت جڏهن هو پنهنجي تنبوءَ جي در وٽ ويٺو هو، تڏهن ممريءَ جي شاہ بلوطن ۾ خداوند کيس ڏيکاري ڏني.</verse>
				<verse number="2">۽ هن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاريو تہ ٽي ماڻهو پنهنجي سامهون بيٺل ڏٺائين، ۽ انهن کي ڏسي، هو پنهنجي تنبوءَ جي در تان ڊوڙي کين گڏجڻ ويو، ۽ جهڪي سجدو ڪيائين،</verse>
				<verse number="3">۽ چيائين تہ اي منهنجا سائين، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ جيڪڏهن تنهنجي مهر جي نظر مون تي ٿي آهي تہ هاڻي پنهنجي ٻانهي وٽان هليو نہ وڃ.</verse>
				<verse number="4">آءٌ ٿورو پاڻي آڻيان ٿو، اوهين پنهنجا پير ڌوئي هن وڻ جي هيٺ آرام ڪريو:</verse>
				<verse number="5">۽ آءٌ مانيءَ ٽڪر کڻي ٿو اچان، سو کائي آرام ڪريو، ۽ پوءِ هليا وڃجو؛ ڇالاءِ جو انهيءَ لاءِ اوهين پنهنجي ٻانهي وٽ آيا آهيو. تڏهن هنن چيس تہ جيئن چيو اٿئي، تيئن ڀلي ڪر.</verse>
				<verse number="6">پوءِ ابرهام تڪڙو تڪڙو تنبوءَ ۾ سارہ وٽ ويو ۽ چيائينس تہ جلدي ڪري ٽي ماڻ اٽو ڳوهي مانيون پچائي وٺ.</verse>
				<verse number="7">۽ ابرهام پاڻ ڌڻ ڏانهن ويو ۽ هڪڙو ٿلهو متارو وهڙو آڻي نوڪر کي ڏنائين، ۽ هن اهو جلد پچائي تيار ڪيو.</verse>
				<verse number="8">پوءِ مکڻ، کير، ۽ پڪل وهڙو آڻي هنن جي اڳيان رکيائين؛ ۽ پاڻ سندن پاسي ۾ در وٽ بيهي رهيو، ۽ هنن کاڌو.</verse>
				<verse number="9">پوءِ هنن چيس تہ تنهنجي زال سارہ ڪٿي آهي؟ هن چيو تہ اِجها تنبوءَ ۾ آهي.</verse>
				<verse number="10">هن چيو تہ جڏهن وري هيءَ بهار جي مند ايندي، تڏهن آءٌ ضرور تو وٽ موٽي ايندس ۽ ڏس، تنهنجيءَ زال سارہ کي پٽ ڄمندو. ۽ هن جي پٺيان تنبوءَ جو در هو، اُتان سارہ هيءَ ڳالهہ ٻڌي.</verse>
				<verse number="11">هاڻي ابرهام ۽ سارہ ٻڍا ۽ وڏيءَ عمر جا هئا؛ ۽ سارہ جي ماهواري بہ بند ٿي ويئي هئي.</verse>
				<verse number="12">سو سارہ دل ۾ کلي چيو تہ آءٌ ٻڍي ٿي ويئي آهيان ۽ منهنجو خاوند بہ ٻڍو آهي؛ ڀلا هن کان پوءِ مون کي ڪيئن خوشي حاصل ٿيندي؟</verse>
				<verse number="13">تڏهن خداوند ابرهام کي چيو تہ سارہ ڇو کلي چيو تہ آءٌ جا ٻڍي آهيان، سا سچ پچ پٽ ڄڻينديس ڇا؟</verse>
				<verse number="14">خداوند جي لاءِ ڪابہ ڳالهہ مشڪل آهي ڇا؟ وري هيءَ ساڳي مند ايندي، تڏهن ٺهرايل وقت تي آءٌ تو وٽ موٽي ايندس، ۽ سارہ کي پٽ ڄمندو.</verse>
				<verse number="15">تنهن تي سارہ انڪار ڪري چيو تہ مون ڪونہ کليو؛ ڇالاءِ جو هوءَ ڊڄي ويئي. پر هن چيو تہ نہ، تو برابر کليو.</verse>
				<verse number="16">پوءِ اُهي ماڻهو اٿي کڙا ٿيا ۽ سدوم ڏانهن رخ ڪيائون ۽ ابرهام کين اُماڻڻ لاءِ رستي تائين ساڻن گڏجي ويو.</verse>
				<verse number="17">۽ خداوند چيو تہ جيڪي آءٌ ڪريان ٿو، سو ابرهام کان لڪائيندس ڇا؟</verse>
				<verse number="18">ابرهام مان تہ ضرور هڪڙي وڏي ۽ زور واري قوم پيدا ٿيندي، ۽ زمين جي سڀني قومن کي هن جي وسيلي برڪت ملندي:</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ جو مون کي هن جي خبر آهي تہ هو ضرور پنهنجن ٻارن کي ۽ پنهنجي خاندان کي، جو کانئس پوءِ ٿيندو، تنهن کي حڪم ڪندو تہ هو خداوند جي واٽن تي قائم رهن، انصاف ۽ عدالت ڪن؛ انهيءَ لاءِ تہ خداوند جيڪي ابرهام جي بابت چيو آهي سو پورو ڪري.</verse>
				<verse number="20">سو خداوند چيو تہ سدوم ۽ امورہ جي دانهن وڌي ويئي آهي ۽ هنن جا گناهہ تمام گهڻا ٿيا آهن.</verse>
				<verse number="21">تنهنڪري هاڻي آءٌ هيٺ وڃي ڏسندس تہ جيڪا دانهن مون تائين پهتي آهي، تنهن موجب هنن ڪيو آهي ڇا؟ ۽ جي نہ تہ بہ مون کي خبر پوندي.</verse>
				<verse number="22">پوءِ اهي ماڻهو اتان ڦري سدوم ڏانهن وڃڻ لڳا، پر ابرهام اڃا خداوند جي حضور ۾ بيٺو هو،</verse>
				<verse number="23">۽ ابرهام ويجهو اچي چيو تہ تون راستبازن کي بہ بدڪارن سان گڏ برباد ڪندين ڇا؟</verse>
				<verse number="24">شايد پنجاهہ راستباز ماڻهو انهيءَ شهر ۾ هجن، پوءِ بہ تون اهو شهر برباد ڪندين ۽ انهن پنجاهہ راستبازن جي ڪري، هن کي ڇڏي ڪين ڏيندين؟</verse>
				<verse number="25">شل توکان ائين نہ ٿئي، جو بدڪارن سان گڏ راستبازن کي بہ برباد ڪرين، ۽ راستباز بدڪارن جهڙا ليکجن. ساريءَ دنيا جو منصف انصاف ڪين ڪندو ڇا؟</verse>
				<verse number="26">تڏهن خداوند چيو تہ جيڪڏهن مون کي سدوم شهر ۾ پنجاهہ راستباز ماڻهو ملندا، تہ هنن جي صدقي آءٌ سڄي شهر کي ڇڏي ڏيندس.</verse>
				<verse number="27">تڏهن ابرهام جواب ڏيئي چيو تہ هاڻي ڏس، مون خداوند سان ڳالهائڻ جي همت ڪئي آهي، جيتوڻيڪ آءٌ فقط مٽي ۽ رک آهيان:</verse>
				<verse number="28">شايد پنجاهہ راستبازن مان پنج گهٽ ٿي پون، تہ پوءِ بہ تون انهن پنجن جي گهٽ هئڻ ڪري سڄو شهر برباد ڪندين ڇا؟ هن چيو تہ جيڪڏهن آءٌ اتي پنجيتاليهہ ڏسندس، تہ بہ انهيءَ کي برباد نہ ڪندس.</verse>
				<verse number="29">وري بہ هن ساڻس ڳالهايو ۽ چيائين تہ شايد اتي چاليهہ لڀن. تڏهن هن چيو تہ آءٌ انهن چاليهن جي صدقي بہ ائين نہ ڪندس.</verse>
				<verse number="30">۽ هن چيو تہ جي خداوند ڪاوڙجي نہ، تہ آءٌ چوان: شايد اتي ٽيهہ ڄڻا لڀن. ۽ هن چيو تہ جي آءٌ اتي ٽيهہ ڄڻا ڏسندس تہ بہ ائين نہ ڪندس.</verse>
				<verse number="31">وري بہ هن چيو تہ ڏس مون خداوند سان ڳالهائڻ جي همت ڪئي آهي، شايد اتي ويهہ ڄڻا هجن. هن چيو تہ ويهن جي صدقي بہ انهي کي برباد نہ ڪندس.</verse>
				<verse number="32">تڏهن هن چيو تہ جي خداوند ڪاوڙجي نہ، تہ آءٌ هڪڙو ڀيرو وري بہ ڳالهايان: شايد اتي ڏهہ لڀن. هن چيو تہ ڏهن جي صدقي بہ انهيءَ کي برباد نہ ڪندس.</verse>
				<verse number="33">پوءِ جڏهن خداوند ابرهام سان ڳالهائي چڪو، تڏهن اتان روانو ٿيو ۽ ابرهام موٽي پنهنجيءَ جاءِ تي آيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="19">
				<verse number="1">پوءِ اهي ٻئي فرشتا شام جي وقت سدوم ۾ آيا ۽ لوط سدوم جي منڊيءَ ۾ ويٺو هو؛ جڏهن لوط هنن کي ڏٺو، تڏهن کين گڏجڻ لاءِ اُٿيو ۽ جهڪي سجدو ڪيائين؛</verse>
				<verse number="2">۽ چيائين تہ اي منهنجا سائين، هاڻي مهرباني ڪري پنهنجي ٻانهي جي گهر هلي رات اتي رهو، ۽ پنهنجا پير ڌوئو، ۽ صبح جو سوير اٿي، پنهنجي واٽ وٺجو. پر هنن چيو تہ نہ اسين سڄي رات هتي گهٽيءَ ۾ گذارينداسين.</verse>
				<verse number="3">پر هن گهڻو زور ڪين، تڏهن هو ڏانهنس وريا، ۽ سندس گهر آيا؛ ۽ هن سندن مهماني ڪئي، ۽ فطيري ماني پچايائين ۽ هنن کاڌو.</verse>
				<verse number="4">پر سمهڻ کان اڳي، سدوم شهر جي سڀني پاڙن جا ماڻهو، جوان توڙي ٻڍا، انهيءَ گهر کي چوڌاري وڪوڙي ويا؛</verse>
				<verse number="5">۽ لوط کي سڏي چيائون تہ جيڪي ماڻهو اڄ رات تو وٽ آيا هئا، سي ڪٿي آهن؟ انهن کي اسان وٽ وٺي اچ تہ ساڻن صحبت ڪريون.</verse>
				<verse number="6">تڏهن لوط ٻاهر نڪري هنن وٽ ويو ۽ پٺيان در بند ڪري ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="7">۽ کين چوڻ لڳو تہ ڀائرو، آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ اهڙو بڇڙو ڪم نہ ڪريو.</verse>
				<verse number="8">هاڻي ڏسو، منهنجون ٻہ ڌيون آهن جي مرد کان ناواقف آهن؛ جي چئو تہ آءٌ کين اوهان وٽ ٻاهر وٺي اچان، پوءِ جيئن اوهان کي وڻي تيئن ساڻن ڪريو: پر هنن ماڻهن کي ڪجهہ نہ ڪريو، ڇو تہ هو منهنجي پُکي هيٺ آيا آهن.</verse>
				<verse number="9">تڏهن هنن چيس تہ پري ٿي بيهہ. پوءِ هو چوڻ لڳا تہ هي پرديسي، جو هتي گذران ڪرڻ لاءِ آيو آهي، سو هاڻي حڪومت ٿو هلائي؛ هاڻي اسين تو سان هنن کان بہ وڌيڪ خراب هلت ڪنداسين. پوءِ هو انهيءَ ماڻهوءَ، يعني لوط کي، ڌڪا ڏيڻ لڳا ۽ در ڀڃڻ تي هئا،</verse>
				<verse number="10">تہ ايتري ۾ انهن ماڻهن پنهنجو هٿ ڊگهيري لوط کي ڇڪي پاڻ ڏانهن گهر ۾ آندو ۽ پوءِ در بند ڪري ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="11">۽ جيڪي ننڍا وڏا ماڻهو گهر جي در تي بيٺا هئا، تن کي انڌو ڪري ڇڏيائون، اهڙو جو هو در ڳولي ڳولي رهجي ويا.</verse>
				<verse number="12">پوءِ انهن ماڻهن لوط کي چيو تہ هتي تنهنجو ڪو ٻيو بہ آهي؟ ناٺي، پٽ، ڌيون، ۽ ٻيو جيڪي تنهنجو هن شهر ۾ هجي، تنهن کي ساڻ ڪري هن شهر مان نڪري وڃ:</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو اسين هن شهر کي برباد ڪنداسين، ڇو تہ هن جي دانهن خداوند وٽ تمام گهڻي ٿي آهي، ۽ خداوند اسان کي هن جي برباد ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي.</verse>
				<verse number="14">۽ لوط ٻاهر وڃي پنهنجي ناٺين، جن سان سندس ڌيئرن جي شادي ٿيڻي هئي، تن سان ڳالهہ ٻولهہ ڪئي، ۽ چيائين تہ اُٿو هن هنڌان نڪري وڃو؛ ڇالاءِ جو خداوند هي شهر برباد ڪندو. پر سندس ناٺين سمجهيو تہ هو چرچا ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="15">پوءِ جڏهن پرهہ ڦٽي، تڏهن فرشتن لوط کي چيو تہ اُٿ، پنهنجي زال ۽ ٻہ ڌيون جي هتي آهن، تن کي وٺي هتان هليو وڃ. ائين نہ ٿئي تہ جيڪا آفت هن شهر تي اچڻي آهي، تنهن ۾ تون بہ برباد ٿي وڃين.</verse>
				<verse number="16">تنهن هوندي بہ هن اڃا پئي ڍرائي ڪئي؛ پر جيئن تہ خداوند مٿس مهربان هو، سو اهي ماڻهو کيس، ۽ سندس زال، ۽ سندس ڌيئرن کي هٿ کان وٺي، کين شهر کان ٻاهر ڪڍي آيا.</verse>
				<verse number="17">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو کين ٻاهر ڪڍي آيا، تڏهن چيائينس تہ هاڻي پنهنجو ساهہ بچائي اٿي ڀڄ؛ پنهنجي پٺيان اصل نہ نهارج، نڪي هن ساري ميدان ۾ ڪٿي ترسج؛ پر جبل ڏانهن ڀڄي وڃ، متان تون بہ برباد ٿين.</verse>
				<verse number="18">۽ لوط کين چيو تہ اي منهنجا سائين، ائين نہ ڪر.</verse>
				<verse number="19">هاڻي ڏس، تو پنهنجي ٻانهي تي مهر جي نظر ڪئي آهي، ۽ تو مون تي ايڏو وڏو فضل ڪيو، جو منهنجو ساهہ بچايو اٿئي، هاڻي آءٌ جبل ڏانهن ڀڄي نٿو سگهان، متان اها آفت مون تي اچي پوي، ۽ آءٌ مري وڃان.</verse>
				<verse number="20">هاڻي ڏس، هي شهر ويجهو آهي، اتي ڀڄي وڃڻ سولو ٿيندو، ۽ اهو شهر بہ ننڍڙو آهي: سو مون کي موڪل ڏي تہ اوڏانهن ڀڄي وڃان، (اهو شهر ننڍڙو ڪين آهي ڇا؟) اتي منهنجو ساهہ بچي پوندو.</verse>
				<verse number="21">تڏهن هن چيس تہ ڏس، مون هن بابت تنهنجو عرض قبول ڪيو آهي، ۽ جنهن شهر جي نالي تون چوين ٿو، تنهن کي برباد نہ ڪندس.</verse>
				<verse number="22">تون جلدي ڪري اوڏانهن ڀڄي وڃ؛ ڇالاءِ تہ جيسين تون اتي نہ پهچندين، تيسين آءٌ ڪي بہ ڪين ڪري سگهندس. تنهنڪري انهيءَ شهر جو نالو ضغر پئجي ويو.</verse>
				<verse number="23">۽ جنهن وقت لوط ضغر ۾ پهتو، تنهن وقت سج اُڀري چڪو هو.</verse>
				<verse number="24">پوءِ خداوند سدوم ۽ عمورہ تي آسمان مان خداوند وٽان گندرف ۽ باهہ وسائي؛</verse>
				<verse number="25">۽ انهن شهرن کي، ۽ ساري ميدان کي، ۽ انهن شهرن جي سڀني رهاڪن کي، ۽ جيڪي زمين تي اُڀريو هو، تنهن کي برباد ڪري ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="26">پر لوط جي زال منهن ڦيرائي پٺ تي نهاريو ۽ هوءَ لوڻ جو ٿنڀ ٿي پيئي.</verse>
				<verse number="27">۽ ابرهام صبح جو سوير اٿي، انهيءَ هنڌ ويو، جتي هو خداوند جي حضور ۾ بيٺو هو:</verse>
				<verse number="28">۽ هن سدوم ۽ عمورہ ڏانهن ۽ ميدان جي ساريءَ زمين ڏانهن نهاريو، ۽ ڇا ٿو ڏسي تہ انهيءَ زمين جو دونهون کوري جي دونهين وانگر مٿي پيو چڙهي.</verse>
				<verse number="29">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خدا انهيءَ ميدان جي شهرن کي برباد ڪيو، تڏهن خدا ابرهام جي يادگيري ڪئي ۽ جن شهرن ۾ لوط رهندو هو، تن کي برباد ڪرڻ وقت لوط کي انهيءَ آفت کان بچائي ورتائين.</verse>
				<verse number="30">پوءِ لوط ضغر مان نڪري وڃي جبل ۾ رهيو، ۽ سندس ٻہ ڌيون بہ ساڻس هيون؛ ڇالاءِ جو هو ضغر ۾ رهڻ کان ڊنو ٿي، تنهنڪري پنهنجين ٻنهي ڌيئرن سوڌو وڃي جبل جي غار ۾ رهيو.</verse>
				<verse number="31">پوءِ وڏيءَ ننڍيءَ کي چيو تہ اسان جو پيءُ ٻڍو آهي ۽ زمين تي ڪو ٻيو ماڻهو ڪونهي جو ساري جهان جي دستور موجب اسان وٽ اچي.</verse>
				<verse number="32">تنهنڪري اچ تہ اسين پنهنجي پيءُ کي مئي پياري ساڻس گڏ سمهون، تہ اسين پنهنجي پيءُ جو نسل قائم رکون.</verse>
				<verse number="33">سو هنن انهيءَ رات پنهنجي پيءُ کي مئي پياري، ۽ وڏي وڃي پنهنجي پيءُ سان گڏ سُتي؛ پر هن کي اهو سماءُ ڪونہ رهيو تہ هوءَ ڪڏهن سُتي ۽ ڪڏهن اٿي.</verse>
				<verse number="34">۽ صبح جو هيئن ٿيو جو وڏيءَ ننڍيءَ کي چيو تہ ڏس، ڪالهہ رات آءٌ پنهنجي پيءُ سان سُتي هيس: اچ تہ اڄ رات بہ هن کي مئي پياريون ۽ تون وڃي ساڻس گڏ سمهہ، تہ اسين پنهنجي پيءُ جو نسل قائم رکون.</verse>
				<verse number="35">سو انهن انهيءَ رات بہ پنهنجي پيءُ کي مئي پياري، ۽ ننڍي اُٿي وڃي ساڻس گڏ سُتي؛ پر هن کي اهو سماءُ ڪونہ رهيو تہ هوءَ ڪڏهن سُتي ۽ ڪڏهن اٿي.</verse>
				<verse number="36">انهيءَ طرح لوط جون ٻئي ڌيون پيءُ مان پيٽ سان ٿيون.</verse>
				<verse number="37">پوءِ وڏيءَ کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو موآب رکيائين، ۽ اڄ ڏينهن تائين جيڪي موآبي آهن، تن جو هو ابو آهي.</verse>
				<verse number="38">۽ ننڍيءَ کي بہ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو بن عمي رکيائين، ۽ اڄ ڏينهن تائين جيڪي امون جو اولاد ٿا سڏجن، تن جو هو ابو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="20">
				<verse number="1">پوءِ ابرهام اتان نڪري ڏکڻ ڏانهن مسافري ڪندو، قادس ۽ شور جي وچ ۾ آيو؛ ۽ جرار ۾ اچي رهيو.</verse>
				<verse number="2">۽ اتي ابرهام پنهنجيءَ زال سارہ نالي چيو تہ هوءَ منهنجي ڀيڻ آهي. تڏهن جرار جي بادشاهہ ابي ملڪ ماڻهو موڪلي، سارہ کي گهرائي ورتو.</verse>
				<verse number="3">پر خدا رات جي وقت خواب ۾ ابي ملڪ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ جيڪا زال تو پاڻ وٽ گهرائي آهي، تنهن جي ڪري تون پاڻ کي مئل سمجهہ؛ ڇالاءِ جو اُها ٻئي ماڻهوءَ جي زال آهي.</verse>
				<verse number="4">هاڻي ابي ملڪ هن جي ويجهو نہ ويو هو، ۽ هن چيو تہ خداوند تون ڪنهن سچيءَ قوم کي قتل ڪندين ڇا؟</verse>
				<verse number="5">هن پاڻ مون کي ڪين چيو ڇا تہ هوءَ منهنجي ڀيڻ آهي؟ ۽ خود هن زال ڪين چيو ڇا تہ هو منهنجو ڀاءُ آهي؟ مون تہ هي ڪم پنهنجيءَ دل جي سچائيءَ سان ڪيو ۽ هٿ جي پاڪيزگيءَ سان ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="6">تڏهن خدا هن کي خواب ۾ چيو تہ بيشڪ، مون کي خبر آهي تہ تو هي ڪم دل جي سچائيءَ سان ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ مون بہ توکي پنهنجي برخلاف گناهہ ڪرڻ کان روڪي ورتو، ۽ انهيءَ کي هٿ لائڻ نہ ڏنو.</verse>
				<verse number="7">سو تون انهي ماڻهوءَ جي زال کيس موٽائي ڏي؛ ڇالاءِ جو هو نبي آهي، ۽ هو تو لاءِ دعا گهرندو ۽ تون جيئرو رهندين. پر جيڪڏهن تون اها موٽائي نہ ڏيندين، تہ پڪ ڄاڻ تہ تون ۽ ٻيا جيڪي تنهنجا آهن، سي ضرور مرندا.</verse>
				<verse number="8">پوءِ ابي ملڪ صبح جو سوير اٿي پنهنجن سڀني نوڪرن کي سڏيو ۽ کين اهي ڳالهيون ٻڌايائين، تنهن تي اهي ماڻهو ڏاڍو ڊڄي ويا.</verse>
				<verse number="9">پوءِ ابي ملڪ ابرهام کي سڏي چيو تہ تو هي اسان سان ڇا ڪيو آهي؟ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهہ ڪيو، جو تو مون تي ۽ منهنجي بادشاهت تي هڪڙو وڏو گناهہ آندو آهي؟ تو مون سان اهڙا ڪم ڪيا آهن، جي توکي ڪرڻ نہ گهربا هئا.</verse>
				<verse number="10">۽ ابي ملڪ ابرهام کي چيو تہ تو ڇا ڏٺو، جو اهو ڪم ڪيو اٿئي؟</verse>
				<verse number="11">تڏهن ابرهام چيو تہ ڇالاءِ جو مون سمجهيو تہ هن هنڌ خدا جو خوف بلڪل ڪونهي، ۽ ماڻهو مون کي منهنجيءَ زال جي سبب ماري وجهندا.</verse>
				<verse number="12">تنهن کان سواءِ هوءَ سچ پچ منهنجي ڀيڻ آهي، جو منهنجي پيءُ جي ڌيءَ آهي، پر نہ منهنجيءَ ماءُ جي، ۽ پوءِ هوءَ منهنجي زال ٿي.</verse>
				<verse number="13">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خدا مون کي چيو تہ پنهنجي پيءُ جو گهر ڇڏي پرديس ۾ وڃ، تڏهن مون هن کي چيو تہ اها تنهنجي مون تي مهرباني ٿيندي تہ جنهن جنهن هنڌ پاڻ هلون، اتي تون منهنجي نالي چئج تہ هي منهنجو ڀاءُ آهي.</verse>
				<verse number="14">تڏهن ابي ملڪ ابرهام کي رڍون، ڏاند، غلام ۽ ٻانهيون ڏنيون، ۽ سندس زال سارہ بہ موٽائي ڏنائينس.</verse>
				<verse number="15">۽ ابي ملڪ چيو تہ ڏس منهنجو ملڪ تنهنجي اڳيان آهي، جتي وڻيئي اتي رهہ.</verse>
				<verse number="16">۽ سارہ کي چيائين تہ ڏس، مون تنهنجي ڀاءُ کي چانديءَ جا هزار سڪا ڏنا آهن؛ تہ جيڪي ماڻهو تو سان آهن، تن سڀني جي اڳيان، اهو تنهنجي لاءِ اکين جو پردو ٿيندو، ۽ انهن سڀني جي روبرو تون بي عيب آهين.</verse>
				<verse number="17">پوءِ ابرهام خدا کان دعا گهري ۽ خدا ابي ملڪ کي، ۽ سندس زال کي، ۽ سندس ٻانهين کي، ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو، ۽ انهن ٻار ڄڻيا.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو خدا ابرهام جي زال سارہ جي ڪري ابي ملڪ جي گهر جي زالن جا پيٽ بلڪل بند ڪري ڇڏيا هئا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="21">
				<verse number="1">هاڻي جيئن خداوند چيو هو، تيئن سارہ تي نظر ڪيائين ۽ پنهنجي چوڻ موجب سارہ سان ڪيائين.</verse>
				<verse number="2">۽ سارہ پيٽ سان ٿي ۽ ابرهام جي لاءِ، هن جي ٻڍاپي ۾، جيئن خدا چيو هوس، ٺهرايل وقت تي پٽ ڄائس.</verse>
				<verse number="3">۽ ابرهام پنهنجي انهيءَ پٽ جو نالو، جيڪو سندس لاءِ سارہ جي پيٽان ڄائو هو، اسحاق رکيو.</verse>
				<verse number="4">۽ جيئن خدا ابرهام کي حڪم ڏنو هو، تيئن جڏهن سندس پٽ اسحاق اٺن ڏينهن جو ٿيو، تڏهن هن جو ختنو ڪيائين.</verse>
				<verse number="5">جڏهن ابرهام جو پٽ اسحاق ڄائو، تڏهن ابرهام جي عمر هڪ سؤ ورهيہ هئي.</verse>
				<verse number="6">۽ سارہ چيو تہ خدا مون کي کلايو آهي؛ جيڪو ٻڌندو سو مون سان گڏ کلندو.</verse>
				<verse number="7">۽ چوڻ لڳي تہ ڪير ابرهام کي چوي ها، تہ سارہ ٻارن کي چڳڙ ڌارائيندي؟ ڇالاءِ جو هن جي ٻڍاپي ۾ مون کي سندس لاءِ پٽ ڄائو آهي.</verse>
				<verse number="8">پوءِ اهو ٻار وڏو ٿيو، ۽ ٿڃ ڇڏايائونس: ۽ جنهن ڏينهن اسحاق جي ٿڃ ڇڏايائون، تنهن ڏينهن ابرهام هڪڙي وڏي مجلس ڪئي.</verse>
				<verse number="9">۽ سارہ ڏٺو تہ مصر واريءَ هاجرہ کي جيڪو ابرهام مان پٽ ڄائو هو، سو چرچا پيو ڪري.</verse>
				<verse number="10">تنهن تي ابرهام کي چيائين تہ هن ٻانهيءَ ۽ سندس پٽ کي ڪڍي ڇڏ؛ ڇالاءِ جو هن ٻانهيءَ جو پٽ منهنجي پٽ اسحاق سان گڏ ورثي جو مالڪ نہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="11">پر ابرهام جي نظر ۾ پنهنجي پٽ جي بابت هيءَ ڳالهہ ڏاڍي ڏکي لڳي.</verse>
				<verse number="12">تڏهن خدا ابرهام کي چيو تہ تون پنهنجي پٽ ۽ پنهنجي ٻانهيءَ جي بابت هن ڳالهہ تي ڏک نہ ڪر. جيڪا ڳالهہ سارہ توکي چوي ٿي، تنهن ۾ هن جو چوڻ ٻڌ؛ ڇالاءِ جو تنهنجو نسل اسحاق مان سڏبو.</verse>
				<verse number="13">هن ٻانهيءَ جي پيٽ مان بہ آءٌ هڪڙي قوم پيدا ڪندس: ڇالاءِ جو هو بہ تنهنجي نسل مان آهي.</verse>
				<verse number="14">سو ابرهام صبح جو سوير اُٿيو، ۽ ماني، ۽ پاڻيءَ سان ڀريل هڪڙي مشق هاجرہ کي سندس ڪلهي تي رکي ڏنائين، ۽ ٻار سميت روانو ڪري ڇڏيائينس. هو اتان نڪري بيرسبع جي رڻ پٽ ۾ رلندي رهي.</verse>
				<verse number="15">جڏهن مشڪ جو پاڻي کپي ويو، تڏهن هن انهيءَ ٻار کي هڪڙي ٻوڙي هيٺ رکي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="16">۽ پاڻ هن جي سامهون تير جي ڌڪ جيترو پري وڃي ويهي رهي؛ ڇالاءِ جو چيائين تہ ٻار کي مرندو نہ ڏسان. سو انهيءَ جي سامهون ويهي زاروزار روئڻ لڳي.</verse>
				<verse number="17">۽ خدا انهيءَ ڇوڪر جو آواز ٻڌو، ۽ خدا جي فرشتي آسمان مان هاجرہ کي سڏي چيو تہ اي هاجرہ، توکي ڪهڙي تڪليف آهي؟ ڊڄ نہ، جتي ڇوڪر پيو آهي، اتان ئي خدا هن جو آواز ٻڌو آهي.</verse>
				<verse number="18">اُٿ، ڇوڪر کي کڻي پنهنجن هٿن ۾ ڪر؛ ڇالاءِ جو آءٌ هن کي هڪڙي وڏي قوم بنائيندس.</verse>
				<verse number="19">۽ خدا هن جون اکيون کوليون ۽ هن پاڻيءَ جو هڪڙو کوهہ ڏٺو، ۽ وڃي پنهنجي مشڪ پاڻيءَ سان ڀري آڻي ڇوڪر کي پياريائين.</verse>
				<verse number="20">خدا انهيءَ ڇوڪر سان هو، ۽ هو وڌي وڏو ٿيو، ۽ بيابان ۾ رهي وڏو تير انداز ٿيو.</verse>
				<verse number="21">۽ هو فاران جي رڻ پٽ ۾ رهڻ لڳو ۽ سندس ماءُ هن جي لاءِ مصر جي ملڪ مان زال آندي.</verse>
				<verse number="22">انهيءَ وقت هيئن ٿيو جو ابي ملڪ ۽ سندس سپهہ سالار فيڪل، ابرهام کي چيو تہ جيڪي تون ڪرين ٿو، تنهن ۾ خدا تو ساڻ آهي.</verse>
				<verse number="23">سو هاڻي، هتي مون سان خدا جو قسم کڻ تہ تون مون، توڙي منهنجي پٽ ۽ پوٽي سان دغا نہ ڪندين: ۽ جهڙي مهرباني مون تو سان ڪئي آهي، تهڙي مون سان، ۽ جنهن ملڪ ۾ تون رهيو پيو آهين، تنهن سان ڪندو رهندين.</verse>
				<verse number="24">تڏهن ابرهام چيو تہ آءٌ قسم کڻندس.</verse>
				<verse number="25">۽ ابرهام ابي ملڪ کي هڪڙي پاڻيءَ جي کوهہ لاءِ ڏوراپو ڏنو، جو هن جي نوڪرن زبردستيءَ سان کسي ورتو هو.</verse>
				<verse number="26">پر ابي ملڪ چيو تہ مون کي خبر ڪانهي تہ ڪنهن اهو ڪم ڪيو آهي، تو بہ مون کي ڪونہ ٻڌايو، ۽ نڪي اڄ ڏينهن تائين مون انهيءَ بابت ڪٿان ٻڌو.</verse>
				<verse number="27">پوءِ ابرهام رڍون ۽ ڏاند آڻي ابي ملڪ کي ڏنا، ۽ ٻنهي پاڻ ۾ عهد ڪيو.</verse>
				<verse number="28">۽ ابرهام ست گهيٽيون ڌڻ مان ڪڍي ڌار ڪيون.</verse>
				<verse number="29">تڏهن ابي ملڪ ابرهام کي چيو تہ هي ست گهيٽيون جي تو ڌار ڪيون آهن، تنهن جو ڪهڙو مطلب آهي؟</verse>
				<verse number="30">تڏهن هن چيو تہ هي ست گهيٽيون تون مون کان وٺ، تہ اهي انهيءَ ڳالهہ لاءِ منهنجون شاهد ٿين، تہ هيءُ کوهہ مون کوٽيو آهي.</verse>
				<verse number="31">تنهنڪري هن انهيءَ هنڌ جو نالو بيرسبع رکيو؛ ڇالاءِ جو هنن ٻنهي اُتي قسم کنيو.</verse>
				<verse number="32">سو هنن بيرسبع وٽ پاڻ ۾ عهد ڪيو. پوءِ ابي ملڪ ۽ سندس سپهہ سالار فيڪل، موٽي فلستين جي ملڪ ۾ آيا.</verse>
				<verse number="33">۽ ابرهام بيرسبع ۾ هڪڙو لئيءَ جو وڻ لڳايو، ۽ اتي خداوند، ابدي خدا کان دعا گهريائين.</verse>
				<verse number="34">۽ ابرهام گهڻن ڏينهن تائين فلستين جي ملڪ ۾ رهيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="22">
				<verse number="1">انهن ڳالهين کان پوءِ هيئن ٿيو جو خداوند ابرهام جي آزمائش ورتي ۽ چيائينس تہ ابرهام، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.</verse>
				<verse number="2">تڏهن هن چيو تہ تنهنجو پٽ، تنهنجو سڪيلڌو پٽ اسحاق، جنهن کي تون پيار ٿو ڪرين، تنهن کي وٺي مورياہ جي ملڪ ۾ وڃ، ۽ اتي جيڪو جبل آءٌ توکي ڏيکاريان، تنهن تي هن کي سوختني قربانيءَ لاءِ چاڙهہ.</verse>
				<verse number="3">تڏهن ابرهام صبح جو سوير اٿي پنهنجو گڏهہ پلاڻيو، ۽ قربانيءَ جي ساڙڻ لاءِ ڪاٺيون چيريائين، پوءِ پنهنجا ٻہ نوڪر ۽ پنهنجي پٽ اسحاق کي پاڻ سان وٺي، انهيءَ هنڌ ويو، جنهن جو خدا ڏس ڏنو هوس.</verse>
				<verse number="4">ٽئين ڏينهن ابرهام پنهنجيون اکيون مٿي کڻي پري کان اهو هنڌ ڏٺو.</verse>
				<verse number="5">تڏهن ابرهام پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ اوهين هتي گڏهہ وٽ ترسو، آءٌ ۽ ڇوڪر اڳتي ٿا وڃون؛ ۽ اسين عبادت ڪري اوهان وٽ موٽي اينداسين.</verse>
				<verse number="6">ابرهام قربانيءَ جون ڪاٺيون کڻي پنهنجي پٽ اسحاق تي رکيون، ۽ باهہ، ۽ ڪاتي پنهنجي هٿ ۾ کنيائين، ۽ ٻئي گڏجي اٿي هليا.</verse>
				<verse number="7">تڏهن اسحاق پنهنجي پيءُ ابرهام کي چيو تہ اي بابا! هن چيو تہ اِجهو منهنجا پٽ. ۽ هن چيو تہ ڏس باهہ ۽ ڪاٺيون تہ آهن، پر سوختني قربانيءَ جي لاءِ گهيٽو ڪٿي آهي؟</verse>
				<verse number="8">تڏهن ابرهام چيو تہ منهنجا پٽ، خدا پاڻيهي سوختني قربانيءَ جي لاءِ گهيٽو موجود ڪندو. سو هو ٻئي گڏجي هلندا ويا.</verse>
				<verse number="9">جڏهن انهيءَ هنڌ آيا جنهن جو خدا ڏس ڏنو هوس؛ تڏهن ابرهام اتي قربانگاهہ جوڙي ۽ اتي ڪاٺيون ٺاهي رکيائين، ۽ پنهنجي پٽ اسحاق کي ٻڌي ڪاٺين جي مٿان رکيائين.</verse>
				<verse number="10">پوءِ ابرهام پنهنجو هٿ ڊگهيري پنهنجي پٽ کي ڪهڻ لاءِ ڪاتي کنئي.</verse>
				<verse number="11">تڏهن خداوند جي فرشتي آسمان مان سڏ ڪري چيس تہ ابرهام، ابرهام، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.</verse>
				<verse number="12">۽ هن چيو تہ ڇوڪر تي هٿ نہ کڻ، ۽ ڪي بہ نہ ڪرينس: هاڻي مون کي خبر پيئي آهي، تہ توکي خدا جو خوف آهي، ڇالاءِ جو تو پنهنجو پٽ، پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجهي نہ رکيو آهي.</verse>
				<verse number="13">پوءِ ابرهام پنهنجيون اکيون مٿي کڻي نهاريو ۽ پنهنجي پٺيان هڪڙو گهيٽو ڏٺائين جنهن جا سڱ هڪڙي گهاٽي ٻوڙي ۾ اٽڪيل هئا تڏهن ابرهام وڃي اهو گهيٽو آندو ۽ پنهنجي پٽ جي بدران انهيءَ جي سوختني قرباني ڪيائين.</verse>
				<verse number="14">۽ ابرهام انهيءَ هنڌ جو نالو يهوواہ يري رکيو، جيئن اڄ ڏينهن تائين بہ چوڻ ۾ ٿو اچي، تہ خداوند جي جبل تي موجود ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="15">پوءِ خداوند جي فرشتي ٻيو ڀيرو آسمان مان ابرهام کي سڏي چيو تہ،</verse>
				<verse number="16">انهيءَ لاءِ تہ تو هي ڪم ڪيو ۽ پنهنجو پٽ، پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجهي نہ رکيو، تنهنڪري مون پنهنجو قسم کنيو آهي تہ</verse>
				<verse number="17">آءٌ توکي برڪت تي برڪت ڏيندس، ۽ تنهنجي اولاد کي وڌائيندي وڌائيندي ايترو ڪندس، جيترا آسمان جا تارا آهن، ۽ جيتري سمنڊ جي ڪناري جي واري آهي؛ ۽ تنهنجو اولاد پنهنجن دشمنن جي دروازي تي قبضو ڪندو.</verse>
				<verse number="18">تنهنجي نسل جي وسيلي زمين جي سڀني قومن کي برڪت ملندي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجو چوڻ مڃيو آهي.</verse>
				<verse number="19">پوءِ ابرهام موٽي پنهنجن نوڪرن وٽ آيو، ۽ اهي روانا ٿيا ۽ گڏجي بيرسبع ۾ آيا؛ ۽ ابرهام بيرسبع ۾ رهڻ لڳو.</verse>
				<verse number="20">انهن ڳالهين کان پوءِ هيئن ٿيو جو ابرهام کي خبر ملي تہ ملڪاہ کي بہ سندس ڀاءُ نحور مان ٻار پيدا ٿيا آهن.</verse>
				<verse number="21">عوض هن جو پهريتو پٽ آهي، ۽ سندس ڀائر بوز ۽ قموئيل، جو آرام جو پيءُ آهي؛</verse>
				<verse number="22">انهن کان سواءِ ڪسد، حضو، فلداس، ادلاف ۽ بيتوايل.</verse>
				<verse number="23">۽ بيتوايل مان ربقہ پيدا ٿي: اهي اٺ ٻار ملڪاہ کي ابرهام جي ڀاءُ نحور مان پيدا ٿيا.</verse>
				<verse number="24">۽ سندس سريت جنهن جو نالو رومہ هو، تنهن کي بہ منجهانئس طبحہ، جاحم، تخس ۽ معڪہ پيدا ٿيا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="23">
				<verse number="1">هاڻي سارہ جي عمر هڪ سؤ ستاويهہ ورهيہ هئي: سارہ جي حياتي ايترن سالن جي هئي.</verse>
				<verse number="2">۽ سارہ ڪنعان جي ملڪ ۾ قريت اربع، يعني حبرون ۾ وفات ڪئي ۽ ابرهام سارہ جي لاءِ ماتم ڪيو ۽ رنو.</verse>
				<verse number="3">پوءِ ابرهام پنهنجي مردي وٽان اٿي، حت جي پٽن کي چيو تہ</verse>
				<verse number="4">آءٌ اوهان وٽ ڌاريو ۽ مسافر آهيان: مون کي پاڻ وٽ قبرستان جي لاءِ زمين جو ٽڪر ڏيو تہ آءٌ پنهنجو مردو پنهنجيءَ نظر کان پاسي ڪري، اتي دفن ڪريان.</verse>
				<verse number="5">تڏهن حت جي پٽن ابرهام کي ورندي ڏيئي چيو تہ</verse>
				<verse number="6">اي سائين، اسان جي ڳالهہ ٻڌ، تون اسان جي وچ ۾ هڪڙو وڏو امير آهين، اسان جي قبرستان ۾ جيڪا قبر توکي وڻي، تنهن ۾ پنهنجو مردو دفن ڪر، اسان مان ڪوبہ توکي پنهنجيءَ قبر کان منع نہ ڪندو، ڀلي تون پنهنجو مردو دفن ڪر.</verse>
				<verse number="7">تڏهن ابرهام اٿي انهن ماڻهن، يعني حت جي پٽن اڳيان ڪنڌ نمايو.</verse>
				<verse number="8">۽ چيائين تہ جيڪڏهن اوهان جي مرضي آهي تہ آءٌ پنهنجو مردو پنهنجيءَ نظر کان پاسي ڪري دفن ڪريان، تہ منهنجي ڳالهہ ٻڌو، صحر جي پٽ عفرون کي منهنجي سفارش ڪريو،</verse>
				<verse number="9">تہ هو مڪفيلہ جو غار، جو سند ملڪيت آهي، ۽ سندس ٻنيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ آهي، تنهن جي پوري قيمت وٺي مون کي ڏي؛ تہ اوهان جي وچ ۾ هڪڙو قبرستان منهنجي ملڪيت ٿئي.</verse>
				<verse number="10">هاڻي عفرون اتي حت جي پٽن جي وچ ۾ ويٺو هو: سو انهن سڀني جي اڳيان، ۽ جيڪي حت جا پٽ سندس شهر جي دروازي مان اندر ٿي آيا، تن جي روبرو ابرهام کي چوڻ لڳو،</verse>
				<verse number="11">تہ منهنجا سائين، منهنجي ڳالهہ ٻڌ، اها ٻني ۽ جيڪو غار منجهس آهي، سي ٻئي آءٌ توکي مفت ۾ ٿو ڏيان، اهي آءٌ پنهنجيءَ قوم جي پٽن جي روبرو توکي ٿو ڏيان: تون ڀلي پنهنجو مردو دفن ڪر.</verse>
				<verse number="12">تڏهن ابرهام انهيءَ ملڪ جي ماڻهن جي اڳيان ڪنڌ نمايو.</verse>
				<verse number="13">۽ هن انهيءَ ملڪ جي ماڻهن جي روبرو عفرون کي چيو تہ جي تون راضي آهين، تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان، تہ منهنجي ڳالهہ ٻڌ؛ آءٌ ٻنيءَ جي قيمت ڏيان ٿو، اها مون کان وٺ، تہ پوءِ آءٌ اتي پنهنجو مردو دفن ڪريان.</verse>
				<verse number="14">تڏهن عفرون ابرهام کي ورندي ڏيئي چيو تہ</verse>
				<verse number="15">منهنجا سائين، منهنجي ڳالهہ ٻڌ، هن زمين جي ٽڪر جي قيمت چانديءَ جا چار سؤ سڪا آهن، سي تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ڇا آهن؟ تون ڀلي پنهنجو مردو دفن ڪر.</verse>
				<verse number="16">۽ ابرهام، عفرون جي ڳالهہ قبول ڪئي؛ ۽ ابرهام اوتري چاندي، جيتري هن حت جي پٽن جي روبرو چئي هئي، يعني چانديءَ جا چار سؤ سڪا، جي واپارين ۾ چالو هئا، سي توري ڏنائينس.</verse>
				<verse number="17">انهيءَ طرح عفرون جي اها ٻني، جا مڪفيلہ ۾ ممري جي سامهون هئي، ۽ غار جو منجهس هو، ۽ جيڪي وڻ ٻنيءَ ۾، ۽ انهيءَ جي چئني حدن ۾ هئا تن سوڌي،</verse>
				<verse number="18">حت جي پٽن ۽ جيڪي هن جي شهر جي دروازي جي اندر آيا ٿي، تن جي روبرو ابرهام کي پڪيءَ طرح قبضي ۾ ملي.</verse>
				<verse number="19">تنهن کان پوءِ ابرهام پنهنجيءَ زال سارہ کي مڪفيلہ واريءَ ٻنيءَ جي غار ۾، جو ممري، يعني حبرون جي سامهون ڪنعان جي ملڪ ۾ آهي؛ اتي دفن ڪيو.</verse>
				<verse number="20">۽ اُها ٻني ۽ جيڪو غار منجهس آهي، سي حت جي پٽن، قبرستان جي لاءِ پڪيءَ طرح ابرهام جي قبضي ۾ ڏنا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="24">
				<verse number="1">هاڻي ابرهام ٻڍو ۽ وڏي عمر جو ٿيو، ۽ خداوند سڀني ڳالهين ۾ ابرهام کي برڪت ڏني هئي.</verse>
				<verse number="2">۽ ابرهام پنهنجي گهر جي سڀني کان پراڻي نوڪر کي سڏيو، جو سندس ساري ملڪيت جو خيال رکندو هو، ۽ چيائينس تہ مهرباني ڪري، پنهنجو هٿ منهنجي ران جي هيٺان رک:</verse>
				<verse number="3">۽ خداوند، جو آسمان ۽ زمين جو خدا آهي، تنهن جو آءٌ تو کي قسم ٿو ڏيان، تہ جن ڪنعانين ۾ آءٌ رهان ٿو، تن جي ڌيئرن مان ڪنهن سان بہ منهنجي پٽ جي شادي نہ ڪرائج.</verse>
				<verse number="4">پر تون منهنجي ملڪ ۾ منهنجن عزيزن ۾ وڃي، اُتان منهنجي پٽ اسحاق جي لاءِ زال وٺي اچ.</verse>
				<verse number="5">تڏهن هن نوڪر چيس تہ شايد اها زال مون سان گڏ هن ملڪ ۾ اچڻ لاءِ راضي نہ ٿئي، تہ پوءِ آءٌ تنهنجي پٽ کي موٽائي انهيءَ ملڪ ۾ وٺي وڃان ڇا، جتان تون آيو آهين؟</verse>
				<verse number="6">تنهن تي ابرهام چيس تہ خبردار، متان منهنجي پٽ کي موٽائي انهيءَ ملڪ ۾ وٺي وڃين.</verse>
				<verse number="7">خداوند آسمان جو خدا، جنهن مون کي منهنجي پيءُ جي گهر مان ۽ منهنجي وطن مان ڪڍي آندو، ۽ مون سان ڪلام ڪيو، ۽ مون سان قسم کڻي مون کي چيو تہ آءٌ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين ڏيندس؛ سو ئي پنهنجي فرشتي کي تنهنجي اڳيان موڪليندو، تہ تون اُتان منهنجي پٽ جي لاءِ زال وٺي اچين.</verse>
				<verse number="8">۽ جي اها زال تون سان گڏ اچڻ لاءِ راضي نہ ٿئي، تہ پوءِ تون منهنجي هن قسم کان ڇٽل آهين؛ پر منهنجي پٽ کي بلڪل اوڏانهن وٺي نہ وڃج.</verse>
				<verse number="9">پوءِ انهيءَ نوڪر پنهنجي مالڪ ابرهام جي ران جي هيٺان هٿ رکيو ۽ انهيءَ ڳالهہ بابت قسم کنيائين.</verse>
				<verse number="10">پوءِ انهيءَ نوڪر پنهنجي مالڪ جي اُٺن مان ڏهہ اُٺ کنيا، ڇو جو سندس مالڪ جي ساري مال تي اختيار هوس: ۽ اٿي روانو ٿيو، ۽ مسوپتاميہ ۾ نحور جي شهر ۾ آيو.</verse>
				<verse number="11">۽ شام جو، جنهن وقت زالون پاڻي ڀرڻ وينديون آهن، تنهن وقت شهر کان ٻاهر پاڻيءَ جي کوهہ وٽ اُٺ آڻي جهڪايائين.</verse>
				<verse number="12">۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند، منهنجي مالڪ ابرهام جا خدا، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ اڄ تون منهنجي مراد پوري ڪر، ۽ منهنجي مالڪ ابرهام تي مهرباني ڪر.</verse>
				<verse number="13">ڏس، آءٌ هن پاڻيءَ جي چشمي وٽ بيٺو آهيان، ۽ شهر جي ماڻهن جون ڌيون پاڻي ڀرڻ لاءِ ٿيون اچن.</verse>
				<verse number="14">شل ائين ٿئي، تہ جنهن ڇوڪريءَ کي آءٌ چوان تہ مهرباني ڪري پنهنجو دلو لاهہ تہ آءٌ پاڻي پيان؛ ۽ هوءَ چوي تہ ڀلي پيءُ، ۽ آءٌ تنهنجن اُٺن کي بہ پاڻي پيارينديس؛ اُها ئي ڇوڪري تنهنجي طرفان تنهنجي ٻانهي اسحاق جي لاءِ مقرر ڪيل هجي؛ ۽ انهيءَ مان مون کي خبر پوندي تہ تو منهنجي مالڪ تي مهرباني ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="15">اڃا هن ايترو چئي بس ڪئي، تہ هيئن ٿيو جو ربقہ، جا ابرهام جي ڀاءُ نحور جي زال مالڪاہ جي پٽ بيتوايل مان پيدا ٿي هئي، سا دلو پنهنجي ڪلهي تي کڻي آئي.</verse>
				<verse number="16">اها ڇوڪري ڪنواري، ۽ ڏاڍي سهڻي ۽ مرد کان ناواقف هئي: هوءَ چشمي ۾ هيٺ لهي ويئي ۽ دلو ڀري ٻاهر آئي.</verse>
				<verse number="17">تڏهن اهو نوڪر ڊوڙي وڃي کيس گڏيو ۽ چيائينس تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ پنهنجي دلي مان مون کي ٿورو پاڻي پيار.</verse>
				<verse number="18">۽ هن چيو تہ منهنجا سائين، ڀلي پيءُ ۽ جهٽ دلو لاهي هٿ تي رکي کيس پاڻي پياريائين.</verse>
				<verse number="19">جڏهن هن کي پاڻي پياري چڪي، تڏهن چيائينس تہ آءٌ تنهنجن اُٺن جي لاءِ بہ پاڻي ڀري ٿي اچان، جيسين ڪ هي پي ڍؤ ڪن.</verse>
				<verse number="20">پوءِ هن جهٽ پنهنجي دلي جو پاڻي حوض ۾ هاري وڌو، ۽ وري پاڻي ڀرڻ لاءِ چشمي ڏانهن ڀڳي ۽ هن جي سڀني اُٺن لاءِ پاڻي ڀريائين.</verse>
				<verse number="21">۽ هن ماڻهوءَ ڏانهنس چتائي نهاريو ۽ خيال پئي ڪيائين تہ خداوند منهنجو پنڌ سجايو ڪيو آهي يا نہ.</verse>
				<verse number="22">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اُٺن پاڻي پي بس ڪئي، تڏهن هن ماڻهوءَ هڪڙي اڌ سڪي تور جي سوني نٿ، ۽ ڏهن سڪن تور جا ٻہ سونا ڪنگڻ هن جي هٿ لاءِ ڪڍيا،</verse>
				<verse number="23">۽ چيائين تہ ڀلائي ڪري ٻڌائينم تہ تون ڪنهن جي ڌيءَ آهين، ۽ تنهنجي پيءُ جي گهر ۾ اسان جي رهڻ لاءِ ڪا جاءِ آهي يا نہ؟</verse>
				<verse number="24">هن چيس تہ آءٌ بيتوايل جي ڌيءَ آهيان، جو ملڪاہ کي نحور مان پيدا ٿيو.</verse>
				<verse number="25">۽ اهو بہ چيائينس تہ اسان وٽ گاهہ ۽ چارو ججهو ئي آهي، ۽ رهڻ جي جاءِ بہ آهي.</verse>
				<verse number="26">تڏهن هن ماڻهوءَ پنهنجو ڪنڌ نمائي خداوند کي سجدو ڪيو.</verse>
				<verse number="27">۽ چيائين تہ سڳورو آهي خداوند، منهنجي مالڪ ابرهام جو خدا، جنهن پنهنجي رحم ۽ راستيءَ کان منهنجي مالڪ ابرهام کي وانجهي نہ رکيو آهي: ۽ خداوند منهنجي رهبري ڪري مون کي منهنجي مالڪ جي ڀائرن ۾ آندو آهي.</verse>
				<verse number="28">پوءِ انهيءَ ڇوڪريءَ ڊوڙي وڃي پنهنجيءَ ماءُ جي گهر ۾ اها ڳالهہ ٻڌائي.</verse>
				<verse number="29">۽ ربقہ کي لابن نالي هڪڙو ڀاءُ هو، سو ڊوڙي انهيءَ ماڻهو وٽ چشمي تي ويو.</verse>
				<verse number="30">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن پنهنجيءَ ڀيڻ وٽ نٿ، ۽ هٿن ۾ ڪنگڻ ڏٺا، ۽ پنهنجيءَ ڀيڻ ربقہ جي ڳالهہ ٻڌائين، جنهن چيس تہ انهيءَ ماڻهوءَ مون کي هيئن چيو، تڏهن هو انهيءَ ماڻهوءَ وٽ آيو ۽ ڏٺائين تہ هو چشمي وٽ اُٺن جي ويجهو بيٺو آهي.</verse>
				<verse number="31">۽ هن کي چيائين تہ اي خداوند جا مبارڪ؛ اندر هل، ٻاهر ڇو بيٺو آهين؟ مون گهر، ۽ اُٺن جي واسطي جاءِ، تيار ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="32">پوءِ هو ماڻهو گهر ۾ آيو، ۽ لابن اُٺن کي ڇوڙي انهن جي لاءِ هن کي گاهہ ۽ چارو ڏنو ۽ سندس، ۽ ساڻس جيڪي ٻيا ماڻهو هئا، تن جي پيرن ڌوئڻ لاءِ پاڻي بہ ڏنائين.</verse>
				<verse number="33">پوءِ هنن جي اڳيان کائڻ لاءِ کاڌو رکيو ويو: پر هن چيو تہ جيسين آءٌ پنهنجو پيغام نہ ٻڌائيندس، تيسين ڪين کائيندس. تڏهن هنن چيس تہ ڀلي پنهنجو پيغام ٻڌاءِ.</verse>
				<verse number="34">تنهن تي هن چيو تہ آءٌ ابرهام جو نوڪر آهيان.</verse>
				<verse number="35">خداوند منهنجي مالڪ کي گهڻي برڪت ڏني آهي ۽ هو وڏو ماڻهو آهي: هن کيس ڌڻ، ڍور، چاندي، سون، غلام، ٻانهيون، اُٺ ۽ گڏهہ ڏنا آهن.</verse>
				<verse number="36">۽ منهنجي مالڪ مان سندس زال سارہ کي پيريءَ ۾ پٽ ڄائو آهي، جنهن کي هن پنهنجو سڀ مال متاع ڏيئي ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="37">۽ منهنجي مالڪ مون کي قسم کڻائي چيو تہ جن ڪنعانين جي ملڪ ۾ آءٌ رهان ٿو، تن جي ڌيئرن مان ڪنهن سان بہ منهنجي پٽ جي شادي نہ ڪرائج.</verse>
				<verse number="38">پر تون منهنجي پيءُ جي گهر ڏانهن منهنجن عزيزن ۾ وڃي، منهنجي پٽ جي لاءِ زال وٺي اچ.</verse>
				<verse number="39">۽ مون پنهنجي مالڪ کي چيو تہ شايد اُها زال مون سان گڏ اچڻ لاءِ راضي نہ ٿئي.</verse>
				<verse number="40">تڏهن هن مون کي چيو تہ جنهن خداوند جي حضور ۾ آءٌ هلان ٿو، سو پنهنجي فرشتي کي تو سان موڪليندو، ۽ تنهنجو پنڌ سجايو ڪندو؛ ۽ تون منهنجن عزيزن مان ۽ منهنجي پيءُ جي گهر مان منهنجي پٽ جي لاءِ زال آڻج.</verse>
				<verse number="41">جڏهن تون منهنجن عزيزن وٽ ويندين، تڏهن تون منهنجي قسم کان ڇٽل ٿيندين. جيڪڏهن هو توکي اها نہ ڏين؛ پوءِ تون ڇٽل آهين.</verse>
				<verse number="42">سو اڄ آءٌ هن چشمي تي آيس ۽ چيم تہ اي خداوند، منهنجي مالڪ ابرهام جا خدا، هيءَ مسافري، جا مون ڪئي آهي، سا جي تون سَجائي ڪرين،</verse>
				<verse number="43">تہ ڏس، آءٌ پاڻيءَ جي چشمي وٽ بيٺو آهيان؛ ۽ هيئن ٿئي، تہ جيڪا ڇوڪري پاڻي ڀرڻ اچي، ۽ آءٌ چوانس تہ مهرباني ڪري مون کي پنهنجي دلي مان ٿورو پاڻي پيار؛</verse>
				<verse number="44">۽ هوءَ مون کي چوي تہ ڀلي تون بہ پيءُ ۽ آءٌ تنهنجن اُٺن کي بہ پاڻي پيارينديس: اها ئي زال خداوند جي طرفان منهنجي مالڪ جي پٽ لاءِ مقرر ڪيل هجي.</verse>
				<verse number="45">اڃا پنهنجيءَ دل ۾ ايترو چئي بس ڪيم، تہ ربقہ پنهنجو دلو پنهنجي ڪلهي تي کڻي آئي؛ هوءَ چشمي ۾ هيٺ لهي ويئي ۽ پاڻي ڀريائين: تڏهن مون چيومانس تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ مون کي پاڻي پيار.</verse>
				<verse number="46">۽ هن جهٽ دلو ڪلهي تان لاهي چيو تون پاڻي پيءُ، ۽ آءٌ تنهنجن اُٺن کي بہ پاڻي پيارينديس: سو مون پاڻي پيتو ۽ هن منهنجن اُٺن کي بہ پاڻي پياريو.</verse>
				<verse number="47">۽ مون هن کان پڇيو تہ تون ڪنهن جي ڌيءَ آهين؟ هن چيو تہ آءٌ نحور جي پٽ بيتوايل جي ڌيءَ آهيان، جو سندس زال ملڪاہ مان ڄائو هو: پوءِ مون هن جي نڪ ۾ نٿ ۽ هٿن ۾ ڪنگڻ پارايا.</verse>
				<verse number="48">۽ مون پنهنجو ڪنڌ نمائي خداوند کي سجدو ڪيو، ۽ چيم تہ خداوند، منهنجي مالڪ ابرهام جو خدا سڳورو آهي، جنهن مون کي سنئين واٽ ڏيکاري، جو مون پنهنجي مالڪ جي ڀائٽي سندس پٽ لاءِ هٿ ڪئي.</verse>
				<verse number="49">هاڻي جيڪڏهن اوهين منهنجي مالڪ سان مهرباني ۽ سچائيءَ سان هلڻ ٿا گهرو، تہ مون کي ٻڌايو، ۽ جي نہ، تہ بہ مون کي ٻڌايو تہ پوءِ آءٌ ساڄي يا کٻي وڃان.</verse>
				<verse number="50">تڏهن لابن ۽ بيتوايل ورندي ڏيئي چيو تہ اها ڳالهہ خداوند جي طرفان آهي، اسين توکي چڱو يا مٺو چئي نٿا سگهون.</verse>
				<verse number="51">اِجها ربقہ حاضر آهي، وٺي وڃينس تہ ڀلي خداوند جي چوڻ موجب تنهنجي مالڪ جي پٽ سان شادي ڪري.</verse>
				<verse number="52">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ابرهام جي نوڪر هن جي اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن زمين تي ڪنڌ جهڪائي خداوند کي سجدو ڪيائين.</verse>
				<verse number="53">پوءِ هن نوڪر چانديءَ ۽ سون جا زيور، ۽ ڪپڙا ڪڍي ربقہ کي ڏنا: ۽ سندس ڀاءُ ۽ ماءُ کي بہ قيمتي شيون ڏنائين.</verse>
				<verse number="54">پوءِ هن، ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن کاڌو ۽ پيتو ۽ سڄي رات اتي گذاريائون. جڏهن صبح جو اُٿيا، تڏهن هن چيو تہ هاڻي مون کي پنهنجي مالڪ ڏانهن روانو ڪريو.</verse>
				<verse number="55">تنهن تي ربقہ جي ڀاءُ ۽ ماءُ چيو تہ ڇوڪريءَ کي ڪجهہ ڏينهن، يعني گهٽ ۾ گهٽ ڏهہ ڏينهن، اسان وٽ رهڻ ڏي، پوءِ هوءَ هلندي.</verse>
				<verse number="56">پر هن کين چيو تہ مون کي نہ روڪيو، جو ڏسو ٿا تہ خداوند منهنجو پنڌ سجايو ڪيو آهي؛ مون کي موڪل ڏيو تہ آءٌ پنهنجي مالڪ وٽ وڃان.</verse>
				<verse number="57">هنن چيو تہ اسين ڇوڪريءَ کي سڏي کانئس پڇون ٿا.</verse>
				<verse number="58">سو هنن ربقہ کي سڏيو ۽ چيائونس تہ تون هن ماڻهوءَ سان ويندينءَ؟ ۽ هن چيو تہ وينديس.</verse>
				<verse number="59">تڏهن هنن پنهنجي ڀيڻ ربقہ ۽ سندس دائيءَ، ۽ ابرهام جي نوڪر ۽ سندس ماڻهن کي موڪل ڏيئي روانو ڪيو،</verse>
				<verse number="60">۽ ربقہ کي دعا ڪري چيائون تہ اسان جي ڀيڻ، شل تون هزارن ۽ لکن جي ماءُ ٿين، شل تنهنجو اولاد پنهنجي دشمن جي دروازي تي قبضو ڪري.</verse>
				<verse number="61">پوءِ ربقہ ۽ سندس سهيليون اُٿي اُٺن تي چڙهيون، ۽ انهيءَ ماڻهوءَ جي پٺيان هليون، ۽ اهو نوڪر ربقہ کي وٺي روانو ٿيو.</verse>
				<verse number="62">۽ اسحاق بيرلحي روئي واري رستي تان پئي آيو؛ ڇالاءِ جو هو ڏکڻ واري ملڪ ۾ رهندو هو.</verse>
				<verse number="63">۽ اسحاق سانجهيءَ جي وقت غور ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري ويو، ۽ هن پنهنجون اکيون مٿي کڻي ڏٺو تہ اُٺ پيا اچن.</verse>
				<verse number="64">۽ ربقہ پنهنجون اکيون مٿي کنيون ۽ اسحاق کي ڏسي اُٺ تان لهي پيئي.</verse>
				<verse number="65">۽ نوڪر کان پڇيائين تہ هيءُ ماڻهو جو ميدان ۾ اسان کي گڏجڻ لاءِ پيو اچي، سو ڪير آهي؟ نوڪر چيو تہ اهو منهنجو مالڪ آهي: تڏهن هن برقعو کڻي پنهنجو منهن ڍڪيو.</verse>
				<verse number="66">۽ نوڪر جيڪي ڪيو هو، سو سڀ اسحاق کي بيان ڪري ٻڌايائين.</verse>
				<verse number="67">تڏهن اسحاق هن کي پنهنجي ماءُ سارہ جي تنبوءَ ۾ وٺي ويو. پوءِ هن ربقہ سان شادي ڪئي ۽ هوءَ سندس زال ٿي، ۽ هو کيس پيار ڪرڻ لڳو: ۽ اسحاق کي سندس ماءُ جي مرڻ کان پوءِ تسلي ملي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="25">
				<verse number="1">پوءِ ابرهام وري ٻي زال پرڻيو، جنهن جو نالو قتورہ هو.</verse>
				<verse number="2">انهيءَ کي منجهانئس زمران، يقسان، مدان، مريان، اسباق ۽ سوخ پيدا ٿيا.</verse>
				<verse number="3">۽ يقسان مان سبا ۽ ددان پيدا ٿيا. ۽ ددان جا پٽ اسوري، لطوسي ۽ لومي هئا.</verse>
				<verse number="4">۽ مديان جا پٽ عيفاہ، عفر، حنوڪ، ابيداع ۽ الدوعا هئا. هي سڀ قتورہ جو اولاد هو.</verse>
				<verse number="5">۽ ابرهام وٽ جيڪي هو سو سڀ اسحاق کي ڏنائين.</verse>
				<verse number="6">پر جيڪي ابرهام جي سرتين جا پٽ هئا، تن کي بہ بخششون ڏيئي، پنهنجي جيئري پنهنجي پٽ اسحاق کان ڌار ڪري، اڀرندي واري ملڪ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="7">ابرهام جي سڄي عمر هڪ سؤ پنجهتر ورهيہ هئي.</verse>
				<verse number="8">پوءِ ابرهام ساهہ ڏنو. هو ٻڍو ۽ پير مرد ٿي وڏيءَ ڄمار ۾ مئو ۽ وڃي پنهنجن ۾ گڏيو.</verse>
				<verse number="9">۽ سندس پٽن اسحاق ۽ اسماعيل کيس صحر حتيءَ جي پٽ عفرون جي ٻنيءَ واري مڪفيلہ جي غار ۾ دفن ڪيو، جا ممريءَ جي سامهون آهي؛</verse>
				<verse number="10">اها ساڳي ٻني، جا ابرهام حت جي پٽن کان خريد ڪئي هئي: اتي ابرهام ۽ سندس زال سارہ دفن ڪيا ويا.</verse>
				<verse number="11">۽ ابرهام جي مرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو خدا، سندس پٽ اسحاق کي برڪت ڏني، ۽ اسحاق بيرلحي روئي ۾ رهڻ لڳو.</verse>
				<verse number="12">هاڻي ابرهام جو پٽ اسماعيل، جو سارہ جي ٻانهيءَ هاجرہ کي ابرهام مان ڄائو هو، تنهن جو نسب نامو هن ريت آهي.</verse>
				<verse number="13">اسماعيل جي پٽن جا نالا سندن پيڙهين موجب هي آهن: اسماعيل جو وڏو پٽ نبايوت هو، ۽ ٻيا هئا قيدار، ادبئيل، مبسام،</verse>
				<verse number="14">مشماع، دومہ، مسا،</verse>
				<verse number="15">حدو، تيما، يطور، نفيس، ۽ قدمہ.</verse>
				<verse number="16">اسماعيل جا پٽ اهي هئا، ۽ انهن جي نالن موجب سندن ڳوٺن ۽ منزلگاهن جا نالا پيا؛ ۽ اهي ئي سندن قومن جا ٻارهن سردار هئا.</verse>
				<verse number="17">اسماعيل جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ ورهيہ هئي: پوءِ هن ساهہ ڏنو ۽ وڃي پنهنجن ۾ گڏيو.</verse>
				<verse number="18">۽ اهي حويلہ کان شور تائين رهندا هئا، جو اسور ڏانهن ويندي مصر جي سامهون آهي، ۽ هو پنهنجن سڀني ڀائرن جي سامهون رهندو آيو.</verse>
				<verse number="19">هاڻي ابرهام جي پٽ اسحاق جو نسب نامو هن ريت آهي: ابرهام مان اسحاق پيدا ٿيو.</verse>
				<verse number="20">۽ جڏهن اسحاق چاليهن ورهين جو ٿيو، تڏهن ربقہ، جا فدان ارام واري بيتوايل اراميءَ جي ڌيءَ، ۽ لابن اراميءَ جي ڀيڻ هئي، تنهن سان شادي ڪيائين.</verse>
				<verse number="21">۽ اسحاق پنهنجيءَ زال جي لاءِ خداوند کان دعا گهري؛ ڇالاءِ جو هوءَ سنڍ هئي: ۽ خداوند هن جي دعا قبول ڪئي ۽ هن جي زال ربقہ حاملہ ٿي،</verse>
				<verse number="22">۽ ٻار سندس پيٽ ۾ چُرڻ پرڻ لڳا، تڏهن هن چيو تہ ڇو منهنجو هي حال ٿيو آهي؟ تنهنڪري هوءَ خداوند کان پڇڻ ويئي.</verse>
				<verse number="23">۽ خداوند چيس تہ تنهنجي پيٽ ۾ ٻہ قومون آهن، ۽ ٻہ امتون تنهنجي پيٽ مان ئي هڪ ٻئي کان ڌار ٿينديون: ۽ هڪڙي اُمت ٻيءَ کان زور واري ٿيندي؛ ۽ وڏي ننڍيءَ جي خدمت ڪندي.</verse>
				<verse number="24">پوءِ جڏهن هن جي ويامڻ جا ڏينهن اچي ڀريا، تڏهن ڏٺائون تہ سندس پيٽ ۾ جاڙا ٻار هئا.</verse>
				<verse number="25">پهريون ڳاڙهو نڪتو ۽ هن جو بت پوستين وانگر هو، تنهنڪري انهي جو نالو عيسو رکيائون.</verse>
				<verse number="26">تنهن کان پوءِ سندس ڀاءُ پنهنجي هٿ ۾ عيسو جي کڙي جهلي نڪتو، ۽ انهي جو نالو يعقوب رکيائون: جڏهن اسحاق کي هي ٻار ڄاوا، تڏهن هو سٺ ورهين جو هو.</verse>
				<verse number="27">پوءِ ڇوڪرا وڏا ٿيا، ۽ عيسو هوشيار شڪاري ۽ جهنگ ۾ گذاريندڙ هو؛ ۽ يعقوب سادو ماڻهو ۽ تنبن ۾ رهندڙ هو.</verse>
				<verse number="28">هاڻي اسحاق عيسوءَ کي پيار ڪندو هو؛ ڇالاءِ جو هو کيس پنهنجي شڪار جو گوشت کارائيندو هو، پر ربقہ جو پيار يعقوب تي هو.</verse>
				<verse number="29">هڪڙي ڏينهن يعقوب ٻوڙ ويٺي رڌو تہ عيسو جهنگ مان آيو، ۽ ڏاڍو ٿڪل هو،</verse>
				<verse number="30">۽ عيسوءَ يعقوب کي عرض ڪري چيو تہ انهيءَ ڳاڙهي ٻوڙ مان مون کي کاراءِ، ڇالاءِ جو آءٌ ماندو ٿو ٿيان: انهيءَ ڪري هن جو نالو ادوم (ڳاڙهو) پئجي ويو.</verse>
				<verse number="31">تڏهن يعقوب چيو تہ اڄ تون پنهنجي پهريتي هئڻ جو حق مون کي وڪڻي ڏي.</verse>
				<verse number="32">تنهن تي عيسوءَ چيو تہ ڏس، آءٌ مرڻ تي آهيان: ۽ پهريتي هئڻ جي حق مان مون کي ڪهڙو فائدو رسندو؟</verse>
				<verse number="33">تڏهن يعقوب چيو تہ اڄ مون سان قسم کڻ ۽ هن ساڻس قسم کنيو، ۽ پنهنجي پهريتي هئڻ جو حق يعقوب کي وڪڻي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="34">پوءِ يعقوب، عيسوءَ کي ماني ۽ مسور جي دال ڏني، ۽ هو کائي پي اُٿيو ۽ پنهنجي واٽ وٺي هليو ويو. انهيءَ طرح عيسوءَ پنهنجي پهريتي هئڻ جي حق کي حقير سمجهيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="26">
				<verse number="1">هاڻي ابرهام جي ڏينهن ۾ جو پهريون ڏڪار انهيءَ ملڪ ۾ پيو هو، تنهن کان پوءِ ٻيو بہ ڏڪار اچي پيو. ۽ اسحاق، فلستين جي بادشاهہ ابي ملڪ وٽ جرار ۾ ويو.</verse>
				<verse number="2">۽ خداوند کيس ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ مصر ڏانهن نہ وڃ، پر جنهن ملڪ بابت آءٌ توکي چوان تنهن ۾ رهہ.</verse>
				<verse number="3">تون هن ئي ملڪ ۾ رهي پئُہ، ۽ آءٌ توسان هوندس ۽ توکي برڪت ڏيندس: ڇالاءِ جو آءٌ هي سڀ ملڪ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس؛ ۽ جيڪو قسم مون تنهنجي پيءُ ابرهام سان کنيو آهي، سو پورو ڪندس.</verse>
				<verse number="4">آءٌ تنهنجو اولاد آسمان جي تارن وانگر وڌائيندس ۽ هي سڀ ملڪ تنهنجي اولاد کي ڏيندس؛ ۽ تنهنجي نسل مان زمين جي سڀني قومن کي برڪت ملندي؛</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو ابرهام منهنجو چوڻ مڃيو ۽ منهنجيءَ هدايت، ۽ منهنجن حڪمن، ۽ منهنجن قانونن، ۽ منهنجن قاعدن تي عمل ڪيائين.</verse>
				<verse number="6">سو اسحاق جرار ۾ رهڻ لڳو:</verse>
				<verse number="7">۽ انهيءَ هنڌ جي ماڻهن کانئس سندس زال بابت پڇيو؛ ۽ هن چيو تہ هوءَ منهنجي ڀيڻ آهي: ڇالاءِ جو هو پنهنجي زال چوڻ کان ڊنو ٿي، جو سمجهيائين تہ متان هن هنڌ جا ماڻهو ربقہ جي ڪري مون کي ماري وجهن: ڇو تہ هوءَ ڏسڻ ۾ سهڻي هئي.</verse>
				<verse number="8">۽ هو اتي ڪيترائي ڏينهن رهيو، پوءِ هيئن ٿيو جو فلستين جي بادشاهہ دريءَ مان ٻاهر نهاريندي ڏٺو تہ اسحاق پنهنجيءَ زال ربقہ سان ويٺو لاڏ ڪري.</verse>
				<verse number="9">تڏهن ابي ملڪ، اسحاق کي چيو تہ ڏس، مون کي پڪ آهي تہ هيءَ تنهنجي زال آهي، پوءِ تو ڪيئن چيو تہ هيءَ منهنجي ڀيڻ آهي؟ تڏهن اسحاق چيس تہ انهيءَ لاءِ تہ مون سمجهيو تہ متان هن جي ڪري آءٌ ماريو وڃان.</verse>
				<verse number="10">تنهن تي ابي ملڪ چيو تہ تو اسان سان هي ڇا ڪيو؟ ائين تہ هنن ماڻهن مان ڪوبہ تنهنجيءَ زال سان صحبت ڪري سگهي ها، ۽ پوءِ تون اسان تي ڏوهہ مڙهين ها.</verse>
				<verse number="11">پوءِ ابي ملڪ سڀني ماڻهن کي تاڪيد ڪري حڪم ڏنو تہ جيڪو هن ماڻهو يا سندس زال کي هٿ لائيندو، سو ضرور ماريو ويندو.</verse>
				<verse number="12">۽ اسحاق انهيءَ زمين ۾ پوک ڪئي، ۽ ساڳئي سال سؤڻي پيدائش ٿيس، ۽ خداوند کيس برڪت ڏني.</verse>
				<verse number="13">۽ هو شخص وڏو ٿيو ۽ وڌندو ويو، تان جو وڏو امير ٿي پيو:</verse>
				<verse number="14">۽ وٽس ڌڻ، ۽ ڍور، ۽ گهڻيئي نوڪر هئا، تنهنڪري فلستي ساڻس حسد ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="15">هاڻي، جيڪي کوهہ سندس پيءُ ابرهام جي ڏينهن ۾ ابرهام جي نوڪرن کوٽيا هئا، سي سڀ فلستين مٽيءَ سان ڀري بند ڪري ڇڏيا.</verse>
				<verse number="16">۽ ابي ملڪ، اسحاق کي چيو تہ اسان وٽان هليو وڃ؛ ڇالاءِ جو تون اسان کان وڌيڪ زور وارو آهين.</verse>
				<verse number="17">سو اسحاق اتان نڪتو ۽ جرار جي ماٿريءَ ۾ وڃي تنبو کوڙي رهيو.</verse>
				<verse number="18">۽ پاڻيءَ جا کوهہ، جيڪي هنن سندس پيءُ ابرهام جي ڏينهن ۾ کوٽيا هئا، سي اسحاق وري کوٽايا؛ ڇالاءِ جو فلستين، ابرهام جي مرڻ کان پوءِ اُهي بند ڪري ڇڏيا هئا. ۽ انهن تي اهي ئي نالا بہ رکيائين، جيڪي پڻس رکيا هئا.</verse>
				<verse number="19">جڏهن اسحاق جي نوڪرن انهيءَ ماٿريءَ ۾ زمين کوٽي، تڏهن هڪڙو کوهہ لڌائون جنهن ۾ پاڻيءَ جو چشمو هو.</verse>
				<verse number="20">۽ جرار جي ڌنارن، اسحاق جي ڌنارن سان جهيڙو ڪيو ۽ چيائون تہ هي پاڻي اسان جو آهي: ۽ هن انهيءَ چشمي جو نالو عسق (جهيڙو) رکيو، ڇو تہ هنن ساڻس جهيڙو ڪيو.</verse>
				<verse number="21">پوءِ هنن ٻيو کوهہ کوٽيو ۽ انهي تان بہ انهن جهيڙو ڪيو، ۽ هن انهي جو نالو ستنہ (دشمني) رکيو.</verse>
				<verse number="22">پوءِ هو اتان وڌي اڳتي ويو ۽ هڪڙو ٻيو کوهہ کوٽيائين؛ ۽ انهيءَ تان هنن تڪرار ڪونہ ڪيو. تنهنڪري انهي جو نالو رحوبوت (ڪشادو) رکيائين ۽ چيائين تہ هاڻي خداوند اسان کي جاءِ ڏني آهي، ۽ اسين هن ملڪ ۾ وڌنداسين.</verse>
				<verse number="23">اتان هو بيرسبع ڏانهن ويو.</verse>
				<verse number="24">۽ انهيءَ ساڳيءَ رات خداوند کيس ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ آءٌ تنهنجي پيءُ جو خدا آهيان: تون ڊپ نہ ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان. آءٌ توکي برڪت ڏيندس ۽ پنهنجي ٻانهي ابرهام جي ڪري، تنهنجو اولاد وڌائيندس.</verse>
				<verse number="25">پوءِ هن اتي هڪڙي قربانگاهہ جوڙي، ۽ خداوند کان دعا گهريائين، ۽ اتي پنهنجو تنبو کوڙيائين، ۽ اتي اسحاق جي نوڪرن هڪڙو کوهہ کوٽيو.</verse>
				<verse number="26">پوءِ ابي ملڪ جرار مان وٽس آيو، ۽ هن جو دوست اَخوزت، ۽ سپهہ سالار فيڪل بہ هن سان گڏ هئا.</verse>
				<verse number="27">۽ اسحاق هنن کي چيو تہ جڏهن اوهين منهنجي حقارت ٿا ڪريو، ۽ مون کي پاڻ وٽان ڪڍي ڇڏيو اٿوَ، تڏهن مون وٽ ڇو آيا آهيو؟</verse>
				<verse number="28">تنهن تي هنن چيو تہ اسان چٽيءَ طرح ڏٺو آهي، تہ خدا تو ساڻ آهي؛ سو اسان چيو تہ هاڻي اسين، يعني اسين ۽ تون، پاڻ ۾ قسم کڻون، ۽ اسين تو سان عهد ڪريون.</verse>
				<verse number="29">۽ جيئن اسان توکي هٿ نہ لاتو آهي ۽ نيڪيءَ کان سواءِ تو سان ٻيو ڪي بہ ڪين ڪيو اٿئون، ۽ توکي صحيح سلامت روانو ڪيوسين؛ تيئن تون بہ اسان سان ڪا برائي نہ ڪندين، جو هاڻ تون خداوند جو مبارڪ آهين.</verse>
				<verse number="30">تڏهن هن سندن مهماني ڪئي ۽ هنن کاڌو پيتو،</verse>
				<verse number="31">۽ هو صبح جو سوير اُٿيا ۽ هڪ ٻئي سان قسم کنيائون. پوءِ اسحاق کين موڪل ڏني ۽ هو صحيح سلامت وٽانئس روانا ٿيا.</verse>
				<verse number="32">۽ انهيءَ ساڳئي ڏينهن هيئن ٿيو جو اسحاق جي نوڪرن اچي کيس چيو تہ جيڪو کوهہ اسان کوٽيو هو، تنهن مان پاڻي نڪتو آهي.</verse>
				<verse number="33">سو هن انهيءَ جو نالو سبع رکيو، تنهنڪري اڄ ڏينهن تائين انهي شهر جو نالو بيرسبع ٿو سڏجي.</verse>
				<verse number="34">جڏهن عيسو چاليهن ورهين جو ٿيو، تڏهن بيري حتيءَ جي ڌيءَ يهودٿا، ۽ ايوان حتيءَ جي ڌيءَ بشامٿا سان شادي ڪيائين.</verse>
				<verse number="35">۽ انهن اسحاق ۽ ربقہ کي ڏاڍو ڏک ڏنو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="27">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسحاق ٻڍو ٿيو ۽ اکين ۾ اهڙو ڌنڌ ٿيس، جو ڏسي نٿي سگهيو، تڏهن هن پنهنجي وڏي پٽ عيسوءَ کي سڏي چيو تہ اي منهنجا پٽ، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.</verse>
				<verse number="2">تڏهن هن چيو تہ ڏس، آءٌ ٻڍو ٿيو آهيان ۽ خبر ڪانہ اٿم تہ ڪڏهن مرندس.</verse>
				<verse number="3">سو هاڻي، مهرباني ڪري پنهنجا هٿيار ۽ پنهنجو تير ڪمان کڻي جهنگ ڏانهن وڃ ۽ مون لاءِ شڪار ڪري اچ:</verse>
				<verse number="4">۽ منهنجي واسطي لذيذ طعام، جهڙو مون کي وڻندو آهي، تهڙو تيار ڪري مون وٽ کڻي اچ تہ آءٌ اهو کاوان؛ ۽ مرڻ کان اڳي توکي برڪت ڏيان.</verse>
				<verse number="5">هاڻي جڏهن اسحاق پنهنجي پٽ عيسوءَ سان ڳالهيون پئي ڪيون، تڏهن ربقہ اهي ٻڌي ورتيون. پوءِ جڏهن عيسو شڪار ڪرڻ لاءِ جهنگ ڏانهن ويو،</verse>
				<verse number="6">تڏهن ربقہ پنهنجي پٽ يعقوب کي سڏي چيو تہ ڏس، مون تنهنجي پيءُ کي تنهنجي ڀاءُ عيسوءَ سان ڳالهيون ڪندي ٻڌو، جو چيائينس تہ</verse>
				<verse number="7">مون لاءِ شڪار آڻي مون کي لذيذ طعام ٺاهي ڏي تہ آءٌ کاوان، ۽ پنهنجي مرڻ کان اڳي خداوند جي حضور ۾ توکي برڪت ڏيان.</verse>
				<verse number="8">تنهنڪري پٽ جيڪي آءٌ هاڻي توکي چوان ٿي، تنهن موجب ڪر.</verse>
				<verse number="9">هاڻي ڌڻ ڏانهن وڃ ۽ اتان مون کي ٻہ سٺا ڇيلا آڻي ڏي، تہ انهن مان آءٌ تنهنجي پيءُ لاءِ اهڙو لذيذ طعام تيار ڪريان، جهڙو کيس وڻندو آهي.</verse>
				<verse number="10">پوءِ اهو تون پنهنجي پيءُ وٽ کڻي وڃج، تہ هو کائي، ۽ مرڻ کان اڳ ۾ توکي برڪت ڏئي.</verse>
				<verse number="11">تڏهن هن پنهنجي ماءُ ربقہ کي چيو تہ ڏس، منهنجي ڀاءُ عيسوءَ جي بدن تي وار آهن ۽ منهنجو بدن لسو آهي.</verse>
				<verse number="12">شايد منهنجو پيءُ مون کي هٿ لائي ۽ آءٌ هن جي اڳيان دغاباز ثابت ٿيان، ۽ برڪت جي بدران پاڻ تي لعنت آڻيان.</verse>
				<verse number="13">تنهن تي ماڻس چيس تہ منهنجا پٽ، تنهنجي لعنت ڀلي مون تي پوي، تون رڳو منهنجي ڳالهہ مڃ ۽ وڃي اهي مون کي آڻي ڏي.</verse>
				<verse number="14">پوءِ هو ويو ۽ اهي آڻي پنهنجيءَ ماءُ کي ڏنائين: ۽ سندس ماءُ اهڙو لذيذ طعام تيار ڪيو، جهڙو پڻس کي وڻندو هو.</verse>
				<verse number="15">۽ ربقہ پنهنجي وڏي پٽ عيسوءَ جا عمدا ڪپڙا جي وٽس گهر ۾ موجود هئا، سي پنهنجي ننڍي پٽ يعقوب کي پهرايا:</verse>
				<verse number="16">۽ هن جي هٿن تي ۽ ڪنڌ جي لسي هنڌ تي ڇيلن جون کلون ٻڌائين:</verse>
				<verse number="17">۽ اهو لذيذ طعام ۽ ماني، جا تيار ڪئي هئائين، سا پنهنجي پٽ يعقوب جي هٿ ۾ ڏنائين.</verse>
				<verse number="18">پوءِ هو پنهنجي پيءُ وٽ آيو ۽ چيائين تہ بابا: هن چيو تہ اِجهو آءٌ ويٺو آهيان؛ پٽ تون ڪير آهين؟</verse>
				<verse number="19">يعقوب پيءُ کي چيو تہ آءٌ عيسو تنهنجو وڏو پٽ آهيان؛ جيئن تو مون کي چيو هو، تيئن ڪيو اٿم: آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هاڻي اٿي منهنجي شڪار مان کاءُ ۽ مون کي برڪت ڏي.</verse>
				<verse number="20">تڏهن اسحاق پنهنجي پٽ کي چيو تہ، اي منهنجا پٽ، اهو توکي اهڙو جلد ڪيئن هٿ آيو؟ هن چيو تہ خداوند تنهنجي خدا منهنجي مدد ڪئي.</verse>
				<verse number="21">پوءِ اسحاق، يعقوب کي چيو تہ منهنجا پٽ ڀلائي ڪري ويجهو اچ تہ آءٌ توکي هٿ لائي ڏسان، تہ تون برابر منهنجو پٽ عيسو آهين يا نہ؟</verse>
				<verse number="22">تڏهن يعقوب پنهنجي پيءُ اسحاق جي ويجهو ويو؛ ۽ هن هٿ لائي چيو تہ ڳالهائڻ تہ يعقوب جي ڳالهائڻ جهڙو آهي، پر هٿ عيسو جي هٿن جهڙا آهن.</verse>
				<verse number="23">سو هو سڃاڻي نہ سگهيس، ڇالاءِ جو هن جا هٿ سندس ڀاءُ عيسو جي هٿن جهڙا وارن سان ڀريل هئا: تنهنڪري هن کي برڪت ڏنائين.</verse>
				<verse number="24">۽ چيائين تہ ڇا تون سچ پچ منهنجو پٽ عيسو آهين؟ هن چيو تہ ها آءٌ اهوئي آهيان.</verse>
				<verse number="25">تڏهن چيائينس تہ اهو کاڌو مون وٽ کڻي اچ تہ آءٌ پنهنجي پٽ جي شڪار مان کاوان، ۽ توکي برڪت ڏيان. ۽ هن اهو سندس ويجهو آندو ۽ هن کاڌو: ۽ پوءِ هن مئي بہ آڻي ڏنس، سا بہ پيتائين.</verse>
				<verse number="26">پوءِ سندس پيءُ اسحاق چيس تہ منهنجا پٽ هاڻ ويجهو اچي مون کي چُمي ڏي.</verse>
				<verse number="27">تڏهن هن ويجهو اچي چُمي ڏنيس: ۽ هن کي سندس ڪپڙن جي خوشبوءِ آئي ۽ برڪت ڏيئي چيائينس تہ: ڏس منهنجي پٽ جي خوشبوءِ انهيءَ ٻنيءَ جي خوشبوءِ جهڙي آهي، جنهن کي خدا برڪت ڏني آهي.</verse>
				<verse number="28">شل خدا توکي آسمان جي ماڪ، زمين جو سڻڀ، ۽ ججهو اَن ۽ مئي ڏئي.</verse>
				<verse number="29">شل اُمتون تنهنجي خدمت ڪن، ۽ قومون تنهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائين. شل تون پنهنجي ڀائرن جو سردار ٿين ۽ تنهنجيءَ ماءُ جا پٽ تنهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائين. جيڪو تو تي لعنت ڪري سو لعنتي ٿئي، ۽ جيڪو توکي برڪت ڏئي سو مبارڪ ٿئي.</verse>
				<verse number="30">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسحاق يعقوب کي برڪت ڏيئي چڪو، ۽ يعقوب پنهنجي پيءُ اسحاق وٽان نڪري ٻاهر ويو، تڏهن سندس ڀاءُ عيسو شڪار تان موٽيو.</verse>
				<verse number="31">۽ هو بہ لذيذ طعام تيار ڪري پنهنجي پيءُ وٽ کڻي آيو، ۽ پنهنجي پيءُ کي چيائين تہ منهنجا ابا اٿي پنهنجي پٽ جي شڪار مان کاءُ، ۽ مون کي برڪت ڏي.</verse>
				<verse number="32">تڏهن اسحاق چيس تہ تون ڪير آهين؟ هن چيو تہ آءٌ تنهنجو وڏو پٽ عيسو آهيان.</verse>
				<verse number="33">تنهن تي اسحاق کي ڏاڍي ڏڪڻي وٺي ويئي ۽ چوڻ لڳو تہ تڏهن اهو ڪير هو، جو مون وٽ شڪار کڻي آيو، ۽ مون تنهنجي اچڻ کان اڳي اهو کاڌو ۽ هن کي برڪت ڏنيم؟ هائو، اهو ئي مبارڪ ٿيندو.</verse>
				<verse number="34">جڏهن عيسو پنهنجي پيءُ جون اهي ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن زار زار روئڻ لڳو، ۽ پنهنجي پيءُ کي چيائين تہ بابا، مون کي، ها مون کي بہ برڪت ڏي.</verse>
				<verse number="35">هن چيو تہ تنهنجو ڀاءُ ٺڳي ڪري آيو ۽ تنهنجي برڪت وٺي ويو.</verse>
				<verse number="36">تڏهن چيائين تہ هن کي يعقوب نالو برابر ڪين مليو آهي ڇا؟ ڇو جو هن هي ٻيو ڀيرو مون سان ٺڳي ڪئي آهي: هو منهنجي پهريتي هئڻ جو حق وٺي ويو؛ ۽ هاڻي ڏس، هو منهنجي برڪت بہ کڻي ويو آهي. پوءِ چيائين تہ تو منهنجي لاءِ ڪا برڪت بچائي نہ رکي آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="37">۽ اسحاق عيسوءَ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ڏس، مون هن کي تنهنجو مالڪ ٺهرايو آهي، ۽ سندس سڀيئي ڀائر کيس نوڪر ڪري ڏنا اٿم؛ هاڻي منهنجا پٽ، آءٌ تولاءِ ڇا ڪريان؟</verse>
				<verse number="38">تڏهن عيسوءَ پنهنجي پيءُ کي چيو تہ بابا، تو وٽ فقط هڪڙي برڪت آهي ڇا؟ مون کي، هائو مون کي بہ برڪت ڏي. ۽ عيسو زار زار روئڻ لڳو.</verse>
				<verse number="39">تڏهن سندس پيءُ اسحاق ورندي ڏيئي چيس تہ: ڏس، تنهنجي رهڻ جو هنڌ زمين جي سڻڀ ۽ مٿان آسمان جي ماڪ مان نہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="40">تون پنهنجيءَ ترار جي زور تي حياتي گذاريندين، ۽ پنهنجي ڀاءُ جي خدمت ڪندين: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون زور وٺي آزاد ٿيندين، تڏهن پنهنجي ڀاءُ جي پاڃاري پنهنجي ڳچيءَ تان لاهي ڇڏيندين.</verse>
				<verse number="41">پوءِ عيسو يعقوب سان حسد ڪرڻ لڳو؛ ڇالاءِ جو سندس پيءُ هن کي برڪت ڏني هئي، ۽ عيسوءَ پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ منهنجي پيءُ جي لاءِ ماتم ڪرڻ جو وقت ويجهو آهي، پوءِ آءٌ پنهنجي ڀاءُ يعقوب کي قتل ڪندس.</verse>
				<verse number="42">جڏهن ربقہ کي سندس وڏي پٽ عيسوءَ جون اهي ڳالهيون ٻڌايون ويون، تڏهن هن پنهنجي ننڍي پٽ يعقوب کي گهرايو ۽ چيائينس تہ ڏس، تنهنجو ڀاءُ عيسو توکي قتل ڪرڻ جو ارادو رکي پنهنجيءَ دل کي تسلي ڏيئي رهيو آهي.</verse>
				<verse number="43">سو هاڻي منهنجا پٽ منهنجو چيو مڃ ۽ حاران ۾ منهنجي ڀاءُ لابن وٽ ڀڄي وڃ؛</verse>
				<verse number="44">۽ ڪي ڏينهن وڃي انهيءَ وٽ رهہ، جيسين تنهنجي ڀاءُ جي ڪاوڙ ڍري ٿئي؛</verse>
				<verse number="45">يعني جيسين تنهنجي ڀاءُ جي ڪاوڙ تو تان لهي وڃي، ۽ جيڪي تو ساڻس ڪيو آهي، سو وسري وڃيس: پوءِ آءٌ توکي اتان گهرائي وٺنديس: آءٌ اوهان ٻنهي کي هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ڇو وڃايان.</verse>
				<verse number="46">تڏهن ربقہ اسحاق کي چيو تہ آءٌ حت جي ڌيئرن ڪري پنهنجيءَ حياتيءَ مان ڪڪ ٿي پيئي آهيان: جيڪڏهن يعقوب هن ملڪ جي ڇوڪرين منجهان حت جي ههڙين ڌيئرن مان ڪنهن سان بہ شادي ڪئي، تہ پوءِ منهنجي جيئڻ مان ڪهڙو فائدو؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="28">
				<verse number="1">سو اسحاق، يعقوب کي سڏي، کيس برڪت ڏني ۽ تاڪيد ڪري چيائينس تہ ڪنعان جي ڇوڪرين منجهان ڪنهن سان بہ شادي نہ ڪج.</verse>
				<verse number="2">اٿي فدان ارام ۾ پنهنجي ناني بيتوايل جي گهر وڃ، ۽ اتي پنهنجي مامي لابن جي ڌيئرن مان ڪنهن سان شادي ڪج.</verse>
				<verse number="3">شل خدا، قادر مطلق توکي برڪت ڏئي، ۽ توکي اولاد وارو ڪري ۽ وڌائي، ۽ تو مان گهڻيون قومون پيدا ٿين.</verse>
				<verse number="4">شل توکي ۽ توسان گڏ تنهنجي اولاد کي، ابرهام واري برڪت ڏئي، تہ هي ملڪ، جو خدا ابرهام کي ڏنو هو، ۽ جنهن ۾ تون مسافر ٿي پيو گذارين، سو توکي ورثي ۾ ملي.</verse>
				<verse number="5">پوءِ اسحاق يعقوب کي روانو ڪيو، ۽ هو فدان ارام ۾ لابن وٽ ويو، جو بيتوايل اراميءَ جو پٽ، ۽ يعقوب ۽ عيسوءَ جي ماءُ ربقہ جو ڀاءُ هو.</verse>
				<verse number="6">هاڻي عيسوءَ ڏٺو تہ اسحاق يعقوب کي برڪت ڏيئي فدان ارام ڏانهن موڪليو آهي، تہ اتي وڃي شادي ڪري، ۽ برڪت ڏيڻ مهل کيس تاڪيد ڪيو اٿس تہ تون ڪنعان جي ڇوڪرين مان ڪنهن سان بہ شادي نہ ڪج،</verse>
				<verse number="7">۽ يعقوب پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جو چيو مڃي فدان ارام ڏانهن ويو آهي،</verse>
				<verse number="8">۽ عيسوءَ اهو بہ ڏٺو تہ ڪنعان جون ڇوڪريون منهنجي پيءُ اسحاق کي نٿيون وڻن:</verse>
				<verse number="9">تڏهن عيسو اسماعيل وٽ ويو ۽ جيڪي زالون اڳيئي هيس، تن کان سواءِ ابرهام جي پٽ اسماعيل جي ڌيءَ نبايوت سان شادي ڪيائين.</verse>
				<verse number="10">سو يعقوب بيرسبع مان نڪري حاران ڏانهن روانو ٿيو.</verse>
				<verse number="11">۽ هو هڪڙي هنڌ اچي پهتو ۽ سڄي رات اتي رهيو، ڇالاءِ جو سج لهي ويو هو. ۽ اتي پهڻن مان هڪڙو کڻي پنهنجي مٿي هيٺ رکيائين، ۽ انهيءَ هنڌ ليٽي سمهي پيو.</verse>
				<verse number="12">اتي هن هڪڙو خواب لڌو، ۽ ڇا ٿو ڏسي تہ هڪڙي ڏاڪڻ زمين تي اُڀي ٿي رکي آهي، ۽ انهيءَ جي چوٽي آسمان سان وڃي لڳي آهي؛ ۽ ڏسي تہ خدا جا فرشتا انهيءَ تي پيا لهن چڙهن.</verse>
				<verse number="13">۽ ڏسي تہ خداوند انهيءَ جي مٿان بيٺو آهي، ۽ چويس ٿو تہ آءٌ خداوند تنهنجي پيءُ ابرهام جو خدا، ۽ اسحاق جو خدا آهيان. جنهن زمين تي تون ستو پيو آهين، سا آءٌ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس؛</verse>
				<verse number="14">۽ تنهنجو اولاد زمين جي واريءَ جيترو ٿيندو، ۽ تون الهندي ڏانهن، ۽ اڀرندي ڏانهن، ۽ اُتر ڏانهن ۽ ڏکڻ ڏانهن پکڙجي ويندين، ۽ تنهنجي، ۽ تنهنجي نسل جي ڪري زمين جي سڀني قبيلن کي برڪت ملندي.</verse>
				<verse number="15">ڏس، آءٌ تو ساڻ آهيان، ۽ جتي تون ويندين اتي تنهنجي سنڀال ڪندس، ۽ توکي وري موٽائي هن ملڪ ۾ آڻيندس؛ ڇالاءِ تہ جيڪي توکي چيو اٿم، سو جيسين پورو نہ ڪريان، تيسين توکي ڇڏي ڪين ڏيندس.</verse>
				<verse number="16">تڏهن يعقوب ننڊ مان جاڳي پيو ۽ چوڻ لڳو تہ ضرور خداوند هن هنڌ موجود آهي، پر مون کي انهيءَ جي خبر ڪانہ هئي.</verse>
				<verse number="17">سو هو ڊڄي ويو، ۽ چوڻ لڳو تہ هي ڪهڙو نہ خوفناڪ هنڌ آهي! هي ٻيو ڪي بہ نہ، پر خدا جو گهر آهي، ۽ اهوئي آسمان جو دروازو آهي.</verse>
				<verse number="18">پوءِ يعقوب صبح جو سوير اُٿيو، ۽ جيڪو پهڻ مٿي هيٺان رکيو هئائين، سو کڻي اتي ٿنڀ وانگي کوڙي ڇڏيائين، ۽ انهيءَ جي مٿان تيل اوتيائين.</verse>
				<verse number="19">۽ انهيءَ هنڌ جو نالو بيت ايل (خدا جو گهر) رکيائين؛ پر اڳ ۾ انهيءَ هنڌ جو نالو لوز هو.</verse>
				<verse number="20">اتي يعقوب هڪڙي مڃت مڃي ۽ چيائين تہ جيڪڏهن خدا مون ساڻ هوندو، ۽ جا واٽ آءٌ وڃان ٿو، تنهن ۾ منهنجي سنڀال ڪندو، ۽ مون کي کائڻ لاءِ ماني ۽ پائڻ لاءِ ڪپڙو ڏيندو رهندو،</verse>
				<verse number="21">تہ آءٌ صحيح سلامت موٽي پنهنجي پيءُ جي گهر اچان، تہ پوءِ خداوند منهنجو خدا ٿيندو،</verse>
				<verse number="22">۽ هي پهڻ، جو مون ٿنڀ وانگي کوڙيو آهي، سو خدا جو گهر ٿيندو: ۽ جيڪي تون مون کي ڏيندين، تنهن جو ڏهون حصو آءٌ ضرور توکي ڏيندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="29">
				<verse number="1">پوءِ يعقوب مسافري ڪندي اڳتي وڌيو، ۽ اڀرندي وارن ماڻهن جي ملڪ ۾ پهتو.</verse>
				<verse number="2">۽ هن ڏٺو تہ ميدان ۾ هڪڙو کوهہ آهي، ۽ اتي رڍن جا ٽي ڌڻ انهيءَ کوهہ جي ڀر ۾ ويٺا آهن؛ ڇالاءِ جو انهيءَ کوهہ مان انهن ڌڻن کي پاڻي پياريندا هئا، ۽ انهيءَ کوهہ جي منهن تي هڪڙو وڏو پهڻ رکيل هو؛</verse>
				<verse number="3">۽ جڏهن سڀيئي ڌڻ اچي اتي گڏ ٿيندا هئا تڏهن انهيءَ پهڻ کي کوهہ جي منهن تان اُٿلائي، رڍن کي پاڻي پياريندا هئا، ۽ پوءِ وري اهو پهڻ انهيءَ ساڳيءَ جاءِ تي رکي ڇڏيندا هئا.</verse>
				<verse number="4">جڏهن يعقوب اتي پهتو، تڏهن انهن کي چيائين تہ ڀائرو، اوهين ڪٿان جا آهيو؟ هنن چيو تہ اسين حاران جا آهيون.</verse>
				<verse number="5">هن چين تہ اوهين نحور جي پٽ حاران کي سڃاڻو ٿا؟ هنن چيو تہ هائو، اسين سڃاڻونس ٿا.</verse>
				<verse number="6">تڏهن پڇيائين تہ هو صحيح سلامت آهي؟ هنن چيو تہ هائو، صحيح سلامت آهي؛ اِجها سندس ڌيءَ راخل رڍن کي وٺيو پيئي اچي.</verse>
				<verse number="7">پوءِ هن چيو تہ ڏسو، اڃا ڏينهن گهڻو پيو آهي ۽ مال جي گڏ ڪرڻ جو وقت بہ ڪونہ ٿيو آهي، اوهين رڍن کي پاڻي پياري وڃي چاريو.</verse>
				<verse number="8">تنهن تي هنن چيو تہ اسين ائين ڪري نٿا سگهون، پر جڏهن سڀيئي ڌڻ اچي گڏ ٿيندا، ۽ کوهہ جي منهن تان پهڻ اُٿلايو ويندو، تڏهن اسين رڍن کي پاڻي پيارينداسين.</verse>
				<verse number="9">اڃا هن ساڻن ڳالهيون پئي ڪيون، تہ راخل پنهنجي پيءُ جون رڍون وٺي آئي؛ ڇالاءِ جو هوءَ انهن کي سنڀاليندي هئي.</verse>
				<verse number="10">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يعقوب پنهنجي مامي لابن جي ڌيءَ کي، ۽ پنهنجي مامي لابن جي رڍن کي ڏٺو، تڏهن ويجهو وڃي کوهہ جي منهن تان پهڻ اُٿلايائين، ۽ پنهنجي مامي لابن جي ڌڻ کي پاڻي پياريائين.</verse>
				<verse number="11">پوءِ يعقوب راخل کي چُميو، ۽ زور سان روئڻ لڳو.</verse>
				<verse number="12">۽ يعقوب راخل کي چيو تہ آءٌ تنهنجي پيءُ جو ڀاڻيجو ۽ ربقہ جو پٽ آهيان، تڏهن هن ڊوڙي وڃي پنهنجي پيءُ کي خبر ڏني،</verse>
				<verse number="13">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن لابن پنهنجي ڀاڻيجي يعقوب جي خبر ٻڌي، تڏهن کيس گڏجڻ لاءِ ڊوڙيو، ۽ کيس ڀاڪر پائي چميائين، ۽ پنهنجي گهر وٺي آيس. ۽ هن لابن کي سمورو حال ٻڌايو.</verse>
				<verse number="14">تڏهن لابن چيس تہ تون برابر منهنجو هڏ ۽ منهنجو ماس آهين. ۽ هو وٽس مهينو رهي پيو.</verse>
				<verse number="15">پوءِ لابن يعقوب کي چيو تہ تون منهنجو ڀاءُ آهين، تنهنڪري آءٌ توکان مفت پورهيو ڪرائيندس ڇا؟ مون کي ٻڌاءِ تہ تون ڪيترو اُجورو وٺندين؟</verse>
				<verse number="16">هاڻي، لابن کي ٻہ ڌيون هيون، وڏيءَ جو نالو لياہ ۽ ننڍيءَ جو نالو راخل هو.</verse>
				<verse number="17">لياہ جون اکيون چنجهيون هيون، پر راخل سهڻي ۽ پياري هئي.</verse>
				<verse number="18">۽ يعقوب جو راخل تي پيار هو؛ تنهنڪري چيائين تہ تنهنجي ننڍي ڌيءَ جي لاءِ آءٌ ست ورهيہ تو وٽ پورهيو ڪندس.</verse>
				<verse number="19">تڏهن لابن چيو تہ اها ڪنهن ٻئي ماڻهو کي ڏيان، تنهن کان توکي ڏيان تہ چڱو، تون مون وٽ رهي پئُہ.</verse>
				<verse number="20">پوءِ يعقوب راخل جي لاءِ ست ورهيہ پورهيو ڪيو، ۽ جيئن تہ هن تي سندس پيار هو، تنهنڪري اهي ست ورهيہ کيس ٿورن ڏينهن جيترا نظر آيا.</verse>
				<verse number="21">پوءِ يعقوب لابن کي چيو تہ منهنجو مدو پورو ٿيو آهي، هاڻي منهنجي زال مون کي ڏي تہ وٽس وڃان.</verse>
				<verse number="22">تڏهن لابن انهيءَ هنڌ جي سڀني ماڻهن کي گڏ ڪري مجلس ڪئي.</verse>
				<verse number="23">۽ هيئن ٿيو جو سانجهيءَ جي وقت پنهنجي ڌيءَ لياہ آڻي هن کي ڏنائين؛ ۽ هو وٽس ويو.</verse>
				<verse number="24">۽ لابن پنهنجي ٻانهي زلفہ، پنهنجيءَ ڌيءَ لياہ کي ٻانهي ڪري ڏني.</verse>
				<verse number="25">۽ صبح جو جڏهن هو اُٿيو، تڏهن ڏٺائين تہ هيءَ لياہ آهي، تڏهن لابن کي چيائين تہ تو هي مون سان ڇا ڪيو؟ مون تو وٽ راخل جي لاءِ پورهيو ڪين ڪيو ڇا؟ پوءِ تو مون سان ٺڳي ڇو ڪئي؟</verse>
				<verse number="26">تڏهن لابن چيو تہ اسان جي ملڪ ۾ اهو دستور نہ آهي تہ وڏيءَ کان اڳ ۾ ننڍي ڏجي.</verse>
				<verse number="27">هن جو ستاواڙو پورو ڪر، تنهن کان پوءِ جيڪي ٻيا ست ورهيہ تون مون وٽ پورهيو ڪندين، تنهن جي لاءِ اسين توکي هيءَ ٻي بہ ڏينداسين.</verse>
				<verse number="28">سو يعقوب ائين ئي ڪيو، هن جو ستاواڙو پورو ڪيائين؛ پوءِ هن کيس پنهنجي ڌيءَ راخل سان بہ شادي ڪرائي ڏني.</verse>
				<verse number="29">۽ لابن پنهنجي ڌيءَ راخل کي پنهنجي ٻانهيءَ بلهاہ، ٻانهي ڪري ڏني.</verse>
				<verse number="30">۽ يعقوب راخل وٽ ويو، ۽ هو راخل کي لياہ کان وڌيڪ پيار ڪندو هو، ۽ هن ٻيا ست ورهيہ بہ انهيءَ وٽ پورهيو ڪيو.</verse>
				<verse number="31">۽ خداوند ڏٺو تہ لياہ حقير ٿي ليکجي، سو هن سندس رحم کوليو: پر راخل سنڍ رهجي ويئي.</verse>
				<verse number="32">۽ لياہ حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس، ۽ انهيءَ جو نالو روبن رکيائين: ڇالاءِ جو هن چيو تہ خداوند منهنجي ڏک تي نظر ڪئي آهي، هاڻي منهنجو مڙس مون کي پيار ڪندو.</verse>
				<verse number="33">۽ هوءَ وري حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس: ۽ چيائين تہ خداوند ٻڌو آهي تہ منهنجي حقارت ٿي ٿئي، تنهنڪري مون کي هي بہ پٽ ڏنو اٿس، سو انهي جو نالو شمعون رکيائين.</verse>
				<verse number="34">۽ هوءَ وري بہ حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس: ۽ چيائين تہ هاڻي هن ڀيري منهنجو مڙس مون سان گڏجي رهندو؛ ڇالاءِ جو مون کي منجهانئس ٽي پٽ پيدا ٿيا آهن؛ تنهنڪري انهيءَ جو نالو لاوي رکيائين.</verse>
				<verse number="35">۽ هوءَ وري بہ حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس: ۽ چيائين تہ هن ڀيري آءٌ خداوند جي تعريف ڪنديس، تنهنڪري انهيءَ جو نالو يهوداہ رکيائين. پوءِ هن جو ويامڻ بند ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="30">
				<verse number="1">جڏهن راخل ڏٺو تہ يعقوب کي هن مان ڪوبہ ٻار پيدا نہ ٿيو آهي، تڏهن راخل پنهنجيءَ ڀيڻ سان حسد ڪرڻ لڳي؛ ۽ يعقوب کي چيائين تہ مون کي بہ ٻار ڏي، نہ تہ آءٌ مري وينديس.</verse>
				<verse number="2">تڏهن يعقوب راخل تي تمام گهڻو غصي ٿيو، ۽ چيائينس تہ آءٌ ڪو خدا آهيان جنهن توکي پيٽ جي ڦل کان وانجهي رکيو آهي؟</verse>
				<verse number="3">تڏهن هن چيو تہ اِجها منهنجي ٻانهي بلهاہ حاضر آهي، انهيءَ وٽ وڃ، تہ هوءَ ٻار ڄڻي منهنجي هنج ۾ ڏئي، ۽ آءٌ بہ هن جي ڪري ٻارن واري ٿيان.</verse>
				<verse number="4">سو هن پنهنجي ٻانهي بلهاہ کيس زال ڪري ڏني، ۽ يعقوب هن وٽ ويو.</verse>
				<verse number="5">۽ بلهاہ حاملہ ٿي ۽ کيس يعقوب مان پٽ پيدا ٿيو.</verse>
				<verse number="6">تڏهن راخل چيو تہ خدا منهنجو انصاف ڪيو آهي، ۽ منهنجي دانهن بہ ٻڌي اٿس ۽ مون کي پٽ ڏنو اٿس، تنهنڪري انهيءَ جو نالو دان رکيائين.</verse>
				<verse number="7">۽ راخل جي ٻانهي وري حاملہ ٿي ۽ کيس يعقوب مان ٻيو پٽ ڄائو.</verse>
				<verse number="8">تڏهن راخل چيو تہ مون خدا کي ڏاڍيون نيزاريون ڪري پنهنجيءَ ڀيڻ سان مقابلو ڪيو، ۽ مٿس غالب پيئي آهيان، تنهنڪري انهيءَ جو نالو نفتالي رکيائين.</verse>
				<verse number="9">جڏهن لياہ ڏٺو تہ مون ويامڻ کان بس ڪئي آهي، تڏهن پنهنجي ٻانهي زلفہ يعقوب کي زال ڪري ڏنائين.</verse>
				<verse number="10">۽ لياہ جي ٻانهيءَ زلفہ کي بہ يعقوب مان پٽ پيدا ٿيو.</verse>
				<verse number="11">تڏهن لياہ چيو تہ نصيب وارو، تنهنڪري انهيءَ جو نالو جد رکيائين.</verse>
				<verse number="12">۽ لياہ جي ٻانهيءَ زلفہ کي يعقوب مان ٻيو پٽ بہ ڄائو.</verse>
				<verse number="13">تڏهن لياہ چيو تہ آءٌ نصيب واري آهيان؛ ڇالاءِ جو زالون مون کي واڌايون ڏينديون، تنهنڪري انهيءَ جو نالو آشر رکيائين.</verse>
				<verse number="14">۽ روبن ڪڻڪ جي لاباري جي ڏينهن ۾ ٻنيءَ ۾ ويو ۽ اتي دودا لڌائين، جي هن آڻي پنهنجيءَ ماءُ لياہ کي ڏنا. تڏهن راخل لياہ کي چيو تہ ڀلائي ڪري پنهنجي پٽ جي دودن مان ٿورا مون کي بہ ڏي.</verse>
				<verse number="15">پر هن چيس تہ اها ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا، جو تو منهنجي مڙس کي پنهنجو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هاڻي منهنجي پٽ جا دودا بہ وٺڻ ٿي گهرين؟ تنهن تي راخل چيس تہ چڱو ڀلا تنهنجي پٽ جي دودن جي عيوض اڄ رات هو توسان سمهندو.</verse>
				<verse number="16">پوءِ جڏهن يعقوب سانجهيءَ جو ٻنيءَ مان آيو، تڏهن لياہ کيس گڏجڻ ويئي ۽ چيائينس تہ تون مون وٽ اچ؛ ڇالاءِ جو مون پنهنجي پٽ جا دودا ڏيئي، اڄوڪيءَ رات لاءِ توکي ڀاڙي تي ورتو آهي. سو هو اها رات ساڻس گڏ ستو.</verse>
				<verse number="17">۽ خدا لياہ جو عرض ٻڌو، ۽ هوءَ حاملہ ٿي، ۽ کيس يعقوب مان پنجون پٽ ڄائو.</verse>
				<verse number="18">تڏهن لياہ چيو تہ خدا مون کي منهنجو بدلو ڏنو آهي؛ ڇالاءِ جو مون پنهنجي مڙس کي پنهنجي ٻانهي ڏني: تنهنڪري انهيءَ جو نالو اشڪار رکيائين.</verse>
				<verse number="19">۽ لياہ وري بہ حاملہ ٿي ۽ کيس يعقوب مان ڇهون پٽ ڄائو.</verse>
				<verse number="20">تڏهن لياہ چيو تہ خدا مون کي چڱو ڏاج ڏنو آهي؛ هاڻي منهنجو مڙس مون سان گڏجي رهندو؛ ڇالاءِ جو مون کي منجهانئس ڇهہ پٽ ڄاوا آهن؛ تنهنڪري انهيءَ جو نالو زبولون رکيائين.</verse>
				<verse number="21">تنهن کان پوءِ هن کي ڌيءَ ڄائي ۽ انهيءَ جو نالو دينہ رکيائين.</verse>
				<verse number="22">۽ خدا راخل کي بہ ياد ڪيو، ۽ سندس عرض ٻڌائين، ۽ سندس رحم کوليائين.</verse>
				<verse number="23">۽ هوءَ حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس: تڏهن چيائين تہ خدا مون تان مهڻو لاهي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="24">تنهنڪري انهيءَ جو نالو يوسف رکيائين، ۽ چيائين تہ خدا مون کي ٻيو بہ پٽ ڏئي.</verse>
				<verse number="25">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن راخل کي يوسف ڄائو، تڏهن يعقوب لابن کي چيو تہ مون کي موڪل ڏي تہ آءٌ پنهنجي گهر، ۽ پنهنجي ملڪ ڏانهن وڃان.</verse>
				<verse number="26">مون کي منهنجيون زالون ۽ منهنجا ٻار ڏي، جن لاءِ مون تنهنجو پورهيو ڪيو آهي، ۽ مون کي وڃڻ ڏي: ڇالاءِ جو مون جيڪو تنهنجو پورهيو ڪيو آهي، تنهن جي توکي خبر آهي.</verse>
				<verse number="27">تڏهن لابن چيس تہ جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي هجي تہ هتي ئي رهہ؛ ڇالاءِ جو مون کي آزمودي مان معلوم ٿيو آهي، تہ تنهنجي ڪري خداوند مون کي برڪت ڏني آهي.</verse>
				<verse number="28">۽ چيائينس تہ هاڻي تون پنهنجو اُجورو مقرر ڪر تہ اهو آءٌ توکي ڏيندو رهندس.</verse>
				<verse number="29">تڏهن هن چيس تہ توکي خبر آهي تہ ڪهڙيءَ طرح مون تنهنجو پورهيو ڪيو آهي، ۽ ڪيئن تنهنجي مال کي سنڀاليو اٿم.</verse>
				<verse number="30">ڇالاءِ تہ جڏهن آءٌ آيس تڏهن اهو ٿورو هو، پر هاڻي وڌي گهڻو ٿيو آهي؛ ۽ منهنجي اچڻ کان پوءِ خداوند توکي برڪت ڏني آهي. هاڻي آءٌ پنهنجي گهر جو بندوبست ڪڏهن ڪندس؟</verse>
				<verse number="31">تنهن تي هن چيو تہ آءٌ توکي ڇا ڏيان؟ يعقوب چيس تہ تون مون کي ڪجهہ بہ نہ ڏي، جيڪڏهن تون منهنجي لاءِ هيترو ڪندين، تہ پوءِ آءٌ وري بہ تنهنجو ڌڻ چاريندس، ۽ انهي جي سنڀال ڪندس.</verse>
				<verse number="32">اڄ آءٌ تنهنجي ڌڻ مان لنگهندس ۽ انهيءَ مان سڀ چٽڪمرو ۽ ابلق مال ڪڍي ڌار ڪندس، ۽ رڍن مان سڀ ڪاريون، ۽ ٻڪرين مان سڀ چٽڪمريون ۽ ابلق ڪڍي ڌار ڪندس: ۽ اهي منهنجو اُجورو ٿينديون.</verse>
				<verse number="33">۽ اڳتي بہ جڏهن منهنجي اُجوري جو وقت ايندو، تڏهن انهيءَ طرح منهنجي راستبازي تنهنجي اڳيان ثابت ٿيندي: ٻڪرين ۾ جيڪا چٽڪمري ۽ ابلق نہ هوندي، ۽ رڍن ۾ جيڪا ڪاري نہ هوندي، سا چورايل سمجهبي.</verse>
				<verse number="34">تڏهن لابن چيو تہ ڏس، مون کي تنهنجي ڳالهہ قبول آهي.</verse>
				<verse number="35">۽ هن انهيءَ ڏينهن جيڪي ٻڪر پٽاپٽي ۽ ابلق هئا، ۽ جيڪي ٻڪريون چٽڪمريون ۽ ابلق هيون، ۽ جن ۾ ڪا اڇاڻ هئي، سي سڀ، ۽ رڍن ۾ جيڪي ڪاريون هيون، سي سڀ ڪڍي پنهنجن پٽن جي حوالي ڪيون.</verse>
				<verse number="36">پوءِ هن پنهنجي ۽ يعقوب جي وچ ۾ ٽن ڏينهن جي پنڌ جيترو ويڇو ڇڏيو، ۽ لابن جي ڌڻن مان جيڪي باقي بچيا، تن کي يعقوب چارڻ لڳو.</verse>
				<verse number="37">پوءِ يعقوب سائي چنار ۽ بادام ۽ عرمون جون لٺيون کنيون؛ ۽ ڇلي انهن ۾ اڇا پٽا ڪڍيائين، ۽ انهن ڪاٺين ۾ جيڪا اڇاڻ هئي، سا ظاهر ڪيائين.</verse>
				<verse number="38">۽ هو اهي ڇليل ڪاٺيون ڪسين ۽ پاڻيءَ جي حوضن وٽ، جتي ڌڻ پاڻي پيئڻ ايندو هو، اتي ڌڻ جي اڳيان کوڙي ڇڏيندو هو؛ انهيءَ لاءِ تہ جڏهن ڌڻ پاڻي پيئڻ اچن، تڏهن ڍُڪجي پون.</verse>
				<verse number="39">۽ ڌڻ انهن ڪاٺين جي اڳيان ڍُڪجي پيا، ۽ پٽاپٽي ۽ چٽڪمرا، ۽ ابلق ڦر ڏنائون.</verse>
				<verse number="40">۽ يعقوب انهن رڍن کي ڌار ڪيو، ۽ لابن جي ڌڻن جا منهن ڦيرائي ابلق ۽ ڪارين ڏانهن ڪيائين؛ ۽ پنهنجن ڌڻن کي ڌار ڪري بيهاريائين، ۽ لابن جي مال سان نہ گڏيائين.</verse>
				<verse number="41">۽ هيئن ٿيو تہ جنهن جنهن وقت ٿلهو مال ڍُڪبو هو، تنهن وقت يعقوب اهي ڪاٺيون مال جي اڳيان ڪسين ۾ کوڙيندو هو، تان تہ اهي ڪاٺين کي ڏسندي ڍُڪجن،</verse>
				<verse number="42">پر جڏهن مال ڏٻرو هوندو هو، تڏهن هو اهي ڪاٺيون ڪين کوڙيندو هو. انهيءَ ڪري ڏٻرو مال لابن جو ٿيو ۽ ٿلهو مال يعقوب جو.</verse>
				<verse number="43">اهڙيءَ طرح اهو ماڻهو وڌندو ويو، ۽ وٽس گهڻو ئي مال، ۽ ٻانهيون ۽ نوڪر، ۽ اُٺ ۽ گڏهہ ٿيا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="31">
				<verse number="1">۽ هن لابن جي پٽن جون ڳالهيون ٻڌيون، جو چيائون ٿي تہ يعقوب اسان جي پيءُ جو سڀ ڪجهہ کڻي ويو آهي، ۽ اسان جي پيءُ جي مال مان هيترو شان حاصل ڪيو اٿس.</verse>
				<verse number="2">۽ يعقوب لابن جي منهن ڏانهن نظر ڪئي ۽ هن جو رخ پاڻ ڏانهن اڳئين جهڙو نہ ڏٺائين.</verse>
				<verse number="3">۽ خداوند يعقوب کي چيو تہ تون پنهنجن ابن ڏاڏن جي ملڪ ۾ پنهنجن عزيزن وٽ موٽ، ۽ آءٌ تو سان هوندس.</verse>
				<verse number="4">تڏهن يعقوب راخل ۽ لياہ کي جهنگ ۾ پنهنجي ڌڻ وٽ گهرايو،</verse>
				<verse number="5">۽ چيائين تہ آءٌ اوهان جي پيءُ جو رخ ڏسان ٿو تہ مون ڏانهن اڳئين جهڙو نہ آهي؛ پر منهنجي پيءُ جو خدا مون ساڻ آهي.</verse>
				<verse number="6">۽ اوهان کي خبر آهي تہ مون پنهنجي وت آهر اوهان جي پيءُ جو پورهيو ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="7">پر اوهان جي پيءُ مون سان ٺڳي ڪري، ڏهہ ڀيرا منهنجو اُجورو بدلايو آهي، پر خدا کيس منهنجو نقصان ڪرڻ نہ ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="8">جيڪڏهن هن چيو ٿي تہ چٽڪمريون تنهنجو اُجورو آهن، تہ سڀ مال چٽڪمرا ڦر ٿي ڏنا، ۽ جڏهن چيائين ٿي تہ پٽاپٽي تنهنجو اُجورو آهن تہ سڀ مال پٽاپٽي ڦر ٿي ڏنا.</verse>
				<verse number="9">انهيءَ طرح خدا اوهان جي پيءُ جو مال کڻي مون کي ڏنو.</verse>
				<verse number="10">۽ هيئن ٿيو تہ جنهن وقت مال ٿي ڍُڪيو، تنهن وقت مون پنهنجيون اکيون مٿي کنيون ۽ خواب ۾ ڏٺم تہ جيڪي نر مال تي پيا ٿي، سي پٽاپٽي، ابلق ۽ چٽڪمرا هئا.</verse>
				<verse number="11">۽ خدا جي فرشتي مون سان خواب ۾ ڳالهايو ۽ چيائين تہ اي يعقوب، ۽ مون چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.</verse>
				<verse number="12">تڏهن هن چيو تہ هاڻي پنهنجيون اکيون مٿي کڻ ۽ ڏس تہ جيڪي نر مال تي پون ٿا، سي پٽاپٽي، ابلق ۽ چٽڪمرا آهن، ڇالاءِ جو لابن جيڪي تو سان ڪري ٿو، سو مون ڏٺو آهي.</verse>
				<verse number="13">آءٌ بيت ايل جو خدا آهيان، جتي تو ٿنڀ تي تيل اوتيو هو، ۽ جتي تو منهنجي لاءِ مڃت مڃي هئي. هاڻي اُٿ، هن ملڪ مان نڪري پنهنجي وطن ۾ موٽي وڃ.</verse>
				<verse number="14">تڏهن راخل ۽ لياہ ورندي ڏيئي چيس تہ اسان جي پيءُ جي گهر ۾ اسان لاءِ اڃا بہ ڪو حصو يا ورثو رهيل آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="15">اسين هن جي لاءِ ڌاريون ڪين آهيون ڇا؟ ڇالاءِ جو هن تہ اسان کي وڪڻي ڇڏيو آهي، ۽ اسان جو ناڻو بہ سڀ کائي ويو آهي.</verse>
				<verse number="16">سو جيڪا دولت خدا اسان جي پيءُ کان کسي آهي، سا اسان جي ۽ اسان جي اولاد جي آهي؛ تڏهن هاڻي جيئن خدا توکي فرمايو آهي، تيئن ڪر.</verse>
				<verse number="17">تڏهن يعقوب اٿي پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين زالن کي اُٺن تي چاڙهيو؛</verse>
				<verse number="18">۽ پنهنجو سڀ مال ۽ سامان جيڪو وٽس هو، يعني اهو مال، جو فدان ارام ۾ ڪمايو هئائين، سو کڻي ڪنعان جي ملڪ ۾، پنهنجي پيءُ اسحاق وٽ وڃڻ لاءِ روانو ٿيو.</verse>
				<verse number="19">۽ لابن پنهنجين رڍن جي اُن ڪترڻ ويو هو، ۽ راخل پنهنجي پيءُ جا ٺاڪر چوري ڪري کڻي ويئي.</verse>
				<verse number="20">۽ يعقوب لڪ چوريءَ لابن اسوريءَ وٽان ڀڄي نڪتو ۽ هن کي پنهنجي وڃڻ جي خبر ڪانہ ڏنائين.</verse>
				<verse number="21">سو هو پنهنجو سڀ ڪجهہ کڻي ڀڄي ويو ۽ درياهہ اُڪري، جلعاد جبل ڏانهن رخ ڪيائين.</verse>
				<verse number="22">پوءِ ٽئين ڏينهن لابن کي خبر پيئي تہ يعقوب ڀڄي ويو آهي.</verse>
				<verse number="23">تڏهن هو پنهنجا ڀائر پاڻ سان وٺي هن جي پٺيان پيو، ۽ ستن ڏينهن کان پوءِ، جلعاد جبل وٽ وڃي کيس پهتو.</verse>
				<verse number="24">پر خدا رات جي وقت خواب ۾ لابن اسوريءَ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ خبردار متان يعقوب کي ڪي گهٽ وڌ ڳالهائين.</verse>
				<verse number="25">پوءِ لابن يعقوب وٽ وڃي پهتو. هاڻي يعقوب انهيءَ جبل تي پنهنجو تنبو کوڙيو هو، ۽ لابن بہ پنهنجن ڀائرن سميت جلعاد جبل تي پنهنجو تنبو کوڙيو.</verse>
				<verse number="26">پوءِ لابن يعقوب کي چيو تہ تو هي ڇا ڪيو آهي؟ جو منهنجي پرپٺ لڪ چوريءَ اٿي ڀڳو آهين، ۽ منهنجين ڌيئرن کي بہ ائين ڀڄائي آيو آهين، جو ڄڻ تہ ترار سان هٿ ڪيل قيدي آهن؟</verse>
				<verse number="27">ڇو مون کان لڪ چوريءَ ڳجهہ ڳوهہ ۾ ڀڄي وئين ۽ مون کي نہ ٻڌايُئِہ؟ نہ تہ جيڪر آءٌ خوشيءَ سان، راڳن روپن ۽ دهل ۽ بربط سان توکي روانو ڪريان ها.</verse>
				<verse number="28">نڪي تو ايترو ڪيو جو آءٌ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئرن کي چُمي کانئن موڪلايان؛ هاڻي تو اهو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="29">توکي ايذاءُ رسائڻ منهنجي هٿ ۾ آهي، پر ڪالهہ رات تنهنجي پيءُ جي خدا مون سان ڳالهايو ۽ چيائين تہ خبردار متان يعقوب کي ڪي گهٽ وڌ چوين.</verse>
				<verse number="30">هاڻي توکي تہ ضرور وڃڻو آهي، جو پنهنجي پيءُ جي گهر جي اُڪير اٿئي، پر تو منهنجا ٺاڪر ڇو چورايا آهن؟</verse>
				<verse number="31">تڏهن يعقوب لابن کي ورندي ڏيئي چيو تہ آءٌ ڊنس ٿي؛ ڇالاءِ جو مون سمجهيو تہ متان تون زور سان پنهنجيون ڌيون مون کان کسي وٺين.</verse>
				<verse number="32">باقي جنهن وٽ تنهنجا ٺاڪر هجن، تنهن کي جيئرو نہ ڇڏ. جيڪي بہ تنهنجو مون وٽ هجي، سو اسان جي ڀائرن جي روبرو هلي ڳولهہ ۽ کڻي وڃ؛ ڇالاءِ جو يعقوب کي خبر ڪانہ هئي تہ راخل اُهي ٺاڪر چورائي آندا آهن.</verse>
				<verse number="33">تڏهن لابن يعقوب جي تنبوءَ ۾، ۽ لياہ جي تنبوءَ، ۽ انهن ٻنهي ٻانهين جي تنبن ۾ ويو، پر ڪي بہ ڪين مليس، پوءِ هو لياہ جي تنبوءَ مان نڪري راخل جي تنبوءَ ۾ داخل ٿيو.</verse>
				<verse number="34">هاڻي راخل اهي ٺاڪر کڻي، اُٺ جي ڪجاوي ۾ وجهي، انهن جي مٿان چڙهي ويٺي هئي، ۽ لابن سڄي تنبوءَ ۾ انهن جي ڳولا ڪئي، پر نہ لڌائين.</verse>
				<verse number="35">۽ هوءَ پنهنجي پيءُ کي چوڻ لڳي تہ سائين آءٌ تنهنجي اڳيان اُٿي نٿي سگهان؛ ڇالاءِ جو ماهواري اٿم، تون انهيءَ ڪري رنج نہ ٿج. سو هن ٺاڪرن جي ڳولا ڪئي، پر نہ لڌائين.</verse>
				<verse number="36">تڏهن يعقوب اچي ڪاوڙيو ۽ لابن کي ڇينڀڻ لڳو: ۽ يعقوب ورندي ڏيئي لابن کي چيو تہ مون ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي، ۽ ڪهڙو گناهہ ڪيو اٿم، جو تون اهڙي ڇوهہ مان مون تي ڪاهي آيو آهين؟</verse>
				<verse number="37">تو منهنجي سڄي گهر جو جهاڙو ورتو آهي، ۽ پنهنجي گهر جي سامان مان ڇا لڌو اٿئي؟ اهو هتي منهنجن ۽ پنهنجن ڀائرن جي اڳيان رک، تہ هي اسان ٻنهي جي وچ ۾ انصاف ڪن.</verse>
				<verse number="38">آءٌ پورا ويهہ ورهيہ تو وٽ رهيس، تنهن وچ ۾ تنهنجين رڍن، ۽ تنهنجين ٻڪرين پنهنجا ڦر نہ ڪيرايا، نڪي تنهنجي ڌڻ جا گهيٽا مون کاڌا.</verse>
				<verse number="39">جيڪو مرون ڦاڙيو سو بہ مون تو وٽ نہ آندو، پر انهيءَ جو نقصان مون پاڻ تي کنيو. جيڪو ڏينهن جو يا رات جو چورائجي ويو، سو بہ تو مون کان ڀرائي ورتو.</verse>
				<verse number="40">منهنجو حال هي هو، جو ڏينهن جو اُس، ۽ رات جو پاري، مون کي ساڙي ڇڏيو، ۽ منهنجين اکين مان ننڊ بہ نڪري ويئي.</verse>
				<verse number="41">اهڙيءَ طرح مون تنهنجي گهر ۾ ويهہ ورهيہ گذاريا آهن. مون چوڏهن ورهيہ تنهنجين ڌيئرن جي لاءِ، ۽ ڇهہ ورهيہ تنهنجي مال جي لاءِ تو وٽ پورهيو ڪيو: ۽ تو منهنجو اُجورو ڏهہ ڀيرا بدلايو سدلايو.</verse>
				<verse number="42">جيڪڏهن منهنجي پيءُ جو خدا، يعني ابرهام جو خدا، جنهن جو اسحاق کي بہ خوف آهي، سو مون سان نہ هجي ها، تہ جيڪر هاڻي تون مون کي ضرور خالي هٿين روانو ڪرين ها. خدا منهنجا ڏک ۽ منهنجن هٿن جو پورهيو ڏٺو آهي، تنهنڪري ڪلهہ رات توکي ڇينڀيو اٿس.</verse>
				<verse number="43">تڏهن لابن يعقوب کي ورندي ڏيئي چيو تہ هي ڌيون منهنجيون ڌيون آهن، ۽ هي ٻار منهنجا ٻار آهن، ۽ هي مال منهنجو مال آهي ۽ هي سڀ جيڪي تون ڏسين ٿو، سو منهنجو آهي؛ پر اڄ آءٌ هنن پنهنجين ڌيئرن کي، ۽ ٻار جي ڄڻيا اٿن تن کي ڇا ٿو ڪري سگهان؟</verse>
				<verse number="44">سو هاڻي اچ تہ اسين ٻئي پاڻ ۾ عهد ڪريون، تہ اهو منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ شاهد ٿي رهي.</verse>
				<verse number="45">پوءِ يعقوب هڪڙو پهڻ کڻي ٿنڀ وانگي کوڙيو.</verse>
				<verse number="46">۽ يعقوب پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ پهڻ گڏ ڪريو؛ ۽ هنن پهڻ کڻي آڻي ڍڳ ڪيو: ۽ انهيءَ ڍڳ وٽ ويهي ماني کاڌائون.</verse>
				<verse number="47">۽ لابن انهيءَ جو نالو يجرشاهدوٿا رکيو، پر يعقوب انهيءَ کي جلعاد جي نالي سان سڏيو.</verse>
				<verse number="48">۽ لابن چيو تہ اڄ هي ڍڳ منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ شاهد آهي، تنهنڪري انهيءَ جو نالو جلعاد رکيو ويو:</verse>
				<verse number="49">۽ انهيءَ ٿنڀ جو نالو مصفاہ بہ رکيائين، جو هن چيو تہ جڏهن پاڻ هڪ ٻئي کان ڌار ٿينداسين، تڏهن خداوند اسان ٻنهي تي نگاهہ رکي.</verse>
				<verse number="50">جيڪڏهن تون منهنجين ڌيئرن کي ڏکيو رکندين، يا جيڪڏهن تون منهنجين ڌيئرن کان سواءِ ٻيون زالون پرڻبين، تہ جيتوڻيڪ ٻيو ڪو ماڻهو اسان سان ڪونهي، پر ڏس، خدا منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ شاهد آهي.</verse>
				<verse number="51">۽ لابن يعقوب کي چيو تہ هي ڍڳ، ۽ هي ٿنڀ ڏس، جو اسان ٻنهي جي وچ ۾ آهي.</verse>
				<verse number="52">ڀلي تہ هي ڍڳ ۽ هي ٿنڀ شاهد هجن، تہ نہ آءٌ نقصان رسائڻ جي لاءِ هي ڍڳ لنگهي تو ڏانهن ايندس، ۽ نہ تون هي ڍڳ ۽ ٿنڀ لنگهي مون ڏانهن ايندين.</verse>
				<verse number="53">ابرهام جو خدا، ۽ نحور جو خدا، ۽ سندن پيءُ جو خدا، اسان ٻنهي جي وچ ۾ انصاف ڪندو. تڏهن يعقوب انهيءَ جو قسم کنيو، جنهن جو سندس پيءُ اسحاق کي خوف هو.</verse>
				<verse number="54">پوءِ يعقوب انهيءَ جبل تي قرباني ڪئي، ۽ پنهنجن ڀائرن کي ماني کائڻ لاءِ سڏيائين: ۽ هنن ماني کاڌي ۽ سڄي رات انهيءَ جبل تي گذاريائون.</verse>
				<verse number="55">۽ لابن صبح جو سوير اُٿيو ۽ پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن کي چميائين، ۽ کين برڪت ڏنائين: پوءِ لابن روانو ٿيو ۽ موٽي پنهنجي گهر آيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="32">
				<verse number="1">پوءِ يعقوب پنهنجي واٽ وٺي روانو ٿيو ۽ کيس خدا جا فرشتا گڏيا.</verse>
				<verse number="2">۽ يعقوب انهن کي ڏسي چيو تہ هي خدا جو لشڪر آهي: ۽ انهيءَ هنڌ جو نالو محنايم رکيائين.</verse>
				<verse number="3">۽ يعقوب پنهنجي اڳيان پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ ڏانهن ادوم جي ملڪ واري شعير جي سرزمين ۾ قاصد موڪليا.</verse>
				<verse number="4">۽ کين تاڪيد ڪري چيائين تہ اوهين منهنجي مالڪ عيسوءَ کي هيئن وڃي چئو، تہ تنهنجو ٻانهو يعقوب چوي ٿو آءٌ هيترو وقت لابن وٽ رهيس، ۽ هيستائين اتي هوس:</verse>
				<verse number="5">مون وٽ ڏاند، گڏهہ، ڌڻ، ٻانها ۽ ٻانهيون آهن، ۽ سائين جن کي منهنجو عرض آهي، تہ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي ٿئي.</verse>
				<verse number="6">پوءِ قاصد يعقوب وٽ موٽي آيا ۽ چيائون تہ اسين تنهنجي ڀاءُ عيسوءَ وٽ وياسين، ۽ هو پاڻ چار سؤ ماڻهو ساڻ ڪري توکي گڏجڻ لاءِ ٿو اچي.</verse>
				<verse number="7">تڏهن يعقوب کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو ۽ هو پريشان ٿيڻ لڳو: ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن کي، ۽ ڍورن، ڌڻن، ۽ اُٺن کي ورهائي ٻہ ٽوليون ڪيائين؛</verse>
				<verse number="8">۽ چيائين تہ جيڪڏهن عيسو هڪڙيءَ ٽوليءَ ڏانهن اچي ۽ انهيءَ کي ماري، تہ باقي رهيل ٻي ٽولي ڀڄي وڃي.</verse>
				<verse number="9">۽ يعقوب چيو تہ اي منهنجي پيءُ ابرهام جا خدا، ۽ منهنجي پيءُ اسحاق جا خدا، اي خداوند، تو مون کي فرمايو تہ پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجن عزيزن وٽ موٽ، تہ آءٌ تنهنجو ڀلو ڪندس:</verse>
				<verse number="10">۽ هاڻي جيڪو رحم ۽ وفاداري تو پنهنجي ٻانهي تي ڪيو آهي، تنهن سڀ جي ذري جو بہ آءٌ لائق نہ آهيان؛ ڇالاءِ جو آءٌ تہ فقط پنهنجي لٺ کڻي يردن جي پار ويو هوس، پر هاڻي مون وٽ ٻہ ٽوليون آهن.</verse>
				<verse number="11">آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ مون کي منهنجي ڀاءُ جي هٿ کان، يعني عيسوءَ جي هٿ کان بچاءِ: ڇوتہ آءٌ هن کان ڊڄان ٿو، تہ متان هو اچي مون کي ۽ ٻارن کي سندن مائرن سميت ماري وجهي.</verse>
				<verse number="12">تو چيو تہ آءٌ ضرور توسان ڀلائي ڪندس، ۽ تنهنجو اولاد وڌائي سمنڊ جي واريءَ جيترو ڪندس، جنهن کي ڳڻي نٿو سگهجي.</verse>
				<verse number="13">پوءِ هو اها رات اتي ئي ٽڪيو؛ ۽ جيڪي وٽس هو، تنهن مان ڪجهہ پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ کي سوغات ڏيڻ لاءِ کنيائين؛</verse>
				<verse number="14">يعني ٻہ سؤ ٻڪريون ۽ ويهہ ٻڪر، ٻہ سؤ رڍون ۽ ويهہ گهيٽا.</verse>
				<verse number="15">ٽيهہ سئا ڏاچيون ۽ سندن گورا، چاليهہ ڳئون ۽ ڏهہ ڏاند، ويهہ گڏهيون ۽ ڏهہ کودڙا.</verse>
				<verse number="16">پوءِ هن انهن جون ڌار ڌار ٽوليون ٺاهي، پنهنجن نوڪرن جي حوالي ڪيون، ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين مون کان اڳيئي پار هلو، ۽ هر هڪ ٽوليءَ جي وچ ۾ ڪجهہ وڇوٽي ڇڏجو.</verse>
				<verse number="17">۽ پهرين ٽوليءَ واري کي تاڪيد ڪري چيائين تہ جڏهن منهنجو ڀاءُ عيسو توکي گڏجي، ۽ توکان پڇي تہ تون ڪنهن جو آهين، ۽ ڪيڏانهن ٿو وڃين، ۽ هي جي تنهنجي اڳيان پيا هلن، سي ڪنهن جا آهن؟</verse>
				<verse number="18">تڏهن تون چئج تہ اهي تنهنجي ٻانهي يعقوب جا آهن؛ هيءَ پنهنجي مالڪ عيسوءَ جي لاءِ سوغات موڪلي اٿس: اِجهو هو پاڻ بہ پٺيان پيو اچي.</verse>
				<verse number="19">۽ هن ٻيءَ، ۽ ٽينءَ ۽ ٻين سڀني پوئين ٽولين وارن کي بہ حڪم ڏنو تہ جڏهن اوهين عيسوءَ کي گڏجو، تڏهن انهيءَ طرح چئجوس</verse>
				<verse number="20">تہ اِجهو تنهنجو ٻانهو يعقوب اسان جي پٺيان پيو اچي. ڇالاءِ جو هن چيو تہ هيءَ سوغات جا مون کان اڳ ۾ وٺيو ٿا وڃن، تنهن سان آءٌ هن جي ڪاوڙ ڍري ڪندس، ۽ پوءِ سندس منهن ڏسندس؛ تہ من هو مون کي قبول ڪري.</verse>
				<verse number="21">سو هن جي سوغات کانئس اڳ ۾ پار وٺي ويا: ۽ هو پاڻ اها رات قافلي ۾ رهيو.</verse>
				<verse number="22">پوءِ هو انهيءَ رات جو اُٿيو ۽ پنهنجيون ٻہ زالون، ۽ ٻہ ٻانهيون ۽ يارهن ٻار ساڻ ڪري يبوق جي تڙ کان پار لنگهيو.</verse>
				<verse number="23">هنن کي درياهہ جي پرينءَ ڀر موڪليائين ۽ ٻيو بہ جيڪي وٽس هو، سو سڀ پرينءَ ڀر موڪلي ڏنائين.</verse>
				<verse number="24">۽ يعقوب پاڻ اڪيلو رهجي ويو، ۽ اتي پرهہ ڦٽيءَ تائين ڪو شخص ساڻس ملهہ پئي وڙهيو.</verse>
				<verse number="25">پر جڏهن هن شخص ڏٺو تہ آءٌ يعقوب تي غالب پئجي نٿو سگهان، تڏهن هن جي ران جي اندرينءَ نس کي هٿ لاتائين: ۽ جيئن هو يعقوب سان ملهہ پئي وڙهيو، تيئن يعقوب جي ران جي نس چڙهي ويئي.</verse>
				<verse number="26">تڏهن هن چيو تہ هاڻي مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان، ڇو تہ پرهہ ٿي ڦٽي. تنهن تي هن چيو تہ آءٌ تيسين توکي وڃڻ ڪين ڏيندس، جيسين تون مون کي برڪت نہ ڏيندين.</verse>
				<verse number="27">تڏهن هن چيس تہ تنهنجو نالو ڇا آهي؟ ۽ هن چيو تہ يعقوب.</verse>
				<verse number="28">۽ هن چيو تہ اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ، پر اسرائيل سڏبو؛ ڇالاءِ جو تو خدا ۽ ماڻهن سان زور آزمائي ڪئي آهي، ۽ غالب پيو آهين.</verse>
				<verse number="29">تڏهن يعقوب هن کي عرض ڪري کانئس پڇيو تہ مون کي پنهنجو نالو ٻڌاءِ، ۽ هن چيو تہ تون منهنجو نالو ڇو ٿو پڇين؟ پوءِ هن اتي کيس برڪت ڏني.</verse>
				<verse number="30">۽ يعقوب انهيءَ هنڌ جو نالو فني ايل رکيو، جو چيائين تہ مون خدا کي روبرو ڏٺو، تڏهن بہ منهنجي جان بچي ويئي.</verse>
				<verse number="31">۽ فني ايل تان لنگهندي هن کي سج اُڀري ويو، ۽ هو پنهنجيءَ ران تي منڊڪائيندو هليو.</verse>
				<verse number="32">تنهنڪري اڄ ڏينهن تائين اسرائيل جو اولاد ران جي اندرئين پاسي واري نس نہ کائيندو آهي؛ ڇالاءِ جو هن يعقوب جي ران کي هٿ لاتو هو، ۽ هن جي نس چڙهي ويئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="33">
				<verse number="1">پوءِ يعقوب پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاريو ۽ عيسوءَ کي چئن سوَن ماڻهن سان ايندو ڏٺائين. تڏهن هن لياہ کي، ۽ راخل کي، ۽ ٻنهي ٻانهين کي، ٻار ورهائي ڏنا.</verse>
				<verse number="2">ٻانهين ۽ سندن ٻارن کي سڀني کان اڳ ۾ ڪيائين، ۽ انهن جي پٺيان لياہ ۽ سندس ٻارن کي، ۽ سڀني جي پٺيان راخل ۽ يوسف کي ڪيائين.</verse>
				<verse number="3">۽ هو پاڻ انهن جي اڳيان هليو، ۽ جيسين پنهنجي ڀاءُ تائين پهتو، تيسين ست ڀيرا زمين تي جهڪي سجدو ڪيائين.</verse>
				<verse number="4">تڏهن عيسو کيس گڏجڻ لاءِ ڊوڙيو، ۽ کيس ڀاڪر پائي، گلي لڳائي چميائينس: ۽ هو ٻئي روئڻ لڳا.</verse>
				<verse number="5">پوءِ هن پنهنجيون اکيون مٿي کنيون ۽ زالن ۽ ٻارن کي ڏٺائين، ۽ چيائين تہ هي توسان ڪير آهن؟ تڏهن هن چيو تہ اهي ٻار آهن، جي خدا پنهنجي فضل سان تنهنجي ٻانهي کي ڏنا آهن.</verse>
				<verse number="6">پوءِ اهي ٻانهيون ۽ سندس ٻار ويجها آيا، ۽ جهڪي سجدو ڪيائون.</verse>
				<verse number="7">تنهن کان پوءِ لياہ ۽ سندس ٻار ويجها آيا، ۽ انهن بہ جهڪي سجدو ڪيو، پڇاڙي ۾ راخل ۽ يوسف ويجها آيا، ۽ انهن بہ جهڪي سجدو ڪيو.</verse>
				<verse number="8">تڏهن هن چيو تہ هيءَ سڄي جماعت، جا مون کي اچي گڏي آهي، تنهن ۾ تنهنجو ڪهڙو مطلب آهي؟ هن چيو تہ انهيءَ لاءِ تہ مون تي منهنجي مالڪ جي مهربانيءَ جي نظر ٿئي.</verse>
				<verse number="9">تڏهن عيسوءَ چيو تہ مون وٽ ججهو ئي آهي، جيڪي تنهنجو آهي، سو تو وٽ ئي رهي.</verse>
				<verse number="10">پر يعقوب چيو تہ نہ، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان، تہ هاڻي جيڪڏهن تو مون تي مهربانيءَ جي نظر ڪئي آهي، تہ منهنجي سوکڙي قبول ڪر. آءٌ تنهنجو منهن ائين ٿو ڏسان، ڄڻ تہ خدا جو منهن ڏٺو اٿم، ۽ تون مون تي راضي بہ ٿيو آهين.</verse>
				<verse number="11">سو آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ منهنجي سوکڙي، جا تو وٽ آندي اٿم، سا قبول ڪر؛ ڇالاءِ جو خدا مون تي پنهنجو فضل ڪيو آهي، ۽ مون وٽ سڀڪي آهي. ۽ هن گهڻو زور ڪيس، تڏهن هن اُها ورتي.</verse>
				<verse number="12">پوءِ هن چيس تہ اچو تہ پنڌ پئون ۽ هلون، آءٌ تنهنجي اڳيان ٿو هلان.</verse>
				<verse number="13">پر هن چيس تہ سائينءَ جن کي خبر آهي، تہ هي ٻار نازڪ آهن، ۽ ڌڻ ۽ ڍور جيڪي مون وٽ آهن، سي کير ڌارائيندڙ آهن. سو جيڪڏهن هنن کي هڪڙي ئي ڏينهن گهڻو ڪاهبو، تہ سڀ ڌڻ مري ويندا.</verse>
				<verse number="14">تنهنڪري آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ منهنجو مالڪ پنهنجي ٻانهي کان اڳي هليو هلي، تہ آءٌ، هي ڍور جي اڳيان پيا وڃن، تن جي ٽور آهر، ۽ ٻارن جي وک سارو، آهستي آهستي هليو ايندس، جيسين ڪ شعير وٽ اچي پنهنجي مالڪ کي گڏجان.</verse>
				<verse number="15">تڏهن عيسوءَ چيو تہ چڱو ڀلا جيڪي ماڻهو مون وٽ آهن، تن مان ڪي تو وٽ ڇڏي ٿو وڃان. پر هن چيو تہ انهيءَ جو ڪهڙو ضرور آهي، شل منهنجي مالڪ جي مهربانيءَ جي نظر مون تي هجي.</verse>
				<verse number="16">پوءِ عيسو انهيءَ ڏينهن شعير ڏانهن موٽي ويو.</verse>
				<verse number="17">۽ يعقوب سفر ڪندو سڪات ۾ پهتو ۽ اتي پنهنجي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيائين، ۽ پنهنجن ڍورن لاءِ ڇَنو ٻڌائين: تنهنڪري انهيءَ هنڌ جو نالو سڪات پئجي ويو.</verse>
				<verse number="18">پوءِ يعقوب فدان ارام مان نڪري سڪم شهر ۾ آيو، جو ڪنعان ملڪ ۾ آهي، ۽ شهر جي ٻاهران اچي منزل ڪيائين؛</verse>
				<verse number="19">۽ جنهن زمين جي ٽڪر تي پنهنجو تنبو کوڙيو هئائين، سو سڪم جي پيءُ حمور جي پٽن کان سؤ سڪن تي خريد ڪيائين.</verse>
				<verse number="20">۽ اتي هڪڙي قربانگاهہ جوڙيائين ۽ انهيءَ جو نالو ايل ايلوہ اسرائيل رکيائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="34">
				<verse number="1">هاڻي لياہ جي ڌيءَ ديناہ، جا يعقوب مان ڄائي هيس، سا انهيءَ ملڪ جي ڇوڪرين کي ڏسڻ لاءِ نڪتي.</verse>
				<verse number="2">۽ انهيءَ ملڪ جي حاڪم حمور حويءَ جي پٽ سڪم هن کي ڏٺو، ۽ کيس وٺي وڃي ساڻس ستو، ۽ آبرو ورتائينس.</verse>
				<verse number="3">۽ هن جي دل يعقوب جي ڌيءَ ديناہ سان لڳي ويئي، ۽ هو انهيءَ ڇوڪريءَ کي پيار ڪرڻ لڳو، ۽ ساڻس پيار جون ڳالهيون ڪيائين.</verse>
				<verse number="4">پوءِ سڪم پنهنجي پيءُ حمور کي چيو تہ مون کي هيءَ ڇوڪري وٺي ڏي، تہ ساڻس شادي ڪريان.</verse>
				<verse number="5">۽ يعقوب ٻڌو تہ هن منهنجيءَ ڌيءَ ديناہ جي آبرو ورتي آهي، پر سندس پٽن جهنگ ۾ ڍور پئي چاريا، سو يعقوب انهن جي اچڻ تائين ماٺ ڪري ويٺو.</verse>
				<verse number="6">۽ سڪم جو پيءُ حمور يعقوب سان گفتگو ڪرڻ لاءِ وٽس آيو.</verse>
				<verse number="7">۽ يعقوب جا پٽ بہ اها ڳالهہ ٻڌي جهنگ مان موٽي آيا: اهي تمام رنج ٿيا ۽ ڏاڍي ڪاوڙ آين؛ ڇالاءِ جو هن يعقوب جي ڌيءَ سان سمهڻ ڪري اسرائيل ۾ بي عزتي جو ڪم ڪيو هو، جو بلڪل بي واجب هو.</verse>
				<verse number="8">پوءِ حمور هنن سان ڳالهہ ٻولهہ هلائي ۽ چيائين تہ منهنجي پٽ سڪم جي اوهان جي ڌيءَ سان ڏاڍي دل آهي، سو مهرباني ڪري اها کيس پرڻائي ڏيو،</verse>
				<verse number="9">تہ اسين پاڻ ۾ سيڻ سڄڻ ٿيون: اوهين پنهنجيون ڌيون اسان کي ڏيو، ۽ اسان جون ڌيون اوهين وٺو.</verse>
				<verse number="10">اوهين اسان سان گڏ رهو، هي سڄو ملڪ اوهان جي اڳيان پيو آهي؛ ڀلي منجهس رهو ۽ واپار ڪريو ۽ منجهس مال ملڪيت حاصل ڪريو.</verse>
				<verse number="11">۽ سڪم بہ ڇوڪريءَ جي پيءُ ۽ ڀائرن کي چيو تہ مون تي مهربانيءَ جي نظر ڪريو، ۽ جيڪي اوهين چوندا، سو آءٌ ڏيندس.</verse>
				<verse number="12">ڪيترو بہ ڏاج سوغات اوهين گهرندا، سو آءٌ اوهان جي چوڻ موجب ڏيندس، پر اها ڇوڪري مون کي پرڻائي ڏيو.</verse>
				<verse number="13">تڏهن يعقوب جي پٽن، سڪم ۽ سندس پيءُ حمور کي ٺڳيءَ وارو جواب ڏنو؛ ڇالاءِ جو هن سندن ڀيڻ ديناہ جي آبرو ورتي هئي.</verse>
				<verse number="14">سو هنن کي چيائون تہ اسان کان اهو ڪم ٿي ڪين سگهندو، جو پنهنجي ڀيڻ هڪڙي اڻ طهريل ماڻهوءَ کي ڏيون، اهو اسان تي مهڻو ٿيندو:</verse>
				<verse number="15">پر رڳو هن شرط تي اسين اوهان جي ڳالهہ قبول ڪنداسين: تہ اوهين بہ اسان جهڙا ٿيو، يعني اوهان مان سڀ ڪو مرد ختنو ڪرائي؛</verse>
				<verse number="16">پوءِ اسين اوهان کي پنهنجون ڌيون ڏينداسين، ۽ اوهان جون ڌيون وٺنداسين، ۽ اوهان جي ملڪ ۾ رهنداسين. ۽ پاڻ ۾ گڏجي هڪڙي قوم ٿي پونداسين.</verse>
				<verse number="17">پر جي اوهين اسان جي ڳالهہ مڃي ختنو نہ ڪرائيندا تہ پوءِ اسين پنهنجي ڌيءَ وٺي هليا وينداسين.</verse>
				<verse number="18">هنن جي اها ڳالهہ حمور، ۽ سندس پٽ سڪم کي وڻي.</verse>
				<verse number="19">سو هن جوان ماڻهوءَ انهيءَ ڪم ڪرڻ ۾ دير ڪانہ ڪئي؛ ڇالاءِ جو هن جي يعقوب جي ڌيءَ تي ڏاڍي دل هئي، ۽ هو پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ سڀني کان وڌيڪ عزت وارو هو.</verse>
				<verse number="20">پوءِ حمور ۽ سندس پٽ سڪم پنهنجي شهر جي منڊيءَ ۾ آيا، ۽ پنهنجي شهر جي ماڻهن سان گفتگو ڪري چوڻ لڳا تہ</verse>
				<verse number="21">هي ماڻهو تہ اسان سان صلح سان رهڻ ٿا چاهين، تنهنڪري ڀلي تہ هن ملڪ ۾ رهن، ۽ وڻج واپار ڪن؛ ڇالاءِ جو ڏسو تہ ملڪ هنن جي لاءِ گهڻو ئي پيو آهي؛ اچو تہ هنن جون ڌيون اسين وٺون، ۽ پنهنجون ڌيون هنن کي ڏيون.</verse>
				<verse number="22">رڳو هن شرط تي هي ماڻهو اسان سان گڏ رهڻ، ۽ هڪڙي اُمت ٿيڻ قبول ڪندا تہ اسان مان سڀ ڪو مرد ختنو ڪرائي، جيئن هنن جو بہ ختنو ٿيل آهي.</verse>
				<verse number="23">پوءِ هنن جا ڍور، ۽ مال متاع، ۽ جانور، سڀ اسان جا نہ ٿيندا ڇا؟ رڳو اسين سندن ڳالهہ مڃينداسين تہ پوءِ هو اسان سان گڏجي رهندا.</verse>
				<verse number="24">سو جيڪي ماڻهو سندن شهر جي منڊيءَ مان لنگهيا ٿي، تن حمور ۽ سندس پٽ سڪم جي ڳالهہ قبول ڪئي، ۽ هر ڪنهن مرد پنهنجو ختنو ڪرايو.</verse>
				<verse number="25">۽ ٽئين ڏينهن هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن کي سور ٿيو، تڏهن يعقوب جي پٽن مان ٻہ ڄڻا، شمعون ۽ لاوي، ديناہ جا ڀائر، پنهنجون تراريون کڻي اوچتو شهر جي مٿان ڪاهي آيا، ۽ سڀني مردن کي ماري وڌائون.</verse>
				<verse number="26">۽ حمور، ۽ سندس پٽ سڪم کي بہ ترار جي ڌار سان قتل ڪيائون: ۽ سڪم جي گهر مان ديناہ کي وٺي هليا ويا.</verse>
				<verse number="27">يعقوب جي پٽن، انهن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ سندن شهر بہ ڦريو: ڇالاءِ جو انهن سندن ڀيڻ جي آبرو ورتي هئي.</verse>
				<verse number="28">هو انهن جا ڍور، ڌڻ، گڏهہ ۽ ٻيو جيڪي بہ شهر ۾، توڙي ٻنيءَ ۾ هو، سو سڀ ڦري کڻي ويا.</verse>
				<verse number="29">۽ هنن جي سڀ دولت ڦري ۽ سندن ٻار ٻچا، ۽ زالون جهلي وٺي ويا؛ ۽ ٻيو بہ جيڪي گهر ۾ هو، سو ڦري لٽي کڻي ويا.</verse>
				<verse number="30">تڏهن يعقوب، شمعون ۽ لاويءَ کي چيو تہ اوهان مون کي تڪليف ۾ وڌو آهي، ۽ هن ملڪ جي رهاڪن، يعني ڪنعانين ۽ فرزين ۾، مون کي ڪراهت جهڙو ڪيو اٿوَ: اسين تعداد ۾ ٿورا آهيون، تنهنڪري هو سڀ پاڻ ۾ گڏ ٿي، مون تي ڪاهي ايندا، ۽ مون کي ماري وجهندا، ۽ آءٌ ۽ منهنجو خاندان تباهہ ٿي وينداسين.</verse>
				<verse number="31">تنهن تي هنن چيو تہ اهو هن کي لائق هو ڇا، جو اسان جيءَ ڀيڻ سان ڪسبياڻيءَ جهڙي هلت ڪري؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="35">
				<verse number="1">پوءِ خدا يعقوب کي چيو تہ اُٿ، بيت ايل ۾ وڃي رهہ: ۽ جڏهن تون پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ وٽان ڀڄي نڪتو هئين، تڏهن جنهن خدا توکي ڏيکاري ڏني هئي، تنهن لاءِ اتي قربانگاهہ جوڙ.</verse>
				<verse number="2">تڏهن يعقوب پنهنجي خاندان ۽ ٻيا جيڪي ساڻس هئا، تن سڀني کي چيو تہ اوهان وٽ جيڪي ڌاريا معبود آهن، تن کي ڇڏي ڏيو، ۽ پاڻ کي پاڪ صاف ڪري پنهنجا ڪپڙا بدلايو:</verse>
				<verse number="3">اُٿو تہ بيت ايل ڏانهن هلون؛ ۽ اتي آءٌ خدا لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيندس، جنهن منهنجيءَ مصيبت جي ڏينهن منهنجو سوال ٻڌو، ۽ جنهن واٽ ۾ ويس ٿي، تنهن ۾ مون ساڻ هو.</verse>
				<verse number="4">سو هنن وٽ جيڪي معبود هئا، ۽ سندن ڪنن ۾ جيڪي مندرا هئا، سي سڀ لاهي يعقوب کي ڏنائون، ۽ يعقوب اهي سڀيئي، انهيءَ بلوط جي وڻ هيٺ لڪائي ڇڏيا، جيڪو سڪم وٽ بيٺل هو.</verse>
				<verse number="5">پوءِ هو اُٿي روانا ٿيا: ۽ هن جي آس پاس جيڪي شهر هئا، تن جي ماڻهن کي اهڙو ڊپ وٺي ويو، جو هو يعقوب جي پٽن جي پٺيان ڪين پيا.</verse>
				<verse number="6">سو يعقوب ۽ ٻيا جيڪي ساڻس هئا، سي لوز يعني بيت ايل ۾ آيا، جو ڪنعان جي ملڪ ۾ آهي،</verse>
				<verse number="7">۽ هن اتي هڪڙي قربانگاهہ جوڙي ۽ انهيءَ هنڌ جو نالو بيت ايل رکيائين؛ ڇالاءِ تہ جڏهن هو پنهنجي ڀاءُ وٽان ڀڄي نڪتو هو، تڏهن اتي کيس خدا ڏيکاري ڏني هئي.</verse>
				<verse number="8">اتي ربقہ جي دائي دبورہ مري ويئي، ۽ انهيءَ کي بيت ايل جي هيٺانهين پاسي بلوط جي وڻ هيٺ دفن ڪيائون، ۽ انهيءَ وڻ جو نالو الون بڪوت (روئڻ جو وڻ) رکيائون.</verse>
				<verse number="9">جڏهن يعقوب فدان ارام کان آيو، تڏهن خدا وري بہ کيس ڏيکاري ڏيئي برڪت ڏنس.</verse>
				<verse number="10">۽ خدا چيس تہ تنهنجو نالو يعقوب آهي: اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ سڏبو، پر تنهنجو نالو اسرائيل ٿيندو: سو هن سندس نالو اسرائيل رکيو.</verse>
				<verse number="11">۽ خدا چيس تہ آءٌ قادر مطلق خدا آهيان: تون ڦلدار ٿيءُ ۽ وڌ، تو مان هڪڙي قوم بلڪ گهڻيون قومون پيدا ٿينديون، ۽ تنهنجي نسل مان بادشاهہ نڪرندا.</verse>
				<verse number="12">۽ جيڪو ملڪ مون ابرهام ۽ اسحاق کي ڏنو هو، سو آءٌ توکي ڏيندس، ۽ توکان پوءِ تنهنجي اولاد کي اهو ملڪ ڏيندس،</verse>
				<verse number="13">۽ جتي خدا هن سان ڳالهيون ڪيون اتان ئي وٽانئس مٿي چڙهي ويو.</verse>
				<verse number="14">پوءِ يعقوب هيئن ڪيو، جو جنهن هنڌ خدا ساڻس ڳالهيون ڪيون هيون، تنهن هنڌ پهڻ جو هڪڙو ٿنڀ کڙو ڪيائين: ۽ انهيءَ تي خدا جي لاءِ پيئڻ واري قرباني ۽ تيل اوتيائين،</verse>
				<verse number="15">۽ جنهن هنڌ خدا يعقوب سان ڳالهايو هو، تنهن هنڌ جو نالو هن بيت ايل رکيو.</verse>
				<verse number="16">پوءِ هو بيت ايل مان روانا ٿيا ۽ فرات تائين پهچڻ ۾ اڃا ٿورو پنڌ هو، تہ راخل کي اچي ويم جا سخت سور ٿيا.</verse>
				<verse number="17">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن جا سور وڌڻ لڳا، تڏهن دائيءَ چيس تہ ڊڄ نہ، توکي هن ڀيري بہ پٽ ڄمندو.</verse>
				<verse number="18">جڏهن هوءَ مرڻ تي هئي، تڏهن ساهہ نڪرڻ مهل هن جو نالو بنوني رکيائين ۽ پوءِ مري ويئي: پر يعقوب هن جو نالو بنيمين رکيو.</verse>
				<verse number="19">سو راخل مري ويئي ۽ کيس افرات يعني بيت الحم جي واٽ تي دفن ڪيائون.</verse>
				<verse number="20">۽ يعقوب هن جي قبر تي هڪڙو ٿنڀ کڙو ڪيو ۽ اهو راخل جي قبر جو ٿنڀ اڄ ڏينهن تائين موجود آهي.</verse>
				<verse number="21">پوءِ اسرائيل مسافري ڪندو اڳتي وڌيو ۽ عدر جي ٺلهہ جي پريان وڃي پنهنجو تنبو کوڙيائين.</verse>
				<verse number="22">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسرائيل انهيءَ ملڪ ۾ رهيو پيو هو، تڏهن روبن پنهنجي پيءُ جي سريت بلهاہ سان وڃي ستو، ۽ اسرائيل کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پئجي ويئي.</verse>
				<verse number="23">هاڻي يعقوب کي ٻارهن پٽ هئا: روبن، جو يعقوب جو وڏو پٽ هو، تنهن کان سواءِ شمعون، لاوي، يهوداہ، اشڪار ۽ زبولون.</verse>
				<verse number="24">۽ راخل جا پٽ هئا: يوسف ۽ بنيمين.</verse>
				<verse number="25">۽ راخل جي ٻانهيءَ بلهاہ جا پٽ هئا: دان ۽ نفتالي.</verse>
				<verse number="26">۽ لياہ جي ٻانهيءَ زلفہ جا پٽ هئا؛ جد ۽ آشر: يعقوب جا پٽ، جيڪي فدان ارام ۾ پيدا ٿيا، سي اهي هئا.</verse>
				<verse number="27">پوءِ يعقوب ممري ۾، قريت اربع يعني حبرون ۾، جتي ابرهام ۽ اسحاق رهندا هئا، اتي پنهنجي پيءُ اسحاق وٽ آيو.</verse>
				<verse number="28">۽ اسحاق جي عمر هڪ سؤ اسي ورهيہ هئي.</verse>
				<verse number="29">تڏهن اسحاق ساهہ ڏنو ۽ مري ويو. هو ٻڍو ۽ وڏيءَ عمر جو ٿي وڃي پنهنجن ۾ گڏيو، ۽ سندس پٽن عيسوءَ ۽ يعقوب کيس دفن ڪيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="36">
				<verse number="1">هاڻي عيسو (يعني ادوم) جو نسب نامو هن ريت آهي.</verse>
				<verse number="2">عيسو ڪنعاني ڇوڪرين سان شادي ڪئي هئي، يعني عدہ، جا ايلون حتيءَ جي ڌيءَ هئي، ۽ اهليبامہ جا صبعون حويءَ جي پوٽي ۽ عنہ جي ڌيءَ هئي؛</verse>
				<verse number="3">۽ بشامہ، جا اسماعيل جي ڌيءَ هئي، ۽ نبايوت جي ڀيڻ هئي.</verse>
				<verse number="4">عدہ کي عيسوءَ مان اليفز پيدا ٿيو، ۽ بشامہ کي رعوايل ڄائو؛</verse>
				<verse number="5">۽ اهليبامہ کي يعوس، يعلام ۽ قورح ڄاوا: اهي عيسوءَ جا پٽ آهن، جي ڪنعان جي ملڪ ۾ پيدا ٿيا.</verse>
				<verse number="6">۽ عيسو پنهنجون زالون، ۽ پٽ، ۽ ڌيون، ۽ پنهنجي گهر جا سڀيئي ماڻهو، ۽ پنهنجا ڍور ۽ سڀ جانور، ۽ پنهنجو سڀيئي مال متاع، جو ڪنعان جي ملڪ ۾ گڏ ڪيو هئائين، سو وٺي پنهنجي ڀاءُ يعقوب کان پري، ٻئي ملڪ ۾ هليو ويو.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو سندن مال ايترو وڌي ويو هو، جو هو گڏ رهي نٿي سگهيا؛ ۽ جنهن ملڪ ۾ سفر پئي ڪيائون، تنهن ۾ هنن جي چوپائي مال جي ڪري سندن گذارو ٿي ڪين سگهيو.</verse>
				<verse number="8">تڏهن عيسو، جنهن جو ٻيو نالو ادوم بہ ٿو سڏجي، سو وڃي شعير جبل ۾ رهڻ لڳو.</verse>
				<verse number="9">۽ شعير جبل وارن ادومين جي پيءُ عيسوءَ جو نسب نامو هن ريت آهي:</verse>
				<verse number="10">عيسوءَ جي پٽن جا نالا هي آهن؛ اليفز، عيسوءَ جي زال عدہ جو پٽ هو، ۽ رعوايل عيسوءَ جي زال بشامہ جو پٽ هو.</verse>
				<verse number="11">۽ اليفز جا پٽ: تيمان، اومر، صفو، جعتام ۽ قنز.</verse>
				<verse number="12">۽ عيسوءَ جي پٽ اليفز جي سريت تمنع نالي هئي، تنهن کي اليفز مان عماليق ڄائو: اهي آهن عيسوءَ جي زال عدہ جا پٽ.</verse>
				<verse number="13">۽ رعوايل جا پٽ هئا؛ نحت، زارح، سمہ ۽ مزہ: اهي آهن عيسو جي زال بشامہ جا پٽ.</verse>
				<verse number="14">۽ عيسوءَ جي زال اهليبامہ، جا صبعون جي پوٽي ۽ عنہ جي ڌيءَ هئي، تنهن جا پٽ هئا: يعوس، يعلام ۽ قورح.</verse>
				<verse number="15">عيسوءَ جي اولاد ۾ جيڪي سردار ٿيا، سي هي آهن: عيسوءَ جي وڏي پٽ اليفز جا پٽ: سردار تيمان، سردار اومر، سردار صفو، سردار قنز،</verse>
				<verse number="16">سردار قورح، سردار جعتام ۽ سردار عماليق: اهي آهن سردار جي ادوم جي ملڪ ۾ اليفز مان پيدا ٿيا؛ اهي عدہ جا پٽ آهن.</verse>
				<verse number="17">۽ سردار نحت، سردار زارح، سردار سمہ ۽ سردار مزہ: اهي آهن سردار جي ادوم جي ملڪ ۾ رعوايل مان پيدا ٿيا: اهي عيسوءَ جي زال بشامہ جا پٽ آهن.</verse>
				<verse number="18">۽ عيسوءَ جي زال اهليبامہ جا پٽ هي آهن: سردار يعوس، سردار يعلام، ۽ سردار قورح: اهي آهن سردار، جي عيسوءَ جي زال، عنہ جي ڌيءَ اهليبامہ مان پيدا ٿيا.</verse>
				<verse number="19">سو عيسو، يعني ادوم جو اولاد، ۽ سندن سردار اهي ئي آهن.</verse>
				<verse number="20">شعير حوريءَ جا پٽ، جي انهي ملڪ جا رهاڪو هئا، سي هي آهن؛ لوطان، سوبل، صبعون، عنہ،</verse>
				<verse number="21">ديسون، اليصر ۽ ديسان: اهي آهن سردار جي ادوم جي ملڪ ۾ شعير جي اولاد حورين مان پيدا ٿيا.</verse>
				<verse number="22">۽ لوطان جا پٽ هئا؛ حوري ۽ هيمام، ۽ لوطان جي ڀيڻ تمنع هئي.</verse>
				<verse number="23">۽ سوبل جا پٽ هي آهن؛ علوان، مانحت، عيبال، سفو ۽ اونام.</verse>
				<verse number="24">۽ صبعون جا پٽ هي آهن؛ آيہ ۽ عنہ: هي اهو عنہ آهي، جنهن پنهنجي پيءُ صبعون جا گڏهہ چاريندي جهنگ ۾ گرم پاڻيءَ جا چشما لڌا.</verse>
				<verse number="25">۽ عنہ جا ٻار هي آهن؛ ديسون ۽ عنہ جي ڌيءَ اهليبامہ.</verse>
				<verse number="26">۽ ديسون جا پٽ هي آهن؛ حمدان، اشبان، يتران ۽ ڪران.</verse>
				<verse number="27">۽ اليصر جا پٽ هي آهن؛ بلهان، زعوان ۽ عقان.</verse>
				<verse number="28">۽ ديسان جا پٽ هي آهن؛ عوز ۽ اران.</verse>
				<verse number="29">جيڪي سردار حورين مان پيدا ٿيا، سي هي آهن؛ سردار لوطان، سردار سوبل، سردار صبعون، سردار عنہ،</verse>
				<verse number="30">سردار ديسون، سردار اصر ۽ سردار ديسان. هي انهن حورين جا سردار آهن، جي شعير جي ملڪ ۾ هئا.</verse>
				<verse number="31">بني اسرائيل تي ڪنهن بادشاهہ حڪومت هلائي، تنهن کان اڳي جن بادشاهن ادوم جي ملڪ تي بادشاهي ڪئي، سي هي آهن.</verse>
				<verse number="32">بعور جي پٽ بلع ادوم ۾ بادشاهي ڪئي، ۽ سندس شهر جو نالو دنهابا هو.</verse>
				<verse number="33">بلع جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي بصراہ واري زارح جي پٽ يوباب بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="34">يوباب جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي تيمن جي ملڪ واري حشيم بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="35">حشيم جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي بدد جي پٽ هدد بادشاهي ڪئي، جنهن موآب جي ميدان ۾ مديانين کي ماري وڌو: ۽ هن جي شهر جو نالو عويت هو.</verse>
				<verse number="36">هدد جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي مسرقہ واري شملہ بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="37">شملہ جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي سائول بادشاهي ڪئي، جو نديءَ جي ڪناري واري رخوبوت جو ويٺل هو.</verse>
				<verse number="38">سائول جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي عڪبور جي پٽ بعل حنان بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="39">عڪبور جي پٽ بعل حنان جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي حدر بادشاهي ڪئي، هن جي شهر جو نالو پاعو هو، ۽ سندس زال جو نالو مهيطب ايل هو، جا ميضاهاب جي ڌيءَ ۽ مطرد جي پوٽي هئي.</verse>
				<verse number="40">سو عيسوءَ مان جيڪي سردار پيدا ٿيا، تن جا نالا سندن خاندانن ۽ رهڻ جي هنڌن موجب ناليوار هي آهن: سردار تمنع، سردار علوہ، سردار يتيب،</verse>
				<verse number="41">سردار اهليبامہ، سردار آيلہ، سردار فينون،</verse>
				<verse number="42">سردار قنز، سردار تيمان، سردار مبصار،</verse>
				<verse number="43">سردار مجدايل، سردار عرام: ادومين جا (يعني ادومين جي پيءُ عيسوءَ جا) سردار، سندن قبضي ڪيل ملڪ ۾، سندن رهڻ جي هنڌن موجب اهي ئي آهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="37">
				<verse number="1">سو يعقوب وڃي ڪنعان جي ملڪ ۾ رهڻ لڳو، جتي سندس پيءُ مسافر ٿي گذاريندو هو.</verse>
				<verse number="2">يعقوب جي نسل جو احوال هن ريت آهي. جڏهن يوسف سترهن ورهين جو ٿيو، تڏهن پنهنجي ڀائرن سان گڏ ڌڻ چاريندو هو، ۽ اُهو ڇوڪر پنهنجي پيءُ جي زالن بلهاہ ۽ زلفہ جي پٽن سان گڏ رهندو هو، ۽ انهن جي برن ڪمن جي خبر پنهنجي پيءُ کي اچي ٻڌائيندو هو.</verse>
				<verse number="3">هاڻي، اسرائيل يوسف کي پنهنجي سڀني پٽن کان وڌيڪ پيار ڪندو هو؛ ڇالاءِ جو اهو سندس پيريءَ ۾ پيدا ٿيو، ۽ هن کي هڪڙو رنگارنگي ڪُرتو جوڙائي ڏنو هئائين.</verse>
				<verse number="4">پر جڏهن هن جي ڀائرن ڏٺو تہ سندن پيءُ هن کي سندس سڀني ڀائرن کان وڌيڪ پيار ٿو ڪري تڏهن هو سندس حقارت ڪرڻ لڳا، ۽ ساڻس چڱيءَ طرح ڪين ڳالهائيندا هئا.</verse>
				<verse number="5">پوءِ يوسف هڪڙو خواب لڌو، جو هن پنهنجن ڀائرن کي ٻڌايو، انهيءَ ڪري هو سندس وڌيڪ حقارت ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="6">هن کين چيو تہ مون جيڪو خواب لڌو آهي، سو ڀلائي ڪري ٻڌو:</verse>
				<verse number="7">ڏسو اسان ٻنيءَ ۾ ڪانن جا گڏا پئي ٻڌا، تہ ڇا ٿو ڏسان تہ منهنجو گڏو اُٿي اُڀو ٿي بيٺو ۽ اوهان جا گڏا هن جي چوڌاري اچي بيٺا ۽ منهنجي گڏي کي سجدو ڪيائون.</verse>
				<verse number="8">تڏهن سندس ڀائرن چيس تہ تون سچ پچ اسان تي بادشاهي ڪندين ڇا؟ يا سچ پچ اسان تي حڪم هلائيندين ڇا؟ ۽ هن جي خوابن ۽ ڳالهين ڪري، هو پاڻ سندس وڌيڪ حقارت ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="9">پوءِ هن وري ٻيو خواب لڌو، ۽ اهو بہ هن پنهنجن ڀائرن کي ٻڌايو ۽ چيائين تہ ڏسو، مون وري هڪڙو ٻيو خواب لڌو آهي؛ ۽ ڏسو، سج، چنڊ ۽ يارهن تارن مون کي سجدو ڪيو.</verse>
				<verse number="10">هن اهو پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجن ڀائرن کي ٻڌايو، تڏهن پڻس ڇينڀي چيس تہ هي تو ڪهڙو خواب لڌو آهي؟ آءٌ ۽ تنهنجي ماءُ ۽ تنهنجا ڀائر سچ پچ تنهنجي اڳيان زمين تائين جهڪي سجدو ڪنداسين ڇا؟</verse>
				<verse number="11">انهيءَ ڪري سندس ڀائر ساڻس حسد ڪرڻ لڳا؛ پر سندس پيءُ اها ڳالهہ دل ۾ رکي.</verse>
				<verse number="12">پوءِ سندس ڀائر سڪم ۾ پنهنجي پيءُ جو ڌڻ چارڻ ويا.</verse>
				<verse number="13">۽ اسرائيل يوسف کي چيو تہ تنهنجا ڀائر سڪم ۾ ڌڻ ڪين ٿا چارين؟ اچ تہ آءٌ توکي انهن وٽ موڪليان. ۽ هن چيس تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.</verse>
				<verse number="14">تڏهن هن چيس تہ وڃي ڏسي اچ تہ تنهنجا ڀائر خوش چڱا ڀلا آهن، ۽ ڌڻ تہ صحيح سلامت آهي؛ ۽ موٽي اچي مون کي خبر ڏي. سو کيس حبرون جي ماٿريءَ مان روانو ڪيائين ۽ هو سڪم ۾ آيو.</verse>
				<verse number="15">اتي هڪڙي ماڻهوءَ هن کي ڏٺو تہ هو جهنگ ۾ پيو رلي: سو پڇيائينس تہ تون ڇا ٿو ڳولين؟</verse>
				<verse number="16">هن چيو تہ آءٌ پنهنجن ڀائرن کي ٿو ڳوليان: ڀلائي ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ اُهي پنهنجو ڌڻ ڪٿي ٿا چارين.</verse>
				<verse number="17">تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ چيس تہ اهي هتان هليا ويا آهن؛ ڇالاءِ جو مون کين چوندو ٻڌو تہ هلو تہ دوتين ڏانهن هلون. پوءِ يوسف پنهنجي ڀائرن جي پٺيان ويو ۽ دوتين ۾ وڃي کين گڏيو.</verse>
				<verse number="18">هنن کيس پري کان ايندو ڏٺو ۽ اڃا هو سندن ويجهو ئي ڪونہ آيو، تہ پاڻ ۾ منصوبو ڪيائون تہ هن کي قتل ڪري ڇڏيون.</verse>
				<verse number="19">۽ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ اِجهو خوابن لهڻ وارو ٿو اچي.</verse>
				<verse number="20">سو هاڻي اچو تہ هن کي قتل ڪري، ڪنهن کڏ ۾ اُڇلائي وجهون، پوءِ چونداسين تہ ڪو جهنگ جو مرون کائي ويو اٿس: پوءِ ڏسون تہ هن جي خوابن جو ڪهڙو نتيجو ٿو نڪري.</verse>
				<verse number="21">پر روبن اها ڳالهہ ٻڌي هن کي سندن هٿان بچايو، ۽ چيائين تہ هن کي ماري نہ وجهون.</verse>
				<verse number="22">سو روبن هنن کي چيو تہ رت نہ وهايون؛ پر هتي رڻ پٽ ۾ جا هيءَ کڏ آهي، تنهن ۾ کڻي اُڇلايوس، پر وڌيڪ هٿ نہ لايوس: هن جو خيال هو تہ کيس هنن جي هٿان ڇڏائي سندس پيءُ وٽ پهچايان.</verse>
				<verse number="23">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يوسف پنهنجن ڀائرن وٽ آيو، تڏهن جيڪو رنگارنگي ڪُرتو پيو هوس، سو لاهي ورتائونس،</verse>
				<verse number="24">۽ پوءِ انهيءَ کڏ ۾ کڻي اڇلايائونس: اها کڏ سڪل هئي، منجهس پاڻي ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="25">پوءِ هو ويهي ماني کائڻ لڳا، ۽ هنن اکيون مٿي کڻي نهاريو، تہ ڇا ٿا ڏسن تہ اسماعيلين جو هڪڙو قافلو جلعاد کان ٿو اچي ۽ ساڻن گڏ اُٺن تي مصالحہ، سرهاڻيون ۽ مُر آهي، جي مصر ڏانهن کڻي ٿا وڃن.</verse>
				<verse number="26">تڏهن يهوداہ پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ جي اسين پنهنجي ڀاءُ کي ماري، سندس خون لڪائي ڇڏينداسين تہ ڪهڙو فائدو ٿيندو؟</verse>
				<verse number="27">اچو تہ هن کي اسماعيلين جي هٿ وڪڻي ڇڏيون ۽ وڌيڪ هٿ نہ لايونس؛ ڇالاءِ جو هو اسان جو ڀاءُ ۽ اسان جو رت آهي. سندس ڀائرن اها ڳالهہ قبول ڪئي.</verse>
				<verse number="28">پوءِ اُتان مدياني سوداگر اچي لنگهيا؛ ۽ هنن يوسف کي کڏ مان ڪڍي ٻاهر ڪيو، ۽ کيس اسماعيلين جي هٿ چانديءَ جي ويهن سڪن تي وڪڻي ڇڏيائون. ۽ اهي يوسف کي مصر ۾ وٺي ويا.</verse>
				<verse number="29">پوءِ جڏهن روبن موٽي انهيءَ کڏ وٽ آيو ۽ ڏٺائين تہ يوسف منجهس ڪونهي، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا.</verse>
				<verse number="30">۽ پنهنجن ڀائرن وٽ موٽي اچي چوڻ لڳو تہ، ڇوڪر تہ آهي ئي ڪونہ، هاڻي آءٌ ڪيڏانهن وڃان؟</verse>
				<verse number="31">پوءِ هنن يوسف جو ڪُرتو کنيو، ۽ هڪڙو ٻڪر ڪهي، تنهن جي رت ۾ اهو ڪُرتو ٻوڙيائون؛</verse>
				<verse number="32">پوءِ هنن اهو رنگارنگي ڪُرتو پنهنجي پيءُ وٽ آندو، ۽ چيائونس تہ اسان هي لڌو آهي، هاڻي سڃاڻ تہ هي تنهنجي پٽ جو ڪُرتو تہ ڪونهي؟</verse>
				<verse number="33">۽ هن اُهو ڪُرتو سڃاتو ۽ چوڻ لڳو تہ هي تہ برابر منهنجي پٽ جو ڪُرتو آهي. ڪو جهنگ جو مرون هن کي کائي ويو آهي، بيشڪ يوسف کي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪيو اٿس.</verse>
				<verse number="34">۽ يعقوب پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ کٿو گوڏ ٻڌائين ۽ ڪيترائي ڏينهن پنهنجي پٽ جي لاءِ ماتم ڪندو رهيو.</verse>
				<verse number="35">۽ سندس سڀيئي پٽ ۽ ڌيون اٿي کيس دلاسو ڏيڻ لڳا، پر هن کي تسلي نٿي آئي؛ ۽ هو چوڻ لڳو تہ آءٌ ماتم ڪري ڪري پنهنجي پٽ جي پٺيان قبر ۾ ويندس. انهيءَ طرح يوسف جي لاءِ سندس پيءُ روئندو رهيو.</verse>
				<verse number="36">پوءِ مديانين هن کي مصر ۾ فوطيفار جي هٿ وڪڻي ڇڏيو، جو فرعون جو هڪڙو حاڪم ۽ پهريدار سپاهين جو ڪپتان هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="38">
				<verse number="1">۽ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو، جو يهوداہ پنهنجن ڀائرن کان ڌار ٿي، حيرہ نالي هڪڙي ادولام جي رهندڙ زال وٽ ويو.</verse>
				<verse number="2">اُتي هن هڪڙي ڪنعانيءَ جي ڌيءَ ڏٺي، جنهن جو نالو سوع هو. ۽ هن انهيءَ سان شادي ڪئي، ۽ ساڻس ستو.</verse>
				<verse number="3">۽ هوءَ حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس؛ جنهن جو نالو عير رکيائين.</verse>
				<verse number="4">۽ هوءَ وري بہ حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس: ۽ انهي جو نالو اونان رکيائين.</verse>
				<verse number="5">۽ هن کي وري بہ هڪڙو پٽ ڄائو، جنهن جو نالو سيلہ رکيائين. جڏهن هو ڄائو، تڏهن يهوداہ ڪزيب ۾ رهندو هو.</verse>
				<verse number="6">۽ يهوداہ پنهنجي وڏي پٽ عير جي شادي ڪرائي ۽ انهيءَ زال جو نالو تمر هو.</verse>
				<verse number="7">هاڻي، يهوداہ جو وڏو پٽ عير خداوند جي نظر ۾ بدڪار هو، تنهنڪري خداوند هن کي ماري وڌو.</verse>
				<verse number="8">تڏهن يهوداہ اونان کي چيو تہ تون پنهنجي ڀاءُ جي زال وٽ وڃ، ۽ ڏير جو فرض ادا ڪري، پنهنجي ڀاءُ جو نسل جاري ڪر.</verse>
				<verse number="9">اُونان کي خبر هئي تہ اهو اولاد منهنجو نہ سڏبو؛ سو هيئن ٿيو تہ جڏهن هو پنهنجيءَ ڀاڄائيءَ وٽ ويندو هو، تڏهن مني زمين تي هاري ڇڏيندو هو، تہ متان هن مان سندس ڀاءُ جي لاءِ اولاد پيدا ٿئي.</verse>
				<verse number="10">پر هن جو اهو ڪم خداوند جي نظر ۾ خراب هو، سو هن انهيءَ کي بہ ماري وڌو.</verse>
				<verse number="11">پوءِ يهوداہ پنهنجيءَ ننهن تمر کي چيو تہ جيسين منهنجو پٽ سيلہ وڏو ٿئي، تيسين پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ بيوہ ٿي گذار؛ ڇالاءِ جو چيائين تہ متان هو بہ پنهنجن ڀائرن وانگي مري وڃي. تڏهن تمر وڃي پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ رهڻ لڳي.</verse>
				<verse number="12">۽ ڪيتري وقت کان پوءِ سوع جي ڌيءَ، يهوداہ جي زال مري ويئي؛ ۽ جڏهن يهوداہ جو غم لٿو، تڏهن هو پنهنجي ادولامي دوست حيراہ سان گڏجي، تمنت ۾ پنهنجين رڍن جي اُن ڪترڻ وارن وٽ ويو.</verse>
				<verse number="13">۽ ماڻهن تمر کي ٻڌايو تہ ڏس تنهنجو سهرو تمنت ۾ پنهنجين رڍن جي اُن ڪترڻ ٿو وڃي.</verse>
				<verse number="14">تڏهن هن پنهنجي عذر جا ڪپڙا لاهي، برقعو ڍڪيو، ۽ پاڻ کي ويڙهي سيڙهي عينيم جي دروازي وٽ اچي ويٺي، جو تمنت جي رستي تي هو؛ ڇالاءِ جو هن ڏٺو تہ سيلہ وڏو ٿيو آهي، ۽ اڃا سندس شادي هن سان نہ ڪرائي اٿن.</verse>
				<verse number="15">پوءِ جڏهن يهوداہ هن کي ڏٺو، تڏهن سمجهيائين تہ هيءَ ڪا ڪسبياڻي آهي؛ ڇو تہ هن جو منهن ڍڪيل هو.</verse>
				<verse number="16">۽ هو واٽ تان ڦري، هن ڏانهن ويو ۽ چيائينس تہ مون کي پاڻ وٽ اچڻ ڏي؛ ڇالاءِ جو هن کي اها خبر ڪانہ هئي، تہ هيءَ سندس ننهن آهي. تڏهن هن چيو تہ مون وٽ اچڻ لاءِ مون کي ڇا ڏيندين؟</verse>
				<verse number="17">هن چيو تہ آءٌ تولاءِ ڌڻ مان هڪڙو ڇيلو موڪليندس. تنهن تي هن چيس تہ جيسين اهو موڪلين، تيسين ڪا سوٿي ڏيئي وڃ؟</verse>
				<verse number="18">هن چيو تہ ڪهڙي سوٿي ڏيانءِ؟ هن چيو تہ پنهنجي منڊي، ڏوري ۽ لٺ جا هٿ ۾ اٿئي. تنهن تي هن اهي شيون کيس ڏنيون، پوءِ هو وٽس ويو، ۽ هوءَ منجهانئس حاملہ ٿي.</verse>
				<verse number="19">پوءِ هوءَ اتان اٿي هلي ويئي ۽ برقعو لاهي پنهنجا عذر جا ڪپڙا پاتائين.</verse>
				<verse number="20">۽ يهوداہ پنهنجي ادولامي دوست جي هٿان ڇيلو موڪليو، تہ انهيءَ زال وٽان سندس سوٿي موٽائي وٺي اچي: پر هوءَ لڌس ئي ڪانہ.</verse>
				<verse number="21">تڏهن انهيءَ هنڌ جي ماڻهن کان پڇا ڪيائين تہ جيڪا ڪسبياڻي رستي جي ڀرسان عينيم وٽ ويٺي هئي، سا ڪٿي آهي؟ هنن چيو تہ هتي تہ ڪابہ ڪسبياڻي ڪانہ هئي.</verse>
				<verse number="22">تڏهن هو موٽي يهوداہ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ مون کان تہ هوءَ ڪانہ لڌي، بلڪ انهيءَ هنڌ جي ماڻهن چيو تہ هتي تہ ڪابہ ڪسبياڻي ڪانہ آهي.</verse>
				<verse number="23">تڏهن يهوداہ چيو تہ ڀلي تہ هوءَ پاڻ وٽ اهي شيون رکي، متان اسين بدنام ٿيون: ڏس، مون تہ ڇيلو موڪليو، پر توکان هوءَ ڪانہ لڌي.</verse>
				<verse number="24">۽ هيئن ٿيو جو اٽڪل ٽن مهينن کان پوءِ ڪن ماڻهن يهوداہ کي خبر ڏني تہ سندس ننهن تمر، ڪسبياڻي وارو ڪم ڪيو آهي، بلڪ ڏس، هوءَ حرام مان حاملہ ٿي آهي. تڏهن يهوداہ چيو تہ هن کي وٺي اچو ۽ ساڙي ڇڏيوس.</verse>
				<verse number="25">پر جڏهن هن کي وٺي آيا، تڏهن هن پنهنجي سهري ڏانهن چوائي موڪليو، تہ جنهن ماڻهوءَ جون هي شيون آهن، تنهن مان آءٌ حاملہ ٿي آهيان: ۽ چيائين تہ ڀلائي ڪري سڃاڻ تہ هيءَ منڊي، ڏوري ۽ لٺ ڪنهن جون آهن.</verse>
				<verse number="26">۽ يهوداہ اهي شيون سڃاڻي چيو تہ هوءَ مون کان وڌيڪ راستباز آهي؛ ڇالاءِ جو مون پنهنجي پٽ سيلہ سان هن جي شادي نہ ڪرائي. ۽ انهي کان پوءِ هو وري وٽس نہ ويو.</verse>
				<verse number="27">۽ هيئن ٿيو جو ويم جي سورن مهل ڏٺائون تہ هن جي پيٽ ۾ جاڙا ٻار آهن.</verse>
				<verse number="28">۽ ويامڻ وقت هڪڙي ٻار جو هٿ ٻاهر نڪتو، ۽ دائيءَ هن جي هٿ تي قرمزي ڌاڳو ٻڌي ڇڏيو ۽ چيائين تہ هي پهرين ٻاهر نڪتو.</verse>
				<verse number="29">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن پنهنجو هٿ وري اندر ڇڪي ورتو، تہ ڏسن تہ سندس ڀاءُ نڪري آيو: تنهن تي دائيءَ چيو تہ تو ڪيئن پنهنجي لاءِ جاءِ ڪئي، تنهنڪري انهي جو نالو فارص رکيو ويو.</verse>
				<verse number="30">تنهن کان پوءِ سندس ڀاءُ نڪتو، جنهن جي هٿ تي قرمزي ڌاڳو ٻڌل هو: ۽ انهي جو نالو زارح رکيائون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="39">
				<verse number="1">هاڻي اهي اسماعيلي يوسف کي مصر ۾ وٺي آيا ۽ فوطيفار، جو فرعون جو حاڪم ۽ پهريدار سپاهين جو ڪپتان ۽ هڪڙو مصري هو، تنهن کيس انهن کان خريد ڪيو.</verse>
				<verse number="2">۽ خداوند يوسف سان هو، ۽ هو اقبال مند ٿيو: ۽ پنهنجي مصري مالڪ جي گهر ۾ رهڻ لڳو.</verse>
				<verse number="3">۽ سندس مالڪ ڏٺو تہ خداوند يوسف سان آهي، ۽ جيڪي هو ڪري ٿو، تنهن سڀ ۾ خداوند برڪت ٿو وجهي.</verse>
				<verse number="4">تنهنڪري هن کيس پنهنجي گهر جو مختيار مقرر ڪيو ۽ جيڪي وٽس هو، سو سڀ هن جي حوالي ڪيائين: ۽ يوسف هن جي خدمت ڪندو رهيو ۽ هن جي مهربانيءَ جي نظر مٿس هئي.</verse>
				<verse number="5">۽ هيئن ٿيو تہ جنهن وقت کان هن کيس پنهنجي گهر جي مٿان ۽ جيڪي وٽس هو، تنهن سڀ جي مٿان مختيار مقرر ڪيو، تنهن وقت کان وٺي، يوسف جي ڪري، خداوند انهيءَ مصري جي گهر ۾ برڪت وڌي؛ ۽ جيڪي وٽس هو، گهر ۾، توڙي ٻنيءَ ۾، تنهن سڀ ۾ خداوند جي برڪت پيئي.</verse>
				<verse number="6">۽ هن پنهنجو سڀ ڪجهہ يوسف جي حوالي ڪري ڇڏيو؛ هو جيڪا ماني کائيندو هو، تنهن کان سواءِ ٻي خبر ڪانہ هيس تہ هن وٽ ڇا آهي. هاڻي يوسف سهڻو ۽ خوبصورت هو.</verse>
				<verse number="7">۽ ڪجهہ وقت کان پوءِ هيئن ٿيو جو هن جي مالڪ جي زال يوسف ۾ اکيون وڌيون، ۽ چيائينس تہ مون سان گڏ سمهہ.</verse>
				<verse number="8">پر هن نہ مڃيو، ۽ پنهنجي مالڪ جي زال کي چيائين تہ ڏس، منهنجي مالڪ کي ايتري بہ خبر ڪانهي تہ گهر ۾ ڇا آهي؛ ۽ جيڪي سندس آهي، سو سڀ منهنجي حوالي ڪري ڇڏيو اٿس.</verse>
				<verse number="9">هن گهر ۾ مون کان وڏو ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ ۽ هن تو کان سواءِ، جا هن جي زال آهين، ٻي ڪابہ شيءِ مون کان وانجهي نہ رکي آهي: پوءِ آءٌ ڪيئن ههڙو بڇڙو ڪم ڪري خدا جو ڏوهاري ٿيان؟</verse>
				<verse number="10">۽ هيئن ٿيو جو هوءَ روز روز يوسف کي پيئي چوندي هئي، پر هن ساڻس گڏ سمهڻ، يا وٽس رهڻ قبول نہ ڪيو.</verse>
				<verse number="11">هاڻي هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو جو هو پنهنجي ڪنهن ڪم لاءِ گهر ۾ ويو، ۽ اتي گهر جي ماڻهن مان ڪوبہ اندر ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="12">تڏهن هن سندس ڪپڙي کان کڻي جهليس ۽ چيائينس تہ مون سان گڏ سمهہ: پر هو پنهنجو ڪپڙو هن جي هٿن ۾ ئي ڇڏي اٿي ڀڳو ۽ ٻاهر نڪري ويو.</verse>
				<verse number="13">هاڻي جڏهن هن ڏٺو تہ هو پنهنجو ڪپڙو منهنجن هٿن ۾ ڇڏي ڀڄي ويو آهي،</verse>
				<verse number="14">تڏهن پنهنجي گهر جي ماڻهن کي سڏي چيائين تہ ڏسو، هو هڪڙي عبرانيءَ کي اسان جي بي عزتي ڪرڻ لاءِ اسان وٽ وٺي آيو آهي؛ هو مون سان گڏ سمهڻ جي ارادي سان اندر گهڙي آيو هو، پر مون وٺي رڙيون ڪيون:</verse>
				<verse number="15">۽ هن ڏٺو تہ آءٌ ڏاڍيون رڙيون پيئي ڪريان، تڏهن پنهنجو ڪپڙو مون وٽ ڇڏي پاڻ ڀڄي ٻاهر نڪري ويو.</verse>
				<verse number="16">پوءِ جيسين هن جو مالڪ گهر ۾ آيو، تيسين سندس ڪپڙو پاڻ وٽ رکي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="17">۽ پوءِ اها ساري ڳالهہ هن کي ڪري ٻڌايائين، تہ جيڪو عبراني غلام تو اسان جي لاءِ خريد ڪيو آهي، سو بي عزتي ڪرڻ لاءِ مون وٽ اندر آيو هو.</verse>
				<verse number="18">۽ جڏهن مون ڏاڍيون رڙيون ڪيون، تڏهن هو پنهنجو ڪپڙو مون وٽ ڇڏي پاڻ ٻاهر ڀڄي ويو.</verse>
				<verse number="19">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن جي مالڪ پنهنجيءَ زال جي ڳالهہ ٻڌي، جنهن چيس تہ تنهنجي غلام مون سان هيئن ڪيو، تڏهن ڏاڍي ڪاوڙ لڳيس.</verse>
				<verse number="20">سو يوسف جي مالڪ هن کي جهلي کڻي انهيءَ قيد خاني ۾ وڌو، جتي بادشاهہ جا ٻيا قيدي بند رهندا هئا: ۽ هو انهيءَ قيد خاني ۾ رهڻ لڳو.</verse>
				<verse number="21">پر خداوند يوسف سان هو، ۽ مٿس رحم ڪري قيد خاني جي داروغي کي مٿس مهربان ڪيائين.</verse>
				<verse number="22">۽ قيد خاني جي داروغي، اهي سڀيئي قيدي، جيڪي وٽس قيد خاني ۾ هئا، سي يوسف جي حوالي ڪيا، ۽ جيڪو ڪم هو اتي ڪندا هئا، تنهن تي کيس اختيار هو.</verse>
				<verse number="23">۽ جيڪو ڪم هن جي هٿ هيٺ هو تنهن تي قيد خاني جو داروغو نظرداري ڪانہ ڪندو هو؛ ڇالاءِ جو خداوند هن سان هو، ۽ سندس هر ڪنهن ڪم ۾ سرفراز ڪيائينس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="40">
				<verse number="1">انهن ڳالهين کان پوءِ هيئن ٿيو جو مصر جي بادشاهہ جي ساقيءَ ۽ بورچيءَ پنهنجي مالڪ مصر جي بادشاهہ جو ڪو ڏوهہ ڪيو.</verse>
				<verse number="2">تنهنڪري فرعون پنهنجن ٻنهي عملدارن تي ڏاڍو ڪاوڙيو، جن مان هڪڙو سردار ساقي ۽ ٻيو سردار بورچي هو.</verse>
				<verse number="3">پوءِ هن کين نگهبانيءَ جي لاءِ پهريدار سپاهين جي ڪپتان جي گهر ۾، انهي ساڳئي قيد خاني ۾ کڻي وڌو، جتي يوسف بند ٿيل هو.</verse>
				<verse number="4">۽ پهريدارن جي ڪپتان انهن کي يوسف جي حوالي ڪيو، جو کين سنڀاليندو رهيو: ۽ انهن ڪيترائي ڏينهن قيد ۾ گذاريا.</verse>
				<verse number="5">پوءِ مصر جي بادشاهہ جي ساقيءَ ۽ بورچيءَ، جي ٻئي قيد ۾ بند هئا، تن ٻنهي ساڳيءَ رات پنهنجي پنهنجي منهن خواب لڌو، جنهن جي تعبير ڌار ڌار هئي.</verse>
				<verse number="6">۽ صبح جو جڏهن يوسف وٽن آيو، ۽ انهن ڏانهن نهاريائين، تڏهن اهي غمگين نظر آيس.</verse>
				<verse number="7">تڏهن هو فرعون جي انهن عملدارن کان پڇڻ لڳو، جي ساڻس گڏ، سندس مالڪ جي گهر ۾ بند هئا، ۽ چيائين تہ اوهين اڄ اهڙا غمگين ڇو ٿا ڏسجو؟</verse>
				<verse number="8">تنهن تي انهن چيس تہ اسان هڪڙو خواب لڌو آهي، ۽ اهڙو ڪو ڪونهي، جو انهيءَ جي تعبير ڪري سگهي. تڏهن يوسف چين تہ تعبير ڪرڻ خدا جي هٿ ۾ نہ آهي ڇا؟ ڀلائي ڪري اِهو مون کي ٻڌايو.</verse>
				<verse number="9">تڏهن سردار ساقيءَ پنهنجو خواب يوسف کي ٻڌايو، ۽ چيائينس تہ ڏس مون پنهنجي خواب ۾ ڏٺو تہ هڪڙي ڊاک جي ول منهنجي سامهون آهي:</verse>
				<verse number="10">۽ انهيءَ ڊاک جي ول ۾ ٽي ٽاريون هيون: ۽ ائين ٿي ڏسڻ ۾ آيو تہ ڄڻ انهيءَ ٻور ڪيو ۽ منجهس گل بہ نڪتا؛ ۽ انهيءَ جي ڇڳن ۾ پڪل ڊاک بہ نڪتي:</verse>
				<verse number="11">۽ فرعون جو پيالو منهنجي هٿ ۾ هو؛ پوءِ مون ڊاک کڻي فرعون جي پيالي ۾ نچوڙي وڌي ۽ اهو پيالو فرعون جي هٿ ۾ ڏنم.</verse>
				<verse number="12">تڏهن يوسف هن کي چيو تہ انهيءَ جي تعبير هن ريت آهي: اهي ٽي ٽاريون ٽي ڏينهن آهن؛</verse>
				<verse number="13">ٽن ڏينهن جي اندر فرعون توکي سرفراز ڪندو، ۽ تنهنجو عهدو توکي موٽائي ڏيندو: ۽ جڏهن تون سندس ساقي هئين، تڏهن جيئن ڪندو هئين، تيئن وري بہ فرعون جو پيالو سندس هٿ ۾ ڏيندين.</verse>
				<verse number="14">پر جڏهن تنهنجي مراد پوري ٿئي، تڏهن ڀلائي ڪري منهنجي يادگيري ڪج، ۽ مهرباني ڪري فرعون وٽ منهنجو ذڪر ڪج ۽ مون کي هن گهر مان ٻاهر ڪڍج:</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو سچ ڪري پڇين تہ مون کي عبرانين جي ملڪ مان چورائي کڻي آيا هئا: ۽ هتي بہ هن قيد خاني ۾ پوڻ جهڙو ڪوبہ ڪم مون ڪونہ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="16">جڏهن سردار بورچيءَ ڏٺو تہ اها تعبير چڱي آهي، تڏهن يوسف کي چيائين تہ مون بہ خواب لڌو آهي ۽ ڏس، مانين جون ٽي ٽوڪريون منهنجي مٿي تي آهن:</verse>
				<verse number="17">۽ سڀ کان مٿينءَ ٽوڪريءَ ۾ فرعون جي لاءِ هر قسم جا پڪل طعام هئا، ۽ پکين منهنجي مٿي تان انهيءَ ٽوڪريءَ مان پي کاڌو.</verse>
				<verse number="18">تڏهن يوسف ورندي ڏيئي چيس، تہ انهيءَ جي تعبير هن ريت آهي: اهي ٽي ٽوڪريون ٽي ڏينهن آهن؛</verse>
				<verse number="19">ٽن ڏينهن جي اندر فرعون تنهنجي سسي لهرائي توکي وڻ تي لٽڪائي ڇڏيندو؛ ۽ پکي تنهنجو ماس تو مان ڇني کائيندا.</verse>
				<verse number="20">۽ هيئن ٿيو جو ٽئين ڏينهن، جڏهن فرعون جي جنم جو ڏينهن آيو، تڏهن هن پنهنجن سڀني نوڪرن جي مهماني ڪئي: ۽ پنهنجن نوڪرن مان سردار ساقيءَ ۽ سردار بورچيءَ کي بہ ياد ڪيائين.</verse>
				<verse number="21">۽ سردار ساقيءَ کي وري سندس عهدي تي مقرر ڪيائين؛ ۽ هو وري فرعون جي هٿ ۾ پيالو ڏيڻ لڳو:</verse>
				<verse number="22">پر سردار بورچيءَ کي ڦاسيءَ تي چاڙهيائين، جيئن ڪ يوسف هنن کي تعبير ڪري ٻڌايو هو.</verse>
				<verse number="23">انهيءَ هوندي بہ سردار ساقيءَ يوسف جي يادگيري ڪانہ ڪئي، پر وساري ڇڏيائينس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="41">
				<verse number="1">پوءِ هيئن ٿيو جو ٻن سالن کان پوءِ فرعون خواب لڌو، ۽ ڏٺائين تہ درياهہ جي ڪپ تي بيٺو آهيان:</verse>
				<verse number="2">۽ ڏسو، اُتي ست ٺاهوڪيون ۽ ٿلهيون ڳئون درياهہ مان نڪتيون ۽ ڪانهن ۾ چرڻ لڳيون.</verse>
				<verse number="3">۽ ڏسو؛ انهن جي پٺيان ست ٻيون بدشڪل ۽ ڏٻريون ڳئون درياهہ مان نڪري، هنن ٻين ڳئن جي ڀرسان درياهہ جي ڪپ تي اچي بيٺيون.</verse>
				<verse number="4">۽ اهي بدشڪل ۽ ڏٻريون ڳئون، انهن ٺاهوڪين ۽ ٿلهين ستن ڳئن کي کائي ويون. ۽ فرعون جاڳي پيو.</verse>
				<verse number="5">پوءِ هو وري سمهي پيو ۽ ٻيو ڀيرو خواب لڌائين: ۽ ڏسي ٿو تہ ست اَن سان ڀريل ٿلها ۽ تازا سنگ هڪڙي ڪاني ۾ نڪتا آهن.</verse>
				<verse number="6">۽ ڏسو، هنن کان پوءِ ٻيا ست سنگ سنهڙا ۽ لڪ جا ساڙيل نڪتا.</verse>
				<verse number="7">۽ اهي سنهڙا سنگ، هنن ٿلهن ۽ ڀريل سنگن کي ڳڙڪائي ويا. تڏهن فرعون جاڳي پيو، ۽ ڏٺائين تہ هي خواب هو.</verse>
				<verse number="8">۽ هيئن ٿيو تہ صبح جو هن جي دل بيچين ٿيڻ لڳي، سو هن مصر جا سڀيئي جادوگر، ۽ اتي جا سڀ ڏاها ماڻهو گهرايا: ۽ فرعون انهن کي پنهنجو خواب ٻڌايو، پر انهن مان ڪوبہ فرعون جي خواب جي تعبير نہ ڪري سگهيو.</verse>
				<verse number="9">تڏهن سردار ساقيءَ فرعون کي چيو تہ اڄ مون کي پنهنجا ڏوهہ ياد ٿا پون:</verse>
				<verse number="10">جڏهن فرعون پنهنجن نوڪرن تي ڪاوڙيو هو: ۽ مون کي ۽ سردار بورچيءَ کي پهريدارن جي ڪپتان جي گهر ۾ بند ڪرايو هئائين:</verse>
				<verse number="11">تڏهن هڪڙي ڀيري ساڳيءَ رات مون ۽ هن، ٻنهي هڪڙو خواب لڌو؛ اسان مان هرهڪ، پنهنجي پنهنجي منهن خواب لڌو، جنهن جي تعبير ڌار ڌار هئي.</verse>
				<verse number="12">۽ اتي اسان سان گڏ هڪڙو عبراني جوان پهريدارن جي ڪپتان جو نوڪر بہ هو؛ اسان هن کي پنهنجا خواب ٻڌايا ۽ هن اسان کي انهن جي تعبير ڪري ٻڌائي، هرهڪ کي هن پنهنجي پنهنجي خواب موجب تعبير ٻڌائي.</verse>
				<verse number="13">۽ جيئن هن تعبير ڪئي هئي، تيئن ئي ٿيو؛ مون کي هن منهنجو عهدو موٽائي ڏياريو، ۽ هن کي ڦاسي ڏياريائين.</verse>
				<verse number="14">تڏهن فرعون يوسف کي گهرايو ۽ هو کيس جلد قيد خاني مان وٺي آيا: ۽ هن پنهنجي سنوارت ڪرائي، ۽ ڪپڙا بدلائي فرعون وٽ آيو.</verse>
				<verse number="15">۽ فرعون يوسف کي چيو تہ مون هڪڙو خواب لڌو آهي ۽ اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي، جو انهيءَ جي تعبير ڪري سگهي؛ ۽ تنهنجي بابت ٻڌو اٿم تہ تون خواب ٻڌي انهيءَ جي تعبير ڪري ٿو سگهين.</verse>
				<verse number="16">تڏهن يوسف فرعون کي ورندي ڏيئي چيو تہ اهو منهنجي هٿ ۾ نہ آهي: خدا فرعون کي خير جو جواب ڏيندو.</verse>
				<verse number="17">پوءِ فرعون يوسف کي چيو تہ مون پنهنجي خواب ۾ ڏٺو تہ آءٌ درياهہ جي ڪپ تي بيٺو آهيان:</verse>
				<verse number="18">۽ ڏسو، ست ٺاهوڪيون ۽ ٿلهيون ڳئون درياهہ مان نڪتيون، ۽ ڪانهن ۾ چرڻ لڳيون؛</verse>
				<verse number="19">۽ ڏسو، انهن جي پٺيان ست ٻيون ضعيف، بدشڪل ۽ ڏٻريون ڳئون درياهہ مان نڪري آيون؛ اهي اهڙيون خراب هيون، جو سڄي مصر جي ملڪ ۾ مون ڪڏهن ڪين ڏٺيون:</verse>
				<verse number="20">پوءِ اهي ڏٻريون ۽ بدشڪل ڳئون، پهرين ستن ٿلهين ڳئن کي کائي ويون:</verse>
				<verse number="21">جڏهن هو انهن کي کائي ويون، تڏهن ائين معلوم نٿي ٿيو تہ ڪو هو سندن پيٽ ۾ آهن؛ ڇالاءِ جو هو اڃا بہ اهڙيون ئي بدشڪل ٿي لڳيون، جهڙيون پهرين هيون. پوءِ آءٌ جاڳي پيس.</verse>
				<verse number="22">وري مون پنهنجي خواب ۾ ڏٺو تہ هڪڙي ڪاني تي ست سنگ ڀريل ۽ چڱا نڪتا آهن.</verse>
				<verse number="23">۽ ڏسو، هنن کان پوءِ ٻيا ست سنگ ڪومايل، سنهڙا، ۽ لڪ جا سڙيل نڪتا؛</verse>
				<verse number="24">۽ اهي سنهڙا سنگ، انهن ستن چڱن سنگن کي ڳڙڪائي ويا: ۽ مون اها ڳالهہ جادوگرن کي ٻڌائي، پر ڪوبہ ڪونهي جو مون کي انهيءَ جو مطلب سمجهائي سگهي.</verse>
				<verse number="25">تڏهن يوسف فرعون کي چيو تہ فرعون جو خواب هڪڙو ئي آهي: جيڪي خدا کي ڪرڻو آهي، سو فرعون کي ٻڌايو اٿس.</verse>
				<verse number="26">ست چڱيون ڳئون ست ورهيہ آهن؛ ۽ ست چڱا سنگ بہ ورهيہ آهن: خواب هڪڙو ئي آهي.</verse>
				<verse number="27">هو ست ڏٻريون ۽ بدشڪل ڳئون جي انهن کان پوءِ آيون، سي بہ ست ورهيہ آهن، ۽ ست خالي ۽ لڪ جا ساڙيل سنگ، سي ڏڪار جا ست ورهيہ ٿيندا.</verse>
				<verse number="28">اها ئي ڳالهہ آهي، جا مون فرعون کي ٻڌائي؛ جيڪي خدا کي ڪرڻو آهي، سو فرعون کي ڏيکاريو اٿس.</verse>
				<verse number="29">ڏسو، مصر جي ملڪ ۾ ستن ورهين تائين ڏاڍو سڪار ٿيندو،</verse>
				<verse number="30">۽ انهيءَ کان پوءِ ستن ورهين تائين ڏڪار پوندو، ۽ اهو سڀ سڪار مصر جي ملڪ ۾ وسري ويندو؛ ۽ ڏڪار ملڪ کي تباهہ ڪري ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="31">سڪار کان پوءِ جيڪو ڏڪار پوندو، تنهن جي ڪري خبر ئي ڪانہ پوندي، تہ ڪو ملڪ ۾ سڪار هو؛ ڇالاءِ جو اهو ڏڪار تمام سخت ٿيندو.</verse>
				<verse number="32">۽ اهو خواب جو فرعون کي ٻہ ڀيرا ڏيکاريو ويو آهي، سو انهيءَ لاءِ تہ اها ڳالهہ خدا مقرر ڪري ڇڏي آهي، ۽ خدا جلد ائين ڪندو.</verse>
				<verse number="33">تنهنڪري هاڻي فرعون کي گهرجي تہ ڪو سمجهو ۽ ڏاهو ماڻهو ڳولي هٿ ڪري، ۽ انهي کي مصر جي ملڪ تي مقرر ڪري.</verse>
				<verse number="34">۽ فرعون هن کي حڪم ڏئي تہ ملڪ جي مٿان داروغا مقرر ڪري ۽ سڪار وارن ستن ورهين ۾ مصر جي زمين تان پنجون حصو اُڳاڙي.</verse>
				<verse number="35">۽ جيڪي، چڱا ست ورهيہ اچن، تن ۾ هو سڀ کاڌي جون شيون گڏ ڪري فرعون جي قبضي ۾ آڻين، ۽ هر ڪنهن شهر ۾ اَن جا انبار ڪري سنڀالي رکن.</verse>
				<verse number="36">۽ ستن ورهين تائين جو مصر جي ملڪ ۾ ڏڪار پوندو، تنهن لاءِ اهو کاڌو گڏ ڪري رکيو وڃي، انهيءَ لاءِ تہ ملڪ ڏڪار جي ڪري برباد نہ ٿئي.</verse>
				<verse number="37">اها ڳالهہ فرعون ۽ سندس نوڪرن کي چڱي نظر آئي.</verse>
				<verse number="38">۽ فرعون پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ هي ماڻهو، جنهن ۾ خدا جو روح آهي، تنهن جهڙو ڪو ٻيو ماڻهو اسان کي هٿ ايندو ڇا؟</verse>
				<verse number="39">پوءِ فرعون يوسف کي چيو تہ جڏهن خدا توکي هي سڀ سمجهايو آهي، تڏهن تو جهڙو ٻيو ڪوبہ سمجهو ۽ ڏاهو ڪونهي.</verse>
				<verse number="40">تون منهنجي گهر جو مختيار ٿي، ۽ ساريءَ رعيت تي پنهنجيءَ مرضي موجب حڪم هلاءِ: فقط تخت جي مالڪ هئڻ ڪري، منهنجو درجو تو کان مٿي ٿيندو.</verse>
				<verse number="41">۽ فرعون يوسف کي چيو تہ ڏس، مون توکي مصر جي ساري ملڪ تي مقرر ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="42">۽ فرعون پنهنجيءَ مهر واري منڊي پنهنجي هٿ مان لاهي، يوسف جي هٿ ۾ پارائي، ۽ هن کي عمدي ڪپڙي جي خلعت پهرايائين، ۽ هڪڙي سوني زنجيري سندس ڳچيءَ ۾ پاتائين؛</verse>
				<verse number="43">۽ پنهنجيءَ ٻيءَ گاڏيءَ ۾ چاڙهيائينس؛ ۽ سندس اڳيان هوڪو ڏياريائين تہ جهڪي سجدو ڪريو؛ ۽ مصر جي ساري ملڪ تي هن کي حاڪم مقرر ڪيائين.</verse>
				<verse number="44">۽ فرعون يوسف کي چيو تہ آءٌ فرعون آهيان، تنهنجي حڪم کان سواءِ مصر جي ملڪ ۾ ڪوبہ ماڻهو هٿ پير ڪين چوريندو.</verse>
				<verse number="45">۽ فرعون، يوسف جو نالو صفنات‑فعنيحہ رکيو؛ ۽ اون شهر جي ڪاهن فوطيفرع جي ڌيءَ آسناٿ سان سندس شادي ڪرايائين. پوءِ يوسف مصر جي ملڪ ۾ گشت ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="46">جڏهن يوسف مصر جي بادشاهہ فرعون جي حضور ۾ آيو، تڏهن سندس عمر ٽيهہ ورهيہ هئي. پوءِ يوسف فرعون وٽان روانو ٿي، مصر جو سڄو ملڪ گهميو.</verse>
				<verse number="47">۽ سڪار جي ستن ورهين ۾ زمين مان تمام گهڻي پيدائش ٿي.</verse>
				<verse number="48">۽ هن انهن ستن ورهين ۾ کاڌي جون سڀ شيون، جيڪي مصر جي ملڪ ۾ هيون، سي سڀ گڏ ڪيون، ۽ اهو کاڌو شهرن ۾ گڏ ڪري رکيائين: جيڪا ٻني جنهن شهر جي پسگردائيءَ ۾ هئي، تنهن جي پيدائش انهيءَ شهر ۾ گڏ ڪري رکيائين.</verse>
				<verse number="49">۽ يوسف سمنڊ جي واريءَ وانگر تمام گهڻو اَن گڏ ڪيو، ايتري قدر جو هن حساب رکڻ بہ ڇڏي ڏنو؛ ڇالاءِ جو اهو بيشمار هو.</verse>
				<verse number="50">۽ ڏڪار کان اڳ ۾ يوسف کي، اون شهر جي ڪاهن فوطيفرع جي ڌيءَ آسناٿ مان ٻہ پٽ ڄاوا.</verse>
				<verse number="51">۽ يوسف وڏي جو نالو منسي رکيو؛ ڇالاءِ جو هن چيو تہ خدا منهنجي سڀ تڪليف ۽ منهنجي پيءُ جو گهر مون کان وسارائي ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="52">۽ ٻئي جو نالو افرائيم رکيائين، جو چيائين تہ خدا مون کي منهنجيءَ مصيبت واري ملڪ ۾ ڦلدار ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="53">پوءِ اهي سڪار وارا ست ورهيہ، جي مصر جي ملڪ ۾ آيا، سي اچي پورا ٿيا.</verse>
				<verse number="54">۽ ڏڪار جا ست ورهيہ شروع ٿيا، جيئن ڪ يوسف چيو هو: ۽ ٻين سڀني ملڪن ۾ بہ اچي ڏڪار پيو؛ پر مصر جي ملڪ ۾ کاڌو موجود هو.</verse>
				<verse number="55">پوءِ جڏهن مصر جو سارو ملڪ بک مرڻ لڳو، تڏهن ماڻهو کاڌي جي لاءِ فرعون وٽ اچي دانهون ڪرڻ لڳا: ۽ فرعون سڀني مصرين کي چيو تہ اوهين يوسف وٽ وڃو، ۽ جيڪي هو اوهان کي چوي، سو ڪريو.</verse>
				<verse number="56">تنهن وقت ساريءَ زمين تي ڏڪار هو: ۽ مصر جي ملڪ ۾ بہ ڏڪار وڌڻ لڳو؛ تڏهن يوسف اَن جا سڀيئي انبار کولايا، ۽ مصرين کي اَن وڪڻڻ لڳو.</verse>
				<verse number="57">پوءِ سڀني ملڪن جا ماڻهو اَن خريد ڪرڻ لاءِ مصر ۾ يوسف وٽ آيا؛ ڇالاءِ جو ساريءَ زمين تي سخت ڏڪار هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="42">
				<verse number="1">جڏهن يعقوب کي اها خبر پيئي تہ مصر ۾ اَن آهي، تڏهن هن پنهنجن پٽن کي چيو تہ اوهين ڇو ويٺا هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو؟</verse>
				<verse number="2">۽ چيائين تہ ڏسو، مون ٻڌو آهي تہ مصر ۾ اَن آهي: اوهين اوڏانهن وڃو ۽ اتان اسان جي لاءِ خريد ڪري اچو؛ تہ اسان جي جان بچي، ۽ مري نہ وڃون.</verse>
				<verse number="3">سو يوسف جا ڏهہ ڀائر مصر مان اَن خريد ڪرڻ لاءِ روانا ٿيا.</verse>
				<verse number="4">پر يوسف جي ڀاءُ بنيمين کي يعقوب سندس ڀائرن سان گڏ نہ موڪليو؛ جو چيائين تہ متان مٿس ڪا مصيبت اچي پوي.</verse>
				<verse number="5">پوءِ ٻيا جيڪي ماڻهو اَن خريد ڪرڻ لاءِ اتي آيا هئا، تن سان گڏ اسرائيل جا پٽ بہ آيا: ڇالاءِ جو ڪنعان جي ملڪ ۾ بہ ڏڪار هو.</verse>
				<verse number="6">۽ يوسف ملڪ جو حاڪم هو، اهوئي هو جنهن ماڻهن کي ان پئي وڪيو: سو يوسف جي ڀائرن اچي سندس اڳيان جهڪي سجدو ڪيو.</verse>
				<verse number="7">يوسف پنهنجن ڀائرن کي ڏسي کين سڃاتو، پر پاڻ ڌارئي وانگر ساڻن کهرو ڳالهايائين؛ ۽ چيائين تہ اوهين ڪٿان ٿا اچو؟ هنن چيو تہ اسين کاڌو خريد ڪرڻ لاءِ ڪنعان جي ملڪ مان آيا آهيون.</verse>
				<verse number="8">ائين يوسف تہ پنهنجن ڀائرن کي سڃاتو، پر هنن نہ سڃاتس،</verse>
				<verse number="9">۽ جيڪي خواب يوسف هنن جي بابت ڏٺا هئا، سي کيس ياد آيا. پوءِ هنن کي چيائين تہ اوهين جاسوس آهيو؛ ۽ هن ملڪ جو برو حال ڏسڻ آيا آهيو.</verse>
				<verse number="10">پر هنن چيس تہ نہ منهنجا سائين، تنهنجا ٻانها کاڌو خريد ڪرڻ آيا آهن.</verse>
				<verse number="11">اسين سڀيئي هڪڙي ئي ماڻهوءَ جا پٽ آهيون؛ اسين سچا آهيون، تنهنجا ٻانها جاسوس نہ آهن.</verse>
				<verse number="12">پر هن چين تہ نہ، اوهين هن ملڪ جو برو حال ڏسڻ آيا آهيو.</verse>
				<verse number="13">تڏهن هنن چيس تہ اسين تنهنجا ٻانها، ڪنعان ملڪ جي هڪڙي ئي ماڻهوءَ جا ٻار آهيون ۽ ڏس، سڀني کان ننڍو اڄ اسان جي پيءُ وٽ آهي، ۽ هڪڙي جو پتو ڪونهي.</verse>
				<verse number="14">پر يوسف چين تہ ڳالهہ اِها ئي آهي، جا مون اوهان کي چئي آهي، تہ اوهين جاسوس آهيو.</verse>
				<verse number="15">هاڻي هن ريت اوهان کي آزمائبو؛ فرعون جي حياتيءَ جو قسم آهي تہ جيسين اوهان جو ننڍو ڀاءُ هتي نہ ايندو، تيسين اوهين هتان وڃي ڪين سگهندا.</verse>
				<verse number="16">اوهين پاڻ مان هڪڙي کي موڪليو تہ اهو وڃي اوهان جي ڀاءُ کي وٺي اچي، جيسين اوهان جي ڳالهہ جي خاطري ٿئي تہ اوهين سچا آهيو يا نہ، تيسين اوهان کي بند ۾ رکبو: نہ تہ فرعون جي حياتيءَ جو قسم آهي تہ اوهين بيشڪ جاسوس آهيو.</verse>
				<verse number="17">سو هن کين ٽن ڏينهن تائين بند ۾ گڏ رکيو.</verse>
				<verse number="18">پوءِ ٽئين ڏينهن يوسف انهن کي چيو تہ آءٌ خدا کان ڊڄان ٿو، سو اوهين هيئن ڪريو تہ اوهان جي جان بچي پوي.</verse>
				<verse number="19">جيڪڏهن اوهين سچا آهيو، تہ اوهان ڀائرن مان هڪڙو هن قيد خاني ۾ بند رهي؛ ۽ اوهين ٻيا ڏڪار جي لاءِ اَن کڻي پنهنجن گهرن ۾ وڃو،</verse>
				<verse number="20">۽ پنهنجي سڀ کان ننڍي ڀاءُ کي مون وٽ وٺي اچو؛ اهڙيءَ طرح اوهان جي ڳالهہ ثابت ٿيندي، ۽ اوهان جي جان بچي پوندي. سو هنن ائين ئي ڪيو،</verse>
				<verse number="21">۽ هو پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ سچ اسين پنهنجي ڀاءُ جي بابت ڏوهاري آهيون؛ ڇالاءِ تہ جڏهن هن اسان کي نيزاريون ٿي ڪيون، تڏهن اسان هن جي جيءَ جو ڏک ڏسي بہ سندس ڳالهہ قبول نہ ڪئي. تنهنڪري اسان تي هيءَ مصيبت آئي آهي.</verse>
				<verse number="22">تڏهن روبن ورندي ڏيئي انهن کي چيو تہ مون اوهان کي ڪين ٿي چيو تہ هن ٻار سان ظلم نہ ڪريو، پر اوهان نہ مڃيو، تنهن ڪري ڏسو، هاڻي هن جي خون جو بدلو ورتو ٿو وڃي.</verse>
				<verse number="23">هنن کي اها خبر ڪانہ هئي تہ سندن ڳالهہ ٻولهہ يوسف سمجهي رهيو آهي: ڇالاءِ جو سندن وچ ۾ ٻئي ماڻهوءَ ترجمو ٿي ڪيو.</verse>
				<verse number="24">تڏهن هو پاڻ هنن کان پرڀرو وڃي روئڻ لڳو. پوءِ وري وٽن اچي، ساڻن گفتگو ڪيائين ۽ منجهانئن شمعون کي وٺي، سندن اڳيان بند ڪيائين.</verse>
				<verse number="25">تنهن کان پوءِ يوسف حڪم ڏنو تہ هنن جي ٻورن ۾ اَن ڀريو، ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ جا پيسا بہ موٽائي سندن ٻوري ۾ وجهو، ۽ واٽ جي لاءِ سمر بہ ڏيون، ۽ ائين ئي ساڻن ڪيائون.</verse>
				<verse number="26">پوءِ هو پنهنجن گڏهن تي اَن لڏي اُتان روانا ٿيا.</verse>
				<verse number="27">۽ جڏهن انهن مان هڪڙي ڄڻي منزل تي پنهنجي گڏهہ کي داڻي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ٻورو کوليو، تڏهن ڇا ٿو ڏسي، تہ سندس پيسا ٻوري جي منهن ۾ پيا آهن.</verse>
				<verse number="28">تنهن تي هن پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ منهنجا پيسا تہ مون کي موٽائي ڏنا اٿن، اِجهو منهنجي ٻوري جي منهن ۾ پيا آهن: تڏهن هنن جو هانءُ ئي هارجي ويو، ۽ ڏڪي هڪ ٻئي ڏانهن ڦري چوڻ لڳا تہ هي خدا اسان سان ڇا ڪيو آهي؟</verse>
				<verse number="29">پوءِ هو ڪنعان جي ملڪ ۾ پنهنجي پيءُ يعقوب وٽ آيا، ۽ جيڪي ساڻن ٿي گذريو هو، سو کيس ٻڌايائون؛ ۽ چيائون</verse>
				<verse number="30">تہ جيڪو ماڻهو انهيءَ ملڪ جو حاڪم آهي، تنهن اسان سان کهرو ڳالهايو، ۽ اسان کي انهيءَ ملڪ جا جاسوس ڪري سمجهيائين.</verse>
				<verse number="31">اسان هن کي چيو تہ اسين سچا ماڻهو آهيون، اسين جاسوس نہ آهيون:</verse>
				<verse number="32">اسين ٻارهن ڀائر هڪڙي پيءُ جا پٽ آهيون؛ هڪڙي جو پتو ڪونهي، باقي سڀني کان ننڍو اڄ ڪنعان جي ملڪ ۾ اسان جي پيءُ وٽ آهي.</verse>
				<verse number="33">تڏهن انهيءَ ملڪ جي حاڪم اسان کي چيو تہ هن ريت مون کي خبر پوندي تہ اوهين سچا آهيو؛ جو اوهان ڀائرن مان هڪڙي کي مون وٽ ڇڏي، باقي ٻيا ڏڪار جي لاءِ اَن کڻي پنهنجن گهرن ڏانهن وڃو:</verse>
				<verse number="34">۽ پنهنجي سڀ کان ننڍي ڀاءُ کي مون وٽ وٺي اچو: پوءِ آءٌ سمجهندس تہ اوهين جاسوس نہ آهيو، پر سچا ماڻهو آهيو: تنهن کان پوءِ اوهان جو ڀاءُ اوهان کي موٽائي ڏيندس، ۽ پوءِ اوهين ڀلي هن ملڪ ۾ واپار ڪجو.</verse>
				<verse number="35">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن پنهنجا ٻورا خالي ٿي ڪيا، تڏهن ڇا ڏسن تہ هر ڪنهن جي پيسن جي ڳنڍڙي سندس ٻوري ۾ پئي آهي: ۽ جڏهن هنن ۽ سندن پيءُ پيسن جون ڳنڍڙيون ڏٺيون، تڏهن ڊپ وٺي وين.</verse>
				<verse number="36">پوءِ سندن پيءُ يعقوب چين تہ اوهان مون کي بي اولاد ڪيو آهي: يوسف جو پتو ڪونهي، شمعون بہ آهي ڪونہ، ۽ هاڻي بنيمين کي بہ وٺي ويندا: اهي سڀ ڳالهيون منهنجي برخلاف آهن.</verse>
				<verse number="37">تڏهن روبن پنهنجي پيءُ کي چيو تہ جيڪڏهن آءٌ هن کي موٽائي تو وٽ نہ آڻيان تہ تون منهنجا ٻئي پٽ ماري ڇڏج: هن کي منهنجي حوالي ڪر، ۽ آءٌ کيس موٽائي تو وٽ آڻيندس.</verse>
				<verse number="38">پر هن چيو تہ منهنجو پٽ اوهان سان نہ ويندو؛ هن جو ڀاءُ مري ويو آهي، ۽ هو اڪيلو رهجي ويو آهي: ۽ رستي ۾ هن جي مٿان ڪا آفت اچي پيئي، تہ پوءِ اوهين منهنجن اڇن وارن کي ڏک سهندي قبر ۾ موڪليندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="43">
				<verse number="1">هاڻي ملڪ ۾ ڏڪار تمام سخت ٿيندو ويو.</verse>
				<verse number="2">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن اهو اَن، جيڪو مصر مان آندو هئائون، سو کائي کپائي ڇڏيو، تڏهن سندن پيءُ چين تہ وري وڃي اسان جي لاءِ ڪجهہ کاڌو خريد ڪري اچو.</verse>
				<verse number="3">تڏهن يهوداہ چيس تہ هن ماڻهوءَ اسان کي تاڪيد ڪري چيو هو تہ جيسين اوهان جو ڀاءُ اوهان سان نہ هوندو، تيسين اوهين منهنجو منهن نہ ڏسندا.</verse>
				<verse number="4">سو جيڪڏهن تون اسان جي ڀاءُ کي اسان سان گڏ وڃڻ جي موڪل ڏيندين تہ پوءِ اسين وڃي تنهنجي لاءِ کاڌو خريد ڪري اينداسين.</verse>
				<verse number="5">پر جي تون هن کي موڪل نہ ڏيندين تہ پوءِ اسين ڪين وينداسين؛ ڇالاءِ جو هن ماڻهوءَ اسان کي چيو هو تہ جيسين اوهان جو ڀاءُ اوهان سان نہ هوندو، تيسين اوهين منهنجو منهن نہ ڏسندا.</verse>
				<verse number="6">تڏهن اسرائيل چيو تہ اوهان مون سان اها جُٺ ڇو ڪئي، جو هن کي چيو تہ اسان جو ٻيو بہ هڪڙو ڀاءُ آهي.</verse>
				<verse number="7">هنن چيو تہ هن ماڻهوءَ اسان کان ورجائي ورجائي اسان جو ۽ اسان جي خاندان جو حال پڇيو، ۽ چيائين تہ اڃا اوهان جو پيءُ جيئرو آهي ڇا؟ اوهان جو ٻيو بہ ڪو ڀاءُ آهي ڇا؟ تڏهن اسان انهن ڳالهين موجب کيس ورندي ڏني: اسان کي ڪا اها خبر هئي ڇا تہ هو چوندو تہ وڃي پنهنجي ڀاءُ کي وٺي اچو؟</verse>
				<verse number="8">پوءِ يهوداہ پنهنجي پيءُ اسرائيل کي چيو تہ ڇوڪر کي مون سان گڏ موڪل تہ اسين وڃون؛ تہ اسين ۽ تون، ۽ اسان جا ننڍڙا ٻار جيئرا رهون، ۽ مري نہ وڃون.</verse>
				<verse number="9">آءٌ هن جو ضامن ٿو پوان؛ تون منهنجي ئي هٿان اهو موٽائي وٺج: جيڪڏهن آءٌ هن کي وري آڻي تو وٽ حاضر نہ ڪريان، تہ پوءِ آءٌ هميشہ لاءِ تنهنجو ڏوهاري ٿيندس:</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اسين دير نہ ڪريون ها، تہ هن وقت تائين اُتان ٿي موٽي بہ اچون ها.</verse>
				<verse number="11">تڏهن سندن پيءُ اسرائيل کين چيو، تہ جي ائين ئي آهي تہ هيئن ڪريو، هن ملڪ جي عمدن ميون مان ڪي پنهنجن ٻورن ۾ وجهو، ۽ ٿورو سرهو تيل، ٿوري ماکي، مصالحہ، مَر، پستا ۽ باداميون، اهي سڀ سوکڙيءَ طور انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ کڻي وڃو.</verse>
				<verse number="12">۽ ٻيڻا پيسا پنهنجي هٿ ۾ کڻو؛ ۽ جيڪي پيسا اوهانجن ٻورن ۾ وجهي موٽايا هئائون، سي بہ پاڻ سان کڻي وڃو؛ تہ متان اها ڀل ٿي هجي:</verse>
				<verse number="13">۽ پنهنجي ڀاءُ کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي وڃو، اُٿو وري انهيءَ ماڻهوءَ وٽ وڃو.</verse>
				<verse number="14">شل قادر مطلق خدا انهيءَ ماڻهوءَ کي اوهان تي مهربان ڪري تہ هو اوهان جي ٻئي ڀاءُ کي ۽ بنيمين کي آزاد ڪري اوهان کي ڏئي.</verse>
				<verse number="15">تڏهن انهن ماڻهن اها سوکڙي ۽ ٻيڻا پيسا هٿ ۾ کنيا، ۽ بنيمين کي ساڻ ڪري اٿي روانا ٿيا: ۽ مصر ۾ پهچي، يوسف جي اڳيان وڃي حاضر ٿيا.</verse>
				<verse number="16">جڏهن يوسف بنيمين کي انهن سان گڏ ڏٺو، تڏهن پنهنجي گهر جي داروغي کي چيائين تہ هنن ماڻهن کي گهر ۾ وٺي وڃ ۽ ڇيلو ڪهي کاڌو تيار ڪر: ڇالاءِ جو ٻنپهرن جو هي ماڻهو مون سان گڏ ماني کائيندا.</verse>
				<verse number="17">سو هن ماڻهوءَ يوسف جي چوڻ موجب ڪيو: ۽ انهن کي يوسف جي گهر ۾ وٺي آيو.</verse>
				<verse number="18">۽ انهن ماڻهن کي جو يوسف جي گهر ۾ وٺي آيا، تنهنڪري ڊپ وٺي وين، ۽ چوڻ لڳا تہ پهرئين ڀيري جي پيسا اسانجن ٻورن ۾ موٽائي وڌا هئائون، تنهن جي ڪري اسان کي هتي اندر وٺي آيا آهن، تہ اسان جي برخلاف ڪو بهانو ڳولي اسان تي ڪاهہ ڪن، ۽ هو اسان کي پنهنجا غلام ڪري اسان جا گڏهہ ڦري وٺن.</verse>
				<verse number="19">پوءِ هو يوسف جي گهر جي داروغي وٽ آيا ۽ در وٽ بيهي ساڻس ڳالهائڻ لڳا،</verse>
				<verse number="20">۽ چيائونس تہ سائين، سچ پچ اسين پهرئين ڀيري کاڌو خريد ڪرڻ آيا هئاسين:</verse>
				<verse number="21">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسان منزل تي پهچي پنهنجا ٻورا کوليا، تڏهن ڏسون تہ هر ڪنهن ماڻهو جا پيسا، اوتري جا اوترا، سندس ٻوري جي منهن پيا آهن: ۽ اهي اسين موٽائي پاڻ سان کڻي آيا آهيون.</verse>
				<verse number="22">۽ ٻيا بہ پيسا پاڻ سان آندا اٿئون تہ کاڌو خريد ڪريون: اسان کي خبر نہ آهي تہ ڪنهن اسان جا پيسا اسان جي ٻورن ۾ وڌا.</verse>
				<verse number="23">تڏهن هن چيو تہ اوهين دل جاءِ ڪريو، ڊڄو نہ: اوهان جي ۽ اوهان جي پيءُ جي خدا، اوهان جي ٻورن ۾ اوهان کي خزانو ڏنو آهي: اوهان جا پيسا مون کي ملي چڪا. پوءِ هو شمعون کي ڪڍي، انهن وٽ وٺي آيو.</verse>
				<verse number="24">۽ هو کين يوسف جي گهر ۾ وٺي آيو ۽ کين پاڻي ڏنائين، ۽ انهن پنهنجا پير ڌوتا؛ ۽ سندن گڏهن کي گاهہ داڻو ڏنائين.</verse>
				<verse number="25">پوءِ هنن اها سوکڙي تيار ڪري رکي تہ ٻنپهرن جو جڏهن يوسف اچي تڏهن ڏيونس، ڇو تہ ٻڌو هئائون تہ اسان جي ماني هتي آهي.</verse>
				<verse number="26">پوءِ جڏهن يوسف گهر ۾ آيو، تڏهن اها سوکڙي، جا هٿ ۾ هين، سا وٽس کڻي آيا، ۽ زمين تائين جهڪي سجدو ڪيائونس.</verse>
				<verse number="27">هن سندن خير عافيت پڇي ۽ چيائين تہ اوهان جو پيءُ، يعني اهو پير مرد جنهن جو اوهان ذڪر ڪيو هو، سو چڱو ڀلو آهي، ۽ اڃا حيات آهي؟</verse>
				<verse number="28">هنن چيو تہ تنهنجو ٻانهو، اسان جو پيءُ چڱو ڀلو آهي ۽ اڃا حيات آهي. پوءِ هنن ڪنڌ جهڪائي سجدو ڪيس.</verse>
				<verse number="29">۽ هن پنهنجون اکيون مٿي کڻي، پنهنجي سڳي ڀاءُ بنيمين کي ڏٺو، ۽ چيائين تہ اوهان جو سڀ کان ننڍو ڀاءُ هي آهي؟ جنهن بابت اوهان مون کي ٻڌايو هو؟ ۽ چيائين تہ ٻچا، شل خدا توتي پنهنجو فضل نازل ڪري.</verse>
				<verse number="30">پوءِ يوسف جهٽ پنهنجيءَ ڪوٺيءَ ۾ گهڙي ويو ۽ اتي وڃي رنائين؛ ڇالاءِ جو ڀاڻس ڏانهن سندس آنڊن جي ڏاڍي ڇڪ ٿي، ۽ ڀانيائين تہ ڪٿي وڃي روئان.</verse>
				<verse number="31">پوءِ پنهنجو منهن ڌوئي ٻاهر آيو ۽ پاڻ کي روڪي چيائين تہ ماني کڻي اچو.</verse>
				<verse number="32">تڏهن هنن سندس لاءِ ڌار، هنن لاءِ ڌار، ۽ جيڪي مصري ساڻس گڏ کائيندا هئا، تن لاءِ ڌار ماني رکي؛ ڇالاءِ جو مصري عبرانين سان گڏ ماني ڪين کائيندا هئا، جو مصرين لاءِ اها نفرت جهڙي ڳالهہ هئي.</verse>
				<verse number="33">پوءِ هو سندس اڳيان ويهي رهيا. وڏو پنهنجيءَ وڏيءَ عمر موجب ۽ ننڍو پنهنجيءَ ننڍيءَ عمر موجب، تڏهن هو عجب ۾ پئي هڪ ٻئي ڏانهن نهارڻ لڳا.</verse>
				<verse number="34">۽ هن پاڻ وٽان رڪابيون کڻي، هنن ڏانهن موڪليون: پر بنيمين جي رڪابي ۾ هرهڪ جي رڪابيءَ کان پنجوڻو حصو وڌيڪ هو. ۽ هنن ساڻس گڏ پيتو ۽ خوش ٿيا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="44">
				<verse number="1">پوءِ هن پنهنجي گهر جي داروغي کي حڪم ڏيئي چيو تہ هنن ماڻهن جي ٻورن ۾ ايترو اَن ڀر جيترو هو کڻي سگهن ۽ هر هڪ ماڻهوءَ جا پيسا سندن ٻوري جي منهن ۾ وجهہ.</verse>
				<verse number="2">۽ منهنجو چانديءَ جو پيالو ۽ اَن جو ملهہ هنن مان سڀني کان ننڍي جي ٻوري جي منهن ۾ وجهي ڇڏ. سو جيئن يوسف هن کي چيو تيئن ئي ڪيائين.</verse>
				<verse number="3">پوءِ جڏهن صبح جو سوجهرو ٿيو، تڏهن انهن ماڻهن کي سندن گڏهن سوڌو روانو ڪيائون.</verse>
				<verse number="4">۽ جڏهن هو شهر مان نڪري اڃا ٿورو ئي پري ويا، تہ يوسف پنهنجي داروغي کي چيو تہ اٿي هنن ماڻهن جي پٺيان وڃ ۽ جڏهن کين پهچين، تڏهن چئجان تہ اوهان نيڪيءَ جي عيوض بدي ڇو ڪئي؟</verse>
				<verse number="5">هي اهو پيالو ڪينهي، جنهن ۾ منهنجو مالڪ پيئندو آهي؟ بلڪ هو فال بہ انهي سان ئي ڏسندو آهي؟ هي تہ اوهان بڇڙو ڪم ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="6">پوءِ هو وڃي هنن کي رسيو، ۽ کين ائين ئي چيائين.</verse>
				<verse number="7">تڏهن هنن چيس تہ اسان جو مالڪ ائين ڇو ٿو چوي؟ شل خدا نہ ڪري، جو تنهنجا ٻانها اهڙو ڪم ڪن.</verse>
				<verse number="8">ڏس جيڪي پيسا اسان کي پنهنجن ٻورن جي منهن ۾ مليا هئا، سي بہ اسان ڪنعان جي ملڪ مان موٽائي تو وٽ آندا، تڏهن اسين تنهنجي مالڪ جي گهر مان رپو يا سون ڪيئن چورائينداسين؟</verse>
				<verse number="9">تنهنجن ٻانهن مان جنهن وٽان اهو لڀي، سو ڀلي تہ ماريو وڃي، ۽ اسين بہ پنهنجي مالڪ جا غلام ٿينداسين.</verse>
				<verse number="10">تڏهن هن چيو تہ هاڻي اوهان جي چوڻ موجب ٿيندو: جنهن وٽان اُهو نڪرندو، سو منهنجو غلام ٿيندو، ۽ باقي ٻيا سڀ بي قصور ٿيندا.</verse>
				<verse number="11">تڏهن هنن جلد پنهنجا ٻورا لاهي زمين تي رکيا، ۽ هر ڪنهن پنهنجو ٻورو کوليو.</verse>
				<verse number="12">پوءِ هو ڳولڻ لڳو ۽ وڏي کان شروع ڪري سڀ کان ننڍي تائين آيو، ۽ پيالو بنيمين جي ٻوري مان لڀي پيو.</verse>
				<verse number="13">تنهن تي هو پنهنجا ڪپڙا ڦاڙڻ لڳا ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجو گڏهہ لڏي موٽي شهر ۾ آيو.</verse>
				<verse number="14">۽ يهوداہ ۽ سندس ڀائر يوسف جي گهر آيا، جو هو اڃا اُتي ئي هو: ۽ سندس اڳيان زمين تي ڪري پيا.</verse>
				<verse number="15">تڏهن يوسف انهن کي چيو تہ اوهان هي ڪهڙو ڪم ڪيو؟ اوهان کي اها خبر ڪانهي تہ مون جهڙو ماڻهو فال ڏسي ٿو سگهي؟</verse>
				<verse number="16">تڏهن يهوداہ چيو تہ اسين پنهنجي مالڪ کي ڇا چئون ۽ ڇا ڳالهايون؟ ۽ ڪيئن اسين پاڻ کي بي قصور ثابت ڪريون؟ خدا تنهنجن ٻانهن جي بدڪاري ظاهر ڪئي آهي: هاڻي ڏس، اسين ۽ اهو بہ، جنهن وٽان پيالو نڪتو آهي، سي سڀ پنهنجي مالڪ جا غلام آهيون.</verse>
				<verse number="17">تڏهن يوسف چيو تہ خدا نہ ڪري جو آءٌ ائين ڪريان: جنهن ماڻهوءَ وٽان منهنجو پيالو نڪتو آهي، سو ئي منهنجو غلام ٿيندو؛ باقي اوهين ٻيا صحيح سلامت پنهنجي پيءُ وٽ موٽي وڃو.</verse>
				<verse number="18">تڏهن يهوداہ هن جي ويجهو اچي چيو تہ اي منهنجا سائين، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ پنهنجي ٻانهي کي موڪل ڏي، تہ پنهنجي مالڪ سان ڪا ڳالهہ ڪري. ۽ تنهنجي ٻانهي تي تنهنجي ڪاوڙ نہ وڌي؛ ڇالاءِ جو تون بہ فرعون جهڙو ئي آهين.</verse>
				<verse number="19">منهنجي مالڪ پنهنجي ٻانهن کان پڇيو هو تہ اوهان کي ڪو پيءُ، يا ڪو ڀاءُ آهي؟</verse>
				<verse number="20">۽ اسان پنهنجي مالڪ کي چيو تہ اسان کي پيءُ آهي، جو پير مرد آهي ۽ کيس پيريءَ ۾ هڪڙو پٽ بہ آهي، جو اڃا ننڍو آهي؛ ۽ انهي جو ڀاءُ مري ويو آهي، ۽ ماءُ کي اهو هڪڙو وڃي رهيو آهي، ۽ پڻس جو مٿس ڏاڍو پيار آهي.</verse>
				<verse number="21">تڏهن تو پنهنجن ٻانهن کي چيو تہ انهيءَ کي مون وٽ وٺي اچو تہ آءٌ پنهنجين اکين سان ڏسانس،</verse>
				<verse number="22">۽ اسان پنهنجي مالڪ کي چيو تہ اهو ڇوڪر پنهنجي پيءُ کي ڇڏي ڪين سگهندو: ڇالاءِ تہ جي هو پنهنجي پيءُ کان جدا ٿيندو تہ پڻس مري ويندو.</verse>
				<verse number="23">پر تو پنهنجن ٻانهن کي چيو تہ جيسين اوهين پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي پاڻ سان نہ آڻيندا، تيسين اوهين منهنجو منهن ڪين ڏسندا.</verse>
				<verse number="24">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسين تنهنجي ٻانهي پنهنجي پيءُ وٽ وياسين، تڏهن اسان کيس پنهنجي مالڪ جي ڳالهہ ٻڌائي.</verse>
				<verse number="25">۽ اسان جي پيءُ چيو تہ اوهين وري وڃي اسان جي لاءِ ٿورو کاڌو خريد ڪري اچو.</verse>
				<verse number="26">پر اسان چيو تہ اسين ائين وڃي نٿا سگهون: جيڪڏهن اسان جو ننڍو ڀاءُ اسان سان هلندو تہ پوءِ اسين وينداسين: ڇالاءِ تہ جي اسان جو ننڍو ڀاءُ اسان سان نہ هوندو تہ اسين انهي ماڻهوءَ جو منهن ڏسي ڪين سگهنداسين.</verse>
				<verse number="27">تڏهن تنهنجي ٻانهي اسان جي پيءُ اسان کي چيو تہ اوهان کي خبر آهي تہ منهنجيءَ زال کي مون مان ٻہ پٽ ڄاوا آهن:</verse>
				<verse number="28">تن مان هڪڙو مون کان جدا ٿي ويو، ۽ مون چيو تہ هن کي ضرور ڪنهن مرونءَ ڦاڙي کائي ڇڏيو هوندو؛ ۽ انهيءَ وقت کان وٺي هن کي ڪونہ ڏٺو اٿم:</verse>
				<verse number="29">۽ جيڪڏهن اوهين هن کي بہ مون وٽان وٺي ويندا، ۽ مٿس ڪا آفت آئي تہ پوءِ اوهين منهنجن اڇن وارن کي ڏک سهندي قبر ۾ موڪليندا.</verse>
				<verse number="30">سو هاڻي، جڏهن آءٌ تنهنجي ٻانهي پنهنجي پيءُ وٽ ويندس، ۽ ڇوڪر اسان سان نہ هوندو، ۽ جيئن تہ هن ڇوڪر ۾ سندس ساهہ آهي،</verse>
				<verse number="31">سو هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو ڏسندو تہ ڇوڪر اسان سان ڪونهي، تڏهن هو مري ويندو: ۽ تنهنجن ٻانهن جي ڪري، اسان جو پيءُ تنهنجو ٻانهو پنهنجن اڇن وارن سان ڏک سهي وڃي قبر ۾ پوندو.</verse>
				<verse number="32">۽ جيئن تہ تنهنجو ٻانهو انهيءَ ڇوڪر جي لاءِ پنهنجي پيءُ وٽ ضامن پيو هو، ۽ چيو هئائينس تہ جي آءٌ هن کي موٽائي تو وٽ نہ آڻيان تہ پوءِ آءٌ هميشہ جي لاءِ تنهنجو ڏوهاري ٿيندس:</verse>
				<verse number="33">تنهنڪري آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هيئن ڪر، يعني تنهنجو ٻانهو هن ڇوڪر جي عيوض پنهنجي مالڪ جو غلام ٿي رهي؛ ۽ ڇوڪر پنهنجن ڀائرن سان وڃي.</verse>
				<verse number="34">ڇالاءِ تہ جيڪڏهن ڇوڪر مون سان نہ هوندو تہ آءٌ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي پيءُ وٽ ويندس؟ متان جيڪا مصيبت منهنجي پيءُ تي اچي سا مون کي ڏسڻي پوي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="45">
				<verse number="1">تڏهن يوسف انهن جي اڳيان، جيڪي وٽس بيٺا هئا، پاڻ کي جهلي نہ سگهيو؛ ۽ واڪو ڪري چيائين تہ سڀني ماڻهن کي مون وٽان ٻاهر موڪليو. جڏهن يوسف پاڻ کي پنهنجي ڀائرن ۾ ظاهر ڪيو، تڏهن اتي ٻيو ڪوبہ ماڻهو حاضر ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="2">پوءِ هو زور زور سان روئڻ لڳو: جو مصرين ۽ فرعون جي گهر وارن ٻڌو.</verse>
				<verse number="3">۽ يوسف پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ آءٌ يوسف آهيان؛ ڇا، منهنجو پيءُ اڃا جيئرو آهي؟ تڏهن سندس ڀائر کيس ورندي ڏيئي نہ سگهيا؛ ڇالاءِ جو هو سندس روبرو فڪر ۾ پئجي ويا.</verse>
				<verse number="4">تڏهن يوسف پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ ڀلائي ڪري منهنجي ويجها اچو ۽ هو ويجها آيا، تڏهن چيائين تہ آئون اوهان جو ڀاءُ يوسف آهيان، جنهن کي اوهان مصر ۾ وڪيو هو.</verse>
				<verse number="5">هاڻي فڪر نہ ڪريو، نڪي انهيءَ لاءِ غمگين ٿيو تہ اوهان مون کي هتي وڪيو: ڇالاءِ جو خدا ڪيترن جي جان بچائڻ لاءِ اوهان کان اڳ ۾ مون کي هتي موڪليو.</verse>
				<verse number="6">ڇوتہ ٻن ورهين کان ملڪ ۾ ڏڪار آهي، پر اڃا پنج ورهيہ ٻيا پيا آهن، جن ۾ نڪا زمين کيڙبي، نڪو لابارو پوندو.</verse>
				<verse number="7">خدا مون کي اوهان کان اڳ ۾ موڪليو تہ اوهان مان ڪن کي زمين تي بچائي رکي، ۽ وڏي ڇوٽڪاري سان اوهان کي جيئرو رکي.</verse>
				<verse number="8">سو هاڻي، اوهان نہ، پر خدا مون کي هيڏانهن موڪليو: ۽ مون کي فرعون جي پيءُ جهڙو، ۽ سندس سڄي گهر جو مالڪ، ۽ مصر جي ساري ملڪ تي حاڪم ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="9">هاڻي اوهين جلد منهنجي پيءُ ڏانهن وڃو، ۽ چئوس تہ تنهنجو پٽ يوسف هيئن ٿو چوي، خدا مون کي سڄي مصر جو مالڪ ڪيو آهي: مون وٽ هليو اچ، دير نہ ڪر.</verse>
				<verse number="10">تون جشن جي علائقي ۾ اچي رهندين، تہ تون، ۽ تنهنجا پٽ پوٽا، ۽ تنهنجا ڍور ۽ ڌڻ، ۽ ٻيو جيڪي بہ تو وٽ آهي، سو مون کي ويجهو ٿئي:</verse>
				<verse number="11">۽ اتي آءٌ تنهنجي پرورش ڪندس؛ ڇالاءِ جو اڃا ڏڪار جا پنج ورهيہ پيا آهن؛ متان تون، ۽ تنهنجو خاندان، ۽ ٻيا جيڪي تو وٽ آهن، سي ڪنگال ٿي پون.</verse>
				<verse number="12">۽ ڏسو اوهين، ۽ منهنجو ڀاءُ بنيمين اکين سان ڏسو ٿا، تہ آءٌ ئي پنهنجي واتان پيو ڳالهايان.</verse>
				<verse number="13">۽ مصر ۾ جيڪو منهنجو شان آهي ۽ ٻيو بہ جيڪي ڏٺو اٿوَ، سو سڀ منهنجي پيءُ کي بيان ڪري ٻڌائجو. هاڻي اوهين جلد وڃي منهنجي پيءُ کي هتي وٺي اچو.</verse>
				<verse number="14">پوءِ هن پنهنجي ڀاءُ بنيمين کي ڀاڪر پائي رنو؛ ۽ بنيمين بہ کيس ڀاڪر پائي رنو.</verse>
				<verse number="15">۽ هن پنهنجن سڀني ڀائرن کي چُميو ۽ ساڻن رنائين: تنهن کان پوءِ سندس ڀائر ساڻس ڳالهيون ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="16">هاڻي انهيءَ ڳالهہ جي خبر فرعون جي گهر تائين پهچي ويئي، جو چيائون تہ يوسف جا ڀائر آيا آهن: ۽ انهيءَ ڪري فرعون ۽ سندس نوڪر ڏاڍا خوش ٿيا.</verse>
				<verse number="17">۽ فرعون يوسف کي چيو تہ تون پنهنجن ڀائرن کي چئُہ تہ اوهين هيئن ڪريو؛ جو پنهنجا وهٽ لڏي روانا ٿيو ۽ جلدي وڃي ڪنعان جي ملڪ ۾ پهچو؛</verse>
				<verse number="18">۽ پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجن گهر وارن کي وٺي مون وٽ اچو: ۽ آءٌ اوهان کي مصر جي ملڪ جون نعمتون ڏيندس، ۽ اوهان کي هن ملڪ جون عمديون شيون کائڻ لاءِ ملنديون.</verse>
				<verse number="19">هاڻي تون اهو حڪم ڏي تہ هو پنهنجين زالن ۽ ٻارن لاءِ مصر جي ملڪ مان گاڏيون وٺي وڃن، ۽ پنهنجي پيءُ کي هيڏانهن وٺي اچن.</verse>
				<verse number="20">اوهين پنهنجي مال متاع جو فڪر نہ ڪريو: ڇالاءِ جو مصر جي ملڪ جون سڀ نعمتون اوهان جون آهن.</verse>
				<verse number="21">سو اسرائيل جي پٽن ائين ئي ڪيو: ۽ يوسف فرعون جي حڪم موجب کين گاڏيون ڏنيون، ۽ رستي جي لاءِ سمر بہ ڏنائين.</verse>
				<verse number="22">۽ انهن مان هر هڪ کي وڳو ڏنائين، پر بنيمين کي ٽي سؤ چانديءَ جا سڪا، ۽ پنج وڳا ڏنائين.</verse>
				<verse number="23">۽ پنهنجي پيءُ جي لاءِ هي شيون موڪليائين: ڏهہ گڏهہ، جن تي مصر جون عمديون شيون لڏيل هيون، ڏهہ گڏهيون جن تي اَن، ماني ۽ کاڌو لڏيل هو، جو سندس پيءُ جي لاءِ رستي جو سمر هو.</verse>
				<verse number="24">اهڙيءَ طرح هن پنهنجن ڀائرن کي روانو ڪيو ۽ هو اٿي هليا: ۽ هن کين چيو تہ ڏسجو متان رستي تي پاڻ ۾ وڙهو.</verse>
				<verse number="25">پوءِ هو مصر مان روانا ٿي، ڪنعان جي ملڪ ۾ پنهنجي پيءُ يعقوب وٽ آيا.</verse>
				<verse number="26">۽ ٻڌايائونس تہ يوسف اڃا جيئرو آهي، ۽ مصر جي سڄي ملڪ جو حاڪم آهي. اهو ٻڌي هن جو هانءُ هارجي ويو، ڇالاءِ جو کيس هنن جي ڳالهين تي يقين ڪين آيو.</verse>
				<verse number="27">۽ جيڪي ڳالهيون يوسف کين چيون هيون، سي هن کي ٻڌايائون: ۽ جڏهن هن گاڏيون ڏٺيون، جي يوسف سندس سواريءَ لاءِ موڪليون هيون، تڏهن سندن پيءُ يعقوب ۾ وري ساهہ پيو:</verse>
				<verse number="28">۽ اسرائيل چيو تہ هاڻي بس، منهنجو پٽ يوسف اڃا جيئرو آهي، آءٌ مرڻ کان اڳيئي وڃي کيس ڏسندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="46">
				<verse number="1">پوءِ اسرائيل پنهنجو سڀ ڪجهہ کڻي اٿي روانو ٿيو، ۽ بيرسبع ۾ اچي، پنهنجي پيءُ اسحاق جي خدا لاءِ قربانيون چاڙهيائين.</verse>
				<verse number="2">۽ خدا اسرائيل سان رات جي وقت رويا ۾ ڳالهايو ۽ چيائينس تہ اي يعقوب، اي يعقوب، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.</verse>
				<verse number="3">تڏهن هن چيو تہ آءٌ خدا آهيان، تنهنجي پيءُ جو خدا: تون مصر ۾ وڃڻ کان نہ ڊڄ؛ آءٌ اتي تو منجهان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس.</verse>
				<verse number="4">آءٌ تو سان مصر ۾ هلندس ۽ توکي ضرور موٽائي آڻيندس، ۽ يوسف تنهنجين اکين تي پنهنجو هٿ رکندو.</verse>
				<verse number="5">پوءِ يعقوب بيرسبع مان نڪري اٿي هليو، ۽ اسرائيل جي پٽن پنهنجي پيءُ کي، ۽ پنهنجن ٻارن ۽ زالن کي انهن گاڏين ۾ چاڙهيو، جي فرعون سندس سواريءَ لاءِ موڪليون هيون.</verse>
				<verse number="6">۽ هنن پنهنجو چوپايو مال، ۽ ٻيو سامان، جيڪو ڪنعان جي ملڪ ۾ گڏ ڪيو هئائون، سو سڀ کنيو، ۽ يعقوب پنهنجي سموري اولاد سان گڏ مصر ۾ آيو.</verse>
				<verse number="7">هن پنهنجا پٽ، ڌيون، پوٽا، پوٽيون ۽ پنهنجو سڀ اولاد پاڻ سان گڏ مصر ۾ آندو.</verse>
				<verse number="8">اسرائيل جو اولاد جو مصر ۾ آيو، تن جا نالا هي آهن: يعقوب ۽ سندس پٽ: روبن يعقوب جو وڏو پٽ.</verse>
				<verse number="9">۽ روبن جا پٽ؛ حنوڪ ۽ فلو، حصرون ۽ ڪرمي.</verse>
				<verse number="10">۽ شمعون جا پٽ؛ يموايل، يمين، اُهد، يڪين، صحر، ۽ سائول، جو هڪڙيءَ ڪنعاني زال مان پيدا ٿيو هو.</verse>
				<verse number="11">۽ لاويءَ جا پٽ؛ جيرسون، قهات ۽ مراري.</verse>
				<verse number="12">۽ يهوداہ جا پٽ؛ عير، اُونان، سيلہ، فارص ۽ زارح: (انهن مان عير ۽ اونان ڪنعان جي ملڪ ۾ مري ويا هئا.) ۽ فارص جا پٽ؛ حصرون ۽ حمول.</verse>
				<verse number="13">۽ اشڪار جا پٽ؛ تولع، فووہ، يوب ۽ سمرون.</verse>
				<verse number="14">۽ زبولون جا پٽ؛ سرد، ايلون ۽ يحلل ايل.</verse>
				<verse number="15">اهي سڀ لياہ جا پٽ آهن، جي کيس فدان ارام ۾ سندس ڌيءَ ديناہ سوڌا يعقوب مان ڄاوا: هن جا پٽ ۽ ڌيون مڙيئي ٽيٽيهہ ڄڻا هئا.</verse>
				<verse number="16">۽ جد جا پٽ؛ صفيان، حجي، سوني، اصبان، عيري، ارودي ۽ اريلي.</verse>
				<verse number="17">۽ آشر جا پٽ؛ يمنہ، اسواہ، اسوي، بريعاہ ۽ سندن ڀيڻ سرہ: ۽ بريعاہ جا پٽ؛ حبر ۽ ملڪي ايل.</verse>
				<verse number="18">اهي سڀ زلفہ جا پٽ آهن، جا لابن پنهنجيءَ ڌيءَ لياہ کي ٻانهي ڪري ڏني هئي: اهي هن کي يعقوب مان ڄاوا، جي مڙيئي سورنهن ڄڻا هئا.</verse>
				<verse number="19">۽ يعقوب جي زال راخل جا پٽ؛ يوسف ۽ بنيمين.</verse>
				<verse number="20">۽ مصر جي ملڪ ۾ يوسف مان منسي ۽ افرائيم پيدا ٿيا، جي اون شهر جي ڪاهن فوطيفرع جي ڌيءَ آسناٿ مان پيدا ٿيا.</verse>
				<verse number="21">۽ بنيمين جا پٽ؛ بلحہ، بڪر، اشبيل، جيرا، نعمان، اخي، روس، مفيم، حفيم ۽ آرد هئا.</verse>
				<verse number="22">اهي آهن راخل جا پٽ جي يعقوب مان پيدا ٿيا. اهي مڙيئي چوڏهن ڄڻا هئا.</verse>
				<verse number="23">۽ دان جو پٽ؛ حشيم.</verse>
				<verse number="24">۽ نفتاليءَ جا پٽ؛ يحصي ايل، جوني، يصر ۽ سليم.</verse>
				<verse number="25">اهي آهن بلهاہ جا پٽ، جا لابن پنهنجيءَ ڌيءَ راخل کي ٻانهي ڪري ڏني هئي، ۽ اهي کيس يعقوب مان ڄاوا، جي مڙيئي ست ڄڻا هئا.</verse>
				<verse number="26">يعقوب جي ننهنرن کان سواءِ سندس پنهنجو اولاد، جو ساڻس گڏ مصر ۾ آيو، سي مڙيئي ڇاهٺ ڄڻا هئا؛</verse>
				<verse number="27">۽ يوسف جا ٻہ پٽ، جي مصر ۾ پيدا ٿيا هئا: يعقوب جي خاندان جا سڀيئي ماڻهو، جي مصر ۾ آيا، سي ستر ڄڻا هئا.</verse>
				<verse number="28">۽ هن يهوداہ کي پاڻ کان اڳي يوسف ڏانهن موڪليو، تہ کيس جشن ڏانهن وڃڻ جو رستو ڏيکاري؛ پوءِ اهي جشن جي ملڪ ۾ آيا.</verse>
				<verse number="29">۽ يوسف پنهنجي گاڏي تيار ڪري، پنهنجي پيءُ اسرائيل جي استقبال لاءِ جشن ڏانهن روانو ٿيو، ۽ سندس خدمت ۾ حاضر ٿي، کيس ڀاڪر پائي ڳچ دير تائين پئي رنائين.</verse>
				<verse number="30">۽ اسرائيل يوسف کي چيو تہ مون توکي جيئرو جاڳندو اچي ڏٺو آهي، سو هاڻي ڀلي تہ منهنجو موت اچي.</verse>
				<verse number="31">پوءِ يوسف پنهنجن ڀائرن، ۽ پنهنجي پيءُ جي خاندان کي چيو تہ آءٌ وڃي ٿو فرعون کي ٻڌايان تہ منهنجا ڀائر ۽ منهنجي پيءُ جو خاندان، جي ڪنعان جي ملڪ ۾ هئا، سي مون وٽ آيا آهن؛</verse>
				<verse number="32">۽ اهي ماڻهو ڌنار آهن، ڇالاءِ جو هنن ڌڻ پئي چاريا آهن، ۽ پنهنجا ڍور، ۽ ڌڻ، ۽ ٻيو بہ جيڪي وٽن هو، سو آندو اٿن.</verse>
				<verse number="33">۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن فرعون اوهان کي سڏيندو ۽ چوندو تہ اوهان جو ڌنڌو ڪهڙو آهي؟</verse>
				<verse number="34">تڏهن چئجوس تہ تنهنجا ٻانها اسين، ۽ اسان جا ابا ڏاڏا، ننڍپڻ کان وٺي مال چاريندا رهيا آهيون: تڏهن اوهين جشن جي زمين ۾ رهندا، ڇالاءِ جو مصر جا ماڻهو هر ڪنهن ڌنار کان نفرت ڪندا آهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="47">
				<verse number="1">تنهن کان پوءِ يوسف فرعون وٽ ويو، ۽ چيائينس تہ منهنجو پيءُ، ۽ منهنجا ڀائر، ۽ سندن ڍور، ۽ ڌڻ، ۽ ٻيو جيڪي وٽن آهي، تنهن سوڌا ڪنعان جي ملڪ مان آيا آهن؛ ۽ ڏس اهي جشن جي علائقي ۾ آهن.</verse>
				<verse number="2">۽ هو پنهنجن ڀائرن مان پنج ڄڻا پاڻ سان وٺي ويو، ۽ انهن کي فرعون وٽ حاضر ڪيائين.</verse>
				<verse number="3">تڏهن فرعون هن جي ڀائرن کان پڇيو تہ اوهان جو ڌنڌو ڪهڙو آهي؟ هنن فرعون کي چيو تہ اسين تنهنجا ٻانها ۽ اسان جا ابا ڏاڏا، ڌنار آهيون.</verse>
				<verse number="4">۽ هنن فرعون کي چيو تہ اسين هن ملڪ ۾ رهڻ آيا آهيون؛ ڇالاءِ جو ڪنعان جي ملڪ ۾ ڏاڍو ڏڪار آهي، ۽ تنهنجن ٻانهن جي ڌڻن لاءِ چارو ڪونهي؛ تنهنڪري هاڻي اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ پنهنجن ٻانهن کي جشن جي علائقي ۾ رهڻ جي موڪل ڏي.</verse>
				<verse number="5">تنهن تي فرعون يوسف کي چيو تہ تنهنجو پيءُ ۽ تنهنجا ڀائر تو وٽ آيا آهن:</verse>
				<verse number="6">مصر جو ملڪ تنهنجي اڳيان پيو آهي؛ جيڪا تمام چڱي زمين هجي، اتي پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ڀائرن کي ٽڪاءِ؛ ڀلي تہ هو جشن جي علائقي ۾ رهن: ۽ جي منجهن ڪي هوشيار ماڻهو هجن، تہ انهن کي منهنجو چوپايو مال سنڀالڻ لاءِ ڏي.</verse>
				<verse number="7">پوءِ يوسف پنهنجي پيءُ يعقوب کي وٺي آيو، ۽ آڻي فرعون جي اڳيان بيهاريائينس: ۽ يعقوب فرعون کي برڪت ڏني.</verse>
				<verse number="8">۽ فرعون يعقوب کان پڇيو تہ تنهنجي عمر ڪيترن ورهين جي آهي؟</verse>
				<verse number="9">۽ يعقوب فرعون کي چيو تہ منهنجي مسافريءَ جا ڏينهن هڪ سؤ ٽيهہ ورهيہ آهن: منهنجيءَ حياتيءَ جا ڏينهن ٿورا ۽ ڏکيا گذريا آهن، ۽ جيترا حياتيءَ جا ڏينهن منهنجن ابن ڏاڏن هن مسافريءَ ۾ گذاريا، اوترا ڏينهن اڃا منهنجا ڪين ٿيا آهن.</verse>
				<verse number="10">پوءِ يعقوب فرعون کي برڪت ڏيئي وٽانئس ٻاهر آيو.</verse>
				<verse number="11">۽ يوسف پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ڀائرن کي فرعون جي حڪم موجب مصر جي ملڪ ۾ تمام چڱي زمين، يعني رعمسيس جي زمين سندن قبضي ۾ ڏيئي، کين اتي رهايو.</verse>
				<verse number="12">۽ يوسف پنهنجي پيءُ، ۽ پنهنجي ڀائرن، ۽ پنهنجي سڄي خاندان کي، سندن ٻارن آهر کاڌو ڏيئي، سندن پرورش ڪئي.</verse>
				<verse number="13">انهيءَ ساري ملڪ ۾ کاڌو ڪونہ هو؛ ڇالاءِ جو ڏڪار تمام زور هو، ۽ ڏڪار جي ڪري مصر جي ملڪ جا، ۽ ڪنعان جي ملڪ جا ڏاڍا برا حال ٿيا.</verse>
				<verse number="14">۽ جيڪو اَن ماڻهن خريد پئي ڪيو، تنهن جي عيوض، جيترو پيسو مصر جي ملڪ ۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ هو، سو سڀ يوسف گڏ ڪري فرعون جي گهر ۾ کڻي آيو.</verse>
				<verse number="15">۽ جڏهن مصر جي ملڪ ۾، ۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ پيسو کٽي ويو، تڏهن مصر جا سڀيئي ماڻهو يوسف وٽ آيا ۽ چوڻ لڳا تہ اسان کي کاڌو ڏي: تنهنجي هوندي اسين ڇو مري وڃون؟ ڇالاءِ جو اسان جو پيسو کپي ويو آهي.</verse>
				<verse number="16">تڏهن يوسف چين تہ جيڪڏهن پيسو ڪونهي تہ پنهنجو چوپايو مال ڏيو؛ آءٌ اوهان جي چوپائي مال جي عيوض ۾ اوهان کي اَن ڏيندس.</verse>
				<verse number="17">تڏهن هو پنهنجو چوپايو مال يوسف وٽ وٺي آيا، ۽ يوسف انهن کي سندن گهوڙن، گڏهن، ڍورن ۽ ڌڻن جي عيوض کاڌو ڏنو: ۽ هن کين اهو سال سندن چوپائي مال جي عيوض ماني کارائي.</verse>
				<verse number="18">۽ جڏهن اهو سال پورو ٿيو، تڏهن ٻئي سال وري هو وٽس آيا ۽ چيائونس تہ اسين پنهنجي حاڪم کان اها ڳالهہ نٿا لڪايون تہ اسان جو پيسو سڀ کپي ويو آهي، ۽ چوپائي مال جا ڌڻ بہ سڀ سائينءَ جا ٿي ويا آهن؛ سائين جن جي نظر ۾ اسان جن سرن ۽ زمينن کان سواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين بچيو آهي.</verse>
				<verse number="19">اسين توڙي اسان جي زمين تنهنجي هوندي ڇو برباد ٿيون؟ اسان کي ۽ اسان جيءَ زمين کي کاڌي جي عيوض خريد ڪر: اسين پنهنجيءَ زمين سوڌو فرعون جا ٻانها ٿينداسين: اسان کي ٻج ڏي تہ اسين جيئرا رهون ۽ مري نہ وڃون، ۽ اسان جي زمين بہ ويران نہ ٿئي.</verse>
				<verse number="20">تڏهن يوسف مصر جي ساري زمين فرعون جي لاءِ خريد ڪئي؛ ڇالاءِ جو مصرين مان هر ڪنهن پنهنجي زمين وڪي، ڇو جو ڏڪار کين ڏاڍو هلاڪ ڪيو هو. اهڙيءَ طرح زمين بہ فرعون جي ٿي.</verse>
				<verse number="21">باقي رهيا ماڻهو، تن کي هن مصر جي هڪڙيءَ حد کان ٻيءَ حد تائين لڏائي شهرن ۾ آڻي وهاريو.</verse>
				<verse number="22">رڳو ڪاهنن جي زمين هن خريد ڪانہ ڪئي؛ ڇالاءِ جو ڪاهنن کي فرعون کان لوازمو ملندو هو، ۽ اهو جيڪو لوازمو فرعون انهن کي ڏيندو هو، سو هو کائيندا هئا؛ تنهنڪري هنن پنهنجي زمين ڪانہ وڪي.</verse>
				<verse number="23">پوءِ يوسف ماڻهن کي چيو تہ ڏسو، اڄ مون اوهان کي ۽ اوهان جيءَ زمين کي فرعون جي لاءِ خريد ڪيو آهي: اِجهو اوهان جي لاءِ ٻج موجود آهي. اوهين وڃي زمين پوکيو.</verse>
				<verse number="24">۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهين فصل کڻو، تڏهن پنجون حصو فرعون کي ڏجو، ۽ چار حصا ٻنيءَ جي ٻج لاءِ، ۽ اوهان جي کاڌي لاءِ، ۽ اوهان جي خاندان ۽ ٻارن ٻچن جي خوراڪ لاءِ، اوهان جا ٿيندا.</verse>
				<verse number="25">تڏهن هنن چيو تہ تو اسان جي حياتي بچائي آهي: هاڻي سائين جن اسان تي مهربانيءَ جي نظر رکي، ۽ اسين فرعون جا نوڪر ٿينداسين.</verse>
				<verse number="26">۽ يوسف مصر جي ملڪ لاءِ اهو قانون جاري ڪيو جو اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي، تہ فرعون کي پنجون حصو ملي؛ رڳو ڪاهنن جي زمين فرعون جي ڪانہ ٿي.</verse>
				<verse number="27">۽ اسرائيل مصر جي ملڪ ۾ جشن جي علائقي ۾ رهي پيو؛ ۽ اتي مال ملڪيت گڏ ڪيائون، ۽ وڌندا ويجهندا ويا.</verse>
				<verse number="28">يعقوب مصر جي ملڪ ۾ سترهن ورهيہ جيئرو رهيو: سو يعقوب جي سڄي عمر هڪ سؤ ستيتاليهہ ورهيہ ٿي.</verse>
				<verse number="29">نيٺ اسرائيل جي وفات جو وقت ويجهو آيو، تڏهن هن پنهنجي پٽ يوسف کي سڏي چيو تہ جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي، تہ ڀلائي ڪري پنهنجو هٿ منهنجيءَ ران جي هيٺان رک، ۽ مون سان مهربانيءَ ۽ سچائيءَ جي هلت ڪج، ۽ مون کي مصر ۾ دفن نہ ڪج.</verse>
				<verse number="30">پر جڏهن آءٌ وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن ۾ ملان، تڏهن مون کي مصر مان کڻي وڃج، ۽ هنن جي قبرستان ۾ وڃي دفن ڪج. تڏهن هن چيو تہ جيئن تون چوين ٿو تيئن ئي ڪندس.</verse>
				<verse number="31">تنهن تي هن چيو تہ انهيءَ جو مون سان قسم کڻ: ۽ هن ساڻس قسم کنيو. تڏهن اسرائيل پنهنجي هنڌ جي سيرانديءَ تي مٿو جهڪائي سجدو ڪيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="48">
				<verse number="1">انهن ڳالهين کان پوءِ هيئن ٿيو جو ڪنهن ماڻهوءَ يوسف کي چيو تہ ڏس، تنهنجو پيءُ بيمار آهي: تڏهن هو پنهنجا ٻئي پٽ منسي ۽ افرائيم پاڻ سان وٺي روانو ٿيو.</verse>
				<verse number="2">۽ ڪنهن ماڻهوءَ يعقوب کي خبر ڏني تہ ڏس، تنهنجو پٽ يوسف تو وٽ ٿو اچي: تڏهن اسرائيل همت جهلي هنڌ تي اُٿي ويٺو:</verse>
				<verse number="3">۽ يعقوب يوسف کي چيو تہ خدا قادر مطلق ڪنعان جي ملڪ ۾ لوز وٽ مون کي ڏيکاري ڏيئي برڪت ڏني،</verse>
				<verse number="4">۽ مون کي چيائين تہ ڏس، آءٌ توکي ڦلدار ڪندس ۽ توکي وڌائيندس، ۽ تو مان گهڻيون ئي قومون پيدا ڪندس، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين هميشہ جي لاءِ قبضي ۾ ڏيندس.</verse>
				<verse number="5">هاڻي تنهنجا ٻہ پٽ، جي آءٌ تو وٽ مصر جي ملڪ ۾ آيس تنهن کان اڳي تو مان پيدا ٿيا آهن، سي منهنجا آهن: جيئن روبن ۽ شمعون منهنجا آهن، تيئن افرائيم ۽ منسي بہ منهنجا ٿيندا.</verse>
				<verse number="6">۽ هنن کان پوءِ ٻيو جيڪو اولاد توکي ٿيندو، سو تنهنجو ئي ٿيندو؛ ۽ اهي پنهنجيءَ ميراث ۾ سندن ڀائرن جي نالن سان گڏيا ويندا.</verse>
				<verse number="7">باقي آءٌ، سو جڏهن فدان مان ٿي آيس، ۽ اڃا فرات کان ٿورو پرڀرو هوس، تہ اتي ڪنعان جي ملڪ ۾ منهنجي ڏسندي راخل واٽ ۾ ئي مري ويئي، ۽ مون کيس افرات، يعني بيت الحم جي رستي تي دفن ڪيو.</verse>
				<verse number="8">پوءِ اسرائيل يوسف جي پٽن کي ڏسي چيو تہ هي ڪير آهن؟</verse>
				<verse number="9">۽ يوسف پنهنجي پيءُ کي چيو تہ هي منهنجا پٽ آهن، جي خدا مون کي هتي ڏنا آهن. تڏهن هن چيو تہ انهن کي مون وٽ وٺي اچ تہ کين برڪت ڏيان.</verse>
				<verse number="10">هاڻي اسرائيل جي اکين ۾ ٻڍاپي جي ڪري اهڙو ڌنڌ هو، جو هو ڏسي نٿي سگهيو، تنهنڪري هو هنن کي وٽس ويجهو وٺي آيو. تڏهن هن کين چُميو ۽ ڀاڪر پاتائين.</verse>
				<verse number="11">پوءِ اسرائيل يوسف کي چيو تہ مون نٿي ڀانئيو تہ آءٌ تنهنجو منهن ڏسندس: پر ڏس، خدا مون کي تنهنجو اولاد بہ ڏيکاريو.</verse>
				<verse number="12">تڏهن يوسف انهن کي سندس گوڏن مان پري ڪيو، ۽ پاڻ زمين تي ڪنڌ جهڪايائين.</verse>
				<verse number="13">پوءِ يوسف افرائيم کي پنهنجي ساڄي هٿ سان وٺي اسرائيل جي کٻي هٿ ڏانهن آندو، ۽ منسيءَ کي پنهنجي کٻي هٿ سان وٺي اسرائيل جي ساڄي هٿ ڏانهن آندائين، انهيءَ طرح ٻنهي کي هن جي ويجهو وٺي آيو.</verse>
				<verse number="14">۽ اسرائيل پنهنجو ساڄو هٿ ڊگهيري افرائيم جي مٿي تي رکيو، جو ننڍو هو، ۽ پنهنجو کٻو هٿ منسيءَ جي مٿي تي رکيائين؛ هن ڄاڻي ٻجهي پنهنجا هٿ ائين ڪيا، جيتوڻيڪ منسي وڏو هو.</verse>
				<verse number="15">۽ هن يوسف کي برڪت ڏني ۽ چيائين تہ خدا، جنهن جي حضور ۾ منهنجو پيءُ اضحاق، ۽ منهنجو ڏاڏو ابرهام هلندا هئا ۽ اهوئي خدا، جنهن منهنجي ساريءَ عمر ۾ اڄ ڏينهن تائين منهنجي پرورش ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="16">۽ اهو فرشتو جنهن مون کي سڀني بڇڙاين کان بچايو آهي، سو شل هنن ڇوڪرن کي برڪت ڏئي، ۽ شل هي منهنجي، ۽ منهنجي ابي ڏاڏي ابرهام، ۽ اضحاق، جي نالي سڏجن؛ شل هو ڌرتيءَ جي وچ ۾ وڌي راڄ ٿين.</verse>
				<verse number="17">جڏهن يوسف ڏٺو تہ سندس پيءُ پنهنجو ساڄو هٿ افرائيم جي مٿي تي رکيو آهي، تڏهن ناراض ٿيو، ۽ پنهنجي پيءُ جو هٿ جهليائين تہ اهو افرائيم جي مٿي تان کڻي منسيءَ جي مٿي تي رکي.</verse>
				<verse number="18">۽ يوسف پنهنجي پيءُ کي چيو تہ بابا ائين ٿيڻ نہ گهرجي: پنهنجو ساڄو هٿ هن جي مٿي تي رک، ڇالاءِ جو هو وڏو آهي.</verse>
				<verse number="19">پر پڻس نہ مڃيو ۽ چيائين تہ آءٌ ڄاڻان ٿو، منهنجا پٽ آءٌ ڄاڻان ٿو: هي بہ وڌي راڄ ٿيندو، ۽ هي بہ بزرگ ٿيندو، پر سندس ننڍو ڀاءُ کانئس وڌيڪ ٿيندو، ۽ هن جي نسل مان گهڻيئي قومون نڪرنديون.</verse>
				<verse number="20">سو هن انهيءَ ڏينهن کين برڪت ڏني، ۽ چيائين تہ تنهنجي نالي اسرائيلي هيئن چئي برڪت ڏيندا، تہ شل خدا توکي افرائيم جهڙو ۽ منسيءَ جهڙو ڪري:</verse>
				<verse number="21">پوءِ اسرائيل يوسف کي چيو تہ ڏس هاڻ آءٌ مرڻ تي آهيان: پر خدا اوهان سان هوندو، ۽ اوهان کي وري پنهنجن ابن ڏاڏن جي ملڪ ۾ وٺي ويندو.</verse>
				<verse number="22">ٻيو تہ مون توکي تنهنجي ڀائرن کان هڪڙو حصو وڌيڪ ڏنو آهي، جو مون پنهنجيءَ ترار ۽ پنهنجيءَ ڪمان سان امورين کان ورتو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="49">
				<verse number="1">۽ يعقوب پنهنجن پٽن کي سڏي چيو تہ اوهين اچي گڏ ٿيو تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان تہ پوين ڏينهن ۾ اوهان سان ڇا ڇا ٿيندو.</verse>
				<verse number="2">اي يعقوب جو اولاد، اوهين اچي گڏ ٿيو ۽ ٻڌو، پنهنجي پيءُ اسرائيل جي ڳالهہ ڏانهن ڪن ڏيو.</verse>
				<verse number="3">اي روبن تون منهنجو وڏو پٽ آهين، منهنجي زور ۽ منهنجيءَ طاقت جو منڍ آهين؛ تون وڏي درجي ۽ وڏي زور وارو آهين.</verse>
				<verse number="4">تون پاڻيءَ وانگر بي قرار آهين، تنهنڪري توکي وڏائي حاصل نہ ٿيندي؛ ڇالاءِ جو تون پنهنجي پيءُ جي هنڌ تي چڙهي وئين، ۽ تو انهيءَ کي پليت ڪيو: هو منهنجي هنڌ تي چڙهي ويو.</verse>
				<verse number="5">شمعون ۽ لاوي ڀائر آهن، هنن جون تراريون ظلم جا هٿيار آهن.</verse>
				<verse number="6">اي منهنجا جيءَ، پنهنجي صلاح تي نہ هل؛ اي منهنجي بزرگي، هنن جي جماعت ۾ شامل نہ ٿي؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ڪاوڙ ۾ هڪڙي ماڻهوءَ کي قتل ڪيو، ۽ پنهنجيءَ مرضيءَ موجب هڪڙو ڍڳو گُڏي وڌو.</verse>
				<verse number="7">لعنت سندن ڪاوڙ تي، جا ڏاڍي تکي هئي، ۽ سندن غصي تي، جو تمام سخت هو. آءٌ هنن کي يعقوب ۾ ڌار ڪندس، ۽ اسرائيل ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="8">اي يهوداہ، تنهنجا ڀائر تنهنجي ساراهہ ڪندا: تنهنجو هٿ تنهنجن دشمنن جي ڳچيءَ تي رهندو؛ تنهنجي پيءُ جا پٽ تنهنجي اڳيان ڪنڌ نمائيندا.</verse>
				<verse number="9">يهوداہ شينهن جو ٻچو آهي؛ اي منهنجا پٽ، تون شڪار تان آيو آهين: هو شينهن وانگي ۽ شينهڻ وانگي ڇپ ماري ويٺو، ڪير هن کي اُٿاريندو؟</verse>
				<verse number="10">جيسين شيلوہ نہ ايندو، تيسين يهوداہ کان بادشاهي نہ ويندي، نڪي حڪومت جو عصو سندس پيرن هيٺان نڪري ويندو؛ ۽ قومون هن جي فرمانبرداري ڪنديون.</verse>
				<verse number="11">هو پنهنجو وڇيرو ڊاک سان، ۽ پنهنجو کودڙو عمديءَ ڊاک سان ٻڌندو؛ هو پنهنجا ڪپڙا مئي ۾ ڌوئندو، ۽ پنهنجي پوشاڪ انگور جي رس ۾:</verse>
				<verse number="12">هن جون اکيون مئي سان ڳاڙهيون ٿينديون ۽ سندس ڏند کير سان اڇا ٿيندا.</verse>
				<verse number="13">زبولون سمنڊ جي ڪناري تي رهندو، هو جهازن جي بندرگاهہ ٿيندو؛ ۽ سندس سرحد صيدا تائين وڃي پهچندي.</verse>
				<verse number="14">اشڪار هڪڙو مضبوط گڏهہ آهي، جو رڍن جي واڙن جي وچ ۾ ويٺو آهي.</verse>
				<verse number="15">جڏهن هو هڪڙي چڱي آرامگاهہ ۽ دلپسند زمين ڏسندو، تڏهن هو بار کڻڻ لاءِ ڪلهو جهڪائيندو ۽ ڍل ڀريندڙ نوڪر ٿيندو.</verse>
				<verse number="16">دان اسرائيل جي قبيلن مان هڪڙي وانگر پنهنجن ماڻهن جي عدالت ڪندو.</verse>
				<verse number="17">دان، واٽ جي نانگ ۽ رستي جي سپ جهڙو ٿيندو، ۽ گهوڙي جي کڙين کي اهڙو ڏنگ هڻندو، جو سندس سوار پٺتي ڪري پوندو.</verse>
				<verse number="18">اي خداوند، آءٌ تنهنجي نجات جو منتظر آهيان.</verse>
				<verse number="19">جد تي هڪڙي فوج حملو ڪندي، پر نيٺ هو غالب پوندو.</verse>
				<verse number="20">آشر مان سندس سڻڀي ماني پيدا ٿيندي، ۽ هو شاهي طعام موجود ڪري ڏيندو.</verse>
				<verse number="21">نفتالي هڪڙي ڇڙواڳ هرڻ وانگي آهي: جو مٺيون مٺيون ڳالهيون ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="22">يوسف هڪڙو ڦلدار ٻوٽو آهي، اهڙو ڦلدار جو چشمي جي ڀرسان بيٺل هجي؛ ۽ هن جون ٽاريون ڀت تي چڙهي ويون آهن.</verse>
				<verse number="23">تير اندازن هن کي ڏاڍو هلاڪ ڪيو ۽ کيس تير هڻي ڏکويو اٿن:</verse>
				<verse number="24">پر هن جي ڪمان زور جهلي بيٺي، ۽ هن جي هٿن ۽ ٻانهن کي يعقوب جي قادر جي هٿن کان طاقت ملي. انهيءَ مان اهو ڌنار نڪرندو، جو اسرائيل جو ٽڪر آهي.</verse>
				<verse number="25">هي تنهنجي پيءُ جي خدا جي حڪم سان، ۽ انهيءَ قادر مطلق جي حڪم سان ٿيندو، جو تنهنجي مدد ڪندو، ۽ توکي مٿان آسمان جون برڪتون ڏيندو، ۽ هيٺان اونهي سمنڊ جون برڪتون ڏيندو، ۽ ڇاتين جون، ۽ رحمن جون برڪتون ڏيندو.</verse>
				<verse number="26">تنهنجي پيءُ جون دعائون، منهنجي وڏن جي دعائن کان ايترو تہ وڌيڪ آهن، جو هميشہ قائم رهندڙ جبلن جي مٿانهينءَ چوٽيءَ تائين وڃي پهتيون آهن: اهي يوسف جي مٿي تي، بلڪ سندس مٿي جي چوٽيءَ تي رهنديون، جو پنهنجن ڀائرن کان ڌار ڪيو ويو.</verse>
				<verse number="27">بنيمين هڪڙو بگهڙ آهي، جو ڦاڙيندو وتي: هو صبح جو شڪار کائيندو، ۽ سانجهيءَ جو لٽ جو مال ورهائيندو.</verse>
				<verse number="28">اهي سڀ اسرائيل جا ٻارهن قبيلا آهن، ۽ سندن پيءُ جيڪي کين ٻڌايو ۽ جيڪي برڪتون ڏنائين سي اُهي ئي آهن؛ هر ڪنهن کي پنهنجيءَ پنهنجيءَ برڪت موجب برڪت ڏنائين.</verse>
				<verse number="29">۽ هن کين تاڪيد ڪري چيو تہ هاڻي آءٌ وڃي پنهنجن ۾ گڏبس: مون کي منهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ انهيءَ غار ۾ دفن ڪجو، جيڪو عفرون حتيءَ جي ٻنيءَ ۾ آهي.</verse>
				<verse number="30">يعني انهيءَ غار ۾، جو ڪنعان جي ملڪ ۾ ممريءَ جي سامهون مڪفيلہ جي ٻنيءَ ۾ آهي. جو ابرهام ٻنيءَ سوڌو عفرون حتيءَ کان قبرستان جي لاءِ خريد ڪري انهي جو قبضو ورتو.</verse>
				<verse number="31">اتي هنن ابرهام ۽ سندس زال سارہ کي دفن ڪيو، ۽ اتي هنن اسحاق ۽ سندس زال ربقہ کي دفن ڪيو، ۽ اتي مون لياہ کي دفن ڪيو،</verse>
				<verse number="32">يعني انهيءَ ٻنيءَ واري غار ۾، جيڪو حت جي پٽن کان خريد ڪيو ويو هو.</verse>
				<verse number="33">جڏهن يعقوب پنهنجن پٽن کي وصيت ڪري رهيو، تڏهن هن پنهنجون ٽنگون هنڌ ۾ ڊگهيريون ۽ ساهہ ڏنائين، ۽ وڃي پنهنجن ۾ گڏيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="50">
				<verse number="1">تڏهن يوسف پنهنجي پيءُ تي ڪري روئڻ لڳو، ۽ کيس چميائين.</verse>
				<verse number="2">۽ جيڪي طبيب يوسف وٽ نوڪر هئا، تن کي حڪم ڏيئي چيائين تہ منهنجي پيءُ کي سرهاڻيون لايو: ۽ طبيبن اسرائيل کي سرهاڻ سان ڀريو.</verse>
				<verse number="3">انهيءَ ۾ چاليهہ ڏينهن گذري ويا؛ ڇالاءِ جو سرهاڻ لائڻ ۾ ايترا ڏينهن لڳندا آهن: ۽ مصر جي ماڻهن هن جي لاءِ ستر ڏينهن ماتم ڪيو.</verse>
				<verse number="4">جڏهن هن جي ماتم جا ڏينهن پورا ٿيا، تڏهن يوسف فرعون جي گهر وارن کي چيو تہ هاڻي، جيڪڏهن مون تي اوهان جي مهربانيءَ جي نظر آهي، تہ ڀلائي ڪري هيءَ ڳالهہ فرعون جي ڪن تي وجهو ۽ چئوس</verse>
				<verse number="5">تہ منهنجي پيءُ مون کي قسم کڻائي چيو هو تہ ڏس، آءٌ مران ٿو ۽ جيڪا قبر مون پنهنجي لاءِ ڪنعان جي ملڪ ۾ کڻائي ڇڏي آهي؛ تنهن ۾ اوهين مون کي دفن ڪجو. تنهنڪري آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان، تہ مون کي موڪل ڏي، تہ وڃي پنهنجي پيءُ کي دفن ڪريان. پوءِ آءٌ موٽي ايندس.</verse>
				<verse number="6">تڏهن فرعون چيو تہ جيئن تنهنجي پيءُ توکي قسم کڻائي چيو آهي، تيئن وڃي دفن ڪرينس.</verse>
				<verse number="7">تڏهن يوسف پنهنجي پيءُ کي دفن ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو: ۽ ساڻس گڏ فرعون جا سڀ نوڪر، ۽ هن جي گهر جا بزرگ، ۽ مصر جي ملڪ جا سڀ وڏيرا،</verse>
				<verse number="8">۽ يوسف جي گهر جا سڀيئي ماڻهو، ۽ سندس ڀائر، ۽ سندس پيءُ جي گهر جا سڀ ڀاتي گڏجي هليا: فقط هنن پنهنجا ٻار، ۽ پنهنجا ڍور، ۽ پنهنجا ڌڻ، جشن جي زمين ۾ ڇڏيا.</verse>
				<verse number="9">۽ سواريءَ جون گاڏيون ۽ گهوڙي سوار بہ ساڻس گڏ ويا:</verse>
				<verse number="10">مڙئي تہ ڏاڍي وڏي جماعت هئي. ۽ جڏهن اهي اتد جي هلر وٽ آيا، جو يردن جي پرينءَ ڀر آهي، تڏهن اتي هنن ڏاڍي زور سان رنو؛ ۽ اتي هن پنهنجي پيءُ جي لاءِ ست ڏينهن ماتم ڪيو.</verse>
				<verse number="11">جڏهن ڪنعان ملڪ جي ماڻهن اهو اتد جي هلر وارو ماتم ڏٺو، تڏهن چوڻ لڳا تہ هي مصرين جو سخت ماتم آهي: تنهنڪري انهيءَ هنڌ جو نالو ابيل مصرئيم پئجي ويو، جو يردن جي پرينءَ ڀر آهي.</verse>
				<verse number="12">سو جيئن هن کين حڪم ڏنو هو، تيئن سندس پٽن ساڻس ڪيو؛</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو سندس پٽ کيس ڪنعان جي ملڪ ۾ کڻي ويا، ۽ کيس مڪفيلہ جي ٻنيءَ واري غار ۾ دفن ڪيائون، جو ابرهام ٻنيءَ سوڌو، ممريءَ جي سامهون، عفرون حتيءَ کان قبرستان جي لاءِ خريد ڪري پنهنجي قبضي ۾ آندو هو.</verse>
				<verse number="14">پوءِ يوسف پاڻ، ۽ سندس ڀائر، ۽ ٻيا جيڪي سندس پيءُ کي دفن ڪرڻ لاءِ ساڻس گڏ ويا هئا، سي پڻس کي دفن ڪري موٽي مصر ۾ آيا،</verse>
				<verse number="15">هاڻي جڏهن يوسف جي ڀائرن ڏٺو تہ اسان جو پيءُ مري ويو آهي، تڏهن چوڻ لڳا تہ شايد هاڻي يوسف اسان سان دشمني ڪندو، ۽ جيڪا بڇڙائي اسان هن سان ڪئي آهي، تنهن جو اسان کان پوريءَ طرح بدلو وٺندو.</verse>
				<verse number="16">تنهنڪري هنن يوسف ڏانهن هڪڙو پيغام موڪليو، ۽ چيائونس تہ تنهنجي پيءُ مرڻ کان اڳ ۾ هي حڪم ڏنو هو،</verse>
				<verse number="17">تہ اوهين يوسف کي چئجو تہ هاڻي ڀلائي ڪري پنهنجن ڀائرن جو قصور ۽ سندن گناهہ معاف ڪج؛ ڇالاءِ جو هنن توسان بڇڙائي ڪئي هئي: سو هاڻ اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ پنهنجي پيءُ جي خدا جي ٻانهن جا گناهہ معاف ڪر. ۽ جڏهن هنن يوسف کي ائين چيو تڏهن هن روئي ڏنو.</verse>
				<verse number="18">۽ سندس ڀائر بہ وڃي سندس پيرن تي ڪري پيا ۽ چوڻ لڳا تہ ڏس، اسين تنهنجا نوڪر آهيون.</verse>
				<verse number="19">تڏهن يوسف کين چيو تہ ڊڄو نہ، آءٌ ڪو خدا آهيان ڇا؟</verse>
				<verse number="20">باقي اوهان برابر مون سان برائي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر خدا کي انهيءَ مان ڀلائي ڪرڻي هئي، ۽ ائين ئي ڪرڻو هوس، جيئن اڄ ٿيو آهي، جو گهڻن ماڻهن جي حياتي بچي پيئي.</verse>
				<verse number="21">تنهنڪري هاڻي اوهين ڊڄو نہ، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي ٻارن کي سنڀاليندو رهندس. پوءِ هنن کي دلداري ڏنائين، ۽ ساڻن پيار سان ڳالهايائين.</verse>
				<verse number="22">۽ يوسف پاڻ ۽ سندس پيءُ جو خاندان مصر ۾ رهڻ لڳا: ۽ يوسف هڪ سؤ ڏهہ ورهيہ جيئرو رهيو.</verse>
				<verse number="23">۽ يوسف افرائيم جي ٽينءَ پيڙهيءَ وارا ٻار بہ ڏٺا: ۽ منسيءَ جي پٽ مڪير جا ٻار بہ يوسف جي هنج ۾ نپنا.</verse>
				<verse number="24">نيٺ يوسف پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ هاڻ آءٌ مرڻ تي آهيان: پر خدا ضرور اوهان جي سار لهندو، ۽ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي، انهيءَ ملڪ ۾ نيندو: جنهن جو هن ابرهام سان، ۽ اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.</verse>
				<verse number="25">۽ يوسف بني اسرائيل کان قسم کڻائي کين چيو تہ خدا ضرور اوهان جي سار لهندو، پوءِ اوهين منهنجا هڏا هتان کڻي وڃجو.</verse>
				<verse number="26">انهيءَ طرح يوسف هڪ سؤ ڏهن ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي: ۽ هنن کيس سرهاڻيون لائي پيتيءَ ۾ وجهي مصر ۾ رکيو.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="2">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">هاڻي اسرائيل جا پٽ، جي مصر مان آيا، تن جا نالا هي آهن، سڀ ڪو پنهنجي خاندان سوڌو يعقوب سان گڏجي آيو.</verse>
				<verse number="2">روبن، شمعون، لاوي، يهوداہ،</verse>
				<verse number="3">اشڪار، زبولون، بنيمين،</verse>
				<verse number="4">دان، نفتالي، جد ۽ آشر.</verse>
				<verse number="5">سڀيئي ٻار جي يعقوب مان پيدا ٿيا هئا سي ستر ڄڻا هئا؛ ۽ يوسف اڳيئي مصر ۾ هو.</verse>
				<verse number="6">پوءِ يوسف ۽ سندس ڀائر، ۽ اها سڄي پيڙهي فوت ٿي ويئي.</verse>
				<verse number="7">پر اسرائيل جو اولاد ڦلدار ٿيندو، ۽ گهڻو وڌندو ويو؛ ۽ نهايت طاقت وارو ٿيو؛ ۽ اهو ملڪ ساڻن ڀرجي ويو.</verse>
				<verse number="8">پوءِ مصر تي هڪڙو نئون بادشاهہ حڪومت ڪرڻ لڳو، جو يوسف کي ڪونہ سڃاڻندو هو.</verse>
				<verse number="9">انهيءَ پنهنجن ماڻهن کي چيو تہ ڏسو، بني اسرائيل جي قوم اسان کان شمار ۽ زور ۾ گهڻي وڌي ويئي آهي.</verse>
				<verse number="10">تنهنڪري اچو تہ ساڻن هوشياريءَ سان هلون، متان اُهي اڃا بہ وڌي وڃن، ۽ پوءِ جڏهن ڪا جنگ لڳي، تڏهن اهي وڃي اسان جي دشمن سان گڏجن ۽ اسان سان وڙهن، ۽ هن ملڪ مان نڪري وڃن.</verse>
				<verse number="11">سو هنن کين پيڙڻ لاءِ مٿن مقدم مقرر ڪيا تہ انهن کي بيگر ۾ وهائين؛ ۽ انهن فرعون جي لاءِ انبار جا شهر، پتوم ۽ رعمسيس اڏايا.</verse>
				<verse number="12">پر جيئن جيئن هو کين وڌيڪ تڪليف ڏيڻ لڳا، تيئن تيئن اهي وڌندا ۽ پکڙجندا ويا. ۽ مصري بني اسرائيل جي ڪري ڏاڍا رنج ٿيڻ لڳا.</verse>
				<verse number="13">تڏهن هو بني اسرائيلين کان سخت پورهيو ڪرائڻ لڳا:</verse>
				<verse number="14">۽ انهن کان گاري ۽ سرن جو ڪم، ۽ سڀ ڪنهن قسم جي پوک جو ڪم، سخت محنت سان ڪرائي، کين سندن حياتيءَ کان بيزار ڪري ڇڏيائون: جيڪو بہ پورهيو انهن کان ڪرايائون ٿي، سو تمام سختيءَ سان ٿي ڪرايائون.</verse>
				<verse number="15">پوءِ مصر جي بادشاهہ عبراني داين کي پاڻ وٽ سڏايو، جن مان هڪڙيءَ جو نالو سفرہ ۽ ٻيءَ جو فوعہ هو؛</verse>
				<verse number="16">۽ کين حڪم ڏيئي چيائين تہ جڏهن اوهين عبراني زالن کي ويم ڪرايو، تڏهن ويم جي هنڌ تي نگاهہ رکجو، جي پٽ ڄمي تہ انهيءَ کي ماري ڇڏجو، ۽ جي ڌيءَ ڄمي تہ انهيءَ کي جيئرو ڇڏجو.</verse>
				<verse number="17">پر دايون خدا کان ڊنيون ۽ جيئن مصر جي بادشاهہ حڪم ڏنو هون، تيئن نہ ڪيائون: ۽ پٽن کي بہ جيئرو ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="18">تڏهن مصر جي بادشاهہ داين کي پاڻ وٽ گهرائي کين چيو تہ اوهان ڇو اهڙو ڪم ڪيو، ۽ ڇو پٽن کي بہ جيئرو ڇڏيو اٿوَ.</verse>
				<verse number="19">تنهن تي داين فرعون کي چيو تہ عبراني زالون، مصري زالن جهڙيون نہ آهن، هو همت واريون آهن، ۽ داين جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي ويم ڪيو ڇڏين.</verse>
				<verse number="20">انهيءَ ڪري خدا داين سان ڀلائي ڪئي؛ ۽ اهي ماڻهو وڌندا ۽ زور وارا ٿيندا ويا.</verse>
				<verse number="21">۽ هيئن ٿيو تہ داين کي جو خدا جو خوف هو، تنهنڪري هن سندن گهر آباد ڪيا.</verse>
				<verse number="22">پوءِ فرعون پنهنجن سڀني ماڻهن کي تاڪيد ڪري چيو تہ عبرانين ۾ جيڪو پٽ ڄمي تنهن کي درياهہ ۾ اُڇلايو، ۽ جيڪا ڌيءَ ڄمي تنهن کي جيئري ڇڏيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">پوءِ لاويءَ جي فرقي جي هڪڙي ماڻهوءَ، ساڳئي فرقي جي هڪڙيءَ ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي.</verse>
				<verse number="2">۽ اها زال حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس؛ ۽ هن ٻار کي سهڻو ڏسي، ٽن مهينن تائين لڪائي رکيو.</verse>
				<verse number="3">پر جڏهن کيس وڌيڪ لڪائي نہ سگهي، تڏهن انهيءَ جي لاءِ ڪانن جو هڪڙو کارو کڻي، انهيءَ کي چيڪي مٽي ۽ ڏامر لڳايائين؛ پوءِ اهو ٻار انهي ۾ رکي، اهو کارو درياهہ جي ڪپ تي ٻوڙن ۾ رکي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="4">۽ انهيءَ ٻار جي ڀيڻ پري کان بيهي ڏسڻ لڳي تہ هن سان ڇا ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="5">انهيءَ وقت فرعون جي ڌيءَ درياهہ تي وهنجڻ آئي، ۽ سندس ٻانهيون درياهہ جي ڪناري تي گهمڻ لڳيون؛ ۽ هن ٻوڙن ۾ اهو کارو ڏٺو ۽ پنهنجيءَ ٻانهيءَ کي موڪليائين تہ اهو کڻي اچي.</verse>
				<verse number="6">۽ جڏهن هن اهو کوليو، تڏهن ٻار ڏٺائين ۽ ڏسو، ٻار روئڻ لڳو. تنهن تي هن کي مٿس ڪهل آئي، ۽ چوڻ لڳي تہ هي ڪنهن عبرانيءَ جو ٻار آهي.</verse>
				<verse number="7">تڏهن هن جي ڀيڻ فرعون جي ڌيءَ کي چيو تہ جي تون چوين تہ آءٌ وڃي عبراني زالن مان ڪا دائي سڏي اچان، تہ اها تنهنجي لاءِ هن ٻار کي کير پياري؟</verse>
				<verse number="8">۽ فرعون جي ڌيءَ چيس تہ ڀلي وڃ. تڏهن اها ڇوڪري وڃي انهيءَ ٻار جي ماءُ کي سڏي آئي،</verse>
				<verse number="9">۽ فرعون جي ڌيءَ هن کي چيو تہ هن ٻار کي کڻي وڃي منهنجي طرفان نپاءِ، آءٌ توکي انهيءَ جو اُجورو ڏينديس. سو اها زال انهيءَ ٻار کي کڻي ويئي ۽ وڃي نپايائينس.</verse>
				<verse number="10">پوءِ جڏهن ٻار وڏو ٿيو، تڏهن هوءَ کيس فرعون جي ڌيءَ وٽ وٺي آئي، ۽ اهو سندس پٽ ٿيو؛ ۽ هن انهيءَ جو نالو موسيٰ رکيو، جو چيائين تہ مون هن کي پاڻيءَ مان ڪڍيو آهي.</verse>
				<verse number="11">پوءِ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ وڏو ٿيو، تڏهن ٻاهر پنهنجن ڀائرن وٽ ويو ۽ انهن جون تڪليفون ڏٺائين؛ ۽ ڏٺائين تہ هڪڙو مصري، سندس ڀائرن مان هڪڙي عبرانيءَ کي پيو ماري.</verse>
				<verse number="12">تنهن تي هن هيڏانهن هوڏانهن نگاهہ ڪئي، ۽ جڏهن ڏٺائين تہ ٻيو ڪو ماڻهو ڪونهي، تڏهن انهيءَ مصريءَ کي ماري وڌائين، ۽ واريءَ ۾ لڪائي ڇڏيائينس.</verse>
				<verse number="13">وري ٻئي ڏينهن جڏهن هو ٻاهر نڪتو، تڏهن ٻن عبرانين کي پاڻ ۾ وڙهندو ڏٺائين؛ ۽ انهن مان جيڪو ناحق تي هو، تنهن کي چيائين تہ تون پنهنجي سنگتيءَ کي ڇو ٿو مارين؟</verse>
				<verse number="14">هن چيو تہ ڪنهن توکي اسان جي مٿان سردار يا منصف مقرر ڪيو آهي؟ تون مون کي بہ انهيءَ مصريءَ وانگر مارڻ ٿو چاهين ڇا؟ تنهن تي موسيٰ ڊنو، ۽ چوڻ لڳو تہ ضرور اها ڳالهہ ظاهر ٿي آهي.</verse>
				<verse number="15">هاڻي جڏهن فرعون اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن موسيٰ کي مارائڻ جو ارادو ڪيائين، پر موسيٰ، فرعون جي منهن تان ٽري ڀڄي ويو ۽ وڃي مديان جي ملڪ ۾ رهڻ لڳو؛ ۽ هڪڙي کوهہ وٽ وڃي ويٺو.</verse>
				<verse number="16">هاڻي مديان جي ڪاهن کي ست ڌيون هيون؛ ۽ اهي اتي آيون ۽ پنهنجي پيءُ جي ڍورن کي پاڻي پيارڻ لاءِ پاڻي ڪڍي حوضن ۾ ڀريائون.</verse>
				<verse number="17">پر ٻين ڌنارن اچي انهن کي هڪالي ڪڍيو، تڏهن موسيٰ اٿي سندن مدد ڪئي، ۽ سندن ڌڻ کي پاڻي پياريائين.</verse>
				<verse number="18">۽ جڏهن هو پنهنجي پيءُ رعوايل وٽ آيون، تڏهن هن پڇين تہ اڄ اوهين ايترو جلد ڪيئن آيون آهيو؟</verse>
				<verse number="19">هنن چيو تہ هڪڙي مصريءَ اسان کي ڌنارن جي هٿان ڇڏايو، ۽ وري اسان جي لاءِ پاڻي ڪڍي ڌڻ کي پياريائين.</verse>
				<verse number="20">تڏهن هن پنهنجين ڌيئرن کي چيو تہ اهو ماڻهو ڪٿي آهي، اوهين ڇو انهيءَ کي ڇڏي آيون آهيو؟ سڏي اچوس تہ ماني کائي.</verse>
				<verse number="21">پوءِ موسيٰ انهيءَ ماڻهوءَ جي گهر ۾ رهڻ لاءِ راضي ٿيو، ۽ هن پنهنجي ڌيءَ صفورہ موسيٰ کي ڏني.</verse>
				<verse number="22">۽ انهيءَ کي هڪڙو پٽ ڄائو، جنهن جو نالو جيرشوم رکيائين؛ ڇالاءِ جو هن چيو تہ آئون غير ملڪ ۾ مسافر آهيان.</verse>
				<verse number="23">۽ ڳچ ڏينهن گذرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو مصر جو بادشاهہ مري ويو، ۽ بني اسرائيل غلاميءَ جي ڪري آهون ڀرڻ ۽ روئڻ لڳا، ۽ هنن جو روئڻ، جو غلاميءَ جي مصيبت ڪري هو، سو خدا تائين پهتو.</verse>
				<verse number="24">۽ خدا هنن جون دانهون ٻڌيون، ۽ خدا جيڪو عهد، ابرهام سان، ۽ اسحاق سان، ۽ يعقوب سان ڪيو هو، سو ياد ڪيائين.</verse>
				<verse number="25">۽ خدا بني اسرائيل تي نظر ڪئي ۽ سندن سار لڌائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">هاڻي موسيٰ پنهنجي سهري يترو جا ڌڻ چاريندو هو، جو مديان جو ڪاهن هو؛ ۽ هو ڌڻ کي بيابان جي پرئين پاسي وٺي ويو، ۽ خدا جي جبل حورب وٽ آيو.</verse>
				<verse number="2">اتي هن کي هڪڙي ٻوڙي جي وچ ۾ خدا جو فرشتو باهہ ۾ ڏسڻ ۾ آيو؛ ۽ هن نهاريو ۽ ڏٺائين تہ ٻوڙي ۾ باهہ پيئي ٻري، تڏهن بہ ٻوڙو سڙي رک نٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="3">تڏهن موسيٰ چيو تہ هاڻي آءٌ ويجهو وڃي هي وڏو نظارو ڏسان تہ ڇو هي ٻوڙو سڙي رک نٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="4">۽ جڏهن خداوند ڏٺو تہ هو ڏسڻ لاءِ ويجهو ٿو اچي، تڏهن خدا ٻوڙي منجهان کيس سڏي چيو تہ موسيٰ، موسيٰ، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.</verse>
				<verse number="5">تڏهن هن چيو تہ هتي ويجهو نہ اچ؛ پنهنجن پيرن مان جتي لاهہ، ڇالاءِ جو اهو هنڌ جتي تون بيٺو آهين، سا پاڪ زمين آهي.</verse>
				<verse number="6">وري هيئن بہ چيائينس تہ آءٌ تنهنجي پيءُ جو خدا، ابرهام جو خدا، اسحاق جو خدا، ۽ يعقوب جو خدا آهيان. تڏهن موسيٰ پنهنجو منهن کڻي لڪايو، ڇو جو هو خدا ڏانهن نهارڻ کان ڊنو ٿي.</verse>
				<verse number="7">۽ خداوند چيس تہ منهنجي اُمت، جا مصر ۾ آهي، تنهن جي مصيبت مون ڏٺي آهي، ۽ سندن مقدمن جي سختيءَ جي ڪري سندن دانهن ٻڌي اٿم؛ مون کي هنن جي ڏکن جي خبر آهي،</verse>
				<verse number="8">۽ آءٌ انهيءَ لاءِ نازل ٿيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان، ۽ کين هن ملڪ مان ڪڍي، ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ نيان؛ جتي کير ۽ ماکي پيئي وهندي هجي؛ يعني ڪنعانين، حتين، امورين،</verse>
				<verse number="9">فريزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾، سو هاڻي ڏس، بني اسرائيل جي دانهن مون تائين پهتي آهي ۽ جيڪو ظلم مصري هنن سان ڪري رهيا آهن، سو بہ ڏٺو اٿم.</verse>
				<verse number="10">تنهنڪري هاڻي اچ تہ آءٌ توکي فرعون ڏانهن موڪليان تہ تون منهنجي اُمت بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي اچين.</verse>
				<verse number="11">تڏهن موسيٰ، خدا کي چيو تہ آءٌ ڪير آهيان جو فرعون وٽ وڃان ۽ بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي اچان؟</verse>
				<verse number="12">تڏهن هن چيو تہ يقين ڪري ڄاڻ تہ آءٌ تو ساڻ هوندس؛ ۽ مون توکي موڪليو آهي تنهنجي هيءَ نشاني ٿيندي: تہ جڏهن تون انهن ماڻهن کي مصر مان ڪڍي ايندين، تڏهن هن جبل تي خدا جي عبادت ڪندين.</verse>
				<verse number="13">تڏهن موسيٰ خدا کي چيو تہ ڏس، جڏهن آءٌ بني اسرائيل وٽ ويندس ۽ چوندوسان تہ اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي، تڏهن هو مون کي چوندا تہ انهيءَ جو نالو ڇا آهي؟ پوءِ آءٌ انهن کي ڇا چوان؟</verse>
				<verse number="14">تڏهن خدا موسيٰ کي چيو تہ آءٌ جيڪو آهيان سو آهيان. ۽ چيائينس تہ تون بني اسرائيل کي هيئن چئج تہ جيڪو آهي تنهن مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي.</verse>
				<verse number="15">وري خدا موسيٰ کي هيئن بہ چيو، تہ تون بني اسرائيل کي چئج تہ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا، ابرهام جي خدا، اسحاق جي خدا، ۽ يعقوب جي خدا، مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي: سدائين منهنجو نالو اهو ئي آهي، ۽ سڀني پيڙهين جي لاءِ منهنجو اهو ئي يادگار آهي.</verse>
				<verse number="16">هاڻي تون وڃ ۽ وڃي اسرائيل جي بزرگن کي گڏ ڪري کين چئُہ تہ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا، ابرهام جي خدا، اسحاق جي خدا، ۽ يعقوب جي خدا، مون کي ڏيکاري ڏيئي چيو آهي، تہ سچ پچ مون اوهان جي سار لڌي آهي، ۽ مصر ۾ جيڪي اوهان سان ٿي رهيو آهي سو ڏٺو اٿم؛</verse>
				<verse number="17">۽ مون چيو آهي تہ اوهان کي مصر جي مصيبت مان ڪڍي، ڪنعانين، حتين، امورين، فريزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي.</verse>
				<verse number="18">۽ اهي تنهنجي ڳالهہ ٻڌندا؛ پوءِ تون ۽ اسرائيل جا بزرگ مصر جي بادشاهہ وٽ وڃجو، ۽ چئجوس تہ خداوند، عبرانين جو خدا، اسان کي گڏيو آهي؛ سو هاڻي اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ اسان کي ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃڻ ڏي، تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيون.</verse>
				<verse number="19">۽ مون کي خبر آهي تہ مصر جو بادشاهہ اوهان کي وڃڻ جي موڪل ڪين ڏيندو، جيسين زبردستيءَ سان وڃڻ نہ ڏي.</verse>
				<verse number="20">پر آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيريندس، ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي عجيب ڪم ڪندس، تن سان انهيءَ کي ماريندس، تنهن کان پوءِ هو اوهان کي وڃڻ ڏيندو.</verse>
				<verse number="21">۽ آءٌ هن اُمت کي مصرين جي نظر ۾ عزت ڏيندس؛ ۽ جڏهن اوهين نڪرندا، تڏهن خالي هٿين ڪين نڪرندا.</verse>
				<verse number="22">پر اوهان جي هرڪا زال پنهنجيءَ پاڙي واريءَ کان، ۽ جيڪا سندس گهر ۾ ٽڪيل هوندي، تنهن کان چانديءَ ۽ سون جا زيور ۽ ڪپڙا گهري وٺندي، ۽ اهي اوهين پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن کي پهرائيندا، ۽ ائين مصرين کي لٽي ڇڏيندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">تڏهن موسيٰ ورندي ڏيئي چيو تہ ڏس، هو مون تي اعتبار ڪين آڻيندا، نڪي منهنجي ڳالهہ مڃيندا؛ ڇالاءِ جو هو چوندا تہ خدا توکي ڏيکاري ڪانہ ڏني آهي.</verse>
				<verse number="2">تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ تنهنجي هٿ ۾ ڇا آهي؟ هن چيو تہ لٺ آهي.</verse>
				<verse number="3">تڏهن چيائينس تہ اها زمين تي اُڇلاءِ. ۽ هن اها زمين تي اُڇلائي تہ نانگ ٿي پيئي، ۽ هو انهي وٽان اُٿي ڀڳو.</verse>
				<verse number="4">تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ پنهنجو هٿ ڊگهيري هن کي پڇ کان جهل: (هن پنهنجو هٿ ڊگهيري هن کي پڇ کان جهليو، تہ اهو سندس هٿ ۾ لٺ ٿي پيو.)</verse>
				<verse number="5">هي انهيءَ لاءِ ٿيو تہ هو اعتبار ڪن تہ خداوند انهن جي ابن ڏاڏن جي خدا، ابرهام جي خدا، اسحاق جي خدا، ۽ يعقوب جي خدا توکي ڏيکاري ڏني آهي.</verse>
				<verse number="6">وري خداوند هيئن بہ چيس تہ هاڻي پنهنجو هٿ پنهنجيءَ ڇاتيءَ تي رک. هن پنهنجو هٿ ڇاتيءَ تي رکيو، ۽ جڏهن اهو ٻاهر ڪڍيائين، تڏهن ڏسي تہ سندس هٿ ڪوڙهہ سان ڀرجي برف جهڙو اڇو ٿي پيو آهي.</verse>
				<verse number="7">پوءِ چيائينس تہ وري پنهنجو هٿ ڇاتيءَ تي رک. (هن وري پنهنجو هٿ ڇاتيءَ تي رکيو، ۽ جڏهن اهو پنهنجيءَ ڇاتيءَ تان ٻاهر ڪڍيائين تڏهن ڏسي تہ اهو بدلجي اهڙو ٿي پيو جهڙو سندس باقي بدن هو.)</verse>
				<verse number="8">۽ چيائينس تہ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن اهي تو تي اعتبار نہ ڪندا، ۽ پهرئين معجزي کي نہ مڃيندا تہ ٻئي معجزي تي ضرور اعتبار ڪندا.</verse>
				<verse number="9">۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هو انهن ٻنهي معجزن تي اعتبار نہ ڪندا ۽ تنهنجي ڳالهہ نہ مڃيندا، تہ تون درياهہ جو پاڻي کڻي سڪيءَ زمين تي هارج، ۽ جيڪو پاڻي تون درياهہ مان ڪڍندين، سو سڪيءَ زمين تي رت ٿي پوندو.</verse>
				<verse number="10">تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ اي خداوند، آءٌ ڳالهائڻ ۾ هوشيار نہ آهيان، نہ هن کان اڳي هوس، نڪي تو پنهنجي ٻانهي سان ڳالهايو، تنهن کان پوءِ ٿيو آهيان؛ ڇالاءِ جو منهنجيءَ زبان ۾ ڍرائي آهي ۽ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان.</verse>
				<verse number="11">تڏهن خداوند چيس تہ ماڻهوءَ جو وات ڪنهن جوڙيو آهي؟ ۽ ماڻهوءَ کي گونگو يا ٻوڙو، انڌو يا سڄو ڪير ٿو ڪري؟ اهو آءٌ نٿو ڪريان ڇا، جو خداوند آهيان؟</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري هاڻي تون وڃ ۽ آءٌ تنهنجين ڳالهين سان هوندس، ۽ جيڪي توکي چوڻو هوندو سو توکي سيکاريندس.</verse>
				<verse number="13">تڏهن هن چيو تہ اي خداوند، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ ڪنهن ٻئي جي هٿان اهو پيغام موڪل.</verse>
				<verse number="14">تڏهن خداوند، موسيٰ تي تمام گهڻو غصي ٿيو، ۽ چيائينس تہ لاوين منجهان هارون تنهنجو ڀاءُ ڪونهي ڇا؟ مون کي خبر آهي تہ هو چڱيءَ طرح ڳالهائي ٿو سگهي ۽ ڏس، هو بہ توکي گڏجڻ لاءِ اچي رهيو آهي، ۽ توکي ڏسي دل ۾ خوش ٿيندو.</verse>
				<verse number="15">۽ تون ساڻس گفتگو ڪري، هي سڀ ڳالهيون کيس ٻڌائج؛ آءٌ تنهنجي ۽ هن جي ڳالهين سان هوندس، ۽ اوهان کي سيکاريندس تہ ڇا ڇا ڪريو.</verse>
				<verse number="16">۽ هو تنهنجي بدران ماڻهن سان ڳالهائيندو؛ هو تنهنجي لاءِ ڄڻ تہ وات ٿيندو، ۽ تون هن جي لاءِ ڄڻ تہ خدا ٿيندين.</verse>
				<verse number="17">تون هيءَ لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻج، انهيءَ سان تون معجزا ڏيکاريندين.</verse>
				<verse number="18">پوءِ موسيٰ موٽي پنهنجي سهري يتروءَ وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ مون کي موڪل ڏي تہ آءٌ موٽي پنهنجن ڀائرن وٽ وڃان، جي مصر ۾ آهن، ۽ وڃي ڏسان تہ اڃا جيئرا آهن يا نہ. تڏهن يتروءَ موسيٰ کي چيو تہ سلامتيءَ سان وڃ.</verse>
				<verse number="19">۽ خداوند مديان ۾ موسيٰ کي چيو تہ موٽي مصر ۾ وڃ؛ ڇالاءِ تہ جن ماڻهن توکي مارڻ ٿي گهريو سي مري ويا آهن.</verse>
				<verse number="20">تڏهن موسيٰ پنهنجي زال ۽ پنهنجن پٽن کي هڪڙي گڏهہ تي ويهاريو ۽ مصر ڏانهن روانو ٿيو؛ ۽ موسيٰ خدا جي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کنئي.</verse>
				<verse number="21">۽ خداوند، موسيٰ کي چيو تہ جڏهن تون مصر ۾ موٽي وڃين، تڏهن اهي سڀ معجزا جي مون تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، سي سڀ فرعون جي اڳيان ڏيکارج؛ پر آءٌ هن جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو انهن ماڻهن کي وڃڻ نہ ڏيندو.</verse>
				<verse number="22">تڏهن تون فرعون کي چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل منهنجو پٽ آهي، بلڪ منهنجو پهريتو پٽ آهي.</verse>
				<verse number="23">سو آءٌ توکي چوان ٿو تہ منهنجي پٽ کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري؛ ۽ جي تون هن کي موڪل نہ ڏيندين، تہ آءٌ تنهنجو پٽ، تنهنجو پهريتو پٽ ماري وجهندس.</verse>
				<verse number="24">۽ هيئن ٿيو تہ رستي ۾ منزل تي خداوند هن کي گڏيو، ۽ کيس مارڻ گهريائين.</verse>
				<verse number="25">تڏهن صفورہ هڪڙو تکو پهڻ کڻي پنهنجي پٽ جو ختنو ڪيو، ۽ وڍيل کل جو ٽڪر موسيٰ جي پيرن وٽ اُڇلائي چيائين تہ سچ پچ رت جي ڪري تون منهنجو گهوٽ آهين.</verse>
				<verse number="26">تڏهن هن انهيءَ کي ڇڏي ڏنو. پوءِ صفورہ چيو تہ ختني جي رت جي ڪري تون منهنجو گهوٽ آهين.</verse>
				<verse number="27">۽ خداوند هارون کي چيو تہ بيابان ۾ وڃي موسيٰ کي گڏج. سو هو ويو ۽ خدا جي جبل تي وڃي کيس گڏيو ۽ چميائينس.</verse>
				<verse number="28">۽ جيڪي ڳالهيون خدا موسيٰ کي ٻڌائي کيس موڪليو هو، ۽ جيڪي معجزا ڏنا هئائينس، سي سڀ هن هارون کي بيان ڪري ٻڌايا.</verse>
				<verse number="29">پوءِ موسيٰ ۽ هارون وڃي بني اسرائيل جي بزرگن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو:</verse>
				<verse number="30">۽ جيڪي ڳالهيون خداوند موسيٰ کي ٻڌايون هيون سي هارون بيان ڪيون، ۽ هن ماڻهن جي اڳيان معجزا بہ ڪري ڏيکاريا.</verse>
				<verse number="31">تڏهن ماڻهن انهن تي ايمان آندو: وري جڏهن هنن ٻڌو تہ خداوند بني اسرائيل جي سار لڌي آهي، ۽ انهن جي مصيبت ڏٺي اٿس، تڏهن ڪنڌ جهڪائي سجدو ڪيائون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">تنهن کان پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجيءَ اُمت کي ڇڏ، تہ بيابان ۾ وڃي منهنجي لاءِ عيد ڪن.</verse>
				<verse number="2">تڏهن فرعون چيو تہ خداوند ڪير آهي، جنهن جو حڪم مڃي آءٌ اسرائيل کي ڇڏي ڏيان؟ آءٌ خداوند کي نٿو سڃاڻان، نڪي اسرائيل کي وڃڻ ڏيندس.</verse>
				<verse number="3">تڏهن هنن چيو تہ عبرانين جو خدا اسان کي گڏيو آهي؛ اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ اسان کي ڇڏ، تہ ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃي، خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيون، متان هو وبا يا ترار سان اسان تي اچي پوي.</verse>
				<verse number="4">تڏهن مصر جي بادشاهہ هنن کي چيو تہ اي موسيٰ ۽ هارون، اوهين ماڻهن کي سندن ڪمن کان ڇو ٿا روڪيو؟ وڃي اوهين بہ پورهئي کي لڳو.</verse>
				<verse number="5">۽ فرعون چيو تہ ڏسو، هن ملڪ ۾ اهي ماڻهو گهڻا وڌي ويا آهن، ۽ اوهين انهن کي سندن پورهئي کان آرام ڏيارڻ ٿا گهرو.</verse>
				<verse number="6">۽ انهيءَ ساڳئي ڏينهن فرعون، انهن ماڻهن جي مقدمن ۽ عملدارن کي حڪم ڏيئي چيو تہ،</verse>
				<verse number="7">جيئن هيستائين اوهين هنن ماڻهن کي سرون جوڙڻ لاءِ بهہ ڏيندا هئا، تيئن هاڻي کين بهہ نہ ڏيو؛ ڀلي تہ هو پنهنجي لاءِ پاڻيهي وڃي بهہ گڏ ڪن.</verse>
				<verse number="8">۽ جيڪي سرون هنن هيستائين جوڙيون آهن، تن جي انداز موجب حساب ڪري، مٿن پورهيو مقرر ڪريو، انهي مان ڪي بہ گهٽ نہ ڪريو؛ ڇالاءِ جو هو سست آهن، تنهنڪري دانهون ڪري ٿا چون تہ اسان کي ڇڏيو تہ وڃي پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيون.</verse>
				<verse number="9">اوهين هنن تي ڳرو ڪم رکو تہ هو مشغول رهن، ۽ اجاين ڪوڙين ڳالهين ڏانهن خيال نہ ڊوڙائين.</verse>
				<verse number="10">تڏهن انهن ماڻهن جا مقدم ۽ سندن عملدار اتان روانا ٿيا ۽ انهن ماڻهن کي اچي چيائون، تہ فرعون فرمائي ٿو تہ اڳتي آءٌ اوهان کي بهہ ڪونہ ڏيندس.</verse>
				<verse number="11">جتان اهو اوهان کي ملي اُتان وڃي کڻي اچو؛ پر اوهان جو پورهيو بلڪل گهٽ ڪونہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="12">سو اهي ماڻهو مصر جي ساري ملڪ ۾ پکڙجي ويا ۽ بهہ جي بدران ٻٿ گڏ ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="13">۽ مقدمن کين تاڪيد ڪري چيو تہ اوهين پنهنجو روزمرہ جو ڪم، اهڙو پورو ڪريو، جهڙو بهہ هوندي ڪندا هئا.</verse>
				<verse number="14">۽ جن عملدارن کي فرعون جي مقدمن بني اسرائيل جي مٿان مقرر ڪيو هو، تن کي مار ڏيئي چوڻ لڳا تہ ڇو اوهان سرن جوڙڻ جو ڪم، ڪالهہ ۽ اڄ ايترو نہ ڪيو آهي، جيترو اڳي ڪندا هئا؟</verse>
				<verse number="15">تڏهن بني اسرائيل جا عملدار فرعون وٽ آيا، ۽ دانهون ڪري چوڻ لڳا تہ تون پنهنجن ٻانهن سان اهڙي هلت ڇو ٿو ڪرين؟</verse>
				<verse number="16">تنهنجن ٻانهن کي بهہ ڪونہ ٿو ملي ۽ هو اسان کي چون ٿا تہ پوريون سرون جوڙيو: ۽ ڏس، هو تنهنجن ٻانهن کي مارين ٿا، پر ڏوهہ خود تنهنجن ماڻهن جو آهي.</verse>
				<verse number="17">تنهن تي هن چيو تہ اوهين سست آهيو، تنهنڪري چئو ٿا تہ اسان کي ڇڏيو تہ وڃي خداوند جي لاءِ قرباني چاڙهيون.</verse>
				<verse number="18">سو هاڻي ڪم ڪريو، اوهان کي بهہ ڪونہ ملندو، پر سرن جو ساڳيو ئي ٺهرايل انداز اوهان کي ڏيڻو پوندو.</verse>
				<verse number="19">هاڻي جڏهن بني اسرائيل جي عملدارن کي چيو ويو تہ اوهين پنهنجي روزمرہ جي ڪم موجب سرن جي ٺهرايل انداز مان ڪجهہ بہ نہ گهٽايو، تڏهن کين معلوم ٿيو تہ اسان جو برو حال ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="20">پوءِ هو فرعون وٽان ٿي موسيٰ ۽ هارون کي وڃي گڏيا، جي سندن لاءِ رستي تي بيٺا هئا.</verse>
				<verse number="21">۽ انهن کي چيائون تہ شل خدا اوهان کي ڏسي، ۽ اوهان جو انصاف ڪري، ڇالاءِ جو اوهان اسان کي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي نظر ۾ اهڙو نفرتي ڪيو آهي، جو ڄڻ تہ هنن جي هٿ ۾ ترار ڏني اٿوَ تہ اسان کي قتل ڪري ڇڏين.</verse>
				<verse number="22">تڏهن موسيٰ موٽي خداوند وٽ آيو ۽ چيائين تہ اي خداوند، تو ڇو هن اُمت کي مصيبت ۾ وڌو آهي، ۽ ڇو مون کي موڪليو اٿيئي؟</verse>
				<verse number="23">ڇالاءِ تہ جڏهن کان آءٌ تنهنجي نالي ڳالهائڻ لاءِ فرعون وٽ آيو آهيان، تڏهن کان هو هن اُمت کي وڌيڪ ٿو ستائي، ۽ تو پنهنجيءَ اُمت کي ڪنهن بہ طرح ڇڏايو ڪينهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">تڏهن خداوند، موسيٰ کي چيو تہ هاڻي تون ڏسج تہ آءٌ فرعون سان ڇا ٿو ڪريان؛ ڇالاءِ تہ زوراور هٿ سان هو انهن کي وڃڻ ڏيندو، ۽ زوراور هٿ جي ڪري ئي هو کين پنهنجي ملڪ مان هڪالي ڪڍندو.</verse>
				<verse number="2">پوءِ خدا موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="3">جڏهن مون ابرهام کي، اسحاق کي، ۽ يعقوب کي ڏيکاري ڏني، تڏهن اهي مون کي خدا قادر مطلق ڪري ڄاڻندا هئا، پر هنن کي خبر ڪانہ هئي تہ منهنجو نالو خداوند آهي.</verse>
				<verse number="4">۽ مون انهن سان پنهنجو عهد بہ ڪيو آهي، تہ ڪنعان جو ملڪ، جنهن ۾ هو مسافرن وانگي رهندا هئا، سو کين ڏيندس.</verse>
				<verse number="5">انهيءَ کان سواءِ مون بني اسرائيل جون دانهون ٻڌيون آهن، جن کي مصرين پنهنجي غلاميءَ ۾ رکيو آهي، ۽ مون پنهنجو عهد ياد ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="6">تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ آءٌ خداوند آهيان، آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس، ۽ هنن جي غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيري هنن کي سخت سزائون ڏيئي، اوهان کي ڇوٽڪارو ڏيندس.</verse>
				<verse number="7">آءٌ اوهان کي پنهنجي اُمت سمجهندس، ۽ اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان؛ جو اوهان کي مصرين جي تڪليفن کان ڇڏايان ٿو.</verse>
				<verse number="8">آءٌ اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن بابت مون قسم کنيو آهي تہ اُهو ابرهام کي، اسحاق کي، ۽ يعقوب کي ڏيندس؛ ۽ اُهو اوهان کي ميراث ڪري ڏيندس. آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="9">پوءِ موسيٰ اهي سڀ ڳالهيون بني اسرائيل کي ٻڌايون، پر انهن دل جي ڏک ۽ غلاميءَ جي ظلم ڪري موسيٰ جي ڳالهہ نہ مڃي.</verse>
				<verse number="10">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="11">تون مصر جي بادشاهہ فرعون کي وڃي چئُہ تہ بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان ٻاهر وڃڻ ڏي.</verse>
				<verse number="12">تنهن تي موسيٰ خداوند جي حضور ۾ عرض ڪري چيو تہ ڏس، جڏهن بني اسرائيل منهنجي ڳالهہ نہ مڃي، تہ فرعون منهنجي ڳالهہ ڪيئن مڃيندو؟ آءٌ تہ ڳالهائڻ ۾ بہ هٻڪندو آهيان.</verse>
				<verse number="13">تڏهن خداوند موسيٰ ۽ هارون سان ڳالهايو ۽ کين بني اسرائيل لاءِ، ۽ مصر جي بادشاهہ فرعون لاءِ پيغام ڏنائين، ۽ چيائين، تہ بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي اچو.</verse>
				<verse number="14">هنن جي اباڻن خاندانن جا سردار هي آهن: اسرائيل جي پهريتي پٽ روبن جا پٽ؛ حنوڪ، فلو، حسرون ۽ ڪرمي، اهي روبن جا گهراڻا هئا.</verse>
				<verse number="15">۽ شمعون جا پٽ؛ يموئيل، يمين، اهد، يڪين، صحر ۽ سائول، جو هڪڙيءَ ڪنعاني زال جو پٽ هو، اهي شمعون جا گهراڻا هئا.</verse>
				<verse number="16">لاويءَ جي پٽن جا نالا سندن پيڙهين موجب هي آهن؛ جيرسون، قهات ۽ مراري؛ لاويءَ جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ ورهيہ هئي.</verse>
				<verse number="17">جيرسون جا پٽ؛ لبني ۽ شمعي، سندن گهراڻن موجب هئا.</verse>
				<verse number="18">قهات جا پٽ؛ عمرام، اضهار، حبرون ۽ عزئيل هئا؛ قهات جي عمر هڪ سؤ ٽيٽيهہ ورهيہ هئي.</verse>
				<verse number="19">مراريءَ جا پٽ؛ محلي ۽ موشي هئا. لاويءَ جا گهراڻا سندن پيڙهين موجب اهي آهن.</verse>
				<verse number="20">عمرام پنهنجي پيءُ جي ڀيڻ يوڪبد سان شادي ڪئي، ۽ انهي مان هارون ۽ موسيٰ پيدا ٿيا، ۽ عمرام جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ ورهيہ هئي.</verse>
				<verse number="21">اضحار جا پٽ؛ قورح، نفجہ ۽ زڪري هئا.</verse>
				<verse number="22">عزئيل جا پٽ؛ ميسائيل، الصفن ۽ ستري هئا.</verse>
				<verse number="23">هارون اليسبع سان شادي ڪئي، جا نحون جي ڀيڻ ۽ عميناداب جي ڌيءَ هئي؛ انهيءَ مان ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر پيدا ٿيا.</verse>
				<verse number="24">قورح جا پٽ؛ آسير، القاناہ ۽ ابياسف هئا؛ اهي قورح جا گهراڻا آهن.</verse>
				<verse number="25">هارون جي پٽ اليعزر فوطيئل جي ڌيئرن مان هڪڙي سان شادي ڪئي، انهيءَ مان فنيحاس پيدا ٿيو. لاويءَ وارن جي ابن ڏاڏن جي خاندانن مان هي سردار سندن گهراڻن موجب هئا.</verse>
				<verse number="26">هي اهي هارون ۽ موسيٰ آهن، جن کي خداوند فرمايو تہ بني اسرائيل کي سندن لشڪر موجب، مصر جي ملڪ مان ڪڍي اچو.</verse>
				<verse number="27">هي اهي ئي آهن، جن مصر جي بادشاهہ فرعون کي چيو تہ اسين بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي وينداسون: هي اهوئي موسيٰ ۽ هارون آهن.</verse>
				<verse number="28">۽ جنهن ڏينهن خداوند مصر جي ملڪ ۾ موسيٰ ۽ هارون سان ڳالهايو، تنهن ڏينهن هيئن ٿيو،</verse>
				<verse number="29">جو خداوند موسيٰ کي چيو تہ آءٌ خداوند آهيان، جيڪي آءٌ توکي چوان ٿو، سو سڀ تون مصر جي بادشاهہ فرعون کي ٻڌائج.</verse>
				<verse number="30">تڏهن موسيٰ خداوند جي حضور ۾ عرض ڪيو تہ ڏس، آءٌ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان، سو فرعون ڪيئن منهنجي ڳالهہ مڃندو؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ڏس، مون توکي فرعون جي لاءِ ڄڻ تہ خدا ڪيو آهي؛ ۽ تنهنجو ڀاءُ هارون تنهنجو نبي ٿيندو.</verse>
				<verse number="2">جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان ٿو سو تون ٻڌائج، ۽ تنهنجو ڀاءُ هارون فرعون کي چوندو تہ بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان وڃڻ ڏي.</verse>
				<verse number="3">۽ آءٌ فرعون جي دل سخت ڪندس، ۽ پنهنجا معجزا، ۽ عجيب ڪم مصر جي ملڪ ۾ وڌائيندس.</verse>
				<verse number="4">پر فرعون اوهان جي ڳالهہ نہ ٻڌندو؛ ۽ آءٌ پنهنجو هٿ مصر تي ڊگهيريندس ۽ هن کي وڏيون سزائون ڏيئي، پنهنجن لشڪرن، يعني بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آڻيندس.</verse>
				<verse number="5">جڏهن آءٌ پنهنجو هٿ مصر جي ملڪ تي ڊگهيريندس، ۽ بني اسرائيل کي سندن وچ مان ڪڍي ايندس، تڏهن مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="6">پوءِ موسيٰ ۽ هارون ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند کين حڪم ڏنو هو.</verse>
				<verse number="7">جڏهن هنن فرعون سان گفتگو ڪئي، تڏهن موسيٰ اسي ورهين جو هو، ۽ هارون ٽياسي ورهين جو هو.</verse>
				<verse number="8">۽ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ</verse>
				<verse number="9">جڏهن فرعون اوهان کي چوي تہ اوهين ڪا نشاني ڏيکاريو، تڏهن تون هارون کي چئج تہ پنهنجي لٺ کڻي فرعون جي اڳيان اُڇلائي، تہ اها نانگ ٿي پوندي.</verse>
				<verse number="10">پوءِ موسيٰ ۽ هارون، فرعون وٽ آيا ۽ ائين ئي ڪيائون، جيئن خدا کين حڪم ڏنو هو، يعني هارون پنهنجي لٺ فرعون جي اڳيان اُڇلائي تہ اها نانگ ٿي پيئي.</verse>
				<verse number="11">تڏهن فرعون بہ ڏاها ماڻهو ۽ جادوگر گهرايا، ۽ مصر جي جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو؛</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو انهن مان هرهڪ ماڻهوءَ پنهنجي لٺ اُڇلائي، ۽ اُهي نانگ ٿي پيون: پر هارون جي لٺ انهن جي لٺين کي ڳڙڪائي ويئي.</verse>
				<verse number="13">پر فرعون جي دل سخت ٿي ويئي ۽ هنن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند اڳيئي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="14">پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ فرعون جي دل سخت ٿي آهي ۽ هو انهن کي وڃڻ نٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="15">هاڻي تون صبح جو سوير فرعون وٽ وڃج، ۽ ڏس، هو انهيءَ مهل درياهہ تي ويندو؛ ۽ تون کيس گڏجڻ لاءِ درياهہ جي ڪپ تي وڃي بيهہ، ۽ جيڪا لٺ بدلجي نانگ ٿي پئي هئي، سا پنهنجي هٿ ۾ کڻي وڃج.</verse>
				<verse number="16">۽ تون هن کي چئج تہ خداوند عبرانين جي خدا مون کي تو ڏانهن موڪليو آهي، ۽ چيو اٿس تہ منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ هو بيابان ۾ وڃي منهنجي عبادت ڪن، ۽ ڏس، هيستائين تو منهنجو چوڻ نہ مڃيو آهي.</verse>
				<verse number="17">پر هاڻي خداوند چوي ٿو تہ هن مان توکي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان: ڏس، هيءَ لٺ، جا منهنجي هٿ ۾ آهي، سا آءٌ پاڻيءَ تي هڻندس تہ درياهہ جو سمورو پاڻي بدلجي رت ٿي پوندو.</verse>
				<verse number="18">۽ درياهہ ۾ جيڪي بہ مڇيون آهن، سي سڀ مري وينديون، ۽ درياهہ ۾ بدبوءِ ٿي پوندي؛ ۽ مصرين کي درياهہ جي پاڻي پيئڻ کان ڪراهت ايندي.</verse>
				<verse number="19">پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ هارون کي چئو تہ پنهنجي لٺ کڻي، پنهنجو هٿ مصر جي پاڻين تي ڊگهير، يعني انهن جي ندين تي، انهن جي نهرن تي، انهن جي تلائن تي ۽ انهن جي سڀني حوضن تي، انهيءَ لاءِ تہ اُهي رت ٿي پون؛ پوءِ مصر جي ساري ملڪ ۾ ڪاٺ توڙي پٿر جي ٿانون ۾ رت ئي رت ٿي پوندو.</verse>
				<verse number="20">تڏهن موسيٰ ۽ هارون ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند فرمايو هون؛ هن لٺ کڻي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي روبرو درياهہ جي پاڻيءَ تي هنئي تہ درياهہ جو سڀ پاڻي بدلجي رت ٿي پيو.</verse>
				<verse number="21">۽ درياهہ ۾ جيڪي مڇيون هيون، سي سڀ مري ويون، ۽ درياهہ ۾ بدبوءِ ٿي پيئي، ۽ مصري درياهہ جو پاڻي پي نہ سگهيا؛ ۽ مصر جي ساري ملڪ ۾ رت ئي رت ٿي پيو.</verse>
				<verse number="22">تڏهن مصر جي جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو: ۽ فرعون جي دل سخت ٿي ويئي ۽ هنن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند فرمايو هو.</verse>
				<verse number="23">پوءِ فرعون موٽي پنهنجي گهر هليو ويو، ۽ انهيءَ ڳالهہ جي پرواهہ نہ ڪيائين.</verse>
				<verse number="24">۽ سڀني مصرين درياهہ جي آس پاس، پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ کڏون کوٽيون؛ ڇالاءِ جو هو درياهہ جو پاڻي پي نہ سگهيا.</verse>
				<verse number="25">هاڻي خداوند درياهہ ۾ آفت آندي، تنهن کي ست ڏينهن گذري ويا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ فرعون وٽ وڃ، ۽ چوينس تہ خداوند فرمائي ٿو تہ منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.</verse>
				<verse number="2">۽ جيڪڏهن تون هنن کي وڃڻ نہ ڏيندين تہ ڏس، آءٌ تنهنجي ملڪ جي سڀني سرحدن تي ڏيڏرن جي آفت آڻيندس.</verse>
				<verse number="3">۽ درياهہ ۾ ايترا ڏيڏر ٿي پوندا، جو اهي ٻاهر نڪري تنهنجي گهر ۾، تنهنجي آرام گاهہ ۾، تنهنجي هنڌ تي، تنهنجي نوڪرن جي گهرن ۾، تنهنجيءَ رعيت تي، تنهنجي تنورن ۾ ۽ تنهنجي اٽي ڳوهڻ جي ٿالهن ۾ ڪاهي پوندا؛</verse>
				<verse number="4">۽ ڏيڏر توتي، تنهنجن ماڻهن تي، ۽ تنهنجن نوڪرن تي بہ ڪاهي ايندا.</verse>
				<verse number="5">پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ هارون کي چئُہ تہ پنهنجو هٿ لٺ سوڌو، ندين تي، نهرن تي، ۽ تلائن تي ڊگهير تہ ڏيڏر مصر جي ملڪ تي ڪاهي اچن.</verse>
				<verse number="6">تڏهن هارون پنهنجو هٿ مصر جي پاڻين تي ڊگهيريو، تہ ڏيڏر ڪاهي آيا، ۽ مصر جو سارو ملڪ ڀري ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="7">۽ جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو، ۽ مصر جي ملڪ تي ڏيڏر آندائون.</verse>
				<verse number="8">تڏهن فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گهرائي چيو تہ اوهين خداوند کي عرض ڪريو تہ هي ڏيڏر مون تان، ۽ منهنجن ماڻهن تان دفع ڪري، ۽ آءٌ انهن ماڻهن کي ڇڏيندس تہ وڃي خداوند جي لاءِ قرباني چاڙهين.</verse>
				<verse number="9">تڏهن موسيٰ فرعون کي چيو تہ ڀلي تون مون تي اهو فخر ڪر، ڪهڙي وقت لاءِ آءٌ تنهنجيءَ رعيت جي واسطي دعا گهران، تہ هي ڏيڏر تو تان ۽ تنهنجي گهرن تان دفع ٿين، ۽ رڳو ندين ۾ وڃي رهن؟</verse>
				<verse number="10">هن چيو تہ سڀاڻي لاءِ. تڏهن موسيٰ چيو تہ جيئن تون چوين ٿو، تيئن ئي ٿيندو؛ ڀلي تہ توکي خبر پوي تہ خداوند اسان جي خدا جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.</verse>
				<verse number="11">ڏيڏر تو وٽان، تنهنجي گهرن مان، تنهنجن نوڪرن ۽ تنهنجيءَ رعيت وٽان هليا ويندا، رڳو درياهہ ۾ وڃي بچندا.</verse>
				<verse number="12">پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽان هليا ويا، ۽ جيڪي ڏيڏر خداوند فرعون تي موڪليا هئا، تن بابت موسيٰ کانئس دعا گهري.</verse>
				<verse number="13">تڏهن خداوند، موسيٰ جي چوڻ موجب ڪيو؛ ۽ جيڪي ڏيڏر گهرن ۾، اڱڻن ۾ ۽ ٻنين ۾ هئا، سي سڀ مري ويا.</verse>
				<verse number="14">۽ ماڻهن اهي ميڙي کڻي ڍير ڪيا: ۽ ملڪ ۾ بدبوءِ ٿي پيئي.</verse>
				<verse number="15">پر جڏهن فرعون ڏٺو تہ هاڻي آرام ٿيو آهي، تڏهن پنهنجي دل سخت ڪيائين ۽ هنن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند اڳيئي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="16">پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ هارون کي چئُہ تہ پنهنجي لٺ ڊگهي ڪري زمين جي مٽيءَ تي هڻي، تہ مصر جي ساري ملڪ ۾ جُوئون ٿي پون.</verse>
				<verse number="17">۽ هنن ائين ئي ڪيو؛ هارون لٺ سميت پنهنجو هٿ ڊگهيريو ۽ اها زمين جي مٽيءَ تي هنيائين، تہ ماڻهن ۽ جانورن ۾ جُوئون پئجي ويون؛ ۽ مصر جي ساري ملڪ ۾ زمين جي مٽي جُوئون ٿي پيئي.</verse>
				<verse number="18">جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان جُوئون آڻڻ لاءِ ائين ئي ڪيو، پر آڻي نہ سگهيا، ۽ ماڻهن ۽ جانورن ۾ جُوئون رهجي ويون.</verse>
				<verse number="19">تڏهن جادوگرن فرعون کي چيو تہ هن ۾ خدا جو هٿ آهي: پر فرعون جي دل سخت ٿي وئي ۽ انهن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند اڳيئي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="20">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ صبح جو سوير اُٿي فرعون جي لاءِ ترسي بيهہ ۽ ڏس، جڏهن هو تڙ تي اچي تڏهن چوينس تہ خداوند فرمائي ٿو تہ منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.</verse>
				<verse number="21">جيڪڏهن تون منهنجي اُمت کي وڃڻ نہ ڏيندين، تہ آءٌ تو تي، تنهنجن نوڪرن تي، تنهنجيءَ رعيت تي، ۽ تنهنجن گهرن ۾ مکين جا ميڙ موڪليندس؛ پوءِ مصرين جا گهر، ۽ جنهن زمين تي اُهي رهن ٿا، سا سموري مکين سان ڀرجي ويندي.</verse>
				<verse number="22">پر آءٌ انهيءَ ڏينهن جشن جي زمين، جتي منهنجي اُمت ٿي رهي، سا ڌار ڪندس، تہ اتي مکين جا ميڙ نہ ٿين؛ انهيءَ لاءِ تہ توکي خبر پوي تہ دنيا ۾ آءٌ ئي خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="23">۽ آءٌ پنهنجي اُمت ۽ تنهنجي اُمت جي وچ ۾ تفاوت رکندس: سڀاڻي اُها نشاني ظاهر ٿيندي.</verse>
				<verse number="24">سو خداوند ائين ئي ڪيو ۽ فرعون جي گهر ۾، ۽ سندس نوڪرن جي گهرن ۾، ۽ ساري مصر جي ملڪ ۾، مکين جا ميڙ اچي گڏ ٿيا، ۽ مکين جي ميڙن جي ڪري ملڪ ڏاڍو هلاک ٿيو.</verse>
				<verse number="25">تڏهن فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گهرائي چيو تہ اوهين وڃي هن ئي ملڪ ۾ پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيو.</verse>
				<verse number="26">پر موسيٰ چيو تہ ائين ڪرڻ مناسب نہ آهي؛ ڇالاءِ جو اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ اُها قرباني چاڙهينداسين، جنهن کان مصرين کي ڪراهت ٿي اچي. سو، جيڪڏهن اسين مصرين جي اکين اڳيان اها قرباني چاڙهينداسين، جنهن کان هنن کي ڪراهت ٿي اچي، تہ پوءِ هو اسان کي سنگسار نہ ڪندا ڇا؟</verse>
				<verse number="27">اسين ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وينداسين ۽ اتي، جيئن خداوند اسان جو خدا اسان کي حڪم ڏيندو، تيئن سندس لاءِ قرباني چاڙهينداسين.</verse>
				<verse number="28">تڏهن فرعون چيو تہ آءٌ اوهان کي وڃڻ ڏيندس تہ ڀلي بيابان ۾ وڃي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيو: پر تمام پري نہ وڃجو ۽ منهنجي لاءِ بہ دعا گهرجو.</verse>
				<verse number="29">تڏهن موسيٰ چيو تہ ڏس، آءٌ تو وٽان وڃان ٿو ۽ خداوند کي عرض ڪندس تہ سڀاڻي اهي مکين جا ميڙ فرعون وٽان، ۽ سندس نوڪرن وٽان، ۽ سندس رعيت وٽان هليا وڃن. پر ائين نہ ٿئي تہ فرعون وري دغا ڪري ۽ هنن ماڻهن کي خداوند جي لاءِ قرباني چاڙهڻ واسطي وڃڻ جي موڪل نہ ڏئي.</verse>
				<verse number="30">پوءِ موسيٰ فرعون وٽان هليو ويو ۽ وڃي خداوند کان دعا گهريائين.</verse>
				<verse number="31">۽ خداوند موسيٰ جي چوڻ موجب ڪيو؛ ۽ هن فرعون وٽان، ۽ سندس نوڪرن وٽان، ۽ سندس رعيت وٽان، مکين جا ميڙ دفع ڪيا؛ ۽ هڪڙي بہ مک ڪانہ بچي.</verse>
				<verse number="32">پر هن ڀيري بہ فرعون پنهنجي دل سخت ڪئي، ۽ انهن ماڻهن کي وڃڻ جي موڪل نہ ڏنائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون فرعون وٽ وڃي، هن کي چئُہ تہ خداوند عبرانين جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجي اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ تہ جيڪڏهن تون ناڪار ڪري هنن کي وڃڻ نہ ڏيندين، ۽ اڃا بہ کين روڪيندين،</verse>
				<verse number="3">تہ ڏس تنهنجو چوپايو مال، جيڪو جهنگ ۾ آهي، يعني تنهنجا گهوڙا، گڏهہ، اُٺ، ڍور ۽ ڌڻ، تن تي خداوند جو هٿ پوندو ۽ انهن ۾ ڏاڍي سخت بيماري پوندي.</verse>
				<verse number="4">۽ خداوند، بني اسرائيل جي مال کي مصرين جي مال کان ڌار ڪندو، ۽ بني اسرائيل جي مال مان ڪوبہ ڪونہ مرندو.</verse>
				<verse number="5">۽ خداوند هڪڙو وقت مقرر ڪيو ۽ چيائين تہ سڀاڻي خداوند هن ملڪ ۾ ائين ڪندو.</verse>
				<verse number="6">۽ ٻئي ڏينهن صبح جو خداوند ائين ئي ڪيو، يعني مصرين جو سڀ چوپايو مال مري ويو، پر بني اسرائيل جي مال مان هڪڙو بہ ڪونہ مئو.</verse>
				<verse number="7">تڏهن فرعون پڇا ڪرائي ۽ ڏسو، بني اسرائيل جي مال مان هڪڙو بہ ڪونہ مئو هو. پر تڏهن بہ فرعون جي دل سخت ٿي، ۽ انهن ماڻهن کي وڃڻ جي موڪل نہ ڏنائين.</verse>
				<verse number="8">پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ کوري جي رک مان مٺيون ڀري کڻو، ۽ موسيٰ اها فرعون جي روبرو آسمان ڏانهن اُڇلائي؛</verse>
				<verse number="9">تہ اها سنهي مٽي ٿي مصر جي ملڪ ۾ پکڙجي ويندي، ۽ مصر جي ساري ملڪ ۾ ماڻهن توڙي جانورن تي ڦرڙيون ٿي پونديون، جن مان ڦوڦينڊا نڪرندا.</verse>
				<verse number="10">تڏهن هنن کوري جي رک کنئي، ۽ فرعون جي اڳيان وڃي بيٺا، ۽ موسيٰ اُها آسمان ڏانهن اُڇلائي تہ اُها ماڻهن توڙي جانورن تي ڦوڦينڊن واريون ڦرڙيون ٿي پيئي.</verse>
				<verse number="11">۽ جادوگر انهن ڦرڙين جي ڪري موسيٰ جي اڳيان بيهي نہ سگهيا؛ ڇالاءِ جو ڦرڙيون انهن جادوگرن تي ۽ سڀني مصرين تي نڪتيون هيون.</verse>
				<verse number="12">پر خداوند فرعون جي دل سخت ڪئي، ۽ هن انهن جي ڳالهہ نہ مڃي، جيئن ڪ خداوند اڳيئي موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="13">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ صبح جو سوير اٿي فرعون جي اڳيان وڃي بيهہ، ۽ چوينس تہ خداوند، عبرانين جو خدا فرمائي ٿو تہ، منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو هن ڀيري آءٌ پنهنجون سڀ آفتون تنهنجيءَ دل تي، ۽ تنهنجن نوڪرن تي، ۽ تنهنجيءَ رعيت تي موڪليندس، تہ توکي خبر پوي تہ ساريءَ زمين تي مون جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو هيستائين جيڪڏهن آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيري توکي ۽ تنهنجيءَ رعيت کي وبا سان ماريان ها، تہ تون زمين تان ميٽجي وڃين ها.</verse>
				<verse number="16">پر حقيقت ڪري مون توکي انهيءَ لاءِ ڇڏيو آهي، تہ توکي پنهنجي قدرت ڏيکاريان، تہ منهنجو نالو سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿئي.</verse>
				<verse number="17">تون اڃا بہ پاڻ کي منهنجيءَ اُمت کان مٿي ٿو سمجهين ڇا، جو هنن کي وڃڻ نٿو ڏين؟</verse>
				<verse number="18">ڏس، سڀاڻي هن مهل ڌاري آءٌ تمام سخت ڳڙا وسائيندس جن جهڙا مصر ۾ سندس شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ پيا هوندا.</verse>
				<verse number="19">تنهنڪري هاڻي جلدي ڪري پنهنجو چوپايو مال ۽ ٻيو جيڪي جهنگ ۾ هجيئي، سو گهرائي وٺ؛ ڇالاءِ تہ جيڪو بہ ماڻهو ۽ جانور جهنگ ۾ هوندو ۽ گهر ۾ نہ آڻبو، تنهن تي ڳڙا اچي ڪڙڪندا ۽ اهي سڀ مري ويندا.</verse>
				<verse number="20">سو فرعون جي نوڪرن مان جنهن کي خدا جي ڪلام جو ڊپ هو، سو پنهنجا نوڪر ۽ پنهنجو چوپايو مال ڀڄائي گهر وٺي آيو.</verse>
				<verse number="21">پر جنهن خدا جي ڪلام تي ڌيان ڪونہ ڏنو، تنهن پنهنجا نوڪر ۽ پنهنجو مال جهنگ ۾ ڇڏي ڏنو.</verse>
				<verse number="22">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن ڊگهير تہ مصر جي ساري ملڪ تي يعني ماڻهن تي، جانورن تي، ٻنيءَ جي سڀ ڪنهن آباديءَ تي، ۽ جيڪي بہ مصر جي ساري ملڪ ۾ آهي، تنهن تي ڳڙا پون.</verse>
				<verse number="23">تڏهن موسيٰ پنهنجي لٺ آسمان ڏانهن ڊگهيري ۽ خداوند گجگوڙ ۽ ڳڙا موڪليا، ۽ زمين تي باهہ وسڻ لڳي؛ ۽ خداوند مصر جي ملڪ تي ڳڙا وسايا.</verse>
				<verse number="24">انهيءَ طرح ڳڙا وسڻ شروع ٿيا، ۽ ڳڙن سان گڏ باهہ بہ هئي؛ اهڙا ڳڙا جو مصر جي آباد ٿيڻ کان وٺي، ساري ملڪ ۾ اڳي ڪڏهن ڪين وسيا هئا.</verse>
				<verse number="25">مصر جي ملڪ ۾ جيڪي بہ جهنگ ۾ هو، ماڻهو توڙي جانور، تن سڀني کي ڳڙن ماري وڌو، ۽ ڳڙن جي ڪري ٻنيءَ جي سڀ آبادي برباد ٿي ويئي، ۽ جهنگ جا سڀ وڻ ڀڄي پيا.</verse>
				<verse number="26">رڳو جشن جي زمين ۾، جتي بني اسرائيل هئا، اتي ڳڙو ڪونہ پيو.</verse>
				<verse number="27">تڏهن فرعون ماڻهو موڪلي موسيٰ ۽ هارون کي گهرايو، ۽ چيائين تہ هن ڀيري مون برابر گناهہ ڪيو آهي؛ خداوند راستباز آهي، ۽ آءٌ ۽ منهنجا ماڻهو گنهگار آهيون.</verse>
				<verse number="28">اوهين خداوند کان دعا گهرو ڇالاءِ جو هاڻ ڪافي گجگوڙ ۽ ڳڙا پيا آهن. هاڻي آءٌ اوهان کي وڃڻ ڏيندس، ۽ اوهان کي وڌيڪ ترسڻو نہ پوندو.</verse>
				<verse number="29">تڏهن موسيٰ چيس تہ آءٌ شهر مان ٻاهر نڪرڻ شرط پنهنجا هٿ خداوند ڏانهن کڻندس، ۽ گجگوڙ ۽ ڳڙا بند ٿي ويندا، تہ توکي خبر پوي تہ زمين خداوند جي آهي.</verse>
				<verse number="30">باقي تنهنجي ۽ تنهنجن نوڪرن جي مون کي خبر آهي، تہ اڃا بہ اوهان کي خداوند جو خوف ڪونہ آهي.</verse>
				<verse number="31">(۽ ڳڙن جي ڪري سڻيءَ ۽ جوَن جو فصل مارجي ويو، ڇالاءِ تہ جوَن سنگ ڪيا هئا ۽ سڻيءَ ٻج جهليو هو.</verse>
				<verse number="32">پر ڪڻڪ ۽ مڱ مارجي ڪين ويا، ڇالاءِ جو اهي اڃا وڌيا ئي ڪين هئا.)</verse>
				<verse number="33">پوءِ موسيٰ فرعون وٽان نڪري شهر کان ٻاهر آيو ۽ پنهنجا هٿ خداوند ڏانهن کنيائين؛ ۽ گجگوڙ ۽ ڳڙا بند ٿي ويا، ۽ مينهن بہ زمين تي وسڻ کان جهلجي ويو.</verse>
				<verse number="34">۽ جڏهن فرعون ڏٺو تہ مينهن ۽ ڳڙا ۽ گجگوڙ بند ٿي ويا آهن، تڏهن اڳي کان بہ وڌيڪ گناهہ ڪرڻ لڳو، ۽ پاڻ توڙي سندس نوڪرن پنهنجي دل سخت ڪئي.</verse>
				<verse number="35">سو فرعون جي دل سخت ٿي ويئي، ۽ بني اسرائيل کي وڃڻ جي موڪل نہ ڏنائين؛ جيئن ڪ خداوند اڳيئي موسيٰ جي معرفت فرمايو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون فرعون وٽ وڃ؛ ڇالاءِ جو مون هن جي دل کي، ۽ سندس نوڪرن جي دلين کي سخت ڪيو آهي؛ انهيءَ لاءِ تہ آءٌ هنن جي وچ ۾ پنهنجا اهي معجزا ڏيکاريان؛</verse>
				<verse number="2">تہ تون پنهنجي پٽ ۽ پوٽي کي ٻڌاءِ تہ مون مصر ۾ ڪهڙا ڪم ڪيا آهن، ۽ اُتي جي ماڻهن کي ڪهڙيون نشانيون ڏيکاريون اٿم: انهيءَ لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="3">پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ خداوند عبرانين جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڪيستائين تون منهنجي حضور ۾ عاجز ٿيڻ کان انڪار ڪندين؟ منهنجي اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.</verse>
				<verse number="4">پر جيڪڏهن تون منهنجي اُمت کي وڃڻ نہ ڏيندين، تہ ڏس، سڀاڻي آءٌ تنهنجي ملڪ ۾ مڪڙ موڪليندس،</verse>
				<verse number="5">۽ اهي زمين جي سطح اهڙي ڀري ڇڏيندا، جو ڪوبہ ماڻهو زمين ڏسي ڪين سگهندو؛ ۽ ڳڙن جي آفت کان جيڪي باقي بچيو آهي، سو اهي کائي ويندا، ۽ جيڪي بہ وڻ جهنگ ۾ اوهان جي لاءِ اُڀرن ٿا، سي سڀ کائي چٽ ڪري ڇڏيندا:</verse>
				<verse number="6">۽ تنهنجا گهر، ۽ تنهنجن سڀني نوڪرن جا گهر، ۽ سڀني مصرين جا گهر، انهن سان ڀرجي ويندا؛ اهڙا جو اوهان جي ابن ڏاڏن مان ڪنهن بہ انهن جي پيدا ٿيڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ ڏٺا هوندا. پوءِ هو ڦري فرعون وٽان هليو ويو.</verse>
				<verse number="7">تڏهن فرعون جي نوڪرن کيس چيو تہ ڪيستائين اسين هن شخص جي ڦندي ۾ پيا ڦاسنداسين؟ انهن ماڻهن کي کڻي ڇڏ تہ وڃي خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪن؛ توکي اڃا اها خبر ڪانهي ڇا، تہ مصر برباد ٿي ويو آهي؟</verse>
				<verse number="8">تنهن تي موسيٰ ۽ هارون کي وري فرعون وٽ وٺي آيا؛ ۽ هن کين چيو تہ وڃو، وڃي خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو، پر ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو ويندا؟</verse>
				<verse number="9">تڏهن موسيٰ چيو تہ اسين پنهنجن ننڍن ۽ وڏن سوڌا، پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن سوڌا، پنهنجن ڍورن ۽ ڌڻن سوڌا وينداسين، ڇالاءِ جو اسين ضرور خداوند جي لاءِ عيد ڪنداسين.</verse>
				<verse number="10">تڏهن هن کين چيو تہ خداوند اوهان سان هجي، جيڪڏهن آءٌ اوهانجن ٻارن ٻچن سوڌو اوهان کي وڃڻ ڏيان تہ ڏسو، اوهان جي نيت خراب آهي:</verse>
				<verse number="11">سو ائين نہ ٿيندو: هاڻي اوهين جي مرد ماڻهو آهيو، سي ڀلي وڃي خداوند جي عبادت ڪريو، ڇالاءِ جو اوهان جي بہ اها ئي مرضي آهي. پوءِ هنن کي فرعون جي حضور مان ڌڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="12">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ پنهنجو هٿ مصر جي ملڪ تي ڊگهير، تہ مصر جي ملڪ تي مڪڙ اچن، ۽ زمين تي جيڪو وڻ ٻوٽو ڳڙن کان بچيو آهي سو کائي وڃن.</verse>
				<verse number="13">تڏهن موسيٰ پنهنجي لٺ مصر جي ملڪ جي مٿان ڊگهيري، ۽ اهو سارو ڏينهن ۽ ساري رات اڀرندي جو واءُ لڳو؛ ۽ جڏهن صبح ٿيو تڏهن انهيءَ اڀرندي جي واءُ ۾ مڪڙ آيا.</verse>
				<verse number="14">۽ مڪڙ ساري مصر جي ملڪ ۾ پکڙجي ويا، ۽ مڪڙ مصر جي سڀني پاسن ۾ ويهي ويا، ۽ اهي ايترا بيشمار هئا جو انهن جهڙا مڪڙ نڪي انهيءَ کان اڳي ڪڏهن آيا، نڪي پوءِ ايندا.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو انهن زمين جي سطح کي ڀري ڇڏيو، جنهنڪري زمين ڪاري ٿي ويئي، ۽ انهن زمين جا سڀ وڻ، ٻوٽا، ۽ وڻ جو ميوو، جو ڳڙن کان بچيو هو، سو کائي ڇڏيو، ۽ مصر جي ملڪ ۾ ڪوبہ سائو وڻ يا ٻوٽو ڪونہ رهيو.</verse>
				<verse number="16">تڏهن فرعون جلدي موسيٰ ۽ هارون کي گهرايو، ۽ کين چيائين تہ آءٌ خداوند اوهان جي خدا جو، ۽ اوهان جو گنهگار آهيان.</verse>
				<verse number="17">تنهنڪري هاڻي آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ رڳو هن ڀيري منهنجو گناهہ معاف ڪريو، ۽ خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهرو تہ هي موت مون کان هٽائي.</verse>
				<verse number="18">تڏهن موسيٰ فرعون وٽان نڪري آيو، ۽ خداوند کان دعا گهريائين.</verse>
				<verse number="19">۽ خداوند الهندي جو واءُ آندو، جنهن مڪڙن کي ڌڪي کڻي ڳاڙهي سمنڊ ۾ وڌو، ۽ مصر جي ساري ملڪ ۾ هڪڙو مڪڙ بہ ڪونہ رهيو.</verse>
				<verse number="20">پر خداوند فرعون جي دل کي سخت ڪيو ۽ هن بني اسرائيل کي وڃڻ جي موڪل نہ ڏني.</verse>
				<verse number="21">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن کڻ تہ مصر جي ملڪ تي اوندهہ ٿئي، اهڙي اوندهہ جو ماڻهو هٿوراڙيون هڻن.</verse>
				<verse number="22">۽ موسيٰ پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن کنيو، ۽ مصر جي ملڪ ۾ برابر ٽي ڏينهن گهاٽي اوندهہ ٿي ويئي.</verse>
				<verse number="23">ٽن ڏينهن تائين ماڻهن هڪ ٻئي کي نٿي ڏٺو، نڪي منجهائن ڪوبہ پنهنجيءَ جاءِ تان اُٿيو: پر سڀني اسرائيل جي گهرن ۾ سوجهرو هو.</verse>
				<verse number="24">تڏهن فرعون موسيٰ کي گهرائي چيو تہ اوهين وڃو، وڃي پنهنجي خداوند جي عبادت ڪريو، رڳو پنهنجا ڍور ۽ ڌڻ ڇڏي وڃو. اوهان جا ٻار ٻچا بہ ڀلي اوهان سان وڃن.</verse>
				<verse number="25">پر موسيٰ چيس تہ توکي گهرجي تہ تون قربانيون ۽ سوختنيون اسان جي حوالي ڪرين، تہ اهي اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيون.</verse>
				<verse number="26">اسان جو چوپايو مال بہ ضرور اسان سان هلندو؛ هڪڙو کر بہ پٺتي نہ رهندو؛ ڇالاءِ جو انهن مان اسين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ۾ ڪم آڻينداسين؛ ۽ جيسين اسين اتي نہ وڃون، تيسين خبر ڪانہ اٿئون تہ ڪهڙا خداوند جي عبادت جي ڪم ايندا.</verse>
				<verse number="27">پر خداوند فرعون جي دل سخت ڪئي ۽ هن هنن کي وڃڻ نہ ڏنو.</verse>
				<verse number="28">پوءِ فرعون هن کي چيو تہ مون وٽان نڪري وڃ؛ خبردار متان وري منهنجو منهن ڏسين، ڇالاءِ تہ جنهن ڏينهن تون منهنجو منهن ڏسندين، تنهن ڏينهن ماريو ويندين.</verse>
				<verse number="29">تڏهن هن چيو تہ تو چڱي ڳالهہ ڪئي آهي، آءٌ وري تنهنجو منهن ڪين ڏسندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ اڃا بہ هڪڙي آفت آءٌ فرعون تي ۽ مصر تي آڻيندس، تنهن کان پوءِ هو اوهان کي هتان وڃڻ ڏيندو، ۽ جڏهن هو اوهان کي هتان وڃڻ ڏيندو، تڏهن پڪ آهي تہ هو اوهان سڀني کي هتان ڪڍي ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="2">تون هاڻي وڃي پنهنجن ماڻهن کي چئُہ تہ سڀ ڪو مرد پنهنجي پاڙيسريءَ کان، ۽ سڀ ڪا زال پنهنجي پاڙيسرڻ کان چانديءَ ۽ سون جا زيور گهري وٺي.</verse>
				<verse number="3">۽ خداوند انهن ماڻهن کي مصرين جي نظر ۾ عزت بخشي، ۽ فرعون جا نوڪر ۽ سندس ماڻهو، موسيٰ کي وڏو بزرگ سمجهڻ لڳا.</verse>
				<verse number="4">پوءِ موسيٰ چيو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ آڌيءَ رات ڌاري آءٌ نڪري مصر جي ملڪ مان لنگهندس،</verse>
				<verse number="5">۽ مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا ٻار مري ويندا. فرعون، جو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي پهريتي کان وٺي، انهيءَ ٻانهيءَ جي پهريتي تائين جا جنڊ ٿي پيهي؛ ۽ چوپائي مال جا بہ سڀ پهريتا ٻچا مري ويندا.</verse>
				<verse number="6">۽ مصر جي ملڪ ۾ اهڙو ماتم مچي ويندو، جهڙو نہ ڪڏهن اڳي ٿيو، نہ هن کان پوءِ ڪڏهن ٿيندو.</verse>
				<verse number="7">پر بني اسرائيل مان ڪنهن بہ ماڻهوءَ يا جانور تي ڪتو بہ ڪين ڀونڪندو: انهي لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ خداوند مصرين ۽ اسرائيلين جي وچ ۾ ڪهڙو فرق ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="8">۽ تنهنجا هي سڀ نوڪر مون وٽ ايندا ۽ منهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائي چوندا تہ تون ۽ تنهنجا ماڻهو، جيڪي تنهنجي پيروي ٿا ڪن، سي سڀ هليا وڃو: انهيءَ کان پوءِ آءٌ ويندس. پوءِ هو ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ فرعون وٽان هليو ويو.</verse>
				<verse number="9">پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ فرعون تنهنجي ڳالهہ نہ مڃيندو؛ انهيءَ لاءِ تہ منهنجا عجيب ڪم مصر جي ملڪ ۾ گهڻا ٿين.</verse>
				<verse number="10">۽ موسيٰ ۽ هارون اهي سڀ عجيب ڪم فرعون کي ڏيکاريا، پر خدا فرعون جي دل سخت ڪئي، ۽ هن بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان وڃڻ نہ ڏنو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون سان مصر جي ملڪ ۾ ڳالهايو ۽ چيائين تہ</verse>
				<verse number="2">هي مهينو اوهان جي لاءِ مهينن جو شروع، ۽ سال جو پهريون مهينو ٿيندو.</verse>
				<verse number="3">اوهين اسرائيلين جي سڄيءَ جماعت کي چئو تہ هن مهيني جي ڏهين تاريخ، هرڪو ماڻهو پنهنجي اباڻي خاندان موجب، پنهنجي پنهنجي گهر لاءِ هڪڙو گهيٽو کڻي.</verse>
				<verse number="4">۽ جيڪڏهن اهو خاندان ايترو ننڍو هجي، جو سڄو گهيٽو کائي نہ سگهي، تہ اهو پنهنجي پاڙيسريءَ سان گڏجي، ڀاتين جي تعداد موجب، هڪڙو گهيٽو کڻي؛ هر ڪنهن ماڻهوءَ جي کاڌي موافق اوهين گهيٽي جي لاءِ پنهنجو حساب ڪجو.</verse>
				<verse number="5">اوهان جو گهيٽو بي عيب هڪ سالو نر هئڻ گهرجي: اوهين رڍن مان گهيٽو، يا ٻڪرين مان ڇيلو ڪڍجو:</verse>
				<verse number="6">۽ اوهين هن کي انهيءَ ساڳئي مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ تائين رکي ڇڏجو: پوءِ اسرائيلين جي ساري جماعت شام جي وقت انهيءَ کي ذبح ڪري.</verse>
				<verse number="7">هو انهيءَ جو رت کڻي جن گهرن ۾ اهو کائڻ ۾ اچي، تنهن جي درن جي پاسي وارين ٻانهين ۽ سردرن تي لڳائين.</verse>
				<verse number="8">۽ انهيءَ رات جو، هو انهيءَ جو گوشت پچائي، فطيري مانيءَ ۽ ڪوڙيءَ ڀاڄيءَ سان گڏ کائين.</verse>
				<verse number="9">اوهين انهيءَ مان ڪي بہ ڪچو، يا پاڻيءَ ۾ ٻاڦي نہ کائجو، پر انهيءَ جي منڍي، پاون ۽ آنڊن سميت باهہ تي پچائي کائجو.</verse>
				<verse number="10">۽ انهيءَ مان ڪجهہ بہ صبح تائين نہ بچائجو؛ پر باقي جيڪي بچي، سو باهہ ۾ ساڙي ڇڏجو.</verse>
				<verse number="11">۽ اهو اوهين هن ريت کائجو؛ پنهنجو سندرو ٻڌجو، پنهنجي جتي پيرن ۾ پائجو، پنهنجي لٺ هٿ ۾ کڻجو: ۽ اهو تڪڙ ۾ کائجو: اهو خداوند جو فسح آهي.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو انهيءَ رات آءٌ مصر جي ملڪ مان لنگهندس، ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي بہ پهريتا هوندا، ماڻهن جا ٻار توڙي جانورن جا ٻچا، تن سڀني کي ماري وجهندس، ۽ مصر جي سڀني ديوتائن تي فتويٰ جاري ڪندس: آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="13">۽ جن گهرن ۾ اوهين رهو ٿا، تن تي اهو رت اوهان جي لاءِ هڪڙو نشان ٿيندو؛ ۽ آءٌ اهو رت ڏسي اوهان کي ڇڏي لنگهي ويندس، ۽ جڏهن آءٌ مصر جي ملڪ وارن کي ماريندس، تڏهن اوهان کي برباد ڪرڻ لاءِ ڪابہ آفت اوهان تي ڪانہ ايندي.</verse>
				<verse number="14">۽ اهو ڏينهن اوهان جي لاءِ يادگار رهندو، ۽ اوهين هميشہ پيڙهي بہ پيڙهي انهيءَ ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ڪندا رهجو.</verse>
				<verse number="15">ست ڏينهن برابر اوهين فطيري ماني کائجو؛ بلڪ پهرئين ئي ڏينهن خمير پنهنجن گهرن مان ڪڍي ڇڏجو، ڇالاءِ تہ جيڪو ماڻهو پهرئين ڏينهن کان وٺي ستين ڏينهن تائين خميري ماني کائيندو، سو اسرائيل مان تباهہ ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="16">۽ پهرئين ڏينهن اوهان جي لاءِ پاڪ مجلس ٿيندي ۽ ستين ڏينهن بہ اوهان جي لاءِ پاڪ مجلس ٿيندي؛ انهن ڏينهن تي کاڌي کان سواءِ ٻيو ڪنهن بہ قسم جو ڪم ڪرڻ ۾ نہ اچي، رڳو اهوئي ڪم اوهان کي ڪرڻو آهي.</verse>
				<verse number="17">۽ اها فطيري مانيءَ جي عيد اوهين هميشہ ڪندا رهجو، ڇالاءِ جو انهيءَ ساڳئي ڏينهن مون اوهانجن لشڪرن کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آندو آهي: تنهنڪري اوهين انهيءَ ڏينهن کي پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ جو قانون سمجهي قائم رکجو.</verse>
				<verse number="18">پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ شام کان وٺي ايڪيهين تاريخ شام تائين اوهين فطيري ماني کائيندا رهجو.</verse>
				<verse number="19">ست ڏينهن اوهان جن گهرن ۾ خمير جو نالو ئي نہ هجي؛ ڇالاءِ تہ جيڪو ماڻهو ڪا خميري شيءِ کائيندو، سو اسرائيلين جي جماعت مان تباهہ ڪيو ويندو، پوءِ اهو مسافر هجي توڙي انهيءَ ملڪ ۾ ڄاول هجي.</verse>
				<verse number="20">اوهين ڪابہ خميري شيءِ نہ کائجو، پر پنهنجن سڀني گهرن ۾ فطيري ماني کائجو.</verse>
				<verse number="21">تنهن کان پوءِ موسيٰ اسرائيل جي سڀني بزرگن کي گهرائي چيو تہ اوهين پنهنجن خاندانن موجب پنهنجا گهيٽا چونڊيو، ۽ وڃي اهو فسح جو گهيٽو ذبح ڪريو.</verse>
				<verse number="22">۽ اوهين زوفا جو هڪڙو ڇڳو کڻجو، ۽ ٿالهہ ۾ جيڪو رت هوندو، تنهن ۾ اهو ٻوڙجو، ۽ اهو ٿالهہ وارو رت سردرن ۽ ٻانهين تي ڇٽجو؛ ۽ صبح تائين اوهان مان ڪوبہ پنهنجي گهر جي در کان ٻاهر نہ نڪري.</verse>
				<verse number="23">ڇالاءِ جو خداوند مصرين جي مارڻ لاءِ لنگهندو؛ ۽ جڏهن هو سردرن ۽ ٻانهين تي رت ڏسندو، تڏهن خداوند انهيءَ در کي ڇڏي لنگهي ويندو، ۽ تباهي آڻڻ واري کي اوهان جي گهرن ۾ اچڻ ڪين ڏيندو تہ اچي اوهان کي ماري.</verse>
				<verse number="24">۽ اهو ڪم اوهين پنهنجي ۽ پنهنجن پٽن جي لاءِ قانون سمجهي هميشہ ڪندا رهجو.</verse>
				<verse number="25">۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهين انهيءَ ملڪ ۾ پهچندا، جو خداوند اوهان کي پنهنجي واعدي موجب ڏيندو، تڏهن اها عبادت ڪندا رهجو.</verse>
				<verse number="26">۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهان جو اولاد اوهان کي چوي تہ هن عبادت جو مطلب ڪهڙو آهي؟</verse>
				<verse number="27">تڏهن اوهين چئجو تہ هيءَ انهيءَ خداوند جي لاءِ فسح جي قرباني آهي، جو مصر ۾ بني اسرائيل جي گهرن وٽان لنگهي ويو، جنهن وقت هن مصرين کي ماريو ۽ اسان کي ڇڏي ڏنائين. تڏهن ماڻهن ڪنڌ جهڪائي سجدو ڪيو.</verse>
				<verse number="28">۽ بني اسرائيل وڃي ائين ئي ڪيو، يعني جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ ۽ هارون کي حڪم ڏنو هو، تهڙيءَ طرح هنن ڪيو.</verse>
				<verse number="29">پوءِ هيئن ٿيو جو آڌيءَ رات جو مصر جي ملڪ ۾ فرعون، جو تخت تي ويٺو هو، تنهن جي پهريتي ٻار کان وٺي، قيدي، جو قيد خاني ۾ هو، تنهن جي پهريتي ٻار تائين، جيڪي بہ پهريتا ٻار هئا، ۽ جانورن جا جيڪي پهريتا ٻچا هئا، سي سڀ خداوند ماري وڌا.</verse>
				<verse number="30">۽ انهيءَ رات فرعون، ۽ سندس نوڪر، ۽ سڀيئي مصري اُٿيا، ۽ مصر ۾ ڏاڍو ماتم مچي ويو؛ ڇالاءِ جو اهڙو ڪوبہ گهر ڪونہ هو، جنهن ۾ ڪو موت نہ ٿيو هجي.</verse>
				<verse number="31">تڏهن رات جو ئي هن موسيٰ ۽ هارون کي گهرائي چيو تہ اُٿو، اوهين ۽ بني اسرائيل منهنجن ماڻهن منجهان نڪري وڃو، ۽ جيئن اوهان چيو آهي، تيئن وڃي خداوند جي عبادت ڪريو.</verse>
				<verse number="32">پنهنجي چوڻ موجب پنهنجا ڍور ۽ ڌڻ بہ وٺي وڃو؛ ۽ منهنجي لاءِ بہ برڪت گهرجو.</verse>
				<verse number="33">۽ مصرين انهن ماڻهن تي زور لاتو تہ جلد ملڪ مان نڪري وڃن، ڇالاءِ جو هنن چيو تہ اسين سڀ مري وينداسين.</verse>
				<verse number="34">۽ انهن ماڻهن پنهنجو ڳوهيل اٽو، خمير ٿيڻ کان اڳي ٿالهن سميت پنهنجن ڪپڙن ۾ ٻڌي، پنهنجن ڪلهن تي کنيو.</verse>
				<verse number="35">۽ بني اسرائيل، موسيٰ جي چوڻ موجب مصرين کان چانديءَ ۽ سون جا زيور ۽ ڪپڙا گهري ورتا؛</verse>
				<verse number="36">۽ خداوند انهن ماڻهن کي مصرين جي نظر ۾ اهڙي عزت بخشي جو هنن جيڪي بہ گهريو، سو کين ڏنائون. سو هنن مصرين کي ڦريو لٽيو.</verse>
				<verse number="37">پوءِ بني اسرائيل رعمسيس کان مسافري ڪندا سڪات تائين آيا، ۽ اهي ٻارن کان سواءِ فقط مرد ماڻهو ڇهہ لک هئا.</verse>
				<verse number="38">۽ ٻين ذاتين جو هڪڙو وڏو گڏيل انبوهہ بہ ساڻن گڏ روانو ٿيو، ۽ ڍور ۽ ڌڻ بہ ساڻن هئا، مطلب تہ تمام گهڻو چوپايو مال بہ هو.</verse>
				<verse number="39">۽ جيڪو ڳوهيل اٽو مصر مان آندو هئائون، تنهن مان بي خمير مانيون پچايائون؛ ڇالاءِ جو اهو اٽو خمير ٿيل نہ هو، ڇو تہ هو مصر مان هڪاليا ويا هئا ۽ ترسي نہ سگهيا، نڪي پنهنجي لاءِ ڪو سمر تيار ڪري سگهيا.</verse>
				<verse number="40">هاڻي بني اسرائيل مصر ۾ چار سؤ ٽيهہ ورهيہ رهيا هئا.</verse>
				<verse number="41">۽ چار سؤ ٽيهن ورهين کان پوءِ، انهيءَ ساڳئي ڏينهن هيئن ٿيو جو خداوند جا سڀ لشڪر مصر جي ملڪ مان نڪري ٻاهر ٿيا.</verse>
				<verse number="42">خداوند انهن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، تنهنڪري اُها رات سندن لاءِ جاڳرتي جي رات آهي: هيءَ خداوند جي اُها رات آهي جا سڀني بني اسرائيلين کي سندين سڀني پيڙهين تائين ياد رکڻي آهي.</verse>
				<verse number="43">پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ فسح جو قاعدو هيءُ آهي، تہ ڪوبہ ڌاريو ماڻهو انهيءَ مان نہ کائي.</verse>
				<verse number="44">پر سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جو ٻانهو، جو زرخريد هوندو، تنهن جو جڏهن اوهين ختنو ڪندا، تنهن کان پوءِ هو انهي مان کائي سگهندو.</verse>
				<verse number="45">مسافر ۽ پگهاردار نوڪر انهيءَ مان اصل نہ کائي.</verse>
				<verse number="46">اهو هڪڙي ئي گهر ۾ کائجو؛ انهيءَ جي گوشت مان ڪجهہ بہ گهر کان ٻاهر کڻي نہ وڃجو، نڪي انهيءَ جو ڪو هڏو ڀڃجو.</verse>
				<verse number="47">اسرائيل جي ساري جماعت انهيءَ تي عمل ڪري.</verse>
				<verse number="48">۽ جڏهن ڪو مسافر تو وٽ ٽڪيل هجي ۽ خداوند جي فسح ۾ شامل ٿيڻ چاهي، تہ پهرين هن جي گهر جا سڀيئي ماڻهو ختنو ڪرائين، ۽ پوءِ هو ويجها اچي فسح ۾ شامل ٿين؛ پوءِ هو اوهان جي ملڪ ۾ ڄاول ماڻهوءَ جهڙا ليکجڻ ۾ ايندا. پر ڪوبہ نامختون ماڻهو انهي مان نہ کائي.</verse>
				<verse number="49">اوهان جي ملڪ ۾ ڄاول ماڻهوءَ لاءِ، توڙي جيڪو مسافر ٿي اوهان ۾ رهي ٿو، تنهن لاءِ هڪڙي ئي شريعت آهي.</verse>
				<verse number="50">۽ سڀني بني اسرائيلين ائين ئي ڪيو، يعني جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ ۽ هارون کي حڪم ڏنو هو، تهڙيءَ طرح هنن ڪيو.</verse>
				<verse number="51">انهيءَ ساڳئي ڏينهن هيئن ٿيو جو خداوند بني اسرائيل کي سندن لشڪرن موجب مصر جي ملڪ مان ٻاهر آندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ</verse>
				<verse number="2">بني اسرائيل ۾ سڀ پهريتا ٻار، جي پهرين پيٽ مان نڪرن، سي منهنجي لاءِ مخصوص ڪر، ماڻهن جا پهريتا ٻار توڙي جانورن جا پهريتا ٻچا، اهي سڀ منهنجا آهن.</verse>
				<verse number="3">پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ اهو ڏينهن ياد رکو، جنهن ۾ اوهين مصر کان ٻاهر آيا، ۽ غلاميءَ جي گهر مان نڪتا؛ ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ ٻانهن جي زور سان اوهان کي انهيءَ هنڌان ڪڍي آيو؛ تنهن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.</verse>
				<verse number="4">اوهين ابيب مهيني ۾ اڄوڪي ڏينهن ٻاهر نڪتا آهيو.</verse>
				<verse number="5">۽ جڏهن خداوند اوهان کي ڪنعانين، حتين، امورين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ آڻي، جنهن بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ اهو اوهان کي ڏيندو، ۽ جنهن ملڪ ۾ کير ۽ ماکي ٿي وهي، تڏهن تون انهيءَ مهيني ۾ اها عبادت ياد رکج.</verse>
				<verse number="6">ست ڏينهن تون بي خميري ماني کائج، ۽ ستين ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ٿيندي.</verse>
				<verse number="7">انهن ستن ئي ڏينهن ۾ بي خميري ماني کائبي، ۽ ضروري آهي تہ ڪابہ خميري ماني تو وٽ ڏسڻ ۾ نہ اچي، نڪي تنهنجين سڀني سرحدن جي اندر تو وٽ خمير ڏسڻ ۾ اچي.</verse>
				<verse number="8">انهيءَ ڏينهن تون پنهنجي پٽ کي ٻڌائج تہ جڏهن آءٌ مصر مان نڪتس، تڏهن خداوند جيڪي مون لاءِ ڪيو، تنهن جي ڪري ائين ڪيو ٿو وڃي.</verse>
				<verse number="9">۽ اها تو وٽ تنهنجي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي، ۽ تنهنجين اکين اڳيان هڪڙي يادگار رهندي؛ تہ خداوند جي شريعت تنهنجي وات ۾ هجي؛ ڇالاءِ جو خداوند توکي زور واري هٿ سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي.</verse>
				<verse number="10">تنهنڪري تون انهيءَ قانون تي سال بہ سال ٺهرايل وقت تي عمل ڪندو رهج.</verse>
				<verse number="11">۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند توکي ڪنعانين جي انهيءَ ملڪ مان آڻيندو، جنهن جو تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هئائين، ۽ اهو ملڪ توکي ڏيندو،</verse>
				<verse number="12">تڏهن جيڪو پهرين پيٽ مان نڪري، ۽ جانور جو بہ جيڪو پهريون ٻچو تو وٽ هجي، سو تون خداوند جي لاءِ ڌار ڪج: نر سڀ خداوند جا ٿيندا.</verse>
				<verse number="13">پر گڏهہ جي ٻچي جي بدران هڪڙو گهيٽو يا ڇيلو عيوضي طور ڏج، ۽ جي انهيءَ جي لاءِ عيوضو نہ ڏين، تہ پوءِ انهيءَ جي ڳچي ڀڃي ڇڏج. ۽ پنهنجن پٽن مان ماڻهن جي سڀني پهريتن جي بدران عيوضو ڏج.</verse>
				<verse number="14">۽ جڏهن ڪنهن ايندڙ وقت ۾ تنهنجو پٽ توکان پڇي ۽ چوي تہ هن جي معنيٰ ڇا آهي؟ تڏهن تون هن کي چئج تہ خداوند اسان کي زور واري هٿ سان مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍيائين.</verse>
				<verse number="15">۽ جڏهن فرعون اسان کي وڃڻ نٿي ڏنو، تڏهن خداوند مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا، يعني ماڻهن جا پهريتا ٻار، ۽ جانورن جا پهريان ٻچا ماري ڇڏيا: تنهنڪري جيڪي ٻچا پهرين ٿا ڄمن، تن مان نر آءٌ قربان ٿو ڪريان، پر پنهنجن پٽن جي پهريتن جي بدران عيوضو ٿو ڏيان.</verse>
				<verse number="16">۽ اها تنهنجي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي، ۽ تنهنجين اکين جي اڳيان هڪڙي يادگار رهندي؛ ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي هٿ جي زور سان اسان کي مصر مان ڪڍي آيو.</verse>
				<verse number="17">پوءِ هيئن ٿيو تہ جڏهن فرعون انهن ماڻهن کي وڃڻ ڏنو، تڏهن جيتوڻيڪ فلستين جو ملڪ ويجهو هو، پر تڏهن بہ خدا کين انهيءَ رستي کان وٺي نہ ويو؛ ڇالاءِ جو خدا چيو تہ متان هي ماڻهو جنگ ڏسي پشيمان ٿين، ۽ موٽي مصر ڏانهن وڃن.</verse>
				<verse number="18">پر خدا انهن ماڻهن کي ٻئي پاسي بيابان مان، ڳاڙهي سمنڊ واري رستي کان وٺي آيو: ۽ بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان هٿيار ٻڌي نڪتا.</verse>
				<verse number="19">۽ موسيٰ يوسف جا هڏا پاڻ سان کنيا؛ ڇالاءِ جو هن بني اسرائيل کي قسم ڏيئي چيو هو تہ خداوند ضرور اوهان جي سار لهندو، ۽ اوهين منهنجا هڏا هتان پاڻ سان کڻي وڃجو.</verse>
				<verse number="20">پوءِ هو سڪات کان روانا ٿيا، ۽ بيابان جي حد وٽ ايتام ۾ اچي منزل ڪيائون.</verse>
				<verse number="21">۽ خداوند اُنهن کي ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀ جي صورت ۾ رستو ڏيکاريندو هو، ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀ جي صورت ۾ سوجهرو ڏيندو هون، تہ اهي رات ڏينهن پنڌ ڪري سگهن؛</verse>
				<verse number="22">اهو ڪڪر جو ٿنڀ ڏينهن جي وقت، ۽ باهہ جو ٿنڀ رات جي وقت، ماڻهن جي اڳيان اصل ئي گم ڪونہ ٿيندو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ</verse>
				<verse number="2">بني اسرائيل کي چئُہ تہ پٺتي موٽن ۽ في هخيروت وٽ، مجدال ۽ سمنڊ جي وچ ۾، بعل صفون جي سامهون منزل ڪن، يعني اوهين سمنڊ جي ڪناري تي انهيءَ جي سامهون منزل ڪجو.</verse>
				<verse number="3">۽ فرعون بني اسرائيل جي بابت چوندو تہ هو انهيءَ زمين ۾ ڦاسي پيا آهن؛ ۽ اهي بيابان ۾ گهيرجي ويا آهن.</verse>
				<verse number="4">۽ آءٌ فرعون جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو انهن جي پٺيان پوندو، ۽ آءٌ فرعون ۽ سندس ساري لشڪر تي غالب پوندس؛ ۽ مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان. سو هنن ائين ئي ڪيو.</verse>
				<verse number="5">۽ جڏهن مصر جي بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ اهي ماڻهو ڀڄي ويا آهن، تڏهن فرعون ۽ سندس نوڪرن جي دل انهن ماڻهن جي برخلاف ڦيرو کاڌو، ۽ هو چوڻ لڳا تہ اسان هي ڇا ڪيو جو اسرائيلين کي پنهنجيءَ غلاميءَ مان نڪري وڃڻ ڏنوسين؟</verse>
				<verse number="6">سو هن پنهنجي گاڏي تيار ڪرائي، ۽ پنهنجا ماڻهو پاڻ سان کنيا،</verse>
				<verse number="7">۽ هن ڇهہ سؤ چونڊيل جنگي گاڏيون، ۽ مصر جون ٻيون بہ گاڏيون پاڻ سان کنيو، ۽ انهن سڀني تي سردار وهاريائين.</verse>
				<verse number="8">۽ خداوند مصر جي بادشاهہ فرعون جي دل سخت ڪئي ۽ هو بني اسرائيل جي پٺيان ڪاهي پيو؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل زبردستيءَ سان نڪري آيا هئا.</verse>
				<verse number="9">۽ مصرين اُنهن جي پٺ ورتي، يعني فرعون جا سڀيئي گهوڙا، ۽ گاڏيون، ۽ سندس سوار، ۽ لشڪر، کين اتي وڃي پهتا، جتي سمنڊ جي ڪناري تي في هخيروت وٽ، بعل صفون جي سامهون هنن منزل ڪئي هئي.</verse>
				<verse number="10">جڏهن فرعون ويجهو آيو، تڏهن بني اسرائيل وارن اکيون مٿي کڻي نهاريو، ۽ ڏٺائون تہ مصري سندن پٺيان ڪاهيندا اچن، ۽ هو ڏاڍا ڊنا: ۽ بني اسرائيل خداوند جي حضور ۾ پڪاريو.</verse>
				<verse number="11">۽ موسيٰ کي چيائون تہ مصر ۾ قبرون ڪين هيون ڇا جو تون اسان کي رڻ پٽ ۾ مرڻ جي لاءِ وٺي آيو آهين؟ تو اسان سان هي ڇا ڪيو، جو اسان کي مصر مان ڪڍي آيو آهين؟</verse>
				<verse number="12">اسان توکي مصر ۾ ائين ڪين چيو هو تہ اسان کي ڇڏي ڏي تہ ڀلي پيا مصرين جي غلامي ڪريون؛ ڇالاءِ جو اسان جي لاءِ هن رڻ پٽ ۾ مرڻ کان مصرين جي غلامي ڪرڻ بهتر ٿئي ها.</verse>
				<verse number="13">تڏهن موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ڊڄو نہ، صبر ڪريو خداوند جو ڇوٽڪارو ڏسو جو اڄ هو ظاهر ڪندو: ڇالاءِ تہ جن مصرين کي اوهين اڄ ڏسو ٿا، تن کي وري ڪڏهن بہ ڪين ڏسندا.</verse>
				<verse number="14">خداوند پاڻهي اوهان جي لاءِ وڙهندو، اوهين ماٺ ڪري ويٺا هجو.</verse>
				<verse number="15">پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ تون منهنجي حضور ۾ ڇو ٿو پڪارين؟ بني اسرائيل کي چئُہ تہ اڳتي هلن.</verse>
				<verse number="16">۽ تون پنهنجي لٺ کڻ ۽ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگهير، ۽ انهيءَ کي چيري ٻہ حصا ڪر؛ ۽ بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگهي ويندا.</verse>
				<verse number="17">۽ ڏس آءٌ مصرين جي دلين کي سخت ڪندس، ۽ هو انهن جي پٺيان پوندا، ۽ آءٌ فرعون تي، ۽ سندس ساري لشڪر تي، سندس گاڏين تي، ۽ سندس گهوڙي سوارن تي غالب پوندس.</verse>
				<verse number="18">جڏهن آءٌ فرعون تي ۽ سندس گهوڙي سوارن تي غالب پوندس، تڏهن فرعون کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="19">پوءِ خدا جو فرشتو جيڪو اسرائيلي لشڪر جي اڳيان هلندو هو؛ سو ڦري انهن جي پٺيان هلڻ لڳو؛ ۽ ڪڪر جو ٿنڀ هنن جي اڳ کان نڪري، سندن پٺيان آيو.</verse>
				<verse number="20">۽ اهو مصر جي لشڪرگاهہ ۽ اسرائيل جي لشڪرگاهہ جي وچ ۾ وڃي بيٺو: ۽ جيتوڻيڪ اتي ڪڪر ۽ اوندهہ هئي؛ تڏهن بہ رات جو انهيءَ مان سوجهرو ٿي نڪتو، ۽ ساري رات هڪڙو لشڪر ٻئي کي ويجهو نہ ويو.</verse>
				<verse number="21">۽ موسيٰ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگهيريو تہ خداوند ساري رات اڀرندي جو واءُ لڳايو، ۽ سمنڊ کي هٽائي سڪائي ڇڏيائين، ۽ پاڻي وچ مان چيرجي پيو.</verse>
				<verse number="22">۽ بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگهي ويا، ۽ انهن جي ساڄي هٿ پاسي کان ۽ کاٻي هٿ پاسي کان پاڻي سندن لاءِ ڀت وانگر ٿي پيو.</verse>
				<verse number="23">پوءِ مصري بہ هنن جي پٺيان سمنڊ جي وچ ۾ ڪاهي پيا، يعني فرعون جا سڀ گهوڙا ۽ گاڏيون ۽ سوار.</verse>
				<verse number="24">۽ صبح جو سوير هيئن ٿيو، جو خداوند باهہ جي ۽ ڪڪر جي ٿنڀ منجهان مصرين جي لشڪر ڏانهن نهاريو، ۽ مصرين جي لشڪر کي پريشان ڪيائين.</verse>
				<verse number="25">هنن جي گاڏين جا ڦيٿا ڦاسائي ڇڏيائين، جنهن ڪري هو ڏاڍيءَ مشڪلات سان انهن کي هلائي سگهيا؛ ۽ مصري چوڻ لڳا تہ اچو تہ اسرائيل جي منهن تان ٽري ڀڄي وڃون؛ ڇالاءِ جو خداوند انهن جي پاران مصرين سان وڙهي ٿو.</verse>
				<verse number="26">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ پنهنجو هٿ سمنڊ جي مٿان ڊگهير تہ پاڻي موٽي مصرين تي، ۽ سندن گاڏين تي، ۽ سندن گهوڙي سوارن تي اچي.</verse>
				<verse number="27">تڏهن موسيٰ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگهيريو، ۽ صبح ٿيڻ شرط سمنڊ پنهنجي اصلوڪي زور تي اچي بيٺو، ۽ مصري انهيءَ ۾ ڀڄڻ لڳا، پر خداوند مصرين کي سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="28">يعني پاڻي موٽي آيو، ۽ گاڏيون، ۽ گهوڙي سوار، ۽ فرعون جو سارو لشڪر، جو هنن جي پٺيان ڪاهي آيو هو، تنهن کين ٻوڙي ڇڏيو؛ ۽ منجهانئن هڪڙو بہ ڪونہ بچيو.</verse>
				<verse number="29">پر بني اسرائيل سمنڊ جي وچ ۾ بہ سڪيءَ زمين تي پنڌ ڪيو، ۽ پاڻي هنن جي ساڄي هٿ پاسي توڙي کٻي پاسي، سندن لاءِ ڀت وانگر بيٺو هو.</verse>
				<verse number="30">اهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ ڏينهن اسرائيل کي مصرين جي هٿان بچايو، ۽ اسرائيل مصرين کي سمنڊ جي ڪناري تي مئل ڏٺو.</verse>
				<verse number="31">اهو وڏو معجزو، جو خداوند مصرين تي ڪيو، سو اسرائيل ڏٺو ۽ ماڻهو خداوند کان ڊنا؛ ۽ هنن خداوند تي، ۽ سندس ٻانهي موسيٰ تي ايمان آندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="15">
				<verse number="1">تڏهن موسيٰ ۽ بني اسرائيل خداوند جي حضور ۾ گيت ڳايو، ۽ چيائون تہ: آءٌ خداوند جي تعريف ڳائيندس، ڇالاءِ جو هن وڏي جلال سان پاڻ کي ظاهر ڪيو؛ هن گهوڙي کي سندس سوار سوڌو سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو آهي.</verse>
				<verse number="2">خداوند منهنجي طاقت، ۽ منهنجو راڳ آهي، ۽ هو منهنجي نجات بڻيو آهي. هو منهنجو خدا آهي، آءٌ سندس تعريف ڪندس؛ هو منهنجي پيءُ جو خدا آهي؛ آءٌ انهيءَ جي بزرگي ظاهر ڪندس.</verse>
				<verse number="3">خداوند جنگي پهلوان آهي، انهيءَ جو نالو خداوند آهي.</verse>
				<verse number="4">هن فرعون جون گاڏيون ۽ سندس لشڪر سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو، ۽ سندس چونڊيل سردار ڳاڙهي سمنڊ ۾ ٻڏي ويا آهن.</verse>
				<verse number="5">اونهي پاڻيءَ هنن کي ڍڪي ڇڏيو، هو پهڻ وانگي سمنڊ جي تري ۾ هليا ويا آهن.</verse>
				<verse number="6">اي خداوند، تنهنجو ساڄو هٿ طاقت ۾ مشهور آهي. اي خداوند تنهنجي ساڄي هٿ دشمن کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="7">جيڪي تنهنجي برخلاف اُٿن ٿا، تن کي تون پنهنجيءَ عظمت جي بزرگيءَ سان ڪيرائي ٿو ڇڏين؛ تون پنهنجو غضب موڪلين ٿو، ۽ اهو انهن کي بوسي جي ٻورن وانگي ساڙي چٽ ڪري ٿو ڇڏي.</verse>
				<verse number="8">تنهنجن ناسن جي هوا سان پاڻي ڍڳ ٿي پيا، ۽ لهرون ٽڪرين وانگي اُڀيون ٿي بيٺيون؛ اونهو پاڻي سمنڊ جي وچ ۾ ڄمي بيهي رهيو.</verse>
				<verse number="9">دشمن چيو تہ آءٌ پٺيان پوندس، آءٌ لٽ جو مال ورهائيندس، منهنجي خواهش انهن تي پوري ٿيندي. آءٌ پنهنجي ترار ڪڍندس، ۽ منهنجو هٿ انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="10">تو پنهنجو واءُ لڳايو ۽ سمنڊ انهن کي ڍڪي ڇڏيو، هو زور واري پاڻيءَ ۾ شيهي وانگر ٻڏي ويا.</verse>
				<verse number="11">اي خداوند معبودن ۾ تو جهڙو ڪوبہ ڪونهي: تو وانگر پاڪيزگيءَ ۾ جلال وارو، صفتن ۾ هيبت وارو، ۽ معجزا ڪندڙ، ٻيو ڪير آهي؟</verse>
				<verse number="12">تو پنهنجو ساڄو هٿ ڊگهيريو تہ زمين هنن کي ڳڙڪائي ويئي.</verse>
				<verse number="13">جن ماڻهن کي تو ڇڏايو، تن جي تو پنهنجيءَ رحمت سان رهبري ڪئي: تو انهن کي پنهنجيءَ طاقت سان پنهنجي پاڪ مڪان تائين پهچايو آهي.</verse>
				<verse number="14">قومن ٻڌو آهي ۽ ڏڪن ٿيون؛ فلستين کي خوف جي عذابن ورايو آهي.</verse>
				<verse number="15">انهيءَ وقت ادوم جا سردار حيران ٿيا: موآب جي پهلوانن کي ڏڪڻي وٺي ويئي: ۽ ڪنعان جا سڀ رهاڪو پاڻي پاڻي ٿي ويا آهن.</verse>
				<verse number="16">خوف ۽ ڊپ انهن تي پيو آهي؛ تنهنجي هٿ جي بزرگيءَ ڪري هو پهڻ وانگي سڪوت ۾ آهن، جيسين ڪ اي خداوند تنهنجي اُمت لنگهي وڃي، جنهن کي تو خريد ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="17">تون انهن کي وٺي ويندين، ۽ پنهنجيءَ ميراث واري جبل تي کين وڻ وانگي لڳائيندين، يعني اها جاءِ، جيڪا اي خداوند، تو پنهنجي رهڻ جي لاءِ تيار ڪئي آهي؛ اها پاڪ ترين جاءِ، جيڪا اي خداوند، تنهنجن هٿن قائم ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="18">خداوند هميشہ تائين بادشاهي ڪندو.</verse>
				<verse number="19">سو فرعون جا گهوڙا، سندس گاڏين ۽ گهوڙي سوارن سميت، سمنڊ ۾ گهڙي ويا، ۽ خداوند سمنڊ جو پاڻي موٽائي مٿن آندو؛ پر بني اسرائيل سمنڊ جي وچ ۾ سڪيءَ زمين تي پنڌ ڪري ويا.</verse>
				<verse number="20">۽ مريم نبيہ، جا هارون جي ڀيڻ هئي، تنهن پنهنجي هٿ ۾ دف کنيو؛ ۽ سڀ زالون دف کڻي نچنديون انهيءَ جي پٺيان هليون.</verse>
				<verse number="21">۽ مريم هن ريت هنن جي راڳ جو جواب ڏنو: اوهين خداوند جي تعريف ڳايو، ڇالاءِ جو هن وڏي فتح حاصل ڪئي آهي؛ هن گهوڙي کي سندس سوار سميت سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو آهي.</verse>
				<verse number="22">پوءِ موسيٰ اسرائيل کي ڳاڙهي سمنڊ کان پرتي وٺي هليو، ۽ هو شور جي بيابان ۾ آيا؛ هو ٽن ڏينهن تائين بيابان ۾ پنڌ ڪندا رهيا، پر پاڻي ڪونہ ڏٺائون.</verse>
				<verse number="23">۽ جڏهن هو مارہ ۾ آيا، تڏهن مارہ جو پاڻي پي نہ سگهيا ڇو تہ اهو ڪوڙو هو؛ انهيءَ ڪري هن جو نالو مارہ پيو هو.</verse>
				<verse number="24">تڏهن ماڻهو موسيٰ جي برخلاف ڪُرڪڻ لڳا، ۽ چيائون تہ اسين ڇا پيئنداسين؟</verse>
				<verse number="25">تنهن تي هن خداوند کي پڪاريو؛ ۽ خداوند کيس هڪڙو وڻ ڏيکاريو، سو جڏهن هن پاڻيءَ ۾ وڌو، تڏهن پاڻي مٺو ٿي پيو. اتي خداوند انهن جي لاءِ هڪڙو قانون ۽ قاعدو جوڙيو، ۽ اتي هن کين آزمايو:</verse>
				<verse number="26">۽ چيائين تہ جيڪڏهن تون دل ڏيئي خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، ۽ جيڪي سندس نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندين، ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قانونن تي هلندين، تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ توتي ڪين موڪليندس؛ ڇالاءِ جو آءٌ اهو خداوند آهيان، جو توکي شفا ٿو ڏيان.</verse>
				<verse number="27">پوءِ هو ايليم ۾ آيا، جتي پاڻيءَ جا ٻارهن چشما ۽ کجين جا ستر وڻ هئا؛ ۽ اتي هنن پاڻيءَ جي ڀرسان منزل ڪئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="16">
				<verse number="1">پوءِ هو ايليم مان روانا ٿيا، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت سين جي بيابان ۾ آئي، جو ايليم ۽ سينا جي وچ ۾ آهي: ۽ مصر جي ملڪ مان نڪرڻ کان پوءِ ٻئي مهيني جي پندرهين تاريخ هو اتي پهتا.</verse>
				<verse number="2">۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف بيابان ۾ ڪُرڪڻ لڳي.</verse>
				<verse number="3">۽ بني اسرائيل هنن کي چيو تہ جڏهن اسين مصر جي ملڪ ۾ گوشت جي ديڳڙن وٽ ويٺا هئاسين، ۽ پيٽ ڀري ماني ٿي کاڌيسين، تڏهن جي خداوند جي هٿان مري وڃون ها تہ چڱو ٿئي ها؛ ڇالاءِ اوهان اسان کي هن رڻ پٽ ۾ آندو آهي، تہ هن ساري جماعت کي بکن ۾ ماريو.</verse>
				<verse number="4">تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ ڏس، آءٌ اوهان جي لاءِ مانين جو مينهن وسائيندس، ۽ ماڻهو هر روز ٻاهر وڃي، هڪڙي ڏينهن جي انداز جيتري گڏ ڪندا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ کين آزمايان تہ هو منهنجي شريعت تي هلن ٿا يا نہ.</verse>
				<verse number="5">۽ ڇهين ڏينهن هيئن ٿيندو تہ جيڪي هو آڻي تيار ڪندا، سو هر روز جيترو هو گڏ ڪندا هوندا تنهن کان ٻيڻو ٿي پوندو.</verse>
				<verse number="6">تڏهن موسيٰ ۽ هارون سڀني بني اسرائيلين کي چيو تہ شام جي وقت اوهان کي خبر پوندي تہ اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آڻڻ وارو خداوند آهي.</verse>
				<verse number="7">۽ صبح جو اوهين خداوند جو جلال ڏسندا، ڇالاءِ جو اوهين جيڪي خداوند جي برخلاف شڪايتون ٿا ڪريو، سي هن ٻڌيون آهن: اسين ڪير آهيون جن جي برخلاف اوهين ڪُر ڪُر ٿا ڪريو؟</verse>
				<verse number="8">۽ موسيٰ چيو تہ هاڻي هيئن ٿيندو تہ خداوند شام جي وقت اوهان کي گوشت ڏيندو، ۽ صبح جو ڍؤ تي ماني ڏيندو؛ ڇالاءِ جو اوهين جيڪي خداوند جي برخلاف شڪايتون ٿا ڪريو سي هو ٻڌي ٿو: ۽ اسين ڪير آهيون؟ اوهان جي شڪايت اسان جي برخلاف نہ پر خداوند جي برخلاف آهي.</verse>
				<verse number="9">پوءِ موسيٰ هارون کي چيو تہ بني اسرائيل جي ساريءَ جماعت کي چئُہ تہ خداوند جي حضور ۾ اچو: ڇالاءِ جو هن اوهان جي شڪايت ٻڌي آهي.</verse>
				<verse number="10">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هارون، بني اسرائيل جي ساريءَ جماعت کي ائين چيو، تڏهن هنن بيابان ڏانهن نظر ڪئي تہ اوچتو خداوند جو جلال ڪڪر ۾ ظاهر ٿيو.</verse>
				<verse number="11">۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ</verse>
				<verse number="12">مون بني اسرائيل جي شڪايت ٻڌي آهي؛ هنن کي چئُہ تہ اوهين شام جي وقت گوشت کائيندا، ۽ صبح جو اوهان کي ڍؤ تي ماني ملندي؛ ۽ اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.</verse>
				<verse number="13">۽ هيئن ٿيو تہ شام جي وقت ٻٽيرا اُڏامندا آيا ۽ منزل گاهہ کي ڍڪي ڇڏيائون: ۽ صبح جو منزل گاهہ جي آس پاس ماڪ پيئي.</verse>
				<verse number="14">۽ جڏهن ماڪ گم ٿي ويئي، تڏهن ڇا ڏسن تہ بيابان ۾ هڪڙي گول شيءِ، برف جي ٽڪر جهڙي اڇي، زمين تي پيئي آهي.</verse>
				<verse number="15">جڏهن بني اسرائيل اها ڏٺي، تڏهن هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ هي ڇا آهي؟ ڇالاءِ جو انهن کي خبر ڪا نہ هئي تہ هي ڇا آهي. تڏهن موسيٰ کين چيو تہ اها ماني آهي، جا خداوند اوهان کي کائڻ جي لاءِ ڏني آهي.</verse>
				<verse number="16">هيءَ اها شيءِ آهي، جنهن بابت خدا حڪم ڪيو آهي تہ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي کائڻ جيتري گڏ ڪري. اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي تنبوءَ جي ڀاتين لاءِ، پنهنجن ماڻهن جي شمار موجب، هڪڙي ماڻهوءَ لاءِ هڪڙو عومر گڏ ڪري.</verse>
				<verse number="17">سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو، پر ڪن گهڻي، ڪن ٿوري گڏ ڪئي.</verse>
				<verse number="18">۽ جڏهن هنن اها عومر سان مئي ڏٺي، تڏهن جنهن گهڻي گڏ ڪئي هئي، تنهن وٽ وڌيڪ ڪي بہ ڪين بچيو، ۽ جنهن ٿوري گڏ ڪئي هئي تنهن وٽ گهٽ ڪانہ ٿي؛ انهن مان هر ڪنهن پنهنجي کائڻ جيتري گڏ ڪئي هئي.</verse>
				<verse number="19">۽ موسيٰ انهن کي چيو تہ ڪوبہ ماڻهو انهيءَ مان صبح تائين ڪي بہ بچائي نہ رکي.</verse>
				<verse number="20">پر انهيءَ هوندي بہ هنن موسيٰ جي ڳالهہ نہ مڃي، بلڪ منجهانئن ڪن صبح تائين انهيءَ مان ڪي بچائي ڇڏيو، پر انهيءَ ۾ ڪينئان پئجي ويا، ۽ اها ڪِني ٿي پيئي؛ تڏهن موسيٰ انهن تي ڏاڍو ناراض ٿيو.</verse>
				<verse number="21">پوءِ هو هر روز صبح جو اها گڏ ڪندا هئا، ۽ سڀ ڪو ماڻهو پنهنجي کائڻ جيتري اُها کڻندو هو؛ ۽ جڏهن تکي اُس نڪرندي هئي، تڏهن اُها ڳري ويندي هئي.</verse>
				<verse number="22">۽ ڇهين ڏينهن انهن ٻيڻي ماني گڏ ڪئي، يعني هر هڪ لاءِ ٻہ عومر؛ ۽ جماعت جي سردارن اچي موسيٰ کي خبر ڏني.</verse>
				<verse number="23">۽ هن کين چيو تہ هيءَ اها ئي ڳالهہ آهي، جا خداوند فرمائي هئي تہ سڀاڻي خاص آرام جو ڏينهن آهي، ۽ خداوند جو پاڪ سبت آهي؛ جيڪي پچائي سگهو سو پچايو، ۽ جيڪي رڌي سگهو سو رڌيو، ۽ جيڪي باقي بچي سو پنهنجي واسطي صبح تائين رکي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="24">هنن اها موسيٰ جي چوڻ موجب صبح تائين رکي ڇڏي، پر اها نڪي خراب ٿي نڪي منجهس ڪينئون پيو.</verse>
				<verse number="25">۽ موسيٰ چيو تہ اها اڄ کائو، ڇالاءِ جو اڄ خداوند جو سبت آهي؛ اڄ اها شيءِ اوهان کي بيابان ۾ نہ ملندي.</verse>
				<verse number="26">ڇهہ ڏينهن اها گڏ ڪندا، پر ستين ڏينهن سبت آهي، انهيءَ ڏينهن اها ڪانہ هوندي.</verse>
				<verse number="27">۽ ستين ڏينهن هيئن ٿيو جو ڪي ماڻهو اها گڏ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتا پر نہ لڌائون.</verse>
				<verse number="28">تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ ڪيستائين اوهين منهنجن حڪمن ۽ منهنجي شريعت کي مڃڻ کان انڪار ڪندا؟</verse>
				<verse number="29">ڏسو، خداوند اوهان کي سبت ڏنو آهي، تنهنڪري هو ڇهين ڏينهن اوهان کي ٻن ڏينهن جي ماني ٿو ڏئي، اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي گهر ۾ رهي؛ ستين ڏينهن ڪوبہ ماڻهو پنهنجي گهر کان ٻاهر نہ نڪري.</verse>
				<verse number="30">انهيءَ طرح ستين ڏينهن ماڻهن آرام ڪيو.</verse>
				<verse number="31">۽ بني اسرائيل انهيءَ مانيءَ جو نالو من رکيو. اها ڌاڻن جي ٻج جهڙي اڇي هئي، ۽ انهيءَ جو سواد ماکيءَ سان جوڙيل ٽڪين جهڙو هو.</verse>
				<verse number="32">۽ موسيٰ چيو تہ خداوند هي حڪم ڏنو آهي، تہ انهيءَ مان هڪڙو عومر ڀري پنهنجين پيڙهين جي لاءِ رکي ڇڏيو، تہ ڀلي هو ڏسن تہ جڏهن مون اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، تڏهن بيابان ۾ مون اوهان کي اها ماني کارائي.</verse>
				<verse number="33">۽ موسيٰ هارون کي چيو تہ هڪڙو باسڻ کڻي، انهي ۾ من جو هڪڙو عومر ڀري وجهہ، ۽ اهو خداوند جي حضور ۾ آڻي حاضر ڪر، تہ اهو اوهانجين پيڙهين جي لاءِ رکڻ ۾ اچي.</verse>
				<verse number="34">سو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو، تيئن هارون اهو شاهديءَ جي صندوق جي اڳيان آڻي حاضر ڪيو، تہ اهو حفاظت سان رکيو وڃي.</verse>
				<verse number="35">۽ بني اسرائيل چاليهن ورهين تائين برابر من پئي کاڌي، جيسين ڪ هو ڪنهن آباد ملڪ ۾ آيا؛ يعني جيسين هو ڪنعان ملڪ جي حد ۾ آيا، تيسين من پئي کاڌائون.</verse>
				<verse number="36">هاڻي هڪڙو عومر، هڪڙي عيفا جو ڏهون حصو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="17">
				<verse number="1">پوءِ بني اسرائيل جي ساري جماعت سين جي بيابان مان رواني ٿي، ۽ خداوند جي حڪم موجب مسافري ڪندي رفيديم ۾ اچي منزل ڪيائون؛ ۽ اتي ماڻهن جي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="2">تنهنڪري ماڻهو موسيٰ سان وڙهڻ لڳا، ۽ چيائونس تہ اسان کي پاڻي ڏي تہ پيون. تڏهن موسيٰ هنن کي چيو تہ اوهين مون سان ڇو ٿا وڙهو، ۽ ڇو ٿا خداوند کي آزمايو؟</verse>
				<verse number="3">۽ اتي ماڻهو پاڻيءَ لاءِ حيران ٿيڻ لڳا، ۽ موسيٰ جي برخلاف ڪُرڪڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا تہ تو اسان کي مصر مان انهيءَ لاءِ آندو آهي ڇا، تہ اسين، ۽ اسان جا ٻار، ۽ اسان جو چوپايو مال، اُڃ جي ڪري مرون؟</verse>
				<verse number="4">۽ موسيٰ خداوند جي حضور ۾ پڪاريو ۽ چيائين تہ آءٌ هنن ماڻهن سان ڇا ڪريان؟ هو مون کي سنگسار ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن.</verse>
				<verse number="5">تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ ماڻهن وٽ وڃي، اسرائيل جي بزرگن مان ڪن کي پاڻ سان کڻ ۽ پنهنجي لٺ، جا تو درياهہ تي هنئي هئي، سا بہ پاڻ سان کڻي وڃ.</verse>
				<verse number="6">۽ ڏس، آءٌ اُتي حريب جي ٽڪريءَ تي تنهنجي سامهون بيهندس، ۽ تون انهيءَ ٽڪريءَ کي اچي ڌڪ هڻ تہ انهيءَ مان پاڻي نڪرندو، تہ اهي ماڻهو پيئن. سو موسيٰ بني اسرائيل جي بزرگن جي روبرو ائين ئي ڪيو.</verse>
				<verse number="7">هن انهيءَ جاءِ جو نالو مساہ ۽ مريباہ رکيو؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل اتي ساڻس وڙهيا هئا، ۽ هنن اتي خداوند کي آزمايو هو، ۽ چيو هئائون تہ ڏسون تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي يا نہ؟</verse>
				<verse number="8">پوءِ عماليقي آيا، ۽ رفيديم ۾ بني اسرائيل سان جنگ ڪيائون.</verse>
				<verse number="9">تڏهن موسيٰ يشوع کي چيو تہ اسان مان ڪي ماڻهو چونڊي ڪڍ، ۽ وڃي عماليقين سان وڙهہ. سڀاڻي آءٌ خدا جي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻي انهيءَ جبل جي چوٽيءَ تي بيهندس.</verse>
				<verse number="10">سو يشوع ائين ئي ڪيو، جيئن موسيٰ چيو هوس، ۽ وڃي عماليقين سان جنگ ڪيائين، ۽ موسيٰ ۽ هارون ۽ حور، جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي ويا.</verse>
				<verse number="11">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ پنهنجو هٿ مٿي ٿي کنيو، تڏهن اسرائيل غالب ٿي پيا، ۽ جڏهن هن پنهنجو هٿ هيٺ ٿي ڪيو، تڏهن عماليقي غالب ٿي پيا.</verse>
				<verse number="12">پر موسيٰ جا هٿ ٿڪجڻ لڳا تنهنڪري انهن هڪڙو پهڻ کڻي سندس هيٺان رکيو. انهيءَ تي هو ويهي رهيو، ۽ هارون ۽ حور سندس هٿ جهلي بيٺا، هڪڙو هڪڙي پاسي کان، ۽ ٻيو ٻئي پاسي کان؛ انهيءَ طرح سج لٿي تائين هن جا هٿ مٿي ئي هئا.</verse>
				<verse number="13">۽ يشوع عماليق ۽ سندس ماڻهن کي ترار جي ڌار سان شڪست ڏني.</verse>
				<verse number="14">پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ اها ڳالهہ يادگيري جي لاءِ هڪڙي ڪتاب ۾ لکي ڇڏ.</verse>
				<verse number="15">اتي موسيٰ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي ۽ انهيءَ جو نالو يهوواہ نسي (يعني خداوند منهنجو جهنڊو آهي) رکيائين.</verse>
				<verse number="16">۽ چيائين تہ خداوند قسم کنيو آهي تہ خداوند عماليق سان پيڙهي بہ پيڙهي جنگ ڪندو رهندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="18">
				<verse number="1">موسيٰ جي سهري يترو، جو مديان جو ڪاهن هو، تنهن جڏهن اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون تہ خدا موسيٰ لاءِ، ۽ پنهنجي اُمت اسرائيل لاءِ ڇا ڇا ڪيو آهي، ۽ ڪيئن خداوند اسرائيل کي مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو:</verse>
				<verse number="2">تڏهن موسيٰ جي سهري يترو، موسيٰ جي زال صفورہ کي پاڻ سان وٺي، جنهن کي موسيٰ اڳيئي موڪلي ڏنو هو،</verse>
				<verse number="3">۽ سندس ٻن پٽن کي بہ ساڻ وٺي، جن مان هڪڙي جو نالو هن جيرسوم رکيو هو (ڇالاءِ جو هن چيو تہ آءٌ ڌارئي ملڪ ۾ مسافر ٿي پيو گذاريان):</verse>
				<verse number="4">۽ ٻئي جو نالو اليعزر رکيو هئائين (ڇالاءِ جو هن چيو تہ منهنجي پيءُ جو خدا منهنجو مددگار آهي، ۽ انهي مون کي فرعون جي ترار کان ڇڏايو آهي):</verse>
				<verse number="5">موسيٰ جو سهرو يترو، موسيٰ جي زال ۽ پٽن کي ساڻ وٺي انهي بيابان ۾ موسيٰ وٽ آيو، جتي هو خدا جي جبل وٽ منزل ڪري لٿو پيو هو.</verse>
				<verse number="6">۽ ڪنهن موسيٰ کي چيو تہ ڏس تنهنجو سهرو تنهنجيءَ زال ۽ تنهنجن پٽن سميت تو وٽ آيو آهي.</verse>
				<verse number="7">تڏهن موسيٰ پنهنجي سهري جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪتو ۽ جهڪي نياز سان هن کي چميائين، ۽ ٻنهي هڪ ٻئي جي خير عافيت پڇي. پوءِ هو گڏجي تنبوءَ ۾ آيا.</verse>
				<verse number="8">۽ موسيٰ سارو احوال پنهنجي سهري کي ٻڌايو تہ خداوند اسرائيل جي خاطر، فرعون ۽ مصرين سان ڇا ڇا ڪيو، ۽ رستي ۾ مٿن ڪهڙيون ڪهڙيون مصيبتون آيون، ۽ ڪيئن خدا کين بچايو.</verse>
				<verse number="9">۽ جيڪي ڀلايون خداوند، اسرائيل سان ڪيون ۽ کين مصرين جي هٿان ڇڏايو، تن لاءِ يترو ڏاڍو خوش ٿيو.</verse>
				<verse number="10">۽ يتروءَ چيو تہ خداوند مبارڪ آهي، جنهن اوهان کي مصرين جي ۽ فرعون جي هٿان ڇڏايو.</verse>
				<verse number="11">هاڻي مون کي خبر پيئي آهي تہ خداوند سڀني معبودن کان وڏو آهي، جنهن هن اُمت کي مصرين جي هٿان ڇڏايو آهي، ڇالاءِ جو انهن مغروريءَ سان هنن جي برخلاف ڪيو.</verse>
				<verse number="12">پوءِ موسيٰ جي سهري يترو، خدا جي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني ۽ ڪي ٻيون قربانيون آنديون، ۽ هارون ۽ اسرائيل جا سڀيئي بزرگ، خداوند جي حضور ۾، موسيٰ جي سهري سان گڏ ماني کائڻ آيا.</verse>
				<verse number="13">ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ، موسيٰ ماڻهن جي عدالت ڪرڻ ويٺو، ۽ ماڻهو صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين موسيٰ جي اڳيان بيٺا هئا.</verse>
				<verse number="14">۽ موسيٰ جيڪي ماڻهن سان ڪيو، سو جڏهن سندس سهري ڏٺو، تڏهن چوڻ لڳو تہ تون ماڻهن سان هي ڇا ٿو ڪرين؟ ڇو تون پاڻ اڪيلو ويٺو آهين، ۽ ٻيا سڀيئي ماڻهو صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين تنهنجي اڳيان بيٺا آهن؟</verse>
				<verse number="15">تڏهن موسيٰ پنهنجي سهري کي چيو تہ، ڇالاءِ جو ماڻهو خدا کان صلاح وٺڻ لاءِ مون وٽ ٿا اچن.</verse>
				<verse number="16">تنهن کان سواءِ جڏهن هنن ۾ ڪو جهيڙو ٿو ٿئي، تڏهن بہ هو مون وٽ ٿا اچن، ۽ آءٌ انهن ٻنهي جي عدالت ٿو ڪريان، ۽ کين خدا جي قاعدن ۽ سندس شريعت مان واقف ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="17">تڏهن موسيٰ جي سهري چيس تہ هي تون چڱو ڪم نٿو ڪرين.</verse>
				<verse number="18">ائين تہ تون ۽ هي ماڻهو، جيڪي تو سان آهن، سي سڀ ضرور ٿڪجي پوندا؛ ڇالاءِ جو هي ڪم تنهنجي لاءِ تمام ڳورو آهي، تون اڪيلو اهو ڪري ڪين سگهندين.</verse>
				<verse number="19">هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌ، آءٌ توکي صلاح ٿو ڏيان ۽ شل خدا تو ساڻ هجي: تون ماڻهن جي پاران خدا ڏانهن مهڙ ڪر، ۽ سڀ عرض احوال خدا جي اڳيان پيش ڪر.</verse>
				<verse number="20">تون هنن کي قانون ۽ شريعت سيکار، ۽ جنهن رستي تي کين هلڻ گهرجي، ۽ جيڪو ڪم ڪرڻ گهرجين، سو سيکارين.</verse>
				<verse number="21">انهيءَ کان سواءِ تون انهن مان ڪي اهڙا لائق ماڻهو چونڊي ڪڍ، جن کي خدا جو خوف هجي، ۽ جي سچار هجن، ۽ کين ناحق جي نفعي کان نفرت هجي؛ اهڙن ماڻهن کي هنن جي مٿان، ڪي هزارن جا حاڪم، ڪي سوَن جا حاڪم، ڪي پنجاهن جا حاڪم، ۽ ڪي ڏهن جا حاڪم مقرر ڪر.</verse>
				<verse number="22">پوءِ اهي ڀلي هر وقت ماڻهن جي عدالت ڪندا رهن: ۽ هيئن ٿيڻ گهرجي تہ سڀ ڪو وڏو مقدمو هو تو وٽ آڻين، ۽ سڀ ڪو ننڍو مقدمو هو پاڻ هلائين: انهيءَ طرح تنهنجي لاءِ بہ وڌيڪ سولائي ٿيندي، ۽ انهيءَ بار کڻڻ ۾ هو تو سان ڀائيوار بہ ٿيندا.</verse>
				<verse number="23">جڏهن تون ائين ڪندين، ۽ خدا بہ توکي اهو حڪم ڏيندو، تہ پوءِ تون پوريءَ طرح ڪم هلائي سگهندين، ۽ هي سڀ ماڻهو بہ سلامتيءَ سان پنهنجي پنهنجي جاءِ تي هليا ويندا.</verse>
				<verse number="24">سو موسيٰ پنهنجي سهري جي ڳالهہ مڃي ۽ جيئن هن چيس، تيئن ئي ڪيائين.</verse>
				<verse number="25">۽ موسيٰ ساري اسرائيل مان قابل ماڻهو چونڊي ڪڍيا ۽ انهن کي ماڻهن جي مٿان حاڪم مقرر ڪيائين، ڪي هزارن جا حاڪم ڪيائين، ڪي سوَن جا، ڪي پنجاهن جا، ۽ ڪي ڏهن جا.</verse>
				<verse number="26">اهي هر وقت ماڻهن جي عدالت ڪندا هئا؛ مشڪل مقدما اهي موسيٰ وٽ آڻيندا هئا، ۽ ننڍا مقدما پاڻ هلائيندا هئا.</verse>
				<verse number="27">پوءِ موسيٰ پنهنجي سهري کي موڪل ڏني ۽ هو پنهنجي ملڪ ڏانهن روانو ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="19">
				<verse number="1">جنهن ڏينهن بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان نڪتي ٽي مهينا پورا ٿيا، تنهن ساڳئي ڏينهن هو سينا جي بيابان ۾ آيا.</verse>
				<verse number="2">هو رفيديم مان روانا ٿي سينا جي بيابان ۾ پهتا، ۽ بيابان ۾ لهي پيا؛ ۽ اسرائيل اُتي، جبل جي سامهون، منزل ڪئي.</verse>
				<verse number="3">پوءِ موسيٰ مٿي چڙهي خدا وٽ ويو، ۽ خداوند کيس جبل تي سڏي چيو تہ تون يعقوب جي خاندان کي هيئن چئُہ، ۽ بني اسرائيل کي ٻڌاءِ؛</verse>
				<verse number="4">تہ اوهان ڏٺو آهي تہ مون مصرين سان ڇا ڇا ڪيو، ۽ ڄڻ تہ اوهان کي عقاب جي کنڀن تي کڻي پاڻ وٽ آندو اٿم.</verse>
				<verse number="5">تنهنڪري هاڻي پڪ سمجهو تہ جيڪڏهن اوهين منهنجو چيو مڃيندا، ۽ منهنجي عهد تي قائم رهندا، تہ اوهين ٻين سڀني قومن منجهان منهنجي لاءِ هڪڙو خاص خزانو ٿيندا: ڇالاءِ جو ساري زمين منهنجي آهي:</verse>
				<verse number="6">۽ اوهين منهنجي لاءِ هڪڙي ڪاهنن جي بادشاهت، ۽ هڪڙي پاڪ قوم ٿيندا. اهي ڳالهيون تون بني اسرائيل کي بيان ڪري ٻڌاءِ.</verse>
				<verse number="7">تڏهن موسيٰ موٽي اچي ماڻهن جي بزرگن کي پاڻ وٽ سڏيو، ۽ جيڪي ڳالهيون خداوند فرمايون هيس، سي سڀ هنن کي بيان ڪري ٻڌايائين.</verse>
				<verse number="8">تنهن تي سڀني ماڻهن گڏجي ورندي ڏني ۽ چيائون تہ جيڪي خداوند فرمايو آهي سو سڀ اسين ڪنداسين؛ ۽ ماڻهن جيڪي چيو، سو موسيٰ خداوند تائين پهچايو.</verse>
				<verse number="9">۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ڏس، آءٌ تو وٽ هڪڙي گهاٽي ڪڪر ۾ ٿو اچان، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن آءٌ تو سان ڳالهايان، تڏهن ماڻهو اهو ٻڌن، ۽ هميشہ تو تي اعتبار ڪندا رهن. ۽ ماڻهن جيڪي چيو، سو موسيٰ خداوند کي ٻڌايو.</verse>
				<verse number="10">پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ماڻهن وٽ وڃي اڄ ۽ سڀاڻي انهن کي مخصوص ڪر، ۽ هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي صاف ڪن،</verse>
				<verse number="11">۽ ٽئين ڏينهن جي لاءِ تيار رهن، ڇالاءِ جو ٽئين ڏينهن خداوند سڀني ماڻهن جي ڏسندي سينا جبل تي لهندو.</verse>
				<verse number="12">۽ تون ماڻهن جي لاءِ چوڌاري حدون مقرر ڪري انهن کي چئُہ تہ خبردار رهو، ڪوبہ ماڻهو جبل تي نہ چڙهي، نڪي انهيءَ جي ڪناري کي ڇهي: جيڪو بہ جبل کي هٿ لائيندو، سو ضرور ماريو ويندو:</verse>
				<verse number="13">جيڪو بہ هن کي هٿ لائيندو، سو ضرور سنگسار ڪيو ويندو يا تيرن سان ماريو ويندو؛ اهو حيوان هوندو توڙي انسان، پر جيئرو رهي ڪين سگهندو: جڏهن گهڻيءَ دير تائين تريءَ جو آواز ٿيندو رهي، تڏهن هو جبل وٽ اچن.</verse>
				<verse number="14">پوءِ موسيٰ جبل تان لهي ماڻهن وٽ آيو، ۽ ماڻهن کي مخصوص ڪيائين، ۽ هنن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا.</verse>
				<verse number="15">۽ هن ماڻهن کي چيو تہ ٽئين ڏينهن لاءِ تيار ٿيو: ڪوبہ زال کي ويجهو نہ وڃي.</verse>
				<verse number="16">۽ ٽئين ڏينهن صبح جو بجلي چمڪڻ ۽ گجگوڙ ٿيڻ لڳي، ۽ هڪڙو گهاٽو ڪڪر جبل جي مٿان آيو، ۽ تريءَ جو تمام وڏو آواز ٿيو، اهڙو جو منزلگاهہ جا سڀيئي ماڻهو ڏڪي ويا.</verse>
				<verse number="17">۽ موسيٰ ماڻهن کي خدا سان گڏجڻ لاءِ منزلگاهہ کان ٻاهر وٺي آيو، ۽ اهي جبل جي هيٺ اچي بيٺا.</verse>
				<verse number="18">۽ سينا جبل دونهين سان ڍڪجي ويو، ڇالاءِ جو خداوند باهہ جي صورت ۾ انهيءَ تي لٿو؛ ۽ انهيءَ جو دونهون کوري جي دونهين وانگر مٿي چڙهڻ لڳو، ۽ سارو جبل ڌڏڻ لڳو.</verse>
				<verse number="19">جڏهن تريءَ جو آواز درجي بدرجي وڌندو ويو، تڏهن موسيٰ ڳالهايو، ۽ خداوند کيس هڪڙي آواز سان جواب ڏنو.</verse>
				<verse number="20">۽ خداوند سينا جبل جي چوٽيءَ تي نازل ٿيو؛ ۽ خداوند موسيٰ کي جبل جي چوٽيءَ تي سڏيو، ۽ موسيٰ مٿي چڙهي ويو.</verse>
				<verse number="21">تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ هيٺ لهي وڃي ماڻهن کي تاڪيد ڪر تہ حدون اورانگهي ڏسڻ جي لاءِ خداوند وٽ نہ اچن، متان منجهانئن گهڻا مري وڃن.</verse>
				<verse number="22">۽ ڪاهن بہ، جيڪي خداوند جي حضور ۾ اچن، سي پاڻ کي پاڪ ڪن، تہ ائين نہ ٿئي جو خداوند مٿن ڪڙڪي پوي.</verse>
				<verse number="23">تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ ماڻهو جبل تي چڙهي نٿا سگهن، ڇالاءِ تہ تو اسان کي تاڪيد ڪري چيو هو تہ جبل جي آس پاس حدون ٻڌي ڇڏيو، ۽ انهيءَ کي پاڪ رکو.</verse>
				<verse number="24">تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ هيٺ لهي وڃي هارون کي پاڻ سان مٿي وٺي اچ؛ پر ڪاهن ۽ ٻيا ماڻهو حدون ڀڃي خداوند وٽ مٿي نہ اچن، متان هو مٿن ڪڙڪي پوي.</verse>
				<verse number="25">سو موسيٰ هيٺ لهي ماڻهن وٽ آيو ۽ کين اهي ڳالهيون ٻڌايائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="20">
				<verse number="1">پوءِ خداوند هي سڀ ڳالهيون فرمايون، ۽ چيائين تہ</verse>
				<verse number="2">آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جنهن توکي مصر جي ملڪ، ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.</verse>
				<verse number="3">مون کان سواءِ تنهنجي لاءِ ٻيو ڪوبہ خدا نہ هجي.</verse>
				<verse number="4">تون پنهنجي لاءِ ڪابہ اُڪريل مورت يا ڪنهن بہ شيءِ جي صورت نہ جوڙ، جا مٿي آسمان ۾، يا هيٺ زمين تي، يا زمين جي هيٺان پاڻيءَ ۾ آهي:</verse>
				<verse number="5">تون انهن جي اڳيان سجدو نہ ڪر، نڪي انهن جي عبادت ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا غيرت وارو خدا آهيان، ۽ ابن ڏاڏن جي براين جي سزا، جيڪي مون سان عداوت رکندا آهن، تن جي پٽن کي ۽ انهن جي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ کي ڏيندو آهيان؛</verse>
				<verse number="6">پر جيڪي مون کي پيار ڪندا آهن، ۽ منهنجا حڪم مڃيندا آهن اُنهن هزارن تي رحم ڪندو آهيان.</verse>
				<verse number="7">تون خداوند پنهنجي خدا جو نالو اجايو نہ وٺ؛ ڇالاءِ تہ جيڪو سندس نالو اجايو ٿو وٺي تنهن کي هو بي قصور ڪين سمجهندو.</verse>
				<verse number="8">تون سبت جو ڏينهن پاڪ رکڻ لاءِ ياد رک.</verse>
				<verse number="9">ڇهہ ڏينهن تون محنت ڪري پنهنجو سڀ ڪاروبار ڪر:</verse>
				<verse number="10">پر ستون ڏينهن خداوند تنهنجي خدا جو سبت آهي، انهيءَ ڏينهن ڪوبہ ڪم نہ ڪر: نہ تون، نہ تنهنجو پٽ، نہ تنهنجي ڌيءَ، نہ تنهنجو غلام، نہ تنهنجي ٻانهي، نڪي تنهنجو ڍور، ۽ نہ تنهنجو مسافر جو تنهنجي در جي اندر هجي؛</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو ڇهن ڏينهن ۾ خداوند آسمان ۽ زمين ۽ سمنڊ ۽ ٻيو سڀڪي، جو انهن ۾ آهي، سو جوڙيو ۽ ستين ڏينهن آرام ڪيائين؛ انهيءَ ڪري خداوند سبت جي ڏينهن کي برڪت ڏني ۽ انهيءَ کي پاڪ ٺهرايائين.</verse>
				<verse number="12">تون پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.</verse>
				<verse number="13">تون خون نہ ڪر.</verse>
				<verse number="14">تون زنا نہ ڪر.</verse>
				<verse number="15">تون چوري نہ ڪر.</verse>
				<verse number="16">تون پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي نہ ڀر.</verse>
				<verse number="17">تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي گهر جي لالچ نہ ڪر؛ تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال يا سندس غلام، يا سندس ٻانهيءَ، يا سندس ڍڳي، يا سندس گڏهہ جي لالچ نہ ڪر؛ مطلب تہ پنهنجي پاڙيسريءَ جي ڪنهن بہ شيءِ جي لالچ نہ ڪر.</verse>
				<verse number="18">پوءِ جڏهن سڀني ماڻهن گجگوڙ، بجلي، تريءَ جو آواز، ۽ جبل جو دونهون ڏٺو، تڏهن ڏڪي ويا؛ ۽ پري وڃي بيٺا.</verse>
				<verse number="19">۽ هنن موسيٰ کي چيو تہ تون اسان سان ڳالهاءِ تہ اسين ٻڌون؛ پر خدا اسان سان نہ ڳالهائي، متان اسين مري وڃون.</verse>
				<verse number="20">پر موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو خدا اوهان جي آزمائش وٺڻ آيو آهي، تہ هن جو خوف اوهان جي سامهون رهي، ۽ اوهين گناهہ نہ ڪريو.</verse>
				<verse number="21">تڏهن ماڻهو پري وڃي بيٺا، ۽ موسيٰ پاڻ انهيءَ گهاٽيءَ اوندهہ جي ويجهو ويو جنهن ۾ خدا هو.</verse>
				<verse number="22">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ اوهان پاڻ ڏٺو آهي تہ مون آسمان مان اوهان سان ڳالهايو آهي.</verse>
				<verse number="23">اوهين مون سان گڏ ٻين معبودن کي نہ مڃو، نڪي پنهنجي لاءِ چانديءَ يا سون جا معبود جوڙيو.</verse>
				<verse number="24">تون منهنجي لاءِ هڪڙي مٽيءَ جي قربانگاهہ جوڙج؛ ۽ انهيءَ تي پنهنجون سوختنيون قربانيون، ۽ پنهنجون سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهج، يعني پنهنجون رڍون ۽ ڏاند انهيءَ تي قربان ڪج؛ ۽ جتي جتي آءٌ پنهنجو نالو قائم ڪندس، اتي آءٌ تو وٽ ايندس، ۽ توکي برڪت ڏيندس.</verse>
				<verse number="25">۽ جيڪڏهن تون منهنجي لاءِ پهڻ جي قربانگاهہ جوڙين، تہ گهڙيل پهڻن جي نہ جوڙج: ڇالاءِ تہ جيڪڏهن تون انهيءَ تي پنهنجو اوزار هلائيندين تہ انهي کي ناپاڪ ڪندين.</verse>
				<verse number="26">نڪي تون ڏاڪڻ تي چڙهي انهيءَ تي وڃج، متان تنهنجي اوگهڙ انهيءَ تان ظاهر ٿئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="21">
				<verse number="1">هاڻي جيڪي قانون تون انهن کي ٻڌائيندين سي هي آهن.</verse>
				<verse number="2">جيڪڏهن تون ڪو عبراني غلام خريد ڪندين تہ اهو ڇهہ سال غلامي ڪندو، ۽ ستين سال مفت آزاد ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="3">جيڪڏهن اهو اڪيلو آيو هوندو تہ وري اڪيلو ئي ويندو: پر جي هو پرڻيل هوندو تہ سندس زال بہ ساڻس گڏ ويندي.</verse>
				<verse number="4">جيڪڏهن انهيءَ جو مالڪ کيس شادي ڪرائيندو، ۽ انهيءَ مان پٽ ۽ ڌيئرون ڄايون هونديس؛ تہ زال ۽ سندس ٻار هن جي مالڪ جا آهن، ۽ هو پاڻ اڪيلو هليو ويندو.</verse>
				<verse number="5">پر جيڪڏهن اهو غلام صاف طرح چوندو تہ آءٌ پنهنجي مالڪ، ۽ پنهنجيءَ زال، ۽ پنهنجن ٻارن کي پيار ٿو ڪريان؛ ۽ آءٌ آزاد ٿيڻ نٿو گهران:</verse>
				<verse number="6">تہ هن جو مالڪ کيس خدا جي حضور ۾ وٺي ايندو، ۽ کيس در تي يا در جي چانئٺ تي آڻيندو؛ ۽ سندس مالڪ آر سان هن جي ڪن ۾ سوراخ ڪندو؛ پوءِ هو هميشہ جي لاءِ سندس غلام ٿي رهندو.</verse>
				<verse number="7">۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڌيءَ کي ٻانهي ڪري وڪڻندو، تہ هوءَ غلامن وانگي آزاد نہ ٿيندي.</verse>
				<verse number="8">جيڪڏهن هن جي مالڪ ساڻس مڱڻي ڪئي هجي، ۽ اها کيس نہ وڻي، تہ پوءِ هو انهيءَ کي وڪڻي ڇڏي؛ پر هن کي اهو اختيار ڪونهي تہ کيس ڌارين ماڻهن ۾ وڪڻي، ڇالاءِ جو هن انهيءَ سان بي وفائي ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="9">پر جيڪڏهن هن انهيءَ جي مڱڻي پنهنجي پٽ سان ڪئي هجي، تہ پوءِ هو ساڻس ڌيئرن وانگيان هلت ڪري.</verse>
				<verse number="10">جيڪڏهن هو ٻي زال آڻي، تہ هو انهيءَ جي خوراڪ، پوشاڪ، ۽ شاديءَ جي حق ۾ ڪابہ گهٽتائي نہ ڪري.</verse>
				<verse number="11">پر جيڪڏهن هو اهي ٽيئي حق پورا نہ ڪري، تہ پوءِ هوءَ ڀلي مفت، يعني پئسن ڏيڻ کان سواءِ آزاد ٿئي.</verse>
				<verse number="12">جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي اهڙو ڌڪ هڻي جو هو مري پوي، تہ اُهو ضرور ماريو وڃي.</verse>
				<verse number="13">پر جيڪڏهن ڪو مارڻ جي ارادي سان وجهہ وٺي نہ ويٺو هجي پر خدا اهو ماڻهو اوچتو سندس هٿن ۾ آڻي وڌو هجي، تہ پوءِ آءٌ هن جي لاءِ هڪڙي جاءِ مقرر ڪندس جتي هو ڀڄي وڃي.</verse>
				<verse number="14">جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڄاڻي ٻجهي پنهنجي پاڙيسريءَ کي ٺڳيءَ سان مارڻ لاءِ مٿس ڪاهي اچي، تہ تون انهي کي منهنجيءَ قربانگاهہ وٽان وٺي وڃج، تہ ماريو وڃي.</verse>
				<verse number="15">جيڪو پنهنجي پيءُ يا پنهنجيءَ ماءُ کي ماري، سو ضرور ماريو وڃي.</verse>
				<verse number="16">جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي چورائي وڃي وڪڻي، يا اهو وٽانئس لڀي پوي، تہ اهو ضرور ماريو وڃي.</verse>
				<verse number="17">جيڪو پنهنجي پيءُ تي يا پنهنجيءَ ماءُ تي لعنت ڪري، سو ضرور ماريو وڃي.</verse>
				<verse number="18">جيڪڏهن ٻہ ماڻهو پاڻ ۾ جهيڙو ڪن، ۽ هڪڙو ٻئي کي پهڻ يا ٺونشو هڻي، ۽ هو مري نہ پر بستري داخل ٿئي:</verse>
				<verse number="19">۽ جيڪڏهن اهو وري اُٿي، ۽ پنهنجيءَ لٺ تي ٻاهر نڪري، تہ جنهن ڌڪ هنيو هجي تنهن کي ڇڏي ڏجي: فقط هن جي ڪم ڪار ۾ جيڪو نقصان ٿيو هجي سو ڀري ڏئي، ۽ انهي کي پوريءَ طرح چڱو ڀلو ڪرائي.</verse>
				<verse number="20">جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي غلام يا ٻانهيءَ کي لٺ سان ماري ۽ هو سندس هٿان مري پوي، تہ انهيءَ کي ضرور سزا ملڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="21">پر جي انهي کان پوءِ بہ هو ڏينهن ٻہ جيئرو هجي، تہ هن کي سزا نہ ملڻ گهرجي؛ ڇالاءِ جو اهو سندس ملڪيت آهي.</verse>
				<verse number="22">جيڪڏهن ماڻهو پاڻ ۾ وڙهن، ۽ ڪنهن حاملہ کي ايذاءُ رسائين، جنهن ڪري انهيءَ جو ٻار ڪري پوي، مگر ٻيو ڪو نقصان نہ ٿئيس، تہ انهي ماڻهوءَ تي ضرور ايترو ڏنڊ پوڻ گهرجي، جيترو انهيءَ زال جو مڙس مٿس رکي؛ ۽ هو قاضين جي ٺهرائڻ موجب اهو ڀري ڏئي.</verse>
				<verse number="23">پر جيڪڏهن انهي مان ڪو ٻيو نقصان رسي، تہ انهي جو عيوضو هن ريت ٿئي، يعني ساهہ جي عيوض ساهہ،</verse>
				<verse number="24">اک جي عيوض اک، ڏند جي عيوض ڏند، هٿ جي عيوض هٿ، پير جي عيوض پير،</verse>
				<verse number="25">ساڙڻ جي عيوض ساڙڻ، زخم جي عيوض زخم، ۽ ڌڪ جي عيوض ڌڪ.</verse>
				<verse number="26">جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي غلام يا ٻانهيءَ کي ڌڪ هڻي انهي جي اک ڪڍي وجهي، تہ هو پنهنجي اک بچائڻ لاءِ انهي کي آزاد ڪري ڇڏي.</verse>
				<verse number="27">۽ جيڪڏهن پنهنجي غلام يا پنهنجيءَ ٻانهيءَ کي ڌڪ هڻي انهي جو ڏند ڀڃي وجهي، تہ هو پنهنجو ڏند بچائڻ لاءِ انهي کي آزاد ڪري ڇڏي.</verse>
				<verse number="28">جيڪڏهن ڪو ڏاند ڪنهن مرد يا زال کي سڱ هڻي ماري وجهي، تہ اهو ڏاند ضرور سنگسار ڪيو وڃي، ۽ انهي جو گوشت کائڻ ۾ نہ اچي؛ پر ڏاند جو مالڪ بيگناهہ آهي.</verse>
				<verse number="29">پر جيڪڏهن انهي ڏاند کي اڳي سڱن هڻڻ جي عادت هجي، ۽ سندس مالڪ کي انهي جي خبر هوندي بہ هن کيس ٻڌي نہ ڇڏيو هجي، ۽ پوءِ جي اهو ڪنهن مرد يا زال کي ماري وجهي، تہ ڏاند سنگسار ڪيو وڃي، ۽ انهي جو مالڪ بہ ماريو وڃي.</verse>
				<verse number="30">جيڪڏهن هن تي خون جو عيوضو رکڻ ۾ اچي، تہ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ جيڪي مٿس رکيو وڃي سو هو ڀري ڏئي.</verse>
				<verse number="31">يا جيڪڏهن ڏاند ڪنهن ماڻهوءَ جي پٽ يا ڌيءَ کي ماريو هجي، تڏهن بہ هن حڪم موجب ساڻس هلت ڪئي وڃي.</verse>
				<verse number="32">جيڪڏهن ڪو ڏاند ڪنهن غلام يا ٻانهيءَ کي سڱ هڻي تہ هو انهي جي مالڪ کي چانديءَ جا ٽيهہ مشڪال ڀري ڏئي، ۽ ڏاند سنگسار ڪيو وڃي.</verse>
				<verse number="33">جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪا کڏ کوٽي ۽ انهي کي ڍڪي نہ ڇڏي، ۽ ڪو ڏاند يا ڪو گڏهہ انهيءَ ۾ ڪري پوي،</verse>
				<verse number="34">تہ انهيءَ کڏ جو مالڪ انهي جو نقصان ڀري ڏئي؛ هو انهي جي مالڪ کي هن جي قيمت ڏئي، ۽ مئل جانور سندس ٿيندو.</verse>
				<verse number="35">جيڪڏهن هڪڙي ماڻهو جو ڏاند ٻئي جي ڏاند کي اهڙو نقصان رسائي جو هو مري پوي، تہ هو اهو جيئرو ڏاند وڪڻن ۽ اُنهي جو ملهہ پاڻ ۾ ورهائي کڻن؛ ۽ مئل ڏاند بہ ورهائي کڻن.</verse>
				<verse number="36">يا جي اها خبر هجي تہ انهي ڏاند کي اڳي بہ سڱن هڻڻ جي عادت هئي، ۽ انهي جي مالڪ کيس ٻڌي نہ ڇڏيو هجي، تہ پوءِ ضرور هو ڏاند جو ڏاند ڀري ڏئي، ۽ مئل ڏاند سندس ٿيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="22">
				<verse number="1">جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڏاند يا رڍ چورائي، ۽ انهي کي ڪهي يا وڪڻي ڇڏي، تہ اهو هڪڙي ڏاند جي عيوض پنج ڏاند، ۽ هڪڙيءَ رڍ جي عيوض چار رڍون ڀري ڏئي.</verse>
				<verse number="2">جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن چور کي کاٽ هڻندو ڏسي ماري، ۽ هو ڌڪ لڳڻ ڪري مري پوي، تہ انهي جي لاءِ مٿس خون جو ڏوهہ نہ رکيو وڃي؛</verse>
				<verse number="3">پر جي سج اُڀرڻ کان پوءِ هن کي ماري وجهي، تہ مٿس خون جو ڏوهہ رکيو وڃي: چورايل مال جو عيوضو چور ڀري ڏئي، پر جي وٽس ڪي بہ نہ هجي تہ کيس چوريءَ جي ڪري وڪڻي ڇڏڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="4">جيڪڏهن چوريءَ جو مال وٽانئس جيئرو نڪري، تہ پوءِ اهو ڏاند هجي، يا گڏهہ هجي، يا رڍ هجي؛ تہ هو ٻيڻو ڀري ڏئي.</verse>
				<verse number="5">جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي جانور کي ڪا ٻني يا ڊاک جو منهہ کارائي، يا پنهنجو ڪو ڍور ٻئي ماڻهوءَ جي ٻنيءَ ۾ چرڻ لاءِ ڇڏي، تہ خود پنهنجي تمام ڀليءَ ٻنيءَ مان، يا پنهنجي عمدي ڊاک جي منهہ مان عيوضو ڀري ڏئي.</verse>
				<verse number="6">جيڪڏهن باهہ لڳي ۽ اها ڀڙڪو کائي ڪنڊن کي وڃي وٺي، جنهنڪري اَن جا انبار، يا اَن جي بيٺل پوک، يا ٻني سڙي وڃي، تہ جنهن اها باهہ ٻاري هجي سو انهي جو عيوضو ڀري ڏئي.</verse>
				<verse number="7">جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪي نقد پيسا يا ڪا جنس رکڻ لاءِ ڏئي، ۽ اهي انهيءَ ماڻهوءَ جي گهر مان چورائجي وڃن، تہ جي چور هٿ اچي تہ هو انهي کان ٻيڻو ڀري ڏئي.</verse>
				<verse number="8">پر جي چور هٿ نہ اچي تہ پوءِ گهر جو مالڪ خدا جي حضور ۾ حاضر ٿئي، ۽ ثابت ڪري تہ هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مال کي هٿ ڪونہ لاتو آهي.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو هر ڪنهن قسم جي ڪپت، ڇا ڍڳي جي، ڇا گڏهہ جي، ڇا رڍ جي، ڇا ڪپڙن جي، ڇا ڪنهن ٻيءَ گم ٿيل شيءِ جي، جنهن جي بابت ڪو چوي تہ هيءَ منهنجي آهي، تنهنجي لاءِ ٻنهي ڄڻن جي دعويٰ خدا جي حضور ۾ پيش ڪئي وڃي؛ ۽ جنهن کي خدا ڏوهاري ٺهرائيندو سو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ٻيڻو ڀري ڏيندو.</verse>
				<verse number="10">جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪو ڍڳو، يا گڏهہ، يا رڍ، يا ڪو ٻيو جانور رکڻ لاءِ ڏئي، ۽ اهو مري پوي، يا انهي کي ڪو ايذاءُ رسي، يا ڪيڏانهن هڪاليو وڃي، ۽ ڪوبہ انهي کي نہ ڏسي؛</verse>
				<verse number="11">تہ انهن ٻنهي جي وچ ۾ خداوند جي قسم سان فيصلو ٿئي تہ هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مال کي هٿ نہ لاتو آهي؛ ۽ انهي جو مالڪ اهو قسم قبول ڪندو، ۽ اهو ماڻهو عيوضو نہ ڀريندو.</verse>
				<verse number="12">پر جي هو هن وٽان چورائجي ويو هوندو، تہ پوءِ هو انهي جي مالڪ کي عيوضو ڀري ڏيندو.</verse>
				<verse number="13">جيڪڏهن اهو ڪنهن جانور ڦاڙي ڇڏيو هوندو، تہ اهو شاهديءَ جي لاءِ کڻي آڻي حاضر ڪري؛ پوءِ جيڪي ڦاڙيو ويو هوندو تنهن جي لاءِ عيوضو ڀرڻو نہ پوندو.</verse>
				<verse number="14">جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کان ڪابہ شيءِ اُڌاري وٺندو، ۽ انهي جي مالڪ جي غير حاضريءَ ۾ انهي کي ڪو ايذاءُ رسندو، يا اها مري ويندي، تہ هو ضرور انهي جو عيوضو ڀري ڏيندو.</verse>
				<verse number="15">پر جيڪڏهن انهي جو مالڪ ساڻس گڏ هوندو، تہ پوءِ هن کي عيوضو ڀرڻو نہ پوندو. جيڪڏهن اها ڀاڙي تي آندل هجي تہ انهي جو نقصان انهي جي ڀاڙي ۾ اچي ويو.</verse>
				<verse number="16">جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڪنواريءَ زال کي، جنهن جي مڱڻي ٿيل نہ هجي، ڌتاري وڃي ساڻس سمهي، تہ ضرور انهي جي لاءِ ڏاج ڏئي، تہ اها سندس زال ٿئي.</verse>
				<verse number="17">پر جي انهيءَ جو پيءُ کيس انهيءَ جي ٻانهن ڏيڻ لاءِ بلڪل راضي نہ ٿئي، تہ هو ڪنوارين زالن جي ڏاج جيترا پئسا ڏئي.</verse>
				<verse number="18">تون ڪنهن جادوگر زال کي جيئرو متان ڇڏين.</verse>
				<verse number="19">جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن جانور سان بدفعلي ڪري تہ اهو ضرور ماريو وڃي.</verse>
				<verse number="20">جيڪو هڪڙي خدا کان سواءِ ٻئي جي لاءِ قرباني ڪري، سو اصل تباهہ ڪيو وڃي.</verse>
				<verse number="21">تون ڪنهن مسافر کي نہ ستائج، نڪي انهي تي ڪو ظلم ڪج؛ ڇالاءِ جو اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ مسافر هئا.</verse>
				<verse number="22">اوهين ڪنهن بيوہ يا يتيم کي نہ ڏکوئجو.</verse>
				<verse number="23">جيڪڏهن تون انهن کي ڪنهن بہ طرح ڏکوئيندين ۽ اهي مون کي پڪاريندا، تہ آءٌ ضرور هنن جي پڪار ٻڌندس؛</verse>
				<verse number="24">۽ منهنجي ڪاوڙ وڌندي، ۽ آءٌ اوهان کي ترار سان ماريندس، ۽ اوهان جون زالون ۽ ٻار يتيم ٿيندا.</verse>
				<verse number="25">منهنجي قوم مان جيڪو تو وٽ غريب آهي تنهن کي جيڪڏهن تون ڪي پئسا اُڌارا ڏين، تہ قرض خواہ وانگر انهي کان ڇڪ نہ ڪج، نڪي مٿس وياج رکج.</verse>
				<verse number="26">جيڪڏهن تون پنهنجي پاڙيسريءَ جا ڪپڙا گروي رکين تہ سج لهڻ کان اڳ ۾ موٽائي ڏج:</verse>
				<verse number="27">ڇالاءِ جو اها ئي فقط هن جي پوشاڪ آهي، ۽ اهو ئي هن جي بدن جو ڍڪ آهي، پوءِ هو ڇا ۾ سمهندو؟ ۽ جڏهن هو مون کي پڪاريندو، تڏهن آءٌ هن جي پڪار ٻڌندس؛ ڇوتہ آءٌ مهربان آهيان.</verse>
				<verse number="28">تون خدا جي برخلاف نہ ڳالهائج، نڪي پنهنجيءَ قوم جي سردارن تي لعنت ڪج.</verse>
				<verse number="29">تون پنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيدائش ۽ ميون جي رس مان نذراني ڏيڻ ۾ دير نہ ڪج. تون پنهنجن پٽن مان پهريتو پٽ مون کي ڏج.</verse>
				<verse number="30">تون پنهنجن ڏاندن ۽ پنهنجين رڍن سان بہ ائين ئي ڪج: ست ڏينهن اهو ٻچو پنهنجيءَ ماءُ سان هجي؛ ۽ اٺين ڏينهن اهو مون کي ڏج.</verse>
				<verse number="31">اوهين منهنجا پاڪ ماڻهو آهيو: تنهنڪري اوهين جهنگ جي جانورن جو ڦاڙيل گوشت متان کائو: پر اهو ڪتن کي اُڇلائي ڏجو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="23">
				<verse number="1">تون ڪوڙي خبر نہ پکيڙج: ڪوڙي شاهدي ڀرڻ لاءِ شرير ماڻهن سان شامل نہ ٿج.</verse>
				<verse number="2">گهڻن جي پيروي ڪري تون ڪابہ بڇڙائي نہ ڪج؛ نڪي ڪنهن معاملي ۾ گهڻن جو طرف وٺي ناحق ڪرڻ لاءِ ڪوڙي شاهدي ڀرج؛</verse>
				<verse number="3">نڪي ڪنهن غريب جي معاملي ۾ سندس پاس خاطري ڪج.</verse>
				<verse number="4">جيڪڏهن تون پنهنجي دشمن جو ڏاند يا گڏهہ رلندو ڏسين، تہ اهو ضرور ورائي آڻي انهي کي ڏج.</verse>
				<verse number="5">جيڪڏهن تون پنهنجي دشمن جو گڏهہ بار هيٺ دٻيل ڏسين، ۽ کيس مدد ڪرڻ جي دل نہ هجيئي، تڏهن بہ ضرور انهي جي مدد ڪج.</verse>
				<verse number="6">تون ڪنهن غريب سان سندس معاملي ۾ ناحق نہ ڪج.</verse>
				<verse number="7">ڪوڙيءَ ڳالهہ کان پاڻ کي پري رکج؛ ۽ بيگناهہ ۽ راستباز کي قتل نہ ڪج: ڇالاءِ جو آءٌ ڪنهن بہ شرير کي سچار ڪين سمجهندس.</verse>
				<verse number="8">تون رشوت نہ وٺج: ڇو تہ رشوت انهن کي انڌو ٿي ڪري جيڪي ڏسي ٿا سگهن، ۽ راستبازن جي ڳالهين کي ڦيرائي ٿي ڇڏي.</verse>
				<verse number="9">تون مسافر تي ظلم نہ ڪج؛ ڇالاءِ جو اوهان کي مسافر جي دل جي خبر آهي، جو اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ مسافر هئا.</verse>
				<verse number="10">ڇهہ سال تون پنهنجيءَ زمين ۾ پوک ڪج، ۽ انهيءَ جو فصل لاهي گڏ ڪج:</verse>
				<verse number="11">پر ستين سال انهيءَ کي ساهي ڏج ۽ منجهس پوک نہ ڪج؛ انهي لاءِ تہ تنهنجيءَ قوم جا غريب کائي ڍءُ ڪن: ۽ جيڪي باقي بچائين، سو جهنگ جا ڍور چرن. تون پنهنجي ڊاک جي منهہ سان ۽ زيتونن جي باغ سان بہ ائين ئي ڪج.</verse>
				<verse number="12">ڇهہ ڏينهن تون پنهنجو ڪم ڪار ڪج، ۽ ستين ڏينهن آرام وٺج، انهي لاءِ تہ تنهنجا ڏاند ۽ تنهنجا گڏهہ بہ آرام وٺن، ۽ تنهنجيءَ ٻانهيءَ جو پٽ ۽ مسافر بہ آرام وٺي تازا ٿين.</verse>
				<verse number="13">جيڪي ڳالهيون مون توکي چيو آهن، تن جي سنڀال رکج: ٻين معبودن جو نالو ئي نہ وٺج، نڪي تنهنجي واتان اهو ٻڌڻ ۾ اچي.</verse>
				<verse number="14">تون سال ۾ ٽي ڀيرا منهنجي لاءِ عيد ڪج.</verse>
				<verse number="15">فطيري ماني جي عيد ياد رکج: جيئن مون توکي اڳيئي حڪم ڪيو آهي، تيئن ابيب مهيني ۾ ٺهرايل وقت تي ست ڏينهن فطيري ماني کائج (ڇالاءِ جو انهي مهيني ۾ تون مصر مان نڪتين)؛ ۽ ڪوبہ منهنجي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.</verse>
				<verse number="16">۽ لاباري جي عيد، يعني جيڪي تون پنهنجيءَ ٻنيءَ ۾ پوکين تنهن جي پهرئين ڦل جي عيد ڪج: ۽ سال جي پڇاڙيءَ ۾، جڏهن تون پنهنجيءَ ٻنيءَ ۾ ڪيل پورهئي جو ڦل گڏ ڪرين، تڏهن فصل کڻڻ جي عيد ڪج.</verse>
				<verse number="17">سال ۾ ٽي ڀيرا تنهنجا سڀ مرد خداوند جي حضور ۾ اچي حاضر ٿين.</verse>
				<verse number="18">تون منهنجي لاءِ جيڪا قرباني چاڙهين، تنهن جو رت خميري ماني سان گڏ پيش نہ ڪج؛ نڪي منهنجي عيد جي چرٻي صبح تائين باقي رهي.</verse>
				<verse number="19">تون پنهنجي زمين جي پيدائش مان پهريون ڦل خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ آڻج. تون ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌج.</verse>
				<verse number="20">ڏس، آءٌ هڪڙو فرشتو تنهنجي اڳيان ٿو موڪليان تہ رستي ۾ تنهنجي نگهباني ڪري، ۽ جيڪا جاءِ مون تنهنجي لاءِ تيار ڪئي آهي تنهن ۾ توکي پهچائي.</verse>
				<verse number="21">اوهين انهي جي ٻڌجو ۽ سندس چيو مڃجو، هن کي غصو نہ ڏيارجو، ڇالاءِ جو هو اوهان جا ڏوهہ معاف نہ ڪندو؛ ڇو تہ انهي ۾ منهنجو نالو آهي.</verse>
				<verse number="22">پر جي تون سچ پچ انهي جو چيو مڃيندين، ۽ جيڪي آءٌ چوان ٿو سو سڀ بجا آڻيندين، تہ پوءِ آءٌ تنهنجن دشمنن جو دشمن، ۽ تنهنجن مخالفن جو مخالف ٿيندس.</verse>
				<verse number="23">ڇالاءِ جو منهنجو فرشتو تنهنجي اڳيان هلندو ۽ توکي امورين، حتين، فريزين، ڪنعانين، حوين ۽ يبوسين ۾ وٺي ويندو، ۽ آءٌ انهن کي تباهہ ڪندس.</verse>
				<verse number="24">تون انهن جي معبودن جي اڳيان سجدو نہ ڪج، نہ انهن جي عبادت ڪج، نڪي انهن جهڙا ڪم ڪج، بلڪ تون انهن کي اصل ڊاهي ڇڏج، ۽ انهن جا ٿنڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏج.</verse>
				<verse number="25">تون خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪج، ۽ اهو تنهنجيءَ مانيءَ ۽ پاڻيءَ ۾ برڪت وجهندو؛ ۽ آءٌ تو منجهان بيماري ڪڍي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="26">تنهنجي ملڪ ۾ ڪنهن بہ زال جو حمل نہ ڪرندو، ۽ نہ ڪا سنڍ ٿيندي: آءٌ تنهنجي عمر وڌائيندس.</verse>
				<verse number="27">جن ماڻهن وٽ تون ويندين، تن سڀني جي دلين ۾ آءٌ پنهنجو خوف توکان اڳ ۾ موڪلي کين شڪست ڏيندس، ۽ تنهنجن سڀني دشمنن کي تنهنجي سامهون پٺي ڏياري ڀڄائيندس.</verse>
				<verse number="28">آءٌ توکان اڳ ۾ چيلاٽا موڪليندس، جي حوين، ڪنعانين ۽ حتين کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍندا.</verse>
				<verse number="29">آءٌ انهن کي هڪڙي ئي سال ۾ تنهنجي اڳيان هڪالي نہ ڪڍندس، متان زمين ويران ٿي پوي، ۽ جهنگ جا مرون وڌي وڃن ۽ توکي ستائين.</verse>
				<verse number="30">ٿورا ٿورا ڪري آءٌ اهي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍندس، جيسين ڪ تون وڌي وڃين ۽ زمين جو وارث ٿين.</verse>
				<verse number="31">آءٌ تنهنجي حد ڳاڙهي سمنڊ تائين، ۽ بيابان کان فرات نديءَ تائين قائم ڪندس؛ ڇالاءِ جو آءٌ انهي ملڪ جا رهاڪو تنهنجي حوالي ڪندس، ۽ تون انهن کي پنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍندين.</verse>
				<verse number="32">تون انهن سان يا انهن جي معبودن سان ڪوبہ عهدنامو نہ ڪج.</verse>
				<verse number="33">اُهي تنهنجي ملڪ ۾ نہ رهندا، متان توکي منهنجو گنهگار ڪن؛ ڇالاءِ تہ جيڪڏهن تون انهن جي معبودن جي عبادت ڪندين، تہ اهو ضرور تنهنجي لاءِ هڪڙو ڦندو ٿيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="24">
				<verse number="1">پوءِ هن موسيٰ کي چيو تہ خداوند وٽ چڙهي اچ؛ تون ۽ هارون، ندب، ابيهو ۽ اسرائيل جي بزرگن مان ستر ڄڻا اچي پري کان بيهي سجدو ڪريو.</verse>
				<verse number="2">رڳو موسيٰ خداوند جي ويجهو اچي، پر هو ويجهو نہ اچن، نڪي ٻيا ماڻهو هن سان گڏجي مٿي اچن.</verse>
				<verse number="3">پوءِ موسيٰ اچي خداوند جون ڳالهيون ۽ سڀيئي حڪم ماڻهن کي چئي ٻڌايا، ۽ سڀني ماڻهن متفق ٿي جواب ڏنو ۽ چيائون تہ جيڪي ڳالهيون خداوند فرمايون آهن سي سڀ اسين مڃينداسين.</verse>
				<verse number="4">پوءِ موسيٰ خداوند جون سڀيئي ڳالهيون لکيون، ۽ صبح جو سوير اُٿي جبل جي تري تي هڪڙي قربانگاهہ، ۽ اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي حساب موجب ٻارهن ٿنڀ جوڙيائين.</verse>
				<verse number="5">۽ هن بني اسرائيل جي ڪيترن جوانن کي موڪليو، جن سوختنيون قربانيون چاڙهيون؛ ۽ خداوند جي لاءِ ڏاندن جون سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيائون.</verse>
				<verse number="6">۽ موسيٰ رت جو اڌ کڻي ٿالهن ۾ وڌو، ۽ ٻيو اڌ قربانگاهہ تي ڇاٽاريو</verse>
				<verse number="7">۽ هن عهدنامي وارو ڪتاب کڻي، ماڻهن کي پڙهي ٻڌايو، ۽ انهن چيو تہ جيڪي خداوند فرمايو آهي، سو سڀ اسين ڪنداسين ۽ تابعدار رهنداسين.</verse>
				<verse number="8">تڏهن موسيٰ اهو رت کڻي ماڻهن تي ڇاٽاريو ۽ چيائين تہ ڏسو، هي انهي عهد جو رت آهي، جو خداوند هنن سڀني ڳالهين بابت اوهان سان ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="9">پوءِ موسيٰ، هارون، ندب، ابيهو ۽ اسرائيل جا ستر بزرگ مٿي چڙهي ويا.</verse>
				<verse number="10">۽ انهن اسرائيل جي خدا کي ڏٺو؛ ۽ انهي جي پيرن هيٺان ڄڻ تہ نيلم جي پهڻ جهڙو فرش لڳل هو، ۽ اهڙو صاف هو جهڙو آسمان.</verse>
				<verse number="11">۽ بني اسرائيل جي بزرگن تي هن پنهنجو هٿ ڪين ڊگهيريو؛ ۽ هنن خدا کي ڏٺو، ۽ کاڌائون پيتائون.</verse>
				<verse number="12">پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ تون جبل تي چڙهي مون وٽ اچ، ۽ اتي اچي رهہ؛ ۽ آءٌ توکي پهڻ جون تختيون ڏيندس، ۽ اها شريعت، ۽ اُهي حڪم ڏيندوسان جي مون لکيا آهن، تہ تون هنن کي سيکارين.</verse>
				<verse number="13">تڏهن موسيٰ ۽ سندس خادم يشوع اُٿيا، ۽ موسيٰ خدا جي جبل تي چڙهي ويو.</verse>
				<verse number="14">۽ هن بزرگن کي چيو تہ اوهين اسان جي لاءِ هتي ترسو، جيسين ڪ اسين موٽي اوهان وٽ اچون. ڏسو هارون ۽ حور اوهان سان آهن، جنهن کي ڪو ڪم پوي تہ اهو هنن وٽ وڃي.</verse>
				<verse number="15">پوءِ موسيٰ جبل تي ويو، ۽ ڪڪر جبل کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ خداوند جو جلال سينا جبل تي رهيو.</verse>
				<verse number="16">۽ ڇهہ ڏينهن ڪڪر انهي جي مٿان بيٺو هو، ۽ ستين ڏينهن هن ڪڪر منجهان موسيٰ کي سڏيو.</verse>
				<verse number="17">۽ بني اسرائيل کي خداوند جي جلال جو نظارو، جبل جي چوٽيءَ تي، ساڙيندڙ باهہ وانگي ڏسڻ ۾ آيو.</verse>
				<verse number="18">۽ موسيٰ ڪڪر جي وچ ۾ گهڙي جبل تي چڙهي ويو؛ ۽ موسيٰ جبل تي چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="25">
				<verse number="1">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ</verse>
				<verse number="2">بني اسرائيل کي چئُہ تہ منهنجي لاءِ نذرانو آڻين، جيڪو ماڻهو پنهنجيءَ دل جي خوشيءَ سان جيڪو نذرانو آڻي، سو اوهين هن کان وٺو.</verse>
				<verse number="3">جيڪي شيون اوهين هنن کان نذراني طور وٺندا، سي هي آهن: سون، چاندي ۽ پتل؛</verse>
				<verse number="4">آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جو ڪپڙو، سڻي ۽ ڏاس؛</verse>
				<verse number="5">گهيٽن جون ڳاڙهيون رڱيل کلون، ۽ مل ار مڇيءَ جون کلون ۽ ٻٻر جون ڪاٺيون؛</verse>
				<verse number="6">ڏيئن لاءِ تيل، مسح ڪرڻ جي لاءِ تيل ۽ لوبان لاءِ مصالحہ؛</verse>
				<verse number="7">۽ ايفود ۽ سينہ بند ۾ جڙڻ لاءِ سليماني پهڻ.</verse>
				<verse number="8">۽ هو پنهنجي لاءِ هڪڙو پاڪ مڪان جوڙين، تہ آءٌ سندن وچ ۾ رهان.</verse>
				<verse number="9">انهي خيمي جو نمونو ۽ انهي جي ٻئي سامان جو نمونو، جيئن آءٌ توکي ڏيکاريان، تيئن ئي اوهين جوڙيو.</verse>
				<verse number="10">هو ٻٻر جي ڪاٺ جي هڪڙي صندوق جوڙين، جنهن جي ڊيگهہ اڍائي هٿ ۽ ويڪر ڏيڍ هٿ ۽ اوچائي بہ ڏيڍ هٿ هجي.</verse>
				<verse number="11">۽ تون انهيءَ تي اندران ۽ ٻاهران نج سون جو پٽ چاڙهج، ۽ انهيءَ جي مٿان چوڌاري سون جو ڇٽ جوڙج.</verse>
				<verse number="12">۽ تون انهيءَ جي لاءِ سون جا چار ڪڙا، پلٽي ٺاهي، انهيءَ جي چئن ئي پاون ۾، ٻہ هڪڙي پاسي ۽ ٻہ ٻئي پاسي وجهج.</verse>
				<verse number="13">۽ تون ٻٻر جي ڪاٺ جا ٻہ ڏنڊا ٺاهي، انهن تي سون جو پٽ چاڙهج.</verse>
				<verse number="14">۽ اهي ڏنڊا انهيءَ صندوق جي کڻڻ لاءِ، صندوق جي پاسن تي انهن ڪڙن ۾ وجهج.</verse>
				<verse number="15">اهي ڏنڊا صندوق جي ڪڙن ۾ پيا ئي هجن ۽ انهن مان اصل ڪڍيا نہ وڃن.</verse>
				<verse number="16">۽ جيڪو عهدنامو آءٌ توکي ڏيان، سو تون انهيءَ صندوق ۾ رکج.</verse>
				<verse number="17">۽ تون نج سون مان رحمت جو پوش جوڙج: انهي جي ڊيگهہ اڍائي هٿ ۽ ويڪر ڏيڍ هٿ هجي.</verse>
				<verse number="18">۽ تون سون جا ٻہ ڪروبي جوڙج، اهي رحمت جي پوش جي ٻنهي ڇيڙن تي گهڙيل سون جا جوڙج.</verse>
				<verse number="19">۽ تون هڪڙو ڪروبي هڪڙي ڇيڙي تي ۽ ٻيو ڪروبي ٻئي ڇيڙي تي جوڙج. ٻنهي ڇيڙن تي اهي ڪروبي، انهي ساڳئي ٽڪر مان، رحمت جي پوش سان گڏيل جوڙج.</verse>
				<verse number="20">انهن ڪروبين جا پر رحمت جي پوش جي مٿان پکڙيل هجن، جيئن ڪ اهو ڍڪجي وڃي، ۽ ڪروبين جا منهن هڪ ٻئي جي سامهون، رحمت جي پوش ڏانهن هجن.</verse>
				<verse number="21">۽ تون اُهو رحمت جو پوش صندوق جي مٿان رکج، ۽ جيڪو عهدنامو آءٌ توکي ڏيان، سو انهيءَ صندوق ۾ رکج.</verse>
				<verse number="22">۽ اتي يعني رحمت جي پوش جي مٿان، شاهديءَ جي صندوق تي جيڪي ٻہ ڪروبي هوندا، تن جي وچ ۾ آءٌ توکي گڏبس، ۽ جن ڳالهين بابت بني اسرائيل جي لاءِ توکي حڪم ڏيڻا هوندم، تن بابت تو سان گفتگو ڪندس.</verse>
				<verse number="23">۽ تون ٻٻر جي ڪاٺ جي هڪڙي ميز جوڙج: انهيءَ جي ڊيگهہ ٻہ هٿ، ويڪر هڪ هٿ، ۽ اوچائي ڏيڍ هٿ هجي.</verse>
				<verse number="24">انهيءَ تي نج سون جو پٽ چاڙهج، ۽ انهيءَ جي مٿان بہ چوڌاري سون جو ڇٽ جوڙج.</verse>
				<verse number="25">۽ انهيءَ جي آس پاس چار آڱر ويڪري ڪناري جوڙج، ۽ انهيءَ ڪناريءَ جي چوڌاري بہ سون جو ڇٽ جوڙج.</verse>
				<verse number="26">۽ انهي جي لاءِ سون جا چار ڪڙا ٺاهي، انهيءَ جي چئن پاون جي چئن ئي ڪنڊن ۾ وجهج.</verse>
				<verse number="27">اهي ڪڙا ڪناري جي ويجهو هجن، تہ ميز کي کڻڻ جي لاءِ ڏنڊن وجهڻ جي جاءِ رهي.</verse>
				<verse number="28">۽ تون ٻٻر جي ڪاٺ مان ڏنڊا ٺاهي، انهن تي سون جو پٽ چاڙهج تہ انهن سان اها ميز کڻن.</verse>
				<verse number="29">۽ تون انهيءَ تي رکڻ لاءِ رڪابيون، چمچا ۽ اوتڻ لاءِ پيالا جوڙج؛ ۽ اهي نج سون جا جوڙج.</verse>
				<verse number="30">۽ تون انهيءَ ميز تي هميشہ منهنجي حضور ۾ نذراني جي ماني رکندو رهج.</verse>
				<verse number="31">۽ تون نج سون جو هڪڙو شمعدان جوڙج، اهو شمعدان گهڙيل سون جو هجي؛ انهي جو ترو، ۽ ٿُڙ، ۽ ڏياٽيون ۽ بونبا ۽ گل، اهي سڀ هڪڙي ئي ٽڪر مان گهڙيل هجن.</verse>
				<verse number="32">۽ انهي جي پاسن کان ڇهہ شاخون ٻاهر نڪتل هجن، يعني شمعدان جون ٽي شاخون هڪڙي پاسي کان ٻاهر نڪتل هجن، ۽ ٽي شاخون ٻئي پاسي کان.</verse>
				<verse number="33">۽ ٽي ڏياٽيون باداميءَ جي گلن جهڙيون، هڪڙي بونبي ۽ هڪڙي گل سميت، هڪڙيءَ شاخ ۾ هجن؛ ۽ ٽي ڏياٽيون باداميءَ جي گلن جهڙيون، هڪڙي بونبي ۽ هڪڙي گل سميت، ٻيءَ شاخ ۾ هجن: اهڙي طرح شمعدان جي ڇهن ئي ٻاهر نڪتل شاخن ۾ هجن.</verse>
				<verse number="34">۽ خود شمعدان ۾ چار ڏياٽيون باداميءَ جي گلن جهڙيون، بونبن ۽ گلن سميت هجن.</verse>
				<verse number="35">۽ ٻن شاخن جي هيٺان هڪڙو بونبو انهيءَ ساڳئي ٽڪر مان ٺهيل هجي؛ ۽ ٻين ٻن شاخن جي هيٺان بہ هڪڙو بونبو انهي ساڳئي ٽڪر مان ٺهيل هجي؛ ۽ ٽين ٻن شاخن جي هيٺان بہ هڪڙو بونبو انهي ساڳئي ٽڪر مان ٺهيل هجي. اهڙيءَ طرح شمعدان مان نڪتل، ڇهن ئي شاخن لاءِ هجي.</verse>
				<verse number="36">يعني شمعدان، ۽ انهي جون شاخون، ۽ انهن جا بونبا ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان ٺهيل هجن: اهي سڀيئي نج سون جي هڪڙي ئي ٽڪر مان گهڙيل هجن.</verse>
				<verse number="37">۽ تون انهن جي لاءِ ست ڏيئا جوڙج، ۽ اهي ڏيئا اهڙيءَ طرح هجن جو انهي جي سامهون سوجهرو ڪن.</verse>
				<verse number="38">۽ انهن جي ڦلن لاهڻ جا چمچا ۽ رڪابيون نج سون جون هجن.</verse>
				<verse number="39">۽ اهو، ۽ انهي جا ٿانو، سون جي هڪ قنطار وزن مان جوڙيا وڃن.</verse>
				<verse number="40">۽ ڏسج تہ جيڪي نمونا هن جبل تي توکي ڏيکاريا ويا آهن تن جهڙا تون اهي جوڙين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="26">
				<verse number="1">وري تون خيمي جي لاءِ ڏهہ پردا سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جا جوڙج، جنهن ۾ اُستاد ڪاريگر جا جوڙيل ڪروبي هجن.</verse>
				<verse number="2">هرهڪ پردي جي ڊيگهہ اٺاويهہ هٿ ۽ ويڪر چار هٿ هجي، سڀيئي پردا هڪڙي ماپ جا هجن.</verse>
				<verse number="3">پنج پردا هڪٻئي سان ڳنڍيل هجن، ۽ ٻيا پنج پردا بہ ساڳيءَ طرح پاڻ ۾ ڳنڍيل هجن.</verse>
				<verse number="4">۽ جتي هي ٻئي وڏا پردا ڳنڍيا وڃن، اتي هڪڙي پاسي واري وڏي پردي جي ڪناري تي آسماني رنگ جي ڌاڳن جا ڇلا رکج، ساڳيءَ طرح ٻئي وڏي پردي جي ڪناري تي بہ اهڙا ڇلا رکج.</verse>
				<verse number="5">پنجاهہ ڇلا هڪڙي وڏي پردي جي ڪناري تي، ۽ پنجاهہ ٻئي وڏي پردي جي ڪناري تي رکج: اهي ڇلا هڪ ٻئي جي سامهون هجن.</verse>
				<verse number="6">۽ تون سون جون پنجاهہ آنڪڙيون جوڙج، ۽ انهن آنڪڙين سان، پردا هڪ ٻئي سان ملائي ڇڏج؛ پوءِ يڪو خيمو تيار ٿي ويندو.</verse>
				<verse number="7">۽ خيمي جي مٿان وجهڻ لاءِ ٻڪرين جي ڏاس جا يارهن پردا جوڙج.</verse>
				<verse number="8">هرهڪ پردي جي ڊيگهہ ٽيهہ هٿ ۽ ويڪر چار هٿ هجي؛ اهي يارهن ئي پردا هڪڙي ماپ جا هجن.</verse>
				<verse number="9">۽ تون پنج پردا ڌار پاڻ ۾ ڳنڍج، ۽ ڇهہ پردا ڌار ڳنڍج؛ ۽ ڇهون پردو، خيمي جي اڳ وارو، ٻيڻو ڪري ڇڏج.</verse>
				<verse number="10">۽ جتي هي ٻاهريان وڏا پردا ڳنڍيا وڃن، اتي هڪڙي پاسي واري وڏي پردي جي ڪناري تي پنجاهہ ڇلا رکج، ۽ ٻئي پاسي واري وڏي پردي جي ڪناري تي بہ پنجاهہ ڇلا رکج.</verse>
				<verse number="11">۽ تون پتل جون پنجاهہ آنڪڙيون انهن ڇلن ۾ وجهي، خيمي جي مٿان ڳنڍي هڪڙو ڪري ڇڏج.</verse>
				<verse number="12">۽ خيمي جي پردي مان جيڪو حصو مٿان لٽڪيل هجي، يعني جيڪو اڌ پردو بچيل هجي، سو خيمي جي پٺيان ڀلي پيو لٽڪي.</verse>
				<verse number="13">۽ خيمي جي پردن جي ڊيگهہ ۾ جيڪو هٿ بچيل آهي، سو ڀلي تہ خيمي جي پاسن جي مٿان، ٻنهي پاسي پيو لٽڪي، تہ خيمو ڍڪيل رهي.</verse>
				<verse number="14">۽ تون گهيٽن جي ڳاڙهين رڱيل کلن مان، ۽ مل ار مڇيءَ جي کلن مان، خيمي جو ڍڪ ٺاهج، جو سڀني جي مٿان هجي.</verse>
				<verse number="15">۽ تون خيمي جي لاءِ ٻٻر جي ڪاٺ جا تختا جوڙج، جي اُڀا بيهاريا وڃن.</verse>
				<verse number="16">۽ هڪڙي هڪڙي تختي جي ڊيگهہ ڏهہ هٿ، ۽ ويڪر ڏيڍ هٿ هجي.</verse>
				<verse number="17">۽ هرهڪ تختي ۾ ٻہ ٻہ چوڙون هجن، جي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هجن: تون خيمي جي سڀني تختن ۾ ائين ئي ڪج.</verse>
				<verse number="18">۽ تون خيمي جي لاءِ تختا جوڙج، ويهہ تختا ڏاکڻي پاسي لاءِ ڏکڻ ڏانهن هجن.</verse>
				<verse number="19">تون انهن ويهن تختن جي هيٺان چانديءَ جا چاليهہ کوپا جوڙج. هرهڪ تختي جي هيٺان ان جي چوڙين رکڻ لاءِ ٻہ ٻہ کوپا جوڙج.</verse>
				<verse number="20">وري خيمي جي ٻئي پاسي، يعني اُتر واري پاسي لاءِ، ويهہ تختا هجن.</verse>
				<verse number="21">۽ انهن جي لاءِ چانديءَ جا چاليهہ کوپا هجن. هرهڪ تختي جي هيٺان ٻہ کوپا هجن.</verse>
				<verse number="22">۽ تون خيمي جي پٺئين ڀاڱي، يعني الهندي پاسي لاءِ ڇهہ تختا جوڙج.</verse>
				<verse number="23">۽ تون خيمي جي پٺئين ڀاڱي جي ڪنڊن لاءِ ٻہ تختا جوڙج.</verse>
				<verse number="24">اهي هيٺان ٻٽا هجن، ۽ ساڳيءَ طرح چوٽيءَ تائين اهي هڪڙي ڇلي ۾ يڪا ڳنڍيل هجن: اهي ٻئي اهڙيءَ طرح هجن، ۽ اهي ٻن ڪنڊن جي لاءِ هجن.</verse>
				<verse number="25">اهڙا اٺ تختا هجن، ۽ انهن جي لاءِ چانديءَ جا سورنهن کوپا هجن، هرهڪ تختي جي هيٺان ٻہ کوپا هجن.</verse>
				<verse number="26">۽ تون ٻٻر جي ڪاٺ جا گز جوڙج؛ پنج گز خيمي جي هڪڙي پاسي وارن تختن جي لاءِ،</verse>
				<verse number="27">۽ پنج گز خيمي جي ٻئي پاسي وارن تختن جي لاءِ، ۽ پنج گز خيمي جي الهندي واري، پٺئين ڀاڱي وارن تختن جي لاءِ هجن.</verse>
				<verse number="28">۽ تختن جي وچ وارو گز هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين پهچي.</verse>
				<verse number="29">۽ تون انهن تختن تي سون جو پٽ چاڙهج، ۽ گزن جي جاين لاءِ سون جا ڇلا جوڙج، ۽ گزن تي بہ سون جو پٽ چاڙهج.</verse>
				<verse number="30">جيڪو نمونو توکي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي، تنهن موجب تون خيمو کڙو ڪري بيهارج.</verse>
				<verse number="31">۽ تون آسماني، واڱڻائي، ۽ قرمزي رنگ ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هڪڙو پردو جوڙج، جنهن ۾ استاد ڪاريگر جا جوڙيل ڪروبي هجن.</verse>
				<verse number="32">۽ تون انهي کي، سون سان مڙهيل ٻٻر جي ڪاٺيءَ جي چئن ٿنڀن تي ٽنگي ڇڏج: انهن جا ڪنڍا سون جا، ۽ کوپا چانديءَ جا هجن.</verse>
				<verse number="33">اهو پردو تون آنڪڙين جي هيٺان لٽڪائي ڇڏج، ۽ پوءِ اها شاهديءَ جي صندوق، انهي پردي جي اندر آڻي رکج: اهو پردو اوهان جي لاءِ پاڪ جاءِ، ۽ پاڪ ترين جاءِ جي وچ ۾ ٿيندو، ۽ انهن کي ڌار ڪندو.</verse>
				<verse number="34">۽ تون رحمت جو پوش پاڪ ترين جاءِ ۾ شاهديءَ جي صندوق جي مٿان رکج.</verse>
				<verse number="35">۽ تون ميز پردي جي ٻاهران رکج، ۽ شمعدان ميز جي سامهون خيمي جي ڏکڻ واري پاسي رکج.</verse>
				<verse number="36">۽ تون خيمي جي در لاءِ هڪڙو پردو آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي ڪپڙي، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو، زردوزيءَ جي ڪم سان ٺاهج.</verse>
				<verse number="37">۽ تون انهي پردي جي لاءِ ٻٻر جي ڪاٺيءَ جا پنج ٿنڀ جوڙج، ۽ انهن تي سون جو پٽ چاڙهج: انهن جا ڪنڍا سون جا هجن، ۽ تون انهن جي لاءِ پتل جا پنج کوپا پلٽي جوڙج.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="27">
				<verse number="1">۽ تون ٻٻر جي ڪاٺ جي قربانگاهہ جوڙج، اها قربانگاهہ چورس هجي. انهيءَ جي ڊيگهہ پنج هٿ، ۽ ويڪر پنج هٿ هجي، ۽ اوچائي ٽي هٿ هجي.</verse>
				<verse number="2">۽ تون انهيءَ جي چئن ئي ڪنڊن تي سڱ ٺاهج، انهيءَ جا سڱ انهي ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان جڙيل هجن: ۽ تون انهيءَ تي پتل جو پٽ چاڙهج.</verse>
				<verse number="3">۽ تون انهيءَ جي لاءِ رک کڻڻ جا ٿانو، ۽ ڪوڏاريون، ۽ ٿالهہ، ۽ گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ۽ منگالا جوڙج، اهي سڀ ٿانو تون پتل جا جوڙج.</verse>
				<verse number="4">تون انهيءَ جي لاءِ هڪڙو پتل جو ڄاريدار آتشدان جوڙج، ۽ ڄاريءَ جي چئن ئي ڪنڊن ۾ پتل جا چار ڇلا جوڙج.</verse>
				<verse number="5">تون انهيءَ کي قربانگاهہ ۾ ڪنارن جي هيٺان اهڙيءَ طرح رکج، جو ڄاري قربانگاهہ جي اڌ تائين پهچي.</verse>
				<verse number="6">۽ تون قربانگاهہ جي لاءِ ٻٻر جي ڪاٺيءَ جا ڏنڊا جوڙي، انهن تي پتل جو پٽ چاڙهج.</verse>
				<verse number="7">اهي ڏنڊا انهن ڇلن ۾ وڌا وڃن، ۽ اهي ڏنڊا قربانگاهہ جي کڻڻ وقت انهيءَ جي ٻنهي پاسن تي هجن.</verse>
				<verse number="8">تون اها قربانگاهہ تختن جي کوکي وانگر جوڙج؛ جهڙيءَ طرح توکي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي، تهڙيءَ طرح تون اها جوڙج.</verse>
				<verse number="9">۽ تون خيمي جو اڱڻ جوڙج: ڏکڻ واري پاسي ڏکڻ ڏانهن اڱڻ جي لاءِ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جون قناتون هجن؛ انهن جي ڊيگهہ هڪ سؤ هٿ هجي:</verse>
				<verse number="10">۽ انهن جي لاءِ ويهہ ٿنڀ هجن، جن لاءِ پتل جا ويهہ کوپا هجن؛ ۽ ٿنڀن جا ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هجن.</verse>
				<verse number="11">ساڳيءَ طرح اُتر واري پاسي لاءِ بہ اهڙيون قناتون هجن، انهن جي ڊيگهہ هڪ سؤ هٿ هجي، ۽ انهن جي لاءِ ويهہ ٿنڀ، ۽ انهن جا ويهہ پتل جا کوپا هجن، ۽ ٿنڀن جا ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هجن.</verse>
				<verse number="12">۽ الهندي ڏانهن، اڱڻ جي ويڪر جي لاءِ پنجاهہ هٿ ڊگهيون قناتون هجن: انهن جي لاءِ ڏهہ ٿنڀ، ۽ انهن جا ڏهہ کوپا هجن.</verse>
				<verse number="13">۽ اُڀرندي واري پاسي اُڀرندي ڏانهن، اڱڻ جي ويڪر پنجاهہ هٿ هجي.</verse>
				<verse number="14">۽ دروازي جي هڪڙي پاسي لاءِ پندرهن هٿ ڊگهيون قناتون هجن؛ انهن جي لاءِ ٽي ٿنڀ ۽ انهن جا ٽي کوپا هجن.</verse>
				<verse number="15">۽ ٻئي پاسي لاءِ بہ پندرهن هٿ ڊگهيون قناتون هجن، انهن جي لاءِ بہ ٽي ٿنڀ ۽ انهن جا ٽي کوپا هجن.</verse>
				<verse number="16">۽ اڱڻ جي دروازي لاءِ ويهہ هٿ ڊگهو هڪڙو پردو ٿيندو، جو آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي ڪپڙي، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي، ۽ زردوزيءَ جي ڪم سان ٿيندو: انهي جي لاءِ چار ٿنڀ ۽ انهن جا چار کوپا هجن.</verse>
				<verse number="17">۽ اڱڻ جي ٿنڀن ۾ چوڌاري چانديءَ جا بند هجن، جن جا ڪنڍا چانديءَ جا، ۽ کوپا پتل جا هجن.</verse>
				<verse number="18">اڱڻ جي ڊيگهہ هڪ سو هٿ، ۽ ويڪر جتي ڪٿي پنجاهہ هٿ، ۽ اوچائي پنج هٿ هجي، ۽ اهو سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هجي، ۽ ٿنڀن جا کوپا پتل جا هجن.</verse>
				<verse number="19">خيمي جا سڀ ٿانو سڀني ڪمن لاءِ، انهن جون ڪليون، ۽ اڱڻ جون سڀ ڪليون، پتل جون هجن.</verse>
				<verse number="20">۽ تون بني اسرائيل کي حڪم ڏج، تہ روشنائي ڪرڻ لاءِ ڪٽيل زيتون جو نج تيل تو وٽ آڻين، تہ ڏيئو هميشہ ٻرندو رهي.</verse>
				<verse number="21">۽ جماعت واري تنبوءَ ۾، شاهديءَ واريءَ صندوق جي اڳيان جيڪو پردو ٿيندو، انهي جي ٻاهران هارون ۽ سندس پٽ سانجهيءَ کان وٺي صبح تائين خداوند جي حضور ۾ انهي جو بندوبست ڪن: اهو قاعدو بني اسرائيل جي لاءِ سندن سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ جاري رهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="28">
				<verse number="1">۽ تون بني اسرائيل مان پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن کي پاڻ وٽ سڏاءِ تہ اُهي، يعني هارون، ۽ سندس پٽ ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر، منهنجي لاءِ ڪاهن ٿين.</verse>
				<verse number="2">۽ تون پنهنجي ڀاءُ هارون جي واسطي، عزت ۽ زينت جي لاءِ هڪڙي پاڪ پوشاڪ ٺاهہ.</verse>
				<verse number="3">۽ جيڪي هوشيار ماڻهو آهن، جن کي مون دانائيءَ جي روح سان ڀرپور ڪيو آهي، تن کي چئُہ تہ هارون جي لاءِ پوشاڪ ٺاهين، تہ هو مخصوص ٿي منهنجي لاءِ ڪهانت جي خدمت ڪري.</verse>
				<verse number="4">۽ اها پوشاڪ جا هو ٺاهين سا هيءَ آهي: هڪڙو سينہ بند، هڪڙو ايفود، هڪڙو جبو، هڪڙو چونڪڙين وارو پهراڻ، هڪڙي پڳڙي، ۽ هڪڙو ڪمربند: ۽ هو تنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن جي لاءِ پاڪ پوشاڪون ٺاهين، تہ منهنجي لاءِ ڪهانت جي خدمت ڪن.</verse>
				<verse number="5">۽ هو انهيءَ لاءِ سون، ۽ آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي سڻيءَ جو ڪپڙو وٺن.</verse>
				<verse number="6">۽ هو سون، ۽ آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي ڪپڙي، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو ايفود جوڙين، جنهن تي استاد ڪاريگر جو ڪم ٿيل هجي.</verse>
				<verse number="7">۽ انهي کي ڪلهن وٽ ٻہ پٽيون هجن، جي انهي جي ٻنهي ڇيڙن سان ڳنڍيل هجن، تہ اهو سڄو ئي يڪو ٿي پوي.</verse>
				<verse number="8">۽ انهي جي مٿان جيڪو ڪمربند هجي، تنهن تي بہ انهي جهڙو ڪم ڪيل هجي، ۽ ساڳئي ٽڪر مان هجي، يعني آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي ڪپڙي، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي مان، اُستاد ڪاريگر جو ٺهيل هجي.</verse>
				<verse number="9">۽ تون ٻہ سليماني پهڻ کڻي، انهن تي اسرائيل جي پٽن جا نالا اُڪر.</verse>
				<verse number="10">انهن جي نالن مان ڇهہ هڪڙي پهڻ تي، ۽ ڇهہ ٻئي تي؛ سندن پيدائش جي سلسلي موجب هجن.</verse>
				<verse number="11">۽ تون انهن ٻنهي پهڻن تي وينجهر جي ڪم وانگر، اسرائيل جي پٽن جا نالا اُڪرج، جيئن منڊي اُڪربي آهي؛ ۽ اهي سون جي خانن ۾ جوڙج.</verse>
				<verse number="12">۽ تون اهي ٻئي پهڻ ايفود جي، ڪلهن وارين پٽين تي هڻج، تہ بني اسرائيل جي لاءِ يادگيريءَ جا پهڻ ٿين، ۽ هارون انهن جا نالا يادگيريءَ جي لاءِ پنهنجن ٻنهي ڪلهن تي کڻي خداوند جي حضور ۾ وڃي.</verse>
				<verse number="13">۽ تون سون جا خانا جوڙج:</verse>
				<verse number="14">۽ نج سون جون ٻہ زنجيرون جوڙج؛ جي وٽيل رسيءَ وانگر ڪڙين سان ڳنڍيل هجن، ۽ اهي ڳنڍيل زنجيرون تون انهن خانن ۾ وجهج.</verse>
				<verse number="15">۽ تون هڪڙو عدالت جو سينہ بند جوڙج، جنهن ۾ استاد ڪاريگر جو ڪم ٿيل هجي، يعني ايفود جي ڪم جهڙو هجي؛ ۽ اهو سون، ۽ آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي ڪپڙي، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو جوڙج.</verse>
				<verse number="16">اهو چورس ۽ ٻٽو هجي، انهي جي ڊيگهہ هڪڙي گرانٺ، ۽ ويڪر بہ هڪڙي گرانٺ هجي.</verse>
				<verse number="17">۽ تون انهي ۾ قيمتي جواهر جڙج، جن جون چار قطارون هجن: پهرين قطار، لعل، پکراج ۽ شب چراغ جي هجي.</verse>
				<verse number="18">ٻي قطار، زمرد، نيلم ۽ هيري جي هجي.</verse>
				<verse number="19">ٽين قطار، سنبلي، عقيق ۽ ياقوت جي هجي.</verse>
				<verse number="20">۽ چوٿين قطار، فيروزي، سليماني پهڻ ۽ زبرجد جي هجي: اهي سون جي خانن ۾ جڙيا وڃن.</verse>
				<verse number="21">اهي پهڻ اسرائيل جي پٽن جي نالن موافق ۽ سندن نالن جي شمار موجب ٻارهن هجن. اهي ٻارهن قبيلن جي لاءِ هجن، يعني جيئن منڊي اُڪربي آهي، تيئن هرهڪ تي هڪڙي قبيلي جو نالو اُڪريل هجي.</verse>
				<verse number="22">۽ تون انهي سينہ بند تي، وٽيل رسيءَ جهڙيون، نج سون جي ڪڙين سان ڳنڍيل زنجيرون جوڙج.</verse>
				<verse number="23">۽ تون سينہ بند تي سون جا ٻہ ڇلا جوڙج، جي ٻئي سينہ بند جي ٻنهي ڇيڙن تي هجن.</verse>
				<verse number="24">۽ اهي ٻہ سونيون ڪڙيدار زنجيرون، سينہ بند جي ٻنهي ڇيڙن تي انهن ٻن ڇلن ۾ وجهج.</verse>
				<verse number="25">۽ انهن ڪڙيدار زنجيرن جا ٻيا ٻہ ڇيڙا ٻن خانن ۾ وجهج، ۽ ايفود جي ڪلهن وارين پٽين تي انهي جي اڳ واري پاسي رکج.</verse>
				<verse number="26">۽ تون سون جا ٻيا ٻہ ڇلا جوڙي، سينہ بند جو ڪنارو، جيڪو ايفود جي اندرئين پاسي ڏانهن هجي، تنهن جي ٻنهي ڇيڙن ۾ وجهج.</verse>
				<verse number="27">۽ تون سون جا ٻہ ٻيا ڇلا جوڙي، ايفود جي ٻنهي ڪلهن وارين پٽين تي، هيٺئين پاسي انهي جي اڳ کان، انهي جي سنڌ جي ويجهو، ايفود جي ڪاريگريءَ سان ٺهيل ڪمربند جي مٿان وجهج.</verse>
				<verse number="28">پوءِ اهي سينہ بند ۽ ايفود جا ڇلا، هڪڙي آسماني ڦيٿ سان ٻڌي ڇڏج، تہ اهو ايفود جي ڪاريگريءَ سان ٺهيل ڪمربند تي رهي، ۽ سينہ بند ايفود تان هٽجي نہ وڃي.</verse>
				<verse number="29">۽ هارون اسرائيل جي پٽن جا نالا پنهنجيءَ دل جي مٿان عدالت جي سينہ بند ۾ کڻي، انهي لاءِ تہ جڏهن هو پاڪ مڪان ۾ وڃي تڏهن هميشہ خداوند جي حضور ۾ اها يادگيريءَ جي هڪڙي نشاني هجي.</verse>
				<verse number="30">۽ تون عدالت جي سينہ بند ۾ اوريم ۽ تميم وجهج، ۽ جڏهن هارون خداوند جي حضور ۾ وڃي، تڏهن اهي سندس دل جي مٿان هجن، ۽ هارون هميشہ خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل جي عدالت پنهنجيءَ دل جي مٿان کڻي.</verse>
				<verse number="31">۽ تون ايفود وارو جبو سڄو آسماني رنگ جو جوڙج.</verse>
				<verse number="32">انهيءَ کي وچ ۾ مٿي وجهڻ لاءِ سوراخ هجي ۽ انهي سوراخ جي چوڌاري، گريبان وانگر هڪڙي اُڻيل پٽي هجي، انهي لاءِ تہ اهو ڦاٽي نہ پوي.</verse>
				<verse number="33">۽ تون انهيءَ جي دامن جي چوڌاري آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جا ڏاڙهون جوڙج، ۽ انهن جي وچ ۾ چوڌاري سون جون گهنڊڻيون ٻڌج.</verse>
				<verse number="34">جيئن دامن جي چوڌاري هڪڙي سوني گهنڊڻي ۽ هڪڙو ڏاڙهون، ۽ وري هڪڙي سوني گهنڊڻي ۽ هڪڙو ڏاڙهون ٿي وڃي.</verse>
				<verse number="35">۽ عبادت جي وقت هارون اهو پائي: ۽ جڏهن هو پاڪ مڪان ۾ خداوند جي حضور ۾ وڃي، ۽ انهي مان ٻاهر نڪري، تڏهن انهن جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي، تان تہ هو مري نہ وڃي.</verse>
				<verse number="36">۽ تون نج سون جي هڪڙي تختي جوڙج، ۽ جيئن منڊي اُڪربي آهي، تيئن انهيءَ تي هي اکر اُڪري ڇڏج ”خداوند جي لاءِ پاڪ.“</verse>
				<verse number="37">۽ تون اها آسماني رنگ جي ڦيٿ ۾ ٻڌي، پڳڙيءَ جي سامهون واري پاسي هڻج.</verse>
				<verse number="38">اها هارون جي پيشانيءَ تي رهندي، ۽ بني اسرائيل پنهنجي پاڪ نذرانن ۾ جيڪي پاڪ شيون آڻيندا، تن جا ڏوهہ هارون کڻندو؛ ۽ اها هميشہ سندس پيشانيءَ تي رهندي، انهي لاءِ تہ هو خداوند جي حضور ۾ قبول پون.</verse>
				<verse number="39">۽ تون سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي جو چونڪڙين وارو پهراڻ، ۽ سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي جي هڪڙي پڳڙي، ۽ زردوزيءَ جي ڪم وارو هڪڙو ڪمربند جوڙج.</verse>
				<verse number="40">۽ تون هارون جي پٽن جي واسطي بہ سندن عزت ۽ زينت جي لاءِ پهراڻ، ڪمربند، ۽ ٽوپيون جوڙج.</verse>
				<verse number="41">۽ تون اهي پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ ساڻس گڏ سندس پٽن کي پهرائج، ۽ انهن کي مسح ڪري، مخصوص ۽ پاڪ ڪج، تہ اهي منهنجي حضور ۾ ڪهانت جي عهدي تي رهي خدمت ڪن.</verse>
				<verse number="42">۽ تون انهن جي لاءِ سڻيءَ جي ڪپڙي جون سٿڻون جوڙج، تہ هو پنهنجو اُگهاڙو بت ڍڪين، ۽ اهي چيلهہ کان وٺي رانن تائين هجن.</verse>
				<verse number="43">۽ جڏهن هارون ۽ سندس پٽ جماعت واري تنبوءَ ۾ وڃن، يا پاڪ مڪان ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ قربانگاهہ جي ويجهو وڃن، تڏهن اهي سندن بت تي هجن، تہ متان اهي ڏوهاري ٺهرجن ۽ مري پون: اهو قانون هن جي لاءِ، ۽ کانئس پوءِ سندس اولاد جي لاءِ، هميشہ تائين قائم رهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="29">
				<verse number="1">۽ منهنجي حضور ۾ ڪهانت جي خدمت ڪرڻ واسطي هنن کي مخصوص ڪرڻ لاءِ تون هيئن ڪج: تون هڪڙو وهڙو ۽ ٻہ بي عيب گهٽا وٺج،</verse>
				<verse number="2">۽ فطيري ماني، ۽ تيل ۾ ڳوهيل فطيري ڍوڍا، ۽ تيل مکيل فطيري ٽڪيون: اهي سڀ ميدي جون جوڙج،</verse>
				<verse number="3">۽ اهي هڪڙيءَ ٽوڪريءَ ۾ وجهي، اها ٽوڪري انهي وهڙي، ۽ انهن گهٽن سان گڏ کڻي اچج.</verse>
				<verse number="4">۽ هارون ۽ سندس پٽن کي جماعت واري تنبوءَ جي در تي وٺي اچج، ۽ کين پاڻيءَ سان وهنجارج.</verse>
				<verse number="5">پوءِ تون ڪپڙا کڻي هارون کي پهراڻ، ۽ ايفود وارو جبو، ۽ ايفود، ۽ سينہ بند ڍڪائج، ۽ ايفود وارو ڪاريگري سان ٺهيل ڪمربند، هن جي چيلهہ سان ٻڌج؛</verse>
				<verse number="6">۽ تون سندس مٿي تي پڳڙي رکج، ۽ پڳڙيءَ جي مٿان اهو پاڪ ڇٽ رکج.</verse>
				<verse number="7">پوءِ مسح ڪرڻ جو تيل کڻي، اهو سندس مٿي تي وجهج، ۽ کيس مسح ڪج.</verse>
				<verse number="8">پوءِ سندس پٽن کي اڳيان آڻج، ۽ کين پهراڻ ڍڪائج.</verse>
				<verse number="9">۽ تون انهن کي، يعني هارون ۽ سندس پٽن کي، چيلهہ تي ڪمربند ٻڌج، ۽ ٽوپيون پهرائج؛ تہ کين هميشہ جي قانون موجب ڪهانت جو حق حاصل ٿئي: ائين تون هارون ۽ سندس پٽن کي مخصوص ڪج.</verse>
				<verse number="10">۽ تون اهو وهڙو جماعت واري تنبوءَ جي سامهون آڻج: ۽ هارون ۽ سندس پٽ وهڙي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن.</verse>
				<verse number="11">پوءِ تون اهو وهڙو خداوند جي حضور ۾ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ ذبح ڪج.</verse>
				<verse number="12">۽ تون وهڙي جو رت کڻي پنهنجيءَ آڱر سان قربانگاهہ جي سڱن تي لائج، ۽ باقي سڀ رت قربانگاهہ جي هيٺيان هاري ڇڏج.</verse>
				<verse number="13">۽ جيڪا چرٻي آنڊن تي لڳل هجي، ۽ جيري تي جيڪو پردو هجي، ۽ بڪيون ۽ مٿن جيڪا چرٻي هجي؛ اهي سڀ کڻي قربانگاهہ تي ساڙج.</verse>
				<verse number="14">پر وهڙي جو گوشت، ۽ سندس کل ۽ ڇيڻو، تون منزلگاهہ کان ٻاهر باهہ سان ساڙي ڇڏج: اها گناهہ جي قرباني آهي.</verse>
				<verse number="15">پوءِ تون هڪڙي گهٽي کي ويجهو آڻج، ۽ هارون ۽ سندس پٽ انهي گهٽي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن.</verse>
				<verse number="16">پوءِ تون اهو گهٽو ذبح ڪري، انهي جو رت کڻي قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽارج.</verse>
				<verse number="17">۽ تون گهٽي کي ٽڪر ٽڪر ڪري، ان جا آنڊا ۽ پاوا ڌوئي، انهي جي ٽڪرن ۽ سسيءَ سان گڏي رکج.</verse>
				<verse number="18">۽ تون اهو سڄو گهٽو قربانگاهہ تي ساڙج: اها خداوند جي لاءِ سوختني قرباني آهي؛ اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، ۽ باهہ سان ساڙي ويندي.</verse>
				<verse number="19">پوءِ تون ٻيو گهٽو آڻج؛ ۽ هارون ۽ سندس پٽ انهي گهٽي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن.</verse>
				<verse number="20">پوءِ تون اهو گهٽو ذبح ڪري، انهي جي رت مان ڪجهہ کڻي، هارون ۽ سندس پٽن جي ساڄي ڪن جي پاپڙين تي، ۽ سندن ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي، ۽ سندن ساڄي پير جي آڱوٺي تي لائج، ۽ باقي سڀ رت قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاري ڇڏج.</verse>
				<verse number="21">قربانگاهہ تي پيل رت مان، ۽ مسح ڪرڻ جي تيل مان ڪجهہ کڻي، هارون تي، ۽ سندس ڪپڙن تي، ۽ ساڻس گڏ سندس پٽن تي، ۽ انهن جي ڪپڙن تي ڇاٽارج. پوءِ هو پاڻ، ۽ سندس ڪپڙا، ۽ ساڻس گڏ سندس پٽ، ۽ انهن جا ڪپڙا پاڪ ٿيندا.</verse>
				<verse number="22">۽ تون گهٽي جي چرٻي، ۽ دنب، ۽ ٻي جيڪا چرٻي آنڊن تي هجي، ۽ جيري جو پردو، ۽ ٻئي بڪيون، ۽ انهن تي جيڪا چرٻي هجي، ۽ ساڄي ران کڻج؛ (ڇالاءِ جو اهو مخصوصيت جو گهٽو آهي)،</verse>
				<verse number="23">۽ فطيري مانين جي ٽوڪري، جا خداوند جي حضور ۾ هوندي تنهن مان هڪڙي ماني، ۽ هڪڙو تيل ۾ ڳوهيل ڍوڍو، ۽ هڪڙي ٽڪي ڪڍج؛</verse>
				<verse number="24">اهي سڀ هارون ۽ سندس پٽن جي هٿن تي رکج، ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ لوڏي، لوڏڻ جي قرباني ڪج.</verse>
				<verse number="25">پوءِ تون اهي سندن هٿن مان وٺي، قربانگاهہ تي سوختني قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙج: اها هڪڙي چڱي خوشبوءِ، ۽ خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي.</verse>
				<verse number="26">۽ تون هارون جي مخصوصيت واري گهٽي جو سينو ڪڍي، خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قربانيءَ لاءِ لوڏج، ۽ اهو حصو تنهنجو ٿيندو.</verse>
				<verse number="27">۽ تون هارون ۽ سندس پٽن جي مخصوصيت واري گهٽي جو سينو، جيڪو قربانيءَ لاءِ لوڏيو وڃي، ۽ کڻڻ واري قربانيءَ جي دستي، جيڪا مٿي کنئي وڃي، تن کي مخصوص ڪج.</verse>
				<verse number="28">اهي هارون ۽ سندس پٽن لاءِ، بني اسرائيل جي طرفان هميشہ جي لاءِ، سندن حق ٿيندو؛ ڇالاءِ جو اها کڻڻ واري قرباني آهي، ۽ بني اسرائيل جي طرفان سندن سلامتيءَ جي قربانين مان، خداوند جي لاءِ چاڙهيل آهي.</verse>
				<verse number="29">۽ هارون جا پاڪ ڪپڙا کانئس پوءِ، سندس پٽن جا ٿيندا، جن ۾ کين مسح ۽ مخصوص ڪيو وڃي.</verse>
				<verse number="30">جيڪو پٽ سندس جاءِ تي ڪاهن ٿيندو، سو جڏهن پاڪ مڪان ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ جماعت واري تنبوءَ ۾ داخل ٿئي، تڏهن ست ڏينهن اهي ڪپڙا پائي.</verse>
				<verse number="31">۽ تون مخصوصيت واري گهٽي جو گوشت، ڪنهن پاڪ جاءِ ۾ پچائج؛</verse>
				<verse number="32">۽ هارون ۽ سندس پٽ، انهي گهٽي جو گوشت، ۽ ٽوڪريءَ ۾ جيڪا ماني هجي، سا جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ ويهي کائين.</verse>
				<verse number="33">۽ جن شين سان ڪفارو ڪيو وڃي سي هو کائين، انهي لاءِ تہ مخصوص ۽ پاڪ ٿين. پر ڪو ڌاريو ماڻهو انهن مان نہ کائي، ڇالاءِ جو اهي پاڪ آهن.</verse>
				<verse number="34">۽ جيڪڏهن انهي مخصوصيت جي گوشت يا انهيءَ مانيءَ مان ڪي صبح تائين بچي پوي، تہ جيڪي بچي، سو تون باهہ سان ساڙي ڇڏج؛ اهو کائڻ ۾ نہ اچي، ڇالاءِ جو اهو پاڪ آهي.</verse>
				<verse number="35">۽ جيئن مون توکي حڪم ڏنو آهي، تيئن تون هارون ۽ سندس پٽن سان ڪج. ستن ڏينهن تائين تون انهن کي مخصوص ڪج.</verse>
				<verse number="36">۽ تون هر روز گناهہ جي قرباني لاءِ هڪڙو وهڙو، ڪفاري طور قربان ڪج: ۽ جڏهن تون قربانگاهہ جي لاءِ ڪفارو ڪرين، تڏهن تون انهيءَ کي صاف ڪج ۽ مٿس تيل اوتي، انهيءَ کي پاڪ ڪج.</verse>
				<verse number="37">ستن ڏينهن تائين تون قربانگاهہ جي لاءِ ڪفارو ڪج، ۽ انهيءَ کي پاڪ ڪج، تہ قربانگاهہ تمام پاڪ ٿيندي؛ ۽ جيڪا شيءِ قربانگاهہ کي لڳندي سا پاڪ ٿيندي.</verse>
				<verse number="38">هاڻي جيڪا قرباني تون قربانگاهہ تي چاڙهيندين سا هيءَ آهي: هر روز ٻہ يڪسالا گهيٽا هميشہ چاڙهيندو رهج.</verse>
				<verse number="39">هڪڙو گهٽو صبح جو، ۽ ٻيو گهٽو سانجهيءَ جو قربان ڪج.</verse>
				<verse number="40">۽ پهرين گهٽي سان گڏ هي شيون بہ هجن، يعني ميدي جي هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو جو جهاڳوڙيل تيل جي هڪڙي هين جي چوٿين پتيءَ ۾ ڳوهيل هجي، ۽ مئي جي هڪڙي هين جو چوٿون حصو، پيئڻ جي قربانيءَ لاءِ هجي.</verse>
				<verse number="41">۽ ٻيو گهٽو تون سانجهيءَ جو قربان ڪج، ۽ انهي سان گڏ بہ صبح وانگر کائڻ ۽ پيئڻ جي قرباني ڪج، انهي لاءِ تہ چڱي خوشبوءِ، ۽ خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني ٿئي.</verse>
				<verse number="42">اها اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ سوختني قرباني ٿيندي، جا خداوند جي حضور ۾، جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ چاڙهي ويندي. اُتي آءٌ اوهان سان گڏبس، ۽ توسان ڳالهائيندس.</verse>
				<verse number="43">۽ اتي آءٌ بني اسرائيل سان ملاقات ڪندس، ۽ تنبو منهنجي جلال جي ڪري پاڪ ٿي ويندو.</verse>
				<verse number="44">آءٌ جماعت واري تنبوءَ ۽ قربانگاهہ کي پاڪ ڪندس، ۽ آءٌ هارون ۽ سندس پٽن کي بہ پاڪ ڪندس، تہ منهنجي خدمت ڪرڻ لاءِ ڪاهن ٿين.</verse>
				<verse number="45">آءٌ بني اسرائيل جي وچ ۾ رهندس، ۽ انهن جو خدا ٿيندس:</verse>
				<verse number="46">۽ اهي ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند سندن خدا آهيان، جنهن کين مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، تہ آءٌ سندن وچ ۾ رهان؛ آءٌ خداوند انهن جو خدا آهيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="30">
				<verse number="1">۽ تون لوبان ساڙڻ جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙج؛ تون اها ٻٻر جي ڪاٺ جي جوڙج.</verse>
				<verse number="2">انهيءَ جي ڊيگهہ هڪڙو هٿ هجي، ۽ ويڪر بہ هڪڙو هٿ هجي، ۽ اها چورس هجي: ۽ انهيءَ جي اوچائي ٻہ هٿ هجي: انهيءَ جا سڱ انهي ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان جڙيل هجن.</verse>
				<verse number="3">۽ تون انهيءَ تي نج سون جو پٽ چاڙهج، جو انهيءَ جي مٿان، ۽ چئن ئي پاسن تي، ۽ سڱن تي هجي؛ ۽ انهيءَ جي مٿان چوڌاري سون جو ڇٽ جوڙج.</verse>
				<verse number="4">۽ تون انهيءَ جي لاءِ ڇٽ جي هيٺان، سندس ٻن پٽين تي ٻہ سونا ڇلا جوڙج، جي سندس ٻنهي پاسن تي هجن، ۽ انهيءَ کي کڻڻ جي لاءِ ڏنڊيون وجهڻ جون جايون ٿينديون.</verse>
				<verse number="5">۽ تون اهي ڏنڊا ٻٻر جي ڪاٺيءَ جا جوڙج؛ ۽ انهن جي مٿان بہ سون جو پٽ چاڙهج.</verse>
				<verse number="6">۽ تون اها، انهي پردي جي اڳيان رکج جيڪو شاهديءَ جي صندوق وٽ آهي، يعني اها، رحمت جي پوش جي سامهون رهي، جيڪو شاهديءَ جي صندوق جي مٿان آهي؛ ۽ اتي آءٌ توکي گڏبس.</verse>
				<verse number="7">۽ هر روز صبح جو هارون اتي خوشبودار مصالحن جو لوبان ساڙي؛ جڏهن هو ڏيئا ٺاهي، تڏهن اهو ساڙي.</verse>
				<verse number="8">۽ سانجهيءَ جو بہ جڏهن هارون ڏيئا ٺاهي، تڏهن اهو ساڙي، ۽ خداوند جي حضور ۾ اهو لوبان اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ جاري رهندو.</verse>
				<verse number="9">اوهين انهي تي ٻئي ڪنهن بہ قسم جو لوبان نہ ساڙجو، ۽ نڪي مٿس، پيئڻ واري قرباني اوتجو.</verse>
				<verse number="10">۽ هارون سال ۾ هڪ ڀيرو انهيءَ جي سڱن تي ڪفارو ڪري؛ ۽ اوهانجين سڀني پيڙهين تائين، سال ۾ هڪڙو ڀيرو گناهہ جي قربانيءَ واري ڪفاري جي رت سان، ڪفارو ڪيو وڃي؛ اهو خداوند جي لاءِ تمام پاڪ آهي.</verse>
				<verse number="11">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="12">جڏهن تون بني اسرائيل جو تعداد ڄاڻڻ لاءِ سندن شمار ڪرين، تڏهن انهن مان هرڪو ماڻهو شمار وقت، خداوند جي لاءِ پنهنجي ساهہ جو صدقو ڏئي؛ تہ جڏهن تون سندن شمار ڪرين تڏهن منجهن ڪا وبا نہ پوي.</verse>
				<verse number="13">اهي هن ريت صدقو ڏين: جيڪو ماڻهو شمار ٿيندڙن ۾ شامل ٿئي، سو عبادتگاهہ جي مشقال جهڙو اڌ مشقال ڏئي، (هڪڙو مشقال ويهن جيراهن جي برابر آهي): يعني هو اڌ مشقال خداوند جي لاءِ نذرانو ڏئي.</verse>
				<verse number="14">جيڪو ماڻهو شمار ٿيندڙن ۾ شامل ٿئي، ۽ انهي جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هجي، سو خداوند جي لاءِ نذرانو ڏئي.</verse>
				<verse number="15">جڏهن هو پنهنجي ساهہ جي ڪفاري لاءِ خداوند جو نذرانو ڏين: تڏهن جيڪو شاهوڪار هجي، سو اڌ مشقال کان وڌيڪ نہ ڏئي، ۽ جيڪو غريب هجي، سو انهي کان گهٽ نہ ڏئي.</verse>
				<verse number="16">۽ تون بني اسرائيل کان ڪفاري جا پئسا وٺي، اهي جماعت واري تنبوءَ جي خدمت لاءِ مقرر ڪج؛ انهي لاءِ تہ اوهانجن ساهن جي ڪفاري لاءِ خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل جي واسطي يادگيريءَ جي نشاني هجي.</verse>
				<verse number="17">وري خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="18">تون ڌوئڻ جي ڪم لاءِ هڪڙو پتل جو حوض، ۽ انهي جي لاءِ پتل جي صندلي جوڙج. اهو جماعت واري تنبوءَ ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾ رکج، ۽ انهي ۾ پاڻي ڀري ڇڏج،</verse>
				<verse number="19">۽ هارون ۽ سندس پٽ انهي ۾ پنهنجا هٿ ۽ پير ڌوئن.</verse>
				<verse number="20">جڏهن هو جماعت واري تنبوءَ ۾ وڃن، تڏهن پاڻيءَ سان پنهنجا هٿ ۽ پير ڌوئن، تہ مري نہ پون: ۽ جڏهن هو قربانگاهہ تي خداوند جي خدمت ڪرڻ ۽ سوختني قرباني چاڙهڻ وڃن، تڏهن بہ ائين ڪن.</verse>
				<verse number="21">انهيءَ طرح هو پنهنجا هٿ ۽ پير ڌوئن، تہ مري نہ پون. اهو هنن جي لاءِ، يعني هن جي ۽ سندس اولاد جي لاءِ، سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي واسطي قانون ٿيندو.</verse>
				<verse number="22">انهي کان سواءِ خداوند موسيٰ کي هيئن بہ فرمايو تہ</verse>
				<verse number="23">تون پنهنجي لاءِ خاص خوشبودار مصالحہ کڻ، يعني پنج سؤ مشقال خالص مر، ۽ انهيءَ جي اڌ جيتري يعني اڍائي سؤ مشقال خوشبودار دال چيني، ۽ اڍائي سؤ مشقال خوشبودار اگر،</verse>
				<verse number="24">۽ پنج سو مشقال املداس، (اهي سڀ عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هجن) ۽ هڪڙو هين زيتون جو تيل؛</verse>
				<verse number="25">انهن سان تون مسح ڪرڻ جو پاڪ تيل چڱيءَ طرح گڏي، اهڙو خوشبودار جوڙج، جهڙو ڪاريگر عطار جوڙيندا آهن؛ اهو مسح ڪرڻ جو پاڪ تيل ٿيندو.</verse>
				<verse number="26">۽ تون انهيءَ سان جماعت واري تنبو، ۽ شاهديءَ جي صندوق کي مسح ڪج،</verse>
				<verse number="27">۽ ميز ۽ انهيءَ جي ٿانون کي، ۽ شمعدان ۽ انهي جي سڀني ٿانون کي، ۽ لوبان واريءَ قربانگاهہ کي،</verse>
				<verse number="28">۽ سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي، ۽ حوض ۽ انهيءَ جي صندليءَ کي بہ مسح ڪج؛</verse>
				<verse number="29">۽ تون انهن کي پاڪ ڪج، تہ اهي تمام پاڪ ٿين؛ ۽ جيڪو انهن کي ڇهندو سو پاڪ ٿيندو.</verse>
				<verse number="30">۽ تون هارون ۽ سندس پٽن کي مسح ڪري پاڪ ڪج، تہ هو منهنجي لاءِ ڪهانت جي خدمت ڪن.</verse>
				<verse number="31">۽ تون بني اسرائيل کي چئج تہ اهو سڀني پيڙهين ۾ مسح ڪرڻ جو پاڪ تيل ٿيندو.</verse>
				<verse number="32">اهو ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي بدن تي نہ اوتيو وڃي، نڪي اوهين انهي جي بناوٽ موجب، اهڙو ڪو ٻيو تيل جوڙجو؛ اهو پاڪ آهي، ۽ اوهان جي ليکي پاڪ سمجهيو وڃي.</verse>
				<verse number="33">جيڪو انهي جهڙو ڪو ٻيو جوڙيندو، يا جيڪو انهي مان ڪي ڌارئي ماڻهوءَ تي اوتيندو، سو پنهنجيءَ قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="34">وري خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون پنهنجي لاءِ هي خوشبودار مصالحہ کڻ، يعني مر، ۽ مصطکي، ۽ لاون، اهي خوشبودار مصالحہ خالص لوبان سان گڏ کڻ، (اهي سڀيئي وزن ۾ هڪ جيترا هجن)،</verse>
				<verse number="35">۽ تون انهن مان اهڙو خوشبودار لوبان جوڙج، جهڙو ڪاريگر عطار جوڙيندا آهن، ۽ تون انهي کي لوڻ جي پٺ ڏيئي صاف ۽ پاڪ ڪج؛</verse>
				<verse number="36">۽ تون انهي مان ڪجهہ ڪُٽي تمام سنهو ڪج، انهي جو ڪجهہ حصو جماعت واري تنبوءَ ۾ شاهديءَ واري صندوق جي سامهون رکج، ۽ اتي آءٌ توکي گڏبس؛ اهو اوهان جي لاءِ تمام پاڪ ٿيندو.</verse>
				<verse number="37">۽ جيڪو لوبان تون انهيءَ طرح جوڙين، انهي جهڙو ٻيو اوهين پنهنجي لاءِ نہ جوڙجو؛ اهو اوهان جي ليکي خداوند جي لاءِ پاڪ سمجهيو وڃي.</verse>
				<verse number="38">جيڪو انهي جهڙو ٻيو جوڙيندو ۽ سنگهندو، سو پنهنجيءَ قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="31">
				<verse number="1">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">ڏس، مون يهوداہ جي قبيلي واري بضلي ايل بن اوري بن حور کي نالو وٺي سڏيو آهي:</verse>
				<verse number="3">۽ مون هن کي دانائيءَ، سمجهہ، علم ۽ هر ڪنهن قسم جي ڪاريگريءَ ۾ خدا جي روح سان ڀرپور ڪيو آهي،</verse>
				<verse number="4">انهي لاءِ تہ هوشياريءَ ۽ ڪاريگريءَ جا ڪم رٿي، ۽ سون، چانديءَ ۽ پتل جو ڪم ڪري،</verse>
				<verse number="5">۽ جواهرن کي جڙڻ لاءِ گهڙي تيار ڪري، ۽ ڪاٺ جي اُڪرڻ ۾ هر ڪنهن قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪري.</verse>
				<verse number="6">۽ ڏس مون دان جي قبيلي واري، اخيسمڪ جي پٽ اهلياب کي، هن سان گڏ مقرر ڪيو آهي؛ ۽ سڀني هوشيار ماڻهن جي دلين ۾ هنر وڌو اٿم، انهي لاءِ تہ جنهن جو مون توکي حڪم ڏنو آهي، سو سڀ جوڙي تيار ڪن.</verse>
				<verse number="7">يعني جماعت وارو تنبو، ۽ شاهديءَ جي صندوق، ۽ انهيءَ تي جيڪو رحمت جو پوش آهي سو، ۽ تنبوءَ جو سامان،</verse>
				<verse number="8">۽ ميز ۽ انهيءَ جا ٿانو، ۽ نج سون جو شمعدان، ۽ انهي جا سڀ ٿانو، ۽ لوبان واري قربانگاهہ،</verse>
				<verse number="9">۽ سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ، ۽ انهيءَ جا سڀ ٿانو، ۽ حوض ۽ انهي جي صندلي،</verse>
				<verse number="10">۽ سنها سوٽي ڪپڙا، ۽ ڪهانت جو ڪم ڪرڻ لاءِ هارون ڪاهن جي پوشاڪ، ۽ سندس پٽن جون پوشاڪون،</verse>
				<verse number="11">۽ مسح ڪرڻ جو تيل، ۽ پاڪ مڪان لاءِ خوشبودار مصالحن جو لوبان: اهي سڀ، جيئن مون توکي حڪم ڏنو آهي تيئن هو تيار ڪن.</verse>
				<verse number="12">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ،</verse>
				<verse number="13">تون بني اسرائيل کي هيئن بہ چئُہ تہ اوهين منهنجا سبت جا ڏينهن ضرور مڃيندا رهجو، ڇالاءِ جو اوهان جي سڀني پيڙهين ۾ اها منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ هڪڙي نشاني آهي، تہ اوهان کي خبر پوي تہ آءٌ اُهو خداوند آهيان، جو اوهان کي پاڪ ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="14">تنهنڪري اوهين سبت جو ڏينهن قائم رکجو، ڇو تہ اهو اوهان جي لاءِ پاڪ آهي؛ جيڪو بہ انهي کي ناپاڪ ڪندو سو ضرور ماريو ويندو؛ جيڪو انهي ڏينهن ڪو ڪم ڪندو، سو پنهنجيءَ قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="15">ڇهہ ڏينهن ڪم ڪار ڪيو وڃي؛ پر ستون ڏينهن پوري آرام جي لاءِ سبت آهي، اهو خداوند جي لاءِ پاڪ آهي: جيڪو سبت جي ڏينهن ڪو ڪم ڪندو، سو ضرور ماريو ويندو.</verse>
				<verse number="16">تنهنڪري بني اسرائيل سبت جو ڏينهن قائم رکن، ۽ انهي کي پنهنجين سڀني پيڙهين جي لاءِ هميشہ جو عهد سمجهي مڃيندا رهن.</verse>
				<verse number="17">اها منهنجي ۽ بني اسرائيل جي وچ ۾ هميشہ جي لاءِ هڪڙي نشاني آهي، ڇالاءِ جو ڇهن ڏينهن ۾ خداوند آسمان ۽ زمين کي جوڙيو ۽ ستين ڏينهن فارغ ٿيو، ۽ آرام ورتائين.</verse>
				<verse number="18">جڏهن هو سينا جبل تي موسيٰ کي سڀ ڳالهيون ٻڌائي رهيو، تڏهن هن کي شاهديءَ جون ٻہ تختيون، يعني خدا جي آڱر سان لکيل ٻہ پهڻ جون تختيون ڏنائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="32">
				<verse number="1">هاڻي جڏهن ماڻهن ڏٺو تہ موسيٰ کي جبل تان لهڻ ۾ دير ٿي آهي، تڏهن اهي هارون وٽ اچي گڏ ٿيا، ۽ چيائونس تہ اُٿي اسان جي لاءِ اهڙا ديوتا ٺاهہ، جي اسان جي رهبري ڪن: ڇالاءِ تہ هي شخص موسيٰ، جو اسان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهي، تنهن بابت اسان کي خبر نہ آهي تہ ڇا ٿيس.</verse>
				<verse number="2">تڏهن هارون کين چيو تہ جيڪي سون جون واليون اوهانجن پٽن ۽ ڌيئرن جي ڪنن ۾ آهن، سي ڀڃي مون وٽ کڻي اچو.</verse>
				<verse number="3">تنهن تي سڀيئي ماڻهو پنهنجون سون جون واليون، جيڪي سندن ڪنن ۾ هيون، سي ڀڃي هارون وٽ کڻي آيا.</verse>
				<verse number="4">۽ هن اهي سندن هٿن مان وٺي، انهن کي پگهاريو ۽ سانچي ۾ وجهي، وينجهر جي اوزار سان گهڙي، انهي مان هڪڙو گابو جوڙيائين: ۽ هنن چيو تہ اي اسرائيليو، هي اوهان جو معبود آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو!</verse>
				<verse number="5">۽ جڏهن هارون هي حال ڏٺو، تڏهن انهي جي اڳيان هڪڙي قربانگاهہ جوڙيائين، ۽ هارون پڙهو گهمايو تہ سڀاڻي خداوند جي لاءِ عيد ٿيندي.</verse>
				<verse number="6">۽ ٻئي ڏينهن، اُهي صبح جو سوير اُٿيا، ۽ سوختنيون قربانيون چاڙهيائون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائون؛ پوءِ ماڻهو ويهي کائڻ پيئڻ، ۽ اُٿي رانديون ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="7">تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ هيٺ لهي وڃ، ڇالاءِ جو تنهنجا ماڻهو، جن کي تون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهين، تن پاڻ کي خراب ڪيو آهي؛</verse>
				<verse number="8">جنهن رستي جو مون کين حڪم ڏنو هو، تنهن کان هو جلد ڦري ويا آهن؛ هنن پنهنجي لاءِ هڪڙو پلٽيل گابو جوڙيو آهي، ۽ انهي جي عبادت ڪئي اٿن، ۽ انهي جي لاءِ قربانيون چاڙهيون اٿن، ۽ چيو اٿن تہ اي اسرائيليو، هي اوهان جو معبود آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ مون هن قوم کي ڏٺو آهي، ۽ ڏس، هيءَ ضدي قوم آهي؛</verse>
				<verse number="10">تنهنڪري هاڻي مون کي ڇڏ تہ منهنجي ڪاوڙ هنن تي ڀڙڪو کائي، ۽ آءٌ کين ساڙي رک ڪري ڇڏيان؛ پر آءٌ تو منجهان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس.</verse>
				<verse number="11">تڏهن موسيٰ خداوند پنهنجي خدا کي عرض ڪري چيو تہ اي خداوند، ڇو تنهنجي ڪاوڙ تنهنجيءَ اُمت تي ڀڙڪو کائي، جنهن کي تو پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ زور سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي؟</verse>
				<verse number="12">ڇو مصري چون تہ هو کين ڪنهن خرابيءَ جي لاءِ ڪڍي وٺي ويو، تہ اُنهن کي جبلن ۾ ماري وجهي، ۽ کين زمين جي سطح تائين مٽائي ڇڏي؟ تون پنهنجي غصي کي ٽاري ڇڏ، ۽ پنهنجيءَ اُمت تي اها مصيبت آڻڻ جي ارادي کي ڇڏي ڏي.</verse>
				<verse number="13">تون ابرهام، اسحاق ۽ اسرائيل کي ياد ڪر، جي تنهنجا ٻانها هئا، جن کي تو پنهنجو قسم کڻي چيو تہ آءٌ اوهان جو اولاد آسمان جي تارن جيترو وڌائيندس، ۽ هيءُ سارو ملڪ، جنهن جو مون ذڪر ڪيو آهي، سو اوهان جي اولاد کي ڏيندس، ۽ اهي هميشہ جي لاءِ انهي جا وارث ٿيندا.</verse>
				<verse number="14">تڏهن خداوند پنهنجيءَ اُمت تي اُها آفت آڻڻ کان باز آيو جنهن جو ارادو ڪيو هئائين.</verse>
				<verse number="15">پوءِ موسيٰ موٽي جبل تان هيٺ لٿو، ۽ شاهديءَ جون ٻئي تختيون سندس هٿ ۾ هيون، اهي تختيون ٻنهي پاسي لکيل هيون؛ انهن جو هڪڙو پاسو بہ لکيل هو ۽ ٻيو پاسو بہ.</verse>
				<verse number="16">اهي تختيون خدا جون جوڙيل هيون، ۽ جيڪي مٿن لکيل هو سو خدا جو لکيل هو، ۽ تختين تي اُڪريل هو.</verse>
				<verse number="17">۽ ماڻهن جيڪي رڙيون پئي ڪيون، سي جڏهن يشوع ٻڌيون، تڏهن موسيٰ کي چيائين تہ منزلگاهہ ۾ جنگ جو آواز آهي.</verse>
				<verse number="18">پر موسيٰ چيو تہ اهو فتح جي رڙين جو آواز نہ آهي، ۽ نہ شڪست جي هل جو آواز آهي، پر اهو آواز جو آءٌ ٻڌان ٿو، سو ڳائڻ وارن جو آواز آهي.</verse>
				<verse number="19">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو منزلگاهہ جي ويجهو آيو تڏهن گابو ۽ ناچ ڏٺائين: تنهن تي موسيٰ کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ سندس هٿ ۾ جيڪي تختيون هيون، سي کڻي اُڇلايائين، ۽ جبل جي تري وٽ ڀڃي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="20">۽ جيڪو گابو هنن جوڙيو هو سو باهہ ۾ ساڙي ڇڏيائين، ۽ انهي کي پيهي اٽو ڪري پاڻيءَ ۾ پکيڙيائين، ۽ اهو پاڻي بني اسرائيل کي پياريائين.</verse>
				<verse number="21">۽ موسيٰ هارون کي چيو تہ هنن ماڻهن تو سان ڇا ڪيو جو تو ههڙو گناهہ هنن جي مٿان آندو آهي؟</verse>
				<verse number="22">تڏهن هارون موسيٰ کي چيو تہ منهنجي مالڪ جي ڪاوڙ مون تي ڀڙڪو نہ کائي، تون هنن کان واقف آهين تہ هنن جو لاڙو بڇڙائي ڏانهن آهي.</verse>
				<verse number="23">هنن مون کي چيو تہ اسان کي اهڙا ديوتا ٺاهي ڏي، جي اسان جي رهبري ڪن؛ ڇالاءِ جو هي شخص موسيٰ، جو اسان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو، تنهن کي خبر نہ آهي تہ ڇا ٿيو.</verse>
				<verse number="24">تڏهن مون هنن کي چيو تہ جنهن ڪنهن وٽ سون هجي، سو اهو ڀڃي کڻي اچي؛ ۽ هنن اهو مون کي آڻي ڏنو، ۽ مون اهو باهہ ۾ وڌو تہ هي گابو نڪري آيو.</verse>
				<verse number="25">هاڻي جڏهن موسيٰ ڏٺو تہ ماڻهو قابو مان نڪري ويا آهن؛ (ڇالاءِ جو هارون انهن کي ڇوٽ ڇڏي ڏنو هو تہ ڀلي سندن دشمن مٿن ٺٺوليون ڪن):</verse>
				<verse number="26">تڏهن موسيٰ منزلگاهہ جي دروازي تي اچي بيٺو، ۽ چوڻ لڳو تہ جيڪو خداوند جي پاسي هجي، سو مون وٽ اچي. تڏهن لاويءَ جي فرقي جا سڀيئي ماڻهو اچي وٽس گڏ ٿيا.</verse>
				<verse number="27">۽ هن کين چيو تہ خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي ترار چيلهہ سان ٻڌي منزلگاهہ ۾ هڪڙي دروازي کان ٻي دروازي تائين گشت ڪري، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ کي، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي سنگتيءَ کي، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي قتل ڪري.</verse>
				<verse number="28">سو لاويءَ جي فرقي وارن موسيٰ جي چوڻ موجب ڪيو، ۽ انهي ڏينهن انهن ماڻهن مان اٽڪل ٽي هزار ماڻهو مارجي ويا.</verse>
				<verse number="29">۽ موسيٰ چيو تہ اڄ اوهين پاڻ کي خداوند جي لاءِ مخصوص ڪريو، هائو، هرڪو ماڻهو پنهنجي پٽ ۽ پنهنجي ڀاءُ جي برخلاف ٿئي، تہ هو اڄ اوهان کي برڪت ڏئي.</verse>
				<verse number="30">۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو، جو موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ اوهان هڪڙو وڏو گناهہ ڪيو آهي: هاڻي آءٌ خداوند وٽ چڙهي ٿو وڃان؛ شايد اوهان جي گناهہ جو ڪفارو ڪريان.</verse>
				<verse number="31">پوءِ موسيٰ موٽي خداوند وٽ ويو ۽ چيائين تہ، افسوس، هنن ماڻهن هڪڙو وڏو گناهہ ڪيو آهي، ۽ پنهنجي لاءِ سون جا معبود جوڙيا اٿن.</verse>
				<verse number="32">هاڻي جيڪڏهن تون هنن جو گناهہ معاف ڪرين تہ چڱو، جي نہ، تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ جيڪو ڪتاب تو لکيو آهي، تنهن مان منهنجو نالو مٽائي ڇڏ.</verse>
				<verse number="33">تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ جنهن منهنجو گناهہ ڪيو آهي تنهن جو نالو آءٌ پنهنجي ڪتاب مان مٽائي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="34">هاڻي تون وڃ، ۽ جنهن جاءِ بابت مون توکي حڪم ڏنو آهي، اتي پنهنجيءَ قوم کي وٺي وڃ: ڏس، منهنجو فرشتو تنهنجي اڳيان هلندو: تنهن هوندي بہ جنهن ڏينهن آءٌ بدلو وٺندس، تنهن ڏينهن آءٌ انهن کي سندن گناهہ جي سزا ڏيندس.</verse>
				<verse number="35">۽ جيڪو گابو هارون جوڙيو هو، تنهن جي جوڙڻ ڪري، خداوند انهن تي آفت آندي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="33">
				<verse number="1">خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون ۽ تنهنجا ماڻهو، جن کي تون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهين، سي هتان روانا ٿي انهي ملڪ ڏانهن وڃو، جنهن بابت مون ابرهام، اسحاق، ۽ يعقوب کي قسم کڻي چيو تہ اهو آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.</verse>
				<verse number="2">۽ آءٌ هڪڙو فرشتو تنهنجي اڳيان موڪليندس، ۽ آءٌ ڪنعانين، امورين، حتين، فريزين، حوين ۽ يبوسين کي هڪالي ڪڍندس.</verse>
				<verse number="3">تون انهي ملڪ ۾ چڙهي وڃ، جتي کير ۽ ماکي پيئي وهي: پر آءٌ اوهان سان گڏ ڪين هلندس، ڇالاءِ جو اوهين ضدي ماڻهو آهيو، ۽ ائين نہ ٿئي جو آءٌ رستي ۾ اوهان کي تباهہ ڪري ڇڏيان.</verse>
				<verse number="4">جڏهن ماڻهن اها خراب خبر ٻڌي، تڏهن ڏاڍا غمگين ٿيا؛ ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ پنهنجا زيور نہ پاتا.</verse>
				<verse number="5">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ بني اسرائيل کي چئُہ تہ اوهين ضدي ماڻهو آهيو؛ جيڪڏهن آءٌ هڪڙو لحظو اوهان سان گڏ هلندس تہ آءٌ اوهان کي تباهہ ڪري ڇڏيندس. تنهنڪري اوهين پنهنجا سڀ زيور لاهيو، پوءِ آءٌ ڏسندس تہ ڇا ڪريان.</verse>
				<verse number="6">سو بني اسرائيل حريب جبل وٽ پنهنجا زيور لاهي ڇڏيا.</verse>
				<verse number="7">پوءِ موسيٰ تنبو کڻي منزلگاهہ کان ٻاهر پرڀرو وڃي کوڙيو؛ ۽ انهي جو نالو جماعت وارو تنبو رکيائين. ۽ هيئن ٿيو تہ جيڪو ماڻهو خداوند جو ڳولائو هو، سو انهي تنبوءَ ڏانهن ويندو هو، جو منزلگاهہ کان ٻاهر هو.</verse>
				<verse number="8">هاڻي جڏهن موسيٰ نڪري انهي تنبوءَ ڏانهن وڃڻ لڳو تڏهن سڀيئي ماڻهو اُٿيا، ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ جي در تي بيهي موسيٰ جي پٺيان نهارڻ لڳو، جيسين ڪ هو انهي تنبوءَ ۾ گهڙي ويو.</verse>
				<verse number="9">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ انهي تنبوءَ ۾ گهڙيو، تڏهن ڪڪر جو ٿنڀ لهي اچي تنبوءَ جي در تي بيٺو، ۽ خداوند موسيٰ سان ڳالهايو.</verse>
				<verse number="10">۽ سڀني ماڻهن اهو ڪڪر جو ٿنڀ تنبوءَ جي در تي بيهندو ڏٺو، ۽ سڀيئي ماڻهو اُٿيا، ۽ هر ڪنهن پنهنجي تنبوءَ جي در تي بيهي سجدو ڪيو.</verse>
				<verse number="11">۽ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي دوست سان ڳالهائيندو آهي، تيئن خداوند موسيٰ سان منهن سامهون ڳالهايو. پوءِ هو موٽي منزلگاهہ ۾ آيو، پر سندس خادم يشوع بن نون، جو هڪڙو جوان ماڻهو هو، سو انهي تنبوءَ مان نہ نڪتو.</verse>
				<verse number="12">۽ موسيٰ خداوند کي چيو تہ ڏس، تون مون کي چوين ٿو تہ هنن ماڻهن کي وٺي وڃ: پر تو مون کي اهو ڪونہ ٻڌايو آهي تہ تون ڪنهن کي مون سان گڏ موڪليندين. انهي هوندي بہ تو فرمايو آهي تہ آءٌ توکي نالي سان سڃاڻان ٿو، ۽ منهنجي مهربانيءَ جي نظر تو تي آهي.</verse>
				<verse number="13">تنهنڪري، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان، تہ جي تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي، تہ هاڻي مون کي پنهنجي راهہ ڏيکار، تہ مون کي خبر پوي تہ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي: ۽ هن قوم کي پنهنجي اُمت ڪري سمجهہ.</verse>
				<verse number="14">تڏهن خداوند چيو تہ منهنجي حضوري تو سان گڏجي هلندي، ۽ آءٌ توکي آرام ڏيندس.</verse>
				<verse number="15">۽ هن چيس تہ جيڪڏهن تنهنجي حضوري اسان سان نہ هلي تہ اسان کي هتان وٺي نہ وڃ.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو هاڻي ڪيئن خبر پوندي تہ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي، ۽ تنهنجيءَ اُمت تي آهي؟ ڇا، اهو انهي مان ڪين معلوم ٿيندو تہ تون اسان سان گڏجي هلين، جنهنڪري آءٌ ۽ تنهنجي اُمت، سڀني قومن کان ڌار ليکجون؟</verse>
				<verse number="17">تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ جيڪي تون چوين ٿو، سو بہ آءٌ ڪندس، ڇالاءِ جو منهنجي مهربانيءَ جي نظر تو تي آهي، ۽ آءٌ توکي موسيٰ نالي سان سڃاڻان ٿو.</verse>
				<verse number="18">تڏهن موسيٰ چيو تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ مون کي پنهنجو جلال ڏيکار.</verse>
				<verse number="19">تڏهن هن چيو تہ آءٌ تنهنجي سامهون لنگهندي توکي پنهنجي سڀ خوبي ڏيکاريندس، ۽ آءٌ تنهنجي اڳيان خداوند جو نالو ظاهر ڪندس؛ ۽ جنهن تي فضل ڪرڻو هوندم تنهن تي فضل ڪندس، ۽ جنهن تي رحم ڪرڻو هوندم تنهن تي رحم ڪندس.</verse>
				<verse number="20">پر تون منهنجو منهن ڏسي ڪين سگهندين؛ ڇالاءِ جو اهڙو ڪوبہ انسان ڪونهي، جو مون کي ڏسي ۽ جيئرو رهي.</verse>
				<verse number="21">۽ خداوند فرمايو تہ ڏس، هيءَ جاءِ، جيڪا منهنجي پاسي ۾ آهي، تون انهي ٽڪر تي اچي بيهہ:</verse>
				<verse number="22">۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن وقت منهنجو جلال اُتان لنگهندو، تنهن وقت آءٌ توکي انهي ٽڪر جي ڦاٽ ۾ لڪائيندس، ۽ جيسين آءٌ لنگهي وڃان تيسين پنهنجي هٿ سان توکي ڍڪي ڇڏيندس؛</verse>
				<verse number="23">پوءِ آءٌ پنهنجو هٿ کڻندس، ۽ تون مون کي پٺيرو ڏسج، پر منهنجو منهن بلڪل ڏسڻ ۾ ڪين ايندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="34">
				<verse number="1">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ پنهنجي لاءِ اڳين تختين جهڙيون پهڻ جون ٻيون ٻہ تختيون جوڙي تيار ڪر؛ ۽ آءٌ انهن تختين تي اهي ڳالهيون لکندس، جي اڳين تختين تي لکيل هيون، جن کي تو ڀڃي ڇڏيو،</verse>
				<verse number="2">۽ صبح جو سوير تيار ٿي سينا جبل تي چڙهي اچج، ۽ اتي جبل جي چوٽيءَ تي منهنجي حضور ۾ اچي حاضر ٿج،</verse>
				<verse number="3">۽ ڪوبہ ماڻهو تو سان گڏ مٿي نہ اچي، نڪي ڪوبہ ماڻهو ساري جبل تي ڏسڻ ۾ اچي، نڪي انهي جبل جي اڳيان ڍور ۽ ڌڻ چرن.</verse>
				<verse number="4">تڏهن هن اڳين تختين جهڙيون پهڻ جون ٻيون ٻہ تختيون جوڙيون، ۽ موسيٰ صبح جو سوير اُٿيو، ۽ جيئن خداوند فرمايو هوس، تيئن اهي پهڻ جون تختيون پنهنجي هٿ ۾ کڻي سينا جبل تي چڙهي ويو.</verse>
				<verse number="5">۽ خداوند ڪڪر ۾ لهي آيو ۽ اچي اتي ساڻس گڏ بيٺو، ۽ خداوند جو نالو ظاهر ڪيائين.</verse>
				<verse number="6">۽ خداوند هن جي اڳيان هيئن چوندو لنگهيو تہ ”خداوند، رحمان ۽ رحيم خدا، ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو، رحم ۽ سچ سان ڀرپور،</verse>
				<verse number="7">هزارن تي رحم ڪندڙ، بڇڙائي، خطا ۽ گناهہ جو بخشيندڙ آهي، پر هو ڏوهارين کي ڪنهن بہ طرح ڪين ڇڏيندو؛ ابن ڏاڏن جي بڇڙائين جي سزا سندن اولاد کي، ۽ اولاد جي اولاد کي، ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين ڏيندو.“</verse>
				<verse number="8">تڏهن موسيٰ تڪڙو ٿي زمين تي سر جهڪائي سجدو ڪيو،</verse>
				<verse number="9">۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند، جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي ٿي آهي، تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ خداوند اسان سان گڏجي هلي، ڇالاءِ جو هي ضدي ماڻهو آهن؛ ۽ تون اسان جا قصور ۽ گناهہ معاف ڪر، ۽ اسان کي پنهنجي ميراث ڄاڻي قبول ڪر.</verse>
				<verse number="10">تڏهن هن چيس تہ ڏس آءٌ عهد ٿو ڪريان، تہ آءٌ تنهنجي ساريءَ قوم جي اڳيان اهڙا عجيب ڪم ڪندس، جي ساريءَ زمين تي ڪنهن بہ قوم ۾ نہ ڪيا ويا آهن؛ ۽ جن ماڻهن ۾ تون رهين ٿو، سي سڀ خداوند جو ڪم ڏسندا؛ ڇالاءِ تہ جيڪي آءٌ توسان ڪندس، سو خوفناڪ آهي.</verse>
				<verse number="11">جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان ٿو تنهن تي عمل ڪج: ڏس، آءٌ امورين، ڪنعانين، حتين، فريزين، حوين، ۽ يبوسين کي تنهنجي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍان.</verse>
				<verse number="12">خبردار، جنهن ملڪ ۾ تون وڃين ٿو، تنهن جي رهاڪن سان ڪوبہ عهد نہ ڪج، متان اهو اوهان جي وچ ۾ ڦندو ٿي پوي.</verse>
				<verse number="13">بلڪ اوهين هنن جون قربانگاهون ڀڃي ڇڏجو، ۽ هنن جا ٿنڀ ڪيرائي پرزا پرزا ڪجو، ۽ هنن جون يسيرہ نالي مورتون وڍي ڇڏجو.</verse>
				<verse number="14">اوهين ڪنهن بہ ٻئي معبود جي عبادت نہ ڪجو، ڇالاءِ جو خداوند، جنهن جو نالو غيور آهي، سو غيرت وارو خدا آهي.</verse>
				<verse number="15">ائين نہ ٿئي جو تون انهي ملڪ جي رهاڪن سان ڪو عهد ڪرين، ۽ هو پنهنجن معبودن جي پيروي ڪندي، زناڪاري ڪن، ۽ پنهنجن ديوتائن جي لاءِ قرباني چاڙهين، ۽ منجهانئن ڪو توکي سڏي ۽ تون انهن جي قربانيءَ مان ڪي کائين؛</verse>
				<verse number="16">۽ تون انهن جي ڌيئرن مان ڪي پنهنجن پٽن لاءِ وٺين، ۽ انهن جون ڌيون پنهنجن معبودن جي پيروي ڪندي زناڪاري ڪن، ۽ تنهنجن پٽن کي بہ پنهنجن معبودن جي پيروي ڪرائي زناڪار ٺهرائين.</verse>
				<verse number="17">تون پنهنجي لاءِ ڪنهن بہ معبود جي پلٽيل مورت نہ جوڙج.</verse>
				<verse number="18">تون فطيري ماني جي عيد ڪندو رهج. جيئن مون تو کي حڪم ڏنو آهي، تيئن ابيب مهيني ۾ ٺهرايل وقت تي ست ڏينهن فطيري ماني کائج. ڇالاءِ جو ابيب مهيني ۾ اوهين مصر مان ٻاهر نڪتا هئا.</verse>
				<verse number="19">سڀ پهريتا منهنجا آهن، ۽ تنهنجي چوپائي مال، يعني ڏاندن ۽ رڍن جا پهريان ٻچا منهنجا آهن.</verse>
				<verse number="20">۽ تون گڏهہ جي پهرئين ٻچي جي عيوضي ۾ هڪڙو گهٽو يا ڇيلو ڏج، پر جي انهي جو عيوضو نہ ڏين، تہ پوءِ انهي جو ڪنڌ ڀڃي ڇڏج. تون پنهنجن پٽن مان سڀني پهريتن جو عيوضو ڏج. ڪوبہ منهنجي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.</verse>
				<verse number="21">ڇهہ ڏينهن تون ڪم ڪار ڪج، پر ستين ڏينهن آرام وٺج: هر کيڙڻ وقت، ۽ لاباري وقت بہ آرام وٺج.</verse>
				<verse number="22">تون هفتن جي عيد ڪج، يعني ڪڻڪ جي پهرئين لاباري وقت، ۽ وري سال جي پڇاڙيءَ ۾ فصل کڻڻ جي عيد ڪج.</verse>
				<verse number="23">سال ۾ ٽي ڀيرا تنهنجا سڀ مرد ماڻهو، خداوند خدا، جو اسرائيل جو خدا آهي، تنهن جي حضور ۾ اچي حاضر ٿين.</verse>
				<verse number="24">ڇالاءِ جو آءٌ قومن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍندس، ۽ تنهنجون حدون وڌائيندس؛ ۽ جڏهن تون سال ۾ ٽي ڀيرا خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ وڃي حاضر ٿيندين، تڏهن ڪوبہ ماڻهو تنهنجي زمين جي لالچ نہ ڪندو.</verse>
				<verse number="25">تون منهنجي قربانيءَ جو رت خميري مانيءَ سان گڏ نذراني طور پيش نہ ڪج؛ نڪي فسح جي عيد جي قرباني صبح تائين بچائي ڇڏج.</verse>
				<verse number="26">تون پنهنجيءَ زمين جي پيدائش مان پهريون ڦل خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ آڻج. تون ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌج.</verse>
				<verse number="27">۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ اهي ڳالهيون لکي ڇڏ؛ ڇالاءِ جو انهن ڳالهين موجب مون تو سان، ۽ اسرائيل سان عهد ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="28">۽ هو اتي خداوند وٽ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون هو؛ هن نڪا ماني کاڌي، نڪو پاڻي پيتائين. ۽ هن انهن تختين تي انهي عهد واريون ڳالهيون يعني ڏهہ حڪم لکيا.</verse>
				<verse number="29">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ شاهديءَ واريون ٻئي تختيون پنهنجي هٿ ۾ کڻي سينا جبل تان لٿو، تڏهن کيس اها خبر ڪانہ هئي تہ خداوند سان ڳالهائڻ جي ڪري سندس چهرو چمڪي رهيو آهي.</verse>
				<verse number="30">۽ جڏهن هارون ۽ سڀني بني اسرائيلين موسيٰ ڏانهن نهاريو، تڏهن ڇا ڏسن تہ هن جو چهرو چمڪي رهيو آهي، ۽ سندس ويجهو وڃڻ کان ڊنا.</verse>
				<verse number="31">تڏهن موسيٰ انهن کي سڏ ڪيو، ۽ هارون ۽ جماعت جا سڀ سردار وٽس آيا، ۽ موسيٰ ساڻن ڳالهيون ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="32">پوءِ سڀ بني اسرائيل هن جي ويجهو آيا ۽ جيڪي ڳالهيون خداوند کيس سينا جبل تي ٻڌايون هيون، تن بابت انهن کي حڪم ڏنائين.</verse>
				<verse number="33">۽ جڏهن موسيٰ انهن سان ڳالهائي رهيو هو، تڏهن هن پنهنجي چهري تي نقاب وجهي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="34">پر جڏهن موسيٰ خداوند سان ڳالهائڻ لاءِ سندس حضور ۾ ويندو هو، تڏهن ٻاهر اچڻ تائين نقاب لاهي ڇڏيندو هو؛ ۽ جيڪو حڪم ملندو هوس، سو ٻاهر اچي ماڻهن کي ٻڌائيندو هو.</verse>
				<verse number="35">۽ بني اسرائيل موسيٰ جي چهري ڏانهن نهاريو تہ سندس چهرو چمڪي رهيو هو؛ ۽ موسيٰ جيسين وري هن سان ڳالهائڻ لاءِ اندر نہ ويندو هو، تيسين پنهنجي چهري تي نقاب وجهي ڇڏيندو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="35">
				<verse number="1">۽ موسيٰ بني اسرائيل جي ساريءَ جماعت کي گڏ ڪري کين چيو تہ جيڪي ڳالهيون خداوند اوهان جي تعميل لاءِ فرمايون آهن، سي هي آهن.</verse>
				<verse number="2">ڇهہ ڏينهن ڪم ڪار ڪيو وڃي، پر ستون ڏينهن اوهان جي لاءِ پاڪ ڏينهن ٿيندو، يعني خداوند جي لاءِ خاص آرام جو سبت ٿيندو: جيڪو انهي ڏينهن ڪم ڪندو، سو ماريو ويندو.</verse>
				<verse number="3">سبت جي ڏينهن اوهان پنهنجن گهرن ۾ باهہ نہ ٻارجو.</verse>
				<verse number="4">۽ موسيٰ بني اسرائيل جي ساريءَ جماعت کي چيو تہ خداوند اوهان کي هيءُ حڪم ڏنو آهي، ۽ فرمايو اٿس تہ،</verse>
				<verse number="5">اوهين خداوند جي لاءِ نذرانو کڻي اچو، جيڪو پنهنجيءَ دل جي خوشيءَ سان ڏيڻ چاهي، سو خداوند جي لاءِ نذرانو آڻي؛ سون، چاندي، پتل؛</verse>
				<verse number="6">آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهو سڻيءَ جو ڪپڙو؛ ۽ ٻڪرين جي ڏاس؛</verse>
				<verse number="7">گهيٽن جون ڳاڙهيون رڱيل کلون، مل ار مڇيءَ جون کلون؛ ۽ ٻٻر جو ڪاٺ؛</verse>
				<verse number="8">ڏيئن ٻارڻ جو تيل، ۽ مسح ڪرڻ جي تيل، ۽ خوشبوءِ دار لوبان لاءِ مصالحہ؛</verse>
				<verse number="9">سليماني پهڻ ۽ ايفود ۽ سينہ بند ۾ جڙڻ لاءِ جواهر.</verse>
				<verse number="10">اوهان ۾ جيڪي هوشيار ماڻهو آهن، سي اچي اهو سڀ جوڙين، جنهن بابت خداوند حڪم ڏنو آهي؛</verse>
				<verse number="11">يعني عبادت جو خيمو، ۽ انهي جو تنبو، انهي جو ڍڪ، انهي جا ڪنڍا، انهي جا تختا، انهي جا گز، انهي جا ٿنڀ ۽ انهي جا پايا؛</verse>
				<verse number="12">صندوق ۽ انهيءَ جا ڏنڊا، رحمت جو پوش، ۽ پردي جو ڍڪ؛</verse>
				<verse number="13">ميز ۽ انهيءَ جا ڏنڊا، انهيءَ جا سڀ ٿانو، ۽ نذراني جي ماني؛</verse>
				<verse number="14">روشنائيءَ جي لاءِ شمعدان ۽ انهي جا ٿانو، انهي جا ڏيئا ۽ ٻارڻ جو تيل؛</verse>
				<verse number="15">لوبان ساڙڻ جي قربانگاهہ ۽ انهيءَ جا ڏنڊا، مسح ڪرڻ جو تيل، خوشبودار لوبان، ۽ عبادت جي خيمي جو پردو؛</verse>
				<verse number="16">سوختني قرباني چاڙهڻ لاءِ قربانگاهہ، ۽ پتل جو آتشدان، ۽ انهيءَ جا سڀ ڏنڊا ۽ ٿانو، حوض ۽ انهي جي صندلي؛</verse>
				<verse number="17">اڱڻ جا پردا ۽ انهن جا ٿنڀ، انهن جا پايا، ۽ اڱڻ جي دروازي لاءِ پردو؛</verse>
				<verse number="18">عبادت جي خيمي جي لاءِ ڪليون، اڱڻ جي لاءِ ڪليون، ۽ انهن جا رسا؛</verse>
				<verse number="19">پاڪ مڪان ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ عمدا ٺاهيل ڪپڙا، هارون ڪاهن ۽ سندس پٽن لاءِ ڪهانت جي خدمت ڪرڻ جون پاڪ پوشاڪون.</verse>
				<verse number="20">پوءِ بني اسرائيل جي ساري جماعت موسيٰ وٽان هلي ويئي.</verse>
				<verse number="21">۽ انهن مان جن جي دلين ۾ جوش جاڳيو، ۽ جن جو روح راضي ٿيو، سي جماعت واري تنبوءَ جي ڪم لاءِ، ۽ انهي جي هر ڪنهن قسم جي خدمت لاءِ، ۽ پاڪ ڪپڙن لاءِ، خداوند جي حضور ۾ نذرانو کڻي آيا.</verse>
				<verse number="22">۽ انهن مان جيترن مردن توڙي زالن جي دلين ۾ اهڙي خواهش پيدا ٿي، سي سڀ ڳچيءَ ۽ ڪنن جا زيور، منڊيون، ڪنگڻ، ۽ سڀ سونا زيور کڻي آيا؛ مطلب تہ جن ماڻهن نذرانو ڏنو تن خداوند جي لاءِ سون جو نذرانو ڏنو.</verse>
				<verse number="23">۽ جن وٽ آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي سڻيءَ جو ڪپڙو هو، ۽ ٻڪرين جي ڏاس، ۽ گهيٽن جون ڳاڙهيون رڱيل کلون، ۽ مل ار مڇيءَ جون کلون هيون، سي اهي کڻي آيا.</verse>
				<verse number="24">جي چانديءَ يا پتل جو نذرانو ڏيئي سگهيا، سي خداوند جي لاءِ پنهنجو نذرانو کڻي آيا، ۽ جن وٽ ڪنهن خدمت جي ڪم اچڻ جهڙو ٻٻر جو ڪاٺ هو، سي اهو کڻي آيا.</verse>
				<verse number="25">جيڪي هوشيار زالون هيون، تن پنهنجن هٿن سان آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي سنهي سڻي ڪتي تيار ڪئي.</verse>
				<verse number="26">۽ جن زالن جي دلين ۾ هنر هو، تن ٻڪرين جي ڏاس ڪتي.</verse>
				<verse number="27">۽ سردارن وري سليماني پهڻ، ۽ ايفود، ۽ سينہ بند ۾ جڙڻ لاءِ جواهر،</verse>
				<verse number="28">۽ روشنائيءَ ۽ مسح ڪرڻ جي لاءِ تيل، ۽ خوشبودار لوبان لاءِ مصالحہ آندا.</verse>
				<verse number="29">يعني بني اسرائيل پنهنجي خوشيءَ سان خداوند جي لاءِ نذرانو آندو؛ سڀ ڪنهن مرد توڙي زال، جنهن جي دل کيس راضي ڪيو، تنهن انهن ڪمن جي واسطي نذرانو آندو، جن جي ڪرڻ جو خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.</verse>
				<verse number="30">۽ موسيٰ بني اسرائيل کي چيو تہ ڏسو، خداوند يهوداهہ جي قبيلي واري بضلي ايل بن اوري بن حور کي نالو وٺي سڏيو آهي.</verse>
				<verse number="31">۽ انهي کي دانائي، سمجهہ، علم ۽ هر ڪنهن قسم جي ڪاريگريءَ ۾ خدا جي روح سان ڀرپور ڪيو اٿس.</verse>
				<verse number="32">انهي لاءِ تہ هو هوشياري ۽ ڪاريگريءَ جا ڪم رٿي، ۽ سون، ۽ چاندي ۽ پتل جو ڪم ڪري،</verse>
				<verse number="33">۽ جواهرن کي جڙڻ لاءِ گهڙي تيار ڪري، ۽ ڪاٺ جي اُڪرڻ ۾ هر ڪنهن قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪري.</verse>
				<verse number="34">۽ هن کيس، ۽ دان جي قبيلي واري اخيسمڪ جي پٽ اهلياب کي سکندڙ دل ڏني آهي.</verse>
				<verse number="35">۽ هن کين دل جي دانائيءَ سان ڀرپور ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ هو هر ڪنهن قسم جي ڪاريگري جو ڪم ڪن، يعني اُڪرڻ واري جو، استاد ڪاريگر جو، زردوز جو، آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي ۾ ڀرت ڀرڻ واري جو، اُڻڻ واري جو، بلڪ انهن سڀني جو جيڪي ڪو ٻيو ڪاريگريءَ يا هوشياريءَ جو ڪم ٿا ڪن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="36">
				<verse number="1">پوءِ بضلي ايل، اهلياب ۽ سڀيئي هوشيار ماڻهو، جن ۾ خداوند دانائي ۽ سمجهہ وڌي هئي تہ اُنهن کي عبادتگاهہ جي خدمت لاءِ هر ڪنهن قسم جي ڪم ڪرڻ جي خبر پوي، سي خداوند جي سڀني حڪمن موجب ڪم ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="2">۽ بضلي ايل، اهلياب، ۽ ٻيا سڀ ماڻهو، جن جي دلين ۾ خداوند دانائي وڌي هئي، يعني اهي سڀ جن جي دل کين ڪم ڪرڻ جي ترغيب ڏني، تن سڀني کي موسيٰ پاڻ وٽ سڏيو؛</verse>
				<verse number="3">۽ جيڪي نذرانا، بني اسرائيل عبادتگاهہ جي خدمت جي ڪم لاءِ آندا هئا، سي سڀ انهن کي ڏنائين، انهي لاءِ تہ هو انهن مان اهي ڪم پورا ڪن. ۽ ماڻهو اڃا بہ هر روز صبح جو نذرانا آڻيندا رهيا.</verse>
				<verse number="4">تڏهن سڀيئي هوشيار ماڻهو، جن عبادتگاهہ جو ڪم ٿي ڪيو، تن مان هرڪو پنهنجي ڪم تان آيو،</verse>
				<verse number="5">۽ اچي موسيٰ کي چوڻ لڳا تہ جيتري ڪم جوڙڻ جو خداوند حڪم ڏنو آهي، تنهن جي ضرورت کان وڌيڪ مال ماڻهو آڻي رهيا آهن.</verse>
				<verse number="6">تڏهن موسيٰ حڪم ڏنو ۽ هنن منزلگاهہ ۾ پڙهو گهمارايو، تہ عبادتگاهہ جي نذراني جي لاءِ ڪو بہ مرد توڙي زال هاڻي وڌيڪ ڪم نہ ڪري. پوءِ ماڻهن نذراني آڻڻ کان بس ڪئي.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ تہ جيڪو مال وٽن هو، سو سموري ڪم لاءِ پورو، بلڪ وڌيڪ هو.</verse>
				<verse number="8">سو جيڪي ڪم ڪرڻ وارا هوشيار ماڻهو هئا، تن عبادت جي خيمي لاءِ آسماني، واڱڻائي، ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جا ڏهہ پردا جوڙيا، ۽ انهن ۾ هوشياريءَ سان ڪروبي بہ جوڙيائون.</verse>
				<verse number="9">هرهڪ پردي جي ڊيگهہ اٺاويهہ هٿ، ۽ ويڪر چار هٿ هئي: سڀيئي پردا هڪڙي ئي ماپ جا هئا.</verse>
				<verse number="10">۽ هن پنج پردا هڪ ٻئي سان ڳنڍي ڇڏيا، ۽ ٻيا پنج پردا بہ هڪ ٻئي سان ڳنڍيائين.</verse>
				<verse number="11">۽ جتي هي پردا ڳنڍيا ويا اتي هڪڙي پاسي واري وڏي پردي جي ڪناري تي، آسماني رنگ جي ڌاڳن جا ڇلا جوڙيائين؛ ساڳيءَ طرح ٻئي وڏي پردي جي ڪناري تي بہ اهڙا ڇلا جوڙيائين؛</verse>
				<verse number="12">پنجاهہ ڇلا هڪڙي وڏي پردي جي ڪناري تي، ۽ پنجاهہ ٻئي وڏي پردي جي ڪناري تي رکيائين؛ ۽ ڇلا هڪ ٻئي جي سامهون هئا.</verse>
				<verse number="13">۽ هن سون جون پنجاهہ آنڪڙيون جوڙيون، ۽ آنڪڙين سان پردا هڪ ٻئي سان ڳنڍي ڇڏيائين؛ انهيءَ طرح يڪو خيمو تيار ٿي ويو.</verse>
				<verse number="14">۽ هن خيمي جي مٿان تنبو ٺاهڻ لاءِ ٻڪرين جي ڏاس جا يارهن پردا جوڙيا.</verse>
				<verse number="15">هر هڪ پردي جي ڊيگهہ ٽيهہ هٿ، ۽ ويڪر چار هٿ هئي؛ يارهن ئي پردا هڪڙي ماپ جا هئا.</verse>
				<verse number="16">۽ هن پنج پردا ڌار ڳنڍيا، ۽ ڇهہ پردا ڌار ڳنڍيائين.</verse>
				<verse number="17">۽ جتي هي ٻاهريان وڏا پردا ڳنڍيا ويا، اتي سڀ کان ٻاهرئين پردي جي ڪناري تي پنجاهہ ڇلا جوڙيائين.</verse>
				<verse number="18">۽ هن پتل جون پنجاهہ آنڪڙيون جوڙيون، تہ تنبوءَ کي ڳنڍي يڪو ڪري ڇڏي.</verse>
				<verse number="19">۽ هن تنبوءَ جي لاءِ گهيٽن جي ڳاڙهين رڱيل کلن جو هڪڙو ڍڪ جوڙيو، ۽ انهي جي مٿان مل ار مڇيءَ جي کلن جو ڍڪ جوڙيائين.</verse>
				<verse number="20">۽ هن خيمي جي لاءِ ٻٻر جي ڪاٺ جا تختا جوڙيا، جي اُڀا ڪري بيهاريائين.</verse>
				<verse number="21">هرهڪ تختي جي ڊيگهہ ڏهہ هٿ، ۽ ويڪر ڏيڍ هٿ هئي.</verse>
				<verse number="22">هرهڪ تختي کي ٻہ چوڙيون هيون، جي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هيون؛ انهيءَ طرح هن خيمي جي سڀني تختن لاءِ جوڙيون.</verse>
				<verse number="23">۽ هن خيمي جي لاءِ ٺاٺ جوڙيا؛ ويهہ ٺاٺ ڏاکڻي پاسي لاءِ ڏکڻ ڏانهن؛</verse>
				<verse number="24">۽ هن انهن ويهن ٺاٺن جي هيٺان، چانديءَ جا چاليهہ کوپا جوڙيا، هرهڪ ٺاٺ جي هيٺان، ان جي چوڙين رکڻ لاءِ ٻہ ٻہ کوپا جوڙيائين،</verse>
				<verse number="25">۽ هن خيمي جي ٻئي پاسي يعني اُتر واري پاسي لاءِ ويهہ ٺاٺ جوڙيا،</verse>
				<verse number="26">۽ انهن جي لاءِ چانديءَ جا چاليهہ کوپا جوڙيائين؛ هرهڪ ٺاٺ جي هيٺان ٻہ ٻہ کوپا.</verse>
				<verse number="27">۽ هن خيمي جي پٺئين ڀاڱي، يعني الهندي پاسي لاءِ، ڇهہ ٺاٺ جوڙيا.</verse>
				<verse number="28">۽ ٻہ ٺاٺ خيمي جي پٺئين ڀاڱي جي ڪنڊن لاءِ جوڙيائين.</verse>
				<verse number="29">اهي هيٺان ٻٽا هئا ۽ ساڳيءَ طرح چوٽيءَ تائين اهي هڪڙي ڇلي ۾ يڪا ڳنڍيل هئا؛ اهڙيءَ طرح هن ٻنهي ڪنڊن ۾ ٻئي هڪجهڙا جوڙيا.</verse>
				<verse number="30">اهڙا اٺ ٺاٺ ۽ چانديءَ جا سورنهن کوپا هئا: هرهڪ ٺاٺ جي هيٺان ٻہ ٻہ کوپا.</verse>
				<verse number="31">۽ هن ٻٻر جي ڪاٺيءَ جا گز جوڙيا، پنج گز خيمي جي هڪڙي پاسي وارن ٺاٺن لاءِ،</verse>
				<verse number="32">۽ پنج گز خيمي جي ٻئي پاسي وارن ٺاٺن لاءِ، ۽ پنج گز خيمي جي الهندي واري پٺئين ڀاڱي وارن ٺاٺن لاءِ.</verse>
				<verse number="33">۽ هن ٺاٺن جي وچ وارو گز، هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين جوڙيو.</verse>
				<verse number="34">۽ هن ٺاٺن تي سون جو پٽ چاڙهيو، ۽ گزن جي جاين لاءِ سون جا ڇلا جوڙيائين، ۽ گزن تي بہ سون جو پٽ چاڙهيائين.</verse>
				<verse number="35">۽ هن آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جو پردو جوڙيو، جنهن ۾ هوشياري سان ڪروبي بہ جوڙيائين.</verse>
				<verse number="36">۽ هن انهي جي لاءِ ٻٻر جا چار ٿنڀ جوڙيا ۽ انهن تي سون جو پٽ چاڙهيائين؛ انهن جا ڪنڍا سون جا هئا، ۽ انهن جي لاءِ چانديءَ جا پلٽيل کوپا جوڙيائين.</verse>
				<verse number="37">۽ هن تنبوءَ جي در جي لاءِ آسماني، واڱڻائي، ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جو، زردوزيءَ جي ڪم سان هڪڙو پردو جوڙيو؛</verse>
				<verse number="38">۽ انهي جا پنج ٿنڀ ڪنڍن سميت جوڙيائين. ۽ انهن جي چوٽين، ۽ پاين تي، سون جو پٽ چاڙهيائين؛ پر انهي جا پنج کوپا پتل جا هئا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="37">
				<verse number="1">۽ بضلي ايل ٻٻر جي ڪاٺ جي صندوق جوڙي؛ انهيءَ جي ڊيگهہ اڍائي هٿ، ۽ ويڪر ڏيڍ هٿ، ۽ اوچائي بہ ڏيڍ هٿ هئي.</verse>
				<verse number="2">۽ هن انهيءَ کي اندران ۽ ٻاهران سون جو پٽ چاڙهيو، ۽ انهيءَ جي مٿان چوڌاري سون جو ڇٽ رکيائين.</verse>
				<verse number="3">۽ انهيءَ جي چئن ئي پاون لاءِ سون جا چار پلٽيل ڪڙا جوڙيائين، ٻہ ڪڙا هڪڙي پاسي، ۽ ٻہ ڪڙا ٻئي پاسي لاءِ.</verse>
				<verse number="4">۽ هن ٻٻر جي ڪاٺيءَ جا ڏنڊا جوڙيا، ۽ انهن تي بہ سون جو پٽ چاڙهيائين.</verse>
				<verse number="5">۽ اهي ڏنڊا صندوق جي کڻڻ لاءِ انهيءَ جي پاسن وارن ڪڙن ۾ وڌائين.</verse>
				<verse number="6">۽ هن نج سون جو رحمت جو پوش جوڙيو؛ انهي جي ڊيگهہ اڍائي هٿ، ۽ ويڪر ڏيڍ هٿ هئي.</verse>
				<verse number="7">۽ هن سون جا ٻہ ڪروبي جوڙيا؛ اهي رحمت جي پوش جي ٻنهي ڇيڙن تي گهڙيل سون جا هئا،</verse>
				<verse number="8">هڪڙو ڪروبي هڪڙي ڇيڙي تي، ۽ ٻيو ڪروبي ٻئي ڇيڙي تي هو؛ هن ٻنهي ڇيڙن تي اهي ٻئي ڪروبي، انهي ساڳئي ٽڪر مان، رحمت جي پوش سان گڏيل جوڙيا.</verse>
				<verse number="9">انهن ڪروبين جا پر رحمت جي پوش جي مٿان پکڙيل هئا، ۽ سندن منهن هڪ ٻئي جي سامهون، رحمت جي پوش ڏانهن هئا.</verse>
				<verse number="10">۽ هن ٻٻر جي ڪاٺ جي ميز جوڙي؛ انهيءَ جي ڊيگهہ ٻہ هٿ، ۽ ويڪر هڪ هٿ، ۽ اوچائي ڏيڍ هٿ هئي؛</verse>
				<verse number="11">۽ هن انهيءَ تي نج سون جو پٽ چاڙهيو، ۽ انهيءَ جي چوڌاري سون جو ڇٽ جوڙيائين.</verse>
				<verse number="12">۽ انهيءَ جي چوڌاري چار آڱر ويڪري ڪناري جوڙيائين، ۽ انهيءَ ڪناريءَ جي آس پاس سون جا ڇٽ جوڙيائين.</verse>
				<verse number="13">۽ هن انهيءَ جي لاءِ سون جا چار پلٽيل ڪڙا جوڙيا، ۽ اهي ڪڙا انهيءَ جي چئن پاون جي چئن ڪنڊن ۾ وڌائين.</verse>
				<verse number="14">اهي ڪڙا ڪناريءَ جي ويجهو، ميز جي کڻڻ لاءِ، ڏنڊن وجهڻ جي جاين واسطي هئا.</verse>
				<verse number="15">۽ هن ميز جي کڻڻ لاءِ ٻٻر جي ڪاٺيءَ جا ڏنڊا جوڙيا، ۽ انهن تي سون جو پٽ چاڙهيائين.</verse>
				<verse number="16">۽ هن ميز تي رکڻ لاءِ ٿانو جوڙيا، يعني انهيءَ جون رڪابيون، چمچا، وٽا، ۽ اوتڻ لاءِ پيالا، اهي سڀ نج سون جا جوڙيائين.</verse>
				<verse number="17">۽ هن نج سون جو شمعدان جوڙيو: اهو شمعدان گهڙيل ڪم جو هو؛ ۽ انهي جو ٿُڙ، شاخون، ڏياٽيون، بونبا ۽ گل، اهي سڀ هڪڙي ئي ٽڪر مان جوڙيل هئا.</verse>
				<verse number="18">۽ انهي جي پاسن کان ڇهہ شاخون ٻاهر نڪتل هيون، يعني شمعدان جون ٽي شاخون هڪڙي پاسي کان ٻاهر نڪتل هيون، ۽ ٽي شاخون ٻئي پاسي کان؛</verse>
				<verse number="19">۽ ٽي ڏياٽيون باداميءَ جي گلن جهڙيون، هڪڙي بونبي، ۽ هڪڙي گل سميت، هڪڙي شاخ ۾ هيون، ۽ ٽي ڏياٽيون باداميءَ جي گلن جهڙيون، هڪڙي بونبي، ۽ هڪڙي گل سميت، ٻي شاخ ۾ هيون: اهڙيءَ طرح شمعدان جون ڇهہ شاخون جيڪي ٻاهر نڪتل هيون تن ۾ ڏياٽيون هيون.</verse>
				<verse number="20">۽ چار ڏياٽيون باداميءَ جي گلن جهڙيون، بونبن ۽ گلن سميت، شمعدان جي وچ ۾ جڙيل هيون:</verse>
				<verse number="21">۽ ٻن شاخن جي هيٺان هڪڙو بونبو انهي ساڳئي ٽڪر مان جڙيل هو، ۽ ٻين ٻن شاخن جي هيٺان هڪڙو بونبو انهيءَ ساڳئي ٽڪر مان جڙيل هو، ۽ ٽين ٻن شاخن جي هيٺيان بہ هڪڙو بونبو انهي ساڳئي ٽڪر مان جڙيل هو. اهڙيءَ طرح شمعدان مان نڪتل ڇهن ئي شاخن جي هيٺان بونبا هئا.</verse>
				<verse number="22">انهي جون شاخون، ۽ انهي جا بونبا انهي ساڳئي، هڪڙي ئي ٽڪر مان جڙيل هئا، اهي سڀيئي نج سون جي هڪڙي ئي ٽڪر مان گهڙيل هئا.</verse>
				<verse number="23">۽ هن انهي جي لاءِ ست ڏيئا جوڙيا، ۽ انهن جي ڦلن لاهڻ جا چمٽا، ۽ رڪابيون نج سون جون جوڙيائين.</verse>
				<verse number="24">هن اهو، ۽ انهي جا سڀ ٿانو، نج سون جي هڪڙي قنطار مان جوڙيا.</verse>
				<verse number="25">۽ هن ٻٻر جي ڪاٺ مان لوبان ساڙڻ جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي؛ انهيءَ جي ڊيگهہ هڪڙو هٿ، ۽ ويڪر بہ هڪڙو هٿ هئي، ۽ اها چورس هئي؛ ۽ انهيءَ جي اوچائي ٻہ هٿ هئي؛ ۽ انهيءَ جا سڱ انهي ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان جڙيل هئا.</verse>
				<verse number="26">۽ هن انهيءَ تي نج سون جو پٽ چاڙهيو، جو انهيءَ جي مٿان، ۽ چئن پاسن تي، ۽ سڱن تي هو؛ ۽ انهيءَ جي مٿان چوڌاري سون جو ڇٽ جوڙيائين.</verse>
				<verse number="27">۽ هن انهي جي لاءِ ڇٽ جي هيٺان ٻنهي پاسي، سندس ٻن پٽين تي سون جا ٻہ ڇلا جوڙيا، تہ انهيءَ جي کڻڻ لاءِ ڏنڊن وجهڻ جون جايون ٿين.</verse>
				<verse number="28">۽ هن ٻٻر جي ڪاٺيءَ جا ڏنڊا جوڙيا، ۽ انهن تي سون جو پٽ چاڙهيائين.</verse>
				<verse number="29">۽ هن عطارن جي هنر موجب، مسح ڪرڻ جو پاڪ تيل ۽ خوشبودار مصالحن جو لوبان جوڙيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="38">
				<verse number="1">۽ هن سوختني قربانيءَ جي لاءِ ٻٻر جي ڪاٺ جي قربانگاهہ جوڙي؛ انهيءَ جي ڊيگهہ پنج هٿ هئي، ۽ اها چورس هئي، ۽ انهيءَ جي اوچائي ٽي هٿ هئي.</verse>
				<verse number="2">۽ هن انهيءَ جي چئن ئي ڪنڊن تي سڱ جوڙيا؛ انهيءَ جا سڱ انهي ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان جڙيل هئا، ۽ هن انهيءَ تي پتل جو پٽ چاڙهيو.</verse>
				<verse number="3">۽ هن قربانگاهہ جا سڀ ٿانو، يعني رک کڻڻ جا ٿانو، ڪوڏاريون، ٿالهہ، گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ۽ منگالا جوڙيا: اهي سڀ ٿانو هن پتل جا جوڙيا.</verse>
				<verse number="4">۽ هن قربانگاهہ جي لاءِ هڪڙو پتل جو ڄاريدار آتشدان جوڙيو، جو انهيءَ ۾ چوڌاري ڪناري جي هيٺان اڌ تائين هو.</verse>
				<verse number="5">۽ هن پتل جي آتشدان جي چئن ڪنڊن لاءِ چار پلٽيل ڇلا جوڙيا، تہ ڏنڊن وجهڻ جون جايون ٿين.</verse>
				<verse number="6">۽ هن ٻٻر جي ڪاٺيءَ جا ڏنڊا جوڙيا، ۽ انهن تي پتل جو پٽ چاڙهيائين.</verse>
				<verse number="7">۽ هن اهي ڏنڊا قربانگاهہ جي کڻڻ جي لاءِ انهيءَ جي پاسن وارن ڇلن ۾ وڌا؛ ۽ هن اها تختن جي کوکي وانگر جوڙي.</verse>
				<verse number="8">۽ هن پتل جو هڪڙو حوض، ۽ انهي جي لاءِ پتل جي صندلي جوڙي؛ هن اهي جماعت واري تنبوءَ جي در تي، جيڪي زالون خدمت ڪنديون هيون، تن جي آرسين مان جوڙيا.</verse>
				<verse number="9">۽ هن اڱڻ بہ جوڙيو؛ انهي جا پردا سنهي وٽيل سڻيءَ جا هئا؛ ڏاکڻي پاسي ڏکڻ ڏانهن پردن جي ڊيگهہ هڪ سؤ هٿ هئي.</verse>
				<verse number="10">انهن جا ويهہ ٿنڀ هئا، جن جي لاءِ پتل جا ويهہ کوپا هئا؛ ٿنڀن جا ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هئا.</verse>
				<verse number="11">۽ اُتر واري پاسي جي لاءِ بہ هڪ سؤ هٿ ڊگها پردا هئا، ۽ انهن جا ويهہ ٿنڀ هئا، جن جي لاءِ پتل جا ويهہ کوپا هئا؛ ٿنڀن جا ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هئا.</verse>
				<verse number="12">۽ الهندي واري پاسي لاءِ پنجاهہ هٿ ڊگها پردا هئا؛ انهن جا ڏهہ ٿنڀ ۽ انهن جا ڏهہ کوپا هئا؛ ٿنڀن جا ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هئا.</verse>
				<verse number="13">۽ اڀرندي واري پاسي اڀرندي ڏانهن بہ اهي پنجاهہ هٿ ڊگها هئا.</verse>
				<verse number="14">دروازي جي هڪڙي پاسي لاءِ پندرهن هٿ ڊگها پردا هئا؛ انهن جا ٽي ٿنڀ، ۽ انهن جا ٽي کوپا هئا.</verse>
				<verse number="15">ساڳيءَ طرح دروازي جي ٻئي پاسي لاءِ بہ هئا: اڱڻ جي دروازي جي ٻنهي پاسن لاءِ پندرهن پندرهن هٿ ڊگها پردا، ٽي ٽي ٿنڀ، ۽ انهن جا ٽي ٽي کوپا هئا.</verse>
				<verse number="16">اڱڻ جي چوڌاري سڀيئي پردا سنهي وٽيل سڻيءَ جا هئا.</verse>
				<verse number="17">۽ ٿنڀن جا کوپا پتل جا هئا، ۽ ڪنڍا، ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هئا؛ ۽ انهن جي چوٽيءَ تي چانديءَ جو پٽ چاڙهيل هو؛ ۽ اڱڻ جي سڀني ٿنڀن کي چانديءَ جا بند پيل هئا.</verse>
				<verse number="18">۽ اڱڻ جي دروازي لاءِ زردوزي ڪم جو پردو هو، جو آسماني، واڱڻائي، ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جو هو؛ انهي جي ڊيگهہ ويهہ هٿ هئي؛ ۽ اوچائي، اڱڻ جي پردن جي ويڪر موجب، پنج هٿ هئي.</verse>
				<verse number="19">۽ انهي جا چار ٿنڀ هئا؛ ۽ انهن لاءِ پتل جا چار کوپا هئا؛ انهن جا ڪنڍا، ۽ انهن جا بند، ۽ چوٽيءَ جو ڍڪ، اهي سڀ چانديءَ جا هئا.</verse>
				<verse number="20">۽ خيمي جون ڪليون، ۽ چوڌاري اڱڻ جون ڪليون، سڀ پتل جون هيون.</verse>
				<verse number="21">عبادت جي خيمي، يعني شاهديءَ جي خيمي جو تفصيل اهو آهي: جيڪي شيون موسيٰ جي حڪم موجب لاوين جي خدمت لاءِ هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هٿان شمار ڪيون ويون،</verse>
				<verse number="22">۽ جنهن بابت خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، سو سڀ، يهوداهہ جي قبيلي واري بضلي ايل بن اوري بن حور جوڙيو؛</verse>
				<verse number="23">۽ دان جي قبيلي واري اخيسمڪ جو پٽ اهلياب بہ هن سان گڏ هو، جو اُڪرڻ جو ڪم ڪندڙ، ۽ هوشيار ڪاريگر هو؛ ۽ آسماني، واڱڻائي، ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي تي زردوزيءَ جو ڪم ڪندڙ هو.</verse>
				<verse number="24">جيڪو سون عبادتگاهہ جي سڀني ڪمن ۾ استعمال ڪيو ويو، يعني نذراني وارو سون، سو سڀ اوڻٽيهہ قنطار ۽ ست سؤ ٽيهہ مشقال هو؛ ۽ اهي مشقال عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هئا.</verse>
				<verse number="25">۽ جماعت جي شمار ڪيل سڀ چاندي، هڪ سؤ قنطار، ۽ هڪ هزار ست سؤ پنجهتر مشقال هئي، ۽ اهي مشقال عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هئا.</verse>
				<verse number="26">جن ماڻهن جي عمر ويهہ سال ۽ انهي کان وڌيڪ هئي، ۽ شمار ٿيندڙن ۾ داخل ٿيا هئا، تن جو تعداد ڇهہ لک ٽي هزار ۽ ساڍا پنج سؤ هو: انهن مان هر ڪنهن ماڻهوءَ هڪ بقع، يعني عبادتگاهہ جي مشقال جهڙو اڌ مشقال ڏنو هو.</verse>
				<verse number="27">۽ سؤ قنطار چانديءَ مان پاڪ مڪان، ۽ پردي جا کوپا، پلٽي ٺاهيا ويا؛ هڪ سؤ کوپا، سؤ قنطارن مان؛ هڪ کوپو، هڪ قنطار مان.</verse>
				<verse number="28">۽ هن هڪ هزار ست سؤ پنجهتر مشقالن مان، ٿنڀن جا ڪنڍا، ۽ انهن جا بند جوڙيا، ۽ انهن جي چوٽين تي پٽ چاڙهيائين.</verse>
				<verse number="29">۽ نذراني وارو پتل، ستر قنطار ۽ ٻہ هزار چار سؤ مشقال هو؛</verse>
				<verse number="30">انهي مان هن جماعت واري تنبوءَ جي در جا کوپا، ۽ پتل جي قربانگاهہ، ۽ انهيءَ جي لاءِ پتل جو آتشدان، ۽ قربانگاهہ جا سڀ ٿانو جوڙيا:</verse>
				<verse number="31">۽ هن چوڌاري اڱڻ جا کوپا، ۽ اڱڻ جي دروازي جا کوپا، ۽ خيمي جون ڪليون، ۽ چوڌاري اڱڻ جون ڪليون، اهي سڀ جوڙيائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="39">
				<verse number="1">پوءِ هنن آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جا، ۽ عمدي ڪم وارا ڪپڙا، پاڪ مڪان ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ جوڙيا؛ ۽ هارون لاءِ بہ پاڪ پوشاڪ جوڙيائون؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="2">۽ هن سون ۽ آسماني، واڱڻائي، ۽ قرمزي رنگ ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي مان ايفود جوڙيو.</verse>
				<verse number="3">۽ هنن سون کي ڪُٽي سنها پترا ڪري، انهن کي وڍي، منجهانئن سنهيون تارون جوڙيون، انهي لاءِ تہ اهي آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۾ ڏاڍيءَ ڪاريگريءَ سان اُڻن.</verse>
				<verse number="4">۽ هنن انهي کي ڳنڍڻ لاءِ پٽيون بہ جوڙيون، جي انهي جي ٻنهي ڇيڙن سان ڳنڍيل هيون.</verse>
				<verse number="5">۽ انهي جي مٿان ٻڌڻ لاءِ ڪاريگريءَ سان اُڻيل ڪمربند هو، جو چوگرد ڦري ٿي آيو؛ اهو ساڳئي ٽڪر مان هو، ۽ مٿس انهي جهڙو ڪم ٿيل هو، يعني اهو، سون ۽ آسماني، واڱڻائي، ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هو؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="6">۽ هنن سليماني پهڻ گهڙي، سون جي خانن ۾ جڙيا؛ ۽ انهن تي اسرائيل جي پٽن جا نالا سلسلي وار اُڪريل هئا، جيئن منڊي اُڪربي آهي.</verse>
				<verse number="7">۽ هن اهي ايفود جي ڪلهن وارين پٽين تي هنيا، تہ بني اسرائيل جي لاءِ يادگيريءَ جا پهڻ ٿين: جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="8">۽ هن سون، ۽ آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هڪڙو سينہ بند جوڙيو، جنهن تي ايفود جهڙو ڪاريگريءَ جو ڪم ٿيل هو.</verse>
				<verse number="9">هنن اهو سينہ بند چورس، ۽ ٻٽو جوڙيو: انهي جي ڊيگهہ هڪڙي گرانٺ، ۽ ويڪر بہ هڪڙي گرانٺ هئي.</verse>
				<verse number="10">۽ هنن انهي ۾ قيمتي جواهرن جون چار قطارون جڙيون: پهرين قطار لعل، پکراج ۽ شب چراغ جي هئي؛</verse>
				<verse number="11">ٻي قطار زمرد، نيلم، ۽ هيري جي هئي؛</verse>
				<verse number="12">ٽين قطار سنبلي، عقيق، ۽ ياقوت جي هئي؛</verse>
				<verse number="13">چوٿين قطار فيروزي، سليماني پهڻ، ۽ زبرجد جي هئي؛ اهي سون جي خانن ۾ جڙيل هئا.</verse>
				<verse number="14">اهي جواهر اسرائيل جي پٽن جي نالن موافق، سندن نالن جي شمار موجب ٻارهن هئا؛ اهي ٻارهن قبيلن لاءِ هئا، يعني جيئن منڊي اُڪربي آهي، تيئن هرهڪ تي هڪڙي قبيلي جو نالو اُڪريل هو.</verse>
				<verse number="15">۽ هنن سينہ بند تي رسين جهڙيون نج سون جي ڪڙين سان ڳنڍيل زنجيرون جوڙيون؛</verse>
				<verse number="16">۽ هنن ٻہ سون جا خانا، ۽ ٻہ سون جا ڇلا جوڙيا، ۽ اهي ٻہ ڇلا سينہ بند جي ٻنهي ڇيڙن تي وڌائون؛</verse>
				<verse number="17">۽ هنن اهي ٻہ سونيون ڪڙيدار زنجيرون، سينہ بند جي ٻنهي ڇيڙن تي، انهن ٻن ڇلن ۾ وڌيون.</verse>
				<verse number="18">۽ هنن ڪڙيدار زنجيرن جا ٻيا ٻہ ڇيڙا ٻن خانن ۾ وڌا، ۽ اهي ايفود جي ڪلهن وارين پٽين تي، انهي جي اڳ واري پاسي رکيائون.</verse>
				<verse number="19">۽ هنن سون جا ٻيا ٻہ ڇلا جوڙي، سينہ بند جو ڪنارو، جيڪو ايفود جي اندرئين پاسي ڏانهن هو، تنهن جي ٻنهي ڇيڙن ۾ وڌا.</verse>
				<verse number="20">۽ هنن سون جا ٻيا ٻہ ڇلا جوڙي، ايفود جي ٻنهي ڪلهن وارين پٽين تي، انهي جي اڳ واري هيٺئين پاسي، انهي جي سنڌ جي ويجهو، ايفود جي ڪاريگريءَ سان جڙيل ڪمربند تي وڌا.</verse>
				<verse number="21">۽ هنن سينہ بند جا ڇلا، ۽ ايفود جا ڇلا، هڪڙيءَ آسماني ڦيٿ سان ٻڌي ڇڏيا، تہ اهو ايفود جي ڪاريگريءَ سان جڙيل ڪمربند تي رهي، ۽ سينہ بند ايفود تان هٽي نہ وڃي؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="22">۽ هن ايفود وارو سڄو جبو آسماني رنگ جو جوڙيو؛</verse>
				<verse number="23">۽ انهي جي وچ ۾ زرهہ جي گريبان وانگر هڪڙو سوراخ ڪيائين، ۽ انهي سوراخ جي چوڌاري هڪڙي پٽي هنيائين، انهي لاءِ تہ اهو ڦاٽي نہ پوي.</verse>
				<verse number="24">۽ هنن انهي جبي جي دامن تي چوڌاري آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ، ۽ وٽيل سڻيءَ جا ڏاڙهون جوڙيا.</verse>
				<verse number="25">۽ هنن نج سون جون گهنڊڻيون جوڙي، جبي جي دامن جي چوڌاري، انهن ڏاڙهن جي وچ ۾ ٻڌيون.</verse>
				<verse number="26">انهي طرح جبي جي دامن تي چوڌاري هڪڙي گهنڊڻي ۽ هڪڙو ڏاڙهون ٿي ويو؛ انهي لاءِ تہ هارون اهو پائي عبادت ڪري؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="27">۽ هنن هارون ۽ سندس پٽن جي لاءِ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جون پوشاڪون جوڙيون،</verse>
				<verse number="28">۽ سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي جي پڳڙي، ۽ سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي جون ٽوپيون، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جون سٿڻون جوڙيائون.</verse>
				<verse number="29">۽ هنن سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ، ۽ زردوزيءَ جي ڪم جو هڪڙو ڪمربند جوڙيو؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="30">۽ هنن نج سون مان پاڪ ڇٽ جي تختي جوڙي؛ ۽ جيئن منڊي اُڪربي آهي تيئن انهيءَ تي هي اکر اُڪريائون ”خداوند جي لاءِ پاڪ“</verse>
				<verse number="31">۽ هنن انهي کي هڪڙي آسمانيءَ ڦيٿ سان پڳڙيءَ تي ٻڌي ڇڏيو؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="32">انهيءَ طرح جماعت واري تنبوءَ جي خيمي جو سڀ ڪم پورو ٿيو، ۽ جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن بني اسرائيل سڀ ڪجهہ ڪيو.</verse>
				<verse number="33">۽ هنن اهو عبادت جو خيمو موسيٰ وٽ آندو يعني تنبو، ۽ انهي جو سڀ سامان، انهي جا بند، انهي جا ٺاٺ، انهي جا گز، انهي جا ٿنڀ، ۽ انهي جا کوپا؛</verse>
				<verse number="34">۽ گهيٽن جي ڳاڙهين رڱيل کلن جو ڍڪ، ۽ مل ار مڇيءَ جي کلن جو ڍڪ، ۽ پردي جو ڍڪ؛</verse>
				<verse number="35">شاهديءَ جي صندوق ۽ انهيءَ جا ڏنڊا، ۽ رحمت جو پوش؛</verse>
				<verse number="36">ميز ۽ انهيءَ جا سڀ ٿانو، ۽ نذر جي ماني؛</verse>
				<verse number="37">پاڪ شمعدان ۽ انهي جا ڏيئا، يعني جيڪي ڏيئا انهي تي رکڻا هئا، ۽ انهي جا سڀ ٿانو، ۽ ٻارڻ جو تيل؛</verse>
				<verse number="38">سوني قربانگاهہ، ۽ مسح ڪرڻ جو تيل؛ خوشبودار لوبان؛ ۽ تنبوءَ جي در جي لاءِ پردو؛</verse>
				<verse number="39">پتل جي قربانگاهہ ۽ انهيءَ جو پيتلي آتشدان، انهيءَ جا ڏنڊا، ۽ انهيءَ جا سڀ ٿانو؛ حوض ۽ انهي جي صندلي؛</verse>
				<verse number="40">اڱڻ جا پردا، انهن جا ٿنڀ، ۽ انهن جا کوپا؛ اڱڻ جي دروازي لاءِ پردو، ۽ انهي جا رسا، ۽ انهي جون ڪليون، ۽ جماعت واري تنبوءَ جي خيمي ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ سڀ سامان؛</verse>
				<verse number="41">پاڪ مڪان ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ عمدي ڪم وارا ڪپڙا؛ هارون ڪاهن جي پاڪ پوشاڪ، ۽ سندس پٽن جون پوشاڪون، جن ۾ هو ڪهانت جي خدمت ڪن.</verse>
				<verse number="42">مطلب تہ جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن بني اسرائيل سمورو ڪم ڪيو.</verse>
				<verse number="43">۽ موسيٰ انهي سڀ ڪم تي نگاهہ ڪئي ۽ ڏٺائين تہ هنن اهو برابر ڪيو آهي؛ جيئن خداوند کيس فرمايو هو، تيئن ئي هنن ڪيو هو: تڏهن موسيٰ انهن کي برڪت ڏني.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="40">
				<verse number="1">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">تون پهرين تاريخ جماعت واري تنبوءَ ۾ عبادت جو خيمو کڙو ڪج.</verse>
				<verse number="3">۽ تون انهي ۾ شاهديءَ جي صندوق رکج، ۽ صندوق کي پردي سان ڍڪي ڇڏج.</verse>
				<verse number="4">۽ تون ميز اندر آڻي، انهيءَ جون شيون مٿس ٺاهي جوڙي رکج؛ ۽ شمعدان اندر آڻي، انهي جا ڏيئا ٻارج.</verse>
				<verse number="5">۽ تون شاهديءَ جي صندوق جي اڳيان، لوبان ساڙڻ لاءِ، سوني قربانگاهہ رکج، ۽ خيمي جي در جو پردو ٽنگي ڇڏج.</verse>
				<verse number="6">۽ تون جماعت واري تنبوءَ جي خيمي جي در جي اڳيان، سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ رکج.</verse>
				<verse number="7">۽ تون جماعت واري تنبوءَ ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾ حوض رکج، ۽ انهي ۾ پاڻي وجهي ڇڏج.</verse>
				<verse number="8">۽ تون چوڌاري اڱڻ بيهارج، ۽ اڱڻ جي دروازي تي پردو ٽنگي ڇڏج.</verse>
				<verse number="9">۽ تون مسح ڪرڻ جو تيل کڻي، عبادت جي خيمي کي، ۽ جيڪي شيون منجهس آهن، تن سڀني کي مسح ڪج، ۽ انهي کي ۽ انهي جي سڀ سامان کي پاڪ ڪج؛ پوءِ اهو پاڪ ٿيندو.</verse>
				<verse number="10">۽ تون سوختني قربانيءَ واريءَ قربانگاهہ کي، ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي بہ مسح ڪج: پوءِ قربانگاهہ تمام پاڪ ٿيندي.</verse>
				<verse number="11">۽ تون حوض ۽ انهي جي صندليءَ کي بہ مسح ڪج، ۽ انهي کي پاڪ ڪج.</verse>
				<verse number="12">۽ تون هارون ۽ سندس پٽن کي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي، کين پاڻيءَ سان غسل ڏج:</verse>
				<verse number="13">۽ تون هارون کي پاڪ پوشاڪ ڍڪائج، ۽ کيس مسح ڪري پاڪ ڪج، تہ هو ڪهانت جي درجي تي منهنجي خدمت ڪري.</verse>
				<verse number="14">۽ تون هن جي پٽن کي آڻي کين پهراڻ ڍڪائج،</verse>
				<verse number="15">۽ تون انهن کي بہ سندن پيءُ وانگر مسح ڪج، تہ هو ڪهانت جي درجي تي منهنجي خدمت ڪن: ۽ اها مساحت هنن جي لاءِ، سندن پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ، ڪهانت جو نشان ٿيندي.</verse>
				<verse number="16">سو موسيٰ ائين ڪيو، يعني جيئن خداوند کيس فرمايو هو، تيئن ئي ڪيائين.</verse>
				<verse number="17">۽ ٻئي سال جي پهرئين مهيني جي پهرين تاريخ هيئن ٿيو، جو عبادت جو خيمو کڙو ڪيو ويو،</verse>
				<verse number="18">۽ موسيٰ خيمي کي کڙو ڪري بيهاريو، ۽ انهي جا کوپا وڌائين، ۽ انهي جا ٺاٺ بيهاريائون، ۽ انهي جا گز وڌائين، ۽ انهي جا ٿنڀ کڙا ڪيائين.</verse>
				<verse number="19">۽ هن خيمي جي مٿان تنبو پکيڙيو، ۽ انهي جي مٿان تنبوءَ جو ڍڪ وڌائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="20">۽ هن شاهديءَ جون تختيون کڻي صندوق ۾ وڌيون، ۽ ڏنڊا صندوق مان لنگهايائين، ۽ صندوق جي مٿان رحمت جو پوش رکيائين؛</verse>
				<verse number="21">پوءِ صندوق خيمي ۾ کڻي آيو، ۽ پردو وجهي شاهديءَ جي صندوق ڍڪي ڇڏيائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="22">۽ هن جماعت واري تنبوءَ ۾، خيمي جي اُتر واري پاسي، پردي جي ٻاهران ميز رکي،</verse>
				<verse number="23">۽ انهيءَ تي خداوند جي حضور ۾ ماني ٺاهي جوڙي رکيائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="24">۽ هن جماعت واري تنبو ۾، خيمي جي ڏکڻ واري پاسي، شمعدان رکيو،</verse>
				<verse number="25">۽ خداوند جي حضور ۾ ڏيئا ٻاريائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="26">۽ هن جماعت واري تنبوءَ ۾، پردي جي سامهون، سوني قربانگاهہ رکي،</verse>
				<verse number="27">۽ انهيءَ تي خوشبودار مصالحن جو لوبان ساڙيائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="28">۽ هن، خيمي جي در تي پردو ٽنگيو.</verse>
				<verse number="29">۽ هن جماعت واري تنبوءَ جي خيمي جي در وٽ سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ رکي، ۽ انهيءَ تي سوختني قرباني چاڙهيائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="30">۽ هن جماعت واري تنبوءَ ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾، حوض رکيو، ۽ انهي ۾ ڌوئڻ جي لاءِ پاڻي وڌائين.</verse>
				<verse number="31">۽ موسيٰ، ۽ هارون، ۽ سندس پٽن انهي تي پنهنجا هٿ ۽ پير ڌوتا؛</verse>
				<verse number="32">جڏهن هو جماعت واري تنبوءَ ۾، ۽ قربانگاهہ جي ويجهو آيا، تڏهن پنهنجا هٿ پير ڌوتائون؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="33">۽ هن عبادت جي خيمي ۽ قربانگاهہ جي آس پاس، اڱڻ کڙو ڪيو، ۽ اڱڻ جي دروازي تي پردو ٽنگي ڇڏيائين. انهيءَ طرح موسيٰ سمورو ڪم پورو ڪيو.</verse>
				<verse number="34">تڏهن ڪڪر جماعت واري تنبوءَ کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ عبادت جو خيمو خداوند جي جلال سان ڀرجي ويو.</verse>
				<verse number="35">۽ موسيٰ جماعت واري تنبوءَ ۾ گهڙي نہ سگهيو، ڇالاءِ جو انهي جي مٿان ڪڪر بيٺل هو، ۽ خيمو خداوند جي جلال سان ڀريل هو.</verse>
				<verse number="36">جڏهن ڪڪر خيمي تان مٿي کڄي ويندو هو، تڏهن بني اسرائيل پنهنجيءَ مسافريءَ ۾ اڳتي وڌندا هئا،</verse>
				<verse number="37">پر جي ڪڪر نہ کڄندو هو، تہ جنهن ڏينهن تائين اهو مٿي نہ کڄندو هو، تنهن ڏينهن تائين هو سفر نہ ڪندا هئا.</verse>
				<verse number="38">ڇالاءِ تہ اسرائيل جي سڄي گهراڻي جي سامهون، سندن مسافري ۾، ڏينهن جو خداوند جو ڪڪر خيمي تي بيٺو رهندو هو، ۽ رات جو انهيءَ ۾ باهہ رهندي هئي.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="3">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">۽ خداوند موسيٰ کي سڏي، جماعت واري تنبوءَ مان ساڻس ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">بني اسرائيل کي چئُہ، تہ جڏهن اوهان مان ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ قرباني چاڙهي، تڏهن اوهين پنهنجي قرباني، چوپائي مال مان، يعني ڍورن ۽ ڌڻن مان آڻجو.</verse>
				<verse number="3">جيڪڏهن انهي جي قرباني ڍورن مان سوختني قرباني هجي، تہ اهو ڍور نر ۽ بي عيب هئڻ گهرجي: هو انهي کي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي پيش ڪري، تہ هو پاڻ خداوند جي حضور ۾ قبول پوي.</verse>
				<verse number="4">هو پنهنجو هٿ انهيءَ سوختني قربانيءَ جي مٿي تي رکي؛ تہ اها سندس لاءِ قبول پوي ۽ سندس ڪفارو ٿئي.</verse>
				<verse number="5">۽ هو انهي وهڙي کي خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪري: ۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، سي رت آڻي پيش ڪن، ۽ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ جيڪا قربانگاهہ آهي، تنهن جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.</verse>
				<verse number="6">پوءِ هو انهيءَ سوختني قربانيءَ جي کل لاهي، ۽ انهيءَ کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري.</verse>
				<verse number="7">پوءِ هارون ڪاهن جا پٽ، قربانگاهہ تي باهہ رکن، ۽ باهہ جي مٿان ڪاٺيون ٺاهي رکن؛</verse>
				<verse number="8">۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، سي اهي ٽڪر ۽ سري ۽ چرٻي، قربانگاهہ واريءَ باهہ تي جيڪي ڪاٺيون رکيل هجن تن جي مٿان ٺاهي رکن:</verse>
				<verse number="9">۽ هو انهي جا آنڊا ۽ پاوا پاڻيءَ سان ڌوئي؛ پوءِ ڪاهن اهي سڀ قربانگاهہ تي رکي، سوختني قرباني ڪري ساڙي، اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.</verse>
				<verse number="10">جيڪڏهن انهي جي قرباني ڌڻن مان، يعني رڍن يا ٻڪرين مان، سوختني قرباني هجي؛ تہ هو هڪڙو بي عيب نر آڻي پيش ڪري.</verse>
				<verse number="11">۽ انهي کي هو قربانگاهہ جي اُتر واري پاسي خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪري: ۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، سي انهي جو رت قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.</verse>
				<verse number="12">پوءِ هو انهي کي سريءَ ۽ چرٻيءَ سميت وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري، ۽ ڪاهن انهن کي قربانگاهہ واري باهہ تي جيڪي ڪاٺيون رکيل هجن، تن جي مٿان ٺاهي رکي:</verse>
				<verse number="13">پر هو انهي جا آنڊا ۽ پاوا پاڻيءَ سان ڌوئي؛ پوءِ ڪاهن اهي سڀ قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها سوختني قرباني آهي، يعني خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.</verse>
				<verse number="14">جيڪڏهن خداوند جي لاءِ انهي جي قرباني پکين مان سوختني قرباني هجي، تہ هو پنهنجي قرباني ڳيرن مان يا ڪبوترن جي ٻچن مان آڻي پيش ڪري.</verse>
				<verse number="15">۽ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ تي آڻي، انهي جي سسي مروٽي ڇڏي، ۽ پوءِ انهي کي قربانگاهہ تي ساڙي؛ ۽ انهي جو رت قربانگاهہ جي پاسي تي وهائي ڇڏي:</verse>
				<verse number="16">۽ انهي جي گجي گند سميت ڪڍي، قربانگاهہ جي اُڀرندي واري پاسي تي، ڪيريءَ واريءَ جاءِ تي اُڇلائي ڇڏي:</verse>
				<verse number="17">۽ هو انهي کي پرن کان وٺي ڦاڙي، پر ڇني ڌار نہ ڪري: پوءِ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ واريءَ باهہ تي، جيڪي ڪاٺيون رکيل هجن تن جي مٿان رکي ساڙي: اها سوختني قرباني آهي، يعني خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ کاڌي جي قرباني پيش ڪري، تہ انهي جي قرباني ميدي جي هئڻ گهرجي؛ هو انهي تي تيل اوتي ۽ مٿس لوبان رکي:</verse>
				<verse number="2">۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، تن وٽ اهو کڻي اچي: ۽ ڪاهن انهي تيل گڏيل ميدي مان، ساري لوبان سميت هڪڙي مٺ ڀري ڪڍي، پوءِ اهو انهي جي يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي ساڙي؛ اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.</verse>
				<verse number="3">۽ انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان جيڪي باقي بچي، سو هارون ۽ سندس پٽن جو ٿيندو: جيڪي قربانيون خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيون وڃن، تن مان هيءَ تمام پاڪ آهي.</verse>
				<verse number="4">۽ جيڪڏهن تون تنور ۾ پڪل کاڌي جي قرباني پيش ڪرين، تہ اهي تيل ۾ ڳوهيل فطيري نان هجن، يا تيل مکيل فطيري ڍوڍا هجن.</verse>
				<verse number="5">۽ جيڪڏهن تنهنجي قرباني تئي تي پڪل کاڌي جي قرباني هجي، تہ اها تيل ۾ ڳوهيل ميدي جي فطيريءَ مانيءَ جي هجي.</verse>
				<verse number="6">تون انهيءَ کي ٽڪر ٽڪر ڪري مٿس تيل اوتج: اها کاڌي جي قرباني آهي.</verse>
				<verse number="7">۽ جيڪڏهن تنهنجي قرباني تريل کاڌي جي قرباني هجي، تہ اها تيل ۾ ڳوهيل ميدي جي هئڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="8">تون اِنهن شين مان ٺاهيل کاڌي جي قرباني، خداوند جي حضور ۾ آڻج؛ ۽ اها ڪاهن وٽ آڻي حاضر ڪج، ۽ هو اها قربانگاهہ وٽ کڻي اچي،</verse>
				<verse number="9">۽ ڪاهن انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان ڪجهہ ڪڍي، انهي جي يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.</verse>
				<verse number="10">۽ انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان جيڪي باقي بچي، سو هارون ۽ سندس پٽن جو ٿيندو: جيڪي قربانيون باهہ سان ساڙيون وڃن، تن ۾ هيءَ تمام پاڪ آهي.</verse>
				<verse number="11">جيڪا بہ کاڌي جي قرباني، اوهين خداوند جي حضور ۾ پيش ڪريو، تنهن ۾ خمير اصل نہ هجي: ڇالاءِ جو اوهين ڪوبہ خمير، يا ماکي، خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ ۾ نہ ساڙجو.</verse>
				<verse number="12">اوهين پهريون ڦل خداوند جي حضور ۾ قربانيءَ طور پيش ڪجو: پر اهي چڱيءَ خوشبوءِ جي لاءِ قربانگاهہ تي ساڙيا نہ وڃن.</verse>
				<verse number="13">تون جيڪا بہ کاڌي جي قرباني پيش ڪرين، تنهن ۾ ضرور لوڻ وجهج؛ تون پنهنجي کاڌي جي قرباني ۾ پنهنجي خدا جي عهد جو لوڻ بند نہ ڪج: تون پنهنجين سڀني قربانين سان گڏ لوڻ پيش ڪج.</verse>
				<verse number="14">جيڪڏهن تون پنهنجي پهرئين ڦل جي قرباني، خداوند جي حضور ۾ کاڌي جي قربانيءَ طور پيش ڪرين، تہ پنهنجي اَن جا پهريان سنگ باهہ ۾ ڀُڃي، اُنهن سنگن مان ڪٽيل اَن ڪڍي، اهو کاڌي جي قربانيءَ وانگر پيش ڪج.</verse>
				<verse number="15">۽ تون انهي تي تيل اوتج ۽ مٿس لوبان رکج: اها کاڌي جي قرباني ٿيندي.</verse>
				<verse number="16">پوءِ ڪاهن انهيءَ مان ڪجهہ سڻڀو اَن، ۽ ڪجهہ تيل، ۽ سمورو لوبان ڪڍي، يادگيريءَ لاءِ ساڙي: اها خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">۽ جيڪڏهن انهي جي قرباني سلامتيءَ جي قرباني هجي؛ ۽ هو ڪجهہ پنهنجي ڌڻ مان قربانيءَ لاءِ پيش ڪري، پوءِ اُهو نر هجي توڙي مادي، پر اهو خداوند جي حضور ۾ بي عيب پيش ڪري.</verse>
				<verse number="2">هو پنهنجي قربانيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ پوءِ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ انهي کي ذبح ڪري؛ ۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، سي انهي جو رت قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.</verse>
				<verse number="3">۽ هو سلامتيءَ جي قربانيءَ مان خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني چاڙهي؛ يعني آنڊن جي مٿان جيڪا چرٻي هجي، ۽ سموري چرٻي جنهن سان آنڊا ڍڪيل آهن.</verse>
				<verse number="4">۽ ٻئي بڪيون، ۽ جيڪا چرٻي انهن تي هجي، جا چيلهہ جي پاسن تي ٿي ٿئي. ۽ جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي، سو بڪين سميت ڪڍي وٺي.</verse>
				<verse number="5">۽ هارون جا پٽ انهي کي قربانگاهہ جي ٻرندڙ ڪاٺين تي، سوختني قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙين: اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.</verse>
				<verse number="6">۽ جيڪڏهن انهي جي قرباني سلامتيءَ جي قرباني هجي، ۽ هو خداوند جي لاءِ ڌڻ مان ڪجهہ پيش ڪري؛ تہ اهو نر هجي توڙي مادي، پر اهو بي عيب پيش ڪري.</verse>
				<verse number="7">جيڪڏهن هو پنهنجي قربانيءَ لاءِ گهيٽو آڻي، تہ اهو خداوند جي حضور ۾ آڻي پيش ڪري:</verse>
				<verse number="8">۽ هو پنهنجي قربانيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ پوءِ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ انهي کي ذبح ڪري، ۽ هارون جا پٽ انهي جو رت قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.</verse>
				<verse number="9">۽ هو سلامتيءَ جي قربانيءَ مان، خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني چاڙهي، يعني انهي جي چرٻي، ۽ سارو دنب، پٺ جي هڏي تائين؛ ۽ آنڊن جي مٿان جيڪا چرٻي هجي، ۽ سڀ چرٻي جنهن سان آنڊا ڍڪيل آهن.</verse>
				<verse number="10">۽ ٻئي بڪيون ۽ جيڪا چرٻي انهن تي هجي، جا چيلهہ جي پاسن تي ٿي ٿئي، ۽ جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي، سو بڪين سميت ڪڍي وٺي.</verse>
				<verse number="11">۽ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها قربانيءَ جي خوراڪ آهي، جا خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙبي آهي.</verse>
				<verse number="12">جيڪڏهن انهي جي قرباني ڪا ٻڪري هجي، تہ اها خداوند جي حضور ۾ آڻي پيش ڪري:</verse>
				<verse number="13">۽ هو انهي جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ پوءِ جماعت واري تنبو جي سامهون انهيءَ کي ذبح ڪري: ۽ هارون جا پٽ انهيءَ جو رت قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.</verse>
				<verse number="14">۽ هو انهيءَ مان پنهنجي قرباني يعني باهہ سان ساڙيل قرباني خداوند جي لاءِ چاڙهي؛ پر آنڊن جي مٿان جيڪا چرٻي هجي، ۽ سڀ چرٻي جنهن سان آنڊا ڍڪيل آهن،</verse>
				<verse number="15">۽ ٻئي بڪيون، ۽ جيڪا چرٻي انهن تي هجي، جا چيلهہ جي پاسن تي ٿي ٿئي، ۽ جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي، سو بڪين سميت ڪڍي وٺي.</verse>
				<verse number="16">۽ ڪاهن انهن کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها قربانيءَ جي خوراڪ آهي، جا چڱي خوشبوءِ لاءِ باهہ سان ساڙبي آهي: سڀ چرٻي خداوند جي آهي.</verse>
				<verse number="17">۽ اهو اوهان جي رهڻ جي سڀني جاين ۾، ۽ اوهانجين سڀني پيڙهين ۾، هميشہ جي لاءِ قانون ٿيندو، تہ اوهين چرٻي ۽ رت هرگز نہ کائو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ جن ڪمن جي ڪرڻ جي خدا منع ڪئي آهي، تنهن بابت جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀل مان گناهہ ڪري، ۽ انهن مان ڪو ڪم ڪري:</verse>
				<verse number="3">۽ جيڪڏهن ڪو مسح ڪيل ڪاهن ڪو اهڙو گناهہ ڪري جنهنڪري سڄي اُمت ڏوهاري ٿئي؛ تہ پوءِ هن جيڪو گناهہ ڪيو آهي، تنهن جي لاءِ هڪڙو بي عيب وهڙو خداوند جي حضور ۾ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ آڻي پيش ڪري.</verse>
				<verse number="4">هو انهي وهڙي کي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ خداوند جي حضور ۾ آڻي؛ ۽ پنهنجو هٿ انهي وهڙي جي مٿي تي رکي، ۽ پوءِ انهي وهڙي کي خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪري.</verse>
				<verse number="5">۽ مسح ڪيل ڪاهن انهي وهڙي جي رت مان ڪجهہ کڻي جماعت واري تنبوءَ ۾ آڻي:</verse>
				<verse number="6">۽ ڪاهن پنهنجي آڱر انهي رت ۾ ٻوڙي ۽ اهو رت پاڪ مڪان واري پردي جي اڳيان، خداوند جي حضور ۾ ست ڀيرا ڇاٽاري.</verse>
				<verse number="7">۽ ڪاهن انهي رت مان ڪجهہ جماعت واري تنبوءَ ۾ جيڪا خوشبوءِ دار لوبان جي قربانگاهہ آهي، تنهن جي سڱن تي خداوند جي حضور ۾ وجهي؛ ۽ وهڙي جو باقي سڀ رت، جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ جيڪا سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ آهي، تنهن جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.</verse>
				<verse number="8">۽ هو گناهہ جي قربانيءَ واري وهڙي جي سڀ چرٻي ڪڍي وٺي؛ يعني آنڊن جي مٿان جيڪا چرٻي هجي، ۽ سڀ چرٻي جنهن سان آنڊا ڍڪيل آهن:</verse>
				<verse number="9">۽ ٻئي بڪيون ۽ جيڪا چرٻي انهن تي هجي، جا چيلهہ جي پاسن تي ٿي ٿئي، ۽ جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي، سو بڪين سميت ڪڍي وٺي؛</verse>
				<verse number="10">جهڙي طرح سلامتيءَ جي قربانيءَ واري وهڙي جي ڪڍبي آهي: ۽ ڪاهن انهن کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي.</verse>
				<verse number="11">۽ وهڙي جي کل، ۽ انهي جو سڀ گوشت، انهي جي سريءَ ۽ پاون سميت، ۽ انهي جا آنڊا ۽ ڇيڻو.</verse>
				<verse number="12">يعني سڄو وهڙو منزلگاهہ کان ٻاهر ڪنهن صاف جاءِ تي، جتي رک اُڇلائبي آهي اتي کڻي وڃي، ۽ اتي انهي کي ڪاٺين تي رکي ساڙي ڇڏي: جتي رک اُڇلائبي آهي، اتي انهيءَ کي کي ساڙي ڇڏي.</verse>
				<verse number="13">۽ جيڪڏهن اسرائيل جي سڄي جماعت ڪا خطا ڪري، ۽ اها ڳالهہ جماعت جي نظر کان لڪل هجي، ۽ جن ڪمن جي ڪرڻ جي خداوند منع ڪئي آهي تن مان ڪو ڪم هنن ڪيو هجي، ۽ ڏوهاري ٿيا هجن؛</verse>
				<verse number="14">تہ جيڪو گناهہ هنن ڪيو آهي سو جڏهن معلوم ٿئي، تڏهن جماعت گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو آڻي، ۽ جماعت واري تنبوءَ جي سامهون انهي کي پيش ڪري.</verse>
				<verse number="15">۽ جماعت جا بزرگ خداوند جي حضور ۾ انهي وهڙي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن: ۽ پوءِ اهو وهڙو خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪيو وڃي.</verse>
				<verse number="16">۽ مسح ڪيل ڪاهن انهي وهڙي جي رت مان ڪجهہ کڻي جماعت واري تنبوءَ ۾ آڻي:</verse>
				<verse number="17">۽ ڪاهن پنهنجي آڱر انهي رت ۾ ٻوڙي، ۽ اهو پاڪ مڪان واري پردي جي اڳيان، خداوند جي حضور ۾ ست ڀيرا ڇاٽاري.</verse>
				<verse number="18">۽ اهو انهي رت مان ڪجهہ جماعت واري تنبوءَ ۾ جيڪا قربانگاهہ آهي، تنهن جي سڱن تي خداوند جي حضور ۾ وجهي، ۽ باقي رت جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ، جيڪا سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ آهي، تنهن جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.</verse>
				<verse number="19">۽ هو اُنهي جي سڀ چرٻي ڪڍي وٺي، ۽ انهيءَ کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي.</verse>
				<verse number="20">هو وهڙي سان ائين ئي ڪري: يعني جهڙي طرح هن گناهہ جي قربانيءَ واري وهڙي سان ڪيو هو، تهڙيءَ طرح هن سان بہ ڪري: ۽ ڪاهن هنن جي لاءِ ڪفارو ڪري تہ پوءِ انهن کي معافي ملندي.</verse>
				<verse number="21">۽ اهو انهي وهڙي کي منزلگاهہ کان ٻاهر کڻي وڃي، ۽ جهڙي طرح پهرئين وهڙي کي ساڙيو هئائين، تهڙيءَ طرح هن کي بہ ساڙي ڇڏي: اها جماعت جي لاءِ گناهہ جي قرباني آهي.</verse>
				<verse number="22">جڏهن ڪو حاڪم ڀل مان گناهہ ڪري، ۽ جن ڪمن جي ڪرڻ جي خداوند سندس خدا کيس منع ڪئي آهي، تن مان ڪو ڪم ڪري ڏوهاري ٿيو هجي؛</verse>
				<verse number="23">تہ جيڪڏهن سندس ڪيل گناهہ کيس معلوم ٿئي، تہ پوءِ هو پنهنجي قربانيءَ جي لاءِ هڪڙو نر ٻڪر آڻي، جو بي عيب هجي؛</verse>
				<verse number="24">۽ هو انهي ٻڪر جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ جنهن هنڌ سوختني قرباني ذبح ڪبي آهي، تنهن هنڌ انهي کي خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪري: اها گناهہ جي قرباني آهي.</verse>
				<verse number="25">۽ ڪاهن انهيءَ گناهہ جي قربانيءَ جي رت مان، ڪجهہ پنهنجي آڱر سان کڻي، سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي، ۽ انهي جو باقي رت سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.</verse>
				<verse number="26">۽ انهي جي سڀ چرٻي، سلامتيءَ جي قربانيءَ واري چرٻيءَ وانگر قربانگاهہ تي رکي ساڙي: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ سندس گناهہ جي بابت ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.</verse>
				<verse number="27">۽ جڏهن عام ماڻهن مان ڪو شخص ڀل مان گناهہ ڪري، ۽ جن ڪمن جي ڪرڻ جي خداوند منع ڪئي آهي، تن مان ڪو ڪم ڪري ڏوهاري ٿيو هجي؛</verse>
				<verse number="28">تہ جيڪڏهن سندس ڪيل گناهہ کيس معلوم ٿئي، تہ پوءِ هو پنهنجي قربانيءَ لاءِ هڪڙي ٻڪري آڻي، جا بي عيب هجي، ۽ پنهنجي ڪيل گناهہ جي لاءِ پيش ڪري.</verse>
				<verse number="29">۽ هو انهي گناهہ جي قربانيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ سوختني قربانيءَ واري هنڌ، اها گناهہ جي قرباني ذبح ڪري.</verse>
				<verse number="30">۽ ڪاهن انهيءَ جي رت مان ڪجهہ پنهنجيءَ آڱر سان کڻي، سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي، ۽ انهيءَ جو باقي سڀ رت قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.</verse>
				<verse number="31">۽ انهيءَ جي سڀ چرٻي ڪڍي وٺي، جيئن ڪ سلامتيءَ جي قربانيءَ مان ڪڍبي آهي؛ ۽ ڪاهن اها قربانگاهہ تي رکي ساڙي، تہ خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ ٿئي؛ ۽ ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.</verse>
				<verse number="32">جيڪڏهن هو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ گهيٽن مان آڻي، تہ بي عيب مادي آڻي.</verse>
				<verse number="33">۽ هو انهيءَ گناهہ جي قربانيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ سوختني قربانيءَ واري هنڌ، اها گناهہ جي قرباني ذبح ڪري.</verse>
				<verse number="34">۽ ڪاهن انهيءَ گناهہ جي قربانيءَ جي رت مان ڪجهہ پنهنجيءَ آڱر سان کڻي، سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي، ۽ انهيءَ جو باقي سڀ رت قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي:</verse>
				<verse number="35">۽ انهيءَ جي سڀ چرٻي ڪڍي وٺي، جيئن ڪ سلامتيءَ جي قربانيءَ واري گهيٽي مان ڪڍبي آهي؛ ۽ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ تي انهن قربانين جي مٿان رکي ساڙي، جي خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙبيون آهن: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ سندس گناهہ جي بابت ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو شاهدي ڀرڻ وقت، جڏهن کيس قسم ڏنو وڃي، تڏهن جيڪي ٻڌو يا ڏٺو هجيس، سو نہ ٻڌائي، تہ هو گناهہ ٿو ڪري ۽ انهي جو ڏوهہ مٿس پوندو.</verse>
				<verse number="2">يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀل مان ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي ڇهي ناپاڪ ٿي پوي، پوءِ اهو ڪنهن ناپاڪ مرونءَ جو مڙهہ هجي، يا ڪنهن ناپاڪ ڍور جو مڙهہ هجي، يا ڪنهن ناپاڪ سرندڙ جيت جو مڙهہ هجي، تہ بہ هو ڏوهاري ٿي چڪو.</verse>
				<verse number="3">يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جي ناپاڪيءَ جي ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، ۽ انهي جي ناپاڪيءَ کي جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀل مان ڇهي؛ پوءِ جڏهن انهي جي خبر پونديس، تڏهن هو ناپاڪ ٿيندو:</verse>
				<verse number="4">يا جيڪڏهن ڪو تڪڙ ڪري ڪا نيڪي يا بدي ڪرڻ لاءِ پنهنجن چپن سان قسم کڻي، پوءِ اهو ڪجهہ بہ هجي، جنهن لاءِ ڪو ماڻهو تڪڙ ۾ قسم کڻي، ۽ انهي جي خبر نہ هجيس؛ پوءِ جڏهن انهي جي خبر پونديس، تڏهن هو اُنهن مان هڪڙيءَ ڳالهہ جو ڏوهاري ٿيندو:</verse>
				<verse number="5">۽ هيئن ٿيندو تہ، جڏهن هو انهن مان هڪڙيءَ ڳالهہ جو ڏوهاري ٿئي، تڏهن هو قبول ڪري، تہ فلاڻيءَ ڳالهہ ۾ مون گناهہ ڪيو آهي:</verse>
				<verse number="6">پوءِ جيڪو گناهہ ڪيو هجيس، انهي جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ پنهنجي قرباني آڻي، اها قرباني ڌڻن مان ڪو گهيٽو يا ٻڪري هئڻ گهرجي؛ ۽ ڪاهن هن جي لاءِ سندس گناهہ جي بابت ڪفارو ڪري.</verse>
				<verse number="7">۽ جيڪڏهن هن کي گهيٽي يا ٻڪريءَ جي وسعت نہ هجي، تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ٻہ ڳيرا، يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا، گناهہ جي قربانيءَ طور آڻي؛ هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ.</verse>
				<verse number="8">۽ هو اهي ٻئي ڪاهن وٽ کڻي اچي، جو پهرين گناهہ جي قرباني پيش ڪري، ۽ انهي جي سسيءَ کي ڳچيءَ کان مروٽي، پر ڇني ڌار نہ ڪري:</verse>
				<verse number="9">هو انهي گناهہ جي قرباني جي رت مان ڪجهہ قربانگاهہ جي پاسي تي ڇاٽاري؛ ۽ باقي رت قربانگاهہ جي پاسي تي هاري ڇڏي: اها گناهہ جي قرباني آهي.</verse>
				<verse number="10">۽ ٻئي کي هو قانون موجب سوختني قربانيءَ طور پيش ڪري: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ سندس گناهہ جي بابت ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.</verse>
				<verse number="11">پر جيڪڏهن هن کي ٻن ڳيرن يا ڪبوترن جي ٻن ٻچن جي بہ وسعت نہ هجي، تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ ايفہ جي ڏهين حصي جيترو ميدو، گناهہ جي قرباني طور آڻي: هو انهي تي تيل نہ وجهي، نڪي مٿس لوبان رکي: ڇالاءِ جو اها گناهہ جي قرباني آهي.</verse>
				<verse number="12">۽ هو اهو ڪاهن وٽ کڻي اچي، ۽ ڪاهن انهي مان هڪڙي مٺ يادگار لاءِ ڀري ڪڍي، ۽ قربانگاهہ تي انهن قربانين جي مٿان رکي ساڙي جي باهہ سان ساڙبيون آهن: اها گناهہ جي قرباني آهي.</verse>
				<verse number="13">۽ انهن ڳالهين مان جنهن ڳالهہ ۾ هن گناهہ ڪيو هجي، تنهن جي بابت ڪاهن هنن جي لاءِ ڪفارو ڪري، ۽ هن کي معافي ملندي: ۽ باقي جيڪي بچي سو کاڌي جي قربانيءَ وانگر ڪاهن جو ٿيندو.</verse>
				<verse number="14">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="15">جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي پاڪ شين جي بابت ڀل مان ڪو قصور يا گناهہ ڪري؛ تہ هو پنهنجي گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ڌڻ مان هڪڙو بي عيب گهٽو، خداوند جي حضور ۾ آڻي، جنهن جي قيمت تنهنجي انداز موجب، پاڪ مڪان جي مشقالن جهڙو چانديءَ جو مشقال هجي، اها گناهہ جي قرباني آهي:</verse>
				<verse number="16">۽ انهيءَ پاڪ شيءِ بابت هن جيڪا خطا ڪئي هجي، تنهن جو عيوضو ڀري ڏئي، ۽ انهي جو پنجون حصو وڌيڪ ڪاهن کي ڏئي: ۽ ڪاهن انهيءَ خطا جي قربانيءَ واري گهٽي سان هن جي لاءِ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.</verse>
				<verse number="17">۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو گناهہ ڪري، ۽ جن ڪمن جي ڪرڻ جي خداوند منع ڪئي آهي تن مان ڪو ڪري: ۽ جيتوڻيڪ انهي جي خبر نہ هجيس، تہ بہ هو ڏوهاري آهي، ۽ گناهہ جو بار مٿس پوندو.</verse>
				<verse number="18">۽ هو ڌڻ مان هڪڙو بي عيب گهٽو آڻي جنهن جي قيمت تنهنجي انداز موجب هجي، ۽ اهو خطا جي قربانيءَ طور ڪاهن وٽ وٺي اچي؛ ۽ جنهن ڳالهہ ۾ هن ڀل مان خطا ڪئي هجي، تنهن جي بابت ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.</verse>
				<verse number="19">هيءَ خطا جي قرباني آهي: جو هو بيشڪ خداوند جي حضور ۾ ڏوهاري ٿيو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">جيڪڏهن ڪو ماڻهو گناهہ ڪري، ۽ خداوند جي برخلاف هي قصور ڪري، يعني ڪنهن امانت ۾، يا سودي ۾ پنهنجي پاڙيسري سان ڪپت ڪري، يا انهي جي ڪا شيءِ ڦري وٺي، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ سان ڪو ظلم ڪري؛</verse>
				<verse number="3">يا ڪا گم ٿيل شيءِ لڀي ۽ انهيءَ ۾ ڪپت ڪري، يا ڪوڙو قسم کڻي؛ يعني انهن سڀني مان ڪنهن هڪڙي جي ڪرڻ ڪري گنهگار ٿئي:</verse>
				<verse number="4">تہ پوءِ هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن هن گناهہ ڪيو هجي، ۽ ڏوهاري ٿيو هجي، تہ جيڪي ڦريو هجيس، يا جيڪي ظلم سان ورتو هجيس، يا جيڪا امانت وٽس رکيل هجي، يا جيڪا گم ٿيل شيءِ لڌي هجيس، سا موٽائي ڏئي، ۽ انهي جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي:</verse>
				<verse number="5">يا جنهن شيءِ بابت ڪوڙو قسم کنيو هجيس؛ سا ذري پرزي موٽائي ڏئي، ۽ انهيءَ جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي: جنهن ڏينهن هو ڏوهاري ٺهرايو وڃي، انهي ڏينهن، جنهن ماڻهوءَ جي اها شيءِ هجي، تنهن کي موٽائي ڏئي.</verse>
				<verse number="6">۽ هو پنهنجي خطا جي قربانيءَ لاءِ، ڌڻ مان هڪڙو بي عيب گهٽو خداوند جي حضور ۾ آڻي، جنهن جي قيمت تنهنجي انداز موجب هجي، ۽ اهو خطا جي قرباني طور ڪاهن وٽ وٺي اچي:</verse>
				<verse number="7">۽ ڪاهن هن جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ جنهن ڪم جي ڪرڻ ڪري، هو ڏوهاري ٿيو هوندو تنهن جي نسبت ۾ هن کي معافي ملندي.</verse>
				<verse number="8">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="9">هارون ۽ سندس پٽن کي حڪم ڪري چئُہ تہ سوختني قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي: يعني تہ سوختني قرباني، ساري رات ويندي صبح تائين قربانگاهہ تي آتشدان جي مٿان رکي رهي؛ ۽ قربانگاهہ جي باهہ ان ۾ ٻرندي رهي.</verse>
				<verse number="10">۽ ڪاهن پنهنجي سڻيءَ جي پوشاڪ پائي، ۽ سڻيءَ جي سٿڻ بت تي ڍڪي؛ ۽ سوختني قرباني جا قربانگاهہ جي باهہ ۾ سڙي رک ٿي ويئي هجي، اها رک هو کڻي قربانگاهہ جي پاسي تي وجهي.</verse>
				<verse number="11">پوءِ هو پنهنجا اهي ڪپڙا لاهي ٻيا پائي، ۽ قربانگاهہ وٽان اها رک ڪنهن صاف جاءِ تي کڻي وڃي.</verse>
				<verse number="12">قربانگاهہ تي باهہ ٻرندي رهي، ۽ اها ڪڏهن بہ وسائي نہ وڃي؛ ۽ ڪاهن هر روز صبح جو انهيءَ تي ڪاٺيون ٻاري: ۽ انهن تي سوختني قرباني ٺاهي رکي، ۽ انهيءَ جي مٿان سلامتيءَ جي قرباني جي چرٻي ساڙي.</verse>
				<verse number="13">قربانگاهہ تي باهہ هميشہ ٻرندي رهي، ۽ اها ڪڏهن بہ وسائي نہ وڃي.</verse>
				<verse number="14">۽ کاڌي جي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي: هارون جا پٽ اها قربانگاهہ جي سامهون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن.</verse>
				<verse number="15">۽ هو انهي مان، يعني کاڌي جي قربانيءَ واري ميدي مان، ٿورو تيل سميت مٺ ڀري ڪڍن، ۽ کاڌي جي قربانيءَ تي جيڪو لوبان هجي، سو سڀ کڻي، ۽ يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي، خداوند جي حضور ۾ چڱي خوشبوءِ جي لاءِ ساڙين.</verse>
				<verse number="16">۽ جيڪي انهي مان باقي بچي، سو هارون ۽ سندس پٽ کائين: اهو ڪنهن پاڪ جاءِ تي خمير کان سواءِ کائڻ ۾ اچي؛ هو اهو جماعت واري تنبوءَ جي اڱڻ ۾ ويهي کائين.</verse>
				<verse number="17">انهي ۾ خمير گڏي نہ پچائين. مون اهو هنن کي پنهنجين باهہ سان ساڙيل قربانين مان سندن حصو ڏنو آهي؛ اهو گناهہ جي قربانيءَ، ۽ خطا جي قربانيءَ وانگر تمام پاڪ آهي.</verse>
				<verse number="18">هارون جي اولاد مان سڀ ڪو مرد ماڻهو اهو کائي، ڇالاءِ جو اوهانجن سڀني پيڙهين ۾، خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانين ۾ اهو هنن جو هميشہ جي لاءِ حق آهي: جيڪو انهن کي ڇهندو سو پاڪ ٿيندو.</verse>
				<verse number="19">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="20">جنهن ڏينهن هارون ۽ سندس پٽن کي مسح ڪيو وڃي، تنهن ڏينهن اهي جيڪا قرباني خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن سا هيءَ آهي: يعني ايفہ جي ڏهين حصي جيترو ميدو، هميشہ کاڌي جي قربانيءَ طور آڻين، انهي جو اڌ صبح جي وقت، ۽ اڌ شام جي وقت آڻين.</verse>
				<verse number="21">اهو تئي تي تيل سان پچائجي؛ جڏهن اهو پچي، تڏهن تون اهو اندر کڻي اچج، ۽ تون انهي پڪل ميدي جا ٽڪر ٽڪر ڪري، خداوند جي حضور ۾ کاڌي جي قربانيءَ طور پيش ڪج.</verse>
				<verse number="22">۽ هن جي پٽن مان جيڪو سندس جاءِ تي مسح ڪيل ڪاهن هجي سو انهيءَ کي پيش ڪري: اهو هميشہ جي لاءِ قانون آهي، تہ اها قرباني خداوند جي لاءِ سموري ساڙي ڇڏجي.</verse>
				<verse number="23">۽ ڪاهن جيڪا بہ کاڌي جي قرباني پيش ڪري، سا سموري ساڙي وڃي: اها کائڻ ۾ بلڪل نہ اچي.</verse>
				<verse number="24">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="25">هارون ۽ سندس پٽن سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ گناهہ جي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي: تہ جنهن هنڌ سوختني قرباني ذبح ڪبي آهي، انهيءَ هنڌ گناهہ جي قرباني بہ، خداوند جي حضور ۾، ذبح ڪئي وڃي: اها تمام پاڪ آهي.</verse>
				<verse number="26">جيڪو ڪاهن انهيءَ کي گناهہ جي لاءِ پيش ڪري، سو اها کائي: هو اها ڪنهن پاڪ هنڌ، جماعت واري تنبوءَ جي اڱڻ ۾ ويهي کائي.</verse>
				<verse number="27">جيڪو انهي جي گوشت کي ڇهندو سو پاڪ ٿيندو: ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڪپڙي تي انهي جي رت جا ڇنڊا پئجي وڃن تہ، جنهن تي اهي پيا هجن، سو تون ڪنهن پاڪ هنڌ تي ويهي ڌوئج،</verse>
				<verse number="28">پر جنهن ٺڪر جي ٿانو ۾ اهو رڌجي، سو ٿانو ڀڃي ڇڏجي: پر جيڪڏهن ڪنهن پتل جي ٿانو ۾ اهو رڌجي، تہ انهي ٿانو کي ملي ۽ پاڻيءَ سان ڌوئي صفا ڪجي.</verse>
				<verse number="29">ڪاهنن مان سڀ ڪو ماڻهو ڀلي انهيءَ مان کائي: اهو تمام پاڪ آهي.</verse>
				<verse number="30">پر جنهن گناهہ جي قربانيءَ جي رت مان ڪجهہ پاڪ مڪان ۾ ڪفاري ڪرڻ لاءِ جماعت واري تنبوءَ ۾ آندو وڃي، تنهن جو گوشت کائڻ ۾ نہ اچي؛ اهو باهہ سان ساڙيو ويندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">۽ خطا جي قرباني جو قاعدو هن ريت آهي: اها تمام پاڪ آهي.</verse>
				<verse number="2">جنهن هنڌ اهي سوختني قرباني ذبح ڪندا آهن، انهي هنڌ خطا جي قرباني بہ ذبح ڪن: ۽ هو انهيءَ جو رت قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاري.</verse>
				<verse number="3">۽ هو انهي جي سڀ چرٻي پيش ڪري؛ يعني دنب ۽ اها چرٻي جنهن سان آنڊا ڍڪيل آهن.</verse>
				<verse number="4">۽ ٻئي بڪيون، ۽ جيڪا چرٻي انهن تي هجي، جا چيلهہ جي پاسن تي ٿي ٿئي، ۽ جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي، سو بڪين سميت ڪڍي وٺي:</verse>
				<verse number="5">۽ ڪاهن انهن کي قربانگاهہ تي رکي، خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ڪيل قربانيءَ طور ساڙي: اها خطا جي قرباني آهي.</verse>
				<verse number="6">۽ ڪاهنن مان سڀ ڪو مرد ماڻهو ڀلي انهيءَ مان کائي: اها ڪنهن پاڪ هنڌ تي ويهي کائجي: اها تمام پاڪ آهي.</verse>
				<verse number="7">جهڙي گناهہ جي قرباني آهي، تهڙي خطا جي قرباني آهي، انهي جي لاءِ هڪڙو ئي قاعدو آهي: جيڪو ڪاهن انهيءَ سان ڪفارو ڪري، تنهن کي ئي اها ملي.</verse>
				<verse number="8">جيڪو ڪاهن ڪنهن ماڻهو جي سوختني قرباني چاڙهي، سو ئي پنهنجي چاڙهيل سوختني قربانيءَ جي کل پاڻ کڻي.</verse>
				<verse number="9">۽ سڀ ڪا کاڌي جي قرباني، جا تنور ۾ پڪل هوندي، يا تيل ۾ تريل، يا تئي تي پڪل هوندي، سا انهي ڪاهن جي ٿيندي جو انهيءَ کي پيش ڪندو.</verse>
				<verse number="10">۽ سڀ ڪا کاڌي جي قرباني، تيل سان گڏيل، يا خشڪ، هارون جي سڀني پٽن جي ٿيندي، ۽ سڀني کي برابر حصو ملندو.</verse>
				<verse number="11">۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جي قرباني چاڙهي، تہ انهيءَ جو قاعدو هن ريت آهي.</verse>
				<verse number="12">جي هو اها شڪرگذاريءَ جي لاءِ پيش ڪري، تہ ميدي جون تيل ۾ ڳوهيل فطيري مانيون، ۽ تيل مکيل فطيري ٽڪيون، ۽ تيل ۾ ڳوهيل پڪل ڍوڍا پيش ڪري.</verse>
				<verse number="13">انهن کان سواءِ، پنهنجي سلامتيءَ جي قربانيءَ سان گڏ، شڪرگذاريءَ لاءِ، فطيري مانيون قرباني طور پيش ڪري.</verse>
				<verse number="14">۽ انهن مان هرهڪ قربانيءَ منجهان هڪڙي هڪڙي ماني هو کڻڻ واري قربانيءَ طور خداوند جي اڳيان پيش ڪري: اها انهي ڪاهن جي ٿيندي، جو سلامتيءَ جي قربانيءَ جو رت ڇاٽاريندو.</verse>
				<verse number="15">۽ شڪرگذاريءَ جي لاءِ ڪيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت انهي ڏينهن کائڻ ۾ اچي، جنهن ڏينهن اها قرباني پيش ڪئي وڃي؛ ۽ هو انهيءَ مان ڪجهہ بہ صبح تائين نہ ڇڏي.</verse>
				<verse number="16">پر جيڪڏهن هن جي قرباني ڪنهن مڃت، يا خاص خوشيءَ جي قرباني هجي، تہ اها بہ انهيءَ ڏينهن کائڻ ۾ اچي جنهن ڏينهن اها پيش ڪئي وڃي: پر جيڪڏهن انهيءَ مان ڪجهہ باقي بچي، تہ اهو ٻئي ڏينهن صبح جو کائجي:</verse>
				<verse number="17">پر قربانيءَ جي گوشت مان جيڪي ٽئين ڏينهن تائين بچي، سو باهہ ۾ ساڙيو وڃي.</verse>
				<verse number="18">جيڪڏهن هن جي سلامتيءَ جي قربانيءَ مان ڪجهہ گوشت ٽئين ڏينهن تائين کائبو، تہ اها قبول نہ پوندي، نڪي اها ڏيڻ واري جي بِلي شمار ٿيندي: اهو گوشت مڪروهہ آهي، ۽ جيڪو انهي مان کائيندو تنهن تي انهي جي گناهہ جو بار پوندو.</verse>
				<verse number="19">جيڪو گوشت ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي لڳي، سو کائڻ ۾ نہ اچي، اهو باهہ سان ساڙي ڇڏڻ گهرجي، ۽ باقي جيڪو گوشت آهي، سو هرڪو پاڪ ماڻهو ڀلي کائي:</verse>
				<verse number="20">جيڪو ماڻهو خداوند جي لاءِ چاڙهيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت ناپاڪيءَ جي حالت ۾ کائيندو، سو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="21">۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي ڇهي، پوءِ اها ناپاڪي ماڻهو جي هجي توڙي جانور جي هجي، يا ڪا ٻي ناپاڪ مڪروهہ شيءِ هجي، ۽ انهيءَ حالت ۾ خداوند جي لاءِ چاڙهيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت کائيندو، سو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="22">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="23">بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ اوهين وهڙي، يا گهٽي، يا ٻڪريءَ جي چرٻي نہ کائجو.</verse>
				<verse number="24">۽ جيڪو جانور پاڻيهي مري، تنهن جي چرٻي، ۽ جنهن کي جهنگلي جانورن ڦاڙيو هجي، تنهن جي چرٻي، ڪنهن ٻئي ڪم ۾ ڀلي آڻجو: پر کائجو اصل نہ.</verse>
				<verse number="25">ڇالاءِ تہ جنهن جانور کي ماڻهو خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ طور پيش ڪن، تنهن جي چرٻي جيڪو ماڻهو کائيندو، سو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="26">اوهين پنهنجن گهرن ۾ ڪنهن بہ قسم جو رت نہ کائجو، پوءِ اهو پکي جو هجي، توڙي جانور جو هجي.</verse>
				<verse number="27">جيڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جو رت کائيندو، سو ڪير بہ هوندو، تہ بہ اهو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="28">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="29">بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ جيڪو ماڻهو خداوند جي لاءِ، پنهنجي سلامتيءَ جي قرباني پيش ڪري، سو پاڻ پنهنجي سلامتيءَ جي قربانيءَ مان خداوند جي لاءِ قرباني آڻي:</verse>
				<verse number="30">هو پاڻ پنهنجن هٿن سان خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني آڻي؛ يعني چرٻي، سيني سميت کڻي اچي، تہ سينو لوڏيل قربانيءَ جي لاءِ لوڏيو وڃي.</verse>
				<verse number="31">۽ ڪاهن اها چرٻي قربانگاهہ تي رکي ساڙي: پر سينو هارون ۽ سندس پٽن جو ٿيندو.</verse>
				<verse number="32">۽ اوهين پنهنجيءَ سلامتيءَ جي قربانيءَ مان ساڄي ران، کڻڻ واري قرباني ڪري ڪاهن کي ڏجو.</verse>
				<verse number="33">هارون جي پٽن مان، جيڪو سلامتيءَ جي قربانيءَ جو رت ۽ چرٻي پيش ڪري، تنهن کي ساڄي ران حصي ۾ ملي.</verse>
				<verse number="34">ڇالاءِ جو مون بني اسرائيل جي سلامتيءَ جي قربانين مان، لوڏيل سينو ۽ مٿي کنيل ران، هارون ڪاهن ۽ سندس پٽن کي ڏنا آهن، ۽ اهو هنن جو حق بني اسرائيل تي هميشہ جي لاءِ رهندو.</verse>
				<verse number="35">اهو آهي هارون ۽ سندس پٽن جي مسح ٿيڻ جو حصو، جو خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانين مان، انهي ڏينهن مقرر ڪيو ويو، جنهن ڏينهن هو ڪهانت جي عهدي تي خداوند جي خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر ڪيا ويا:</verse>
				<verse number="36">يعني جنهن ڏينهن خداوند انهن کي مسح ڪرايو، تنهن ڏينهن انهي بابت حڪم ڏنائين، تہ بني اسرائيل کان اهو حصو کين ملندو رهي. اهو هنن جي سڀني پيڙهين ۾ سندن هميشہ جو حق آهي.</verse>
				<verse number="37">اهو آهي سوختني قربانيءَ، ۽ کاڌي جي قربانيءَ، ۽ گناهہ جي قربانيءَ، ۽ خطا جي قربانيءَ، مخصوصيت، ۽ سلامتيءَ جي قربانيءَ جو قاعدو؛</verse>
				<verse number="38">جنهن بابت خداوند موسيٰ کي سينا جبل تي انهي ڏينهن فرمايو، ۽ هن بني اسرائيل کي حڪم ڏنو، تہ سينا جي بيابان ۾ خداوند جي لاءِ پنهنجون قربانيون پيش ڪن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">تون هارون ۽ سندس پٽن کي پاڻ سان وٺي، ڪپڙا، ۽ مسح ڪرڻ جو تيل، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ وهڙو، ۽ ٻہ گهٽا، ۽ بي خميري مانين جي ٽوڪري کڻي؛</verse>
				<verse number="3">سڄيءَ جماعت کي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ گڏ ڪر.</verse>
				<verse number="4">سو موسيٰ ائين ئي ڪيو، جيئن ڪ خداوند حڪم ڏنو هوس؛ ۽ ساري جماعت اچي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ گڏ ٿي.</verse>
				<verse number="5">۽ موسيٰ جماعت کي چيو، تہ خداوند هن ڪم جي ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="6">پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن کي وٺي آيو، ۽ پاڻيءَ سان وهنجاريائين.</verse>
				<verse number="7">پوءِ هن کي پهراڻ پاتائين، ۽ ڪمربند ٻڌائينس، ۽ جبو ڍڪايائينس، ۽ مٿس اُفود وڌائين، ۽ اُفود وارو ڪاريگريءَ سان واڻيل ڪمربند بہ چيلهہ سان ٻڌائينس، ۽ انهي کي ٻڌي قابو ڪيائين.</verse>
				<verse number="8">۽ هن کي سينہ بند پاتائين: ۽ سينہ بند ۾ اُريم ۽ تميم بہ وڌائين.</verse>
				<verse number="9">۽ هن جي مٿي تي پڳڙي رکيائين؛ ۽ پڳڙيءَ جي مٿان اڳئين پاسي سوني پٽي، يعني پاڪ ڇٽ ٻڌائين: جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="10">پوءِ موسيٰ مسح ڪرڻ جو تيل کڻي، عبادت جي خيمي کي، ۽ جيڪي انهي ۾ هو، تنهن کي مسح ڪري پاڪ ڪيو.</verse>
				<verse number="11">۽ انهي مان ڪجهہ ست ڀيرا قربانگاهہ تي ڇاٽاريائين، ۽ قربانگاهہ ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي، ۽ حوض ۽ انهي جي صندليءَ کي، مسح ڪيائين تہ پاڪ ٿين.</verse>
				<verse number="12">۽ هن مسح ڪرڻ جي تيل مان ڪجهہ هارون جي مٿي تي اوتيو، ۽ انهي کي مسح ڪيائين تہ پاڪ ٿئي.</verse>
				<verse number="13">پوءِ موسيٰ هارون جي پٽن کي اڳيان آندو، ۽ کين پهراڻ پاتائين، ۽ ڪمربند ٻڌائين، ۽ ٽوپيون پاتائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="14">پوءِ هن گناهہ جي قربانيءَ وارو وهڙو آندو: ۽ هارون ۽ سندس پٽن پنهنجا هٿ انهي گناهہ جي قربانيءَ واري وهڙي جي مٿي تي رکيا.</verse>
				<verse number="15">پوءِ هن انهي وهڙي کي ذبح ڪيو؛ ۽ موسيٰ پنهنجيءَ آڱر سان رت کڻي قربانگاهہ جي سڱن تي چوڌاري لڳايو، ۽ قربانگاهہ کي پاڪ ڪيائين؛ ۽ باقي رت قربانگاهہ جي پاڙ تي اوتيائين، ۽ انهيءَ کي پاڪ ڪيائين، تہ انهيءَ جو ڪفارو ڏنو وڃي.</verse>
				<verse number="16">۽ آنڊن جي مٿان جيڪا چرٻي هئي، سا سڀ ۽ جيري جو پردو، ۽ ٻئي بڪيون، ۽ انهن جي چرٻي، اهي سڀ موسيٰ قربانگاهہ تي ساڙيا.</verse>
				<verse number="17">پر وهڙو ۽ انهي جي کل ۽ انهي جو گوشت، ۽ انهي جو ڇيڻو، اهي سڀ هن منزلگاهہ کان ٻاهر باهہ سان ساڙي ڇڏيا؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="18">پوءِ هن سوختني قربانيءَ جو گهٽو آڻي پيش ڪيو: ۽ هارون ۽ سندس پٽن گهٽي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکيا.</verse>
				<verse number="19">پوءِ هن انهي کي ذبح ڪيو؛ ۽ موسيٰ انهي جو رت قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاريو.</verse>
				<verse number="20">پوءِ هن گهٽي کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪيو: ۽ موسيٰ انهي جي سري، ۽ ٽڪر ۽ چرٻي ساڙي.</verse>
				<verse number="21">پوءِ هن آنڊا ۽ پاوا پاڻيءَ سان ڌوتا؛ ۽ موسيٰ سڄو گهٽو قربانگاهہ تي رکي ساڙيو: اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي سوختني قرباني هئي: جا باهہ سان ساڙبي آهي؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="22">۽ هن ٻيو گهيٽو بہ پيش ڪيو، يعني مخصوصيت جو گهٽو: ۽ هارون ۽ سندس پٽن، انهي گهٽي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکيا.</verse>
				<verse number="23">پوءِ هن انهي کي ذبح ڪيو؛ ۽ موسيٰ انهي جي رت مان ڪجهہ کڻي، هارون جي ساڄي ڪن جي پاپڙي تي، ۽ سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي، ۽ سندس ساڄي پير جي آڱوٺي تي لڳايو.</verse>
				<verse number="24">پوءِ هن هارون جي پٽن کي اڳيان آندو، ۽ موسيٰ ڪجهہ رت کڻي انهن جي ساڄي ڪن جي پاپڙي تي، ۽ سندن ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي، ۽ سندن ساڄي پير جي آڱوٺي تي لڳايو: باقي رت موسيٰ قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="25">پوءِ هن چرٻي، ۽ دنب، ۽ ٻي جيڪا چرٻي آنڊن تي هئي، ۽ جيري جو پردو، ۽ ٻئي بڪيون، ۽ انهن جي چرٻي، ۽ ساڄي ران کنئي:</verse>
				<verse number="26">۽ فطيري مانين جي ٽوڪري، جا خداوند جي حضور ۾ رکيل هئي، تنهن مان هڪڙي فطيري ماني، هڪڙو تيل ۾ ڳوهيل ڍوڍو، ۽ هڪڙي ٽڪي ڪڍيائين، ۽ اهي چرٻيءَ ۽ ساڄي ران جي مٿان رکيائين:</verse>
				<verse number="27">پوءِ هن اهي سڀ شيون هارون ۽ سندس پٽن جي هٿن تي رکيون، ۽ خداوند جي حضور ۾ لوڏي، لوڏڻ جي قرباني ڪيائين.</verse>
				<verse number="28">پوءِ موسيٰ اهي سڀ هنن جي هٿن مان وٺي، قربانگاهہ تي سوختني قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙيون: اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي مخصوصيت هئي، جا باهہ ۾ ساڙبي آهي.</verse>
				<verse number="29">پوءِ موسيٰ سينو کڻي لوڏڻ جي قربانيءَ لاءِ، خداوند جي حضور ۾ لوڏيو: اهو مخصوصيت واري گهٽي مان موسيٰ جو حصو هو؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="30">پوءِ موسيٰ مسح ڪرڻ جي تيل مان، ۽ قربانگاهہ تي پيل رت مان ڪجهہ کڻي هارون تي، ۽ سندس ڪپڙن تي، ۽ ساڻس گڏ سندس پٽن تي، ۽ انهن جي ڪپڙن تي ڇاٽاريو؛ ۽ هارون کي، ۽ سندس ڪپڙن کي، ۽ ساڻس گڏ سندس پٽن کي، ۽ انهن جي ڪپڙن کي پاڪ ڪيائين.</verse>
				<verse number="31">۽ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن کي چيو تہ هي گوشت جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ رڌيو: ۽ اهو مخصوصيت واريءَ ٽوڪريءَ ۾ پيل مانين سان گڏ، انهي ساڳئي هنڌ ويهي کائو: جيئن ڪ مون کي حڪم مليو هو، تہ هارون ۽ سندس پٽ اهو کائين.</verse>
				<verse number="32">۽ انهي گوشت ۽ مانين مان جيڪي بچي، سو اوهين باهہ سان ساڙي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="33">۽ اوهين ستن ڏينهن تائين، جماعت واري تنبوءَ جي در کان ٻاهر نہ وڃجو، جيسين ڪ اوهان جي مخصوصيت جا ڏينهن پورا ٿين: ڇالاءِ جو ستن ڏينهن تائين هو اوهان کي مخصوص ڪندو.</verse>
				<verse number="34">۽ خداوند حڪم ڏنو آهي، تہ جيئن اڄ ڪيو ويو آهي، تيئن ئي ڪندا رهو، تہ اوهان جي لاءِ ڪفارو ٿئي.</verse>
				<verse number="35">۽ اوهين ستن ڏينهن تائين، جماعت واري تنبوءَ جي در تي رات ڏينهن ويٺا رهجو، ۽ خداوند جي حڪم جي تعميل ڪجو، تہ مري نہ پئو: ڇالاءِ جو مون کي اهڙو ئي حڪم مليو آهي.</verse>
				<verse number="36">سو خداوند جيڪي حڪم موسيٰ جي معرفت ڏنا هئا، سي سڀ هارون ۽ سندس پٽن بجا آندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">۽ اٺين ڏينهن هيئن ٿيو، جو موسيٰ، هارون ۽ سندس پٽن کي، ۽ بني اسرائيل جي بزرگن کي پاڻ وٽ سڏيو؛</verse>
				<verse number="2">۽ هارون کي چيائين، تہ هڪڙو وهڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ۽ هڪڙو بي عيب گهٽو سوختني قربانيءَ لاءِ وٺ، ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ آڻي پيش ڪر.</verse>
				<verse number="3">۽ بني اسرائيل کي چئُہ تہ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو نر ٻڪر، ۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو ۽ هڪڙو گهٽو، جي ٻئي بي عيب ۽ يڪسالا هجن؛</verse>
				<verse number="4">۽ سلامتيءَ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ڏاند ۽ هڪڙو گهٽو، خداوند جي حضور ۾ قرباني چاڙهڻ لاءِ آڻي پيش ڪريو؛ ۽ تيل ۾ ڳوهيل کاڌي جي قرباني بہ آڻيو: ڇالاءِ جو اڄوڪي ڏينهن خداوند اوهان جي اڳيان ظاهر ٿيندو.</verse>
				<verse number="5">تڏهن هو موسيٰ جي حڪم موجب، سڀ ڪجهہ جماعت واري تنبوءَ جي اڳيان کڻي آيا: ۽ ساري جماعت ويجهو اچي خداوند جي حضور ۾ بيٺي.</verse>
				<verse number="6">۽ موسيٰ چيو، تہ جنهن ڪم ڪرڻ جو خداوند اوهان کي حڪم ڏنو آهي سو هي آهي: ۽ خداوند جو جلال اوهان تي ظاهر ٿيندو.</verse>
				<verse number="7">پوءِ موسيٰ هارون کي چيو تہ تون قربانگاهہ جي ويجهو وڃ، ۽ پنهنجي گناهہ جي قرباني، ۽ پنهنجي سوختني قرباني چاڙهہ، ۽ پنهنجي لاءِ ۽ اُمت جي لاءِ ڪفارو ڪر: ۽ اُمت جي قرباني چاڙهہ، ۽ انهيءَ جي لاءِ ڪفارو ڪر؛ جيئن ڪ خداوند فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="8">سو هارون قربانگاهہ وٽ ويو، ۽ گناهہ جي قربانيءَ وارو وهڙو جو سندس لاءِ هو، سو ذبح ڪيائين.</verse>
				<verse number="9">۽ هارون جي پٽن انهي جو رت آڻي وٽس حاضر ڪيو، ۽ هن پنهنجي آڱر رت ۾ ٻوڙي قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي، ۽ باقي رت قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏيائين؛</verse>
				<verse number="10">۽ انهيءَ گناهہ جي قربانيءَ مان چرٻي، ۽ بڪيون، ۽ جيري جو پردو ڪڍي قربانگاهہ تي رکي ساڙيائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="11">۽ گوشت ۽ کل منزلگاهہ کان ٻاهر باهہ ۾ ساڙي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="12">پوءِ هن سوختني قرباني ذبح ڪئي؛ ۽ هارون جي پٽن انهي جو رت آڻي کيس ڏنو، ۽ هن اهو قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاريو.</verse>
				<verse number="13">پوءِ هنن سوختني قرباني ٽڪر ٽڪر ڪري، سري سميت کيس ڏني: ۽ هن اُهي قربانگاهہ تي رکي ساڙيا.</verse>
				<verse number="14">پوءِ هن آنڊا ۽ پاوا ڌوتا، ۽ انهن کي قربانگاهہ تي سوختني قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙيائين.</verse>
				<verse number="15">پوءِ هن اُمت جي قرباني آڻي حاضر ڪئي، ۽ جيڪو ٻڪر اُمت جي لاءِ گناهہ جي قرباني هو، سو آڻي ذبح ڪيائين، ۽ پهرئين وانگر انهي کي گناهہ جي لاءِ پيش ڪيائين.</verse>
				<verse number="16">پوءِ هن سوختني قرباني آڻي حاضر ڪئي، ۽ حڪم موجب اها چاڙهيائين.</verse>
				<verse number="17">پوءِ هن کاڌي جي قرباني پيش ڪئي، ۽ انهيءَ مان پنهنجي مٺ ڀري، صبح واري سوختني قربانيءَ جي ڀرسان، اها قربانگاهہ تي رکي ساڙيائين.</verse>
				<verse number="18">۽ اُمت جي لاءِ سلامتيءَ جي قرباني طور، جيڪو ڏاند ۽ گهٽو هو، تن کي بہ هن ذبح ڪيو: ۽ هارون جي پٽن انهن جو رت آڻي کيس ڏنو ۽ هن اهو قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاريو،</verse>
				<verse number="19">۽ ڏاند جي چرٻي، ۽ گهٽي جي چرٻي، دنب ۽ آنڊن جي مٿان جيڪا چرٻي هئي، ۽ بڪيون ۽ جيري جو پردو، اهي سڀ ڪڍي ڇڏيائين،</verse>
				<verse number="20">۽ هنن اها چرٻي سينن تي رکي، پوءِ هن چرٻي قربانگاهہ تي رکي ساڙي:</verse>
				<verse number="21">۽ هارون سينا ۽ ساڄي ران کڻي، لوڏڻ جي قربانيءَ لاءِ خداوند جي حضور ۾ لوڏيا؛ جيئن ڪ موسيٰ فرمايو هو.</verse>
				<verse number="22">۽ هارون پنهنجا هٿ ماڻهن ڏانهن کڻي، کين برڪت ڏني: ۽ هو گناهہ جي قرباني، ۽ سوختني قرباني، ۽ سلامتيءَ جي قرباني چاڙهي هيٺ لٿو.</verse>
				<verse number="23">پوءِ موسيٰ ۽ هارون جماعت واري تنبوءَ ۾ ويا، ۽ اتان ٻاهر اچي ماڻهن کي برڪت ڏنائون: ۽ خداوند جو جلال سڀني ماڻهن تي ظاهر ٿيو.</verse>
				<verse number="24">۽ خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ قربانگاهہ تي جيڪا سوختني قرباني ۽ چرٻي رکيل هئي، تنهن کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيائين: ۽ جڏهن سڀني ماڻهن اهو حال ڏٺو، تڏهن نعرا هڻي سجدو ڪيائون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">۽ هارون جي پٽن ندب ۽ ابيهو پنهنجو پنهنجو لوبان دان کڻي، انهي تي ٽانڊا رکيا، ۽ انهن جي مٿان لوبان وڌائون، ۽ خداوند جي حضور ۾ اهڙي باهہ پيش ڪيائون، جنهن جو هن حڪم ڪونہ ڏنو هون.</verse>
				<verse number="2">ائين ڪرڻ ڪري خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي، ۽ انهن کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيائين، ۽ اهي خداوند جي روبرو مري ويا.</verse>
				<verse number="3">تڏهن موسيٰ هارون کي چيو تہ، هيءَ اها ئي ڳالهہ آهي جا خداوند فرمائي هئي، تہ جيڪي منهنجي ويجهو ايندا، تن ۾ آءٌ پاڪ سمجهيو ويندس، ۽ سڀني ماڻهن جي اڳيان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو: ۽ هارون ماٺ ڪري بيهي رهيو.</verse>
				<verse number="4">پوءِ موسيٰ، هارون جي چاچي عزي ايل جي پٽن، ميساايل ۽ الضفن کي سڏي چيو، تہ اوهين ويجها اچو، ۽ پنهنجي ڀائرن کي پاڪ مڪان مان ڪڍي منزلگاهہ کان ٻاهر کڻي وڃو.</verse>
				<verse number="5">سو هو ويجها آيا، ۽ موسيٰ جي چوڻ موجب انهن کي سندن ڪپڙن ۾ کڻي منزلگاهہ کان ٻاهر ڪڍي ويا.</verse>
				<verse number="6">۽ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو، تہ اوهين پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙيو، ۽ نڪي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيو؛ متان اوهين مري وڃو، ۽ متان هو ساريءَ جماعت تي ڪاوڙجي: پر اوهان جا ڀائر، يعني اسرائيل جو سڄو گهراڻو، ڀلي تہ انهن جي لاءِ جن کي خداوند ساڙيو آهي ماتم ڪن.</verse>
				<verse number="7">پر اوهين جماعت واري تنبوءَ جي در کان ٻاهر نہ وڃو، متان اوهين مري وڃو: ڇالاءِ جو خداوند جو مسح ڪرڻ جو تيل اوهان تي لڳل آهي. سو هنن موسيٰ جي چوڻ موجب عمل ڪيو.</verse>
				<verse number="8">۽ خداوند هارون کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="9">جڏهن اوهين جماعت واري تنبوءَ ۾ داخل ٿيو، تڏهن شراب يا ڪا ٻي نشي واري شيءِ متان پيو، نڪي تون، نڪي تنهنجا پٽ، متان اوهين مري پئو: اهو اوهانجين پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون ٿيندو:</verse>
				<verse number="10">تہ اوهين پاڪ ۽ رواجي شين جي وچ ۾، ۽ حلال ۽ حرام جي وچ ۾ فرق معلوم ڪريو؛</verse>
				<verse number="11">۽ اوهين بني اسرائيل کي اهي سڀ قانون سيکاريو، جي خداوند موسيٰ جي هٿان کين ٻڌايا آهن.</verse>
				<verse number="12">پوءِ موسيٰ هارون کي، ۽ سندس باقي رهيل پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو، تہ خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ مان جيڪا کاڌي جي قرباني بچي آهي، سا کڻي قربانگاهہ جي ڀرسان ويهي، بنا خمير جي کائو: ڇالاءِ جو اهو تمام پاڪ آهي:</verse>
				<verse number="13">۽ اها اوهين ڪنهن پاڪ جاءِ ۾ کائجو، ڇو تہ خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ مان اهو تنهنجو ۽ تنهنجي پٽن جو حق آهي: ۽ مون کي اهڙو ئي حڪم مليو آهي.</verse>
				<verse number="14">۽ لوڏيل سينو ۽ مٿي کنيل ران بہ اوهين ڪنهن صاف جاءِ ۾ کائجو: تون، ۽ تنهنجا پٽ، ۽ تنهنجون ڌيئر جي تو سان گڏ هجن: ڇالاءِ جو اهو تنهنجو ۽ تنهنجي پٽن جو حق آهي، جو بني اسرائيل جي سلامتيءَ جي قربانين مان اوهان کي ڏنو ويو آهي.</verse>
				<verse number="15">مٿي کنيل ران ۽ لوڏيل سينو باهہ سان ساڙڻ وارين قربانين جي چرٻيءَ سان گڏ آندو وڃي، تہ اهي خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قربانيءَ لاءِ لوڏيا وڃن: اهو هميشہ جي لاءِ تنهنجو ۽ توسان گڏ تنهنجي پٽن جو حق ٿيندو؛ جيئن ڪ خداوند فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="16">پوءِ موسيٰ گناهہ جي قربانيءَ واري ٻڪر جي گهڻي پڇا ڪئي، ۽ ڏٺائين تہ اُهو اڳيئي سڙي ويو آهي: تنهنڪري هارون جا پٽ اليعزر ۽ اتمر، جي باقي بچيا هئا، تن تي هو ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ چيائين، تہ</verse>
				<verse number="17">اوهان گناهہ جي قرباني پاڪ جاءِ ۾ ويهي ڇو نہ کاڌي، جنهن صورت ۾ اها تمام پاڪ آهي، ۽ خداوند اوهان کي انهي لاءِ ڏني آهي، تہ اوهين جماعت جو گناهہ کڻي، خداوند جي حضور ۾ انهي جي لاءِ ڪفارو ڪريو؟</verse>
				<verse number="18">ڏسو انهي جو رت، پاڪ مڪان ۾ ڪونہ آندو ويو هو: اوهان کي گهربو هو تہ اها ضرور ڪنهن پاڪ جاءِ ۾ کائو ها، جيئن ڪ مون حڪم ڏنو هو.</verse>
				<verse number="19">تڏهن هارون موسيٰ کي چيو، تہ ڏس، اڄ ئي هنن خداوند جي حضور ۾ پنهنجي گناهہ جي قرباني ۽ پنهنجي سوختني قرباني چاڙهي آهي؛ ۽ مون تي اهڙا حادثا ٿي گذريا آهن: ۽ جيڪڏهن آءٌ اڄ اها گناهہ جي قرباني کاوان ها، تہ اها خداوند جي نظر ۾ قبول پوي ها ڇا؟</verse>
				<verse number="20">۽ موسيٰ اها ڳالهہ ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ</verse>
				<verse number="2">اوهين بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئو، تہ زمين جي سڀني جانورن مان جيڪي ساهوارا اوهان کي کائڻ روا آهن، سي هي آهن:</verse>
				<verse number="3">جانورن مان جن جا کر چيريل آهن، يا ڦاٽل پيرن وارا آهن، يا اوڳارين ٿا، سي سڀ اوهين کائجو.</verse>
				<verse number="4">پر انهن مان جيڪي اوڳارين ٿا پر سندن کر چيريل نہ آهن، سي نہ کائجو: جيئن تہ اُٺ، ڇالاءِ تہ اهو اوڳاري ٿو، پر هن جا کر چيريل نہ آهن، تنهنڪري اهو اوهان جي لاءِ حرام آهي.</verse>
				<verse number="5">۽ جهنگلي نور، ڇالاءِ جو اهو بہ اوڳاري ٿو، پر هنجا کر چيريل نہ آهن، تنهنڪري اهو اوهانجي لاءِ حرام آهي.</verse>
				<verse number="6">يا سهو ڇالاءِ جو اهو اوڳاري ٿو، پر هنجا کر چيريل نہ آهن، تنهنڪري اهو اوهانجي لاءِ حرام آهي</verse>
				<verse number="7">۽ سوئر، ڇالاءِ جو انهي جا کر چيريل آهن ۽ پير ٻہ ڦاڪا اٿس، پر هو اوڳاري نٿو، تنهنڪري اهو اوهان جي لاءِ حرام آهي.</verse>
				<verse number="8">انهي جو گوشت اوهين نہ کائجو، نڪي انهن جي مڙهن کي هٿ لائجو؛ اهي اوهان جي لاءِ ناپاڪ آهن.</verse>
				<verse number="9">۽ پاڻيءَ جي ساهوارن مان جيڪي اوهان کي کائڻ روا آهن سي هي آهن: پاڻيءَ ۾ رهڻ وارن مان جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلر آهن، سي اوهين کائجو، پوءِ اهي سمنڊن ۾ هجن توڙي ندين ۾ هجن.</verse>
				<verse number="10">پر سمنڊن ۾ توڙي ندين ۾ جيڪي ساهوارا رهن ٿا، تن مان جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلر نہ آهن، ۽ ٻيا جيڪي جانور پاڻيءَ ۾ ٿا رهن، سي اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن.</verse>
				<verse number="11">اهي اوهان جي لاءِ مڪروهہ ٿيندا؛ اوهين انهن جي گوشت مان ڪجهہ بہ نہ کائجو، ۽ انهن جي مڙهن کان ڪراهت ڪجو.</verse>
				<verse number="12">پاڻيءَ ۾ رهڻ وارن مان جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلر نہ آهن، سي سڀ اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن.</verse>
				<verse number="13">۽ پکين مان هي اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن؛ اهي کائڻ ۾ نہ اچن: يعني عقاب، باز ۽ ڪُريل؛</verse>
				<verse number="14">سرڻ، ۽ شِڪرن جا سڀ قسم؛</verse>
				<verse number="15">سڀني قسمن جا ڪانگ؛</verse>
				<verse number="16">شترمرغ، رات شِڪرو، بحري باز، ۽ بازن جا سڀ قسم؛</verse>
				<verse number="17">چٻرو، ڪنگ، ۽ چٻ؛</verse>
				<verse number="18">راڄ هنس، پيڻ، ۽ ڳجهہ؛</verse>
				<verse number="19">لقلق ۽ ٻگهن جا سڀ قسم، چنڊول ۽ چمڙو: اهي مڪروهہ آهن.</verse>
				<verse number="20">۽ جيڪي کنڀن وارا سرندڙ جيت آهن، جي چئن پيرن تي ٿا هلن، سي سڀ اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن.</verse>
				<verse number="21">انهي هوندي بہ کنڀن وارن جيتن مان، جيڪي چئن پيرن تي هلن ٿا ۽ جن کي پيرن جي مٿان ٽنگون آهن، جن جي وسيلي هو زمين تي ٽپن ٿا، تن مان هي اوهين کائجو:</verse>
				<verse number="22">يعني مڪڙن جا سڀ قسم، ۽ ننڍڙين تڏين جا سڀ قسم، ۽ وڏن تڏن جا سڀ قسم.</verse>
				<verse number="23">پر ٻيا سڀ کنڀن وارا جيت جن کي چار پير آهن، سي اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن.</verse>
				<verse number="24">۽ جن شين جي ڪري اوهين ناپاڪ ٿيندا، سي هي آهن: جيڪو مڙهہ کي ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو؛</verse>
				<verse number="25">۽ جيڪو مڙهہ جي ڪا شيءِ کڻندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.</verse>
				<verse number="26">سڀ ڪو جانور جن جا کر چيريل آهن، پر پير ڦاٽل نہ اٿس، ۽ نڪي اوڳاري ٿو، سو اوهان جي لاءِ حرام آهي: جيڪو انهن کي ڇهندو سو ناپاڪ ٿيندو.</verse>
				<verse number="27">۽ جيڪي جانور چئن پيرن تي هلن ٿا، تن سڀني مان جيڪي پنهنجن چنبن تي ٿا هلن، سي اوهان جي لاءِ حرام آهن: جيڪو انهن جي مڙهہ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.</verse>
				<verse number="28">۽ جيڪو انهن جي مڙهہ کي کڻندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ اُهو شام تائين ناپاڪ رهندو: اهي اوهان جي لاءِ حرام آهن.</verse>
				<verse number="29">۽ سرندڙ جيتن مان، جيڪي زمين تي سرندا آهن، تن مان جيڪي اوهان جي لاءِ ناپاڪ آهن: سي هي آهن؛ نور، ڪوئو، ۽ ڳوهہ جا سڀ قسم،</verse>
				<verse number="30">چچي، واڳون، سانڊو، ريگماهي ۽ گرگٽان.</verse>
				<verse number="31">سرندڙ جيتن مان اهي اوهان جي لاءِ ناپاڪ آهن: جيڪو انهن جي مڙهہ کي ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو:</verse>
				<verse number="32">۽ اهي مرڻ کان پوءِ جنهن شيءِ تي ڪرندا، سا ناپاڪ ٿيندي: پوءِ کڻي اهو ڪاٺ جو ٿانو هجي، يا ڪپڙو هجي، يا کل هجي، يا ٻورو هجي، مطلب تہ ڪنهن بہ ڪم ۾ ايندڙ ڪهڙو بہ ٿانو هجي، تہ انهي کي پاڻيءَ ۾ وجهڻ گهرجي، ۽ اهو شام تائين ناپاڪ رهندو؛ ۽ پوءِ پاڪ ٿيندو.</verse>
				<verse number="33">۽ جنهن ٺڪر جي ٿانو ۾ انهن مان ڪي ڪرندو تہ انهي ۾ جيڪي بہ پيل هوندو، سو ناپاڪ ٿيندو، ۽ انهي ٿانو کي ڀڃي ڇڏجو.</verse>
				<verse number="34">۽ انهي ۾ جيڪو کائڻ جهڙو کاڌو هوندو، جنهن ۾ پاڻي پيل هوندو، سو ناپاڪ ٿيندو: ۽ اهڙي ٿانو ۾ جيڪو پيئڻ جهڙو پاڻي هوندو سو ناپاڪ ٿيندو.</verse>
				<verse number="35">۽ جنهن بہ شيءِ تي انهن جي مڙهن جو ڪو ڀاڱو پوندو، سا ناپاڪ ٿيندي؛ پوءِ جي اهو تنور هجي، توڙي ديڳڙن جا چلها هجن، تہ اهي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏجن: اهي ناپاڪ آهن ۽ اوهان جي لاءِ ناپاڪ رهندا.</verse>
				<verse number="36">انهي هوندي بہ ڪو چشمو يا تلاءُ جنهن ۾ گهڻو پاڻي هجي، سي پاڪ رهندا: پر جيڪو اُنهن جي مڙهہ کي ڇهندو، سو ناپاڪ ٿيندو.</verse>
				<verse number="37">۽ جيڪڏهن انهن جي مڙهہ مان ڪجهہ اهڙي ٻج تي ڪري، جو ٻنيءَ ۾ پوکڻو هجي، تہ اهو ٻج پاڪ رهندو.</verse>
				<verse number="38">پر اهو ٻج جنهن تي پاڻي پيل هجي، ۽ پوءِ انهن جي مڙهہ مان ڪجهہ انهي تي ڪري، تہ اهو ٻج اوهان جي لاءِ ناپاڪ ٿيندو.</verse>
				<verse number="39">۽ جيڪي جانور اوهان جي لاءِ حلال آهن، تن مان جيڪڏهن ڪو مري پوي؛ تہ جيڪو انهي جي مڙهہ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.</verse>
				<verse number="40">۽ جيڪو انهي جو مردار کائيندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو: ۽ جيڪو انهي جي مڙهہ مان ڪجهہ کڻندو سو بہ پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.</verse>
				<verse number="41">۽ سڀ ڪو سرندڙ جيت، جو زمين تي سري ٿو، سو مڪروهہ آهي ۽ کائڻ روا نہ آهي.</verse>
				<verse number="42">جيڪو بہ جيت پيٽ ڀر ٿو هلي، يا جيڪو چئن يا گهڻن پيرن تي ٿو هلي، يا جنهن کي گهڻا پير آهن، مطلب تہ سڀ سرندڙ جيت، جي زمين تي سرن ٿا، سي اوهين نہ کائجو؛ ڇالاءِ جو اهي مڪروهہ آهن.</verse>
				<verse number="43">جيڪي بہ سرندڙ جيت سري ٿا هلن، تن سان اوهين پاڻ کي مڪروهہ نہ ڪجو، متان اوهين پليت ٿي پئو.</verse>
				<verse number="44">ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان: تنهنڪري اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو، ۽ مقدس ٿيو؛ ڇو تہ آءٌ پاڪ آهيان. جيڪو بہ سرندڙ جيت زمين تي سري ٿو، تنهن سان اوهين پاڻ کي پليت نہ ڪجو:</verse>
				<verse number="45">ڇالاءِ جو آءٌ اهو خداوند آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي، انهي لاءِ تہ آءٌ اوهان جو خدا ٿيان: تنهنڪري اوهين پاڪ ٿيو، ڇو تہ آءٌ پاڪ آهيان.</verse>
				<verse number="46">اهو آهي قاعدو جو جانورن، ۽ پکين، ۽ پاڻيءَ ۾ رهندڙ سڀني ساهوارن، ۽ زمين تي سرندڙ سڀني جيتن بابت آهي:</verse>
				<verse number="47">انهي لاءِ تہ پاڪ ۽ ناپاڪ جي وچ ۾، ۽ حلال ۽ حرام جي وچ ۾ فرق معلوم ٿئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">تون بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ جيڪڏهن ڪا زال حاملہ ٿئي، ۽ پٽ ڄڻي، تہ اها ست ڏينهن ناپاڪ رهندي، جهڙيءَ طرح هوءَ پنهنجي ماهواريءَ جي ڏينهن ۾ ناپاڪ رهندي آهي.</verse>
				<verse number="3">۽ اٺين ڏينهن انهي ڇوڪر جي بدن جي کل جو ختنو ڪيو وڃي.</verse>
				<verse number="4">۽ اها زال پنهنجي پاڪ ٿيڻ تائين ٽيٽيهہ ڏينهن ڇِلي ۾ رهي؛ ۽ جيستائين سندس پاڪ ٿيڻ جا ڏينهن پورا نہ ٿين، تيستائين ڪنهن بہ شيءِ کي هٿ نہ لائي، نڪي پاڪ مڪان ۾ اچي.</verse>
				<verse number="5">پر جي هوءَ ڌيءَ ڄڻي تہ هوءَ ٻہ هفتا ناپاڪ رهندي، جيئن هوءَ پنهنجي ماهواريءَ جي ڏينهن ۾ رهندي آهي: ۽ ڇاهٺ ڏينهن ڇِلي ۾ رهي.</verse>
				<verse number="6">پوءِ جڏهن سندس پاڪ ٿيڻ جا ڏينهن پورا ٿين، تڏهن پٽ جي لاءِ توڙي ڌيءَ جي لاءِ، هڪڙو يڪسالو گهيٽو سوختني قربانيءَ لاءِ، ۽ هڪڙو ڪبوتر جو ٻچو يا هڪڙو ڳيرو، گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، جماعت واري تنبوءَ جي در تي ڪاهن وٽ کڻي اچي:</verse>
				<verse number="7">۽ هوءَ خداوند جي حضور ۾ اها قرباني چاڙهي ۽ هن جي لاءِ ڪفارو ڪري؛ تہ پوءِ هوءَ پنهنجي رت وهڻ مان پاڪ ٿيندي. اهو قاعدو ويم واريءَ زال جي واسطي آهي، پوءِ هن جو ٻار پٽ هجي توڙي ڌيءَ هجي.</verse>
				<verse number="8">پر جي انهيءَ زال کي گهيٽي جيتري وسعت نہ هجي، تہ پوءِ هوءَ ٻہ ڳيرا يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا آڻي؛ هڪڙو سوختني قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ڪري تہ پوءِ هوءَ پاڪ ٿيندي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">۽ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ</verse>
				<verse number="2">جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي بت جي کل تي سوڄ يا ڏڍ يا ڪو چمڪندڙ داغ ٿئي، ۽ اُهو سندس بت جي کل تي ڪوڙهہ جو مرض ٿي پوي، تہ انهي کي هارون ڪاهن وٽ يا سندس پٽن، جي ڪاهن آهن، تن مان هڪڙي وٽ آندو وڃي:</verse>
				<verse number="3">۽ اهو ڪاهن هن جي بت جي کل تي ٿيل مرض کي چڪاسي: ۽ جيڪڏهن انهي مرض واري هنڌ جا وار اڇا ٿي ويا هجن، ۽ جيڪڏهن اهو مرض هن جي بت جي کل کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي، تہ اهو ڪوڙهہ جو مرض آهي: ۽ ڪاهن انهي کي ڏسي کيس ناپاڪ ٺهرائي.</verse>
				<verse number="4">۽ جيڪڏهن هن جي بت جي کل تي اهو چمڪندڙ داغ اڇو هجي، پر اهو مرض هن جي بت جي کل کان اونهو ڏسڻ ۾ نہ اچي، ۽ انهي جا وار بہ اڇا نہ ٿيا هجن، تہ پوءِ ڪاهن اهڙي مرض واري ماڻهوءَ کي ست ڏينهن بند ڪري ويهاري:</verse>
				<verse number="5">۽ ستين ڏينهن ڪاهن هن کي چڪاسي؛ ۽ ڏسو، جيڪڏهن سندس نظر ۾ اهو مرض هڪڙي ئي هنڌ بيٺل هجي، ۽ مرض کل تي پکڙيو نہ هجي، تہ پوءِ ڪاهن انهي کي وري ٻيا بہ ست ڏينهن بند ڪري وهاري:</verse>
				<verse number="6">۽ وري ستين ڏينهن ڪاهن هن کي چڪاسي؛ ۽ ڏسو، جيڪڏهن اهو مرض جو داغ ٿورو جهڪو ٿيو هجي، ۽ مرض کل تي پکڙيو نہ هجي، تہ پوءِ ڪاهن انهي ماڻهوءَ کي پاڪ ٺهرائي: اها ڏڍ آهي: ۽ هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي پاڪ ٿئي.</verse>
				<verse number="7">پر جي ڪاهن جي ڏسڻ ۽ پاڪ ٺهرائڻ کان پوءِ اها ڏڍ کل تي گهڻي وڌي وڃي، تہ پوءِ هو وري بہ ڪاهن وٽ وڃي پاڻ ڏيکاري:</verse>
				<verse number="8">۽ ڪاهن انهي کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جي ڏڍ کل تي پکڙجي ويئي هجي، تہ پوءِ ڪاهن هن کي ناپاڪ ٺهرائي: اهو ڪوڙهہ آهي.</verse>
				<verse number="9">جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪوڙهہ جو مرض ٿئي، تہ انهي کي ڪاهن وٽ آندو وڃي؛</verse>
				<verse number="10">۽ ڪاهن هن کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جيڪڏهن کل تي اڇي سوڄ هجي، ۽ انهي جا وار اڇا ٿي ويا هجن، ۽ سوڄ واري هنڌ جو ماس نرم ۽ جيئرو هجي،</verse>
				<verse number="11">تہ اهو هن جي بت جي کل ۾ جهونو ڪوڙهہ آهي، ۽ ڪاهن هن کي ناپاڪ ٺهرائي: هو انهي کي بند نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو هو ناپاڪ آهي.</verse>
				<verse number="12">پر جيڪڏهن ڪوڙهہ هن جي کل تي پورو پکڙجي ويو هجي، ۽ مريض جي سڄي بت جي کل تي مٿي کان پيرن تائين جيڪو هنڌ ڪاهن ڏسي سگهي، تنهن تي ڪوڙهہ پکڙجي ويو هجي؛</verse>
				<verse number="13">تہ پوءِ ڪاهن هن کي چڪاسي: ۽ ڏسو، جيڪڏهن ڪوڙهہ هن جي سڄي بت تي پکڙجي ويو هجي، تہ هو انهيءَ مريض کي پاڪ ٺهرائي؛ ڇالاءِ جو هو سڄو ئي اڇو ٿي ويو آهي: ۽ هو پاڪ آهي.</verse>
				<verse number="14">پر جنهن وقت هن ۾ نرم ماس ظاهر ٿئي، تنهن وقت هو ناپاڪ ٿيندو.</verse>
				<verse number="15">ڪاهن انهي ماس کي چڪاسي، ۽ هن کي ناپاڪ ٺهرائي: نرم ماس ناپاڪ آهي: اهو ڪوڙهہ آهي.</verse>
				<verse number="16">پر جي اهو نرم ماس بدلجي اڇو ٿي پوي، تہ هو وري ڪاهن وٽ اچي،</verse>
				<verse number="17">۽ ڪاهن هن کي چڪاسي: ۽ ڏسو، جي اهو مرض وارو هنڌ بدلجي اڇو ٿي ويو هجي، تہ پوءِ ڪاهن انهي مريض کي پاڪ ٺهرائي: ڇو تہ هو پاڪ آهي.</verse>
				<verse number="18">۽ جيڪڏهن ڪنهن جي بت جي کل تي ڪا ڦرڙي هجي، ۽ اها ڇٽي ويئي هجي،</verse>
				<verse number="19">۽ ڦرڙي واري جاءِ تي ڪا اڇي سوڄ هجي، يا ڪو اڇو ڳاڙهيرو چمڪندڙ داغ هجي، تہ اهو ڪاهن کي ڏيکاريو وڃي؛</verse>
				<verse number="20">۽ ڪاهن هن کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جيڪڏهن اهو هنڌ کل کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي، ۽ انهي هنڌ جا وار بہ اڇا ٿي ويا هجن تہ ڪاهن انهي کي ناپاڪ ٺهرائي: اهو ڪوڙهہ جو مرض آهي، جو ڦرڙيءَ مان پيدا ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="21">پر جيڪڏهن ڪاهن هن کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جي انهي هنڌ جا وار اڇا نہ ٿيا هجن، ۽ اهو هنڌ کل کان اونهو بہ نہ هجي، تہ پوءِ ڪاهن هن کي ست ڏينهن بند ڪري ويهاري؛</verse>
				<verse number="22">۽ جيڪڏهن اهو کل تي پکڙجي پوي، تہ پوءِ ڪاهن انهي کي ناپاڪ ٺهرائي: اهو مرض آهي.</verse>
				<verse number="23">پر جيڪڏهن اهو چمڪندڙ داغ پنهنجيءَ جاءِ تي بيٺو هجي، ۽ پکڙيو نہ هجي، تہ اهو ڦرڙيءَ جو داغ آهي؛ ۽ ڪاهن انهي کي پاڪ ٺهرائي.</verse>
				<verse number="24">يا جڏهن ڪنهن جي بت جي کل تي باهہ ۾ سڙڻ جي ڪري داغ ٿيو هجي، ۽ سڙيل هنڌ جو جيئرو ماس ڳاڙهيرو اڇو، يا صفا اڇو ٿي پوي؛</verse>
				<verse number="25">تہ پوءِ ڪاهن هن کي چڪاسي: ۽ ڏسو، جي انهي چمڪندڙ داغ جا وار اڇا ٿي ويا هجن، ۽ اهو مرض کل کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي، تہ اهو ڪوڙهہ آهي، جو سڙڻ جي ڪري پيدا ٿيو آهي: ۽ ڪاهن انهي کي ناپاڪ ٺهرائي: اهو ڪوڙهہ جو مرض آهي.</verse>
				<verse number="26">پر جيڪڏهن ڪاهن هن کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جي انهي چمڪندڙ داغ جا وار اڇا نہ ٿيا هجن، ۽ اهو هنڌ کل کان اونهو نہ هجي، ۽ جهڪو هجي؛ تہ پوءِ ڪاهن هن کي ست ڏينهن بند ڪري ويهاري:</verse>
				<verse number="27">۽ ستين ڏينهن ڪاهن هن کي چڪاسي: جي اهو کل تي وڌيڪ پکڙيو هجي، تہ ڪاهن انهي کي ناپاڪ ٺهرائي: اهو ڪوڙهہ جو مرض آهي.</verse>
				<verse number="28">پر جيڪڏهن چمڪندڙ داغ پنهنجيءَ جاءِ تي بيٺو هجي، ۽ کل تي پکڙيو نہ هجي، پر ٿورو جهڪو ٿيو هجي؛ تہ اهو سڙڻ جو نشان آهي، ۽ ڪاهن انهي کي پاڪ ٺهرائي؛ ڇالاءِ جو اهو فقط سڙڻ جو داغ آهي.</verse>
				<verse number="29">جيڪڏهن ڪنهن مرد يا زال کي مٿي ۾ يا ڏاڙهي تي مرض هجي،</verse>
				<verse number="30">تہ ڪاهن انهي مرض کي چڪاسي: ۽ ڏسو جي اهو مرض کل کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي، ۽ انهي ۾ پيلا سنها وار هجن، تہ پوءِ ڪاهن انهي کي ناپاڪ ٺهرائي: اهو پت آهي: اهو مٿي جو يا ڏاڙهيءَ جو ڪوڙهہ آهي.</verse>
				<verse number="31">پر جيڪڏهن ڪاهن انهي پت جي مرض کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جي اهو مرض کل کان اونهو ڏسڻ ۾ نہ اچي، ۽ انهي ۾ ڪارا وار نہ هجن، تہ ڪاهن انهي پت جي مرض واري کي ست ڏينهن بند ڪري ويهاري:</verse>
				<verse number="32">۽ ستين ڏينهن ڪاهن انهي مرض کي چڪاسي: ۽ ڏسو، جيڪڏهن اهو پت پکڙيو نہ هجي، ۽ انهي ۾ پيلا وار بہ نہ هجن، ۽ پت کل کان اونهو بہ نہ هجي،</verse>
				<verse number="33">تہ هن جا وار ڪوڙائجن، مگر پت وارو هنڌ نہ ڪوڙائجي؛ ۽ ڪاهن اهڙي پت واري ماڻهوءَ کي ٻيا بہ ست ڏينهن بند ڪري ويهاري:</verse>
				<verse number="34">۽ ستين ڏينهن ڪاهن انهي پت کي چڪاسي: ۽ ڏسو، جيڪڏهن پت کل تي پکڙيو نہ هجي ۽ اهو کل کان اونهو ڏسڻ ۾ نہ اچي، تہ پوءِ ڪاهن انهي کي پاڪ ٺهرائي: ۽ هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي پاڪ ٿئي.</verse>
				<verse number="35">پر جي هن جي پاڪ ٿيڻ کان پوءِ پت کل تي پکڙجي وڃي؛</verse>
				<verse number="36">تہ پوءِ ڪاهن هن کي چڪاسي: ۽ ڏسو، جيڪڏهن پت کل تي پکڙجي ويو هجي، تہ پوءِ ڪاهن پيلن وارن جي ڳولا نہ ڪري؛ اهو ناپاڪ آهي.</verse>
				<verse number="37">پر جيڪڏهن هو ڏسي تہ پت اتي جو اتي بيٺو آهي، ۽ منجهس ڪارا وار ڄمي ويا آهن: تہ پت ڇٽي ويو آهي، ۽ هو پاڪ آهي: پوءِ ڪاهن انهي کي پاڪ ٺهرائي.</verse>
				<verse number="38">۽ جڏهن ڪنهن مرد يا زال کي سندس بت جي کل تي چمڪندڙ داغ هجن، يعني اڇا چمڪندڙ داغ هجن؛</verse>
				<verse number="39">تہ ڪاهن اهي چڪاسي: ۽ ڏسو، جيڪڏهن هن جي بت جي کل وارا داغ جهڪا اڇا هجن؛ تہ اهو لسڻ آهي؛ جو کل ۾ نڪتو آهي؛ اهو پاڪ آهي.</verse>
				<verse number="40">۽ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي مٿي جا وار کُسي ويا هجن، تہ هو گنجو آهي؛ پر هو پاڪ آهي.</verse>
				<verse number="41">۽ جيڪڏهن هن جا وار سندس مٿي جي اڳئين پاسي تان کسي ويا هجن، تہ اهو گنجي پيشانيءَ وارو آهي؛ تہ بہ هو پاڪ آهي؛</verse>
				<verse number="42">پر جيڪڏهن انهي گنجي مٿي تي، يا گنجيءَ پيشانيءَ تي، ڳاڙهيرو اڇو مرض هجي؛ تہ اهو ڪوڙهہ آهي، جو هن جي گنجي مٿي تي، يا گنجي پيشانيءَ تي نڪتو آهي.</verse>
				<verse number="43">پوءِ ڪاهن هن کي چڪاسي: ۽ ڏسو، جيڪڏهن اهو مرض وارو داغ هن جي گنجي مٿي تي يا گنجي پيشانيءَ تي ڳاڙهيرو اڇو هجي، جيئن ڪوڙهہ بت جي کل تي ڏسڻ ۾ ايندو آهي:</verse>
				<verse number="44">تہ اهو ماڻهو ڪوڙهيو آهي، ۽ ناپاڪ آهي، ۽ ڪاهن ضرور انهي کي ناپاڪ ٺهرائي؛ هن جو مرض سندس مٿي ۾ آهي.</verse>
				<verse number="45">جنهن ڪوڙهئي کي اهڙو مرض هجي، سو ڦاٽل ڪپڙا پائي، ۽ مٿي اُگهاڙو گهمي، ۽ پنهنجو مٿيون چپ ڍڪي ڇڏي، ۽ وڏي سڏ چوي، تہ ناپاڪ، ناپاڪ.</verse>
				<verse number="46">جيترا ڏينهن هن کي مرض هوندو، اوترا ڏينهن هو ناپاڪ رهندو؛ اهو ناپاڪ آهي: هو اڪيلو رهي؛ ۽ هن جي رهڻ جي جاءِ منزلگاهہ کان ٻاهر هجي.</verse>
				<verse number="47">جنهن ڪپڙي تي ڪوڙهہ جي مرض جو داغ هجي، اهو پشم جو هجي يا سڻيءَ جو هجي؛</verse>
				<verse number="48">۽ داغ ڪپڙي جي تاڃيءَ ۾ هجي توڙي پيٽي ۾ هجي؛ سڻيءَ جي ڪپڙي ۾ هجي، يا پشم جي ڪپڙي ۾ هجي؛ چم ۾ هجي يا چم مان ٺهيل ڪنهن شيءِ ۾ هجي؛</verse>
				<verse number="49">جيڪڏهن مرض جو داغ ڪپڙي ۾، يا چم ۾، يا تاڃيءَ ۾، يا پيٽي ۾، يا چم جي ڪنهن شيءِ ۾، سائيرو يا ڳاڙهيرو هجي؛ تہ اهو ڪوڙهہ جو مرض آهي، ۽ ڪاهن کي ڏيکاريو وڃي؛</verse>
				<verse number="50">۽ ڪاهن انهي مرض جي داغ کي چڪاسي ۽ جنهن شيءِ تي اهو مرض جو داغ هجي، تنهن کي ست ڏينهن بند ڪري رکي:</verse>
				<verse number="51">۽ ستين ڏينهن هو وري داغ کي چڪاسي، جيڪڏهن اهو مرض جو داغ ڪپڙي ۾، يا تاڃيءَ ۾، يا پيٽي ۾، يا چم جي ڪنهن شيءِ تي پکڙيو هجي، تہ اهو مرض خراب قسم جو ڪوڙهہ آهي؛ اهو ناپاڪ آهي.</verse>
				<verse number="52">۽ اهو ڪپڙو، تاڃي هجي يا پيٽو، پشم جو هجي يا سڻيءَ جو، يا چم مان جڙيل ڪا شيءِ هجي، جنهن تي بہ اهو مرض جو داغ هجي، تنهن کي هو باهہ ۾ ساڙي ڇڏي: ڇالاءِ جو اهو خراب قسم جو ڪوڙهہ آهي.</verse>
				<verse number="53">پر جيڪڏهن ڪاهن چڪاسي، ۽ ڏسو، جي اهو مرض ڪپڙي ۾، يا تاڃيءَ ۾، يا پيٽي ۾، يا چم جي ڪنهن شيءِ ۾ پکڙيو نہ هجي؛</verse>
				<verse number="54">تہ پوءِ ڪاهن حڪم ڪري تہ جنهن شيءِ ۾ اهو مرض آهي، تنهن کي ڌوئن ۽ پوءِ هو انهي کي ٻيا بہ ست ڏينهن بند ڪري رکي:</verse>
				<verse number="55">۽ ڌوئڻ کان پوءِ ڪاهن انهي مرض کي چڪاسي: ۽ ڏسو، جي مرض پنهنجو رنگ مٽايو نہ هجي، ۽ پکڙيو نہ هجي، تہ اهو ناپاڪ آهي؛ تون انهي کي باهہ ۾ ساڙي ڇڏ: انهي جو داغ اندر هجي توڙي ٻاهر هجي، پر اهو خراب قسم جو ڪوڙهہ آهي.</verse>
				<verse number="56">پر جيڪڏهن ڪاهن چڪاسي، ۽ ڏسو، جي انهي جي ڌوئڻ کان پوءِ داغ جهڪو ٿي پوي، تہ پوءِ اهو ڪپڙي مان، يا چم مان، يا تاڃيءَ مان، ڦاڙي ڪڍي وٺي:</verse>
				<verse number="57">۽ جي اڃا بہ اهو ڪپڙي ۾ ڏسڻ ۾ اچي، پوءِ اهو تاڃيءَ ۾ هجي يا پيٽي ۾، يا چم جي ڪنهن شيءِ ۾ هجي، تہ اهو پکڙجڻ وارو آهي: پوءِ جنهن شيءِ ۾ اهو مرض جو داغ هجي، تنهن کي تون باهہ سان ساڙي ڇڏج.</verse>
				<verse number="58">۽ اهو ڪپڙو، تاڃي هجي يا پيٽو، يا ڪابہ چم جي شيءِ هجي، ۽ جيڪڏهن انهي کي ڌوئڻ سان مرض جو داغ منجهانئس نڪري وڃي، تہ انهي کي ٻيو ڀيرو ڌوئجي، پوءِ اهو پاڪ ٿيندو.</verse>
				<verse number="59">اهو آهي قاعدو ڪوڙهہ جي مرض بابت، جو پشم، يا سڻيءَ جي ڪپڙي تي، تاڃيءَ ۾ هجي توڙي پيٽي ۾، يا چم جي ڪنهن شيءِ تي هجي، تہ انهيءَ کي پاڪ ٺهرائجي يا ناپاڪ.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">جنهن ڏينهن ڪوڙهيو پاڪ ٿئي، تنهن ڏينهن سندس لاءِ هي قاعدو آهي، تہ هو ڪاهن وٽ آندو وڃي:</verse>
				<verse number="3">۽ ڪاهن منزلگاهہ مان نڪري ٻاهر وڃي؛ ۽ ڪاهن هن کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جيڪڏهن ڪوڙهہ جو مرض ڪوڙهئي مان نڪري ويو هجي؛</verse>
				<verse number="4">تہ ڪاهن حڪم ڪري، تہ جيڪو پاڪ ٿيڻو آهي، تنهن جي لاءِ اهي ٻہ جيئرا حلال پکي، ديال جي ڪاٺي، قرمزي رنگ، ۽ زوفا آڻين:</verse>
				<verse number="5">پوءِ ڪاهن حڪم ڪري تہ انهن پکين مان هڪڙي کي ڪنهن ٺڪر جي ٿانو ۾ وهندڙ پاڻيءَ تي ذبح ڪن:</verse>
				<verse number="6">۽ باقي جيڪو جيئرو پکي آهي سو ۽ ديال جي ڪاٺي، ۽ قرمزي رنگ، ۽ زوفا، اهي سڀ شيون هو جيئري پکي سميت کڻي، ۽ جيڪو پکي وهندڙ پاڻيءَ تي ذبح ڪيو هئائون، تنهن جي رت ۾ ٻوڙي:</verse>
				<verse number="7">۽ جيڪو ماڻهو ڪوڙهہ کان پاڪ ٿيڻو هجي، تنهن تي ست ڀيرا ڇاٽاري، ۽ انهي کي پاڪ ٺهرائي، پوءِ انهي جيئري پکيءَ کي کليل ميدان ۾ اُڏائي ڇڏي.</verse>
				<verse number="8">۽ جيڪو پاڪ ٿيڻو آهي سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پنهنجا سڀ وار ڪوڙائي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، تہ پوءِ هو پاڪ ٿيندو: تنهن کان پوءِ هو منزلگاهہ ۾ اچي، پر ستين ڏينهن تائين هو پنهنجي تنبوءَ کان ٻاهر رهي.</verse>
				<verse number="9">۽ ستين ڏينهن هو پنهنجي مٿي جا سڀ وار، ۽ پنهنجي ڏاڙهي ۽ ڀرون ڪوڙائي، مطلب تہ پنهنجا سڀ وار ڪوڙائي: ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، تہ پوءِ هو پاڪ ٿيندو.</verse>
				<verse number="10">۽ اٺين ڏينهن هو ٻہ بي عيب گهيٽا، ۽ هڪڙي بي عيب يڪسالي گهيٽي، ۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ هڪڙي ايفہ جي ڏهين حصي جي ٽيڻ جيترو تيل ۾ ڳوهيل ميدو، ۽ هڪڙو ماڻ تيل کڻي اچي.</verse>
				<verse number="11">پوءِ جيڪو ڪاهن هن کي پاڪ ٺهرائي، سو انهي پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ کي انهن شين سميت جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي، خداوند جي حضور ۾ حاضر ڪري:</verse>
				<verse number="12">۽ ڪاهن هڪڙو گهيٽو، ۽ تيل جي ماڻ کڻي خطا جي قربانيءَ لاءِ پيش ڪري، ۽ خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قربانيءَ طور لوڏي:</verse>
				<verse number="13">۽ پاڪ مڪان ۾ جنهن هنڌ گناهہ جي قرباني ۽ سوختني قرباني ذبح ڪبي آهي، تنهن هنڌ هو انهي گهيٽي کي ذبح ڪري: ڇالاءِ تہ جهڙي طرح گناهہ جي قرباني ڪاهن جي آهي، تهڙي طرح خطا جي قرباني بہ ڪاهن جي آهي: اها تمام پاڪ آهي:</verse>
				<verse number="14">۽ ڪاهن خطا جي قربانيءَ مان ڪجهہ رت کڻي، پاڪ ٿيڻ واري ماڻهو جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، ۽ ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي، ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي لائي:</verse>
				<verse number="15">۽ ڪاهن انهي تيل جي ماڻ مان ڪجهہ کڻي، پنهنجي کٻي هٿ جي تريءَ تي وجهي:</verse>
				<verse number="16">۽ ڪاهن پنهنجي تريءَ واري تيل مان پنهنجي ساڄي آڱر ٻوڙي، ۽ خداوند جي حضور ۾ ست ڀيرا پنهنجيءَ آڱر سان ڪجهہ تيل ڇاٽاري:</verse>
				<verse number="17">۽ باقي جيڪو تيل سندس هٿ ۾ هجي، تنهن مان ڪاهن ڪجهہ کڻي، پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، ۽ سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي، ۽ سندس ساڄي پير جي آڱوٺي تي، خطا جي قربانيءَ واري رت جي مٿان لڳائي:</verse>
				<verse number="18">۽ باقي جيڪو تيل ڪاهن جي تريءَ تي هجي، سو هو پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي مٿي تي وجهي: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري.</verse>
				<verse number="19">پوءِ ڪاهن گناهہ جي قرباني چاڙهي، ۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي ناپاڪيءَ کان پاڪ ٿيڻو آهي، تنهن جي لاءِ ڪفارو ڪري: تنهن کان پوءِ هو سوختني قرباني ذبح ڪري،</verse>
				<verse number="20">۽ ڪاهن اُها سوختني قرباني ۽ کاڌي جي قرباني، قربانگاهہ تي پيش ڪري: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ڪري، پوءِ هو پاڪ ٿيندو.</verse>
				<verse number="21">۽ جيڪڏهن هو غريب هجي ۽ ايترو آڻي نہ سگهي، تہ خطا جي قربانيءَ لاءِ لوڏڻ واسطي هڪڙو گهيٽو آڻي، تہ هن جي لاءِ ڪفارو ڪيو وڃي، ۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ هڪڙي ايفہ جي ڏهين حصي جيترو تيل ۾ ڳوهيل ميدو، ۽ هڪڙو ماڻ تيل جو؛</verse>
				<verse number="22">۽ ٻہ ڳيرا يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا، جيڪي بہ آڻي سگهي؛ تن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ آڻي.</verse>
				<verse number="23">۽ اٺين ڏينهن هو پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ، اهي شيون جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ خداوند جي حضور ۾ ڪاهن وٽ کڻي اچي.</verse>
				<verse number="24">۽ ڪاهن خطا جي قربانيءَ وارو گهيٽو، ۽ تيل جو ماڻ کڻي، خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قربانيءَ طور لوڏي:</verse>
				<verse number="25">پوءِ هو خطا جي قربانيءَ وارو گهيٽو ذبح ڪري، ۽ ڪاهن خطا جي قربانيءَ جي رت مان ڪجهہ کڻي، پاڪ ٿيڻ واري ماڻهو جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، ۽ سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي، ۽ سندس ساڄي پير جي آڱوٺي تي لڳائي:</verse>
				<verse number="26">۽ ڪاهن انهي تيل مان ڪجهہ پنهنجي کٻي هٿ جي تريءَ تي وجهي:</verse>
				<verse number="27">۽ ڪاهن پنهنجي کٻي هٿ واري تيل مان ڪجهہ، پنهنجي ساڄيءَ آڱر سان ست ڀيرا خداوند جي حضور ۾ ڇاٽاري:</verse>
				<verse number="28">۽ ڪاهن پنهنجي تريءَ واري تيل مان ڪجهہ کڻي، پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، ۽ سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي، ۽ سندس ساڄي پير جي آڱوٺي تي، خطا جي قربانيءَ واري رت جي جاءِ تي لڳائي:</verse>
				<verse number="29">۽ باقي جيڪو تيل سندس هٿ ۾ هجي، سو پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي مٿي تي وجهي، ۽ هن جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري.</verse>
				<verse number="30">پوءِ هو ڳيرن يا ڪبوتر جي ٻچن مان جيڪي بہ آڻي سگهيو هجي، تن مان هڪڙو پيش ڪري،</verse>
				<verse number="31">يعني جيڪي آڻي سگهيو هجي؛ تن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ، کاڌي جي قربانيءَ سميت پيش ڪري: ۽ ڪاهن پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري.</verse>
				<verse number="32">اهو آهي انهي ماڻهو جي لاءِ قاعدو، جنهن کي ڪوڙهہ جو مرض ٿيو هجي، ۽ جنهن کي پاڪ ٿيڻ وقت گهربل شين جي وسعت نہ هجي.</verse>
				<verse number="33">۽ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ</verse>
				<verse number="34">جڏهن اوهين ڪنعان جي ملڪ ۾ وڃي پهچو، جو ملڪ آءٌ اوهان کي ملڪيت ڪري ٿو ڏيان، ۽ جڏهن اوهان جي انهي ملڪيت واري ملڪ جي ڪنهن گهر ۾ آءٌ ڪوڙهہ جو مرض وجهان،</verse>
				<verse number="35">تڏهن جيڪو اُنهي گهر جو مالڪ هجي، سو اچي ڪاهن کي ٻڌائي ۽ چوي، تہ مون کي معلوم ٿو ٿئي، تہ منهنجي گهر ۾ ڪو مرض آهي:</verse>
				<verse number="36">تنهن تي ڪاهن حڪم ڪري، تہ انهي مرض کي ڏسڻ لاءِ سندس اتي وڃڻ کان اڳي اهو گهر خالي ڪري ڇڏين، انهي لاءِ تہ گهر جو سڀ سامان ناپاڪ نہ ٿئي: تنهن کان پوءِ ڪاهن گهر کي ڏسڻ لاءِ وڃي:</verse>
				<verse number="37">۽ هو انهي مرض کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جيڪڏهن اهو مرض گهر جي ڀتين ۾ هئڻ ڪري انهن ۾ سائيرا ۽ ڳاڙهيرا چير ٿي پيا هجن، ۽ اهي چير ڀت ۾ اونها ڏسڻ ۾ اچن،</verse>
				<verse number="38">تہ پوءِ ڪاهن گهر مان نڪري گهر جي در تي اچي، ۽ گهر کي ستن ڏينهن تائين بند ڪري ڇڏي:</verse>
				<verse number="39">۽ ڪاهن ستين ڏينهن وري اچي چڪاسي، ۽ ڏسو، جيڪڏهن مرض گهر جي ڀتين تي پکڙجي ويو هجي،</verse>
				<verse number="40">تہ پوءِ ڪاهن حڪم ڪري، تہ جن پهڻن ۾ مرض آهي، سي ڪڍي شهر کان ٻاهر ڪنهن ناپاڪ هنڌ اُڇلائي ڇڏين:</verse>
				<verse number="41">پوءِ هو گهر کي اندران چوڌاري کرڙائي، ۽ جيڪا مٽي کرڙي ڪڍن سا شهر کان ٻاهر ڪنهن ناپاڪ هنڌ اُڇلائي ڇڏين:</verse>
				<verse number="42">پوءِ هو ٻيا پهڻ کڻي، انهن پهڻن جي جاءِ تي وجهن؛ ۽ هو ٻي مٽي آڻي گهر جي لنب ڪرائي،</verse>
				<verse number="43">۽ جيڪڏهن پهڻن جي نڪرڻ ۽ گهر جي کرڙجڻ ۽ لنبجڻ کان پوءِ بہ، وري مرض اچي گهر ۾ ظاهر ٿئي؛</verse>
				<verse number="44">تہ پوءِ پهرين ڪاهن اچي چڪاسي، ۽ ڏسو، جيڪڏهن مرض گهر ۾ پکڙجي ويو هجي، تہ اُهو انهي گهر ۾ خراب قسم جو ڪوڙهہ آهي: اهو ناپاڪ آهي.</verse>
				<verse number="45">۽ هو انهي گهر کي ڀڃي ڊهرائي ڇڏي، ۽ هو انهي جا پهڻ، ۽ انهي جي مٽي، شهر کان ٻاهر ڪنهن ناپاڪ هنڌ تي اُڇلائي ڇڏي،</verse>
				<verse number="46">انهي کان سواءِ جيڪو ماڻهو انهي گهر جي بند هئڻ واري عرصي ۾ انهي ۾ ويندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو.</verse>
				<verse number="47">۽ جيڪو انهي گهر ۾ سمهندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو؛ ۽ جيڪو انهي گهر ۾ کائيندو؛ سو بہ پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو.</verse>
				<verse number="48">پر جيڪڏهن ڪاهن اچي چڪاسي، ۽ ڏسي، تہ گهر جي لنبجڻ کان پوءِ انهي ۾ مرض ڪونہ پکڙيو آهي، تہ پوءِ ڪاهن انهي گهر کي پاڪ ٺهرائي؛ ڇالاءِ جو مرض نڪري ويو آهي.</verse>
				<verse number="49">پوءِ گهر کي پاڪ ڪرڻ لاءِ هو ٻہ پکي، ديال جي ڪاٺي، قرمزي رنگ ۽ زوفا آڻي:</verse>
				<verse number="50">۽ هو پکين مان هڪڙي کي ٺڪر جي ٿانو ۾ وهندڙ پاڻيءَ تي ذبح ڪري:</verse>
				<verse number="51">پوءِ ديال جي ڪاٺي، قرمزي رنگ، زوفا، ۽ جيئرو پکي کڻي، ۽ انهن کي ذبح ڪيل پکيءَ جي رت ۽ وهندڙ پاڻيءَ ۾ ٻوڙي، ست ڀيرا انهي گهر ۾ ڇاٽاري،</verse>
				<verse number="52">۽ انهي پکيءَ جي رت سان، ۽ وهندڙ پاڻيءَ سان، ۽ جيئري پکيءَ سان، ۽ ديال جي ڪاٺيءَ سان، ۽ زوفا سان، ۽ قرمزي رنگ سان گهر کي پاڪ ڪري:</verse>
				<verse number="53">پوءِ هو جيئري پکيءَ کي شهر کان ٻاهر کليل ميدان ۾ اُڏائي ڇڏي؛ انهيءَ طرح هو گهر جي لاءِ ڪفارو ڪري: تہ اهو گهر پاڪ ٿيندو.</verse>
				<verse number="54">اهو آهي قاعدو هر ڪنهن قسم جي ڪوڙهہ جي مرض، ۽ پت جي لاءِ؛</verse>
				<verse number="55">۽ ڪپڙن جي، ۽ گهر جي ڪوڙهہ لاءِ؛</verse>
				<verse number="56">۽ سوڄ، ڏڍ ۽ چمڪندڙ داغ لاءِ:</verse>
				<verse number="57">انهي لاءِ تہ معلوم ٿئي تہ انهن کي ڪڏهن پاڪ ٺهرائجي، ۽ ڪڏهن ناپاڪ ٺهرائجي: اهو آهي ڪوڙهہ جو قاعدو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="15">
				<verse number="1">۽ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ</verse>
				<verse number="2">اوهين بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئو تہ جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پرميل جو مرض ٿئي، تہ هو انهي جي ڪري ناپاڪ آهي.</verse>
				<verse number="3">۽ انهي پرميل جي مرض ۾ هن جي ناپاڪي هن ريت ٿيندي: يعني هن جي بدن مان ڪجهہ وهندو هجي، توڙي هن جي بدن جو وهڪرو بند هجي، تہ بہ هو ناپاڪ آهي.</verse>
				<verse number="4">۽ جنهن هنڌ تي اهڙو پرميل وارو ماڻهو سمهندو، سو ناپاڪ ٿيندو: ۽ جنهن شيءِ تي ويهندو، سا ناپاڪ ٿيندي.</verse>
				<verse number="5">جيڪو هن جي هنڌ کي هٿ لائيندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ سان وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.</verse>
				<verse number="6">۽ جنهن شيءِ تي پرميل وارو ماڻهو ويٺو هجي، تنهن تي جيڪو ويهندو سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ سان وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.</verse>
				<verse number="7">۽ جيڪو پرميل واري ماڻهوءَ جي بت کي ڇهندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.</verse>
				<verse number="8">۽ جيڪڏهن پرميل وارو ماڻهو، ڪنهن پاڪ ماڻهو تي ٿُڪ اُڇلائيندو، تہ اهو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.</verse>
				<verse number="9">۽ جنهن بہ زين تي پرميل وارو ماڻهو چڙهندو، سا ناپاڪ ٿيندي.</verse>
				<verse number="10">۽ جيڪو ڪنهن اهڙيءَ شيءِ کي ڇهندو، جا هن جي هيٺان هوندي، سو شام تائين ناپاڪ رهندو: ۽ جيڪو اهڙيون شيون کڻندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.</verse>
				<verse number="11">۽ پرميل وارو ماڻهو پنهنجا هٿ پاڻيءَ سان ڌوئڻ کان سواءِ، جيڪڏهن ڪنهن کي ڇهندو، تہ اهو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.</verse>
				<verse number="12">۽ جنهن ٺڪر جي ٿانو کي پرميل وارو ماڻهو ڇهندو، سو ڀڃي ڇڏبو: ۽ سڀ ڪو ڪاٺ جو ٿانو پاڻيءَ ۾ ڌوئبو.</verse>
				<verse number="13">۽ جڏهن پرميل وارو ماڻهو، پرميل کان ڇٽي پاڪ ٿئي، تڏهن کان ست ڏينهن پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ ڳڻي، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئي؛ ۽ وهندڙ پاڻيءَ ۾ پنهنجو بت ڌوئي، تہ پوءِ هو پاڪ ٿيندو.</verse>
				<verse number="14">۽ اٺين ڏينهن هو ٻہ ڳيرا يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا کڻي، جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ خداوند جي حضور ۾ آڻي ڪاهن کي ڏئي:</verse>
				<verse number="15">۽ ڪاهن انهن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ پيش ڪري: ۽ ڪاهن هن جي واسطي سندس پرميل جي مرض لاءِ خداوند جي اڳيان ڪفارو ڪري.</verse>
				<verse number="16">جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي احتلام ٿي پوي، تہ هو پنهنجو سڄو بت پاڻيءَ ۾ ڌوئي، ۽ هو شام تائين ناپاڪ رهندو.</verse>
				<verse number="17">سڀ ڪو ڪپڙو ۽ چم جنهن تي مني پوي، سو پاڻيءَ سان ڌوئبو، ۽ اهو شام تائين ناپاڪ رهندو.</verse>
				<verse number="18">جيڪڏهن ڪو ماڻهو زال سان سمهندي انزال ڪري، تہ اهي ٻئي پاڻيءَ ۾ وهنجن، ۽ اهي شام تائين ناپاڪ رهندا.</verse>
				<verse number="19">جڏهن ڪنهن زال جي بدن مان ماهواري رت اچي، تڏهن اها ستين ڏينهن تائين جدا رهندي؛ ۽ جيڪو کيس ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو.</verse>
				<verse number="20">۽ جنهن شيءِ تي هوءَ پنهنجي ماهواريءَ جي ڏينهن ۾ سمهندي، سا ناپاڪ ٿيندي: ۽ جنهن شيءِ تي هوءَ ويهندي، سا بہ ناپاڪ ٿيندي،</verse>
				<verse number="21">۽ جيڪو هن جي هنڌ کي ڇهندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.</verse>
				<verse number="22">۽ جنهن شيءِ تي هوءَ ويٺي هجي، تنهن کي جيڪو ڇهندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.</verse>
				<verse number="23">۽ جنهن وقت هوءَ ڪنهن هنڌ تي يا ڪنهن ٻيءَ شيءِ تي ويٺي هجي، تنهن وقت جيڪو انهيءَ شيءِ کي ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو.</verse>
				<verse number="24">۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو هن سان گڏ هڪڙي ئي هنڌ تي ستو هجي، ۽ هن جو گند کيس لڳو هجي، تہ اهو ستن ڏينهن تائين ناپاڪ رهندو؛ ۽ جنهن جنهن هنڌ هو ستو هوندو، سو بہ ناپاڪ ٿيندو.</verse>
				<verse number="25">۽ جيڪڏهن ڪنهن زال کي ماهواري رت جدائيءَ واري عرصي کان گهڻا ڏينهن اڳي اچي، يا جدائي وارا ڏينهن گذرڻ کان پوءِ بہ رت وهندو رهي: تہ جيترا ڏينهن اهو رت وهندو رهي، اوترا ڏينهن هوءَ پنهنجي ماهواريءَ جي ڏينهن وانگر ناپاڪ رهندي: هوءَ ناپاڪ آهي.</verse>
				<verse number="26">انهن رت وهڻ وارن ڏينهن ۾ جنهن هنڌ تي هوءَ سمهندي، سو سندس معمولي ماهواريءَ جي ڏينهن وانگر ليکبو: ۽ جنهن شيءِ تي هوءَ ويهندي، سا سندس ماهواريءَ جي ناپاڪيءَ وانگر ناپاڪ ٿيندي.</verse>
				<verse number="27">۽ جيڪو انهن شين کي ڇهندو، سو ناپاڪ ٿيندو، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.</verse>
				<verse number="28">۽ جڏهن هوءَ پنهنجي ماهواريءَ کان پاڪ ٿئي، تڏهن کان ست ڏينهن پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ ڳڻي، تنهن کان پوءِ هوءَ پاڪ ٿيندي.</verse>
				<verse number="29">۽ اٺين ڏينهن هوءَ ٻہ ڳيرا، يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا کڻي، جماعت واري تنبوءَ جي در تي ڪاهن وٽ آڻي؛</verse>
				<verse number="30">۽ ڪاهن انهن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ پيش ڪري؛ ۽ ڪاهن هن جي ماهواريءَ لاءِ خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري.</verse>
				<verse number="31">اهڙي طرح اوهين بني اسرائيل کي سندن ناپاڪيءَ کان جدا ڪجو: تہ اهي ناپاڪيءَ جي حالت ۾ منهنجي عبادت جو تنبو، جو سندن وچ ۾ آهي، تنهن کي پليت ڪري مري نہ پون.</verse>
				<verse number="32">هي قاعدو انهي مرد جي واسطي آهي، جنهن کي پرميل جو مرض هجي، يا جنهن کي احتلام هجي؛</verse>
				<verse number="33">۽ انهيءَ زال جي واسطي آهي، جا ماهواريءَ جي حالت ۾ هجي، يعني مرد توڙي زال جي واسطي آهي، ۽ انهي مرد جي واسطي آهي، جو ڪنهن ناپاڪ زال سان سمهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="16">
				<verse number="1">جڏهن هارون جا ٻہ پٽ خداوند جي حضور ۾ ويجهو آيا ۽ مري ويا، تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو،</verse>
				<verse number="2">۽ چيائينس تہ تون پنهنجي ڀاءُ هارون کي چئُہ تہ پردي جي اندر پاڪ مڪان ۾ صندوق جي مٿان جيڪو رحمت جو پوش آهي، تنهن جي اڳيان هو هر وقت نہ اچي؛ تہ هو مري نہ پوي: ڇالاءِ جو آءٌ رحمت جي پوش تي ڪڪر ۾ ڏيکاري ڏيندس.</verse>
				<verse number="3">۽ جڏهن هارون پاڪ مڪان ۾ اچي تڏهن هن ريت داخل ٿئي: يعني گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، ۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو گهٽو آڻي.</verse>
				<verse number="4">هو سڻيءَ جو پهراڻ پائي، ۽ سڻيءَ جي سٿڻ بت تي ڍڪي، ۽ سڻيءَ جو ڪمربند ٻڌي، ۽ مٿي تي سڻيءَ جي پڳڙي رکي: اهي پاڪ ڪپڙا آهن؛ تنهنڪري هو وهنجي پوءِ اهي ڍڪي.</verse>
				<verse number="5">۽ هو بني اسرائيل جي جماعت مان گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ٻہ ٻڪر، ۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو گهٽو آڻي.</verse>
				<verse number="6">۽ هارون پنهنجي گناهہ جي قربانيءَ لاءِ وهڙو حاضر ڪري، ۽ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ ڪفارو ڪري.</verse>
				<verse number="7">پوءِ هو ٻہ ٻڪر جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ خداوند جي حضور ۾ آڻي.</verse>
				<verse number="8">۽ هارون اُنهن ٻن ٻڪرن تي پُکا وجهي: هڪڙو پُکو خداوند جي لاءِ، ۽ ٻيو عزازيل جي لاءِ.</verse>
				<verse number="9">پوءِ جنهن ٻڪر تي خداوند جي لاءِ پُکو پوي، تنهن کي هارون آڻي حاضر ڪري، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ پيش ڪري.</verse>
				<verse number="10">پر جنهن ٻڪر تي عزازيل جي لاءِ پُکو پوي، تنهن کي ڪفاري جي لاءِ جيئرو ئي خداوند جي حضور ۾ حاضر ڪيو وڃي، ۽ پوءِ عزازيل جي لاءِ بيابان ۾ ڇڏيو وڃي.</verse>
				<verse number="11">پوءِ هارون پنهنجي گناهہ جي قربانيءَ واري وهڙي کي حاضر ڪري، ۽ پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ ڪفارو ڪري، ۽ هو پنهنجي گناهہ جي قربانيءَ وارو وهڙو ذبح ڪري.</verse>
				<verse number="12">پوءِ هو هڪڙو لوبان دان کڻي، انهي کي خداوند جي اڳيان قربانگاهہ تان باهہ جي ٽانڊن سان ڀري، ۽ خوشبودار لوبان ڪُٽي سنهو ڪري، ۽ انهي سان پنهنجون مٺيون ڀري پردي جي اندر آڻي:</verse>
				<verse number="13">پوءِ هو اهو لوبان خداوند جي حضور ۾ ٽانڊن تي وجهي، تہ لوبان جو دونهون شاهديءَ تي رکيل رحمت جي پوش کي ڍڪي ڇڏي، تہ هو مري نہ پوي:</verse>
				<verse number="14">پوءِ هو انهي وهڙي جي رت مان ڪجهہ کڻي، پنهنجيءَ آڱر سان رحمت جي پوش تي اڀرندي پاسي ڇاٽاري؛ ۽ اهو رت پنهنجيءَ آڱر سان رحمت جي پوش جي اڳيان ست ڀيرا ڇاٽاري.</verse>
				<verse number="15">تنهن کان پوءِ هو گناهہ جي قربانيءَ واري ٻڪر کي ذبح ڪري، جو اُمت جي واسطي آهي، ۽ انهي جو رت پردي جي اندر آڻي، ۽ انهي جي رت سان بہ ائين ئي ڪري، جيئن وهڙي جي رت سان ڪيو هئائين، يعني اهو رحمت جي پوش تي ۽ رحمت جي پوش جي اڳيان ڇاٽاري.</verse>
				<verse number="16">۽ هو پاڪ مڪان جي لاءِ بني اسرائيل جي ناپاڪيءَ سبب، ۽ انهن جي قصورن سبب، يعني انهن جي سڀني گناهن جي سبب ڪفارو ڪري: ۽ ساڳيءَ طرح جماعت واري تنبوءَ جي لاءِ بہ ڪري، جو ساڻن گڏ سندن ناپاڪيءَ جي وچ ۾ رهي ٿو.</verse>
				<verse number="17">۽ جيڪڏهن هو پاڪ مڪان ۾ ڪفارو ڪرڻ لاءِ اندر وڃي، تڏهن، جيسين هو پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ، ۽ اسرائيل جي ساري جماعت جي لاءِ، ڪفارو ڪري ٻاهر نہ اچي، تيسين ڪوبہ ماڻهو جماعت واري تنبوءَ ۾ نہ رهي.</verse>
				<verse number="18">پوءِ هو ٻاهر نڪري، خداوند جي حضور ۾ جيڪا قربانگاهہ آهي، اتي اچي، ۽ انهيءَ جي لاءِ ڪفارو ڪري؛ ۽ وهڙي جي رت مان، ۽ ٻڪر جي رت مان ڪجهہ کڻي، قربانگاهہ جي سڱن تي چوڌاري لڳائي.</verse>
				<verse number="19">۽ انهي رت مان ڪجهہ پنهنجيءَ آڱر سان ست ڀيرا انهيءَ تي ڇاٽاري، ۽ انهيءَ کي پاڪ ڪري، يعني بني اسرائيلين جي ناپاڪين کان پاڪ ڪري.</verse>
				<verse number="20">۽ جڏهن هو پاڪ مڪان ۽ جماعت واري تنبوءَ ۽ قربانگاهہ جي لاءِ ڪفارو ڪري چڪي، تڏهن اهو جيئرو ٻڪر آڻي حاضر ڪري:</verse>
				<verse number="21">۽ هارون انهي جيئري ٻڪر جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکي، ۽ بني اسرائيل جي سڀني بدڪارين، ۽ سڀني قصورن، يعني انهن جي سڀني گناهن جو انهي تي قبولدار ٿئي؛ ۽ هو اهي سڀ ٻڪر جي سر تي رکي، پوءِ جيڪو ماڻهو انهي ڪم لاءِ مقرر ڪيل هجي، تنهن جي هٿان انهي ٻڪر کي بيابان ڏانهن موڪلي ڇڏي:</verse>
				<verse number="22">۽ اهو ٻڪر انهن جون سڀ بدڪاريون کڻي ڪنهن ويران پٽ ۾ ويندو: پوءِ هو انهي ٻڪر کي بيابان ۾ ڇڏي ڏئي.</verse>
				<verse number="23">پوءِ هارون جماعت واري تنبوءَ ۾ اچي اهي سڻيءَ جا ڪپڙا لاهي، جيڪي پاڪ مڪان ۾ وڃڻ مهل پاتا هئائين، ۽ اهي اتي رکي ڇڏي.</verse>
				<verse number="24">۽ پاڻ ڪنهن پاڪ هنڌ تي ويهي وهنجي، ۽ پنهنجا ڪپڙا پائي ٻاهر اچي، ۽ پنهنجي سوختني قرباني، ۽ اُمت جي سوختني قرباني چاڙهي، ۽ پنهنجي لاءِ توڙي اُمت جي لاءِ ڪفارو ڪري.</verse>
				<verse number="25">۽ گناهہ جي قربانيءَ جي چرٻي قربانگاهہ تي رکي ساڙي.</verse>
				<verse number="26">۽ جيڪو ماڻهو عزازيل جي لاءِ ٻڪر کي ڇڏڻ وڃي، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجي، تنهن کان پوءِ هو منزلگاهہ ۾ اچي.</verse>
				<verse number="27">۽ گناهہ جي قربانيءَ وارو وهڙو، ۽ گناهہ جي قربانيءَ وارو ٻڪر، جنهن جو رت ڪفاري ڪرڻ لاءِ پاڪ مڪان ۾ آندو هئائين، تن کي منزلگاهہ کان ٻاهر کڻي وڃن؛ ۽ انهن جون کلون، ۽ گوشت، ۽ ڇيڻو، ۽ ڦولڙيون باهہ ۾ ساڙي ڇڏين.</verse>
				<verse number="28">۽ جيڪو اهي ساڙي، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجي، ۽ پوءِ منزلگاهہ ۾ اچي.</verse>
				<verse number="29">اهو اوهان جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو: تہ ستين مهيني جي ڏهين تاريخ اوهان مان هرڪو ماڻهو، پوءِ اهو اوهان جي ملڪ جو هجي، يا پرديسي، جو اوهان منجهہ اچي رهيو هجي، مطلب تہ اوهين سڀيئي پنهنجي روح جي رياضت ڪجو، ۽ ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو:</verse>
				<verse number="30">انهي ڏينهن اوهان کي پاڪ ڪرڻ لاءِ ڪفارو ڪيو ويندو، ۽ اوهين پنهنجن سڀني گناهن کان خداوند جي حضور ۾ پاڪ ٿيندا.</verse>
				<verse number="31">اهو اوهان جي آرام لاءِ پاڪ سبت آهي، ۽ اوهين پنهنجي روح جي رياضت ڪجو؛ اهو هميشہ جي لاءِ قانون آهي.</verse>
				<verse number="32">۽ جيڪو بہ ڪاهن مسح ڪيو وڃي، ۽ جيڪو پنهنجي پيءُ جي جاءِ تي ڪاهن ٿيڻ لاءِ مخصوص ڪيو وڃي، سو ڪفارو ڪري، ۽ سڻيءَ جا ڪپڙا، يعني پاڪ پوشاڪ ڍڪي:</verse>
				<verse number="33">۽ هو پاڪ مڪان جي لاءِ ڪفارو ڪري، ۽ هو جماعت واري تنبوءَ ۽ قربانگاهہ جي لاءِ ڪفارو ڪري؛ ۽ هو ڪاهن جي لاءِ، ۽ جماعت جي سڀني ماڻهن جي لاءِ ڪفارو ڪري.</verse>
				<verse number="34">۽ اهو اوهان جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو، تہ سال ۾ هڪڙو ڀيرو بني اسرائيل جي لاءِ، سندن سڀني گناهن جي سبب ڪفارو ڪيو وڃي، سو هن ائين ئي ڪيو جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="17">
				<verse number="1">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">تون، هارون ۽ سندس پٽن، ۽ بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئُہ، تہ خداوند هي حڪم ڏنو آهي ۽ چيو اٿس، تہ</verse>
				<verse number="3">اسرائيل جي گهراڻي مان جيڪو بہ ماڻهو ڏاند، يا گهٽو، يا ٻڪر، منزلگاهہ ۾، يا منزلگاهہ کان ٻاهر ذبح ڪندو،</verse>
				<verse number="4">۽ انهي کي خداوند جي خيمي جي اڳيان، خداوند جي واسطي قرباني چاڙهڻ لاءِ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ نہ آڻيندو: تنهن تي خون جو الزام ايندو؛ ڄڻ تہ هن رت وهايو آهي؛ ۽ اهو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو:</verse>
				<verse number="5">انهي لاءِ تہ بني اسرائيل جيڪي پنهنجون قربانيون کلي ميدان ۾ ذبح ڪن ٿا، سي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ، خداوند جي حضور ۾، ڪاهن وٽ آڻين، ۽ انهن کي خداوند جي لاءِ سلامتيءَ جي قربانين طور ذبح ڪن.</verse>
				<verse number="6">۽ ڪاهن انهن جو رت جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ، خداوند جي قربانگاهہ تي ڇاٽاري، ۽ انهن جي چرٻي خداوند جي لاءِ، چڱي خوشبوءِ جي واسطي ساڙي.</verse>
				<verse number="7">۽ اڳتي هو ڀوتن جي لاءِ پنهنجون قربانيون نہ چاڙهين، جن جي پيروي ڪندي هو زناڪار ٿيا آهن، اهو هنن جي لاءِ سندن پيڙهين ۾ هميشہ جو قانون ٿيندو.</verse>
				<verse number="8">۽ تون انهن کي چئُہ تہ اسرائيل جي گهراڻي مان، يا جيڪي پرديسي انهن ۾ رهن ٿا، تن مان جيڪو بہ ماڻهو سوختني يا ٻي ڪا قرباني پيش ڪري،</verse>
				<verse number="9">۽ اُها جماعت واري تنبو جي در وٽ آڻي خداوند جي لاءِ نٿو چاڙهي؛ اُهو ماڻهو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="10">۽ اسرائيل جي گهراڻي مان، يا جيڪي پرديسي انهن منجهہ رهن ٿا، تن مان جيڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جو رت کائيندو، تہ انهي رت کائڻ واري ماڻهوءَ کان آءٌ پنهنجو منهن ڦيرائيندس، ۽ انهن کي سندس قوم مان تباهہ ڪندس.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو بدن جي زندگي رت ۾ آهي: ۽ اها مون اوهان کي قربانگاهہ تي ڏني آهي، تہ اوهان جي روحن جي لاءِ ڪفارو ٿئي: ڇالاءِ جو اهو رت ئي آهي، جنهن جي ڪري زندگيءَ جو ڪفارو ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري مون بني اسرائيل کي چيو، تہ اوهان مان ڪوبہ رت نہ کائي، نہ ڪو پرديسي، جو اوهان منجهہ رهي ٿو، سو رت کائي.</verse>
				<verse number="13">۽ بني اسرائيل مان، يا جيڪي پرديسي انهن منجهہ رهن ٿا، تن مان جيڪو ماڻهو ڪنهن حلال جانور، يا حلال پکيءَ جو شڪار ڪري؛ سو انهي جو رت هاري ڇڏي، ۽ اهو مٽيءَ سان ڍڪي ڇڏي.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو سڀني جسمن جي زندگي، يعني انهن جو رت ۽ انهن جي جان هڪڙي ئي شيءِ آهي: تنهنڪري مون بني اسرائيل کي چيو، تہ اوهين ڪنهن بہ قسم جو رت نہ کائجو: ڇالاءِ جو سڀ ڪنهن جسم جي زندگي انهي جو رت آهي: جيڪو اهو کائيندو سو تباهہ ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="15">۽ جيڪو ساهوارو پاڻيهي مري، يا جنهن کي جهنگلي جانور ڦاڙين، تنهن کي جيڪو کائيندو، پوءِ اهو ماڻهو اوهان جي ملڪ جو هوندو، يا پرديسي هوندو، تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو: تنهن کان پوءِ هو پاڪ ٿيندو.</verse>
				<verse number="16">پر جي هو اهي نہ ڌوئندو ۽ نہ وهنجندو، تہ هو پنهنجو گناهہ پاڻ تي کڻندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="18">
				<verse number="1">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">تون بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.</verse>
				<verse number="3">مصر جو ملڪ جنهن ۾ اوهين رهندا هئا، انهن جهڙا ڪم اوهين متان ڪريو: ۽ ڪنعان جو ملڪ، جتي آءٌ اوهان کي وٺي ٿو هلان، انهن جهڙا ڪم بہ اوهين متان ڪريو: نڪي اوهين انهن جي قانونن تي هلجو.</verse>
				<verse number="4">اوهين منهنجن حڪمن تي هلجو، ۽ اوهين منهنجن قانونن تي عمل ڪجو، ۽ انهن تي هلجو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.</verse>
				<verse number="5">تنهنڪري اوهين منهنجن قانونن ۽ منهنجن حڪمن تي عمل ڪجو: جيڪو ماڻهو ائين ڪندو، سو انهن جي ڪري جيئرو رهندو: آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="6">اوهان مان ڪوبہ پنهنجي ويجهيءَ مائٽياڻيءَ جو ننگ کولڻ لاءِ انهي جي ويجهو نہ وڃي: آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="7">تون پنهنجي پيءُ جو ننگ، يعني پنهنجيءَ ماءُ جو ننگ نہ کولج: هوءَ تنهنجي ماءُ آهي؛ تون انهيءَ جو ننگ نہ کولج.</verse>
				<verse number="8">تون پنهنجي پيءُ جي زال جو ننگ نہ کولج: اهو تنهنجي پيءُ جو ننگ آهي.</verse>
				<verse number="9">نڪي تون پنهنجي ڀيڻ جو، يا پنهنجي پيءُ جي ڌيءَ جو، يا پنهنجيءَ ماءُ جي ڌيءَ جو ننگ کولج، پوءِ اها گهر ۾ ڄائي هجي، يا ڪٿي ٻاهر ڄائي هجي.</verse>
				<verse number="10">تون پنهنجي پٽ جي ڌيءَ جو، يا پنهنجي ڌيءَ جي ڌيءَ جو ننگ نہ کولج: ڇالاءِ جو انهن جو ننگ خود تنهنجو ننگ آهي.</verse>
				<verse number="11">تنهنجي پيءُ جي زال جي ڌيءَ، جا تنهنجي پيءُ مان ڄائي هجي؛ اها تنهنجي ڀيڻ آهي، تنهن جو بہ ننگ تون نہ کولج.</verse>
				<verse number="12">تون پنهنجي پيءُ جي ڀيڻ جو ننگ نہ کولج: اها تنهنجي پيءُ جي ويجهي مائٽياڻي آهي.</verse>
				<verse number="13">تون پنهنجي ماءُ جي ڀيڻ جو ننگ نہ کولج: ڇالاءِ جو اها تنهنجيءَ ماءُ جي ويجهي مائٽياڻي آهي.</verse>
				<verse number="14">تون پنهنجي پيءُ جي ڀاءُ جو ننگ نہ کولج، نڪي هن جي زال جي ويجهو وڃج: اها تنهنجي چاچي آهي.</verse>
				<verse number="15">تون پنهنجيءَ ننهن جو ننگ نہ کولج، اها تنهنجي پٽ جي زال آهي: تون انهيءَ جو ننگ متان کولين.</verse>
				<verse number="16">تون پنهنجي ڀاءُ جي زال جو ننگ نہ کولج: اها تنهنجي ڀاءُ جو ننگ آهي.</verse>
				<verse number="17">تون ڪنهن بہ زال ۽ سندس ڌيءَ ٻنهي جو ننگ نہ کولج؛ تون انهيءَ زال جي پٽ جي ڌيءَ، يا سندس ڌيءَ جي ڌيءَ کي ننگ کولڻ لاءِ متان وٺين؛ اهي ويجهيون مائٽياڻيون آهن: اها وڏي بدڪاري آهي.</verse>
				<verse number="18">تون هڪڙيءَ زال جي جيئري هوندي، انهيءَ جي ڀيڻ کي سندس پهاڄ ٿيڻ لاءِ، ۽ انهيءَ جو ننگ کولڻ لاءِ، نہ وٺج.</verse>
				<verse number="19">جيڪا زال پنهنجيءَ ماهواريءَ جي ڪري اڃا ناپاڪ هجي، تنهن جو ننگ کولڻ لاءِ، سندس ويجهو نہ وڃج.</verse>
				<verse number="20">تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال سان زنا ڪري، پاڻ کي انهيءَ سان پليت نہ ڪج.</verse>
				<verse number="21">تون پنهنجي اولاد مان ڪنهن کي بہ مولڪ جي واسطي باهہ مان لنگهڻ نہ ڏج، نڪي تون پنهنجي خدا جي نالي جي بي حرمتي ڪج: آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="22">تون ڪنهن مرد سان زال وانگر نہ سمهج: ڇالاءِ جو اهو مڪروهہ آهي.</verse>
				<verse number="23">۽ تون ڪنهن بہ جانور سان بدفعلي ڪري پاڻ کي پليت نہ ڪج: ۽ نہ ڪا زال ڪنهن جانور وٽ وڃي انهي جي هيٺان سمهي: اها اونڌي ڳالهہ آهي.</verse>
				<verse number="24">اوهين انهن مان ڪوبہ ڪم ڪري پاڻ کي پليت نہ ڪجو: ڇالاءِ تہ جن قومن کي آءٌ اوهان جي اڳيان ڪڍي ڇڏيندس، سي سڀ انهن ڪمن جي ڪري پليت ٿيون آهن:</verse>
				<verse number="25">۽ اها زمين بہ پليت ٿيل آهي: تنهنڪري آءٌ انهن کي سندن بدڪاري جي سزا ڏيندس، اهڙي جو زمين پنهنجن رهاڪن کي اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏيندي.</verse>
				<verse number="26">تنهنڪري اوهين قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪجو، ۽ انهن مڪروهہ ڪمن مان ڪوبہ نہ ڪجو؛ نڪي گهرو، نڪي پرديسي جيڪي اوهان منجهہ رهندا هجن، انهن مان ڪو ڪم ڪن:</verse>
				<verse number="27">(ڇالاءِ تہ جيڪي اوهان کان اڳي انهيءَ زمين جا رهاڪو هئا، تن اهي سڀ مڪروهہ ڪم ڪيا آهن، ۽ اها زمين پليت آهي؛)</verse>
				<verse number="28">سو ائين نہ ٿئي تہ جڏهن اوهين انهيءَ زمين کي پليت ڪريو، تڏهن اها اوهان کي بہ اهڙيءَ طرح اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏي، جهڙيءَ طرح اوهان کان اڳ ۾ رهندڙ قوم کي ڪڍي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="29">ڇالاءِ تہ جيڪو انهن مڪروهہ ڪمن مان ڪوبہ ڪندو، تہ اهڙا ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيا ويندا.</verse>
				<verse number="30">تنهنڪري اوهين منهنجو حڪم مڃيندا رهجو، انهي لاءِ تہ اوهان کان اڳي جيڪي مڪروهہ رسمون ۽ ڪم ڪيا ويا هئا، تن مان اوهين ڪوبہ نہ ڪريو، ۽ نڪي انهن جي ڪري پاڻ کي پليت ڪريو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="19">
				<verse number="1">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">تون بني اسرائيل جي ساري جماعت سان گفتگو ڪري کين چئُہ، تہ اوهين پاڪ ٿيو؛ ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا پاڪ آهيان.</verse>
				<verse number="3">اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجي پيءُ کان ڊڄندو رهي، ۽ اوهين منهنجي سبت جا ڏينهن ياد رکجو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.</verse>
				<verse number="4">اوهين بتن ڏانهن متان ڦرو، نڪي پنهنجي لاءِ پلٽيل معبود جوڙيو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.</verse>
				<verse number="5">۽ جڏهن اوهين خداوند جي لاءِ سلامتيءَ جي قرباني چاڙهيو، تڏهن اها اهڙيءَ طرح چاڙهجو، جو اوهين قبول پئو.</verse>
				<verse number="6">جنهن ڏينهن اوهين اها پيش ڪريو، تنهن ڏينهن، ۽ ٻئي ڏينهن جي صبح تائين اها کائڻ ۾ اچي: پر جيڪڏهن ٽئين ڏينهن تائين ڪجهہ بچي پوي، تہ اها باهہ ۾ ساڙي وڃي.</verse>
				<verse number="7">جيڪڏهن ٽئين ڏينهن انهي مان ڪجهہ کائڻ ۾ ايندو، تہ اهو مڪروهہ آهي؛ ۽ اها قبول نہ پوندي:</verse>
				<verse number="8">۽ جيڪو اهو کائيندو، سو پنهنجو ڏوهہ پاڻ تي کڻندو؛ ڇالاءِ جو هن خداوند جي پاڪ شيءِ کي پليت ڪيو آهي: ۽ اهو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="9">۽ جڏهن اوهين پنهنجي زمين جو فصل لڻو، تڏهن تون پنهنجي ٻنيءَ جون سڀ ڪنڊون پاسا متان لڻين، نڪي لاباري وقت جيڪي پٽ تي ڪري، سو ميڙي گڏ ڪج.</verse>
				<verse number="10">۽ تون پنهنجي ڊاک جي منهہ جا سڀ ڇڳا ڇني گڏ نہ ڪج، نڪي پنهنجي ڊاک جا ڪريل داڻا چونڊي کڻج؛ پر اهي غريبن ۽ مسافرن لاءِ ڇڏي ڏج: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.</verse>
				<verse number="11">اوهين چوري نہ ڪجو، نڪي هڪٻئي سان ڪپت ڪجو، يا ڪوڙ ڳالهائجو.</verse>
				<verse number="12">اوهين منهنجو نالو وٺي، ڪوڙو قسم نہ کڻجو، ائين نہ ٿئي، تہ تون پنهنجي خدا جي نالي جي بي حرمتي ڪرين: آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="13">تون پنهنجي پاڙيسريءَ تي ظلم نہ ڪج، نڪي انهيءَ کان ڪي ڦري وٺج: مزدور جي مزدوري سڄي رات، يعني صبح تائين پاڻ وٽ نہ رکج.</verse>
				<verse number="14">تون ٻوڙي کي لعنت نہ ڪج، نڪي انڌي جي اڳيان ٿاٻي کائڻ جهڙي شيءِ رکج. پر تون پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج: آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="15">اوهين فيصلي ڪرڻ ۾ بي انصافي نہ ڪجو: تون ڪنهن کي غريب سمجهي انهي جي پاس خاطري نہ ڪج، نڪي ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي طرفداري ڪج، پر پنهنجي پاڙيسريءَ جو فيصلو انصاف سان ڪج.</verse>
				<verse number="16">تون پنهنجن ماڻهن ۾ چغلخورن وانگر هيڏانهن هوڏانهن اچ وڃ نہ ڪج: نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي خون تي سندرو ٻڌج: آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="17">تون پنهنجي ڀاءُ لاءِ پنهنجيءَ دل ۾ دشمني نہ رکج: تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي ضرور ڏوراپو ڏج، ۽ انهي جو لحاظ ڪري، پنهنجي سر تي گناهہ نہ کڻج.</verse>
				<verse number="18">تون پنهنجيءَ قوم جي ماڻهن کان وير نہ وٺج، نڪي انهن سان ڪينو رکج، پر پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪج: آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="19">اوهين منهنجن قانونن کي ياد رکجو. تون پنهنجي چوپائي مال کي جدا جنس سان لڳڻ نہ ڏج: تون پنهنجي ٻنيءَ ۾ ٻن قسمن جو ٻج گڏي نہ پوکج: ۽ نڪي تون ٻن شين مان اُڻيل ڪپڙي جي پوشاڪ ڍڪج.</verse>
				<verse number="20">۽ جيڪڏهن ڪا زال ٻانهي هجي، ۽ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان مڱيل هجي، ۽ عيوضو ڏيئي ڇڏايل يا آزاد ٿيل نہ هجي، تنهن سان جيڪڏهن ڪو زنا ڪندو، تہ انهن کي سزا ڏني ويندي؛ پر اهي قتل نہ ڪيا ويندا، ڇالاءِ جو اها زال آزاد نہ هئي.</verse>
				<verse number="21">۽ اهو ماڻهو پنهنجي خطا جي قرباني، خداوند جي لاءِ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي، يعني خطا جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو گهٽو آڻي.</verse>
				<verse number="22">۽ ڪاهن انهي خطا جي قربانيءَ واري گهٽي سان، هن جي گناهہ جي واسطي، خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري: پوءِ هن کي سندس گناهہ جي معافي ملندي.</verse>
				<verse number="23">۽ جڏهن اوهين انهي ملڪ ۾ وڃو، ۽ هر ڪنهن قسم جي ميوي جا وڻ پوکيو تہ انهن جو ميوو اوهين اڻ طهريل ڪري ليکجو: ٽي ورهيہ اهو ميوو اوهان جي لاءِ اڻ طهريل وانگر رهندو؛ ۽ اهو کائڻ ۾ نہ ايندو.</verse>
				<verse number="24">پر چوٿين ورهيہ انهن جو سڀ ميوو خداوند جي شڪرگذاريءَ جي لاءِ پاڪ ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="25">۽ پنجين ورهيہ اوهين ڀلي اُنهي جو ميوو کائجو تہ اوهان جي لاءِ انهن جو ڦل وڌيڪ ٿئي: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.</verse>
				<verse number="26">اوهين ڪابہ شيءِ رت سان گڏيل نہ کائجو: نڪي جادوگري ڪجو. نڪي سوڻ ساٺ ڪجو.</verse>
				<verse number="27">اوهين پنهنجي مٿي جي وارن جون نؤڪون ڪوڙائي گول نہ ڪجو، نڪي پنهنجي ڏاڙهيءَ جون ڪنڊون بگاڙجو.</verse>
				<verse number="28">اوهين مئلن جي لاءِ پنهنجي بت تي وڍ نہ وجهجو، نڪي پنهنجي بت تي تروکڙيون ڪڍائجو: آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="29">تون پنهنجي ڌيءَ کي ڪسبياڻي ٿيڻ لاءِ پليت نہ ڪج؛ متان ملڪ ۾ زناڪاري ٿيڻ لڳي، ۽ ملڪ بڇڙائيءَ سان ڀرجي وڃي.</verse>
				<verse number="30">اوهين منهنجي سبت جو ڏينهن ياد رکجو، ۽ منهنجي پاڪ مڪان جي تعظيم ڪجو: آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="31">جيڪي ڀوپا ۽ جادوگر آهن، تن ڏانهن منهن نہ ڪجو، نڪي انهن کي ڳولي وٽن وڃجو، متان اوهين انهن سان ناپاڪ ٿيو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.</verse>
				<verse number="32">تون اڇي مٿي واري جي اڳيان اُٿي بيهج، ۽ پير مرد جي عزت ڪج، ۽ خدا کان ڊڄندو رهج: آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="33">جيڪڏهن ڪو پرديسي اوهان جي ملڪ ۾ اچي رهي، تہ انهي کي نہ ستائجو.</verse>
				<verse number="34">جيڪو پرديسي اوهان منجهہ اچي رهي، سو اوهان ۾ ملڪي ماڻهوءَ جهڙو آهي، ۽ تون انهي کي پاڻ جهڙو پيار ڪج؛ ڇالاءِ جو اوهين بہ مصر جي ملڪ ۾ مسافر هئا: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.</verse>
				<verse number="35">اوهين فيصلي ڪرڻ ۾، ماپڻ ۾، يا تورڻ ۾، يا مئڻ ۾ بي انصافي نہ ڪجو.</verse>
				<verse number="36">اوهين پاڻ وٽ پوريون ساهميون، پورا وٽ، پورو ايفہ ۽ پورو هين رکجو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي.</verse>
				<verse number="37">اوهين منهنجا سڀ قانون، ۽ منهنجا سڀيئي حڪم مڃيندا رهجو، ۽ انهن تي عمل ڪجو: آءٌ خداوند آهيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="20">
				<verse number="1">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">انهي کان سواءِ تون بني اسرائيل کي چئج، تہ بني اسرائيل مان، يا جيڪي پرديسي اسرائيل ۾ رهن ٿا، تن مان جيڪو ماڻهو پنهنجو اولاد مولڪ کي نذر ڪري ڏيندو، سو ضرور ماريو ويندو: ملڪ جا ماڻهو انهي کي سنگسار ڪري ڇڏين.</verse>
				<verse number="3">آءٌ بہ پنهنجو منهن انهي ماڻهوءَ کان ڦيرائيندس، ۽ انهي کي سندس قوم مان تباهہ ڪري ڇڏيندس: ڇالاءِ جو هن پنهنجي اولاد مان ڪو مولڪ کي ڏئي، منهنجي پاڪ مڪان کي پليت ڪيو آهي، ۽ منهنجي پاڪ نالي جي بي حرمتي ڪئي اٿس.</verse>
				<verse number="4">۽ جڏهن هو پنهنجي اولاد مان ڪو مولڪ کي ڏيندو، ۽ جي ملڪ جا ماڻهو انهي کان اک ٻوٽ ڪندا، ۽ انهي کي قتل نہ ڪندا:</verse>
				<verse number="5">تہ پوءِ آءٌ پنهنجو منهن انهي ماڻهوءَ کان، ۽ انهي جي گهراڻي کان ڦيرائيندس، ۽ انهي کي، ۽ جيڪي انهي سان گڏجي زنا ڪندا، ۽ مولڪ جي پيروي ڪري زناڪار ٿيندا، تن سڀني کي سندن قوم مان تباهہ ڪري ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="6">۽ جيڪو ماڻهو ڀوپن ۽ جادوگرن ڏانهن منهن ڪندو، ۽ انهن جي پيروي ڪري زناڪار ٿيندو، آءٌ انهي ماڻهو جي برخلاف ٿيندس، ۽ انهي کي سندس قوم مان تباهہ ڪري ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو، ۽ پاڪ رهو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.</verse>
				<verse number="8">اوهين منهنجا قانون ياد رکجو، ۽ انهن تي عمل ڪجو: آءٌ خداوند آهيان، جو اوهان کي پاڪ ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="9">۽ جيڪو پنهنجي پيءُ تي يا پنهنجيءَ ماءُ تي لعنت ڪندو، سو ضرور ماريو ويندو: هن پنهنجي پيءُ يا پنهنجيءَ ماءُ تي لعنت ڪئي آهي؛ ۽ انهي جو خون سندس گردن تي آهي.</verse>
				<verse number="10">۽ جيڪو ٻئي ماڻهوءَ جي زال سان زنا ڪندو، يعني جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال سان زنا ڪندو، تہ اهو زناڪار مرد ۽ اُها زناڪار زال ٻئي ضرور ماريا ويندا.</verse>
				<verse number="11">۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي پيءُ جي زال سان سمهندو، تنهن پنهنجي پيءُ جو ننگ کوليو آهي: اهي ٻئي ضرور ماريا ويندا؛ انهن جو خون سندن گردن تي آهي.</verse>
				<verse number="12">۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجيءَ ننهن سان سمهندو، تہ اهي ٻئي ضرور ماريا ويندا: هن اونڌو ڪم ڪيو آهي؛ انهن جو خون سندن گردن تي آهي.</verse>
				<verse number="13">۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن مرد سان بدفعلي ڪندو، تہ انهن ٻنهي ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو آهي: اهي ٻئي ضرور ماريا ويندا؛ انهن جو خون سندن گردن تي آهي.</verse>
				<verse number="14">۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال ۽ پنهنجي سس ٻنهي کي رکندو، تہ اها بڇڙائي آهي. اهو ماڻهو ۽ هو ٻئي زالون باهہ ۾ ساڙيا ويندا؛ انهي لاءِ تہ اوهان ۾ بڇڙائي نہ رهي.</verse>
				<verse number="15">۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن جانور سان بدفعلي ڪندو، تہ اهو بہ ضرور ماريو ويندو: ۽ اوهين انهي جانور کي بہ ڪهي ڇڏجو،</verse>
				<verse number="16">جيڪڏهن ڪا زال ڪنهن جانور وٽ وڃي، ۽ انهي جي هيٺان وڃي سمهي، تہ اوهين انهيءَ جانور ۽ انهيءَ زال کي قتل ڪري ڇڏجو: اهي ٻئي ضرور ماريا وڃن؛ انهن جو خون سندن گردن تي آهي.</verse>
				<verse number="17">۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڀيڻ، يا پنهنجي پيءُ جي ڌيءَ، پاڻ وٽ ويهاري، ۽ سندس ننگ ڏسي، تہ اها شرم جي ڳالهہ آهي؛ اهي پنهنجيءَ قوم جي روبرو تباهہ ڪيا وڃن: انهي ماڻهوءَ پنهنجيءَ ڀيڻ جو ننگ کوليو آهي؛ هو پنهنجو گناهہ پاڻ کڻندو.</verse>
				<verse number="18">۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن زال جي ماهواريءَ وقت انهيءَ سان سمهي، ۽ سندس ننگ کولي؛ تہ هن انهيءَ جو چشمو اُگهاڙو ڪيو آهي، ۽ زال پنهنجي رت جو چشمو ظاهر ڪيو آهي: تہ اهي ٻئي پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيا ويندا.</verse>
				<verse number="19">۽ تون پنهنجيءَ ماءُ جي ڀيڻ، ۽ پنهنجي پيءُ جي ڀيڻ جو ننگ نہ کولج: ڇالاءِ جو اهڙي ماڻهوءَ پنهنجي ويجهي مائٽياڻيءَ کي اُگهاڙو ڪيو آهي: هو پنهنجو گناهہ پاڻ کڻندو.</verse>
				<verse number="20">۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي چاچيءَ سان گڏ سمهندو، تہ انهي پنهنجي چاچيءَ جو ننگ کوليو آهي: اهي پنهنجو گناهہ پاڻ تي کڻندا؛ اهي بي اولاد مرندا.</verse>
				<verse number="21">۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڀاڄائيءَ کي پاڻ وٽ ويهاريندو تہ اها ناپاڪي آهي: هن پنهنجي ڀاءُ جو ننگ کوليو آهي؛ اهي بي اولاد مرندا.</verse>
				<verse number="22">تنهنڪري اوهين منهنجن سڀني قانونن ۽ منهنجن سڀني فيصلن کي ياد رکجو، ۽ انهن تي عمل ڪجو: انهي لاءِ تہ متان جنهن زمين ۾ رهڻ لاءِ آءٌ اوهان کي موڪليان ٿو، سا اوهان کي اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏي.</verse>
				<verse number="23">۽ جنهن قوم کي آءٌ اوهان جي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍان، تنهنجين رسمن تي اوهين نہ هلجو: ڇالاءِ جو انهن اهي سڀ ڪم ڪيا آهن، تنهنڪري مون انهن کان نفرت ڪئي.</verse>
				<verse number="24">پر مون اوهان کي چيو آهي، تہ اوهين انهن جي زمين جا وارث ٿيندا، ۽ آءٌ اها اوهان کي ملڪيت ڪري ڏيندس، جنهن زمين ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي ٻين قومن کان ڌار ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="25">تنهنڪري اوهين پاڪ ۽ ناپاڪ جانور جي وچ ۾، ۽ پاڪ ۽ ناپاڪ پکيءَ جي وچ ۾ فرق ڪجو: ۽ جانور يا پکي، يا ٻيو ڪو زمين تي سرندڙ جيت، جنهن کي مون ناپاڪ ٺهرائي اوهان کان ڌار ڪيو آهي، تنهن جي ڪري اوهين پاڻ کي مڪروهہ نہ ڪجو.</verse>
				<verse number="26">۽ اوهين منهنجي لاءِ پاڪ ٿيو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند پاڪ آهيان، ۽ اوهان کي قومن مان چونڊي ڌار ڪيو اٿم، انهي لاءِ تہ اوهين منهنجا ٿيو.</verse>
				<verse number="27">جيڪو مرد يا زال ڀوپو يا جادوگر هجي، سو ضرور ماريو وڃي: انهي کي پهڻن سان سنگسار ڪيو وڃي: انهن جو خون سندن گردن تي آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="21">
				<verse number="1">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ، هارون جا پٽ جي ڪاهن آهن، تن سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ جڏهن اوهان جي قوم مان ڪو مري وڃي، تڏهن انهي جي لاءِ اوهين پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪريو:</verse>
				<verse number="2">سواءِ انهي مائٽ جي لاءِ جو ويجهو هجي، يعني پنهنجي ماءُ، پيءُ، پٽ، ڌيءَ ۽ پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ؛</verse>
				<verse number="3">۽ پنهنجي ڪنواري ڀيڻ جي لاءِ، جا پرڻيل نہ هجي، ۽ جا کيس ويجهي آهي، انهن جي لاءِ هو ڀلي پاڻ کي ٻين کان ڌار ڪري.</verse>
				<verse number="4">۽ ڇالاءِ جو هو قوم جو سردار آهي تنهن ڪري هو پاڻ کي اهڙو ناپاڪ نہ ڪري جو بي حرمتي ٿئي.</verse>
				<verse number="5">هو پنهنجو مٿو نہ ڪوڙائين، نڪي هو پنهنجي ڏاڙهيءَ جي ڪنڊ ڪوڙائين، نڪي پنهنجي بت تي وڍ وجهن.</verse>
				<verse number="6">هو پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ رهن، ۽ پنهنجي خدا جي نالي جي بي حرمتي نہ ڪن: ڇالاءِ جو هو خداوند جي لاءِ باهہ جون قربانيون ٿا چاڙهين، جي سندن خدا جي خوراڪ آهن: تنهنڪري هو پاڪ رهن.</verse>
				<verse number="7">هو اهڙي زال نہ ويهارين، جا ڪسبياڻي يا خراب هجي؛ يا جنهن کي سندس مڙس ڇڏي ڏنو هجي: ڇالاءِ جو هو پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ آهي.</verse>
				<verse number="8">تنهنڪري تون انهي کي پاڪ ڄاڻ؛ ڇالاءِ جو هو تنهنجي خدا جي خوراڪ پيش ٿو ڪري: اهو تنهنجي لاءِ پاڪ رهندو: ڇوتہ آءٌ خداوند پاڪ آهيان، جو اوهان کي پاڪ ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="9">۽ جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ ڪسبياڻي ٿي پاڻ کي پليت ڪري، تہ هوءَ پنهنجي پيءُ کي پليت ٿي ڪري، تنهنڪري انهيءَ کي باهہ سان ساڙيو وڃي.</verse>
				<verse number="10">۽ جيڪو پنهنجي ڀائرن ۾ سردار ڪاهن هجي، يعني جنهن جي مٿي تي مسح ڪرڻ جو تيل اوتيل هجي، ۽ جو پوشاڪ پائڻ لاءِ مخصوص ڪيل هجي، سو پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙي، نڪي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي؛</verse>
				<verse number="11">۽ هو ڪنهن بہ مردي جي ويجهو نہ وڃي، نڪي پنهنجي پيءُ يا پنهنجيءَ ماءُ جي لاءِ پاڻ کي ناپاڪ ڪري؛</verse>
				<verse number="12">۽ هو پاڪ مڪان کان ٻاهر نہ نڪري، نڪي پنهنجي خدا جي پاڪ مڪان جي بي حرمتي ڪري؛ ڇالاءِ جو هن تي سندس خدا جي مسح ڪرڻ واري تيل جو تاج آهي: آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="13">هو ڪنواري زال سان شادي ڪري.</verse>
				<verse number="14">بيوہ، يا طلاق ڏنل، يا خراب زال، يا ڪسبياڻيءَ سان هو شادي نہ ڪري: پر پنهنجي قوم مان ڪنهن ڪنواريءَ زال سان شادي ڪري.</verse>
				<verse number="15">۽ هو پنهنجي تخم کي پنهنجي قوم ۾ بي آبرو نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو آءٌ خداوند آهيان، جو هن کي پاڪ ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="16">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="17">هارون کي چئُہ تہ تنهنجي اولاد مان سندن سڀني پيڙهين ۾، جنهن ۾ ڪوبہ عيب هجي، سو پنهنجي خدا جي خوراڪ پيش ڪرڻ لاءِ ويجهو نہ اچي.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ تہ ڪوبہ ماڻهو جنهن ۾ ڪو عيب هجي، سو ويجهو نہ اچي: يعني انڌو، يا منڊو، يا چٻي نڪ وارو، يا جنهن جو ڪو عضوو وڌيل هجي،</verse>
				<verse number="19">يا جنهن جو پير يا هٿ ڀڳل هجي،</verse>
				<verse number="20">يا جيڪو گڪو يا بندرو هجي، يا جنهن کي اک ۾ ڪو عيب هجي، يا جنهن کي ڏڍ يا خارش هجي، يا جنهن جا آنورا ڦٿل هجن؛</verse>
				<verse number="21">مطلب تہ هارون ڪاهن جي اولاد مان جنهن بہ ماڻهوءَ ۾ ڪو عيب هجي، سو خداوند جي لاءِ باهہ جون قربانيون چاڙهڻ واسطي ويجهو نہ اچي. ڇالاءِ جو انهيءَ ۾ عيب آهي؛ هو خدا جي کاڌي جي قرباني چاڙهڻ لاءِ ويجهو نہ اچي.</verse>
				<verse number="22">هو پنهنجي خدا جي مانيءَ مان ڀلي کائي، پوءِ اها کڻي پاڪ ترين يا پاڪ مڪان جي هجي.</verse>
				<verse number="23">فقط ايترو جو هو پردي جي اندر نہ وڃي، نڪي قربانگاهہ جي ويجهو وڃي، ڇالاءِ جو هن ۾ عيب آهي: متان هو منهنجي پاڪ مڪانن جي بي حرمتي ڪري: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند آهيان، جو انهي کي پاڪ ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="24">تڏهن موسيٰ، هارون ۽ سندس پٽن کي، ۽ سڀني اسرائيلين کي اهي سڀ ڳالهيون چئي ٻڌايون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="22">
				<verse number="1">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">تون هارون ۽ سندس پٽن کي چئُہ تہ بني اسرائيل جون پاڪ شيون، جي هو منهنجي لاءِ پاڪ ڪن، تن کان پاڻ کي پري رکن، ۽ انهن جي ڪري منهنجي پاڪ نالي جي بي حرمتي نہ ڪن: آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="3">هنن کي چئُہ تہ اوهانجين سڀني پيڙهين ۾، اوهان جي اولاد مان ڪوبہ شخص، جو ناپاڪ هوندو، ۽ انهن پاڪ شين جي ويجهو ويندو، جن کي بني اسرائيل خداوند جي لاءِ پاڪ ڪيو هوندو، سو منهنجي حضور مان تباهہ ڪيو ويندو: آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="4">هارون جي نسل مان جيڪو ماڻهو ڪوڙهيو هجي، يا جنهن کي پرميل جو مرض هجي، سو جيسين پاڪ نہ ٿئي، تيسين انهن پاڪ شين مان نہ کائي، ۽ جيڪو ڪنهن اهڙي شيءِ کي ڇهي، جا ڪنهن مڙهہ کي لڳڻ ڪري ناپاڪ ٿي هجي، يا جنهن کي احتلام هجي،</verse>
				<verse number="5">يا جيڪو ڪنهن اهڙي سرندڙ جيت کي ڇهي، جنهنڪري هو ناپاڪ ٿي پوي، يا ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي ڇهي، جنهن مان هن کي ناپاڪي لڳي، پوءِ اها ناپاڪي ڪهڙي بہ قسم جي هجي؛</verse>
				<verse number="6">تہ اهو ماڻهو جو اهڙي ڪنهن بہ شيءِ کي ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو، ۽ جيسين هو پاڻيءَ ۾ نہ وهنجي، تيسين پاڪ شيون نہ کائي.</verse>
				<verse number="7">۽ جڏهن سج لهندو، تڏهن هو پاڪ ٿيندو؛ پوءِ هو انهن پاڪ شين مان ڀلي کائي؛ ڇالاءِ جو اها سندس خوراڪ آهي.</verse>
				<verse number="8">جيڪو جانور پاڻيهي مري، يا جنهن کي جهنگلي جانورن ڦاڙيو هجي، سو کائي هو پاڻ کي پليت نہ ڪري: آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="9">تنهنڪري هو منهنجو حڪم ياد رکن، متان هو انهي جي ڪري گنهگار ٿين، ۽ انهي جي بي حرمتي ڪرڻ ڪري مري پون: آءٌ خداوند آهيان، جو کين پاڪ ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="10">ڪوبہ ڌاريو ماڻهو انهن شين مان ڪجهہ بہ نہ کائي: ڪاهن وٽ رهندڙ مسافر يا ڪو مزور بہ، انهن پاڪ شين مان نہ کائي.</verse>
				<verse number="11">پر جنهن کي ڪاهن پئسن سان خريد ڪيو هجي، سو ڀلي انهيءَ مان کائي، ۽ جيڪي سندس گهر ۾ ڄاوا هجن، سي هن جي کاڌي مان ڀلي کائين.</verse>
				<verse number="12">۽ جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ، ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ سان پرڻيل هجي، تہ اها انهن پاڪ شين جي کڻڻ واري قربانيءَ مان نہ کائي.</verse>
				<verse number="13">پر جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ بيوہ، يا طلاق ڏنل هجي، ۽ انهي کي اولاد نہ هجي، ۽ هوءَ پنهنجي ننڍپڻ وانگر موٽي پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ رهندي هجي، تہ اها ڀلي پنهنجي پيءُ جي مانيءَ مان کائي: پر ٻيو ڪوبہ ڌاريو ماڻهو انهيءَ مان اصل نہ کائي.</verse>
				<verse number="14">پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀل مان انهيءَ پاڪ شيءِ مان ڪي کائي، تہ پوءِ هو اُنهي جي پنجين حصي جيترو وڌيڪ انهيءَ ۾ گڏ ڪري، ۽ پوءِ اها پاڪ شيءِ ڪاهن کي ڏئي.</verse>
				<verse number="15">۽ بني اسرائيل جيڪي پاڪ شيون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن، تن جي هو بي ادبي نہ ڪن؛</verse>
				<verse number="16">۽ انهي ڪري هنن تي گناهہ جو بار نہ وجهن: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند آهيان، جو کين پاڪ ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="17">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="18">تون هارون، ۽ سندس پٽن، ۽ بني اسرائيل کي چئُہ تہ اسرائيل جي گهراڻي مان، يا جيڪي پرديسي ماڻهو بني اسرائيل ۾ رهن ٿا، تن مان جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي مڃت پوري ڪرڻ واسطي، يا خوشيءَ جي قربانيءَ لاءِ خداوند جي حضور ۾، سوختني قرباني پيش ڪري؛</verse>
				<verse number="19">تہ اوهين ڍڳن مان، يا رڍن مان، يا ٻڪرين مان ڪو بي عيب نر پيش ڪجو، تہ اوهين قبول پئو.</verse>
				<verse number="20">پر جنهن ۾ ڪو عيب هجي، سو اوهين پيش نہ ڪجو، ڇالاءِ جو اهو اوهان جي لاءِ قبول نہ پوندو.</verse>
				<verse number="21">۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي مڃت پوري ڪرڻ واسطي، يا خوشيءَ جي قربانيءَ لاءِ پنهنجن ڍورن، يا ڌڻن مان، خداوند جي لاءِ سلامتيءَ جي قرباني پيش ڪري؛ تہ انهي ۾ ڪو عيب نہ هجي، پر اُها بلڪل سالم هجي تہ قبول پوي.</verse>
				<verse number="22">انڌو، يا عضوي ڀڳل، يا منڊو ٽُنڊو، يا لسڻ، يا ڏڍ، يا خارش وارو جانور اوهين خداوند جي لاءِ پيش نہ ڪجو، ۽ نڪي انهن مان ڪنهن کي قربانگاهہ تي آڻي، خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني چاڙهجو.</verse>
				<verse number="23">جنهن ڍڳي يا گهيٽي جو ڪو عضوو وڌيل يا گهٽيل هجي، سو تون خوشيءَ جي قربانيءَ طور ڀلي پيش ڪج؛ پر ڪنهن مڃت جي لاءِ اهو قبول نہ پوندو.</verse>
				<verse number="24">جنهن جا آنورا ڦٽيل، يا چيريل، يا ڀڳل، يا وڍيل هجن، سو بہ اوهين خداوند جي لاءِ قربانيءَ طور پيش نہ ڪجو؛ نڪي پنهنجي ملڪ ۾ اهڙن جي قرباني چاڙهجو.</verse>
				<verse number="25">۽ اوهين ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ جي هٿان انهن مان ڪو وٺي، پنهنجي خدا جي خوراڪ لاءِ پيش نہ ڪجو؛ ڇالاءِ جو انهن ۾ سندن خرابي آهي ۽ منجهن عيب آهي: اهي اوهان جي لاءِ قبول نہ پوندا.</verse>
				<verse number="26">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="27">جڏهن ڪو گابو، يا گهيٽو، يا ڇيلو ڄمي، تڏهن ست ڏينهن اهي پنهنجيءَ ماءُ وٽ رهن؛ ۽ اٺين ڏينهن، يا انهي کان پوءِ اهي خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ واسطي قبول پوندا.</verse>
				<verse number="28">۽ اوهين ڳئون، يا رڍ کي، ۽ انهيءَ جي ٻچي کي هڪڙي ئي ڏينهن ذبح نہ ڪجو.</verse>
				<verse number="29">۽ جڏهن اوهين خداوند جي شڪرگذاريءَ لاءِ قرباني چاڙهيو، تڏهن اهڙيءَ طرح چاڙهجو جو اوهين قبول پئو.</verse>
				<verse number="30">انهي ساڳئي ڏينهن اها کائجو؛ انهي مان صبح تائين ڪي بہ نہ بچائجو: آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="31">تنهنڪري اوهين منهنجا حڪم مڃيندا رهجو، ۽ انهن تي عمل ڪجو: آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="32">۽ اوهين منهنجي پاڪ نالي جي بي حرمتي نہ ڪجو؛ پر آءٌ بني اسرائيل ۾ پاڪ ليکجڻ ۾ ايندس: آءٌ خداوند آهيان، جو اوهان کي پاڪ ٿو ڪريان؛</verse>
				<verse number="33">۽ جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، انهي لاءِ تہ اوهان جو خدا ٿيان: آءٌ خداوند آهيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="23">
				<verse number="1">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ خداوند جون مقرر ڪيل عيدون، جن جي لاءِ اوهين پاڪ جماعتن جي گڏ ٿيڻ جي پڌرائي ڪندا، سي منهنجون مقرر ڪيل عيدون هي آهن.</verse>
				<verse number="3">ڇهہ ڏينهن ڪم ڪار ڪيو وڃي: پر ستون ڏينهن پوري آرام جي لاءِ سبت آهي، جنهن تي پاڪ جماعت گڏ ٿيندي؛ اوهين ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو: اهو اوهان جي سڀني گهرن ۾ خداوند جو سبت آهي.</verse>
				<verse number="4">هي خداوند جون مقرر ڪيل عيدون آهن، يعني پاڪ جماعتون، جن جي اوهين ٺهرايل وقت تي پڌرائي ڪجو.</verse>
				<verse number="5">پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ شام جو خداوند جو فسح آهي.</verse>
				<verse number="6">۽ ساڳئي مهيني جي پندرهين تاريخ خداوند جي لاءِ فطيري مانيءَ جي عيد آهي: ست ڏينهن اوهين فطيري ماني کائجو.</verse>
				<verse number="7">پهرئين ڏينهن اوهين پاڪ جماعت گڏ ڪجو: ۽ ٻيو ڪو محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.</verse>
				<verse number="8">پر ستين ڏينهن اوهين خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني چاڙهجو: ۽ ستون ڏينهن پاڪ مجلس جو ڏينهن آهي؛ ۽ اوهين ڪو محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.</verse>
				<verse number="9">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="10">تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ جيڪا زمين آءٌ اوهان کي ڏيان ٿو، تنهن ۾ جڏهن اوهين پهچو، ۽ انهيءَ جو فصل لڻو، تڏهن اوهين پنهنجي فصل جي پهرئين اَن جو گڏو ڪاهن وٽ آڻجو:</verse>
				<verse number="11">۽ هو اهو گڏو خداوند جي حضور ۾ لوڏي، تہ اوهان جي طرفان اهو قبول پوي: سبت جي ٻئي ڏينهن صبح جو ڪاهن اهو لوڏي.</verse>
				<verse number="12">۽ جنهن ڏينهن اهو گڏو لوڏيو وڃي، تنهن ڏينهن اوهين خداوند جي لاءِ هڪڙو يڪسالو بي عيب گهيٽو، سوختني قربانيءَ جي لاءِ پيش ڪجو.</verse>
				<verse number="13">۽ انهي سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جيترو ميدو، تيل ۾ ڳوهيل هجي، تہ خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني ٿئي، جا باهہ سان ساڙبي آهي: ۽ انهي سان گڏ پيئڻ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙي هين جي چوٿين حصي جيتري مئي هجي.</verse>
				<verse number="14">۽ جيسين اوهين انهي ساڳئي ڏينهن، پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني نہ آڻيو، تيسين اوهين نہ ماني کائجو، نہ ڀڳل اَن، ۽ نڪي تازا سنگ کائجو: اهو اوهانجين سڀني پيڙهين لاءِ اوهان جي سڀني گهرن ۾ هميشہ جي لاءِ قانون رهندو.</verse>
				<verse number="15">۽ اوهين سبت جي ٻئي ڏينهن جي صبح کان، يعني جنهن ڏينهن اوهين لوڏڻ جي قربانيءَ جو گڏو آڻيو؛ انهي ڏينهن کان وٺي پنهنجي لاءِ پورا ست سبت ڳڻجو:</verse>
				<verse number="16">۽ ستين سبت جي ٻئي ڏينهن جي صبح تائين، اوهين پورا پنجاهہ ڏينهن شمار ڪجو؛ پوءِ اوهين خداوند جي لاءِ نئين کاڌي جي قرباني پيش ڪجو.</verse>
				<verse number="17">اوهين پنهنجن گهرن مان هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جون ٻہ مانيون لوڏڻ جي لاءِ آڻجو: اهي ميدي جون هجن، ۽ خمير گڏي پچائجن، تہ خداوند جي لاءِ پهرئين ڦر جي قرباني ٿئي.</verse>
				<verse number="18">۽ اوهين انهيءَ مانيءَ سان گڏ ست يڪسالا بي عيب گهٽا، هڪڙو وهڙو، ۽ ٻہ گهيٽا پيش ڪجو: اهي کاڌي جي قربانيءَ ۽ پيئڻ جي قربانيءَ سان گڏ، خداوند جي لاءِ سوختني قربانيءَ لاءِ هجن، تہ خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني ٿئي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.</verse>
				<verse number="19">۽ اوهين گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر ۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ يڪسالا گهيٽا پيش ڪجو.</verse>
				<verse number="20">۽ ڪاهن انهن کي پهرئين ڦل واري مانيءَ سان گڏ، خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قرباني ڪري لوڏي، اهي خداوند جي لاءِ پاڪ ٿيندا ۽ ڪاهن کي ملندا.</verse>
				<verse number="21">۽ اوهين انهي ساڳئي ڏينهن پڌرائي ڪرائجو، تہ اوهان جي لاءِ پاڪ جماعت گڏ ٿئي: ۽ اوهين ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو: اهو اوهان جي سڀني پيڙهين لاءِ، اوهان جي سڀني گهرن ۾ هميشہ جي لاءِ قانون رهندو.</verse>
				<verse number="22">۽ جڏهن اوهين پنهنجي زمين جو فصل لڻو، تڏهن تون پنهنجي ٻنيءَ جون سڀ ڪنڊون پاسا نہ لڻج، ۽ نڪي لاباري جي وقت جيڪي پٽ تي ڪري، سو ميڙي گڏ ڪج: اهو تون غريبن ۽ مسافرن لاءِ ڇڏي ڏج: آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان.</verse>
				<verse number="23">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="24">تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ ستين مهيني جي پهرين تاريخ اوهان جي لاءِ پورو آرام ٿيندو، انهي ڏينهن يادگيريءَ جي لاءِ تريون وڄن، ۽ پاڪ جماعت گڏ ٿئي.</verse>
				<verse number="25">۽ اوهين ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو: ۽ اوهين خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو.</verse>
				<verse number="26">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس، تہ</verse>
				<verse number="27">انهي ستين مهيني جو ڏهون ڏينهن ڪفاري جو ڏينهن آهي: انهي ڏينهن اوهان جي لاءِ پاڪ جماعت گڏ ٿئي، ۽ اوهين پنهنجي روح جي رياضت ڪجو؛ ۽ اوهين خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو.</verse>
				<verse number="28">انهي ڏينهن اوهين ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو: ڇالاءِ جو اهو ڪفاري جو ڏينهن آهي، ۽ خداوند اوهان جي خدا جي حضور ۾ اوهان جي لاءِ ڪفارو ڪيو وڃي.</verse>
				<verse number="29">ڇالاءِ جو جيڪو بہ ماڻهو انهي ساڳئي ڏينهن پنهنجي روح جي رياضت نہ ڪندو، سو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="30">۽ جيڪو بہ ماڻهو انهي ساڳئي ڏينهن، ڪنهن بہ قسم جو ڪم ڪندو، تنهن کي آءٌ سندس ماڻهن مان برباد ڪري ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="31">انهي ڏينهن اوهين ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو: اهو اوهان جي سڀني پيڙهين لاءِ، اوهان جي سڀني گهرن ۾ هميشہ جي لاءِ قانون رهندو.</verse>
				<verse number="32">اهو اوهان جي لاءِ پوري آرام جو سبت ٿيندو، ۽ اوهين پنهنجي روح جي رياضت ڪجو: انهي مهيني جي نائين تاريخ جي شام کان وٺي ٻيءَ شام تائين، پنهنجي آرام جو وقت ڪري ليکجو.</verse>
				<verse number="33">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="34">تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ انهي ستين مهيني جي پندرهينءَ تاريخ کان وٺي ستن ڏينهن تائين خداوند جي لاءِ تنبن جي عيد ٿيندي.</verse>
				<verse number="35">پهرئين ڏينهن پاڪ جماعت گڏ ٿيندي: ۽ اوهين ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.</verse>
				<verse number="36">ستين ڏينهن تائين اوهين خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو: ۽ اٺون ڏينهن پاڪ مجلس جو ڏينهن ٿيندو، ۽ اوهين خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو: اهو پاڪ جماعت جو ڏينهن آهي؛ ۽ اوهين ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.</verse>
				<verse number="37">اِهي خداوند جون مقرر ڪيل عيدون آهن، جن جي لاءِ اوهين پڌرائي ڪجو، تہ پاڪ جماعتون گڏ ٿين، انهي لاءِ تہ اوهين خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙڻ واري قرباني پيش ڪريو، يعني سوختني قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني، هڪڙي قرباني، ۽ پيئڻ جون قربانيون؛ هر ڪا پنهنجي پنهنجي مقرر ڏينهن تي پيش ڪجو:</verse>
				<verse number="38">انهي کان سواءِ خداوند جي سبتن کي مڃيندا رهجو، ۽ پنهنجا نذرانا ۽ پنهنجيون مڃتا جون قربانيون، ۽ پنهنجيون خوشيءَ جون قربانيون، برابر پيش ڪندا رهجو.</verse>
				<verse number="39">۽ ستين مهيني جي پندرهين ڏينهن، جڏهن اوهين پنهنجي ٻنيءَ جو فصل گڏ ڪري رهو، تڏهن ست ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ڪجو: پهريون ڏينهن پوري آرام جي واسطي آهي، ۽ اٺون ڏينهن بہ پوري آرام جي واسطي آهي.</verse>
				<verse number="40">۽ اوهين پهرئين ڏينهن چڱن وڻن جو ميوو، ۽ کجيءَ جي وڻن جون ٽاريون، ۽ گهاٽن وڻن جا ڏار، ۽ نهرن جون ليون کڻجو؛ ۽ ستن ڏينهن تائين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشيون ڪجو.</verse>
				<verse number="41">۽ اوهين هر ڪنهن سال اهي ست ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ڪجو: اهو اوهان جي پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون آهي: اهو اوهين ستين مهيني ۾ ملهائيندا رهجو.</verse>
				<verse number="42">اوهين ستن ڏينهن تائين تنبن ۾ رهجو؛ جيڪي اسرائيل جي نسل جا هجن، سي سڀ تنبن ۾ رهن:</verse>
				<verse number="43">انهي لاءِ تہ اوهان جي سڀ ڪنهن پيڙهيءَ کي خبر پوي، تہ جڏهن مون بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، تڏهن انهن کي تنبن ۾ رهايم: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.</verse>
				<verse number="44">سو موسيٰ بني اسرائيل کي خداوند جي مقرر ڪيل عيدن جو بيان ڪري ٻڌايو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="24">
				<verse number="1">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">تون بني اسرائيل کي حڪم ڪر تہ اهي ٻارڻ جي لاءِ نج زيتون جو جهاڳوڙيل تيل تو وٽ کڻي اچن، تہ ڏيئو هميشہ ٻرندو رهي.</verse>
				<verse number="3">۽ هارون انهي کي جماعت واري تنبوءَ ۾ شاهديءَ جي پردي جي ٻاهران، سانجهيءَ کان وٺي صبح تائين خداوند جي حضور ۾ هميشہ ٺاهي رکي: اهو اوهان جي سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون رهندو.</verse>
				<verse number="4">هو اهي ڏيئا پاڪ شمعدان تي، خداوند جي حضور ۾ هميشہ ٺاهي رکي.</verse>
				<verse number="5">۽ تون ميدو کڻي، انهي مان ٻارنهن مانيون پچائج: هرهڪ مانيءَ ۾ هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جيترو ميدو هجي.</verse>
				<verse number="6">۽ تون اهي خداوند جي حضور ۾ پاڪ ميز تي ٻن قطارن ۾ رکج، هرهڪ قطار ۾ ڇهہ مانيون.</verse>
				<verse number="7">۽ تون هرهڪ قطار تي خالص لوبان رکج. انهي لاءِ تہ اهو مانين تي يادگيريءَ جي لاءِ رهي، يعني خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني ٿئي.</verse>
				<verse number="8">هر ڪنهن سبت جي ڏينهن هو خداوند جي حضور ۾ ٺاهي رکي؛ اهو بني اسرائيل جي طرفان هميشہ جو عهد آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ اهي مانيون هارون ۽ سندس پٽن جون ٿينديون، ۽ هو اهي ڪنهن پاڪ جاءِ ۾ ويهي کائين؛ ڇالاءِ جو اهو هميشہ جي قانون موجب، خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانين مان هن جي لاءِ تمام پاڪ آهي.</verse>
				<verse number="10">پوءِ هڪڙي اسرائيلي زال جو پٽ، جنهن جو پيءُ مصري هو، سو نڪري بني اسرائيل ۾ ويو: ۽ انهيءَ اسرائيلي زال جي پٽ جو هڪڙي اسرائيلي ماڻهوءَ سان منزلگاهہ ۾ جهيڙو ٿي پيو؛</verse>
				<verse number="11">۽ اهو اسرائيلي زال جو پٽ خداوند جي نالي تي ڪفر بڪڻ لڳو ۽ انهي تي لعنت ڪيائين: تڏهن هو انهي کي موسيٰ وٽ وٺي آيا. ۽ انهي جي ماءُ جو نالو سلوميت هو، ۽ هوءَ دان جي قبيلي واري دبريءَ جي ڌيءَ هئي.</verse>
				<verse number="12">۽ هنن انهي ماڻهوءَ کي قيد ۾ رکيو، انهيءَ لاءِ تہ انهي جي بابت کين خداوند جو حڪم معلوم ٿئي.</verse>
				<verse number="13">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="14">جنهن شخص لعنت ڪئي آهي، تنهن کي ڪڍي منزلگاهہ کان ٻاهر آڻ؛ ۽ جن جن اها ٻڌي آهي، سي سڀيئي پنهنجا هٿ انهي جي مٿي تي رکن، ۽ ساري جماعت انهي کي سنگسار ڪري.</verse>
				<verse number="15">۽ تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ جيڪو پنهنجي خدا تي لعنت ڪندو، سو پنهنجو گناهہ پاڻ تي کڻندو.</verse>
				<verse number="16">۽ جيڪو خداوند جي نالي تي ڪفر بڪندو سو ضرور قتل ڪيو ويندو؛ ساري جماعت انهي کي سنگسار ڪندي: اهو پرديسي هجي توڙي ديسي هجي، پر جنهن وقت هو خداوند جي نالي تي ڪفر بڪندو، تنهن وقت هو ضرور قتل ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="17">۽ جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ڌڪ هڻي ماري وجهي، سو ضرور قتل ڪيو وڃي؛</verse>
				<verse number="18">۽ جيڪو ڪنهن جانور کي ڌڪ هڻي ماري وجهي، سو انهي جو عيوضو ڀري ڏئي: جان جي عيوض جان.</verse>
				<verse number="19">۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي عيبدار ڪري وجهي؛ تہ جيئن هن ڪيو هجي، تيئن ساڻس بہ ڪيو وڃي؛</verse>
				<verse number="20">ڀڃڻ جي عيوض ڀڃڻ، اک جي عيوض اک، ڏند جي عيوض ڏند: جهڙو عيب هن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ ڪيو هجي، تهڙو منجهس بہ ڪيو وڃي.</verse>
				<verse number="21">جيڪو ڪنهن جانور کي ماري وجهندو سو انهي جو عيوضو ڀري ڏيندو: ۽ جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ماري وجهندو سو قتل ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="22">اوهان جي لاءِ هڪڙي ئي شريعت آهي، جهڙي ملڪ ۾ ڄاولن جي لاءِ، تهڙي پرديسين جي لاءِ: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.</verse>
				<verse number="23">۽ جيئن موسيٰ بني اسرائيل کي چيو، تيئن هنن انهي لعنت ڪرڻ واري کي منزلگاهہ کان ٻاهر آندو، ۽ پهڻ هڻي سنگسار ڪيائونس. سو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن ئي بني اسرائيل ڪيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="25">
				<verse number="1">پوءِ خداوند سينا جبل تي موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ جڏهن اوهين انهي ملڪ ۾ پهچو، جو آءٌ اوهان کي ڏيان ٿو، تڏهن زمين کي خداوند جي لاءِ سبت جو آرام ملي.</verse>
				<verse number="3">ڇهہ ورهيہ تون پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوک ڪج، ۽ ڇهہ ورهيہ تون پنهنجي ڊاک جي ڇانگ ڪج، ۽ انهيءَ جو ڦل گڏ ڪج؛</verse>
				<verse number="4">پر ستون ورهيہ انهيءَ زمين جي لاءِ پوري آرام جو سبت ٿيندو، يعني خداوند جي لاءِ سبت ٿيڻ گهرجي: انهي ۾ نڪي تون پنهنجي ٻني پوکج، نڪي پنهنجي ڊاک جي ڇانگ ڪج.</verse>
				<verse number="5">جيڪي تنهنجي ٻنيءَ ۾ لاباري کان پوءِ پاڻيهي ڄمي، سو تون نہ لڻج، ۽ جنهن ڊاک جي ڇانگ تو ڪئي هجي، تنهن جا داڻا تون گڏ نہ ڪج: اهو ورهيہ زمين جي لاءِ پوري آرام جو ورهيہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="6">۽ زمين جي سبت جي پيدائش اوهان جي کاڌي لاءِ رهندي؛ يعني تنهنجي لاءِ، تنهنجي نوڪر ۽ ٻانهيءَ جي لاءِ، ۽ تنهنجي پورهيت جي لاءِ، ۽ جيڪو مسافر تو وٽ ٽڪيل هجي تنهن جي لاءِ؛</verse>
				<verse number="7">۽ تنهنجي، چوپائي مال جي لاءِ، ۽ انهن جانورن جي لاءِ جي تنهنجي ملڪ ۾ هوندا، انهيءَ جي سموري پيدائش انهن جي کاڌي لاءِ ٿيندي.</verse>
				<verse number="8">۽ تون پنهنجي لاءِ ورهين جا ست سبت شمار ڪج، يعني ستن ورهين جا ستوڻا؛ ۽ ورهين جي ستن سبتن جو شمار اوڻونجاهہ ورهيہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="9">تنهن کان پوءِ ستين مهيني جي ڏهين ڏينهن تون پنهنجي سڄي ملڪ ۾ تري وڄارائي پڌرائي ڪج؛ يعني ڪفاري جي ڏينهن اوهين پنهنجي سڄي ملڪ ۾ تري وڄارائجو.</verse>
				<verse number="10">۽ اوهين پنجاهون ورهيہ پاڪ ليکجو، ۽ سڄي ملڪ ۾ انهي جي سڀني رهاڪن جي لاءِ آزاديءَ جي پڌرائي ڪرائجو: اهو اوهان جي لاءِ جشن جو سال ٿيندو؛ ۽ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي گهر موٽي ايندو، ۽ هرڪو موٽي پنهنجي خاندان ۾ ايندو.</verse>
				<verse number="11">۽ اهو پنجاهون ورهيہ اوهان جي لاءِ جشن جو سال ٿيندو: انهي ۾ اوهين ڪي بہ نہ پوکجو، نڪي جيڪي پاڻيهي ڄمي سو لڻجو، ۽ نڪي منهہ مان ڊاک جا داڻا گڏ ڪجو.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو اهو جشن جو سال آهي؛ اهو اوهان جي لاءِ پاڪ ليکجڻ ۾ اچي: ٻنيءَ ۾ جيڪا پيدائش ٿئي سا اوهين کائجو:</verse>
				<verse number="13">انهي جشن واري سال ۾ اوهان مان سڀ ڪو پنهنجيءَ ملڪيت جو خود مالڪ ٿئي.</verse>
				<verse number="14">۽ جڏهن تون ڪا شيءِ پنهنجي پاڙيسريءَ کي وڪڻين، يا پنهنجي پاڙيسريءَ کان خريد ڪرين، تہ اوهين هڪ ٻئي سان ظلم نہ ڪجو:</verse>
				<verse number="15">جشن واري سال کان پوءِ جيترا ورهيہ گذريا هجن، تن موجب تون پنهنجي پاڙيسريءَ کان خريداري ڪج، ۽ باقي ورهين جي فصل جي شمار موجب، هو توکي وڪرو ڪري ڏئي.</verse>
				<verse number="16">جيترا وڌيڪ سال هجن، تن موجب تون انهيءَ جي قيمت وڌائج، ۽ جيترا ٿورا سال هجن، تن موجب تون انهيءَ جي قيمت گهٽائج؛ ڇالاءِ جو هو فصلن جي شمار موجب انهيءَ جي پيدائش توکي وڪڻي ٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="17">۽ اوهين هڪ ٻئي سان ظلم نہ ڪجو؛ پر تون پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان.</verse>
				<verse number="18">تنهنڪري اوهين منهنجن قانونن تي عمل ڪجو، ۽ منهنجن حڪمن کي ياد ڪري انهن تي هلجو؛ تہ اوهين انهي ملڪ ۾ صحيح سلامت رهندا.</verse>
				<verse number="19">۽ زمين پنهنجو ڦل پيئي ڏيندي، ۽ اوهين ڍؤ ڪري پيا کائجو، ۽ انهيءَ ۾ صحيح سلامت رهجو.</verse>
				<verse number="20">۽ جيڪڏهن اوهين چوندا تہ، ڏسو، جي اسين ستين ورهيہ ۾ نہ پوکينداسين، ۽ نہ پيدائش گڏ ڪنداسين، تہ پوءِ کائينداسين ڇا؟</verse>
				<verse number="21">تہ آءٌ ڇهين ورهيہ ۾ اوهان تي پنهنجي برڪت نازل ڪندس، ۽ زمين ٽن سالن جيترو ڦل ڏيندي،</verse>
				<verse number="22">۽ اٺين سال اوهين پوک ڪجو، ۽ اڳيون رکيل ڦل پيا کائجو؛ جيسين ڪ نائين سال زمين جو نئون ڦل پيدا ٿئي، تيسين اڳيون ڦل پيا کائجو.</verse>
				<verse number="23">۽ زمين هميشہ جي لاءِ وڪڻڻ ۾ نہ اچي؛ ڇالاءِ جو زمين منهنجي آهي: ۽ اوهين مون وٽ مسافر ۽ مهمان آهيو.</verse>
				<verse number="24">سو اوهين پنهنجي ملڪيت واري ملڪ ۾ زمين جو ڇڏائڻ منظور ڪجو.</verse>
				<verse number="25">جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ غريب ٿي ويو هجي، ۽ ملڪيت مان ڪجهہ کڻي وڪڻي، تہ هن جو ويجهو مائٽ اچي، ۽ جيڪي سندس ڀاءُ وڪيو هجي سو ڇڏائي.</verse>
				<verse number="26">پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪوبہ اهڙو مائٽ نہ هجي جو اها ڇڏائي، ۽ جي هو پاڻ اهڙو وسعت وارو ٿي ويو هجي جو اها ڇڏائي سگهي؛</verse>
				<verse number="27">تہ هو انهيءَ جي وڪري جا ورهيہ شمار ڪري، ۽ باقي رهيل ورهين جي لاءِ جيڪي واجب هجي سو انهي ماڻهوءَ کي موٽائي ڏئي، جنهن کي هن اها ملڪيت وڪي هجي؛ پوءِ هو پنهنجي ملڪيت تي موٽي اچي.</verse>
				<verse number="28">پر جيڪڏهن هو اها پنهنجي لاءِ موٽي هٿ ڪري نہ سگهي، تہ پوءِ جيڪي هن وڪيو هجي، سو ڀلي خريدار جي قبضي ۾ رهي، جيسين ڪ جشن وارو سال اچي: ۽ انهي جشن واري سال ۾ هن جي ملڪيت ڇٽي ويندي، پوءِ ڀلي هو پنهنجي ملڪيت تي موٽي اچي.</verse>
				<verse number="29">۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن شهر پناهہ ۾ پنهنجو گهر وڪڻي، تہ انهي جي وڪري کان پوءِ هڪڙي سال جي اندر، هو انهي کي وري ڇڏائي سگهي ٿو؛ هڪڙي پوري سال جي اندر هن کي انهي جي ڇڏائڻ جو حق رهندو.</verse>
				<verse number="30">پر جيڪڏهن هڪڙي پوري سال جي اندر اهو ڇڏايو نہ وڃي، تہ پوءِ اُهو گهر، جو شهر پناهہ جي اندر هوندو، سو هميشہ جي لاءِ خريدار جي قبضي ۾، سندس پيڙهين تائين پڪيءَ طرح رهندو: اهو جشن واري سال ۾ ڇٽي ڪين سگهندو.</verse>
				<verse number="31">پر جن ڳوٺن جي چوڌاري شهر پناهہ اڏيل نہ هجي، تن ۾ جيڪي گهر هجن سي ٻهراڙيءَ جي ٻنين وانگر ليکيا ويندا: اهي ڇڏائي سگهبا، ۽ جشن واري سال ۾ پاڻهي ڇٽي ويندا.</verse>
				<verse number="32">انهي هوندي بہ لاوين جا شهر، ۽ انهن شهرن جا گهر، جي سندين ملڪيت هجن، سي لاوي ڪنهن بہ وقت ڇڏائي سگهندا.</verse>
				<verse number="33">جيڪڏهن ڪو ٻيو لاوي انهي کي ڇڏائيندو، تہ اهو گهر، ۽ ملڪيت واري شهر جو حصو انهي وٽ رهندو، ۽ جشن واري سال ۾ ڇٽي ويندو: ڇالاءِ جو بني اسرائيل ۾ لاوين جي شهرن جا گهر سندين ملڪيت آهن.</verse>
				<verse number="34">پر سندن شهر جي پسگردائيءَ واري ٻني ڪانہ وڪڻي سگهبي؛ ڇوتہ اها هنن جي مدامي ملڪيت آهي.</verse>
				<verse number="35">۽ جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ غريب ٿي وڃي، ۽ تو ڏانهن پنهنجو فرض پورو ڪري نہ سگهي؛ تہ تون انهي جي مدد ڪج: هو پرديسي يا مسافر وانگي توسان گڏ رهي.</verse>
				<verse number="36">تون انهيءَ کان وياج يا نفعو نہ وٺج؛ پر پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج: تہ ڀلي تنهنجو ڀاءُ تو سان گڏ رهندو اچي.</verse>
				<verse number="37">تون پنهنجا پئسا هن کي وياج تي نہ ڏج، نڪي نفعي جي لاءِ هن کي کاڌو کارائج.</verse>
				<verse number="38">آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، انهي لاءِ تہ ڪنعان جو ملڪ اوهان کي ڏيان ۽ اوهان جو خدا ٿيان.</verse>
				<verse number="39">۽ جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ، جو توسان گڏ رهندو هجي، سو غريب ٿي وڃي، ۽ پاڻ کي تو وٽ وڪڻي ڇڏي، تہ تون انهيءَ کان غلامن وانگي پورهيو نہ ڪرائج:</verse>
				<verse number="40">هو تو وٽ مزور يا مسافر وانگي رهي؛ هو جشن واري سال تائين تنهنجي خدمت ڪندو:</verse>
				<verse number="41">تنهن کان پوءِ هو پاڻ ۽ ساڻس گڏ سندس ٻار تو وٽان هليا ويندا، ۽ پنهنجي خاندان، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهر ڏانهن موٽي ويندا.</verse>
				<verse number="42">ڇالاءِ جو اهي منهنجا ٻانها آهن، جن کي مون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو: اهي غلامن وانگي وڪيا نہ وڃن.</verse>
				<verse number="43">تون انهي تي سختيءَ سان حڪم نہ هلائج؛ پر پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج.</verse>
				<verse number="44">باقي جيڪڏهن اوهين غلام ۽ ٻانهيون رکو، تہ جيڪي قومون اوهان جي آس پاس رهن ٿيون، تن مان اوهين غلام ۽ ٻانهيون خريد ڪجو.</verse>
				<verse number="45">انهي کان سواءِ جيڪي ڌاريا ماڻهو اوهان منجهہ رهندا هجن، تن جي ٻارن مان يا انهن جي خاندانن مان، جي اوهان جي ملڪ ۾ پيدا ٿيا هجن، تن مان اوهين خريد ڪري ٿا سگهو: اهي اوهان جي ملڪيت ٿيندا.</verse>
				<verse number="46">۽ اوهين انهن کي پاڻ کان پوءِ پنهنجن ٻارن جي لاءِ ورثو ڪري ڇڏجو، تہ انهن جي ملڪيت ٿين؛ اوهين انهن مان هميشہ جي لاءِ غلام رکي سگهندا: پر پنهنجن ڀائرن، يعني بني اسرائيل ۾، اوهين هڪٻئي تي سختيءَ سان حڪم نہ هلائجو.</verse>
				<verse number="47">۽ جيڪڏهن اوهان ۾ رهندڙ ڪو پرديسي يا مسافر شاهوڪار ٿئي، ۽ تنهنجو ڀاءُ جو انهيءَ سان گڏ رهندو هجي سو غريب ٿي پوي، ۽ اوهان ۾ رهندڙ انهي پرديسي يا مسافر وٽ، يا انهي جي خاندان مان ڪنهن ٻئي وٽ پاڻ کي وڪڻي؛</verse>
				<verse number="48">تہ انهي جي وڪامڻ کان پوءِ سندس ڀائرن مان ڪوبہ انهي کي ڇڏائي ٿو سگهي؛</verse>
				<verse number="49">هن جو چاچو، يا هن جو سوٽ، يا هن جي خاندان مان ڪوبہ ويجهو مائٽ هن کي ڇڏائي ٿو سگهي؛ يا جي هو پاڻ شاهوڪار ٿئي، تہ پاڻ کي ڇڏائي سگهندو.</verse>
				<verse number="50">۽ جنهن سال ۾ هن پاڻ کي وڪيو هجي، تنهن کان وٺي جشن جي سال تائين هو پنهنجي خريدار سان حساب ڪري: هن جي قيمت ورهين جي شمار موجب ٿيندي؛ يعني مزور جي ڏينهن جي حساب موجب هو انهي وٽ رهندو.</verse>
				<verse number="51">پر جي اڃا گهڻا ورهيہ باقي هجن، تہ پنهنجي ڇڏائڻ جي قيمت اوترن ورهين جي حساب موجب، انهن پيسن مان موٽائي ڏئي، جن ۾ هو وڪاڻو هجي.</verse>
				<verse number="52">پر جي جشن جي سال تائين باقي ٿورا ورهيہ هجن، تہ پوءِ هو انهي سان حساب ڪري؛ ۽ اوترن ورهين موجب پنهنجي ڇڏائڻ جي قيمت موٽائي ڏئي.</verse>
				<verse number="53">هو نوڪر وانگي هر ڪنهن سال جي حساب موجب هن وٽ رهندو اچي؛ هو انهيءَ تي اهڙي طرح حڪم نہ هلائي، جو تنهنجي نظر ۾ سختي هجي.</verse>
				<verse number="54">۽ جيڪڏهن هو انهيءَ ريت ڇڏايو نہ وڃي، تہ هو پاڻ ۽ ساڻس گڏ سندس ٻار جشن واري سال ۾ پاڻيهي ڇٽي ويندا.</verse>
				<verse number="55">ڇالاءِ جو بني اسرائيل منهنجا ٻانها آهن؛ اهي منهنجا ٻانها آهن، جن کي مون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي: آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="26">
				<verse number="1">اوهين پنهنجي لاءِ بت نہ جوڙجو، نڪي ڪا اُڪريل مورت يا ڪو ٿنڀ ٺاهجو، نڪي ڪو مورت وارو پهڻ پنهنجيءَ زمين ۾ سجدي ڪرڻ لاءِ کڙو ڪجو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.</verse>
				<verse number="2">اوهين منهنجا سبت جا ڏينهن ياد رکجو، ۽ منهنجي پاڪ مڪان جي تعظيم ڪجو: آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="3">جيڪڏهن اوهين منهنجن قانونن تي هلندا، ۽ منهنجا حڪم مڃيندا، ۽ انهن تي عمل ڪندا؛</verse>
				<verse number="4">تہ آءٌ اوهان جي لاءِ پوريءَ مند تي مينهن وسائيندس، ۽ زمين پنهنجي پيدائش گهڻي ڏيندي، ۽ باغ جا وڻ پنهنجو ميوو ڏيندا.</verse>
				<verse number="5">۽ اوهان جي ان ڳاهڻ جو ڪم ڊاک چونڊڻ جي وقت تائين پيو هلندو، ۽ ڊاک چونڊڻ جو ڪم ان پوکڻ تائين پيو هلندو: ۽ اوهين ماني ڍؤ ڪري کائيندا، ۽ پنهنجي ملڪ ۾ صحيح سلامت پيا گذاريندا.</verse>
				<verse number="6">۽ آءٌ ملڪ ۾ صلح ۽ آرام قائم ڪندس، ۽ اوهين سمهي ننڊون ڪندا، ۽ ڪوبہ اوهان کي ڪونہ ڊيڄاريندو: ۽ آءٌ جهنگلي جانورن کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس، ۽ اوهان جي ملڪ ۾ ترار ڪانہ هلندي.</verse>
				<verse number="7">۽ اوهين پنهنجن دشمنن کي ڀڄائي ڪڍندا، ۽ اهي اوهان جي اڳيان ترار سان ڪيرايا ويندا.</verse>
				<verse number="8">۽ اوهان جا پنج ڄڻا سؤ ڄڻن کي ڀڄائي ڪڍندا، ۽ اوهان جا سؤ ڄڻا ڏهن هزارن کي ڀڄائي ڇڏيندا: ۽ اوهان جا دشمن اوهان جي اڳيان ترار سان ڪيرايا ويندا.</verse>
				<verse number="9">۽ آءٌ اوهان تي مهر جي نظر ڪندس، ۽ اوهان کي ڦلدار ڪندس، ۽ اوهان کي وڌائيندس؛ ۽ اوهان سان پنهنجو عهد قائم ڪندس.</verse>
				<verse number="10">۽ اوهين گڏ ڪري رکيل پراڻو اَن کائيندا، ۽ نئين مال جي اچڻ ڪري پراڻو ڪڍي ٻاهر ڪندا.</verse>
				<verse number="11">۽ آءٌ پنهنجو خيمو اوهان ۾ کوڙيندس: ۽ منهنجو روح اوهان کان نفرت نہ ڪندو.</verse>
				<verse number="12">۽ آءٌ اوهان جي وچ ۾ رهندس، ۽ آءٌ اوهان جو خدا ٿيندس، ۽ اوهين منهنجي اُمت ٿيندا.</verse>
				<verse number="13">آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، انهي لاءِ تہ اوهين هنن جا غلام نہ ٿيو؛ ۽ مون اوهان جي پاڃاريءَ جا گز ڀڃي ڇڏيا آهن، ۽ اوهان کي سنئون هلايو اٿم.</verse>
				<verse number="14">پر جيڪڏهن اوهين منهنجي نہ ٻڌندا، ۽ هنن سڀني حڪمن تي عمل نہ ڪندا؛</verse>
				<verse number="15">۽ جيڪڏهن اوهين منهنجا قانون رد ڪندا، ۽ جيڪڏهن اوهان جي دل منهنجين عدالتن کي ناپسند ڪندي، جنهن ڪري اوهين منهنجن سڀني حڪمن تي عمل نہ ڪندا، پر منهنجو عهد ڀڃندا؛</verse>
				<verse number="16">تہ آءٌ بہ اوهان سان ائين ئي ڪندس؛ آءٌ اوهان تي خوف نازل ڪندس، يعني سلهہ ۽ تپ، جو اوهانجون اکيون چٽ ڪري ڇڏيندو، ۽ اوهان جي جان کي ڳاري ڇڏيندو: ۽ اوهان جو ٻج ڇٽڻ اجايو ٿيندو، ڇالاءِ جو اهو اوهان جا دشمن کائيندا.</verse>
				<verse number="17">۽ آءٌ پنهنجو منهن اوهان کان ڦيرائيندس، ۽ اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان ماريا ويندا: جيڪي اوهان کان نفرت ٿا ڪن سي اوهان تي حڪومت ڪندا؛ ۽ ڪوبہ اوهان جي پٺيان نہ پوندو تڏهن بہ اوهين ڀڄندا ويندا.</verse>
				<verse number="18">۽ جيڪڏهن انهن ڳالهين هوندي بہ اوهين منهنجو حڪم نہ مڃيندا، تہ آءٌ اوهان کي اوهان جي گناهن جي عيوض ستوڻي سزا ڏيندس.</verse>
				<verse number="19">آءٌ اوهان جي زور جو هٺ ڀڃندس؛ ۽ اوهان جو آسمان لوهہ جهڙو، ۽ اوهان جي زمين پتل جهڙي ڪندس:</verse>
				<verse number="20">اوهان جي طاقت اجائي خرچ ٿيندي: ڇالاءِ جو اوهان جي زمين وڌيڪ پيدائش نہ ڪندي، نڪي باغ جا وڻ پنهنجو ميوو ڏيندا.</verse>
				<verse number="21">۽ جيڪڏهن اوهين منهنجي برخلاف هلندا، ۽ منهنجي نہ ٻڌندا؛ تہ آءٌ اوهان جي گناهن جي ڪري اوهان تي ستوڻيون آفتون آڻيندس.</verse>
				<verse number="22">۽ آءٌ اوهان منجهہ جهنگ جا مرون موڪليندس، جي اوهان جا ٻار کڻي ويندا، ۽ اوهان جي چوپائي مال کي چٽ ڪري ڇڏيندا، ۽ اوهان جو شمار گهٽائي ٿورو ڪندا؛ ۽ اوهانجون واٽون سڃيون ٿي پونديون.</verse>
				<verse number="23">۽ جيڪڏهن انهن ڳالهين هوندي بہ اوهين سڌري مون ڏانهن نہ ڦرندا، پر منهنجي برخلاف هلندا؛</verse>
				<verse number="24">تہ پوءِ آءٌ بہ اوهان جي برخلاف ٿيندس؛ ۽ اوهان کي اوهان جي گناهن کان ست ڀيرا وڌيڪ سزا ڏيندس.</verse>
				<verse number="25">آءٌ اوهان جي مٿان ترار آڻيندس، جا ڪيل عهد جو بدلو وٺندي؛ ۽ جڏهن اوهين پنهنجن شهرن ۾ گڏ ڪيا ويندا، تڏهن آءٌ اوهان ۾ وبا موڪليندس؛ ۽ اوهين پنهنجي دشمنن جي حوالي ڪيا ويندا.</verse>
				<verse number="26">۽ جڏهن آءٌ اوهان جي روزيءَ کي ڀڃندس، تڏهن ڏهہ زالون هڪڙي تنور ۾ اوهان جون مانيون پچائينديون، ۽ اوهان جون مانيون اوهان کي توري ڏينديون: ۽ اوهين کائيندا پر ڍائبا ئي ڪين.</verse>
				<verse number="27">۽ جيڪڏهن ايتري هوندي بہ اوهين منهنجي نہ ٻڌندا، پر منهنجي برخلاف هلندا،</verse>
				<verse number="28">تہ آءٌ ڪاوڙجي اوهان جي برخلاف ٿيندس؛ ۽ اوهان کي اوهانجن گناهن کان ست ڀيرا وڌيڪ سزا ڏيندس.</verse>
				<verse number="29">۽ اوهين پنهنجن پٽن جو، ۽ پنهنجين ڌيئرن جو ماس کائيندا.</verse>
				<verse number="30">۽ آءٌ اوهان جون مٿانهيون جايون ڊاهي ڇڏيندس، ۽ اوهان جون سج جون مورتون وڍي ڇڏيندس، ۽ اوهان جا لاش اوهان جي معبودن جي لاشن تي اُڇلائيندس؛ ۽ منهنجو روح اوهان کان نفرت ڪندو.</verse>
				<verse number="31">۽ آءٌ اوهان جا شهر ويران ڪري ڇڏيندس، ۽ اوهان جا پاڪ مڪان سڃا ڪري ڇڏيندس، ۽ آءٌ اوهانجين خوشبودار شين کي ڪين سنگهندس.</verse>
				<verse number="32">۽ آءٌ ملڪ کي ويران ڪندس: ۽ جيڪي اوهان جا دشمن انهي ۾ رهندا هوندا سي انهي ڪري عجب ۾ پوندا.</verse>
				<verse number="33">۽ آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ دربدر ڪندس، ۽ اوهان جي پٺيان ترار ڪڍندس: ۽ اوهان جو ملڪ ويران، ۽ اوهان جا شهر غير آباد ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="34">۽ جنهن عرصي ۾ ملڪ غير آباد هوندو، ۽ اوهين پنهنجي دشمنن جي ملڪ ۾ رهندا، انهي عرصي ۾ اوهان جو ملڪ سبت وانگر آرام وٺندو؛ تڏهن زمين پنهنجن سبتن جو آرام وٺندي.</verse>
				<verse number="35">جيستائين اها ويران رهندي تيستائين آرام وٺندي، يعني اهو آرام، جو کيس اوهانجن سبتن ۾ بہ نصيب ڪونہ ٿيندو هو، جڏهن اوهين منجهس رهندا هئا.</verse>
				<verse number="36">۽ جيڪي اوهان مان پنهنجي دشمن جي ملڪ ۾ باقي رهندا، تن جي دلين ۾ آءٌ خوف پيدا ڪندس: ۽ اهي پن اُڏامڻ جي کڙڪي تي بہ ڀڄي ويندا؛ ۽ هو ائين ڀڄندا، جيئن ڪو ترار کان ڀڄي؛ ۽ ڪوبہ سندن پيڇو نہ ڪندو تہ بہ هو ڪري پوندا.</verse>
				<verse number="37">جيتوڻيڪ ڪوبہ هنن جي پٺيان نہ پوندو، تڏهن بہ جيئن ڪو ترار کان ڀڄي، تيئن اُهي هڪٻئي جي مٿان ٿاٻا کائي ڪرندا: ۽ اوهان کي پنهنجي دشمنن جي اڳيان بيهڻ جي طاقت نہ ٿيندي.</verse>
				<verse number="38">۽ اوهين قومن جي وچ ۾ تباهہ ٿي ويندا، ۽ اوهان جي دشمنن جي زمين اوهان کي کائي کپائي ڇڏيندي.</verse>
				<verse number="39">۽ جيڪي اوهان مان باقي بچندا، سي پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري اوهان جي دشمنن جي ملڪن ۾ مري ڳري ويندا؛ ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن جي گناهن جي ڪري بہ انهن سان گڏ مري ڳري ويندا.</verse>
				<verse number="40">۽ جڏهن هو پنهنجي بدڪاريءَ ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي بدڪاريءَ جو اقرار ڪندا، ۽ قبولدار ٿيندا، تہ جيڪا منهنجي نافرماني ڪري هو منهنجي برخلاف هليا آهن،</verse>
				<verse number="41">تنهن جي ئي ڪري آءٌ سندن برخلاف هليس، ۽ کين سندن دشمنن جي ملڪ ۾ آندو اٿم: تنهن لاءِ جڏهن انهن جي اڻ طهريل دل پشيمان ٿيندي، ۽ پنهنجي گناهہ جي سزا قبول ڪندا؛</verse>
				<verse number="42">تڏهن آءٌ پنهنجو عهد ياد ڪندس، جيڪو عهد يعقوب سان، ۽ اسحاق سان، ۽ ابرهام سان، ڪيو هوم؛ سو ياد ڪندس، ۽ انهي ملڪ کي بہ ياد ڪندس.</verse>
				<verse number="43">۽ اها زمين بہ انهن کان ڇُٽندي، ۽ جيترو وقت زمين انهن کان سواءِ ويران رهندي، اوترو وقت اها پنهنجي سبت جو آرام وٺندي؛ ۽ هو پنهنجي گناهہ جي سزا قبول ڪندا: ڇالاءِ جو هنن منهنجا حڪم رد ڪيا، ۽ سندن روح منهنجن قانونن کان نفرت ڪئي.</verse>
				<verse number="44">انهي هوندي بہ جڏهن هو پنهنجي دشمنن جي ملڪ ۾ هوندا، تڏهن آءٌ کين رد نہ ڪندس، نڪي آءٌ انهن کان نفرت ڪندس، نڪي کين بلڪل برباد ڪندس، ۽ نڪي انهن سان ڪيل پنهنجو عهد ڀڃندس: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند انهن جو خدا آهيان:</verse>
				<verse number="45">پر آءٌ هنن جي خاطر سندن ابن ڏاڏن سان ڪيل عهد ياد ڪندس، جن کي مون قومن جي ڏسندي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، انهي لاءِ تہ آءٌ سندن خدا ٿيان: آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="46">اهي آهن قانون ۽ حڪم ۽ قاعدا، جي خداوند پنهنجي ۽ بني اسرائيل جي وچ ۾ سينا جبل تي موسيٰ جي هٿان قائم ڪيا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="27">
				<verse number="1">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ جڏهن ڪو ماڻهو خاص مڃت مڃي ۽ ڪنهن کي بہ خداوند جي لاءِ مخصوص ڪرڻ چاهي، تڏهن اُهي ماڻهو خداوند جا ٿيندا.</verse>
				<verse number="3">انهن ماڻهن جي قيمت، تنهنجي ٺهرايل انداز موجب هن ريت ٿيندي: مرد ماڻهوءَ جي واسطي جنهن جي عمر ويهن ورهين کان وٺي سٺ ورهين تائين هجي، تنهن جي لاءِ تون پاڪ مڪان جي مشقال جهڙا چانديءَ جا پنجاهہ مشقال انداز مقرر ڪج.</verse>
				<verse number="4">۽ جيڪڏهن ڪا زال هجي، تہ انهيءَ جي لاءِ تنهنجو انداز ٽيهہ مشقال ٿيندو.</verse>
				<verse number="5">پر جيڪڏهن انهي جي عمر پنجن ورهين کان وٺي ويهن ورهين تائين هجي، تہ پوءِ تون مرد جي لاءِ ويهہ مشقال، ۽ زال جي لاءِ ڏهہ مشقال انداز مقرر ڪج.</verse>
				<verse number="6">۽ جيڪڏهن انهي جي عمر هڪڙي مهيني کان وٺي پنجن سالن تائين هجي، تہ پوءِ تون مرد جي لاءِ چانديءَ جا پنج مشقال، ۽ زال جي لاءِ چانديءَ جا ٽي مشقال انداز مقرر ڪج.</verse>
				<verse number="7">جيڪڏهن انهي جي عمر سٺ ورهيہ يا انهي کان مٿي هجي، تہ پوءِ جي مرد هجي، تہ اُنهي جي لاءِ پندرهن مشقال، ۽ جي زال هجي تہ انهيءَ جي لاءِ ڏهہ مشقال انداز مقرر ڪج.</verse>
				<verse number="8">پر جيڪڏهن انهي جي وسعت تنهنجي ٺهرايل انداز کان گهٽ هجي تہ انهي کي ڪاهن جي اڳيان حاضر ڪيو وڃي، ۽ ڪاهن انهي مڃت مڃڻ واري جي وسعت آهر انهي جي قيمت مقرر ڪري.</verse>
				<verse number="9">جن جانورن کي خداوند جي لاءِ قربان ڪندا آهن، تن مان ڪنهن کي جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي لاءِ مڃت طور پيش ڪري، تہ اُهو پاڪ ٿيندو.</verse>
				<verse number="10">هو انهي کي بدلائي نہ، نڪي خراب جي بدران چڱو، يا چڱي جي بدران خراب ڏئي: پر جيڪڏهن هو هڪڙي جانور جي بدران ٻيو جانور ڏيڻ ضروري سمجهي، تہ اُهو جانور ۽ ٻيو جيڪو انهي جي بدران ڏيڻ ٿو چاهي، سي ٻئي پاڪ ٿيندا.</verse>
				<verse number="11">پر جيڪڏهن اهو ناپاڪ جانور هجي، جنهن جي خداوند جي لاءِ قرباني نہ چاڙهبي آهي، تہ هو اهو جانور ڪاهن جي اڳيان حاضر ڪري:</verse>
				<verse number="12">۽ ڪاهن انهي جي قيمت ٺهرائي، پوءِ هو چڱو هجي، توڙي خراب: پر اي ڪاهن جيتري قيمت تون مقرر ڪندين، اوتري ٿيندي.</verse>
				<verse number="13">پر جي هو عيوضو ڏيئي انهي کي ڇڏائڻ گهري، تہ جيڪا قيمت تو ٺهرائي هجي، تنهن جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي.</verse>
				<verse number="14">۽ جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو گهر خداوند جي لاءِ، پاڪ ٿيڻ واسطي مخصوص ڪري، تہ ڪاهن انهي جي قيمت مقرر ڪري، پوءِ اهو چڱو هجي توڙي خراب: پر جيتري قيمت ڪاهن مقرر ڪندو، سا قائم رهندي.</verse>
				<verse number="15">۽ جنهن ماڻهوءَ اهو گهر پاڪ ٿيڻ لاءِ ڏنو هجي، سو جيڪڏهن عيوضو ڏيئي انهي کي ڇڏائڻ گهري، تہ جيڪا قيمت تو ٺهرائي هجي، تنهن جي پنجين حصي جيترا پيسا وڌيڪ ڏئي، پوءِ اهو گهر سندس ٿيندو.</verse>
				<verse number="16">۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ٻنيءَ جو ڪو ڀاڱو، خداوند جي لاءِ پاڪ ٿيڻ واسطي مخصوص ڪري، تہ جيترو ٻج انهي ۾ پوکي سگهجي، تنهن موجب تون انهي جي قيمت مقرر ڪج: جنهن ۾ هڪڙو هومر جوَن جو ٻج پوکي سگهجي، تنهن جي قيمت چانديءَ جا پنجاهہ مشقال ٿيندي.</verse>
				<verse number="17">۽ جيڪڏهن هو پنهنجي ٻني جشن جي سال کان وٺي پاڪ ٺهرائي، تہ انهيءَ جي قيمت تنهنجي انداز موجب قائم رهندي.</verse>
				<verse number="18">پر جيڪڏهن هو جشن واري سال کان پوءِ پنهنجي ٻني پاڪ ٺهرائي، تہ پوءِ ڪاهن اوترن ورهين جو حساب ڪري، جيترا جشن جي سال تائين باقي رهندا هجن، ۽ ٺهرايل قيمت گهٽائي وڃي.</verse>
				<verse number="19">پر جيڪڏهن ٻني پاڪ ٺهرائڻ وارو ماڻهو عيوضو ڏيئي اها ڇڏائڻ گهري، تہ جيڪا قيمت تو ٺهرائي هجي تنهن جي پنجين حصي جيترا پئسا وڌيڪ ڏئي، پوءِ اها سندس ملڪيت ٿيندي.</verse>
				<verse number="20">پر جي هو اها ٻني ڇڏائڻ نہ گهري، يا اها ڪنهن ٻئي ماڻهو کي وڪي هجيس، تہ هو اها وري ڪڏهن بہ ڇڏائي نہ سگهندو:</verse>
				<verse number="21">پر اها ٻني جشن واري سال ۾ پاڻيهي ڇٽڻ کان پوءِ، خداوند جي لاءِ وقف ڪيل ٻنيءَ وانگر پاڪ رهندي، ۽ ڪاهن جي قبضي ۾ ٿيندي.</verse>
				<verse number="22">۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي خريد ڪيل ٻني، جا اصل کان سندس ميراث نہ هجي، سا خداوند جي لاءِ پاڪ ٺهرائڻ گهري؛</verse>
				<verse number="23">تہ ڪاهن کي گهرجي تہ جيترا ورهيہ جشن جي سال تائين باقي هجن، تن جو تنهنجي ٺهرايل انداز موجب حساب ڪري: ۽ هو انهي ڏينهن تنهنجي ٺهرايل قيمت ڏئي، تہ خداوند جي لاءِ پاڪ ٿئي.</verse>
				<verse number="24">۽ جشن واري سال ۾ اها ٻني موٽي انهي کي ملندي، جنهن کان اها خريد ڪيل هوندي، يعني انهي کي جنهن جي اها زمين اصل کان ملڪيت هوندي.</verse>
				<verse number="25">۽ تنهنجا سڀ انداز پاڪ مڪان جي مشقال موجب ٿيندا: ۽ هڪڙي مشقال ۾ ويهہ جيراہ ٿيندا.</verse>
				<verse number="26">جانورن مان فقط پهريون ڄاول ٻچو، جو خداوند جي لاءِ پهريون ڦل آهي، تنهن کي ڪوبہ ماڻهو مخصوص نہ ڪري: پوءِ اهو ڍڳو هجي يا رڍ، اهو خداوند جو آهي.</verse>
				<verse number="27">۽ جيڪڏهن اهو جانور ناپاڪ هجي، تہ هو تنهنجي ٺهرايل انداز موجب پئسا ڏيئي انهي کي ڇڏائي، ۽ انهي جي قيمت جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي، پر جي اهو نہ ڇڏايو وڃي تہ تنهنجي انداز موجب وڪيو وڃي.</verse>
				<verse number="28">انهي هوندي بہ، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجيءَ ملڪيت مان ڪابہ شيءِ، خداوند جي لاءِ وقف ڪري، پوءِ اها وقف ڪيل شيءِ ماڻهو هجي توڙي جانور هجي، يا سندس ملڪيت جي ڪا ٻني هجي، تہ اها وڪامڻ ۾ نہ اچي، ۽ نڪي عيوضو ڏيئي ڇڏائي وڃي: سڀڪا وقف ڪيل شيءِ خداوند جي لاءِ تمام پاڪ آهي.</verse>
				<verse number="29">ماڻهن مان ڪو وقف ڪيل شخص ڇڏايو نہ وڃي؛ پر ضرور ماريو وڃي.</verse>
				<verse number="30">۽ زمين جي سموري پيدائش جو ڏهون حصو خداوند جو آهي، پوءِ اها ٻنيءَ جي پيدائش هجي توڙي وڻن جو ميوو هجي، اهو خداوند جي لاءِ پاڪ آهي.</verse>
				<verse number="31">۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڏهين حصي مان ڪجهہ ڇڏائڻ گهري، تہ هو اُنهي جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي.</verse>
				<verse number="32">۽ ڍورن ۽ ڌڻن منجهان بہ، سڀ جيڪي ڌنار جي لٺ هيٺان ٿا لنگهن، تن جو ڏهون حصو خداوند جي لاءِ پاڪ ٿيندو.</verse>
				<verse number="33">هو اهو خيال نہ ڪري، تہ اهو چڱو آهي يا خراب، نڪي هو اُنهيءَ کي بدلائي: پر جيڪڏهن ڪنهن سبب ڪري هو انهي کي بدلائڻ ضروري سمجهي تہ اهو جانور، ۽ ٻيو جيڪو انهي جي بدران ڏيڻ ٿو چاهي، سي ٻئي پاڪ ٿيندا؛ اهو عيوضو ڏيئي ڇڏائي نہ سگهبو.</verse>
				<verse number="34">اهي آهن حڪم، جيڪي خداوند بني اسرائيل جي لاءِ سينا جبل تي موسيٰ کي ڏنا.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="4">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">جڏهن بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪري آيا، تڏهن ٻئي ورهيہ جي ٻئي مهيني جي پهرينءَ تاريخ، سينا جي بيابان ۾، جماعت واري تنبوءَ ۾، خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">تون بني اسرائيل جي ساري جماعت جو، سندن خاندانن ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، هرهڪ مرد جو نالو وٺي شمار ڪر.</verse>
				<verse number="3">بني اسرائيل ۾ جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هجي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هجن، تن جو سندن لشڪر موجب، تون ۽ هارون گڏجي شمار ڪريو.</verse>
				<verse number="4">هرهڪ قبيلي جو هڪڙو هڪڙو ماڻهو؛ جو پنهنجي اباڻي گهراڻي جو سردار هجي، سو اوهان سان گڏ رهي.</verse>
				<verse number="5">۽ جيڪي ماڻهو اوهان سان گڏ هوندا تن جا نالا هي آهن: روبن جي قبيلي مان؛ شديور جو پٽ اليصور.</verse>
				<verse number="6">شمعون جي قبيلي مان؛ صوريشديءَ جو پٽ سلومي ايل.</verse>
				<verse number="7">يهوداهہ جي قبيلي مان؛ عمينداب جو پٽ نحسون.</verse>
				<verse number="8">اشڪار جي قبيلي مان؛ ضغر جو پٽ نتني ايل.</verse>
				<verse number="9">زبولون جي قبيلي مان؛ حيلون جو پٽ الياب.</verse>
				<verse number="10">يوسف جي پٽن مان: افرائيم جي قبيلي مان؛ عميهود جو پٽ اليسمع: ۽ منسي جي قبيلي مان؛ فداهصور جو پٽ جملي ايل.</verse>
				<verse number="11">بنيمين جي قبيلي مان؛ جدعونيءَ جو پٽ ابدان.</verse>
				<verse number="12">دان جي قبيلي مان؛ عميشدي جو پٽ اخيعزر.</verse>
				<verse number="13">آشر جي قبيلي مان؛ عڪران جو پٽ فجعي ايل.</verse>
				<verse number="14">جد جي قبيلي مان؛ رعوايل جو پٽ الياسف.</verse>
				<verse number="15">نفتاليءَ جي قبيلي مان؛ عينان جو پٽ اخيرع.</verse>
				<verse number="16">اِهي آهن ماڻهو جن کي جماعت مان سڏيو ويو، ۽ جي پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبيلن جا سردار هئا؛ ۽ اُهي ئي اسرائيل ۾ هزارن جا رئيس هئا.</verse>
				<verse number="17">سو اهي ماڻهو جن جا نالا ڏنل آهن، تن کي موسيٰ ۽ هارون پاڻ سان کنيو:</verse>
				<verse number="18">۽ انهن ٻئي مهيني جي پهرين تاريخ ساري جماعت گڏ ڪئي، ۽ انهن جي نالن جي شمار موجب، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هئي، تن پنهنجن خاندانن، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، پنهنجا نسب ناما بيان ڪيا.</verse>
				<verse number="19">۽ جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن هن سينا جي بيابان ۾ اُنهن جو شمار ڪيو.</verse>
				<verse number="20">اسرائيل جي پهريتي پٽ روبن جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛</verse>
				<verse number="21">اهڙي طرح روبن جي قبيلي مان، جن جو شمار ڪيو ويو، سي ڇائيتاليهہ هزار ۽ پنج سؤ هئا.</verse>
				<verse number="22">۽ شمعون جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛</verse>
				<verse number="23">اهڙيءَ طرح شمعون جي قبيلي مان، جن جو شمار ڪيو ويو، سي اوڻهٺ هزار ۽ ٽي سؤ هئا.</verse>
				<verse number="24">۽ جد جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛</verse>
				<verse number="25">اهڙيءَ طرح جد جي قبيلي مان، جن جو شمار ڪيو ويو، سي پنجيتاليهہ هزار، ڇهہ سؤ ۽ پنجاهہ هئا.</verse>
				<verse number="26">۽ يهوداهہ جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛</verse>
				<verse number="27">اهڙيءَ طرح يهوداهہ جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي چوهتر هزار ۽ ڇهہ سؤ هئا.</verse>
				<verse number="28">اشڪار جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛</verse>
				<verse number="29">اهڙيءَ طرح اشڪار جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي چوونجاهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.</verse>
				<verse number="30">۽ زبولون جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛</verse>
				<verse number="31">اهڙيءَ طرح زبولون جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ستونجاهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.</verse>
				<verse number="32">۽ يوسف جي پٽن، افرائيم جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛</verse>
				<verse number="33">اهڙيءَ طرح افرائيم جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي چاليهہ هزار ۽ پنج سؤ هئا.</verse>
				<verse number="34">۽ منسي جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛</verse>
				<verse number="35">اهڙيءَ طرح منسيءَ جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ٻٽيهہ هزار ۽ ٻہ سؤ هئا.</verse>
				<verse number="36">۽ بنيمين جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛</verse>
				<verse number="37">اهڙيءَ طرح بنيمين جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي پنجٽيهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.</verse>
				<verse number="38">۽ دان جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛</verse>
				<verse number="39">اهڙيءَ طرح دان جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ٻاهٺ هزار ۽ ست سؤ هئا.</verse>
				<verse number="40">۽ آشر جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛</verse>
				<verse number="41">اهڙيءَ طرح آشر جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ايڪيتاليهہ هزار ۽ پنج سؤ هئا.</verse>
				<verse number="42">۽ نفتاليءَ جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛</verse>
				<verse number="43">اهڙيءَ طرح جن جو شمار ڪيو ويو، سي ٽيونجاهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.</verse>
				<verse number="44">اهي آهن سڀيئي مرد، جن جو شمار ڪيو ويو، جن کي موسيٰ، ۽ هارون، ۽ اسرائيل جي ٻارهن سردارن شمار ڪيو: انهن مان هرڪو پنهنجي اباڻي گهراڻي مان هو.</verse>
				<verse number="45">اهڙيءَ طرح بني اسرائيل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، ۽ جن جو سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪيو ويو، سي سڀ،</verse>
				<verse number="46">يعني جيڪي بہ شمار ڪيا ويا، سي مڙيئي ڇهہ لک ٽي هزار پنج سؤ ۽ پنجاهہ هئا.</verse>
				<verse number="47">پر لاويءَ جي نسل وارا پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبيلي موجب، انهن ۾ شمار نہ ڪيا ويا؛</verse>
				<verse number="48">ڇالاءِ جو خداوند، موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="49">تون فقط لاويءَ جي قبيلي کي شمار نہ ڪج، نڪي انهن کي بني اسرائيل جي شمار ۾ داخل ڪج.</verse>
				<verse number="50">پر لاوين کي شاهديءَ جي خيمي جي مٿان، ۽ انهي جي سڀ سامان جي مٿان، ۽ ٻيو جيڪي انهي جي بِلي آهي، تنهن جي مٿان مقرر ڪج. هو اهو خيمو ۽ انهي جو سڀ سامان کڻن، ۽ انهي جي خدمت ڪن، ۽ خيمي جي چوڌاري منزل ڪري رهن.</verse>
				<verse number="51">۽ جڏهن خيمو اڳتي هلڻو هجي، تڏهن لاوي انهي کي لاهين، ۽ جڏهن خيمو کوڙڻو هجي، تڏهن لاوي انهي کي کڙو ڪن: ۽ جيڪو ٻيو ڌاريو ماڻهو ويجهو ايندو، سو ماريو ويندو.</verse>
				<verse number="52">۽ بني اسرائيل مان سڀڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي منزلگاهہ ۾، پنهنجي پنهنجي جهنڊي وٽ، پنهنجن لشڪرن موجب، پنهنجو تنبو هڻي؛</verse>
				<verse number="53">پر لاوي پنهنجا تنبو شاهديءَ جي خيمي جي آس پاس هڻن؛ انهي لاءِ تہ بني اسرائيل جي جماعت تي غضب نازل نہ ٿئي، ۽ لاوي شاهديءَ جي خيمي جي نگهباني ڪن.</verse>
				<verse number="54">سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو: جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن هنن ڪيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ</verse>
				<verse number="2">بني اسرائيل مان هرڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي جهنڊي وٽ، پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن جي نشانين سان تنبو کوڙي: اهي جماعت واري تنبوءَ جي سامهون، ۽ انهي جي آس پاس پنهنجا تنبو هڻن.</verse>
				<verse number="3">جيڪي اُڀرندي ڏانهن، يعني سج اُڀرڻ واري پاسي پنهنجا تنبو کوڙين، سي يهوداهہ جي منزلگاهہ جي جهنڊي وارا پنهنجي لشڪرن موجب هجن: ۽ عمينداب جو پٽ نحسون، بني يهوداهہ جو سردار ٿئي.</verse>
				<verse number="4">۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي چوهتر هزار ۽ ڇهہ سؤ هئا.</verse>
				<verse number="5">۽ جيڪي انهن جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙين، سي اشڪار جي قبيلي وارا هجن، ۽ ضغر جو پٽ نتني ايل، بني اشڪار جو سردار ٿئي.</verse>
				<verse number="6">۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي چوونجاهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.</verse>
				<verse number="7">تنهن کان پوءِ زبولون جو قبيلو هجي، ۽ حيلون جو پٽ الياب، بني زبولون جو سردار ٿئي.</verse>
				<verse number="8">۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي ستونجاهہ هزار چار سؤ هئا.</verse>
				<verse number="9">سو يهوداهہ جي منزلگاهہ مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي سندن لشڪرن موجب، هڪ لک ڇهاسي هزار چار سؤ هئا. اهي پهرين ڪوچ ڪن.</verse>
				<verse number="10">ڏکڻ واري پاسي روبن جي منزلگاهہ جو جهنڊو سندن لشڪرن موجب هجي: ۽ شديور جو پٽ اليصور، بني روبن جو سردار ٿئي.</verse>
				<verse number="11">۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي چاليهہ هزار ۽ پنج سؤ هئا.</verse>
				<verse number="12">۽ جيڪي انهن جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙين، سي شمعون جي قبيلي وارا هجن، ۽ صوريشديءَ جو پٽ سلومي ايل، بني شمعون جو سردار ٿئي:</verse>
				<verse number="13">۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي اوڻهٺ هزار ۽ ٽي سؤ هئا:</verse>
				<verse number="14">تنهن کان پوءِ جد جو قبيلو هجي؛ ۽ رعوايل جو پٽ الياسف بني جد جو سردار ٿئي:</verse>
				<verse number="15">۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي پنجيتاليهہ هزار، ڇهہ سؤ ۽ پنجاهہ هئا.</verse>
				<verse number="16">سو روبن جي منزلگاهہ مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي سندن لشڪرن موجب، هڪ لک ايڪونجاهہ هزار چار سؤ ۽ پنجاهہ هئا. اهي ٻئي دفعي ۾ ڪوچ ڪن.</verse>
				<verse number="17">انهن کان پوءِ جماعت وارو تنبو لشڪرن جي وچ ۾، لاوين جي لشڪر سان گڏ ڪوچ ڪري اڳتي هلي: جهڙي طرح منزل ڪن، تهڙيءَ طرح ڪوچ ڪن، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي، سندن جهنڊن جي ڀرسان هجي.</verse>
				<verse number="18">الهندي واري پاسي افرائيم جي منزلگاهہ جو جهنڊو، سندن لشڪرن موجب هجي: ۽ عميهود جو پٽ اليسمع بني افرائيم جو سردار ٿئي:</verse>
				<verse number="19">۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي چاليهہ هزار ۽ پنج سؤ هئا.</verse>
				<verse number="20">۽ انهي جي ڀرسان منسي جو قبيلو هجي، ۽ فداهصور جو پٽ جملي ايل بني منسي جو سردار ٿئي:</verse>
				<verse number="21">۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي ٻٽيهہ هزار ۽ ٻہ سؤ هئا.</verse>
				<verse number="22">تنهن کان پوءِ بنيمين جو قبيلو هجي، ۽ جدعونيءَ جو پٽ ابدان، بني بنيمين جو سردار ٿئي:</verse>
				<verse number="23">۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي پنجٽيهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.</verse>
				<verse number="24">سو افرائيم جي منزلگاهہ مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي سندن لشڪرن موجب، هڪ لک اٺ هزار ۽ هڪ سؤ هئا. اهي ٽئين دفعي ۾ ڪوچ ڪن.</verse>
				<verse number="25">اُتر واري پاسي دان جي منزل گاهہ جو جهنڊو سندن لشڪرن موجب هجي، ۽ عميشديءَ جو پٽ اخيعزر، بني دان جو سردار ٿئي:</verse>
				<verse number="26">۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي ٻاهٺ هزار ۽ ست سؤ هئا.</verse>
				<verse number="27">۽ جيڪي انهن جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙين، سي آشر جي قبيلي وارا هجن، ۽ عڪران جو پٽ فجعي ايل، بني آشر جو سردار ٿئي:</verse>
				<verse number="28">۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي ايڪيتاليهہ هزار ۽ پنج سؤ هئا.</verse>
				<verse number="29">تنهن کان پوءِ نفتاليءَ جو قبيلو هجي، ۽ عينان جو پٽ اخيرع، بني نفتاليءَ جو سردار ٿئي:</verse>
				<verse number="30">۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي ٽيونجاهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.</verse>
				<verse number="31">سو دان جي منزلگاهہ مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي هڪ لک ستونجاهہ هزار ۽ ڇهہ سؤ هئا. اهي سڀني جي پٺيان پنهنجن جهنڊن جي ڀرسان ڪوچ ڪن.</verse>
				<verse number="32">بني اسرائيل مان سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب جن جو شمار ڪيو ويو، سي اهي آهن، يعني منزلگاهن مان جن جو سندن لشڪرن موجب شمار ڪيو ويو، سي مڙيئي ڇهہ لک ٽي هزار پنج سؤ ۽ پنجاهہ هئا؛</verse>
				<verse number="33">پر لاويءَ جي نسل وارا بني اسرائيل ۾ شمار نہ ڪيا ويا، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="34">سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو، ۽ جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن انهن پنهنجن جهنڊن جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙيا، ۽ اهڙيءَ طرح سڀني پنهنجن خاندانن ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب ڪوچ ڪيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">هاڻي جنهن ڏينهن خداوند سينا جبل تي موسيٰ سان ڳالهايو، تنهن ڏينهن موسيٰ ۽ هارون جون هي پيڙهيون هيون.</verse>
				<verse number="2">۽ هارون جي پٽن جا نالا هي آهن: ندب جيڪو پهريتو هو، ۽ ابيهو، ۽ اليعزر، ۽ اتمر.</verse>
				<verse number="3">هارون جا پٽ، جي ڪاهن هئا، ۽ جن کي هن مسح ڪري، ڪهانت جي عهدي تي رکي خدمت ڪرڻ لاءِ مخصوص ڪيو هو، سي اهي آهن.</verse>
				<verse number="4">۽ ندب ۽ ابيهو، جڏهن سينا جي بيابان ۾ خداوند جي حضور ۾ ناجائز باهہ پيش ڪئي، تڏهن اهي خداوند جي حضور ۾ مري ويا، ۽ انهن کي اولاد ڪونہ هو: باقي اليعز ۽ اتمر پنهنجي پيءُ هارون جي موجودگيءَ ۾ ڪهانت جي عهدي تي رهي خدمت ڪندا رهيا.</verse>
				<verse number="5">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="6">لاويءَ جي قبيلي وارن کي ويجهو آڻي هارون ڪاهن جي اڳيان حاضر ڪر، تہ اهي هن جي خدمت ڪن.</verse>
				<verse number="7">۽ انهي جي طرفان، ۽ ساري جماعت جي طرفان، جيڪي کين سونپيو وڃي تنهن جي نگهباني ڪن، ۽ عبادت جي خيمي جي نگهباني ڪن.</verse>
				<verse number="8">۽ هو جماعت واري تنبوءَ جي سموري سامان جي، ۽ بني اسرائيل جي ساريءَ امانت جي نگهباني ڪن، انهي لاءِ تہ عبادت جي خيمي جي خدمت ڪندا رهن.</verse>
				<verse number="9">۽ تون لاوين کي هارون ۽ سندس پٽن جي حوالي ڪري ڇڏ: اهي بني اسرائيل جي پاران هن کي ڏنا ويا آهن.</verse>
				<verse number="10">۽ تون هارون ۽ سندس پٽن کي مقرر ڪر تہ اهي ڪهانت جي ڪم ۾ مشغول رهن: ۽ جيڪو ڌاريو ماڻهو ويجهو اچي سو ماريو وڃي.</verse>
				<verse number="11">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="12">ڏس بني اسرائيل جا پهريتا ٻار، جيڪي پيٽ مان پهرين نڪرن ٿا، تن جي بدران مون اسرائيل منجهان لاوين کي قبول ڪيو آهي، ۽ لاوي منهنجا ٿيندا؛</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو سڀ پهريتا ٻار منهنجا آهن؛ جنهن ڏينهن مون مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا ٻار ماريا، تنهن ڏينهن اسرائيل ۾ سڀ پهريتا، ماڻهن جا توڙي جانورن جا، مون پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيا: اهي منهنجا ٿيندا؛ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="14">۽ خداوند سينا جي بيابان ۾ موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="15">تون بني لاويءَ جو سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪر، يعني جن ڇوڪرن جي عمر هڪڙو مهينو يا انهي کان مٿي هجي، تن سڀني جو تون شمار ڪر.</verse>
				<verse number="16">سو جيئن موسيٰ کي حڪم مليو، تيئن خداوند جي فرمان موجب هن انهن جو شمار ڪيو.</verse>
				<verse number="17">۽ لاويءَ جا پٽ سندن نالن موجب هي هئا؛ يعني جيرسون، قهات ۽ مراري.</verse>
				<verse number="18">۽ جيرسون جي پٽن جا نالا سندن خاندانن موجب هي آهن: لبني ۽ سمعي.</verse>
				<verse number="19">۽ قهات جا پٽ، سندن خاندانن موجب هي آهن: عمرام، اضهار، حبرون ۽ عزي ايل.</verse>
				<verse number="20">۽ مراريءَ جا پٽ، سندن خاندانن موجب هي آهن: محلي ۽ موشي. سو لاوين جا خاندان، سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب اِهي آهن.</verse>
				<verse number="21">جيرسون مان لبني وارن جو خاندان، ۽ شمعي وارن جو خاندان هو: اهي آهن بني جيرسون جا خاندان.</verse>
				<verse number="22">انهن مان جن ڇوڪرن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهي کان مٿي هئي، تن سڀني جو شمار ڪيو ويو، ۽ اهڙيءَ طرح جن جو شمار ڪيو ويو، سي مڙيئي ست هزار ۽ پنج سؤ هئا.</verse>
				<verse number="23">اهي بني جيرسون جا خاندان عبادت واري خيمي جي الهندي پاسي پنهنجا تنبو کوڙين.</verse>
				<verse number="24">۽ لاايل جو پٽ الياسف، بني جيرسون جي ابن ڏاڏن جي گهراڻي جو سردار ٿئي.</verse>
				<verse number="25">۽ جماعت واري تنبوءَ ۾، عبادت جو خيمو، ۽ انهي جي مٿان جيڪو تنبو آهي سو، ۽ انهي جو ڍڪ، ۽ جماعت واري تنبوءَ جي در جو پردو، اهي بني جيرسون جي پٽن جي نگهبانيءَ هيٺ رهن؛</verse>
				<verse number="26">۽ انهي کان سواءِ اڱڻ جا پردا، جيڪي خيمي ۽ قربانگاهہ جي ويجها آهن، ۽ اڱڻ جي در جو پردو، ۽ سڀيئي رسا جيڪي انهي ۾ ڪم ٿا اچن.</verse>
				<verse number="27">قهات مان عمرام وارن جو خاندان، ۽ اَضهار وارن جو خاندان، ۽ حبرون وارن جو خاندان، ۽ عزي ايل وارن جو خاندان هو. اهي آهن بني قهات جا خاندان.</verse>
				<verse number="28">انهن مان جن ڇوڪرن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهي کان مٿي هئي، تن سڀني جو شمار ڪيو ويو، ۽ اهي اٺ هزار ۽ ڇهہ سؤ هئا، ۽ پاڪ مڪان جي نگهباني انهن جي ذمي هئي.</verse>
				<verse number="29">اهي بني قهات جا خاندان، عبادت واري خيمي جي ڏکڻ واري پاسي پنهنجا تنبو کوڙين.</verse>
				<verse number="30">۽ عزي ايل جو پٽ اليصفن، بني قهات جي ابن ڏاڏن جي گهراڻي جو سردار ٿئي.</verse>
				<verse number="31">۽ صندوق، ۽ ميز، ۽ شمعدان، ۽ ٻئي قربانگاهون، ۽ پاڪ مڪان جا ٿانو، جيڪي عبادت جي ڪم ۾ ٿا اچن، ۽ پردو، ۽ انهي سان لاڳاپو رکندڙ سڀ ڪو ڪم انهن جي ذمي رهي.</verse>
				<verse number="32">۽ هارون ڪاهن جو پٽ اليعزر، لاوين جي سردارن جو سردار ٿئي، ۽ جيڪي پاڪ مڪان جي نگهباني ٿا ڪن، تن تي نظرداري ڪري.</verse>
				<verse number="33">مراريءَ مان محليءَ وارن جو خاندان، ۽ موشيءَ وارن جو خاندان هو: اهي آهن بني مراريءَ جا خاندان.</verse>
				<verse number="34">انهن مان جن ڇوڪرن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهي کان مٿي هئي، تن سڀني جو شمار ڪيو ويو، ۽ اهي ڇهہ هزار ۽ ٻہ سؤ هئا.</verse>
				<verse number="35">ابيخيل جو پٽ صوري ايل، بني مراريءَ جي ابن ڏاڏن جي گهراڻي جو سردار ٿئي. اهي خيمي جي اُتر واري پاسي پنهنجا تنبو کوڙين.</verse>
				<verse number="36">۽ عبادت واري خيمي جا تختا، ۽ انهي جا گز، ۽ انهي جا ٿنڀ، ۽ انهي جا کوپا، ۽ انهي جا سڀ اوزار، ۽ انهي جي خدمت جو سڀ ڪم، بني مراريءَ جي ذمي رهي.</verse>
				<verse number="37">۽ انهي کان سواءِ اڱڻ جي آسپاس وارا ٿنڀ، ۽ انهن جا کوپا، ۽ انهن جا رسا بہ سندن نگهبانيءَ هيٺ رهن.</verse>
				<verse number="38">۽ خيمي جي اڳيان جماعت واري تنبوءَ جي سامهون، سج اُڀرڻ واري پاسي جيڪي پنهنجا تنبو کوڙين، سي موسيٰ، ۽ هارون، ۽ انهي جا پٽ هجن؛ اهي بني اسرائيل جي لاءِ خيمي جي نگهباني ڪن؛ جيڪو ڌاريو ماڻهو ويجهو اچي، سو ماريو وڃي.</verse>
				<verse number="39">سو لاوين مان جيڪي شمار ڪيا ويا، جن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهي کان مٿي هئي، يعني جن جو موسيٰ ۽ هارون، خداوند جي حڪم پٽاندر، سندن خاندانن موجب شمار ڪيو، سي مڙيئي ٻاويهہ هزار هئا.</verse>
				<verse number="40">پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ تون بني اسرائيل جي سڀني پهريتن پٽن جو شمار ڪر، يعني جن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهي کان مٿي هجي، تن سڀني جي نالن جو شمار ڪر.</verse>
				<verse number="41">۽ تون بني اسرائيل جي پهريتن پٽن جي بدران، منهنجي لاءِ لاوين جو شمار ڪر (آءٌ خداوند آهيان)؛ ۽ بني اسرائيل جي چوپائي مال جي پهرين ڄاول ٻچن جي بدران، لاوين جي چوپائي مال جو شمار ڪر.</verse>
				<verse number="42">سو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو، تيئن هن بني اسرائيل جي پهريتي پٽن جو شمار ڪيو.</verse>
				<verse number="43">۽ انهن مان سڀيئي پهريتا پٽ، جن جو سندن نالن موجب شمار ڪيو ويو، سي ٻاويهہ هزار ٻہ سؤ ۽ ٽيهتر هئا.</verse>
				<verse number="44">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="45">تون بني اسرائيل مان سڀني پهريتن جي بدران لاوين کي وٺ، ۽ انهن جي چوپائي مال جي بدران، لاوين جو چوپايو مال وٺ، ۽ لاوي منهنجا ٿيندا: آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="46">بني اسرائيل جي پهريتن ۾ جيڪي ٻہ سؤ ٽيهتر ڄڻا لاوين جي شمار کان وڌيڪ آهن، تن جو عيوضو ڏيئي ڇڏائڻ لاءِ،</verse>
				<verse number="47">تون انهن کان هڪڙي هڪڙي لاءِ پاڪ مڪان جي مشقال جهڙا پنج مشقال وٺ؛ هڪڙي مشقال ۾ ويهہ جيرہ آهن.</verse>
				<verse number="48">۽ اها رقم جنهن سان انهن جو اهو وڌيڪ تعداد ڇڏايو وڃي، سا تون هارون ۽ سندس پٽن کي ڏج.</verse>
				<verse number="49">سو جيڪي لاوين جي عيوضي ۾ ڇڏايا ويا، تن کان وڌيڪ جيڪي ماڻهو هئا، تن کان موسيٰ اها عيوضي واري رقم وصول ڪئي.</verse>
				<verse number="50">هن اهي پئسا بني اسرائيل جي پهريتي پٽن کان ورتا. اهي پاڪ مڪان جي مشقال جهڙا هڪ هزار ٽي سؤ ۽ پنجهٺ مشقال ٿيا.</verse>
				<verse number="51">۽ موسيٰ اهي ڇوٽڪاري جي عيوضي وارا پئسا، خداوند جي حڪم موجب، هارون ۽ سندس پٽن کي ڏنا، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ،</verse>
				<verse number="2">بني لاويءَ مان، قهات جي پٽن جو سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب حساب ڪريو.</verse>
				<verse number="3">۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي، پنجاهہ ورهين جي عمر تائين، جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ خدمت ۾ شامل ٿين، تن سڀني جو شمار ڪريو.</verse>
				<verse number="4">جماعت واري تنبوءَ ۾ جيڪي تمام پاڪ شيون آهن، تن بابت قهات جي پٽن جي خدمت هيءَ آهي:</verse>
				<verse number="5">جڏهن منزل کڄي تڏهن هارون ۽ سندس پٽ اندر وڃن، ۽ پردي وارو ڍڪ لاهين، ۽ شاهديءَ جي صندوق کي انهي سان ڍڪين،</verse>
				<verse number="6">۽ مل ار مڇيءَ جي کل جو پوش انهي تي وجهن، ۽ انهي جي مٿان آسماني رنگ جو ڪپڙو پکيڙي ڇڏين، ۽ منجهس ڏنڊا وجهن.</verse>
				<verse number="7">۽ نذر جي مانيءَ واريءَ ميز تي آسماني ڪپڙو وڇائين، ۽ انهيءَ تي رڪابيون، چمچا، وٽا، ۽ اوتڻ لاءِ پيالا رکن، ۽ هميشہ واري ماني بہ انهي تي رکن.</verse>
				<verse number="8">۽ انهيءَ جي مٿان قرمزي ڪپڙو وجهن، ۽ پوءِ انهيءَ کي مل ار مڇيءَ جي کل سان ڍڪي ڇڏين، ۽ منجهس ڏنڊا وجهن.</verse>
				<verse number="9">پوءِ هو آسماني رنگ جو ڪپڙو کڻي روشنائيءَ وارو شمعدان ۽ انهي جا ڏيئا، ۽ ڦلن لاهڻ جا چمٽا ۽ رڪابيون، ۽ تيل جا سڀ ٿانو، جيڪي انهي جي ڪم ۾ ٿا اچن، تن سڀني جي مٿان وجهن.</verse>
				<verse number="10">۽ انهي کي سندس سڀني ٿانون سميت، مل ار مڇيءَ جي کل جي پوش ۾ رکن، ۽ پوءِ انهي کي پڃري جي مٿان رکن.</verse>
				<verse number="11">۽ هو سوني قربانگاهہ جي مٿان آسماني رنگ جو ڪپڙو پکيڙي، پوءِ انهي کي مل ار مڇيءَ جي کل سان ڍڪين، ۽ منجهس ڏنڊا وجهن.</verse>
				<verse number="12">۽ سڀيئي ٿانو، جيڪي پاڪ مڪان جي خدمت جي ڪم ۾ ٿا اچن، سي سڀ کڻي هڪڙي آسماني رنگ جي ڪپڙي ۾ ويڙهي، پوءِ مل ار مڇيءَ جي کل جي پوشن سان ڍڪين، ۽ اهي بہ پڃري تي رکن.</verse>
				<verse number="13">۽ قربانگاهہ مان رک ڪڍي، مٿس آسماني رنگ جو ڪپڙو پکيڙي ڇڏين.</verse>
				<verse number="14">۽ جيڪي ٿانو انهي جي خدمت جي ڪم ۾ ٿا اچن، سي سڀ، يعني منگالا ۽ گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ۽ ڪوڏاريون، ۽ ٿالهہ، مطلب تہ قربانگاهہ جا سڀ ٿانو، انهيءَ جي مٿان رکن، ۽ انهيءَ تي مل ار مڇيءَ جي کل جو پوش ڍڪي پوءِ منجهس ڏنڊا وجهن.</verse>
				<verse number="15">۽ جڏهن هارون ۽ سندس پٽ، پاڪ مڪان ۽ انهي جي سامان کي ڍڪي بس ڪن، ۽ ڪوچ ڪرڻ جو وقت اچي، تڏهن قهات جا پٽ انهي جي کڻڻ لاءِ اچن: پر هو پاڪ مڪان کي نہ ڇهن متان مري پون. جماعت واري تنبوءَ مان اهي شيون قهات جي پٽن کي کڻڻيون آهن.</verse>
				<verse number="16">۽ هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر جو ڪم هي ٿيندو: تہ هو ڏيئن ٻارڻ جي تيل، ۽ خوشبودار مصالحہ، ۽ نذر جي هميشہ واري قرباني، ۽ مسح ڪرڻ جي تيل، ۽ عبادت جي خيمي، ۽ انهي جي سموري سامان، ۽ پاڪ مڪان ۽ انهي جي سموري سامان، جي نگهباني ڪري.</verse>
				<verse number="17">۽ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو، ۽ چيائين تہ</verse>
				<verse number="18">اوهين بني قهات جي خاندان واري قبيلي کي، لاوين مان تباهہ ٿيڻ نہ ڏيو:</verse>
				<verse number="19">۽ اهي تمام پاڪ شين جي ويجهو اچڻ جي ڪري مري نہ پون، تنهنڪري اوهين هيئن ڪريو تہ هارون ۽ سندس پٽ اندر وڃي هرهڪ کي پنهنجي پنهنجي خدمت، ۽ پنهنجي پنهنجي بار کڻڻ لاءِ مقرر ڪن:</verse>
				<verse number="20">پر هو پاڪ مڪان ڏسڻ واسطي هڪڙي لحظي لاءِ بہ اندر نہ وڃن، متان هو مري پون.</verse>
				<verse number="21">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="22">جيرسون جي پٽن جو بہ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب حساب ڪر.</verse>
				<verse number="23">۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي پنجاهہ ورهين جي عمر تائين جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ شامل ٿين، تن سڀني جو شمار ڪر.</verse>
				<verse number="24">بني جيرسون جي خاندانن جو، خدمت ڪرڻ ۽ بار کڻڻ لاءِ هي ڪم آهي:</verse>
				<verse number="25">تہ هو عبادت جي خيمي جا پردا، ۽ جماعت وارو تنبو ۽ انهي جو ڍڪ، ۽ انهي جي مٿان جيڪو مل ار مڇيءَ جي کل جو پوش آهي، سو ۽ جماعت واري تنبوءَ جي در جو پردو،</verse>
				<verse number="26">۽ خيمي ۽ قربانگاهہ جي آس پاس واري اڱڻ جا پردا، ۽ اڱڻ جي دروازي جو پردو، ۽ انهن جا رسا، ۽ انهي جي خدمت جو سڀ سامان کڻن؛ ۽ ٻيو جيڪو ڪم انهن شين سان ڪيو وڃي، سو سڀ اهي ئي ڪن.</verse>
				<verse number="27">بني جيرسون جو خدمت ڪرڻ ۽ بار کڻڻ جو سمورو ڪم، هارون ۽ سندس پٽن جي حڪم موجب ٿئي: ۽ جيڪو بار هنن کي کڻڻو هجي، سو اوهين مقرر ڪري انهن جي ذمي ڏجو.</verse>
				<verse number="28">جماعت واري تنبوءَ ۾، بني جيرسون جي خاندانن جي اها خدمت آهي، ۽ اهي هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هٿ هيٺ رهن.</verse>
				<verse number="29">۽ تون مراريءَ جي پٽن جو بہ سندس خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب حساب ڪر.</verse>
				<verse number="30">۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي پنجاهہ ورهين جي عمر تائين جيڪو جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ خدمت ۾ شامل ٿئي، تن سڀني جو شمار ڪر.</verse>
				<verse number="31">۽ جماعت واري تنبوءَ ۾ خدمت ڪرڻ ۽ بار کڻڻ لاءِ هنن جو هي ڪم آهي: تہ هو عبادت جي خيمي جا تختا ۽ انهي جا گز، ۽ انهي جا ٿنڀ، ۽ انهن جا کوپا،</verse>
				<verse number="32">۽ انهي جي آس پاس واري اڱڻ جا ٿنڀ، ۽ انهن جا کوپا، ۽ انهن جون ڪليون، ۽ انهن جا رسا، سڀني اوزارن ۽ خدمت جي سامان سميت، اهي ئي کڻن. مطلب تہ جيڪي بہ اوزار انهن کي کڻڻا هجن، سي اوهين ناليوار انهن جي ذمي ڏجو.</verse>
				<verse number="33">جماعت واري تنبوءَ ۾ بني مراريءَ جي خاندانن جو، هر ڪنهن قسم جي خدمت موافق، هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هٿ هيٺ اهوئي ڪم آهي.</verse>
				<verse number="34">سو موسيٰ، ۽ هارون، ۽ جماعت جي سردارن، قهات جي پٽن جو سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب حساب ڪيو.</verse>
				<verse number="35">۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي پنجاهہ ورهين جي عمر تائين، جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ خدمت ۾ شامل ٿيا، تن سڀني جو شمار ڪيائون؛</verse>
				<verse number="36">۽ انهن مان جن جو اهڙيءَ طرح سندن خاندانن موجب شمار ڪيو ويو، سي مڙيئي ٻہ هزار ست سؤ ۽ پنجاهہ هئا.</verse>
				<verse number="37">سو بني قهات جي خاندانن مان جن جو شمار ڪيو ويو، يعني جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ خدمت ڪندا هئا، سي اهي ئي آهن، جن جو موسيٰ جي هٿان موڪليل، خداوند جي حڪم موجب، موسيٰ ۽ هارون شمار ڪيو.</verse>
				<verse number="38">۽ جيرسون جي پٽن مان جن جو سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪيو ويو،</verse>
				<verse number="39">۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي پنجاهہ ورهين جي عمر تائين، جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ خدمت ۾ شامل ٿيا،</verse>
				<verse number="40">يعني انهن مان جن جو اهڙيءَ طرح سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪيو ويو، سي مڙيئي ٻہ هزار ڇهہ سؤ ۽ ٽيهہ هئا.</verse>
				<verse number="41">يعني جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ خدمت ڪندا هئا، سي اهي ئي آهن، جن جو موسيٰ جي هٿان موڪليل، خداوند جي حڪم موجب، موسيٰ ۽ هارون شمار ڪيو.</verse>
				<verse number="42">۽ مراريءَ جي پٽن مان جن جو سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪيو ويو،</verse>
				<verse number="43">۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي پنجاهہ ورهين جي عمر تائين، جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ خدمت ۾ شامل ٿيا،</verse>
				<verse number="44">يعني انهن مان جن جو اهڙيءَ طرح سندن خاندانن موجب شمار ڪيو ويو، سي مڙيئي ٽي هزار ۽ ٻہ سؤ هئا.</verse>
				<verse number="45">سو بني مراريءَ جي خاندانن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي اِهي ئي آهن، جن جو موسيٰ جي معرفت موڪليل، خداوند جي حڪم موجب، موسيٰ ۽ هارون شمار ڪيو.</verse>
				<verse number="46">سو لاوين مان جيڪي شمار ڪيا ويا، يعني جن جو موسيٰ، ۽ هارون، ۽ اسرائيل جي سردارن، سندن خاندانن ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪيو،</verse>
				<verse number="47">۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي پنجاهہ ورهين جي عمر تائين جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ بار کڻڻ جي ڪم لاءِ خدمت ۾ شامل ٿيا، تن سڀني جو شمار ڪيائون.</verse>
				<verse number="48">سو انهن مان جن جو اهڙيءَ طرح شمار ڪيو ويو، سي مڙيئي اٺ هزار پنج سؤ ۽ اسي هئا.</verse>
				<verse number="49">اهي خداوند جي حڪم موجب، پنهنجي پنهنجي خدمت، ۽ بار کڻڻ جي ڪم موجب، موسيٰ جي هٿان شمار ڪيا ويا: انهيءَ طرح جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن هن انهن جو شمار ڪيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">بني اسرائيل کي حڪم ڏي تہ اهي هر ڪنهن ڪوڙهيي کي، ۽ هر ڪنهن پرميل جي مرض واري کي، ۽ جيڪو مردي جي ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، تنهن کي منزلگاهہ کان ٻاهر ڪڍن.</verse>
				<verse number="3">اهو مرد هجي توڙي زال، پر اوهين انهي کي منزلگاهہ کان ٻاهر ڪڍجو؛ تہ جنهن منزلگاهہ ۾ آءٌ رهان ٿو، تنهن کي پليت نہ ڪن.</verse>
				<verse number="4">سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو، يعني انهن کي منزل گاهہ کان ڪڍي ٻاهر ڪيائون: جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن ئي بني اسرائيل ڪيو.</verse>
				<verse number="5">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="6">بني اسرائيل کي چئُہ تہ جڏهن ڪو مرد يا زال، ڪو اهڙو گناهہ ڪري، جهڙو ماڻهو ڪندا آهن، ۽ خداوند جي حڪم عدولي ڪري ڏوهاري ٿئي:</verse>
				<verse number="7">تڏهن اهي پنهنجي گناهہ جا قبولدار ٿين، ۽ پنهنجي ڏوهہ جو پورو عيوضو ڀري ڏين، ۽ انهي جو پنجون حصو انهي ۾ وڌيڪ گڏين، پوءِ اهو انهي کي ڏين، جن جو انهن ڏوهہ ڪيو هجي.</verse>
				<verse number="8">پر جيڪڏهن انهي ماڻهوءَ جو ڪو اهڙو عزيز خويش نہ هجي، جنهن کي اهو عيوضو ڏنو وڃي، تہ پوءِ اهڙي ڏوهہ جو عيوضو، جيڪو خداوند جي لاءِ ڏيڻ ۾ اچي سو ڪاهن جو آهي؛ انهي کان سواءِ ڪفاري جو گهٽو، جنهن سان ڪفارو ڪيو وڃي، سو بہ ڪاهن جو آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ بني اسرائيل جيڪي شيون مخصوص ڪري ڪاهن وٽ آڻين، تن مان هر ڪا کڻڻ واري قرباني انهي جي ٿيندي.</verse>
				<verse number="10">۽ هر ڪنهن شخص جي مخصوص ڪيل شيءِ بہ اُنهي جي ٿيندي: جيڪو بہ ماڻهو ڪا شيءِ ڪاهن کي ڏيندو سا انهي جي ٿيندي.</verse>
				<verse number="11">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="12">بني اسرائيل کي چئُہ تہ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جي زال گمراهہ ٿئي، ۽ ساڻس بيوفائي ڪري،</verse>
				<verse number="13">۽ ٻيو ڪو ماڻهو انهيءَ سان سمهي، ۽ انهيءَ ڳالهہ جي هن جي مڙس کي خبر نہ هجي، ۽ اها ڳالهہ کانئس لڪائي وڃي، ۽ هوءَ پليت ٿئي، پر هن جي برخلاف ڪو شاهد نہ هجي، ۽ نڪي ڏوهہ ڪندي پڪڙي هجي؛</verse>
				<verse number="14">پر ناپاڪ ٿي هجي، ۽ انهي جي مڙس کي غيرت جي ڪري جوش اچي وڃي، ۽ هو پنهنجيءَ زال جي نسبت ۾ بدگمان ٿئي: يا جي هوءَ ناپاڪ نہ ٿي هجي پر تہ بہ هن کي غيرت اچي، ۽ هو بدگمان ٿئي؛</verse>
				<verse number="15">تہ پوءِ اهو ماڻهو پنهنجيءَ زال کي ڪاهن وٽ وٺي اچي، ۽ انهيءَ جي طرفان جوَن جي اٽي جي هڪڙي ايفہ جي ڏهين حصي جيترو نذر طور کڻي اچي، ۽ انهي جي مٿان نڪي تيل وجهي نڪي لوبان رکي؛ ڇالاءِ جو اها غيرت جي واسطي کاڌي جي قرباني آهي، يعني يادگيريءَ جي لاءِ کاڌي جي قرباني آهي، جا گناهہ جي يادگيري ٿي ڏياري.</verse>
				<verse number="16">پوءِ ڪاهن انهيءَ زال کي ويجهو آڻي، خداوند جي حضور ۾ بيهاري؛</verse>
				<verse number="17">۽ ڪاهن هڪڙي ٺڪر جي ٿانو ۾ پاڪ پاڻي کڻي، ۽ عبادت واري خيمي جي فرش تان مٽي کڻي انهي پاڻيءَ ۾ وجهي.</verse>
				<verse number="18">پوءِ ڪاهن انهيءَ زال کي خداوند جي حضور ۾ بيهاري ۽ سندس مٿي جا وار ڇوڙائي ڇڏي، ۽ يادگيريءَ واري کاڌي جي قرباني سندس هٿن تي رکي، جا غيرت جي کاڌي جي قرباني آهي، ۽ ڪاهن پنهنجي هٿ ۾ اهو ڪؤڙو پاڻي کڻي، جو لعنت پيدا ٿو ڪري؛</verse>
				<verse number="19">۽ انهيءَ زال کي قسم کڻائي چوي تہ جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو توسان نہ ستو آهي، ۽ جي تون مڙس هوندي گمراهہ ٿي ناپاڪ نہ ٿي آهين؛ تہ هي ڪؤڙو پاڻي، جو لعنت پيدا ٿو ڪري، تنهن جي اثر کان بچيل آهين.</verse>
				<verse number="20">پر جيڪڏهن تون مڙس هوندي گمراهہ ٿي آهين، ۽ ناپاڪ ٿي آهين، ۽ تنهنجي مڙس کان سواءِ ٻيو ڪو ماڻهو توسان ستو آهي،</verse>
				<verse number="21">تہ ڪاهن انهيءَ زال کي لعنت جو قسم ڏئي، ۽ چويس تہ پوءِ شل خداوند تنهنجيءَ ران کي ساڙي ڳاري ڪيرائي ڇڏي، ۽ تنهنجي پيٽ کي سڄائي؛ جنهن ڪري تون پنهنجيءَ قوم ۾ لعنت ۽ قسم جو مثال بڻجين؛</verse>
				<verse number="22">۽ هي پاڻي جو لعنت ٿو پيدا ڪري، سو تنهنجن آنڊن ۾ وڃي تنهنجو پيٽ سڄائي، ۽ تنهنجيءَ ران کي ساڙي ڳاري ڪيرائي ڇڏي: ۽ اها زال چوي، آمين.</verse>
				<verse number="23">پوءِ ڪاهن اهي لعنتون هڪڙي ڪتاب ۾ لکي، انهي کي هن ڪؤڙي پاڻيءَ ۾ ڌوئي.</verse>
				<verse number="24">پوءِ اهو پاڻي جو لعنت پيدا ٿو ڪري، سو انهيءَ زال کي پياري، ۽ اهو لعنت پيدا ڪندڙ پاڻي انهيءَ زال جي پيٽ ۾ وڃي ڪؤڙو ٿي پوندو.</verse>
				<verse number="25">تنهن کان پوءِ ڪاهن انهيءَ زال جي هٿ مان غيرت واري کاڌي جي قرباني وٺي، ۽ اها خداوند جي حضور ۾ لوڏي قربانگاهہ تي آڻي:</verse>
				<verse number="26">۽ ڪاهن انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان هڪڙي مٺ ڀري يادگيريءَ جي لاءِ قربانگاهہ تي ساڙي، ۽ پوءِ زال کي اهو پاڻي پياري ڇڏي.</verse>
				<verse number="27">۽ جڏهن هو کيس اهو پاڻي پياريندو، تڏهن هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هوءَ ناپاڪ ٿي هوندي، ۽ مڙس جي برخلاف ڏوهہ ڪيو هوندائين، تہ اهو لعنت پيدا ڪندڙ پاڻي سندس پيٽ ۾ وڃي ڪؤڙو ٿي پوندو، ۽ سندس پيٽ سڄي پوندو، ۽ سندس ران سڙي ڳري ڪري پوندي، ۽ اها زال پنهنجيءَ قوم ۾ لعنتي ٿيندي.</verse>
				<verse number="28">پر جيڪڏهن اها زال ناپاڪ نہ ٿي هوندي ۽ پاڪ هوندي، تہ هوءَ بچي ويندي، ۽ اڳتي کيس اولاد ٿيندو.</verse>
				<verse number="29">سو جڏهن ڪا مڙس واري زال گمراهہ ٿي ناپاڪ ٿئي تہ انهيءَ جي لاءِ اهو غيرت جو قانون آهي.</verse>
				<verse number="30">يا جڏهن ڪنهن مرد کي غيرت جي ڪري جوش اچي وڃي، ۽ هو پنهنجيءَ زال جي نسبت ۾ بدگمان ٿئي؛ تڏهن هو پنهنجيءَ زال کي آڻي خداوند جي حضور ۾ حاضر ڪري، ۽ ڪاهن انهيءَ تي هي سارو قانون عمل ۾ آڻي.</verse>
				<verse number="31">پوءِ اهو ماڻهو ڏوهہ کان آزاد ٿيندو، ۽ اها زال پنهنجو ڏوهہ پاڻ تي کڻندي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">بني اسرائيل کي چئُہ تہ جڏهن ڪو مرد يا ڪا زال ڪا خاص مڃتا مڃي، ۽ خداوند جي لاءِ نذير ٿيڻ واسطي ڇِلي ۾ ويهي:</verse>
				<verse number="3">تڏهن هو پاڻ کي شراب ۽ نشيدار شين کان پري رکي؛ هو شراب جو سرڪو، يا ٻيءَ نشي واريءَ شيءِ جو سرڪو نہ پئي، نڪي ڊاک جو رس پئي، نڪي تازي يا سڪل ڊاک کائي.</verse>
				<verse number="4">۽ پنهنجي ڇِلي جي ڏينهن ۾ هو اهڙي ڪابہ شيءِ نہ کائي، جا ڊاک مان جڙيل هجي، ٻج کان وٺي کل تائين.</verse>
				<verse number="5">هو پنهنجي مڃتا جي پرهيزگاريءَ واري عرصي ۾ پنهنجي مٿي تي پاڪي نہ گهمائي، جيسين ڪ اهي ڏينهن پورا ٿين، جن ۾ هن پاڻ کي خداوند جي لاءِ نذير ڪيو هجي. هو انهي عرصي ۾ پاڪ رهي، ۽ پنهنجي مٿي جا وار وڌڻ ڏئي.</verse>
				<verse number="6">جيترا ڏينهن هو پاڻ کي خداوند جي لاءِ نذير ڪري، اوترا ڏينهن هو ڪنهن مردي جي ويجهو نہ وڃي.</verse>
				<verse number="7">هو پنهنجي پيءُ، يا پنهنجيءَ ماءُ، يا پنهنجي ڀاءُ، يا پنهنجيءَ ڀيڻ جي موت تي بہ پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو خداوند جي لاءِ پرهيزگاريءَ جي مڃتا سندس مٿي تي آهي.</verse>
				<verse number="8">پرهيزگاريءَ وارا سڀ ڏينهن هو خداوند جي لاءِ پاڪ آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ جيڪڏهن انهي جي ڀر سان ڪو ماڻهو اوچتو مري پوي، ۽ سندس مڃتا وارو مٿو ناپاڪ ٿي پوي، تہ هو پنهنجي پاڪ ٿيڻ واري ڏينهن پنهنجو مٿو ڪوڙائي، يعني ستين ڏينهن اُهو ڪوڙائي.</verse>
				<verse number="10">۽ اٺين ڏينهن هو ٻہ ڳيرا يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا، جماعت واري تنبوءَ جي در تي ڪاهن وٽ آڻي.</verse>
				<verse number="11">۽ ڪاهن انهن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ طور، ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ طور پيش ڪري، ۽ مردي جي ڪري جو هن کان گناهہ ٿيو آهي، تنهن جي لاءِ ڪفارو ڪري، ۽ ساڳئي ڏينهن هو پنهنجو مٿو پاڪ ڪري.</verse>
				<verse number="12">پوءِ هو خداوند جي لاءِ نذير ٿيڻ جي واسطي ڇِلي ۾ ويهي، ۽ خطا جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو يڪسالو گهيٽو آڻي: پر اڳيان ڏينهن حساب ۾ نہ ايندا؛ ڇالاءِ جو هن جو ڇِلو ناپاڪ ٿي پيو.</verse>
				<verse number="13">جڏهن ڇِلي وارا ڏينهن پورا ٿين، تڏهن نذير جي لاءِ هي قانون آهي: يعني هو جماعت واري تنبوءَ جي در تي حاضر ڪيو وڃي:</verse>
				<verse number="14">۽ هو خداوند جي لاءِ هيءَ قرباني پيش ڪري، يعني سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو بي عيب يڪسالو گهيٽو، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙي بي عيب يڪسالي گهيٽي، ۽ سلامتيءَ جي لاءِ هڪڙو بي عيب گهٽو،</verse>
				<verse number="15">فطيري مانيءَ جي ٽوڪري، يعني تيل ۾ ڳوهيل ميدي جا ڍوڍا، ۽ تيل مکيل فطيري ٽڪيون، ۽ کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واريون قربانيون.</verse>
				<verse number="16">پوءِ ڪاهن اهي خداوند جي حضور ۾ آڻي حاضر ڪري، ۽ هن جي گناهہ جي قرباني، ۽ هن جي سوختني قرباني چاڙهي.</verse>
				<verse number="17">پوءِ هو اهو سلامتيءَ جي قربانيءَ وارو گهٽو، ۽ فطيري مانيءَ جي ٽوڪري، خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري، ۽ ڪاهن هن جي کاڌي جي قرباني، ۽ هن جي پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪري.</verse>
				<verse number="18">پوءِ نذير جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ پنهنجو مڃتا وارو مٿو ڪوڙائي، ۽ پنهنجي مڃتا واري مٿي جا وار کڻي سلامتيءَ جي قربانيءَ جي هيٺان ٻرندڙ باهہ تي رکي.</verse>
				<verse number="19">۽ جڏهن هو نذير پنهنجو مڃتا وارو مٿو ڪوڙائي ڇڏي، تڏهن ڪاهن، انهي گهٽي جي پڪل دستي، ۽ ٽوڪريءَ مان هڪڙو فطيري ڍوڍو، ۽ هڪڙي فطيري ٽڪي ڪڍي، هن جي هٿن تي رکي:</verse>
				<verse number="20">پوءِ ڪاهن انهي کي لوڏڻ واري قربانيءَ طور لوڏي؛ اُها لوڏيل قربانيءَ جي سيني، ۽ کڻڻ واريءَ قربانيءَ جي ران، ڪاهن جي لاءِ پاڪ آهي: تنهن کان پوءِ نذير کي مئي پيئڻ جي موڪل آهي.</verse>
				<verse number="21">جيڪو نذير ڪا مڃتا مڃي، تنهن بابت، ۽ پنهنجيءَ پرهيزگاريءَ جي لاءِ خداوند جي حضوريءَ ۾ جيڪي پيش ڪري تنهن بابت، ۽ انهي کان سواءِ ٻيو جيڪي هٿ اچي سگهيس، تنهن بابت اهو قانون آهي؛ ۽ جيڪا مڃتا هو مڃي، تنهن موجب پنهنجيءَ پرهيزگاريءَ جي قانون تي عمل ڪري.</verse>
				<verse number="22">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="23">هارون ۽ سندس پٽن کي چئُہ، تہ اوهين بني اسرائيل کي هن ريت دعا ڪجو؛ ۽ انهن کي چئجو تہ</verse>
				<verse number="24">شل خداوند توکي برڪت ڏئي، ۽ توکي سنڀالي؛</verse>
				<verse number="25">شل خداوند پنهنجي چهري جو نور توتي چمڪائي، ۽ توتي فضل ڪري؛</verse>
				<verse number="26">شل خداوند پنهنجو منهن تو ڏانهن ڦيرائي ۽ توکي سلامتي بخشي.</verse>
				<verse number="27">انهيءَ طرح هو منهنجو نالو بني اسرائيل ۾ قائم ڪن، ۽ آءٌ انهن کي برڪت ڏيندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ عبادت وارو خيمو کڙو ڪري چڪو، ۽ انهي کي، ۽ انهي جي سموري سامان کي مسح ڪري پاڪ ڪيائين، ۽ قربانگاهہ کي، ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي بہ مسح ڪري پاڪ ڪيائين؛</verse>
				<verse number="2">تنهن ڏينهن اسرائيل جا سردار جي پنهنجن ابن ڏاڏن جي گهراڻن جا رئيس، ۽ قبيلن جا سردار هئا، ۽ شمار ڪيل ماڻهن جي مٿان ٺهرايل هئا، تن قربانيون آنديون.</verse>
				<verse number="3">۽ انهن پنهنجي نذراني طور ڇهہ ڍڪيل گاڏيون ۽ ٻارهن ڏاند، خداوند جي حضور ۾ آڻي پيش ڪيا؛ ٻن ٻن سردارن جي لاءِ هڪڙي گاڏي، ۽ هرهڪ لاءِ هڪڙو ڏاند. اهي هنن عبادت واري خيمي جي اڳيان آڻي حاضر ڪيا.</verse>
				<verse number="4">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="5">تون اُهي هنن کان وٺ تہ جماعت واري تنبوءَ جي خدمت ۾ ڪم اچن، ۽ لاوين مان هرهڪ ماڻهو کي سندس خدمت موجب ورهائي ڏي.</verse>
				<verse number="6">سو موسيٰ اهي گاڏيون ۽ ڏاند وٺي لاوين کي ڏنا،</verse>
				<verse number="7">يعني ٻہ گاڏيون ۽ چار ڏاند، بني جيرسون کي سندن خدمت موجب ڏنائين،</verse>
				<verse number="8">۽ چار گاڏيون ۽ اٺ ڏاند، بني مراريءَ کي سندن خدمت موجب ڏنائين. هن اهي سڀيئي هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هٿ هيٺ ڏنا.</verse>
				<verse number="9">پر بني قهات کي ڪجهہ بہ ڪين ڏنائين؛ ڇالاءِ جو پاڪ مڪان جي خدمت جيڪا انهن جي بِلي هئي، سا هيءَ هئي تہ هو انهي کي پنهنجن ڪلهن تي کڻن.</verse>
				<verse number="10">۽ جنهن ڏينهن قربانگاهہ مسح ڪئي ويئي، تنهن ڏينهن سردارن انهيءَ جي مخصوصيت لاءِ نذرانا پيش ڪيا: يعني سردارن قربانگاهہ جي اڳيان پنهنجي پنهنجي قرباني آندي.</verse>
				<verse number="11">۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ سڀ ڪو سردار قربانگاهہ جي مخصوصيت لاءِ پنهنجي پنهنجي ڏينهن تي پنهنجو پنهنجو نذرانو آڻي پيش ڪري.</verse>
				<verse number="12">پهرئين ڏينهن يهوداهہ جي قبيلي مان عميناداب جي پٽ نحسون پنهنجو نذرانو پيش ڪيو.</verse>
				<verse number="13">۽ انهي جو نذرانو هو: چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ هڪڙو چانديءَ جو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛</verse>
				<verse number="14">۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛</verse>
				<verse number="15">۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛</verse>
				<verse number="16">۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛</verse>
				<verse number="17">۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر، ۽ پنج يڪسالا گهيٽا: اهو هو عمينداب جي پٽ نحسون جو نذرانو.</verse>
				<verse number="18">ٻئي ڏينهن ضغر جي پٽ نتني ايل پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني اشڪار جو سردار هو.</verse>
				<verse number="19">هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو: يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛</verse>
				<verse number="20">۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛</verse>
				<verse number="21">۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛</verse>
				<verse number="22">۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛</verse>
				<verse number="23">۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو ضغر جي پٽ نتني ايل جو نذرانو.</verse>
				<verse number="24">ٽئين ڏينهن حيلون جي پٽ الياب پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني زبولون جو سردار هو.</verse>
				<verse number="25">هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو: يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي؛ ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛</verse>
				<verse number="26">۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛</verse>
				<verse number="27">۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛</verse>
				<verse number="28">۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛</verse>
				<verse number="29">۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر، ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو حيلون جي پٽ الياب جو نذرانو.</verse>
				<verse number="30">چوٿين ڏينهن شديور جي پٽ اليصور پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني روبن جو سردار هو.</verse>
				<verse number="31">هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو: يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛</verse>
				<verse number="32">۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛</verse>
				<verse number="33">۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛</verse>
				<verse number="34">۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛</verse>
				<verse number="35">۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهيٽا، پنج ٻڪر، ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو شديور جي پٽ اليصور جو نذرانو.</verse>
				<verse number="36">پنجين ڏينهن صوري شدي جي پٽ سلومي ايل پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني شمعون جو سردار هو.</verse>
				<verse number="37">هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو: يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادت گاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛</verse>
				<verse number="38">۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛</verse>
				<verse number="39">۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛</verse>
				<verse number="40">۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛</verse>
				<verse number="41">۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر، ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو صوري شدي جي پٽ سلومي ايل جو نذرانو.</verse>
				<verse number="42">ڇهين ڏينهن دعوايل جي پٽ الياسف پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني جد جو سردار هو.</verse>
				<verse number="43">هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو؛ يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛</verse>
				<verse number="44">۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛</verse>
				<verse number="45">۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛</verse>
				<verse number="46">۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛</verse>
				<verse number="47">۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر، ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو دعوايل جي پٽ الياسف جو نذرانو.</verse>
				<verse number="48">ستين ڏينهن عميهود جي پٽ اليسمع پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني افرائيم جو سردار هو.</verse>
				<verse number="49">هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو؛ يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛</verse>
				<verse number="50">۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛</verse>
				<verse number="51">۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛</verse>
				<verse number="52">۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛</verse>
				<verse number="53">۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو عميهود جي پٽ اليسمع جو نذرانو.</verse>
				<verse number="54">اٺين ڏينهن فداهصور جي پٽ جملي ايل پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني منسي جو سردار هو.</verse>
				<verse number="55">هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو؛ يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛</verse>
				<verse number="56">۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛</verse>
				<verse number="57">۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛</verse>
				<verse number="58">۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛</verse>
				<verse number="59">۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو فداهصور جي پٽ جملي ايل جو نذرانو.</verse>
				<verse number="60">نائين ڏينهن جدعونيءَ جي پٽ ابدان پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني بنيمين جو سردار هو.</verse>
				<verse number="61">هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو: يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي، اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛</verse>
				<verse number="62">۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛</verse>
				<verse number="63">۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛</verse>
				<verse number="64">۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛</verse>
				<verse number="65">۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو جدعونيءَ جي پٽ ابدان جو نذرانو.</verse>
				<verse number="66">ڏهين ڏينهن عميشديءَ جي پٽ اخيعزر پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني دان جو سردار هو.</verse>
				<verse number="67">هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو: يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛</verse>
				<verse number="68">۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛</verse>
				<verse number="69">۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛</verse>
				<verse number="70">۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛</verse>
				<verse number="71">۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو عميشديءَ جي پٽ اخيعزر جو نذرانو.</verse>
				<verse number="72">يارهين ڏينهن عڪران جي پٽ فجعي ايل پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني آشر جو سردار هو.</verse>
				<verse number="73">هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو: يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛</verse>
				<verse number="74">۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛</verse>
				<verse number="75">۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛</verse>
				<verse number="76">۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛</verse>
				<verse number="77">۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو عڪران جي پٽ فجعي ايل جو نذرانو.</verse>
				<verse number="78">ٻارهين ڏينهن عينان جي پٽ اخيرع پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني نفتاليءَ جو سردار هو.</verse>
				<verse number="79">هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو: يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛</verse>
				<verse number="80">۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛</verse>
				<verse number="81">۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛</verse>
				<verse number="82">۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛</verse>
				<verse number="83">۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو عينان جي پٽ اخيرع جو نذرانو.</verse>
				<verse number="84">سو جنهن ڏينهن قربانگاهہ کي مسح ڪري مخصوص ڪيو ويو، تنهن ڏينهن بني اسرائيل جي سردارن جيڪي نذرانا ڏنا، سي هي هئا، يعني ٻارهن چانديءَ جا ٿالهہ، ٻارهن چانديءَ جا پيالا، ۽ ٻارهن سونا چمچا؛</verse>
				<verse number="85">هرهڪ چانديءَ جي ٿالهہ جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ هرهڪ پيالي جي تور ستر مشقال هئي؛ سڀني ٿانون جي چاندي ٻہ هزار ۽ چار سؤ مشقال هئي؛</verse>
				<verse number="86">ٻارهن سونا چمچا لوبان سان ڀريل هئا، ۽ هرهڪ چمچي جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا ڏهہ مشقال هئي، سڀني چمچن جو سون هڪ سؤ ويهہ مشقال هو؛</verse>
				<verse number="87">سوختني قربانيءَ لاءِ ٻارهن وهڙا، ٻارهن گهٽا، ۽ ٻارهن يڪسالا گهيٽا ۽ انهن جي کاڌي جي قرباني؛ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ٻارهن ٻڪر؛</verse>
				<verse number="88">سلامتيءَ جي قربانين لاءِ چوويهہ ڏاند، سٺ گهٽا، سٺ ٻڪر ۽ سٺ يڪسالا گهيٽا؛ اهو قربانگاهہ جي مسح ٿيڻ کان پوءِ انهيءَ جو نذرانو هو.</verse>
				<verse number="89">۽ جڏهن موسيٰ خداوند سان ڳالهائڻ لاءِ جماعت واري تنبوءَ ۾ ويو، تڏهن شاهديءَ واري صندوق تي جيڪو رحمت جو پوش هو، تنهن تان ٻنهي ڪروبين جي وچ مان هن هڪڙو آواز ٻڌو، جنهن ساڻس ڳالهايو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">سو خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">هارون کي چئُہ تہ جڏهن تون ڏيئا ٻارين، تڏهن ست ئي ڏيئا شمعدان جي اڳيان سوجهرو ڪن.</verse>
				<verse number="3">سو هارون ائين ڪيو، جو انهيءَ شمعدان جي اڳيان سوجهرو ڪيو؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="4">۽ شمعدان جي بناوٽ هن طرح هئي: اهو گهڙيل سون مان ٺهيل هو؛ تري کان گلن تائين سڄو گهڙيل هو: جيڪو نمونو خداوند موسيٰ کي ڏيکاريو هو، انهيءَ جهڙو هن شمعدان جوڙيو.</verse>
				<verse number="5">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="6">بني اسرائيل مان لاوين کي جدا ڪري مخصوص ڪر؛</verse>
				<verse number="7">۽ انهن کي مخصوص ڪرڻ لاءِ هيئن ڪر: يعني پاڪ ڪرڻ وارو پاڻي انهن تي ڇاٽار، ۽ هو پنهنجي سڄي بدن تي پاڪي گهمائين، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئي پاڻ کي پاڪ ڪن.</verse>
				<verse number="8">پوءِ هو هڪڙو وهڙو آڻين، ۽ انهي جي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدو آڻين، ۽ تون گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ٻيو وهڙو وٺ؛</verse>
				<verse number="9">۽ تون لاوين کي جماعت واري تنبوءَ جي اڳيان آڻي حاضر ڪن، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت آڻي گڏ ڪر.</verse>
				<verse number="10">۽ تون لاوين کي خداوند جي حضور ۾ پيش ڪر، ۽ بني اسرائيل پنهنجا هٿ لاوين تي رکن؛</verse>
				<verse number="11">۽ هارون بني لاوين کي خداوند جي حضور ۾، بني اسرائيل جي پاران لوڏڻ جي قربانيءَ طور پيش ڪري؛ انهيءَ لاءِ تہ اهي خداوند جي خدمت ڪرڻ لاءِ مقرر ٿين.</verse>
				<verse number="12">پوءِ لاوي پنهنجا هٿ وهڙن جي مٿن تي رکن، ۽ تون انهن وهڙن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ، خداوند جي حضور ۾ پيش ڪر، تہ لاوين جي واسطي ڪفارو ڏنو وڃي.</verse>
				<verse number="13">پوءِ تون لاوين کي هارون ۽ سندس پٽن جي اڳيان آڻي بيهار، ۽ انهن کي خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قربانيءَ طور پيش ڪر.</verse>
				<verse number="14">انهيءَ طرح تون بني اسرائيل مان لاوين کي ڌار ڪر، پوءِ لاوي منهنجا ٿيندا.</verse>
				<verse number="15">انهي کان پوءِ لاوي جماعت واري تنبوءَ ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ داخل ٿين، ۽ تون انهن کي پاڪ ڪري لوڏڻ جي قربانيءَ طور پيش ڪر؛</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو اهي سڀيئي بني اسرائيل مان مون کي پوريءَ طرح مليل آهن، ڇو جو مون انهن کي بني اسرائيل جي سڀني پهريتن ٻارن جي بدلي، پنهنجي واسطي چونڊيو آهي:</verse>
				<verse number="17">بني اسرائيل مان سڀ پهريتا ٻار، ماڻهن جا توڙي جانورن جا، اهي سڀ منهنجا آهن. جنهن ڏينهن مون مصر جي ملڪ ۾ سڀني پهريتن کي ماري وڌو، انهي ڏينهن مون هنن کي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيو.</verse>
				<verse number="18">۽ بني اسرائيل مان سڀني پهريتن جي عيوض مون لاوين کي ورتو آهي.</verse>
				<verse number="19">۽ بني اسرائيل مان سڀيئي لاوي، مون هارون ۽ سندس پٽن کي ڏنا آهن؛ انهيءَ لاءِ تہ هو جماعت واري تنبوءَ ۾، بني اسرائيل جي عيوض خدمت ڪن، ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ڪندا رهن؛ تہ جڏهن بني اسرائيل پاڪ مڪان جي ويجهو اچن، تڏهن منجهن طاعون نہ پوي.</verse>
				<verse number="20">سو موسيٰ، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت، لاوين سان انهيءَ طرح ڪيو؛ جيئن خداوند موسيٰ کي لاوين بابت حڪم ڏنو هو، تيئن بني اسرائيل انهن سان ڪيو.</verse>
				<verse number="21">۽ لاوين پاڻ کي گناهہ کان پاڪ ڪيو، ۽ هنن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا، ۽ هارون انهن کي خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قربانيءَ طور پيش ڪيو، ۽ هارون انهن کي پاڪ ڪرڻ لاءِ سندن واسطي ڪفارو ڪيو.</verse>
				<verse number="22">انهي کان پوءِ لاوي پنهنجي خدمت ڪرڻ لاءِ هارون ۽ سندس پٽن جي اڳيان جماعت واري تنبوءَ ۾ داخل ٿيا؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي لاوين بابت حڪم ڏنو هو، تيئن انهن ساڻن ڪيو.</verse>
				<verse number="23">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="24">لاوين جي ذمي جيڪو ڪم آهي، سو هي آهي؛ يعني جن جي عمر پنجويهہ ورهيہ ۽ انهي کان مٿي هجي، سي جماعت واري تنبوءَ ۾ وڃي خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر رهن؛</verse>
				<verse number="25">۽ جڏهن پنجاهہ ورهين جا ٿين، تڏهن خدمت ڪرڻ کان بس ڪن، ۽ اڳتي خدمت نہ ڪن.</verse>
				<verse number="26">پر جماعت واري تنبوءَ ۾ پنهنجن ڀائرن سان گڏ نگهبانيءَ جو ڪم ڪندا رهن، ۽ ٻي ڪابہ خدمت نہ ڪن. سو جيڪي ڪم لاوين کي سونپيا ويا آهن، تن بابت تون ساڻن ائين ڪج.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">جڏهن بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪري آيا، تڏهن ٻئي ورهيہ جي پهرين مهيني ۾ سينا جي بيابان ۾، خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">بني اسرائيل ٺهرايل وقت تي فسح جي عيد ملهائين.</verse>
				<verse number="3">انهي مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ شام جو ٺهرايل وقت تي اوهين اها ملهائجو؛ انهيءَ جي سڀني قانونن ۽ حڪمن موجب اها ملهائيندا رهجو.</verse>
				<verse number="4">سو موسيٰ بني اسرائيل کي چيو تہ اوهين فسح جي عيد ملهائجو.</verse>
				<verse number="5">تڏهن انهن سينا جي بيابان ۾، پهرئين مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ شام جو فسح ملهائيو. جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن بني اسرائيل ڪيو.</verse>
				<verse number="6">۽ اتي ڪي ماڻهو مردي کي ڇهڻ ڪري ناپاڪ ٿيا هئا، جنهنڪري هو انهي ڏينهن فسح ڪري نہ سگهيا. تنهنڪري هو انهي ڏينهن موسيٰ ۽ هارون وٽ آيا،</verse>
				<verse number="7">۽ انهن کي چيائون تہ اسين هڪڙي مردي جي ڪري ناپاڪ ٿيا آهيون، سو اسين بني اسرائيل مان، خداوند جي لاءِ ٺهرايل وقت تي قرباني چاڙهڻ کان روڪيا وڃون ڇا؟</verse>
				<verse number="8">تڏهن موسيٰ چين تہ اوهين ترسو تہ مون کي خبر پوي تہ خداوند اوهان جي نسبت ۾ ڇا ٿو فرمائي.</verse>
				<verse number="9">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="10">بني اسرائيل کي چئُہ تہ جيڪڏهن اوهان مان يا اوهان جي اولاد مان ڪو ماڻهو مردي کي ڇهڻ ڪري ناپاڪ ٿئي، يا ڪنهن ڏورانهينءَ مسافريءَ ۾ هجي، تہ بہ هو خداوند جي لاءِ فسح جي عيد ملهائي.</verse>
				<verse number="11">ٻئي مهيني جي چوڏهين تاريخ شام جو هو اها عيد ملهائين، ۽ هو اها فطيري مانيءَ ۽ ڪؤڙين ڀاڄين سان گڏ کائين.</verse>
				<verse number="12">هو انهيءَ مان ڪجهہ بہ صبح تائين نہ بچائين، نڪي انهيءَ جو ڪو هڏو ڀڃن: فسح جي سڀني قانونن موجب هو اها بجاءِ آڻين.</verse>
				<verse number="13">پر جيڪو ماڻهو پاڪ هجي، ۽ مسافريءَ ۾ نہ هجي، ۽ پوءِ بہ فسح ڪرڻ کان رهجي وڃي تہ هو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو وڃي؛ ڇالاءِ جو ٺهرايل وقت تي خداوند جي لاءِ قرباني نہ چاڙهڻ ڪري، اهو ماڻهو پنهنجو گناهہ پاڻ تي کڻندو.</verse>
				<verse number="14">۽ جيڪڏهن ڪو پرديسي اوهان ۾ اچي رهي، ۽ خداوند جي فسح ۾ شامل ٿيڻ چاهي، تہ هو فسح جي قانون ۽ حڪم موجب هلت ڪري. اوهان جي لاءِ هڪڙو ئي قانون آهي؛ جهڙو پرديسيءَ لاءِ، تهڙو ئي انهي لاءِ جو ملڪ ۾ ڄاول هجي.</verse>
				<verse number="15">۽ جنهن ڏينهن عبادت جو خيمو کڙو ڪيو ويو، تنهن ڏينهن ڪڪر عبادتگاهہ کي، يعني شهادت جي تنبوءَ کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ سانجهيءَ جو اهو عبادتگاهہ جي مٿان باهہ جي صورت ۾ رهيو، جيسين ڪ وري صبح ٿيو.</verse>
				<verse number="16">انهيءَ طرح هميشہ ٿيندو رهيو يعني ڪڪر انهي تي ڇانوَ ڪندو هو، ۽ رات جو باهہ وانگي ڏسڻ ۾ ايندو هو.</verse>
				<verse number="17">۽ جڏهن ڪڪر تنبوءَ تان کڄي ويندو هو، تڏهن بني اسرائيل انهي جي پٺيان ڪوچ ڪري هلندا هئا، ۽ جنهن جاءِ تي ڪڪر بيهندو هو، انهيءَ جاءِ تي بني اسرائيل منزل ڪندا هئا.</verse>
				<verse number="18">خداوند جي حڪم تي بني اسرائيل ڪوچ ڪندا هئا، ۽ خداوند جي حڪم تي هو منزل ڪندا هئا؛ جيستائين ڪڪر خيمي جي مٿان رهندو هو، تيستائين هو منزل ڪري ويٺا هوندا هئا؛</verse>
				<verse number="19">۽ جڏهن ڪڪر خيمي جي مٿان گهڻن ڏينهن تائين بيهي رهندو هو، تڏهن بني اسرائيل خداوند جي حڪم موجب خدمت ڪندا هئا، ۽ اڳتي ڪوچ ڪين ڪندا هئا.</verse>
				<verse number="20">۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪڪر عبادتگاهہ جي مٿان ٿورا ڏينهن بيهندو هو، تڏهن هو خداوند جي حڪم موجب منزل ڪري ويهندا هئا، ۽ خداوند جي حڪم موجب ڪوچ ڪندا هئا.</verse>
				<verse number="21">۽ ڪڏهن ڪڏهن تہ ڪڪر فقط شام کان وٺي صبح تائين بيهندو هو، ۽ جڏهن صبح جو ڪڪر کڄي ويندو هو، تڏهن هو ڪوچ ڪري نڪرندا هئا: ڏينهن جو توڙي رات جو، جنهن بہ وقت ڪڪر کڄندو هو، انهي وقت هو ڪوچ ڪندا هئا.</verse>
				<verse number="22">پر جيستائين ڪڪر عبادتگاهہ جي مٿان بيٺو هوندو هو، تيستائين بني اسرائيل منزل ڪري ويٺا هوندا هئا، ۽ ڪوچ ڪين ڪندا هئا؛ پوءِ ٻہ ڏينهن هجن يا مهينو هجي يا سال هجي. وري جڏهن اهو کڄندو هو، تڏهن اهي ڪوچ ڪندا هئا.</verse>
				<verse number="23">خداوند جي حڪم تي هو منزل ڪندا هئا، ۽ خداوند جي حڪم تي هو ڪوچ ڪندا هئا، ۽ خداوند جو حڪم جيڪو موسيٰ جي هٿان مليو هو، تنهن موجب هو، خداوند جي خدمت ڪندا هئا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">تون پنهنجي لاءِ چانديءَ جون ٻہ قرنائيون جوڙ؛ اهي گهڙيل ڪم جون جوڙج، ۽ تون اهي جماعت کي سڏڻ لاءِ، ۽ ڇانوڻين جي ڪوچ ڪرڻ لاءِ ڪم ۾ آڻج.</verse>
				<verse number="3">جڏهن اهي وڄائين تڏهن ساري جماعت، جماعت واري تنبوءَ جي در تي تو وٽ اچي گڏ ٿئي.</verse>
				<verse number="4">پر جي فقط هڪڙي قرنائي وڄائڻ ۾ اچي، تہ اهي سردار جيڪي هزار هزار اسرائيلين جا حاڪم آهن، سي اچي گڏ ٿين.</verse>
				<verse number="5">۽ جڏهن اوهين انهيءَ مان خوفائتو آواز ڪڍو، تڏهن اڀرندي پاسي واري ڇانوڻيءَ جا ماڻهو ڪوچ ڪري نڪرن.</verse>
				<verse number="6">۽ جڏهن اوهين ٻيو ڀيرو خوفائتو آواز ڪڍو، تڏهن ڏکڻ پاسي واري ڇانوڻيءَ جا ماڻهو ڪوچ ڪري نڪرن: اهي پنهنجي ڪوچ لاءِ خوفائتو آواز ڪڍن.</verse>
				<verse number="7">پر جڏهن جماعت گڏ ٿيڻي هجي، تڏهن اوهين قرنائيون وڄائجو، پر خوفائتو آواز نہ ڪڍجو.</verse>
				<verse number="8">۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، سي قرنائيون وڄائيندا: اهو اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ اوهان جو قانون ٿيندو.</verse>
				<verse number="9">۽ جڏهن اوهين پنهنجي ملڪ ۾، اوهان تي ظلم ڪندڙ دشمن سان جنگ تي چڙهو، تڏهن اوهين قرنائين مان خوفائتو آواز ڪڍجو؛ پوءِ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان ياد ڪيا ويندا، ۽ پنهنجن دشمنن کان بچايا ويندا.</verse>
				<verse number="10">۽ اوهين پنهنجي خوشيءَ جي وقت، ۽ پنهنجين ٺهرايل عيدن تي، ۽ پنهنجن مهينن جي شروعات ۾، ۽ پنهنجين سوختني قربانين، ۽ سلامتيءَ جي قربانين تي قرنائيون وڄائجو؛ ۽ اهي اوهان جي خدا جي اڳيان اوهان لاءِ يادگار ٿينديون: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.</verse>
				<verse number="11">پوءِ ٻئي ورهيہ جي ٻئي مهيني جي ويهين تاريخ هيئن ٿيو، جو شاهديءَ واري خيمي تان ڪڪر کڄي مٿي ٿيو.</verse>
				<verse number="12">۽ بني اسرائيل سينا جي بيابان مان ڪوچ ڪري پنهنجي سفر تي نڪتا؛ ۽ ڪڪر فاران جي بيابان ۾ اچي بيٺو.</verse>
				<verse number="13">انهيءَ طرح هنن موسيٰ جي معرفت مليل، خداوند جي حڪم موجب مسافري شروع ڪئي.</verse>
				<verse number="14">۽ سڀ کان پهرين بني يهوداهہ جي منزلگاهہ جو جهنڊو، سندن لشڪرن موجب اڳتي هليو، ۽ عميناداب جو پٽ نحسون پنهنجي انهي لشڪر جو سردار هو.</verse>
				<verse number="15">۽ بني اشڪار جي قبيلي واري لشڪر جو سردار ضغر جو پٽ نتني ايل هو؛</verse>
				<verse number="16">۽ بني زبولون جي قبيلي واري لشڪر جو سردار حيلون جو پٽ الياب هو.</verse>
				<verse number="17">۽ عبادت جو خيمو لاٿو ويو، ۽ بني جيرسون ۽ بني مراري خيمو کڻي اڳتي روانا ٿيا.</verse>
				<verse number="18">پوءِ بني روبن جي منزلگاهہ جو جهنڊو، سندن لشڪرن موجب اڳتي هليو. ۽ شديور جو پٽ اليصور انهيءَ پنهنجي لشڪر جو سردار هو.</verse>
				<verse number="19">۽ بني شمعون جي قبيلي واري لشڪر جو سردار صوري شدي جو پٽ سلومي ايل هو؛</verse>
				<verse number="20">۽ بني جد جي قبيلي واري لشڪر جو سردار دعوايل جو پٽ الياسف هو.</verse>
				<verse number="21">پوءِ بني قهات پاڪ مڪان وارو سامان کڻي اڳتي روانا ٿيا، ۽ ٻين انهن جي پهچڻ تائين خيمو کڙو ڪري ٿي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="22">۽ بني افرائيم جي منزلگاهہ جو جهنڊو سندن لشڪرن موجب اڳتي هليو، ۽ عميهود جو پٽ اليسمع انهي پنهنجي لشڪرن جو سردار هو.</verse>
				<verse number="23">۽ بني منسيءَ واري قبيلي جي لشڪر جو سردار فداهصور جو پٽ جملي ايل هو.</verse>
				<verse number="24">۽ بني بنيمين جي قبيلي جي لشڪر جو سردار جدعونيءَ جو پٽ ابدان هو.</verse>
				<verse number="25">پوءِ دان جي منزلگاهہ، جا سڀني منزلگاهن جي پٺيان هئي، تنهن جو جهنڊو سندن لشڪرن موجب اڳتي هليو، ۽ عميشديءَ جو پٽ اخيعزر پنهنجي انهي لشڪر جو سردار هو.</verse>
				<verse number="26">۽ بني آشر جي قبيلي واري لشڪر جو سردار عڪران جو پٽ فجعي ايل هو؛</verse>
				<verse number="27">۽ بني نفتاليءَ جي قبيلي واري لشڪر جو سردار عينان جو پٽ اخيرع هو.</verse>
				<verse number="28">انهيءَ طرح بني اسرائيل پنهنجن لشڪرن موجب ڪوچ ڪندا هئا، ۽ ان موجب هو روانا ٿيا.</verse>
				<verse number="29">۽ موسيٰ پنهنجي سهري رعوايل مديانيءَ جي پٽ حوباب کي چيو، تہ اسين انهي هنڌ ڏانهن ٿا وڃون جنهن بابت خداوند فرمايو هو تہ آءٌ اهو اوهان کي ڏيندس، سو تون اسان سان هل، ۽ اسين تو سان ڀلائي ڪنداسين: ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل سان ڀلائي ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="30">تنهن تي هن ورندي ڏيئي چيس تہ آءٌ ڪين هلندس، پر آءٌ پنهنجي وطن ويندس، جتي منهنجا مٽ مائٽ آهن.</verse>
				<verse number="31">تڏهن هن چيو تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ اسان کي ڇڏي نہ ڏي؛ ڇالاءِ جو اسين هن بيابان ۾ جيڪي منزلون ڪنداسين، تن بابت توکي خبر آهي، ۽ تون اسان جي لاءِ اکين جي بجاءِ ٿيندين.</verse>
				<verse number="32">۽ هيئن ٿيندو، هائو ائين ئي ٿيندو تہ جيڪڏهن تون اسان سان هلندين، تہ جيڪا ڀلائي خدا اسان سان ڪندو، اهڙي ساڳي اسين بہ تو سان ڪنداسين.</verse>
				<verse number="33">پوءِ هو خداوند جي جبل کان روانا ٿيا، ۽ ٽي ڏينهن پنڌ ڪيائون، ۽ خداوند جي عهد جي صندوق ٽن ڏينهن جي پنڌ تائين، انهن جي واسطي آرام جي جاءِ ڳولڻ لاءِ سندن اڳيان پئي هلي.</verse>
				<verse number="34">۽ جڏهن هو منزلگاهہ مان روانا ٿيا، تڏهن خداوند جو ڪڪر ڏينهن جو سندن مٿان ٿي رهيو.</verse>
				<verse number="35">۽ هيئن ٿيندو هو، جو صندوق جي ڪوچ جي وقت موسيٰ چوندو هو تہ اي خداوند، اُٿ تہ تنهنجا دشمن ڇڙوڇڙ ٿي وڃن؛</verse>
				<verse number="36">۽ جڏهن اها بيٺي ٿي، تڏهن موسيٰ چوندو هو تہ اي خداوند، هزارين هزار اسرائيلين ۾ موٽي اچ.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">پوءِ اُمت ڪُرڪڻ، ۽ خداوند جي ٻڌندي اجايون ڳالهيون ڪرڻ لڳي: ۽ جڏهن خداوند اهي ٻڌيون، تڏهن ڏاڍو غصي ٿيو، ۽ خداوند جي باهہ انهن ۾ ٻرڻ لڳي، ۽ منزلگاهہ جو ٻاهريون ڀاڱو ساڙي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="2">تڏهن ماڻهن موسيٰ وٽ اچي دانهون ڪيون، ۽ موسيٰ خداوند کان دعا گهري، ۽ باهہ وسامي ويئي.</verse>
				<verse number="3">۽ انهيءَ هنڌ جو نالو تبعيرہ رکيو ويو؛ ڇالاءِ جو خداوند جي باهہ منجهن ٻرڻ لڳي هئي.</verse>
				<verse number="4">۽ انهن ۾ جيڪي ٻين ذاتين جا ماڻهو گڏيل هئا، سي اجايون سَڌون ڪرڻ لڳا، ۽ بني اسرائيل بہ روئي چوڻ لڳا تہ ڪير اسان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو؟</verse>
				<verse number="5">اسان کي اها مڇي ياد ٿي اچي، جا اسين مصر ۾ مفت کائيندا هئاسين، ۽ اتي جا ونگا، ۽ گدرا، ۽ تازو ۽ سڪو بصر، ۽ ٿوم، اهي سڀ اسان کي ياد ٿا پون:</verse>
				<verse number="6">پر هاڻ اسان جو ساهہ پيو سڪي؛ هتي تہ ڪجهہ بہ نہ آهي: اسين هن من کان سواءِ ٻيو ڪي بہ نٿا ڏسون.</verse>
				<verse number="7">اها من سڪل ڌاڻن جهڙي هئي، ۽ موتين وانگر ڏسڻ ۾ ٿي آئي:</verse>
				<verse number="8">ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن وڃي اها گڏ ڪندا هئا، ۽ انهيءَ کي جنڊ ۾ پيهندا هئا، يا اُکرين ۾ ڪُٽيندا هئا، ۽ ديڳڙن ۾ ٿورو ٻاڦي، پوءِ انهيءَ مان مانيون پچائيندا هئا؛ انهيءَ جو سواد تازي تيل جهڙو هو.</verse>
				<verse number="9">رات جو جڏهن منزلگاهہ تي ماڪ پوندي هئي، تڏهن انهيءَ سان گڏ من بہ ڪرندي هئي.</verse>
				<verse number="10">۽ موسيٰ ٻڌو تہ اُمت جي گهراڻن مان سڀڪو پنهنجي تنبوءَ جي در تي بيٺو روئي: ۽ خداوند کي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي؛ ۽ موسيٰ کي بہ اها ڳالهہ نہ وڻي.</verse>
				<verse number="11">تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ تو پنهنجي ٻانهي کي ڇو تڪليف ۾ وڌو آهي، ۽ ڇو تنهنجي رحم جي نظر مون تي ڪانہ ٿي، جو تو هنن سڀني ماڻهن جو بار مون تي رکيو آهي.</verse>
				<verse number="12">هي سڀ ماڻهو منهنجي ئي پيٽ ۾ پيل هئا ڇا؟ جو تون مون کي چوين ٿو تہ جيئن ڪو پيءُ پنهنجي کير پياڪ ٻار کي کڻندو آهي، تيئن آءٌ هنن کي پنهنجيءَ هنج ۾ کڻي انهي ملڪ ۾ وٺي وڃان، جنهن بابت تو هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي؟</verse>
				<verse number="13">هو مون کي روئي روئي چون ٿا تہ اسان کي گوشت ڏي تہ اسين کائون، پر آءٌ هيترن ماڻهن کي گوشت ڪٿان آڻي ڏيان؟</verse>
				<verse number="14">آءٌ هنن سڀني ماڻهن جو بار کڻي نٿو سگهان؛ ڇالاءِ جو اهو مون لاءِ نهايت ڳرو آهي.</verse>
				<verse number="15">جيڪڏهن تون مون سان اهڙي هلت ٿو ڪرين، تہ پوءِ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جي مون تي تنهنجي رحم جي نظر آهي تہ مون کي ماري ڇڏ، تہ آءٌ پنهنجي مصيبت نہ ڏسان.</verse>
				<verse number="16">تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ بني اسرائيل جي بزرگن مان ستر ڄڻا، جن کي تون اُمت جا بزرگ ۽ اُنهن جا حاڪم ڄاڻين، تن کي منهنجي لاءِ گڏ ڪر، ۽ کين جماعت واري تنبوءَ ۾ وٺي اچ تہ توسان گڏ بيهن.</verse>
				<verse number="17">۽ آءٌ لهي اتي تو سان ڳالهائيندس، ۽ تو تي جيڪو روح آهي تنهن مان، آءٌ ڪجهہ انهن تي وجهندس، ۽ اهي توسان گڏ اُمت جو بار کڻندا، تہ تون اڪيلو نہ کڻين.</verse>
				<verse number="18">۽ تون ماڻهن کي چئُہ تہ اوهين سڀاڻي جي لاءِ پاڻ کي پاڪ ڪريو، جو اوهين گوشت کائيندا؛ ڇالاءِ جو اوهان جو روئڻ، خداوند جي ڪنن تائين پهتو آهي: جو چئو ٿا تہ ڪير اسان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو؟ جو مصر ۾ اسان جو حال چڱو هو: تنهنڪري خداوند اوهان کي گوشت ڏيندو، ۽ اوهين کائجو.</verse>
				<verse number="19">۽ اوهين نہ رڳو هڪڙو ڏينهن، يا ٻہ ڏينهن، يا ڏهہ ڏينهن، يا ويهہ ڏينهن کائيندا،</verse>
				<verse number="20">پر سڄو مهينو کائيندا، جيسين ڪ اهو اوهانجين ناسن مان نڪري، ۽ اوهين انهي مان ڪڪ ٿي پئو؛ ڇالاءِ جو اوهان انهي خداوند جي حقارت ڪئي آهي، جو اوهان منجهہ آهي، ۽ انهي جي اڳيان روئي چيو اٿوَ تہ اسين ڇو مصر مان نڪري آياسين.</verse>
				<verse number="21">تڏهن موسيٰ چيو تہ هي ماڻهو جن ۾ آءٌ آهيان، سي ڇهہ لک پيادا آهن، ۽ تون چوين ٿو تہ آءٌ اُنهن کي ايترو گوشت ڏيندس، جو هو سڄو مهينو کائيندا.</verse>
				<verse number="22">هنن جي پورائيءَ لاءِ ڌڻ ۽ ڍور ذبح ڪيا ويندا ڇا؟ يا هنن جي لاءِ سمنڊ جي مڇي گڏ ڪئي ويندي جا کين پوري پوي؟</verse>
				<verse number="23">تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ خداوند جو هٿ ننڍو ٿي ويو آهي ڇا؟ هاڻي تون ڏسندين تہ منهنجو چوڻ تنهنجي نسبت ۾ پورو ٿئي ٿو يا نہ.</verse>
				<verse number="24">تڏهن موسيٰ ٻاهر نڪري ماڻهن کي خداوند جون ڳالهيون ٻڌايون، ۽ اُمت جي بزرگن مان ستر ڄڻا گڏ ڪري، انهن کي تنبوءَ جي چوڌاري بيهاريائين.</verse>
				<verse number="25">پوءِ خداوند ڪڪر ۾ لٿو ۽ ساڻس ڳالهايائين، ۽ انهي تي جيڪو روح هو، تنهن مان ڪجهہ انهن ستر بزرگن تي وڌائين؛ ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن انهن تي روح آيو، تڏهن هو نبوت ڪرڻ لڳا، پر انهيءَ کان پوءِ وري ائين نہ ڪيائون.</verse>
				<verse number="26">پر انهن مان ٻہ ڄڻا منزلگاهہ ۾ رهجي ويا هئا، جن مان هڪڙي جو نالو الداد هو، ۽ ٻئي جو ميداد هو، ۽ انهن تي بہ روح نازل ٿيو؛ ۽ هي بہ انهن مان هئا جن جا نالا لکيا ويا هئا، پر اهي تنبوءَ ڏانهن ڪونہ ويا هئا: ۽ اهي منزلگاهہ ۾ ئي نبوت ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="27">تڏهن هڪڙي جوان ماڻهوءَ ڊوڙي وڃي موسيٰ کي چيو تہ الداد ۽ ميداد، منزلگاهہ ۾ نبوت پيا ڪن.</verse>
				<verse number="28">تنهن تي نون جو پٽ يشوع، جو موسيٰ جو خادم هو، ۽ چونڊيل ماڻهن مان هڪڙو هو، تنهن ورندي ڏيئي چيو تہ اي منهنجا سائين موسيٰ، انهن کي منع ڪر.</verse>
				<verse number="29">پر موسيٰ چيس تہ توکي مون لاءِ غيرت ٿي اچي ڇا؟ خدا ڪري تہ شل خداوند جا سڀيئي ماڻهو نبي ٿي پون، ۽ خداوند پنهنجو روح انهن تي نازل ڪري!</verse>
				<verse number="30">۽ موسيٰ ۽ بني اسرائيل جا بزرگ منزلگاهہ ۾ اچي گڏ ٿيا.</verse>
				<verse number="31">۽ خداوند هڪڙو طوفان موڪليو، جنهن سمنڊ واري پاسي کان ٻٽيرا گهلي آندا، ۽ منزلگاهہ تي، ۽ منزلگاهہ جي ٻنهي پاسي، هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تائين آڻي ڪيرايائين، ۽ اهي زمين کان مٿي ٻہ هٿ عمق ۾ ڍير ٿي ويا.</verse>
				<verse number="32">تڏهن ماڻهو اُٿيا، ۽ سارو ڏينهن ۽ ساري رات، ۽ ورندو سارو ڏينهن ٻٽيرا گڏ ڪيائون. جنهن تمام ٿورا گڏ ڪيا تنهن بہ اڌ مڻ جيترا گڏ ڪيا، ۽ پوءِ اهي پنهنجي لاءِ منزلگاهہ جي آس پاس پکيڙي ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="33">اهو گوشت اڃا سندن ڏندن جي وچ ۾ هو، ۽ اڃا اهو چٻيو ئي ڪين هئائون، تہ خداوند کي ماڻهن تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ خداوند ماڻهن کي وڏي طاعون سان ماريو؛</verse>
				<verse number="34">۽ انهي هنڌ جو نالو قبروت هتاوہ رکيو ويو؛ ڇالاءِ جو اتي انهن ماڻهن کي دفن ڪيائون، جن اجائي سَڌ ڪئي.</verse>
				<verse number="35">پوءِ ماڻهو قبروت هتاوہ مان روانا ٿيا ۽ حصيرات ۾ آيا، ۽ حصيرات ۾ منزل ڪري رهي پيا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">هاڻي موسيٰ هڪڙي ڪوشي زال سان شادي ڪئي هئي، تنهنڪري مريم ۽ هارون هن جي برخلاف ڳالهائڻ لڳا، ڇو تہ هن ڪوشيءَ زال سان شادي ڪئي هئي.</verse>
				<verse number="2">هو چوڻ لڳا تہ خداوند رڳو موسيٰ سان ڳالهايو آهي ڇا؟ هن اسان سان بہ نہ ڳالهايو آهي ڇا؟ ۽ خداوند اهو ٻڌو.</verse>
				<verse number="3">هاڻي سڄي زمين تي جيڪي ماڻهو هئا، تن سڀني کان موسيٰ تمام حليم هو.</verse>
				<verse number="4">پوءِ خداوند، اوچتو موسيٰ کي، ۽ هارون کي، ۽ مريم کي چيو تہ اوهين ٽيئي جماعت واري تنبوءَ مان ٻاهر نڪري اچو، ۽ اهي ٽيئي ٻاهر نڪري آيا.</verse>
				<verse number="5">پوءِ خداوند ڪڪر جي ٿنڀ ۾ لٿو، ۽ تنبوءَ جي در تي اچي بيٺو، ۽ هارون ۽ مريم کي سڏيائين: ۽ اهي ٻئي آيا.</verse>
				<verse number="6">تڏهن هن چيو تہ هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌو، جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو نبي هوندو تہ آءٌ خداوند، رويا ۾ انهي تي ظاهر ٿيندس، ۽ خواب ۾ انهي سان ڳالهائيندس.</verse>
				<verse number="7">پر منهنجو ٻانهو موسيٰ اهڙو نہ آهي، هو منهنجي ساري گهر ۾ ايماندار آهي؛</verse>
				<verse number="8">آءٌ انهي سان روبرو ظاهر ظهور ڳالهائيندس، ۽ نہ ڳجهارتن ۾، ۽ هو خداوند جي شڪل بہ ڏسندو: تڏهن ڇو اوهين منهنجي ٻانهي جي برخلاف، يعني موسيٰ جي برخلاف، ڳالهائڻ کان نٿي ڊنا؟</verse>
				<verse number="9">۽ خداوند کي انهن تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي؛ ۽ هو هليو ويو.</verse>
				<verse number="10">پوءِ اهو ڪڪر تنبوءَ تان هٽجي ويو، ۽ ڏسو، مريم هڪدم ڪوڙهي ٿي پيئي، بلڪل اڇي جهڙي برف، ۽ هارون مريم ڏانهن نهاريو، ۽ ڏٺائينس تہ ڪوڙهي ٿي پيئي آهي.</verse>
				<verse number="11">تڏهن هارون موسيٰ کي چيو تہ، اي منهنجا سائين، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ اسان تي اهو گناهہ نہ رک؛ ڇالاءِ جو اسان بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي، ۽ انهي ڪري اسين گنهگار آهيون.</verse>
				<verse number="12">آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هن کي انهي مردي جهڙي ٿيڻ نہ ڏي، جنهن جو بت سندس ماءُ جي پيٽ مان نڪرڻ وقت اڌ سڙيل ڳريل هجي.</verse>
				<verse number="13">تڏهن موسيٰ خداوند جي اڳيان پڪاري چيو تہ، اي خداوند، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هن کي چڱو ڀلو ڪر.</verse>
				<verse number="14">تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ جيڪڏهن هن جو پيءُ رڳو هن جي منهن تي ٿُڪ اُڇلائي ها، تہ هيءَ ستن ڏينهن تائين شرمندي نہ رهي ها ڇا؟ سو هاڻي ستن ڏينهن تائين هوءَ منزلگاهہ کان ٻاهر رهي، پوءِ ڀلي اندر اچي.</verse>
				<verse number="15">ان موجب مريم ست ڏينهن منزلگاهہ کان ٻاهر رهي ۽ جيسين مريم موٽي اندر نہ آئي، تيسين ماڻهن ڪوچ نہ ڪيو.</verse>
				<verse number="16">تنهن کان پوءِ ماڻهو حصيرات مان روانا ٿيا، ۽ فاران جي بيابان ۾ وڃي تنبو هنيائون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">تون ماڻهو موڪل تہ اهي وڃي ڪنعان جي ملڪ جي جاسوسي ڪن، جو ملڪ آءٌ بني اسرائيل کي ڏيڻ وارو آهيان: هرهڪ اباڻي قبيلي مان هڪڙو ماڻهو، جو منجهن سردار هجي، تنهن کي موڪل.</verse>
				<verse number="3">سو موسيٰ خداوند جي حڪم موجب انهن کي فاران جي بيابان مان موڪليو: اهي سڀ بني اسرائيل جا سردار هئا.</verse>
				<verse number="4">۽ انهن جا نالا هي هئا: روبن جي قبيلي مان، ذڪور جو پٽ سموع.</verse>
				<verse number="5">۽ شمعون جي قبيلي مان، حوريءَ جو پٽ سافط.</verse>
				<verse number="6">۽ يهوداهہ جي قبيلي مان، يفنہ جو پٽ ڪالب.</verse>
				<verse number="7">۽ اشڪار جي قبيلي مان، يوسف جو پٽ اجال.</verse>
				<verse number="8">۽ افرائيم جي قبيلي مان، نون جو پٽ هوسيع.</verse>
				<verse number="9">۽ بنيمين جي قبيلي مان، رفوءَ جو پٽ فلتي.</verse>
				<verse number="10">۽ زبولون جي قبيلي مان، سوديءَ جو پٽ جدي ايل.</verse>
				<verse number="11">۽ يوسف جي قبيلي مان، يعني منسيءَ جي قبيلي مان، سوسيءَ جو پٽ جدي.</verse>
				<verse number="12">۽ دان جي قبيلي مان، جمليءَ جو پٽ عمي ايل.</verse>
				<verse number="13">۽ آشر جي قبيلي مان، ميڪائيل جو پٽ ستور.</verse>
				<verse number="14">۽ نفتاليءَ جي قبيلي مان، وفسيءَ جو پٽ نخبي.</verse>
				<verse number="15">۽ جد جي قبيلي مان، ماڪيءَ جو پٽ جيو ايل.</verse>
				<verse number="16">اهي آهن انهن ماڻهن جا نالا، جن کي موسيٰ انهيءَ ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ موڪليو، ۽ موسيٰ نون جي پٽ هوسيع کي يشوع ڪري سڏيو.</verse>
				<verse number="17">۽ موسيٰ انهن کي ڪنعان جي ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ موڪليو، ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين ڏکڻ واري رستي ڏانهن وڃو، ۽ جبلن تي وڃي چڙهو،</verse>
				<verse number="18">۽ نهاري ڏسو تہ اهو ملڪ ڪهڙي قسم جو آهي؛ ۽ جيڪي ماڻهو اتي رهن ٿا، سي زور ڀريا آهن يا ضعيف آهن، ٿورا آهن يا گهڻا آهن؛</verse>
				<verse number="19">۽ جتي هو رهن ٿا، سو ملڪ ڪهڙو آهي، چڱو آهي يا خراب آهي؛ ۽ جن شهرن ۾ هو رهن ٿا، سي ڪهڙا آهن؛ اهي ماڻهو تنبن ۾ ٿا گذارين يا مضبوط ڪوٽن ۾؛</verse>
				<verse number="20">۽ اها زمين ڪهڙي قسم جي آهي، ڀلي آهي يا ناقص آهي، انهي ۾ وڻ آهن يا نہ. اوهين همت وارا ٿيو ۽ انهيءَ زمين جي ميون مان ڪجهہ کڻي اچجو. انهي وقت ڊاک جي پهرئين ڦل پچڻ جي موسم هئي.</verse>
				<verse number="21">سو هو روانا ٿيا ۽ سين جي بيابان کان وٺي رحوب تائين، جو جمات جي واٽ تي آهي، سڄي ملڪ جي جاسوسي ڪيائون؛</verse>
				<verse number="22">۽ هو ڏکڻ جي طرف کان مٿي چڙهيا، ۽ حبرون ۾ آيا؛ جتي عناق جو اولاد، اخيمان، ۽ سيسي، ۽ تلمي رهندا هئا، (هاڻي حبرون، مصر جي شهر ضعن کان ست سال اڳي ٻڌو ويو هو.)</verse>
				<verse number="23">پوءِ هو اسڪال جي ماٿري ۾ آيا، ۽ اتان هڪڙي ڊاک جي ٽاري، ڇڳي سميت وڍيائون، ۽ اها لٺ ۾ وجهي ٻہ ڄڻا کڻي هليا، ۽ ڪي ڏاڙهون ۽ انجير بہ کنيائون.</verse>
				<verse number="24">انهي هنڌ جو نالو اسڪال جي ماٿري رکيو ويو؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل اتان اهو ڇڳو وڍيو هو.</verse>
				<verse number="25">۽ هو انهي ملڪ جي جاسوسي ڪري چاليهن ڏينهن کان پوءِ موٽي آيا.</verse>
				<verse number="26">پوءِ هو فاران جي بيابان ۾ قادس منجهہ، موسيٰ ۽ هارون ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت وٽ آيا، ۽ اچي حال احوال ڏنائون، ۽ انهيءَ زمين جو ميوو ڏيکاريائون.</verse>
				<verse number="27">۽ چيائونس تہ جنهن ملڪ ۾ تو اسان کي موڪليو هو، انهي ۾ اسين وياسين، ۽ سچ پچ انهي ملڪ ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، ۽ هي انهي جو ميوو آهي.</verse>
				<verse number="28">پر جيڪي ماڻهو انهي ملڪ ۾ رهن ٿا، سي ڏاڍا زوراور آهن، ۽ اتي جا شهر تمام وڏا ۽ ڪوٽن وارا آهن: ۽ اسان اُتي عناق جو اولاد بہ ڏٺو.</verse>
				<verse number="29">انهي ملڪ جي ڏکڻ ۾ عماليقي ٿا رهن، ۽ حتي ۽ يبوسي ۽ اموري جبلن ۾ ٿا رهن، ۽ سمنڊ واري پاسي ۽ يردن جي ڪناري تي ڪنعاني ٿا رهن.</verse>
				<verse number="30">پوءِ ڪالب موسيٰ جي روبرو ماڻهن کي ماٺ ڪرائي چيو تہ هلو تہ هڪدم هلي اهو ملڪ هٿ ڪريون؛ ڇالاءِ جو اسين انهي تي پوريءَ طرح غالب پونداسين.</verse>
				<verse number="31">پر جيڪي ماڻهو هن سان گڏ ويا هئا، تن چيو تہ اسين انهن ماڻهن تي حملي ڪرڻ لاءِ وڃي نٿا سگهون، ڇو تہ اهي اسان کان وڌيڪ زور وارا آهن.</verse>
				<verse number="32">۽ هنن، جنهن ملڪ جي جاسوسي ڪري آيا هئا، تنهن بابت بني اسرائيل کي هڪڙي خراب خبر ٻڌائي، ۽ چيائون تہ اها زمين، جنهن جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ اسين ويا هئاسين، سا اهڙي زمين آهي، جا اتي جي رهاڪن کي کايو وڃي، ۽ جيڪي ماڻهو اسان اتي ڏٺا سي سڀ ڏاڍا قداور آهن.</verse>
				<verse number="33">۽ اسان اتي راڪاس ڏٺا، يعني عناق جو اولاد، جي راڪاسن جي نسل مان آهن، ۽ اسين انهن جي اڳيان پنهنجي نظر ۾ تڏين جهڙا هئاسين، ۽ انهن جي نظر ۾ بہ اهڙا ئي هئاسين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">تڏهن ساري جماعت رڙيون ڪري روئڻ لڳي؛ ۽ ساري رات ماڻهن پئي رنو.</verse>
				<verse number="2">۽ بني اسرائيل موسيٰ ۽ هارون تي ڪُرڪڻ لڳا، ۽ ساريءَ جماعت انهن کي چيو تہ اسين مصر جي ملڪ ۾ مري وڃون ها تہ چڱو هو، يا هن بيابان ۾ مري وڃون ها تہ چڱو هو!</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ خداوند اسان کي هن ملڪ ۾ ترار سان مارجڻ لاءِ آندو آهي؟ اسان جون زالون ۽ اسان جا ٻار پڪڙجي ويندا: اسان لاءِ ائين بهتر نہ آهي ڇا، تہ موٽي مصر ۾ هلون؟</verse>
				<verse number="4">۽ هنن هڪ ٻئي کي چيو تہ اچو تہ هڪڙي کي پنهنجو سردار بنائي موٽي مصر ۾ هلون.</verse>
				<verse number="5">تڏهن موسيٰ ۽ هارون بني اسرائيل جي ساري جماعت جي سامهون منهن ڀر ڪري پيا.</verse>
				<verse number="6">۽ نون جو پٽ يشوع، ۽ يفنہ جو پٽ ڪالب، جي انهيءَ ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ وارن مان هئا، تن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا:</verse>
				<verse number="7">۽ انهن بني اسرائيل جي ساريءَ جماعت کي چيو تہ جنهن ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ اسين انهي مان لنگهياسين، سو نهايت چڱو ملڪ آهي.</verse>
				<verse number="8">جيڪڏهن خداوند اسان تي راضي هوندو تہ هو ضرور اسان کي انهي ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، ۽ اهو ملڪ اسان کي ڏيندو.</verse>
				<verse number="9">رڳو اوهين خداوند جي برخلاف بغاوت نہ ڪريو، نڪي انهي ملڪ جي ماڻهن کان ڊڄو؛ انهن جو بچاءُ وٽانئن نڪري ويو آهي، ۽ اسان سان خداوند آهي: اوهين انهن کان نہ ڊڄو.</verse>
				<verse number="10">پر ساري جماعت چوڻ لڳي تہ هنن کي سنگسار ڪريو. تڏهن خداوند جو جلال سڀني بني اسرائيلين جي روبرو جماعت واري تنبوءَ ۾ ظاهر ٿيو.</verse>
				<verse number="11">۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ڪيستائين هي ماڻهو منهنجي تحقير ڪندا؟ ۽ جيڪي هيتريون نشانيون مون هنن کي ڏيکاريون آهن، تن جي هوندي بہ ڪيستائين مون تي ايمان نہ آڻيندا؟</verse>
				<verse number="12">آءٌ هنن کي وبا سان ماريندس، ۽ کين ورثي کان خارج ڪندس، ۽ تو مان هڪڙي هنن کان بہ وڏي ۽ زور واري قوم ٺاهيندس.</verse>
				<verse number="13">پر موسيٰ خداوند کي چيو تہ پوءِ مصري اهو ٻڌندا، ڇالاءِ جو تو هن اُمت کي انهن ماڻهن منجهان پنهنجيءَ طاقت سان ڪڍي ٻاهر آندو آهي؛</verse>
				<verse number="14">۽ اهي هن ملڪ جي رهاڪن کي ٻڌائيندا: انهن ٻڌو آهي تہ تون خداوند هن اُمت ۾ آهين؛ ڇو جو تون خداوند هنن کي روبرو ڏيکاري ٿو ڏين، ۽ تنهنجو ڪڪر هنن جي مٿان ٿو بيهي، ۽ تون ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀ جي صورت ۾، ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀ جي صورت ۾ هنن جي اڳيان ٿو هلين.</verse>
				<verse number="15">هاڻي جيڪڏهن تون هن اُمت کي هڪڙي ماڻهوءَ وانگر ماريندين، تہ جن قومن تنهنجي ناموس ٻڌي آهي، سي چونديون تہ</verse>
				<verse number="16">خداوند هن اُمت کي انهي ملڪ ۾ پهچائي نہ سگهيو، جنهن بابت انهن سان قسم کنيو هئائين، تنهنڪري کين بيابان ۾ ماري وڌائين.</verse>
				<verse number="17">هاڻي، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان، تہ ڀلي تہ خداوند جي عظيم قدرت ظاهر ٿئي، جيئن تو فرمايو آهي، تہ</verse>
				<verse number="18">خداوند غصي ڪرڻ ۾ ڍرو، ۽ رحم سان ڀرپور آهي؛ هو بڇڙاين ۽ خطائن جو معاف ڪندڙ آهي؛ پر ڏوهارين کي ڪنهن بہ طرح ڇڏي ڏيڻ وارو نہ آهي. ابن ڏاڏن جي بڇڙاين جي سزا سندن اولاد کي ٽين ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين ڏيندو آهي.</verse>
				<verse number="19">آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي وڏيءَ ٻاجهہ موجب، هن اُمت جي بڇڙائي معاف ڪر، جهڙيءَ طرح ڪ تون مصر کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هن اُمت کي معافي ڏني آهي.</verse>
				<verse number="20">تڏهن خداوند فرمايو تہ مون تنهنجي چوڻ موجب انهن کي معافي ڏني:</verse>
				<verse number="21">پر مون کي پنهنجيءَ حياتيءَ جو قسم تہ ساري زمين خداوند جي جلال سان ڀرپور ٿيندي؛</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ هنن سڀني ماڻهن منهنجو جلال ۽ منهنجون نشانيون، جيڪي مون مصر ۾ ۽ بيابان ۾ ظاهر ڪري ڏيکاريون، سي ڏٺيون آهن، تڏهن بہ هنن مون کي ڏهہ ڀيرا آزمايو آهي، ۽ منهنجو آواز ڪن ڏيئي نہ ٻڌو اٿن.</verse>
				<verse number="23">سو جنهن ملڪ جي بابت مون انهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، سو اهي اصل ڪين ڏسندا. نڪي جن مون کي ڪاوڙايو آهي، تن مان ڪو اهو ڏسندو.</verse>
				<verse number="24">پر منهنجو ٻانهو ڪالب جنهن جي طبيعت ٻئي قسم جي آهي، ۽ جنهن پوريءَ طرح منهنجي پيروي ڪئي آهي، تنهن کي آءٌ انهي ملڪ ۾ وٺي ويندس، جنهن ۾ هو ويو هو، ۽ اهو ملڪ انهي جي اولاد جي قبضي ۾ ايندو.</verse>
				<verse number="25">هاڻي عماليقي ۽ ڪنعاني ماٿريءَ واريءَ زمين تي ٿا رهن: سو سڀاڻي اوهين ڦرو، ۽ ڳاڙهي سمنڊ واري رستي کان بيابان ۾ نڪري وڃو.</verse>
				<verse number="26">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائين تہ</verse>
				<verse number="27">هيءَ خراب جماعت، جا مون بابت ڪرڪر پيئي ڪري، تنهن سان آءٌ ڪيستائين صبر ڪندس؟ بني اسرائيل منهنجي برخلاف جيڪا ڪرڪر پيا ڪن، سا مون ٻڌي آهي؛</verse>
				<verse number="28">انهن کي چئُہ تہ خداوند فرمائي ٿو تہ مون کي پنهنجيءَ حياتيءَ جو قسم تہ جيڪي ڳالهيون اوهان منهنجي ٻڌندي ڪيون آهن، تيئن آءٌ بہ اوهان سان ڪندس.</verse>
				<verse number="29">اوهان جا لاشا هن بيابان ۾ ڪرندا، ۽ انهن سڀني جا، جن جو اوهان ۾ شمار ڪيو ويو آهي، يعني اوهان جي شمار موجب جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي آهي، جن منهنجي برخلاف ڪرڪر ڪئي آهي،</verse>
				<verse number="30">۽ جنهن ملڪ بابت مون پنهنجو هٿ کڻي چيو هو تہ آءٌ اوهان کي اتي رهائيندس، تنهن ۾ يفنہ جي پٽ ڪالب، ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ٻيو اوهان مان ڪوبہ ڪونہ پهچندو.</verse>
				<verse number="31">پر اوهان جا ٻار جن جي نسبت ۾ اوهان چيو تہ اهي پڪڙجي ويندا، تن کي آءٌ اتي پهچائيندس، ۽ اهي انهي ملڪ جو قدر ڄاڻندا، جنهن کي اوهان رد ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="32">باقي اوهان جا لاشا هن بيابان ۾ ڪرندا.</verse>
				<verse number="33">۽ اوهان جا ٻار چاليهن ورهين تائين هن بيابان ۾ پيا رلندا، ۽ اوهان جي زناڪارين جو ڪيتو پيا لوڙيندا؛ جيسين ڪ اوهان جا لاشا بيابان ۾ سڙي ڳري ويندا.</verse>
				<verse number="34">جيترن ڏينهن ۾ اوهان انهي ملڪ جي جاسوسي ڪئي آهي، يعني چاليهن ڏينهن ۾، انهن مان هرهڪ ڏينهن لاءِ هڪ سال تائين، يعني چاليهن سالن تائين اوهين پنهنجين براين جو بار کڻندا، ۽ منهنجي وڇوڙي جي اوهان کي خبر پوندي.</verse>
				<verse number="35">مون خداوند اهو فرمايو آهي ۽ يقين ڄاڻو تہ هيءَ خراب جماعت، جا منهنجي برخلاف گڏ ٿي آهي، تنهن سان آءٌ ائين ڪندس. اهي هن بيابان ۾ برباد ٿيندا، ۽ اتي ئي مرندا.</verse>
				<verse number="36">۽ جن ماڻهن کي موسيٰ انهي ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ موڪليو هو، ۽ جن موٽي اچي انهيءَ زمين بابت خراب خبر ٻڌائي، جنهنڪري ساري جماعت هن جي برخلاف ڪُرڪڻ لڳي،</verse>
				<verse number="37">يعني اهي ماڻهو جن انهي ملڪ بابت خراب خبر آندي هئي، سي خداوند جي حضور ۾ طاعون سان مري ويا.</verse>
				<verse number="38">پر نون جو پٽ يشوع، ۽ يفنہ جو پٽ ڪالب، انهن ماڻهن مان جيڪي ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ ويا هئا، جيئرا رهيا.</verse>
				<verse number="39">سو موسيٰ اهي سڀ ڳالهيون بني اسرائيل کي ٻڌايون، ۽ اهي ماڻهو ڏاڍا غمگين ٿيا؛</verse>
				<verse number="40">۽ اهي صبح جو سوير اُٿي جبل جي چوٽيءَ تي چڙهيا، ۽ چوڻ لڳا تہ جيتوڻيڪ اسان گناهہ ڪيو آهي، پر اِجهو اسين هتي آيا آهيون، ۽ اچو تہ انهي هنڌ ڏانهن هلون، جنهن جو خداوند واعدو ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="41">تڏهن موسيٰ چيو تہ اوهين خداوند جي حڪم عدولي ڇو ٿا ڪريو، جيتوڻيڪ ڏسو ٿا تہ انهي مان ڪو فائدو نہ ٿيندو؟</verse>
				<verse number="42">خداوند اوهان منجهہ ڪونهي، تنهنڪري اوهين مٿي نہ وڃو، متان اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان مارجي وڃو.</verse>
				<verse number="43">ڇالاءِ جو اتي عماليقي ۽ ڪنعاني اوهان جي سامهون آهن، ۽ اوهين ترار سان مارجي ويندا: اوهين خداوند جي پيروي ڪرڻ کان ڦري ويا آهيو، انهي ڪري خداوند اوهان جو ساڻي نہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="44">پر هو گستاخي ڪري جبل جي چوٽيءَ تي چڙهڻ لڳا: تڏهن بہ خداوند جي عهد جي صندوق، ۽ موسيٰ، منزلگاهہ کان ٻاهر نہ نڪتا.</verse>
				<verse number="45">پوءِ عماليقي ۽ ڪنعاني جي انهيءَ جبل تي رهندا هئا، سي هيٺ لهي آيا، ۽ حرمہ تائين انهن کي ماريندا آيا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="15">
				<verse number="1">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ جيڪو ملڪ آءٌ اوهان کي رهڻ لاءِ ڏيان ٿو، تنهن ۾، جڏهن اوهين وڃي پهچو،</verse>
				<verse number="3">۽ خداوند جي لاءِ باهہ سان قرباني ڪريو، يعني سوختني قرباني، يا پنهنجي مڃت پوري ڪرڻ لاءِ قرباني ڪريو، يا پنهنجي خوشيءَ جي قرباني ڪريو، يا پنهنجين مقرر ڪيل عيدن تي خداوند جي لاءِ ڌڻن يا ڍورن مان خوشبوءِ پيدا ڪرڻ لاءِ قرباني ڪريو؛</verse>
				<verse number="4">تہ انهي وقت جيڪو خداوند جي لاءِ پنهنجي قرباني پيش ڪري، سو هڪڙي ايفہ جي ڏهين حصي جيترو ميدو، هڪڙي هين جي چوٿين حصي جيتري تيل ۾ گڏي، کاڌي جي قربانيءَ لاءِ آڻي.</verse>
				<verse number="5">سو سوختني قربانيءَ يا ٻيءَ قربانيءَ لاءِ، هڪڙي هڪڙي گهيٽي جي پٺيان، هڪڙي هين جو چوٿون حصو مئي جو تون پيئڻ واري قربانيءَ جي لاءِ تيار ڪج.</verse>
				<verse number="6">يا کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، هڪڙي هڪڙي گهٽي جي پٺيان هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جيترو ميدو، هڪڙي هين جي ٽئين حصي جيتري تيل ۾ تيار ڪج.</verse>
				<verse number="7">۽ پيئڻ واريءَ قربانيءَ لاءِ، هڪڙي هين جي ٽئين حصي جيتري مئي، خداوند جي لاءِ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي تيار ڪج.</verse>
				<verse number="8">۽ جڏهن تون سوختني قربانيءَ لاءِ، يا ڪا مڃت پوري ڪرڻ جي قربانيءَ لاءِ، يا سلامتيءَ جي قربانيءَ لاءِ، ڪو وهڙو تيار ڪرين،</verse>
				<verse number="9">تڏهن اهو ماڻهو وهڙي سان گڏ هڪڙي ايفہ جي ٽئين حصي جيترو ميدو، هڪڙي هين جي اڌ جيتري تيل ۾ گڏي، کاڌي جي قربانيءَ لاءِ آڻي پيش ڪري.</verse>
				<verse number="10">۽ تون پيئڻ واريءَ قربانيءَ لاءِ، هڪڙي هين جي اڌ جيتري مئي، باهہ سان ساڙيل قربانيءَ لاءِ، خداوند جي حضور ۾ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي آڻي پيش ڪج.</verse>
				<verse number="11">هرهڪ وهڙي، ۽ هرهڪ گهٽي، ۽ هرهڪ گهيٽي، ۽ هرهڪ ڇيلي لاءِ، انهيءَ طرح ڪيو وڃي.</verse>
				<verse number="12">اوهين پنهنجين قربانين لاءِ جيترا جانور آڻيو، تن جي شمار موجب هرهڪ سان ائين ئي ڪجو.</verse>
				<verse number="13">جيڪي ملڪ ۾ ڄاول آهن، سي سڀ خداوند جي حضور ۾ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي باهہ سان ساڙيل قرباني پيش ڪرڻ وقت ائين ئي ڪن.</verse>
				<verse number="14">۽ جيڪڏهن ڪو پرديسي اچي اوهان سان گڏ رهي، يا جيڪو پيڙهين کان وٺي اوهان ۾ رهندو هجي، سو جيڪڏهن خداوند جي لاءِ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي باهہ سان ساڙيل قرباني چاڙهي؛ تہ اهو بہ ائين ئي ڪري، جيئن اوهين ٿا ڪريو.</verse>
				<verse number="15">جماعت جي لاءِ، يعني اوهان جي لاءِ، ۽ جيڪو پرديسي اچي اوهان سان گڏ رهي انهي جي لاءِ، اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ هميشہ هڪڙو ئي قانون ٿيندو: خداوند جي اڳيان پرديسي مسافر بہ اهڙا ئي آهن، جهڙا اوهين آهيو.</verse>
				<verse number="16">اوهان جي لاءِ، ۽ جيڪو پرديسي اچي اوهان سان گڏ رهي، انهي جي لاءِ هڪڙي ئي شريعت ۽ هڪڙو ئي قانون ٿيندو.</verse>
				<verse number="17">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="18">تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ جڏهن اوهين انهي ملڪ ۾ پهچو، جنهن ۾ آءٌ اوهان کي وٺي ٿو وڃان،</verse>
				<verse number="19">۽ انهي ملڪ جي ماني کائو، تڏهن خداوند جي لاءِ کڻڻ واري قرباني پيش ڪجو.</verse>
				<verse number="20">اوهين پنهنجي پهرين ڳوهيل اٽي مان هڪڙي ماني کڻڻ واري قربانيءَ لاءِ ڏجو، جهڙيءَ طرح ان ڳاهڻ وقت کڻڻ واري قرباني پيش ڪندا آهيو، تهڙيءَ طرح اها بہ مٿي کڻجو.</verse>
				<verse number="21">اوهين پنهنجين سڀني پيڙهين ۾، پنهنجي پهرين ڳوهيل اٽي مان خداوند جي لاءِ کڻڻ واري قرباني پيش ڪندا رهجو.</verse>
				<verse number="22">۽ جڏهن اوهين ڀل ڪري هي سڀ ڪم، جي خداوند موسيٰ کي فرمايا سي بجا نہ آڻيو،</verse>
				<verse number="23">يعني جيڪي بہ حڪم خداوند موسيٰ جي معرفت اوهان کي ڏنا آهن، سي پهرين ڏينهن کان وٺي اوهانجين سڀني پيڙهين تائين بجا نہ آڻيو؛</verse>
				<verse number="24">تہ پوءِ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن ڀل مان اوهان کان خطا ٿي هجي، ۽ جماعت کي انهيءَ جي خبر نہ پوي، تہ پوءِ ساري جماعت خداوند جي لاءِ خوشبوءِ ڪرڻ واسطي، هڪڙو وهڙو سوختني قربانيءَ لاءِ، انهي جي کاڌي جي قربانيءَ، ۽ پيئڻ واريءَ قربانيءَ سان گڏ دستوري حڪم موجب آڻي پيش ڪري؛ ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر پيش ڪري.</verse>
				<verse number="25">۽ ڪاهن بني اسرائيل جي ساري جماعت لاءِ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ انهن کي معافي ملندي؛ ڇالاءِ جو اها هڪڙي ڀل ٿي ويئي هئي، تنهنڪري هنن پنهنجو نذرانو، يعني باهہ سان ساڙيل قرباني، ۽ پنهنجي خطا جي قرباني، خداوند جي حضور ۾ اُنهي ڀل لاءِ پيش ڪئي:</verse>
				<verse number="26">پوءِ بني اسرائيل جي ساري جماعت کي، ۽ پرديسي جيڪي ساڻن گڏ ٿا رهن، تن کي بہ معافي ملندي؛ ڇالاءِ جو اها خطا جماعت کان ڀل مان ٿي هئي.</verse>
				<verse number="27">۽ جيڪڏهن ڪو شخص ڀل مان گناهہ ڪري، تہ هو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ يڪسالي ٻڪري پيش ڪري.</verse>
				<verse number="28">۽ جنهن شخص ڀل مان اها خطا ڪئي آهي، تنهن جي گناهہ جي لاءِ، ڪاهن خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ انهي کي معافي ملندي.</verse>
				<verse number="29">بني اسرائيل مان جيڪو ڀل مان خطا ڪري، سو ملڪ ۾ ڄاول هجي، توڙي منجهن رهندڙ پرديسي هجي، تہ انهي لاءِ اوهين هڪڙو ئي قانون رکجو.</verse>
				<verse number="30">پر جيڪو ماڻهو ڄاڻي ٻجهي ڪو اهڙو ڪم ڪري، پوءِ اهو ملڪ ۾ ڄاول هجي، توڙي پرديسي هجي، تہ اهو خداوند جي لاءِ ڪفر ٿو بڪي؛ ۽ اهو شخص پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="31">ڇالاءِ جو هن خداوند جي ڪلام جي بي ادبي ڪئي، ۽ سندس حڪم ڀڳائين؛ اهڙو شخص اصل تباهہ ڪيو ويندو، ۽ هن جو گناهہ انهي جي سر تي رهندو.</verse>
				<verse number="32">جڏهن اڃا بني اسرائيل بيابان ۾ هئا، تڏهن هنن هڪڙي ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن ڪاٺيون گڏ ڪندو ڏٺو.</verse>
				<verse number="33">۽ جن هن کي ڪاٺيون گڏ ڪندو ڏٺو، سي کيس موسيٰ، ۽ هارون، ۽ ساري جماعت وٽ وٺي آيا.</verse>
				<verse number="34">۽ انهن کيس پهري هيٺ رکيو، ڇالاءِ جو انهن کي اهو ڪونہ ڄاڻايل هو تہ هن سان ڪهڙي هلت ڪجي.</verse>
				<verse number="35">تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ هن ماڻهوءَ کي ضرور ماري ڇڏڻ گهرجي، ۽ ساري جماعت منزلگاهہ جي ٻاهران هن کي سنگسار ڪري.</verse>
				<verse number="36">سو ساريءَ جماعت هن کي منزلگاهہ جي ٻاهر آڻي سنگسار ڪيو، ۽ هو مري ويو؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.</verse>
				<verse number="37">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="38">تون بني اسرائيل کي حڪم ڏي تہ هو پنهنجين سڀني پيڙهين ۾، پنهنجن پهراڻن جي ڪنارن تي جهالرون لڳائين، ۽ هرهڪ ڪناري جي جهالر تي آسماني رنگ جي پٽي لڳائين.</verse>
				<verse number="39">اها جهالر اوهان جي هن ڪم ايندي، تہ اوهين انهيءَ کي ڏسي، خداوند جا سڀ حڪم ياد ڪريو، ۽ عمل ۾ آڻيو: ۽ اوهين پنهنجين اکين ۽ پنهنجيءَ دل جي تابع ٿي، زناڪاري نہ ڪريو؛ جيئن هن وقت تائين ڪندا آيا آهيو.</verse>
				<verse number="40">پر منهنجن سڀني حڪمن کي ياد ڪري عمل ۾ آڻيو، ۽ پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ ٿيو:</verse>
				<verse number="41">آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، انهي لاءِ تہ اوهان جو خدا ٿيان: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="16">
				<verse number="1">هاڻي قورح بن اضهار، بن قهات، بن لاوي، ۽ داتن ۽ ابيرام بن الياب، ۽ اون بن پلت، جي روبن جا پٽ هئا، تن پاڻ سان ڪي ماڻهو گڏ ڪيا:</verse>
				<verse number="2">۽ اهي بني اسرائيل مان اڍائي سؤ ماڻهو، جي جماعت مان چونڊيل سردار ۽ مشهور ماڻهو هئا، تن کي ساڻ ڪري، موسيٰ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ اُٿيا.</verse>
				<verse number="3">اهي موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف اچي گڏ ٿيا، ۽ انهن کي چوڻ لڳا تہ اوهين وڏي اختياري ٿا هلايو. جڏهن جماعت جو هرهڪ ماڻهو پاڪ آهي، ۽ خداوند انهن منجهہ آهي، تہ پوءِ اوهين پاڻ کي خداوند جي جماعت کان وڏا ڇو ٿا سمجهو؟</verse>
				<verse number="4">۽ جڏهن موسيٰ اهو ٻڌو، تڏهن منهن ڀر ڪريو.</verse>
				<verse number="5">پوءِ هن قورح ۽ سندس سڄي ٽوليءَ کي چيو تہ سڀاڻي صبح جو خداوند پاڻيهي ڏيکاريندو تہ ڪير سندس آهي، ۽ ڪير پاڪ آهي، ۽ ڪنهن کي هو پاڻ وٽ ٿو سڏي؛ ڇالاءِ تہ جنهن کي هو پسند ڪندو، تنهن کي ئي پاڻ وٽ سڏيندو.</verse>
				<verse number="6">اوهين هيئن ڪريو، قورح ۽ سندس ٽوليءَ وارا سڀيئي واسوڙا کڻو؛</verse>
				<verse number="7">۽ سڀاڻي خداوند جي حضور ۾ انهن تي ٽانڊا رکي مٿن لوبان وجهو: پوءِ هيئن ٿيندو تہ جنهن ماڻهوءَ کي خداوند پسند ڪندو، سو پاڪ ٿيندو: اي لاويءَ جا گهراڻا اوهين ڏاڍي زوراوري ٿا ڪريو.</verse>
				<verse number="8">پوءِ موسيٰ قورح کي چيو تہ اي بني لاويءَ جا گهراڻا، هاڻي ٻڌو:</verse>
				<verse number="9">اوهين اها خسيس ڳالهہ ٿا سمجهو ڇا جو خدا اوهان کي بني اسرائيل جي جماعت مان چونڊي ڌار ڪيو آهي، ۽ اوهان کي پاڻ وٽ سڏيو اٿس؛ انهي لاءِ تہ اوهين خداوند جي خيمي جي خدمت ڪريو، ۽ جماعت جي سامهون بيهي سندن ٽهل ڪريو؛</verse>
				<verse number="10">۽ هن توکي، ۽ توسان گڏ تنهنجن سڀني ڀائرن کي، يعني لاويءَ جي گهراڻي کي پاڻ وٽ سڏيو، ۽ هاڻي اوهين ڪهانت ۾ بہ اکيون ٿا وجهو ڇا؟</verse>
				<verse number="11">تنهنڪري تون، ۽ تنهنجي سڄي ٽولي خداوند جي برخلاف گڏ ٿيا آهيو؛ هارون ڪير آهي، جنهن جي برخلاف اوهين ڪرڪر ٿا ڪريو؟</verse>
				<verse number="12">پوءِ موسيٰ الياب جي پٽن داتن ۽ ابيرام کي گهرايو، پر هنن چيو تہ اسين ڪين اينداسين.</verse>
				<verse number="13">اها ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا جو تون اسان کي انهي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو آهين، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي؛ انهي لاءِ تہ اسان کي بيابان ۾ مارين، ۽ وري اسان جي مٿان حڪومت ٿو هلائين؟</verse>
				<verse number="14">تنهن کان سواءِ تو اسان کي انهي ملڪ ۾ بہ نہ پهچايو آهي، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، نڪي اسان کي ٻنيون ۽ ڊاک جا منهہ ورثي ۾ ڏنا اٿيئي؛ تون هنن ماڻهن جون اکيون ڪڍي وٺندين ڇا؟ اسين ڪين اينداسين.</verse>
				<verse number="15">تڏهن موسيٰ ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ خداوند کي چيائين تہ تون انهن جي قرباني قبول نہ ڪر، مون انهن کان هڪڙو گڏهہ بہ ڪونہ ورتو آهي، نڪي هنن مان ڪنهن کي ڪو ايذاءُ رسايو اٿم.</verse>
				<verse number="16">پوءِ موسيٰ قورح کي چيو تہ سڀاڻي تون پنهنجي سڄيءَ ٽوليءَ سميت، يعني تون، ۽ اهي، ۽ هارون، سڀيئي خداوند جي اڳيان حاضر ٿجو؛</verse>
				<verse number="17">۽ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجو واسوڙو کڻي انهي تي لوبان وجهي، ۽ هرڪو پنهنجو واسوڙو خداوند جي حضور ۾ آڻي، انهيءَ طرح اڍائي سؤ واسوڙا ٿين، تون، ۽ هارون بہ پنهنجو پنهنجو واسوڙو آڻيو.</verse>
				<verse number="18">ان موجب هر ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجو پنهنجو واسوڙو کنيو، ۽ ان تي ٽانڊا رکي، مٿن لوبان وجهي، موسيٰ ۽ هارون سان گڏ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ اچي بيٺو.</verse>
				<verse number="19">سو قورح، پنهنجي سڄي ٽولي، هنن جي برخلاف جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي گڏ ڪئي؛ تڏهن خداوند جو جلال سڄي جماعت جي روبرو ظاهر ٿيو.</verse>
				<verse number="20">۽ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ</verse>
				<verse number="21">اوهين پاڻ کي هن جماعت کان ڌار ڪريو تہ آءٌ هنن کي هڪ پل ۾ ڀسم ڪريان.</verse>
				<verse number="22">تڏهن اهي سجدو ڪري چوڻ لڳا تہ اي خدا، سڀني جانين جي روحن جا خدا، هڪڙي ماڻهوءَ جي گناهہ ڪري، تون ساري جماعت تي ڪاوڙبين ڇا؟</verse>
				<verse number="23">تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="24">تون جماعت کي چئُہ تہ اوهين قورح، داتن، ۽ ابيرام جي تنبن جي پسگردائيءَ کان نڪري پري ٿيو.</verse>
				<verse number="25">تڏهن موسيٰ اتي داتن ۽ ابيرام وٽ ويو، ۽ اسرائيل جا بزرگ سندس پٺيان ويا.</verse>
				<verse number="26">۽ هن جماعت کي مخاطب ٿي چيو تہ آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين هنن شرير ماڻهن جي تنبن کان نڪري پري ٿيو ۽ هنن جي ڪنهن بہ شيءِ کي هٿ نہ لايو، متان اوهين بہ هنن جي سڀني گناهن ۾ چٽ ٿي وڃو.</verse>
				<verse number="27">ان موجب هو قورح، داتن ۽ ابيرام جي تنبن کان هٽي پري ٿيا، ۽ داتن ۽ ابيرام نڪري اچي پنهنجن تنبن جي در تي بيٺا، ۽ سندن زالون، ۽ سندن پٽ، ۽ سندن ننڍڙا ٻار بہ ساڻن گڏ هئا.</verse>
				<verse number="28">تڏهن موسيٰ چيو تہ انهي مان اوهان کي سڌ پوندي تہ خداوند مون کي هي سڀ ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي؛ ڇالاءِ جو مون پنهنجي مرضيءَ سان اهي نہ ڪيا آهن.</verse>
				<verse number="29">جيڪڏهن هي ماڻهو ٻين سڀني ماڻهن وانگر عام موت مرن، يا جيڪڏهن هنن تي ڪا اهڙي آفت نازل ٿئي، جا ٻين سڀني ماڻهن تي ٿيندي آهي، تہ آءٌ خداوند جو موڪليل نہ آهيان.</verse>
				<verse number="30">پر جيڪڏهن خداوند ڪا نئين واردات ڪري، ۽ زمين پنهنجو وات ڦاڙي هنن کي سندن سموري ملڪيت سميت ڳهي وڃي، ۽ هو جيئرا ئي اوڙاهہ ۾ پون، تہ پوءِ سمجهجو تہ هنن خداوند جي بي ادبي ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="31">۽ هيئن ٿيو جو اڃا هن ايترو ڳالهائي بس ڪئي، تہ هنن جي هيٺان زمين ڦاٽي پيئي؛</verse>
				<verse number="32">۽ زمين پنهنجو وات پٽيو، ۽ هنن کي، هنن جي گهر ٻار کي، ۽ جن ماڻهن جو قورح سان واسطو هو، تن سڀني کي، سندن مال متاع سميت ڳهي ويئي.</verse>
				<verse number="33">انهيءَ طرح هو، ۽ ٻيا جيڪي سندن هئا، سي سڀ جيئري ئي وڃي اوڙاهہ ۾ پيا؛ پوءِ زمين انهن جي مٿان پورجي ويئي، ۽ اهي جماعت منجهان نابود ٿي ويا.</verse>
				<verse number="34">۽ سڀ اسرائيلي جيڪي انهن جي آس پاس هئا، سي انهن جون دانهون ٻڌي اُٿي ڀڳا؛ ڇالاءِ جو هنن چيو تہ متان زمين اسان کي بہ نہ ڳهي وڃي.</verse>
				<verse number="35">پوءِ خداوند وٽان باهہ آئي، ۽ جن اڍائي سؤ ماڻهن لوبان ساڙيو هو، تن کي ڀسم ڪري ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="36">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="37">هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر کي چئُہ تہ سڙيل ڍير مان واسوڙا ڪڍي وٺي، ڇالاءِ جو اهي پاڪ آهن؛ ۽ تون باهہ کي هيڏانهن هوڏانهن پکيڙي ڇڏ.</verse>
				<verse number="38">اهي گنهگار، جيڪي پنهنجيءَ حياتيءَ جا دشمن ٿيا، تن جي واسوڙن کي ڪٽي، قربانگاهہ جي ڍڪڻ لاءِ پترا جوڙيو، ڇو جو هنن اهي خداوند جي حضور ۾ نذر ڪيا، تنهنڪري اهي پاڪ آهن؛ ۽ اهي بني اسرائيل جي لاءِ هڪڙي نشاني ٿيندي.</verse>
				<verse number="39">تڏهن اليعزر ڪاهن، اهي پتل جا واسوڙا کنيا، جي سڙي ويل ماڻهن نذر ڪيا هئا، ۽ انهن کي ڪٽي قربانگاهہ جي ڍڪڻ لاءِ پترا جوڙيائين،</verse>
				<verse number="40">تہ بني اسرائيل جي يادگيريءَ لاءِ هڪڙو نشان ٿئي؛ انهي لاءِ تہ ڪوبہ ڌاريو ماڻهو، جو هارون جي نسل مان نہ هجي، سو خداوند جي حضور ۾ لوبان ساڙڻ لاءِ نہ اچي، تہ هن جو حال قورح ۽ سندس ٽوليءَ جهڙو نہ ٿئي؛ جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ جي معرفت هن کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="41">پر ٻئي ڏينهن بني اسرائيل جي جماعت موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف ڪُرڪڻ لڳي، ۽ چوڻ لڳي تہ اوهان خداوند جي ماڻهن کي ماريو آهي.</verse>
				<verse number="42">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اها جماعت موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف گڏ ٿي، تڏهن انهن جماعت واري تنبوءَ ڏانهن نگاهہ ڪئي، ۽ ڏسو، ڪڪر انهي کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ خداوند جو جلال ظاهر ٿيو.</verse>
				<verse number="43">تڏهن موسيٰ ۽ هارون جماعت واري تنبوءَ جي اڳيان آيا.</verse>
				<verse number="44">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="45">اوهين هن جماعت مان نڪري وڃو تہ آءٌ هنن کي هڪڙي پل ۾ چٽ ڪري ڇڏيان. تڏهن انهن سجدو ڪيو.</verse>
				<verse number="46">۽ موسيٰ هارون کي چيو تہ تون پنهنجو واسوڙو کڻ، ۽ قربانگاهہ مان ٽانڊا ڪڍي انهي تي رک، ۽ انهي تي لوبان وجهہ، ۽ جلد اهو کڻي جماعت ڏانهن وڃ ۽ انهن جي لاءِ ڪفارو ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند جو غضب نازل ٿيو آهي، ۽ طاعون شروع ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="47">تڏهن هارون موسيٰ جي چوڻ موجب واسوڙو کڻي جماعت ۾ ڊوڙي ويو، ۽ ڏسو، طاعون ماڻهن ۾ شروع ٿي چڪو هو. سو هن لوبان ساڙيو، ۽ ماڻهن جي لاءِ ڪفارو ڪيائين؛</verse>
				<verse number="48">۽ هو، مئلن ۽ جيئرن جي وچ ۾ بيهي رهيو، تڏهن طاعون بند ٿي ويو.</verse>
				<verse number="49">هاڻي جيڪي طاعون ۾ مئا، سي چوڏهن هزار ۽ ست سؤ هئا، سواءِ انهن جي جيڪي قورح واري حادثي ۾ مئا هئا.</verse>
				<verse number="50">پوءِ هارون جماعت واري تنبوءَ جي در تي موسيٰ وٽ آيو ۽ طاعون بند ٿي ويو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="17">
				<verse number="1">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">تون بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کانئن سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، يعني سندن سڀني سردارن کان، سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، هڪ هڪ لٺ، يعني مڙيئي ٻارهن لٺيون وٺ، ۽ هرهڪ ماڻهوءَ جي لٺ تي سندس نالو لک.</verse>
				<verse number="3">۽ تون لاويءَ جي لٺ تي هارون جو نالو لک: ڇالاءِ جو هنن جي ابن ڏاڏن جي گهراڻن جي رئيسن مان هرهڪ جي لاءِ هڪ لٺ هئڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="4">۽ تون اهي جماعت واري تنبوءَ ۾ شاهديءَ جي صندوق جي اڳيان، جتي آءٌ توسان گڏبو آهيان، اُتي آڻي رک.</verse>
				<verse number="5">۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن ماڻهوءَ کي آءٌ پسند ڪندس تنهن جي لٺ ۾ مکڙيون ڦٽي نڪرنديون، ۽ تنهنجي برخلاف بني اسرائيل جي ڪرڪر آءٌ پاڻ تان لاهي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="6">سو موسيٰ بني اسرائيل کي اها ڳالهہ ٻڌائي، ۽ انهن جي سردارن مان هرهڪ سردار پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب هڪ هڪ لٺ ڏني، يعني هنن کيس ٻارهن لٺيون ڏنيون، ۽ هارون جي لٺ بہ هنن جي لٺين ۾ هئي.</verse>
				<verse number="7">۽ موسيٰ اُهي شاهديءَ واري تنبوءَ ۾ خداوند جي حضور ۾ آڻي رکيون.</verse>
				<verse number="8">۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ شاهديءَ واري تنبوءَ ۾ ويو، تڏهن ڇا ٿو ڏسي تہ هارون واري لٺ، جا لاويءَ جي گهراڻي لاءِ هئي، تنهن ۾ مکڙيون ڦٽيون آهن، ۽ گل نڪتا آهن، ۽ پڪيون باداميون لڳيون آهن.</verse>
				<verse number="9">تڏهن موسيٰ سڀ لٺيون خداوند جي حضور مان کڻي، سڀني بني اسرائيلين وٽ آنديون، ۽ هنن ڏٺو، ۽ هرهڪ ماڻهوءَ پنهنجي لٺ ورتي.</verse>
				<verse number="10">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ هارون جي لٺ شاهديءَ جي صندوق جي سامهون رک، تہ فساد ڪندڙن لاءِ نشاني ٿي رهي، ۽ اهي منهنجي برخلاف جيڪا ڪرڪر ٿا ڪن، سا تون بند ڪري ڇڏين، تہ متان هو مري وڃن.</verse>
				<verse number="11">سو موسيٰ ائين ڪيو، يعني جيئن خداوند کيس فرمايو هو، تيئن ئي ڪيائين.</verse>
				<verse number="12">پوءِ بني اسرائيل موسيٰ کي چيو تہ ڏس، اسين تباهہ ٿا ٿيون، اسين چٽ ٿا ٿيون، اسين سڀيئي چٽ ٿا ٿيون.</verse>
				<verse number="13">جيڪو ماڻهو خداوند جي خيمي جي ويجهو ٿو اچي، سو مري ٿو: اسين سڀ نابود ٿي وينداسين ڇا؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="18">
				<verse number="1">پوءِ خداوند هارون کي فرمايو تہ پاڪ مڪان جي بابت خطا جو بار تو تي، ۽ توسان گڏ تنهنجن پٽن تي، ۽ تنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻي تي ايندو؛ ۽ تنهنجيءَ ڪهانت جي خطا جو بار تو تي، ۽ توسان گڏ تنهنجن پٽن تي ايندو.</verse>
				<verse number="2">۽ تون لاويءَ جي قبيلي وارن پنهنجن ڀائرن کي، يعني پنهنجي پيءُ جي قبيلي کي بہ آڻي پاڻ سان گڏ ڪر، تہ اهي بہ تو سان شامل ٿين، ۽ تنهنجي خدمت ڪن؛ پر تون، ۽ تو سان گڏ تنهنجا پٽ شاهديءَ واري تنبوءَ جي اڳيان حاضر رهو.</verse>
				<verse number="3">۽ اهي تنهنجي شين جي، ۽ ساري تنبوءَ جي حفاظت ڪن: رڳو پاڪ مڪان جي ٿانون ۽ قربانگاهہ جي ويجهو نہ اچن، متان اهي ۽ اوهين مري وڃو.</verse>
				<verse number="4">۽ اهي تو سان شامل ٿي، جماعت واري تنبوءَ جي حفاظت ڪن، ۽ انهي تنبوءَ جي سڀڪا خدمت ڪن، ۽ ڪوبہ ڌاريو ماڻهو اوهان جي ويجهو نہ اچي.</verse>
				<verse number="5">۽ اوهين پاڪ مڪان جي ۽ قربانگاهہ جي حفاظت ڪجو: تہ اڳتي وري بني اسرائيل تي غضب نازل نہ ٿئي.</verse>
				<verse number="6">۽ ڏسو، مون اوهان جي ڀائرن، يعني بني لاوين کي بني اسرائيل مان ورتو آهي: اهي اوهان کي خداوند جي لاءِ بخشش طور ڏنا ويا آهن، تہ جماعت واري تنبوءَ ۾ خدمت ڪن.</verse>
				<verse number="7">پر تون ۽ تو سان گڏ تنهنجا پٽ، قربانگاهہ ۽ پردي جي اندر جي سڀ ڪم ڪار لاءِ، پنهنجي ڪهانت قائم رکجو، ۽ خدمت ڪجو: آءٌ ڪهانت جي خدمت اوهان کي بخشش طور ٿو ڏيان، ۽ جيڪو ڌاريو ماڻهو ويجهو ايندو سو ماريو ويندو.</verse>
				<verse number="8">۽ خداوند هارون کي فرمايو تہ ڏس، مون پنهنجون کڻڻ واريون قربانيون تنهنجي حوالي ڪيون آهن، يعني بني اسرائيل جون سڀ پاڪ شيون توکي ڏنيون اٿم: مسح ڪرڻ جي ڪري مون اهي تو کي، ۽ تنهنجن پٽن کي، هميشہ جو حق ڪري ڏنيون آهن.</verse>
				<verse number="9">جيڪي شيون تمام پاڪ آهن، تن مان جيڪو باهہ کان بچايو ويندو سو تنهنجو ٿيندو: ۽ هنن جو هرڪو نذرانو، يعني هنن جي هرڪا کاڌي جي قرباني، ۽ هرڪا گناهہ جي قرباني، جا هو منهنجي حضور ۾ پيش ڪندا، سا تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجن پٽن جي لاءِ تمام پاڪ ٿيندي.</verse>
				<verse number="10">انهن کي تون تمام پاڪ شين وانگر کائج: هرڪو مرد ماڻهو انهن مان کائي؛ اهي تنهنجي لاءِ پاڪ آهن؛</verse>
				<verse number="11">۽ هنن جي نذر مان، کڻڻ واري قرباني تنهنجي ٿيندي، يعني بني اسرائيل جون سڀ کڻڻ واريون قربانيون، مون تو کي، ۽ تو سان گڏ تنهنجن پٽن، ۽ تنهنجين ڌيئرن کي، هميشہ جو حق ڪري ڏنيون آهن: تنهنجي گهر ۾ جيڪو بہ پاڪ هوندو، سو انهن مان کائيندو.</verse>
				<verse number="12">سڀ کان چڱو تيل، ۽ سڀ کان چڱي مئي، ۽ سڀ کان چڱو اَن، يعني انهن جو پهريون ڦل، جو اهي خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا، سو مون تو کي ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="13">انهن جي زمين ۾ هر قسم جا پهريان پڪل ميوا، جي اهي خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا، سي تنهنجا ٿيندا؛ تنهنجي گهر ۾ جيڪو بہ پاڪ هوندو، سو انهن مان کائيندو.</verse>
				<verse number="14">اسرائيلين جي هرڪا شيءِ، جا وقف ڪئي ويندي، سا تنهنجي ٿيندي.</verse>
				<verse number="15">سڀني جاندارن مان پيٽ جو پهريون ڦل، جنهن کي اهي خداوند جي لاءِ نذر ڪندا، سو تنهنجو ٿيندو، پوءِ اهو انسان جو هجي توڙي حيوان جو: پر تون انسان جي پهرين ڄاولن لاءِ عيوضو وٺي اُنهن کي ڇڏي ڏج، ۽ ناپاڪ حيوانن جي پهرين ڄاولن جو بہ تون عيوضو وٺج.</verse>
				<verse number="16">انهن مان جن جو عيوضو ڏيڻو آهي، سي جڏهن هڪ مهيني جا ٿين، تڏهن انهن کان تنهنجي ٺهرايل انداز موجب، عبادتگاهہ جو مشقال، جنهن ۾ ويهہ جيراہ ٿا ٿين، اهڙا پنج مشقال وٺج.</verse>
				<verse number="17">پر ڳئون جي پهرئين ڄاول ٻچي جو، يا رڍ جي پهرئين ڄاول ٻچي جو، يا ٻڪريءَ جي پهرئين ڄاول ٻچي جو عيوضو نہ وٺج؛ اهي پاڪ آهن: انهن جو رت تون قربانگاهہ تي ڇاٽاري ڇڏج؛ ۽ انهن جي چرٻي باهہ سان ساڙيل قربانيءَ لاءِ ساڙي ڇڏج، تہ خداوند جي لاءِ چڱي خوشبوءِ ٿئي.</verse>
				<verse number="18">انهن جو گوشت تنهنجو ٿيندو، جهڙيءَ طرح لوڏيل سينو ۽ ساڄي ران تنهنجا آهن.</verse>
				<verse number="19">پاڪ شيون جيڪي بني اسرائيل خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن، تن مان کڻڻ واريون قربانيون، مون تو کي ۽ تو سان گڏ تنهنجن پٽن ۽ تنهنجين ڌيئرن کي هميشہ جو حق ڪري ڏنيون آهن: اهو تنهنجي لاءِ ۽ توسان گڏ تنهنجي اولاد جي لاءِ، خداوند جي حضور ۾ هميشہ جي واسطي لوڻ جو عهد آهي.</verse>
				<verse number="20">۽ خداوند هارون کي فرمايو تہ هنن جي زمين ۾ تو کي ڪوبہ ورثو ڪونہ ملندو، نڪي هنن ۾ تنهنجو ڪو حصو ٿيندو: بني اسرائيل ۾ تنهنجو حصو ۽ تنهنجو ورثو آءٌ آهيان.</verse>
				<verse number="21">۽ ڏس، بني لاوي جيڪا خدمت ڪن ٿا، يعني جيڪا خدمت هو جماعت واري تنبوءَ جي ڪن ٿا، تنهن جي بدلي ۾ مون هنن کي اسرائيل ۾ سڀ ڪنهن شيءِ جو ڏهون حصو ورثي طور ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="22">۽ اڳتي بني اسرائيل جماعت واري تنبوءَ جي ويجهو نہ اچن، متان هو پاڻ تي گناهہ کڻن ۽ مري پون.</verse>
				<verse number="23">پر لاوي جماعت واري تنبوءَ جي خدمت ڪن، ۽ اهي هن جو گناهہ کڻن: اهو اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جو قانون رهندو، ۽ بني اسرائيل مان انهن کي ڪوبہ ورثو ڪونہ ملندو.</verse>
				<verse number="24">ڇالاءِ جو ڏهون حصو جو هو خداوند لاءِ کڻڻ واري قرباني ڪري ٿا ڏين، سو مون لاوين کي ورثو ڪري ڏنو آهي: تنهنڪري مون هنن کي چيو آهي تہ بني اسرائيل مان هنن کي ڪوبہ ورثو نہ ملندو.</verse>
				<verse number="25">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="26">لاوين کي هيترو بہ وڌيڪ چئُہ تہ جڏهن اوهين بني اسرائيل کان ڏهون حصو وٺو، جو مون اوهان کي ورثو ڪري ڏنو آهي، تڏهن اوهين خداوند جي لاءِ کڻڻ جي قربانيءَ واسطي، انهيءَ ڏهين حصي جو ڏهون حصو پيش ڪجو.</verse>
				<verse number="27">۽ اها اوهان جي کڻڻ واري قرباني اوهان جي لاءِ ائين شمار ۾ ايندي جيئن ڄڻ تہ ڳاهڻ واريءَ ٻار جو اَن آهي، ۽ شراب جي چيچڙي جي ڀرپورائي آهي.</verse>
				<verse number="28">انهي طرح جيڪي ڏهان حصا اوهان کي بني اسرائيل کان ملن، تن سڀني مان اوهين خداوند جي لاءِ کڻڻ جي قرباني ادا ڪجو؛ ۽ انهيءَ مان خداوند جي کڻڻ واري قرباني اوهين هارون ڪاهن کي ڏيندا رهجو.</verse>
				<verse number="29">پنهنجن سڀني نذرانن مان جيڪي تمام چڱا هجن، يعني انهن جو جيڪو حصو پاڪ ٺهرايل هجي، تنهن سڀ مان، اوهين خداوند جي لاءِ سڀڪا کڻڻ واري قرباني ادا ڪجو.</verse>
				<verse number="30">تنهنڪري تون هنن کي چئج تہ جڏهن انهي مان اوهين تمام چڱو ڀاڱو مٿي کڻو، تڏهن اُهو لاوين لاءِ ڳاهڻ واري ٻار، يا شراب جي چيچڙي جي زيادہ پيدائش شمار ۾ ايندي.</verse>
				<verse number="31">۽ اها اوهين، ۽ اوهان جا گهراڻا هر ڪنهن هنڌ ڀلي کائين: ڇالاءِ جو اُها اوهان جي انهي خدمت جي عيوض ۾ انعام ڏنل آهي، جا اوهين جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪريو ٿا.</verse>
				<verse number="32">۽ جڏهن اوهان انهيءَ مان تمام چڱو حصو مٿي کنيو آهي، تڏهن انهي جي ڪري اوهان تي گناهہ نہ رهندو: سو اوهين بني اسرائيل جي پاڪ شين کي ناپاڪ نہ ڪجو، تہ مري نہ پئو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="19">
				<verse number="1">پوءِ خدا موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو، ۽ کين چيائين تہ</verse>
				<verse number="2">جنهن شريعت جو خداوند حڪم ڏنو آهي تنهن جو قانون هي آهي، ۽ فرمايو اٿس تہ تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ هو تو وٽ هڪڙي بي عيب ڳاڙهي گابي وٺي اچن، جنهن تي ڪو داغ يا چٽو نہ هجي، ۽ جنهن تي ڪڏهن بہ ڪا پاڃاري ڪانہ آئي هجي.</verse>
				<verse number="3">اوهين اها وٺي اليعزر ڪاهن کي ڏجو تہ هو انهيءَ کي منزلگاهہ کان ٻاهر وٺي وڃي، ۽ ڪو ماڻهو انهيءَ کي هنن جي روبرو ذبح ڪري:</verse>
				<verse number="4">۽ اليعزر ڪاهن هن جو رت پنهنجيءَ آڱر تي کڻي جماعت واري تنبوءَ جي سامهون واري پاسي ست ڀيرا ڇاٽاري.</verse>
				<verse number="5">پوءِ ڪو ماڻهو انهيءَ گابيءَ کي هن جي روبرو ساڙي؛ هو انهيءَ جي کل ۽ گوشت ۽ رت ۽ ڇيڻو اهي سڀ ساڙي ڇڏي:</verse>
				<verse number="6">۽ ڪاهن ديال جي ڪاٺي، ۽ زوفا، ۽ قرمزي رنگ کڻي انهيءَ سڙندڙ گابيءَ واريءَ باهہ ۾ اُڇلائي وجهي.</verse>
				<verse number="7">پوءِ ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، تنهن کان پوءِ منزلگاهہ ۾ اچي؛ اهو ڪاهن شام تائين ناپاڪ رهندو.</verse>
				<verse number="8">۽ جيڪو انهيءَ کي ساڙي سو بہ پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، ۽ اهو بہ شام تائين ناپاڪ رهندو.</verse>
				<verse number="9">۽ جيڪو ماڻهو پاڪ هجي، سو انهيءَ گابيءَ جي رک گڏ ڪري، منزلگاهہ جي ٻاهران ڪنهن صاف هنڌ رکي، ۽ اها بني اسرائيل جي جماعت لاءِ، ناپاڪي لاهڻ جي پاڻيءَ واسطي رکي رهي: اها هڪڙي گناهہ جي قرباني آهي.</verse>
				<verse number="10">۽ جيڪو انهيءَ گابيءَ جي رک گڏ ڪري، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ اهو بہ شام تائين ناپاڪ رهندو: هي بني اسرائيل جي لاءِ، ۽ جيڪو منجهن رهندو هجي، تنهن جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو.</verse>
				<verse number="11">جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ جي لاشي کي ڇهندو، سو ست ڏينهن ناپاڪ رهندو:</verse>
				<verse number="12">ٽئين ڏينهن هو پاڻ کي انهي سان پاڪ ڪري، ۽ ستين ڏينهن بہ، پوءِ هو پاڪ ٿيندو: پر جيڪڏهن هو ٽئين ڏينهن پاڻ کي پاڪ نہ ڪندو، تہ هو ستين ڏينهن بہ پاڪ نہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="13">جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ جي لاشي کي ڇهي ٿو ۽ پاڻ کي پاڪ نٿو ڪري، سو خداوند جي خيمي کي ناپاڪ ٿو ڪري؛ اهڙو ماڻهو اسرائيل مان تباهہ ڪيو ويندو: ڇالاءِ جو ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي انهي تي ڇاٽاريو نہ ويو، تنهنڪري اهو ناپاڪ رهندو؛ انهي جي ناپاڪي اڃا بہ انهي جي مٿان آهي.</verse>
				<verse number="14">جيڪڏهن ڪنهن تنبوءَ ۾ ڪو ماڻهو مري تہ انهي جي واسطي هي قاعدو آهي: جيڪو بہ ماڻهو انهي تنبوءَ ۾ هجي، ۽ جيڪو بہ انهي تنبوءَ ۾ اچي، سو ست ڏينهن ناپاڪ رهندو.</verse>
				<verse number="15">۽ سڀڪو کليل ٿانءُ، جنهن جي مٿان ڍڪ نہ هجي، سو ناپاڪ ٿيندو.</verse>
				<verse number="16">جيڪو کليل ميدان ۾ ترار سان ماريل ڪنهن ماڻهوءَ کي، يا ڪنهن لاشي کي، يا ماڻهوءَ جي ڪنهن هڏي کي، يا ڪنهن قبر کي ڇهندو، سو ست ڏينهن ناپاڪ رهندو.</verse>
				<verse number="17">اهڙي ماڻهوءَ جي لاءِ هيئن ڪرڻ گهرجي تہ اها گناهہ جي قرباني، جا ساڙي ويئي، تنهن جي رک مان ڪجهہ کڻي هڪڙي ٿانو ۾ وجهي ۽ انهي تي چشمي جو پاڻي وجهن.</verse>
				<verse number="18">پوءِ هڪڙو ماڻهو زوفا کڻي انهي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي، ۽ انهي تنبوءَ تي، ۽ سڀني ٿانون تي، ۽ جيڪي ماڻهو اتي هجن تن تي، ۽ جنهن ماڻهو ڪنهن هڏي کي، يا ڪنهن ترار سان ماريل ماڻهو کي، يا ڪنهن لاشي کي، يا قبر کي هٿ لاتو هجي، تنهن تي ڇاٽاري:</verse>
				<verse number="19">اهو پاڪ ماڻهو ٽئين ڏينهن، ۽ ستين ڏينهن، انهيءَ ناپاڪ ماڻهو تي اهو ڇاٽاري، ۽ ستين ڏينهن هو انهي کي پاڪ ڪري؛ ۽ هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، پوءِ شام جو هو پاڪ ٿيندو.</verse>
				<verse number="20">پر جيڪو ماڻهو ناپاڪ ٿيو هوندو، ۽ پاڻ کي پاڪ نہ ڪندو، سو ماڻهو جماعت منجهان تباهہ ڪيو ويندو، ڇالاءِ جو هن خداوند جي پاڪ مڪان کي ناپاڪ ڪيو آهي: ۽ ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي هن تي نہ ڇڻڪيو ويو؛ ۽ هو ناپاڪ آهي.</verse>
				<verse number="21">اهو هنن جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو: جيڪو ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي ڇاٽاري، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي؛ ۽ جيڪو ناپاڪي لاهڻ واري پاڻيءَ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.</verse>
				<verse number="22">۽ اهو ناپاڪ ماڻهو جنهن شيءِ کي ڇهندو سا شيءِ ناپاڪ ٿيندي؛ ۽ جيڪو ماڻهو انهيءَ شيءِ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="20">
				<verse number="1">پوءِ بني اسرائيل جي ساري جماعت، پهرئين مهيني ۾ صين جي بيابان ۾ آئي؛ ۽ ماڻهو قادس ۾ رهي پيا؛ ۽ مريم اتي وفات ڪئي، ۽ اتي ئي دفن ڪئي ويئي.</verse>
				<verse number="2">اتي جماعت جي لاءِ پاڻي ڪونہ هو: ۽ ماڻهو موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف اچي گڏ ٿيا.</verse>
				<verse number="3">۽ ماڻهو موسيٰ سان وڙهڻ لڳا، ۽ چيائونس تہ جڏهن اسان جا ڀائر خداوند جي حضور ۾ مري ويا تڏهن اسين بہ مري وڃون ها تہ چڱو هو!</verse>
				<verse number="4">ڇو اوهان خداوند جي جماعت کي هن بيابان ۾ آندو آهي، تہ اسين ۽ اسان جو چوپايو مال سڀ هتي مرون؟</verse>
				<verse number="5">ڇو اوهان اسان کي مصر مان ڪڍي هن خراب هنڌ آندو آهي؟ هيءَ زمين پوک جي يا انجيرن، يا ڊاک جي، يا ڏاڙهن جي لائق آهي ڇا؟ هتي تہ پيئڻ لاءِ پاڻي بہ ڪونهي.</verse>
				<verse number="6">تڏهن موسيٰ ۽ هارون جماعت وٽان نڪري جماعت واري تنبوءَ جي در تي آيا، ۽ منهن ڀر ڪري سجدو ڪيائون: ۽ خداوند جو جلال مٿن ظاهر ٿيو.</verse>
				<verse number="7">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="8">لٺ کڻ، ۽ تون ۽ تنهنجو ڀاءُ هارون جماعت کي گڏ ڪري، هنن جي روبرو ٽڪر کي چئو تہ اهو پنهنجو پاڻي ڏي؛ تون انهي ٽڪر مان هنن جي لاءِ پاڻي ڪڍندين: انهيءَ طرح تون جماعت ۽ سندن چوپائي مال کي پيئڻ لاءِ پاڻي ڏيندين.</verse>
				<verse number="9">۽ موسيٰ خداوند جي حضور مان سندس حڪم موجب اها لٺ کنئي.</verse>
				<verse number="10">پوءِ موسيٰ ۽ هارون انهي ٽڪر جي سامهون جماعت کي گڏ ڪيو، ۽ انهن کي چيائين تہ، اي فسادي ماڻهو، هاڻي اوهين ٻڌو؛ اسين اوهان جي لاءِ هن ٽڪر مان پاڻي ڪڍون ڇا؟</verse>
				<verse number="11">پوءِ موسيٰ پنهنجو هٿ ڊگهيري ٻہ ڀيرا ٽڪر تي پنهنجي لٺ هنئي: تہ بي انداز پاڻي نڪري آيو، ۽ جماعت ۽ سندن مال پيتو.</verse>
				<verse number="12">پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي چيو تہ، اوهان مون تي اعتقاد نہ رکيو، ۽ اوهان بني اسرائيل جي نظر ۾ منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي، تنهنڪري اوهين هن جماعت کي انهي ملڪ ۾ ڪين پهچائيندا جيڪو مون هنن کي ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="13">اهوئي مريبا جو چشمو آهي؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل خداوند سان جهيڙو ڪيو، ۽ هو منجهن پاڪ ثابت ٿيو.</verse>
				<verse number="14">پوءِ موسيٰ قادس مان ادوم جي بادشاهہ کي ايلچين جي معرفت چوائي موڪليو، تہ تنهنجو ڀاءُ اسرائيل هيئن ٿو چوي، تہ جيڪي مصيبتون اسان تي آيون آهن تن جي توکي خبر آهي:</verse>
				<verse number="15">تہ ڪهڙيءَ طرح اسان جا ابا ڏاڏا مصر ۾ ويا، ۽ اسين گهڻيءَ مدت تائين مصر ۾ رهياسين؛ ۽ مصرين اسان سان، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن سان خراب هلت ڪئي:</verse>
				<verse number="16">پر اسان خداوند جي حضور ۾ دانهون ڪيون، تڏهن هن اسان جي دانهن ٻڌي، ۽ هڪڙي فرشتي کي موڪلي اسان کي مصر مان ڪڍيائين: ۽ ڏس، اسين قادس ۾ آهيون، جو شهر تنهنجيءَ سرحد جي ڇيڙي تي آهي:</verse>
				<verse number="17">آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ تون اسان کي پنهنجي ملڪ مان لنگهڻ ڏي: اسين ٻنين يا ڊاک جي منهہ مان نہ لنگهنداسين، نڪي اسين کوهن جو پاڻي پيئنداسين: اسين شاهي رستو وٺي هليا وينداسين، ۽ جيستائين اسين تنهنجيءَ سرحد کان ٻاهر وينداسين، تيستائين اسين نڪي ساڄي پاسي ڦرنداسين نڪي کٻي پاسي.</verse>
				<verse number="18">پر ادوم جي بادشاهہ هن کي چيو تہ تون منهنجي ملڪ مان متان لنگهين، نہ تہ آءٌ ترار کڻي تنهنجي مقابلي لاءِ نڪرندس.</verse>
				<verse number="19">تڏهن بني اسرائيل هن کي چيو تہ اسين سڙڪ ئي سڙڪ ڏيئي هليا وينداسين، ۽ جي اسان ۽ اسان جي مال تنهنجو پاڻي پيتو، تہ اسين انهي جو ملهہ ڏينداسين: اسين ٻيو ڪجهہ بہ نٿا گهرون، رڳو اسان کي پنهنجي پيرين لنگهي وڃڻ ڏي.</verse>
				<verse number="20">تنهن تي هن چيو، تہ هرگز متان لنگهين. پوءِ ادوم جو بادشاهہ گهڻا ماڻهو ساڻ ڪري، هٿيار کڻي هن تي ڪاهي آيو.</verse>
				<verse number="21">انهيءَ طرح ادوم جي بادشاهہ اسرائيل کي پنهنجيءَ حد مان لنگهڻ کان منع ڪئي: تنهنڪري اسرائيلي هن کان ڦري ٻئي پاسي ويا.</verse>
				<verse number="22">پوءِ اهي قادس مان روانا ٿيا: ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت هور جبل وٽ آئي.</verse>
				<verse number="23">۽ خداوند هور وٽ ادوم جي سرحد جي ڀر ۾، موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ کين چيائين، تہ</verse>
				<verse number="24">هارون پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبو: ۽ جيڪو ملڪ مون بني اسرائيل کي ڏنو آهي، تنهن ۾ هو داخل ڪين ٿيندو، ڇالاءِ جو اوهان مريبہ جي چشمي وٽ منهنجي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو.</verse>
				<verse number="25">سو تون، هارون ۽ سندس پٽ اليعزر کي پاڻ سان وٺي هور جبل تي آڻ:</verse>
				<verse number="26">۽ هارون جا ڪپڙا لاهي، سندس پٽ اليعزر کي ڍڪاءِ: ۽ هارون اتي مرندو ۽ وڃي پنهنجن وڏن سان گڏبو.</verse>
				<verse number="27">سو موسيٰ خداوند جي حڪم موجب ڪيو: ۽ هو ساري جماعت جي ڏسندي هور جبل تي چڙهي ويا.</verse>
				<verse number="28">۽ موسيٰ هارون جا ڪپڙا لاهي، سندس پٽ اليعزر کي ڍڪيا؛ ۽ هارون اتي ئي جبل جي چوٽيءَ تي وفات ڪئي: ۽ موسيٰ ۽ اليعزر جبل تان هيٺ لهي آيا.</verse>
				<verse number="29">۽ جڏهن ساريءَ جماعت ڏٺو تہ هارون مري ويو، تڏهن انهن، يعني اسرائيل جي سڄي گهراڻي هارون لاءِ ٽيهہ ڏينهن ماتم ڪيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="21">
				<verse number="1">هاڻي عراد جو بادشاهہ، جو ڪنعاني هو، ۽ ڏکڻ ۾ رهندو هو، تنهن جڏهن ٻڌو تہ اسرائيلي اٿاريم جي رستي آيا آهن؛ تڏهن هو اسرائيلين سان وڙهيو، ۽ انهن مان ڪن کي قيد ڪيائين.</verse>
				<verse number="2">تڏهن اسرائيلين خداوند جي حضور ۾ هڪڙي مڃت مڃي، ۽ چيائون تہ جي تون سچ پچ هنن ماڻهن کي اسان جي هٿن ۾ گرفتار ڪرائيندين، تہ اسين هنن جا شهر بلڪل برباد ڪري ڇڏينداسين.</verse>
				<verse number="3">۽ خداوند اسرائيلين جي دانهن ٻڌي ۽ ڪنعانين کي گرفتار ڪرايائين؛ ۽ هنن اُنهن کي ۽ انهن جي شهرن کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيو: ۽ انهي هنڌ جو نالو حرمہ پئجي ويو.</verse>
				<verse number="4">پوءِ اهي هور جبل کان ڳاڙهي سمنڊ جي رستي روانا ٿيا، انهي لاءِ تہ ادوم جي سرحد جي ٻاهران ڦيرو ڏيئي لنگهي وڃن: پر اهي ماڻهو انهي ڊگهي رستي جي ڪري دل شڪستہ ٿي پيا.</verse>
				<verse number="5">۽ ماڻهو خدا جي، ۽ موسيٰ جي برخلاف چوڻ لڳا، تہ ڇو اوهان اسان کي مصر مان ڪڍي هن بيابان ۾ مرڻ جي لاءِ آندو آهي؟ هتي نہ ماني آهي، نہ پاڻي آهي؛ ۽ اسان جي جيءَ کي هن هلڪيءَ مانيءَ کان نفرت ٿي اچي.</verse>
				<verse number="6">تڏهن خداوند انهن ماڻهن ۾ تمام زهريلا نانگ موڪليا، جن ماڻهن کي ڏنگيو؛ ۽ اسرائيلين مان گهڻا ماڻهو مري ويا.</verse>
				<verse number="7">تڏهن ماڻهن موسيٰ وٽ اچي چيو، تہ اسان گناهہ ڪيو آهي، ڇالاءِ جو اسان خداوند جي، ۽ تنهنجي برخلاف ڳالهايو آهي؛ هاڻي تون خداوند کان دعا گهر تہ هو اسان جي وچ مان نانگ ڪڍي، ۽ موسيٰ ماڻهن جي لاءِ دعا گهري.</verse>
				<verse number="8">تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو، تہ تون هڪڙو زهريلو نانگ جوڙي هڪڙي ڊگهيءَ ڪاٺيءَ تي لٽڪاءِ: ۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪو بہ نانگ جو ڏنگيل اُنهي کي ڏسندو سو جيئرو رهندو.</verse>
				<verse number="9">سو موسيٰ هڪڙو پتل جو نانگ جوڙيو، ۽ انهي کي هڪڙي ڊگهيءَ ڪاٺيءَ تي لٽڪايائين: ۽ هيئن ٿيو، تہ جنهن ماڻهوءَ کي نانگ ڏنگيو ٿي، تنهن جڏهن پتل جي نانگ ڏانهن ٿي نهاريو، تہ جيئرو ٿي رهيو.</verse>
				<verse number="10">پوءِ بني اسرائيل اتان روانا ٿيا، ۽ اوبوت ۾ وڃي منزل ڪيائون.</verse>
				<verse number="11">۽ وري اوبوت مان ڪوچ ڪري، عئي عباريم ۾ اچي تنبو کوڙيائون، جو موآب جي سامهون اڀرندي پاسي بيابان ۾ آهي.</verse>
				<verse number="12">پوءِ اتان بہ اڳتي هليا، ۽ زرد جي ماٿري ۾ اچي منزل ڪيائون.</verse>
				<verse number="13">وري اتان روانا ٿي، ارنون نديءَ جي پرينءَ ڀر وڃي منزل ڪيائون، هيءَ ارنون ندي امورين جي سرحد وٽان نڪري بيابان ۾ ٿي وهي: ۽ امورين ۽ موآبين جي ملڪ جي وچ ۾ آهي، ۽ موآب جي سرحد آهي.</verse>
				<verse number="14">انهي ڪري خداوند جي جنگ نامي ۾ هيئن چيل آهي تہ، واهيب جو سوفہ ۾ آهي، ۽ ارنون جون ماٿريون.</verse>
				<verse number="15">۽ انهن ماٿرين جي سلامي عار شهر تائين، بلڪ موآب جي سرحد تائين ٿي پهچي.</verse>
				<verse number="16">وري انهن اتان ڪوچ ڪيو ۽ بير وٽ آيا: هي اهو کوهہ آهي، جتي خداوند موسيٰ کي چيو، تہ ماڻهن کي گڏ ڪر تہ آءٌ کين پاڻي ڏيان.</verse>
				<verse number="17">تڏهن اسرائيلين هي گيت ڳايو: اڙي کوهہ پنهنجو چشمو کول؛ اوهين انهيءَ بابت گيت ڳايو:</verse>
				<verse number="18">هي اهو کوهہ آهي، جو سردارن کوٽيو، جنهن کي اُمت جي اميرن شاهي حڪم سان، چوب ۽ پنهنجين لٺين سان بنايو. پوءِ هو بيابان مان ڪوچ ڪري متنہ ۾ آيا.</verse>
				<verse number="19">۽ متنہ مان نحلي ايل ۾: ۽ نحلي ايل مان بامات ۾ آيا:</verse>
				<verse number="20">۽ بامات مان روانا ٿيا، ۽ موآب جي ميدان ۾، جا ماٿري آهي، تنهن ۾ پسگہ جي چوٽيءَ تي آيا، جتان هيٺ رڻ پٽ پيو ڏسجي.</verse>
				<verse number="21">تڏهن اسرائيلين امورين جي بادشاهہ سيحون کي ايلچين جي معرفت چوائي موڪليو، تہ</verse>
				<verse number="22">اسان کي پنهنجي ملڪ مان لنگهڻ ڏي: اسين ٻنين يا ڊاک جي منهہ ڏانهن ڪين لڙنداسين؛ اسين کوهن جو پاڻي بہ ڪين پيئنداسين: اسين شاهي رستو ڏيئي هليا وينداسين، جيسين ڪ تنهنجيءَ حد مان لنگهي وڃون.</verse>
				<verse number="23">پر سيحون اسرائيلين کي پنهنجي حد مان لنگهڻ نہ ڏنو: پر سيحون پنهنجا سڀ ماڻهو گڏ ڪري، اسرائيلين جي مقابلي لاءِ بيابان ۾ آيو، ۽ يهض ۾ اچي اسرائيلين سان جنگ ڪيائين.</verse>
				<verse number="24">۽ اسرائيلين هن کي ترار جي ڌار سان ماريو، ۽ ارنون کان وٺي يبوق تائين جتي بني امون جي سرحد آهي؛ اوستائين هن جي ملڪ تي قبضو ڪيائون: ڇالاءِ جو بني امون جي سرحد مضبوط هئي.</verse>
				<verse number="25">۽ اسرائيلين اهي سڀ شهر ورتا: ۽ اسرائيلي امورين جي سڀني شهرن ۾، يعني حسبون ۾ ۽ انهي جي آس پاس وارن ٻين شهرن ۾ رهي پيا.</verse>
				<verse number="26">هاڻي حسبون امورين جي بادشاهہ سيحون جو شهر هو، جنهن موآب جي اڳوڻي بادشاهہ سان وڙهي، ارنون تائين هن جو سارو ملڪ سندس هٿان کسي ورتو هو.</verse>
				<verse number="27">انهي ڪري پهاڪا ٻڌائڻ وارا چوندا آهن تہ، اوهين حبسون ۾ اچو، ڀلي تہ سيحون جو شهر ٻڌجي ۽ قائم ٿئي:</verse>
				<verse number="28">ڇالاءِ جو حسبون مان هڪڙي باهہ نڪتي آهي، سيحون جي شهر مان هڪڙو شعلو هليو آهي: اهو موآب جي شهر عار، ۽ ارنون جي مٿانهين جاين کي ڳهي ويو آهي.</verse>
				<verse number="29">اي موآب، توسان ويل آهي! اي ڪموس جي اُمت، تون چٽ ٿي آهين: هن پنهنجا پٽ ڀڄائي ڇڏيا، ۽ پنهنجون ڌيون قيدي ڪري، امورين جي بادشاهہ سيحون کي ڏنيون.</verse>
				<verse number="30">اسان هنن تي تير هنيا آهن؛ ۽ حسبون ديبون تائين تباهہ ٿي ويو آهي، اسان ملڪ کي نفع تائين ويران ڪيو آهي، اهو نفع، جو ميدبا تائين آهي.</verse>
				<verse number="31">انهيءَ طرح اسرائيلي امورين جي ملڪ ۾ رهڻ لڳا.</verse>
				<verse number="32">۽ موسيٰ يعزير شهر جي جاسوسيءَ لاءِ ماڻهو موڪليا، ۽ هنن انهي جا شهر وڃي هٿ ڪيا، ۽ جيڪي اموري اتي هئا، تن کي هڪالي ڪڍيائون.</verse>
				<verse number="33">تنهن کان پوءِ هو اُتان ڦيرو کائي، بسن ڏانهن ويا: ۽ بسن جو بادشاهہ عوج، پنهنجن سڀني ماڻهن سميت هنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ ادرعيءَ ۾ ويو.</verse>
				<verse number="34">تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو، تہ هن کان نہ ڊڄ: ڇالاءِ جو مون هن کي، ۽ سندس سڀني ماڻهن کي، ۽ سندس سڄي ملڪ کي تنهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي؛ تون هن سان بہ ائين ئي ڪر، جيئن تو امورين جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو، جو حسبون ۾ رهندو هو.</verse>
				<verse number="35">سو هنن انهي کي، ۽ سندس پٽن کي، ۽ سندس ساري قوم کي، اهڙو ماريو، جو هن جو هڪڙو ماڻهو بہ ڪونہ بچيو: ۽ هنن انهي جو ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="22">
				<verse number="1">پوءِ بني اسرائيل اڳتي هليا ۽ يردن جي پرئين ڀر، موآب جي ميدان ۾، يريحو شهر جي سامهون اچي منزل ڪيائون.</verse>
				<verse number="2">هاڻي اسرائيلين جيڪي امورين سان ڪيو هو، سو سڀ صفور جي پٽ بلق ڏٺو هو.</verse>
				<verse number="3">۽ موآبي هنن ماڻهن کان ڏاڍا ڊنا، ڇالاءِ جو هو گهڻا هئا: سو موآبي، بني اسرائيل جي ڪري ڏاڍا پريشان ٿيڻ لڳا.</verse>
				<verse number="4">تڏهن موآبين، مديان جي بزرگن کي چيو تہ هيءَ جماعت، جيڪي بہ اسان جي آس پاس آهي، سو ائين کائي ويندي، جيئن ڏاند ٻنيءَ جو گاهہ کائي ويندو آهي. ۽ صفور جو پٽ بلق انهي وقت موآب جو بادشاهہ هو.</verse>
				<verse number="5">۽ هن بعور جي پٽ بلعام ڏانهن فتور ۾ قاصد موڪليا، جو نديءَ جي ڪناري تي سندس قوم جو ملڪ آهي، انهي لاءِ تہ انهي کي هيئن چئي سڏي اچن، تہ ڏس، هڪڙي قوم مصر مان نڪري آئي آهي: هنن زمين جي سطح کي ڍڪي ڇڏيو آهي، ۽ هاڻي منهنجي سامهون اچي منزل ڪئي اٿن:</verse>
				<verse number="6">هو مون کان گهڻو زور وارا آهن: تنهنڪري آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هاڻي اچي منهنجي خاطر انهن ماڻهن کي لعنت ڪر: تہ من آءٌ مٿن غالب پوان، ۽ کين ماري، هن ملڪ مان هڪالي ڪڍان: ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ جنهن کي تون برڪت ٿو ڏين سو برڪت وارو ٿو ٿئي، ۽ جنهن کي تون لعنت ٿو ڪرين سو لعنتي ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="7">سو موآب ۽ مديان جا بزرگ غيب گوئيءَ جا انعام پاڻ سان کڻي روانا ٿيا؛ ۽ بلعام وٽ اچي کيس بلق جو پيغام پهچايائون.</verse>
				<verse number="8">۽ هن کين چيو تہ اوهين اڄ رات هتي ٽڪي پئو، پوءِ جيڪي خداوند مون کي فرمائيندو انهي موجب آءٌ اوهان کي جواب ڏيندس. سو موآب جا سردار بلعام وٽ ٽڪي پيا.</verse>
				<verse number="9">۽ خدا بلعام وٽ اچي چيو تہ تو وٽ هي ڪهڙا ماڻهو آيا آهن؟</verse>
				<verse number="10">۽ بلعام خدا کي چيو، تہ صفور جي پٽ بلق، موآب جي بادشاهہ مون کي چوائي موڪليو آهي تہ</verse>
				<verse number="11">ڏس، جيڪا قوم مصر مان نڪري آئي آهي، تنهن زمين جي سطح کي ڍڪي ڇڏيو آهي، هاڻي تون اچي انهن کي لعنت ڪر؛ تہ من آءٌ هنن سان وڙهي سگهان، ۽ کين هڪالي ڪڍان.</verse>
				<verse number="12">تڏهن خدا بلعام کي چيو، تہ تون هنن سان نہ وڃ؛ نڪي انهن ماڻهن کي لعنت ڪج: ڇالاءِ جو اهي برڪت وارا آهن.</verse>
				<verse number="13">سو بلعام صبح جو اُٿي بلق جي سردارن کي چيو تہ اوهين پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي وڃو: ڇالاءِ جو خداوند مون کي اوهان سان هلڻ لاءِ موڪل نٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="14">تڏهن موآب جا سردار روانا ٿيا ۽ بلق وٽ اچي چيائونس، تہ بلعام اسان سان اچڻ کان انڪار ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="15">تنهن تي بلق وري ٻيا سردار موڪليا، جي اڳين کان گهڻا ۽ وڌيڪ آبرودار هئا.</verse>
				<verse number="16">انهن بلعام وٽ اچي کيس چيو، تہ صفور جو پٽ بلق هيئن ٿو چوي، تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ تون ڪنهن بہ سبب ڪري مون وٽ اچڻ کان روڪجي نہ ويهہ؛</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجو مرتبو وڌائيندس، ۽ جيئن تون مون کي چوندين تيئن ڪندس: تنهنڪري آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ اچي هنن ماڻهن کي لعنت ڪر.</verse>
				<verse number="18">تڏهن بلعام بلق جي نوڪرن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ جيڪڏهن بلق پنهنجو گهر، چانديءَ ۽ سون سان ڀري مون کي ڏئي، تہ بہ آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي حڪم کان ٻاهر وڃي ڪين سگهندس، ۽ نڪي انهي کان گهٽ يا وڌ ڪندس.</verse>
				<verse number="19">سو هاڻي اوهين بہ ڀلائي ڪري اڄوڪي رات هتي ٽڪي پئو، تہ آءٌ معلوم ڪريان تہ خداوند مون کي وڌيڪ ڇا ٿو چوي.</verse>
				<verse number="20">پوءِ خدا رات جو بلعام وٽ آيو ۽ چيائينس تہ، جيڪڏهن اهي ماڻهو توکي سڏڻ آيا آهن، تہ تون اُٿي انهن سان وڃ، پر جيڪا ڳالهہ آءٌ توکي چوان، سا ئي تون ڪج.</verse>
				<verse number="21">سو بلعام صبح جو اُٿيو ۽ پنهنجيءَ گڏهہ تي زين رکي، موآب جي سردارن سان گڏجي روانو ٿيو.</verse>
				<verse number="22">۽ هن جي وڃڻ ڪري خداوند کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي: ۽ خداوند جو فرشتو هن جي مخالفت لاءِ اچي رستي تي بيٺو. هاڻي هو گڏهہ تي چڙهيل هو، ۽ سندس ٻہ نوڪر ساڻس گڏ هئا.</verse>
				<verse number="23">۽ گڏهہ خداوند جي فرشتي کي هٿ ۾ ترار کڻي رستي تي بيٺل ڏٺو: تڏهن گڏهہ رستي کان مُڙي ٻنيءَ ۾ وڃڻ لڳي، پر بلعام گڏهہ کي ڦيرائي رستي تي آڻڻ لاءِ مارڻ لڳو.</verse>
				<verse number="24">تنهن تي خداوند جو فرشتو ڊاک جي منهہ جي وچ ۾، هڪڙي هيٺانهين رستي تي اچي بيٺو، جتي هن جي ٻنهي پاسن کان واڙ هئي.</verse>
				<verse number="25">۽ گڏهہ خداوند جي فرشتي کي ڏسي واڙ سان وڃي لڳي، ۽ بلعام جو پير واڙ سان ڇلي ڇڏيائين: تنهن تي هن وري بہ گڏهہ کي ماريو.</verse>
				<verse number="26">پوءِ خداوند جو فرشتو وري اڳڀرو وڃي، هڪڙي سوڙهي هنڌ بيٺو، جتي نہ ساڄي پاسي مُڙڻ جي جاءِ هئي نہ کٻي پاسي.</verse>
				<verse number="27">۽ گڏهہ خداوند جي فرشتي کي ڏسي، بلعام سوڌو ويهي رهي: تنهن تي بلعام کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ هن گڏهہ کي پنهنجيءَ لٺ سان ماريو.</verse>
				<verse number="28">تڏهن خداوند گڏهہ جو وات کوليو، ۽ هن بلعام کي چيو، تہ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي، جو تو ٽي ڀيرا مون کي ماريو آهي؟</verse>
				<verse number="29">۽ بلعام گڏهہ کي چيو، تہ هن ڪري تہ تو مون سان چرچو ڪيو آهي: جي منهنجي هٿ ۾ ترار هجي ها، تہ جيڪر هتي جو هتي تو کي ماري وجهان ها.</verse>
				<verse number="30">تڏهن گڏهہ بلعام کي چيو، تہ آءٌ تنهنجي گڏهہ ناهيان ڇا جنهن تي تو پنهنجي سڄي ڄمار اڄ ڏينهن تائين سواري ڪئي آهي؟ ڪڏهن اڳي بہ مون تو سان ائين ڪيو آهي؟ هن چيو تہ نہ.</verse>
				<verse number="31">تڏهن خداوند بلعام جون اکيون کوليون، ۽ هن خدا جي فرشتي کي هٿ ۾ اُگهاڙي ترار کڻي رستي تي بيٺل ڏٺو، تنهن تي هن پنهنجو ڪنڌ جهڪائي، سجدو ڪيو.</verse>
				<verse number="32">۽ خداوند جي فرشتي هن کي چيو، تہ ڇو تو پنهنجيءَ گڏهہ کي ٽي ڀيرا ماريو؟ ڏس، آءٌ تنهنجي مخالفت لاءِ آيو آهيان، ڇالاءِ جو تنهنجي هلت منهنجيءَ نظر ۾ ڏنگي آهي:</verse>
				<verse number="33">۽ گڏهہ مون کي ڏسي ٽي ڀيرا منهنجي اڳيان مُڙي ويئي: ۽ جي هوءَ ٽي ڀيرا منهنجي اڳيان مڙي نہ وڃي ها، تہ ضرور آءٌ تو کي ماري وجهان ها، ۽ هن کي جيئرو ڇڏيان ها.</verse>
				<verse number="34">تڏهن بلعام خداوند جي فرشتي کي چيو، تہ مون گناهہ ڪيو آهي؛ ڇالاءِ جو مون کي خبر ڪانہ هئي تہ تون منهنجيءَ مخالفت ۾ رستي تي بيٺو آهين: سو هاڻي، جيڪڏهن تون خوش نہ هجين تہ آءٌ موٽي ويندس.</verse>
				<verse number="35">پر خداوند جي فرشتي بلعام کي چيو، تہ تون ڀلي انهن ماڻهن سان وڃ: پر جيڪا ڳالهہ آءٌ توکي چوان سا ئي تون ٻڌائج. سو بلعام بلق جي سردارن سان گڏجي ويو.</verse>
				<verse number="36">۽ جڏهن بلق ٻڌو تہ بلعام آيو آهي، تڏهن هن جي استقبال لاءِ موآب جي انهي شهر تائين ويو، جو ارنون جي حد تي، هن جي سرحد جي ڏورانهين ڀاڱي ۾ آهي.</verse>
				<verse number="37">۽ بلق بلعام کي چيو، تہ مون توکي تاڪيد سان نہ گهرايو هو ڇا؟ پوءِ ڇو تون مون وٽ هليو نہ آئين؟ آءٌ سچ پچ تنهنجو مرتبو وڌائي نٿو سگهان ڇا؟</verse>
				<verse number="38">تڏهن بلعام بلق کي چيو تہ ڏس، آءٌ تو وٽ آيو آهيان: پر مون کي ايتري مجال نہ آهي جو جيڪي وڻيم سو چوان؟ جيڪا ڳالهہ خدا مون کي چوندو، سا ئي آءٌ ٻڌائيندس.</verse>
				<verse number="39">پوءِ بلعام بلق سان گڏ روانو ٿيو، ۽ اهي قريت حصات ۾ آيا.</verse>
				<verse number="40">۽ بلق ڍڳن ۽ رڍن جي قرباني ڪئي، ۽ اها بلعام وٽ، ۽ هن سان گڏ جيڪي سردار هئا تن وٽ موڪليائين.</verse>
				<verse number="41">۽ صبح جو هيئن ٿيو، جو بلق بلعام کي پاڻ سان وٺي، بعل جي مٿانهين جاين تي آيو، ۽ اتان هن اسرائيل جي سڄي قوم کي ڏٺو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="23">
				<verse number="1">پوءِ بلعام بلق کي چيو تہ، هتي منهنجي لاءِ ست قربانگاهون جوڙاءِ، ۽ هتي منهنجي لاءِ ست وهڙا ۽ ست گهٽا تيار ڪر.</verse>
				<verse number="2">سو بلق ائين ئي ڪيو جيئن بلعام چيو؛ ۽ بلق ۽ بلعام هرهڪ قربانگاهہ تي هڪڙي وهڙي ۽ هڪڙي گهٽي جي قرباني چاڙهي.</verse>
				<verse number="3">پوءِ بلعام بلق کي چيو، تہ تون هتي پنهنجي سوختني قربانيءَ وٽ بيهہ، تہ آءٌ وڃان؛ شايد خداوند مون کي گڏجڻ لاءِ اچي: ۽ جيڪي هو مون تي ظاهر ڪندو سو آءٌ توکي ٻڌائيندس. ۽ هو هڪڙيءَ ويران ٽڪريءَ تي چڙهي ويو.</verse>
				<verse number="4">۽ خدا بلعام کي گڏيو: ۽ هن چيس، تہ مون ست قربانگاهون تيار ڪيون آهن، ۽ هرهڪ قربانگاهہ تي هڪڙي وهڙي ۽ هڪڙي گهٽي جي قرباني چاڙهي اٿم.</verse>
				<verse number="5">تڏهن خداوند بلعام کي هڪڙي ڳالهہ ٻڌائي، ۽ چيائينس، تہ بلق وٽ موٽي وڃ ۽ هيئن وڃي چويس.</verse>
				<verse number="6">تنهن تي هو انهي وٽ موٽي آيو، ۽ ڏسي تہ هو پنهنجيءَ سوختني قرباني جي ڀر ۾ بيٺو آهي، ۽ موآب جا سڀ سردار بہ ساڻس گڏ آهن.</verse>
				<verse number="7">تڏهن هن مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪئي، ۽ چوڻ لڳو تہ: موآب جي بادشاهہ مون کي سوريہ مان گهرايو، يعني اُڀرندي وارن جبلن مان گهرايو آهي: تہ اچي منهنجي خاطر يعقوب کي لعنت ڪر، ۽ اچي اسرائيل جي حقارت ڪر.</verse>
				<verse number="8">پر آءٌ ڪيئن انهي کي لعنت ڪريان، جنهن کي خداوند لعنت نہ ڪئي آهي؟ آءٌ ڪيئن انهي جي حقارت ڪريان، جنهن جي خداوند حقارت نہ ڪئي آهي؟</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو جبلن جي چوٽيءَ تان آءٌ هن کي ڏسان ٿو، ۽ ٽڪرين تان منهنجي هن تي نظر ٿي پوي: ڏس، هيءَ اُها اُمت آهي جا اڪيلي ٿي رهي، ۽ ٻين قومن ۾ شمار نہ ڪئي ويندي.</verse>
				<verse number="10">ڪير يعقوب جي مٽيءَ جا ذرا ڳڻي سگهندو، يا ڪير اسرائيل جي چوٿين حصي جو شمار ڪري سگهندو؟ شل آءٌ راستبازن وارو موت مران، شل منهنجي پڇاڙي انهن جهڙي ٿئي!</verse>
				<verse number="11">تڏهن بلق بلعام کي چيو تہ هي تو مون سان ڇا ڪيو؟ مون تو کي پنهنجن دشمنن تي لعنت ڪرڻ لاءِ آندو آهي، پر ڏس تو تہ انهن کي برڪت ئي برڪت ڏني آهي.</verse>
				<verse number="12">۽ هن ورندي ڏيئي چيو، تہ مون کي انهي ڳالهہ جو خيال نہ ڪرڻ گهرجي ڇا تہ جيڪي خداوند مون کي ٻڌايو آهي سو ئي ٻڌايان؟</verse>
				<verse number="13">تڏهن بلق هن کي چيو، تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ هاڻي مون سان گڏجي، ٻئي هنڌ هل، جتان تون انهن سڀني کي ڏسي ڪين سگهندين؛ پر تون انهن جو رڳو پويون ڀاڱو ڏسندين: اتان منهنجي خاطر انهن کي لعنت ڪج.</verse>
				<verse number="14">سو هو کيس ضوفيم جي ميدان ۾، پسگہ جي چوٽيءَ تي وٺي ويو، ۽ اتي ست قربانگاهون جوڙيائين، ۽ هرهڪ قربانگاهہ تي هڪڙي وهڙي ۽ هڪڙي گهٽي جي قرباني چاڙهيائين.</verse>
				<verse number="15">۽ هن بلق کي چيو تہ تون هتي پنهنجيءَ سوختني قربانيءَ وٽ بيهہ، تہ آءٌ هُتي وڃي خداوند کي گڏجان.</verse>
				<verse number="16">۽ خداوند بلعام کي گڏيو، ۽ هن کي هڪڙي ڳالهہ ٻڌايائين، ۽ چيائينس تہ بلق وٽ موٽي وڃ، ۽ هيئن وڃي چويس.</verse>
				<verse number="17">تنهن تي هو انهي وٽ موٽي آيو، ۽ ڏسي تہ هو پنهنجيءَ سوختني قربانيءَ جي ڀر ۾ بيٺو آهي، ۽ موآب جا سڀ سردار بہ ساڻس گڏ آهن. ۽ بلق هن کي چيو، تہ خداوند ڇا فرمايو آهي؟</verse>
				<verse number="18">تڏهن هن مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪئي ۽ چوڻ لڳو تہ، اُٿ اي بلق ۽ ٻڌ: اي صفور جا پٽ مون ڏانهن ڪن ڏي:</verse>
				<verse number="19">خدا ماڻهو ناهي، جو ڪوڙ ڳالهائي؛ نہ آدمزاد آهي، جو پڇتائي: جيڪي هن چيو آهي، سو پورو نہ ڪندو ڇا؟ يا جيڪي هن فرمايو آهي، سو پورو نہ ڪندو ڇا؟</verse>
				<verse number="20">ڏس مون کي حڪم مليو آهي تہ برڪت ڏيان: هن برڪت ڏني آهي، انهيءَ کي آءٌ بدلائي نٿو سگهان.</verse>
				<verse number="21">هن يعقوب ۾ ڪا بڇڙائي ڪانہ ڏٺي آهي، نڪي اسرائيل ۾ ڪا خرابي ڏٺي اٿس: خداوند هن جو خدا، هن سان آهي، ۽ بادشاهہ جي للڪار هنن منجهہ آهي.</verse>
				<verse number="22">خدا هنن کي مصر مان ڪڍي آندو آهي؛ هنن ۾ ڄڻ جهنگلي سان جهڙو زور آهي.</verse>
				<verse number="23">يقين آهي تہ يعقوب تي ڪو جادو ڪونہ هلندو، نڪي اسرائيل تي ڪنهن فال جو اثر ٿيندو: بلڪ يعقوب ۽ اسرائيل جي نسبت ۾ هاڻي ائين چوڻ ۾ ايندو، تہ خدا ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا!</verse>
				<verse number="24">ڏس، هيءَ قوم شينهڻ وانگر اُٿي ٿي، ۽ شينهن وانگي پاڻ کي کڙو ٿي ڪري: هوءَ تيسين ڪين سمهندي، جيسين شڪار مان ڪجهہ نہ کائي، ۽ مقتول جو رت نہ پيئي.</verse>
				<verse number="25">تڏهن بلق بلعام کي چيو، تہ تون انهن تي اصل لعنت نہ ڪر ۽ نڪي انهن کي برڪت ڏي.</verse>
				<verse number="26">پر بلعام ورندي ڏيئي بلق کي چيو تہ مون توکي چيو ڪين هو تہ جيڪي خداوند مون کي فرمائيندو، سو ئي آءٌ ڪندس؟</verse>
				<verse number="27">تڏهن بلق بلعام کي چيو تہ هاڻي اچ تہ آءٌ تو کي ٻئي هنڌ وٺي هلان تہ من خدا راضي ٿئي، ۽ اتان تون منهنجي خاطر انهن کي لعنت ڪرين.</verse>
				<verse number="28">پوءِ بلق بلعام کي فعور جي چوٽيءَ تي وٺي ويو، جتان هيٺ بيابان تي نظر پئجي ٿي سگهي.</verse>
				<verse number="29">۽ بلعام بلق کي چيو، تہ منهنجي لاءِ ست قربانگاهون جوڙاءِ، ۽ هتي منهنجي لاءِ ست وهڙا ۽ ست گهٽا تيار ڪر.</verse>
				<verse number="30">سو بلق ائين ئي ڪيو، جيئن بلعام چيس، ۽ هرهڪ قربانگاهہ تي هڪڙي وهڙي ۽ هڪڙي گهٽي جي قرباني چاڙهيائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="24">
				<verse number="1">جڏهن بلعام ڏٺو تہ خداوند جي مرضي آهي تہ آءٌ اسرائيل کي برڪت ڏيان، تڏهن هو ٻين وقتن وانگر فال ڪڍڻ ڪين ويو، پر بيابان ڏانهن منهن ڪري هليو ويو.</verse>
				<verse number="2">۽ بلعام پنهنجون اکيون مٿي کنيون ۽ اسرائيلين کي پنهنجن قبيلن موجب رهندو ڏٺائين؛ اتي خدا جو روح مٿس نازل ٿيو.</verse>
				<verse number="3">تڏهن هن مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪئي ۽ چوڻ لڳو: بعور جو پٽ بلعام چوي ٿو، يعني جنهن ماڻهوءَ جي اک پوريل هئي، سو چوي ٿو:</verse>
				<verse number="4">جيڪو خدا جو ڪلام ٻڌي ٿو، ۽ سجدي ۾ ليٽي، کليل اکين سان قادر مطلق جي رويا ٿو ڏسي، سو چوي ٿو تہ:</verse>
				<verse number="5">اي يعقوب، تنهنجا تنبو، ۽ اي اسرائيل، تنهنجا خيما ڪهڙا نہ چڱا آهن!</verse>
				<verse number="6">اهي اهڙا تہ پکڙيل آهن، جهڙيون ماٿريون، ۽ جهڙا ندين جي ڪنارن وارا باغ، ۽ جهڙا خداوند جا پوکيل عود جا ٻوٽا، ۽ پاڻيءَ جي ڀر وارا سرو جا وڻ.</verse>
				<verse number="7">پاڻي هن جي ڏولن مان وهندو، ۽ هن جو ٻج گهڻن پاڻين ۾ هوندو، هن جو بادشاهہ اجاج کان وڏو ٿيندو، ۽ هن جي بادشاهت وڌندي ويندي.</verse>
				<verse number="8">خدا هن کي مصر مان ڪڍي آندو آهي؛ هن ۾ ڄڻ تہ جهنگلي سان جهڙو زور آهي: جيڪي قومون هن جي برخلاف آهن، تن کي هو کائي کپائي ڇڏيندو، ۽ انهن جا هڏا ڀڃي ڀوري ڇڏيندو، ۽ پنهنجن تيرن سان انهن کي ماريندو.</verse>
				<verse number="9">هو هڪڙي شينهن وانگي، ۽ هڪڙيءَ شينهڻ وانگي ڇپ ماري ويٺو، ۽ سمهي پيو؛ ڪير هن کي جاڳائيندو؟ جيڪو توکي برڪت ٿو ڏئي سو مبارڪ ٿيندو، ۽ جيڪو توتي لعنت ٿو ڪري سو لعنتي ٿيندو.</verse>
				<verse number="10">تڏهن بلق کي بلعام تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هو پنهنجا هٿ ملڻ لڳو: ۽ بلق بلعام کي چيو، تہ مون توکي انهي لاءِ سڏايو هو تہ منهنجن دشمنن تي لعنت ڪرين، پر تو هنن کي ٽي ڀيرا نسوري برڪت ڏني آهي.</verse>
				<verse number="11">سو هاڻي تون پنهنجي ملڪ ۾ ڀڄي وڃ: منهنجو خيال هو تہ تنهنجو مرتبو وڌايان؛ پر ڏس، خداوند توکي مرتبي کان روڪي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="12">تنهن تي بلعام بلق کي چيو، تہ جيڪي قاصد تو مون ڏانهن موڪليا هئا، تن کي مون ائين نہ چيو هو ڇا تہ</verse>
				<verse number="13">جيڪڏهن بلق پنهنجو گهر چانديءَ ۽ سون سان ڀري مون کي ڏئي، تہ بہ آءٌ خداوند جي حڪم کان سواءِ، پنهنجيءَ مرضي موجب، هنن سان ڪابہ چڱائي يا بڇڙائي ڪري ڪين سگهندس؛ جيڪي خداوند فرمائيندو، سو ئي آءٌ ڳالهائيندس؟</verse>
				<verse number="14">هاڻي ڏس، آءٌ پنهنجيءَ قوم ڏانهن وڃان ٿو: تون اچ تہ تو کي اطلاع ڏيان تہ هيءَ قوم تنهنجيءَ قوم سان پوين ڏينهن ۾ ڇا ڪندي.</verse>
				<verse number="15">تڏهن هن مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪئي ۽ چوڻ لڳو تہ: بعور جو پٽ بلعام چوي ٿو، يعني جنهن ماڻهوءَ جي اک پوريل هئي، سو چوي ٿو:</verse>
				<verse number="16">جيڪو خدا جو ڪلام ٿو ٻڌي، ۽ جيڪو خدا تعاليٰ جو علم ٿو ڄاڻي، ۽ جيڪو سجدي ۾ ليٽي کليل اکين سان قادر مطلق جي رويا ٿو ڏسي، سو چوي ٿو تہ:</verse>
				<verse number="17">آءٌ هن کي ڏسان ٿو، پر هاڻي نہ: منهنجي هنن تي نظر پوي ٿي، پر ويجهڙائيءَ ۾ نہ: يعقوب منجهان هڪڙو تارو نڪرندو، ۽ اسرائيل منجهان هڪڙو عصو کڙو ٿيندو، جو موآب جي ڪنڊن کي ماريندو، ۽ سڀني فسادين کي ڀڃي ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="18">هن جا دشمن، ادوم ۽ شعير، ٻئي هن جي قبضي ۾ ايندا، ۽ اسرائيل بهادري ڪندو.</verse>
				<verse number="19">يعقوب مان هڪڙو بادشاهي ڪندو، ۽ جيڪي شهر ۾ رهجي ويندا تن کي برباد ڪندو.</verse>
				<verse number="20">پوءِ هن عماليقين ڏانهن نهاريو، ۽ مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪيائين ۽ چوڻ لڳو تہ: عماليق قومن ۾ پهريون هو؛ پر هن جي پڇاڙي نيست ٿيندي.</verse>
				<verse number="21">پوءِ وري قينين تي نظر ڪيائين، ۽ مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪري چوڻ لڳو تہ: تنهنجي رهڻ جي جاءِ مضبوط آهي، ۽ تنهنجو آکيرو ٽڪر تي بنايو ويو آهي.</verse>
				<verse number="22">انهي هوندي بہ قين ويران ڪيو ويندو، ايتري قدر جو اسور توکي قيد ڪري وٺي ويندو.</verse>
				<verse number="23">۽ هن مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪئي ۽ چيائين تہ: افسوس جڏهن خدا ائين ڪندو تڏهن ڪير جيئرو رهندو؟</verse>
				<verse number="24">پر ڪتيم جي ڪناري کان جهاز ايندا، ۽ اهي اسور ۽ عبر، ٻنهي کي ڏک ڏيندا: پوءِ هو پاڻ بہ برباد ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="25">پوءِ بلعام اُٿي روانو ٿيو، ۽ پنهنجي وطن ڏانهن موٽي ويو، ۽ بلق بہ پنهنجو رستو وٺي هليو ويو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="25">
				<verse number="1">۽ اسرائيلي شطيم ۾ رهڻ لڳا، ۽ ماڻهن موآٻين جي ڌيئرن سان زناڪاري ڪئي:</verse>
				<verse number="2">۽ انهن هنن ماڻهن کي پنهنجن معبودن جي قربانين جي موقعي تي اچڻ جي دعوت ڏني؛ ۽ هي ماڻهو اتي وڃي کائيندا، ۽ انهن جي معبودن جي اڳيان سجدو ڪندا هئا.</verse>
				<verse number="3">انهي طرح اسرائيلي بعل فغور کي پوڄڻ لڳا: ۽ خداوند کي اسرائيل تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي.</verse>
				<verse number="4">۽ خداوند موسيٰ کي چيو، تہ ماڻهن جي سردارن کي جهلي، خداوند جي حضور اُس ۾ لٽڪائي ڇڏ، تہ خداوند جو غضب اسرائيل تان ٽري وڃي.</verse>
				<verse number="5">تڏهن موسيٰ اسرائيلين جي قاضين کي چيو، تہ اوهان جي ماڻهن مان جيڪي بعل فغور کي پوڄڻ لڳا آهن تن کي قتل ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="6">۽ جڏهن سڀني بني اسرائيلين جماعت واري تنبوءَ جي در تي پئي رنو، تڏهن هڪڙو اسرائيلي، موسيٰ ۽ سڀني ماڻهن جي روبرو، هڪڙيءَ مدياني زال کي پاڻ سان گڏ، پنهنجن ڀائرن وٽ وٺي آيو.</verse>
				<verse number="7">۽ جڏهن هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر جي پٽ فينحاس، هي ڏٺو، تڏهن هو جماعت منجهان اُٿيو ۽ پنهنجي هٿ ۾ هڪڙو ڀالو کنيائين؛</verse>
				<verse number="8">۽ انهي اسرائيلي ماڻهوءَ جي پٺيان تنبوءَ ۾ وڃي انهن ٻنهي، يعني انهي اسرائيلي مرد، ۽ انهيءَ زال جو پيٽ ونڌي ڇڏيائين. انهيءَ طرح بني اسرائيل مان طاعون بند ٿيو.</verse>
				<verse number="9">۽ جيڪي طاعون ۾ مئا سي چوويهہ هزار هئا.</verse>
				<verse number="10">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="11">فينحاس، بن اليعزر، بن هارون ڪاهن، منهنجي ڪاوڙ بني اسرائيل تان ٽاري آهي، ڇالاءِ جو اهو ئي هنن مان منهنجيءَ غيرت جي ڪري غيرتمند ٿيو، انهي ڪري مون بني اسرائيل کي پنهنجيءَ غيرت سببان نابود نہ ڪيو.</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري تون چئُہ تہ آءٌ هن کي پنهنجو صلح جو عهد ٿو ڏيان:</verse>
				<verse number="13">۽ اهو هن جي لاءِ، ۽ هن کان پوءِ سندس اولاد جي لاءِ، هميشہ جي ڪهانت جو عهد ٿيندو؛ ڇالاءِ جو هو پنهنجي خدا جي لاءِ غيرت وارو ٿيو، ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ڪيائين.</verse>
				<verse number="14">هاڻي، اهو اسرائيلي مرد، جو انهيءَ مدياني زال سان گڏ قتل ڪيو ويو، تنهن جو نالو زمري هو، ۽ هو سلو جو پٽ هو، جو شمعون جي قبيلي مان هڪڙي گهراڻي جو سردار هو.</verse>
				<verse number="15">۽ جيڪا مدياني زال قتل ڪئي ويئي، تنهن جو نالو ڪزبي هو، ۽ هوءَ صور جي ڌيءَ هئي؛ جو مديان جي هڪڙي گهراڻي جو رئيس هو.</verse>
				<verse number="16">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="17">اوهين مديانين کي ستايو ۽ انهن کي ماريو:</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو هو اوهان کي پنهنجين ٺڳين سان ستائين ٿا، جيئن فغور واريءَ ڳالهہ ۾، ۽ ڪزبيءَ واريءَ ڳالهہ ۾ ٿيو، جا مديانين جي سردار جي ڌيءَ، ۽ سندن ڀيڻ هئي، ۽ طاعون واري ڏينهن قتل ڪئي ويئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="26">
				<verse number="1">۽ طاعون کان پوءِ هيئن ٿيو، جو خداوند موسيٰ، ۽ هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر کي فرمايو، ۽ چيائين تہ</verse>
				<verse number="2">بني اسرائيل جي ساريءَ جماعت مان، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هجي، ۽ جنگ تي وڃڻ جي لائق هجن، تن جو سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪريو.</verse>
				<verse number="3">تڏهن موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن، موآب جي ميدان ۾، يريحو جي سامهون يردن جي ڪناري تي، انهن کي چيو تہ</verse>
				<verse number="4">جيئن خداوند موسيٰ کي، ۽ جيڪي بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪتا هئا، تن کي حڪم ڪيو هو، تيئن هاڻي بہ اوهان مان جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هجي، تن جو شمار ڪريو.</verse>
				<verse number="5">روبن، جيڪو اسرائيل جو پهريتو پٽ هو، تنهن جا پٽ هي آهن؛ حنوڪ، جنهن کان حنوڪين جو گهراڻو شروع ٿيو: فلو، جنهن کان فلوئين جو گهراڻو شروع ٿيو:</verse>
				<verse number="6">حصرون، جنهن کان حصرونين جو گهراڻو شروع ٿيو: ڪرمي، جنهن کان ڪرمين جو گهراڻو شروع ٿيو.</verse>
				<verse number="7">اهي آهن بني روبن جا گهراڻا: انهن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ٽيتاليهہ هزار، ست سؤ ۽ ٽيهہ ٿيا.</verse>
				<verse number="8">۽ فلو جو پٽ؛ الياب.</verse>
				<verse number="9">۽ الياب جا پٽ؛ نموئيل، ۽ داتن، ۽ ابيرام هئا. هي اهي داتن ۽ ابيرام آهن، جن کي جماعت مان سڏيو ويو، ۽ جڏهن قورح جي ٽوليءَ خداوند سان جهيڙو ڪيو، تڏهن هي بہ انهيءَ ٽوليءَ سان گڏجي، موسيٰ ۽ هارون سان وڙهيا هئا:</verse>
				<verse number="10">۽ جڏهن باهہ اڍائي سؤ ماڻهن کي ڀسم ڪري ڇڏيو، ۽ اها ٽولي مري ويئي، تڏهن زمين پنهنجو وات پٽيو، ۽ انهن کي قورح سميت ڳهي ويئي، ۽ اُهي عبرت جي لاءِ هڪڙو نشان ٿيا.</verse>
				<verse number="11">تہ بہ قورح جا پٽ ڪين مئا.</verse>
				<verse number="12">شمعون جا پٽ ۽ سندن گهراڻا: نموايل، جنهن کان نموئيل جو گهراڻو شروع ٿيو: يمين، جنهن کان يمينين جو گهراڻو شروع ٿيو: يڪين، جنهن کان يڪينن جو گهراڻو شروع ٿيو:</verse>
				<verse number="13">زارح، جنهن کان زارحين جو گهراڻو شروع ٿيو: ۽ سائول، جنهن کان سائولين جو گهراڻو شروع ٿيو.</verse>
				<verse number="14">اهي آهن بني شمعون جا گهراڻا، ٻاويهہ هزار ٻہ سؤ.</verse>
				<verse number="15">جد جا پٽ ۽ سندن گهراڻا: صفون، جنهن کان صفونين جو گهراڻو شروع ٿيو: حجي، جنهن کان حجين جو گهراڻو شروع ٿيو: سوني، جنهن کان سونين جو گهراڻو شروع ٿيو:</verse>
				<verse number="16">اُزني، جنهن کان اُزنين جو گهراڻو شروع ٿيو: عيري، جنهن کان عيرين جو گهراڻو شروع ٿيو:</verse>
				<verse number="17">اُرود جنهن کان اُرودين جو گهراڻو شروع ٿيو: ۽ اريلي، جنهن کان اريلين جو گهراڻو شروع ٿيو.</verse>
				<verse number="18">اهي آهن بني جد جا گهراڻا، جن جو شمار ڪيو ويو، سي چاليهہ هزار ۽ پنج سؤ ٿيا.</verse>
				<verse number="19">يهوداهہ جا پٽ عير ۽ اونان: ۽ عير ۽ اونان ڪنعان جي ملڪ ۾ ئي مري ويا هئا.</verse>
				<verse number="20">۽ يهوداهہ جا ٻيا پٽ ۽ سندن گهراڻا؛ سيلہ، جنهن کان سيلين جو گهراڻو شروع ٿيو: فارص، جنهن کان فارصين جو گهراڻو شروع ٿيو: زارح، جنهن کان زارحين جو گهراڻو شروع ٿيو.</verse>
				<verse number="21">فارص جا پٽ هي آهن؛ حصرون، جنهن کان حصرونين جو گهراڻو شروع ٿيو: حمول، جنهن کان حمولين جو گهراڻو شروع ٿيو.</verse>
				<verse number="22">اهي آهن بني يهوداهہ جا گهراڻا. انهن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ڇاهتر هزار ۽ پنج سؤ ٿيا.</verse>
				<verse number="23">اشڪار جا پٽ ۽ سندن گهراڻا: تولع، جنهن کان تولعين جو گهراڻو شروع ٿيو: فواہ، جنهن کان فواهين جو گهراڻو شروع ٿيو:</verse>
				<verse number="24">يسوب، جنهن کان يسوبين جو گهراڻو شروع ٿيو: سمرون، جنهن کان سمرونين جو گهراڻو شروع ٿيو.</verse>
				<verse number="25">اهي آهن بني اشڪار جا گهراڻا، انهن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي چوهٺ هزار ٽي سؤ ٿيا.</verse>
				<verse number="26">زبولون جا پٽ ۽ سندن گهراڻا: سرد، جنهن کان سردين جو گهراڻو شروع ٿيو: ايلون جنهن کان ايلونين جو گهراڻو شروع ٿيو: يهلي ايل، جنهن کان يهلي ايلن جو گهراڻو شروع ٿيو.</verse>
				<verse number="27">اهي آهن بني زبولون جا گهراڻا، انهن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي سٺ هزار پنج سؤ ٿيا.</verse>
				<verse number="28">يوسف جا پٽ ۽ سندن گهراڻا: منسي ۽ افرائيم.</verse>
				<verse number="29">منسيءَ جا پٽ: مڪير، جنهن کان مڪيرين جو گهراڻو شروع ٿيو: ۽ مڪير مان جلعاد پيدا ٿيو: جلعاد، جنهن کان جلعادين جو گهراڻو شروع ٿيو.</verse>
				<verse number="30">جلعاد جا پٽ هي آهن: ايعزر، جنهن کان ايعزرين جو گهراڻو شروع ٿيو: خلق، جنهن کان خلقين جو گهراڻو شروع ٿيو:</verse>
				<verse number="31">اسري ايل، جنهن کان اسري ايلين جو گهراڻو شروع ٿيو: سڪم، جنهن کان سڪمين جو گهراڻو شروع ٿيو:</verse>
				<verse number="32">سميدع، جنهن کان سميعين جو گهراڻو شروع ٿيو: ۽ حضر، جنهن کان حضرين جو گهراڻو شروع ٿيو.</verse>
				<verse number="33">حفر جي پٽ صلافحاد کي پٽ ڪونہ هو، پر ڌيون هيس: ۽ صلافحاد جي ڌيئرن جا نالا هي آهن، محلاہ ۽ نوعاہ، حجلاہ، ملڪاہ، ۽ ترضاہ.</verse>
				<verse number="34">اهي آهن بني منسيءَ جا گهراڻا: انهن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ٻاونجاهہ هزار ست سؤ ٿيا.</verse>
				<verse number="35">افرائيم جا پٽ ۽ سندن گهراڻا هي آهن: سوتلح، جنهن کان سوتلحين جو گهراڻو شروع ٿيو: بڪر، جنهن کان بڪرين جو گهراڻو شروع ٿيو: تحن، جنهن کان تحنين جو گهراڻو شروع ٿيو.</verse>
				<verse number="36">۽ سوتلح جا پٽ اهي آهن: عيران جنهن کان عيرانين جو گهراڻو شروع ٿيو.</verse>
				<verse number="37">اهي آهن بني افرائيم جا گهراڻا. انهن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ٻٽيهہ هزار پنج سؤ ٿيا. يوسف جي پٽن جا گهراڻا اهي آهن.</verse>
				<verse number="38">بنيمين جا پٽ ۽ سندن گهراڻا: بلع، جنهن کان بلعين جو گهراڻو شروع ٿيو: اشبيل، جنهن کان اشبيلين جو گهراڻو شروع ٿيو: اخيرام، جنهن کان اخيرامين جو گهراڻو شروع ٿيو:</verse>
				<verse number="39">سوفام، جنهن کان سوفامين جو گهراڻو شروع ٿيو: حوفام، جنهن کان حوفامين جو گهراڻو شروع ٿيو.</verse>
				<verse number="40">بالاع جا ٻہ پٽ هئا: هڪڙو ارد، جنهن کان اردين جو گهراڻو شروع ٿيو: ٻيو نعمان، جنهن کان نعمانين جو گهراڻو شروع ٿيو.</verse>
				<verse number="41">اهي آهن بني بنيمين جا گهراڻا: انهن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي پنجيتاليهہ هزار ڇهہ سؤ ٿيا.</verse>
				<verse number="42">دان جو پٽ، جنهن کان سندس گهراڻو شروع ٿيو، سو آهي سوحام، جنهن کان سوحامين جو گهراڻو شروع ٿيو. اهو آهي دان جو گهراڻو.</verse>
				<verse number="43">سوحامين جي گهراڻي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي چوهٺ هزار چار سؤ ٿيا.</verse>
				<verse number="44">آشر جا پٽ، جن مان سندن گهراڻا شروع ٿيا، سي هي آهن: يمنہ، جنهن کان يمنين جو گهراڻو شروع ٿيو: اسوي، جنهن کان اسوين جو گهراڻو شروع ٿيو: بريعاہ، جنهن کان بريعاهين جو گهراڻو شروع ٿيو.</verse>
				<verse number="45">بريعاہ جا پٽ: حبر جنهن کان حبرين جو گهراڻو شروع ٿيو: ملڪي ايل، جنهن کان ملڪي ايلن جو گهراڻو شروع ٿيو.</verse>
				<verse number="46">آشر جي ڌيءَ جو نالو سارہ هو.</verse>
				<verse number="47">اهي آهن بني آشر جا گهراڻا، انهن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ٽيونجاهہ هزار چار سؤ ٿيا.</verse>
				<verse number="48">نفتاليءَ جا پٽ، جن مان سندن گهراڻا شروع ٿيا، سي هي آهن: يحصي ايل، جنهن کان يحصي ايلن جو گهراڻو شروع ٿيو: جوني، جنهن کان جونين جو گهراڻو شروع ٿيو:</verse>
				<verse number="49">يصر، جنهن کان يصرين جو گهراڻو شروع ٿيو: سليم، جنهن کان سليمين جو گهراڻو شروع ٿيو.</verse>
				<verse number="50">اهي آهن نفتاليءَ جا گهراڻا، انهن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي پنجيتاليهہ هزار چار سؤ ٿيا.</verse>
				<verse number="51">سو بني اسرائيل مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي سڀ ڇهہ لک هڪ هزار ست سؤ ۽ ٽيهہ ٿيا.</verse>
				<verse number="52">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="53">انهن کي ئي سندن نالن جي شمار موجب اها زمين ورثي طور ورهائجي ملي.</verse>
				<verse number="54">جنهن قبيلي ۾ گهڻا ماڻهو هجن، تنهن کي گهڻو ورثو ملي، ۽ جنهن قبيلي ۾ ٿورا ماڻهو هجن، تنهن کي ٿورو ورثو ملي: هرهڪ قبيلي کي سندس شمار ڪيل ماڻهن موجب ورثو ملي.</verse>
				<verse number="55">انهي هوندي بہ پُکا وجهي زمين ورهائجي: انهن کي سندن اباڻن قبيلن جي نالن موجب ورثو ملي.</verse>
				<verse number="56">گهڻن ماڻهن جو قبيلو هجي توڙي ٿورن ماڻهن جو، پر پُکا وجهي سندن ورثو ورهائڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="57">۽ لاوين مان جن جو سندن گهراڻن موجب شمار ڪيو ويو، سي هي آهن: جيرسون، جنهن کان جيرسونين جو گهراڻو شروع ٿيو: قهات، جنهن کان قهاتين جو گهراڻو شروع ٿيو: مراري، جنهن کان مرارين جو گهراڻو شروع ٿيو.</verse>
				<verse number="58">انهي کان سواءِ هي بہ لاوين جا گهراڻا آهن، يعني لبنين جو گهراڻو، خبرونين جو گهراڻو، محلين جو گهراڻو، موشين جو گهراڻو، قورحين جو گهراڻو. ۽ قهات مان عمرام پيدا ٿيو.</verse>
				<verse number="59">۽ عمرام جي زال جو نالو يوڪبد هو، جا لاويءَ جي ڌيءَ هئي، ۽ مصر ۾ لاويءَ جي پيٽان ڄائي هئي: انهي مان عمرام کي ٻہ پٽ، يعني هارون ۽ موسيٰ، ۽ سندن ڀيڻ مريم پيدا ٿيا.</verse>
				<verse number="60">۽ هارون جا پٽ هئا، ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر.</verse>
				<verse number="61">پر ندب ۽ ابيهو تہ انهي ڏينهن مري ويا، جنهن ڏينهن انهن خداوند جي حضور ۾ ناجائز باهہ پيش ڪئي.</verse>
				<verse number="62">باقي انهن مان جن ڇوڪرن جي عمر هڪ مهينو يا انهي کان مٿي هئي، تن جو شمار ڪيو ويو، ۽ اهي ٽيويهہ هزار ٿيا: انهن جو شمار بني اسرائيل سان گڏ نہ ڪيو ويو، ڇالاءِ جو انهن کي ورثو ڪونہ ملڻو هو.</verse>
				<verse number="63">هي اهي بني اسرائيل آهن، جن جو موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن، موآب جي ميدانن ۾، يريحو جي سامهون، يردن نديءَ جي ڪناري تي شمار ڪيو.</verse>
				<verse number="64">پر سينا جي بيابان ۾ جن اسرائيلين جو موسيٰ ۽ هارون ڪاهن شمار ڪيو هو، تن مان هڪڙو ماڻهو بہ هنن ۾ ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="65">ڇالاءِ جو خداوند انهن جي بابت فرمايو هو، تہ هي ضرور بيابان ۾ مري ويندا. سو انهن مان يفنہ جي پٽ ڪالب، ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ٻيو هڪڙو ماڻهو بہ ڪونہ بچيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="27">
				<verse number="1">تڏهن يوسف جي پٽ منسيءَ جي گهراڻن مان صلافحاد، بن حفر، بن جلعاد، بن مڪير، بن منسيءَ جون ڌيئون، جن جا نالا محلاہ، نوعاہ، حجلاہ، ملڪاہ ۽ ترضاہ هئا، سي ويجهو آيون.</verse>
				<verse number="2">۽ اهي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ، موسيٰ، ۽ اليعزر ڪاهن، ۽ سردارن، ۽ ساريءَ جماعت جي اڳيان اچي بيٺيون، ۽ چوڻ لڳيون تہ</verse>
				<verse number="3">اسان جو پيءُ بيابان ۾ مري ويو، پر هو انهن ماڻهن ۾ شامل ڪونہ هو، جي قورح جي ٽوليءَ ۾ خداوند جي برخلاف گڏ ٿيا هئا: پر هو پنهنجي گناهہ ۾ مري ويو؛ ۽ کيس پٽ ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="4">سو پٽ نہ هئڻ ڪري اسان جي پيءُ جو نالو سندس گهراڻي مان ڇو نڪري وڃي؟ تنهنڪري اسان جي پيءُ جي ڀائرن سان گڏ اسان کي حصو ڏيو.</verse>
				<verse number="5">تڏهن موسيٰ انهن جي دعويٰ خداوند جي حضور ۾ پيش ڪئي.</verse>
				<verse number="6">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="7">صلافحاد جون ڌيئرون سچ ٿيون چون: تون ضرور هنن کي سندن پيءُ جي ڀائرن سان گڏ ورثي جو حق ڏي، يعني انهن کي سندن پيءُ جو ورثو ملي.</verse>
				<verse number="8">۽ تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ جيڪڏهن ڪو اهڙو ماڻهو مري، جنهن کي پٽ نہ هجي، تہ پوءِ انهي جو ورثو سندس ڌيءَ کي ڏجو.</verse>
				<verse number="9">پر جيڪڏهن هن کي ڪا ڌيءَ بہ نہ هجي تہ پوءِ ورثو سندس ڀائرن کي ڏجو.</verse>
				<verse number="10">پر جيڪڏهن هن کي ڀاءُ بہ نہ هجي، تہ پوءِ انهي جو ورثو سندس چاچن کي ڏجو.</verse>
				<verse number="11">پر جيڪڏهن هن جي پيءُ کي بہ ڪو ڀاءُ نہ هجي، تہ پوءِ هن جي خاندان ۾ جيڪو سندس سڀني کان ويجهو مائٽ هجي، تنهن کي انهي جو ورثو ڏجو: اهو بني اسرائيل جي لاءِ انصاف جو قانون ٿيندو، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="12">۽ خداوند موسيٰ کي چيو، تہ تون هن عباريم جبل تي چڙهہ، ۽ جيڪو ملڪ مون بني اسرائيل کي ڏنو آهي، سو ڏس.</verse>
				<verse number="13">۽ انهي ملڪ جي ڏسڻ کان پوءِ، تون پنهنجي ڀاءُ هارون وانگر، پنهنجي وڏن سان وڃي گڏبين:</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو صين جي بيابان ۾، جڏهن جماعت مون سان جهيڙو ڪيو، تڏهن اوهان هنن جي روبرو منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي، پر پاڻيءَ جي چشمي وٽ اوهان منهنجي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو. (هي اهو قادس وارو مريبہ جو چشمو آهي، جو صين جي بيابان ۾ آهي.)</verse>
				<verse number="15">تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ</verse>
				<verse number="16">خداوند، سڀني جانين جي روحن جو خدا، هن جماعت جي مٿان ڪنهن ماڻهوءَ کي مقرر ڪري،</verse>
				<verse number="17">جو اندر ٻاهر وڃڻ وقت هنن جي اڳيان هلي، ۽ هنن کي ٻاهر وٺي وڃڻ، ۽ اندر آڻڻ ۾ هنن جو سونهون ٿئي؛ انهي لاءِ تہ خداوند جي جماعت نڌڻڪين رڍن وانگر نہ ٿئي.</verse>
				<verse number="18">تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو، تہ نون جي پٽ يشوع کي وٺي، انهي تي پنهنجو هٿ رک؛ ڇالاءِ جو هو روح سان ڀريل آهي؛</verse>
				<verse number="19">۽ انهي کي اليعزر ڪاهن، ۽ ساري جماعت جي اڳيان آڻي بيهار؛ ۽ انهن جي روبرو هن جو تقرر ڪر.</verse>
				<verse number="20">۽ پنهنجي ڪجهہ اختياري هن کي ڏي، تہ بني اسرائيل جي ساري جماعت هن جي فرمانبرداري ڪري.</verse>
				<verse number="21">هو اليعزر ڪاهن وٽ بيهي، جو هن جي طرفان خداوند جي حضور مان اوريم جا فيصلا پڇندو رهي: انهي جي چوڻ تي هو، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت جا ماڻهو، ٻاهر نڪرن ۽ انهي جي چوڻ تي موٽي اچن.</verse>
				<verse number="22">سو موسيٰ خداوند جي حڪم موجب عمل ڪيو: ۽ يشوع کي وٺي، اليعزر ڪاهن ۽ ساري جماعت جي اڳيان بيهاريو:</verse>
				<verse number="23">۽ انهي تي پنهنجا هٿ رکيائين، ۽ انهي جو تقرر ڪيائين، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="28">
				<verse number="1">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">بني اسرائيل کي حڪم ڏيئي چئُہ، تہ منهنجو نذرانو، يعني منهنجي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قربانيءَ واري خوراڪ، جا باهہ سان ساڙبي آهي، سا اوهين ياد ڪري ٺهرايل وقت تي منهنجي لاءِ ادا ڪندا رهجو.</verse>
				<verse number="3">تون هنن کي چئُہ، تہ جيڪا باهہ سان ساڙڻ واري قرباني اوهين خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا سا هيءَ آهي؛ هر روز ٻہ يڪسالا گهيٽا سوختني قربانيءَ جي لاءِ تون هميشہ چاڙهيندو رهج.</verse>
				<verse number="4">هڪڙو گهيٽو صبح جو، ۽ ٻيو گهيٽو سانجهيءَ جو قربان ڪج؛</verse>
				<verse number="5">۽ ميدي جي هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو، جهاڳوڙيل تيل جي هڪڙي هين جي چوٿين حصي ۾ گڏي، کاڌي جي قربانيءَ لاءِ پيش ڪج.</verse>
				<verse number="6">اها هميشہ جي لاءِ سوختني قرباني آهي، جا سينا جبل وٽ مقرر ڪئي ويئي، تہ خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني ٿئي.</verse>
				<verse number="7">۽ پيئڻ واري قربانيءَ لاءِ هڪڙي گهيٽي جي پٺيان مئي جي هڪڙي هين جو چوٿون حصو هئڻ گهرجي: ۽ تون پاڪ مڪان ۾ تيز مئي جي پيئڻ واري قرباني، خداوند جي حضور ۾ اوتج.</verse>
				<verse number="8">ٻيو گهيٽو تون سانجهيءَ جو قربان ڪج: انهي سان گڏ بہ تون کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني پيش ڪج، تہ خداوند جي حضور ۾ خوشبوءِ جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني ٿئي.</verse>
				<verse number="9">۽ سبت جي ڏينهن ٻہ يڪسالا بي عيب گهيٽا، ۽ هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جيترو ميدو تيل ۾ گڏيل، کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، ۽ انهي سان گڏ پيئڻ واري قرباني پيش ڪج:</verse>
				<verse number="10">روزمرہ جي سوختني قرباني، ۽ پيئڻ واريءَ قربانيءَ کان سواءِ، هيءَ هر ڪنهن سبت جي سوختني قرباني آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ اوهين پنهنجي هر ڪنهن مهيني جي شروعات ۾ خداوند جي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني پيش ڪجو؛ يعني ٻہ وهڙا، هڪڙو گهٽو، ست يڪسالا بي عيب گهيٽا؛</verse>
				<verse number="12">۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ هرهڪ وهڙي جي لاءِ ميدي جي هڪڙي ايفہ جون ٽي ڏهايون، تيل ۾ گڏيل؛ ۽ گهٽي جي لاءِ ميدي جي هڪڙي ايفہ جو پنجون حصو، تيل ۾ گڏيل؛</verse>
				<verse number="13">۽ هرهڪ گهيٽي جي پٺيان ميدي جي هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو، کاڌي جي قربانيءَ لاءِ هجي؛ اها وڻندڙ خوشبوءِ جي سوختني قرباني آهي، ۽ خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي.</verse>
				<verse number="14">۽ انهن سان گڏ پيئڻ واري قربانيءَ جي واسطي هڪ وهڙي جي پٺيان مئي جو اڌ هين، ۽ هڪڙي گهٽي جي پٺيان هين جو ٽيون حصو، ۽ هرهڪ گهيٽي جي پٺيان هين جو چوٿون حصو هئڻ گهرجي: اها سال جي سڀني مهينن لاءِ، هر مهيني جي سوختني قرباني آهي.</verse>
				<verse number="15">۽ هميشہ جي سوختني قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ پيئڻ واري قربانيءَ کان سواءِ، هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ طور خداوند جي حضور ۾ پيش ڪرڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="16">۽ پهرئين مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ، خداوند جي فسح جي عيد آهي.</verse>
				<verse number="17">۽ ساڳئي مهيني جي پندرهين تاريخ عيد ٿيندي: ست ڏينهن بي خميري ماني کائڻ ۾ ايندي.</verse>
				<verse number="18">پهرئين ڏينهن پاڪ جماعت گڏ ٿيندي؛ ۽ اوهين ڪو محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو:</verse>
				<verse number="19">پر اوهين خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙيل قرباني، يعني سوختني قرباني چاڙهجو؛ ٻہ وهڙا، هڪڙو گهٽو ۽ ست يڪسالا گهيٽا: اهي سڀ بي عيب هئڻ گهرجن:</verse>
				<verse number="20">۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، هرهڪ وهڙي جي واسطي، تيل ۾ گڏيل ميدي جي هڪڙي ايفہ جون ٽي ڏهايون، ۽ گهٽي جي لاءِ هڪڙي ايفہ جو پنجون حصو،</verse>
				<verse number="21">۽ ستن گهيٽن جي لاءِ هرهڪ گهيٽي جي واسطي تون هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو پيش ڪج؛</verse>
				<verse number="22">۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ بہ، تہ اوهان جي لاءِ ڪفارو ٿئي.</verse>
				<verse number="23">صبح واري سوختني قرباني، جا هميشہ جي سوختني قرباني آهي، تنهن کان سواءِ اوهين اهي قربانيون پيش ڪجو.</verse>
				<verse number="24">انهيءَ طرح اوهين ست ڏينهن برابر هر روز خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي قربانيءَ واري خوراڪ، جا باهہ سان ساڙبي آهي، سا پيش ڪندا رهجو: ۽ هميشہ واريءَ سوختني قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ پيئڻ واري قربانيءَ کان سواءِ هيءَ قرباني بہ پيش ڪرڻ ۾ اچي.</verse>
				<verse number="25">۽ ستين ڏينهن اوهين پاڪ جماعت گڏ ڪجو؛ ۽ ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.</verse>
				<verse number="26">انهي کان سواءِ لاباري واري ڏينهن، جڏهن اوهين پنهنجيءَ هفتن واريءَ عيد تي خداوند جي حضور ۾ نئين کاڌي جي قرباني پيش ڪريو، تڏهن اوهين پاڪ جماعت گڏ ڪجو؛ ۽ ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو:</verse>
				<verse number="27">پر اوهين خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي هڪڙي سوختني قرباني چاڙهجو؛ ٻہ وهڙا، هڪڙو گهٽو، ست يڪسالا گهيٽا؛</verse>
				<verse number="28">۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ هرهڪ وهڙي جي واسطي، تيل ۾ گڏيل ميدي جي هڪڙي ايفہ جون ٽي ڏهايون، ۽ گهٽي جي لاءِ هڪڙي ايفہ جو پنجون حصو،</verse>
				<verse number="29">۽ ستن گهيٽن جي لاءِ هرهڪ گهيٽي جي واسطي هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو؛</verse>
				<verse number="30">هڪڙو ٻڪر اوهان جي ڪفاري لاءِ هئڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="31">هميشہ واريءَ سوختني قربانيءَ، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ، ۽ پيئڻ واريءَ قربانيءَ کان سواءِ، اوهين هي بہ پيش ڪجو. (اهي سڀ بي عيب هئڻ گهرجن.)</verse>
			</chapter>
			<chapter number="29">
				<verse number="1">۽ ستين مهيني جي پهرئين ڏينهن اوهين پاڪ جماعت گڏ ڪجو: ۽ ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو: اهو اوهان جي لاءِ ترين وڄائڻ جو ڏينهن آهي.</verse>
				<verse number="2">اوهين خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني چاڙهجو؛ يعني هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ ست يڪسالا بي عيب گهيٽا:</verse>
				<verse number="3">۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، تيل ۾ گڏيل ميدو، هرهڪ وهڙي جي پٺيان هڪڙي ايفہ جون ٽي ڏهايون، ۽ گهٽي جي پٺيان هڪڙي ايفہ جو پنجون حصو.</verse>
				<verse number="4">۽ ستن گهيٽن جي لاءِ هرهڪ گهيٽي جي واسطي، هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو:</verse>
				<verse number="5">۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، تہ اوهان جي لاءِ ڪفارو ٿئي:</verse>
				<verse number="6">انهي کان سواءِ نئين چنڊ جي سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ انهن سان گڏ پيئڻ واريون قربانيون، اهي سڀ سندن قانون موجب پيش ڪندا رهجو، اها وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي.</verse>
				<verse number="7">انهي ستين مهيني جي ڏهينءَ تاريخ اوهان جي پاڪ جماعت گڏ ٿيندي؛ ۽ اوهين پنهنجي روح جي رياضت ڪجو؛ ۽ ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو:</verse>
				<verse number="8">پر اوهين خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني چاڙهجو؛ يعني هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ست يڪسالا گهيٽا؛ اهي سڀ بي عيب هئڻ گهرجن:</verse>
				<verse number="9">۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ گڏيل ميدو، هرهڪ وهڙي جي لاءِ ايفہ جون ٽي ڏهايون، ۽ گهٽي جي لاءِ هڪڙي ايفہ جو پنجون حصو،</verse>
				<verse number="10">۽ ستن گهيٽن جي لاءِ هرهڪ گهيٽي جي واسطي هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو:</verse>
				<verse number="11">۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ؛ هيءَ قرباني، ڪفاري واريءَ گناهہ جي قربانيءَ، ۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ، ۽ پيئڻ واري قربانيءَ کان ڌار پيش ڪجو.</verse>
				<verse number="12">۽ ستين مهيني جي پندرهينءَ تاريخ اوهان جي پاڪ جماعت گڏ ٿيندي؛ ۽ اوهين ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو، ۽ ست ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ڪجو:</verse>
				<verse number="13">۽ اوهين سوختني قربانيءَ لاءِ تيرهن وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا گهيٽا، جي سڀ بي عيب هجن، سي خداوند جي حضور ۾، وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ، باهہ سان ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪجو:</verse>
				<verse number="14">انهن سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، تيل ۾ گڏيل ميدو، ۽ تيرهن وهڙن مان هرهڪ وهڙي جي لاءِ هڪڙي ايفہ جون ٽي ڏهايون، ۽ هرهڪ گهٽي جي لاءِ هڪڙي ايفہ جو پنجون حصو،</verse>
				<verse number="15">۽ چوڏهن گهيٽن جي لاءِ هرهڪ گهيٽي جي واسطي هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو:</verse>
				<verse number="16">۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ؛ انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.</verse>
				<verse number="17">وري ٻئي ڏينهن اوهين ٻارهن وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا بي عيب گهيٽا پيش ڪجو:</verse>
				<verse number="18">۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني، وهڙن، گهٽن، ۽ گهيٽن جي لاءِ، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو:</verse>
				<verse number="19">۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ؛ انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.</verse>
				<verse number="20">وري ٽئين ڏينهن يارهن وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا بي عيب گهيٽا پيش ڪجو؛</verse>
				<verse number="21">۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني، وهڙن، گهٽن، ۽ گهيٽن جي لاءِ، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو:</verse>
				<verse number="22">۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.</verse>
				<verse number="23">وري چوٿين ڏينهن ڏهہ وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا بي عيب گهيٽا پيش ڪجو؛</verse>
				<verse number="24">۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني، وهڙن، گهٽن، ۽ گهيٽن جي لاءِ، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو:</verse>
				<verse number="25">۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.</verse>
				<verse number="26">وري پنجين ڏينهن نوَ وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا بي عيب گهيٽا پيش ڪجو؛</verse>
				<verse number="27">۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني، وهڙن، گهٽن ۽ گهيٽن جي لاءِ، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو:</verse>
				<verse number="28">۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ؛ انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهي سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.</verse>
				<verse number="29">وري ڇهين ڏينهن اٺ وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا بي عيب گهيٽا پيش ڪجو؛</verse>
				<verse number="30">۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني، وهڙن، گهٽن، ۽ گهيٽن جي لاءِ، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو:</verse>
				<verse number="31">۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ؛ انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.</verse>
				<verse number="32">وري ستين ڏينهن ست وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا بي عيب گهيٽا پيش ڪجو؛</verse>
				<verse number="33">۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني، وهڙن، گهٽن ۽ گهيٽن جي لاءِ، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو:</verse>
				<verse number="34">۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ؛ انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.</verse>
				<verse number="35">اٺين ڏينهن اوهان جي پاڪ جماعت گڏ ٿيندي: اوهين ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو:</verse>
				<verse number="36">پر اوهين سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ست يڪسالا بي عيب گهيٽا، خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ باهہ سان ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪجو:</verse>
				<verse number="37">۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني، وهڙن، گهٽن ۽ گهيٽن جي شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو:</verse>
				<verse number="38">۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ؛ انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.</verse>
				<verse number="39">اهي اوهين خداوند جي حضور ۾ پنهنجين مقرر ڪيل عيدن تي پيش ڪجو، انهيءَ کان سواءِ اوهان جون مڃتائون، ۽ اوهان جون خوشيءَ جون قربانيون، ۽ اوهان جون سوختنيون قربانيون، ۽ اوهان جون کاڌي جون قربانيون، ۽ اوهان جون پيئڻ واريون قربانيون، ۽ اوهان جون سلامتيءَ جون قربانيون بہ پيش ڪندا رهجو.</verse>
				<verse number="40">۽ موسيٰ بني اسرائيل کي اهي سڀ ڳالهيون ٻڌايون، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="30">
				<verse number="1">۽ موسيٰ بني اسرائيل جي قبيلن جي سردارن سان گفتگو ڪري، کين چيو تہ هيءَ اها ڳالهہ آهي، جنهن جو خداوند حڪم ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="2">تہ جڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ ڪا مڃتا مڃي يا قسم کڻي، ۽ ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکي، تہ پوءِ هو پنهنجو ڪيل قول نہ ڀڃي؛ پر جيڪي سندن واتان نڪتو هجي، انهي موجب سڀ ڪجهہ پورو ڪري.</verse>
				<verse number="3">۽ جيڪڏهن ڪا زال خداوند جي حضور ۾ ڪا مڃتا مڃي، ۽ ننڍيءَ وهيءَ ۾ پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ رهندي، ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکي؛</verse>
				<verse number="4">۽ سندس پيءُ انهيءَ مڃتا يا خاص فرض جنهن جي ادا ڪرڻ لاءِ هن پاڻ کي ٻڌل رکيو هجي، سو ٻڌي ماٺ ۾ رهي، ۽ ڪي بہ نہ چويس، تہ هن جون سڀ مڃتائون يا خاص فرض قائم رهندا.</verse>
				<verse number="5">پر جيڪڏهن سندس پيءُ جنهن ڏينهن اهو ٻڌي، انهي ڏينهن کيس منع ڪري؛ تہ پوءِ هن جي ڪابہ مڃتا، يا ڪو خاص فرض، جنهن لاءِ هن پاڻ کي ٻڌل رکيو هجي، سو قائم نہ رهندو: ۽ خداوند هن کي معافي ڏيندو، ڇالاءِ جو هن جي پيءُ کيس موڪل نہ ڏني.</verse>
				<verse number="6">۽ جي انهيءَ زال جون مڃتائون، يا خاص فرض، جن لاءِ هن تڪڙ ڪري پاڻ کي ٻڌل رکيو هجي، تنهن جي پوري ڪرڻ کان اڳ ۾ هن جي شادي ٿئي؛</verse>
				<verse number="7">۽ سندس مڙس جنهن ڏينهن اهي ٻڌي، انهي ڏينهن ماٺ ۾ رهي ۽ ڪي بہ نہ چويس: تہ هن جون مڃتائون ۽ خاص فرض، جن لاءِ هن پاڻ کي ٻڌل رکيو هوندو، سي سڀ قائم رهندا.</verse>
				<verse number="8">پر جيڪڏهن سندس مڙس جنهن ڏينهن اهو ٻڌي، انهي ڏينهن کيس منع ڪري؛ تہ هن ڄڻ تہ پنهنجيءَ زال جون مڃتائون ۽ خاص فرض، جن لاءِ هن تڪڙ ڪري پاڻ کي ٻڌل رکيو هو، سي رد ڪري ڇڏيا: ۽ خداوند هن کي معافي ڏيندو.</verse>
				<verse number="9">پر ڪنهن بيوہ زال ۽ طلاق مليل زال جي مڃتا، يا خاص فرض، جنهن لاءِ هن پاڻ کي ٻڌل رکيو هوندو، سي قائم رهندا.</verse>
				<verse number="10">پر جيڪڏهن هن پنهنجي مڙس جي گهر ۾ ڪا مڃتا مڃي هوندي، يا ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکيو هوندائين،</verse>
				<verse number="11">۽ سندس مڙس اهو ٻڌي کڻي ماٺ ڪئي هوندي، ۽ کيس منع نہ ڪئي هوندائين؛ تہ پوءِ هن جون سڀ مڃتائون ۽ خاص فرض، جن لاءِ هن پاڻ کي ٻڌل رکيو هوندو، سي قائم رهندا.</verse>
				<verse number="12">پر جيڪڏهن سندس مڙس جنهن ڏينهن اهو ٻڌي انهي ڏينهن اهي رد باطل ڪري ڇڏي؛ تہ پوءِ هن جي مڃتائن يا خاص فرض بابت جيڪي سندس واتان نڪتو هوندو، سو قائم نہ رهندو: ڇو تہ سندس مڙس اهي رد ڪري ڇڏيا آهن؛ ۽ خداوند هن کي معافي ڏيندو.</verse>
				<verse number="13">هن جي هر ڪنهن مڃتا کي، يا سندس روح جي رياضت واري هر ڪنهن فرض کي، سندس مڙس چاهي تہ قائم رکي، يا چاهي تہ رد ڪري ڇڏي.</verse>
				<verse number="14">پر جيڪڏهن هن جو مڙس روز بہ روز ماٺ ۾ رهي ۽ ڪي بہ نہ چويس؛ تہ هن جون سڀ مڃتائون ۽ خاص فرض، جي مٿس آهن تن کي هو قائم ٿو ڪري: هن انهن کي قائم ڪيو آهي، ڇالاءِ تہ جنهن ڏينهن انهن جي خبر پيس، تنهن ڏينهن کيس ڪجهہ بہ ڪين چيائين.</verse>
				<verse number="15">پر اهي ٻڌي پوءِ جڏهن هو انهن کي رد ڪندو، تہ سندس زال جو گناهہ سندس سر تي ايندو.</verse>
				<verse number="16">هي آهن اُهي قانون، جي پيءُ ۽ ڌيءَ جي وچ ۾، جڏهن هوءَ ننڍيءَ وهيءَ ۾ پيءُ جي گهر ۾ رهندي هجي، ۽ مڙس ۽ زال جي وچ ۾ عمل ۾ اچن؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="31">
				<verse number="1">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">مديان جي ماڻهن کان بني اسرائيل جو وير وٺ: تنهن کان پوءِ تون پنهنجي قوم سان وڃي گڏبين.</verse>
				<verse number="3">۽ موسيٰ ماڻهن کي چيو، تہ اوهين پاڻ مان ڪن کي هٿيار ٻڌائي، جنگ جي لاءِ تيار ڪريو تہ هو مديان تي ڪاهہ ڪن، ۽ خداوند جي لاءِ مديانين کان وير وٺن.</verse>
				<verse number="4">يعني اسرائيلين جي سڀني قبيلن مان هرهڪ قبيلي منجهان، هڪ هزار ماڻهو اوهين جنگ جي لاءِ موڪليو.</verse>
				<verse number="5">سو هزارن اسرائيلين مان، هرهڪ قبيلي منجهان، هڪ هڪ هزار ملڻ ڪري، ٻارهن هزار هٿياربند ماڻهو جنگ جي لاءِ چونڊيا ويا.</verse>
				<verse number="6">۽ موسيٰ هرهڪ قبيلي منجهان هڪ هزار ماڻهن کي جنگ تي موڪليو، ۽ اليعزر ڪاهن جي پٽ فنيحاس کي بہ، عبادتگاهہ جا ٿانو ۽ وڏي آواز واريون تُريون ڏيئي، انهن سان گڏ جنگ تي روانو ڪيائون.</verse>
				<verse number="7">سو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن هو مديانين سان وڃي وڙهيا؛ ۽ انهن جا سڀ مرد ماڻهو ماري ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="8">۽ انهن کان سواءِ هنن مديان جي پنجن بادشاهن کي، يعني عوي، رقم، صور، حور ۽ ربع کي بہ ماري ڇڏيو؛ ۽ بعور جي پٽ بلعام کي بہ ترار سان قتل ڪيائون.</verse>
				<verse number="9">۽ بني اسرائيل، مديانين جون زالون ۽ انهن جا ٻار ٻچا قيد ڪيا؛ ۽ انهن جا سڀ ڍور، ۽ ڌڻ، ۽ سمورو مال اسباب ڦري ورتائون،</verse>
				<verse number="10">۽ انهن جا سڀ شهر جن ۾ هو رهندا هئا، ۽ انهن جون سڀ ڇانوڻيون ساڙي ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="11">۽ انهن لٽ جو سمورو مال، ۽ سڀ قيدي، انسان توڙي حيوان پاڻ سان کنيا.</verse>
				<verse number="12">۽ هو اهي قيدي، ۽ لٽ جو سمورو مال، موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن ۽ ساريءَ جماعت وٽ، موآب جي ميدان ۾ يريحو جي سامهون يردن جي ڪناري تي کڻي آيا.</verse>
				<verse number="13">تڏهن موسيٰ، ۽ اليعزر ڪاهن، ۽ جماعت جا سڀ سردار، هنن جي استقبال لاءِ منزل گاهہ کان ٻاهر آيا.</verse>
				<verse number="14">۽ موسيٰ لشڪرن جي عملدارن تي، يعني جيڪي هزارن جا سردار ۽ سون جا سردار هئا، ۽ جنگ تان آيا هئا تن تي ڪاوڙيو.</verse>
				<verse number="15">۽ موسيٰ انهن کي چيو، تہ ڇا اوهان سڀني زالن کي جيئرو ڇڏيو آهي؟</verse>
				<verse number="16">ڏسو، انهن ئي بلعام جي چوڻ تي، فغور واريءَ ڳالهہ ۾، خداوند جي برخلاف، بني اسرائيل کي گنهگار ڪيو، جنهن ڪري خداوند جي جماعت ۾ طاعون پيو.</verse>
				<verse number="17">تنهنڪري ٻارن مان سڀني ڇوڪرن کي، ۽ سڀيئي زالون جي مڙس سان گڏ سُتيون آهن، تن کي ماري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="18">پر جي ڇوڪريون مڙس سان نہ سُتيون آهن، تن کي پنهنجي لاءِ جيئرو ڇڏيو.</verse>
				<verse number="19">۽ اوهين ست ڏينهن منزلگاهہ کان ٻاهر رهو: اوهان مان جنهن، ڪنهن ماڻهوءَ کي ماريو هجي، يا جنهن، ڪنهن مئل ماڻهوءَ کي هٿ لاتو هجي، سو پاڻ کي، ۽ پنهنجن قيدين کي، ٽئين ڏينهن ۽ ستين ڏينهن پاڪ ڪري.</verse>
				<verse number="20">اوهين پنهنجن سڀني ڪپڙن کي، ۽ چم جي سموري سامان کي، ۽ ٻڪرين جي ڏاس جي سڀني شين کي، ۽ ڪاٺ جي سموري سامان کي پاڪ ڪجو.</verse>
				<verse number="21">جيڪي ماڻهو جنگ تي ويا هئا، تن کي اليعزر ڪاهن چيو تہ اهو شريعت جو قانون آهي، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو:</verse>
				<verse number="22">پوءِ سون، رُپو، پتل، لوهہ، قلعي، شيهو،</verse>
				<verse number="23">۽ ٻي سڀڪا شيءِ، جا باهہ ۾ وجهي سگهجي، تنهن کي اوهين باهہ مان لنگهايو، پوءِ اهي پاڪ ٿينديون؛ انهي هوندي بہ اهي ناپاڪي لاهڻ واري پاڻيءَ سان پاڪ ڪيون وڃن: ۽ جيڪي شيون باهہ ۾ وجهي نٿيون سگهجن، تن سڀني کي اوهين پاڻيءَ مان لنگهائجو.</verse>
				<verse number="24">۽ ستين ڏينهن اوهين پنهنجا ڪپڙا ڌوئجو، پوءِ اوهين پاڪ ٿيندا، تنهن کان پوءِ اوهين منزلگاهہ ۾ اچجو.</verse>
				<verse number="25">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="26">جيڪي ماڻهو ۽ جانور لٽ ۾ گرفتار ٿيا آهن، تن جو تون ۽ اليعزر ڪاهن، ۽ جماعت جي ابن ڏاڏن جي گهراڻن جا رئيس، گڏجي شمار ڪريو:</verse>
				<verse number="27">۽ اهو لٽ جو مال اوهين ٻن حصن ۾ ورهايو؛ هڪڙو حصو اُنهن جنگي جوانن کي ڏيو، جيڪي جنگ تي ويا هئا، ۽ ٻيو حصو ساريءَ جماعت کي ڏيو:</verse>
				<verse number="28">۽ جيڪي جوان جنگ تي ويا هئا، تن کان تون خداوند جي لاءِ محصول اُڳاڙ: پنجن پنجن سون مان هڪڙو ساهوارو، جهڙو ماڻهن مان تهڙو ڍورن، گڏهن ۽ ڌڻن مان:</verse>
				<verse number="29">انهن جي اڌ حصي مان اهو وٺي، خداوند جي لاءِ کڻڻ واري قربانيءَ طور اليعزر ڪاهن کي ڏي.</verse>
				<verse number="30">۽ بني اسرائيل واري اڌ حصي مان، پنجاهن پنجاهن مان هڪڙو، ماڻهن توڙي ڍورن، گڏهن توڙي ڌڻن منجهان، مطلب تہ هر قسم جي چوپائي مال مان هڪڙو ڪڍي لاوين کي ڏي، جي خداوند جي عبادتگاهہ جي نگهباني ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="31">سو موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="32">هاڻي لٽ جو مال جيڪو جنگي جوانن کي هٿ لڳو هو، تنهن کان سواءِ جيڪو مال هٿ آيو هو، سو هي هو، يعني ڇهہ لک پنجهتر هزار رڍون</verse>
				<verse number="33">ٻاهتر هزار ڍور</verse>
				<verse number="34">ايڪهٺ هزار گڏهہ،</verse>
				<verse number="35">۽ ماڻهن منجهان ٻٽيهہ هزار اهي زالون، جي مڙس سان گڏ نہ سُتيون هيون.</verse>
				<verse number="36">۽ جيڪي جنگ تي ويا هئا، تن جو اڌ حصو هن ريت هو: ٽي لک ستٽيهہ هزار پنج سؤ رڍون:</verse>
				<verse number="37">۽ رڍن مان خداوند جو حصو ڇهہ سؤ پنجهتر رڍون ٿيون.</verse>
				<verse number="38">۽ ڇٽيهہ هزار ڍور: جن مان خداوند جو حصو ٻاهتر ٿيو.</verse>
				<verse number="39">۽ ٽيهہ هزار پنج سؤ گڏهہ: جن مان خداوند جو حصو ايڪهٺ ٿيو.</verse>
				<verse number="40">۽ سورهن هزار انسان؛ جن مان خداوند جو حصو ٻٽيهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="41">۽ اهو محصولي حصو، جو خداوند جي لاءِ کڻڻ واري قربانيءَ طور هو، سو موسيٰ اليعزر ڪاهن کي ڏنو، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="42">۽ بني اسرائيل جو اڌ حصو، جو موسيٰ جنگي ماڻهن کان ڌار ڪيو هو.</verse>
				<verse number="43">(يعني جماعت وارو اڌ حصو بہ هن ريت هو، ٽي لک ستٽيهہ هزار پنج سؤ رڍون،</verse>
				<verse number="44">ڇٽيهہ هزار ڍور،</verse>
				<verse number="45">ٽيهہ هزار پنج سؤ گڏهہ،</verse>
				<verse number="46">۽ سورهن هزار انسان؛)</verse>
				<verse number="47">۽ موسيٰ بني اسرائيل جي حصي مان، پنجاهہ پنجاهہ مان هڪڙو، يعني ماڻهن توڙي جانورن منجهان هڪڙو ڪڍي لاوين کي ڏنو، جن خداوند جي عبادتگاهہ جي نگهباني ٿي ڪئي؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي حڪم فرمايو هو.</verse>
				<verse number="48">پوءِ لشڪر جا عملدار، جيڪي هزارن جا سردار ۽ سوَن جا سردار هئا، سي موسيٰ وٽ آيا.</verse>
				<verse number="49">۽ انهن موسيٰ کي چيو تہ: جيڪي جنگي ماڻهو اسان جي هٿ هيٺ هئا، تن جو شمار تنهنجن ٻانهن ڪيو آهي، ۽ اسان مان هڪڙو ماڻهو بہ ڪونہ گهٽيو آهي.</verse>
				<verse number="50">۽ اسان مان هرهڪ ماڻهوءَ کي جيڪي هٿ لڳو هو، تنهن مان، يعني سون جي زيورن مان، پير جي ڪڙن مان، دهرين ۽ ڪنگڻن، ۽ منڊين مان، ايرنگن ۽ هارن مان، اسان خداوند جي لاءِ نذرانو آندو آهي؛ انهي لاءِ تہ خداوند جي حضور ۾ اسان جي لاءِ ڪفارو ٿئي.</verse>
				<verse number="51">تڏهن موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن، انهن کان اهو سون يعني سڀ سونا زيور ورتا.</verse>
				<verse number="52">۽ انهيءَ کڻڻ واري قربانيءَ وارو سون، جيڪو هزارن جي سردارن ۽ سوَن جي سردارن پيش ڪيو، سو سورهن هزار ست سؤ پنجاهہ مشقال ٿيو.</verse>
				<verse number="53">(ڇالاءِ جو جنگي جوانن مان هر ڪنهن ماڻهو پنهنجي لاءِ لٽ جو مال کنيو هو.)</verse>
				<verse number="54">۽ موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن، انهن هزارن ۽ سوَن جي سردارن وارو سون کڻي جماعت واري تنبوءَ ۾ آندو، تہ اهو خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل جي لاءِ يادگار ٿئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="32">
				<verse number="1">هاڻي بني روبن ۽ بني جد وٽ چوپايو مال تمام گهڻو هو: سو جڏهن انهن يعزير ۽ جلعاد جي زمين ڏٺي، ۽ سمجهيائون تہ اهو هنڌ چوپائي مال جي لائق آهي؛</verse>
				<verse number="2">تڏهن بني جد ۽ بني روبن اچي موسيٰ کي، ۽ اليعزر ڪاهن کي، ۽ جماعت جي سردارن کي چيو، تہ</verse>
				<verse number="3">عطارات، ۽ ديبون، ۽ يعزير، ۽ نمرہ، ۽ حسبون، ۽ اليعا ۽ شبام، ۽ نبو، ۽ بعون جو ملڪ،</verse>
				<verse number="4">يعني اهو ملڪ، جنهن کي خداوند اسرائيل جي جماعت جي اڳيان شڪست ڏني، انهي جي زمين چوپائي مال جي لاءِ تمام چڱي آهي، ۽ تنهنجن ٻانهن وٽ چوپايو مال آهي.</verse>
				<verse number="5">سو جيڪڏهن اسان تي تنهنجي مهر جي نظر آهي، تہ هي ملڪ تنهنجن ٻانهن کي موروثي ملڪيت ڪري ڏيئي ڇڏ؛ اسان کي يردن جي پرئين ڀر نہ لنگهاءِ.</verse>
				<verse number="6">تڏهن موسيٰ بني جد ۽ بني روبن کي چيو، تہ اوهان جا ڀائر جنگ تي ويندا ۽ اوهين هتي ويٺا رهندا ڇا؟</verse>
				<verse number="7">ڇو اوهين بني اسرائيل کي انهي ملڪ تائين پهچڻ کان دل شڪستو ٿا ڪريو، جو ملڪ خداوند هنن کي ڏنو آهي؟</verse>
				<verse number="8">اوهانجن ابن ڏاڏن بہ ائين ئي ڪيو، جڏهن مون انهن کي قادس برنيع مان هن ملڪ جي جاچ ڪرڻ لاءِ موڪليو هو،</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ تہ جڏهن هو اسڪال جي ماٿريءَ تائين ويا، ۽ انهي ملڪ کي ڏٺائون، تڏهن بني اسرائيل جي دل ڀڃي ڇڏيائون، تہ جيڪو ملڪ خداوند انهن کي ڏنو آهي تنهن ۾ نہ وڃن.</verse>
				<verse number="10">۽ انهي ڏينهن خداوند کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هن قسم کڻي چيو، تہ</verse>
				<verse number="11">جيڪي ماڻهو مصر مان نڪري آيا آهن، تن مان ڪوبہ، جنهن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هوندي، اهو ملڪ ڪين ڏسندو، جنهن بابت مون ابرهام سان، ۽ اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو؛ ڇالاءِ جو انهن منهنجي پوري تابعداري نہ ڪئي آهي:</verse>
				<verse number="12">پر يفنہ قنزيءَ جو پٽ ڪالب، ۽ نون جو پٽ يشوع اهو ڏسندا: جو هنن خداوند جي پوري تابعداري ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="13">۽ خداوند کي بني اسرائيل تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ هن کين چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ هيڏانهن هوڏانهن رلايو، جيسين ڪ انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀ ماڻهو، جن خداوند جي نظر ۾ برائي ڪئي هئي، سي نابود ٿي ويا.</verse>
				<verse number="14">۽ ڏسو اوهين جي گنهگارن جو اولاد آهيو، سي پنهنجن ابن ڏاڏن جي جاءِ تي اُٿيا آهيو؛ انهي لاءِ تہ خداوند بني اسرائيل تي اڃا بہ وڌيڪ ڪاوڙجي.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اوهين هن جي تابعداريءَ کان ڦرندا، تہ هو وري بہ هنن کي بيابان ۾ ڇڏي ڏيندو؛ ۽ اوهين هنن سڀني ماڻهن کي برباد ڪندا.</verse>
				<verse number="16">تڏهن اهي سندس ويجهو اچي چوڻ لڳا تہ اسين هتي پنهنجن ڍورن جي لاءِ واڙا، ۽ ٻارن ٻچن لاءِ شهر ٻڌنداسين:</verse>
				<verse number="17">پر اسين پاڻ هٿيار ٻڌي بني اسرائيل جي اڳيان هلڻ لاءِ تيار ٿينداسين، جيسين ڪ هنن کي سندن جاءِ تائين پهچايون: باقي اسان جا ٻار ٻچا، هتي جي رهاڪن جي سببان ڪوٽن وارن شهرن ۾ رهندا.</verse>
				<verse number="18">۽ جيسين بني اسرائيل مان هرڪو ماڻهو پنهنجو ورثو هٿ نہ ڪندو، تيسين اسين پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي ڪين اينداسين.</verse>
				<verse number="19">۽ اسين يردن جي پرئين ڀر، يا انهي کان اڳتي، هنن سان گڏ ورثو ڪين وٺنداسين؛ ڇالاءِ جو اسان جو ورثو يردن جي هن ڀر، اُڀرندي ڏانهن اسان کي ملي چڪو آهي.</verse>
				<verse number="20">تڏهن موسيٰ انهن کي چيو تہ جيڪڏهن اوهين ائين ڪريو، ۽ خداوند جي حضور ۾ هٿيار ٻڌي جنگ تي وڃو،</verse>
				<verse number="21">۽ اوهان مان سڀيئي هٿياربند ماڻهو خداوند جي حضور ۾ يردن جي پرئين ڀر وڃن، جيسين ڪ خداوند پنهنجن دشمنن کي پنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍي،</verse>
				<verse number="22">۽ ملڪ خداوند جي حضور ۾ جيتجي وڃي؛ تنهن کان پوءِ اوهين موٽي اچو، تہ پوءِ اوهين خداوند جي حضور ۾، ۽ اسرائيل جي اڳيان بي قصور ٺهربا، ۽ هي ملڪ خداوند جي حضور ۾ اوهان کي موروثي ملڪيت ٿي ملندو.</verse>
				<verse number="23">پر جيڪڏهن اوهين ائين نہ ڪندا، تہ ڏسو، اوهين خداوند جا گنهگار ٿيندا: ۽ يقين ڄاڻجو، تہ اوهان جو گناهہ اوهان کي جهليندو.</verse>
				<verse number="24">اوهين ڀلي پنهنجن ٻارن ٻچن لاءِ شهر، ۽ پنهنجين رڍن لاءِ واڙا جوڙيو؛ ۽ جيڪي اوهان جي واتان نڪتو آهي، سو ڪريو.</verse>
				<verse number="25">تڏهن بني جد، ۽ بني روبن موسيٰ سان گفتگو ڪري کيس چيو، تہ تنهنجا ٻانها ائين ئي ڪندا، جيئن اسان جي مالڪ فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="26">اسان جا ٻار، اسان جون زالون، اسان جا ڌڻ، ۽ اسان جو سڀ چوپايو مال، جلعاد جي شهر ۾ رهندو:</verse>
				<verse number="27">۽ اسين جي تنهنجا ٻانها آهيون، تن مان هرڪو هٿياربند ماڻهو، اسان جي مالڪ جي چوڻ موجب پرئين ڀر خداوند جي حضور ۾ جنگ تي ويندو.</verse>
				<verse number="28">تڏهن موسيٰ اليعزر ڪاهن کي، ۽ نون جي پٽ يشوع کي، ۽ بني اسرائيل جي قبيلن جي ابن ڏاڏن جي گهراڻن جي رئيسن کي، انهن جي بابت وصيت ڪئي.</verse>
				<verse number="29">۽ موسيٰ انهن کي چيو، تہ جيڪڏهن بني جد ۽ بني روبن مان هرڪو مرد ماڻهو هٿيار ٻڌي خداوند جي حضور ۾ اوهان سان گڏ يردن جي پرئين ڀر جنگ تي وڃي، ۽ اهو ملڪ اوهان جي قبضي ۾ اچي؛ تہ پوءِ اوهين جلعاد جو ملڪ انهن کي موروثي ملڪيت ڪري ڏجو:</verse>
				<verse number="30">پر جيڪڏهن اهي هٿيار ٻڌي اوهان سان گڏ پرئين ڀر نہ وڃن، تہ پوءِ انهن کي بہ ڪنعان جي ملڪ ۾ ورثو ملندو.</verse>
				<verse number="31">۽ بني جد، ۽ بني روبن، ورندي ڏيئي چيو، تہ جيئن خداوند تنهنجن ٻانهن کي فرمايو آهي، تيئن ئي هو ڪندا.</verse>
				<verse number="32">اسين هٿيار ٻڌي خداوند جي حضور ۾ پرئين ڀر ڪنعان جي ملڪ ۾ وينداسين، پر اسان جي موروثي ملڪيت يردن جي هن ڀر رهي.</verse>
				<verse number="33">تڏهن موسيٰ امورين جي بادشاهہ سيحون جي بادشاهت، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي بادشاهت، انهن جي شهرن ۽ حدن موجب، سمورو ملڪ، ۽ انهي جا شهر، بني جد، ۽ بني روبن، ۽ يوسف جي پٽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ڏيئي ڇڏيا.</verse>
				<verse number="34">پوءِ بني جد ڪي شهر جوڙيا يعني ديبون، عطارات، عروعير،</verse>
				<verse number="35">عطرات شوفان، يعزير، يگبها؛</verse>
				<verse number="36">بيت نمرہ، ۽ بيت هاران: ۽ انهن جي چوڌاري ڀتيون ٻڌائون، ۽ رڍن جي لاءِ واڙا جوڙيائون.</verse>
				<verse number="37">۽ بني روبن بہ، حسبون، اليعالي، قريتائم؛</verse>
				<verse number="38">نبو ۽ بعل معون، (جن جا نالا بدلائي ڇڏيائون) ۽ شبماہ جا شهر جوڙيا: ۽ جيڪي شهر جوڙيائون، تن کي ٻيا نالا ڏنائون.</verse>
				<verse number="39">۽ منسيءَ جي پٽ مڪير جي گهراڻي، جلعاد جو ملڪ وڃي هٿ ڪيو، ۽ جيڪي اموري اتي رهندا هئا، تن کي هڪالي ڪڍيائون.</verse>
				<verse number="40">۽ موسيٰ جلعاد جو ملڪ، منسيءَ جي پٽ مڪير جي گهراڻي کي ڏنو؛ ۽ هو اتي رهڻ لڳا.</verse>
				<verse number="41">۽ منسيءَ جي پٽ يائير جي گهراڻي وارن، انهن جا ٻيا شهر وڃي هٿ ڪيا ۽ انهن جو نالو حووت يائير رکيائون.</verse>
				<verse number="42">۽ نوبح جي گهراڻي وارن، قنات ۽ انهي جي آس پاس وارا ڳوٺ وڃي هٿ ڪيا، ۽ انهي کي پنهنجي نالي جي پٺيان نوبح سڏيائون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="33">
				<verse number="1">جڏهن بني اسرائيل موسيٰ ۽ هارون جي هٿ هيٺ پنهنجن لشڪرن سان گڏ، مصر جي ملڪ مان نڪري هليا، تڏهن انهن هي منزلون ڪيون.</verse>
				<verse number="2">۽ موسيٰ خداوند جي حڪم موجب انهن جي مسافريءَ جو احوال سندن منزلن مطابق لکي ڇڏيو: ۽ انهن جي مسافريءَ جون منزلون هي هيون.</verse>
				<verse number="3">هو پهرئين مهيني جي پندرهينءَ تاريخ رعمسيس مان ڪوچ ڪري نڪتا؛ يعني فسح جي عيد جي ٻئي ڏينهن صبح جو بني اسرائيل سڀني مصرين جي ڏسندي ڏاڍي فخر سان روانا ٿيا،</verse>
				<verse number="4">انهي وقت مصرين پنهنجا اهي پهريتا ٻار پئي دفن ڪيا، جن کي خداوند ماريو هو: خداوند انهن جي معبودن کي بہ سزا ڏني هئي.</verse>
				<verse number="5">سو بني اسرائيل رعمسيس مان ڪوچ ڪري نڪتا، ۽ سڪات ۾ اچي منزل ڪيائون.</verse>
				<verse number="6">وري سڪات مان روانا ٿي، ايتام ۾ اچي تنبو کوڙيائون، جو بيابان جي ڪناري تي آهي.</verse>
				<verse number="7">پوءِ ايتام مان ڪوچ ڪري، في هخيروت ڏانهن موٽيا، جو بعل صفون جي سامهون آهي: ۽ مجدال ۾ اچي منزل ڪيائون.</verse>
				<verse number="8">پوءِ هو في هخيروت مان روانا ٿيا، ۽ سمنڊ جي وچ مان لنگهي بيابان ۾ آيا: ۽ ايتام جي بيابان ۾، ٽن ڏينهن جو پنڌ ڪري، مارہ ۾ اچي تنبو کوڙيائون.</verse>
				<verse number="9">پوءِ مارہ مان نڪري، ايليم ۾ آيا: ۽ ايليم ۾ پاڻيءَ جا ٻارهن چشما، ۽ کجين جا ستر وڻ هئا؛ ۽ اُتي هنن منزل ڪئي.</verse>
				<verse number="10">وري هو ايليم مان روانا ٿيا، ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي ڀرسان اچي تنبو کوڙيائون.</verse>
				<verse number="11">پوءِ ڳاڙهي سمنڊ وٽان ڪوچ ڪري، صين جي بيابان ۾ اچي منزل ڪيائون.</verse>
				<verse number="12">پوءِ صين جي بيابان مان روانا ٿي، دفقہ ۾ اچي تنبو کوڙيائون.</verse>
				<verse number="13">وري دفقہ مان نڪري، آلوس ۾ اچي لٿا.</verse>
				<verse number="14">۽ آلوس مان ڪوچ ڪري، رفيديم ۾ اچي منزل ڪيائون، جتي هنن کي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونہ مليو.</verse>
				<verse number="15">پوءِ هو رفيديم مان روانا ٿيا، ۽ سينا جي بيابان ۾ اچي تنبو کوڙيائون.</verse>
				<verse number="16">وري سينا جي بيابان مان نڪري، قبروت هتاوہ ۾ اچي لٿا.</verse>
				<verse number="17">۽ قبروت هتاوہ مان ڪوچ ڪري حصيرات ۾ اچي منزل ڪيائون.</verse>
				<verse number="18">۽ حصيرات مان روانا ٿي، رتمہ ۾ اچي تنبو کوڙيائون.</verse>
				<verse number="19">پوءِ رتمہ مان نڪري، رمون فارص ۾ اچي لٿا.</verse>
				<verse number="20">۽ رمون فارص مان ڪوچ ڪري، لبناہ ۾ اچي منزل ڪيائون.</verse>
				<verse number="21">۽ لبناہ مان روانا ٿي، ريسہ ۾ اچي تنبو کوڙيائون.</verse>
				<verse number="22">وري ريسہ مان نڪري، قهيلات ۾ اچي لٿا.</verse>
				<verse number="23">قهيلات مان ڪوچ ڪري، سافر جبل تي اچي منزل ڪيائون.</verse>
				<verse number="24">۽ سافر جبل وٽان روانا ٿي، حرادہ ۾ اچي تنبو کوڙيائون.</verse>
				<verse number="25">۽ حرادہ مان نڪري مقهيلوت ۾ اچي لٿا.</verse>
				<verse number="26">پوءِ مقهيلوت مان ڪوچ ڪري، تحت ۾ اچي منزل ڪيائون،</verse>
				<verse number="27">۽ تحت مان روانا ٿي، تارح ۾ اچي تنبو کوڙيائون.</verse>
				<verse number="28">۽ تارح مان نڪري، متقہ ۾ اچي لٿا.</verse>
				<verse number="29">وري متقہ مان ڪوچ ڪري، حشمونہ ۾ اچي منزل ڪيائون.</verse>
				<verse number="30">۽ حشمونہ مان روانا ٿي، موسيروت ۾ اچي تنبو کوڙيائون.</verse>
				<verse number="31">۽ موسيروت مان نڪري، بني يعقان ۾ اچي لٿا.</verse>
				<verse number="32">وري بني يعقان مان ڪوچ ڪري، حورهجدجاد ۾ اچي منزل ڪيائون.</verse>
				<verse number="33">۽ حورهجدجاد مان روانا ٿي، يوطبات ۾ اچي تنبو کوڙيائون.</verse>
				<verse number="34">يوطبات مان نڪري، عبرونہ ۾ اچي لٿا.</verse>
				<verse number="35">پوءِ عبرونہ مان ڪوچ ڪري، عصيون جابر ۾ اچي منزل ڪيائون.</verse>
				<verse number="36">۽ عصيون جابر مان روانا ٿي، صين جي بيابان ۾ (جو قادس بہ ٿو سڏجي،) تنهن ۾ اچي تنبو کوڙيائون.</verse>
				<verse number="37">۽ قادس مان ڪوچ ڪري، حور جبل وٽ ادوم ملڪ جي سرحد تي اچي منزل ڪيائون.</verse>
				<verse number="38">اتي هارون ڪاهن، خداوند جي حڪم موجب حور جبل تي چڙهي ويو، ۽ بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪتا، تنهن کان پوءِ چاليهين ورهيہ جي پنجين مهيني جي پهرين تاريخ هن اتي وفات ڪئي.</verse>
				<verse number="39">۽ جڏهن هارون حور جبل تي وفات ڪئي، تڏهن هن جي عمر هڪ سؤ ٽيويهہ ورهيہ هئي.</verse>
				<verse number="40">۽ عراد جو ڪنعاني بادشاهہ، جو ڪنعان ملڪ جي ڏکڻ ۾ رهندو هو، تنهن بني اسرائيل جي اچڻ جو ٻڌو.</verse>
				<verse number="41">پوءِ اهي حور جبل وٽان روانا ٿيا، ۽ ضلمونہ ۾ اچي تنبو کوڙيائون.</verse>
				<verse number="42">وري ضلمونہ مان نڪري، فونون ۾ اچي لٿا.</verse>
				<verse number="43">۽ فونون مان ڪوچ ڪري، اوبوت ۾ اچي منزل ڪيائون.</verse>
				<verse number="44">۽ اوبوت مان روانا ٿي، موآب جي سرحد تي عئي عباريم ۾ اچي تنبو کوڙيائون.</verse>
				<verse number="45">۽ عيم مان نڪري، ديبون جد ۾ اچي لٿا.</verse>
				<verse number="46">وري ديبون جد مان ڪوچ ڪري، علمون دبلہ تايم ۾ اچي منزل ڪيائون.</verse>
				<verse number="47">۽ علمون دبلہ تايم مان روانا ٿي، نبوءَ جي سامهون عباريم جي جبلن ۾ اچي تنبو کوڙيائون.</verse>
				<verse number="48">وري عباريم جي جبلن مان نڪري، يردن جي ڀرسان، موآب جي ميدان ۾، يريحو جي سامهون اچي لٿا.</verse>
				<verse number="49">۽ هنن يردن جي ڀرسان بيت يسيموت کان وٺي، ابيل سطيم تائين موآب جي ميدان ۾ تنبو کوڙيا.</verse>
				<verse number="50">پوءِ خداوند يردن جي ڪناري تي، يريحو جي سامهون، موآب جي ميدان ۾ موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ،</verse>
				<verse number="51">جڏهن اوهين يردن ندي اُڪري، ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيو،</verse>
				<verse number="52">تڏهن اتي جي سڀني رهاڪن کي، پنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍجو، ۽ انهن جون پٿر جون مورتون، ۽ پلٽيل مورتون برباد ڪري ڇڏجو، ۽ انهن جون اُتانهون جايون ڊاهي ڇڏجو:</verse>
				<verse number="53">۽ اوهين اهو ملڪ هٿ ڪري انهي ۾ رهجو؛ ڇالاءِ جو مون اهو ملڪ اوهان کي ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="54">۽ اوهين اهو ملڪ پُکا وجهي، پنهنجن گهراڻن موجب ورثي طور ورهائي کڻجو؛ گهڻن کي گهڻو ورثو ڏجو، ۽ ٿورن کي ٿورو ورثو ڏجو: جنهن ماڻهو جي نالي، جنهن هنڌ جو پُکو پوي، اهو هنڌ انهي کي ڏنو وڃي؛ اوهان جي ابن ڏاڏن جي قبيلن موجب اوهان کي ورثو ملندو.</verse>
				<verse number="55">پر جيڪڏهن اوهين ملڪ جي رهاڪن کي پنهنجي اڳيان هڪالي نہ ڪڍندا؛ تہ پوءِ جن کي اوهين اتي رهڻ ڏيندا، سي اوهان جي اکين ۾ ڇيتين وانگر، ۽ اوهانجن پاسن ۾ ڪنڊن وانگر ٿيندا، ۽ جنهن ملڪ ۾ اوهين رهندا، تنهن ۾ اهي اوهان کي ستائيندا.</verse>
				<verse number="56">۽ نيٺ هيئن ٿيندو تہ جيئن مون انهن سان ڪرڻ گهريو، تيئن آءٌ اوهان سان ڪندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="34">
				<verse number="1">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس، تہ</verse>
				<verse number="2">بني اسرائيل کي حڪم ڏئي چئُہ، تہ جڏهن اوهين ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيو، (هي اهو ملڪ آهي، جو اوهان جو ورثو ٿيندو، يعني ڪنعان جو ملڪ سندس حدن موجب.)</verse>
				<verse number="3">تڏهن اوهان جي ڏکڻ واري سرحد صين جي بيابان کان وٺي ادوم جي سرحد تائين ٿيندي، ۽ اوهان جي ڏاکڻي سرحد کاري سمنڊ جي ڇيڙي کان وٺي اُڀرندي ڏانهن ٿيندي:</verse>
				<verse number="4">اوهان جي سرحد عقرابيم جي چاڙهيءَ جي ڏکڻ کان ڦري، صين تائين ويندي: اُتان وري قادس برنيع جي ڏکڻ ڏانهن ويندي؛ اُتان وري حصرادار کان لنگهي عضمون تائين ويندي:</verse>
				<verse number="5">پوءِ سرحد عضمون کان ڦري، مصر جي نديءَ تائين ويندي، ۽ سمنڊ تي وڃي پوري ٿيندي.</verse>
				<verse number="6">۽ اُلهندي واري سرحد اوهان جي لاءِ وڏو سمنڊ ۽ انهي جو ڪنارو ٿيندي: اها اوهان جي اُلهندي واري سرحد ٿيندي.</verse>
				<verse number="7">۽ اوهان جي اُتر واري سرحد: وڏي سمنڊ کان وٺي حور جبل تائين رکجو.</verse>
				<verse number="8">۽ حور جبل کان اوهين حمات جي گهڙڻ واريءَ جاءِ تائين نشان ڪجو؛ ۽ اتان نڪري سرحد ضداد تائين ويندي:</verse>
				<verse number="9">پوءِ سرحد اڳتي لنگهي زفرون تائين ويندي، ۽ اتان نڪري حصرعينان تي وڃي بيهندي: اها اوهان جي اُتر واري سرحد ٿيندي.</verse>
				<verse number="10">۽ اوهين پنهنجي اُڀرندي واري سرحد حصرعينان کان وٺي سفام تائين نشان ڪجو:</verse>
				<verse number="11">۽ سرحد سفام کان لهي ربلہ تائين، عين جي اُڀرندي پاسي ويندي؛ وري اتان لهي اڀرندي ڏانهن ڪنرت جي سمنڊ تائين ويندي:</verse>
				<verse number="12">پوءِ سرحد اتان لهي يردن تائين ويندي، ۽ اتان نڪري وڃي کاري سمنڊ تي بيهندي: اهو ملڪ سندس چئن ئي طرفن جي حدن موجب اوهان جو ٿيندو.</verse>
				<verse number="13">پوءِ موسيٰ بني اسرائيل کي حڪم ڏيئي چيو، تہ جيڪو ملڪ اوهين پُکا وجهي ورهائي ورثي ۾ کڻندا، ۽ جنهن جي بابت خداوند حڪم ڪيو آهي، تہ انهن نوَن قبيلن ۽ اڌ قبيلي کي ڏئي سو اهو آهي:</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو بني روبن جي قبيلي کي پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، ۽ بني جد جي قبيلي کي پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن ورثو مليو آهي، ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي بہ سندس ورثو ملي چڪو آهي:</verse>
				<verse number="15">انهن اڍائي قبيلن کي سندن ورثو، سج اُڀرڻ واري پاسي يردن جي هن ڀر، يريحو وٽ اُڀرندي ڏانهن ملي چڪو آهي.</verse>
				<verse number="16">پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس، تہ</verse>
				<verse number="17">جيڪي ماڻهو انهي ملڪ جو ورثو اوهان کي ورهائي ڏيندا، تن جا نالا هي آهن: اليعزر ڪاهن، ۽ نون جو پٽ يشوع.</verse>
				<verse number="18">۽ اوهين ملڪ جو ورثو ورهائڻ لاءِ هرهڪ قبيلي مان هڪڙو سردار پاڻ سان کڻجو.</verse>
				<verse number="19">۽ انهن ماڻهن جا نالا هي آهن: يهوداهہ جي قبيلي مان، يفنہ جو پٽ ڪالب.</verse>
				<verse number="20">بني شمعون جي قبيلي مان، عميهود جو پٽ شموئيل.</verse>
				<verse number="21">بنيمين جي قبيلي مان، ڪسلون جو پٽ اليداد.</verse>
				<verse number="22">بني دان جي قبيلي جو سردار، يگليءَ جو پٽ بقي.</verse>
				<verse number="23">بني يوسف مان، بني منسيءَ جي قبيلي جو سردار، افود جو پٽ حني ايل.</verse>
				<verse number="24">بني افرائيم جي قبيلي جو سردار، سفتان جو پٽ قموايل.</verse>
				<verse number="25">بني زبولون جي قبيلي جو سردار، فرناڪ جو پٽ اليصفن.</verse>
				<verse number="26">بني اشڪار جي قبيلي جو سردار، عزان جو پٽ فلتي ايل.</verse>
				<verse number="27">بني آشر جي قبيلي جو سردار، شلوميءَ جو پٽ اخيهود.</verse>
				<verse number="28">بني نفتاليءَ جي قبيلي جو سردار، عميهود جو پٽ فداهيل.</verse>
				<verse number="29">هي اهي ماڻهو آهن جن کي خداوند حڪم ڏنو تہ ڪنعان جي ملڪ ۾ بني اسرائيل کي ورثو ورهائي ڏين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="35">
				<verse number="1">۽ خداوند يردن جي ڪناري تي، موآب جي ميدان ۾، يريحو وٽ موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس، تہ</verse>
				<verse number="2">بني اسرائيل کي حڪم ڏي تہ پنهنجيءَ موروثي ملڪيت مان ڪي شهر لاوين کي رهڻ لاءِ ڏين؛ ۽ انهن شهرن جي پسگردائي بہ اوهين لاوين کي ڏيو.</verse>
				<verse number="3">شهرن ۾ تہ هو پاڻ رهندا؛ ۽ باقي انهن جون ٻهراڙيون سندن ڍورن، ۽ مال، ۽ جانورن لاءِ ٿينديون.</verse>
				<verse number="4">۽ شهرن جي پسگردائي، جا اوهين لاوين کي ڏيو، سا شهر جي ڪوٽ کان ٻاهرئين پاسي چوڌاري هزار هٿن تائين هئڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="5">۽ اوهين شهر جي ٻاهران اُڀرندي ڏانهن ٻہ هزار هٿ ماپجو، ۽ ڏکڻ ڏانهن ٻہ هزار هٿ، ۽ الهندي ڏانهن ٻہ هزار هٿ، ۽ اُتر ڏانهن ٻہ هزار هٿ، پوءِ شهر انهن جي وچ ۾ ٿيندو. اهي هن جي لاءِ شهرن جون ٻهراڙيون ٿينديون.</verse>
				<verse number="6">۽ جيڪي شهر اوهين لاوين کي ڏيندا، تن مان ڇهہ شهر پناهہ جا هجن، جن ۾ خوني ماڻهو ڀڄي وڃي رهن: انهن کان سواءِ اوهين ٻائيتاليهہ شهر ٻيا بہ اڏجو.</verse>
				<verse number="7">سڀ شهر جي اوهين لاوين کي ڏيندا سي اٺيتاليهہ هجن. اهي اوهين انهن جي ٻهراڙين سميت ڏجو.</verse>
				<verse number="8">۽ جيڪي شهر اوهين ڏيو، سي بني اسرائيل جي موروثي ملڪيت مان هجن، گهڻن کان گهڻا وٺجو؛ ۽ ٿورن کان ٿورا وٺجو: هر ڪنهن کي جيڪو ورثو ملي تنهن موجب پنهنجن شهرن مان لاوين کي ڏئي.</verse>
				<verse number="9">۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس، تہ</verse>
				<verse number="10">بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ جڏهن اوهين يردن لنگهي ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيو،</verse>
				<verse number="11">تڏهن پنهنجي لاءِ ڪي شهر مقرر ڪجو، جي اوهان جي لاءِ پناهہ جا شهر هجن؛ تہ جيڪو ماڻهو ڀل مان ڪنهن جو خون ڪري، سو ڀڄي وڃي اتي رهي.</verse>
				<verse number="12">انهن شهرن ۾ اوهان کي وير وٺڻ واري کان پناهہ ملندي؛ انهي لاءِ تہ جيسين خوني جماعت جي اڳيان فيصلي جي لاءِ حاضر نہ ٿئي، تيسين اهو ماريو نہ وڃي.</verse>
				<verse number="13">۽ پناهہ جا شهر جي اوهين ڏيو سي ڇهہ هجن.</verse>
				<verse number="14">اوهين ٽي شهر يردن جي پرئين ڀر، ۽ ٽي شهر ڪنعان جي ملڪ ۾ ڏجو: اهي پناهہ جا شهر ٿيندا.</verse>
				<verse number="15">اهي ڇهہ شهر بني اسرائيل جي لاءِ، ۽ پرديسيءَ جي لاءِ، ۽ جيڪو ڌاريو اوهان منجهہ اچي رهي، انهي جي لاءِ پناهہ جا شهر ٿيندا: انهي لاءِ تہ جيڪو ماڻهو ڀل مان ڪنهن جو خون ڪري، سو ڀڄي اتي وڃي رهي.</verse>
				<verse number="16">جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن کي لوهہ جي هٿيار سان اهڙو ماري، جو اهو ماڻهو مري پوي، تہ هو خوني آهي: اهڙو خوني ضرور قتل ڪيو وڃي.</verse>
				<verse number="17">جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن کي اهڙو پهڻ هٿ سان اُڇلائي هڻي، جنهن سان موت ٿيڻ جو امڪان هجي، ۽ اهو ماڻهو مري پوي، تہ هو خوني آهي: اهڙو خوني ضرور قتل ڪيو وڃي.</verse>
				<verse number="18">يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن کي اهڙي لٺ هڻي، جنهن سان موت ٿيڻ جو امڪان هجي، ۽ اهو ماڻهو مري پوي، تہ هو خوني آهي: اهڙو خوني ضرور قتل ڪيو وڃي.</verse>
				<verse number="19">جيڪو خون جو وير وٺڻ وارو هجي، سو پاڻ اهڙي خونيءَ کي ماري: جڏهن اهو گڏجي وڃيس تڏهن انهي کي ماري وجهي.</verse>
				<verse number="20">جيڪڏهن ڪو ماڻهو دشمنيءَ جي ڪري ڪنهن کي ڌڪو ڏئي، يا لڪي وجهہ وٺي ڪا شيءِ اُڇلائي هڻيس، جنهنڪري اهو مري پوي؛</verse>
				<verse number="21">يا دشمنيءَ جي ڪري هٿ سان ڌڪ هڻي ماري وجهيس؛ تہ ڌڪ هڻڻ وارو ضرور قتل ڪيو وڃي؛ هو خوني آهي: ۽ خون جي وير جي وٺڻ وارو انهي خونيءَ کي جڏهن اهو گڏجيس، تڏهن ماري وجهي.</verse>
				<verse number="22">پر جيڪڏهن هو دشمنيءَ کان سواءِ اوچتو انهي کي ڌڪو ڏئي، يا لڪي ويهڻ کان سواءِ ڪا شيءِ مٿس اُڇلائي،</verse>
				<verse number="23">يا انهي کي ڏسڻ کان سواءِ اهڙو پهڻ اُڇلائي هڻي، جنهن سان موت ٿيڻ جو امڪان هجي ۽ انهي جي لڳڻ سان اهو مري وڃي، ۽ هو انهي جو دشمن نہ هجي، نڪي انهي جو مٺگهرو هجي:</verse>
				<verse number="24">تہ پوءِ جماعت انهي ڌڪ هڻندڙ، ۽ خون جي وير وٺڻ واري جي وچ ۾ هنن حڪمن موجب فيصلو ڪري:</verse>
				<verse number="25">۽ جماعت انهي خونيءَ کي انهي خون جي وير وٺڻ واري جي چنبي مان ڇڏائي، ۽ جماعت ئي هن کي سندس پناهہ جي شهر ۾ موڪلي ڏئي، جتي هو ڀڄي ويو هجي: ۽ پاڪ تيل سان مسح ڪيل سردار ڪاهن جي موت تائين، هو اتي ئي رهي.</verse>
				<verse number="26">پر جيڪڏهن اهو خوني جنهن شهر ۾ ڀڄي ويو هجي، تنهن جيءَ حد کان ڪنهن بہ وقت ٻاهر نڪري،</verse>
				<verse number="27">۽ جيڪڏهن خون جي وير وٺڻ واري کي اهو پناهہ جي شهر جي حد جي ٻاهر گڏجي وڃي، ۽ اهو وير وٺڻ وارو انهي خونيءَ کي ماري وجهي؛ تہ انهي تي خون جو ڏوهہ ڪونہ ايندو:</verse>
				<verse number="28">ڇالاءِ جو هن کي گهربو هو تہ سردار ڪاهن جي مرڻ تائين پنهنجي پناهہ جي شهر ۾ رهي: ۽ سردار ڪاهن جي مرڻ کان پوءِ اهو خوني پنهنجي ملڪيت واريءَ زمين ۾ موٽي اچي.</verse>
				<verse number="29">اهي ڳالهيون اوهان لاءِ اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ ۽ اوهان جي سڀني رهڻ جي هنڌن ۾ فيصلي جو قانون ٿينديون.</verse>
				<verse number="30">جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ماري وجهي، تہ اهو خوني، شاهدن جي زبانيءَ تي قتل ڪيو وڃي: پر هڪڙي شاهد جي زبانيءَ تي ڪوبہ ماڻهو ماريو نہ وڃي.</verse>
				<verse number="31">تنهن کان سواءِ جيڪو خوني قتل جي لائق هجي، تنهن کي سندس جان جي عيوضي ۾ پئسا وٺي ڇڏي نہ ڏجو: اهو ضرور قتل ڪيو وڃي.</verse>
				<verse number="32">۽ جيڪو پنهنجي پناهہ جي شهر ۾ ڀڄي وڃي، تنهن کي سردار ڪاهن جي مرڻ کان اڳي سندس عيوضي جا پئسا وٺي، سندس زمين ۾ موٽڻ جي موڪل نہ ڏجو.</verse>
				<verse number="33">سو جنهن ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا، تنهن کي ناپاڪ نہ ڪجو: ڇالاءِ جو رت ملڪ کي ناپاڪ ٿو ڪري: ڇو تہ جنهن ملڪ ۾ رت وهائجي ٿو، تنهن جو ڪفارو خونيءَ جي رت کان سواءِ ٿي نٿو سگهي.</verse>
				<verse number="34">جنهن ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا، ۽ جنهن ملڪ ۾ آءٌ بہ ٿو رهان، تنهن کي پليت نہ ڪجو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند بني اسرائيل جي وچ ۾ ٿو رهان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="36">
				<verse number="1">۽ بني يوسف جي گهراڻن مان بني جلعاد، جي منسيءَ جي پٽ مڪير جو اولاد آهن، تن جي ابن ڏاڏن جي گهراڻن جا رئيس، موسيٰ وٽ ۽ بني اسرائيل جي ابن ڏاڏن جي گهراڻن جي رئيسن، يعني سردارن وٽ اچي چوڻ لڳا، تہ</verse>
				<verse number="2">خداوند اسان جي مالڪ کي حڪم ڏنو هو تہ پُکا وجهي، ملڪ بني اسرائيل کي ورثي طور ورهائي ڏئي: ۽ خداوند اسان جي مالڪ کي هي بہ حڪم ڏنو هو تہ اسان جي ڀاءُ صلافحاد جو ورثو سندس ڌيئرن کي ڏنو وڃي.</verse>
				<verse number="3">پر جيڪڏهن اهي بني اسرائيل جي ٻين قبيلن جي پٽن مان ڪنهن سان پرڻبيون، تہ انهن جو ورثو اسان جي ابن ڏاڏن جي ورثي مان نڪري ويندو، ۽ جنهن ٻئي قبيلي ۾ اهي داخل ٿينديون، تن جي ورثي ۾ شامل ڪيو ويندو. انهيءَ طرح اِهو اسان جي ورثي جي حصي مان نڪري ويندو.</verse>
				<verse number="4">۽ جڏهن جشن جو سال ايندو، تڏهن هنن جو ورثو انهي قبيلي جي ورثي سان گڏيو ويندو، جنهن ۾ اهي داخل ٿينديون؛ انهيءَ طرح هنن جو ورثو اسان جي ابن ڏاڏن جي قبيلي جي ورثي مان نڪري ويندو.</verse>
				<verse number="5">تڏهن موسيٰ خداوند جي ڪلام موجب بني اسرائيل کي حڪم ڏيئي چيو، تہ بني يوسف جي قبيلي وارا سچ ٿا چون.</verse>
				<verse number="6">سو صلافحاد جي ڌيئرن بابت خداوند جو هي حڪم آهي، تہ اهي جنهن سان وڻين تنهن سان پرڻجن؛ پر رڳو پنهنجي پيءُ جي قبيلي ۾ ئي پرڻجن.</verse>
				<verse number="7">انهيءَ طرح بني اسرائيل جو ورثو هڪڙي قبيلي مان نڪري، ٻئي قبيلي ۾ نہ ويندو: ڇالاءِ جو هرڪو اسرائيلي پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبيلي جي ورثي کي قائم رکندو.</verse>
				<verse number="8">۽ جيڪڏهن بني اسرائيل جي ڪنهن قبيلي ۾ ڪا ڇوڪري ورثي جي مالڪ هوندي، تہ هوءَ پنهنجي پيءُ جي قبيلي مان ڪنهن بہ ماڻهوءَ سان شادي ڪندي، جنهنڪري بني اسرائيل مان هرڪو ماڻهو پنهنجي ابن ڏاڏن جي ورثي جو مالڪ ٿئي.</verse>
				<verse number="9">انهيءَ طرح ڪنهن جو بہ ورثو هڪڙي قبيلي مان نڪري ٻئي قبيلي ۾ نہ ويندو؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل جي قبيلن مان هرڪو پنهنجو پنهنجو ورثو پنهنجي قبضي ۾ رکندو.</verse>
				<verse number="10">سو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو، تيئن ئي صلافحاد جي ڌيئرن ڪيو:</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو صلافحاد جون ڌيئرون محلاہ، ترضاہ، حجلاہ، ملڪاہ، ۽ نوعاہ پنهنجن چاچن جي پٽن سان پرڻيون.</verse>
				<verse number="12">يعني انهن يوسف جي پٽ منسيءَ جي اولاد جي گهراڻي ۾ شادي ڪئي، ۽ انهن جو ورثو سندن پيءُ جي قبيلي ۾ ئي رهيو.</verse>
				<verse number="13">اِهي آهن اُهي حڪم ۽ فيصلا، جي خداوند يردن جي ڪناري تي، موآب جي ميدان ۾ يريحو وٽ موسيٰ جي معرفت بني اسرائيل جي لاءِ مقرر ڪيا.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="5">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">هي اهي ڳالهيون آهن جي موسيٰ يردن جي هن ڀر بيابان ۾، يعني آرباہ جي ميدان ۾، سوف جي سامهون، فاران، ۽ طوفل، ۽ لابن، ۽ حصيرات، ۽ ديذهب جي وچ ۾، سڀني اسرائيلين کي چئي ٻڌايون.</verse>
				<verse number="2">اهو هنڌ شعير جبل جي رستي، حورب کان قادس برنيع تائين يارهن ڏينهن جو پنڌ آهي.</verse>
				<verse number="3">۽ چاليهين ورهيہ ۾، يارهين مهيني جي پهرين تاريخ هيئن ٿيو، جو جيڪي ڳالهيون خداوند موسيٰ کي فرمايون هيون، سي هن بني اسرائيل کي چئي ٻڌايون؛</verse>
				<verse number="4">يعني امورين جو بادشاهہ سيحون، جو حسبون ۾ رهندو هو، ۽ بسن جو بادشاهہ عوج، جو عستارات ۾ رهندو هو، تن کي جڏهن موسيٰ ادرعيءَ ۾ ماري ڇڏيو؛</verse>
				<verse number="5">تڏهن يردن جي هن ڀر، موآب جي ميدان ۾، موسيٰ هيءَ شريعت بيان ڪرڻ لڳو ۽ چيائين تہ،</verse>
				<verse number="6">خداوند اسان جي خدا، حورب ۾ اسان سان ڳالهايو، ۽ چيائين تہ، اوهين هن جبل تي گهڻو رهيا آهيو:</verse>
				<verse number="7">هاڻي اوهين ڦرو، ۽ سفر ڪريو، ۽ امورين جي جابلو ملڪ ۾، ۽ انهي جي آس پاس واري آرباہ ۾، ۽ ٽڪرائتي ڀاڱي ۾، ۽ هيٺانهين زمين ۾، ۽ ڏاکڻي پاسي، ۽ سمنڊ جي ڪناري تائين، ڪنعانين جي ملڪ ۾، ۽ لبنان ۾، ۽ وڏيءَ ندي فرات تائين وڃو.</verse>
				<verse number="8">ڏسو، مون اهو ملڪ اوهان جي اڳيان رکيو آهي: اوهين وڃي انهي ملڪ کي پنهنجي قبضي ۾ آڻيو، جنهن بابت خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان يعني ابرهام سان، اسحاق سان، ۽ يعقوب سان، قسم کڻي چيو هو، تہ هو اهو ملڪ انهن کي ۽ انهن کان پوءِ سندن اولاد کي ڏيندو.</verse>
				<verse number="9">انهي وقت مون اوهان کي چيو هو، تہ آءٌ اڪيلو اوهان جو بار کڻي نٿو سگهان:</verse>
				<verse number="10">خداوند اوهان جي خدا اوهان کي وڌايو آهي، ۽ اڄ اوهين آسمان جي تارن وانگر بي شمار آهيو.</verse>
				<verse number="11">شل خداوند، اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا، اوهان کي انهي کان بہ هزار ڀيرا وڌائي، ۽ برڪت ڏئي، جيئن ڪ هن واعدو ڪيو آهي!</verse>
				<verse number="12">ڪهڙيءَ طرح آءٌ اڪيلو اوهان جو جنجال، اوهان جا بار، ۽ اوهان جا جهيڙا جهڳڙا سهي سگهندس؟</verse>
				<verse number="13">سو اوهين پنهنجن قبيلن منجهان ڪي ماڻهو چونڊي ڪڍو، جي ڏاها، سمجهو، ۽ مشهور هجن، تہ آءٌ انهن کي اوهان جي مٿان رئيس مقرر ڪريان.</verse>
				<verse number="14">۽ اوهان مون کي ورندي ڏيئي چيو، تہ جيڪا ڳالهہ تو ڪئي آهي تنهن تي عمل ڪرڻ اسان جي لاءِ چڱو آهي.</verse>
				<verse number="15">پوءِ مون اوهانجن قبيلن جا رئيس، جي ڏاها، ۽ مشهور ماڻهو هئا، تن کي اوهان جي مٿان حاڪم مقرر ڪيو. هزارن جا حاڪم، سوَن جا حاڪم، پنجاهن جا حاڪم ۽ ڏهن جا حاڪم.</verse>
				<verse number="16">۽ انهي وقت مون اوهانجن قاضين کي تاڪيد ڪري چيو، تہ اوهين پنهنجن ڀائرن جا مقدما ٻڌو، ۽ ڀاءُ جو ڀاءُ سان معاملو هجي، توڙي ڪنهن پرديسيءَ سان هجي، پر اوهين راستبازيءَ سان انصاف ڪريو.</verse>
				<verse number="17">اوهين عدالت جي ڪم ۾ ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ڪجو؛ ننڍي توڙي وڏي ماڻهوءَ جي هڪجهڙي ٻڌجو؛ اوهين ماڻهوءَ جو منهن ڏسي ڊڄجو نہ؛ ڇالاءِ جو عدالت خدا جي آهي: ۽ جيڪو مقدمو اوهان کي ڏکيو لڳي سو مون وٽ آڻجو، تہ آءٌ اهو ٻڌان.</verse>
				<verse number="18">۽ انهي وقت مون اوهان کي انهن سڀني ڳالهين بابت حڪم ڏنو جي اوهان کي ڪرڻيون هيون.</verse>
				<verse number="19">پوءِ اسين خداوند پنهنجي خدا جي حڪم موجب حورب کان روانا ٿياسين، ۽ انهي وڏي ۽ خوفناڪ بيابان مان لنگهياسين، جو اوهان امورين جي ٽڪرائتي ملڪ ڏانهن ويندي واٽ تي ڏٺو؛ ۽ پوءِ قادس برنيع ۾ آياسين.</verse>
				<verse number="20">۽ مون اوهان کي چيو، تہ اوهين امورين جي انهي ٽڪرائتي ملڪ ۾ آيا آهيو، جو خداوند اسان جي خدا اسان کي ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="21">ڏس، خداوند تنهنجي خدا اهو ملڪ تنهنجي اڳيان رکيو آهي: وڃي انهي کي قبضي ڪر، جيئن ڪ خداوند، تنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا، توکي فرمايو آهي؛ ڊڄ نہ، نڪي دل لٿل ٿي.</verse>
				<verse number="22">تڏهن اوهين سڀيئي مون وٽ اچي چوڻ لڳا، تہ اچو تہ پاڻ کان اڳ ۾ ڪي ماڻهو موڪليون، جي اسان جي لاءِ انهي ملڪ جو حال معلوم ڪن ۽ موٽي اچي اسان کي خبر ڏين تہ ڪهڙي رستي کان اسين اوڏانهن هلون، ۽ ڪهڙا ڪهڙا شهر اسان کي واٽ ۾ ايندا.</verse>
				<verse number="23">اها ڳالهہ مون کي ڏاڍي وڻي: ۽ مون اوهان مان ٻارهن ڄڻا چونڊيا؛ هرهڪ قبيلي مان هڪڙو ماڻهو:</verse>
				<verse number="24">پوءِ اهي روانا ٿيا ۽ جبل تي چڙهي، وڃي اسڪال جي ماٿريءَ ۾ پهتا، ۽ انهيءَ جي جاسوسي ڪيائون.</verse>
				<verse number="25">۽ هنن انهي ملڪ جي ميون مان ڪجهہ کڻي اسان وٽ آندو، ۽ موٽي اچي اسان کي خبر ڏنائون، تہ جيڪو ملڪ خداوند اسان جو خدا اسان کي ڏئي ٿو، سو چڱو آهي.</verse>
				<verse number="26">انهي هوندي بہ اوهين اوڏانهن نہ ويا، پر اوهان خداوند پنهنجي خدا جي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو:</verse>
				<verse number="27">۽ اوهين پنهنجن تنبن ۾ ويهي ڪُرڪڻ لڳا، تہ خداوند کي اسان سان نفرت هئي، تنهنڪري اسان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهي، انهي لاءِ تہ اسان کي برباد ڪرائڻ جي لاءِ، امورين جي حوالي ڪري.</verse>
				<verse number="28">هاڻي اسين ڪيڏانهن وڃون؟ اسان جي ڀائرن تہ اسان جي دل ڀڃي ڇڏي آهي، جو چون ٿا تہ اتي جا ماڻهو اسان کان ڊگها ۽ قداور آهن؛ اتي جا شهر وڏا آهن، ۽ انهن جون ڀتيون آسمان تائين ٿيون پهچن؛ تنهن کان سواءِ اسان اتي عناقيم جو اولاد بہ ڏٺو.</verse>
				<verse number="29">تڏهن مون اوهان کي چيو، تہ ڊڄو نہ، نڪي انهن جو ڊپ ڪريو.</verse>
				<verse number="30">خداوند اوهان جو خدا، جو اوهان جي اڳيان ٿو هلي، سو ئي اوهان جي پاران جنگ ڪندو، جهڙيءَ طرح هن مصر ۾ اوهان جي اکين اڳيان هيترا سارا ڪم ڪيا؛</verse>
				<verse number="31">۽ بيابان ۾ بہ اوهان ڏٺو تہ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي پٽ کي کڻي هلندو آهي، تيئن خداوند اوهان جو خدا، اوهان کي ساري رستي ۾ کڻي آيو، جيسين اوهين اچي هن هنڌ پهتا آهيو.</verse>
				<verse number="32">تنهن هوندي بہ اوهان انهيءَ ڳالهہ ۾ خداوند پنهنجي خدا تي ايمان نہ آندو،</verse>
				<verse number="33">جو اوهان جي اڳيان ٿي هليو، تہ اوهان کي تنبن کوڙڻ جي لاءِ جاءِ ڳولي ڏئي، ۽ رات جو باهہ سان، ۽ ڏينهن جو ڪڪر سان اوهان کي رستو ڏيکاري.</verse>
				<verse number="34">۽ خداوند اوهان جون ڳالهيون ٻڌي ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ قسم کڻي چيائين، تہ</verse>
				<verse number="35">جنهن چڱي ملڪ جي بابت مون قسم کڻي چيو هو تہ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏيندس، تنهن کي هن خراب پيڙهيءَ جي، هنن خراب ماڻهن مان، هڪڙو بہ ڪين ڏسندو.</verse>
				<verse number="36">سواءِ يفنہ جي پٽ ڪالب جي، جو اهو ڏسندو؛ ۽ انهي کي ۽ انهي جي اولاد کي آءٌ اها زمين ڏيندس؛ جا هن لتاڙي آهي: ڇالاءِ جو هن خداوند جي پوري تابعداري ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="37">۽ اوهان جي ئي ڪري خداوند مون تي بہ ڪاوڙيو، ۽ چيائين، تون بہ انهيءَ زمين ۾ داخل ڪين ٿيندين:</verse>
				<verse number="38">پر نون جو پٽ يشوع، جو تنهنجي اڳيان بيٺو آهي، سو انهي ۾ داخل ٿيندو: انهي کي همتاءِ؛ ڇالاءِ جو هو اسرائيل کي انهي جو ورثو ڏياريندو.</verse>
				<verse number="39">انهي کان سواءِ اوهان جا ٻار ٻچا، جن جي لاءِ اوهين چئو ٿا تہ اهي گرفتار ٿي ويندا، يعني اوهان جا ٻار جن کي اڄ چڱي ۽ مٺي جي ڪا خبر ڪانهي، سي انهي ۾ داخل ٿيندا، ۽ آءٌ هنن کي اهو ملڪ ڏيندس، ۽ هو انهي جا مالڪ ٿيندا.</verse>
				<verse number="40">پر اوهين ڦرو، ۽ ڳاڙهي سمنڊ جو رستو وٺي، بيابان ڏانهن وڃو.</verse>
				<verse number="41">تڏهن اوهان مون کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اسان خداوند جي برخلاف گناهہ ڪيو آهي، اسين اڳتي وڃي، جيڪي خداوند اسان جي خدا اسان کي فرمايو آهي، تنهن موجب جنگ ڪنداسين، ۽ اوهان مان هرڪو ماڻهو جنگ جا هٿيار ٻڌي، جبل تي چڙهڻ لاءِ اڳرو ٿيو.</verse>
				<verse number="42">پر خداوند مون کي چيو، تہ هنن کي چئُہ، تہ مٿي نہ چڙهو، نڪي جنگ ڪريو؛ ڇالاءِ جو آءٌ اوهان جي وچ ۾ نہ آهيان؛ متان اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان مارجي وڃو.</verse>
				<verse number="43">انهي موجب مون اوهان کي چيو، پر اوهان ڪين ٻڌو؛ ۽ اُٽلندو اوهان خداوند جي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو، ۽ گستاخي ڪري جبل تي چڙهي ويا.</verse>
				<verse number="44">۽ اموري، جي انهي جبل ۾ رهندا هئا، سي اوهان سان وڙهڻ لاءِ نڪري آيا، ۽ ائين اوهان جي پٺيان پيا جيئن ماکيءَ جون مکيون پونديون آهن، ۽ شعير ۾ اوهان کي ماري، حرمہ تائين ڀڄائي ڪڍيائون.</verse>
				<verse number="45">پوءِ اوهين موٽي آيا ۽ خداوند جي حضور ۾ روئڻ لڳا؛ پر خداوند اوهان جو آواز نہ ٻڌو، نڪي اوهان ڏانهن ڪن ڏنائين.</verse>
				<verse number="46">سو اوهين ڪيترائي ڏينهن قادس ۾ رهيا، يعني ڳچ مدت تائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">پوءِ اسين ڦيرو کائي، ڳاڙهي سمنڊ وارو رستو ڏيئي بيابان ۾ آياسين، جيئن ڪ خداوند مون کي فرمايو هو: ۽ ڪيترائي ڏينهن شعير جبل جي آس پاس پئي گهمياسين.</verse>
				<verse number="2">۽ خداوند مون کي فرمايو، ۽ چيائين تہ</verse>
				<verse number="3">اوهين هن جبل جي آس پاس گهڻو ئي رليا آهيو: هاڻي اُتر ڏانهن ڦرو.</verse>
				<verse number="4">۽ تون ماڻهن کي حڪم ڏيئي چئُہ تہ اوهان کي پنهنجن ڀائرن، بني عيسو جي سرحد وٽان لنگهڻو آهي، جيڪي شعير ۾ ٿا رهن؛ ۽ اهي اوهان کان ڊڄندا: تنهنڪري اوهين پنهنجي چڱي خبرداري ڪجو:</verse>
				<verse number="5">هنن سان متان وڙهو؛ ڇالاءِ جو آءٌ اوهان کي هنن جي ملڪ مان ڪجهہ بہ نہ ڏيندس، اصل پير رکڻ جيترو هنڌ بہ ڪين ڏيندس: ڇوتہ شعير جبل مون عيسوءَ کي ورثي طور ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="6">اوهين کائڻ لاءِ کاڌو بہ هنن کي پئسا ڏيئي خريد ڪجو؛ ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي بہ هنن کان پئسا ڏيئي وٺجو.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي خدا تنهنجي هٿ جي ڪمائيءَ ۾ برڪت وڌي آهي: ۽ هن وڏي بيابان ۾ تنهنجي گهمڻ ڦرڻ جي بہ هن کي خبر آهي: هي چاليهہ ورهيہ خداوند تنهنجو خدا توساڻ رهيو؛ ۽ توکي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿي.</verse>
				<verse number="8">سو اسين شعير ۾ رهندڙ پنهنجن ڀائرن، يعني بني عيسوءَ کان پاسو ڪري، آرباہ جي رستي، ابلات ۽ عصيون جابر مان لنگهياسين. پوءِ اسين ڦري موآب جي ميدان جي رستي هلڻ لڳاسين.</verse>
				<verse number="9">۽ خداوند مون کي چيو، تہ موآبين کي نہ ستاءِ، نڪي انهن سان جنگ ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ توکي انهن جي ملڪ مان ڪابہ ملڪيت ڪانہ ڏيندس؛ ڇوتہ عار جو شهر مون بني لوط کي ملڪيت طور ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="10">(اتي پهرين اميم رهندا هئا، جي عناقيم وانگر وڏا، ۽ گهڻا ۽ قداور هئا:</verse>
				<verse number="11">۽ اهي بہ عناقيم وانگر، رفائيم سڏبا آهن؛ پر موآبي انهن کي اميم ٿا سڏين.</verse>
				<verse number="12">۽ شعير ۾ پهرين حوري رهندا هئا، پر بني عيسو انهن کي ڀڄائي ڪڍيو؛ ۽ انهن کي برباد ڪري پاڻ انهن جي جاءِ تي رهڻ لڳا؛ جيئن اسرائيلين پنهنجي ورثي واري ملڪ ۾ ڪيو، جو خداوند انهن کي ڏنو.)</verse>
				<verse number="13">هاڻي اُٿو، ۽ زرد نهر جي پار وڃو. سو اسين زرد نهر جي پار وياسين.</verse>
				<verse number="14">۽ قادس برنيع کان رواني ٿيڻ کان وٺي، زرد نهر جي پار وڃڻ تائين اسان کي اٺٽيهہ ورهيہ لڳا؛ انهي وچ ۾ انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀ جنگي مرد منزلگاهہ منجهان مري کپي ويا، جيئن ڪ خداوند قسم کڻي انهن کي چيو هو.</verse>
				<verse number="15">انهي کان سواءِ خداوند جو هٿ انهن جي برخلاف هو، انهي لاءِ تہ انهن کي منزلگاهہ منجهان گم ڪري ڇڏي، تان جو هو مري کپي نابود ٿي وڃن.</verse>
				<verse number="16">سو هيئن ٿيو، تہ جڏهن سڀ جنگي مرد اُمت منجهان نابود ٿي ويا،</verse>
				<verse number="17">تڏهن خداوند مون کي فرمايو، ۽ چيائين تہ</verse>
				<verse number="18">عار جو شهر، جو موآب جي سرحد تي آهي، اتان تون اڄ لنگهي وڃ:</verse>
				<verse number="19">۽ جڏهن تون بني عمون جي ويجهو اچين، تڏهن انهن کي نہ ستائج، نڪي انهن سان جنگ ڪج: ڇالاءِ جو آءٌ توکي بني عمون جي ملڪ مان ڪابہ ملڪيت ڪانہ ڏيندس: ڇوتہ مون اهو بني لوط کي ملڪيت طور ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="20">(اهو بہ رفائيم جو ملڪ ٿو سڏجي: اڳئين وقت ۾ اتي رفائيم رهندا هئا؛ پر عموني انهن کي زمزميم ڪري سڏيندا هئا؛</verse>
				<verse number="21">اهي بہ عناقيم وانگر وڏا، ۽ گهڻا، ۽ قداور هئا؛ پر خداوند انهن کي بني عمون جي اڳيان برباد ڪيو؛ ۽ هو انهن کي ڀڄائي، پاڻ انهن جي جاءِ تي رهڻ لڳا:</verse>
				<verse number="22">جهڙيءَ طرح ڪ هن شعير ۾ رهندڙ بني عيسوءَ جي اڳيان، حورين کي برباد ڪيو، ۽ هو انهن کي ڀڄائي پاڻ انهن جي جاءِ تي رهڻ لڳا؛ ۽ اڄ ڏينهن تائين اتي رهندا اچن:</verse>
				<verse number="23">۽ جهڙيءَ طرح ڪفتوريم، جي ڪفتورہ مان آيا هئا، تن عويون کي، جي عزہ تائين ڳوٺن ۾ رهندا هئا، ماري پاڻ انهن جي جاءِ تي رهڻ لڳا.)</verse>
				<verse number="24">هاڻي اوهين اٿي ڪوچ ڪريو، ۽ ارنون جي ماٿري لنگهي پار وڃو: ڏسو، مون حسبون جي اموري بادشاهہ سيحون کي، سندس ملڪ سميت تنهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي: سو انهي تي قبضو ڪر، ۽ انهي سان جنگ شروع ڪر.</verse>
				<verse number="25">اڄ کان وٺي آءٌ زمين جي سڀني ماڻهن تي تنهنجو خوف، ۽ تنهنجو ڊپ وجهڻ شروع ڪندس، ۽ هو تنهنجي هاڪ ٻڌي ڏڪي ويندا، ۽ تنهنجي ڪري پريشان ٿيندا.</verse>
				<verse number="26">تڏهن مون قديمات جي بيابان مان حسبون جي بادشاهہ سيحون ڏانهن، ايلچين جي هٿان صلح جو پيغام موڪليو، ۽ چوائي موڪليم، تہ</verse>
				<verse number="27">مون کي پنهنجي ملڪ مان لنگهڻ ڏي: آءٌ سڙڪ ئي سڙڪ ڏيئي هليو ويندس؛ آءٌ نڪي ساڄي پاسي ڦرندس، نڪي کٻي پاسي.</verse>
				<verse number="28">آءٌ کائڻ لاءِ کاڌو بہ توکان پئسا ڏيئي وٺندس، ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي بہ توکان پئسا ڏيئي وٺندس: رڳو مون کي پنهنجي پيرين لنگهي وڃڻ ڏي؛</verse>
				<verse number="29">جهڙيءَ طرح شعير ۾ رهندڙ بني عيسو، ۽ عار ۾ رهندڙ موآبين مون سان ڪيو؛ جيسين آءٌ يردن لنگهي انهي ملڪ ۾ وڃان جو خداوند اسان جي خدا اسان کي ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="30">پر حسبون جي بادشاهہ سيحون اسان کي پنهنجيءَ حد مان لنگهڻ نہ ڏنو: ڇالاءِ جو خداوند اسان جي خدا، هن جو مزاج تيز، ۽ دل سخت ڪئي، انهي لاءِ تہ هو انهي کي تنهنجي حوالي ڪري، جيئن ڪ اڄ ڪيو اٿس.</verse>
				<verse number="31">۽ خداوند مون کي چيو، تہ ڏس، آءٌ سيحون ۽ سندس ملڪ کي تنهنجي حوالي ٿو ڪريان: تون انهي تي قبضو ڪرڻ شروع ڪر تہ تون هن جي ملڪ جو وارث ٿين.</verse>
				<verse number="32">تڏهن سيحون پنهنجي سڀني ماڻهن سميت اسان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ نڪري آيو، ۽ يهض ۾ اچي جنگ ڪيائين.</verse>
				<verse number="33">۽ خداوند اسان جي خدا هن کي اسان جي حوالي ڪيو؛ ۽ اسان هن کي، ۽ سندس پٽن کي، ۽ سندس سڀني ماڻهن کي ماريو.</verse>
				<verse number="34">۽ اسان انهي وقت هن جا سڀ شهر ورتا، ۽ هر ڪنهن آباد شهر کي، زالن ۽ ٻارن سميت بلڪل برباد ڪيو؛ ۽ ڪوبہ باقي نہ ڇڏيوسين:</verse>
				<verse number="35">رڳو چوپايو مال، ۽ جيڪي شهر ورتا هئاسين، تن جي لٽ جو مال اسان غنيمت ڄاڻي پاڻ وٽ رکيو.</verse>
				<verse number="36">۽ ارنون جي ماٿريءَ جي ڪناري تي، جو عروعير شهر آهي، ۽ ماٿريءَ ۾ جيڪو شهر آهي، تنهن کان وٺي جلعاد تائين، اهڙو ڪوبہ شهر ڪونہ هو جو اسان جي قبضي ۾ نہ آيو: سڀيئي شهر، خداوند اسان جي خدا، اسان جي حوالي ڪيا:</verse>
				<verse number="37">رڳو بني عمون جو ملڪ، ۽ يبوق نديءَ جو اهو پاسو ۽ جابلو ملڪ جا شهر، ۽ ٻيو بہ جتي جتي خداوند اسان جي خدا اسان کي منع ڪئي هئي، انهي هنڌ جي ويجهو تون نہ وئين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">تنهن کان پوءِ اسين ڦري بسن وارو رستو ڏيئي، اڳتي وڌياسين: ۽ بسن جو بادشاهہ عوج پنهنجن سڀني ماڻهن سميت اسان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ نڪري آيو؛ ۽ ادرعيءَ ۾ اچي جنگ ڪيائين.</verse>
				<verse number="2">۽ خداوند مون کي چيو، تہ هن کان نہ ڊڄ: ڇالاءِ جو مون هن کي، ۽ سندس سڀني ماڻهن کي، ۽ سندس سڄي ملڪ کي، تنهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي؛ تون هن سان بہ ائين ئي ڪر، جيئن تو امورين جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو هو، جو حسبون ۾ رهندو هو.</verse>
				<verse number="3">انهيءَ طرح خداوند اسان جي خدا، بسن جي بادشاهہ عوج کي، ۽ سندس ماڻهن کي بہ اسان جي هٿن ۾ ڏنو: ۽ اسان انهي کي اهڙو ماريو، جو هن جو هڪڙو ماڻهو بہ ڪونہ بچيو.</verse>
				<verse number="4">۽ اسان انهي وقت هن جا سڀ شهر هٿ ڪيا؛ ۽ اهڙو هڪڙو شهر بہ ڪونہ بچيو جو اسان هنن کان نہ ورتو؛ يعني ارجوب جو سارو ملڪ، جتي بسن واري عوج جي بادشاهت هئي، ۽ جنهن ۾ سٺ شهر هئا، سو اسان جي قبضي ۾ آيو.</verse>
				<verse number="5">اهي سڀ شهر ڪوٽ وارا هئا، ۽ انهن کي اُوچيون ڀتيون، ۽ دروازا، ۽ گز هئا؛ انهن کان سواءِ ڪيترائي بنا ڪوٽ شهر بہ اسان هٿ ڪيا.</verse>
				<verse number="6">۽ اسان اهي بلڪل برباد ڪري ڇڏيا، جيئن ڪ حسبون جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو هوسين، يعني هرڪو آباد شهر، زالن ۽ ٻارن سميت، بلڪل برباد ڪري ڇڏيوسين.</verse>
				<verse number="7">پر سڀ چوپايو مال اسان غنيمت ڄاڻي پاڻ وٽ رکيو.</verse>
				<verse number="8">انهي وقت اسان امورين جي ٻنهي بادشاهن کان، جيڪي يردن جي هن ڀر رهندا هئا، سندن سارو ملڪ، ارنون جي ماٿريءَ کان وٺي حرمون جبل تائين کسي ورتو.</verse>
				<verse number="9">(انهي حرمون جبل کي صيداني سريون، ۽ اموري سنير، ڪري سڏيندا آهن).</verse>
				<verse number="10">انهي کان سواءِ سلڪہ، ۽ ادرعيءَ تائين ميدان جا سڀ شهر، ۽ سارو جلعاد، ۽ سارو بسن، يعني عوج جي بادشاهت جا سڀ شهر، جيڪي بسن ۾ شامل هئا، سي اسان هٿ ڪيا.</verse>
				<verse number="11">(ڇالاءِ جو رفائيم جي نسل منجهان فقط بسن جو بادشاهہ عوج وڃي بچيو هو: ۽ ڏس، هن جو پلنگ لوهہ جو ٺهيل هو؛ ۽ اهو بني عمون جي شهر ربہ ۾ موجود نہ آهي ڇا؟ انهي جي ڊيگهہ، ماڻهوءَ جي هٿن جيڏا نوَ هٿ، ۽ انهي جي ويڪر چار هٿ هئي.)</verse>
				<verse number="12">سو انهي وقت اسان اهو ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو: ۽ عروعير، جو ارنون جي ماٿريءَ جي ڪناري تي آهي، ۽ جلعاد جي ٽڪرائتي ملڪ جو اڌ، ۽ انهي جا شهر، مون بني روبن ۽ بني جد کي ڏنا:</verse>
				<verse number="13">۽ جلعاد جو باقي ڀاڱو، ۽ سارو بسن، يعني ارجوب جو سمورو ملڪ، جو عوج جي سلطنت ۾ هو، سو مون منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ڏنو. (بسن کي رفائيم جو ملڪ ٿا سڏين.</verse>
				<verse number="14">منسيءَ جي پٽ يائير جي گهراڻي وارن، جسورين ۽ معڪاتين جي سرحد تائين، ارجوب جو سارو ملڪ ورتو؛ ۽ پنهنجي نالي جي پٺيان انهن بسن جي شهرن کي حووت يائير سڏيائون، جو نالو اڄ تائين هليو اچي.)</verse>
				<verse number="15">۽ مون جلعاد جو ملڪ مڪير جي اولاد کي ڏنو.</verse>
				<verse number="16">۽ بني روبن، ۽ بني جد کي مون جلعاد کان وٺي ارنون جي ماٿريءَ تائين، يعني انهيءَ ماٿريءَ جي وچين ڀاڱي کي انهن جي سرحد مقرر ڪري يبوق ندي، جا عمونين جي سرحد آهي، انهيءَ تائين سارو ملڪ ڏنو؛</verse>
				<verse number="17">۽ آرباہ، ۽ يردن ۽ انهيءَ جي سرحد؛ ڪنرت کان وٺي آرباہ جي سمنڊ، يعني کاري سمنڊ تائين، جو اُڀرندي ۾ پسگاهہ جي سلامين تائين پکڙيل آهي، سو سڀ مون انهن کي ڏنو.</verse>
				<verse number="18">۽ مون انهي وقت اوهان کي حڪم ڏيئي چيو، تہ خداوند اوهان جي خدا هيءُ ملڪ اوهان کي ملڪيت طور ڏنو آهي: تہ اوهان مان سڀ جنگي مرد هٿيار ٻڌي، اوهان جي ڀائرن بني اسرائيل جي اڳيان پار هلو.</verse>
				<verse number="19">پر اوهان جون زالون، ۽ اوهان جا ٻار، ۽ اوهان جو چوپايو مال، (مون کي خبر آهي تہ اوهان وٽ چوپايو مال گهڻو آهي) اهي سڀ اوهانجن انهن شهرن ۾ رهندا، جي مون اوهان کي ڏنا آهن؛</verse>
				<verse number="20">جيسين ڪ خداوند اوهان جي ڀائرن کي اهڙو آرام ڏئي، جهڙو اوهان کي ڏنو اٿس، ۽ هو بہ انهي ملڪ کي هٿ ڪن جو خداوند اوهان جو خدا هنن کي يردن جي پرئين ڀر ڏيڻ وارو آهي: پوءِ اوهان مان هرڪو موٽي پنهنجيءَ ملڪيت تي اچي، جا مون اوهان کي ڏني آهي.</verse>
				<verse number="21">۽ مون انهي وقت يشوع کي حڪم ڏيئي چيو، تہ جيڪي خداوند اوهان جي خدا، هنن ٻن بادشاهن سان ڪيو، سو سڀ تو پنهنجين اکين سان ڏٺو: انهيءَ طرح خداوند پرئين ڀر سڀني بادشاهتن سان ڪندو، جتي تون وڃين ٿو.</verse>
				<verse number="22">اوهين انهن کان متان ڊڄو: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا، پاڻ اوهان جي طرفان جنگ ڪندو.</verse>
				<verse number="23">۽ مون انهي وقت خداوند کي عاجزي ڪري چيو، تہ</verse>
				<verse number="24">اي خداوند خدا، تو پنهنجي ٻانهي کي پنهنجي عظمت ۽ پنهنجي طاقت ڏيکارڻ شروع ڪئي آهي: ڇالاءِ جو آسمان ۾ يا زمين تي ٻيو ڪهڙو معبود آهي، جو تو جهڙا ڪم ڪري، ۽ قدرتون ڏيکاري سگهندو؟</verse>
				<verse number="25">آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان، تہ مون کي پار وڃڻ ڏي، تہ آءٌ يردن جي پرئين ڀر وارو چڱو ملڪ، ۽ سهڻو جبل، ۽ لبنان وڃي ڏسان.</verse>
				<verse number="26">پر اوهان جي ڪري خداوند مون تي بہ ڪاوڙيو هو، ۽ منهنجي نہ ٻڌائين، ۽ خداوند مون کي چيو، تہ هن ڳالهہ بابت مون کي وڌيڪ نہ چئُہ؛ تنهنجي لاءِ ايترو بس آهي.</verse>
				<verse number="27">تون پسگاهہ جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃ، ۽ الهندي ڏانهن، اُتر ڏانهن، ڏکڻ ڏانهن، ۽ اُڀرندي ڏانهن نهاري پنهنجين اکين سان ڏس: ڇالاءِ جو تون هن يردن جي پرئين ڀر نہ ويندين.</verse>
				<verse number="28">پر يشوع کي حڪم ڏي، ۽ همتائينس، ۽ هن کي مضبوط ڪر؛ ڇالاءِ جو هو اُمت کي پار وٺي ويندو، ۽ جيڪو ملڪ تون ڏسندين، سو هنن کي ورثي ۾ ڏياريندو.</verse>
				<verse number="29">۽ اسين بيت فغور جي ماٿريءَ ۾ رهي پياسين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">هاڻي اي اسرائيليو، جيڪي قانون ۽ فيصلا آءٌ اوهان کي سيکاريان ٿو، سي چڱيءَ طرح ٻڌي، انهن تي عمل ڪريو؛ تہ اوهين جيئرا رهو، ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، انهي ۾ وڃي مٿس قبضو ڪريو.</verse>
				<verse number="2">جيڪو حڪم آءٌ اوهان کي ڏيان ٿو تنهن ۾ ڪجهہ بہ نہ وڌائجو، نڪي انهي مان ڪجهہ گهٽائجو، انهي لاءِ تہ خداوند اوهان جي خدا جا حڪم جيڪي آءٌ اوهان کي ڏيان ٿو، سي مڃيندا رهو.</verse>
				<verse number="3">بعل فغور جي ڪري جيڪي خداوند ڪيو، سو اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺو: ڇالاءِ تہ جن ماڻهن بعل فغور جي پيروي ڪئي، تن سڀني کي خداوند اوهان جي خدا اوهان جي وچ مان برباد ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="4">۽ اوهين جي خداوند پنهنجي خدا سان قائم رهيا، تن مان هرڪو اڄ ڏينهن تائين جيئرو آهي.</verse>
				<verse number="5">ڏسو، جهڙيءَ طرح خداوند منهنجي خدا مون کي حڪم ڏنو هو، تهڙيءَ طرح مون اوهان کي قانون ۽ فيصلا سيکاري ڇڏيا آهن؛ انهي لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو.</verse>
				<verse number="6">سو اوهين انهن کي مڃيندا رهجو، ۽ مٿن عمل ڪجو؛ ڇالاءِ جو ٻين قومن جي نظر ۾ اها اوهان جي دانائي ۽ سياڻپ ليکبي: اهي هي سڀ قانون ٻڌي چوندا، تہ سچ پچ هن وڏي قوم جا ماڻهو داناءَ ۽ سياڻا آهن.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو اهڙي وڏي قوم ڪهڙي آهي، جنهن جو معبود انهيءَ کي اهڙو ويجهو هجي، جهڙو خداوند اسان جو خدا اسان جي دعا گهرڻ وقت اسان کي ويجهو آهي؟</verse>
				<verse number="8">۽ اهڙي وڏي قوم ڪهڙي آهي، جنهن کي اهڙا سچا قانون، ۽ فيصلا مليا هجن، جهڙي هيءَ شريعت، جا اڄ مون اوهان کي ڏني آهي؟</verse>
				<verse number="9">رڳو تون پنهنجي سنڀال ڪري، خبرداريءَ سان پنهنجي روح جي حفاظت ڪر، تہ متان اهي ڳالهيون جي تو پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏين، ۽ متان تنهنجي ساريءَ ڄمار ۾ اهي تنهنجيءَ دل تان لهي وڃن؛ پر تون اهي پنهنجي اولاد کي، ۽ اولاد جي اولاد کي سيکاري ڇڏج؛</verse>
				<verse number="10">خاص ڪري انهي ڏينهن واريون ڳالهيون، جنهن ڏينهن تون حورب جبل وٽ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بيٺين، ۽ جڏهن خداوند مون کي فرمايو، تہ اُمت کي منهنجي حضور ۾ آڻي گڏ ڪر، تہ آءٌ انهن کي پنهنجو ڪلام ٻڌايان؛ انهي لاءِ تہ جيترا ڏينهن هو زمين تي جيئرا رهن اوترا ڏينهن مون کان ڊڄڻ سکن، ۽ پنهنجن ٻارن کي بہ سيکارين.</verse>
				<verse number="11">سو اوهين ويجها اچي انهي جبل جي هيٺان بيٺا؛ ۽ جبل باهہ سان ٻرڻ لڳو ۽ انهيءَ جا ڀڙڪا آسمان تائين پهچڻ لڳا، ۽ انهي جي آس پاس اوندهہ، بادل، ۽ انڌوڪار هئي.</verse>
				<verse number="12">۽ خداوند باهہ جي وچ مان اوهان سان ڳالهايو: اوهان ڳالهائڻ جو آواز تہ ٻڌو، پر شڪل ڪانہ ڏٺي؛ رڳو اوهان آواز ٻڌو.</verse>
				<verse number="13">۽ هن پنهنجو عهد، يعني ڏهہ حڪم اوهان کي بيان ڪري ٻڌايا، ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جو اوهان کي حڪم ڏنائين: هن اهي پٿر جي ٻن تختين تي لکيا.</verse>
				<verse number="14">۽ خداوند انهي وقت مون کي فرمايو، تہ اوهان کي قانون ۽ فيصلا سيکاريان، انهي لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو.</verse>
				<verse number="15">تنهنڪري اوهين پنهنجي چڱي سنڀال ڪجو؛ ڇالاءِ تہ جنهن ڏينهن خداوند حورب وٽ باهہ جي وچ مان اوهان سان ڳالهايو؛ تنهن ڏينهن اوهان ڪنهن بہ قسم جي شڪل ڪانہ ڏٺي:</verse>
				<verse number="16">تہ متان اوهين پاڻ کي خراب ڪريو، ۽ پنهنجي لاءِ ڪنهن مرد يا زال جي صورت جي نموني جهڙي ڪا اُڪريل مورت جوڙيو،</verse>
				<verse number="17">يا زمين جي ڪنهن جانور جي صورت، يا هوا جي پکيءَ جي صورت جوڙيو،</verse>
				<verse number="18">يا زمين تي سُرندڙ ڪنهن جيت جي صورت، يا زمين جي هيٺ پاڻيءَ ۾ رهندڙ ڪنهن مڇيءَ جي صورت جوڙيو:</verse>
				<verse number="19">يا جڏهن تون آسمان ڏانهن نهارين، ۽ سج، چنڊ ۽ تارا يعني آسمان جي ساري خلقت کي ڏسي گمراهہ ٿين ۽ انهن کي سجدو ڪرين، ۽ انهن جي عبادت ڪرين، جن کي خداوند تنهنجي خدا زمين جي سڀني قومن لاءِ رکيو آهي.</verse>
				<verse number="20">پر خداوند اوهان کي لوهہ جي کوري مان، يعني مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو؛ انهي لاءِ تہ اوهين هن جي ميراث واري اُمت ٿيو، جيئن اڄ آهيو.</verse>
				<verse number="21">انهي کان سواءِ خداوند اوهان جي ڪري مون سان ڪاوڙيو، ۽ قسم کڻي چيائين، تہ تون يردن جي پرئين ڀر نہ ويندين، ۽ جيڪو چڱو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن ۾ داخل ڪين ٿيندين:</verse>
				<verse number="22">سو آءٌ ضرور هن ملڪ ۾ مرندس، ۽ يردن جي پرئين ڀر نہ ويندس: پر اوهين وڃي انهي چڱي ملڪ تي قبضو ڪندا.</verse>
				<verse number="23">اوهين پنهنجي سنڀال ڪجو، متان جيڪو عهد خداوند اوهان جي خدا اوهان سان ڪيو آهي، سو اوهين وساري ڇڏيو، ۽ پنهنجي لاءِ ڪنهن اهڙيءَ شيءِ جي نموني جي اُڪريل شڪل جوڙيو، جنهن جي خداوند تنهنجي خدا توکي منع ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="24">ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا ڀسم ڪندڙ باهہ آهي، ۽ غيرت وارو خدا آهي.</verse>
				<verse number="25">جڏهن تو منجهان ٻار، ۽ ٻارن جا ٻار پيدا ٿيندا، ۽ اوهين انهي ملڪ ۾ گهڻي عرصي تائين رهندا، ۽ پوءِ جيڪڏهن اوهين پاڻ کي خراب ڪندا، ۽ ڪنهن شيءِ جي اُڪريل شڪل جوڙيندا، ۽ اهڙو ڪم ڪندا جو خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾ خراب هوندو، جنهنڪري هو ڪاوڙبو؛</verse>
				<verse number="26">تہ آءٌ اڄوڪي ڏينهن آسمان ۽ زمين کي اوهان تي شاهد ٿو ڪريان، تہ جنهن ملڪ کي هٿ ڪرڻ لاءِ اوهين يردن جي پار ٿا وڃو، تنهن ۾ اوهين جلد ئي پوريءَ طرح تباهہ ٿي ويندا؛ اوهين اتي گهڻا ڏينهن ڪين گذاريندا، پر بلڪل ئي برباد ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="27">۽ خداوند اوهان کي قومن ۾ دربدر ڪندو، ۽ جن قومن ۾ خداوند اوهان کي وٺي ويندو، تن ۾ اوهان جو شمار گهڻو گهٽجي ويندو.</verse>
				<verse number="28">۽ اتي اوهين ماڻهن جي هٿ جي جوڙيل معبودن جي عبادت ڪندا، جي ڪاٺ ۽ پهڻ جا هوندا، جي نڪي ڏسندا، نڪي ٻڌندا، نڪي کائيندا، نڪي سنگهندا هوندا.</verse>
				<verse number="29">پر جيڪڏهن اتي بہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي ڳوليندا، ۽ پنهنجيءَ سچيءَ دل سان، ۽ پنهنجي سچي روح سان هن جي ڳولا ڪندا، تہ هن کي لهندا.</verse>
				<verse number="30">جڏهن تون مصيبت ۾ گرفتار ٿيندين، ۽ هي سڀ حادثا تو تي اچي پوندا، تڏهن تون پوين ڏينهن ۾ خداوند پنهنجي خدا ڏانهن ڦرندين، ۽ هن جو چوڻ مڃيندين.</verse>
				<verse number="31">ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا رحيم خدا آهي؛ هو توکي ڇڏي نہ ڏيندو، نڪي برباد ڪندو، ۽ جيڪو عهد هن قسم کڻي تنهنجي ابن ڏاڏن سان ڪيو آهي، سو ڪين وساريندو.</verse>
				<verse number="32">ڇالاءِ تہ جڏهن کان خدا زمين تي انسان کي پيدا ڪيو، تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪو زمانو تو کان اڳي گذريو آهي، تنهن بابت تون زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين پڇا ڪر، تہ هن عظيم ڪم جهڙو ڪو ٻيو ڪڏهن ٿيو، يا ٻڌڻ ۾ آيو آهي؟</verse>
				<verse number="33">ڪڏهن ڪنهن قوم تو وانگر باهہ جي وچ مان خدا جي ڳالهائڻ جو آواز ٻڌو آهي، ۽ جيئري رهي آهي؟</verse>
				<verse number="34">يا ڪڏهن خدا ڪنهن قوم کي ٻيءَ قوم جي وچ مان ڪڍڻ جي لاءِ، آزمائش سان، ۽ نشانن سان، ۽ معجزن سان، ۽ زوراور هٿ سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان، ۽ وڏن هيبتناڪ ڪمن سان، ۽ جنگ سان، اهڙي قدرت ڏيکاري آهي، جهڙي خداوند اوهان جي خدا اوهانجين اکين اڳيان مصر ۾ اوهان جي لاءِ ڏيکاري؟</verse>
				<verse number="35">اهو تو کي ڏيکاريو ويو، انهي لاءِ تہ تو کي خبر پوي، تہ خدا ئي خدا آهي؛ انهي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.</verse>
				<verse number="36">هن تو کي آسمان مان پنهنجو آواز ٻڌايو، انهي لاءِ تہ توکي تعليم ڏئي: ۽ هن تو کي زمين تي وڏي باهہ ڏيکاري؛ ۽ تو باهہ جي وچ مان هن جو ڪلام ٻڌو.</verse>
				<verse number="37">۽ جيئن تہ هن کي تنهنجن ابن ڏاڏن سان محبت هئي، تنهنڪري انهن کان پوءِ هن انهن جي اولاد کي چونڊيو، ۽ تنهنجو ساڻي ٿي، پنهنجيءَ وڏيءَ قدرت سان توکي مصر مان ڪڍي آندائين؛</verse>
				<verse number="38">انهي لاءِ تہ تو کان وڏين ۽ طاقتور قومن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍي، ۽ توکي انهن جي ملڪ ۾ پهچائي، ۽ اهو توکي ورثي ۾ ڏئي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.</verse>
				<verse number="39">بس اڄ تون اهو ڄاڻي وٺ، ۽ پنهنجيءَ دل ۾ ڄمائي ڇڏ، تہ مٿي آسمان ۾ ۽ هيٺ زمين تي خداوند ئي خدا آهي: ٻيو ڪوبہ ڪونهي.</verse>
				<verse number="40">۽ هن جا قانون ۽ هن جا حڪم، جي اڄ آءٌ توکي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪر، تہ تنهنجو ۽ توکان پوءِ تنهنجي اولاد جو ڀلو ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي هميشہ لاءِ ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.</verse>
				<verse number="41">پوءِ موسيٰ يردن جي هن ڀر اُڀرندي پاسي ٽي شهر ڌار ڪيا؛</verse>
				<verse number="42">انهي لاءِ تہ جيڪو خوني ڀل مان پنهنجي پاڙيسريءَ کي ماري وجهي، ۽ اڳي انهي سان ڪابہ دشمني نہ هجيس، سو اتي ڀڄي وڃي؛ ۽ انهن شهرن مان هڪڙي ۾ وڃي رهي:</verse>
				<verse number="43">يعني بني روبن جي لاءِ بضر، جو بيابان جي وچ ۾ ميدان ۾ آهي؛ ۽ بني جد جي لاءِ رامات، جو جلعاد ۾ آهي؛ ۽ بني منسيءَ جي لاءِ جولان، جو بسن ۾ آهي.</verse>
				<verse number="44">۽ جيڪا شريعت موسيٰ بني اسرائيل جي اڳيان پيش ڪئي، سا هيءَ آهي.</verse>
				<verse number="45">يعني هي اهي شهادتون، اهي قانون، ۽ اهي فيصلا آهن، جيڪي موسيٰ بني اسرائيل کي مصر مان نڪرڻ کان پوءِ،</verse>
				<verse number="46">يردن جي هن ڀر بيت فغور جي ماٿريءَ ۾ چئي ٻڌايا؛ يعني امورين جي بادشاهہ سيحون جي ملڪ ۾، جو حسبون ۾ رهندو هو ۽ جنهن کي موسيٰ ۽ بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪرڻ کان پوءِ ماريو:</verse>
				<verse number="47">۽ هن جو، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جو، ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو، يعني امورين جي انهن ٻنهي بادشاهن جي ملڪ ۾ جو يردن جي هن ڀر اڀرندي پاسي؛</verse>
				<verse number="48">ارنون جي ماٿريءَ جي ڪناري واري عيروعير شهر کان وٺي، صيئون جبل (جنهن کي حرمون بہ ٿا سڏين) انهي تائين پکڙيل آهي؛</verse>
				<verse number="49">انهي ۾، يردن جي هن ڀر، اُڀرندي پاسي واري ميدان ۾، جو پسگہ جي سلاميءَ، ۽ ميدان جي سمنڊ تائين آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">پوءِ موسيٰ سڀني بني اسرائيلين کي سڏي کين چيو، تہ اي اسرائيليو، جيڪي قانون ۽ فيصلا آءٌ اڄ اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي ٻڌو، انهي لاءِ تہ اوهين اهي سکو، ۽ انهن تي عمل ڪريو.</verse>
				<verse number="2">خداوند اسان جي خدا حورب ۾ اسان سان هڪڙو عهد ڪيو.</verse>
				<verse number="3">خداوند اهو عهد اسان جي ابن ڏاڏن سان نہ ڪيو، پر خود اسان سان ڪيائين، جيڪي اسين سڀ اڄ هتي جيئرا آهيون.</verse>
				<verse number="4">خداوند اوهان سان انهي جبل تي باهہ جي وچ مان روبرو ڳالهايو،</verse>
				<verse number="5">(انهي وقت آءٌ خداوند ۽ اوهان جي وچ ۾ بيٺس، تہ اوهان کي خدا جو ڪلام سمجهايان: ڇالاءِ جو اوهين باهہ جي ڪري ڊنا ٿي، ۽ جبل تي ڪين چڙهيا؛) ۽ هن فرمايو تہ،</verse>
				<verse number="6">آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جنهن توکي مصر جي ملڪ، ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي ٻاهر آندو.</verse>
				<verse number="7">مون کان سواءِ تنهنجي لاءِ ٻيو ڪوبہ خدا نہ هجي.</verse>
				<verse number="8">تون پنهنجي لاءِ ڪابہ اُڪريل مورت يا ڪنهن بہ شيءِ جي صورت نہ جوڙ، جا مٿي آسمان ۾، يا هيٺ زمين تي، يا زمين جي هيٺان پاڻيءَ ۾ آهي:</verse>
				<verse number="9">تون انهن جي اڳيان سجدو نہ ڪر، نڪي انهن جي عبادت ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا غيرت وارو خدا آهيان، ۽ ابن ڏاڏن جي براين جي سزا، جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي پٽن کي، انهن جي ٽين ۽ چوٿين پيڙهيءَ تائين ڏيندو آهيان؛</verse>
				<verse number="10">پر جيڪي مون کي پيار ڪندا ۽ منهنجا حڪم مڃيندا آهن، تن هزارن تي آءٌ رحم ڪندو آهيان.</verse>
				<verse number="11">تون خداوند پنهنجي خدا جو نالو اجايو نہ وٺ: ڇالاءِ تہ جيڪو سندس نالو اجايو ٿو وٺي، تنهن کي هو بي قصور ڪين سمجهندو.</verse>
				<verse number="12">تون خداوند پنهنجي خدا جي حڪم موجب، سبت جو ڏينهن پاڪ رکڻ لاءِ ياد رک.</verse>
				<verse number="13">ڇهہ ڏينهن تون محنت ڪر، ۽ پنهنجو سڀ ڪم ڪار ڪر:</verse>
				<verse number="14">پر ستون ڏينهن خداوند تنهنجي خدا جو سبت آهي: انهي ڏينهن ڪوبہ ڪم نہ ڪر، نہ تون، نہ تنهنجو پٽ، نہ تنهنجي ڌيءَ، نہ تنهنجو غلام، نہ تنهنجي ٻانهي، نہ تنهنجو ڏاند، نہ تنهنجو گڏهہ، نہ تنهنجو ڪو ٻيو ڍور، نہ تنهنجو ڪو مسافر، جو تنهنجي در جي اندر هجي؛ انهي لاءِ تہ تنهنجي غلام ۽ ٻانهيءَ کي بہ تو وانگر آرام ملي.</verse>
				<verse number="15">تون ياد رک تہ تون پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئين، ۽ خداوند تنهنجي خدا پنهنجي زوراور هٿ سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان توکي اتان ٻاهر ڪڍي آندو: تنهنڪري خداوند تنهنجي خدا سبت جي ڏينهن کي ياد رکڻ جو توکي حڪم ڏنو.</verse>
				<verse number="16">تون پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي عزت ڪر، جيئن ڪ خداوند تنهنجي خدا توکي حڪم ڏنو آهي: تہ تنهنجي عمر وڏي ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجو ڀلو ٿئي.</verse>
				<verse number="17">تون خون نہ ڪر.</verse>
				<verse number="18">تون زنا نہ ڪر.</verse>
				<verse number="19">تون چوري نہ ڪر.</verse>
				<verse number="20">تون پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي نہ ڀر.</verse>
				<verse number="21">تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي لالچ نہ ڪر؛ نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي گهر، يا سندس ٻنيءَ، يا سندس غلام، يا سندس ٻانهيءَ، يا سندس ڏاند، يا سندس گڏهہ، يا سندس ڪنهن بہ شيءِ جي خواهش ڪر.</verse>
				<verse number="22">اهي ڳالهيون خداوند انهي جبل وٽ، باهہ ۽ ڪڪر ۽ انڌڪار جي وچ مان، اوهان جي ساريءَ جماعت کي وڏي آواز سان ٻڌايون: ۽ انهي کان سواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين چيائين. ۽ هن اهي پٿر جي ٻن تختين تي لکي مون کي ڏنيون.</verse>
				<verse number="23">۽ هيئن ٿيو، تہ جڏهن جبل باهہ سان پئي ٻريو، ۽ اوهان انڌڪار جي وچ مان اهو آواز ٻڌو، تڏهن اوهين مون وٽ آيا، يعني اوهانجن قبيلن جا رئيس، ۽ اوهان جا بزرگ؛</verse>
				<verse number="24">۽ اوهان چيو، تہ ڏس، خداوند اسان جي خدا پنهنجو جلال ۽ پنهنجي عظمت ڏيکاري آهي، ۽ اسان هن جو آواز باهہ جي وچ مان ٻڌو آهي: اڄ اسان ڏٺو آهي، تہ خدا ماڻهوءَ سان ڳالهائي ٿو، تہ بہ ماڻهو جيئرو ٿو رهي.</verse>
				<verse number="25">تنهنڪري هاڻي اسين ڇو پنهنجي جان وڃايون؟ ڇالاءِ جو هيءَ وڏي باهہ اسان کي ساڙي چٽ ڪندي: جيڪڏهن اسين وري خداوند اسان جي خدا جو آواز ٻڌنداسين، تہ اسين مري وينداسين.</verse>
				<verse number="26">ڇالاءِ جو اهڙو ڪهڙو انسان آهي، جو اسان وانگر باهہ جي وچ مان زندہ خدا کي ڳالهائيندو ٻڌي، ۽ پوءِ بہ جيئرو رهي؟</verse>
				<verse number="27">تون ويجهو وڃ، ۽ جيڪي خداوند اسان جو خدا توکي چوي سو ٻڌ: ۽ جيڪي خداوند اسان جو خدا توکي فرمائي، سو اسان کي ٻڌاءِ؛ ۽ اسين اهو ٻڌنداسين ۽ انهي تي عمل ڪنداسين.</verse>
				<verse number="28">۽ جڏهن اوهان مون سان ڳالهايو پئي، تڏهن خداوند اوهان جون ڳالهيون ٻڌيون؛ ۽ خداوند مون کي چيو، تہ هنن ماڻهن جيڪي تو سان ڳالهايو آهي، سو مون ٻڌو آهي: هنن جو چوڻ درست آهي.</verse>
				<verse number="29">شل هنن ۾ اهڙي دل هجي، جو هو مون کان ڊڄندا رهن، ۽ هميشہ منهنجن سڀني حڪمن کي مڃيندا رهن، تہ انهن جو ۽ سندن اولاد جو هميشہ ڀلو ٿئي!</verse>
				<verse number="30">سو تون وڃي انهن کي چئُہ، تہ اوهين پنهنجن تنبن ڏانهن موٽي وڃو.</verse>
				<verse number="31">پر تون هتي مون وٽ بيٺو رهہ، ۽ آءٌ توکي اهي سڀ حڪم، ۽ قانون، ۽ فيصلا ٻڌائيندس، جي تون انهن کي سيکارج، انهي لاءِ تہ جيڪو ملڪ آءٌ انهن کي ورثي طور ڏيڻ وارو آهيان، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪن.</verse>
				<verse number="32">تنهنڪري جيڪو حڪم خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏنو آهي، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو: ۽ ساڄي يا کٻي پاسي نہ مُڙجو.</verse>
				<verse number="33">جنهن رستي جو خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تنهن تي هلجو، تہ اوهين جيئرا رهو، ۽ اوهان جو ڀلو ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ اوهان جي هٿ ايندو تنهن ۾ بہ اوهان جو ڀلو ٿئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">هاڻي اهي حڪم، ۽ قانون، ۽ فيصلا هي آهن، جن جو خداوند اوهان جي خدا اوهان کي سيکارڻ جو حڪم ڏنو آهي، انهي لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين پار ٿا وڃو، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو:</verse>
				<verse number="2">۽ تون پنهنجن پٽن، ۽ پوٽن سوڌو خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهين، ۽ هن جي سڀني قانونن ۽ حڪمن تي، جن جو آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان، تن تي پنهنجي ساري عمر عمل ڪرين؛ تہ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.</verse>
				<verse number="3">تنهن ڪري اي اسرائيليو، ٻڌو، ۽ خبرداريءَ سان انهن تي عمل ڪريو؛ تہ اوهان جو ڀلو ٿئي، ۽ اوهين خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي واعدي موجب، انهي ملڪ ۾ وڌندا وڃو، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي.</verse>
				<verse number="4">اي اسرائيل، ٻڌ: خداوند اسان جو خدا هڪڙو ئي خداوند آهي:</verse>
				<verse number="5">تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي ساريءَ دل، پنهنجي ساريءَ جان، ۽ پنهنجي ساريءَ طاقت سان پيار ڪر.</verse>
				<verse number="6">۽ هي ڳالهيون، جن جو آءٌ اڄ توکي حڪم ٿو ڏيان، سي تنهنجيءَ دل ۾ قائم رهن:</verse>
				<verse number="7">۽ اهي تون پنهنجي اولاد کي سيکارج، گهر ۾ ويهندي، واٽ ويندي، سمهندي ۽ اُٿندي انهن جو ذڪر ڪندو رهج.</verse>
				<verse number="8">۽ تون انهن کي نشانيءَ طور پنهنجيءَ ٻانهن تي ٻڌج، ۽ اهي تنهنجي نرڙ تي طوق وانگر هجن.</verse>
				<verse number="9">۽ تون اهي پنهنجي گهر جي سردرن تي، ۽ پنهنجن دروازن تي لکي ڇڏج.</verse>
				<verse number="10">۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي انهي ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان، يعني ابرهام سان، اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو، تہ توکي ڏيندو؛ ۽ جڏهن هو توکي وڏا ۽ سهڻا شهر ڏيندو، جي تو نہ جوڙيا،</verse>
				<verse number="11">۽ سڀني چڱين شين سان ڀريل گهر، جي تون نہ ڀريا، ۽ کوٽيل حوضيون جي تو نہ کوٽيون، ڊاک جا منهہ ۽ زيتون جا وڻ، جي تو نہ پوکيا، سي توکي ڏيندو، ۽ تون کائي ڍءُ ڪرين؛</verse>
				<verse number="12">تڏهن خبردار ٿج، متان خداوند کي وساري ڇڏين، جنهن توکي مصر جي ملڪ مان، يعني غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي ٻاهر آندو.</verse>
				<verse number="13">تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج؛ ۽ انهي جي عبادت ڪج، ۽ انهي جي نالي جو قسم کڻج.</verse>
				<verse number="14">اوهين ٻين معبودن جي، يعني جيڪي قومون اوهان جي آس پاس ٿيون رهن، تن جي معبودن جي پيروي نہ ڪجو؛</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ تہ خداوند اوهان جو خدا، جو اوهان جي وچ ۾ آهي، سو غيرت وارو خدا آهي؛ ۽ ائين نہ ٿئي جو خداوند تنهنجو خدا تو تي ڪاوڙجي، ۽ تو کي زمين جي سطح تان برباد ڪري ڇڏي.</verse>
				<verse number="16">اوهين خداوند پنهنجي خدا کي متان آزمايو، جيئن اوهان هن کي مساہ ۾ آزمايو هو.</verse>
				<verse number="17">اوهين سنڀال ڪري خداوند پنهنجي خدا جا حڪم، ۽ شهادتون، ۽ قانون، جن جو هن اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي عمل ڪندا رهجو.</verse>
				<verse number="18">۽ اوهين اهو ئي ڪجو جيڪي خداوند جي نظر ۾ درست ۽ چڱو هجي، انهي لاءِ تہ اوهان جو ڀلو ٿئي، ۽ جنهن چڱي ملڪ بابت خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن ۾ وڃي، مٿس پنهنجو قبضو ڪريو.</verse>
				<verse number="19">۽ اوهان جا سڀ دشمن اوهان جي اڳيان هڪاليا وڃن، جيئن ڪ خداوند فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="20">جڏهن ايندڙ زماني ۾ تنهنجو پٽ تو کان پڇي، تہ هي شاهديون، ۽ قانون، ۽ فيصلا جي خداوند اسان جي خدا، اوهان کي ڏنا آهن، تن جو مطلب ڇا آهي؟</verse>
				<verse number="21">تڏهن تون پنهنجي پٽ کي چئج، تہ اسين مصر ۾ فرعون جا غلام هئاسين؛ ۽ خداوند پنهنجي زوراور هٿ سان اسان کي مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو:</verse>
				<verse number="22">۽ خداوند اسان جي سامهون مصر تي، ۽ فرعون تي، ۽ هن جي سڄي خاندان تي، وڏا وڏا ۽ ڏکوئيندڙ ڪم، ۽ نشان ڪري ڏيکاريا:</verse>
				<verse number="23">۽ هن اسان کي اتان ڪڍي آندو؛ انهي لاءِ تہ جنهن ملڪ بابت هن اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن ۾ اسان کي پهچائي ۽ اهو ملڪ اسان کي ڏئي.</verse>
				<verse number="24">۽ خداوند اسان کي حڪم ڏنو، تہ هنن سڀني قانونن تي عمل ڪريون، ۽ خداوند اسان جي خدا کان ڊڄندا رهون، تہ هميشہ اسان جو ڀلو ٿئي، ۽ هو اسان کي جيئرو رکي، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.</verse>
				<verse number="25">۽ جيڪڏهن اسين خبرداريءَ سان خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ هنن سڀني حڪمن تي عمل ڪنداسين، تہ اها اسان جي لاءِ راستبازي ليکي ويندي، جيئن ڪ هن اسان کي فرمايو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي انهي ملڪ ۾ پهچائي، جنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، ۽ اتي جون ست قومون، يعني حتي، جرجاسي، اموري، ڪنعاني، فرزي، حوي ۽ يبوسي، جي توکان وڏيون ۽ زور واريون آهن، تن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍي؛</verse>
				<verse number="2">۽ جڏهن خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي حوالي ڪري، ۽ تون انهن کي شڪست ڏين؛ تڏهن تون انهن کي پوريءَ طرح نابود ڪج؛ تون انهن سان ڪو بہ عهد نہ ڪج، نڪي انهن تي رحم ڪج:</verse>
				<verse number="3">تون انهن سان مائٽي نہ ڳنڍج؛ تون پنهنجي ڌيءَ هنن جي پٽ کي نہ ڏج، نڪي هن جي ڌيءَ پنهنجي پٽ لاءِ وٺج.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو هو تنهنجي پٽ کي منهنجي پيروي ڪرڻ کان ڦيرائينديون، انهي لاءِ تہ هو ٻين معبودن جي عبادت ڪري: جنهنڪري خداوند اوهان تي ڪاوڙجي، ۽ جلد اوهان کي برباد ڪري ڇڏي.</verse>
				<verse number="5">پر اوهين هنن سان هيءَ هلت ڪجو؛ اوهين هنن جون قربانگاهون ڀڃي ڇڏجو، هنن جا ٿنڀ ڪيرائي پرزا پرزا ڪجو، هنن جون يسيرہ نالي مورتون وڍي ڇڏجو.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو اوهين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هڪڙي پاڪ اُمت آهيو: خداوند اوهان جي زمين جي سڀني قومن مان، اوهان کي پنهنجي خاص اُمت ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.</verse>
				<verse number="7">خداوند اوهان سان محبت ڪئي، يا اوهان کي چونڊيائين، تنهن جو سبب اهو ڪونہ هو، تہ ڪو اوهين شمار ۾ ٻين کان گهڻا هئا؛ ڇالاءِ جو اوهين تہ ٻين سڀني قومن کان تمام ٿورا هئا:</verse>
				<verse number="8">پر خداوند اوهان کي پيار ٿو ڪري، ۽ جيڪو قسم هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان کنيو هو، سو پورو ڪرڻ ٿو چاهي؛ تنهنڪري خداوند پنهنجي زوراور هٿ سان اوهان کي ٻاهر ڪڍي آندو، ۽ غلاميءَ جي گهر، يعني مصر جي بادشاهہ فرعون جي هٿ مان اوهان کي ڇڏايائين.</verse>
				<verse number="9">تنهنڪري ياد رک، تہ خداوند تنهنجو خدا اهو ئي خدا آهي؛ هو سچو خدا آهي، ۽ جيڪي کيس پيار ٿا ڪن، ۽ سندس حڪمن تي عمل ٿا ڪن، تن سان هزار پيڙهين تائين پنهنجو عهد قائم ٿو رکي؛ ۽ مٿن رحم ٿو ڪري،</verse>
				<verse number="10">۽ جيڪي ساڻس دشمني ٿا رکن، تن کي سندن ڏسندي بدلو ٿو ڏئي، ۽ برباد ٿو ڪري: جيڪو هن سان دشمني ٿو رکي، تنهن کي هن جي ڏسندي بدلي ڏيڻ ۾ دير نٿو ڪري.</verse>
				<verse number="11">تنهنڪري جيڪي حڪم، ۽ قانون، ۽ فيصلا آءٌ اڄ توکي ٻڌايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندو رهج.</verse>
				<verse number="12">۽ هيئن ٿيندو تہ، جيڪڏهن اوهين هي فيصلا ٻڌي، انهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندا، تہ خداوند تنهنجو خدا بہ پنهنجو عهد ۽ رحم توسان قائم رکندو، جنهن بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو:</verse>
				<verse number="13">۽ هو توکي پيار ڪندو، ۽ توکي برڪت ڏيندو، ۽ توکي وڌائيندو: ۽ جيڪو ملڪ توکي ڏيڻ لاءِ هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن منجهہ تنهنجي اولاد ۾، ۽ تنهنجيءَ زمين جي پيدائش يعني تنهنجي اَن ۾، ۽ تنهنجي تيل ۾، ۽ تنهنجي ڍورن ۽ ڌڻن جي ٻچن ۾ برڪت وجهندو.</verse>
				<verse number="14">توکي ٻين سڀني قومن کان وڌيڪ برڪت ڏيندو: اوهان ۾ توڙي اوهان جي چوپائي مال ۾، ڪوبہ نر يا ڪابہ مادي سنڍ نہ ٿيندي.</verse>
				<verse number="15">۽ خداوند سڀڪا بيماري اوهان مان ڪڍي ڇڏيندو؛ ۽ مصر جا خراب مرض جن جي توکي خبر آهي، تن مان ڪوبہ تو تي ڪين موڪليندو، پر اهي هو انهن سڀني تي موڪليندو، جيڪي ساڻس دشمني ٿا رکن.</verse>
				<verse number="16">۽ جيڪي قومون خداوند تنهنجو خدا تنهنجي حوالي ڪندو، تن سڀني کي تون ماري کپائي ڇڏج؛ تون انهن تي ڪوبہ قياس نہ ڪج: نڪي تون انهن جي معبودن جي عبادت ڪج؛ ڇالاءِ جو اهو تنهنجي لاءِ هڪڙو ڦندو ٿيندو.</verse>
				<verse number="17">جي تنهنجي دل ۾ اهو خيال اچي، تہ هي قومون مون کان گهڻيون آهن؛ آءٌ هنن کي ڪيئن هڪالي سگهندس؟</verse>
				<verse number="18">تڏهن بہ تون انهن کان متان ڊڄين: پر جيڪي خداوند تنهنجي خدا فرعون سان، ۽ ساري مصر سان ڪيو، سو ياد رکج؛</verse>
				<verse number="19">يعني جيڪي وڏيون وڏيون آزمائشون تو پنهنجين اکين ڏٺيون، ۽ اهي نشان، ۽ معجزا، ۽ زوراور هٿ، ۽ ڊگهيريل ٻانهن، جن سان خداوند تنهنجو خدا توکي ٻاهر ڪڍي آيو: ۽ خداوند تنهنجو خدا انهن قومن سان بہ ائين ئي ڪندو، جن کان تون ڊڄين ٿو.</verse>
				<verse number="20">انهي کان سواءِ خداوند تنهنجو خدا انهن ۾ چيلاٽا موڪليندو، ۽ جيڪي انهن مان بچي ويا هوندا، ۽ توکان لڪي ويا هوندا، تن کي تنهنجي اڳيان تباهہ ڪري ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="21">تون انهن کان ڪوبہ خوف نہ ڪج: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا تنهنجي وچ ۾ آهي، هو عظيم ۽ خوفناڪ آهي.</verse>
				<verse number="22">۽ خداوند تنهنجو خدا انهن قومن کي رفتہ رفتہ تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍندو: تون انهن کي يڪدم نابود نہ ڪج، متان جهنگ جا مرون وڌي تو تي حملو ڪن.</verse>
				<verse number="23">پر خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي حوالي ڪندو، ۽ انهن کي زبردست شڪست ڏيندو، جيسين ڪ اهي بلڪل نابود ٿي وڃن.</verse>
				<verse number="24">۽ هو انهن جي بادشاهن کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيندو، ۽ تون انهن جو نالو زمين تان مٽائي ڇڏيندين: ۽ جيسين تون انهن کي برباد نہ ڪندين، تيسين ڪوبہ ماڻهو تنهنجي اڳيان بيهي ڪين سگهندو.</verse>
				<verse number="25">اوهين انهن جي معبودن جي اُڪريل مورتن کي باهہ سان ساڙي ڇڏجو: ۽ جيڪا چاندي يا سون انهن تي هجي، تنهن جي تون لالچ نہ ڪج، نڪي اهي پنهنجي لاءِ کڻج، متان تون انهن ۾ ڦاسي پوين: ڇالاءِ جو اها ڳالهہ خداوند تنهنجي خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙي آهي:</verse>
				<verse number="26">۽ تون ڪابہ مڪروهہ شيءِ پنهنجي گهر ۾ نہ آڻج، نہ تہ تون بہ انهيءَ وانگر برباديءَ جي لائق ٿيندين: تون انهن کي بلڪل ڌڪارج، ۽ انهن کان نفرت ڪج؛ ڇالاءِ جو اها برباديءَ جي لائق آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن تي اوهين خبرداريءَ سان عمل ڪجو، تہ اوهين جيئرا رهو، ۽ وڌو، ۽ انهي ملڪ ۾ وڃي مٿس قبضو ڪريو، جنهن بابت خداوند اوهان جي خدا اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.</verse>
				<verse number="2">۽ تون انهي رستي کي ياد رکج، جنهن تي خداوند تنهنجي خدا توکي چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ هلايو، انهي لاءِ تہ هو توکي نماڻو ڪري، ۽ توکي آزمائي، ۽ تنهنجيءَ دل جي ڳالهہ معلوم ڪري، تہ تون هن جي حڪمن کي مڃيندين يا نہ.</verse>
				<verse number="3">۽ هن توکي نماڻو ڪيو، ۽ بک ماريائين، ۽ توکي من کارايائين، جنهن جي نہ توکي خبر هئي، نہ تنهنجي ابن ڏاڏن کي؛ انهي لاءِ تہ توکي سيکاري تہ ماڻهو رڳو مانيءَ سان جيئرو نٿو رهي، پر هرڪا ڳالهہ جا خداوند جي واتان ٿي نڪري، تنهن سان جيئرو ٿو رهي.</verse>
				<verse number="4">اُنهن چاليهن ورهين ۾ نہ تنهنجا ڪپڙا تنهنجي بدن تي پراڻا ٿيا، نڪي تنهنجا پير سڄي پيا.</verse>
				<verse number="5">۽ تون پنهنجيءَ دل ۾ ائين سمجهہ، تہ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي پٽ کي سيکت ڏيندو آهي، تيئن خداوند تنهنجي خدا توکي سيکت ٿي ڏني.</verse>
				<verse number="6">۽ تون خداوند پنهنجي خدا جي واٽن تي هلڻ لاءِ، ۽ سندس ڊپ رکڻ لاءِ، سندس حڪم مڃيندو رهج.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا توکي هڪڙي چڱي ملڪ ۾ ٿو پهچائي، جنهن ملڪ ۾ پاڻيءَ جون نهرون، ۽ چشما، ۽ اونهيون ڍنڍون آهن، جي ماٿرين ۽ ٽڪرين مان ٿيون نڪرن؛</verse>
				<verse number="8">جنهن ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ جوَ، ۽ انگور، ۽ انجير، ۽ ڏاڙهونءَ جا وڻ ٿا ٿين؛ جنهن ۾ تيل وارا زيتون ۽ ماکي ٿي ٿئي؛</verse>
				<verse number="9">جنهن ملڪ ۾ تون پيٽ ڀري ماني کائيندين، ۽ توکي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿيندي؛ جنهن ملڪ جا پهڻ بہ لوهہ آهن، ۽ جنهن جي ٽڪرين مان تون ٽامو کوٽي ڪڍندين.</verse>
				<verse number="10">۽ تون کائي ڍءُ ڪندين، ۽ جيڪو چڱو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏيندو، تنهن لاءِ هن جي ساراهہ ڪندين.</verse>
				<verse number="11">تون خبردار رهج، ائين نہ ٿئي جو تون خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏين، ۽ جيڪي هن جا حڪم، ۽ فيصلا، ۽ قانون مون اڄ توکي ٻڌايا آهن، تن تي عمل نہ ڪرين:</verse>
				<verse number="12">۽ ائين نہ ٿئي، تہ جڏهن تون کائي ڍءُ ڪرين، ۽ عمديون جايون جوڙي انهن ۾ رهين؛</verse>
				<verse number="13">۽ جڏهن تنهنجا ڍور ۽ تنهنجا ڌڻ وڌن، ۽ تو وٽ چاندي ۽ سون گهڻو ٿئي، ۽ تنهنجي مال ملڪيت ۾ واڌارو ٿئي؛</verse>
				<verse number="14">تڏهن تنهنجي دل مغرور ٿي پوي، ۽ تون خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏين، جو توکي مصر جي ملڪ مان، يعني غلاميءَ جي گهر مان ٻاهر ڪڍي آيو؛</verse>
				<verse number="15">جو انهي وڏي ۽ خوفناڪ بيابان ۾ تنهنجو رهبر ٿيو، جنهن ۾ زهريلا نانگ ۽ وڇون هئا، ۽ زمين پاڻيءَ کان سواءِ خشڪ ٿي ويئي هئي؛ جنهن تنهنجي لاءِ چقمق جي ٽڪريءَ مان پاڻي ڪڍيو؛</verse>
				<verse number="16">جنهن توکي بيابان ۾ اهڙي من کارائي، جنهن جي تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر ڪانہ هئي؛ انهي لاءِ تہ هو توکي نماڻو ڪري، ۽ توکي آزمائي، ۽ نيٺ تنهنجو ڀلو ڪري:</verse>
				<verse number="17">۽ ائين نہ ٿئي جو تون پنهنجيءَ دل ۾ چوين، تہ مون پنهنجيءَ طاقت، ۽ پنهنجي هٿ جي زور سان هيءَ دولت حاصل ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="18">پر تون خداوند پنهنجي خدا کي ياد رکج، ڇالاءِ جو اهو ئي دولت حاصل ڪرڻ جي طاقت ٿو ڏئي؛ تہ جنهن عهد جي بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن کي قائم رکي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.</verse>
				<verse number="19">۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا کي وساريندين، ۽ ٻين معبودن جي پيروي ڪندين، ۽ انهن جي عبادت ڪندين، ۽ انهن کي سجدو ڪندين، تہ آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان جي برخلاف شاهدي ٿو ڏيان تہ اوهين ضرور نابود ٿيندا.</verse>
				<verse number="20">جيئن خداوند ٻين قومن کي اوهان جي اڳيان تباهہ ٿو ڪري، تيئن اوهين بہ خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌڻ ڪري تباهہ ٿي ويندا؛ ڇالاءِ جو اوهان خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">اي اسرائيل ٻڌ، اڄوڪي ڏينهن توکي يردن جي پار لنگهڻو آهي، انهي لاءِ تہ اهي قومون جي تو کان وڏيون ۽ زور واريون آهن، ۽ وڏا شهر جن جون ڀتيون آسمان تائين آهن، تن تي وڃي قبضي ڪرين؛</verse>
				<verse number="2">اتي ماڻهو ڊگها ۽ زوراور آهن، ۽ عناقيم جو اولاد آهن، توکي انهن جي خبر آهي، ۽ انهن بابت ٻڌو اٿيئي تہ ڪير بني عناق جو مقابلو ڪري سگهندو؟</verse>
				<verse number="3">تنهنڪري تون اڄوڪي ڏينهن سمجهي وٺ، تہ خداوند تنهنجو خدا تنهنجي اڳيان ڀسم ڪرڻ واري باهہ وانگر هن ڀر ٿو هلي؛ اهو انهن کي برباد ڪندو، ۽ هو انهن کي تنهنجي اڳيان ڪيرائيندو: جنهنڪري تون انهن کي هڪالي ڪڍندين، ۽ انهن کي سگهو ئي نابود ڪري ڇڏيندين، جيئن ڪ خداوند توکي فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="4">جڏهن خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍي، تڏهن تون پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ چئج، تہ منهنجيءَ راستبازيءَ جي ڪري خداوند مون کي هن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ هتي وٺي آيو آهي: بلڪ انهن قومن جي بدڪاريءَ جي سببان خداوند انهن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍي.</verse>
				<verse number="5">تون پنهنجي راستبازيءَ يا پنهنجيءَ دل جي سچائيءَ جي ڪري، انهن جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ نٿو وڃين: پر انهن قومن جي بدڪاريءَ جي سببان خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍي، انهي لاءِ تہ خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن سان، يعني ابرهام سان، اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کڻي جيڪو واعدو ڪيو هو، سو پورو ڪري.</verse>
				<verse number="6">تنهنڪري ياد رک، تہ خداوند تنهنجو خدا تنهنجي راستبازيءَ جي ڪري توکي اهو چڱو ملڪ نٿو ڏئي؛ ڇالاءِ جو تون تہ ضدي اُمت آهين.</verse>
				<verse number="7">هيءَ ڳالهہ ياد رک، ۽ ڪڏهن نہ وسار، تہ ڪيئن نہ بيابان ۾ تو خداوند پنهنجي خدا کي ڪاوڙايو: جنهن ڏينهن کان تون مصر جي ملڪ مان نڪتو آهين، تنهن ڏينهن کان وٺي هن هنڌ پهچڻ تائين، تو خداوند جي برخلاف فساد پئي ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="8">حورب ۾ بہ اوهان خداوند کي ڪاوڙايو، ۽ خداوند ناراض ٿي اوهان کي برباد ڪري ها.</verse>
				<verse number="9">۽ جڏهن پٿر جون تختيون، يعني جيڪو عهد خداوند اوهان سان ڪيو هو، تنهنجون تختيون وٺڻ لاءِ آءٌ جبل تي چڙهي ويس، تڏهن آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون اتي جبل تي رهي پيس؛ ۽ مون نڪا ماني کاڌي، نڪو پاڻي پيتم.</verse>
				<verse number="10">۽ خداوند مون کي پٿر جون ٻہ تختيون ڏنيون جي خدا جي آڱر سان لکيل هيون؛ ۽ انهن تي اهي ڳالهيون لکيل هيون، جي خداوند جبل تي باهہ جي وچ مان جماعت واري ڏينهن اوهان سان ڪيون.</verse>
				<verse number="11">۽ چاليهن ڏينهن ۽ چاليهن راتين کان پوءِ، خداوند مون کي پٿر جون ٻہ تختيون، يعني عهد جون تختيون ڏنيون،</verse>
				<verse number="12">۽ خداوند مون کي چيو، تہ اُٿ، جلد هتان هيٺ لهي وڃ؛ ڇالاءِ جو تنهنجا ماڻهو، جن کي تون مصر مان ڪڍي آيو آهين، تن پاڻ کي خراب ڪيو آهي؛ جنهن رستي جو مون کين حڪم ڏنو هو تنهن کان هو جلد ڦري ويا آهن؛ هنن پنهنجي لاءِ هڪڙي پلٽيل مورت جوڙي آهي.</verse>
				<verse number="13">انهي کان سواءِ خداوند مون کي فرمايو، تہ مون هن قوم کي ڏٺو آهي، ۽ ڏس، هيءَ ضدي قوم آهي.</verse>
				<verse number="14">تنهنڪري هاڻي مون کي ڇڏ، تہ آءٌ انهن کي برباد ڪريان، ۽ انهن جو نالو زمين تان مٽائي ڇڏيان: ۽ آءٌ تو منجهان هن کان بہ وڏي ۽ زور واري قوم پيدا ڪندس.</verse>
				<verse number="15">پوءِ آءٌ موٽي جبل تان هيٺ لٿس، ۽ جبل باهہ سان پئي ٻريو: ۽ عهد جون ٻئي تختيون منهنجن ٻنهي هٿن ۾ هيون.</verse>
				<verse number="16">۽ مون ڏٺو، تہ اوهان خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ ڪيو هو؛ اوهان پنهنجي لاءِ هڪڙي پلٽيل مورت جوڙي هئي: ۽ جنهن رستي جو خداوند اوهان کي حڪم ڏنو هو تنهن کان جلد ڦري ويا هئا.</verse>
				<verse number="17">۽ مون اهي ٻئي تختيون پنهنجن ٻنهي هٿن مان کڻي اُڇلايون، ۽ اوهانجين اکين جي اڳيان اهي ڀڃي ڇڏيم.</verse>
				<verse number="18">۽ آءٌ اڳئين وانگر، چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون، خداوند جي اڳيان سجدي ۾ پيو هوس؛ ۽ مون نڪا ماني کاڌي نڪي پاڻي پيتم؛ ڇالاءِ جو اوهان وڏو گناهہ ڪيو هو، ۽ جيڪي خداوند جي نظر ۾ بڇڙو هو سو ڪري، اوهان خداوند کي ڪاوڙايو هو.</verse>
				<verse number="19">۽ آءٌ خداوند جي ڪاوڙ ۽ ناراضپي کان ڊنس ٿي، ڇوتہ خداوند اوهان تي ڪاوڙيل هو، ۽ اوهان کي برباد ڪرڻ تي هو. پر هن ڀيري بہ خداوند منهنجي ٻڌي.</verse>
				<verse number="20">۽ خداوند هارون تي بہ ڏاڍو غصي هو، ۽ انهي کي برباد ڪرڻ تي هو: ۽ مون انهي وقت هارون جي لاءِ بہ دعا گهري.</verse>
				<verse number="21">۽ مون اوهان جو گناهہ، يعني جيڪو گابو اوهان جوڙيو هو، تنهن کي کڻي باهہ ۾ ساڙي ڇڏيو، ۽ انهي کي ڪُٽي پيهي، ڌوڙ جهڙو سنهو ڪيم: ۽ انهي جي رک مون انهيءَ نهر ۾ کڻي اُڇلائي جا جبل مان ٿي نڪتي.</verse>
				<verse number="22">۽ تبعيرہ ۽ مساہ ۾، ۽ قبروت هتاوہ ۾ بہ، اوهان خداوند کي ڪاوڙايو.</verse>
				<verse number="23">۽ جڏهن خداوند اوهان کي قادس برنيع کان روانو ڪيو، ۽ چيائين تہ وڃي انهي ملڪ تي قبضو ڪريو جو مون اوهان کي ڏنو آهي: تڏهن اوهان خداوند پنهنجي خدا جي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو، ۽ اوهان هن تي ايمان نہ آندو، نڪي هن جو چوڻ ٻڌو.</verse>
				<verse number="24">جنهن ڏينهن کان منهنجي اوهان سان واقفيت ٿي آهي انهي ڏينهن کان اوهين خداوند جي برخلاف فساد ڪندا ٿا اچو.</verse>
				<verse number="25">انهي ڪري آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون خداوند جي اڳيان سجدي ۾ پيو هوس؛ ڇالاءِ جو خداوند فرمايو هو تہ هو اوهان کي برباد ڪندو.</verse>
				<verse number="26">۽ مون خدا کان هيءَ دعا گهري، تہ اي خداوند خدا، تون پنهنجيءَ اُمت کي، يعني پنهنجيءَ ميراث کي، برباد نہ ڪر، جنهن کي تو پنهنجيءَ قدرت سان ڇڏايو آهي، ۽ جنهن کي تون پنهنجي زوراور هٿ سان مصر مان ڪڍي آيو آهين.</verse>
				<verse number="27">پنهنجن ٻانهن ابرهام، ۽ اسحاق، ۽ يعقوب کي ياد ڪر؛ ۽ هن اُمت جي هوڏ، ۽ شرارت، ۽ گناهہ کي نہ ڏس:</verse>
				<verse number="28">ائين نہ ٿئي تہ جنهن ملڪ مان تون اسان کي ڪڍي آيو آهين، تنهن ملڪ جا ماڻهو چون تہ جنهن ملڪ جو خداوند انهن سان واعدو ڪيو هو، تنهن ۾ کين پهچائي نہ سگهيو، ۽ خداوند کي انهن سان نفرت هئي، تنهنڪري کين ٻاهر ڪڍي آيو تہ بيابان ۾ انهن کي قتل ڪري.</verse>
				<verse number="29">نيٺ بہ اهي تنهنجي اُمت ۽ تنهنجي ميراث آهن، جن کي تو پنهنجيءَ وڏي قدرت سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان ڪڍي آندو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">انهي وقت خداوند مون کي چيو، تون اڳين جهڙيون پٿر جون ٻيون ٻہ تختيون جوڙ، ۽ مون وٽ جبل تي چڙهي اچ، ۽ ڪاٺ جي هڪڙي صندوق جوڙ.</verse>
				<verse number="2">آءٌ انهن تختين تي اهي ڳالهيون لکندس، جي انهن اڳين تختين تي لکيل هيون، جن کي تو ڀڃي ڇڏيو، ۽ تون اهي انهيءَ صندوق ۾ رکج.</verse>
				<verse number="3">ان موجب مون ٻٻر جي ڪاٺ جي هڪڙي صندوق جوڙي، ۽ اڳين تختين جهڙيون پٿر جون ٻہ تختيون جوڙيم، ۽ اهي ٻئي تختيون پنهنجي هٿ ۾ کڻي، جبل تي چڙهي ويس.</verse>
				<verse number="4">۽ جيڪي ڏهہ حڪم خداوند جبل تي باهہ جي وچ مان جماعت واري ڏينهن اوهان کي ٻڌايا هئا، سي هن پهرئين لکئي موجب انهن تختين تي لکيا: ۽ خداوند اهي مون کي ڏنيون.</verse>
				<verse number="5">پوءِ آءٌ موٽي جبل تان هيٺ لٿس، ۽ جيڪا صندوق مون جوڙي هئي، تنهن ۾ اهي تختيون رکيم؛ ۽ اهي اڃا اتي ئي رکيل آهن، جيئن ڪ خداوند مون کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="6">(پوءِ بني اسرائيل بيروت بني يعقان کان روانا ٿي موسيرہ ۾ آيا: اتي هارون وفات ڪئي، ۽ هن کي اتي ئي دفن ڪيو ويو؛ ۽ سندس پٽ اليعزر سندس جاءِ تي ڪهانت جي عهدي تي خدمت ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="7">پوءِ هو اُتان ڪوچ ڪري جدجودہ ۾ آيا؛ ۽ جدجودہ مان روانا ٿي يوطبات ۾ آيا، جتي پاڻيءَ جون نهرون هيون.</verse>
				<verse number="8">انهي وقت خداوند لاويءَ جي قبيلي کي ڌار ڪيو، تہ اهي خداوند جي عهد جي صندوق کڻن، ۽ خداوند جي حضور ۾ حاضر رهي انهي جي خدمت ڪن، ۽ سندس نالو وٺي برڪت ڏين، جيئن اڄ ڏينهن تائين ٿيندو اچي.</verse>
				<verse number="9">انهي ڪري لاوين کي سندن ڀائرن سان گڏ ڪوبہ حصو يا ورثو ڪونہ مليو؛ ڇالاءِ جو خداوند پاڻ هنن جو ورثو آهي، جيئن ڪ خداوند تنهنجي خدا هنن کي فرمايو آهي.)</verse>
				<verse number="10">۽ آءٌ اڳي وانگر، چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون، جبل تي رهيس: ۽ هن ڀيري بہ خداوند منهنجي ٻڌي؛ ۽ توکي برباد نہ ڪيائين.</verse>
				<verse number="11">پوءِ خداوند مون کي چيو، تہ اُٿ، ۽ ماڻهن جي رهبري ڪر؛ تہ هو انهي ملڪ تي وڃي قبضو ڪن، جنهن بابت مون انهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ انهن کي ڏيندس.</verse>
				<verse number="12">هاڻي اي اسرائيل، خداوند تنهنجو خدا توکان ڇا ٿو گهري، رڳو ايترو تہ تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهہ، سندس سڀني واٽن تي هل، ۽ کيس پيار ڪر، ۽ پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان، خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪر،</verse>
				<verse number="13">۽ خداوند جا حڪم ۽ سندس قانون، جي آءٌ تنهنجيءَ ڀلائيءَ جي لاءِ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن کي مڃيندو رهہ؟</verse>
				<verse number="14">۽ ڏس، آسمان ۽ آسمانن جو آسمان، زمين ۽ جيڪي منجهس آهي، سو سڀ خداوند تنهنجي خدا جو آهي؛</verse>
				<verse number="15">تڏهن بہ خداوند خوشيءَ سان تنهنجي ابن ڏاڏن کي پيار ڪيو، ۽ انهن کان پوءِ سندس اولاد کي، يعني اوهان کي ٻين سڀني قومن مان چونڊي ڪڍيائين، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.</verse>
				<verse number="16">تنهنڪري اوهين پنهنجي دل جو ختنو ڪريو ۽ اڳتي وري ضدي نہ ٿيو.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا، جو خدائن جو خدا، ۽ خداوندن جو خدا آهي، جو عظيم، قادر، ۽ خوفناڪ خدا آهي، هو ماڻهن جي طرفداري نٿو ڪري، ۽ نڪي رشوت ٿو وٺي.</verse>
				<verse number="18">هو يتيمن ۽ بيوہ زالن جو انصاف ٿو ڪري، ۽ پرديسيءَ کي پيار ٿو ڪري، ۽ انهي کي کاڌو ۽ ڪپڙو ٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="19">تنهنڪري اوهين پرديسيءَ کي پيار ڪريو: ڇالاءِ جو اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ پرديسي هئا.</verse>
				<verse number="20">تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج؛ رڳو انهي جي عبادت ڪج؛ ۽ انهي سان قائم رهج؛ ۽ انهي جي نالي جو قسم کڻج.</verse>
				<verse number="21">اهوئي تنهنجي تعريف جو حقدار آهي، اهو ئي تنهنجو خدا آهي، جنهن تنهنجي لاءِ اهي وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ڪيا، جي تو پنهنجين اکين سان ڏٺا.</verse>
				<verse number="22">تنهنجا ابا ڏاڏا جڏهن مصر ۾ ويا تڏهن ستر ڄڻا هئا؛ پر هاڻي خداوند تنهنجي خدا توکي آسمان جي تارن جيترو وڌايو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">تنهنڪري تون خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪر، ۽ هميشہ هن جي چئي تي، ۽ قانونن تي، ۽ فيصلن تي، ۽ هن جي حڪمن تي عمل ڪج.</verse>
				<verse number="2">۽ اوهين اڄوڪي ڏينهن اهو سمجهي وٺو: ڇالاءِ جو آءٌ اوهان جي اولاد سان نٿو ڳالهايان، جن کي نڪا خبر آهي، نڪي ڏٺو اٿن، تہ خداوند اوهان جي خدا جي سيکت، ۽ هن جي عظمت، ۽ هن جي زوراور هٿ، ۽ هن جي ڊگهيريل ٻانهن سان ڇا ڇا ٿيو،</verse>
				<verse number="3">۽ هن جون نشانيون ۽ ڪم، جي هن مصر ۾، مصر جي بادشاهہ فرعون سان، ۽ سندس ساري ملڪ سان ڪيا:</verse>
				<verse number="4">۽ جيڪي هن مصر جي لشڪر سان، ۽ انهن جي گهوڙن، ۽ جنگي گاڏين سان ڪيو؛ ۽ جڏهن اهي اوهان جي پٺيان ڪاهي آيا، تڏهن ڪيئن خداوند ڳاڙهي سمنڊ جو پاڻي مٿن اُڇلائي وڌو، ۽ کين ٻوڙي ماريائين، جو اڄ ڏينهن تائين هو نابود ٿي ويا آهن؛</verse>
				<verse number="5">۽ جيسين اوهين هن هنڌ آيا؛ تيسين بيابان ۾ هن اوهان سان ڇا ڇا ڪيو؟</verse>
				<verse number="6">۽ روبن جي پٽ الياب جي پٽن داتن ۽ ابيرام جو ڪهڙو حال ڪيائين؟ ڪيئن زمين پنهنجو وات پٽيو، ۽ انهن کي، ۽ انهن جي گهر ٻار کي، ۽ انهن جي تنبن کي، ۽ جن ساهوارن جو انهن سان واسطو هو، تن سڀني کي اسرائيل جي وچ مان ڳهي ويئي:</verse>
				<verse number="7">پر اوهان خداوند جا اهي سڀ وڏا ڪم پنهنجين اکين سان ڏٺا.</verse>
				<verse number="8">تنهنڪري جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو، انهي لاءِ تہ اوهين طاقتور ٿيو، ۽ جنهن ملڪ کي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، اتي پهچي انهي تي قبضو ڪريو؛</verse>
				<verse number="9">۽ جنهن ملڪ جي بابت خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تہ انهن کي ۽ انهن جي اولاد کي ڏيندو، ۽ جنهن ملڪ ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، تنهن ۾ اوهان جي عمر وڏي ٿئي.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، سو مصر جي ملڪ جهڙو ناهي، جتان تون نڪري آيو آهين، اتي تو ٻج پوکي، انهي کي ڀاڄين جي باغ وانگر پنهنجي پير سان پاڻي ٿي ڏنو:</verse>
				<verse number="11">پر اهو ملڪ، جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ تون پار ٿو وڃين، سو جبلن ۽ ماٿرين وارو ملڪ آهي، جنهن کي آسمان جي مينهن جو پاڻي ٿو ملي:</verse>
				<verse number="12">اهو ملڪ جنهن کي خداوند تنهنجو خدا سنڀالي ٿو؛ ۽ سال جي شروعات کان وٺي سال جي پڇاڙيءَ تائين، خداوند تنهنجي خدا جي نظر سدائين انهي تي ٿي رهي.</verse>
				<verse number="13">۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي جيڪڏهن اوهين ڌيان ڏيئي ٻڌندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪندا، ۽ پنهنجيءَ ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان انهي جي عبادت ڪندا،</verse>
				<verse number="14">تہ آءٌ اوهان جي ملڪ ۾ مند تي پهريون ۽ پويون مينهن وسائيندس. انهي لاءِ تہ تون پنهنجو اَن، ۽ پنهنجو شراب، ۽ پنهنجو تيل گڏ ڪري سگهين.</verse>
				<verse number="15">۽ تون کائي ڍءُ ڪندين، ۽ آءٌ تنهنجي چوپائي مال لاءِ تنهنجن ميدانن ۾ گاهہ اُڀرائيندس.</verse>
				<verse number="16">اوهين پنهنجي خبرداري ڪجو، متان اوهان جي دل ٺڳجي وڃي، ۽ اوهين گمراهہ ٿي ٻين معبودن جي عبادت ڪريو، ۽ انهن جي اڳيان سجدو ڪريو؛</verse>
				<verse number="17">۽ خداوند اوهان تي ڪاوڙجي، ۽ هو آسمان کي بند ڪري ڇڏي، ۽ برسات نہ پوي، ۽ زمين جي پيداوار نہ ٿئي، ۽ جيڪو چڱو ملڪ خداوند اوهان کي ڏئي ٿو تنهن ۾ اوهين جلد نابود ٿي وڃو.</verse>
				<verse number="18">تنهنڪري منهنجون هي ڳالهيون اوهين پنهنجيءَ دل ۾، ۽ پنهنجي روح ۾ ڄمائي ڇڏيو؛ ۽ اوهين نشانيءَ طور انهن کي پنهنجي ٻانهن تي ٻڌجو، ۽ اهي اوهان جي نرڙ تي طوق وانگر هجن.</verse>
				<verse number="19">۽ اهي تون پنهنجي اولاد کي سيکارج، گهر ۾ ويهندي، واٽ ويندي، سمهندي ۽ اُٿندي، انهن جو ذڪر ڪج.</verse>
				<verse number="20">تون اهي پنهنجي گهر جي سردرن تي، ۽ پنهنجن دروازن تي، لکي ڇڏج:</verse>
				<verse number="21">تہ جيسين زمين جي مٿان آسمان آهي تيسين اوهان جي، ۽ اوهان جي اولاد جي عمر، انهي ملڪ ۾ وڌندي وڃي، جو ملڪ اوهان کي ڏيڻ لاءِ، خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ جو هي سڀ حڪم جي آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي جيڪڏهن اوهين خبرداريءَ سان عمل ڪندا؛ ۽ خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪندا، ۽ هن جي سڀني واٽن تي هلندا، ۽ هن سان قائم رهندا؛</verse>
				<verse number="23">تہ پوءِ خداوند انهن سڀني قومن کي اوهان جي اڳيان هڪالي ڪڍندو، ۽ اوهين انهن قومن تي قبضو ڪندا جي اوهان کان وڏيون ۽ زور واريون آهن.</verse>
				<verse number="24">جنهن جاءِ تي اوهان جي پيرن جي تري لڳندي سا اوهان جي ٿيندي: ۽ بيابان، ۽ لبنان، ۽ نديءَ کان، يعني فرات نديءَ کان وٺي الهندي واري سمنڊ تائين اوهان جي سرحد ٿيندي.</verse>
				<verse number="25">ڪوبہ ماڻهو اوهان جي اڳيان بيهي ڪين سگهندو: جنهن زمين تي اوهان جا پير پوندا اتي خداوند اوهان جو خدا اوهان جو خوف، ۽ اوهان جو ڊپ وجهندو، جيئن ڪ هن اوهان کي فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="26">ڏسو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان جي اڳيان برڪت ۽ لعنت ٿو رکان؛</verse>
				<verse number="27">برڪت انهي حالت ۾، جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم، جي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪندا:</verse>
				<verse number="28">۽ لعنت انهيءَ حالت ۾، جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم نہ مڃيندا، ۽ جنهن رستي جو مون اڄوڪي ڏينهن اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تنهن کي ڇڏي ٻئي پاسي ڦرندا، ۽ ٻين معبودن جي پيروي ڪندا، جن جي اڃا تائين اوهان کي خبر ڪانهي.</verse>
				<verse number="29">۽ وري هيئن ٿيندو، تہ جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي انهي ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، تڏهن تون گرازيم جبل تان برڪت ڏج، ۽ عيبال جبل تان لعنت ڪج.</verse>
				<verse number="30">اهي ٻئي جبل يردن جي پرئين ڀر، اُلهندي پاسي انهن ڪنعانين جي ملڪ ۾ نہ آهن ڇا، جي جلجال جي سامهون مورهہ جي صنوبرن جي ڀرسان ميدان ۾ ٿا رهن؟</verse>
				<verse number="31">ڇالاءِ جو اوهين يردن جي پار ٿا وڃو، ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، تنهن تي قبضو ڪري انهي ۾ رهندا.</verse>
				<verse number="32">۽ جيڪي قانون ۽ فيصلا آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">هي آهن اهي قانون ۽ فيصلا، جن تي اوهين پنهنجي ساري عمر انهي ملڪ ۾ عمل ڪندا رهجو، جو خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا، اوهان کي ورثي طور ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="2">اوهين ضرور اهي سڀ جايون برباد ڪري ڇڏجو، جتي اهي قومون، جن جا اوهين وارث ٿيندا، سي اُتانهن جبلن تي، ۽ ٽڪرين تي، ۽ هر ڪنهن سائي وڻ هيٺ، پنهنجن معبودن جي عبادت ڪنديون هيون:</verse>
				<verse number="3">۽ اوهين هنن جون قربانگاهون ڀڃي ڊاهي ڇڏجو، ۽ هنن جا ٿنڀ ڪيرائي پرزا پرزا ڪجو، ۽ هنن جون يسيرہ نالي مورتون باهہ سان ساڙي ڇڏجو؛ ۽ اوهين هنن جي معبودن جون اُڪريل مورتون وڍي ڪيرائي ڇڏجو؛ ۽ اوهين انهي هنڌان هنن جو نالو ئي مٽائي ڇڏجو.</verse>
				<verse number="4">پر اوهين خداوند پنهنجي خدا سان ائين نہ ڪجو.</verse>
				<verse number="5">بلڪ جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا، اوهان جي سڀني قبيلن منجهان چونڊي ڪڍندو، انهي لاءِ تہ اتي پنهنجو نالو قائم ڪري، اتي، يعني هن جي مسڪن وٽ اوهين اچجو:</verse>
				<verse number="6">۽ اتي اوهين پنهنجون سوختنيون قربانيون، ۽ پنهنجون ذبح ڪرڻ واريون قربانيون، ۽ پنهنجا ڏهان حصا، ۽ پنهنجي هٿ جون مٿي کنيل قربانيون، ۽ پنهنجون مڃتائون، ۽ پنهنجون خوشيءَ جون قربانيون، ۽ پنهنجي ڍورن ۽ ڌڻن جا پهريان ٻچا پيش ڪجو:</verse>
				<verse number="7">اتي اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ کائجو؛ ۽ تنهنجي هٿ جي ڪمائي جنهن ۾ خداوند تنهنجي خدا برڪت وڌي آهي، تنهن لاءِ اوهين پنهنجن گهراڻن سميت خوشيون ڪجو.</verse>
				<verse number="8">جيئن اڄوڪي ڏينهن اسين هتي ڪريون ٿا، يعني جنهن ماڻهوءَ کي جيڪي ٿو وڻي سو ٿو ڪري، تيئن اوهين نہ ڪجو:</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو اوهين اڃا انهي آرام ۽ انهي ميراث واري هنڌ نہ پهتا آهيو، جيڪو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو.</verse>
				<verse number="10">پر جڏهن اوهين يردن جي پار وڃي انهي ملڪ ۾ رهندا، جو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور ٿو ڏئي، ۽ هو اوهان کي آسپاس وارن سڀني دشمنن کان آرام ڏيندو، ۽ اوهين سلامتيءَ سان رهندا؛</verse>
				<verse number="11">تڏهن هيئن ٿيندو، تہ جيڪو هنڌ خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي جي مسڪن لاءِ چونڊيندو، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو، جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني اوهان جون سوختنيون قربانيون، ۽ اوهان جا ڏهان حصا، ۽ اوهان جي هٿ جون مٿي کنيل قربانيون، ۽ اوهان جي خوشيءَ جون مڃتائون، جي اوهين خداوند جي اڳيان مڃيندا:</verse>
				<verse number="12">۽ اوهين، ۽ اوهان جا پٽ، ۽ اوهان جون ڌيون، ۽ اوهان جا غلام، ۽ اوهان جون ٻانهيون، ۽ لاوي، جن کي اوهان سان گڏ حصو يا ورثو نہ ملڻ ڪري، اوهان جي گهرن ۾ رهندا هجن، سي سڀ گڏجي خوشيون ڪجو.</verse>
				<verse number="13">۽ تون خبردار رهج تہ متان جيڪا جاءِ ڏسين اتي ئي پنهنجي سوختني قرباني پيش ڪرين:</verse>
				<verse number="14">پر جيڪا جاءِ خداوند تنهنجن قبيلن منجهان چونڊي ڪڍندو، اتي ئي اوهين پنهنجون سوختنيون قربانيون پيش ڪجو؛ ۽ جن ڪمن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، سي سڀ اتي ئي ڪجو.</verse>
				<verse number="15">پر تون پنهنجن دروازن جي اندر پنهنجيءَ دل جي خواهش موجب، ۽ خداوند جي ڏنل برڪت موجب، جانور ڪهي گوشت کائي ٿو سگهين، جيئن تہ هرڻ يا هرڻي، پاڪ يا ناپاڪ ماڻهو انهي مان کائي ٿو سگهي.</verse>
				<verse number="16">رڳو اوهين رت نہ کائجو؛ اهو تون زمين تي پاڻيءَ وانگي هاري ڇڏج.</verse>
				<verse number="17">۽ تنهنجي اَن، ۽ تنهنجي شراب، ۽ تنهنجي تيل جو ڏهون حصو، ۽ تنهنجي ڍورن ۽ ڌڻن جا پهريان ٻچا، ۽ تنهنجون مڃتائون، ۽ تنهنجون خوشيءَ جون قربانيون، ۽ تنهنجي هٿ جون مٿي کنيل قربانيون، انهن مان ڪابہ شيءِ تون پنهنجن دروازن جي اندر کائي نٿو سگهين:</verse>
				<verse number="18">پر اهي تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي ڌيءَ، ۽ تنهنجو غلام، ۽ تنهنجي ٻانهي، ۽ جيڪو لاوي تنهنجي گهر ۾ هجي سو، اهي شيون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ انهي هنڌ کائجو، جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا چونڊي ڪڍي؛ ۽ تون پنهنجي هٿ جي ڪمائيءَ لاءِ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪج.</verse>
				<verse number="19">۽ تون خبردار رهج، ۽ جيسين تون انهي ملڪ ۾ جيئرو رهين، تيسين لاوين کي وساري نہ ڇڏج.</verse>
				<verse number="20">جڏهن خداوند تنهنجو خدا تنهنجي سرحد وڌائي، جيئن هن تو سان واعدو ڪيو آهي ۽ تو کي گوشت کائڻ جي دل ٿئي، ۽ چوين تہ آءٌ گوشت کان، تہ تون پنهنجيءَ دل جي خواهش موجب گوشت کائج؛</verse>
				<verse number="21">۽ جيڪڏهن اهو هنڌ جو خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊي سو تو کان گهڻو پري هجي، تہ پوءِ خداوند توکي جيڪي ڍور ۽ ڌڻ ڏنا هجن، تن مان ڪنهن کي بہ ذبح ڪري، پنهنجيءَ دل جي خواهش موجب، پنهنجن دروازن جي اندر کائج، جيئن ڪ مون توکي حڪم ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="22">جيئن هرڻ يا هرڻي کائبي آهي، تيئن تون اهو کائج: پاڪ ۽ ناپاڪ ماڻهو انهي مان کائي ٿو سگهي.</verse>
				<verse number="23">رڳو ايتري خبرداري ڪج جو رت نہ کائج: ڇالاءِ جو رت حياتي آهي؛ ۽ تون گوشت سان گڏ حياتيءَ کي نہ کائج.</verse>
				<verse number="24">تون اهو نہ کائج، اهو تون زمين تي پاڻيءَ وانگر هاري ڇڏج.</verse>
				<verse number="25">تون اهو نہ کائج؛ تہ جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱو آهي، سو ڪرڻ ڪري تنهنجو، ۽ توسان گڏ تنهنجي اولاد جو ڀلو ٿئي.</verse>
				<verse number="26">پر پنهنجون پاڪ شيون انهي هنڌ کڻي وڃج جو خداوند چونڊيندو:</verse>
				<verse number="27">اتي تون پنهنجون سوختنيون قربانيون پيش ڪج، انهن جو گوشت ۽ انهن جو رت، قربانگاهہ تي چاڙهج: ۽ تنهنجين ذبح ڪرڻ وارين قربانين جو رت قربانگاهہ تي اوتبو، ۽ گوشت تون کائج.</verse>
				<verse number="28">هي سڀ ڳالهيون جن جو آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان، سي ڌيان ڏيئي ٻڌ، تہ جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱو ۽ درست آهي، سو ڪرڻ ڪري تنهنجو، ۽ توکان پوءِ تنهنجي اولاد جو ڀلو ٿئي.</verse>
				<verse number="29">جڏهن خداوند تنهنجو خدا انهن قومن کي تباهہ ڪندو، جن کي قبضي ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، ۽ جڏهن تون انهن تي قبضو ڪري انهن جي ملڪ ۾ رهين؛</verse>
				<verse number="30">تڏهن تون خبردار ٿج، متان جڏهن اهي تنهنجي اڳيان نابود ٿي وڃن، تڏهن تون گمراهہ ٿي انهن جي پيروي ڪرين؛ ۽ انهن جي معبودن بابت پڇا ڪرين تہ اهي قومون ڪهڙيءَ طرح پنهنجن معبودن جي عبادت ڪنديون هيون، تہ آءٌ بہ انهن وانگر ڪريان؟</verse>
				<verse number="31">پر تون خداوند پنهنجي خدا سان ائين نہ ڪج: ڇالاءِ جو هرڪو ڪراهت جهڙو ڪم، جنهن کان خدا کي نفرت آهي، سو انهن پنهنجن معبودن لاءِ ڪيو آهي؛ بلڪ اهي پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئرن کي بہ معبودن جي اڳيان باهہ ۾ ساڙين ٿا.</verse>
				<verse number="32">جيڪا بہ ڳالهہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو: ۽ تون نڪي انهيءَ ۾ ڪجهہ وڌائج، نڪي انهيءَ مان ڪجهہ گهٽائج.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">جيڪڏهن تنهنجي وچ ۾ ڪو نبي، يا خوابن ڏسڻ وارو ظاهر ٿئي، ۽ اهو توکي ڪوبہ نشان يا عجيب ڪم ڏيکاري،</verse>
				<verse number="2">۽ جنهن نشان يا عجيب ڪم جي هو توکي خبر ڏئي، سو پورو ٿئي، ۽ پوءِ هو توکي اهڙن معبودن جي پيروي ڪرڻ ۽ انهن جي عبادت ڪرڻ لاءِ چوي، جن کان تون ناواقف هجين؛</verse>
				<verse number="3">تہ تون انهيءَ نبيءَ يا خوابن ڏسڻ واري جي ڳالهہ اصل نہ ٻڌج: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي آزمائيندو، تہ معلوم ڪري تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان پيار ڪريو ٿا يا نہ.</verse>
				<verse number="4">اوهين خداوند پنهنجي خدا جي پيروي ڪجو، انهي کان ڊڄجو، ۽ انهي سان قائم رهجو،</verse>
				<verse number="5">۽ انهي نبيءَ يا خوابن ڏسڻ واري کي ماري ڇڏجو؛ ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا جو اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو، ۽ توکي غلاميءَ جي گهر مان ڇڏايائين، تنهن جي برخلاف هن بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي، انهي لاءِ تہ جنهن رستي هلڻ لاءِ خداوند تنهنجي خدا توکي حڪم ڏنو آهي، تنهن کان ڦيرائي ٻئي پاسي ڪريئي. انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.</verse>
				<verse number="6">جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ، يعني تنهنجيءَ ماءُ جو پٽ، يا تنهنجو پٽ، يا تنهنجي ڌيءَ، يا تنهنجي دلگهري زال، يا تنهنجو جاني دوست توکي ڳجهيءَ طرح لالچائي، ۽ اهڙن معبودن جي عبادت ڪرڻ جي لاءِ چوي، جن جي توکي ۽ تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر نہ هجي،</verse>
				<verse number="7">يعني انهن ماڻهن جا معبود، جي تنهنجي آس پاس، ويجها توڙي پري، بلڪ زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين رهندا هجن؛</verse>
				<verse number="8">تڏهن بہ تون انهن جي ڳالهہ تي راضي نہ ٿج، نڪي انهن جو چوڻ ٻڌج؛ تون انهي تي قياس نہ ڪج، نڪي انهي سان ڪا مروت ڪج، نڪي انهي کي لڪائج:</verse>
				<verse number="9">پر تون انهي کي ضرور قتل ڪج؛ انهي کي قتل ڪرڻ لاءِ پهرين تنهنجو هٿ مٿس پوي، ۽ پوءِ ٻين ماڻهن جو هٿ.</verse>
				<verse number="10">تون انهي کي سنگسار ڪج، تہ هو مري وڃي؛ ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا جنهن توکي مصر جي ملڪ مان، يعني غلاميءَ جي گهر مان ٻاهر ڪڍي آندو، تنهن کان توکي ڦيرائڻ جي هن ڪوشش ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ سڀ اسرائيلي اهو ٻڌي ڊڄندا، ۽ تنهنجي وچ ۾ وري اهڙي شرارت نہ ڪندا.</verse>
				<verse number="12">جيڪي شهر خداوند تنهنجو خدا توکي رهڻ لاءِ ڏيندو، تن مان ڪنهن جي بابت جيڪڏهن تون ڪا اهڙي ڳالهہ ٻڌين،</verse>
				<verse number="13">تہ ڪي ڪميڻا ماڻهو تنهنجي وچ مان نڪري پنهنجي شهر جي ماڻهن کي هيئن چئي گمراهہ ڪري رهيا آهن، تہ اچو تہ اهڙن معبودن جي عبادت ڪريون، جن جي اوهان کي خبر ڪانهي؛</verse>
				<verse number="14">تہ پوءِ تون تحقيقات ۽ ڳولا ڪج، ۽ چڱيءَ طرح پڇاڳاڇا ڪج؛ ۽ ڏس، جيڪڏهن اها ڳالهہ سچي هجي، ۽ اها پڪ هجي، تہ تنهنجي وچ ۾ اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ٿيو آهي؛</verse>
				<verse number="15">تہ پوءِ تون ضرور انهي شهر جي رهاڪن کي ترار جي ڌار سان قتل ڪج، ۽ جيڪي انهي ۾ هجي سو سڀ، ۽ انهي جو چوپايو مال بہ ترار جي ڌار سان بلڪل تباهہ ڪري ڇڏج.</verse>
				<verse number="16">۽ تون انهي جو سمورو لٽ جو مال انهي جي چونڪ ۾ گڏ ڪج، ۽ شهر کي لٽ جي سموري مال سميت، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ باهہ سان ساڙي ڇڏج: اهو هميشہ جي لاءِ هڪڙو ڍڳ رهندو؛ ۽ اهو شهر وري نہ ٻڌبو.</verse>
				<verse number="17">۽ انهيءَ برباديءَ لاءِ مقرر ٿيل شين منجهان ڪجهہ بہ تنهنجي هٿ ۾ نہ رهي، تہ خداوند پنهنجيءَ خوفناڪ ڪاوڙ کان مُڙي، ۽ توتي رحم ڪري، ۽ توتي مهربان ٿئي، ۽ جيئن هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي، تيئن هو توکي وڌائي.</verse>
				<verse number="18">اهو تڏهن ٿيندو، جڏهن تون پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪندين، ۽ جيڪي خداوند تنهنجي خدا جي نظر ۾ چڱو آهي سو ڪندو رهندين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">اوهين خداوند پنهنجي خدا جا ٻار آهيو: اوهين مئلن جي لاءِ پنهنجي بت تي وڍ نہ وجهجو، نڪي پنهنجي پنبڻين جي وچ جا وار ڪوڙائجو.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ اُمت آهين، ۽ خداوند زمين جي سڀني قومن مان توکي پنهنجي خاص اُمت ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.</verse>
				<verse number="3">تون ڪابہ مڪروهہ شيءِ نہ کائج.</verse>
				<verse number="4">جيڪي جانور اوهان کي کائڻ روا آهن سي هي آهن: ڍڳو، رڍ، ۽ ٻڪري،</verse>
				<verse number="5">سانڀر، هرڻ، ڦاڙهو، جهنگلي ٻڪر، ۽ جابلو هرڻ، نيل گانءِ ۽ جهنگلي گهيٽو.</verse>
				<verse number="6">جانورن مان جن جا کر چيريل آهن، ۽ جن جا کر ٻہ ڦاڪا آهن، ۽ اوڳارين ٿا، سي اوهين کائجو.</verse>
				<verse number="7">تڏهن بہ جيڪي اوڳارين ٿا، يا جن جا کر چيريل آهن، تن مان هي اوهين نہ کائجو، يعني اُٺ، سهو، ۽ جهنگلي نور؛ ڇالاءِ جو اهي اوڳارين ٿا پر سندن کر چيريل نہ آهن: تنهنڪري اهي اوهان جي لاءِ حرام آهن.</verse>
				<verse number="8">۽ سوئر؛ ڇالاءِ جو هن جا کر چيريل آهن پر اوڳاري نٿو، تنهنڪري اهو اوهان جي لاءِ حرام آهي: انهن جو گوشت اوهين نہ کائجو، نڪي انهن جي مڙهن کي هٿ لائجو.</verse>
				<verse number="9">پاڻيءَ جي ساهوارن مان جيڪي اوهان کي کائڻ روا آهن سي هي آهن: جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلر آهن، سي اوهين کائجو:</verse>
				<verse number="10">۽ جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلر نہ آهن، سي اوهين نہ کائجو؛ اهي اوهان جي لاءِ حرام آهن.</verse>
				<verse number="11">حلال پکين مان جيڪي اوهان کي وڻي سو کائجو.</verse>
				<verse number="12">سواءِ هنن مان جي اوهين نہ کائجو: عقاب، باز، ۽ ڪُريل؛</verse>
				<verse number="13">هڏخور، شِڪرو، ۽ سرڻ جا سڀ قسم؛</verse>
				<verse number="14">سڀني قسمن جا نانگ</verse>
				<verse number="15">اٺ پکي، رات شِڪرو، سامونڊي باز ۽ بازن جا سڀ قسم؛</verse>
				<verse number="16">چٻرو، وڏي چٻ، ۽ سڱن واري چٻ؛</verse>
				<verse number="17">پيڻ، ڳجهہ، ۽ ڪنگ؛</verse>
				<verse number="18">لقلق، ۽ ٻگهن جا سڀ قسم، چنڊول، ۽ چمڙو؛</verse>
				<verse number="19">۽ سڀ کنڀن وارا سرندڙ جيت اوهان جي لاءِ حرام آهن: اهي نہ کائجو.</verse>
				<verse number="20">حلال پکين مان اوهان کي جيڪي وڻي سو کائجو.</verse>
				<verse number="21">جيڪو جانور پاڻيهي مري سو اوهين نہ کائجو: جيڪو پرديسي تنهنجو شهر ۾ هجي تنهن کي تون اهو کائڻ لاءِ ڏيئي ٿو سگهين، يا اهو ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ کي وڪڻي ٿو سگهين: ڇالاءِ جو تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هڪڙي پاڪ اُمت آهين. تون ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌج.</verse>
				<verse number="22">تون پنهنجي ٻج جي پيدائش منجهان، جا سال بسال تنهنجيءَ ٻنيءَ مان حاصل ٿي ٿئي، ڏهون حصو ضرور ڏيندو رهج.</verse>
				<verse number="23">۽ جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊي، اتي تون پنهنجي اَن، ۽ پنهنجي شراب، ۽ پنهنجي تيل جو ڏهون حصو، ۽ پنهنجي ڍورن، ۽ ڌڻن جا پهريان ٻچا خداوند جي حضور ۾ کائج؛ انهي لاءِ تہ تون هميشہ خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄڻ سکين.</verse>
				<verse number="24">۽ جيڪڏهن اهو هنڌ جو خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊي، سو تو کان گهڻو پري هجي، ۽ رستو بہ ايترو ڊگهو هجي جو جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي برڪت ڏئي، تڏهن تون پنهنجو ڏهون حصو کڻي اتي وڃي نہ سگهين،</verse>
				<verse number="25">تہ پوءِ تون اهو وڪڻي پئسا وٺج، ۽ اهي پئسا پاڻ سان کڻي انهي هنڌ وڃج، جو خداوند تنهنجي خدا چونڊيو هجي.</verse>
				<verse number="26">۽ اتي انهن پئسن سان جيڪي تنهنجي دل چاهي سو وٺج، يعني ڏاند، يا رڍون، يا مئي، يا شراب، يا جيڪا بہ شيءِ توکي وڻي سا وٺي، تون، ۽ تنهنجو گهراڻو، اتي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ کائجو، ۽ خوشي ڪجو.</verse>
				<verse number="27">۽ جيڪو لاوي تنهنجي گهر ۾ هجي، تنهن کي وساري نہ ڇڏج؛ ڇالاءِ جو هن کي توسان گڏ ڪوبہ حصو يا ورثو مليل ڪونهي.</verse>
				<verse number="28">ٽن ٽن ورهين کان پوءِ، تون پنهنجي سموري پيدائش جو ڏهون حصو انهي سال ۾ ڪڍي، پنهنجي گهر ۾ آڻي گڏ ڪج؛</verse>
				<verse number="29">تہ لاوي، جنهن کي توسان گڏ ڪوبہ حصو يا ورثو مليل ڪونهي، ۽ مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال، جي تنهنجي ڳوٺ ۾ هجن، سي اچي اهو کائي ڍءُ ڪن؛ انهي لاءِ تہ جنهن بہ ڪم ۾ تون هٿ وجهين، تنهن ۾ خداوند تنهنجو خدا توکي برڪت ڏئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="15">
				<verse number="1">ستن ستن ورهين کان پوءِ تون ڇوٽڪارو ڏج.</verse>
				<verse number="2">انهي ڇوٽڪاري ڏيڻ جو نمونو هي آهي: تہ جنهن جنهن قرض خواہ پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪجهہ اُڌارو ڏنو هجي؛ سو انهي کي ڇڏي ڏي؛ هو انهي جي لاءِ پنهنجي پاڙيسريءَ کان، يا پنهنجي ڀاءُ کان ڪابہ تنگ طلبي نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو خداوند جي نالي انهي ڇوٽڪاري جو اعلان ٿيل آهي.</verse>
				<verse number="3">ڌارئي ماڻهوءَ کان تون انهي جي طلب ڪري ٿو سگهين: پر تنهنجي ڀاءُ وٽ جيڪي تنهنجو رهيل هجي انهي تان تون هٿ کڻي ڇڏج.</verse>
				<verse number="4">اوهان منجهہ ڪوبہ ڪنگال نہ رهندو؛ (ڇالاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور قبضي ۾ ٿو ڏئي، تنهن ۾ هو ضرور برڪت وجهندو؛)</verse>
				<verse number="5">بشرطيڪ تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز ڌيان ڏيئي ٻڌين، ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن سڀني تي خبرداريءَ سان عمل ڪرين.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا توکي برڪت ڏيندو، جيئن ڪ هن توسان واعدو ڪيو آهي: تون گهڻين قومن کي قرض ڏيندين، پر تون قرض ڪونہ کڻندين؛ تون گهڻين قومن تي حڪومت هلائيندين، پر اهي توتي حڪومت نہ هلائينديون.</verse>
				<verse number="7">جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجن ڀائرن منجهان جيڪڏهن ڪو غريب تنهنجي ڳوٺ ۾ تو وٽ رهندو هجي، تہ تون پنهنجي غريب ڀاءُ جي لاءِ پنهنجي دل سخت نہ ڪج، نڪي پنهنجي مٺ بند ڪج؛</verse>
				<verse number="8">پر تون انهي جي لاءِ ضرور پنهنجي مٺ کولج، ۽ جنهن ڪم ۾ جيتري هن کي گهرج هجي، اوترو کيس اُڌارو ڏج.</verse>
				<verse number="9">خبردار رهج، متان تنهنجيءَ دل ۾ اهڙو هلڪو خيال اچي تہ ستون سال، يعني ڇوٽڪاري وارو سال ويجهو آهي؛ ۽ تنهنجي نيت تنهنجي انهي غريب ڀاءُ ڏانهن خراب ٿئي، ۽ تون هن کي ڪجهہ بہ نہ ڏين؛ ۽ هو تنهنجي برخلاف خداوند جي حضور ۾ پڪاري، ۽ اهو تنهنجي لاءِ گناهہ ٿئي.</verse>
				<verse number="10">تون ضرور هن کي ڏج، ۽ هن کي ڏيڻ وقت دل ۾ ڏک نہ ڪج: ڇالاءِ جو ائين ڏيڻ ڪري، خداوند تنهنجو خدا تنهنجن سڀني ڪمن ۾، جن ۾ تون هٿ وجهندين، تن ۾ توکي برڪت ڏيندو.</verse>
				<verse number="11">ڇو جو غريب تہ سدائين ملڪ ۾ هوندا: تنهنڪري آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان تہ تون پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ، ۽ پنهنجي محتاج جي لاءِ، ۽ پنهنجي غريب جي لاءِ، پنهنجي مٺ کليل رکج.</verse>
				<verse number="12">جيڪڏهن تنهنجن ڀائرن مان ڪو عبراني مرد يا عبراني زال تو وٽ وڪامي، ۽ اها ڇهہ ورهيہ تنهنجي خدمت ڪري؛ تہ پوءِ ستين ورهيہ تون انهيءَ کي آزاد ڪري ڇڏج.</verse>
				<verse number="13">۽ جڏهن تون انهي کي آزاد ڪري پاڻ وٽان وڃڻ ڏين، تڏهن کيس خالي هٿين وڃڻ نہ ڏج:</verse>
				<verse number="14">تون انهي کي پنهنجي ڌڻ مان، ۽ پنهنجي اَن جي کري مان، ۽ پنهنجي شراب جي چيچڙي مان، کليءَ دل سان ڏج: خداوند تنهنجي خدا توکي جيتري برڪت ڏني هجي، تنهن موجب تون بہ هن کي ڏج،</verse>
				<verse number="15">۽ تون ياد رکج تہ تون پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئين، ۽ خداوند تنهنجي خدا توکي ڇڏايو: تنهنڪري آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي هي حڪم ٿو ڏيان.</verse>
				<verse number="16">۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن هو توکي چوي، تہ آءٌ تو وٽان وڃڻ نٿو گهران؛ ۽ هن کي توسان ۽ تنهنجي گهر سان ايترو پيار هجي، جو هو تو وٽ رهڻ ۾ خوش هجي؛</verse>
				<verse number="17">تہ پوءِ تون هڪڙي آر کڻي، انهي جي ڪن مان لنگهائي در ۾ ٽنبج، پوءِ هو هميشہ جي لاءِ تنهنجو غلام ٿيندو، ۽ تون پنهنجي ٻانهيءَ جي لاءِ بہ ساڳيءَ طرح ڪج.</verse>
				<verse number="18">جڏهن تون انهي کي آزاد ڪري پاڻ وٽان وڃڻ ڏين، تڏهن ائين ڪرڻ ڏکيو متان سمجهين؛ ڇالاءِ جو هن ڇهن ورهين تائين ٻن مزورن جيتري تنهنجي خدمت ڪئي آهي: ۽ خداوند تنهنجو خدا تنهنجن سڀني ڪمن ۾ برڪت وجهندو.</verse>
				<verse number="19">تنهنجن ڍورن ۽ تنهنجن ڌڻن ۾ جيڪي پهريان نر ٻچا هجن، سي تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ ڪري ڇڏج: تون پنهنجي پهرئين ڄاول وهڙي کان ڪو ڪم نہ وٺج، نڪي پنهنجي ڌڻ ۾ پهرئين ڄاول ٻچي جي اُن ڪترج.</verse>
				<verse number="20">اهو تون پنهنجي گهراڻي سميت انهيءَ جاءِ تي، جا خداوند تنهنجو خدا چونڊيندو، سال بسال کائيندو رهج.</verse>
				<verse number="21">۽ جيڪڏهن انهي ۾ ڪو عيب هجي، جيئن تہ هو منڊو يا انڌو هجي، يا ٻيو ڪو عيب هجيس، تہ اهو تون خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان قربانيءَ طور پيش نہ ڪج.</verse>
				<verse number="22">اهو تون پنهنجن دروازن جي اندر کائج: پاڪ ۽ ناپاڪ ماڻهو، جيئن هرڻ يا هرڻيءَ جو گوشت کائيندا آهن، تيئن هي بہ کائي ٿا سگهن.</verse>
				<verse number="23">رڳو انهي جو رت نہ کائج، اهو تون زمين تي پاڻي وانگر هاري ڇڏج.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="16">
				<verse number="1">تون ابيب جو مهينو ياد رکج، ۽ انهي ۾ خداوند پنهنجي خدا جو فسح ڪج: ڇالاءِ جو انهي ابيب جي مهيني ۾ خداوند تنهنجو خدا توکي رات جي وقت مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو.</verse>
				<verse number="2">تنهنڪري جيڪو هنڌ خداوند پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊي، اتي تون پنهنجن ڍورن ۽ پنهنجن ڌڻن مان، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ فسح جي قرباني ڪج.</verse>
				<verse number="3">تون انهيءَ سان گڏ خميري ماني نہ کائج؛ ست ڏينهن تون انهيءَ سان گڏ بي خميري ماني کائج، يعني ڏک جي ماني؛ ڇالاءِ جو تون مصر جي ملڪ مان تڙتڪڙ ۾ نڪري آئين: سو جنهن ڏينهن تون مصر جي ملڪ مان نڪتين، اهو ڏينهن پنهنجي سڄيءَ حياتيءَ ۾ ياد رکج.</verse>
				<verse number="4">۽ ستين ڏينهن تائين تنهنجي سڄي ملڪ ۾ تو وٽ خمير ڏسڻ ۾ نہ اچي، ۽ تون پهرئين ڏينهن شام جو جيڪا قرباني ڪرين، تنهن جي گوشت مان ڪجهہ بہ صبح تائين بچائي نہ رکج.</verse>
				<verse number="5">جيڪي ڳوٺ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تن مان ڪنهن ۾ بہ تون فسح جي قرباني نہ ڪج.</verse>
				<verse number="6">پر جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊيندو، اتي شام جو سج لهڻ مهل، جنهن وقت تون مصر مان نڪتو هئين، انهي وقت فسح جي قرباني ڪج.</verse>
				<verse number="7">۽ جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا چونڊي، اتي تون اهو پچائي کائج: ۽ صبح جو تون اتان موٽي پنهنجن تنبن ڏانهن وڃج.</verse>
				<verse number="8">ڇهہ ڏينهن تون بي خميري ماني کائج: ۽ ستين ڏينهن خداوند تنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ جماعت گڏ ٿيندي؛ ۽ انهي ڏينهن تون ڪوبہ ڪم نہ ڪج.</verse>
				<verse number="9">پوءِ تون پنهنجي لاءِ ست هفتا ڳڻج: جنهن وقت تون ان جي بيٺل پوک ۾ ڏاٽو وجهڻ شروع ڪرين، تنهن وقت کان وٺي تون ست هفتا ڳڻج.</verse>
				<verse number="10">۽ جيتري برڪت خداوند تنهنجي خدا توکي ڏني هجي، تنهن موجب تون نذرانو آڻي، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ هفتن جي عيد ملهائج:</verse>
				<verse number="11">۽ جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊيندو، اتي تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي ڌيءَ، ۽ تنهنجو غلام، ۽ تنهنجي ٻانهي، ۽ لاوي جو تنهنجي ڳوٺ ۾ هجي، ۽ مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال، جي تنهنجي ڳوٺ ۾ هجن، سي سڀ گڏجي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪجو.</verse>
				<verse number="12">۽ تون اهو ياد رکج تہ تون پاڻ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئين: تنهنڪري تون هنن قانونن تي خبرداريءَ سان عمل ڪج.</verse>
				<verse number="13">جڏهن تون پنهنجي کري ۽ پنهنجي چيچڙي جو مال گڏ ڪري ڇڏين، تڏهن ست ڏينهن تنبن جي عيد ملهائج:</verse>
				<verse number="14">۽ تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي ڌيءَ، ۽ تنهنجو غلام، ۽ تنهنجي ٻانهي، ۽ لاوي، ۽ مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال جي تنهنجي ڳوٺ ۾ هجن، سي سڀ گڏجي خوشيءَ سان عيد ملهائجو.</verse>
				<verse number="15">جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا چونڊي، اتي تون ست ڏينهن خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ عيد ملهائج: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا تنهنجي ساريءَ پيدائش ۾، ۽ تنهنجن سڀني ڪمن ۾ برڪت وجهندو، ۽ تون پوريءَ طرح خوش رهندين.</verse>
				<verse number="16">سال ۾ ٽي ڀيرا، يعني فطيري مانيءَ جي عيد تي، ۽ هفتن جي عيد تي، ۽ تنبن جي عيد تي، تنهنجا سڀ مرد ماڻهو، خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾، سندس چونڊيل جاءِ تي وڃي حاضر ٿين: ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچن:</verse>
				<verse number="17">۽ جيڪا برڪت خداوند تنهنجي خدا توکي ڏني هجي، تنهن موجب سڀڪو ماڻهو جيڪي ڏيئي سگهي سو ڏئي.</verse>
				<verse number="18">تون پنهنجن قبيلن جي سڀني ڳوٺن ۾، جيڪي خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، پنهنجي قبيلن موجب قاضي ۽ حاڪم مقرر ڪج: تہ اهي سچائيءَ سان ماڻهن جي عدالت ڪن.</verse>
				<verse number="19">تون ڪنهن سان ناحق نہ ڪج؛ نڪي تون ماڻهن جي طرفداري ڪج: نڪي تون رشوت وٺج؛ ڇالاءِ جو رشوت سياڻن کي بہ انڌو ٿي ڪري، ۽ راستبازن جي ڳالهين کي ڦيرائي ٿي ڇڏي.</verse>
				<verse number="20">جيڪي نسورو حق هجي، انهي جي تون پيروي ڪج، تہ تون جيئرو رهين، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن جو وارث ٿئين.</verse>
				<verse number="21">تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ جيڪا قربانگاهہ جوڙين، تنهن جي آس پاس پنهنجي لاءِ ڪنهن بہ قسم جي يسيرہ نہ کوڙج.</verse>
				<verse number="22">نڪي پنهنجي لاءِ ڪو ٿنڀ کڙو ڪج: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي خدا کي انهن کان نفرت آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="17">
				<verse number="1">تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ ڪنهن اهڙي ڍڳي، يا گهيٽي جي قرباني نہ ڪج، جنهن ۾ ڪو عيب يا ڪا بدزيبائي هجي: ڇالاءِ جو اهو خداوند تنهنجي خدا جي نظر ۾ مڪروهہ آهي.</verse>
				<verse number="2">تنهنجا ڳوٺ، جي خداوند تنهنجي خدا توکي ڏنا آهن، تن مان ڪنهن ۾ بہ جيڪڏهن ڪو اهڙو مرد يا ڪا زال لڀي، جنهن خداوند تنهنجي خدا جو عهد ڀڃي، ڪو اهڙو ڪم ڪيو هجي، جو هن جي نظر ۾ بڇڙو هجي،</verse>
				<verse number="3">۽ ٻين معبودن جي عبادت ڪئي هجيس، يعني سج کي، يا چنڊ کي، يا خدا جي ساري خلقت مان ڪنهن کي سجدو ڪيو هجيس، جنهن جون مون حڪم نہ ڏنو آهي؛</verse>
				<verse number="4">۽ انهيءَ ڳالهہ جي توکي خبر پوي، ۽ تون اها ٻڌين، تہ پوءِ تون چڱيءَ طرح تحقيقات ڪج، ۽ ڏس، جيڪڏهن اها ڳالهہ سچي هجي، ۽ اها پڪ هجي، تہ اسرائيل ۾ اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ٿيو آهي؛</verse>
				<verse number="5">تہ پوءِ جنهن مرد يا زال اهڙو خراب ڪم ڪيو هجي، تنهن کي ڳوٺ جي دروازي تي وٺي اچج، ۽ انهي کي سنگسار ڪري ماري ڇڏج.</verse>
				<verse number="6">ٻن يا ٽن شاهدن جي زبانيءَ تي اهڙو مرڻ جوڳو ماڻهو ماريو وڃي؛ پر هڪڙي شاهد جي زبانيءَ تي اهو ماريو نہ وڃي.</verse>
				<verse number="7">۽ انهي کي قتل ڪرڻ لاءِ پهرين انهن شاهدن جا هٿ مٿس پون، پوءِ ٻين ماڻهن جا هٿ: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.</verse>
				<verse number="8">جيڪڏهن تنهنجن ڳوٺن مان ڪٿي بہ پاڻ ۾ خون، يا دعويٰ، يا ماراماري جون ڪي اهڙيون تڪراري ڳالهيون هجن، جن جو فيصلو ڪرڻ تنهنجي لاءِ تمام ڏکيو هجي: تہ پوءِ تون اُٿي انهيءَ جاءِ تي وڃج، جا خداوند تنهنجو خدا چونڊي؛</verse>
				<verse number="9">۽ اتي جيڪي لاوي ڪاهن هجن، يا جيڪو قاضي هجي، تنهن وٽ وڃي پڇا ڪج؛ ۽ اهي توکي فيصلي جو حڪم ٻڌائيندا:</verse>
				<verse number="10">۽ جيڪو حڪم اهي توکي خداوند جي چونڊيل جاءِ تان ٻڌائين، تنهن موجب تون عمل ڪج، ۽ جيڪي اهي توکي سيکارين، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪج:</verse>
				<verse number="11">جيڪو شريعت جو رستو اهي توکي سيکارين، ۽ جيڪو فيصلو اهي توکي ٻڌائين، تنهن موجب تون عمل ڪج: ۽ جيڪو حڪم اهي توکي ٻڌائين، تنهن کان ساڄي پاسي يا کٻي پاسي نہ ڦرج.</verse>
				<verse number="12">۽ جيڪو ڪاهن اتي خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر هجي، يا جيڪو قاضي اتي هجي، تنهن جي ڳالهہ جيڪڏهن ڪو شخص گستاخي ڪري نہ ٻڌي، تہ اهو شخص ماريو وڃي: ۽ تون اها خرابي اسرائيل مان ڪڍي ڇڏج.</verse>
				<verse number="13">۽ سڀ ماڻهو اهو ٻڌي ڊڄندا، ۽ وري اهڙي گستاخي نہ ڪندا.</verse>
				<verse number="14">جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ جڏهن تون پهچين، ۽ انهي تي قبضو ڪري منجهس رهڻ لڳين؛ ۽ چوين تہ آءٌ پنهنجي مٿان ڪو بادشاهہ مقرر ڪريان، جيئن منهنجي آس پاس وارين سڀني قومن ڪيو آهي؛</verse>
				<verse number="15">تہ تون هر حالت ۾ رڳو اهڙي شخص کي پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر ڪج، جنهن کي خداوند تنهنجو خدا چونڊي: تون پنهنجي ڀائرن منجهان ڪنهن کي پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر ڪج: ڪوبہ ڌاريو ماڻهو، جو تنهنجو ڀاءُ نہ آهي، تنهن کي پنهنجي مٿان مقرر نہ ڪج.</verse>
				<verse number="16">۽ هو پاڻ وٽ گهڻا گهوڙا نہ رکي، نڪي پاڻ وٽ گهڻا گهوڙا گڏ ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي مصر ۾ موڪلي: ڇالاءِ جو خداوند اوهان کي چيو آهي، تہ اوهين اڳتي ڪڏهن بہ انهي رستي موٽي نہ وڃجو.</verse>
				<verse number="17">نڪي هو پاڻ وٽ گهڻيون زالون رکي، متان سندس دل ڦري وڃي: نڪي هو پاڻ وٽ گهڻو روپو ۽ سون گڏ ڪري.</verse>
				<verse number="18">۽ جڏهن هو پنهنجي بادشاهيءَ جي تخت تي ويهي، تڏهن هيءَ شريعت، جا لاوي ڪاهنن جي ڪتاب ۾ هوندي، تنهن جو هڪڙي ڪتاب ۾ نقل ڪرائي پاڻ وٽ رکي:</verse>
				<verse number="19">هو انهيءَ کي پاڻ وٽ رکي، ۽ پنهنجي سڄي حياتي انهيءَ کي پڙهندو رهي: انهي لاءِ تہ هو خداوند پنهنجي خدا جو ڊپ سکي، ۽ هن شريعت، يعني هنن قانونن جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪرڻ سکي:</verse>
				<verse number="20">هو پاڻ کي پنهنجن ڀائرن کان وڌيڪ نہ سمجهي، ۽ هن حڪم کان ساڄي پاسي يا کٻي پاسي نہ ڦري، تہ اسرائيل منجهہ سندس بادشاهت ۾، سندس، ۽ سندس اولاد جي عمر وڏي ٿئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="18">
				<verse number="1">لاوي ڪاهنن کي، يعني لاوين جي سڄي قبيلي کي، اسرائيل سان گڏ ڪوبہ حصو يا ورثو ڪونہ ملندو: اهي خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيون، ۽ انهن جو مقرر حصو کائيندا.</verse>
				<verse number="2">انهي ڪري انهن کي سندن ڀائرن سان گڏ ڪوبہ ورثو ڪونہ ملندو: خداوند انهن جو ورثو آهي، جيئن هن کين فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="3">جيڪي ماڻهو ڍڳي يا گهيٽي جي قرباني چاڙهيندا، تن مان ڪاهنن جو حق هي ٿيندو، يعني اهي ڪاهن کي انهي جو ڪنڌو، ۽ ٻئي ڳل، ۽ اوجهري ڏين.</verse>
				<verse number="4">تون پنهنجي ان مان، ۽ پنهنجي شراب مان، ۽ پنهنجي تيل مان پهريون ڦل، ۽ پنهنجين رڍن جي پهرين اُن، انهن کي ڏج.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي خدا، انهن کي تنهنجن سڀني قبيلن منجهان چونڊي ڪڍيو آهي، انهي لاءِ تہ اهي، ۽ سندن اولاد هميشہ خداوند جي نالي خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر رهن.</verse>
				<verse number="6">۽ ساري اسرائيل ۾ جيڪي تنهنجا ڳوٺ آهن، تن مان جي ڪنهن ۾ بہ لاوي رهندو هجي، ۽ جيڪڏهن اهو پنهنجيءَ دل جي پوري ارادي سان، انهيءَ جاءِ تي اچي، جا خداوند چونڊيندو؛</verse>
				<verse number="7">تہ هو پنهنجن سڀني لاوي ڀائرن وانگر، جي اتي خداوند جي حضور ۾ حاضر هجن، خداوند پنهنجي خدا جي نالي خدمت ڪندو رهي.</verse>
				<verse number="8">انهن کي کائڻ لاءِ هڪ جيترو حصو ملندو، ۽ جيڪي هن جي اباڻي ملڪيت جي وڪري مان پيدا ٿئي، سو بہ ملندس.</verse>
				<verse number="9">جڏهن تون انهي ملڪ ۾ پهچين جو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تڏهن تون انهن قومن وانگر مڪروهہ ڪم ڪرڻ متان سکين.</verse>
				<verse number="10">اوهان ۾ ڪوبہ ماڻهو اهڙو نہ هجي، جو پنهنجي پٽ يا پنهنجيءَ ڌيءَ کي باهہ مان لنگهائي، يا جو غيب گوئي ڪري، يا جو سوڻ ساٺ ڪري، يا جو فال وجهي، يا جو جادوگري ڪري،</verse>
				<verse number="11">يا جو ڪامڻ ڪري، يا جو ڀوتن کان پڇاڳاڇا ڪري، يا جنائي، يا ڀوپو هجي.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ تہ جيڪو اهو ڪم ڪري ٿو، سو خداوند جي نظر ۾ مڪروهہ آهي: ۽ اهڙين ڪراهتن جي ڪري، خداوند تنهنجو خدا، انهن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍي.</verse>
				<verse number="13">تون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ ڪامل ٿي رهج.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو اهي قومون، جن تي تون قبضو ڪندين، سي انهن ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌن ٿيون، جي سڳڻ ٿا ڪڍن، ۽ غيب گوئي ٿا ڪن: پر خداوند تنهنجو خدا توکي ائين ڪرڻ جي موڪل نٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="15">خداوند تنهنجو خدا تو منجهان، يعني تنهنجن ڀائرن منجهان، تنهنجي لاءِ مون جهڙو هڪڙو نبي اُٿاريندو؛ اوهين انهي جي ٻڌجو؛</verse>
				<verse number="16">هي تنهنجي انهيءَ درخواست موجب ٿيندو، جڏهن تو حورب ۾ جماعت واري ڏينهن خداوند پنهنجي خدا کي چيو هو، تہ شل آءٌ خداوند پنهنجي خدا جو آواز وري نہ ٻڌان، نڪي آءٌ وري ڪڏهن هيءَ باهہ ڏسان، متان مري وڃان.</verse>
				<verse number="17">تڏهن خداوند مون کي چيو، تہ هنن جو چوڻ برابر آهي.</verse>
				<verse number="18">آءٌ هنن جي لاءِ سندن ڀائرن منجهان تو جهڙو هڪڙو نبي اُٿاريندس؛ ۽ آءٌ پنهنجو ڪلام انهي جي وات ۾ وجهندس، جيڪي آءٌ هن کي فرمائيندس، سو هو هنن کي ٻڌائيندو.</verse>
				<verse number="19">۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪي منهنجون ڳالهيون هو منهنجي نالي چوندو، سي جيڪڏهن ڪونہ ٻڌندو، تہ آءٌ انهي کان حساب وٺندس.</verse>
				<verse number="20">پر جيڪو نبي گستاخي ڪري ڪا اهڙي ڳالهہ منهنجي نالي چوندو، جنهن جو مون هن کي حڪم نہ ڏنو هوندو، يا جيڪو ٻين معبودن جي نالي ڪي چوندو، تہ اهو نبي ضرور ماريو ويندو.</verse>
				<verse number="21">پر جيڪڏهن تون پنهنجيءَ دل ۾ چوندين، تہ اسان کي ڪيئن خبر پوندي تہ هي ڳالهيون خداوند فرمايون آهن؟</verse>
				<verse number="22">تنهن لاءِ اهو ياد رک، تہ جڏهن ڪو نبي خداوند جي نالي ڪي چوي، ۽ هن جي چوڻ موجب نہ ٿئي، ۽ هن جي ڳالهہ پوري نہ ٿئي، تہ اها ڳالهہ خداوند جي طرفان نہ آهي: پر اها انهي نبيءَ گستاخي ڪري چئي آهي، تون انهي کان متان ڊڄين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="19">
				<verse number="1">جن قومن جو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تن کي جڏهن خداوند تنهنجو خدا تباهہ ڪري ڇڏيندو، ۽ تون انهن جو وارث ٿيندين، ۽ انهن جي شهر ۽ انهن جي گهرن ۾ رهندين،</verse>
				<verse number="2">تڏهن جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا تنهنجي قبضي ۾ ڏئي ٿو، تنهن ۾ ٽي شهر تون پنهنجي لاءِ ڌار ڪج.</verse>
				<verse number="3">۽ تون پنهنجي لاءِ هڪڙو رستو بہ تيار ڪج، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن کي ٽن حصن ۾ ورهائي حدون ٻڌج، تہ هرڪو خوني ڀڄي اتي وڃي.</verse>
				<verse number="4">۽ جيڪو خوني ڀڄي وڃي اتي رهندو، تنهن جي بابت هي حڪم آهي: جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڀل مان ماري وجهي، ۽ اڳي انهي سان ڪابہ دشمني نہ هجيس؛</verse>
				<verse number="5">جهڙيءَ طرح ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ سان گڏجي ڪاٺين وڍڻ لاءِ ٻيلي ۾ وڃي، ۽ وڻ وڍڻ لاءِ ڪهاڙو کڻي ڌڪ هڻي، ۽ ڦر ڳن مان نڪري وڃي سندس پاڙيسريءَ کي لڳي، ۽ اهو مري پوي: تہ هو انهن شهرن مان ڪنهن هڪڙي ۾ ڀڄي وڃي تہ جيئرو رهي:</verse>
				<verse number="6">انهي لاءِ تہ متان انهي خون جي وير وٺڻ وارو دل جي جوش کان انهي خونيءَ جي پٺيان پوي، ۽ پنڌ پري هئڻ جي ڪري رستي ۾ جهليس، ۽ ڌڪ هڻي ماري وجهيس؛ جيتوڻيڪ اهو شخص موت جي لائق نہ آهي، ڇو جو اڳي انهي سان ڪابہ دشمني ڪانہ هيس.</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان، تہ تون پنهنجي لاءِ ٽي شهر ڌار ڪري ڇڏج.</verse>
				<verse number="8">جيڪڏهن خداوند تنهنجو خدا تنهنجي سرحد وڌائي، جيئن ڪ هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، ۽ اهو سڄو ملڪ توکي ڏئي، جنهن جي ڏيڻ جو هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان واعدو ڪيو هو؛</verse>
				<verse number="9">۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن تي جيڪڏهن تون خبرداريءَ سان عمل ڪندين، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪندين، ۽ هميشہ سندس واٽن تي هلندين؛ تہ انهن ٽن شهرن کان سواءِ ٻيا بہ ٽي وڌيڪ شهر مقرر ڪج:</verse>
				<verse number="10">انهي لاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن ۾ بيگناهہ جو رت نہ وهايو وڃي، ۽ اهو خون تنهنجي سر تي نہ پوي.</verse>
				<verse number="11">پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي سندس پاڙيسريءَ سان دشمني هجي، ۽ هو انهي جي لاءِ وجهہ وٺي ويٺو هجي، ۽ اوچتو اُٿي مٿس حملو ڪري، ۽ ڌڪ هڻي ماري وجهيس؛ ۽ انهن شهرن مان هڪڙي ڏانهن ڀڄي وڃي،</verse>
				<verse number="12">تہ پوءِ شهر جا بزرگ انهي کي اُتان گهرائي وٺن، ۽ وير وٺڻ واري جي حوالي ڪن، تہ ڀلي هو ماريو وڃي.</verse>
				<verse number="13">تون انهي تي قياس نہ ڪج، پوءِ تون انهيءَ طرح بيگناهہ خون اسرائيل تان ٽاري ڇڏج، تہ تنهنجو ڀلو ٿئي.</verse>
				<verse number="14">جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن ۾ پنهنجي پاڙيسريءَ جي حد جا نشان، جيڪي پراڻي وقت کان تنهنجي ورثي جي حصي لاءِ لڳايل آهن، تن کي نہ هٽائج.</verse>
				<verse number="15">جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪا بڇڙائي ڪري يا ڪو گناهہ ڪري گنهگار ٿئي، تہ انهي جي برخلاف هڪڙي ماڻهوءَ جي شاهدي بس نہ آهي: ٻن يا ٽن شاهدن جي زبانيءَ تي ڳالهہ جو فيصلو ٿيڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="16">جيڪڏهن ڪو ڪوڙو شاهد ڪنهن ماڻهوءَ جي برخلاف اُٿي چوي، تہ هن ڪو کوٽو ڪم ڪيو آهي،</verse>
				<verse number="17">تہ جن ٻن ماڻهن جي وچ ۾ تڪرار هجي، سي انهن ڏينهن ۾ جيڪي ڪاهن ۽ قاضي هجن، تن جي اڳيان خداوند جي حضور ۾ اچي حاضر ٿين؛</verse>
				<verse number="18">۽ اهي قاضي چڱيءَ طرح تحقيقات ڪن: ۽ ڏسو، جي اهو شاهد ڪوڙو هجي، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ جي برخلاف ڪوڙي شاهدي ڀري هجيس؛</verse>
				<verse number="19">جيئن هن پنهنجي ڀاءُ سان ڪرڻ گهريو ٿي، تيئن اوهين بہ ساڻس ڪجو: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.</verse>
				<verse number="20">۽ ٻيا ماڻهو اهو ٻڌي ڊڄندا، ۽ تنهنجي وچ ۾ وري اهڙي خرابي نہ ڪندا.</verse>
				<verse number="21">۽ تون انهيءَ تي رحم نہ ڪج؛ جان جي لاءِ جان، اک جي لاءِ اک، ڏند جي لاءِ ڏند، هٿ جي لاءِ هٿ، ۽ پير جي لاءِ پير وٺج.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="20">
				<verse number="1">جڏهن تون پنهنجي دشمنن سان جنگ ڪرڻ وڃين، ۽ گهوڙا، ۽ گاڏيون، ۽ پاڻ کان وڌيڪ ماڻهو ڏسين، تڏهن انهن کان متان ڊڄين: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا توسان آهي، جنهن توکي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو.</verse>
				<verse number="2">۽ جيڪڏهن اوهين دشمنن جي ويجها وڃو، تڏهن ڪاهن ماڻهن وٽ وڃي انهن سان گفتگو ڪري،</verse>
				<verse number="3">۽ چوين تہ اي اسرائيليو ٻڌو، اڄ اوهين پنهنجي دشمن سان جنگ ڪرڻ لاءِ آيا آهيو: سو اوهين دل نہ لاهجو؛ اوهين نڪي ڊڄو، نڪي ڏڪو، نڪي انهن کان ڪو خوف ڪريو؛</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان سان ٿو هلي، تہ اوهان کي بچائڻ جي لاءِ اوهان جي پاران اوهان جي دشمنن سان جنگ ڪري.</verse>
				<verse number="5">پوءِ عملدار ماڻهن کي چون، تہ اوهان مان جنهن ماڻهوءَ نئين جاءِ جوڙائي هجي، ۽ انهيءَ کي مخصوص نہ ڪيو هجيس، سو پنهنجي گهر موٽي وڃي، تہ متان هو جنگ ۾ ماريو وڃي، ۽ ٻيو ڪو ماڻهو انهيءَ جاءِ کي مخصوص ڪري.</verse>
				<verse number="6">۽ جنهن ماڻهوءَ ڊاک جو منهہ لڳايو هجي، ۽ انهي جو ميوو نہ کاڌو هجيس، اهو بہ پنهنجي گهر موٽي وڃي، تہ متان اهو جنگ ۾ ماريو وڃي، ۽ ٻيو ڪو ماڻهو انهي جو ميوو کائي.</verse>
				<verse number="7">۽ جنهن ماڻهوءَ جي ڪنهن زال سان مڱڻي ٿي هجي، ۽ انهيءَ کي شادي ڪري وٺي نہ آيو هجي، اهو بہ پنهنجي گهر موٽي وڃي، تہ متان اهو جنگ ۾ ماريو وڃي، ۽ ٻيو ڪو ماڻهو انهيءَ سان شادي ڪري.</verse>
				<verse number="8">۽ عملدار ماڻهن کي هيئن بہ چون، تہ جيڪو ماڻهو ڊڄڻو يا ناهمت هجي، اهو بہ پنهنجي گهر موٽي وڃي، تہ متان سندس ڀائر بہ انهي وانگر ناهمت ٿي پون.</verse>
				<verse number="9">۽ جڏهن عملدار ماڻهن سان ڳالهائي بس ڪن، تڏهن هو ماڻهن جي پيشوائيءَ لاءِ لشڪر جا ڪپتان مقرر ڪن.</verse>
				<verse number="10">جڏهن تون ڪنهن شهر سان جنگ ڪرڻ لاءِ انهي کي ويجهو وڃين، تڏهن پهرين انهي کي صلح جو پيغام موڪلج.</verse>
				<verse number="11">۽ جيڪڏهن هو توکي صلح جو جواب ڏي، ۽ تنهنجي لاءِ دروازا کولي ڇڏي، تہ جيڪي ماڻهو انهي ۾ هجن، سي سڀ تنهنجا ڍل ڀريندڙ ٿيندا، ۽ تنهنجي خدمت ڪندا.</verse>
				<verse number="12">۽ جيڪڏهن هو توسان صلح نہ ڪن، پر جنگ ڪن، تہ تون انهي کي گهيرو ڪج:</verse>
				<verse number="13">۽ جڏهن خداوند تنهنجو خدا اهو تنهنجي قبضي ۾ ڏئي، تڏهن تون انهي جي هر ڪنهن مرد ماڻهوءَ کي ترار جي ڌار سان قتل ڪري ڇڏج:</verse>
				<verse number="14">پر زالون، ۽ ٻار، ۽ ڍور ۽ ٻيو جيڪي بہ شهر ۾ هجي، يعني انهي جو سمورو لٽ جو مال، تون پنهنجي لاءِ رکج؛ ۽ تنهنجن دشمنن جي لٽ جو مال، جو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي، سو تون ڀلي کائج.</verse>
				<verse number="15">انهيءَ طرح تون انهن سڀني شهرن سان ڪج جي توکان گهڻو پري آهن، ۽ جي هنن قومن جا نہ آهن.</verse>
				<verse number="16">پر هنن قومن جا شهر، جي خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ٿو ڏئي، تن ۾ ڪوبہ ساهوارو جيئرو نہ ڇڏج:</verse>
				<verse number="17">پر تون انهن کي يعني حتين کي، امورين کي، ڪنعانين کي، فرزين کي، حوين کي، ۽ يبوسين کي بلڪل برباد ڪري ڇڏج؛ جيئن ڪ خداوند تنهنجي خدا توکي حڪم ڏنو آهي:</verse>
				<verse number="18">انهي لاءِ تہ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم انهن پنهنجن معبودن لاءِ ڪيا آهن، سي اوهان کي بہ ڪرڻ نہ سيکارين؛ تہ متان اوهين خداوند پنهنجي خدا جا گنهگار ٿيو.</verse>
				<verse number="19">جڏهن تون جنگ ڪندي ڪنهن شهر کي فتح ڪرڻ لاءِ گهڻي وقت تائين گهيرو ڪرين، تڏهن انهي جا وڻ ڪهاڙيءَ سان وڍي نہ ڇڏج؛ ڇالاءِ جو انهن جو ميوو تنهنجي کائڻ جي ڪم ايندو، تنهنڪري انهن کي وڍي نہ ڇڏج، ڇوتہ ميدان جا وڻ ڪي ماڻهو آهن ڇا جو تون انهن کي گهيرو ڪرين؟</verse>
				<verse number="20">رڳو اهي وڻ جي تون سمجهين تہ کاڌي جي ڪم جا نہ آهن، سي تون وڍي برباد ڪري ڇڏج؛ جيڪو شهر تو سان جنگ ڪري، تنهن جي سامهون تون مورچا ٻڌج، جيسين ڪ اهو هٿ اچي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="21">
				<verse number="1">جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا تنهنجي قبضي ۾ ٿو ڏئي، تنهن ۾ جيڪڏهن ڪنهن جو لاشو ميدان ۾ پيل ملي، ۽ اها خبر پوي تہ ڪنهن انهي کي ماريو آهي؛</verse>
				<verse number="2">تہ تنهنجا بزرگ ۽ تنهنجا قاضي نڪري اچن، ۽ انهي لاشي جي آس پاس جيڪي شهر هجن، تن تائين ماپ ڪن:</verse>
				<verse number="3">۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪو شهر انهي لاشي کي ويجهو هجي، تنهن جا بزرگ هڪڙي اهڙي گابي وٺن، جنهن کان اڃا ڪو ڪم نہ ورتو ويو هجي، ۽ جا اڃا پاڃاريءَ ۾ جوٽي نہ ويئي هجي؛</verse>
				<verse number="4">۽ انهي شهر جا بزرگ انهيءَ گابيءَ کي هڪڙي اهڙيءَ ماٿريءَ ۾ وٺي وڃن، جنهن ۾ وهندڙ پاڻي هجي ۽ جنهن ۾ اڃا نہ هر وهيو هجي، نہ پوک ٿي هجي، ۽ انهيءَ ماٿريءَ ۾ هو انهيءَ گابيءَ جو ڪنڌ ڀڃي ڇڏين:</verse>
				<verse number="5">۽ بني لاوي جي ڪاهن آهن، سي ويجهو اچن؛ ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي خدا انهن کي چونڊيو آهي، تہ سندس خدمت ڪن، ۽ خداوند جي نالي برڪت ڏين؛ ۽ انهن جي چوڻ موجب هر ڪنهن جهيڙي ۽ تڪرار جو فيصلو ٿئي:</verse>
				<verse number="6">پوءِ اهو شهر، جو انهي لاشي کي ٻين سڀني کان ويجهو آهي، تنهن جا بزرگ جنهن گابيءَ جو انهيءَ ماٿريءَ ۾ ڪنڌ ڀڳو وڃي، تنهن جي مٿان پنهنجا هٿ ڌوئن:</verse>
				<verse number="7">۽ ورندي ڏيئي چون، تہ اسان جي هٿن اهو رت نہ وهايو آهي، ۽ نہ اسانجين اکين ڏٺو آهي.</verse>
				<verse number="8">اي خداوند، تون پنهنجيءَ اُمت بني اسرائيل کي معاف ڪر، جنهن کي تو ڇڏايو آهي، ۽ بيگناهہ جو خون پنهنجي اُمت بني اسرائيل جي سر تي نہ لڳاءِ. پوءِ انهي خون جي اوهان کي معافي ملندي.</verse>
				<verse number="9">انهيءَ طرح جيڪي خداوند جي نظر ۾ درست آهي تنهن جي ڪرڻ سان تون اهو بيگناهہ خون پاڻ تان ٽاري ڇڏج.</verse>
				<verse number="10">جڏهن تون پنهنجن دشمنن سان جنگ ڪرڻ وڃين، ۽ خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي هٿ ۾ ڏئي، ۽ تون انهن کي قيد ڪري وٺي اچين،</verse>
				<verse number="11">۽ تون انهن قيدين ۾ ڪا سهڻي زال ڏسين، ۽ توکي انهيءَ جي خواهش ٿئي، ۽ ساڻس شادي ڪرڻ گهرين؛</verse>
				<verse number="12">تہ تون انهي کي پنهنجي گهر وٺي اچج؛ ۽ هوءَ پنهنجو مٿو ڪوڙائي، ۽ پنهنجا ننهن لهرائي؛</verse>
				<verse number="13">۽ هوءَ پنهنجا قيد وارا ڪپڙا لاهي ڇڏي، ۽ تنهنجي گهر ۾ رهي ۽ هڪڙي پوري مهيني تائين، پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجيءَ ماءُ جي لاءِ ماتم ڪري: تنهن کان پوءِ تون انهيءَ وٽ وڃج، ۽ انهيءَ جو مڙس ٿج، ۽ هوءَ تنهنجي زال ٿئي.</verse>
				<verse number="14">۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن تون انهيءَ مان خوش نہ ٿيندين، تہ انهي کي ڇڏي ڏج تہ جيڏانهن وڻيس اوڏانهن وڃي؛ پر تون انهيءَ کي پئسن تي هرگز نہ وڪڻج، تون انهيءَ سان ٻانهيءَ جهڙي هلت ڪج، ڇالاءِ جو تو انهيءَ جي آبرو ورتي آهي.</verse>
				<verse number="15">جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻہ زالون هجن، ۽ هو هڪڙيءَ کي پيار ڪري، ۽ ٻيءَ کي حقير سمجهي، ۽ انهن ٻنهي مان، يعني پياريءَ مان، ۽ حقارت واريءَ مان، اولاد هجيس؛ ۽ جيڪڏهن پهريتو پٽ انهيءَ مان هجيس، جنهن کي حقير ٿو سمجهي؛</verse>
				<verse number="16">تہ هيئن ٿيندو، تہ جڏهن هو پنهنجن پٽن کي ميراث ورهائي ڏئي، تڏهن سندس حقير زال جو پٽ، جو سچ پچ پهريتو آهي، تنهن جي هوندي، پنهنجي پياريءَ زال جي پٽ کي پهريتو نہ ٺهرائي:</verse>
				<verse number="17">پر هو حقير زال جي پٽ کي پهريتو ٺهرائي، ۽ انهي کي پنهنجي سموري مال جو ٻيڻو حصو ڏئي: ڇالاءِ جو هو سندس طاقت جو پهريون ڦل آهي؛ ۽ پهريتي جو حق انهي جو آهي.</verse>
				<verse number="18">جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جو پٽ ضدي، ۽ فسادي هجي، ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ جو حڪم نہ مڃيندو هجي، ۽ جيتوڻيڪ هو کيس سيکت ڏين تہ بہ نہ ٻڌي:</verse>
				<verse number="19">تہ پوءِ انهي جا ماءُ پيءُ کيس جهلي ٻاهر شهر جي دروازي تي، انهي شهر جي بزرگن وٽ وٺي اچن،</verse>
				<verse number="20">۽ اهي انهي جي شهر جي بزرگن کي چون، تہ هي اسان جو پٽ ضدي ۽ فسادي آهي، ۽ هو اسان جو حڪم نٿو مڃي؛ ۽ هو هٿ ڦاڙ ۽ نشئي آهي.</verse>
				<verse number="21">پوءِ انهي جي شهر جا سڀ ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين. انهي طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج؛ ۽ سڀ اسرائيلي اهو ٻڌندا ۽ ڊڄندا.</verse>
				<verse number="22">جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ موت جي لائق گناهہ ڪيو هجي، ۽ کيس موت جي سزا ملي، ۽ تون انهي کي وڻ تي لٽڪائي ڇڏين؛</verse>
				<verse number="23">تہ انهي جو لاشو سڄي رات وڻ تي لٽڪيل نہ رهي، پر تون انهي ڏينهن هن کي دفن ڪج؛ ڇالاءِ تہ جنهن کي ڦاسي ٿي ملي، سو خدا جي طرفان لعنتي آهي؛ تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن کي تون ناپاڪ نہ ڪرين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="22">
				<verse number="1">تون پنهنجي ڀاءُ جو ڏاند يا رڍ رلندي ڏسين، تہ ڏٺي اڻ ڏٺي نہ ڪج: پر تون ضرور ورائي آڻي پنهنجي ڀاءُ کي ڏج.</verse>
				<verse number="2">پر جيڪڏهن هو تنهنجو ڀاءُ توکي ويجهو نہ هجي، يا تون انهي کي نہ سڃاڻندو هجين، تہ تون انهي جانور کي پنهنجي گهر وٺي اچج، ۽ اهو تنهنجي گهر ۾ رهي جيسين ڪ تنهنجو ڀاءُ انهي جي ڳولا ڪري، پوءِ تون انهي کي موٽائي ڏج.</verse>
				<verse number="3">ائين ئي تون هن جي گڏهہ سان، ۽ هن جي ڪپڙن سان بہ ڪج؛ مطلب تہ تنهنجي ڀاءُ جي ڪابہ گم ٿيل شيءِ، جا هن وڃائي هجي، ۽ تو لڌي هجي تنهن سان تون ائين ڪج: تون انهي کي ڏٺي اڻ ڏٺي نہ ڪج.</verse>
				<verse number="4">تون پنهنجي ڀاءُ جو گڏهہ يا ڏاند رستي ۾ ڪريل ڏسي، پاسو ڪري هليو نہ وڃج: پر ضرور انهي کي اُٿارڻ ۾ هن جي مدد ڪج.</verse>
				<verse number="5">ڪابہ زال مرداڻي پوشاڪ نہ ڍڪي، نڪي ڪو مرد زالاڻا ڪپڙا پائي: ڇالاءِ تہ جيڪو ائين ٿو ڪري، تنهن کان خداوند تنهنجي خدا کي نفرت آهي.</verse>
				<verse number="6">جيڪڏهن توکي واٽ ويندي اتفاق سان ڪنهن پکيءَ جو آکيرو پٽ تي يا وڻ تي ڏسڻ ۾ اچي، ۽ انهي ۾ آنا يا ٻچا هجن، ۽ مادي آنن يا ٻچن تي ويٺل هجي، تہ تون ماديءَ کي ٻچن سميت نہ کڻج:</verse>
				<verse number="7">تون ٻچا کڻين تہ ڀلي کڻج، پر ماديءَ کي ضرور ڇڏي ڏج؛ تہ تنهنجو ڀلو ٿئي، ۽ تنهنجي حياتي وڌي.</verse>
				<verse number="8">جڏهن تون ڪو نئون گهر جوڙين، تڏهن پنهنجيءَ ڇت تي چوڌاري ٻنو ٻڌائج، تہ متان ڪو ماڻهو اتان ڪري پوي، ۽ انهي جو خون تنهنجي گهر تي اچي.</verse>
				<verse number="9">تون پنهنجي ڊاک جي منهہ ۾ ٻن قسمن جو ٻج نہ پوکج: متان انهي جو سڀ ميوو، يعني تنهنجو پوکيل ٻج، ۽ ڊاک جي سڀ پيداوار ضبط ٿي پوي.</verse>
				<verse number="10">تون ڏاند ۽ گڏهہ کي گڏ جوٽي هر نہ ڏج.</verse>
				<verse number="11">تون پشم ۽ سڻيءَ جو گڏ اُڻيل ڪپڙو نہ پائج.</verse>
				<verse number="12">جنهن ڪپڙي سان تون پاڻ کي ڍڪين، تنهن جي چئن ئي پاسن تي جهالر لڳائج.</verse>
				<verse number="13">جڏهن ڪو ماڻهو زال پرڻجي، ۽ انهيءَ وٽ وڃي، ۽ پوءِ انهيءَ سان اڻبڻت ٿئيس،</verse>
				<verse number="14">۽ انهيءَ تي شرم جهڙين ڳالهين جي تهمت رکي، ۽ کيس بدنام ڪري، ۽ چوي تہ مون هن زال سان شادي ڪئي، ۽ جڏهن آءٌ وٽس ويس، تڏهن مون هن ۾ ڪنوارپڻي جون نشانيون نہ ڏٺيون:</verse>
				<verse number="15">تڏهن انهيءَ ڇوڪريءَ جا ماءُ ۽ پيءُ هن جي ڪنوارپڻي جون نشانيون کڻي، شهر جي دروازي تي بزرگن وٽ اچن:</verse>
				<verse number="16">۽ انهيءَ ڇوڪريءَ جو پيءُ بزرگن کي چوي تہ ڏسو، مون پنهنجي ڌيءَ هن ماڻهوءَ کي پرڻائي ڏني، ۽ هو انهيءَ سان نفرت ٿو ڪري؛</verse>
				<verse number="17">ڏسو، هن مٿس شرم جهڙين ڳالهين جي تهمت رکي آهي، ۽ چوي ٿو تہ مون تنهنجي ڌيءَ ۾ ڪنوارپڻي جون نشانيون نہ ڏٺيون؛ پر منهنجيءَ ڌيءَ جي ڪنوارپڻي جون نشانيون اِجهي هي آهن. پوءِ اهي شهر جي بزرگن جي اڳيان اهو ڪپڙو وڇائين.</verse>
				<verse number="18">تڏهن انهيءَ شهر جا بزرگ انهي ماڻهوءَ کي سزا ڏين؛</verse>
				<verse number="19">۽ مٿس چانديءَ جا هڪ سؤ مشقال ڏنڊ وجهن؛ ڇالاءِ جو هن اسرائيل جي هڪڙي ڪنواريءَ ڇوڪريءَ تي بدنامي آندي آهي، ۽ اهي ڏنڊ وارا پئسا ڇوڪريءَ جي پيءُ کي ڏين: پوءِ هو انهيءَ ماڻهوءَ جي زال ٿي رهي؛ ۽ هو انهيءَ کي حياتيءَ تائين طلاق نہ ڏئي.</verse>
				<verse number="20">پر جي اها ڳالهہ سچي هجي، يعني انهيءَ ڇوڪريءَ ۾ ڪنوارپڻي جون نشانيون ڏسڻ ۾ نہ آيون هجن:</verse>
				<verse number="21">تہ پوءِ انهيءَ ڇوڪريءَ کي سندس پيءُ جي گهر جي در تي وٺي اچن، ۽ سندس شهر جا ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين: ڇالاءِ جو هن پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ زناڪاري ڪري اسرائيل ۾ بيعزتيءَ جو ڪم ڪيو آهي: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.</verse>
				<verse number="22">جيڪڏهن ڪو مرد ماڻهو ڪنهن پرڻيل زال سان گڏ سمهندو ڏسڻ ۾ اچي، تہ اهي ٻئي ماريا وڃن، يعني اهو جو زال سان گڏ ستو، ۽ اها زال: انهيءَ طرح تون اها خرابي اسرائيل جي وچ مان ڪڍي ڇڏج.</verse>
				<verse number="23">جيڪڏهن ڪا ڪنواري ڇوڪري، جا ڪنهن مرد سان مڱيل هجي، ۽ ڪو ٻيو ماڻهو انهيءَ کي شهر ۾ ڏسي ساڻس سمهي؛</verse>
				<verse number="24">تہ اوهين انهن ٻنهي کي انهي شهر جي دروازي تي آڻي، کين سنگسار ڪري ماري ڇڏجو؛ انهيءَ ڇوڪريءَ کي هن ڪري، جو هو شهر ۾ هئي تڏهن بہ رڙيون نہ ڪيائين؛ ۽ انهي ماڻهوءَ کي هن ڪري، جو هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال کي بي آبرو ڪيو: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.</verse>
				<verse number="25">پر جيڪڏهن اهو ماڻهو انهيءَ ڇوڪريءَ کي جهنگ ۾ ڏسي، ۽ ساڻس زوريءَ سمهي، تہ فقط انهي ماڻهوءَ کي مارڻ گهرجي، جو هو انهيءَ ڇوڪريءَ سان ستو هو:</verse>
				<verse number="26">پر ڇوڪريءَ کي تون ڪي بہ نہ ڪج؛ انهيءَ ڇوڪريءَ جو گناهہ موت جي لائق نہ آهي: ڇالاءِ تہ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ تي حملو ڪري، انهي کي ماري وجهي، تيئن هيءَ ڳالهہ بہ آهي:</verse>
				<verse number="27">ڇوتہ هن انهيءَ ڇوڪريءَ کي جهنگ ۾ ڏٺو؛ مڱيل ڇوڪريءَ رڙيون ڪيون پر اتي ڪوبہ ڪونہ هو، جو انهيءَ کي بچائي.</verse>
				<verse number="28">جيڪڏهن ڪو مرد ماڻهو ڪا ڪنواري ڇوڪري ڏسي، جا مڱيل نہ هجي، ۽ انهيءَ کي جهلي ساڻس سمهي، ۽ اهي ٻئي پڪڙجي پون؛</verse>
				<verse number="29">تہ جيڪو ماڻهو انهيءَ ڇوڪريءَ سان ستو، سو انهيءَ جي پيءُ کي چانديءَ جا پنجاهہ مشقال ڏئي، ڇالاءِ جو هن انهي کي بي آبرو ڪيو آهي؛ پوءِ هوءَ انهي جي زال ٿي رهي، ۽ هو انهيءَ کي حياتيءَ تائين طلاق نہ ڏئي.</verse>
				<verse number="30">تون پنهنجي پيءُ جي زال سان شادي نہ ڪج، نڪي پنهنجي پيءُ جو ننگ کولج.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="23">
				<verse number="1">جنهن ماڻهوءَ کي آنورن ۾ ڪو زخم هجي، يا جنهن جي آلت وڍيل هجي، سو خداوند جي جماعت ۾ داخل نہ ٿئي.</verse>
				<verse number="2">ڪوبہ حرام مان ڄاول خداوند جي جماعت ۾ داخل نہ ٿئي؛ انهي جي ڏهين پيڙهيءَ تائين سندس نسل مان ڪوبہ خداوند جي جماعت ۾ داخل نہ ٿئي.</verse>
				<verse number="3">ڪوبہ اموني يا موآبي خداوند جي جماعت ۾ داخل نہ ٿئي؛ انهن جي ڏهين پيڙهيءَ تائين منجهائن ڪوبہ خداوند جي جماعت ۾ داخل نہ ٿئي:</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ تہ جڏهن اوهين مصر مان نڪري آيا ٿي، تڏهن اهي ماني ۽ پاڻي کڻي اوهان کي رستي ۾ نہ اچي گڏيا؛ پر اُٽلندو بعور جي پٽ بلعام کي، مسوپوتاميہ جي شهر فتور مان پئسا ڏيئي وٺي آيا، تہ توتي لعنت وجهي.</verse>
				<verse number="5">پر خداوند تنهنجي خدا بلعام جي نہ ٻڌي؛ بلڪ خداوند تنهنجي خدا تنهنجي لاءِ لعنت کي ڦيرائي برڪت ڪيو، ڇو جو خداوند تنهنجي خدا کي توسان محبت هئي.</verse>
				<verse number="6">تون پنهنجي سڄيءَ حياتيءَ ۾ ڪڏهن بہ هنن جو سک يا آرام نہ ڳولج.</verse>
				<verse number="7">تون ڪنهن ادوميءَ سان نفرت نہ رکج؛ ڇالاءِ جو هو تنهنجو ڀاءُ آهي: تون ڪنهن مصريءَ سان بہ نفرت نہ رکج؛ ڇالاءِ جو تون انهي جي ملڪ ۾ مسافر هئين.</verse>
				<verse number="8">انهن جي ٽين پيڙهيءَ جا ٻار ڀلي تہ خداوند جي جماعت ۾ شامل ٿين.</verse>
				<verse number="9">جڏهن تون پنهنجن دشمنن سان وڙهڻ لاءِ منزلگاهہ ۾ وڃين، تڏهن پاڻ کي هر ڪنهن خراب شيءِ کان بچائج.</verse>
				<verse number="10">جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو اهڙو ماڻهو هجي، جو رات جو احتلام جي ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، تہ اهو منزلگاهہ کان ٻاهر نڪري وڃي، ۽ منزلگاهہ ۾ نہ اچي:</verse>
				<verse number="11">پر جڏهن سانجهي ٿئي، تڏهن هو پاڻيءَ سان وهنجي: ۽ جڏهن سج لهي وڃي، تڏهن منزلگاهہ جي اندر اچي.</verse>
				<verse number="12">تون منزلگاهہ جي ٻاهر هڪڙي جاءِ مقرر ڪج جتي تون حاجت لاهڻ وڃين:</verse>
				<verse number="13">۽ تون پنهنجن هٿيارن ۾ هڪڙو رنبو رکج؛ ۽ جڏهن تون ٻاهر حاجت لاهڻ وڃين، تڏهن انهي سان زمين کوٽج، ۽ گند کي ڪڍي ڇڏج:</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا توکي بچائڻ لاءِ، ۽ تنهنجي دشمن کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيڻ لاءِ، تنهنجيءَ ڇانوڻيءَ ۾ پيو گهمي؛ تنهنڪري تون پنهنجيءَ منزلگاهہ کي پاڪ رکج: متان هو تو ۾ گندگي ڏسي، ۽ توکان منهن ڦيرائي هليو وڃي.</verse>
				<verse number="15">جيڪڏهن ڪو غلام پنهنجي مالڪ وٽان ڀڄي تو وٽ اچي، تہ تون انهي کي سندس مالڪ جي حوالي نہ ڪج:</verse>
				<verse number="16">پر هو ڀلي تو وٽ تنهنجي وچ ۾ تنهنجن شهرن مان ڪنهن ۾، جتي وڻيس اُتي رهي: تون انهي تي ظلم نہ ڪج.</verse>
				<verse number="17">اسرائيلين جي ڌيئرن مان ڪابہ ڪسبياڻي نہ ٿئي، ۽ نڪي اسرائيلين جي پٽن مان ڪو لونڊو ٿئي.</verse>
				<verse number="18">تون ڪنهن ڪسبياڻيءَ جي يا لونڊي جي ڪمائيءَ مان نذرانو ڪري، خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ متان آڻين: ڇالاءِ جو انهن ٻنهي کان خداوند تنهنجي خدا کي نفرت آهي.</verse>
				<verse number="19">تون پنهنجي ڀاءُ کي وياج تي قرض نہ ڏج؛ پئسن جو وياج، يا کاڌي جي شين جو وياج، يا ٻيءَ ڪنهن بہ شيءِ جو وياج نہ وٺج:</verse>
				<verse number="20">ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ کي تون ڀلي وياج تي قرض ڏج؛ پر پنهنجي ڀاءُ کي ڪابہ شيءِ وياج تي اُڌاري نہ ڏج: تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، انهي ۾ خداوند تنهنجو خدا انهن سڀني ڪمن ۾، جن ۾ تون هٿ وجهندين، تن ۾ توکي برڪت ڏيندو.</verse>
				<verse number="21">جڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ ڪا مڃتا مڃين، تڏهن انهيءَ جي پوري ڪرڻ ۾ دير نہ ڪج: نہ تہ تو تي گناهہ ايندو، ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا ضرور توکان انهيءَ جي طلب ڪندو:</verse>
				<verse number="22">پر جي تون مڃتا نہ مڃيندين، تہ پوءِ تو تي ڪو گناهہ ڪونہ ايندو.</verse>
				<verse number="23">جيڪي تنهنجي وات مان نڪري سو تون ضرور پورو ڪج، ۽ جيڪا مڃتا تو خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ مڃي هجي، يعني جنهن بہ خوشيءَ جي قربانيءَ جو واعدو تو پنهنجي وات مان ڪڍيو هجي، سا ضرور پوري ڪج.</verse>
				<verse number="24">جڏهن تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي ڊاک جي منهہ ۾ وڃين، تڏهن جيتري ڊاک وڻيئي اوتري کائي پيٽ ڀرج؛ پر پنهنجي ٿانوَ ۾ ڪي بہ نہ کڻج.</verse>
				<verse number="25">جڏهن تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي ان جي بيٺل پوک ۾ وڃين، تڏهن پنهنجي هٿ سان سنگ ڀلي پٽج؛ پر پنهنجي پاڙيسريءَ جي بيٺل پوک ۾ ڏاٽو نہ گهمائج.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="24">
				<verse number="1">جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن زال سان شادي ڪري، تڏهن هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن هو انهي ۾ ڪا اڻ وڻندڙ ڳالهہ ڏسي، انهيءَ کي پسند نہ ڪري، تہ هو انهيءَ کي طلاق نامو لکي ڏئي، ۽ پوءِ پنهنجي گهر مان ڪڍي ڇڏيس.</verse>
				<verse number="2">۽ جڏهن هو انهي جي گهر مان نڪري وڃي، تڏهن ڀلي وڃي ٻيو مڙس ڪري.</verse>
				<verse number="3">۽ جي هي ٻيو مڙس بہ انهيءَ مان بيزار ٿي پوي، تہ اهو بہ کيس طلاق نامو لکي ڏئي، ۽ پوءِ پنهنجي گهر مان ڪڍي ڇڏيس، يا جي هي ٻيو مڙس، جنهن هن سان شادي ڪئي هئي، سو مري وڃي؛</verse>
				<verse number="4">تہ سندس پهريون مڙس، جنهن ڪڍي ڇڏيو هوس، سو هن جي ناپاڪ ٿيڻ کان پوءِ وري کيس پنهنجي زال نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو اهڙو ڪم خداوند جي نظر ۾ مڪروهہ آهي: ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ گناهہ ٿيڻ نہ ڏج.</verse>
				<verse number="5">جڏهن ڪو ماڻهو ڪا نئين زال پرڻجي، تڏهن هو لشڪر ۾ شامل ٿي جنگ تي نہ وڃي، ۽ نہ انهي کي ڪو ٻيو ڪم ڪرڻ لاءِ ڏجي: هو هڪڙي سال تائين ڀلي تہ گهر ۾ آزاد رهي، ۽ جيڪا زال پرڻيو آهي تنهن کي خوش رکي.</verse>
				<verse number="6">ڪوبہ ماڻهو جنڊ، يا جنڊ جو مٿيون پُڙ گروي نہ رکي: ڇالاءِ جو هو ماڻهوءَ جي حياتيءَ جو آسرو گروي ٿو رکي.</verse>
				<verse number="7">جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجن بني اسرائيلي ڀائرن مان ڪنهن کي چورائي، پاڻ وٽ غلامي ڪرائي، يا وڪڻي ڇڏيس، تہ اهو چور ضرور ماريو وڃي: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.</verse>
				<verse number="8">تون ڪوڙهہ جي بيماريءَ کان سنڀاليندو رهج، ۽ جيڪي لاوي ڪاهن اوهان کي سيکارين، انهي موجب خبرداريءَ سان عمل ڪج: جيئن مون انهن کي حڪم ڏنو آهي، تيئن اوهين خبرداريءَ سان ڪندا رهجو.</verse>
				<verse number="9">جڏهن اوهين مصر مان نڪري آيا، تڏهن رستي ۾ خداوند تنهنجي خدا جيڪي مريم سان ڪيو سو ياد رکو.</verse>
				<verse number="10">جڏهن تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪي قرض ڏين، تڏهن انهي جي ڪا شيءِ گروي رکڻ لاءِ سندس گهر ۾ نہ گهڙج.</verse>
				<verse number="11">تون ٻاهر بيهي رهج، ۽ جنهن ماڻهوءَ کي تو قرض ڏنو آهي سو پاڻيهي اها شيءِ ٻاهر آڻي گرويءَ طور توکي ڏئي.</verse>
				<verse number="12">۽ جيڪڏهن هو غريب ماڻهو هجي، تہ تون انهي جي گرويءَ واري شيءِ پاڻ وٽ رکي سمهي نہ رهج:</verse>
				<verse number="13">پر جڏهن سج لهي تڏهن تون ضرور اها شيءِ هن کي موٽائي ڏج، تہ هو پنهنجو ڪپڙو ڍڪي سمهي، ۽ توکي دعا ڪري: ۽ خداوند تنهنجي خدا جي اڳيان اها تنهنجي لاءِ راستبازي ليکي ويندي.</verse>
				<verse number="14">تون پنهنجي غريب ۽ محتاج پورهيت تي ظلم نہ ڪج، پوءِ اهو تنهنجن ڀائرن منجهان هجي، يا انهن ڌارين مان جي تنهنجي ملڪ ۾ تنهنجن شهرن ۾ رهندا هجن.</verse>
				<verse number="15">جنهن ڏينهن هو ڪمائي، انهي ڏينهن سج لهڻ کان اڳ ۾ تون هن کي مزوري ڏج؛ ڇالاءِ جو هو غريب آهي، ۽ هن جي دل انهي ۾ لڳل آهي: متان هو تنهنجي برخلاف خداوند جي حضور ۾ پڪاري، ۽ اهو تنهنجي لاءِ گناهہ ٿئي.</verse>
				<verse number="16">پٽ جي بدلي پيءُ ماريو نہ وڃي، نڪي پيءُ جي بدلي پٽ ماريو وڃي: هرڪو ماڻهو پنهنجي ئي گناهہ جي لاءِ ماريو وڃي.</verse>
				<verse number="17">تون ڪنهن مسافر يا يتيم سان ناحق نہ ڪج، نڪي ڪنهن بيوہ زال جا ڪپڙا گروي رکج:</verse>
				<verse number="18">پر تون ياد رکج تہ تون مصر ۾ غلام هئين، ۽ خداوند تنهنجي خدا توکي اُتان ڇڏايو: تنهنڪري آءٌ توکي ائين ڪرڻ لاءِ حڪم ٿو ڏيان.</verse>
				<verse number="19">جڏهن تون پنهنجي ٻنيءَ جو فصل لڻين، ۽ ٻنيءَ ۾ هڪڙو سنگ وساري ڇڏين، تڏهن اهو کڻڻ لاءِ وري نہ وڃج: اهو مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال لاءِ پيو رهي: انهي لاءِ تہ جنهن ڪم ۾ تون هٿ وجهين، تنهن ۾ خداوند تنهنجو خدا توکي برڪت ڏئي.</verse>
				<verse number="20">جڏهن تون پنهنجي زيتون جي وڻ کي ڌوڻين، تڏهن ساڳين ٽارين تي ٻيو ڀيرو نہ وڃج: اهو مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال لاءِ پيو رهي.</verse>
				<verse number="21">جڏهن تون پنهنجي ڊاک جي منهہ جي ڊاک گڏ ڪرين، تڏهن جيڪا رهجي وڃي سا ٻيو ڀيرو گڏ نہ ڪج: اها مسافر، ۽ يتيم ۽ بيوہ زال لاءِ پيئي رهي.</verse>
				<verse number="22">۽ تون ياد رکج تہ تون مصر جي ملڪ ۾ غلام هئين: تنهنڪري آءٌ توکي ائين ڪرڻ لاءِ حڪم ٿو ڏيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="25">
				<verse number="1">جيڪڏهن ماڻهن ۾ ڪو تڪرار ٿئي، ۽ اهي عدالت ۾ اچن، ۽ قاضي انهن جو انصاف ڪن؛ تہ هنن کي گهرجي تہ راستباز کي بيگناهہ ٺهرائين، ۽ شرير کي سزا ڏين؛</verse>
				<verse number="2">۽ جيڪڏهن اهو شرير سزا جو لائق هجي، تہ قاضي انهي کي پٽ تي سمهاري، ۽ پنهنجي روبرو انهيءَ شرارت موجب ڳڻي ڦٽڪا هڻائي.</verse>
				<verse number="3">هو انهي کي چاليهہ ڦٽڪا هڻائي، وڌيڪ نہ هڻائيس: متان انهن کان وڌيڪ ڦٽڪا کائڻ ڪري، تنهنجو ڀاءُ تنهنجي اڳيان ذليل ڏسڻ ۾ اچي.</verse>
				<verse number="4">جڏهن ڏاند اَن ڳاهي تڏهن انهي جو ٻُوٿ نہ ٻڌ.</verse>
				<verse number="5">جڏهن ڪي ڀائر گڏ رهندا هجن، ۽ انهن مان هڪڙو مري وڃي، ۽ پٽ نہ هجيس، تہ انهي فوتيءَ جي زال ڌارئي ماڻهو سان نہ وڃي پرڻجي: سندس مڙس جو ڀاءُ انهيءَ وٽ وڃي، ۽ کيس پنهنجي زال ڪري، ۽ ساڻس ڏير جو حق ادا ڪري.</verse>
				<verse number="6">۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪو پهريون ٻار هوءَ ڄڻيندي سو هن جي فوتي ڀاءُ جي نالي سان انهي جو وارث ٿيندو، انهي لاءِ تہ اسرائيل منجهان انهي جو نالو ميٽجي نہ وڃي.</verse>
				<verse number="7">پر جيڪڏهن هو ماڻهو پنهنجي ڀاڄائيءَ سان پرڻجڻ تي راضي نہ ٿئي، تہ سندس ڀاڄائي شهر جي دروازي تي بزرگن وٽ وڃي چوي، تہ منهنجو ڏير پنهنجي ڀاءُ جو نالو اسرائيل ۾ قائم رکڻ کان انڪار ٿو ڪري، ۽ مون سان ڏير جو حق ادا ڪرڻ نٿو گهري.</verse>
				<verse number="8">تڏهن شهر جا بزرگ انهي ماڻهوءَ کي سڏي کيس سمجهائين: ۽ جيڪڏهن هو پنهنجيءَ ڳالهہ تي قائم رهي، ۽ چوي، تہ آءٌ هن سان پرڻجڻ نٿو گهران؛</verse>
				<verse number="9">تہ پوءِ سندس ڀاڄائي بزرگن جي روبرو هن وٽ اچي، ۽ هن جي پير مان پادر لاهي، ۽ هن جي منهن تي ٿُڪ هڻي ۽ چويس، تہ جيڪو پنهنجي ڀاءُ جو گهر آباد نٿو ڪري تنهن سان هيئن ڪرڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="10">۽ اسرائيل ۾ انهيءَ ماڻهوءَ جو هي نالو پئجي وڃي، ”پادر لٿل ماڻهوءَ جو گهراڻو“.</verse>
				<verse number="11">جڏهن ٻہ ماڻهو پاڻ ۾ وڙهن، ۽ هڪڙي جي زال پنهنجي مڙس کي مارڻ واري جي هٿان ڇڏائڻ جي لاءِ ويجهو اچي، پنهنجو هٿ ڊگهيري، ۽ انهي ماڻهوءَ جي آنورن کي جهلي:</verse>
				<verse number="12">تہ تون انهيءَ زال جو هٿ وڍي ڇڏج، ۽ تون انهي تي ڪوبہ قياس نہ ڪج.</verse>
				<verse number="13">تون پنهنجي ڳوٿريءَ ۾ جدا جدا قسمن جا، يعني هڪڙا ننڍا ٻيا وڏا وٽ نہ رکج.</verse>
				<verse number="14">تون پنهنجي گهر ۾ جدا جدا قسمن جا يعني هڪڙا ننڍا ٻيا وڏا ماڻ نہ رکج.</verse>
				<verse number="15">پر تون بلڪل پورا ۽ سچا وٽ ۽ ماڻ رکج؛ تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ تہ جيڪي ماڻهو اهڙا ڪم ٿا ڪن، يعني جيڪي اهڙا ڪپت جا ڪم ٿا ڪن، سي خداوند تنهنجي خدا جي نظر ۾ مڪروهہ آهن.</verse>
				<verse number="17">جڏهن اوهين مصر مان نڪري آيا، تڏهن واٽ تي عماليقين توسان ڇا ڪيو سو ياد رکج.</verse>
				<verse number="18">ڪيئن نہ هو واٽ تي توکي اچي گڏيا، ۽ جڏهن تون ٿڪل ۽ ماندو هئين، تڏهن تنهنجا ضعيف ماڻهو جيڪي پٺتي رهيل هئا، تن سڀني کي اچي ماريائون.</verse>
				<verse number="19">تنهنڪري هيئن ٿيندو، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور قبضي ۾ ٿو ڏئي، تنهن ۾ جيڪي تنهنجا دشمن تنهنجي آس پاس هوندا، تن کان جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي آرام ڏئي، تڏهن تون زمين تان عماليقين جو نالو نشان مٽائي ڇڏج؛ تون اها ڳالهہ نہ وسارج.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="26">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن ۾ جڏهن تون پهچين، ۽ انهي تي قبضو ڪري منجهس رهڻ لڳين؛</verse>
				<verse number="2">تڏهن جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن جي زمين جي پيداوار مان پهريون ڦل هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ رکي، انهي هنڌ کڻي وڃج، جو خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي.</verse>
				<verse number="3">۽ جيڪو انهن ڏينهن ۾ ڪاهن هجي، تنهن وٽ وڃي چئجانس، تہ آءٌ اڄ خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾ اقرار ٿو ڪريان، تہ جيڪو ملڪ اسان کي ڏيڻ لاءِ خداوند اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن ۾ آءٌ آيو آهيان.</verse>
				<verse number="4">۽ ڪاهن اها ٽوڪري تنهنجي هٿن مان وٺي، خداوند تنهنجي خدا جي قربانگاهہ تي رکي.</verse>
				<verse number="5">۽ تون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ ورندي ڏيئي چئج، تہ هڪڙو مرڻ هار ارامي منهنجو پيءُ هو، ۽ اهو ٿورا ماڻهو ساڻ ڪري مصر ۾ وڃي اتي رهڻ لڳو؛ ۽ هو اتي هڪڙي وڏي، زوراور، ۽ گهڻن ماڻهن واري قوم ٿي پيو:</verse>
				<verse number="6">۽ مصرين اسان سان خراب هلت ڪئي، ۽ اسان کي ڏک ڏنائون، ۽ اسان کان سخت غلامي ڪرايائون:</verse>
				<verse number="7">تڏهن اسان خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي حضور ۾ دانهون ڪيون، ۽ خداوند اسان جو آواز ٻڌو، ۽ اسان جي مصيبت، ۽ اسان جي محنت ۽ اسان جي مظلومي ڏٺائين:</verse>
				<verse number="8">۽ خداوند اسان کي زوراور هٿ سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان، ۽ وڏيءَ هيبت سان، ۽ نشانن سان، ۽ معجزن سان مصر مان ٻاهر ڪڍي آندو:</verse>
				<verse number="9">۽ انهي اسان کي هن هنڌ آندو آهي، ۽ اسان کي هي ملڪ ڏنو اٿس، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي.</verse>
				<verse number="10">سو هاڻي، اي خداوند ڏس، جيڪا زمين تو مون کي ڏني آهي، تنهن جو پهريون ڦل مون آندو آهي. پوءِ تون اها خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ رکي، خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان سجدو ڪج:</verse>
				<verse number="11">پوءِ تون، ۽ لاوي، ۽ جيڪو پرديسي اوهان جي وچ ۾ رهندو هجي، سي سڀيئي گڏجي، جيڪي نعمتون خداوند تنهنجي خدا توکي ڏنيون آهن، تن جي ڪري خوشيون ڪجو.</verse>
				<verse number="12">ٽيون سال، جو ڏهين حصي اُڳاڙڻ جو سال آهي، تنهن ۾ جڏهن تون پنهنجي سموريءَ پيدائش جو ڏهون حصو ڪڍي پورو ڪرين، تڏهن تون اهو لاويءَ کي، ۽ پرديسيءَ، ۽ يتيم کي، ۽ بيوہ زال کي ڏج، تہ اهي تنهنجن دروازن جي اندر کائي ڍءُ ڪن؛</verse>
				<verse number="13">تون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ هيئن چئج، تہ جيڪي حڪم تو مون کي ڏنا آهن، تن موجب مون پاڪ شيون پنهنجي گهر مان ڪڍيون آهن، ۽ اهي لاويءَ کي، ۽ پرديسيءَ کي، ۽ يتيم کي، ۽ بيوہ زال کي ڏنيون اٿم: مون تنهنجي ڪنهن بہ حڪم جي انحرافي نہ ڪئي آهي، نڪي اهي وساري ڇڏيا اٿم:</verse>
				<verse number="14">مون پنهنجي ماتم جي وقت انهن مان ڪي بہ نہ کاڌو آهي، نڪي ناپاڪيءَ جي حالت ۾ انهن مان ڪي ڪڍيو اٿم، نڪي مئلن جي لاءِ انهن مان ڪي ڏنو اٿم: مون خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌو آهي، ۽ جيڪي بہ حڪم تو مون کي ڏنا آهن، تن موجب ڪيو اٿم.</verse>
				<verse number="15">تون پنهنجي پاڪ مڪان يعني آسمان مان هيٺ نگاهہ ڪر، ۽ پنهنجيءَ اُمت بني اسرائيل کي، ۽ هن ملڪ کي برڪت ڏي، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، ۽ جو ملڪ اسان کي ڏيڻ لاءِ تو اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.</verse>
				<verse number="16">خداوند تنهنجو خدا اڄوڪي ڏينهن توکي حڪم ٿو ڏئي، تہ هنن قانونن ۽ فيصلن تي عمل ڪج: تنهنڪري تون پنهنجي ساريءَ دل سان، اهي ياد رکج ۽ مٿن عمل ڪج.</verse>
				<verse number="17">تو اڄوڪي ڏينهن اقرار ڪيو آهي تہ خداوند ئي تنهنجو خدا آهي، ۽ تون هن جي واٽن تي هلندين، ۽ هن جو آواز ٻڌندين، ۽ هن جي قانونن کي، ۽ هن جي حڪمن کي، ۽ هن جي فيصلن کي مڃيندو رهندين:</verse>
				<verse number="18">۽ خداوند بہ اڄوڪي ڏينهن توسان اقرار ڪيو آهي تہ تون هن جي خاص اُمت آهين، ۽ جيئن ڪ هن توسان واعدو ڪيو آهي تون بہ هن جا سڀ حڪم مڃيندو رهج؛</verse>
				<verse number="19">۽ جيڪي قومون هن پيدا ڪيون آهن، تن سڀني ۾ هو توکي تعريف ۾، ۽ نالي ۾، ۽ عزت ۾ وڌائيندو، ۽ تون خداوند پنهنجي خدا جي هڪڙي پاڪ اُمت ٿيندين، جيئن ڪ هن فرمايو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="27">
				<verse number="1">پوءِ موسيٰ اسرائيل جي بزرگن سان گڏجي ماڻهن کي حڪم ڏيئي چيو، تہ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو سي سڀيئي مڃيندا رهجو.</verse>
				<verse number="2">۽ جنهن ڏينهن اوهين يردن لنگهي انهي ملڪ ۾ وڃو جو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، انهي ڏينهن تون وڏا وڏا پهڻ کڙا ڪج، ۽ انهن کي گچ سان لنبي ڇڏج:</verse>
				<verse number="3">پار وڃڻ کان پوءِ هن شريعت جون سڀ ڳالهيون انهن تي لکج؛ انهي لاءِ تہ تون انهي ملڪ ۾ وڃي داخل ٿين، جو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، جيئن ڪ خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا توسان واعدو ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="4">سو جڏهن اوهين يردن جي پار وڃو، تڏهن اهي پهڻ، جن جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، سي عيبال جبل تي کوڙجو، ۽ تون انهن کي گچ سان لنبي ڇڏج.</verse>
				<verse number="5">تون اتي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ پهڻن جي هڪڙي قربانگاهہ جوڙج: ۽ تون انهن تي لوهہ جو ڪوبہ اوزار ڪم نہ آڻج.</verse>
				<verse number="6">تون خداوند پنهنجي خدا جي اها قربانگاهہ اڻ گهڙيل پهڻن جي جوڙج: ۽ انهيءَ تي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ سوختنيون قربانيون چاڙهج:</verse>
				<verse number="7">۽ اتي ئي تون سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهج، ۽ اهي کائج؛ ۽ تون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشيون ڪج.</verse>
				<verse number="8">تون انهن پهڻن تي هن شريعت جون سڀ ڳالهيون تمام چٽيءَ طرح لکج.</verse>
				<verse number="9">پوءِ موسيٰ ۽ لاوي ڪاهن سڀني اسرائيلين سان گفتگو ڪري کين چيو، تہ اي اسرائيل ماٺ ڪري ٻڌ، اڄوڪي ڏينهن تون خداوند پنهنجي خدا جي اُمت ٿيو آهين.</verse>
				<verse number="10">تون خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪج، ۽ جيڪي سندس حڪم ۽ قانون، آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪج.</verse>
				<verse number="11">۽ موسيٰ انهي ساڳئي ڏينهن ماڻهن کي تاڪيد ڪري چيو، تہ</verse>
				<verse number="12">جڏهن اوهين يردن لنگهي پار وڃو، تڏهن شمعون لاوي، يهوداہ، اشڪار، يوسف ۽ بنيمين جا قبيلا گرازيم جبل تي بيهي ماڻهن کي برڪتون ٻڌائين،</verse>
				<verse number="13">۽ روبن، جد، آشر، زبولون، دان ۽ نفتاليءَ جا قبيلا عيبال جبل تي بيهي ماڻهن کي لعنتون ٻڌائين.</verse>
				<verse number="14">۽ لاوي ورندي ڏيئي وڏي آواز سان اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چون تہ</verse>
				<verse number="15">جيڪو ماڻهو ڪاريگر جي هوشياريءَ سان اُڪريل يا پلٽيل مورت جوڙي، جا خداوند جي نظر ۾ مڪروهہ آهي، ۽ انهيءَ کي ڪنهن لڪل جاءِ تي رکي، سو ملعون آهي، ۽ سڀ ماڻهو ورندي ڏيئي چون، آمين.</verse>
				<verse number="16">جيڪو ماڻهو ماءُ پيءُ جي بيعزتي ڪري سو ملعون آهي، ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.</verse>
				<verse number="17">جيڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ جا حد وارا نشان هٽائي، سو ملعون آهي، ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.</verse>
				<verse number="18">جيڪو ماڻهو انڌي کي گمراهہ ڪري سو ملعون آهي، ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.</verse>
				<verse number="19">جيڪو ماڻهو پرديسيءَ، يتيم، ۽ بيوہ زال سان ناحق ڪري سو ملعون آهي، ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.</verse>
				<verse number="20">جيڪو ماڻهو پنهنجي پيءُ جي زال سان سمهي سو ملعون آهي، ڇالاءِ جو هن پنهنجي پيءُ جو ننگ کوليو آهي، ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.</verse>
				<verse number="21">جيڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جي جانور سان بدفعلي ڪري سو ملعون آهي. ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.</verse>
				<verse number="22">جيڪو ماڻهو پنهنجيءَ ڀيڻ، يعني پنهنجي پيءُ جي ڌيءَ، يا پنهنجي ماءُ جي ڌيءَ سان سمهي سو ملعون آهي. ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.</verse>
				<verse number="23">جيڪو ماڻهو پنهنجي سس سان سمهي سو ملعون آهي. ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.</verse>
				<verse number="24">جيڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي لڪي ڌڪ هڻي سو ملعون آهي. ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.</verse>
				<verse number="25">جيڪو ماڻهو بيگناهہ کي قتل ڪرڻ لاءِ رشوت وٺي سو ملعون آهي. ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.</verse>
				<verse number="26">جيڪو ماڻهو هن شريعت جي ڳالهين تي قائم رهي عمل نہ ڪري، سو ملعون آهي. ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="28">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن تون ڪوشش سان خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي فرمايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندين، تہ خداوند تنهنجو خدا توکي دنيا جي ٻين سڀني قومن کان وڌيڪ سربلند ڪندو:</verse>
				<verse number="2">۽ جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، تہ هي سڀ برڪتون تو تي نازل ٿينديون، ۽ توکي اچي پهچنديون.</verse>
				<verse number="3">تون شهر ۾ بہ برڪت وارو ٿيندين، ۽ ٻنيءَ ۾ بہ برڪت وارو ٿيندين.</verse>
				<verse number="4">تنهنجي اولاد ۾، ۽ تنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيداوار ۾، تنهنجن ڍورن جي ٻچن ۾، يعني تنهنجن گاين ۽ تنهنجن ڌڻن جي ٻچن ۾ برڪت پوندي.</verse>
				<verse number="5">تنهنجيءَ ٽوڪريءَ ۾، ۽ تنهنجي اٽي ڳوهڻ جي ٿالهہ ۾ برڪت پوندي.</verse>
				<verse number="6">تون اندر اچڻ وقت، ۽ ٻاهر وڃڻ وقت برڪت وارو ٿيندين.</verse>
				<verse number="7">جيڪي تنهنجا دشمن تو تي ڪاهي ايندا، تن کي خداوند تنهنجي اڳيان مارائي ڀڄائيندو: اهي هڪڙي رستي کان توتي ڪاهي ايندا، ۽ ستن رستن کان تنهنجي اڳيان ڀڄي ويندا.</verse>
				<verse number="8">خداوند جي حڪم سان تنهنجن ڀانڊن ۾، ۽ جن جن ڪمن ۾ تون هٿ وجهندين، تن سڀني ۾ برڪت پوندي، جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ توکي برڪت ڏيندو.</verse>
				<verse number="9">جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جا حڪم ياد رکندين، ۽ هن جي رستن تي هلندين، تہ خداوند توکي پنهنجي لاءِ هڪڙي پاڪ اُمت ٺهرائي قائم ڪندو، جيئن ڪ هن توسان قسم کنيو آهي؛</verse>
				<verse number="10">۽ زمين جون سڀ قومون ڏسنديون تہ تون خداوند جي نالي ٿو سڏجين؛ ۽ اهي توکان ڊڄنديون</verse>
				<verse number="11">۽ جيڪو ملڪ توکي ڏيڻ لاءِ خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن ۾ هو تنهنجي اولاد کي، ۽ تنهنجي چوپائي مال کي، ۽ تنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيداوار کي گهڻو وڌائي توکي سکي ڪندو.</verse>
				<verse number="12">خداوند تنهنجي لاءِ پنهنجو اعليٰ خزانو، يعني آسمان کي کولي تنهنجي ملڪ ۾ مندائتو مينهن وسائيندو، ۽ تنهنجي هٿ جي سڀني ڪمن ۾ برڪت وجهندو: تون گهڻين قومن کي قرض ڏيندين، پر تون قرض ڪونہ کڻندين.</verse>
				<verse number="13">تون پڇ نہ، پر مٿو ٿيندين؛ تون هيٺ نہ، پر مٿي ٿيندين؛ بشرطيڪ تون خداوند پنهنجي خدا جا حڪم، جي آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي فرمايان ٿو، سي ٻڌندين ۽ خبرداري سان انهن تي عمل ڪندين:</verse>
				<verse number="14">۽ جن ڳالهين جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي حڪم ٿو ڏيان، تن مان ڪنهن کان بہ ساڄي پاسي، يا کٻي پاسي ڦري ٻين معبودن جي پيروي ۽ عبادت نہ ڪندين.</verse>
				<verse number="15">۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌندين، ۽ جيڪي سندس حڪم ۽ قانون آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي فرمايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل نہ ڪندين؛ تہ هي سڀ لعنتون توتي اينديون، ۽ توکي اچي پهچنديون.</verse>
				<verse number="16">تون شهر ۾ بہ لعنتي ٿيندين، ۽ ٻنيءَ ۾ بہ لعنتي ٿيندين.</verse>
				<verse number="17">تنهنجيءَ ٽوڪريءَ تي، ۽ تنهنجي اٽي ڳوهڻ جي ٿالهہ تي لعنت پوندي.</verse>
				<verse number="18">تنهنجي اولاد تي، ۽ تنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيداوار تي، تنهنجين گاين، ۽ ڌڻن جي ٻچن تي لعنت پوندي.</verse>
				<verse number="19">تون اندر اچڻ وقت ۽ ٻاهر وڃڻ وقت لعنتي ٿيندين.</verse>
				<verse number="20">جن جن ڪمن جي ڪرڻ ۾ تون هٿ وجهندين، تن سڀني ۾ خداوند توتي لعنت، بي آرامي، ۽ ملامت موڪليندو، جيسين ڪ تون برباد ٿي بلڪل تباهہ نہ ٿي وڃين؛ اهو تنهنجن خراب ڪمن جي سببان ٿيندو، جن جي ڪري تون مون کي ڇڏي ڏيندين.</verse>
				<verse number="21">۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، تنهن ۾ جيسين خداوند توکي فنا نہ ڪندو، تيسين هو تو تي وبا موڪليندو رهندو.</verse>
				<verse number="22">خداوند توکي سلهہ سان، ۽ تپ سان، ۽ سوڄ سان، ۽ سخت گرميءَ سان، ۽ ترار سان، ۽ جهولي سان، ۽ رتيءَ سان ماريندو، ۽ جيسين تون تباهہ نہ ٿي ويندين، تيسين اهي تنهنجي پٺيان پوندا.</verse>
				<verse number="23">۽ تنهنجي مٿان جو آسمان آهي سو پتل جهڙو ٿيندو، ۽ تنهنجي هيٺان جا زمين آهي سا لوهہ جهڙي ٿيندي.</verse>
				<verse number="24">خداوند مينهن جي بدران تنهنجيءَ زمين تي ڌوڙ ۽ مٽي وسائيندو: جيسين تون برباد نہ ٿيندين، تيسين اهي آسمان مان توتي پوندا رهندا.</verse>
				<verse number="25">خداوند توکي تنهنجن دشمنن جي اڳيان مارائي ڀڄائيندو: تون هڪڙي رستي کان انهن تي ڪاهي ويندين، ۽ ستن رستن کان انهن جي اڳيان ڀڄي ويندين: تون دنيا جي سڀني بادشاهتن ۾ رلندو وتندين.</verse>
				<verse number="26">تنهنجو لاشو آسمان جي پکين، ۽ زمين جي مرن جو کاڄ ٿيندو، ۽ ڪو انهن کي هڪالڻ وارو بہ ڪونہ هوندو.</verse>
				<verse number="27">خداوند توکي مصر جي ڦرڙيءَ سان، ۽ بواسير سان، ۽ ڏڍ سان، ۽ خارش سان ماريندو، ۽ تون انهن مان ڪڏهن بہ ڇٽي ڪين سگهندين.</verse>
				<verse number="28">خداوند توکي چريائيءَ سان، ۽ انڌاپي سان، ۽ دل جي پريشانيءَ سان ماريندو:</verse>
				<verse number="29">تون ڏينهن جو ٻنپهرن جي وقت ائين هٿوراڙيون هڻندين، جيئن انڌو اوندهہ ۾ هٿوراڙيون هڻندو آهي، ۽ تون پنهنجن ڪمن ۾ ڪامياب نہ ٿيندين: تو تي هميشہ ظلم ۽ ڦرمار پيئي ٿيندي، ۽ ڪوبہ توکي بچائڻ وارو ڪونہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="30">تون جنهن زال سان مڱڻي ڪندين، تنهن سان ٻيو ماڻهو سمهندو: تون گهر جوڙيندين، پر انهي ۾ رهندين ڪين: تون ڊاک جو منهہ لڳائيندين، پر انهي جو ميوو تنهنجي ڪم ڪين ايندو.</verse>
				<verse number="31">تنهنجو ڏاند تنهنجين اکين اڳيان ڪُٺو ويندو، پر تون انهي منجهان ڪجهہ بہ نہ کائيندين: تنهنجو گڏهہ تنهنجي روبرو زبردستيءَ سان کسيو ويندو، ۽ توکي موٽي نہ ملندو: تنهنجون رڍون تنهنجن دشمنن کي ڏنيون وينديون، ۽ ڪوبہ توکي بچائڻ وارو ڪونہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="32">تنهنجا پٽ ۽ تنهنجون ڌيون ٻين ماڻهن کي ڏنيون وينديون، ۽ تنهنجون اکيون پيون نهارينديون، ۽ سارو ڏينهن انهن جو انتظار ڪندي رهجي وينديون: ۽ تنهنجو ڪوبہ وس ڪونہ پڄندو.</verse>
				<verse number="33">تنهنجيءَ زمين جي پيداوار، ۽ تنهنجي سموري ڪمائي، هڪڙي اهڙي قوم کائي ويندي جنهن کي تون نٿو سڃاڻين؛ تون سدائين مظلوم ۽ دٻايل رهندين:</verse>
				<verse number="34">ايتري قدر جو تون پنهنجين اکين سان اهي ڳالهيون ڏسي چريو ٿي پوندين:</verse>
				<verse number="35">خداوند تنهنجن گوڏن ۾، ۽ تنهنجين ٽَنگن ۾ ڦرڙيون ڪڍي توکي اهڙو آزاريندو، جو تون پير جي تريءَ کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين ڇٽي نہ سگهندين.</verse>
				<verse number="36">خداوند توکي ۽ جيڪو بادشاهہ تون پنهنجي مٿان مقرر ڪندين، تنهن کي اهڙيءَ قوم ۾ پهچائيندو، جنهن جي توکي يا تنهنجي ابن ڏاڏن کي ڪابہ خبر ڪانهي؛ اتي تون ٻين معبودن جي عبادت ڪندين، جي ڪاٺ ۽ پهڻ جا هوندا.</verse>
				<verse number="37">۽ جن جن قومن ۾ خداوند توکي وٺي ويندو، تن سڀني ۾ تون عجب جو، ۽ پهاڪي جو، ۽ چوڻيءَ جو سبب ٿيندين.</verse>
				<verse number="38">تون گهڻو ٻج ٻنيءَ ۾ کڻي ويندين، پر ٿورو فصل گڏ ڪندين؛ ڇالاءِ جو مڪڙ اهو کائي چٽ ڪري ڇڏيندا.</verse>
				<verse number="39">تون ڊاک جا منهہ لڳائيندين، پر نڪي ڊاک گڏ ڪندين، نڪي انهيءَ جي رس پيئندين؛ ڇالاءِ جو ڪينئان اها کائي ويندا.</verse>
				<verse number="40">تنهنجي سڄي ملڪ ۾ زيتون جا وڻ هوندا، پر تون انهن جو تيل ڪين مکيندين؛ ڇالاءِ جو تنهنجن زيتونن جو ڦر ڇڻي پوندو.</verse>
				<verse number="41">تون پٽ ۽ ڌيون ڄڻيندين، پر اهي تنهنجا ڪين ٿيندا؛ ڇالاءِ جو اهي قيدي ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="42">تنهنجا سڀ وڻ ۽ تنهنجيءَ زمين جي سڀ پيداوار مڪڙ کائي ويندا.</verse>
				<verse number="43">جيڪو ڌاريو ماڻهو تنهنجي وچ ۾ هوندو سو توکان وڌندو ويندو؛ ۽ تون گهٽبو ويندين.</verse>
				<verse number="44">هو توکي قرض ڏيندو، پر تون هن کي قرض ڪين ڏيئي سگهندين: هو اڳيان وڌندو ۽ تون پٺتي ٿيندين.</verse>
				<verse number="45">سو جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌندين ۽ جيڪي حڪم، ۽ قانون هن توکي فرمايا آهن، تن کي خبرداريءَ سان نہ مڃيندين؛ تہ اهي سڀ لعنتون تو تي اينديون، ۽ تنهنجي پٺيان پونديون، ۽ توکي اچي پهچنديون، جيسين ڪ تون برباد ٿي وڃين:</verse>
				<verse number="46">۽ اهي تولاءِ ۽ تنهنجي اولاد لاءِ هميشہ تائين، هڪڙي نشان ۽ معجزي وانگر ٿينديون:</verse>
				<verse number="47">ڇالاءِ جو تو سڀني شين جي گهڻائيءَ هوندي بہ، خوشيءَ ۽ خوشدليءَ سان خداوند پنهنجي خدا جي عبادت نہ ڪئي.</verse>
				<verse number="48">تنهنڪري بک ۾، اُڃ ۾، اوگهڙ ۾، ۽ سڀني شين جي محتاجيءَ ۾ بہ، جيڪو دشمن خداوند توتي موڪليندو، تنهن جي تون خدمت ڪندين: ۽ جيسين هو توکي برباد نہ ڪندو، تيسين تنهنجيءَ ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وجهندو.</verse>
				<verse number="49">خداوند پري کان يعني زمين جي ڇيڙي کان، هڪڙي قوم عقاب وانگر تنهنجي مٿان چاڙهي آڻيندو؛ تون انهيءَ جي ٻولي بہ ڪين سمجهندين؛</verse>
				<verse number="50">اهڙي خوفناڪ چهري واري قوم، جا نہ پوڙهي جو لحاظ ڪندي، نڪي جوان سان مروت ڪندي.</verse>
				<verse number="51">اها تنهنجي چوپائي مال جا ٻچا، ۽ تنهنجي زمين کائي ويندي، جيسين ڪ تون برباد ٿي وڃين: ۽ اها تنهنجي لاءِ اَن، يا شراب، يا تيل، يا گاين، ۽ ڌڻن جا ٻچا بہ ڪين ڇڏيندي، جيسين ڪ توکي نابود نہ ڪري:</verse>
				<verse number="52">۽ اها تنهنجن سڀني شهرن ۾ توکي گهيريندي، ۽ جيسين تنهنجون اوچيون ۽ مضبوط ڀتيون، جن تي تنهنجو ڀروسو آهي، سي ڀڄي ڪري پون: ۽ اها جيڪو ملڪ خداوند تنهنجي خدا توکي ڏنو آهي، تنهن منجهہ تنهنجن سڀني شهرن ۾ توکي گهيرو ڪندي.</verse>
				<verse number="53">۽ انهي گهيري ۾ تنهنجا دشمن توکي اهڙو ڦاسائيندا، جو تون خود پنهنجي اولاد جو، يعني جيڪي پٽ ۽ ڌيون خداوند تنهنجي خدا توکي ڏنيون آهن، تن جو ماس کائيندين.</verse>
				<verse number="54">۽ جيڪو ماڻهو اوهان ۾ نرم دل ۽ نازڪ طبع هوندو، تنهن جي بہ پنهنجي ڀاءُ ڏانهن، ۽ پنهنجيءَ دل گهري زال ڏانهن، ۽ جيڪي ٻار باقي بچيا هوندس، تن ڏانهن خراب نيت ٿيندي:</verse>
				<verse number="55">ايتري قدر جو هو پنهنجن ٻارن جو ماس، جيڪو پاڻ کائيندو هوندو، تنهن منجهان ذرو بہ انهن مان ڪنهن کي ڪين ڏيندو، ڇالاءِ جو وٽس ڪي بہ باقي نہ بچندو؛ ڇو جو تنهنجن سڀني شهرن ۾ هو توکي گهيرو ڪري ڦاسائيندا.</verse>
				<verse number="56">۽ جيڪا زال اوهان ۾ نرم دل ۽ نازڪ طبع هوندي، جا پنهنجيءَ نرميءَ ۽ نزاڪت جي ڪري، پنهنجي پير جي تري بہ پٽ تي رکڻ جي همت نہ ڪندي هوندي، تنهن جي بہ پنهنجي دل گهرئي مڙس ڏانهن، ۽ پنهنجي پٽ ڏانهن، ۽ پنهنجي ڌيءَ ڏانهن خراب نيت ٿيندي،</verse>
				<verse number="57">۽ انهي ننڍڙي ٻار ڏانهن جو هن ڄڻيو هوندو، ۽ سندس سڀني ٻارن ڏانهن سنديس خراب نيت ٿيندي؛ ڇالاءِ جو ڪابہ شيءِ نہ هئڻ ڪري، هوءَ انهن کي لڪ ڇپ ۾ کائي ويندي: ڇو جو تنهنجا دشمن تنهنجن سڀني شهرن ۾ توکي گهيرو ڪري ڦاسائيندا.</verse>
				<verse number="58">جيڪڏهن تون هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي، جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، خبرداري سان عمل نہ ڪندين، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي جلالي ۽ خوفناڪ نالي کان ڊڄندو نہ رهندين؛</verse>
				<verse number="59">تہ پوءِ خداوند تنهنجي اولاد تي عجيب آفتون موڪليندو، يعني وڏيون ۽ گهڻن ڏينهن تائين رهندڙ آفتون، ۽ سخت ۽ ڊگهيون بيماريون موڪليندو.</verse>
				<verse number="60">۽ هو وري توتي بہ مصر جا خراب مرض موڪليندو، جن کان تون ڊڄندو هئين؛ ۽ اهي توکي چهٽي ويندا.</verse>
				<verse number="61">۽ اهي بيماريون ۽ آفتون، جيڪي هن شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن، سي بہ خداوند توتي موڪليندو، جيسين ڪ تون برباد ٿي وڃين.</verse>
				<verse number="62">جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌندين، تہ پوءِ اوهين جي آسمان جي تارن جيترا هئا؛ سي گهڻو گهٽجي ويندا.</verse>
				<verse number="63">۽ هيئن ٿيندو، تہ جيئن خداوند اوهان مان خوش ٿي اوهان سان ڀلائي ڪندو هو، ۽ اوهان کي وڌائيندو هو؛ تيئن خداوند اوهان کي فنا ۽ برباد ڪرڻ ۾ خوش ٿيندو؛ ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن مان اوهين ڪڍيا ويندا.</verse>
				<verse number="64">۽ خداوند اوهان کي زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين، سڀني قومن ۾ دربدر ڪندو، اتي تون ٻين معبودن جي عبادت ڪندين، جي ڪاٺ ۽ پهڻ جا هوندا، جن جي توکي يا تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر ڪانهي.</verse>
				<verse number="65">انهن قومن منجهہ توکي سک ڪونہ ملندو، نڪي تنهنجي پير جي تريءَ کي آرام ايندو: خداوند توکي اتي دل جي ڏڪڻي، ۽ اکين جو ڌنڌ، ۽ جان جو جهورو ڏيندو:</verse>
				<verse number="66">۽ توکي حياتيءَ جي دهشت رهندي؛ ۽ تون رات ڏينهن ڊپ ۾ گذاريندين، ۽ توکي پنهنجيءَ زندگيءَ جي پڪ ڪانہ ٿيندي:</verse>
				<verse number="67">تون پنهنجين اکين سان اهي ڳالهيون ڏسي، پنهنجيءَ دل ۾ اهڙو ڊڄي ويندين، جو صبح جو چوندين، تہ خدا ڪري شل سانجهي ٿئي! ۽ سانجهيءَ جو چوندين، تہ خدا ڪري شل صبح ٿئي!</verse>
				<verse number="68">جنهن رستي بابت مون توکي چيو هو تہ وري نہ ڏسج، انهي رستي کان خداوند توکي ٻيڙين ۾ چاڙهي مصر ۾ آڻيندو: ۽ اتي اوهين پاڻ کي پنهنجن دشمنن وٽ غلام ۽ ٻانهيون ڪري وڪڻندا، پر ڪوبہ اوهان کي خريد نہ ڪندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="29">
				<verse number="1">حورب ۾ خداوند جيڪو عهدنامو بني اسرائيل سان ڪيو هو، تنهن کان سواءِ موآب جي ملڪ ۾ انهن سان جيڪو عهد ڪرڻ لاءِ هن موسيٰ کي فرمايو، تنهن جون ڳالهيون هن ريت آهن.</verse>
				<verse number="2">موسيٰ سڀني اسرائيلين کي سڏي کين چيو، تہ جيڪي خداوند مصر جي ملڪ ۾ اوهانجين اکين اڳيان، فرعون سان، ۽ سندس سڀني نوڪرن سان، ۽ سندس سڄي ملڪ سان ڪيو، سو سڀ اوهان ڏٺو آهي؛</verse>
				<verse number="3">يعني اهي وڏيون آزمائشون، ۽ نشان، ۽ وڏا معجزا جي تنهنجين اکين ڏٺا:</verse>
				<verse number="4">پر خداوند توکي اڄوڪي ڏينهن تائين نہ اهڙي دل ڏني آهي جا سمجهي، نہ اهڙيون اکيون ڏنيون آهن جي ڏسن، ۽ نہ اهڙا ڪن ڏنا آهن جي ٻڌن.</verse>
				<verse number="5">مون چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ اوهان جي اڳواڻي ڪئي: ۽ نہ اوهان جي بت جا ڪپڙا پراڻا ٿيا، نڪي اوهان جي پير جي جتي پراڻي ٿي.</verse>
				<verse number="6">اوهان اڃا نڪا ماني کاڌي آهي، نڪي اوهان شراب يا ڪو ٻيو نشو پيتو آهي: انهي لاءِ تہ اوهين ڄاڻو تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.</verse>
				<verse number="7">جڏهن اوهين هن هنڌ آيا، تڏهن حسبون جو بادشاهہ سيحون، ۽ بسن جو بادشاهہ عوج، اسان جي برخلاف جنگ ڪرڻ آيا، ۽ اسان انهن کي ماريو:</verse>
				<verse number="8">۽ اسان انهن جو ملڪ ورتو، ۽ اهو بني روبن، ۽ بني جد، ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ورثي طور ڏنوسين.</verse>
				<verse number="9">تنهنڪري اوهين هن عهد جي ڳالهين تي خبرداري سان عمل ڪريو، تہ اوهين جيڪي ڪريو، تنهن ۾ فتحياب ٿيو.</verse>
				<verse number="10">اوهين سڀ اڄوڪي ڏينهن خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بيٺا آهيو؛ اوهان جا رئيس، اوهان جا قبيلا، اوهان جا بزرگ، اوهان جا عملدار، مطلب تہ اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو.</verse>
				<verse number="11">اوهان جا ننڍڙا ٻار، اوهان جون زالون، ۽ تنهنجيءَ منزلگاهہ ۾ رهندڙ مسافر، تنهنجي ڪاٺير کان وٺي تنهنجي بهشتيءَ تائين:</verse>
				<verse number="12">انهي لاءِ تہ خداوند تنهنجو خدا اڄوڪي ڏينهن توسان جيڪو عهد ٿو ڪري، ۽ قسم ٿو کڻي، تنهن ۾ تون داخل ٿين:</verse>
				<verse number="13">تہ هو اڄوڪي ڏينهن توکي پنهنجي خاص اُمت ٺهرائي قائم ڪري، ۽ هو تنهنجو خدا ٿئي، جيئن ڪ هن توکي چيو آهي، ۽ جيئن ڪ هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان، يعني ابرهام سان، اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.</verse>
				<verse number="14">آءٌ رڳو توسان هي عهد نٿو ڪريان، ۽ هي قسم نٿو کڻان؛</verse>
				<verse number="15">پر جيڪو بہ اڄ هتي اسان سان خداوند اسان جي خدا جي حضور ۾ بيٺو آهي، ۽ اڄ هتي اسان سان گڏ ناهي، تنهن کي بہ شامل ٿو ڪريان:</verse>
				<verse number="16">(ڇالاءِ جو اوهان کي خبر آهي تہ اسين مصر جي ملڪ ۾ ڪيئن ٿي رهياسين؛ ۽ جن قومن جي وچ مان اوهان کي لنگهڻو پيو، تن مان ڪيئن نڪري آياسين؛</verse>
				<verse number="17">۽ اوهان انهن جون مڪروهہ شيون ڏٺيون، ۽ انهن وٽ جيڪي ڪاٺ ۽ پهڻ، ۽ چانديءَ ۽ سون جا معبود هئا سي بہ ڏٺا):</verse>
				<verse number="18">سو ائين نہ ٿئي تہ اوهان ۾ ڪو اهڙو مرد، يا زال، يا خاندان، يا قبيلو هجي، جنهن جي دل اڄوڪي ڏينهن خداوند اسان جي خدا کان ڦري وڃي، ۽ وڃي انهن قومن جي معبودن جي عبادت ڪري؛ متان اوهان منجهہ ڪا اهڙي پاڙ هجي جا پتي ۽ گوماندر جهڙو ڪؤڙو ڦل ڏئي؛</verse>
				<verse number="19">۽ هيئن ٿئي، تہ اهڙو ماڻهو لعنت جون هي ڳالهيون ٻڌي، پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي مبارڪ سمجهي، ۽ چوي، تہ جيتوڻيڪ آءٌ هٺيلو ٿي سُڪن سان گڏ آلن کي بہ برباد ڪندس، تڏهن بہ سلامت رهندس:</verse>
				<verse number="20">پر خداوند انهي کي معاف نہ ڪندو، ۽ خداوند پنهنجيءَ غيرت جي ڪري انهي ماڻهوءَ تي ڏاڍو ڪاوڙبو، ۽ سڀ لعنتون، جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن سي انهي ماڻهوءَ تي پونديون، ۽ خداوند انهي جو نالو زمين تان مٽائي ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="21">۽ عهد جون سڀ لعنتون جيڪي هن شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، تن موجب سزا ڏيڻ لاءِ خداوند انهي کي اسرائيل جي سڀني قبيلن مان ڪڍي ڌار ڪندو.</verse>
				<verse number="22">۽ ايندڙ پيڙهين ۾، اوهان کان پوءِ جيڪو اوهان جو اولاد ٿيندو، ۽ ڌاريا ماڻهو جي ڪنهن ڏورانهين ملڪ کان ايندا، سي جڏهن انهي ملڪ جون آفتون ۽ خداوند جون موڪليل بيماريون ڏسندا،</verse>
				<verse number="23">۽ هي بہ ڏسندا تہ انهي جي ساري زمين کي گندرف، ۽ شورو لڳو پيو آهي، ۽ اهڙي تہ سڙي ويئي آهي، جو منجهس نڪا پوک ٿي ٿئي، نڪا پيداوار ٿي ٿئي، نڪو گاهہ ٿو اُڀري: اهو ملڪ سدوم، ۽ عمورہ، ۽ ادمہ، ۽ ضبوئيم وانگر ويران ٿي ويو آهي، جنهن کي خداوند پنهنجي غصي ۽ ڪاوڙ ۾ نابود ڪري ڇڏيو:</verse>
				<verse number="24">تڏهن اهي سڀ قومون پڇنديون، تہ خداوند هن ملڪ سان ائين ڇو ڪيو آهي؟ هيڏيءَ وڏيءَ ڪاوڙ جو سبب ڪهڙو آهي؟</verse>
				<verse number="25">تنهن تي ماڻهو چوندا، تہ انهي جو سبب هي آهي، تہ جڏهن خداوند هنن جي ابن ڏاڏن جو خدا کين مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو، تڏهن ساڻن جيڪو عهد ڪيو هئائين، سو هنن وساري ڇڏيو؛</verse>
				<verse number="26">۽ وڃي ٻين معبودن جي عبادت ڪيائون، ۽ انهن کي سجدو ڪيائون، جن جي کين خبر ڪانہ هئي، ۽ نڪي خداوند کين اهي ڏنا هئا:</verse>
				<verse number="27">تنهنڪري خداوند هن ملڪ تي ڏاڍو ڪاوڙيو، تہ جيڪي لعنتون هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، سي سڀ انهي تي موڪلي:</verse>
				<verse number="28">۽ خداوند غصي ۾، ڪاوڙ ۾، ۽ ڏاڍي چڙ ۾ ڀرجي هنن جي ملڪ مان سندن پاڙ پٽي ڪڍي، ۽ کين ٻئي ملڪ ۾ اُڇلايائين، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.</verse>
				<verse number="29">غيب جو مالڪ تہ خداوند اسان جو خدا آهي: پر جيڪي ڳالهيون ظاهر ڪيون ويون آهن، سي هميشہ لاءِ اسان جون ۽ اسان جي اولاد جون آهن، انهي لاءِ تہ اسين هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪريون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="30">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيندو، تہ جڏهن هي سڀ ڳالهيون توتي اچي پونديون، يعني برڪت ۽ لعنت، جا مون تنهنجي اڳيان رکي آهي، ۽ جن جن قومن ۾ خداوند تنهنجو خدا توکي هڪالي موڪليندو، تن سڀني ۾ تون انهن کي ياد ڪندين،</verse>
				<verse number="2">۽ خداوند پنهنجي خدا ڏانهن ڦرندين، ۽ جن ڳالهين جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي حڪم ٿو ڏيان، تن سڀني موجب تون پنهنجن ٻارن ٻچن سميت، پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان، هنن جي فرمانبرداري ڪندين؛</verse>
				<verse number="3">تڏهن خداوند تنهنجو خدا تنهنجو قيد ڦيرائي ڇڏيندو، ۽ توتي رحم ڪندو، ۽ جن جن قومن ۾ خداوند تنهنجي خدا توکي دربدر ڪيو هوندو، تن سڀني مان توکي موٽائي آڻي گڏ ڪندو.</verse>
				<verse number="4">۽ اوهان جي جلاوطن ڪيلن مان جيڪڏهن ڪو زمين جي ڇيڙي تائين هوندو، تہ اتان بہ خداوند تنهنجو خدا توکي آڻي گڏ ڪندو:</verse>
				<verse number="5">۽ خداوند تنهنجو خدا توکي انهي ملڪ ۾ آڻيندو جنهن تي تنهنجي ابن ڏاڏن جو قبضو هو؛ ۽ جنهن تي تنهنجو قبضو ٿيندو؛ ۽ هو توسان ڀلائي ڪندو، ۽ تنهنجي ابن ڏاڏن کان بہ توکي گهڻو وڌائيندو.</verse>
				<verse number="6">۽ خداوند تنهنجو خدا تنهنجيءَ، ۽ تنهنجي اولاد جي دل جو ختنو ڪندو، انهي لاءِ تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان پيار ڪرين، ۽ جيئرو رهين.</verse>
				<verse number="7">۽ خداوند تنهنجو خدا اهي سڀ لعنتون تنهنجن دشمنن تي وجهندو، جن توکان نفرت ڪئي، ۽ توکي تڪليف ڏني.</verse>
				<verse number="8">۽ تون موٽي وڃي خداوند جي فرمانبرداري ڪندين، ۽ هن جا حڪم جي آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن سڀني تي عمل ڪندين.</verse>
				<verse number="9">۽ خداوند تنهنجو خدا تنهنجي هٿ جي ڪمن کي، ۽ تنهنجي اولاد کي، ۽ تنهنجي چوپائي مال کي، ۽ تنهنجي ٻنيءَ جي پيداوار کي گهڻو وڌائي، توکي سکي ڪندو: ڇالاءِ تہ جيئن خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن تي خوش هو، تيئن هو وري توتي خوش ٿيندو، ۽ توسان ڀلائي ڪندو:</verse>
				<verse number="10">بشرطيڪ تون خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪندين، ۽ جيڪي سندس حڪم ۽ قانون، شريعت جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندين؛ ۽ پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان خداوند پنهنجي خدا ڏانهن ڦرندين.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو هي حڪم جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، سو تنهنجي لاءِ تمام ڏکيو ناهي، نڪي تمام پري آهي.</verse>
				<verse number="12">اهو آسمان ۾ ڪونهي، جو تون چوين تہ ڪير اسان جي لاءِ مٿي آسمان ۾ ويندو، ۽ اهو اسان وٽ آڻي اسان کي ٻڌائيندو، تہ اسين انهي تي عمل ڪريون؟</verse>
				<verse number="13">نڪي اهو سمنڊ جي پرئين ڀر آهي، جو تون چوين تہ ڪير اسان جي لاءِ سمنڊ جي پار ويندو، ۽ اهو اسان وٽ آڻي اسان کي ٻڌائيندو، تہ اسين انهي تي عمل ڪريون؟</verse>
				<verse number="14">پر اهو ڪلام توکي تمام ويجهو آهي: اهو تنهنجي وات ۾، ۽ تنهنجيءَ دل ۾ آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون مٿس عمل ڪرين.</verse>
				<verse number="15">ڏس، مون اڄوڪي ڏينهن تنهنجي اڳيان حياتي ۽ ڀلائي، موت ۽ بڇڙائي، ٻئي رکيا آهن؛</verse>
				<verse number="16">انهن بابت آءٌ اڄ توکي حڪم ٿو ڏيان، تہ خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪر، ۽ سندس واٽن تي هل، ۽ سندس حڪمن کي، ۽ سندس قانونن کي، ۽ سندس فيصلن کي مڃيندو رهہ، تہ تون جيئرو رهين ۽ وڌندو وڃين، ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، تنهن ۾ خداوند تنهنجو خدا توکي برڪت ڏئي.</verse>
				<verse number="17">پر جيڪڏهن تنهنجي دل ڦري ويندي، ۽ تون نہ ٻڌندين، ۽ ٻئي پاسي ڇڪجي وڃي ٻين معبودن جي بندگي ۽ عبادت ڪندين؛</verse>
				<verse number="18">تہ پوءِ آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي چتايان ٿو، تہ اوهين ضرور تباهہ ٿي ويندا؛ ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين يردن جي پار ٿا وڃو، تنهن ۾ اوهان جي عمر گهٽجي ويندي.</verse>
				<verse number="19">آءٌ اڄوڪي ڏينهن آسمان ۽ زمين کي اوهان تي شاهد ٿو ڪريان، تہ مون حياتي ۽ موت، برڪت ۽ لعنت ٻئي اوهان جي اڳيان رکيا آهن: تنهنڪري تون حياتيءَ کي پسند ڪر، تہ تون ۽ تنهنجو اولاد جيئرا رهو:</verse>
				<verse number="20">انهي لاءِ تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪرين، سندس فرمانبرداري ڪرين، ۽ منجهس قائم رهين: ڇالاءِ جو اهو ئي تنهنجي حياتي ۽ تنهنجي عمر جي درازي آهي: تہ جنهن ملڪ بابت خداوند تنهنجي خدا تنهنجي ابن ڏاڏن کي، يعني ابرهام، ۽ اسحاق، ۽ يعقوب کي قسم کڻي چيو هو تہ اوهان کي ڏيندس، تنهن ۾ تون وڃين رهين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="31">
				<verse number="1">۽ موسيٰ وڃي سڀني اسرائيلين کي اهي ڳالهيون ٻڌايون.</verse>
				<verse number="2">۽ انهن کي چيائين، تہ اڄ منهنجي عمر هڪ سؤ ويهن ورهين جي آهي، هاڻي آءٌ اندر ٻاهر اچي وڃي نٿو سگهان: ۽ خداوند مون کي چيو آهي، تہ تون هن يردن جي پرئين ڀر نہ ويندين.</verse>
				<verse number="3">سو هاڻي خداوند تنهنجو خدا تنهنجي اڳيان پار ويندو؛ ۽ هو انهن قومن کي تنهنجي اڳيان برباد ڪندو، ۽ تون انهن تي قبضو ڪندين: ۽ يشوع تنهنجي اڳيان پار ويندو، جيئن ڪ خداوند فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="4">۽ خداوند انهن سان ائين ڪندو جيئن امورين جي بادشاهن سيحون ۽ عوج سان، ۽ انهن جي ساري ملڪ سان ڪيو هئائين؛ جن کي هن برباد ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="5">جڏهن خداوند انهن کي اوهان جي حوالي ڪري، تڏهن اوهين ساڻن انهن سڀني حڪمن موجب هلت ڪجو، جي مون اوهان کي ڏنا آهن.</verse>
				<verse number="6">زور ڀريا ۽ همت وارا ٿيو، ڊڄو نہ، نڪي انهن کان ڪو خوف ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا پاڻ تو سان ٿو هلي؛ هو توکي نااُميد نہ ڪندو، نڪي توکي ڇڏي ڏيندو.</verse>
				<verse number="7">پوءِ موسيٰ يشوع کي سڏي، سڀني اسرائيلين جي اڳيان چيائينس تہ زور ڀريو ۽ همت وارو ٿيءُ: ڇالاءِ جو تون هن اُمت سان گڏجي انهي ملڪ ۾ ويندين، جنهن بابت خداوند هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کڻي چيو هو تہ هنن کي ڏيندو؛ ۽ تون هنن کي انهي جو وارث ڪندين.</verse>
				<verse number="8">۽ خداوند پاڻ تنهنجي اڳيان ٿو هلي، اهو توسان رهندو، هو توکي نااُميد نہ ڪندو، نڪي توکي ڇڏي ڏيندو: ڊڄ نہ، ۽ نہ ڪو خوف ڪر.</verse>
				<verse number="9">۽ موسيٰ هيءَ شريعت لکي بني لاويءَ کي، جي ڪاهن هئا، ۽ خداوند جي عهد جي صندوق کڻندا هئا، ۽ اسرائيل جي سڀني بزرگن کي ڏني.</verse>
				<verse number="10">۽ موسيٰ انهن کي حڪم ڏيئي چيو، تہ ستن ورهين جي پڇاڙيءَ ۾، ڇوٽڪاري واري سال جي مقرر ڪيل وقت تي، تنبن واريءَ عيد تي،</verse>
				<verse number="11">جڏهن سڀ اسرائيلي خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾ سندس چونڊيل هنڌ اچي حاضر ٿين، تڏهن تون هيءَ شريعت سڀني اسرائيلين کي پڙهي ٻڌائج.</verse>
				<verse number="12">۽ تون سڀني ماڻهن کي، يعني مردن ۽ زالن ۽ ٻارن کي ۽ جيڪي پرديسي تنهنجي شهر ۾ هجن، تن سڀني کي گڏ ڪج، تہ اهي ٻڌن، ۽ سکن، ۽ خداوند تنهنجي خدا کان ڊڄندا رهن، ۽ هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي خبرداريءَ سان عمل ڪن؛</verse>
				<verse number="13">۽ انهن جا ٻار، جن کي ڪابہ خبر ڪانهي، سي بہ ٻڌن، ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين يردن جي پار ٿا وڃو، تنهن ۾ جيستائين اوهين رهو تيستائين اهي خداوند تنهنجي خدا کان ڊڄڻ سکن.</verse>
				<verse number="14">پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو، تہ ڏس تنهنجي مرڻ جا ڏينهن ويجها آيا آهن: سو تون يشوع کي سڏ ۽ اوهين جماعت واري تنبوءَ ۾ وڃي حاضر ٿيو، تہ آءٌ هن کي حڪم ڏيان. تنهن تي موسيٰ ۽ يشوع وڃي جماعت واري تنبوءَ ۾ حاضر ٿيا.</verse>
				<verse number="15">۽ خداوند تنبوءَ منجهہ ڪڪر جي ٿنڀ ۾ ظاهر ٿيو: ۽ اهو ڪڪر جو ٿنڀ تنبوءَ جي در تي بيهي رهيو.</verse>
				<verse number="16">تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو، تہ ڏس، تون پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ سمهي پوندين؛ ۽ ماڻهو جنهن ملڪ ۾ رهڻ جي لاءِ وڃن ٿا، اُتي جي ڌارين معبودن جي پيروي ڪري زناڪاري ڪندا، ۽ مون کي ڇڏي ڏيندا، ۽ جيڪو عهد مون ساڻن ڪيو آهي سو ڀڃي ڇڏيندا.</verse>
				<verse number="17">تڏهن انهي ڏينهن مون کي ماڻهن تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي، ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي ڏيندس، ۽ پنهنجو منهن انهن کان لڪائي ڇڏيندس، ۽ اهي کاڄ ٿي ويندا، ۽ گهڻيون ئي خرابيون ۽ مصيبتون مٿن اينديون؛ جنهن ڪري انهي ڏينهن اهي چوندا، تہ هي خرابيون اسان تي انهي ڪري نہ آيون آهن ڇا جو اسان جو خدا اسان منجهہ ڪونهي.</verse>
				<verse number="18">۽ ٻين معبودن ڏانهن ڦري جيڪي برايون اهي ڪندا، تن سڀني جي ڪري آءٌ ضرور کانئن پنهنجو منهن لڪائي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="19">تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجي لاءِ هي گيت لکو، ۽ اهو تون بني اسرائيل کي سيکار: ۽ کين ياد ڪراءِ تہ ڀلي اهو گيت بني اسرائيل تي منهنجي پاران شاهد هجي.</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ تہ جڏهن آءٌ هنن کي انهي ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن بابت مون هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، ۽ جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي؛ ۽ جڏهن هو کائي پيٽ ڀري ٿلها متارا ٿيندا؛ تڏهن هو ٻين معبودن ڏانهن ڦرندا، ۽ انهن جي عبادت ڪندا، ۽ منهنجي حقارت ڪندا، ۽ منهنجو عهد ڀڃندا.</verse>
				<verse number="21">۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن گهڻيون ئي خرابيون ۽ مصيبتون انهن تي اينديون، تڏهن هي گيت انهن تي شاهد وانگر شاهدي ڏيندو؛ ڇالاءِ جو اهو هنن جي اولاد جي وات مان وسري ڪين ويندو، ڇو جو مون کي خبر آهي، تہ هاڻي ئي، يعني جنهن ملڪ بابت مون قسم کنيو هو، تنهن ۾ آءٌ کين پهچايان تنهن کان اڳ ۾ ئي، انهن جا خيال ڪيڏانهن پيا ڊوڙن.</verse>
				<verse number="22">سو موسيٰ اهو گيت انهي ساڳي ڏينهن لکيو، ۽ بني اسرائيل کي سيکاريائين.</verse>
				<verse number="23">۽ هن نون جي پٽ يشوع کي نصيحت ڪئي، ۽ چيائينس تہ زور ڀريو ۽ همت وارو ٿي؛ ڇالاءِ جو تون بني اسرائيل کي انهي ملڪ ۾ آڻيندين جنهن بابت مون ساڻن قسم کنيو هو: ۽ آءٌ توسان هوندس.</verse>
				<verse number="24">۽ هيئن ٿيو، تہ جڏهن موسيٰ هن شريعت جون سڀ ڳالهيون هڪڙي ڪتاب ۾ لکي چڪو، ۽ اهي پوريون ٿيون،</verse>
				<verse number="25">تڏهن لاوي، جي خداوند جي عهد جي صندوق کڻندا هئا، تن کي موسيٰ حڪم ڏيئي چيو، تہ</verse>
				<verse number="26">هي شريعت جو ڪتاب کڻي، خداوند پنهنجي خدا جي عهد جي صندوق جي پاسي ۾ رکو، تہ ڀلي تہ اها اوهان تي شاهدي هجي.</verse>
				<verse number="27">ڇالاءِ جو مون کي اوهان جي بغاوت ۽ اوهان جي هٺ جي خبر آهي: ڏسو، اڄ تائين آءٌ اوهان سان جيئرو ويٺو آهيان، تڏهن بہ اوهان خدا جي برخلاف بغاوت پئي ڪئي آهي؛ سو منهنجي مُئي کان پوءِ ڪيترو نہ وڌيڪ ائين ڪندا؟</verse>
				<verse number="28">اوهين پنهنجن قبيلن جي سڀني بزرگن کي، ۽ پنهنجي عملدارن کي مون وٽ وٺي اچو، تہ آءٌ انهن جي ٻڌندي هي ڳالهيون چوان، ۽ آسمان ۽ زمين کي مٿن شاهد ڪريان.</verse>
				<verse number="29">ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ منهنجي مرڻ کان پوءِ اوهين پاڻ کي بلڪل بگاڙي ڇڏيندا، ۽ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن کان ڦري ويندا؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ اوهان تي ڏک ايندا؛ ڇالاءِ جو اوهين اهي ڪم ڪندا جي خداوند جي نظر ۾ خراب آهن، ۽ اوهين پنهنجن هٿن جي ڪمن سان هن کي غصو ڏياريندا.</verse>
				<verse number="30">پوءِ موسيٰ هن گيت جا لفظ اسرائيل جي ساريءَ جماعت کي پڇاڙيءَ تائين چئي ٻڌايا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="32">
				<verse number="1">اي آسمانو ڪن ڏيو، جو آءٌ ڳالهايان ٿو؛ ۽ ڀلي تہ زمين منهنجي وات جون ڳالهيون ٻڌي.</verse>
				<verse number="2">منهنجي تعليم مينهن وانگي وسندي، ۽ منهنجي تقرير ماڪ وانگي پوندي؛ جهڙيءَ طرح سنهي گاهہ تي مينهن جي ڦڙڦڙ پوندي آهي، ۽ ٻوٽن تي وسڪار ٿيندي آهي:</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو آءٌ خداوند جي نالي جو اعلان ڪندس: اوهين اسان جي خدا جي تعظيم ڪريو.</verse>
				<verse number="4">اهو ٽڪر آهي، ۽ سندس ڪم ڪامل آهي؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ رستا انصاف وارا آهن: هو سچو ۽ گناهہ کان پاڪ آهي، هو عادل ۽ راستباز آهي.</verse>
				<verse number="5">هنن ساڻس خراب هلت ڪئي آهي، اهي سندس ٻار نہ آهن، اهو سندن عيب آهي؛ هوءَ گمراهہ ۽ ڏنگي قوم آهي.</verse>
				<verse number="6">اڙي بي عقل ۽ نادان قوم، اوهين خداوند کي اهو عيوضو ٿا ڏيو ڇا؟ هو اوهان جو ابو ناهي ڇا جنهن اوهان کي خريد ڪيو آهي؟ هن توکي جوڙيو، ۽ قائم ڪيائين.</verse>
				<verse number="7">اڳوڻا ڏينهن ياد ڪر، گهڻين پيڙهين تي غور ڪر: پنهنجي پيءُ کان پڇ، تہ اهو توکي سمجهائي؛ پنهنجن بزرگن کان پڇ، تہ اهي توکي ٻڌائين.</verse>
				<verse number="8">جڏهن خدا تعاليٰ قومن کي سندن ورثو ڏنو، جڏهن هن بني آدم کي ڌار ڌار ڪيو، تڏهن هن بني اسرائيل جي شمار موجب قومن جون حدون مقرر ڪيون.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو خداوند جو حصو سندس اُمت آهي؛ يعقوب هن جي ورثي جو ڀاڱو آهي.</verse>
				<verse number="10">خداوند هن کي رڻ پٽ ۾، ۽ سڃي ۽ خوفناڪ بيابان ۾ لڌو هو؛ هو انهي جي آس پاس رهيو، ۽ انهي جي سنڀال ڪيائين، ۽ انهي کي پنهنجيءَ اک جي ماڻڪيءَ وانگر رکيائين.</verse>
				<verse number="11">جيئن عقاب پنهنجي آکيري کي چوري پوري، پنهنجن ٻچن جي مٿان پر پکيڙيندو آهي، تيئن هن پنهنجا پر پکيڙي انهن کي پنهنجن ٻانهن تي کنيو آهي:</verse>
				<verse number="12">خداوند ئي انهي جي رهبري ڪئي، ۽ هن سان ٻيو ڪوبہ معبود ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="13">هن انهي کي زمين جي مٿانهين جاين تي سوار ڪيو، ۽ هن انهيءَ زمين جي پيداوار کاڌي، ۽ هن انهي کي ٽڪريءَ مان ماکي، ۽ چقمق جي جبل مان تيل چوسايو؛</verse>
				<verse number="14">هن انهن کي ڳئن جو مکڻ، ۽ رڍن جو کير، ۽ گهيٽن جي چرٻي، ۽ بسن جي نسل جا گهٽا، ۽ ٻڪر، ڪڻڪ جي اٽي سميت ڏنا؛ تو انگور جي رس جو شراب پيتو.</verse>
				<verse number="15">پر يسورن مچي ٿلهو ٿيو، ۽ لتون هڻڻ لڳو: تون ٿلهو ٿيو آهين، تون متارو ٿيو آهين، تون سڻڀو ٿيو آهين: تڏهن هن خدا کي ڇڏي ڏنو جنهن کيس جوڙيو، ۽ پنهنجي نجات جي ٽڪر جي بي قدري ڪيائين.</verse>
				<verse number="16">انهن هن کي ڌارين جي سبب غيرت ڏياري، ۽ مڪروهہ شين جي ڪري کيس ڪاوڙايائون.</verse>
				<verse number="17">انهن ڀوتن جي لاءِ قربانيون چاڙهيون، نہ خدا لاءِ؛ ۽ اهڙن معبودن جي لاءِ جن جا هو واقف نہ هئا، يعني نوَن نوَن معبودن جي لاءِ، جن کان سندن ابا ڏاڏا نہ ڊڄندا هئا.</verse>
				<verse number="18">جنهن ٽڪر توکي پيدا ڪيو، تنهن جي توکي يادگيري ڪانهي، جنهن توکي خلقيو، تنهن کي تو وساري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="19">خداوند اهو ڏٺو، ۽ انهن کان نفرت ٿيس، ڇالاءِ جو انهي جي پٽن ۽ ڌين کيس ڪاوڙايو.</verse>
				<verse number="20">تڏهن هن چيو، تہ آءٌ پنهنجو منهن انهن کان لڪائي ڇڏيندس، ۽ آءٌ ڏسندس تہ انهن جو حال ڪهڙو ٿو ٿئي: ڇالاءِ جو اهي تمام ضدي پيڙهي، ۽ بي ايمان اولاد آهن.</verse>
				<verse number="21">جيڪو خدا ناهي تنهن جي سبب انهن مون کي غيرت ڏياري آهي؛ ۽ پنهنجين اجاين ڳالهين جي ڪري مون کي ڪاوڙايو اٿن: سو آءٌ بہ انهن کي اهڙن ماڻهن جي سبب غيرت ڏياريندس جي اُمت نہ آهن؛ ۽ هڪڙيءَ بي عقل قوم جي ڪري کين ڪاوڙائيندس.</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ جو منهنجي غصي جي باهہ ڀڙڪو کاڌو آهي، جا اوڙاهہ جي تري تائين ٻرندي ويندي، ۽ زمين کي سندس پيداوار سميت ڀسم ڪري ڇڏيندي، ۽ جبلن جي بنيادن کي بہ ساڙي ڇڏيندي.</verse>
				<verse number="23">آءٌ انهن تي آفتن جا ڍير ڪندس: ۽ پنهنجا تير مٿن کپائي ڇڏيندس:</verse>
				<verse number="24">اهي بک سان ڳري ويندا، ۽ سخت گرميءَ سان ڀسم ٿي ويندا؛ آءٌ انهن تي جهنگلي جانورن جا ڏند، ۽ زمين تي سرندڙ جيتن جو زهر موڪليندس.</verse>
				<verse number="25">اهي ٻاهر ترار سان، ۽ اندر ڪوٺين ۾ ڊپ جي ڪري مرندا؛ جوان ماڻهو، ڪنواريون ڇوڪريون، کير پياڪ ٻار ۽ پير مرد، سڀ ائين برباد ٿيندا.</verse>
				<verse number="26">مون چيو تہ آءٌ انهن کي پري پري پکيڙي ڇڏيندس، آءٌ انهن جي يادگيري ماڻهن منجهان ڪڍي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="27">پر مون کي دشمن جي چيڙائڻ جو خيال ٿيو، تہ متان انهن جا مخالف اُبتو سمجهن، ۽ چون تہ اسين پنهنجي هٿ سان سرفراز ٿيا آهيون، ۽ خداوند هي سڀ نہ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="28">ڇالاءِ جو اها قوم بي عقل آهي، ۽ منجهن ڪابہ سمجهہ ڪانهي.</verse>
				<verse number="29">شل اهي داناءَ هجن ها تہ چڱو هو، تہ انهيءَ جي سمجهہ پوين ها، ۽ پنهنجي پڇاڙيءَ تي غور ڪن ها!</verse>
				<verse number="30">جيڪڏهن انهن جو ٽڪر کين وڪڻي نہ ڇڏي ها، ۽ خداوند انهن کي حوالي نہ ڪرائي ها، تہ ڪيئن هڪڙو ڄڻو هزار جي پٺيان پوي ها، ۽ ٻہ ڄڻا ڏهن هزارن کي ڀڄائي ڪڍن ها؟</verse>
				<verse number="31">ڇالاءِ جو انهن جو ٽڪر اسان جي ٽڪر جهڙو نہ آهي، خود اسان جا دشمن بہ اهو قبولين ٿا.</verse>
				<verse number="32">ڇالاءِ جو انهن جي ڊاک صدوم جي منهہ، ۽ عمورہ جي ٻنين جهڙي آهي: انهن جا انگور پت سان ڀريل آهن، ۽ انهن جا ڇڳا ڪوڙا آهن.</verse>
				<verse number="33">انهن جو شراب نانگن جو وِهہ، ۽ سپن جو موتمار زهر آهي.</verse>
				<verse number="34">اهو مون وٽ گڏ ٿيل، ۽ منهنجن خزانن ۾ مهر سان بند ٿيل نہ رکيو آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="35">وير وٺڻ، ۽ بدلو ڏيڻ منهنجو ڪم آهي، جڏهن انهن جو پير ترڪندو؛ ڇالاءِ جو انهن جي مصيبت جو ڏينهن ويجهو آهي، ۽ جيڪي حادثا انهن تي اچڻا آهن سي جلد ايندا.</verse>
				<verse number="36">ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت جو انصاف ڪندو، ۽ پنهنجن ٻانهن تي قياس ڪندو؛ جڏهن هو ڏسندو تہ سندن زور هليو ويو آهي، ۽ منجهن نڪو قيدي نڪو آزاد بچيو آهي.</verse>
				<verse number="37">۽ چوندو تہ هنن جا معبود ڪٿي آهن، اهو ٽڪر جنهن تي هنن جو ڀروسو هو؛</verse>
				<verse number="38">جن هنن جي قربانين جي چرٻي ٿي کاڌي، ۽ هنن جي پيئڻ وارين قربانين جو شراب ٿي پيتو؟ ڀلي اهي اُٿي اچي اوهان جي مدد ڪن، ڀلي تہ اهي اوهان جو بچاءُ ٿين.</verse>
				<verse number="39">هاڻي ڏسو، تہ اهو هڪڙو ئي آءٌ آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي: آءٌ ماريان ٿو، ۽ آءٌ جياريان ٿو؛ مون ڦٽيو آهي، ۽ آءٌ ڇُٽايان ٿو: ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو منهنجي هٿان ڇڏائي سگهي.</verse>
				<verse number="40">ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن کڻي ٿو چوان، تہ مون کي پنهنجيءَ هميشہ جي زندگيءَ جو قسم آهي، تہ</verse>
				<verse number="41">جيڪڏهن آءٌ پنهنجي چمڪندڙ ترار تکي ڪندس، ۽ عدالت جو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کڻندس؛ تہ پوءِ جيڪي منهنجي مخالفت ٿا ڪن، تن کان وير وٺندس، ۽ جيڪي مون سان دشمني ٿا رکن، تن کي بدلو ڏيندس.</verse>
				<verse number="42">آءٌ پنهنجن تيرن کي رت پياريندس، ۽ منهنجي ترار ماس کائيندي؛ اهو رت قيدين ۽ قتل ٿيلن دشمن جي سردارن جو هوندو.</verse>
				<verse number="43">اي قومون، اوهين سندس اُمت سان خوشيون ڪريو؛ ڇالاءِ جو هو پنهنجن ٻانهن جي خون جو وير وٺندو، ۽ جيڪي هن جي مخالفت ٿا ڪن، تن کي بدلو ڏيندو؛ ۽ پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجيءَ اُمت جي لاءِ ڪفارو ڪندو.</verse>
				<verse number="44">پوءِ موسيٰ آيو، ۽ هن، ۽ نون جي پٽ يشوع، هن گيت جا لفظ ماڻهن کي چئي ٻڌايا.</verse>
				<verse number="45">۽ جڏهن موسيٰ اهي ڳالهيون سڀني اسرائيلين کي ٻڌائي چڪو:</verse>
				<verse number="46">تڏهن انهن کي چيائين، تہ جن ڳالهين بابت مون اڄوڪي ڏينهن اوهان جي اڳيان شاهدي ڀري آهي، تن سڀني کي اوهين پنهنجيءَ دل ۾ ڄمائي رکجو؛ ۽ انهن بابت پنهنجن ٻارن کي حڪم ڏجو، تہ اهي هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪن.</verse>
				<verse number="47">ڇالاءِ جو اها اوهان جي لاءِ ڪا اجائي شيءِ نہ آهي؛ پر اها اوهان جي زندگي آهي، ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين يردن جي پار ٿا وڃو، تنهن ۾ انهيءَ جي ڪري اوهان جي عمر وڏي ٿيندي.</verse>
				<verse number="48">۽ انهي ساڳئي ڏينهن خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس، تہ</verse>
				<verse number="49">تون هن عباريم جبل تي چڙهي، نبو واري جبل تي وڃ، جو موآب جي ملڪ ۾ يريحو جي سامهون آهي؛ ۽ اتان ڪنعان جو ملڪ ڏس، جو آءٌ بني اسرائيل کي ورثي لاءِ ٿو ڏيان:</verse>
				<verse number="50">۽ جنهن جبل تي تون چڙهين ٿو انهي تي تون وفات ڪندين، ۽ پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبين؛ جهڙيءَ طرح ڪ تنهنجو ڀاءُ هارون حور جبل تي مئو، ۽ پنهنجن وڏن سان وڃي گڏيو:</verse>
				<verse number="51">انهي لاءِ جو اوهان صين جي بيابان ۾، ۽ قادس جي مريبہ واري چشمي وٽ، بني اسرائيل جي وچ ۾ منهنجو ڏوهہ ڪيو هو؛ ڇوتہ اوهان بني اسرائيل جي وچ ۾ منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي.</verse>
				<verse number="52">تنهنڪري جيڪو ملڪ آءٌ بني اسرائيل کي ڏيان ٿو، سو تون پنهنجي اڳيان ڏسندين، پر تون انهي ملڪ ۾ داخل ڪين ٿيندين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="33">
				<verse number="1">خدا جي ٻانهي موسيٰ پنهنجي مرڻ کان اڳي بني اسرائيل کي جيڪا برڪت ڏني سا هيءَ آهي.</verse>
				<verse number="2">هن چيو تہ، خداوند سينا مان آيو ۽ شعير مان انهن تي ظاهر ٿيو؛ هو فاران جبل مان چمڪيو ۽ لکن پاڪ ماڻهن منجهان آيو: هن جي ساڄي هٿ ۾ انهن جي لاءِ باهہ جهڙي شريعت هئي.</verse>
				<verse number="3">هائو، هو اُمت کي پيار ٿو ڪري، هن جا سڀ پاڪ ماڻهو تنهنجي هٿ ۾ آهن: ۽ اهي تنهنجن قدمن وٽ ويٺا؛ هرڪو تنهنجي ڪلام کي قبوليندو.</verse>
				<verse number="4">موسيٰ اسان کي هڪڙيءَ شريعت جو حڪم ڏنو، جا يعقوب جي جماعت لاءِ ميراث هئي.</verse>
				<verse number="5">جڏهن اُمت جا رئيس، ۽ اسرائيل جا سڀ قبيلا اچي گڏ ٿيا، تڏهن هو يسورون ۾ بادشاهہ هو.</verse>
				<verse number="6">روبن ڀلي تہ جيئرو رهي ۽ نہ مري؛ تڏهن بہ انهي جا ماڻهو ٿورا هجن.</verse>
				<verse number="7">يهوداهہ جي لاءِ هيءَ برڪت آهي: ۽ هن چيو تہ، اي خداوند يهوداهہ جو آواز ٻڌ، ۽ هن کي سندس ماڻهن ۾ پهچاءِ: هو پنهنجي لاءِ پنهنجن هٿن سان وڙهيو؛ تون هن جي دشمن جي برخلاف سندس واهر ڪندين.</verse>
				<verse number="8">لاويءَ جي بابت هن چيو تہ، تنهنجو تميم ۽ اوريم انهي خدا جي ٻانهي وٽ آهي: جنهن کي تو مسہ ۾ آزمايو، ۽ جنهن سان تو مريبہ جي چشمي وٽ جهيڙو ڪيو؛</verse>
				<verse number="9">جنهن پنهنجي ماءُ پيءُ بابت چيو، تہ مون انهن کي نہ ڏٺو آهي؛ نڪي هن پنهنجن ڀائرن کي قبول ڪيو، نڪي هن خود پنهنجن ٻارن کي سڃاتو: ڇالاءِ جو انهن تنهنجي ڪلام تي عمل ڪيو آهي، ۽ اهي تنهنجي عهد کي مڃين ٿا.</verse>
				<verse number="10">اهي يعقوب کي تنهنجا فيصلا، ۽ اسرائيل کي تنهنجي شريعت سيکاريندا، اهي تنهنجي حضور ۾ لوبان ساڙيندا، ۽ تنهنجيءَ قربانگاهہ تي پوري قرباني چاڙهيندا.</verse>
				<verse number="11">اي خداوند، هن جي مال متاع ۾ برڪت وجهہ، ۽ هن جي هٿن جو ڪم قبول ڪر: جيڪي انهن جي برخلاف کڙا ٿين، ۽ جيڪي انهن سان عداوت رکن، تن جي چيلهہ ڀڃي ڇڏ تہ هو وري نہ اُٿن.</verse>
				<verse number="12">بنيمين جي بابت هن چيو، تہ خداوند جو پيارو هن وٽ سلامتيءَ سان رهندو؛ هو سارو ڏينهن انهي کي ڍڪي بيٺو آهي، ۽ سندس ڪلهن جي وچ ۾ ٿو رهي.</verse>
				<verse number="13">يوسف جي بابت هن چيو، تہ شل هن جي زمين تي خداوند جي برڪت هجي؛ آسمان جي قيمتي شين جي، ماڪ جي، اونهي سمنڊ جي؛</verse>
				<verse number="14">۽ سج جي پڪل قيمتي ميون جي، چنڊ جي اثر کان پيدا ٿيل قيمتي شين جي،</verse>
				<verse number="15">قديم جبلن جي قيمتي شين جي، هميشہ قائم رهندڙ ٽڪرن جي قيمتي شين جي،</verse>
				<verse number="16">زمين جي قيمتي شين ۽ انهيءَ جي ڀرپورائيءَ جي، ۽ جيڪو ٻوڙي ۾ هو تنهن جي خير خواهيءَ جي برڪت شل يوسف جي مٿي تي اچي، يعني جيڪو پنهنجي ڀائرن کان ڌار هو، تنهن جي مٿي جي چوٽيءَ تي شل انهن سڀني شين جي برڪت نازل ٿئي.</verse>
				<verse number="17">هن جو شان ڍڳي جي پهرئين ڦر جهڙو آهي؛ هن جا سڱ جهنگلي سان جي سڱن جهڙا آهن: انهن سان هو سڀني قومن کي ڌڪي، زمين جي ڇيڙي تائين پهچائيندو: اهي افرائيم جا لک، ۽ منسيءَ جا هزار آهن.</verse>
				<verse number="18">زبولون جي بابت هن چيو، تہ اي زبولون، تون ٻاهر وڃڻ وقت، ۽ اي اشڪار، تون پنهنجن تنبن ۾، خوش رهہ.</verse>
				<verse number="19">اهي قومن کي جبل ڏانهن سڏيندا؛ اتي هو سچائيءَ جون قربانيون پيش ڪندا: ڇالاءِ جو اهي سمنڊ جي ملڪيت، ۽ ريتيءَ ۾ لڪل خزانا حاصل ڪندا.</verse>
				<verse number="20">جد جي بابت هن چيو، تہ جيڪو جد کي وڌائي سو شل مبارڪ هجي: هو شينهڻ وانگر ٿو رهي، ۽ ٻانهن کي، بلڪ مٿي جي چوٽيءَ کي ڦاڙيو ڇڏي.</verse>
				<verse number="21">هن پنهنجي لاءِ پهريون حصو چونڊيو؛ ڇالاءِ جو اتي شريعت ڏيڻ واري جو مقرر حصو رکيل هو؛ ۽ هو اُمت جي رئيسن سان آيو، ۽ هن خداوند جي انصاف جي ۽ اسرائيل جي بابت سندس فيصلن جي تعميل ڪئي.</verse>
				<verse number="22">۽ دان جي بابت هن چيو، تہ دان شينهڻ جو ٻچو آهي، جو بسن مان ٽپ ڏيئي ٿو اچي.</verse>
				<verse number="23">۽ نفتاليءَ جي بابت هن چيو، تہ اي نفتالي، تون مهربانيءَ سان ڍاول، ۽ خداوند جي برڪت سان ڀريل آهين: تون اُلهندو ۽ ڏکڻ پنهنجي قبضي ۾ ڪر.</verse>
				<verse number="24">۽ آشر جي بابت هن چيو، تہ شل آشر اولاد سميت مبارڪ هجي، شل ڀائرن وٽ قبول پوي، ۽ شل هو پنهنجو پير تيل ۾ ٻوڙي.</verse>
				<verse number="25">تنهنجي جتي لوهہ ۽ پتل جي ٿيندي؛ ۽ جهڙا تنهنجا ڏينهن اهڙي ئي تنهنجي طاقت ٿيندي.</verse>
				<verse number="26">اي يسورون، خداوند جهڙو ٻيو ڪونهي، جو تنهنجي مدد جي لاءِ آسمان تي، ۽ پنهنجي جلال جي لاءِ عرش تي سواري ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="27">ازلي خدا تنهنجي پناهہ آهي، ۽ هن جون مدامي ٻانهون تنهنجي هيٺان آهن: ۽ هن دشمن کي تنهنجي اڳيان ڌڪي ڪڍيو، ۽ چيائين تہ هن کي برباد ڪري ڇڏ.</verse>
				<verse number="28">اسرائيل سلامتيءَ سان ٿو رهي، ۽ يعقوب جو چشمو اڪيلو، ان ۽ مئي جي ملڪ ۾ ٿو رهي؛ هائو، هن تي آسمان مان ماڪ ٿي پوي.</verse>
				<verse number="29">اي اسرائيل، تون مبارڪ آهين: خداوند توکي بچايو آهي، تو جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي، خداوند تنهنجي مدد جي ڍال، ۽ تنهنجيءَ وڏائيءَ جي ترار آهي! تنهنجا دشمن اچي تو وٽ پيش پوندا؛ ۽ تون اُنهن جا مٿانهان مڪان لتاڙي ڇڏيندين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="34">
				<verse number="1">پوءِ موسيٰ موآب جي ميدان مان نبو جبل جي پسگہ نالي چوٽيءَ تي چڙهي ويو، جا يريحو جي سامهون آهي، ۽ خداوند هن کي جلعاد جو سڄو ملڪ دان تائين،</verse>
				<verse number="2">۽ نفتاليءَ جو سڄو ملڪ، ۽ افرائيم ۽ منسيءَ جو سڄو ملڪ، ۽ يهوداهہ جو سڄو ملڪ، پٺين سمنڊ تائين؛</verse>
				<verse number="3">۽ ڏکڻ جو ملڪ، ۽ کجين جي وڻن واري شهر يريحو جي ماٿريءَ وارو ميدان ضغر تائين ڏيکاريو.</verse>
				<verse number="4">۽ خداوند هن کي چيو، تہ هي اهو ملڪ آهي، جنهن بابت مون ابرهام سان، ۽ اسحاق سان، ۽ يعقوب سان، قسم کڻي چيو هو تہ اهو تنهنجي اولاد کي ڏيندس: اهو مون توکي تنهنجين اکين سان ڏيکاريو آهي، پر تون لنگهي انهي تائين نہ ويندين.</verse>
				<verse number="5">سو خداوند جي ٻانهي موسيٰ، خداوند جي حڪم موجب، موآب جي ملڪ ۾ وفات ڪئي.</verse>
				<verse number="6">۽ هو موآب جي ماٿريءَ ۾ بيت فغور جي سامهون دفن ڪيو ويو: پر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي انهي جي قبر جي خبر ڪانهي.</verse>
				<verse number="7">جڏهن موسيٰ وفات ڪئي، تڏهن سندس عمر هڪ سؤ ويهہ ورهيہ هئي: هن جي اکين ۾ اڃا ڌنڌ بہ ڪونہ ٿيو هو، نڪا سندس بدن جي طاقت گهٽي هئي.</verse>
				<verse number="8">۽ بني اسرائيل موسيٰ جي لاءِ موآب جي ميدان ۾ ٽيهہ ڏينهن ماتم ڪيو: پوءِ موسيٰ جي لاءِ ماتم ڪرڻ ۽ روئڻ جا ڏينهن پورا ٿيا.</verse>
				<verse number="9">۽ نون جو پٽ يشوع دانائيءَ جي روح سان ڀرپور هو؛ ڇالاءِ جو موسيٰ پنهنجا هٿ مٿس رکيا هئا: ۽ خداوند جيڪو حڪم موسيٰ کي ڏنو هو تنهن موجب بني اسرائيل هن جي فرمانبرداري ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="10">انهي وقت کان وٺي اسرائيل ۾ موسيٰ جهڙو نبي پيدا ڪونہ ٿيو، جنهن سان خداوند روبرو ملاقات ڪئي؛</verse>
				<verse number="11">۽ جنهن کي خداوند مصر جي ملڪ ۾ فرعون ڏانهن، ۽ سندس نوڪرن ڏانهن، ۽ سندس ساري ملڪ ڏانهن، نشان ۽ معجزا ڏيکارڻ لاءِ موڪليو؛</verse>
				<verse number="12">جيئن موسيٰ ساري اسرائيل جي اڳيان زوراور هٿ سان خوفناڪ ڪم ڪري ڏيکاريا.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="6">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">هاڻي خداوند جي ٻانهي موسيٰ جي مرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو، جو خداوند موسيٰ جي خادم يشوع بن نون سان ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ،</verse>
				<verse number="2">منهنجو ٻانهو موسيٰ مري ويو آهي؛ تنهنڪري هاڻي اُٿ ۽ هن سڄيءَ قوم سميت يردن جي پار لنگهي هن ملڪ ۾ وڃ، جو آءٌ بني اسرائيل کي ٿو ڏيان.</verse>
				<verse number="3">جنهن جنهن جاءِ تي تنهنجو پير پوندو، سا مون اوهان کي ڏني آهي، جيئن ڪ مون موسيٰ کي چيو هو.</verse>
				<verse number="4">بيابان، ۽ هن لبنان کان وٺي وڏيءَ نديءَ، يعني فرات نديءَ تائين، حتين جو سارو ملڪ، ۽ اُلهندي ڏي وڏي سمنڊ تائين، اوهان جي سرحد ٿيندي.</verse>
				<verse number="5">تنهنجي سڄي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ ڪوبہ ماڻهو تنهنجي سامهون بيهي نہ سگهندو: جيئن آءٌ موسيٰ سان هوس، تيئن توسان بہ هوندس: آءٌ توکي وساري نہ ڇڏيندس، نڪي توکي ڇڏي ڏيندس.</verse>
				<verse number="6">مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار: ڇالاءِ جو جنهن ملڪ جي نسبت ۾ مون هنن ماڻهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ کين ڏيندس، اها تون کين ورثو ڪري وٺي ڏيندين.</verse>
				<verse number="7">رڳو مضبوط ۽ تمام همت وارو ٿي، ۽ انهيءَ سڄي شريعت موجب ڌيان ڏيئي عمل ڪج، جنهن بابت منهنجي ٻانهي موسيٰ توکي حڪم ڏنو هو: انهيءَ کان سڄي يا کٻي پاسي نہ لڙج، تہ جيڏانهن وڃين اوڏانهن پوريءَ طرح ڪامياب ٿين.</verse>
				<verse number="8">اهو شريعت جو ڪتاب تنهنجي زبان تان وسرڻ نہ گهرجي، پر رات ڏينهن تون انهيءَ تي غور ڪج، تہ جيڪي انهيءَ منجهہ لکيل آهي تنهن موجب انهيءَ تي عمل ڪندو رهين: ڇالاءِ جو ائين ئي تنهنجو رستو برڪت وارو ٿيندو، ۽ تون پوريءَ طرح ڪامياب ٿيندين.</verse>
				<verse number="9">مون توکي ائين حڪم نہ ڪيو آهي ڇا؟ مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار؛ ڊڄ نہ، نڪو خوف ڪر: ڇالاءِ جو جتي بہ تون ويندين اُتي خداوند تنهنجو خدا تو ساڻ آهي.</verse>
				<verse number="10">پوءِ يشوع ماڻهن جي عملدارن کي حڪم ڏيئي چيو تہ</verse>
				<verse number="11">اوهين منزلگاهہ جي وچ مان لنگهي ماڻهن کي حڪم ڏيو تہ پنهنجي لاءِ کاڌي جو سامان تيار ڪن؛ ڇالاءِ جو ٽن ڏينهن جي اندر اوهان کي يردن جي پار لنگهڻو پوندو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند ورثو ڪري اوهان کي ڏئي ٿو، سو هٿ ڪريو.</verse>
				<verse number="12">۽ بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي سان يشوع ڳالهايو، ۽ چيائين تہ</verse>
				<verse number="13">خداوند جي ٻانهي موسيٰ جيڪي اوهان کي حڪم ڏيئي چيو هو سو ياد ڪريو، اهو هي آهي تہ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي آرام ٿو ڏئي، ۽ اوهان کي هيءُ ملڪ ڏيندو.</verse>
				<verse number="14">اوهان جون زالون، اوهان جا ٻار، ۽ اوهان جو چوپايو مال انهيءَ زمين ۾ رهندو، جا يردن جي هن ڀر موسيٰ اوهان کي ڏني؛ پر اوهين سڀ جي زور ۽ همت وارا ماڻهو آهيو، سي پنهنجن ڀائرن جي اڳيان هٿيار ٻڌي پار لنگهو، ۽ هنن جي مدد ڪريو؛</verse>
				<verse number="15">جيستائين خداوند اوهان جي ڀائرن کي بہ آرام بخشي، جيئن اوهان کي ڏنو اٿس، ۽ هو بہ انهيءَ ملڪ کي هٿ ڪن، جو خداوند اوهان جو خدا هنن کي ڏئي ٿو: تڏهن اوهين پنهنجي انهيءَ ملڪ ڏي موٽي وڃجو جو اوهان جو آهي، ۽ انهيءَ تي قبضو ڪجو، جو خداوند جي ٻانهي موسيٰ، يردن جي پرئين ڀر اُڀرندي ڏانهن، اوهان کي ڏنو.</verse>
				<verse number="16">تڏهن هنن يشوع کي ورندي ڏيئي چيو تہ جيڪو بہ حڪم تو اسان کي ڏنو آهي سو اسين بجا آڻينداسين، ۽ جيڏانهن تون اسان کي موڪليندين اوڏانهن اسين وينداسين.</verse>
				<verse number="17">جهڙيءَ طرح سڀني ڳالهين ۾ اسان موسيٰ جي فرمانبرداري ڪئي، تهڙيءَ طرح تنهنجي فرمانبرداري ڪنداسين: رڳو خداوند تنهنجو خدا تو ساڻ حامي هجي، جيئن موسيٰ سان هو.</verse>
				<verse number="18">جيڪو تنهنجي حڪم جي برخلاف فساد ڪندو، ۽ جيڪي ڳالهيون تون فرمائيندين سي نہ ٻڌندو، سو کڻي ڪير بہ هوندو، تہ انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏبو: رڳو مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">پوءِ يشوع بن نون، شطيم ڏانهن ٻہ ماڻهو موڪليا تہ ڳجهيءَ طرح جاسوسي ڪري اچن، ۽ چيائين تہ اوهين وڃي اهو ملڪ يعني يريحو ڏسي اچو. تڏهن هو ويا ۽ هڪڙي ڪسبياڻيءَ جي گهر وڃي ٽڪيا، جنهن جو نالو راحب هو.</verse>
				<verse number="2">۽ يريحو جي بادشاهہ کي ماڻهن وڃي ٻڌايو تہ اڄوڪي رات بني اسرائيل مان ڪي ماڻهو هتي آيا آهن، انهيءَ لاءِ تہ هن ملڪ جي جاسوسي ڪن.</verse>
				<verse number="3">۽ يريحو جي بادشاهہ راحب کي ماڻهو موڪليو تہ جيڪي ماڻهو تو وٽ آيا آهن، ۽ تنهنجي گهر لٿا پيا آهن تن کي آڻي حاضر ڪر: ڇالاءِ جو هو هن ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ آيا آهن.</verse>
				<verse number="4">تڏهن انهيءَ زال انهن ٻنهي ماڻهن کي وٺي لڪائي ڇڏيو، ۽ چوڻ لڳي تہ مون وٽ ماڻهو آيا تہ هئا پر خبر ڪانهي تہ ڪٿان جا هئا:</verse>
				<verse number="5">۽ شهر جي دروازي بند ٿيڻ مهل جڏهن اونداهي ٿي، تڏهن اُهي ماڻهو نڪري ٻاهر ويا: مون کي خبر ڪانهي تہ اُهي ماڻهو ڪيڏانهن ويا: اوهين جلد هنن جي پٺيان پئو؛ ڇالاءِ جو اوهين وڃي هنن کي پهچندا.</verse>
				<verse number="6">پوءِ هوءَ انهن کي گهر جي ڇت تي چاڙهي وٺي ويئي، ۽ سڻيءَ جون ڪاٺيون جي هن ٺاهي جوڙي رکيون هيون، تن ۾ وڃي لڪايائين.</verse>
				<verse number="7">۽ هو ماڻهو انهن جي پٺيان پيا، ۽ يردن جي گهير تائين ويا: جيئن اُهي نڪتا تيئن هنن شهر جو دروازو بند ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="8">۽ انهيءَ کان اڳي تہ هو سمهي رهن، هوءَ ڇت تي وٽن ويئي؛</verse>
				<verse number="9">۽ انهن ماڻهن کي چيائين تہ مون کي خبر آهي تہ خداوند هي ملڪ اوهان کي ڏنو آهي، ۽ اوهان جو ڊپ اسان تي غالب ٿيو آهي، ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو اوهان جي هيبت کان ساڻا ٿي پيا آهن.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو اسان ٻڌو آهي تہ ڪهڙيءَ طرح، جڏهن اوهين مصر مان ٿي نڪتا، تڏهن خداوند اوهان جي لاءِ ڳاڙهي سمنڊ جو پاڻي سڪائي ڇڏيو؛ ۽ امورين جا ٻہ بادشاهہ، سيحون ۽ عوج، جي يردن جي هن ڀر هئا، تن سان اوهان ڇا ڪيو، ۽ ڪيئن انهن کي تباهہ ڪيو.</verse>
				<verse number="11">۽ جنهن وقت اسان اهي ڳالهيون ٻڌيون تنهن وقت اسان جون دليون پگهرجي ويون، ۽ اوهان جي ڊپ کان ڪنهن بہ ماڻهوءَ ۾ وڌيڪ همت ڪانہ رهي: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا مٿي آسمان جو، ۽ هيٺ زمين جو، خدا آهي.</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري هاڻي آءٌ اوهان کي عرض ٿي ڪريان تہ اوهين انهيءَ خدا جو مون سان قسم کڻو، تہ جڏهن مون اوهان کي مهرباني ڏيکاري آهي، تڏهن اوهين بہ منهنجي اباڻي گهر تي مهربان ٿيندا، ۽ مون کي ڪا سچي نشاني ڏيندا:</verse>
				<verse number="13">۽ منهنجي پيءُ کي، ۽ منهنجي ماءُ کي، ۽ منهنجي ڀائرن کي، ۽ منهنجين ڀينرن کي جيئرو ڇڏي ڏيندا، ۽ جيڪي وٽن آهي سو بچائيندا، ۽ اسان کي جيئدان ڏيندا.</verse>
				<verse number="14">۽ انهن ماڻهن هن کي جواب ڏنو تہ جيڪڏهن تون هيءَ اسان جي ڳالهہ ظاهر نہ ڪندينءَ تہ اسان جي حياتيءَ جو عيوض اوهان جي سلامتي ٿيندي؛ ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند اسان کي هيءَ زمين ڏيندو، تڏهن اسين تو سان مهرباني ۽ سچائيءَ جي هلت سان پيش اينداسين.</verse>
				<verse number="15">تڏهن هن دريءَ مان رسو ٻڌي هنن کي هيٺ لاٿو: ڇالاءِ جو سندس گهر شهر جي ديوار تي هو، ۽ پاڻ مٿس رهندي هئي.</verse>
				<verse number="16">۽ هن انهن کي چيو تہ اوهين جبل ڏي هليا وڃو، متان اوهان جا پيڇو ڪندڙ اوهان کي اچي پهچن، ۽ اُتي ٽي ڏينهن اوهين پاڻ کي لڪائجو، جيستائين ڪ پيڇو ڪندڙ موٽي اچن: ۽ تنهن کان پوءِ اوهين ڀلي پنهنجو رستو وٺي هليا وڃجو.</verse>
				<verse number="17">تڏهن هنن ماڻهن کيس چيو تہ هي جيڪو قسم تو اسان کي کڻايو آهي تنهن جو اسان تي ڏوهہ نہ پوندو.</verse>
				<verse number="18">ڏسج، تہ جڏهن اسين هن ملڪ ۾ اچون تڏهن جنهن دريءَ مان تو اسان کي هيٺ لاٿو آهي تنهن ۾ تون هيءُ کهنبي سٽ جو ڌاڳو ٻڌي ڇڏج: ۽ پنهنجي پيءُ، ۽ پنهنجي ماءُ، ۽ پنهنجن ڀائرن، ۽ پنهنجي پيءُ جي سڄي گهراڻي کي پنهنجي گهر ۾ آڻي گڏ ڪج.</verse>
				<verse number="19">۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو بہ تنهنجي گهر جي در مان نڪري گهٽيءَ ۾ ويندو، انهيءَ جو رت انهيءَ جي مٿي تي رهندو، ۽ اسين ڏوهاري نہ ٿينداسين: ۽ جيڪو بہ گهر ۾ تو وٽ هوندو تنهن تي جيڪڏهن ڪنهن جو هٿ هليو تہ انهيءَ جو خون اسان جي مٿان پوندو.</verse>
				<verse number="20">۽ جيڪڏهن تو هيءَ اسان جي ڳالهہ ظاهر ڪئي، تہ پوءِ هيءُ جيڪو قسم تو اسان کي کڻايو آهي، تنهن کان اسين آجا رهنداسين.</verse>
				<verse number="21">تنهن تي هن چيو تہ جيئن اوهين چئو ٿا تيئن ڀلي ٿئي. پوءِ هن انهن کي موڪل ڏني، ۽ هو روانا ٿيا: ۽ پاڻ اُهو کهنبو ڌاڳو دريءَ ۾ ٻڌي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="22">۽ هو جبل وٽ پهتا، ۽ اُتي ٽي ڏينهن ترسي پيا، جيستائين ڪ سندن پيڇو ڪندڙ جن کين سڄي واٽ پئي ڳوليو پر نہ لڌائون، رلي موٽي هليا ويا.</verse>
				<verse number="23">انهيءَ کان پوءِ اُهي ٻئي ماڻهو موٽيا، ۽ جبل تان لهي، ندي لنگهي يشوع بن نون وٽ آيا؛ ۽ جيڪي مٿن ٿي گذريو هو سو سڀ بيان ڪري ٻڌايائونس.</verse>
				<verse number="24">۽ هنن يشوع کي چيو تہ بيشڪ خداوند اهو سڄو ملڪ اسان جي حوالي ڪيو آهي؛ ۽ تنهن کان سواءِ ملڪ جا سڀيئي رهاڪو اسان جي اڳيان هيسجي ويا آهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">۽ يشوع صبح جو سوير اُٿيو، ۽ هو، ۽ سڀ بني اسرائيلي شطيم مان روانا ٿيا ۽ يردن وٽ آيا، ۽ پار لنگهڻ کان اڳي اُتي ٽڪي پيا.</verse>
				<verse number="2">۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو تہ عملدارن لشڪر جي وچ مان لنگهي</verse>
				<verse number="3">ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عهدنامي جي صندوق لاوي ڪاهنن کي کڻندو ڏسو، تڏهن اوهين پنهنجي جاءِ تان ڪوچ ڪجو، ۽ انهيءَ جي پٺيان اُٿي هلجو.</verse>
				<verse number="4">پر اوهان جي، ۽ انهيءَ جي وچ ۾، اٽڪل ٻن هزارن هٿن جيتري وڇوٽي رهي. انهيءَ کي ويجهو نہ اچجو، تہ جنهن رستي تان اوهان کي هلڻو آهي تنهن جي اوهان کي خبر پوي؛ ڇالاءِ جو اوهين اڳي ڪڏهن بہ هن رستي کان نہ آيا آهيو.</verse>
				<verse number="5">۽ يشوع ماڻهن کي چيو تہ پاڻ کي اوهين پاڪ ڪريو؛ ڇالاءِ جو سڀاڻي خداوند اوهان منجهہ ڪي عجائب ظاهر ڪندو.</verse>
				<verse number="6">۽ يشوع ڪاهنن کي چيو تہ عهدنامي جي صندوق کڻي ماڻهن جي اڳيان اوهين پار لنگهو، ۽ هو صندوق کڻي اُٿي هليا.</verse>
				<verse number="7">پوءِ خداوند يشوع کي چيو تہ اڄوڪي ڏينهن آءٌ اسرائيل جي سامهون تنهنجي وڏائي ظاهر ڪرڻ شروع ڪندس، تہ هو ڄاڻن تہ جهڙيءَ طرح آءٌ موسيٰ سان هوس، تيئن توسان بہ هوندس.</verse>
				<verse number="8">۽ جيڪي ڪاهن عهدنامي جي صندوق کڻن ٿا تن کي تون حڪم ڏيئي چئُہ، تہ جڏهن يردن نديءَ جي ڪناري تي پهچن، تڏهن يردن جي پاڻيءَ ۾ ماٺ ڪري بيهي رهن.</verse>
				<verse number="9">۽ يشوع بني اسرائيل کي چيو، تہ ويجهو اچو، ۽ اچي خداوند پنهنجي خدا جا حڪم ٻڌو.</verse>
				<verse number="10">۽ يشوع چيو تہ انهي ڪري اوهان کي خبر پوندي تہ زندہ خدا اوهان جي وچ ۾ موجود آهي، ۽ هو ضرور ڪنعانين، ۽ حتين، ۽ حوين، ۽ فرزين، ۽ جرجاسين، ۽ امورين، ۽ يبوسين کي اوهان جي اڳيان هڪالي ڪڍندو.</verse>
				<verse number="11">ڏسو ساري دنيا جي خداوند جي عهدنامي جي صندوق، اوهان جي اڳيان يردن مان پار لنگهيو ٿي وڃي.</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري هاڻي اوهين اسرائيل جي فرقن مان ٻارهن ماڻهو کڻو، هر ڪنهن فرقي مان هڪڙو ماڻهو.</verse>
				<verse number="13">۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن وقت خداوند، يعني ساري دنيا جي خداوند جي صندوق کڻڻ وارن ڪاهنن جا پير يردن جي پاڻيءَ ۾ لڳندا، انهيءَ وقت يردن جو پاڻي هيٺ ايندڙ پاڻيءَ کان ڌار ٿي پوندو، ۽ چڙهي بيهي رهندو.</verse>
				<verse number="14">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ماڻهو پنهنجن تنبن مان ڪوچ ڪري يردن جي پار وڃڻ لاءِ نڪتا، ۽ عهدنامي جي صندوق کڻڻ وارا ڪاهن ماڻهن جي اڳيان هليا؛</verse>
				<verse number="15">۽ صندوق کڻڻ وارا يردن وٽ آيا، ۽ ڪاهنن جا پير ڪناري واري پاڻيءَ ۾ ٽٻيا، (ڇالاءِ جو يردن فصل جي موسم ۾ پنهنجن سڀني ڪنارن تان اُٿلي پوندي آهي،)</verse>
				<verse number="16">تڏهن جيڪو پاڻي مٿان ٿي آيو سو بيهي رهيو، ۽ ادم جو شهر، جو ضرتان جي پاسي ۾ آهي، تنهن کان گهڻو پري مٿي چڙهڻ لڳو: ۽ جيڪو پاڻي آرباہ جي سمنڊ ڏي، يعني کاري سمنڊ ڏي ٿي آيو، سو بيهي ويو، ۽ ڇڄي ڌار ٿي پيو: ۽ هو سڀ يريحو جي بلڪل آمهون سامهون لنگهي پار ٿيا.</verse>
				<verse number="17">۽ جيڪي ڪاهن خداوند جي عهدنامي جي صندوق کنيو ٿي آيا، سي يردن جي وچ ۾ سڪي زمين تي محڪم بيهي رهيا، جيستائين ڪ ساري قوم يردن لنگهي پار ٿي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ساري قوم يردن لنگهي پار ٿي، تڏهن خداوند يشوع سان ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">قوم منجهان ٻارهن ماڻهو چونڊي ڪڍ، هرهڪ فرقي مان هڪڙو ماڻهو،</verse>
				<verse number="3">۽ انهن کي حڪم ڏي تہ يردن جي وچ ۾ جنهن هنڌ ڪاهنن جا پير محڪم بيٺا هئا، اُتان ٻارهن پٿر پاڻ سان کڻي هلن، ۽ جنهن هنڌ اوهين اڄوڪي رات وڃي ٽڪو اُتي اُهي ڇڏي ڏجو.</verse>
				<verse number="4">تڏهن يشوع بني اسرائيل مان ٻارهن ماڻهو، هرهڪ فرقي مان هڪڙو ماڻهو، چونڊي تيار ڪيا، ۽ انهن کي سڏيائين:</verse>
				<verse number="5">۽ يشوع انهن کي چيو تہ خداوند پنهنجي خدا جي صندوق جي اڳيان لنگهي يردن جي وچ ۾ وڃو، ۽ اوهان مان هرڪو ماڻهو، بني اسرائيل جي فرقن جي شمار موجب، هڪڙو پٿر پنهنجن ڪلهن تي کڻي:</verse>
				<verse number="6">تہ ڀلي اوهان ۾ اها هڪڙي نشاني هجي، ۽ جڏهن ايندڙ وقت ۾ اوهان جو اولاد اوهان کان پڇي تہ هنن پٿرن جو ڪهڙو مطلب آهي؟</verse>
				<verse number="7">تڏهن اوهين انهن کي اهو جواب ڏجو تہ يردن جو پاڻي خداوند جي عهدنامي جي صندوق اڳيان ڇڄي ڌار ٿيو؛ ۽ اهي پٿر بني اسرائيل جي لاءِ هميشہ واسطي هڪڙي يادگاريءَ جي نشاني ٿي قائم رهندا.</verse>
				<verse number="8">۽ بني اسرائيل ائين ڪيو جيئن يشوع حڪم ڏنو، ۽ جهڙيءَ طرح خداوند يشوع کي فرمايو هو، تهڙيءَ طرح بني اسرائيل جي فرقي جي شمار موافق هنن ٻارهن پٿر يردن جي وچ مان کنيا، ۽ اُهي پاڻ سان کڻي پار لنگهي انهيءَ هنڌ آندائون، جتي هو ٽڪي پيا هئا، ۽ اُتي اُهي رکي ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="9">۽ يشوع ٻارهن پٿر يردن جي وچ ۾ انهيءَ هنڌ کوڙي ڇڏيا، جتي عهدنامي جي صندوق جي کڻڻ وارن ڪاهنن جا پير بيٺا هئا: ۽ اُهي اڄ ڏينهن تائين اُتي آهن.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو جن ڪاهنن صندوق کنئي هئي، سي يردن جي وچ ۾ بيٺا هئا، جيستائين ڪ سڀ ڪم پورو ٿيو: پوءِ خداوند يشوع کي حڪم ڏنو، تہ جيڪي حڪم موسيٰ يشوع کي ڏنا هئا، انهن سڀني مطابق ماڻهن کي سمجهاءِ: ۽ ماڻهو جلدي جلدي پار لنگهي ويا.</verse>
				<verse number="11">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سڀ ماڻهو پار لنگهي ويا، تڏهن خداوند جي صندوق ۽ ڪاهن، ماڻهن جي روبرو پار لنگهيا.</verse>
				<verse number="12">۽ بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جو اڌ فرقو، اهي بني اسرائيل جي اڳيان هٿيار ٻڌي پار لنگهيا، جيئن موسيٰ کين فرمايو هو:</verse>
				<verse number="13">اٽڪل چاليهہ هزار ماڻهو جنگ جي لاءِ تيار ٿي، خداوند جي اڳيان پار لنگهي يريحو جي ميدان تي لڙائي لاءِ آيا.</verse>
				<verse number="14">انهيءَ ڏينهن خداوند اسرائيل جي نظر ۾ يشوع جي وڏائي ظاهر ڪئي؛ ۽ سندس حياتيءَ جا سڀ ڏينهن هو کانئس اهڙو ڊڄندا هئا جهڙو موسيٰ کان ڊڄندا هئا.</verse>
				<verse number="15">تڏهن خداوند يشوع کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="16">جيڪي ڪاهن شاهديءَ جي صندوق کنيو بيٺا آهن تن کي حڪم ڏي تہ يردن مان نڪري ٻاهر اچن.</verse>
				<verse number="17">تنهنڪري يشوع ڪاهنن کي حڪم ڏيئي چيو تہ اوهين يردن مان نڪري ٻاهر اچو.</verse>
				<verse number="18">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خداوند جي عهدنامي جي صندوق کڻڻ وارا ڪاهن يردن جي وچ مان نڪري ٻاهر آيا، ۽ ڪاهنن جا پير سڪيءَ زمين تي اچڻ لڳا، تڏهن يردن جو پاڻي پنهنجي جاءِ تي موٽي آيو، ۽ پنهنجن ڪنارن تان اُٿلڻ لڳو جيئن اڳي هو.</verse>
				<verse number="19">۽ اهي ماڻهو پهرين مهيني جي ڏهين تاريخ يردن مان نڪري آيا، ۽ يريحو جي اُڀرندي واري سرحد تي جلجال ۾ منزل ڪيائون.</verse>
				<verse number="20">۽ اهي ٻارهن پٿر جي هنن يردن مان ڪڍي آندا هئا، سي يشوع جلجال ۾ کوڙيا.</verse>
				<verse number="21">۽ هن بني اسرائيل کي چيو تہ ايندڙ وقت ۾ جڏهن اوهان جا ٻار پنهنجن ابن ڏاڏن کان پڇن تہ هنن پٿرن جو مطلب ڇا آهي؟</verse>
				<verse number="22">تڏهن اوهين پنهنجي اولاد کي خبر ڏجو تہ اسرائيلي يردن مان سڪيءَ زمين تان لنگهي آيا.</verse>
				<verse number="23">ڇالاءِ جو خداوند اوهان جي خدا اوهان جي اڳيان يردن جو پاڻي سڪائي ڇڏيو، جيستائين ڪ اوهين لنگهي پار ٿيا؛ جهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي خدا اسان جي اڳيان ڳاڙهو سمنڊ سڪايو، جيستائين اسين لنگهي پار نہ ٿياسين:</verse>
				<verse number="24">انهي لاءِ تہ دنيا جون سڀ قومون ڄاڻن تہ خداوند جو هٿ طاقت وارو آهي: ۽ اُهي خداوند اوهان جي خدا کان هميشہ ڊڄندا رهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيو تہ امورين جا سڀ بادشاهہ جي يردن جي الهندي پاسي هئا، ۽ ڪنعانين جا سڀ بادشاهہ جي سمنڊ جي ڪناري سان هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ خداوند يردن جو پاڻي بني اسرائيل جي اڳيان سڪائي ڇڏيو آهي، جيستائين ڪ هو پار لنگهي ويا، تڏهن هنن جي دل پگهرجي ويئي، ۽ بني اسرائيل جي ڊپ کان منجهن وڌيڪ همت ڪانہ رهي.</verse>
				<verse number="2">انهيءَ وقت خداوند يشوع کي فرمايو تہ پنهنجي لاءِ تکا ڪپ جوڙيو، ۽ بني اسرائيل کي وري ٻيو ڀيرو طهرايو.</verse>
				<verse number="3">۽ يشوع تکا ڪپ جوڙيا، ۽ کلڙين جي ٽڪريءَ تي هن بني اسرائيل کي طهرايو.</verse>
				<verse number="4">۽ يشوع هنن کي انهيءَ لاءِ طهرايو، جو جيڪي مرد ماڻهو مصر مان نڪري آيا هئا سي سڀ، يعني اُهي سڀيئي جي جنگي مرد هئا، سي مصر مان نڪرڻ کان پوءِ بيابان ۾ واٽ تي مري ويا هئا.</verse>
				<verse number="5">هاڻي جيڪي ماڻهو نڪري آيا هئا سي سڀ طهريل هئا: پر جيڪي ماڻهو مصر مان نڪرڻ کان پوءِ واٽ تي بيابان ۾ ڄاوا هئا، تن جو طهر نہ ٿيو هو.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو بني اسرائيل چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ پئي رليا، جيستائين ڪ سڄي قوم، يعني سڀ جنگي مرد جي مصر مان نڪتا هئا، سي مري کپي ويا، ڇو جو هنن خداوند جو حڪم نہ مڃيو: ۽ انهن سان خداوند قسم کنيو هو، تہ جنهن ملڪ جي کين ڏيڻ جو خداوند انهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، ۽ جنهن ملڪ ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، سا هنن کي نہ ڏيکاريندو.</verse>
				<verse number="7">۽ انهن جو اولاد، جنهن کي هن انهن جي جاءِ تي قائم مقام ڪيو، تن کي يشوع طهرايو: ڇالاءِ جو اهي اڻ طهريل هئا، جو رستي ۾ انهن جو طهر نہ ٿيو هو.</verse>
				<verse number="8">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن سڀني ماڻهن کي طهرايو، ۽ جيستائين ڪ هو سڀ ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا، تيستائين هو منزلگاهہ ۾ پنهنجين جاين تي رهي پيا هئا.</verse>
				<verse number="9">۽ خداوند يشوع کي فرمايو تہ اڄوڪي ڏينهن مون مصر وارو طعنو اوهان تان لاهي ڇڏيو، جنهن ڪري انهيءَ هنڌ جو نالو اڄ ڏينهن تائين جلجال سڏبو آهي.</verse>
				<verse number="10">پوءِ بني اسرائيل جلجال ۾ منزل ڪئي، ۽ يريحو جي ميدانن ۾، فسح جي عيد انهيءَ مهيني جي چوڏهين تاريخ شام جو ملهائي.</verse>
				<verse number="11">۽ فسح جي ٻئي ڏينهن هنن صبح جو انهيءَ ملڪ جو پراڻو اَن، يعني اڻ خمير پيل مانيون، ۽ ڀڳل اَن، انهي ساڳئي ڏينهن کاڌو.</verse>
				<verse number="12">۽ انهي ملڪ جي پراڻي اَن کائڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن صبح جو من بند ٿي ويئي؛ ۽ بني اسرائيل وٽ وڌيڪ من ڪانہ هئي؛ پر انهيءَ سال هنن ڪنعان جي ملڪ جا ميوا پئي کاڌا.</verse>
				<verse number="13">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يشوع يريحو جي ڀرسان آيو، تڏهن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاريائين تہ ڏسي، تہ هڪڙو ماڻهو سندس سامهون پنهنجي هٿ ۾ اُگهاڙي ترار ڪڍيو بيٺو آهي: ۽ يشوع وٽس ويو ۽ چيائينس تہ تون اسان جي لاءِ آهين يا اسانجن دشمنن جي لاءِ؟</verse>
				<verse number="14">۽ هن چيو تہ نہ، پر آءٌ خداوند جي لشڪر جو سردار ٿي آيو آهيان. تڏهن يشوع زمين تي منهن ڀر ڪري پيو، ۽ سجدو ڪري هن کي چوڻ لڳو تہ منهنجو ڌڻي پنهنجي ٻانهي کي ڇا ٿو فرمائي؟</verse>
				<verse number="15">۽ خداوند جي لشڪر جي سردار يشوع کي چيو، تہ پنهنجي پير مان جتي لاهہ؛ ڇالاءِ جو جنهن جاءِ تي تون بيٺو آهين سا پاڪ آهي. ۽ يشوع ائين ئي ڪيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">(هاڻي يريحو بني اسرائيل جي ڪري ڏاڍي پڪيءَ طرح بند ڪيو ويو هو؛ نہ تہ ڪو ٻاهر ويندو هو نہ ڪو اندر ايندو هو).</verse>
				<verse number="2">۽ خداوند يشوع کي چيو تہ ڏس، مون يريحو، ۽ انهي جو بادشاهہ، ۽ زور وارا بهادر مرد، سڀ تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن.</verse>
				<verse number="3">۽ اوهين جيڪي جنگي مرد آهيو سي سڀ لشڪر کي وڃي گهيرو ڪريو، ۽ هڪ دفعو شهر جي چوڌاري ڦري اچو؛ ڇهہ ڏينهن اوهين ائين ڪجو.</verse>
				<verse number="4">۽ ست ڪاهن صندوق جي اڳيان گهٽن جي سڱن جون ست قرنائيون کڻن، ۽ ستين ڏينهن اوهين شهر کي ست ڦيرا ڏجو، ۽ ڪاهن اُهي قرنائيون وڄائين.</verse>
				<verse number="5">۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو گهٽي جي سڱ سان هڪڙو ڊگهو آواز ڪن، ۽ اوهين اُهو قرناءِ جو آواز ٻڌو، تڏهن سڀ ماڻهو ڏاڍي زور سان رڙيون ڪن؛ ۽ شهر جي ڀت هيٺ ڪري پوندي، پوءِ سڀڪو ماڻهو پنهنجي سامهون سڌو چڙهندو وڃي.</verse>
				<verse number="6">تڏهن يشوع بن نون، ڪاهنن کي سڏي چيو تہ عهدنامي جي صندوق کڻو، ۽ ست ڪاهن گهٽن جي سڱن جون ست قرنائيون خداوند جي صندوق جي اڳيان کڻي هلن.</verse>
				<verse number="7">۽ هن ماڻهن کي چيو تہ لنگهي اڳتي هلو ۽ شهر کي ڦري اچو، ۽ جن کي هٿيار ٻڌل آهن سي خداوند جي صندوق جي اڳيان ٿي هلن.</verse>
				<verse number="8">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يشوع ماڻهن کي ائين چيو تڏهن ست ڪاهن گهٽن جي سڱن جون ست قرنائيون کڻي خداوند جي اڳيان هليا، ۽ قرنائيون وڄايائون: ۽ خداوند جي عهدنامي جي صندوق انهن جي پٺيان هلي.</verse>
				<verse number="9">۽ قرنائيون وڄائيندڙ ڪاهن قرنائيون وڄائيندا هليا، ۽ سندن اڳيان هٿياربند ماڻهو هئا، ۽ جيڪي پٺيان هئا سي صندوق جي پٺيان لڳا آيا.</verse>
				<verse number="10">۽ يشوع ماڻهن کي حڪم ڏيئي چيو تہ اوهين رڙيون نہ ڪجو، ۽ نہ وڏي سڏ ڳالهائجو، نڪي اوهان جي واتان ڪو آواز نڪري، جيستائين ڪ آءٌ اوهان کي رڙيون ڪرڻ لاءِ نہ چوان؛ پوءِ ڀلي رڙيون ڪجو.</verse>
				<verse number="11">انهي طرح خداوند جي صندوق هڪڙو ڀيرو شهر جي چوڌاري ڦري آئي: پوءِ هو منزلگاهہ ۾ آيا، ۽ منزلگاهہ ۾ ٽڪي پيا.</verse>
				<verse number="12">۽ يشوع صبح جو سوير اُٿيو ۽ ڪاهنن خداوند جي صندوق کنئي.</verse>
				<verse number="13">۽ ست ڪاهن گهٽن جي سڱن جون ست قرنائيون کڻي خداوند جي صندوق جي اڳيان هلندا هليا، ۽ قرنائيون وڄائيندا هليا: ۽ هٿياربند ماڻهو انهن جي اڳيان هئا؛ پر ٻيا جيڪي پوئتي هئا سي خداوند جي صندوق جي پٺيان پئي آيا، ۽ ڪاهن قرنائيون وڄائيندا اڳتي هلندا هليا.</verse>
				<verse number="14">۽ ٻئي ڏينهن بہ هو هڪڙو ڀيرو شهر کي ڦري آيا، ۽ موٽي منزلگاهہ ۾ اچي لٿا: ڇهہ ڏينهن اهڙيءَ طرح هنن ڪيو.</verse>
				<verse number="15">۽ هيئن ٿيو تہ ستين ڏينهن هو پرهہ ڦٽيءَ مهل اُٿيا، ۽ اڳي وانگر شهر کي ست ڀيرا ڦري آيا: رڳو انهيءَ ڏينهن هو شهر جي چوڌاري ست ڀيرا ڦريا.</verse>
				<verse number="16">۽ هيئن ٿيو جو ستين ڀيري جڏهن ڪاهنن قرنائون وڄايون تڏهن يشوع ماڻهن کي چيو تہ رڙيون ڪريو؛ ڇالاءِ جو خداوند اوهان کي هي شهر ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="17">۽ شهر، ۽ جيڪي منجهس آهي، سو سڀ خداوند جي لاءِ بلڪل تباهہ ڪيو ويندو: رڳو راحب ڪسبياڻي، ۽ ٻيا جيڪي سندس گهر ۾ آهن، سي جيئرا بچندا؛ ڇالاءِ جو جيڪي قاصد اسان موڪليا هئا تن کي هن لڪايو هو.</verse>
				<verse number="18">۽ اوهين هر طرح پاڻ کي لعنت ڪيل شيءِ کان روڪجو، تہ متان اوهين پاڻ کي لعنت ڪيل شيءِ کڻڻ سان لعنتي ڪريو، ۽ اسرائيل جي منزلگاهہ کي لعنتي ڪريو، ۽ انهيءَ کي تڪليف ۾ وجهو.</verse>
				<verse number="19">پر سڀ روپو، سون، ۽ پتل ۽ لوهہ جا ٿانوَ، خداوند جي لاءِ خاص طرح پاڪ ٿيل آهن: اُهي خداوند جي خزاني ۾ ايندا.</verse>
				<verse number="20">تڏهن ماڻهن رڙيون ڪيون ۽ ڪاهنن قرنائيون وڄايون: ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ماڻهن قرنائين جو آواز ٻڌو، ۽ وڏي سڏ رڙيون ڪيائون، تڏهن ڀت هيٺ ڪري پيئي، ۽ ماڻهو چڙهي شهر ۾ ويا، سڀڪو سڌو پنهنجي سامهون ويو، ۽ هنن شهر وٺي هٿ ڪيو.</verse>
				<verse number="21">۽ جيڪي بہ شهر ۾ هو، يعني مرد توڙي زالون، ننڍا توڙي وڏا، ڏاند، رڍون، ۽ گڏهہ، تن سڀني کي ترار جي ڌار سان صفا ناس ڪري ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="22">پر جن ٻن ماڻهن جاسوس ٿي اُهو ملڪ ڏٺو هو، تن کي يشوع چيو تہ اوهين انهيءَ ڪسبياڻي جي گهر وڃو، ۽ اُتان انهيءَ زال کي، ۽ جيڪي وٽس آهي تنهن سميت وٺي اچو، جيئن اوهان هن سان قسم کنيو هو.</verse>
				<verse number="23">۽ اُهي جوان ماڻهو، جي جاسوس هئا، سي اندر وڃي راحب ۽ سندس پيءُ، ۽ سندس ماءُ، ۽ سندس ڀائرن کي، ۽ جيڪي وٽس هو تنهن سميت کيس ٻاهر وٺي آيا؛ ۽ هنن اُنهي جا سڀ مائٽ آڻي اسرائيل جي منزلگاهہ جي ٻاهر ويهاريا.</verse>
				<verse number="24">پوءِ هنن انهي شهر کي، جيڪي منجهس هو تنهن سميت باهہ سان ساڙي ڇڏيو: فقط روپو، ۽ سون، ۽ پتل، ۽ لوهہ جا ٿانوَ هنن خدا جي گهر جي خزاني ۾ آندا.</verse>
				<verse number="25">پر يشوع راحب ڪسبياڻيءَ ۽ سندس پيءُ جي ڪٽنب کي، ۽ جيڪي وٽس هو، تنهن سميت جيئرو ڇڏي ڏنو؛ ۽ اُها اڄ ڏينهن تائين اسرائيل ۾ رهندي اچي؛ ڇالاءِ جو جيڪي قاصد يريحو ڏسڻ لاءِ جاسوس ڪري موڪليا ويا هئا، تن کي هن لڪايو هو.</verse>
				<verse number="26">۽ يشوع انهي وقت قسم ڏيئي چيو، تہ جيڪو ماڻهو اُٿي هي شهر يريحو وري ٻڌندو، سو خداوند جي اڳيان لعنتي ٿيندو؛ ۽ انهيءَ جي بنياد لاءِ پنهنجي پهرين ڄاول ٻار جي قرباني ڏيڻي پونديس، ۽ انهي جا دروازا پنهنجي سڀ کان ننڍي پٽ جي موت تي اڏيندو.</verse>
				<verse number="27">انهي طرح خداوند يشوع سان هو؛ ۽ سندس نالو ناموس سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">بني اسرائيل لعنت ٿيل شين جي نسبت ۾ هڪڙو قصور ڪيو: ڇالاءِ جو يهوداهہ جي فرقي واري عڪن، بن ڪرمي، بن زبدي، بن زارح، انهن لعنت ڪيل شين مان ڪا کنئي: ۽ انهي ڪري خداوند جي ڪاوڙ بني اسرائيل تي ڀڙڪي.</verse>
				<verse number="2">۽ يشوع يريحو مان عئيءَ ڏي ماڻهو موڪليا، جو بيت ايل جي اُڀرندي پاسي بيت آون سان لڳ آهي، ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين چڙهي وڃي اُهو ملڪ ڏسو، ۽ انهن ماڻهن وڃي عئي ڏٺو.</verse>
				<verse number="3">۽ انهن موٽي اچي يشوع کي چيو تہ سڀ ماڻهو چڙهي نہ وڃن: پر اٽڪل ٻہ يا ٽي هزار ماڻهو چڙهي وڃن، ۽ عئي کي مارين؛ سڀني ماڻهن کي اوڏانهن موڪلڻ جي تڪليف نہ ڏي، ڇالاءِ جو هو ٿورا آهن.</verse>
				<verse number="4">انهي ڪري اٽڪل ٽي هزار ماڻهو اوڏي چڙهي ويا: ۽ انهن کي عئي جي ماڻهن ڀڄائي ڪڍيو.</verse>
				<verse number="5">۽ عئي جي ماڻهن هنن منجهان اٽڪل ڇٽيهہ ماڻهو ماري وڌا: ڇالاءِ جو هو شهر جي دروازي کان وٺي شبريم تائين انهن جي پٺيان پيا، ۽ هيٺ لهندي انهن کي ماريائون: انهي ڪري ماڻهن جون دليون پگهرجي پاڻي پاڻي ٿي ويون.</verse>
				<verse number="6">تڏهن يشوع، ۽ اسرائيل جا بزرگ، پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي خداوند جي صندوق جي اڳيان شام تائين زمين تي منهن ڀر ڪري پيا؛ ۽ هو پنهنجن مٿن تي مٽي وجهڻ لڳا.</verse>
				<verse number="7">۽ يشوع چوڻ لڳو تہ افسوس، اي خداوند خدا، ڇو تو هن قوم کي يردن لنگهائي آندو؛ انهي لاءِ ڇا تہ انهن کي امورين جي حوالي ڪرين، تہ ناس ٿي وڃن؟ شل اسين راضي ٿي يردن جي هن ڀر رهون ها!</verse>
				<verse number="8">اي خداوند، جڏهن اسرائيلي پنهنجن دشمنن جي اڳيان پٺ ڏيئي ٿا ڀڄن، تڏهن آءٌ ڇا چوان؛</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو ڪنعاني، ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو هي ٻڌي اسان کي چوڌاري گهيري ويندا، ۽ زمين تان اسان جو نالو ئي ميٽجي ويندو: پوءِ تون پنهنجي وڏي نالي لاءِ ڇا ڪندين؟</verse>
				<verse number="10">تڏهن خداوند يشوع کي چيو تہ اُٿي کڙو ٿيءُ؛ ڇو هيئن منهن ڀر پيو آهين؟</verse>
				<verse number="11">اسرائيل گناهہ ڪيو آهي؛ ۽ جيڪو عهد اقرار مون هنن سان ڪيو هو سو بہ ڀڳو اٿن: ڇالاءِ جو هنن لعنت ڪيل شين مان بہ ڪا کنئي آهي، ۽ چوري، ٺڳي بہ ڪئي اٿن: ۽ اُها شيءِ کڻي پنهنجي سامان ۾ رکي اٿن.</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري بني اسرائيل پنهنجي دشمنن جي اڳيان بيهي نہ ٿا سگهن، ۽ انهن جي اڳيان پٺ ٿا ورائين، ڇالاءِ جو اُهي لعنتي ٿيا آهن. جيستائين ڪ اوهين پاڻ منجهان انهي لعنتي شيءِ کي ناس ڪري نہ ڇڏيندا، تيستائين آءٌ وري اوهان سان نہ ٿيندس.</verse>
				<verse number="13">اُٿ، ماڻهن کي پاڪ ڪر، ۽ چئين تہ سڀاڻي جي لاءِ اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل تنهنجي وچ ۾ هڪڙي لعنت ڪيل شيءِ آهي، ۽ جيستائين اوهين اُها لعنت ڪيل شيءِ پاڻ وٽان ڪڍي نہ ڇڏيندا، تيستائين اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان بيهي نہ سگهندا.</verse>
				<verse number="14">تنهنڪري سڀاڻي صبح جو اوهين پنهنجي فرقن موجب اچجو: ۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن فرقي کي خداوند پڪڙيندو سو پنهنجن قبيلن موجب ايندو؛ ۽ جنهن قبيلي کي خداوند پڪڙيندو سو پنهنجن گهراڻن موجب ايندو؛ ۽ جنهن گهراڻي کي خداوند پڪڙيندو سو ماڻهو ماڻهو ٿي ايندو.</verse>
				<verse number="15">۽ جيڪو ماڻهو انهي لعنت ڪيل شيءِ سان پڪڙيو ويندو، سو جيڪي وٽس هوندو تنهن سميت باهہ سان ساڙيو ويندو: ڇالاءِ جو هن خداوند جو عهد اقرار ڀڳو آهي، ۽ ڇالاءِ جو هن اسرائيل ۾ گناهہ جو ڪم ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="16">انهيءَ موجب يشوع صبح جو سوير اُٿيو، ۽ اسرائيل کي سندن فرقن موجب وٺي آيو؛ ۽ يهوداهہ جو فرقو پڪڙيو ويو:</verse>
				<verse number="17">۽ هن يهوداهہ جي قبيلن کي آندو؛ ۽ زارح جو قبيلو پڪڙيو ويو؛ پوءِ هن زارح جو قبيلو ماڻهو ماڻهو ڪري آندو؛ ۽ زبدي پڪڙيو ويو</verse>
				<verse number="18">۽ هن پنهنجو گهراڻو ماڻهو ماڻهو ڪري آندو؛ ۽ عڪن، بن ڪرمي، بن زبدي، بن زارح، جو يهوداهہ جي فرقي جو هو، سو پڪڙيو ويو.</verse>
				<verse number="19">۽ يشوع عڪن کي چيو تہ اي پٽ، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ خداوند اسرائيل جي خدا جي وڏائي بيان ڪر، ۽ سندس اڳيان قبولدار ٿيءُ؛ ۽ جيڪي تو ڪيو آهي سو مون کي ٻڌاءِ؛ اهو مون کان نہ لڪاءِ.</verse>
				<verse number="20">تڏهن عڪن يشوع کي ورندي ڏيئي چيو، تہ بيشڪ مون خداوند اسرائيل جي خدا جو گناهہ ڪيو آهي، ۽ مون هيئن ڪيو تہ،</verse>
				<verse number="21">جڏهن لٽ جي مال ۾ مون هڪڙي سهڻي بابل جي پوشاڪ، ۽ ٻہ سؤ چانديءَ جا شيڪل، ۽ پنجاهن شيڪلن جي تور جي هڪڙي سوني ڇپر ڏٺي، ۽ انهن جي مون کي لالچ ٿي، تڏهن اُهي شيون مون کنيون؛ ۽ ڏس، اُهي منهنجي تنبوءَ ۾ زمين جي هيٺان لڪل آهن، ۽ چاندي انهن جي هيٺان آهي.</verse>
				<verse number="22">تڏهن يشوع قاصد موڪليا جي انهيءَ تنبوءَ ۾ ڊوڙي ويا؛ ۽ اُهي شيون هن جي تنبوءَ ۾ لڪل هيون، ۽ چاندي انهن جي هيٺان هئي.</verse>
				<verse number="23">۽ هنن تنبوءَ جي وچ مان اُهي شيون هٿ ڪيون، ۽ يشوع وٽ سڀني اسرائيلين جي سامهون کڻي آيا؛ ۽ خداوند جي اڳيان آڻي رکيائون.</verse>
				<verse number="24">۽ يشوع، ۽ ساڻس گڏ سڀني اسرائيلين، زارح جي پٽ عڪن کي پڪڙيو، ۽ اُها چاندي، ۽ پوشاڪ، ۽ سوني ڇپر، ۽ سندس پٽ، ۽ سندس ڌيون، ۽ سندس ڏاند، ۽ سندس گڏهہ، ۽ سندس رڍون، ۽ سندس تنبو، ۽ ٻيو جيڪي وٽس هو، سو هٿ ڪيائون: ۽ انهن کي عڪور جي واديءَ ۾ آندائون.</verse>
				<verse number="25">۽ يشوع چيو تہ ڇو تو اسان کي تڪليف ڏني آهي؟ خداوند اڄوڪي ڏينهن توکي تڪليف ڏيندو. پوءِ سڀني اسرائيلين هن کي سنگسار ڪيو؛ ۽ هن کي باهہ سان ساڙي پٿرن سان سنگسار ڪيائون.</verse>
				<verse number="26">۽ انهي جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍڳ رکي ڇڏيائون، جو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي؛ انهيءَ طرح خداوند پنهنجي ڪاوڙ جي سختيءَ کان ڦريو، انهي ڪري انهي هنڌ جو نالو عڪور جي وادي رکيائون، جو اڄ ڏينهن تائين هليو اچي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">پوءِ خداوند يشوع کي چيو تہ ڊڄ نہ، نڪي حيران پريشان ٿيءُ: سڀ جنگي مرد پاڻ سان کڻ، اُٿ ۽ عئيءَ تي چڙهي وڃ: ڏس مون عئيءَ جو بادشاهہ، ۽ سندس قوم، ۽ سندس شهر، ۽ سندس زمين تنهنجي هٿ ۾ ڏني آهي:</verse>
				<verse number="2">۽ تون عئي ۽ ان جي بادشاهہ سان بہ ائين ڪج جيئن يريحو، ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو هوءِ: رڳو انهي جي لٽ جو مال، ۽ چوپايو مال پنهنجي لاءِ غنيمت ڄاڻي وٺجو: ۽ شهر جي قبضي لاءِ انهيءَ جي پٺيان لڪي ويهي رهجو.</verse>
				<verse number="3">انهي موجب يشوع، ۽ سڀ جنگي مرد، عئيءَ تي ڪاهي وڃڻ لاءِ اُٿيا: ۽ يشوع ٽيهہ هزار بهادر مرد چونڊي ڪڍيا، ۽ انهن کي رات جو موڪلي ڏنائين.</verse>
				<verse number="4">۽ هن انهن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ڏسو، اوهين شهر وٺڻ جي لاءِ انهي جي پٺيان لڪي ويهي رهجو، ۽ شهر کان گهڻو پري نہ وڃجو، پر سڀ تيار ٿي ويهجو:</verse>
				<verse number="5">۽ آءٌ ۽ ٻيا سڀ ماڻهو جي مون سان آهن سي شهر کي ويجهو وينداسين: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو اسان تي ڪاهي ايندا تڏهن اسين اڳي وانگر سندن اڳيان اُٿي ڀڄنداسين:</verse>
				<verse number="6">۽ هو اسان جي پٺيان نڪري ايندا، ۽ اسين شهر کان پري نڪري وينداسين؛ ڇو جو هو چوندا تہ هي اڳي وانگر اسان جي اڳيان ڀڄن ٿا: ائين اسين هنن جي اڳيان ڀڄنداسين:</verse>
				<verse number="7">تڏهن اوهين پنهنجي لڪڻ جي جاءِ تان اُٿي کڙا ٿجو، ۽ شهر وڃي وٺجو: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا اُهو اوهان جي حوالي ڪندو.</verse>
				<verse number="8">۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهين شهر وٺو، تڏهن شهر کي باهہ ڏجو: جيئن تہ خداوند حڪم ڏنو آهي: ڏسو، مون اوهان کي حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ يشوع هنن کي موڪلي ڏنو: ۽ هو لڪي ويهڻ جي لاءِ روانا ٿيا، ۽ عئيءَ جي الهندي پاسي، عئي ۽ بيت ايل جي وچ ۾ ويهي رهيا: پر يشوع اُها رات پنهنجي ماڻهن منجهہ رهيو.</verse>
				<verse number="10">۽ ٻئي ڏينهن يشوع صبح جو سوير اُٿيو، ۽ سڀ ماڻهو گڏ ڪيائين. پوءِ هو ۽ اسرائيل جا بزرگ، ماڻهن جي اڳيان ٿي عئيءَ ڏي هليا.</verse>
				<verse number="11">۽ سڀ ماڻهو، يعني جنگي مرد، جي ساڻس هئا سي چڙهي هليا، ۽ ويجها وڃي شهر جي اڳيان آيا، ۽ عئيءَ جي اُتر واري پاسي تنبو هنيائون: ۽ يشوع، ۽ عئيءَ جي وچ ۾ هڪڙي وادي هئي.</verse>
				<verse number="12">۽ هن اٽڪل پنج هزار ماڻهو کنيا، ۽ انهن کي شهر جي الهندي پاسي، بيت ايل ۽ عئيءَ جي وچ ۾، لڪائي ويهاريائين.</verse>
				<verse number="13">۽ جڏهن هو ماڻهو قطارن ۾ ويهاريا ويا، يعني جيڪو سڄو لشڪر شهر جي اُتر ڏي هو سو، ۽ لڪي ويهڻ وارا جي شهر جي اُلهندي ڏي هئا؛ تڏهن يشوع انهيءَ رات واديءَ جي وچ ۾ ويو.</verse>
				<verse number="14">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن عئي جي بادشاهہ اهو ڏٺو، تڏهن هو تڪڙا ٿي سوير اُٿيا، ۽ شهر جا ماڻهو، يعني بادشاهہ ۽ سندس قوم، اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ ٺهرايل وقت تي، ميدان جي اڳيان مٿن ڪاهي ويا؛ پر هنن کي اها خبر ڪانہ هئي تہ ڪي ماڻهو شهر جي پٺيان لڪا ويٺا آهن.</verse>
				<verse number="15">تڏهن يشوع ۽ سڀيئي اسرائيلي بيابان جو رستو وٺي اُٿي ڀڳا، ڄڻ تہ هنن جي اڳيان شڪست کاڌي اٿن.</verse>
				<verse number="16">پوءِ جيڪي ماڻهو عئي ۾ هئا تن کي سڏي گڏ ڪيائون، انهي لاءِ تہ هنن جي پٺيان پون: ۽ اُهي يشوع جي پٺيان پيا، ۽ شهر کان پري نڪري ويا.</verse>
				<verse number="17">۽ عئي ۾، توڙي بيت ايل ۾، هڪڙو بہ اهڙو ماڻهو ڪونہ رهيو جو اسرائيل جي پٺيان نہ ويو: ۽ هو شهر کي کليل ڇڏي اسرائيل جي پٺيان پيا.</verse>
				<verse number="18">۽ خداوند يشوع کي چيو تہ جيڪو نيزو تنهنجي هٿ ۾ آهي سو عئي ڏانهن ڊگهير؛ ڇالاءِ جو اُهو شهر آءٌ تنهنجي حوالي ڪندس، ۽ يشوع جيڪو نيزو سندس هٿ ۾ هو سو شهر ڏانهن ڊگهيريو.</verse>
				<verse number="19">۽ انهي وقت سڀ لڪل ماڻهو پنهنجي جاءِ تان نڪري ٻاهر ٿيا، ۽ هن جي هٿ ڊگهيرڻ شرط اُٿي ڊوڙيا: ۽ شهر ۾ گهڙي اُهو ورتائون؛ ۽ انهيءَ کي باهہ ڏنائون.</verse>
				<verse number="20">۽ جڏهن عئيءَ جي ماڻهن پنهنجي پٺيان نهاريو، تہ ڏسن تہ شهر جو دونهون آسمان تائين چڙهي ويو آهي، ۽ هنن کي ڪنهن پاسي بہ ڀڄڻ جي طاقت نہ رهي: ۽ جيڪي ماڻهو بيابان ڏي ڀڳا هئا سي پنهنجو پيڇو ڪندڙن تي موٽي ڪاهي آيا.</verse>
				<verse number="21">۽ جڏهن يشوع ۽ سڀني اسرائيلين ڏٺو تہ لڪل ماڻهن وڃي شهر ورتو آهي، ۽ شهر جو دونهون مٿي چڙهيو آهي، تڏهن هو پٺتي موٽيا، ۽ عئي جي ماڻهن کي قتل ڪيائون</verse>
				<verse number="22">۽ جيڪي شهر ۾ هئا سي هنن کي گڏجڻ لاءِ شهر مان نڪتا؛ انهي طرح هو اسرائيل جي وچ ۾ اچي پيا، ڪي هن پاسي ۽ ڪي هن پاسي: ۽ هنن انهن کي ايتري قدر ماريو، جو اُنهن مان هڪڙو بہ باقي ڪونہ بچيو، يا ڀڄي ڇٽو.</verse>
				<verse number="23">۽ عئي جي بادشاهہ کي هنن جيئرو پڪڙي ورتو، ۽ انهي کي يشوع وٽ وٺي آيا.</verse>
				<verse number="24">۽ هيئن ٿيو تہ جنهن بيابان ۾ هو اسرائيلين جي پٺيان پيا هئا، اُتي جڏهن اسرائيلي ميدان ۾ عئي جي سڀني رهاڪن کي قتل ڪري رهيا، ۽ جڏهن اُهي سڀ ترار جي ڌار سان مري کپي ويا، تڏهن سڀ اسرائيلي عئي ڏي موٽي آيا، ۽ شهر وارن کي ترار جي ڌار سان ماريائون.</verse>
				<verse number="25">انهي طرح انهي ڏينهن جيڪي ماريا ويا، مرد توڙي زالون، سي سڀ، يعني عئي جا سڀ رهاڪو، ٻارهن هزار هئا.</verse>
				<verse number="26">ڇالاءِ جو جيستائين يشوع عئي جا سڀ رهاڪو صفا ناس ڪري نہ ڇڏيا، تيستائين جنهن هٿ سان هن نيزو ڊگهيريو هو، سو هٿ پٺتي نہ ڇڪيائين.</verse>
				<verse number="27">فقط چوپايو مال، ۽ لٽ جو مال، جو انهيءَ شهر مان هٿ آيو، سو اسرائيل پنهنجي لاءِ غنيمت ڄاڻي رکيو، جهڙيءَ طرح خداوند يشوع کي حڪم ڏنو هو.</verse>
				<verse number="28">۽ يشوع عئي کي ساڙي هميشہ جي لاءِ ڍير ڪري ڇڏيو، ۽ اُهو اڄ ڏينهن تائين ويران آهي.</verse>
				<verse number="29">۽ عئي جي بادشاهہ کي هن وڻ تي ڦاسي ڏني، ۽ هو شام تائين اُتي لٽڪيو پيو هو: ۽ جنهن وقت سج لٿو، تنهن وقت يشوع حڪم ڏنو تہ انهي جو لاش وڻ تان هيٺ لاهين، ۽ شهر جي اندر اچڻ واري دروازي وٽ اُڇلائي ڇڏين، ۽ انهي جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير رکي ڇڏين، ۽ اهو اڄ ڏينهن تائين اُتي موجود آهي.</verse>
				<verse number="30">پوءِ يشوع عيبال جبل تي، خداوند، اسرائيل جي خدا جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي،</verse>
				<verse number="31">۽ جيئن خداوند جي ٻانهي موسيٰ بني اسرائيل کي حڪم ڏنو هو، ۽ جهڙيءَ طرح موسيٰ جي شريعت واري ڪتاب ۾ لکيل آهي، تہ قربانگاهہ جا پهڻ سڄا هجن جن تي ڪنهن بہ ماڻهوءَ لوهہ نہ کنيو هجي: ۽ انهي تي هنن خداوند جي لاءِ سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيون.</verse>
				<verse number="32">۽ هن اُتي انهن پهڻن تي موسيٰ جي شريعت جو هڪڙو نقل لکيو، ۽ اُهو هن بني اسرائيل جي روبرو لکيو.</verse>
				<verse number="33">۽ سڀ اسرائيلي، ۽ سندن بزرگ، ۽ سندن عملدار، ۽ سندن قاضي، توڙي مسافر، ۽ ٻيا جيڪي منجهن پيدا ٿيا هئا، سي خداوند جي عهدنامي جي صندوق کڻڻ وارن لاوي ڪاهنن جي اڳيان، صندوق جي ٻنهي پاسن بيهي رهيا؛ انهن مان اڌ جيترا گرزيم جبل جي سامهون بيٺا، ۽ اڌ جيترا عيبال جبل جي سامهون؛ جيئن ڪ خداوند جي ٻانهي موسيٰ هنن کي اڳيئي حڪم ڏنو هو، تہ هو اسرائيل جي قوم کي دعا ڪن.</verse>
				<verse number="34">۽ تنهن کان پوءِ هو شريعت جون سڀ ڳالهيون، برڪتون توڙي لعنتون، جيئن شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل هيون، تيئن پڙهي ويو.</verse>
				<verse number="35">۽ جيڪي موسيٰ فرمايو هو تنهن مان هڪڙو لفظ بہ اهڙو نہ هو جو يشوع اسرائيل جي سڄيءَ جماعت جي اڳيان، ۽ زالن ۽ ٻارن، ۽ جيڪي مسافر هنن ۾ رهندا هئا، تن جي اڳيان نہ پڙهيائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيو تہ جيڪي بادشاهہ يردن جي اُلهندي ڀر، ٽڪرين ۾ ۽ وادين ۾، وڏي سمنڊ جي ڪنارن تي لبنان جي سامهون، يعني حتي ۽ اموري، ڪنعاني، فرزي، حوي ۽ يبوسي هئا، تن جڏهن اها خبر ٻڌي؛</verse>
				<verse number="2">تڏهن هو سڀ گڏجي هڪ صلاح ٿي، يشوع ۽ اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ سنبريا.</verse>
				<verse number="3">پر جڏهن جبعون جي رهاڪن ٻڌو تہ يشوع يريحو ۽ عئيءَ سان ڇا ڪيو آهي،</verse>
				<verse number="4">تڏهن هنن چالاڪي ڪري پاڻ کي ايلچين وانگر تيار ڪيو، ۽ پنهنجن گڏهن تي پراڻا ٻورا کنيائون، ۽ پراڻيون ڦاٽل شراب جون سانداريون انهن تي ٻڌائون؛</verse>
				<verse number="5">۽ پراڻيون ڳنڍيل جُتيون پيرن ۾ وڌائون، ۽ پراڻا ڪپڙا بت تي ڍڪيائون؛ ۽ جيڪا ماني پاڻ سان سمر ڪري کنيائون سا سڀ سڪل ۽ سينواريل هئي.</verse>
				<verse number="6">۽ هو جلجال ۾ يشوع وٽ منزلگاهہ ۾ آيا، ۽ هن کي ۽ اسرائيل جي ماڻهن کي چيائون، تہ اسين هڪڙي پرانهين ملڪ مان آيا آهيون: تنهنڪري اوهين اسان سان عهد ٻڌو.</verse>
				<verse number="7">تڏهن اسرائيل جي ماڻهن انهن حوين کي چيو تہ شايد اوهين اسان منجهہ رهندڙ آهيو؛ اسين ڪيئن اوهان سان عهد ٻڌون؟</verse>
				<verse number="8">۽ هنن يشوع کي چيو تہ اسين تنهنجا ٻانها آهيون. تڏهن يشوع هنن کي چيو تہ اوهين ڪير آهيو ۽ ڪٿان آيا آهيو؟</verse>
				<verse number="9">تڏهن هنن چيس تہ تنهنجا ٻانها پرانهين ملڪ مان خداوند تنهنجي خدا جي نالي لاءِ آيا آهن؛ ڇالاءِ جو اسان انهي جي ناموس ۽ جيڪي انهيءَ مصر جي ملڪ ۾ ڪيو هو سو ٻڌو آهي،</verse>
				<verse number="10">۽ جيڪي هن يردن جي هن ڀر وارن ٻنهي امورين جي بادشاهن سان ڪيو، يعني حسبون جي بادشاهہ سيحون سان، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج سان، جو عستارات ۾ هو.</verse>
				<verse number="11">تنهنڪري اسان جي بزرگن، ۽ اسان جي ملڪ جي سڀني رهاڪن اسان کي چيو، تہ اوهين سفر جي لاءِ سمر کڻي هنن سان گڏجڻ وڃو، ۽ چئون تہ اسين اوهان جا ٻانها آهيون؛ تنهنڪري هاڻي اسان سان عهد ٻڌو.</verse>
				<verse number="12">جنهن ڏينهن اسين اوهان وٽ اچڻ لاءِ روانا ٿياسين انهي ڏينهن هيءَ ماني گرم هئي، جا اسان پنهنجي گهران پنهنجو سمر ڪري کنئي؛ پر هاڻي ڏسو تہ اُها سڪي، سينوارجي ويئي آهي:</verse>
				<verse number="13">۽ هي شراب جون سانداريون جڏهن اسان ڀريون هيون، تڏهن نيون هيون؛ ۽ هاڻي ڏس تہ هي ڦاٽي پيون آهن: ۽ هي اسان جا ڪپڙا، ۽ اسان جون جُتيون، تمام وڏي سفر ڪري پراڻيون ٿي ويون آهن.</verse>
				<verse number="14">تڏهن انهن ماڻهن هنن جي سمر مان ڪجهہ کنيو، پر خداوند کان صلاح نہ پڇيائون.</verse>
				<verse number="15">۽ يشوع هنن سان صلح ڪيو، ۽ ساڻن عهد ٻڌائين، تہ هنن کي جيئدان ملي: ۽ جماعت جي سردارن هنن سان قسم کنيو.</verse>
				<verse number="16">انهن هنن سان عهد ٻڌو، تنهن کان پوءِ جڏهن ٽي ڏينهن گذريا، تڏهن انهن کي خبر پيئي تہ هو سندن پاڙيسري آهن، ۽ منجهن ئي ٿا رهن.</verse>
				<verse number="17">پوءِ بني اسرائيل سفر ڪري اڳتي هليا، ۽ ٽئين ڏينهن هنن جي شهرن ۾ اچي داخل ٿيا. هاڻي هنن جا شهر جبعون، ۽ ڪفيرہ، ۽ بيروت، ۽ قريٿ يعريم هئا.</verse>
				<verse number="18">۽ بني اسرائيل انهن کي نہ ماريو، ڇالاءِ جو بني اسرائيل جي سردارن انهن سان خداوند اسرائيل جي خدا جو قسم کنيو هو، ۽ سڄي جماعت انهن سردارن جي شڪايت ڪرڻ لڳي.</verse>
				<verse number="19">پر سڀني سردارن جماعت کي چيو تہ اسان هنن سان خداوند اسرائيل جي خدا جو قسم کنيو آهي: تنهنڪري هاڻي اسين هنن کي هٿ لائي نہ سگهنداسين.</verse>
				<verse number="20">هيترو سو اسين ساڻن ڪنداسين، اسين هنن کي جيئدان ڏينداسين، تہ متان هنن سان قسم کڻڻ جي ڪري اسان تي غضب نازل ٿئي.</verse>
				<verse number="21">پوءِ انهن سردارن هنن کي چيو تہ هي ڀلي جيئرا رهن، پر سڄي جماعت لاءِ ڪاٺيون وڍيندڙ ۽ پاڻي ڀريندڙ ٿي رهن؛ جيئن سردارن هنن سان انجام ڪيو هو.</verse>
				<verse number="22">۽ يشوع هنن کي سڏي چيو تہ ڇالاءِ اوهان اسان سان ٺڳي ڪئي آهي، جو چيوَ تہ اسين اوهان کان پري ٿا رهون، ۽ حقيقت ڪري اسان منجهہ ٿا رهو.</verse>
				<verse number="23">تنهنڪري هاڻي اوهين لعنتي ٿيا، ۽ اوهان مان ڪوبہ، غلاميءَ، ۽ منهنجي خدا جي گهر لاءِ ڪاٺين وڍڻ، ۽ پاڻي ڀرڻ جي ڪم کان آزاد نہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="24">۽ هنن يشوع کي ورندي ڏيئي چيو تہ تنهنجن ٻانهن کي پڪيءَ طرح خبر پيئي هئي، تہ خداوند تنهنجي خدا پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تہ آءٌ توکي هي سارو ملڪ ڏيندس، ۽ انهيءَ ملڪ جا سڀ رهاڪو تنهنجي اڳيان ناس ڪري ڇڏيندس؛ تنهنڪري اسان کي پنهنجي جان جو ڏاڍو خوف ٿيو، ۽ انهي ڪري اسان هيئن ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="25">۽ هاڻي ڏس، اسين تنهنجي هٿ ۾ آهيون: جيئن توکي چڱو ۽ مناسب ڏسڻ ۾ اچي، تيئن اسان سان ڪر.</verse>
				<verse number="26">۽ هن انهن سان ائين ڪيو، ۽ بني اسرائيل جي هٿن مان ڇڏايائين، ۽ هنن انهن کي قتل نہ ڪيو.</verse>
				<verse number="27">۽ انهيءَ ڏينهن يشوع انهن کي جماعت جي لاءِ، ۽ خداوند جي قربانگاهہ لاءِ، ڪاٺين وڍيندڙ ۽ پاڻي ڀريندڙ مقرر ڪيو، ۽ اڄ ڏينهن تائين ائين ئي ٿيندو اچي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن يروشلم جي بادشاهہ ادوني صدق ٻڌو تہ يشوع ڪيئن نہ عئي ورتو آهي، ۽ انهيءَ کي صفا ناس ڪري ڇڏيو اٿس؛ جيئن هن يريحو، ۽ انهيءَ جي بادشاهہ سان ڪيو هو تيئن هن عئي ۽ انهي جي بادشاهہ سان بہ ڪيو آهي؛ ۽ هي بہ ٻڌائين تہ جبعون جي رهاڪن اسرائيل سان صلح ڪيو آهي، ۽ انهن منجهہ پيا گذارين؛</verse>
				<verse number="2">تڏهن هنن کي ڏاڍو ڊپ لڳو، ڇالاءِ جو جبعون وڏو شهر هو، ۽ شاهي شهرن مان هڪڙو هو، ۽ عئي کان وڏو هو، ۽ اُتي جا سڀ ماڻهو زور ڀريا هئا.</verse>
				<verse number="3">تنهنڪري يروشلم جي بادشاهہ ادوني صدق حبرون جي بادشاهہ هوهام کي، ۽ يرموت جي بادشاهہ پيرام کي، ۽ لڪيس جي بادشاهہ يافيع کي، ۽ عجلون جي بادشاهہ دبير کي چوائي موڪليو تہ</verse>
				<verse number="4">مون وٽ اچو، ۽ مون کي مدد ڏيو تہ جبعون کي ماريون؛ ڇالاءِ جو هن يشوع ۽ بني اسرائيل سان صلح ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="5">تنهنڪري امورين جا پنج ئي بادشاهہ، يعني يروشلم جو بادشاهہ، حبرون جو بادشاهہ، يرموت جو بادشاهہ، لڪيس جو بادشاهہ ۽ عجلون جو بادشاهہ، اهي سڀ اچي گڏ ٿيا، ۽ پنهنجي لشڪر سميت روانا ٿيا، ۽ جبعون جي اڳيان منزل ڪري انهي سان جنگ ڪيائون.</verse>
				<verse number="6">تڏهن جبعون جي ماڻهن يشوع ڏي جلجال جي منزل تي چوائي موڪليو تہ تون پنهنجن ٻانهن تان هٿ نہ کڻ؛ جلد اچي اسان کي بچاءِ، ۽ اسان جي مدد ڪر: ڇالاءِ جو امورين جا سڀ بادشاهہ، جي جبلن ۾ ٿا رهن، سي اسان جي برخلاف اچي گڏ ٿيا آهن.</verse>
				<verse number="7">تنهن تي يشوع پاڻ سان سڀ جنگي ماڻهو، ۽ سڀ بهادر مرد وٺي جلجال مان نڪتو.</verse>
				<verse number="8">۽ خداوند يشوع کي چيو تہ ڊپ نہ ڪر: ڇالاءِ جو مون هنن کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي؛ هنن مان ڪوبہ ماڻهو تنهنجي اڳيان بيهي نہ سگهندو.</verse>
				<verse number="9">تنهنڪري يشوع اوچتو هنن تي ڪاهي آيو، ۽ سڄي رات جلجال مان نڪري پنڌ ڪندو ويو.</verse>
				<verse number="10">۽ خداوند هنن کي اسرائيل جي اڳيان شڪست ڏياري، ۽ جبعون وٽ هنن منجهہ ڏاڍو ڪوس وڌائين، ۽ جيڪو رستو بيت حورون ڏانهن ٿو وڃي اُتي هو هنن جي پٺيان پيا، ۽ هنن کي ماريندا، ڀڄائيندا، عزيقاہ ۽ مقيدہ تائين ويا.</verse>
				<verse number="11">۽ هيئن ٿيو جو جيئن هو اسرائيل جي اڳيان ڀڄندا ويا، ۽ بيت حورون ڏي لهندا ويا، تيئن عزيقاہ تائين خداوند هنن جي مٿان آسمان مان وڏا وڏا پٿر وسايا، جنهنڪري هو مري ويا: جن کي بني اسرائيل ترار سان قتل ڪيو، تن کان وڌيڪ ڳڙن جي سبب مئا.</verse>
				<verse number="12">جنهن ڏينهن خداوند امورين کي بني اسرائيل جي حوالي ڪيو تنهن ڏينهن يشوع خداوند کي عرض ڪيو، ۽ بني اسرائيل جي اڳيان چيائين، تہ اي سج، تون جبعون تي ۽ اي چنڊ، تون ايالون جي واديءَ ۾ بيٺو رهہ.</verse>
				<verse number="13">۽ سج هڪڙي هنڌ بيهي رهيو، ۽ چنڊ بہ ترسي پيو، جيستائين ڪ انهن ماڻهن پنهنجي دشمنن کان وير پئي ورتو، اهو آشر جي ڪتاب ۾ نہ لکيل آهي ڇا؟ انهيءَ طرح سج آسمان جي وچ ۾ ٽڪ ٻڌي بيٺو، ۽ قريب سڄو ڏينهن اُلهندي ڏانهن نہ لڙيو.</verse>
				<verse number="14">انهي کان اڳي، يا اُنهي کان پوءِ، انهي جهڙو ڏينهن ڪڏهن ڪونہ ٿيو، جنهن ۾ خداوند انسان جو آواز ٻڌو: ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جي پاران وڙهيو.</verse>
				<verse number="15">۽ يشوع سڀني اسرائيلين سميت موٽي اچي جلجال ۾ منزل ڪئي.</verse>
				<verse number="16">۽ اُهي پنج بادشاهہ ڀڄي مقيدہ جي هڪڙيءَ غار ۾ وڃي لڪا.</verse>
				<verse number="17">۽ ماڻهن يشوع کي خبر ڏني تہ اُهي پنج ئي بادشاهہ مقيدہ جي هڪڙي غار ۾ لڪل آهن.</verse>
				<verse number="18">تڏهن يشوع چيو تہ ڪي وڏا پٿر ليٽائي غار جي منهن تي آڻي وجهو، ۽ انهن جي ڀرسان ڪي ماڻهو پهري ڏيڻ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو:</verse>
				<verse number="19">پوءِ ترسجو نہ، پر پنهنجن دشمنن جي پٺيان پئو، ۽ جيڪي انهن مان سڀني کان پٺتي هجن، انهن کي مارجو: هنن کي سندن شهرن ۾ گهڙڻ نہ ڏجو: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جي خدا هنن کي اوهان جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="20">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يشوع ۽ بني اسرائيل هنن کي قتل ڪري چڪا، اهڙو جو هو مري کپي ويا، تڏهن باقي جيڪي انهن مان بچيا هئا سي ڪوٽن وارن شهرن ۾ وڃي لڪا.</verse>
				<verse number="21">پوءِ سڀ ماڻهو صحيح سلامت موٽي مقيدہ ۾ يشوع وٽ آيا: ڪنهن بہ بني اسرائيل جي برخلاف زبان نہ چوري.</verse>
				<verse number="22">تڏهن يشوع چيو تہ غار جو منهن کوليو، ۽ انهي مان اُهي پنج ئي بادشاهہ مون وٽ وٺي اچو.</verse>
				<verse number="23">۽ هنن ائين ڪيو، ۽ انهن پنجن ئي بادشاهن کي غار مان ڪڍي آيا، يعني يروشلم جي بادشاهہ کي، ۽ حبرون جي بادشاهہ کي، ۽ يرموت جي بادشاهہ کي، ۽ لڪيس جي بادشاهہ کي، ۽ عجلون جي بادشاهہ کي.</verse>
				<verse number="24">۽ هيئن ٿيو جو جڏهن هو انهن پنجن ئي بادشاهن کي ڪڍي يشوع وٽ وٺي آيا، تڏهن يشوع اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي سڏايو، ۽ جيڪي جنگي مرد ساڻس آيا هئا، تن جي سردارن کي چيائين، تہ اوهين ويجها اچو، ۽ پنهنجا پير هنن بادشاهن جي ڳچين تي رکو: ۽ هو ويجها آيا، ۽ پنهنجا پير هنن جي ڳچين تي رکيائون.</verse>
				<verse number="25">پوءِ يشوع هنن کي چيو تہ ڊڄو نہ، نڪو خوف ڪريو؛ مضبوط ۽ چڱي همت وارا ٿيو: ڇالاءِ جو جن دشمنن سان اوهين وڙهو ٿا تن سڀني سان خداوند ائين ڪندو.</verse>
				<verse number="26">تنهن کان پوءِ يشوع انهن کي ماريو، ۽ قتل ڪيو، ۽ پنجن وڻن تي لٽڪائي ڇڏيائين: ۽ اُهي شام تائين انهن وڻن تي لٽڪيا پيا هئا.</verse>
				<verse number="27">۽ سج لهڻ مهل هيئن ٿيو جو يشوع جي حڪم تي هنن انهن کي وڻن تان لاٿو، ۽ جنهن غار ۾ هو لڪا هئا، تنهن غار ۾ اُڇلائي ڇڏيائون، ۽ ڪي وڏا پٿر غار جي منهن تي آڻي وڌائون، جي اڄ ڏينهن تائين اُتي پيا آهن.</verse>
				<verse number="28">۽ انهيءَ ڏينهن يشوع مقيدہ ورتو، ۽ انهي کي، ۽ انهي جي بادشاهہ کي، ترار جي ڌار سان ماريو، پوءِ انهن کي، ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو انهيءَ ۾ هئا، تن سڀني کي صفا ناس ڪري ڇڏيائين: هڪڙو بہ ڪونہ ڇڏيائين: ۽ مقيدہ جي بادشاهہ سان اهڙي هلت ڪيائين جهڙي يريحو جي بادشاهہ سان ڪئي هئائين.</verse>
				<verse number="29">تنهن کان پوءِ يشوع سڀني اسرائيلين کي پاڻ سان وٺي مقيدہ مان لنگهي لبناہ ۾ ويو، ۽ لبناہ سان جنگ ڪيائين.</verse>
				<verse number="30">۽ خداوند اُهو بہ، انهي جي بادشاهہ سميت، اسرائيل جي هٿ ۾ ڏنو؛ ۽ هن انهي کي، ۽ جيڪي ماڻهو انهي منجهہ هئا، تن سڀني کي ترار جي ڌار سان ماريو؛ ڪوبہ ڪونہ ڇڏي ڏنائين، ۽ انهيءَ جي بادشاهہ سان اهڙي هلت ڪيائين جهڙي يريحو جي بادشاهہ سان ڪئي هئائين.</verse>
				<verse number="31">پوءِ يشوع سڀني اسرائيلين کي پاڻ سان وٺي لبناہ مان نڪري لڪيس ۾ آيو، ۽ انهي جي سامهون لهي پيو، ۽ انهيءَ سان جنگ ڪيائين:</verse>
				<verse number="32">۽ خداوند لڪيس اسرائيل جي حوالي ڪيو، ۽ هن انهي کي ٻئي ڏينهن ورتو، ۽ انهي ۾ جيڪي ماڻهو هئا تن کي ترار جي ڌار سان ماري ڇڏيائين، جيئن لبناہ سان ڪيو هئائين.</verse>
				<verse number="33">تڏهن هورم، جزر جو بادشاهہ، لڪيس جي مدد لاءِ چڙهي آيو؛ ۽ يشوع انهي کي ۽ انهي جي ماڻهن کي اهڙو ماريو جو انهن مان هڪڙو بہ ڪونہ بچايائين.</verse>
				<verse number="34">پوءِ يشوع لڪيس مان ڪوچ ڪري، سڀني اسرائيلين کي پاڻ سان وٺي، عجلون ۾ آيو؛ ۽ هنن انهي جي سامهون منزل ڪئي، ۽ انهيءَ سان وڙهيا؛</verse>
				<verse number="35">۽ انهيءَ ڏينهن انهيءَ کي بہ ورتائون، ۽ انهيءَ ۾ جيڪي ماڻهو هئا تن سميت انهي کي ترار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون، ۽ انهيءَ ڏينهن لڪيس وانگر انهن کي بہ صفا ناس ڪري ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="36">پوءِ يشوع عجلون مان ڪوچ ڪري، سڀني اسرائيلين کي پاڻ سان وٺي، حبرون ۾ آيو؛ ۽ هو انهيءَ سان وڙهيا:</verse>
				<verse number="37">۽ انهيءَ کي بہ ورتائون، ۽ انهي کي، ۽ انهي جي بادشاهہ کي، ۽ انهي جي سڀني شهرن کي، ۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ ۾ هئا، تن کي ترار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون، ۽ جيئن عجلون ۾ ڪيو هئائون، تيئن هڪڙي کي بہ نہ ڇڏي ڏنائون؛ پر انهي کي، ۽ جيڪي ماڻهو انهي ۾ هئا، تن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="38">۽ يشوع سڀني اسرائيلين سميت اُتان موٽي دبير ۾ آيو؛ ۽ انهي سان جنگ ڪيائين:</verse>
				<verse number="39">۽ انهي کي، ۽ انهي جي بادشاهہ کي، ۽ انهن جي سڀني شهرن کي ورتائين؛ ۽ انهي کي ترار جي ڌار سان ماري، ۽ سڀني ماڻهن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائين؛ هن ڪنهن کي بہ ڪونہ ڇڏيو. جهڙو حال حبرون جو ڪيو هئائين، اهڙو دبير، ۽ انهي جي بادشاهہ جو بہ ڪيائين؛ اهڙو ساڳيو حال لبناہ ۽ انهي جي بادشاهہ جو بہ ڪيو هئائين.</verse>
				<verse number="40">انهي طرح يشوع ڪوهستان جي، ۽ ڏکڻ جي، ۽ واديءَ جي، ۽ سلاميءَ جي ساري ملڪ کي، ۽ انهن جي بادشاهن کي، چٽ ڪري ڇڏيو؛ هن ڪوبہ ڪونہ ڇڏيو: بلڪ جيڪي بہ ساهوارا اُتي هئا تن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائين، جيئن ڪ خداوند اسرائيل جي خدا فرمايو هو.</verse>
				<verse number="41">۽ يشوع انهن کي قادس برنيع کان وٺي غزہ تائين، ۽ جشن جي ساري ملڪ کان جبعون تائين، ماري کپائي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="42">۽ اهي سڀ بادشاهہ، ۽ انهن جا ملڪ، يشوع هڪڙي ئي وقت ورتا، ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا اسرائيل جي پاران وڙهيو.</verse>
				<verse number="43">پوءِ يشوع سڀني اسرائيلين سميت موٽي جلجال ۾ اچي منزل ڪئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن حصور جي بادشاهہ يابين اهي ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن هن مدون جي بادشاهہ يوبات، ۽ سمرون جي بادشاهہ، ۽ اڪشاف جي بادشاهہ ڏي،</verse>
				<verse number="2">۽ ٻيا جيڪي بادشاهہ ڪوهستان جي اُتر ڏي، ۽ ڪنرٿ جي ڏکڻ وارن ميدانن ۾، ۽ واديءَ ۾، ۽ اُلهندي ڏي دور جي چوٽين تي هئا،</verse>
				<verse number="3">۽ اُڀرندي ۽ اُلهندي ڏانهن ڪنعانين ڏي، ۽ امورين، ۽ حتين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين ڏي، جي جابلو ملڪن ۾ هئا، ۽ حوين ڏي، جي مصفاہ جي ملڪ ۾ حرمون جي هيٺان هئا، تن سڀني کي اچڻ لاءِ چوائي موڪليو.</verse>
				<verse number="4">۽ اُهي سڀئي پاڻ سان پنهنجا لشڪر وٺي نڪتا، ۽ اُهي ايترا بيشمار ماڻهو هئا، جو گهڻائيءَ ۾ سمنڊ جي ڪناري تي پيل واريءَ جيترا هئا، ۽ ساڻن گهڻا ئي گهوڙا، ۽ جنگي گاڏيون هيون.</verse>
				<verse number="5">۽ جڏهن اهي سڀ بادشاهہ اچي گڏ ٿيا؛ تڏهن هو اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ، ميروم جي پاڻين تي، هڪ هنڌ تنبو هڻي لهي پيا.</verse>
				<verse number="6">تڏهن خداوند يشوع کي چيو تہ هنن کان نہ ڊڄ: ڇالاءِ جو سڀاڻي هن وقت آءٌ انهن سڀني کي اسرائيل جي اڳيان ماري سندن حوالي ڪندس: تون هنن جا گهوڙا گُڏيندين ۽ هنن جون گاڏيون باهہ سان ساڙيندين.</verse>
				<verse number="7">انهيءَ موجب يشوع سڀ جنگي مرد پاڻ سان وٺي انهن سان وڙهڻ لاءِ اوچتو ميروم جي پاڻين وٽ آيو؛ ۽ انهن تي ڪاهي اچي پيو.</verse>
				<verse number="8">۽ خداوند انهن کي اسرائيل جي هٿ ۾ ڏنو، جن انهن کي ماري پٺيان پئي وڏي صيدا تائين، ۽ مسرفات المائم تائين، ۽ اُڀرندي ڏي مصفاہ تائين، ڀڄائي ڪڍيو؛ ۽ انهن کي اهڙو ماري چٽ ڪيائون، جو هڪڙو بہ باقي نہ ڇڏيائون؛</verse>
				<verse number="9">۽ يشوع انهن سان ائين ئي ڪيو جيئن خداوند فرمايو هوس: هن انهن جا گهوڙا گڏيا، ۽ هنن جون گاڏيون باهہ سان ساڙي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="10">انهي وقت يشوع پٺتي موٽي حصور ورتو، ۽ انهي جي بادشاهہ کي ترار سان ماريائين: ڇالاءِ جو اڳئين وقت ۾ حصور انهن سڀني بادشاهن جو سردار هو.</verse>
				<verse number="11">۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ ۾ هئا تن سڀني کي ترار جي ڌار سان ماري صفا ناس ڪري ڇڏيائون: هڪڙو بہ جيئرو نہ ڇڏيائون: ۽ هن حصور کي باهہ سان ساڙي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="12">۽ انهن بادشاهن جا سڀ شهر، ۽ انهن جا سڀ سردار يشوع ورتا، ۽ انهن کي ترار جي ڌار سان ماري صفا ناس ڪري ڇڏيائين؛ جيئن ڪ خداوند جي ٻانهي موسيٰ حڪم ڏنو هو.</verse>
				<verse number="13">باقي جيڪي شهر ٽڪر تي مضبوط بيٺا هئا، تن مان ڪنهن کي بہ اسرائيل نہ ساڙيو، سواءِ انهي هڪڙي حصور کي جنهن کي يشوع ساڙي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="14">۽ انهن شهرن جو سڀ لٽ جو مال، ۽ چوپايو مال، بني اسرائيل غنيمت ڄاڻي پنهنجي لاءِ رکيو؛ پر سڀ ماڻهو هنن ترار جي ڌار سان قتل ڪري ڇڏيا، ۽ انهن کي اهڙو ناس ڪيائون جو هڪڙو بہ جيئرو نہ ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="15">جيئن خداوند پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن موسيٰ يشوع کي حڪم ڏنو هو: ۽ يشوع بہ ائين ئي ڪيو؛ جيڪي بہ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو سو سڀ پورو ڪيائين.</verse>
				<verse number="16">انهي طرح يشوع اُهو سڄو ملڪ ورتو، يعني ڪوهستان ۽ سڄو ڏکڻ وارو ملڪ، ۽ جشن جو ملڪ، ۽ وادي، ۽ ميدان، ۽ اسرائيل وارو جابلو ملڪ، ۽ انهي جي وادي؛</verse>
				<verse number="17">يعني خلق جبل، جو سعير ڏانهن آهي، تنهن کان وٺي، حرمون جبل هيٺان، لبنان جي واديءَ ۾ بعل جد تائين: ۽ هن انهن جا سڀ بادشاهہ ماري چٽ ڪري ڇڏيا.</verse>
				<verse number="18">يشوع انهن سڀني بادشاهن سان گهڻي وقت تائين جنگ پئي ڪئي.</verse>
				<verse number="19">هڪڙو بہ شهر نہ هو جنهن بني اسرائيل سان صلح ڪيو، سواءِ حوين جي، جي جبعون ۾ رهندا هئا: ٻيا سڀ هنن جنگ ۾ ورتا.</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ جو اهو خداوند جو حڪم هو، جنهن هنن جون دليون سخت ڪيون، تہ اسرائيل سان اچي جنگ ڪن، انهي لاءِ تہ هو کين صفا ناس ڪري ڇڏين، ۽ مٿن ڪابہ مهرباني نہ ٿئي، بلڪ هنن کي چٽ ڪري ڇڏين، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.</verse>
				<verse number="21">۽ انهي وقت يشوع آيو ۽ عناقيم کي ڪوهستان مان، ۽ حبرون مان، ۽ دبير مان، ۽ عناب مان، ۽ يهوداہ جي ۽ اسرائيل جي جابلو ملڪ مان، ناس ڪري ڇڏيو: يشوع انهن سڀني کي سندن شهرن سميت صفا ناس ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="22">عناقيم مان ڪوبہ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ نہ ڇڏيائون: فقط غزہ ۾، ۽ جات ۾، ۽ اشدود ۾ ڪي وڃي بچيا.</verse>
				<verse number="23">انهي طرح جيڪي بہ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، ان موجب يشوع سڄو ملڪ هٿ ڪيو؛ ۽ يشوع اُهو بني اسرائيل کي سندن قبيلن ۽ فرقن موجب، ورثي طور ڏيئي ڇڏيو. پوءِ انهيءَ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">هاڻي جيڪا زمين يردن جي هن ڀر اُڀرندي ڏي ارنون جي واديءَ کان وٺي حرمون جي جبل تائين هئي، ۽ جيڪو ميدان اُڀرندي ڏي هو، تن جي جن جن بادشاهن کي بني اسرائيل ماري انهن جو ملڪ هٿ ڪيو، سي هي آهن:</verse>
				<verse number="2">امورين جو بادشاهہ سيحون، جو حسبون ۾ رهندو هو، ۽ جنهن جي بادشاهي عروعير کان وٺي، جو ارنون جي واديءَ جي ڪناري تي آهي، واديءَ جي وچ تائين، ۽ جلعاد جي اڌ تائين يعني بني عمون جي حد، يبوق نديءَ تائين هئي،</verse>
				<verse number="3">۽ ميدان کان وٺي اُڀرندي ڏي ڪنرٿ جي سمنڊ تائين، ۽ ميدان جي سمنڊ ڏي يعني اُڀرندي واري کاري سمنڊ تائين، جو بيت يسيموٿ ڏي وڃڻ جو رستو آهي، ۽ پسگہ جي لاهيءَ هيٺان ڏکڻ تائين هئي:</verse>
				<verse number="4">۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي سرحد، جو باقي بچيل رفائيم مان هو، ۽ عستارات ۽ ادرعيءَ وٽ رهندو هو،</verse>
				<verse number="5">۽ جنهن جي بادشاهي هئي حرمون جبل ۾، ۽ سلڪہ، ۽ سڄي بسن تي، جسورين ۽ معڪاتين جي سرحد ۽ اڌ جلعاد تائين، ۽ حسبون جي بادشاهہ سيحون جي سرحد تي هئي:</verse>
				<verse number="6">انهن کي خداوند جي ٻانهي موسيٰ ۽ بني اسرائيل ماري مات ڪيو: ۽ خداوند جي ٻانهي موسيٰ اهو سڄو ملڪ ورثو ڪري بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي کي ڏيئي ڇڏيو هو.</verse>
				<verse number="7">۽ جيڪو ملڪ يردن جي هن ڀر الهندي ڏي لبنان جي واديءَ ۾ بعل جد کان وٺي خلق جبل، جو سعير ڏي ٿو وڃي، تنهن تائين آهي، تنهن جا بادشاهہ هي آهن، جن کي يشوع ۽ بني اسرائيل ماري مات ڪيو، ۽ انهن جو ملڪ ورثو ڪري هن بني اسرائيل کي سندن حصن موجب ورهائي ڏيئي ڇڏيو هو؛</verse>
				<verse number="8">يعني جابلو ملڪ ۾، ۽ وادين ۾، ۽ ميدانن ۾، ۽ لاهين تي، ۽ بيابان ۾، ۽ ڏکڻ واري ملڪ ۾؛ حتي ۽ اموري، ۽ ڪنعاني، ۽ فرزي، ۽ حوي، ۽ يبوسي:</verse>
				<verse number="9">يريحو جو بادشاهہ، هڪڙو؛ عئيءَ جو بادشاهہ، جو بيت ايل جي ڀرسان هو، هڪڙو؛</verse>
				<verse number="10">يروشلم جو بادشاهہ، هڪڙو؛ حبرون جو بادشاهہ، هڪڙو؛</verse>
				<verse number="11">يرموٿ جو بادشاهہ، هڪڙو؛ لڪيس جو بادشاهہ، هڪڙو؛</verse>
				<verse number="12">عجلون جو بادشاهہ، هڪڙو؛ جزر جو بادشاهہ، هڪڙو؛</verse>
				<verse number="13">دبير جو بادشاهہ، هڪڙو؛ جدر جو بادشاهہ، هڪڙو؛</verse>
				<verse number="14">حرمہ جو بادشاهہ، هڪڙو؛ عراد جو بادشاهہ، هڪڙو؛</verse>
				<verse number="15">لبناہ جو بادشاهہ، هڪڙو؛ عدلام جو بادشاهہ، هڪڙو؛</verse>
				<verse number="16">مقيدہ جو بادشاهہ، هڪڙو؛ بيت ايل جو بادشاهہ، هڪڙو؛</verse>
				<verse number="17">تفوح جو بادشاهہ، هڪڙو؛ حفر جو بادشاهہ، هڪڙو؛</verse>
				<verse number="18">افيق جو بادشاهہ، هڪڙو؛ لشرون جو بادشاهہ، هڪڙو؛</verse>
				<verse number="19">مدون جو بادشاهہ، هڪڙو؛ حصور جو بادشاهہ، هڪڙو؛</verse>
				<verse number="20">۽ سمرون مرون جو بادشاهہ، هڪڙو؛ اڪشاف جو بادشاهہ، هڪڙو؛</verse>
				<verse number="21">تعنڪ جو بادشاهہ، هڪڙو؛ مجدو جو بادشاهہ، هڪڙو؛</verse>
				<verse number="22">قادس جو بادشاهہ، هڪڙو؛ ڪرمل واري يقنعام جو بادشاهہ، هڪڙو؛</verse>
				<verse number="23">دور جي چوٽيءَ تي دور جو بادشاهہ، هڪڙو؛ جلجال جي قومن جو بادشاهہ، هڪڙو؛</verse>
				<verse number="24">ترضہ جو بادشاهہ، هڪڙو؛ ڪل ايڪٽيهہ بادشاهہ هئا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">هاڻي يشوع پيرسن ۽ ڪُهن سال ٿيو؛ ۽ خداوند کيس چيو تہ تون ٻڍو ٿيو آهين، ۽ اڃا گهڻي زمين باقي بچي پيئي آهي جا هٿ ڪرڻي آهي.</verse>
				<verse number="2">۽ جيڪا زمين اڃا رهيل آهي سا هيءَ آهي: فلستين جون سڀ سرحدون، ۽ سڀ جسوري؛</verse>
				<verse number="3">سيحور، جو مصر جي اڳيان آهي تنهن کان وٺي اُتر ڏي عقرون جي حد تائين، جو ڪنعانين ۾ شمار ٿيل آهي: فلستين جا پنج سردار؛ يعني غزي ۽ اشدودي، اسقلوني، جاتي، ۽ عقروني؛</verse>
				<verse number="4">۽ ڏکڻ ۾ عويم: ۽ ڪنعانين جي ساري زمين، ۽ مغارہ جو صيدانين جو آهي، تنهن کان وٺي افيق تائين، يعني امورين جي حدن تائين:</verse>
				<verse number="5">۽ جبلين جو ملڪ، ۽ سارو لبنان، اُڀرندي ڏي، حرمون جبل جي هيٺان بعل جد کان وٺي حماٿ ۽ انهي جي گهڙڻ تائين:</verse>
				<verse number="6">ڪوهستان جا سڀيئي رهاڪو، لبنان کان وٺي مسرفات المائم تائين ۽ سڀ صيداني بہ، انهن سڀني کي آءٌ بني اسرائيل جي اڳيان ڪڍي ڇڏيندس: تون فقط انهيءَ کي ورهائي اسرائيل کي ورثو ڪري ڏي، جيئن مون توکي فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري هاڻي اها زمين تون اُنهن نوَن فرقن، ۽ منسي جي اڌ فرقي کي ورثي ۾ ورهائي ڏي.</verse>
				<verse number="8">انهن جي ٻئي حصي کي بني روبن، ۽ بني جد سان گڏ، اُڀرندي ڏي يردن جي هن ڀر موسيٰ جو ڏنل موروثي حصو مليو، جهڙيءَ طرح خداوند جي ٻانهي موسيٰ هنن کي ڏنو؛</verse>
				<verse number="9">يعني عروعير، جو ارنون جي واديءَ جي ڪناري تي آهي، ۽ جيڪو شهر واديءَ جي وچ ۾ آهي، ۽ ميدبا جو سارو ميدان، جو ديبون تائين آهي؛</verse>
				<verse number="10">۽ امورين جي بادشاهہ جا سڀ شهر، سيحون، جو حسبون ۾ بني عمون جي سرحد تائين بادشاهت ڪندو هو؛</verse>
				<verse number="11">۽ جلعاد ۽ جسورين ۽ معڪاٿين جي سرحد، ۽ سڄو حرمون جبل، ۽ سڄو بسن سلڪہ تائين</verse>
				<verse number="12">بسن ۾ عوج جي سڄي بادشاهت، جو رفائيم مان باقي بچيل هو، جو عستارات ۽ ادرعي ۾ بادشاهت ڪندو هو؛ ڇالاءِ جو انهن کي موسيٰ ماري مات ڪري ڪڍي ڇڏيو هو.</verse>
				<verse number="13">انهي هوندي بہ بني اسرائيل نڪي جسورين کي، نڪي معڪاٿين کي، ڪڍي ڇڏيو: پر اهي جسوري ۽ معڪاٿي، اڄ ڏينهن تائين بني اسرائيل منجهہ رهندا اچن.</verse>
				<verse number="14">رڳو لاوي جي فرقي کي هن ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنو؛ خداوند اسرائيل جي خدا جون باهہ سان ساڙڻ واريون قربانيون انهن جو ورثو آهن، جيئن هن کيس فرمايو.</verse>
				<verse number="15">۽ موسيٰ بني روبن جي فرقي کي سندن قبيلن موجب ورثو ڏنو:</verse>
				<verse number="16">۽ انهن جي سرحد عروعير کان شروع ٿي جو ارنون جي واديءَ جي ڪناري تي آهي، ۽ جيڪو شهر واديءَ جي وچ ۾ آهي، ۽ ميدبا جي پاسي وارو سڄو ميدان؛</verse>
				<verse number="17">حسبون ۽ ان جا جيڪي شهر ميدان ۾ آهن؛ ديبون، ۽ باماٿ بعل، ۽ بيٿ بعل معون،</verse>
				<verse number="18">۽ يهصاہ، ۽ قديماٿ، ۽ مفعٿ،</verse>
				<verse number="19">۽ قريٿائم، ۽ سبماہ، ۽ ضرٿ السحر، جو واديءَ جي ٽڪر تي آهي؛</verse>
				<verse number="20">۽ بيت فغور، ۽ پسگہ جا چشما، ۽ بيت يسيموٿ،</verse>
				<verse number="21">۽ ميدان جا سڀ شهر، ۽ امورين جي بادشاهہ سيحون جي ڪل بادشاهت، جو حسبون ۾ بادشاهي ڪندو هو، ۽ جنهن کي موسيٰ مديان جي اميرن، اوي، ۽ رقم، ۽ صور، ۽ حور، ۽ ربع سان گڏ ماريو، اهي سڀ سيحون جا امير هئا، جي اُنهيءَ ملڪ ۾ رهندا هئا.</verse>
				<verse number="22">۽ بلعام بن بعور، جو فالون وجهندو هو، سو بہ انهن مان هو، جن کي بني اسرائيل ترار سان قتل ڪيو.</verse>
				<verse number="23">۽ بني روبن جي حد يردن ۽ ان جو ڪنارو هئي. اهو هو بني روبن جو ورثو سندن قبيلن موجب، سندن شهرن ۽ ڳوٺن سميت.</verse>
				<verse number="24">۽ موسيٰ جد جي فرقي کي، يعني بني جد کي، سندن قبيلن موجب ورثو ڏنو.</verse>
				<verse number="25">۽ انهن جي حد هئي يعزير ۽ جلعاد جا سڀ شهر، ۽ بني عمون جي اڌ زمين، عروعير تائين، جو ربہ جي سامهون آهي.</verse>
				<verse number="26">۽ حسبون کان رامٿ المصفاهہ ۽ بطونيم تائين؛ ۽ محنايم کان دبير جي حد تائين؛</verse>
				<verse number="27">۽ واديءَ ۾ بيت هارم ۽ بيت نمرہ، ۽ سڪاٿ ۽ صفون، ۽ حسبون جي بادشاهہ سيحون جي باقي بچيل بادشاهت، يردن جي ڪناري تائين، ۽ ڪنرٿ جي سمنڊ جي ڪنڌيءَ تائين، جو يردن جي هن ڀر اُڀرندي ڏي آهي.</verse>
				<verse number="28">اهو آهي بني جد جو ورثو، سندن قبيلن ۽ شهرن ۽ ڳوٺن موجب.</verse>
				<verse number="29">۽ موسيٰ منسيءَ جي اڌ فرقي کي ورثو ڏنو: ۽ بني منسيءَ جي انهي اڌ فرقي کي سندن قبيلن موجب مليل ورثو هي آهي.</verse>
				<verse number="30">انهن جي سرحد محنايم کان وٺي، سارو بسن، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي سڄي بادشاهت، ۽ يائير جا سڀ شهر، جي بسن ۾ آهن، ڪل سٺ شهر:</verse>
				<verse number="31">۽ اڌ جلعاد، ۽ عستارات، ۽ ادرعي، بسن ۾ عوج جي بادشاهت جا شهر، اهي منسيءَ جي پٽ مڪير جي اولاد جي ملڪيت هئا، يعني مڪير جي اڌ گهراڻي جي، سندن قبيلن موجب.</verse>
				<verse number="32">هي اُهي حصا آهن جي يردن جي هن ڀر، اُڀرندي ڏي، يريحو جي ڀرسان، موآب جي ميدان ۾ موسيٰ ورثو ڪري ورهائي ڏيئي ڇڏيا.</verse>
				<verse number="33">پر لاوي جي فرقي کي موسيٰ ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنو: خداوند، اسرائيل جو خدا، انهن جو ورثو آهي، جيئن هن انهن کي فرمايو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">۽ جيڪي ملڪ بني اسرائيل کي ڪنعان جي زمين ۾ ورثو ٿي مليا سي هي آهن، ۽ اُهي اليعزر ڪاهن، ۽ يشوع بن نون، ۽ بني اسرائيل جي فرقن جي بزرگن انهن کي ورهائي ڏنا.</verse>
				<verse number="2">اهو ورثو ڪڻن وجهڻ سان ورهايو ويو هو، جيئن خداوند موسيٰ جي معرفت انهن نوَن فرقن ۽ اڌ فرقي کي ڏيڻ جي لاءِ حڪم ڪيو هو.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو موسيٰ ٻن فرقن ۽ اڌ فرقي کي يردن جي هن ڀر ورثو ڏنو هو: پر لاوين کي انهن سان گڏ ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنائين.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو يوسف جي ٻن پٽن، منسي ۽ افرائيم جا ٻہ فرقا هئا: ۽ هنن انهيءَ ملڪ ۾ لاوين کي ڪوبہ حصو ڪونہ ڏنو، سواءِ شهرن جي، ۽ چاري جي لاءِ زمين، تہ اُتي پاڻ بہ رهن، ۽ پنهنجو مال بہ چارين، ۽ پنهنجو قوت گذران بہ ڪن.</verse>
				<verse number="5">جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن بني اسرائيل ڪيو، ۽ انهن زمين ورهائي.</verse>
				<verse number="6">تنهن کان پوءِ بني يهوداہ جلجال ۾ يشوع وٽ آيا: ۽ ڪالب بن يفنہ قنزي هن کي چيو تہ توکي انهيءَ ڳالهہ جي خبر آهي، تہ خدا جي ٻانهي موسيٰ کي، قادس برنيع ۾، خداوند منهنجي ۽ تنهنجي نسبت ۾ ڇا فرمايو هو.</verse>
				<verse number="7">جڏهن خداوند جي ٻانهي موسيٰ مون کي قادس برنيع مان انهيءَ ملڪ جي جاسوسي لاءِ موڪليو هو، تڏهن آءٌ چاليهن سالن جي عمر جو هوس؛ ۽ مون موٽي اچي هن کي اُها خبر ڏني جا منهنجي دل ۾ هئي.</verse>
				<verse number="8">انهيءَ هوندي بہ منهنجا ڀائر، جي مون سان هليا هئا، تن ماڻهن جون دليون پگهاري ڇڏيون؛ پر مون خداوند پنهنجي خدا جي پوري پيروي ڪئي.</verse>
				<verse number="9">۽ موسيٰ انهي ڏينهن قسم کڻي چيو، تہ جنهن زمين تي تنهنجا پير پيا آهن، سا ضرور تنهنجي ۽ تنهنجي اولاد جي لاءِ، هميشہ لاءِ موروثي ملڪيت ٿيندي، ڇو جو تو خداوند پنهنجي خدا جي پوري پيروي ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="10">هاڻي ڏس جيئن خداوند فرمايو هو تيئن ٿيو، يعني جنهن وقت خداوند هيءَ ڳالهہ موسيٰ سان ڪئي، ۽ اڃا بني اسرائيل بيابان ۾ رلندا ٿي وتيا، تنهن وقت کان وٺي اڄ تائين جي پنجيتاليهہ ورهيہ گذريا آهن، سي هو مون کي جيئرو رکندو آيو آهي؛ ۽ هاڻي ڏس، آءٌ اڄ پنجاسي ورهين جي عمر جو آهيان.</verse>
				<verse number="11">اڃا تائين آءٌ اهڙو مضبوط آهيان جهڙو انهيءَ ڏينهن هوس، جنهن ڏينهن موسيٰ مون کي موڪليو: مون کي جهڙو زور اڳي هو تهڙو هاڻي بہ آهي، جهڙو جنگ لاءِ، تهڙو اندر ٻاهر اچڻ وڃڻ لاءِ.</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري هاڻي مون کي اهو جبل ڏي جنهن بابت خداوند انهيءَ ڏينهن ذڪر ڪيو هو؛ ڇالاءِ جو انهي ڏينهن تو ٻڌو تہ عناقيم اُتي رهن ٿا، ۽ اُتي جا شهر وڏا ۽ قلعن وارا آهن: جيڪڏهن خداوند مون سان ٿيندو تہ پوءِ آءٌ انهي کي هڪالي ڪڍندس، جيئن خداوند فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="13">تڏهن يشوع هن جي حق ۾ دعا ڪئي، ۽ ڪالب بن يفنہ کي حبرون ورثو ڪري ڏنائين.</verse>
				<verse number="14">تنهنڪري اڄ ڏينهن تائين حبرون، ڪالب بن يفنہ قنزيءَ جي ملڪيت آهي، ڇالاءِ جو هن خداوند اسرائيل جي خدا جي پوريءَ طرح پيروي ڪئي.</verse>
				<verse number="15">۽ حبرون جو نالو اڳي قريٿ اربع هو؛ جو اربع عناقيم ۾ سڀني کان وڏو ماڻهو هو. تنهن کان پوءِ انهيءَ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="15">
				<verse number="1">انهي طرح بني يهوداہ جي فرقي جو سندن قبيلن موجب ڪڻن پيري اهو حصو هو: جو ڏکڻ ڏانهن صين جي بيابان ادوم جي سرحد تائين هو، جو ڏکڻ جي ڪناري جي تمام پڇاڙيءَ وارو ڀاڱو آهي.</verse>
				<verse number="2">۽ انهن جي ڏکڻ واري سرحد کاري سمنڊ جي حد کان وٺي هئي، يعني اُنهيءَ شاخ کان وٺي جنهن جو رخ ڏکڻ ڏانهن آهي:</verse>
				<verse number="3">۽ اها ڏکڻ ڏانهن عقربيم جي چاڙهيءَ ڏانهن هلي ويئي، ۽ لنگهي سڌي صين تائين ويئي، ۽ اُتان وري ڏکڻ واري پاسي قادس برنيع تائين چڙهي، پوءِ لنگهي حصرون ڏي ويئي، ۽ اُتان چڙهي ادار ڏانهن وڃي، قرقع ڏانهن ڦري:</verse>
				<verse number="4">اُتان عضمون ڏانهن هلي مصر جي نهر تائين نڪري ويئي؛ اُنهيءَ ڪناري جون حدون وڃي سمنڊ تي بيٺيون: اها اوهان جي ڏکڻ واري سرحد ٿيندي.</verse>
				<verse number="5">۽ اُڀرندي واري سرحد هئي: کارو سمنڊ، يردن جي پڇاڙيءَ تائين، ۽ اُتر واري ڀاڱي جي سرحد يردن جي اصل پڇاڙيءَ واري ڀاڱي وٽ شاخ کان وٺي هلي:</verse>
				<verse number="6">پوءِ اُها سرحد بيت حجلہ ڏانهن چڙهي بيت العرابہ جي اُتر جو پاسو ڏيئي لنگهي ويئي؛ ۽ پوءِ اُها سرحد چڙهي روبن جي پٽ بوهن جي پٿر تائين ويئي:</verse>
				<verse number="7">تنهن کان پوءِ اُها سرحد عڪور جي واديءَ مان نڪري دبير ڏانهن چڙهي ويئي، جتان وري اُتر ڏي جلجال جي رخ تي هلي، يعني ادميم جي چاڙهيءَ جي سامهون، جا نديءَ جي ڏکڻ پاسي آهي: پوءِ اُها سرحد لنگهي عين شمس جي پاڻيءَ ڏي ويئي، جو عين راجل وٽ وڃي ٿو نڪري:</verse>
				<verse number="8">پوءِ اُها سرحد هنوم جي پٽ جي واديءَ جي ڀرسان چڙهي يبوسين جي ڏکڻ پاسي تائين ويئي (۽ اهو آهي يروشلم): پوءِ اُها سرحد چڙهي جبل جي چوٽيءَ تائين ويئي، جو اُلهندي ڏانهن هنوم جي واديءَ جي سامهون بيٺل آهي، جا وادي اُتر ڏي رفائيم جي وادي جي پڇاڙيءَ وٽ آهي:</verse>
				<verse number="9">پوءِ اُها سرحد ٽڪر جي چوٽيءَ تان هيٺ لهي نفتوح جي پاڻيءَ واري چشمي تائين آئي، ۽ وري چڙهي عفرون جبل جي شهرن ڏانهن ويئي؛ پوءِ اُها سرحد لهي بعلہ ڏانهن آئي، (جو قريٿ يعريم آهي).</verse>
				<verse number="10">پوءِ اُها سرحد بعلہ کان ڦري اُلهندي ڏانهن شعير جبل تائين ويئي، ۽ اُتان لنگهي اُتر ڏانهن يعريم جبل جي پاسي تائين ويئي (جو ڪسلون آهي)، پوءِ لهي بيت شمس ڏانهن وڃي، اڳتي تمنہ ڏانهن هلي ويئي:</verse>
				<verse number="11">پوءِ اُها سرحد نڪري اُتر ڏي عقرون جي پاسي تائين ويئي، پوءِ اُها لنگهي سڪرون ڏانهن، ۽ اُتان بعلہ ڏانهن لنگهي، وري نڪري يبني ايل تائين ويئي؛ ۽ انهي سرحد جي پڇاڙي وڃي سمنڊ تي بيٺي.</verse>
				<verse number="12">۽ اُلهندي واري سرحد تي وڏو سمنڊ ۽ انهي جو ڪنارو هو، اها آهي بني يهوداہ جي چئني پاسن واري سرحد، سندن قبيلن موجب.</verse>
				<verse number="13">۽ يفنہ جي پٽ ڪالب کي هن بني يهوداہ سان گڏ حصو ڏنو، جيئن خداوند يشوع کي حڪم ڏنو هو، يعني عناق جي پيءُ اربع وارو شهر (جو حبرون آهي.)</verse>
				<verse number="14">۽ ڪالب عناق جا ٽي پٽ، سيسي ۽ اخيمان ۽ تلمي، جي بني عناق هئا، تن کي اُتان هڪالي ڪڍيو.</verse>
				<verse number="15">۽ اُتان وري هو دبير جي رهندڙن تي چڙهي ويو: ۽ دبير جو نالو اڳي قريٿ سفر هو.</verse>
				<verse number="16">۽ ڪالب چيو تہ جيڪو قريٿ سفر کي ماري وٺندو، تنهن کي آءٌ پنهنجي ڌيءَ عڪسہ پرڻائيندس.</verse>
				<verse number="17">۽ ڪالب جي ڀاءُ قنز جي پٽ غٿني ايل اُهو ورتو: ۽ انهي کي هن پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ڏني.</verse>
				<verse number="18">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هوءَ پنهنجي مڙس وٽ آئي، تڏهن انهي کي چوريائين تہ پڻس کان ڪا ٻني گهري: ۽ هوءَ پنهنجي گڏهہ تان لهي پيئي؛ تڏهن ڪالب چيس تہ تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي؟</verse>
				<verse number="19">هن ورندي ڏيئي چيو تہ مون کي بخشش ڏي، ڇالاءِ جو تو مون کي ڏکڻ واري زمين ڏني آهي، مون کي پاڻيءَ جا چشما بہ ڏي. تنهن تي هن مٿيان توڙي هيٺيان چشما هن کي ڏيئي ڇڏيا.</verse>
				<verse number="20">بني يهوداہ واري فرقي جو سندن قبيلن موجب اهو ورثو آهي.</verse>
				<verse number="21">۽ بني يهوداہ واري فرقي جا سڀ کان پڇاڙيءَ وارا شهر، ادوم جي سرحد ڏانهن، ڏکڻ جي پاسي قبضي ايل، ۽ عيدر، ۽ يجور هئا.</verse>
				<verse number="22">۽ قينہ، ۽ ديمونہ، ۽ عدعدہ؛</verse>
				<verse number="23">۽ قادس، ۽ حصور، ۽ اٿنان؛</verse>
				<verse number="24">زيف، ۽ تلم، ۽ بعلوٿ؛</verse>
				<verse number="25">۽ حصور، حدتہ، ۽ قريوٿ حصورن (جو حصور آهي)؛</verse>
				<verse number="26">امام، ۽ شمع، ۽ مولادہ؛</verse>
				<verse number="27">۽ حصارجدہ، ۽ حشمون، ۽ بيت فلط؛</verse>
				<verse number="28">حصرسوعال، بيرسبع، ۽ بزيوٿياہ؛</verse>
				<verse number="29">۽ بعلہ، ۽ عييم، ۽ عضم؛</verse>
				<verse number="30">التولد، ۽ ڪسيل، حرمہ؛</verse>
				<verse number="31">صقلاج، مدمنہ، ۽ سنسناہ؛</verse>
				<verse number="32">۽ لبائوٿ، ۽ سلحيم، ۽ عين، ۽ رمون: اهي شهر مڙئي سندن ڳوٺن سميت اوڻٽيهہ آهن.</verse>
				<verse number="33">۽ ماٿريءَ ۾، استاول، ۽ صرعاہ، ۽ اسناہ؛</verse>
				<verse number="34">۽ زنوح، ۽ عين جنيم، تفوح، ۽ عينام؛</verse>
				<verse number="35">يرموٿ، ۽ عدلام، شوڪہ، ۽ عزيقہ؛</verse>
				<verse number="36">شعريم، ۽ عديٿيم، ۽ جديرہ، ۽ جديرٿيم؛ چوڏهن شهر سندن ڳوٺن سميت.</verse>
				<verse number="37">ضنان، ۽ حداشہ، ۽ مجدل جد؛</verse>
				<verse number="38">۽ دلعان، ۽ مصفاہ، ۽ يقٿي ايل؛</verse>
				<verse number="39">لڪيس، ۽ بصقت، ۽ عجلون؛</verse>
				<verse number="40">۽ ڪبون، ۽ لحمام، ۽ ڪٿليس؛</verse>
				<verse number="41">۽ جديروٿ، بيت دجون، نعمہ، ۽ مقيدہ؛ سورهن شهر، سندن ڳوٺن سميت.</verse>
				<verse number="42">لبناهہ، ۽ عٿر، ۽ عسن؛</verse>
				<verse number="43">يفتاح، ۽ اسنہ، ۽ نصيب؛</verse>
				<verse number="44">۽ قعيلہ، ۽ اڪزيب، ۽ مريسہ؛ نوَ شهر، سندن ڳوٺن سميت.</verse>
				<verse number="45">عقرون، سندن شهر ۽ ڳوٺن سميت:</verse>
				<verse number="46">عقرون کان وٺي سمنڊ تائين جيڪو ملڪ اشدود جي ويجهو هو، سو ڳوٺن سميت.</verse>
				<verse number="47">اشدود، سندن شهرن ۽ ڳوٺن سميت؛ غزہ، سندس شهرن ۽ ڳوٺن سميت، مصر جي نهر تائين، ۽ وڏي سمنڊ، ۽ انهي جي ڪناري تائين.</verse>
				<verse number="48">۽ ڪوهستان ۾، سمير، ۽ يتير، ۽ شوڪہ؛</verse>
				<verse number="49">۽ دناہ، ۽ قريٿ سنہ (جو دبير آهي)؛</verse>
				<verse number="50">۽ عناب، ۽ استموہ، ۽ عنيم؛</verse>
				<verse number="51">۽ جشن، ۽ حولون، ۽ جلوہ؛ يارهن شهر سندن ڳوٺن سميت.</verse>
				<verse number="52">اراب، ۽ دوماہ، ۽ اشعان؛</verse>
				<verse number="53">۽ ينيم ۽ بيت تيفوح، ۽ افيقہ،</verse>
				<verse number="54">۽ حمط، ۽ قريٿ اربع (جو حبرون آهي)، ۽ صيعور؛ نوَ شهر، سندن ڳوٺن سميت.</verse>
				<verse number="55">معون، ڪرمل، ۽ زيف، ۽ يُوط؛</verse>
				<verse number="56">۽ يزرعيل، ۽ يقدعام، ۽ زنوح؛</verse>
				<verse number="57">قين، جبعہ، ۽ تمنہ؛ ڏهہ شهر سندن ڳوٺن سميت.</verse>
				<verse number="58">حلحول، بيت صور ۽ جدور،</verse>
				<verse number="59">۽ معراٿ، ۽ بيت عنوٿ، ۽ التقون؛ ڇهہ شهر سندن ڳوٺن سميت.</verse>
				<verse number="60">قريٿ بعل، (جو قريٿ يعريم آهي)، ۽ ربہ، ٻہ شهر سندن ڳوٺن سميت.</verse>
				<verse number="61">بيابان ۾ بيٿ عرابہ، ميدين، ۽ سڪاڪہ،</verse>
				<verse number="62">نبسان، ۽ لوڻ جو شهر، ۽ عين جدي؛ ڇهہ شهر سندن ڳوٺن سميت.</verse>
				<verse number="63">باقي يبوسي جي يروشلم ۾ رهندا هئا، تن کي بني يهوداہ هڪالي ڪڍي نہ سگهيا: انهي ڪري يبوسي اڄ تائين يروشلم ۾ بني يهوداہ سان گڏ رهندا اچن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="16">
				<verse number="1">۽ بني يوسف جو ڪڻي پيري حصو يريحو جي ڀرسان يردن کان اُڀرندي ڏانهن يريحو جي پاڻيءَ تائين ٿيو، ۽ اُتان وري انهي بيابان تائين هو جو يريحو کان نڪري بيت ايل منجهان لنگهي هليو ٿو وڃي؛</verse>
				<verse number="2">۽ بيت ايل مان هلي لوز ڏانهن ٿو وڃي، ۽ ارڪين جي سرحد سان لنگهي عطاراٿ ڏانهن ٿو وڃي؛</verse>
				<verse number="3">پوءِ اُلهندي ڏانهن لهي يفلطين جي حد ڏانهن وڃي هيٺئين بيٿ حورون ۽ جزر تائين ٿو وڃي ۽ انهيءَ جي پڇاڙي وڃي سمنڊ تي ٿي بيهي.</verse>
				<verse number="4">انهي طرح يوسف جي اولاد، منسي ۽ افرائيم پنهنجو ورثو ورتو.</verse>
				<verse number="5">۽ بني افرائيم جي سرحد، سندن قبيلن موجب هن طرح هئي: هنن جي موروثي حصي جي حد اُڀرندي پاسي عطاراٿ ادار کان وٺي بيٿ حورون مٿئين تائين هئي؛</verse>
				<verse number="6">پوءِ اها سرحد اُتر واري پاسي مڪمٿاہ وٽ اُلهندي ڏي ويئي؛ پوءِ اُها سرحد ڦري اُڀرندي ڏي تانت سيلا تائين وڃي، انهيءَ جو پاسو ڏيئي اُڀرندي ڏانهن لنگهي ينوحاہ تائين ويئي؛</verse>
				<verse number="7">۽ ينوحاہ کان هيٺ لهي عطاراٿ ۽ نعراٿہ ڏانهن وڃي يريحو تائين آئي، ۽ پوءِ نڪري يردن تائين ويئي.</verse>
				<verse number="8">اها سرحد تفوح مان نڪري اُلهندي ڏانهن قاناہ جي نهر تائين ويئي؛ جنهن وڃي سمنڊ تي پڄاڻي ڪئي. اهو آهي بني افرائيم جو ورثو، سندن قبيلن موجب؛</verse>
				<verse number="9">۽ انهيءَ سان گڏ بني افرائيم جي لاءِ متفرقہ شهر، ۽ انهن جا ڳوٺ، بني منسي جي ميراث واري حصي ۾ هئا.</verse>
				<verse number="10">۽ انهن جزر ۾ رهندڙ ڪنعانين کي هڪالي نہ ڪڍيو، پر ڪنعاني اڄ ڏينهن تائين بني افرائيم ۾ رهندا اچن، ۽ سندن ٻانها ٿي انهن جي خدمت چاڪري ڪندا آهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="17">
				<verse number="1">منسيءَ جي فرقي لاءِ ڪڻي پيري هي حصو هو؛ ڇالاءِ جو هو يوسف جو پهريتو پٽ هو، ۽ مڪير جو منسيءَ جو پهريتو پٽ هو، ۽ جلعاد جو پيءُ هو، ڇاڪاڻ تہ هو جنگي مرد هو، تنهنڪري هن کي جلعاد ۽ بسن ورثي ۾ مليا.</verse>
				<verse number="2">بني منسيءَ مان باقي جيڪي بچيا هئا، تن کي بہ سندن قبيلن موجب هي حصو مليو؛ يعني ابيعزر جي اولاد لاءِ، ۽ بني خلق جي اولاد لاءِ، ۽ اسرائيل جي اولاد لاءِ، ۽ سڪم جي اولاد لاءِ، ۽ حفر جي اولاد لاءِ، ۽ سميدع جي اولاد لاءِ: اهي آهن يوسف جي پٽ منسيءَ جو اولاد سندن قبيلن موجب.</verse>
				<verse number="3">پر صلافحاد بن حفر، بن جلعاد، بن مڪير، بن منسيءَ کي رڳيون ڌيئرون هيون، پٽ ڪونہ هو: ۽ انهن ڌين جا نالا هي آهن، محلاہ ۽ نوعاہ، حجلاہ، ملڪاہ ۽ ترضاہ.</verse>
				<verse number="4">۽ اُهي اليعزر ڪاهن، ۽ يشوع بن نون، ۽ سردارن جي اڳيان آيون، ۽ چوڻ لڳيون تہ خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو تہ اسان کي بہ اسان جي ڀائرن سان گڏ ورثو ملي: تنهنڪري خداوند جي حڪم موجب هن سندن پيءُ جي ڀائرن سان گڏ هنن کي ورثو ڏنو.</verse>
				<verse number="5">۽ منسيءَ کي يردن جي هن ڀر واري جلعاد ۽ بسن جي زمين کان سواءِ ڏهہ حصا مليا؛</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو منسيءَ جي ڌيئرن کي سندن پٽن سان گڏ ورثو مليو: ۽ منسيءَ جي باقي ٻين پٽن کي جلعاد جي زمين ملي.</verse>
				<verse number="7">۽ منسيءَ جي سرحد آشر کان وٺي مڪمٿاہ تائين هئي، جو سڪم جي سامهون آهي؛ ۽ اُها سرحد سڄي هٿ واري پاسي کان هلي عين تفوح جي رهاڪن تائين ويئي.</verse>
				<verse number="8">هاڻي منسي کي تفوح جي زمين مليل هئي: پر منسيءَ جي سرحد وارو تفوح بني افرائيم جي ملڪيت هو.</verse>
				<verse number="9">پوءِ اُها سرحد قاناہ جي نهر تائين لهي، نهر جي ڏکڻ ڏي هلي ويئي: افرائيم جا اِهي شهر منسي جي شهرن منجهہ آهن: منسي جي سرحد نهر جي اُتر واري پاسي بہ هئي، ۽ نيٺ وڃي سمنڊ تي بيٺي:</verse>
				<verse number="10">ڏکڻ ڏي اُها افرائيم جي هئي ۽ اُتر ڏي منسي جي، ۽ سمنڊ انهي جي حد آهي؛ ۽ اُهي اُتر ڏي آشر ۾، ۽ اُڀرندي ڏي اشڪار ۾ وڃي پهتيون.</verse>
				<verse number="11">۽ منسي جا اشڪار ۽ آشر ۾، بيٿ شان ۽ اُنهي جا شهر هئا، ۽ ابليعام ۽ انهي جا شهر، ۽ دور جا رهاڪو، ۽ انهي جا شهر، ۽ عين دور جا رهاڪو ۽ انهي جا شهر، ۽ تعناڪ جا رهاڪو ۽ انهي جا شهر، ۽ مجدو جا رهاڪو ۽ انهي جا شهر، يعني ٽي چاڙهيون.</verse>
				<verse number="12">انهي هوندي بہ منسي انهن شهرن جي رهاڪن کي هڪالي ڪڍي نہ سگهيو، پر ڪنعاني اڃا انهي ۾ رهندا اچن.</verse>
				<verse number="13">تڏهن بہ هئين ٿيو تہ جنهن وقت بني اسرائيل زور ورتو، تنهن وقت ڪنعانين کان بيگر وٺڻ لڳا، پر هنن کي صفا هڪالي ڪڍي نہ ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="14">۽ بني يوسف يشوع کي چيو تہ تو ڇو اسان کي فقط هڪڙو حصو، ۽ هڪڙو ڪڻو ورثي ۾ ڏنو، جڏهن ڏٺو اٿيئي تہ اسين وڏي قوم آهيون، ڇالاءِ جو خداوند اسان ۾ هيستائين برڪت پئي وڌي آهي؟</verse>
				<verse number="15">تڏهن يشوع هنن کي ورندي ڏيئي چيو تہ جي اوهين وڏي قوم آهيو تہ جهنگن ۽ ٻيلن ڏي وڃو، ۽ جي افرائيم جو جابلو ملڪ اوهان جي لاءِ سوڙهو هجي، تہ اُتي پنهنجي لاءِ فرزين ۽ رفائيم جي زمين ۾ وڍي جاءِ ڪريو.</verse>
				<verse number="16">۽ بني يوسف چيو تہ اهو جابلو ملڪ اسان جي لاءِ پورو ناهي: ۽ انهيءَ واديءَ واري ملڪ ۾ جي ڪنعاني رهن ٿا، تن سڀني وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون آهن، يعني بيت شان ۽ انهن جي شهرن وارن وٽ، ۽ يزرعيل جي واديءَ وارن وٽ.</verse>
				<verse number="17">۽ يشوع يوسف جي گهراڻي کي، يعني افرائيم ۽ منسي کي چيو، تہ اوهين وڏي قوم آهيو ۽ وڏي طاقت وارا آهيو: اوهان کي نہ فقط هڪڙو حصو هوندو،</verse>
				<verse number="18">پر اهو جابلو ملڪ اوهان جو ٿيندو؛ ۽ جيتوڻيڪ اُتي جهنگ آهي پر اوهين اُهو وڍي صفا ڪندا، ۽ انهن جون ٻاهريون حدون بہ اوهان جون ٿينديون: ۽ جيتوڻيڪ ڪنعانين وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون آهن ۽ زور ڀريا آهن، تہ بہ اوهين هنن کي هڪالي ڪڍندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="18">
				<verse number="1">۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت سيلا ۾ اچي گڏ ٿي، ۽ جماعت وارو تنبو اُتي کوڙيائون: ۽ اُهو ملڪ سندن تابع ٿيو.</verse>
				<verse number="2">۽ بني اسرائيل ۾ باقي ست فرقا وڃي رهيا، جن کي پنهنجو ورثو ڪونہ مليو هو.</verse>
				<verse number="3">۽ يشوع بني اسرائيل کي چيو تہ جيڪا زمين خداوند اوهان جن ابن ڏاڏن جي خدا اوهان کي ڏني آهي تنهن جي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪيستائين ڍرائي ڪندا؟</verse>
				<verse number="4">اوهين پنهنجي هرهڪ فرقي مان ٽي ٽي ماڻهو چونڊيو: ۽ آءٌ انهن کي موڪليندس ۽ اُهي انهيءَ ملڪ مان لنگهندا، ۽ پنهنجي ورثي موجب انهيءَ جو بيان لکي پوءِ مون وٽ ايندا.</verse>
				<verse number="5">۽ اُهي انهيءَ کي ستن ڀاڱن ۾ ورهائيندا: يهوداہ پنهنجي سرحد ۾ ڏکڻ ۾ رهندو، ۽ يوسف جو گهراڻو اُتر ۾ پنهنجين حدن اندر رهندو.</verse>
				<verse number="6">تنهنڪري اوهين انهيءَ ملڪ جا ست حصا ڪريو، ۽ اُهو بيان لکي مون وٽ کڻي اچو تہ آءٌ هتي، خداوند اسان جي خدا جي اڳيان اوهان جي لاءِ ڪڻا وجهان.</verse>
				<verse number="7">پر لاوين جو اوهان سان گڏ حصو ڪونهي؛ ڇالاءِ جو خداوند جي ڪهانت هنن جو ورثو آهي: ۽ جد، ۽ روبن، ۽ منسي جي اڌ فرقي کي پنهنجو ورثو يردن جي هن ڀر اُڀرندي ڏانهن ملي ويو آهي، جو خداوند جي ٻانهي، موسيٰ هنن کي ڏنو هو.</verse>
				<verse number="8">تنهن تي اُهي ماڻهو اُٿي هليا: ۽ يشوع انهن کي تاڪيد ڪري چيو تہ انهيءَ ملڪ مان گهمندا وڃو، ۽ اُهو بيان لکي پوءِ مون وٽ اچو تہ آءٌ هتي سيلا ۾ خداوند جي اڳيان اوهان جي لاءِ ڪڻا وجهان.</verse>
				<verse number="9">انهيءَ موجب اُهي ماڻهو روانا ٿيا ۽ انهيءَ ملڪ مان لنگهي انهيءَ جي شهرن موجب ست ڀاڱا ڪري هڪڙي ڪتاب ۾ بيان ڪيائون، ۽ موٽي سيلا واريءَ منزلگاهہ تي يشوع وٽ آيا.</verse>
				<verse number="10">۽ يشوع سندن لاءِ سيلا ۾ خداوند جي اڳيان ڪڻا وڌا: ۽ اُتي اُها زمين بني اسرائيل کي سندن حصن موجب ورهائي ڏنائين.</verse>
				<verse number="11">۽ بني بنيمين جي فرقي جو ڪڻي وارو حصو، سندن قبيلن موجب هي آيو: ۽ انهن جي حصي جي سرحد بني يهوداهہ ۽ بني يوسف جي وچ ۾ آئي.</verse>
				<verse number="12">۽ انهن جي سرحد اُتر پاسي يردن کان هلي؛ ۽ اُها سرحد اُتر ڏي يريحو جي پاسي ويئي، ۽ اُتان جبلن منجهان لنگهي اُلهندي ڏي ويئي؛ ۽ انهيءَ جي پڇاڙي وڃي بيٿ آون جي بيابان تي بيٺي.</verse>
				<verse number="13">پوءِ اُها سرحد اُتان هلي ڏکڻ ڏانهن لوز ڏي، يعني لوز جي پاسي ڏانهن ويئي (جو بيت ايل آهي)؛ پوءِ اُها سرحد لهي عطاراٿ ادار ڏانهن، انهيءَ ٽڪريءَ جي ويجهو ويئي، جا بيت حورون جي هيٺئين ڏکڻ واري پاسي آهي.</verse>
				<verse number="14">پوءِ اُها سرحد اُتان نڪتي، ۽ جيڪا ٽڪري بيت حورون جي سامهون ڏکڻ ڏانهن آهي، تنهن جي چوڌاري ڦري ڏکڻ ڏانهن ويئي؛ ۽ انهيءَ جي پڇاڙي وڃي قريٿ بعل وٽ بيٺي (جو قريٿ بعريم آهي)، ۽ بني يهوداہ جو شهر آهي: اها هئي اُلهندي واري سرحد.</verse>
				<verse number="15">۽ ڏکڻ واري سرحد، قريٿ يعريم جي پڇاڙيءَ کان ٿي اُلهندي ڏانهن ويئي، ۽ نفتوح واري پاڻيءَ جي چشمي تائين نڪري ويئي:</verse>
				<verse number="16">پوءِ اُها سرحد لهي اُنهيءَ جبل جي پڇاڙيءَ تائين آئي، جو هنوم جي پٽ واري واديءَ جي اڳيان آهي، ۽ جو اُتر ڏانهن رفائيم جي وادي ۾ آهي؛ پوءِ لهي هنوم جي واديءَ ڏانهن ويئي، جا ڏکڻ طرف يبوسين جي پاسي آهي، ۽ اُتان وري لهي عين راجل ڏانهن ويئي.</verse>
				<verse number="17">۽ اُتر کان ڇڪجي عين شمس ڏانهن ويئي، ۽ اڳتي لنگهي جليلوٿ طرف ويئي، جو ادميم جي چاڙهيءَ جي سامهون آهي؛ پوءِ لهي روبن جي پٽ بوهن واري پٿر تائين ويئي؛</verse>
				<verse number="18">پوءِ پاسو ڏيئي لنگهي اُتر ڏانهن عراباہ جي سامهون ويئي، ۽ اُتان لهي عراباہ تائين ويئي:</verse>
				<verse number="19">پوءِ اُها سرحد بيٿ حجلہ جو پاسو ڏيئي لنگهي اُتر ڏانهن ويئي: انهيءَ سرحد جي پڇاڙي کاري سمنڊ جي اُتر واري شاخ تي وڃي بيٺي، جو يردن جي ڏکڻ واري ڇيڙي وٽ آهي: اها هئي ڏکڻ واري سرحد.</verse>
				<verse number="20">۽ يردن انهيءَ جي اُڀرندي واري حد هئي. اها هئي بني بنيمين جي ميراث، انهي جي چئني پاسن جي حدن موافق، ۽ سندن قبيلن موجب.</verse>
				<verse number="21">هاڻي بني بنيمين جي فرقي جا شهر سندن قبيلن موجب هي هئا، يريحو، ۽ بيت حجلہ، ۽ عيمق قصيص؛</verse>
				<verse number="22">۽ بيٿ عرابہ، ۽ صمريم، ۽ بيت ايل؛</verse>
				<verse number="23">۽ عويم، ۽ فارہ، عفرہ؛</verse>
				<verse number="24">۽ ڪفرالعموني، ۽ عفني، ۽ جبع؛ ٻارنهن شهر ڳوٺن سميت.</verse>
				<verse number="25">جبعون، ۽ رامہ، ۽ بيروٿ؛</verse>
				<verse number="26">۽ مصفاہ، ۽ ڪفيرہ، ۽ موضہ؛</verse>
				<verse number="27">۽ رقم، ۽ ارفيل، ۽ ترالہ؛</verse>
				<verse number="28">۽ ضلع، الف، ۽ يبوسين جو شهر (جو يروشلم آهي)، ۽ جبعٿ، ۽ قريٿ؛ چوڏهن شهر ڳوٺن سميت. اها آهي بني بنيمين جي ميراث سندن قبيلن موجب.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="19">
				<verse number="1">۽ ٻئي ڪڻي وارو حصو شمعون جي لاءِ نڪتو، يعني بني شمعون جي فرقي لاءِ، سندن قبيلن موجب: ۽ انهيءَ جو موروثي حصو بني يهوداہ جي موروثي حصي جي وچ ۾ هو.</verse>
				<verse number="2">۽ انهن کي ورثي ۾ بيرسبع، سبع، ۽ مولادہ مليا؛</verse>
				<verse number="3">۽ حصار سعول، ۽ بالاہ، ۽ عضم؛</verse>
				<verse number="4">۽ التولد، ۽ بتول، ۽ حرمہ؛</verse>
				<verse number="5">۽ صقلاج، ۽ بيٿ مرڪبوٿ، ۽ حصار سوسہ؛</verse>
				<verse number="6">۽ بيٿ لبائوٿ، ۽ ساروحن؛ تيرهن شهر ڳوٺن سميت:</verse>
				<verse number="7">عين، ۽ رمون، ۽ عتر، ۽ عسن؛ چار شهر ڳوٺن سميت:</verse>
				<verse number="8">۽ سڀ ڳوٺ جي انهن شهرن جي آس پاس هئا، بعلاٿ بير ۽ ڏکڻ واري رامہ تائين. اهو آهي بني شمعون جي فرقي جو ورثو سندن قبيلن موجب.</verse>
				<verse number="9">بني شمعون جو ورثو بني يهوداہ واري حصي منجهان هو؛ ڇالاءِ جو بني يهوداہ وارو حصو سندن لاءِ گهرج کان وڌيڪ هو: تنهنڪري بني شمعون کي پنهنجو ورثو هنن جي موروثي حصي جي وچ ۾ مليو.</verse>
				<verse number="10">۽ ٽئين ڪڻي وارو حصو بني زبولون لاءِ سندن قبيلن موجب نڪتو: ۽ انهن جي موروثي حصي جي حد ساريد تائين هئي:</verse>
				<verse number="11">۽ انهن جي سرحد الهندي ڏي مرعلہ ڏانهن ويئي، ۽ وڃي دباسٿ تائين پهتي؛ ۽ جيڪا نهر يقنعام جي اڳيان آهي، تنهن تائين وڃي پهتي؛</verse>
				<verse number="12">پوءِ اُها ساريد کان اُڀرندي ڏانهن، يعني سج اُڀرڻ واري پاسي، ڪسلوٿ تبور جي سرحد تائين ڦري ويئي؛ ۽ اڳتي دبرٿ ڏانهن نڪري ۽ يفيع تائين چڙهي ويئي؛</verse>
				<verse number="13">۽ اُتان اُها لنگهي اُڀرندي ڏانهن هلي جٿہ حيفر ۽ عٿہ قاضين ڏانهن ويئي؛ پوءِ نڪري رمون ڏانهن ويئي، جو نيعہ تائين پکڙيل آهي؛</verse>
				<verse number="14">پوءِ اها سرحد انهيءَ جي چوڌاري ڦري اُتر پاسي حناٿون ڏانهن ويئي: ۽ ان جي پڇاڙي وڃي افتاح ايل جي وادي تي بيٺي؛</verse>
				<verse number="15">۽ قطاٿ، ۽ نحلال، ۽ سمرون، ۽ ادالہ، ۽ بيت الحم: ٻارهن شهر ڳوٺن سميت.</verse>
				<verse number="16">اهو آهي بني زبولون جو ورثو، سندن قبيلن موجب، اهي شهر ۽ انهن جا ڳوٺ.</verse>
				<verse number="17">چوٿين ڪڻي وارو حصو اشڪار لاءِ نڪتو، يعني بني اشڪار لاءِ، سندن قبيلن موجب.</verse>
				<verse number="18">۽ انهن جي سرحد يزرعيل، ۽ ڪسولوٿ، ۽ شونيم؛</verse>
				<verse number="19">۽ حفاريم، ۽ شيون، ۽ اناخراٿ؛</verse>
				<verse number="20">۽ ربيٿ، ۽ قسيون ۽ ابض؛</verse>
				<verse number="21">۽ ريمٿ، ۽ عين جنيم، ۽ عين حدہ، ۽ بيت فصيض تائين هئي؛</verse>
				<verse number="22">پوءِ اُها سرحد وڃي تبور، ۽ شخصيماہ، ۽ بيت شمس تائين پهتي؛ ۽ هنن جي سرحد جي پڇاڙي وڃي يردن تي بيٺي: سورهن شهر سندن ڳوٺن سميت.</verse>
				<verse number="23">اهو آهي بني اشڪار جي فرقي جو ورثو سندن قبيلن موجب، اهي شهر ۽ انهن جا ڳوٺ.</verse>
				<verse number="24">۽ پنجين ڪڻي وارو حصو بني آشر جي لاءِ سندن قبيلن موجب نڪتو.</verse>
				<verse number="25">۽ انهن جي سرحد هئي خلقٿ، ۽ حلي، ۽ بطن، ۽ اڪشاف؛</verse>
				<verse number="26">۽ الملڪ، ۽ عماد، ۽ مسال؛ ۽ اُها الهندي ڏانهن ڪرمل تائين، ۽ سيحور لبنات تائين وڃي پهتي؛</verse>
				<verse number="27">۽ پوءِ اُها اُڀرندي ڏانهن بيٿ دجون ڏانهن ڦري، ۽ زبولون تائين وڃي پهتي، ۽ اُتر ڏانهن افتاح ايل جي واديءَ تائين، ۽ بيت العمق، ۽ نفي ايل تائين ويئي؛ پوءِ اُها نڪري کٻي هٿ پاسي ڪبول ڏانهن ويئي،</verse>
				<verse number="28">۽ عبرون، ۽ رحوب، ۽ حمون، ۽ قاناہ، ۽ وڏي صيدا تائين ويئي؛</verse>
				<verse number="29">پوءِ اُها سرحد ڦري رامہ ڏانهن ۽ قلعي واري شهر صور ڏانهن ويئي؛ ۽ اُتان حوسہ ڏانهن هلي؛ ۽ پوءِ اڪزيب جي ملڪ جي ڀرسان سمنڊ تي وڃي بيٺي:</verse>
				<verse number="30">عمہ، ۽ افيق، ۽ رحوب: ٻاويهہ شهر ڳوٺن سميت.</verse>
				<verse number="31">اهو آهي بني آشر جي فرقي جو ورثو سندن قبيلن موجب، يعني اهي شهر ۽ انهن جا ڳوٺ.</verse>
				<verse number="32">ڇهين ڪڻي وارو حصو بني نفتاليءَ جو نڪتو، يعني بني نفتاليءَ جو سندن قبيلن موجب.</verse>
				<verse number="33">۽ انهن جي سرحد حلف کان شروع ٿي، ۽ ضعننيم جي شاہ بلوط، ۽ ادامي نقب، ۽ يبني ايل کان لقوم تائين؛ ۽ انهن جي پڇاڙي وڃي يردن تي بيٺي:</verse>
				<verse number="34">پوءِ سرحد ڦري الهندي پاسي ازنوٿ تبور ڏانهن ويئي، ۽ اُتان نڪري حقوق ڏانهن ويئي؛ ۽ ڏکڻ پاسي زبولون کي وڃي پهتي، ۽ اُلهندي پاسي آشر کي وڃي پهتي، ۽ اُڀرندي پاسي يردن وٽ يهوداهہ تائين ويئي.</verse>
				<verse number="35">۽ قلعن وارا شهر هئا صديم، صير، ۽ حماٿ، رقٿ، ۽ ڪنرٿ؛</verse>
				<verse number="36">۽ ادامہ، رامہ، ۽ حصور؛</verse>
				<verse number="37">۽ قادس، ۽ ادرعي، ۽ عين حصور؛</verse>
				<verse number="38">۽ ارون، ۽ مجدال ايل، حريم، ۽ بيٿ عناٿ، ۽ بيٿ شمس؛ اوڻيهہ شهر سندن ڳوٺن سميت.</verse>
				<verse number="39">اهو آهي بني نفتاليءَ جي فرقي جو ورثو سندن قبيلن موجب، يعني اهي شهر سندن ڳوٺن سميت.</verse>
				<verse number="40">ستين ڪڻي وارو حصو بني دان جو نڪتو، سندن قبيلن موجب.</verse>
				<verse number="41">۽ انهن جي موروثي حصي جي سرحد هئي صرعاہ، ۽ استال، عيرشمس؛</verse>
				<verse number="42">۽ شعلبين، ۽ ايالون، ۽ اٿلاہ؛</verse>
				<verse number="43">۽ ايلون، ۽ تمناتہ، ۽ عقرون؛</verse>
				<verse number="44">۽ التقيہ، ۽ جبٿون، ۽ بعلاٿ؛</verse>
				<verse number="45">۽ يهود، ۽ بني برق، ۽ جات رمون؛</verse>
				<verse number="46">۽ مي يرقون، ۽ رقون، يافہ جي سامهين سرحد سميت.</verse>
				<verse number="47">۽ بني دان جي سرحد انهن کان پري هلي ويئي، ڇالاءِ جو بني دان وڃي لشم سان وڙهيا ۽ اهو ورتائون، ۽ انهن کي ترار جي ڌار سان ماري قبضو ڪيائون، ۽ انهيءَ ۾ رهيا؛ ۽ لشم کي پنهنجي پيءُ دان جي نالي پٺيان، دان سڏيائون.</verse>
				<verse number="48">اهو آهي بني دان جي فرقي جو ورثو، سندن قبيلن موجب، يعني اهي شهر سندن ڳوٺن سميت.</verse>
				<verse number="49">انهيءَ طرح هنن اها زمين ان جي سرحدن موجب موروثي حصا ڪري ورهائي پوري ڪئي؛ ۽ بني اسرائيل پنهنجي وچ ۾ هڪڙو حصو يشوع بن نون کي ڏنو:</verse>
				<verse number="50">خداوند جي حڪم موجب هنن هن کي اُهو شهر ڏنو جو هن گهريو هو، يعني تمنٿ سرح، جو افرائيم جي ڪوهستان ۾ آهي: ۽ هن اُهو شهر ٻڌو، ۽ انهي ۾ رهڻ لڳو.</verse>
				<verse number="51">هي اُهي موروثي حصا آهن جي اليعزر ڪاهن، ۽ يشوع بن نون، ۽ بني اسرائيل جي فرقن ۽ گهراڻن جي بزرگن سيلا ۾ خداوند جي اڳيان، جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ ڪڻا وجهي ورهايا. انهيءَ طرح هنن اُنهيءَ زمين کي ورهائي پورو ڪيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="20">
				<verse number="1">۽ خداوند يشوع کي فرمايو ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="2">بني اسرائيل کي چئُہ تہ پناهہ جا شهر جن بابت موسيٰ جي معرفت مون اوهان کي چيو هو، سي مقرر ڪريو:</verse>
				<verse number="3">انهي لاءِ تہ جيڪو خوني ڀل چڪ ۾ ڪنهن کي ماري وجهي، سو اُنهن ۾ ڀڄي وڃي: اُهي شهر خون جي بدلي وٺڻ واري کان اوهان جي پناهہ جا هنڌ ٿيندا.</verse>
				<verse number="4">۽ اهڙو ماڻهو انهن شهرن مان هڪڙي ۾ ڀڄي وڃي، ۽ شهر جي وڏي در وٽ بيهي اُتي جي بزرگن کي پنهنجو احوال ٻڌائي؛ پوءِ هو انهي کي شهر جي اندر وٺي وڃن، ۽ پنهنجي وچ ۾ رهڻ لاءِ هڪڙي جاءِ هن کي ڏين.</verse>
				<verse number="5">۽ جيڪڏهن خون جي بدلي وٺڻ وارو هن جي پٺيان پوي تہ هي ماڻهو انهي خونيءَ کي هن جي حوالي نہ ڪندا؛ ڇالاءِ جو هن پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڀل چڪ ۾ ماريو، ۽ انهي کان اڳي ساڻس ڪو وير ڪونہ هوس.</verse>
				<verse number="6">۽ هو تيستائين انهيءَ شهر ۾ رهندو جيستائين هو عدالت جي لاءِ جماعت جي اڳيان وڃي حاضر نہ ٿيندو، ۽ جيستائين انهن ڏينهن ۾ جيڪو سردار ڪاهن هجي سو نہ مرندو: تنهن کان پوءِ اُهو خوني موٽي پنهنجي شهر ۾ پنهنجي گهر اچي، يعني جنهن شهر مان هو ڀڄي نڪتو هو.</verse>
				<verse number="7">۽ هنن نفتاليءَ واري ڪوهستان ۾، جليل منجهہ قادس، ۽ افرائيم جي ڪوهستان ۾ سڪم، ۽ يهوداہ جي ڪوهستان ۾ قريٿ اربع (جو حبرون آهي)، پناهہ جا شهر مقرر ڪيا.</verse>
				<verse number="8">۽ يردن جي هن ڀر، اُڀرندي ڏانهن يريحو وٽ، روبن جي فرقي واري ميدان ۾، بيابان منجهہ، بصر؛ ۽ جد جي فرقي واري جلعاد ۾، رامہ؛ ۽ منسي جي فرقي واري بسن ۾، جولان مقرر ڪيا.</verse>
				<verse number="9">اهي شهر بني اسرائيل لاءِ، ۽ جيڪو مسافر منجهن رهندڙ هجي، تنهن جي لاءِ مقرر ڪيا ويا، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ڀل چڪ ۾ ماري وجهي سو انهن ۾ ڀڄي وڃي، ۽ خون جي بدلي وٺڻ واري جي هٿان نہ مري، جيستائين جماعت جي اڳيان وڃي حاضر نہ ٿئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="21">
				<verse number="1">تنهن کان پوءِ لاوين جي گهراڻي جا سردار، اليعزر ڪاهن، ۽ يشوع بن نون، ۽ بني اسرائيل جي فرقن جي گهراڻن جي سردارن وٽ آيا؛</verse>
				<verse number="2">۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ سيلا ۾ اچي چيائون، تہ خداوند موسيٰ جي معرفت حڪم ڪيو هو تہ اسان کي رهڻ لاءِ شهر، ۽ اسان جي چوپائي مال چارڻ لاءِ انهن جون ٻهراڙيون ملن.</verse>
				<verse number="3">۽ بني اسرائيل خداوند جي حڪم موجب، لاوين کي پنهنجي موروثي حصي مان هي شهر سندن ٻهراڙين سميت ڏنا.</verse>
				<verse number="4">۽ ڪڻو قهاتين جي قبيلن لاءِ نڪتو: ۽ هارون ڪاهن جو اولاد، جي لاوي هئا، تن کي يهوداہ جي فرقي مان، ۽ شمعون جي فرقي مان، ۽ بنيمين جي فرقي مان ڪڻن سان تيرهن شهر مليا.</verse>
				<verse number="5">۽ بني قهات مان جيڪي باقي بچيا، تن کي افرائيم جي فرقي، ۽ دان جي فرقي، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي جي قبيلن مان، ڪڻن سان ڏهہ شهر مليا.</verse>
				<verse number="6">۽ بني جرسون کي اشڪار جي فرقي، ۽ نفتالي جي فرقي، ۽ بسن ۾ منسيءَ جي اڌ فرقي جي قبيلن مان ڪڻن سان تيرهن شهر مليا.</verse>
				<verse number="7">بني مراريءَ کي سندن قبيلن موجب روبن جي فرقي، ۽ جد جي فرقي، ۽ زبولون جي فرقي مان ٻارهن شهر مليا.</verse>
				<verse number="8">۽ بني اسرائيل لاوين کي ڪڻن سان اُهي شهر سندن ٻهراڙين سميت ڏنا، جيئن ڪ خداوند موسيٰ جي معرفت حڪم ڏنو هو.</verse>
				<verse number="9">۽ هنن بني يهوداهہ جي فرقي مان، ۽ بني شمعون جي فرقي مان، جن شهرن جا نالا هتي ڏنل آهن، سي انهن کي ڏنا:</verse>
				<verse number="10">۽ اُهي هارون جي اولاد لاءِ هئا، جي بني لاويءَ مان قهاتين جي قبيلن مان هئا: ڇالاءِ جو هنن جو پهرين ڪڻي وارو حصو هو.</verse>
				<verse number="11">۽ انهن هنن کي يهوداہ جي ڪوهستان ۾ قريت اربع (يعني حبرون)، ان جي آس پاس وارين ٻهراڙين سميت ڏنو، اهو اربع عناق جو پيءُ هو.</verse>
				<verse number="12">پر شهر جون ٻنيون ۽ ان جا ڳوٺ هنن يفنہ جي پٽ ڪالب کي موروثي ملڪيت ڪري ڏنا.</verse>
				<verse number="13">۽ هارون ڪاهن جي اولاد کي هنن حبرون سندس ٻهراڙين سوڌو ڏنو، جو خونيءَ جي پناهہ جو شهر هو، ۽ لبناہ بہ سندس ٻهراڙين سميت؛</verse>
				<verse number="14">۽ يتير سندس ٻهراڙين سميت، ۽ استموع سندس ٻهراڙين سميت؛</verse>
				<verse number="15">۽ حولون سندس ٻهراڙين سميت، ۽ دبير سندس ٻهراڙين سميت؛</verse>
				<verse number="16">۽ عين سندس ٻهراڙين سميت، ۽ يوطہ سندس ٻهراڙين سميت، ۽ بيت شمس سندس ٻهراڙين سميت؛ انهن ٻنهي فرقن مان نوَ شهر.</verse>
				<verse number="17">۽ بنيمين جي فرقي مان، جبعون سندس ٻهراڙين سميت، جبع سندس ٻهراڙين سميت؛</verse>
				<verse number="18">عنتوت سندس ٻهراڙين سميت؛ ۽ علمون سندس ٻهراڙين سميت؛ چار شهر.</verse>
				<verse number="19">بني هارون ڪاهنن جا ڪل شهر ٻهراڙين سميت تيرهن هئا.</verse>
				<verse number="20">۽ بني قهات جا قبيلا، جي لاوي هئا، يعني بني قهات مان جيڪي باقي بچيا هئا، تن کي افرائيم جي فرقي مان پنهنجن ڪڻن جا شهر مليا.</verse>
				<verse number="21">۽ اُنهن هنن کي افرائيم جي ڪوهستان ۾، سڪم، ٻهراڙيءَ سميت، جو خونيءَ جي لاءِ پناهہ جو شهر هو، ۽ جزر، ٻهراڙيءَ سميت ڏنو؛</verse>
				<verse number="22">۽ قبضيم، ٻهراڙيءَ سميت، ۽ بيت حورون، ٻهراڙيءَ سميت؛ چار شهر.</verse>
				<verse number="23">۽ دان جي فرقي مان، التقيا، ٻهراڙيءَ سميت، جبتون، ٻهراڙيءَ سميت؛</verse>
				<verse number="24">۽ ايالون، ٻهراڙيءَ سميت، جات رمون، ٻهراڙيءَ سميت؛ چار شهر.</verse>
				<verse number="25">۽ منسي جي اڌ فرقي مان تعناڪ، ٻهراڙيءَ سميت، ۽ جات رمون، ٻهراڙيءَ سميت: ٻہ شهر.</verse>
				<verse number="26">باقي رهيلن بني قهات جي قبيلن جا سڀ شهر ٻهراڙين سميت ڏهہ هئا.</verse>
				<verse number="27">۽ لاوين جي قبيلن مان بني جيرسون کي منسيءَ جي اڌ فرقي مان، هنن بسن ۾ جولان، ٻهراڙيءَ سميت، جو خونيءَ جي لاءِ پناهہ جو شهر هو، ڏنو؛ بعستراہ، ٻهراڙيءَ سميت؛ ٻہ شهر.</verse>
				<verse number="28">۽ اشڪار جي فرقي مان، قسيون، ٻهراڙيءَ سميت، ۽ دبرت، ٻهراڙيءَ سميت؛</verse>
				<verse number="29">يرموت، ٻهراڙيءَ سميت، عين جنيم، ٻهراڙيءَ سميت؛ چار شهر.</verse>
				<verse number="30">۽ آشر جي فرقي مان مسال، ٻهراڙيءَ سميت، عبدون، ٻهراڙيءَ سميت،</verse>
				<verse number="31">خلقت، ٻهراڙيءَ سميت، ۽ رحوب، ٻهراڙيءَ سميت؛ چار شهر.</verse>
				<verse number="32">۽ نفتالي جي فرقي مان، جليل ۾ قادس، ٻهراڙيءَ سميت، جو خونيءَ جي پناهہ جو شهر هو، ۽ حمات دور، ٻهراڙيءَ سميت، ۽ قرتان، ٻهراڙيءَ سميت؛ ٽي شهر.</verse>
				<verse number="33">جيرسونين جا ڪل شهر، سندن قبيلن موجب، تيرهن شهر ٻهراڙين سميت هئا.</verse>
				<verse number="34">۽ باقي رهيلن لاوين، بني مراري جي قبيلن کي، زبولون جي فرقي مان يقنعام، ٻهراڙيءَ سميت، ۽ قرتاہ، ٻهراڙيءَ سميت،</verse>
				<verse number="35">دمنہ، ٻهراڙيءَ سميت، نهلال، ٻهراڙيءَ سميت؛ چار شهر.</verse>
				<verse number="36">۽ روبن جي فرقي مان، بصر، ٻهراڙيءَ سميت؛ ۽ يهصہ، ٻهراڙيءَ سميت،</verse>
				<verse number="37">قديمات، ٻهراڙيءَ سميت، ۽ مفعت ٻهراڙيءَ سميت؛ چار شهر.</verse>
				<verse number="38">۽ جد جي فرقي مان جلعاد ۾، رامہ، ٻهراڙيءَ سميت، جو خونيءَ جي پناهہ جو شهر هو، ۽ محنايم، ٻهراڙيءَ سميت؛</verse>
				<verse number="39">حسبون ٻهراڙيءَ سميت، يعزير، ٻهراڙيءَ سميت؛ چار شهر.</verse>
				<verse number="40">اهي سڀ شهر بني مراريءَ جا سندن قبيلن موجب هئا، جي لاوين جي قبيلن مان باقي بچيا هئا؛ ۽ انهن جي حصي ۾ ٻارهن شهر آيا.</verse>
				<verse number="41">بني اسرائيل جي موروثي ملڪيت جي وچ ۾ لاوين جا ڪل شهر اٺيتاليهہ ٻهراڙين سميت هئا.</verse>
				<verse number="42">انهن مان هر ڪنهن شهر جي ٻهراڙي ان جي آس پاس هئي؛ ۽ انهن سڀني شهرن جو اهو حال هو.</verse>
				<verse number="43">انهي طرح خداوند اسرائيل کي اُهو سڄو ملڪ ڏنو، جنهن جي لاءِ هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هئائين؛ ۽ اُهو هنن هٿ ڪيو ۽ انهي ۾ رهڻ لڳا.</verse>
				<verse number="44">۽ خداوند هنن کي چوڌاري آرام ڏنو، جيئن سندن ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هئائين: ۽ سندن سڀني دشمنن مان هڪڙو ماڻهو بہ سندن اڳيان نہ بيهي سگهيو؛ خداوند سڀني دشمنن کي سندن حوالي ڪيو.</verse>
				<verse number="45">ڪابہ چڱي ڳالهہ جنهن بابت خداوند اسرائيل جي گهراڻي سان ذڪر ڪيو هو سا ڪانہ گٿي؛ سڀيئي اچي پوريون ٿيون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="22">
				<verse number="1">تنهن کان پوءِ يشوع روبينين، ۽ جدين، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي کي سڏايو،</verse>
				<verse number="2">۽ چيائين تہ جيڪي خداوند جي ٻانهي موسيٰ اوهان کي فرمايو هو سو سڀ اوهان بجا آندو آهي؛ ۽ جيڪي مون اوهان کي چيو سو بہ سڀ اوهان ڌيان ڏيئي ٻڌو:</verse>
				<verse number="3">هيترا ڏينهن اوهان اڄ تائين پنهنجن ڀائرن کي ڇڏي نہ ڏنو آهي، پر خداوند پنهنجي خدا جي حڪم جي سنڀال پئي ڪئي اٿوَ.</verse>
				<verse number="4">هاڻي خداوند اوهان جي خدا اوهانجن ڀائرن کي آرام ڏنو آهي، جيئن هن انهن کي چيو هو: تنهنڪري هاڻي اوهين پٺتي موٽو، ۽ جيڪا اوهان جي ورثي واري زمين خداوند جي ٻانهي موسيٰ يردن جي هن ڀر اوهان کي ڏني هئي، تنهن ۾ پنهنجن تنبن ڏانهن وڃو.</verse>
				<verse number="5">رڳو خبرداريءَ سان ڪوشش ڪري انهيءَ حڪم ۽ انهيءَ شريعت جي تعميل ڪجو، جنهن جو خداوند جي ٻانهي موسيٰ اوهان کي حڪم ڏنو هو ۽ خداوند پنهنجي خدا سان محبت رکجو، ۽ هن جي سڀني راهن تي هلندا رهجو، ۽ سندس حڪمن تي پورا رهجو، ۽ هن سان چهٽيل رهجو، ۽ پنهنجي ساريءَ دل ۽ ساري روح سان سندس عبادت ڪجو.</verse>
				<verse number="6">پوءِ يشوع هنن کي برڪت ڏيئي روانو ڪيو، ۽ هو پنهنجن تنبن ڏانهن هليا ويا.</verse>
				<verse number="7">هاڻي منسيءَ جي هڪڙي اڌ فرقي کي موسيٰ بسن ۾ سندن موروثي حصو ڏنو هو؛ پر ٻئي اڌ فرقي کي يشوع يردن جي پار اُلهندي ڏانهن سندن ٻين ڀائرن سان گڏ حصو ڏنو، تنهن کان سواءِ جڏهن يشوع انهن کي پنهنجن تنبن ڏانهن موڪليو تڏهن انهن کي برڪت ڏنائين،</verse>
				<verse number="8">۽ چيائين تہ گهڻي دولت سان، ۽ گهڻي چوپائي مال سان، ۽ روپي ۽ سون، ۽ پتل ۽ لوهہ، ۽ گهڻن ڪپڙن سان پنهنجن تنبن ڏي موٽي وڃو: پنهنجن دشمنن جي ڦرلٽ جو مال پنهنجن ڀائرن سان وڃي ورهائجو.</verse>
				<verse number="9">۽ بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جو اڌ فرقو، اهي سڀ پٺتي موٽيا ۽ سيلا، جو ڪنعان جي ملڪ ۾ آهي، تنهن مان بني اسرائيل وٽان روانا ٿيا، ۽ جلعاد جي ملڪ ۾ وڃڻ جو قصد ڪيائون، يعني پنهنجي ورثي واريءَ زمين ڏانهن، جا خداوند جي حڪم موجب، جو موسيٰ جي معرفت آيو، هنن کي قبضي ۾ ملي هئي.</verse>
				<verse number="10">۽ جڏهن هو يردن جي ويجهو انهيءَ جاءِ تي پهتا، جا ڪنعان جي ملڪ ۾ آهي، تڏهن بني روبن ۽ بني جد ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي، اُتي يردن جي ويجهو هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي، جا ڏسڻ ۾ هڪڙي وڏي قربانگاهہ هئي.</verse>
				<verse number="11">۽ بني اسرائيل ان جي خبر ٻڌي تہ ڏسو، بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسي جي اڌ فرقي ڪنعان جي ملڪ جي اڳ واري پاسي، يردن جي ويجهو، يعني بني اسرائيل واري پاسي، هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي آهي.</verse>
				<verse number="12">۽ جڏهن بني اسرائيل اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن جماعت سيلا ۾ اچي گڏ ٿي، انهيءَ لاءِ تہ هنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ مٿن چڙهي وڃن.</verse>
				<verse number="13">۽ بني اسرائيل، بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسي جي اڌ فرقي ڏانهن، جلعاد جي ملڪ ۾ اليعزر ڪاهن جي پٽ فينحاس کي ڏياري موڪليو؛</verse>
				<verse number="14">۽ هن سان گڏ ڏهہ امير بہ موڪليائون، يعني اسرائيل جي هرهڪ فرقي مان هرهڪ اباڻي خاندان جو هڪ هڪ امير؛ ۽ انهن مان هرهڪ اسرائيل جي هزارن جو، پنهنجي پنهنجي اباڻي خاندان جو رئيس هو.</verse>
				<verse number="15">پوءِ اُهي جلعاد جي ملڪ ۾ بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي وٽ آيا، ۽ ساڻن ڳالهہ ٻولهہ ڪري چيائون، تہ</verse>
				<verse number="16">خداوند جي سڄي جماعت هيئن ٿي چوي، تہ هي ڪهڙو قصور آهي، جو اوهان اسرائيل جي خدا جي برخلاف ڪيو آهي، جو اڄوڪي ڏينهن اوهان خداوند جي پيروي ڪرڻ کان منهن ڦيريو آهي، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي اٿوَ، انهي لاءِ تہ اوهين اڄوڪي ڏينهن خداوند کان باغي ٿيو؟</verse>
				<verse number="17">فغور جو گناهہ، جنهن کان اسين اڄ تائين پاڪ نہ ٿيا آهيون، سو اسان جي لاءِ ڪو ٿورو آهي ڇا، جنهنڪري خداوند جي جماعت تي آفت اچي ڪڙڪي،</verse>
				<verse number="18">جو اوهين اڄ خداوند جي پيروي ڪرڻ کان منهن ٿا موڙيو؟ ۽ هيئن ٿيندو تہ اڄ خداوند کان باغي ٿيڻ ڪري، سڀاڻي هو اسرائيل جي سڄي جماعت تي ڪاوڙبو.</verse>
				<verse number="19">پر جي اوهان جي موروثي زمين ناپاڪ هجي، تہ اوهين لنگهي خداوند جي ملڪيت واري زمين ۾ اچو، جنهن ۾ خداوند جي عبادتگاهہ وارو تنبو لڳل آهي، ۽ اسان سان گڏ حصو وٺو: پر خداوند کان باغي نہ ٿيو، ۽ نہ اسان جي برخلاف فساد ڪريو، جو خداوند اسان جي خدا جي قربانگاهہ کانسواءِ پنهنجي لاءِ ٻي قربانگاهہ ٿا ٺاهيو.</verse>
				<verse number="20">زارح جي پٽ عڪن وقف ڪيل شيءِ جي نسبت ۾ گناهہ ڪيو هو، جنهنڪري اسرائيل جي ساري جماعت تي غضب نازل نہ ٿيو ڇا؟ ۽ اُهو ماڻهو پنهنجي گناهہ جي ڪري اڪيلو ناس نہ ٿيو.</verse>
				<verse number="21">تڏهن بني روبن ۽ بني جد ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي، اسرائيل جي هزارن جي رئيسن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ</verse>
				<verse number="22">خداوند، خدائن جو خدا، خداوند، خدائن جو خدا، ڄاڻي ٿو، ۽ اسرائيل بہ ڄاڻندو، تہ جي سچ پچ اسان خداوند کان باغي ٿي، يا جي خداوند جو ڏوهہ ڪري (اڄ تون اسان کي نہ بچائج)،</verse>
				<verse number="23">۽ خداوند جي پيروي کان منهن مٽڻ جي ارادي سان پنهنجي لاءِ قربانگاهہ ٺاهي آهي؛ يا جي انهيءَ لاءِ تہ انهي تي سوختني قرباني يا کاڌي جي قرباني، يا سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيون، تہ ڀلي خداوند انهي جو اسان کان حساب وٺي؛</verse>
				<verse number="24">بلڪ اسان خيال ۽ ارادي سان ائين ڪيو آهي، جو چيوسين تہ متان ايندڙ وقت ۾ اوهان جو اولاد اسان جي اولاد کي چوي، تہ خداوند اسرائيل جي خدا سان اوهان جو ڪهڙو واسطو آهي؟</verse>
				<verse number="25">ڇالاءِ جو اي بني روبن، ۽ بني جد، خداوند اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ يردن حد ٺهرائي آهي؛ خداوند ۾ اوهان جو ڪوبہ حصو ڪونهي: انهي طرح اوهان جو اولاد اسان جي اولاد کي خداوند جي خوف کان روڪي ڇڏي.</verse>
				<verse number="26">تنهنڪري اسان چيو، تہ هاڻي اچو تہ پنهنجي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيون؛ نہ سوختني قرباني لاءِ، نڪي ذبح ڪرڻ واري قرباني لاءِ:</verse>
				<verse number="27">پر انهي لاءِ تہ اها اسان ۽ اوهان جي وچ ۾، ۽ اسان کان پوءِ اسانجين پيڙهين جي وچ ۾ شاهد هجي؛ جنهنڪري اسين خداوند جي اڳيان پنهنجين سوختني قربانين سان، ۽ پنهنجين ذبح وارين قربانين سان، ۽ پنهنجين سلامتيءَ جي قربانين سان سندن بندگي ڪندا رهون؛ متان اوهان جو اولاد ايندڙ وقت ۾ اسان جي اولاد کي ائين چوي، تہ خداوند ۾ اوهان جو ڪوبہ حصو ڪونهي.</verse>
				<verse number="28">تنهنڪري اسان چيو تہ هيئن ٿيندو تہ جڏهن ايندڙ وقت ۾ هو اسان کي، يا اسانجين پوين پيڙهين کي ائين چون، تہ اسين بہ چئون تہ اِجهو خداوند جي قربانگاهہ جو نمونو ڏسو، جو اسان جي ابن ڏاڏن ٺاهيو، نہ سوختني قرباني يا ذبح واري قربانيءَ لاءِ؛ پر انهيءَ لاءِ تہ اُها اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهد رهي.</verse>
				<verse number="29">خدا شل ائين نہ ڪري تہ اسين خداوند کان باغي ٿيون، ۽ اڄ خداوند جي پيروي ڪرڻ کان ڦرون، ۽ خداوند اسان جي خدا جي جيڪا قربانگاهہ سندس تنبوءَ جي اڳيان آهي، تنهن کان سواءِ سوختني قربانيءَ لاءِ، يا کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، يا ذبح واري قربانيءَ لاءِ ٻي قربانگاهہ ٺاهيون.</verse>
				<verse number="30">۽ جڏهن فينحاس ڪاهن ۽ ساڻس گڏ جيڪي جماعت جا سردار، يعني اسرائيل جي هزارن جا رئيس هئا، تن اُهي ڳالهيون ٻڌيون، جي بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي ڪيون، تڏهن هو خوش ٿيا.</verse>
				<verse number="31">۽ فينحاس بن اليعزر ڪاهن، بني روبن، ۽ بني جد، ۽ بني منسيءَ کي چيو تہ اڄ اسين ڄاڻون ٿا تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي، ڇالاءِ جو اوهان خداوند جي برخلاف اهو قصور نہ ڪيو آهي: هاڻي اوهان بني اسرائيل کي خداوند جي هٿان ڇڏايو آهي.</verse>
				<verse number="32">پوءِ فينحاس بن اليعزر ڪاهن ۽ اُهي سردار، بني روبن، ۽ بني جد وٽان جلعاد جي ملڪ مان موٽيا، ۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ بني اسرائيل وٽ آيا، ۽ ورندو احوال انهن کي ڏنائون.</verse>
				<verse number="33">اُهو ٻڌي بني اسرائيل خوش ٿيا؛ ۽ بني اسرائيل خدا جو شڪرانو ڪيو، ۽ هنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ ڪاهي وڃڻ، ۽ جنهن ملڪ ۾ بني روبن، ۽ بني جد رهندا هئا، تنهن کي ناس ڪرڻ جو وري ذڪر ڪونہ ڪيائون.</verse>
				<verse number="34">۽ بني روبن ۽ بني جد انهيءَ قربانگاهہ کي عيد جو نالو ڏنو، ڇالاءِ جو هنن چيو تہ اها انهي ڳالهہ جي اسان جي وچ ۾ شاهد آهي، تہ خداوند ئي خدا آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="23">
				<verse number="1">۽ گهڻن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو، تہ جڏهن خداوند اسرائيل کي آس پاس وارن دشمنن کان آرام ڏنو، ۽ يشوع پيرسن ۽ وڏي عمر جو ٿيو؛</verse>
				<verse number="2">تڏهن يشوع سڀني اسرائيلين کي، سندن بزرگن ۽ سندن رئيسن کي، ۽ سندن قاضين ۽ سندن عملدارن کي، سڏائي چيو، تہ آءٌ پيرسن ۽ وڏيءَ عمر جو ٿيو آهيان:</verse>
				<verse number="3">۽ جيڪي خداوند اوهان جي خدا اوهان جي خاطر هنن سڀني قومن سان ڪيو، سو سڀ اوهان ڏٺو آهي؛ ڇالاءِ جو اهو خداوند اوهان جو خدا آهي، جو اوهان جي پاران وڙهيو آهي.</verse>
				<verse number="4">ڏسو، هي قومون جي باقي رهيون آهن، سي انهن سڀني قومن سميت، جن کي مون ناس ڪري ڇڏيو آهي، يردن کان وٺي اُلهندي ۾ وڏي سمنڊ تائين، سي مون ورثو ڪري اوهان کي ورهائي ڏنيون آهن.</verse>
				<verse number="5">۽ خداوند اوهان جو خدا انهن کي اوهان جي اڳيان ٿڏي ڪڍندو، ۽ اوهان جي نظر کان پري ڪندو؛ ۽ انهن جي زمين اوهان کي ورثي ۾ ملندي، جيئن خداوند اوهان جي خدا اوهان کي فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="6">تنهنڪري جيڪي موسيٰ جي شريعت واري ڪتاب ۾ لکيل آهي، تنهن سڀ جي همت جهلي پيروي ۽ تعميل ڪجو، تہ اوهين انهيءَ کان سڄي يا کٻي پاسي نہ مُڙو؛</verse>
				<verse number="7">۽ اهي قومون، جي اوهان ۾ باقي وڃي رهيون آهن، تن ۾ داخل نہ ٿجو؛ نڪي انهن جي معبودن جو نالو زبان تي آڻجو، نڪي انهن جو قسم کڻجو، نڪي انهن جي عبادت ڪجو، ۽ نڪي انهن کي سجدو ڪجو:</verse>
				<verse number="8">پر خداوند پنهنجي خدا سان چهٽيا رهجو، جيئن اڄ ڏينهن تائين رهيا آهيو.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو خداوند اوهان جي اڳيان وڏيون ۽ زبردست قومون هڪالي ڪڍيون آهن؛ ۽ اوهان جي اڳيان اڄ ڏينهن تائين ڪوبہ ماڻهو بيهي نہ سگهيو آهي.</verse>
				<verse number="10">اوهان مان هڪڙو ئي ماڻهو هزار کي پٺيان پيئي هڪالي ڪڍندو؛ ڇالاءِ جو اهو خداوند اوهان جو خدا آهي جو اوهان جي پاران وڙهي ٿو، جيئن هن اوهان سان انجام ڪيو.</verse>
				<verse number="11">تنهنڪري اوهين چڱي سنڀال ڪجو تہ خداوند پنهنجي خدا سان محبت رکو.</verse>
				<verse number="12">نہ تہ جيڪڏهن ڪنهن بہ رستي اوهين ڦري ويندا، ۽ انهن باقي رهيلن قومن سان، يعني انهن سان جي اوهان منجهہ رهيل آهن، گڏجي ويندا ۽ انهن سان شاديون ڪندا، ۽ هو اوهان مان شاديون ڪندا، ۽ اوهين هڪ ٻئي وٽ ايندا ويندا:</verse>
				<verse number="13">تہ پڪ ڄاڻجو تہ خداوند اوهان جو خدا وري ڪڏهن بہ انهن قومن کي اوهان جي اڳيان هڪالي نہ ڪڍندو؛ اُٽلندو اُهي اوهان جي لاءِ ڦاسي ۽ دام ٿيندا، ۽ اوهانجن پاسن ۾ آفت ٿيندا، ۽ اوهانجين اکين لاءِ ڪنڊا ٿيندا، ۽ نيٺ اُها عمدي زمين جا خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏني آهي، تنهن تان اوهين مري کپي ويندا.</verse>
				<verse number="14">۽ ڏسو، اڄ آءٌ انهيءَ پاسي ٿو وڃان جنهن پاسي سارو جهان وڃڻو آهي: ۽ اوهين سڀ پنهنجين دلين ۽ روح ۾ ڄاڻو ٿا، تہ جيڪي چڱيون ڳالهيون خداوند اوهان جي خدا اوهان جي نسبت ۾ ڪيون، تن مان هڪڙي ڳالهہ بہ نہ گُٿي آهي؛ سڀ اوهان جي لاءِ پوريون ٿيون آهن، ۽ هڪڙي ڳالهہ بہ انهن مان گهٽ نہ ٿي آهي.</verse>
				<verse number="15">۽ هيئن ٿيندو تہ جهڙيءَ طرح اُهي سڀ ڳالهيون اوهان تي اچي بيٺيون آهن، جن بابت خداوند اوهان جي خدا اوهان کي خبر ڏني، تهڙيءَ طرح سڀ خراب ڳالهيون بہ خداوند اوهان تي آڻيندو، جيستائين هو اوهان کي ناس ڪري، ۽ اها چڱي زمين جا خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏني آهي تنهن تان اوهان کي اُگهي ڇڏي.</verse>
				<verse number="16">جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جو عهد ڀڃندا، جنهن جو حڪم هن ڏنو آهي، ۽ وڃي ٻين معبودن جي عبادت ڪندا، ۽ انهن کي سجدو ڪندا؛ تڏهن خداوند جي ڪاوڙ اوهان تي ڀڙڪندي، ۽ اوهين جلد ناس ٿي انهيءَ چڱيءَ زمين تان چٽ ٿي ويندا، جا هن اوهان کي ڏني آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="24">
				<verse number="1">۽ يشوع اسرائيل جا سڀ فرقا سڪم ۾ آڻي گڏ ڪيا، ۽ اسرائيل جي بزرگن کي، ۽ رئيسن کي، ۽ قاضين کي، ۽ عملدارن کي گهرايائين؛ ۽ اُهي اچي خدا جي اڳيان حاضر ٿيا.</verse>
				<verse number="2">تڏهن يشوع سڀني ماڻهن کي چيو تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ اوهان جا ابا ڏاڏا اڳئين زماني ۾ نديءَ جي هن ڀر رهندا هئا، يعني تارح، ابرهام جو پيءُ، ۽ نحور جو پيءُ: ۽ اُهي ٻين معبودن جي بندگي ڪندا هئا.</verse>
				<verse number="3">۽ مون اوهان جي پيءُ ابرهام کي نديءَ جي هن ڀر کان ڪڍي ڪنعان جي ساري زمين ۾ گهمايو، ۽ سندس اولاد وڌايم، ۽ اسحاق ڏنومانس.</verse>
				<verse number="4">۽ مون اسحاق کي يعقوب ۽ عيسو ڏنو: ۽ عيسوءَ کي شعير جبل قبضي ۾ ڏنو؛ ۽ يعقوب پنهنجي ٻارن سميت مصر ۾ ويو.</verse>
				<verse number="5">۽ مون موسيٰ ۽ هارون کي موڪليو، ۽ جيڪي ڪم مون اُتي ڪيا انهن موجب مصر تي مصيبتون موڪليم: ۽ تنهن کان پوءِ مون اوهان کي ٻاهر آندو.</verse>
				<verse number="6">۽ مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر مان ڪڍيو، ۽ اوهين سمنڊ وٽ آيا؛ ۽ مصري جنگي گاڏيون ۽ گهوڙي سوار وٺي ڳاڙهي سمنڊ تائين اوهان جي ابن ڏاڏن جي پٺيان پيا.</verse>
				<verse number="7">۽ جڏهن هنن خداوند وٽ دانهن ڪئي، تڏهن هن اوهان جي ۽ مصرين جي وچ ۾ اونداهي وڌي، ۽ سمنڊ انهن جي مٿان آندائين، ۽ انهن کي ڍڪي ڇڏيائين؛ ۽ جيڪي مون مصر ۾ ڪيو سو اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺو: ۽ اوهين گهڻا ڏينهن بيابان ۾ رهيا پيا هئا.</verse>
				<verse number="8">۽ مون اوهان کي امورين جي زمين ۾ آندو، جي يردن جي هن ڀر رهندا هئا؛ ۽ اُهي اوهان سان وڙهيا: ۽ مون اُهي ئي اوهان جي هٿن ۾ ڏنا، ۽ اوهان هنن جي زمين پنهنجي قبضي ۾ آندي؛ ۽ مون انهن کي اوهان جي اڳيان چٽ ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="9">پوءِ وري موآب جو بادشاهہ بلق پٽ صفور جو اُٿيو، ۽ اسرائيل سان وڙهيو؛ ۽ اُنهي بلعام بن بعور کي اوهان تي لعنت وجهڻ لاءِ گهرايو:</verse>
				<verse number="10">پر مون بلعام جي ڳالهہ نہ مڃي؛ تنهنڪري هو اوهان جي حق ۾ برڪت ڏيندو رهيو: انهيءَ طرح مون اوهان کي انهيءَ جي هٿن مان ڇڏايو.</verse>
				<verse number="11">۽ اوهين يردن لنگهي پار پيا ۽ يريحو ۾ آيا: ۽ يريحو جا ماڻهو اوهان سان وڙهيا، يعني اموري، ۽ فرزي، ۽ ڪنعاني، ۽ حتي، ۽ جرجاسي، ۽ حوي، ۽ يبوسي؛ ۽ اُهي مون اوهانجن هٿن ۾ ڏنا.</verse>
				<verse number="12">۽ مون اوهان جي اڳيان چيلاٽو موڪليو، جنهن هنن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍيو، يعني امورين جي ٻنهي بادشاهن کي، نہ اوهان جي ترار سان، نڪي اوهان جي ڪمان سان.</verse>
				<verse number="13">۽ مون اوهان کي هڪڙي زمين ڏني، جنهن تي اوهان ڪابہ محنت نہ ڪئي هئي، ۽ مون اوهان کي شهر ڏنا، جي اوهان نہ ٻڌا هئا، ۽ جن ۾ اوهين رهو ٿا؛ ۽ اُنهن ڊاک جي ۽ زيتون جي باغيچن مان کائو ٿا، جي اوهان نہ پوکيا هئا.</verse>
				<verse number="14">تنهنڪري هاڻي خداوند جو خوف رکو، ۽ سچي نيت ۽ صداقت سان انهي جي عبادت ڪريو؛ ۽ نديءَ جي هن ڀر، ۽ مصر ۾، جن معبودن جي اوهان جا ابا ڏاڏا عبادت ڪندا هئا، تن کي ڇڏي ڏيو؛ ۽ خداوند جي عبادت ڪريو.</verse>
				<verse number="15">۽ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي خراب نظر ۾ اچي، تہ اڄوڪي ڏينهن فيصلو ڪريو تہ ڪنهن جي عبادت ڪرڻ گهرو ٿا: اُهي معبود جن جي عبادت اوهان جا ابا ڏاڏا نديءَ جي هن ڀر ڪندا هئا، يا امورين جا معبود جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا: پر آءٌ ۽ منهنجو گهراڻو، اسين خداوند جي عبادت ڪنداسين.</verse>
				<verse number="16">تڏهن ماڻهن ورندي ڏيئي چيو، تہ خدا پناهہ ڏئي جي اسين خداوند کي ڇڏي ٻين معبودن جي عبادت ڪريون؛</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو اهو خداوند اسان جو خدا آهي، جنهن اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان، ٻانهپ جي گهر منجهان ٻاهر ڪڍي آندو، ۽ جنهن اسان جي ڏسندي وڏا معجزا ڏيکاريا، ۽ جن رستن تي ٿي هلياسين، تن تي، ۽ جن قومن جي وچ مان ٿي لنگهياسين، تن ۾، اسان کي بچايو:</verse>
				<verse number="18">۽ خداوند اسان جي اڳيان سڀ قومون، يعني جيڪي اموري انهي زمين ۾ رهندا هئا، تن کي هڪالي ڪڍيو: تنهنڪري اسين بہ انهي خداوند جي عبادت ڪنداسين، ڇالاءِ جو اهو ئي اسان جو خدا آهي.</verse>
				<verse number="19">تڏهن يشوع انهن ماڻهن کي چيو تہ اوهين خداوند جي عبادت ڪري نہ سگهندا؛ ڇالاءِ جو هو پاڪ خدا آهي؛ هو غيرت وارو خدا آهي؛ هو اوهان جون خطائون ۽ اوهان جا گناهہ معاف نہ ڪندو.</verse>
				<verse number="20">جيڪڏهن اوهين خداوند کي ڇڏيندا، ۽ ٻين ڌارين معبودن جي عبادت ڪندا، تہ پوءِ هو، جنهن اسان سان هيتري چڱائي ڪئي آهي، سو ڦري اوهان سان برائي ڪندو، ۽ اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="21">تڏهن ماڻهن يشوع کي چيو، تہ ائين ڪڏهن نہ ٿيندو؛ اسين ضرور خداوند جي عبادت ڪنداسين.</verse>
				<verse number="22">۽ يشوع ماڻهن کي چيو تہ اوهين پنهنجي مٿان انهيءَ ڳالهہ جا پاڻ شاهد آهيو، تہ اوهان پنهنجي لاءِ خداوند کي عبادت ڪرڻ لاءِ پسند ڪيو آهي. ۽ هنن چيو تہ اسين برابر شاهد آهيون.</verse>
				<verse number="23">هن چيو تہ تڏهن هاڻي اهي ڌاريا معبود، جي اوهان منجهہ آهن، سي اُڇلائي ڇڏيو، تہ پنهنجي دل خداوند اسرائيل جي خدا سان لڳايو.</verse>
				<verse number="24">۽ ماڻهن يشوع کي چيو تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪنداسين، ۽ سندس آواز ٻڌنداسين.</verse>
				<verse number="25">پوءِ يشوع انهيءَ ڏينهن ماڻهن سان عهد اقرار ڪيو، ۽ سڪم ۾ هنن کي هڪڙو قاعدو، ۽ هڪڙي ريت مقرر ڪري ڏنائين.</verse>
				<verse number="26">۽ يشوع خدا جي شريعت جي ڪتاب ۾ هي لفظ لکيا؛ ۽ هڪڙو وڏو پٿر کڻي خداوند جي عبادتگاهہ جي ڀر ۾، جيڪو شاهہ بلوط جو وڻ آهي، تنهن جي هيٺان کوڙي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="27">پوءِ يشوع سڀني ماڻهن کي چيو تہ ڏسو، هي پٿر اسان تي هڪڙو شاهد ٿيندو؛ ڇالاءِ جو جيڪي ڳالهيون خداوند اسان سان ڪيون آهن، سي هن ٻڌيون آهن: تنهنڪري هو اوهان تي شاهد ٿيندو، تہ متان اوهين پنهنجي خدا جا انڪاري ٿي وڃو.</verse>
				<verse number="28">پوءِ يشوع سڀني ماڻهن کي پنهنجي پنهنجي ورثي ڏانهن موڪلي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="29">۽ انهن ڳالهين کان پوءِ هيئن ٿيو تہ خداوند جي ٻانهي يشوع بن نون، هڪ سؤ ڏهن ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.</verse>
				<verse number="30">۽ هن کي سندس موروثي زمين جي حد اندر، تمنت سرح، جو جعس جبل جي اُتر ڏانهن افرائيم جي ڪوهستان ۾ آهي، اتي دفن ڪيائون.</verse>
				<verse number="31">۽ اسرائيل يشوع جي سڀني ڏينهن ۾، ۽ يشوع کان پوءِ بہ جيڪي بزرگ جيئرا رهيا تن جي ڏينهن ۾، خداوند جي عبادت ڪندا آيا، ۽ جيڪي ڪم هن اسرائيل لاءِ ڪيا هئا سي اُهي بزرگ ڄاڻندا هئا.</verse>
				<verse number="32">۽ يوسف جا هڏا، جي بني اسرائيل مصر مان آندا هئا، سي بہ هنن سڪم ۾، انهيءَ زمين جي ٽڪر ۾ دفن ڪيا، جو يعقوب سڪم جي پيءُ حمور جي پٽن کان ناڻي جي هڪ سؤ سڪن تي خريد ڪيو هو: ۽ اُهي يوسف جي اولاد جي موروثي ملڪيت ٿيا.</verse>
				<verse number="33">۽ هارون جي پٽ اليعزر بہ وفات ڪئي؛ ۽ انهيءَ کي بہ سندس پٽ فينحاس جي ٽڪر ۾ دفن ڪيائون، جو ٽڪر هن کي افرائيم جي ڪوهستان ۾ مليو هو.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="7">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">۽ يشوع جي وفات ڪرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو بني اسرائيل خداوند کان پڇيو، تہ اسان جي لاءِ ڪير پهرين ڪنعانين سان جنگ ڪرڻ لاءِ انهن تي ڪاهي وڃي؟</verse>
				<verse number="2">۽ خداوند فرمايو تہ يهوداہ وڃي: ڏسو مون اُهو ملڪ هن جي هٿ ۾ ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="3">تڏهن يهوداہ پنهنجي ڀاءُ شمعون کي چيو تہ تون منهنجي حصي ۾ مون سان هل، تہ هلي ڪنعانين سان وڙهون؛ ۽ ساڳيءَ طرح آءٌ بہ تنهنجي حصي ۾ تو سان گڏجي هلندس. پوءِ شمعون هن سان گڏجي ويو.</verse>
				<verse number="4">۽ يهوداہ چڙهي ويو، ۽ خداوند ڪنعاني ۽ فرزي هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا: ۽ هنن انهن مان ڏهہ هزار ماڻهو بزق ۾ ماريا.</verse>
				<verse number="5">۽ هنن ادوني بزق کي بزق ۾ لڌو: ۽ هن سان وڙهيا، ۽ ڪنعانين، ۽ فرزين کي ماريائون.</verse>
				<verse number="6">پر ادوني بزق ڀڄي ويو؛ ۽ هو انهيءَ جي پٺيان پيا، ۽ وڃي پڪڙيائونس، ۽ هن جي هٿن ۽ پيرن جا آڱوٺا وڍي ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="7">تڏهن ادوني بزق چيو تہ ستر بادشاهہ هٿن پيرن جي آڱوٺن وڍيل، منهنجي دسترخاني هيٺ مانيءَ جا ڀور گڏ ڪري کائيندا هئا. جيئن مون ڪيو، تيئن خدا بہ مون کي بدلو ڏنو. پوءِ کيس يروشلم ۾ وٺي ويا، ۽ هو اُتي مري ويو.</verse>
				<verse number="8">۽ بني يهوداہ يروشلم سان جنگ ڪئي، ۽ اُهو ورتائون، ۽ انهيءَ کي ترار جي ڌار سان ماريائون ۽ شهر کي باهہ ڏنائون.</verse>
				<verse number="9">تنهن کان پوءِ بني يهوداہ انهن ڪنعانين سان جنگ ڪرڻ لاءِ ڪاهي ويا، جي ڪوهستان ۾ ڏکڻ ڏانهن ماٿريءَ ۾ رهندا هئا.</verse>
				<verse number="10">۽ يهوداہ انهن ڪنعانين تي بہ ڪاهي ويو جي حبرون ۾ رهندا هئا: (هاڻي حبرون جو نالو اڳي قريت اربع هو): ۽ هنن سيسي ۽ اخيمان، ۽ تلميءَ کي ماريو.</verse>
				<verse number="11">۽ اُتان هو دبير جي رهاڪن تي ڪاهي ويو، (هاڻي دبير جو نالو اڳي قريت سفر هو).</verse>
				<verse number="12">۽ ڪالب چيو تہ جيڪو قريت سفر کي ماري وٺندو، تنهن کي آءٌ پنهنجي ڌيءَ عڪسہ پرڻائي ڏيندس.</verse>
				<verse number="13">۽ ڪالب جي ننڍي ڀاءُ قنز جي پٽ غٿني ايل اُهو ورتو: ۽ هن انهيءَ کي پنهنجي ڌيءَ عڪسہ پرڻائي ڏني.</verse>
				<verse number="14">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هوءَ پنهنجي مڙس وٽ آئي، تڏهن انهي کي چوريائين تہ سندس پيءُ کان هڪڙي ٻني گهري ۽ هوءَ پنهنجي گڏهہ تان لهي پيئي: تڏهن ڪالب چيس تہ تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي؟</verse>
				<verse number="15">هن کيس چيو تہ مون کي بخشش ڏي؛ ڇالاءِ جو تو مون کي ڏکڻ واري زمين ڏني آهي؛ مون کي پاڻيءَ جا چشما بہ ڏي. تڏهن ڪالب هن کي مٿيان توڙي هيٺيان چشما ڏنا.</verse>
				<verse number="16">۽ موسيٰ جي سالي قينيءَ جا پٽ، کجورين واري شهر مان، بني يهوداہ سان گڏجي، يهوداہ جي بيابان ۾ ويا، جو عراد جي ڏکڻ ۾ آهي؛ ۽ هو وڃي انهن ماڻهن سان گڏ رهڻ لڳا.</verse>
				<verse number="17">۽ يهوداہ پنهنجي ڀاءُ شمعون سان گڏجي روانو ٿيو، ۽ جيڪي ڪعناني صفت ۾ رهندا هئا تن کي هن وڃي شڪست ڏني، ۽ اُنهن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائون، ۽ انهيءَ شهر جو نالو حرمہ سڏجڻ لڳو.</verse>
				<verse number="18">۽ يهوداہ، غزہ، ان جي سرحد سميت، اسقلون، ان جي سرحد سميت، ۽ عقرون، ان جي سرحد سميت بہ ورتو.</verse>
				<verse number="19">۽ خداوند يهوداہ سان هو؛ ۽ هن انهيءَ ڪوهستان جا رهاڪو هڪالي ڪڍيا؛ ڇالاءِ جو هو انهيءَ واديءَ جي رهاڪن کي هڪالي نہ ڪڍي سگهيو، جو هنن وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون هيون.</verse>
				<verse number="20">۽ هنن حبرون ڪالب کي ڏنو، جيئن موسيٰ چيو هو: ۽ هن اُتان عناق جا ٽي پٽ هڪالي ڪڍي ڇڏيا.</verse>
				<verse number="21">۽ بني بنيمين يروشلم ۾ رهندڙ يبوسين کي نہ ڪڍيو، پر يبوسي بني بنيمين سان اڄ تائين يروشلم ۾ رهندا اچن.</verse>
				<verse number="22">۽ يوسف جو گهراڻو بہ بيت ايل تي چڙهي ويو: ۽ خداوند انهن سان هو:</verse>
				<verse number="23">۽ يوسف جي گهراڻي ڪي جاسوس موڪليا تہ بيت ايل ڏسي اچن: (هاڻي انهي شهر جو نالو اڳي لوز هو).</verse>
				<verse number="24">۽ جاسوسن هڪڙو ماڻهو شهر مان نڪرندي ڏٺو، ۽ انهي کي چيائون تہ مهرباني ڪري اسان کي شهر ۾ گهڙڻ جو رستو ڏيکار، اسين تو سان ڀلائي ڪنداسين.</verse>
				<verse number="25">۽ هن انهن کي شهر ۾ گهڙڻ جو رستو ڏيکاريو، ۽ انهن شهر کي ترار جي ڌار سان ماري ورتو؛ پر انهيءَ ماڻهوءَ کي سندس ڪٽنب سميت ڇڏي ڏنائون.</verse>
				<verse number="26">۽ اهو ماڻهو حتين جي ملڪ ۾ ويو، ۽ اُتي هڪڙو شهر ٻڌائين، ۽ انهي جو نالو لوز رکيائين: جو نالو انهيءَ تي اڄ ڏينهن تائين هليو اچي.</verse>
				<verse number="27">۽ منسيءَ، بيت شان ۽ ان جي شهرن جي رهاڪن کي هڪالي نہ ڪڍيو، نڪي تعناڪ، ۽ ان جي شهرن جي رهاڪن کي ڪڍيائين، نڪي دور، ۽ ان جي شهرن جي رهاڪن کي ڪڍيائين، نڪي ابليعام، ۽ ان جي شهرن جي رهاڪن کي ڪڍيائين، ۽ نڪي مجدو، ۽ ان جي شهرن جي ماڻهن کي ڪڍيائين: پر ڪنعاني انهيءَ ملڪ ۾ رهندا آيا:</verse>
				<verse number="28">۽ هيئن ٿيو جو جڏهن اسرائيل زور ورتو تڏهن ڪنعانين کان بيگر ۾ سخت ڪم وٺڻ لڳا، پر هنن کي هڪالي نہ ڪڍيائون.</verse>
				<verse number="29">۽ افرائيم انهن ڪنعانين کي هڪالي نہ ڪڍيو، جي جزر ۾ رهندا هئا؛ پر ڪنعاني انهن سان گڏ جزر ۾ رهندا آيا.</verse>
				<verse number="30">زبولون، قطرون جي رهاڪن، ۽ نهلال جي رهاڪن کي هڪالي نہ ڪڍيو، پر ڪنعاني انهيءَ منجهہ رهندا آيا، ۽ ڍل ڀرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="31">آشر، عڪو جي رهاڪن، ۽ صيدا جي رهاڪن، ۽ احلاب جي، ۽ اڪزيب جي ۽ حلبہ جي، ۽ افيق، ۽ رحوب جي رهاڪن کي بہ هڪالي نہ ڪڍيو.</verse>
				<verse number="32">پر آشري انهيءَ ملڪ جي رهندڙن ڪنعانين سان گڏ رهڻ لڳا: ڇالاءِ جو هنن انهن کي نہ ڪڍيو.</verse>
				<verse number="33">نفتاليءَ بيت شمس جي رهاڪن، ۽ بيت عنات جي رهاڪن کي هڪالي نہ ڪڍيو، پر هو انهيءَ ملڪ جي رهندڙن ڪنعانين ۾ رهندو آيو: انهيءَ هوندي بہ بيت شمس، ۽ بيت عنات جا ماڻهو سندس ڍل ڀريندڙ ٿيا.</verse>
				<verse number="34">۽ امورين بني دان کي زور زبردستيءَ سان ڪوهستان ڏانهن هڪالي ڪڍيو: ڇالاءِ جو هنن انهن کي واديءَ ۾ هيٺ لهڻ نہ ڏنو.</verse>
				<verse number="35">امورين جي مرضي ٿي تہ هو حرس جبل، ايالون، ۽ سعلبيم ۾ رهندا اچن: انهي هوندي بہ يوسف جي گهراڻي جو هٿ غالب پيو، ۽ هو ڍل ڀرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="36">۽ امورين جي سرحد عقربيم جي چاڙهيءَ، يعني جبل کان وٺي مٿي ويئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">۽ خداوند جو فرشتو جلجال مان بوڪيم ۾ آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ مون اوهان کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ آندو اٿم جنهن جي بابت اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هوم؛ ۽ اوهان سان ڪيل پنهنجو عهد اقرار ڪڏهن بہ نہ ڀڃندس:</verse>
				<verse number="2">۽ اوهين هن ملڪ جي رهاڪن سان ڪوبہ عهد اقرار نہ ڪجو، ۽ اوهين هنن جون قربانگاهون ڀڃي ڇڏجو: پر اوهان منهنجي ڳالهہ نہ مڃي: ڇو اوهان ائين ڪيو آهي؟</verse>
				<verse number="3">انهي ڪري مون چيو تہ هنن کي اوهان جي اڳيان هڪالي نہ ڪڍندس؛ پر اُهي اوهان جي پاسن ۾ ڪنڊا، ۽ هنن جا معبود اوهان جي لاءِ دام ٿيندا.</verse>
				<verse number="4">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خداوند جي فرشتي بني اسرائيل کي اهي ڳالهيون ٻڌايون، تڏهن ماڻهو وڏي سڏ دانهون ڪري روئڻ لڳا.</verse>
				<verse number="5">۽ انهيءَ جاءِ کي هنن بوڪيم سڏيو، ۽ اُتي خداوند جي لاءِ قرباني چاڙهيائون.</verse>
				<verse number="6">هاڻي جڏهن يشوع ماڻهن کي روانو ڪري ڇڏيو، تڏهن بني اسرائيل مان هرڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي موروثي زمين هٿ ڪرڻ لاءِ ويو.</verse>
				<verse number="7">۽ اُهي ماڻهو يشوع جي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن، ۽ يشوع کان پوءِ بہ جيڪي بزرگ جيئرا رهيا، تن جي ڏينهن ۾ خداوند جي عبادت ڪندا آيا، ۽ اُهي وڏا ڪم جيڪي هن اسرائيل لاءِ ڪيا هئا سي ڄاڻندا هئا.</verse>
				<verse number="8">۽ خداوند جي ٻانهي يشوع بن نون، هڪ سؤ ڏهن ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي.</verse>
				<verse number="9">۽ هنن کيس جعس جبل جي اُتر ڏانهن، افرائيم جي ڪوهستان ۾ تمنت حرس منجهہ، سندس ورثي جي حد اندر دفن ڪيو.</verse>
				<verse number="10">۽ ٻيا سڀ انهيءَ پيڙهيءَ وارا بہ وڃي پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏيا: ۽ انهن کان پوءِ ٻي پيڙهي اُٿي، جي نڪي خداوند کي سڃاڻندا هئا، ۽ نڪي جيڪي ڪم هن اسرائيل لاءِ ڪيا هئا، تن کان واقف هئا.</verse>
				<verse number="11">۽ بني اسرائيل اُهي ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ بعليم جي عبادت ڪرڻ لڳا:</verse>
				<verse number="12">۽ هنن خداوند، پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو، جنهن هنن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو هو، ۽ ٻين معبودن، يعني آس پاس وارين قومن جي معبودن جي پيروي ڪيائون، ۽ اُنهن کي سجدو ڪيائون: ۽ خداوند کي ڪاوڙايائون،</verse>
				<verse number="13">۽ هو خدا کي ڇڏي، بعل ۽ عستارات جي عبادت ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="14">تنهن تي خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي ۽ هن انهن کي ڦرلٽ ڪرڻ وارن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن هنن کي ڦري لٽي ڇڏيو، ۽ انهن کي آس پاس وارن دشمنن وٽ وڪڻي ڇڏيائين، جنهنڪري هو وري پنهنجي دشمنن جي سامهون بيهي ڪين سگهيا.</verse>
				<verse number="15">جيڏانهن هو ويندا هئا اوڏانهن خداوند جو هٿ خرابيءَ لاءِ انهن تي رهندو هو، جيئن خداوند فرمايو هو، ۽ جيئن خداوند هنن سان قسم کنيو هو: ۽ هو تمام تنگ ٿيا.</verse>
				<verse number="16">۽ خداوند قاضي اُٿاريا، جن انهن کي سندن ڦرلٽ ڪرڻ وارن کان بچايو.</verse>
				<verse number="17">انهيءَ هوندي بہ هنن پنهنجي قاضين کي نہ مڃيو، ڇالاءِ جو هو ٻين معبودن جي پيروي ڪري زنا ڪندا رهيا، ۽ انهن کي سجدو ڪندا رهيا: جنهن رستي تي هنن جا ابا ڏاڏا خداوند جا حڪم مڃي هلندا هئا، تنهن کان سگهو ئي ڦري ٻئي پاسي ويا: ۽ انهن وانگر نہ هليا.</verse>
				<verse number="18">۽ جڏهن خداوند هنن جي لاءِ قاضي اُٿاريا، تڏهن خداوند قاضيءَ سان هوندو هو، ۽ قاضيءَ جي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن هو هنن کي سندن دشمنن جي هٿن مان بچائيندو رهندو هو: ڇالاءِ جو مٿن ظلم ڪندڙن، ۽ کين تڪليف ڏيندڙن جي ڪري هو دانهون ڪندا هئا، تنهنڪري خداوند کي مٿن قياس آيو.</verse>
				<verse number="19">پر هيئن ٿيو تہ جڏهن اُهو قاضي مري ويو تڏهن، وري هو ڦري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن کان بہ وڌيڪ برائي ڪرڻ لڳا، جو ٻين معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي عبادت ڪرڻ، ۽ انهن کي سجدو ڏيڻ لڳا؛ پنهنجن انهن ڪمن کان، توڙي پنهنجي خراب رستي کان باز نہ آيا.</verse>
				<verse number="20">تڏهن خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي؛ ۽ هن چيو تہ ڇو هن قوم جي ابن ڏاڏن، جنهن عهد اقرار جو مون حڪم ڏنو هو، سو ڀڳو آهي، ۽ منهنجو حڪم نہ مڃيو اٿن؛</verse>
				<verse number="21">تنهنڪري جيڪي قومون يشوع وفات ڪرڻ مهل ڇڏي ويو هو، تن کي آءٌ بہ هنن جي اڳيان هڪالي نہ ڪڍندس.</verse>
				<verse number="22">انهي لاءِ تہ ائين ڪرڻ سان آءٌ اسرائيلين کي آزمايان، تہ جيئن سندن ابا ڏاڏا ڪندا هئا، تيئن هي بہ خداوند جي راهہ جي سنڀال ڪري انهي تي هلن ٿا يا نہ.</verse>
				<verse number="23">انهيءَ طرح خداوند انهن قومن کي هنن جي اڳيان جلد هڪلڻ کان سواءِ ڇڏي ڏنو؛ ۽ نڪي انهن کي يشوع جي هٿن ۾ ڏنائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">هاڻي اُهي قومون هي آهن، جي خداوند ڇڏي ڏنيون، انهي لاءِ تہ انهن جي وسيلي اسرائيل کي آزمائي، يعني انهن سڀني کي، جن کي ڪنعانين جي سڀني جنگين جي خبر نہ هئي؛</verse>
				<verse number="2">تہ بني اسرائيل جي پيڙهين کي خبر پوي، ۽ جن کي اڳي جنگ جي واقفيت نہ هئي، تن کي جنگ ڪرڻ سيکاري؛</verse>
				<verse number="3">يعني پنج سردار فلستين جا، ۽ سڀ ڪنعاني، ۽ صيداني، ۽ حوي، جي لبنان جي جبل ۾ رهندا هئا، بعل حرمون جبل کان وٺي حمات جي لنگهہ تائين.</verse>
				<verse number="4">۽ اُهي اسرائيل جي آزمائش لاءِ ڇڏيا ويا هئا، انهيءَ لاءِ تہ خبر پوي تہ هو خداوند جا اُهي حڪم مڃين ٿا يا نہ، جي هن موسيٰ جي معرفت هنن جي، ابن ڏاڏن کي ڏنا هئا.</verse>
				<verse number="5">۽ بني اسرائيل ڪنعانين منجهہ، ۽ حتين، ۽ امورين، ۽ فرزين، ۽ حوين، ۽ يبوسين منجهہ رهندا آيا؛</verse>
				<verse number="6">۽ انهن جي ڌيئرن سان هو پرڻيا، ۽ پنهنجون ڌيون انهن جي پٽن کي ڏنائون، ۽ انهن جي معبودن جي عبادت ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="7">۽ بني اسرائيل اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو، ۽ بعليم ۽ يسيرتن جي عبادت ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="8">تنهنڪري خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي، ۽ هن انهن کي وڪڻي مسوپتاميہ جي بادشاهہ، ڪوشن رسعتيم جي هٿ ۾ ڏنو: ۽ بني اسرائيل اٺ ورهيہ ڪوشن رسعتيم جي ٻانهپ ڪئي.</verse>
				<verse number="9">۽ جڏهن بني اسرائيل خداوند کي دانهون ڪيون، تڏهن هن هڪڙو بچائيندڙ بني اسرائيل لاءِ اُٿاريو، جنهن هنن کي ڇڏايو، ۽ اُهو ڪالب جي ننڍي ڀاءُ قنز جو پٽ غٿني ايل هو.</verse>
				<verse number="10">۽ خداوند جو روح هن تي نازل ٿيو، ۽ هو اسرائيلين جو قاضي ٿيو؛ ۽ هو جنگ ڪرڻ لاءِ نڪتو؛ ۽ خداوند مسوپتاميہ جو بادشاهہ ڪوشن رسعتيم هنن جي هٿ ۾ ڏنو؛ ۽ هنن جو هٿ ڪوشن رسعتيم تي غالب پيو.</verse>
				<verse number="11">۽ انهيءَ ملڪ کي چاليهہ ورهيہ آرام مليو. پوءِ غٿني ايل بن قنز وفات ڪئي.</verse>
				<verse number="12">۽ بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا: ۽ خداوند موآب جي بادشاهہ عجلون کي اسرائيل تي غالب ڪيو، ڇالاءِ جو هنن اهڙا ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.</verse>
				<verse number="13">۽ هن بني عمون، ۽ بني عماليق پاڻ وٽ گڏ ڪيا، ۽ انهن وڃي اسرائيل کي شڪست ڏني، ۽ کجين وارو شهر هٿ ڪيو.</verse>
				<verse number="14">۽ بني اسرائيلين ارڙهن ورهيہ موآب جي بادشاهہ عجلون جي ٻانهپ ڪئي.</verse>
				<verse number="15">پر جڏهن بني اسرائيل خداوند وٽ دانهون ڪيون تڏهن خداوند هنن جي لاءِ هڪڙو بچائڻ وارو اُٿاريو، ۽ اُهو اهود بن جيرا هو، جو بنيميني هو، ۽ کاٻڙيو هو: ۽ بني اسرائيل هن جي هٿان موآب جي بادشاهہ عجلون ڏانهن هڪڙي سوکڙي موڪلي.</verse>
				<verse number="16">۽ اهود پنهنجي لاءِ هڪڙي ٻہ منهين ترار ٺاهي، جا هڪ هٿ ڊگهي هئي، ۽ اُها هن پنهنجي ڪپڙن جي هيٺان ساڄي ران تي ٻڌي ڇڏي.</verse>
				<verse number="17">پوءِ هن اُها سوکڙي وڃي موآب جي بادشاهہ عجلون کي ڏني: هاڻي عجلون تمام ڳورو ماڻهو هو.</verse>
				<verse number="18">۽ جڏهن هو اُها سوکڙي ڏيئي چڪا، تڏهن انهن سوکڙي آڻيندڙ ماڻهن کي موڪلي ڏنائين.</verse>
				<verse number="19">مگر پاڻ جلجال وارين پٿرن جي کاڻين وٽان موٽي آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ اي بادشاهہ، مون کي هڪڙو ڳجهو پيغام توکي ڏيڻو آهي، ۽ هن چيس تہ صبر ڪر. پوءِ اُتي جيڪي بيٺا هئا سي سڀ وٽانئس نڪري ٻاهر ويا.</verse>
				<verse number="20">تڏهن اهود هن کي ويجهو آيو: ۽ هو پنهنجي آرڙهہ واري صفيءَ ۾ اڪيلو ويٺو هو. ۽ اهود چيو تہ مون کي تنهنجي لاءِ خدا جو هڪڙو پيغام آهي، ۽ هو پنهنجي جاءِ تان اُٿي کڙو ٿيو.</verse>
				<verse number="21">۽ اهود پنهنجو کٻو هٿ ڊگهو ڪري پنهنجي ساڄيءَ ران تان ترار ڪڍي هن جي پيٽ ۾ هنئي.</verse>
				<verse number="22">۽ ترار جو هٿيو بہ، ڦر جي پٺيان، پيٽ ۾ گهڙي ويو؛ ۽ هٿئي تي چرٻي چڙهي ويئي، ڇالاءِ جو هن اُها ترار هن جي پيٽ مان ٻاهر ڪڍي نہ ورتي؛ ۽ اها پٺيان نڪري آئي.</verse>
				<verse number="23">تڏهن اهود ورانڊي ۾ نڪري ويو، ۽ صفيءَ جا در بند ڪري ڪُلف پائي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="24">هاڻي جڏهن هو هليو ويو تڏهن هن جا غلام آيا؛ ۽ ڏسن تہ صفيءَ جا دروازا بند پيا آهن؛ ۽ هو چوڻ لڳا تہ هو پنهنجي آرڙهہ واري ڪمري ۾ ننڊ پيو ڪري.</verse>
				<verse number="25">۽ هو ترسي ويهي رهيا، جيستائين ڪ پشيمان ٿيڻ لڳا: ۽ ڏسو، هن اڃا بہ صفيءَ جا در نہ پٽيا؛ پوءِ هنن ڪنجي کڻي در پٽيا، ۽ ڏسن تہ سندن ڌڻي زمين تي مئو پيو آهي.</verse>
				<verse number="26">۽ ڇالاءِ جو هنن ايتري دير ڪئي هئي، تنهن وچ ۾ اهود ڀڄي پٿر جي کاڻين کان بہ لنگهي ويو، ۽ سعيرت ۾ وڃي نڪتو.</verse>
				<verse number="27">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو اُتي آيو، تڏهن هن افرائيم جي ڪوهستان ۾ قرناءِ وڄائي، جنهن تي بني اسرائيل ڪوهستان مان لهي هيٺ آيا، ۽ هو سندن سردار ٿي هليو.</verse>
				<verse number="28">۽ هن انهن کي چيو تہ منهنجي پٺيان اچو: ڇالاءِ جو خدا اوهانجن دشمنن يعني موآبين کي، اوهان جي هٿ ۾ ڏنو آهي، ۽ هو انهيءَ جي پٺيان لهي ويا، ۽ وڃي يردن جي گهيرن وٽ، موآبين جا گهٽ جهليائون، ۽ هڪڙي ماڻهو کي بہ پار لنگهڻ نہ ڏنائون.</verse>
				<verse number="29">۽ انهي وقت هنن موآب جا ڏهہ هزار ماڻهو ماريا، جن مان هرهڪ مضبوط ۽ بهادر مرد هو؛ ۽ هڪڙو بہ ماڻهو ڇٽي نہ ويو.</verse>
				<verse number="30">انهيءَ طرح موآب انهيءَ ڏينهن اسرائيل جي قبضي ۾ آيو، ۽ ملڪ کي اسي ورهيہ آرام مليو.</verse>
				<verse number="31">۽ انهي کان پوءِ شمجر بن عنات اُٿيو، جنهن فلستين جا ڇهہ سؤ ماڻهو ڏاندن هڪلڻ واريءَ لٺ سان ماريا: ۽ انهيءَ بہ اسرائيل کي بچايو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">۽ اهود جي وفات ڪرڻ کان پوءِ بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا، جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.</verse>
				<verse number="2">تڏهن خداوند هنن کي ڪنعان جي بادشاهہ، يابين وٽ وڪڻي ڇڏيو، جو حصور ۾ بادشاهي ڪندو هو؛ انهي جي لشڪر جو سپهہ سالار سيسرا هو، جو حروسيت هگوئيم ۾ رهندو هو.</verse>
				<verse number="3">۽ بني اسرائيل خداوند وٽ دانهون ڪيون: ڇالاءِ جو هن وٽ نوَ سؤ لوهہ جون جنگي گاڏيون هيون: ۽ انهيءَ ويهہ ورهيہ برابر بني اسرائيل تي ڏاڍي سختي ڪئي.</verse>
				<verse number="4">هاڻي دبورہ، جا هڪڙي نبيہ هئي، ۽ لفيدوت جي زال هئي، سا انهن ڏينهن ۾ اسرائيل جو انصاف ڪندي هئي.</verse>
				<verse number="5">۽ اُها افرائيم جي ڪوهستان ۾، رامہ ۽ بيت ايل جي وچ ۾ دبورہ جي کجيءَ هيٺ رهندي هئي: ۽ بني اسرائيل اُتي وٽس اچي پنهنجن معاملن جا فيصلا ڪرائيندا هئا.</verse>
				<verse number="6">۽ هن ابي نوعم جي پٽ برق کي، قادس نفتاليءَ مان گهرائي چيو، تہ خداوند اسرائيل جي خدا اهڙو حڪم نہ ڏنو آهي ڇا، تہ تون تبور جبل ڏانهن وڃ، ۽ پاڻ سان بني نفتاليءَ ۽ بني زبولون جا ڏهہ هزار ماڻهو بہ وٺي وڃ؟</verse>
				<verse number="7">۽ آءٌ يابين جي سپهہ سالار سيسرا کي سندس جنگي گاڏين، ۽ لشڪر سوڌو، قيسون نديءَ تائين تو وٽ وٺي ايندس؛ ۽ انهيءَ کي تنهنجي حوالي ڪندس.</verse>
				<verse number="8">۽ برق هن کي چيو تہ جي تون مون سان هلندينءَ تہ آءٌ ويندس، پر جي تون مون سان نہ هلندينءَ تہ آءٌ ڪين ويندس.</verse>
				<verse number="9">تڏهن هن چيس تہ آءٌ بيشڪ توسان هلنديس: انهيءَ هوندي بہ جيڪو سفر تون ڪرين ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عزت آبرو نہ رهندي، ڇالاءِ جو خداوند سيسرا کي هڪڙيءَ زال جي هٿ وڪڻي ڇڏيندو. ۽ دبورہ اُٿي ۽ برق سان گڏجي قادس ڏانهن ويئي.</verse>
				<verse number="10">۽ برق، زبولون ۽ نفتاليءَ کي ڪوٺي قادس ۾ گڏ ڪيو؛ ۽ ڏهہ هزار ماڻهو ساڻس گڏ هئا، ۽ دبورہ بہ ساڻس گڏ هئي.</verse>
				<verse number="11">هاڻي حبر قيني پاڻ کي قينين کان ڌار ڪيو هو، يعني موسيٰ جي سالي حباب جي پٽن کان: ۽ ضعننيم، جو قادس جي پاسي ۾ آهي، تنهن ۾ وڃي، شاهہ بلوط وٽ پنهنجو تنبو هنيو هئائين.</verse>
				<verse number="12">۽ هنن سيسرا کي چيو تہ ابي نوعم جو پٽ برق، تبور جي جبل ڏانهن چڙهي ويو آهي.</verse>
				<verse number="13">تنهن تي سيسرا پنهنجون سڀ جنگي گاڏيون، يعني نوَ سؤ لوهہ جون جنگي گاڏيون، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي سڀ گڏ ڪري حروست هگوئيم کان قيسون نديءَ تائين آندا.</verse>
				<verse number="14">۽ دبورہ برق کي چيو تہ اُٿي کڙو ٿيءُ؛ ڇالاءِ جو اڄ اُهو ڏينهن آهي جنهن ۾ خداوند سيسرا کي تنهنجي هٿن ۾ ڏنو آهي: خداوند تنهنجي اڳيان ٻاهر نڪري نہ هليو آهي ڇا؟ تڏهن برق تبور جبل مان لٿو، ۽ اُهي ڏهہ هزار ماڻهو سندس پٺيان آيا.</verse>
				<verse number="15">۽ خداوند سيسرا کي، ۽ سندس سڀني جنگي گاڏين ۽ ڪل لشڪر کي، ترار جي ڌار سان، برق جي اڳيان ڀڄائي ڪڍيو؛ ۽ سيسرا پنهنجي جنگي گاڏيءَ تان لهي پيرين پيادو اُٿي ڀڳو.</verse>
				<verse number="16">پر برق انهن گاڏين ۽ انهيءَ لشڪر جي پٺيان پئي حروست هگوئيم تائين آيو: ۽ سيسرا جو سڄو لشڪر ترار جي ڌار سان مارجي ويو؛ هڪڙو بہ ماڻهو نہ بچيو.</verse>
				<verse number="17">۽ سيسرا پيادو حبر قينيءَ جي زال ياعيل جي تنبوءَ ڏانهن ڀڳو: ڇالاءِ جو حصور جي بادشاهہ يابين، ۽ حبر قينيءَ جي گهراڻي جي وچ ۾ صلح هو.</verse>
				<verse number="18">۽ ياعيل نڪري وڃي سيسرا کي گڏي، ۽ چيائينس تہ اي منهنجا سائين، اندر هل، اندر مون وٽ هل، ڊڄ نہ. ۽ هو تنبوءَ منجهہ گهڙي ويو، ۽ هن هڪڙو کٿو مٿان وجهي لڪايس.</verse>
				<verse number="19">۽ سيسرا چيس تہ ڀلائي ڪري مون کي ٿورو پاڻي ڏي تہ پيان، ڇالاءِ جو مون کي اُڃ لڳي آهي. تڏهن هن کير جي هڪڙي دلي کولي، ۽ کير پياري ڍڪي ڇڏيس.</verse>
				<verse number="20">پوءِ سيسرا چيس تہ تنبوءَ جي در تي بيهي رهہ، ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو اچي توکان پڇي ۽ چوي تہ هتي ڪو ماڻهو آهي؟ تڏهن تون چئجانءِ تہ نہ.</verse>
				<verse number="21">تڏهن حبر جي زال ياعيل تنبوءَ جي هڪڙي ڪلي کنئي، ۽ مترڪو پنهنجي هٿ ۾ کڻي آهستي آهستي هن وٽ ويئي، ۽ اُها ڪلي هن جي لوندڙين ۾ ٺوڪي هنيائين، ۽ اُها آرپار لنگهي وڃي زمين ۾ کُتي؛ ڇالاءِ جو هن کي گهري ننڊ اچي ويئي هئي، تنهنڪري هو بيهوش ٿي مري ويو.</verse>
				<verse number="22">۽ ڏس جڏهن برق سيسرا جي پٺيان آيو تڏهن ياعيل ٻاهر نڪري اچي هن کي گڏي، ۽ چيائينس تہ اچ تہ آءٌ توکي اُهو ماڻهو ڏيکاريان جنهن کي تون ڳولين ٿو: ۽ هو وٽس آيو؛ ۽ ڏس، سيسرا مئو پيو هو، ۽ تنبوءَ جي ڪلي لوندڙين ۾ لڳي پيئي هيس.</verse>
				<verse number="23">انهيءَ طرح خداوند انهيءَ ڏينهن ڪنعان جي بادشاهہ يابين کي بني اسرائيل جي اڳيان شڪست ڏني.</verse>
				<verse number="24">۽ بني اسرائيل جو هٿ ڪنعان جي بادشاهہ يابين تي غالب ٿيندو ويو، اهڙو جو هنن ڪنعانين جي بادشاهہ يابين کي صفا ناس ڪري ڇڏيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">تڏهن انهيءَ ڏينهن دبورہ ۽ برق بن ابي نوعم هڪڙو راڳ ڳايو، تہ،</verse>
				<verse number="2">اوهين خداوند کي سڳورو ڄاڻو، جو پيشوائن اسرائيل ۾ پيشوائي ڪئي؛ ۽ ماڻهو خوشيءَ سان اچي حاضر ٿيا.</verse>
				<verse number="3">ٻڌو، اي بادشاهہ، ڪن ڏيو اي شهزادا، آءٌ خداوند جي لاءِ راڳ ڳائينديس؛ آءٌ خداوند اسرائيل جي خدا جي تعريف ڪنديس.</verse>
				<verse number="4">اي خداوند، جڏهن تون شعير مان نڪري هلين، جڏهن تون ادوم جي ميدان مان ڪوچ ڪري نڪتين، تڏهن زمين ڌڏي ويئي، ۽ آسمان بہ ٽمڻ لڳو، هائو ڪڪر پاڻي وسائڻ لڳا.</verse>
				<verse number="5">جبل خداوند جي روبرو ڌڏڻ لڳا، يعني سينا جبل بہ خداوند، اسرائيل جي خدا جي اڳيان ڌڏڻ لڳو.</verse>
				<verse number="6">شمجر بن عنات جي ڏينهن ۾، ۽ ياعيل جي ڏينهن ۾، شاهي رستا سڃا پيا هوندا هئا.</verse>
				<verse number="7">اسرائيل ۾ حاڪم موقوف ٿي ويا، اُهي موقوف ٿي ويا، جيسين آءٌ دبورہ اُٿيس، آءٌ اسرائيل ۾ هڪڙي ماءُ ٿي اُٿيس.</verse>
				<verse number="8">هنن نوان معبود پسند ڪيا؛ تڏهن شهر جي دروازن تي جنگ لڳي: اسرائيل جي چاليهن هزارن منجهہ ڪا ڍال يا ڪو ڀالو ڏسڻ ۾ آيو ڇا؟</verse>
				<verse number="9">منهنجي دل اسرائيل جي حاڪمن جي پاسي آهي، جن ماڻهن منجهان پاڻ کي خوشيءَ سان آڻي حاضر ڪيو: اوهين خدا کي سڳورو ڄاڻو.</verse>
				<verse number="10">اوهين جي اڇن گڏهن تي ٿا چڙهو، اوهين جي قيمتي غاليچن تي ٿا ويهو، ۽ اوهين جي رستي تي پنڌ هلو ٿا، سڀ انهيءَ جو ذڪر ڪريو.</verse>
				<verse number="11">ڪماندارن جي آواز کان پري، پاڻي ڀرڻ وارين جاين ۾، هو خداوند جي سچائيءَ جي ڪمن جو بيان ڪندا، يعني اسرائيل ۾ هن جي حڪومت جا سچائيءَ وارا ڪم. تنهن کان پوءِ خداوند جي قوم دروازن ڏانهن لهي ويئي.</verse>
				<verse number="12">جاڳ جاڳ، اي دبورہ جاڳ، ۽ ڪو راڳ ڳاءِ: اُٿ، اي برق، اي ابي نوعم جا پٽ، اُٿ، ۽ پنهنجي قيدين کي قيد ڪر.</verse>
				<verse number="13">تنهن کان پوءِ اميرن ۽ عام ماڻهن مان باقي بچيل لهي آيا؛ خداوند منهنجي لاءِ زور وارن سان وڙهڻ لاءِ لهي آيو.</verse>
				<verse number="14">افرائيم مان اُهي نڪري لهي آيا، جن جي پاڙ عماليق ۾ آهي؛ توکان پوءِ اي بنيمين، تنهنجن ماڻهن منجهہ؛ مڪير مان حاڪم لهي آيا، ۽ زبولون مان اُهي آيا جي سپهہ سالارن جي لٺ ٿا کڻن.</verse>
				<verse number="15">۽ اشڪار جا شهزادا دبورہ سان هئا؛ جيئن اشڪار هو تيئن برق هو؛ اُهي هن جي پيرن وٽ واديءَ ۾ ڪاهي پيا، روبن جي نهرن وٽ دل جا وڏا ارادا ٿيا.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ تون رڍن جي واڙن ۾، ڌڻن جو آواز ٻڌڻ لاءِ ويهي رهين؟ روبن جي نهرن وٽ دل جون وڏيون تلاشيون ٿيون،</verse>
				<verse number="17">جلعاد يردن جي هن ڀر رهندو هو: ۽ دان ڇالاءِ ٻيڙين ۾ رهيو؟ آشر ماٺ ڪري سمنڊ جي بندرگاهہ تي ويهي رهيو، ۽ پنهنجن سمنڊ جي کارين وٽ رهي پيو.</verse>
				<verse number="18">زبولون ۽ نفتالي اُهي قومون هيون، جن مرڻ تائين پنهنجيون حياتيون ميدان جي مٿانهين جاين تي خوف ۾ وڌيون.</verse>
				<verse number="19">بادشاهہ آيا ۽ اچي وڙهيا، پوءِ ڪنعان جا بادشاهہ، تنعاڪ ۾ مجدو جي پاڻين وٽ وڙهيا: هنن کي ڪو ذري جو فائدو ڪونہ مليو.</verse>
				<verse number="20">هو آسمان مان وڙهيا، ۽ تارا پنهنجي دور تان سيسرا سان وڙهيا.</verse>
				<verse number="21">قيسون ندي هنن کي ٻوڙي کڻي ويئي، اُها قيسون جا قديم ندي آهي. اي منهنجي جان، تون زور سان اڳتي ڪاهي هل.</verse>
				<verse number="22">تڏهن گهوڙن جا سنب ٽپڻ جي ڪري دٻڪو ڪرڻ لڳا، يعني هنن جي بهادرن جي ٽپڻ جي ڪري.</verse>
				<verse number="23">خداوند جي فرشتي چيو تہ اوهين ميروز تي لعنت وجهو، اوهين انهن جي رهاڪن تي سخت لعنت وجهو، ڇالاءِ جو هو خداوند جي مدد لاءِ نہ آيا، يعني زور وارن سان وڙهڻ جي لاءِ خداوند کي مدد ڏيڻ واسطي.</verse>
				<verse number="24">حبر قينيءَ جي زال ياعيل سڀني زالن مان برڪت واري ٿيندي.</verse>
				<verse number="25">هن پاڻي گهريو ۽ انهيءَ کير ڏنس؛ اُنهيءَ هن کي هڪڙي اميراڻي رڪابيءَ تي مکڻ آڻي ڏنو.</verse>
				<verse number="26">هن پنهنجو هٿ ڪليءَ تي رکيو، ۽ پنهنجو ساڄو هٿ واڍي جي مترڪي تي؛ ۽ انهيءَ مترڪي سان هن سيسرا کي ڌڪ هنيو ۽ سندس مٿي مان ڪلي لنگهايائين؛ هائو، هن ڌڪ هڻي سندس لوندڙين مان ڪلي لنگهائي.</verse>
				<verse number="27">هن جي پيرن تي هن سر جهڪايو، ۽ ڪريو، ۽ ليٽي پيو: هن جي پيرن تي هو اونڌو ٿي ڪري پيو: جتي سر جهڪايائين، اُتي ئي ڪريو ۽ مري ويو.</verse>
				<verse number="28">دريءَ منجهان هن ٻاهر نهاريو ۽ دانهن ڪيائين، سيسرا جي ماءُ ڳڙکيءَ مان دانهن ڪري چيو تہ ڇو هن جي گاڏي اچڻ ۾ دير ڪئي آهي؟ ڇو هن جي گاڏيءَ جا ڦيٿا بيهي رهيا آهن؟</verse>
				<verse number="29">سندس ڏاهيءَ زال ورندي ڏنيس، بلڪ هن پاڻهي پاڻ کي ورندي ڏيئي چيو،</verse>
				<verse number="30">تہ هنن کي لٽ جو مال ڪونہ مليو ڇا ۽ هنن اُهو نہ ورهايو آهي ڇا؟ هرهڪ مرد کي هڪڙي ڇوڪري، بلڪ ٻہ ڇوڪريون؛ سيسرا کي جدا جدا رنگن واريون لٽ جون شيون، ۽ رنگين ڀرت وارا ڪپڙا، ۽ جدا جدا رنگ جي ڪپڙن جو لٽ جو مال، ۽ ٻنهي پاسن رنگارنگي ڀرت جو مال قيدين جي ڳچين تي ڀريل نہ مليو آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="31">اي خداوند، ڀلي تہ تنهنجا سڀ دشمن انهيءَ طرح ناس ٿي وڃن: پر جيڪي هن کي پيار ٿا ڪن، سي ڀلي تہ سج وانگر هجن، جڏهن اُهو زور سان نڪرندو آهي، ۽ ملڪ کي چاليهہ ورهيہ آرام مليو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">پوءِ بني اسرائيل اُهي ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا: ۽ خداوند انهن کي ست ورهيہ مديانين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="2">۽ مديانين جو هٿ اسرائيل تي غالب پيو: مديانين جي ڪري، بني اسرائيل پنهنجي لاءِ جبلن ۾ چرون، ۽ غار، ۽ مضبوط پناهہ جون جايون جوڙيون.</verse>
				<verse number="3">۽ هيئن ٿيندو هو تہ جڏهن اسرائيلي ڪجهہ پوکيندا هئا تہ مدياني، ۽ عماليقي، ۽ اُڀرندي وارا ماڻهو چڙهي ايندا هئا؛ ۽ اچي ساڻن وڙهندا هئا؛</verse>
				<verse number="4">۽ هنن جي سامهون منزل ڪري زمين جي پيدائش، جيڪا غزہ جي حد تائين هوندي هئي، سا چٽ ڪندا هئا، ۽ اسرائيل ۾ ڪابہ کاڌي جي شيءِ نہ ڇڏيندا هئا، نڪي رڍون، نڪي ڍڳا، نڪي گڏهہ.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو هو پنهنجي چوپائي مال ۽ پنهنجن تنبن سان ايندا هئا، ۽ مڪڙن وانگر ميڙ ڪري ايندا هئا؛ هو پاڻ توڙي سندن اُٺ شمار کان ٻاهر هوندا هئا: ۽ هو ملڪ کي تباهہ ڪرڻ لاءِ ايندا هئا.</verse>
				<verse number="6">۽ اسرائيل مديانين جي ڪري تمام ذليل ٿيا؛ پوءِ بني اسرائيل خداوند وٽ دانهون ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="7">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بني اسرائيل مديانين جي ڪري خداوند وٽ دانهون ڪيون.</verse>
				<verse number="8">تڏهن خداوند بني اسرائيل وٽ هڪڙو نبي موڪليو: ۽ انهيءَ هنن کي چيو تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ مون اوهان کي مصر مان آندو، ۽ ٻانهپ جي گهر مان اوهان کي ڪڍي آيس؛</verse>
				<verse number="9">۽ مصرين جي هٿن مان، ۽ جيڪي اوهان تي ظلم ڪندا هئا، تن سڀني جي هٿن مان اوهان کي ڇڏايم، ۽ انهن کي اوهان جي اڳيان هڪالي ڪڍيم، ۽ انهن جي زمين اوهان کي ڏنم؛</verse>
				<verse number="10">۽ مون اوهان کي چيو تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان؛ ۽ اموري جن جي زمين ۾ اوهين رهو ٿا، تن جي معبود جو اوهين متان خوف ڪريو، پر اوهان منهنجو آواز نہ ٻڌو.</verse>
				<verse number="11">۽ خداوند جو فرشتو آيو، ۽ جيڪو شاهہ بلوط جو وڻ عفرہ ۾ يوآس ابيعزريءَ جو هو، تنهن جي هيٺان ويٺو: ۽ سندس پٽ جدعون انهيءَ وقت شراب ڪڍڻ واري چيچڙي ۾ سنگن مان ڪڻڪ سٽي پئي ڪڍي، انهي لاءِ تہ اُها مديانين کان لڪائي.</verse>
				<verse number="12">۽ خداوند جي فرشتي هن کي ڏيکاري ڏني، ۽ چيائينس تہ اي بهادر ۽ زوراور مرد، خداوند تو ساڻ آهي.</verse>
				<verse number="13">۽ جدعون انهي کي چيو تہ اي منهنجا سائين، جيڪڏهن خداوند اسان سان هجي ها تہ پوءِ هي واقعا ڇو اسان تي ٿي گذرن؟ ۽ هن جا سڀ اُهي عجيب ڪم ڪٿي آهن جن بابت اسان جي ابن ڏاڏن اسان کي چيو تہ خداوند اسان کي مصر مان هتي آندو. پر هاڻي خداوند اسان کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ اسان کي مديانين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو اٿس.</verse>
				<verse number="14">تڏهن خداوند هن تي نگاهہ ڪئي، ۽ چيائينس تہ انهيءَ پنهنجي زور ۾ وڃي اسرائيل کي مديانين جي هٿن مان ڇڏاءِ: مون توکي نہ موڪليو آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="15">۽ هن انهيءَ کي چيو تہ اي خداوند، آءٌ اسرائيل کي ڪهڙيءَ طرح ڇڏايان؟ ڏس، منسي ۾ منهنجو قبيلو سڀني کان غريب آهي، ۽ آءٌ پنهنجي اباڻي گهراڻي ۾ سڀني کان ننڍو آهيان.</verse>
				<verse number="16">تڏهن خداوند هن کي چيو تہ يقيناً آءٌ تو ساڻ ٿيندس، ۽ تون مديانين کي هڪڙي ماڻهوءَ وانگر ماري وٺندين.</verse>
				<verse number="17">۽ هن انهي کي چيو تہ جيڪڏهن هاڻي تنهنجي نظر ۾ مون کي مان مليو آهي، تہ مون کي ڪا اهڙي نشاني ڏيکار، جنهن مان مون کي خبر پوي تہ اهو تون آهين جو مون سان ڳالهائين ٿو.</verse>
				<verse number="18">آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ جيستائين آءٌ تو وٽ نہ اچان، ۽ پنهنجو نذرانو آڻي تنهنجي اڳيان نہ رکان، تيستائين تون هتي ترس. ۽ هن چيو تہ جيستائين تون موٽي نہ ايندين تيستائين آءٌ هتي ترسندس.</verse>
				<verse number="19">تڏهن جدعون ويو ۽ هڪڙو ڇيلو تيار ڪيائين ۽ اٽي جي هڪڙي ايفہ مان فطيري مانيون پچائي کڻي آيو: اُهو گوشت هن هڪڙي ٽوڪري ۾ وڌو، ۽ شوروو هڪڙي پياليءَ ۾ وڌائين، ۽ اُهو آڻي انهيءَ شاهہ بلوط وٽ هن جي اڳيان رکيائين.</verse>
				<verse number="20">۽ خدا جي فرشتي هن کي چيو تہ اهو گوشت ۽ اهي فطيري مانيون کڻي هن ٽڪر تي رک، ۽ اهو شوروو بہ انهيءَ تي هاري وجهہ: ۽ هن ائين ڪيو.</verse>
				<verse number="21">تڏهن خداوند جي فرشتي، جيڪا لٺ سندس هٿ ۾ هئي، تنهن جي چهنب ڊگهيري انهي گوشت، ۽ فطيري مانين کي لاتائين؛ تہ ٽڪر مان باهہ نڪري آئي، ۽ اُهو گوشت ۽ اُهي فطيري مانيون کائي ويئي؛ ۽ خدا جو فرشتو هن جي نظر کان غائب ٿي ويو.</verse>
				<verse number="22">۽ جدعون سمجهي ويو تہ اهو برابر خداوند جو فرشتو هو؛ ۽ جدعون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا، مون خداوند جي فرشتي کي روبرو ڏٺو آهي.</verse>
				<verse number="23">۽ خداوند هن کي چيو تہ تون سلامت رهہ: ڊڄ نہ؛ تون ڪين مرندين.</verse>
				<verse number="24">تڏهن جدعون اُتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي ۽ انهيءَ جو نالو يهوواہ سلوم رکيائين: جا اڄ ڏينهن تائين ابيعزرين واري عفرہ ۾ موجود آهي.</verse>
				<verse number="25">۽ هيئن ٿيو تہ اُنهي رات خداوند هن کي چيو تہ پنهنجي پيءُ جو ڍڳو وٺ، يعني اهو ٻيو ڍڳو جو ستن ورهين جو آهي، ۽ تنهنجي پيءُ جي جيڪا بعل واري قربانگاهہ آهي، تنهن کي ڀڃي ڇڏ، ۽ انهيءَ جي پاسي ۾ جيڪا يسيرت آهي، تنهن کي وڍي ڇڏ:</verse>
				<verse number="26">۽ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هن مضبوط ڳڙهہ جي چوٽيءَ تي، پوري بندوبست سان، هڪڙي قربانگاهہ جوڙ، ۽ اُهو ٻيو ڍڳو وٺي، يسيرت وارين وڍيل ڪاٺين سان سوختني قرباني چاڙهہ.</verse>
				<verse number="27">تڏهن جدعون پنهنجي نوڪرن مان ڏهہ ڄڻا وٺي، ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند فرمايو هوس: ۽ هيئن ٿيو جو پنهنجي پيءُ جي گهر وارن، ۽ شهر جي ماڻهن جي ڊپ کان ڏينهن ڏٺي جو ائين ڪري نہ سگهيو، تنهنڪري رات جو ائين ڪيائين.</verse>
				<verse number="28">۽ جڏهن صبح جو سوير شهر جا ماڻهو اُٿيا، تڏهن ڏسن تہ بعل جي قربانگاهہ ڀڳي پيئي آهي، ۽ ان جي پاسي واري يسيرت وڍي پيئي آهي، ۽ جيڪا نئين قربانگاهہ جڙيل آهي، تنهن تي ٻيو ڍڳو قرباني ٿيل آهي.</verse>
				<verse number="29">تڏهن هنن هڪ ٻئي کي چيو تہ هي ڪم ڪنهن ڪيو آهي ۽ جڏهن هنن پڇا ڳاڇا ڪئي تڏهن هنن چيو تہ هي ڪم يوآس جي پٽ جدعون ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="30">تڏهن شهر جي ماڻهن يوآس کي چيو تہ پنهنجي پٽ کي ٻاهر ڪڍي اچ تہ ماريو وڃي: ڇالاءِ جو هن بعل جي قربانگاهہ ڀڳي آهي، ۽ انهي جي پاسي واري يسيرت کي بہ وڍيو اٿس.</verse>
				<verse number="31">۽ يوآس، جيڪي ماڻهو سندس برخلاف اُٿيا هئا، تن سڀني کي چيو تہ اوهين بعل جي طرفداري ٿا ڪريو ڇا؟ جيڪو انهي جي طرفداري ڪندو سو ڀلي تہ صبح جو ئي قتل ڪيو وڃي: جيڪڏهن هو ڪو خدا آهي تہ پاڻيهي پنهنجي طرفان وڙهي، جو ڪنهن ماڻهوءَ سندس قربانگاهہ ڊاهي ڇڏي آهي.</verse>
				<verse number="32">تنهنڪري انهيءَ ڏينهن هن انهيءَ جو نالو يروبعل رکيو، ۽ چيائين تہ جنهن بعل جي قربانگاهہ ڊاهي آهي، تنهن سان هو پاڻ پڄي.</verse>
				<verse number="33">تڏهن سڀ مدياني، ۽ عماليقي، ۽ اُڀرندي جا ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ۽ پار لنگهي يزرعيل جي واديءَ ۾ وڃي تنبو هنيائون.</verse>
				<verse number="34">۽ خداوند جو روح جدعون تي نازل ٿيو؛ ۽ هن قرناءِ وڄائي؛ ۽ ابيعزر وارا ماڻهو سندس پٺيان اچي گڏ ٿيا؛</verse>
				<verse number="35">۽ هن منسيءَ جي قبيلي ڏانهن قاصد روانا ڪيا؛ ۽ اُهي بہ هن جي پٺيان اچي گڏ ٿيا؛ ۽ هن آشر، ۽ زبولون، ۽ نفتاليءَ ڏانهن ماڻهو موڪليا؛ ۽ اُهي هن کي گڏجڻ لاءِ نڪري آيا.</verse>
				<verse number="36">۽ جدعون خدا کي چيو تہ جيڪڏهن تون اسرائيل کي منهنجي هٿان بچائڻ ٿو گهرين، جيئن تو فرمايو آهي،</verse>
				<verse number="37">تہ ڏس، آءٌ هڪڙي پشمي پوستين اَن ڳاهڻ واري ٻار تي ٿو وجهان؛ جيڪڏهن ماڪ رڳو پوستين تي هوندي، ۽ باقي آس پاس واري زمين سڀ سڪل هوندي، تہ مون کي پڪ ٿيندي تہ تون اسرائيل کي منهنجي هٿان بچائيندين، جيئن تو فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="38">۽ ائين ئي ٿيو: ڇالاءِ جو هو صبح جو سوير اُٿيو ۽ پوستين کي سوڙهو دٻي نچوڙي ماڪ ڪڍيائين، ۽ پاڻي سان پيالو ڀرجي پيو.</verse>
				<verse number="39">تڏهن جدعون خدا کي چيو تہ تنهنجي ڪاوڙ مون تي نہ ڀڙڪي، جو آءٌ فقط هڪڙو ڀيرو وڌيڪ ڳالهائيندس: آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ هڪڙو ڀيرو وري بہ مون کي هن پوستين سان آزمائش وٺڻ ڏي؛ هاڻي هيءَ پوستين سڪل رهي، ۽ باقي سڀ زمين تي ماڪ پوي.</verse>
				<verse number="40">۽ خدا انهيءَ رات ائين ئي ڪيو: ڇالاءِ جو فقط پوستين سڪل رهي، باقي سڀ زمين تي ماڪ هئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">تڏهن يروبعل، جو جدعون آهي، ۽ ٻيا ماڻهو جي ساڻس هئا، سي سڀ صبح جو سوير اُٿيا ۽ حرود جي چشمي جي پاسي ۾ تنبو هنيائون: ۽ مديانين جي منزلگاهہ هنن جي اُتر ڏانهن واديءَ ۾، مورہ جي ٽڪر جي ڀرسان هئي.</verse>
				<verse number="2">۽ خداوند جدعون کي چيو تہ جيڪي ماڻهو تو ساڻ آهن، سي ايترا گهڻا آهن، جو آءٌ مديانين کي انهن جي هٿ ۾ ڏيڻ نٿو گهران، تہ متان اسرائيلي منهنجي اڳيان ٻٽاڪ هڻي چون تہ اسان جي پنهنجي هٿ اسان کي بچايو.</verse>
				<verse number="3">تنهنڪري هاڻي وڃي قوم کي چٽيءَ طرح چئُہ تہ جيڪو ڊڄي ٿو، سو موٽي وڃي، ۽ جلعاد جبل کان هليو وڃي ۽ انهن ماڻهن مان ٻاويهہ هزار موٽي ويا، ۽ باقي ڏهہ هزار وڃي بچيا.</verse>
				<verse number="4">۽ خداوند جدعون کي چيو تہ اڃا بہ ماڻهو گهڻا آهن؛ انهن کي هن پاڻيءَ تي وٺي اچ تہ آءٌ تنهنجي لاءِ اُتي انهن جي آزمائش وٺان: ۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن جي لاءِ آءٌ توکي چوان تہ هي توسان هلندو، سو هلندو، ۽ جنهن جي نالي آءٌ توکي چوان تہ هي توسان نہ هلندو، سو نہ هلندو.</verse>
				<verse number="5">ان موجب هن ماڻهو پاڻيءَ تي آندا: ۽ خداوند جدعون کي چيو تہ جيڪو پنهنجي زبان سان پاڻي لڪيندو، جيئن ڪتو لڪيندو آهي، تنهن کي تون جدا ڪر؛ ۽ انهيءَ کي بہ جو گوڏن ڀر جهڪي پاڻي پيئي.</verse>
				<verse number="6">۽ جن پاڻيءَ جي لپ ڀري پنهنجي وات وٽ آڻي انهي مان پيتو، تن جو شمار ٽي سؤ ماڻهو هو، پر باقي ماڻهن گوڏن ڀر جهڪي پاڻي پيتو.</verse>
				<verse number="7">۽ خداوند جدعون کي چيو تہ جن ٽن سوَن ماڻهن پاڻي لڪيو آهي، تنهن جي هٿان آءٌ اوهان کي بچائيندس، ۽ مديانين کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيندس: باقي ٻيا سڀ ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهر هليا وڃن.</verse>
				<verse number="8">تڏهن انهن ماڻهن پنهنجو کاڌو، ۽ پنهنجون قرنائون پنهنجن هٿن ۾ کنيون: ۽ باقي اسرائيل کي هن سندس تنبن ڏانهن ڏياري موڪليو، پر اُهي ٽي سؤ ماڻهو پاڻ وٽ رکيائين: مديانين جي منزلگاهہ سندس هيٺان واديءَ ۾ هئي.</verse>
				<verse number="9">۽ انهيءَ رات هيئن ٿيو تہ خداوند هن کي چيو تہ اُٿ، هيٺ منزلگاهہ ۾ لهي وڃ، ڇالاءِ جو اُها مون تنهنجي هٿن ۾ ڏني آهي.</verse>
				<verse number="10">پر جي تون هيٺ لهڻ کان ڊڄين تہ پنهنجي ٻانهي فوراہ کي وٺي انهيءَ منزلگاهہ ۾ لهي وڃ:</verse>
				<verse number="11">۽ جيڪي هو چوندا سو تون ٻڌندين؛ ۽ تنهن کان پوءِ تنهنجا هٿ منزلگاهہ ۾ لهي وڃڻ لاءِ مضبوط ٿيندا. تڏهن هو پنهنجي ٻانهي فوراہ سان گڏجي منزلگاهہ ۾ لشڪر جي ٻاهرين پاسي ويو.</verse>
				<verse number="12">۽ مدياني ۽ عماليقي، ۽ سڀ اُڀرندي وارا ماڻهو واديءَ ۾ مڪڙن وانگر ميڙ ڪيو لٿا پيا هئا؛ ۽ هنن جا اُٺ اهڙا بيشمار هئا جهڙي واري، جا سمنڊ جي ڪناري تي هوندي آهي.</verse>
				<verse number="13">۽ جڏهن جدعون آيو، تڏهن ڏٺائين تہ هڪڙو ماڻهو پنهنجي سنگتيءَ کي خواب ٻڌائي رهيو هو تہ ڏس، مون هڪڙو خواب لڌو آهي، تہ جوَن جي هڪڙي ماني اوچتو اچي مديانين جي منزلگاهہ ۾ ڪري، ۽ تنبوءَ ۾ اچي انهيءَ کي لڳي، ۽ اُهو ڪري پيو، ۽ اهڙو اونڌو ڪري پيو، جو وڇائجي ويو.</verse>
				<verse number="14">۽ هن جي سنگتيءَ ورندي ڏئي چيو تہ اها هڪڙي اسرائيلي جدعون بن يوآس جي ترار آهي، ٻي ڪا شيءِ ناهي، انهن جي هٿن ۾ خدا مديانين ۽ سڄي لشڪر کي ڏئي ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="15">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن جدعون اُهو خواب، ۽ انهي جو تعبير ٻڌو، تڏهن هن سجدو ڪيو؛ ۽ موٽي اسرائيل جي منزلگاهہ ۾ آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ اُٿو: ڇالاءِ جو خداوند مديانين جو لشڪر اوهان جي هٿ ۾ ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="16">۽ هن اُهي ٽي سؤ ماڻهو ٽن ٽولين ۾ ورهايا، ۽ انهن سڀني جي هٿن ۾ قرنائون، ۽ خالي دلا ڏنائين، ۽ انهن دلن ۾ مشعلون هيون.</verse>
				<verse number="17">۽ انهن کي چيائين تہ مون ڏانهن نهارجو، ۽ جيئن آءٌ ڪريان تيئن ڪجو: ۽ ڏسو: جڏهن آءٌ منزلگاهہ جي ٻاهرين پاسي وٽ اچان، تڏهن هيئن ٿئي تہ جيئن آءٌ ڪريان تيئن اوهين بہ ڪجو.</verse>
				<verse number="18">جڏهن آءٌ قرنائي وڄايان، ۽ ٻيا جيڪي مون سان آهن، سي بہ سڀ قرنائون وڄائين، تڏهن اوهين بہ منزلگاهہ جي سڀ ڪنهن پاسي کان قرنائون وڄائجو، ۽ چئجو تہ خداوند جي لاءِ، ۽ جدعون جي لاءِ.</verse>
				<verse number="19">انهيءَ طرح جدعون ۽ اُهي ٽي سؤ ماڻهو جي ساڻس هئا سي وچين پهر جي شروع ۾، جڏهن اڃا پهري وارا تازا بيٺا هئا، تڏهن منزلگاهہ جي ٻاهرين ڀاڱي ۾ آيا: ۽ قرنائون وڄايائون، ۽ جيڪي دلا هٿن ۾ هئن سي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="20">۽ ٽنهي ٽولين قرنائون وڄايون، ۽ دلا ڀڳائون، ۽ مشعلون کاٻي هٿ ۾ جهليائون، ۽ قرنائون ساڄي هٿ ۾، ۽ انهن کي وڄايائون، ۽ وڏي سڏ چوڻ لڳا تہ خداوند جي، ۽ جدعون جي ترار.</verse>
				<verse number="21">۽ هرڪو ماڻهو منزلگاهہ جي چوڌاري پنهنجي پنهنجي جاءِ تي بيهي رهيو: ۽ سڄو لشڪر ڊوڙڻ لڳو؛ ۽ هنن واڪا ڪري هنن کي ڀڄائي ڪڍيو.</verse>
				<verse number="22">۽ هنن ٽي سؤ قرنائون وڄايون، ۽ خداوند هرهڪ ماڻهوءَ جي ترار سندس سنگتيءَ تي، ۽ سڄي لشڪر تي وهارائي: ۽ لشڪر ڀڄي صريرات جي پاسي بيت سط تائين، ۽ ابيل محولہ جي سرحد تي طبات تائين ڀڳو.</verse>
				<verse number="23">تڏهن اسرائيلي نفتاليءَ مان، ۽ آشر مان، ۽ منسيءَ مان گڏ ٿي مديانين جي پٺيان پيا.</verse>
				<verse number="24">۽ جدعون افرائيم جي سڄي ڪوهستان ۾ قاصد موڪلي چوايو، تہ مديانين سان وڙهڻ لاءِ هلي اچو، ۽ هنن جو اڳ جهلي بيت برہ تائين، پاڻيءَ جون جايون هٿ ڪريو. انهي موجب سڀ افرائيم جا ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ۽ بيت برہ ۽ يردن تائين پاڻيءَ تي قبضو ڪيائون.</verse>
				<verse number="25">۽ هنن مديانين جا ٻہ شهزادا، عوريب، ۽ زئيب گرفتار ڪيا؛ ۽ هنن عوريب کي، عوريب جي ٽڪر تي، ۽ زئيب کي، زئيب جي شراب جي چيچڙي وٽ، قتل ڪري ڇڏيو، ۽ مديانين جي پٺيان پيا: ۽ هنن عوريب ۽ زئيب جون سسيون، يردن جي هن ڀر جدعون وٽ آنديون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">۽ افرائيم جي ماڻهن هن کي چيو تہ ڇالاءِ تو اسان سان اهڙي هلت ڪئي آهي، جو جڏهن تون مديانين سان وڙهڻ لاءِ وئين، تڏهن اسان کي نہ سڏيَئِي؟ ۽ هو انهيءَ سان تکو ڳالهائڻ لڳا.</verse>
				<verse number="2">تڏهن هن انهن کي چيو تہ مون اوهان جي مقابلي ۾ ڇا ڪيو آهي؟ افرائيم جي ڊاک جو چونڊو، ابيعزر جي انگور جي ڪل حاصلات کان بهتر ناهي ڇا؟</verse>
				<verse number="3">خدا مديانين جا شهزادا عوريب ۽ زئيب اوهان جي هٿ ۾ ڏنا آهن: اوهان جي مقابلي ۾ آءٌ ڇا ڪري سگهيس! تڏهن هن جي ايتري چوڻ تي هنن جي جيڪا ڪاوڙ مٿس هئي سا جهڪي ٿي.</verse>
				<verse number="4">۽ جدعون يردن وٽ آيو، ۽ جيڪي ٽي سؤ ماڻهو ساڻس هئا تن سميت پار لنگهيو، ۽ جيتوڻيڪ هو ٿڪل هئا، تڏهن بہ هن جي پٺيان لڳا آيا.</verse>
				<verse number="5">۽ هن سڪات جي ماڻهن کي چيو تہ آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ جيڪي ماڻهو منهنجي پٺيان ٿا اچن، تن کي کاڌو ڏيو: ڇالاءِ جو هو ٿڪل آهن، ۽ آءٌ زبح ۽ ضلمنع، مديانين جي بادشاهن جي پٺيان ڪاهي ٿو وڃان.</verse>
				<verse number="6">۽ سڪات جي اميرن چيو تہ زبح ۽ ضلمنع هاڻي تنهنجي هٿ ۾ آهن ڇا جو اسين تنهنجي لشڪر کي مانيون ڏيون؟</verse>
				<verse number="7">تڏهن جدعون چيو تہ جڏهن خداوند زبح ۽ ضلمنع منهنجي هٿ ۾ ڏيندو، تڏهن آءٌ اوهان جو گوشت بيابان جي ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن سان ڏاريندس.</verse>
				<verse number="8">۽ اُتان وري هو فنوايل ڏانهن چڙهي ويو، ۽ انهن کي بہ ساڳيءَ طرح چيائين، ۽ فنوايل جي ماڻهن بہ ساڳيو جواب ڏنس جو سڪات جي ماڻهن ڏنو هوس.</verse>
				<verse number="9">۽ هن فنوايل جي ماڻهن کي بہ چيو تہ جڏهن آءٌ صحيح سلامت موٽي ايندس، تڏهن آءٌ هي ٺلهہ اچي ڀڃندس.</verse>
				<verse number="10">هاڻي زبح ۽ ضلمنع قرقور ۾ هئا، ۽ انهن جو لشڪر ساڻن هو، ۽ اُهي اٽڪل پندرهن هزار ماڻهو هئا، جي سڀ اُڀرندي جي ماڻهن جي لشڪرن مان باقي بچيا هئا: ڇالاءِ جو هڪ لک ويهہ هزار ترار هڻندڙ ماڻهو قتل ٿي ويا هئا.</verse>
				<verse number="11">پوءِ جدعون انهن جي پاسي ويو جي نبح ۽ يگبهاہ جي اُڀرندي، تنبن ۾ رهندا هئا، ۽ انهن جي لشڪر کي شڪست ڏنائين؛ ڇالاءِ جو هو بي خبرا آرام ۾ ويٺا هئا.</verse>
				<verse number="12">۽ زبح ۽ ضلمنع اُٿي ڀڳا؛ ۽ هو سندن پٺيان پيو؛ ۽ هن وڃي مديانين جي ٻنهي بادشاهن زبح ۽ ضلمنع کي پڪڙيو، ۽ سڄي لشڪر کي ڀڄائي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="13">۽ جدعون بن يوآس، حرس جي چاڙهيءَ کان جنگ تان موٽي آيو.</verse>
				<verse number="14">۽ هن سڪات جي ماڻهن مان هڪڙي نوجوان کي هٿ ڪري پڇا ڪئي: ۽ انهيءَ هن کي سڪات جي اميرن ۽ بزرگن جي سموري خبر ڏني، جي ستهتر ماڻهو هئا.</verse>
				<verse number="15">پوءِ هو سڪات جي ماڻهن وٽ آيو، ۽ چيائين تہ ڏسو، اوهان مون کي طعنو هڻي چيو تہ زبح ۽ ضلمنع جا هٿ هاڻي تنهنجي هٿ ۾ آهن ڇا، جو اسين تنهنجي ٿڪل ماڻهن کي مانيون ڏيون؟</verse>
				<verse number="16">۽ هن شهر جي بزرگن کي گرفتار ڪيو، ۽ بيابان جا ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا بہ کنيائين، ۽ انهن سان سڪات جي ماڻهن کي سيکت ڏنائين.</verse>
				<verse number="17">۽ هن فنوايل جو ٺلهہ ڀڃي ڊاهي ڇڏيو، ۽ شهر جا ماڻهو ماري ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="18">تڏهن هن زبح ۽ ضلمنع کي چيو تہ اُهي ڪهڙي قسم جا ماڻهو هئا جن کي اوهان تبور ۾ ڪُٺو هو؟ ۽ هنن ورندي ڏني تہ هو بہ اهڙا هئا جهڙو تون آهين، انهن مان هرڪو بادشاهہ جي پٽن جهڙو هو.</verse>
				<verse number="19">تڏهن هن چيو تہ اُهي منهنجا ڀائر هئا، منهنجي ماءُ جا پٽ: جيئري خداوند جو قسم آهي تہ جي اوهين انهن کي جيئرو ڇڏي ڏيو ها تہ آءٌ اوهان کي نہ ڪهان ها.</verse>
				<verse number="20">۽ هن پنهنجي وڏي پٽ يتر کي چيو تہ اُٿي هنن کي قتل ڪر. پر هن جوان پنهنجي ترار نہ ڪڍي: ڇالاءِ جو هو ننڍيءَ عمر جو هو، ۽ تنهنڪري ڊنو.</verse>
				<verse number="21">تڏهن زبح ۽ ضلمنع چيو تہ تون اسان تي ڪاهي اچ: ڇالاءِ تہ جهڙو ماڻهو پاڻ آهي تهڙو سندس زور آهي. تڏهن جدعون اُٿيو ۽ زبح ۽ ضلمنع کي قتل ڪيائين، ۽ هنن جي اُٺن جي ڪنڌن تي جيڪي نئين چنڊ جي شڪل جا هار هئا سي هٿ ڪيائين.</verse>
				<verse number="22">تڏهن بني اسرائيل جدعون کي چيو تہ تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي پٽ جو پٽ بہ ڀلي اسان تي حڪومت ڪريو: ڇالاءِ جو تو اسان کي مديانين جي هٿان ڇڏايو آهي.</verse>
				<verse number="23">۽ جدعون انهن کي چيو تہ آءٌ اوهان تي حڪومت نہ ڪندس، نڪي منهنجو پٽ اوهان تي حڪومت ڪندو.</verse>
				<verse number="24">۽ جدعون انهن کي چيو تہ آءٌ اوهان کي هڪڙو سوال ٿو ڪريان تہ اوهان مان سڀڪو ماڻهو پنهنجي لٽ جي مال مان مون کي پنڙا ڏئي (ڇالاءِ جو انهن کي سونا پنڙا پيل هئا، جو هو اسماعيلي هئا).</verse>
				<verse number="25">۽ هنن جواب ڏنو تہ اسين اُهي خوشيءَ سان ڏينداسين. پوءِ هنن هڪڙي چادر وڇائي ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ انهيءَ ۾ پنهنجي لٽ جي مال مان پنڙا اُڇلائي وڌا.</verse>
				<verse number="26">۽ اُهي سونا پنڙا جي هن گهريا تن جو وزن هڪ هزار ست سؤ سون جا شيڪل ٿيو، تنهن کان سواءِ نئين چنڊ جي شڪل وارا زيور، ۽ هار، ۽ واڱڻائي پوشاڪ، جا مديانين جي بادشاهن تي هئي، ۽ جيڪي زنجيرون انهن جي اُٺن جي ڪنڌن تي هيون.</verse>
				<verse number="27">۽ جدعون انهن مان هڪڙو افود جوڙيو، ۽ اُهو پنهنجي شهر ۾، يعني عفرہ ۾ هڻي ڇڏيائين: ۽ سڀ اسرائيلي اُتي انهيءَ جي پٺيان زنا ڪندا رهيا؛ ۽ اُهو جدعون ۽ سندس گهراڻي لاءِ هڪڙو ڦندو ٿيو.</verse>
				<verse number="28">انهيءَ طرح مديانين بني اسرائيل جي اڳيان شڪست کاڌي، ۽ هنن وري پنهنجا منهن مٿي نہ ڪيا، ۽ انهيءَ ملڪ کي جدعون جي ڏينهن ۾ چاليهہ ورهيہ آرام مليو.</verse>
				<verse number="29">۽ يروبعل بن يوآس وڃي پنهنجي گهر ۾ رهڻ لڳو.</verse>
				<verse number="30">۽ جدعون کي ستر پٽ هئا، جي سندن پٺ مان پيدا ٿيا هئا؛ ڇالاءِ جو هن کي گهڻيون زالون هيون.</verse>
				<verse number="31">۽ هن جي سريت جا سڪم ۾ هئي، تنهن مان بہ هن کي هڪڙو پٽ ڄائو، جنهن جو نالو هن ابيملڪ رکيو.</verse>
				<verse number="32">۽ جدعون بن يوآس وڏي عمر ۾ وفات ڪئي، ۽ ابيعزرين واري عفرہ ۾، سندس پيءُ يوآس جي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو.</verse>
				<verse number="33">۽ هيئن ٿيو جو جدعون جي مرڻ شرط، بني اسرائيل وري بہ ڦري ويا، ۽ بعليم جي پٺيان زناڪاري ڪرڻ لڳا، ۽ بعل بريت جي عبادت ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="34">۽ بني اسرائيل خداوند پنهنجي خدا کي ياد نہ ڪيو، جنهن هنن کي سڀ ڪنهن پاسي، سندن سڀني دشمنن جي هٿان ڇڏايو هو:</verse>
				<verse number="35">نڪي هنن يروبعل يعني جدعون جي گهراڻي کي، انهيءَ ڀلائيءَ جي عيوض، جا هن اسرائيل کي ڏيکاري هئي، مهرباني ڏيکاري.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">۽ ابيملڪ بن يروبعل پنهنجي مامن وٽ سڪم ۾ ويو، ۽ انهن کي، ۽ پنهنجي ناني جي گهراڻي واري قبيلي کي چيائين، تہ</verse>
				<verse number="2">آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ سڪم جي سڀني ماڻهن کان پڇي ڏسو تہ اوهان جي لاءِ اها ڳالهہ بهتر آهي تہ يروبعل جا سڀ پٽ، جي ستر ڄڻا آهن، سي اوهان تي حڪم هلائين، يا هڪڙو ئي ماڻهو اوهان جو حاڪم ٿئي؟ هيءَ ڳالهہ بہ ياد رکو تہ آءٌ اوهان جو هڏ ۽ رت آهيان.</verse>
				<verse number="3">۽ هن جي مامن اُنهيءَ بابت اُهي سڀ ڳالهيون سڪم جي سڀني ماڻهن جي ڪنن تائين پهچايون: ۽ هنن جي دل ابيملڪ جي پيروي تي مائل ٿي؛ ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هو اسان جو ڀاءُ آهي.</verse>
				<verse number="4">۽ هنن بعل بريت جي گهر مان ستر چانديءَ جا سڪا ڪڍي آندا، جن سان ابيملڪ بيهودا ۽ خسيس ماڻهو ڀاڙي ڪيا، جي سندس پوئلڳ ٿيا.</verse>
				<verse number="5">پوءِ هو عفرہ ۾ پنهنجي پيءُ جي گهر ويو، ۽ پنهنجن ڀائرن يروبعل جي پٽن کي هڪڙي پٿر تي ڪُٺائين، جي ستر ڄڻا هئا: پر يروبعل جو سڀ کان ننڍو پٽ يوتام رهجي ويو؛ ڇالاءِ جو هن وڃي پاڻ کي لڪايو هو.</verse>
				<verse number="6">تڏهن سڪم جا سڀ ماڻهو، ۽ ملو جو گهراڻو اچي گڏ ٿيا، ۽ سڪم ۾ ٺلهہ واري شاهہ بلوط وٽ وڃي ابيملڪ کي بادشاهہ ڪيائون.</verse>
				<verse number="7">۽ جڏهن يوتام کي اها خبر ملي، تڏهن هو وڃي گرزيم جبل جي چوٽيءَ تي بيٺو، ۽ وڏي آواز سان سڏ ڪري هنن کي چوڻ لڳو تہ اي سڪم جا رهاڪو، منهنجي ڳالهہ ٻڌو، تہ خدا بہ اوهان جي ٻڌي.</verse>
				<verse number="8">ڪنهن زماني ۾ وڻ اُٿيا تہ پنهنجي مٿان ڪنهن کي مسح ڪري بادشاهہ ڪن؛ ۽ زيتون جي وڻ کي چيائون تہ تون اسان تي بادشاهي ڪر.</verse>
				<verse number="9">پر زيتون جي وڻ انهن کي چيو تہ آءٌ پنهنجو سڻڀ ڇڏي ڏيان ڇا، جنهن سان منهنجي وسيلي ماڻهو خدا کي ۽ انسان کي تعظيم ٿا ڏين، ۽ وڃي ٻين وڻن تي هيڏي هوڏي لُڏان؟</verse>
				<verse number="10">تڏهن وڻن انجير جي وڻ کي چيو تہ تون اچي اسان تي بادشاهي ڪر.</verse>
				<verse number="11">پر انجير جي وڻ چين تہ آءٌ پنهنجو مٺاڻ ۽ پنهنجو چڱو ڦر ڇڏي ڏيان ڇا، ۽ وڃي ٻين وڻن تي هيڏي هوڏي لُڏان؟</verse>
				<verse number="12">تڏهن وڻن ڊاک کي چيو تہ تون اچي اسان تي بادشاهي ڪر.</verse>
				<verse number="13">۽ ڊاک چين تہ آءٌ پنهنجو انگوري شراب ڇڏي ڏيان ڇا، جو خدا ۽ انسان کي خوش ٿو ڪري، ۽ وڃي ٻين وڻن تي هيڏي هوڏي لُڏان؟</verse>
				<verse number="14">تڏهن سڀني وڻن ڪنڊيءَ جي وڻ کي چيو تہ تون اچي اسان تي بادشاهي ڪر.</verse>
				<verse number="15">۽ ڪنڊيءَ جي وڻ چين تہ جي سچ پچ اوهين مون کي مسح ڪري پاڻ تي بادشاهہ ٿا ڪريو، تہ اچو ۽ منهنجي ڇانوَ ۾ پناهہ وٺو: ۽ جي نہ، تہ ڀلي ڪنڊيءَ مان باهہ نڪري، ۽ لبنان جي سرو جي وڻن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏي.</verse>
				<verse number="16">تنهنڪري هاڻي جيڪڏهن اوهان سپت ۽ سچائي جي هلت ڪئي آهي، جو ابيملڪ کي بادشاهہ ڪيو اٿوَ، ۽ جيڪڏهن يروبعل ۽ ان جي گهراڻي سان چڱو سلوڪ ڪيو آهي، ۽ انهيءَ جي هٿن جي ڪيل احسان موجب هليا آهيو؛</verse>
				<verse number="17">(ڇالاءِ جو منهنجو پيءُ اوهان جي لاءِ وڙهيو، ۽ پنهنجي جان جوکي ۾ وڌائين، ۽ اوهان کي مديانين جي هٿن مان ڇڏايائين:</verse>
				<verse number="18">۽ اوهين اڄ منهنجي پيءُ جي گهراڻي جي برخلاف اُٿيا آهيو، ۽ انهيءَ جي پٽن کي هڪڙي پٿر تي ڪُٺو اٿوَ، جي ستر ڄڻا هئا، ۽ انهيءَ جي ٻانهيءَ جي پٽ ابيملڪ کي سڪم جي رهاڪن جو بادشاهہ ڪيو اٿوَ، رڳو انهي ڪري جو هو اوهان جو ڀاءُ آهي)؛</verse>
				<verse number="19">تڏهن جي اوهان اڄ يروبعل ۽ ان جي گهراڻي سان سپت ۽ سچائي جي هلت ڪئي آهي، تہ ڀلي اوهين ابيملڪ مان خوش ۽ راضي رهو، ۽ هو بہ اوهان مان خوش ۽ راضي رهي:</verse>
				<verse number="20">پر جي نہ تہ ڀلي ابيملڪ مان باهہ نڪري سڪم جي ماڻهن، ۽ ملو جي گهراڻي کي ساڙي ناس ڪري ڇڏي؛ ۽ ڀلي تہ سڪم جي ماڻهن ۽ ملو جي گهراڻي مان باهہ نڪري ابيملڪ کي کائي وڃي.</verse>
				<verse number="21">پوءِ يوتام اُٿي ڀڳو، ۽ بير ڏانهن ويو، ۽ پنهنجي ڀاءُ ابيملڪ جي ڊپ کان اُتي وڃي رهڻ لڳو.</verse>
				<verse number="22">۽ ابيملڪ ٽي ورهيہ اسرائيل تي بادشاهہ هو.</verse>
				<verse number="23">۽ خدا ابيملڪ ۽ سڪم جي ماڻهن جي وچ ۾ هڪڙو خراب روح موڪليو؛ ۽ سڪم جي ماڻهن ابيملڪ سان دغا ڪئي:</verse>
				<verse number="24">انهي لاءِ تہ يروبعل جي ستر پٽن سان جيڪو ظلم ٿيو هو، سو ظاهر ٿئي، ۽ انهن جو خون سندس ڀاءُ ابيملڪ تي رکيو وڃي، جنهن هنن کي ماريو، ۽ سڪم جي ماڻهن تي بہ، جن هن کي پنهنجي ڀائرن جي مارڻ ۾ مدد ڪئي هئي.</verse>
				<verse number="25">۽ سڪم جي ماڻهن جبلن جي چوٽين تي، ڄڪن ۾ ماڻهو لڪائي بيهاري ڇڏيا، ۽ انهن انهيءَ رستي تان ايندڙن سڀني ماڻهن کي پئي ڦريو: ۽ اها ڳالهہ ابيملڪ کي ٻڌائي ويئي.</verse>
				<verse number="26">۽ جعل بن عبد پنهنجي ڀائرن سميت سڪم ۾ آيو: ۽ سڪم جي ماڻهن مٿس ڀروسو رکيو.</verse>
				<verse number="27">۽ هو ٻنيءَ ۾ ويا، ۽ ڊاک گڏ ڪيائون، ۽ اُها لتاڙي پوءِ خوشي ڪيائون، ۽ پنهنجي معبود جي گهر اچي، اُها کاڌائون پيتائون، ۽ ابيملڪ تي لعنت ڪيائون.</verse>
				<verse number="28">۽ جعل بن عبد چيو تہ ابيملڪ ڪير آهي، ۽ سڪم ڪير آهي جو اسين انهي جي خدمت ڪريون؟ اُهو يروبعل جو پٽ ناهي ڇا؟ ۽ زبول هن جو عملدار ناهي ڇا؟ اوهين سڪم جي پيءُ حصور جي ماڻهن جي خدمت ڪريو: پر اسين ڇو هن جي خدمت ڪريون؟</verse>
				<verse number="29">اهي ماڻهو منهنجي هٿ هيٺ هجن تہ ڪهڙو نہ چڱو! پوءِ جيڪر آءٌ ابيملڪ کي ڪڍي ڇڏيان ها، ۽ هن ابيملڪ کي چيو تہ پنهنجو لشڪر وڌاءِ، ۽ پوءِ نڪري ٻاهر ٿيءُ.</verse>
				<verse number="30">۽ جڏهن شهر جي حاڪم زبول، جعل بن عبد جون هي ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن هن جي ڪاوڙ ڀڙڪي.</verse>
				<verse number="31">۽ هن هوشياري ڪري ابيملڪ وٽ قاصد موڪليا، ۽ چوائي موڪليائينس تہ ڏس، جعل بن عبد ۽ سندس ڀائر سڪم ۾ آيا آهن، ۽ هو شهر کي تنهنجي برخلاف ٿيڻ لاءِ زور ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="32">تنهنڪري هاڻي تون، ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو تو ساڻ آهن، سي رات جو اُٿو، ۽ وڃي ٻنيءَ ۾ لڪي ويهي رهو.</verse>
				<verse number="33">۽ هيئن ٿيندو تہ صبح جو سج اُڀرڻ شرط تون اُٿي شهر تي حملو ڪج: ۽ جڏهن هو پنهنجن ماڻهن سميت تو سان وڙهڻ لاءِ اچي، تڏهن جيئن وجهہ مليئي، تيئن هنن سان ڪج.</verse>
				<verse number="34">ان موجب ابيملڪ اُٿيو، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، سي سڀ رات جو گڏجي چار ٽوليون ڪري سڪم تي ڪاهڻ لاءِ لڪي ويهي رهيا.</verse>
				<verse number="35">۽ جعل بن عبد ٻاهر نڪري شهر جي دروازي جي لنگهہ ۾ بيهي رهيو: ۽ ابيملڪ ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، سي پنهنجي لڪڻ جي جاءِ تان اُٿيا.</verse>
				<verse number="36">۽ جڏهن جعل هنن ماڻهن کي ڏٺو تڏهن زبول کي چيائين تہ ڏس، هو ماڻهو جبل جي چوٽين تان هيٺ لهي رهيا آهن. ۽ زبول هن کي چيو تہ تون جبلن جو پاڇو ٿو ڏسين، جي ڄڻ تہ ماڻهو آهن.</verse>
				<verse number="37">۽ جعل وري چيو تہ ڏس ميدان جي وچان ماڻهو لهندا ٿا اچن، ۽ هڪڙي ٽولي تہ معوننيم جي شاهہ بلوط واري رستي کان ٿي اچي.</verse>
				<verse number="38">تڏهن زبول هن کي چيو تہ هاڻي تنهنجو وات ڪٿي آهي، جو تو ٿي چيو تہ ابيملڪ ڪير آهي جو اسين انهي جي خدمت ڪريون؟ هي اُهي ماڻهو ناهن ڇا جن جي تو حقارت ٿي ڪئي؟ هاڻي مهرباني ڪري نڪري وڃي انهن سان وڙهہ.</verse>
				<verse number="39">تنهن تي جعل سڪم جي ماڻهن جي اڳيان نڪتو، ۽ وڃي ابيملڪ سان وڙهيو.</verse>
				<verse number="40">۽ ابيملڪ هن کي ڀڄائي ڪڍيو، ۽ هو سندس اڳيان اُٿي ڀڳو، ۽ گهڻائي ماڻهو دروازي جي لنگهہ تائين ڦٽجي ڪري پيا.</verse>
				<verse number="41">۽ ابيملڪ ارومہ ۾ رهڻ لڳو: ۽ زبول، جعل ۽ سندس ڀائرن کي هڪالي ڪڍيو تہ سڪم ۾ نہ رهن.</verse>
				<verse number="42">۽ صبح جو اُهي ماڻهو نڪري ٻاهر ٻنيءَ ۾ ويا؛ ۽ اها ڳالهہ ابيملڪ کي ٻڌايائون.</verse>
				<verse number="43">۽ هن ماڻهن کي ٽن ٽولين ۾ ورهايو، ۽ ٻنيءَ ۾ لڪي ويهي رهيو؛ ۽ جڏهن ڏٺائين تہ ماڻهو شهر مان نڪري پيا اچن، تڏهن هو اُٿي انهن جي سامهون ٿيو، ۽ انهن کي ماريائين.</verse>
				<verse number="44">۽ ابيملڪ پنهنجين ٽولين سميت اڳتي ڪاهي ويو، ۽ شهر جي دروازي جي لنگهہ تي وڃي بيٺو: ۽ جيڪي ماڻهو ٻنيءَ ۾ هئا، تن سڀني تي ٻن ٽولين ڪاهہ ڪئي، ۽ انهن کي ماريائون.</verse>
				<verse number="45">۽ ابيملڪ انهي ڏينهن شهر سان وڙهندو رهيو: ۽ هن شهر ورتو ۽ جيڪي ماڻهو ان ۾ هئا، تن کي قتل ڪيائين، ۽ شهر کي ڊاهي ميدان ڪري انهي تي لوڻ ڇاٽاري ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="46">۽ جڏهن سڪم جي ٺلهہ وارن سڀني ماڻهن اهو ٻڌو، تڏهن هو البريت جي گهر جي بهري ۾ گهڙي ويا.</verse>
				<verse number="47">۽ ابيملڪ کي ٻڌايائون تہ سڪم جي ٺلهہ جا سڀ ماڻهو اُتي وڃي گڏ ٿيا آهن.</verse>
				<verse number="48">۽ ابيملڪ، جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن سڀني سميت ضلمون جي جبل تي چڙهي ويو؛ ۽ ابيملڪ پنهنجي هٿ ۾ هڪڙو ڪهاڙو کڻي وڻ مان هڪڙي ٽاري وڍي، ۽ اُها مٿي کڻي پنهنجي ڪلهي تي رکيائين، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن کي هن چيو تہ جيڪي اوهان مون کي ڪندو ڏٺو آهي، سو اوهين بہ جلدي ڪري ائين ئي ڪريو.</verse>
				<verse number="49">۽ سڀئي ماڻهو هڪڙي هڪڙي ٽاري وڍي ابيملڪ جي پٺيان ويا، ۽ اُهي بهري جي چوڌاري رکيائون، ۽ پوءِ انهيءَ بهري کي کڻي باهہ ڏنائون؛ جنهن ڪري سڪم جي ٺلهہ جا سڀ ماڻهو، جي اٽڪل هڪ هزار مرد ۽ زالون هئا، سي مري ويا.</verse>
				<verse number="50">تنهن کان پوءِ ابيملڪ تيبض ڏانهن ويو، ۽ تيبض جي سامهون منزل ڪيائين، ۽ اُهو ورتائين.</verse>
				<verse number="51">پر شهر جي اندر هڪڙو مضبوط ٺلهہ هو، ۽ شهر جا سڀ ماڻهو، مرد توڙي زالون، اُٿي اوڏانهن ڀڳا، ۽ انهيءَ ۾ پاڻ کي بند ڪري ڇڏيائون، ۽ پوءِ ٺلهہ جي ڇت تي چڙهي ويا.</verse>
				<verse number="52">تڏهن ابيملڪ ٺلهہ وٽ آيو، ۽ انهيءَ تي چڙهائي ڪيائين ۽ ٺلهہ جي در کي تمام ويجهو وڃي ٿيو، انهي لاءِ تہ انهي کي باهہ ڏيئي ساڙي.</verse>
				<verse number="53">تڏهن ڪنهن زال جنڊ جو مٿيون پڙ کڻي ابيملڪ جي مٿي تي اُڇلايو، جنهنڪري هن جي کوپڙي ڀڄي پئي.</verse>
				<verse number="54">تنهن تي هن جلدي ڪري پنهنجي زرهہ بردار جوان کي ڪوٺي چيو تہ پنهنجي ترار ڪڍي مون کي مار، متان ماڻهو منهنجي نالي ائين چون تہ هڪڙي زال هن کي ماري وڌو، ۽ انهيءَ جوان ترار هن مان آرپار لنگهائي وڌي، ۽ هو مري ويو.</verse>
				<verse number="55">۽ جڏهن اسرائيل جي ماڻهن ڏٺو تہ ابيملڪ مري ويو آهي، تڏهن اُهي سڀ اُٿي پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي ويا.</verse>
				<verse number="56">انهي طرح خدا ابيملڪ کي انهيءَ شرارت جو بدلو ڏنو جا هن، پنهنجي ستر ڀائرن کي مارڻ ڪري پنهنجي پيءُ سان ڪئي هئي.</verse>
				<verse number="57">۽ سڪم جي سڀني ماڻهن جي شرارت خدا موٽائي سندن سرن تي آندي، ۽ يوتام بن يروبعل جي لعنت اُنهن تي آئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">ابيملڪ کان پوءِ اسرائيل جي بچائڻ لاءِ اشڪار جو هڪڙو ماڻهو، تولع، بن فوہ، بن دودو اُٿيو، جو افرائيم جي ڪوهستان ۾ سمير منجهہ رهندو هو.</verse>
				<verse number="2">۽ انهيءَ ٽيويهہ سال اسرائيل جو قاضي ٿي انصاف ڪيو، ۽ پوءِ هن وفات ڪئي؛ ۽ سمير ۾ دفن ڪيو ويو.</verse>
				<verse number="3">انهيءَ کان پوءِ يائير جلعادي اُٿيو؛ ۽ انهيءَ اسرائيل ۾ ٻاويهہ سال انصاف ڪيو.</verse>
				<verse number="4">۽ انهيءَ کي ٽيهہ پٽ هئا، جي ٽيهن کودڙن تي چڙهندا هئا، ۽ انهن کي ٽيهہ شهر هئا، جي اڄ ڏينهن تائين حووت يائير سڏبا آهن، ۽ جلعاد جي ملڪ ۾ آهن.</verse>
				<verse number="5">۽ يائير وفات ڪئي ۽ قامون ۾ دفن ڪيو ويو.</verse>
				<verse number="6">۽ بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ بعليم ۽ عستارات جي، ۽ ارام جي معبودن، ۽ صيدا جي معبودن، ۽ موآب جي معبودن، ۽ بني عمون جي معبودن، ۽ فلستين جي معبودن جي عبادت ڪرڻ لڳا؛ ۽ هنن خداوند کي ڇڏي ڏنو، ۽ انهي جي عبادت نٿي ڪيائون.</verse>
				<verse number="7">تڏهن خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي، ۽ هن انهن کي بني عمون جي هٿن ۾ وڪڻي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="8">۽ بني عمون انهيءَ سال ۾ بني اسرائيل کي ستايو، ۽ مٿن ظلم ڪيائون: يردن جي هن ڀر، امورين جي زمين جا جلعاد ۾ آهي، تنهن ۾ جيڪي اسرائيلي رهندا هئا، تن تي هنن ارڙهن ورهيہ برابر ظلم ڪيو.</verse>
				<verse number="9">۽ بني عمون يردن لنگهي، يهوداہ ۽ بنيمين ۽ افرائيم جي گهراڻي سان بہ وڃي وڙهيا، جنهنڪري اسرائيلي ڏاڍا تنگ ٿيا.</verse>
				<verse number="10">تڏهن بني اسرائيل خداوند وٽ دانهون ڪرڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا تہ اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي، جو اسان پنهنجي خدا کي ڇڏي بعليم جي عبادت پئي ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ خداوند بني اسرائيل کي چيو تہ مون اوهان کي مصرين کان، ۽ امورين کان، ۽ بني عمون کان، ۽ فلستين کان ڪين بچايو ڇا؟</verse>
				<verse number="12">صيدانين، ۽ عماليقين، ۽ ماعونين بہ اوهان تي ظلم ڪيا؛ ۽ اوهان مون وٽ دانهون ڪيون ۽ مون اوهان کي هنن جي هٿن مان ڇڏايو.</verse>
				<verse number="13">انهيءَ هوندي بہ اوهان مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ ٻين معبودن جي عبادت پئي ڪئي اٿوَ: تنهنڪري آءٌ اوهان کي وري نہ بچائيندس.</verse>
				<verse number="14">وڃي انهن پنهنجن معبودن وٽ دانهون ڪريو جي اوهان پسند ڪيا آهن؛ ڀلي تہ مصيبت جي وقت هو اوهان کي بچائين.</verse>
				<verse number="15">تڏهن بني اسرائيل خداوند کي چيو تہ اسان برابر گناهہ ڪيو آهي: جيڪي توکي مناسب نظر اچي سو اسان سان ڪر؛ اسين منٿ ٿا ڪريون تہ رڳو اڄ اسان کي بچاءِ.</verse>
				<verse number="16">۽ هنن پاڻ وٽان ڌاريا معبود ڪڍي ڇڏيا، ۽ خداوند جي عبادت ڪرڻ لڳا: ۽ اسرائيل جي بري حال ڪري هن جي دل ڏکڻ لڳي.</verse>
				<verse number="17">پوءِ بني عمون اچي گڏ ٿيا ۽ جلعاد ۾ منزل هنيائون. ۽ بني اسرائيل بہ گڏ ٿيا ۽ مصفاہ ۾ منزل هنيائون.</verse>
				<verse number="18">۽ جلعاد جي ماڻهن ۽ اميرن هڪ ٻئي کي چيو تہ اهو ڪهڙو ماڻهو آهي جو بني عمون سان لڙائي شروع ڪندو؟ اُهوئي جلعاد جي سڀني رهاڪن جو سردار ٿيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">هاڻي افتاح جلعادي هڪڙو گهڻي همت وارو ۽ بهادر شخص هو، ۽ هڪڙي ڪسبياڻيءَ جو پٽ هو: ۽ افتاح جلعاد مان ڄائو هو.</verse>
				<verse number="2">۽ جلعاد جي زال بہ هن کي پٽ ڄڻي ڏنا؛ ۽ جڏهن سندس زال جا پٽ وڏا ٿيا، تڏهن هنن افتاح کي هڪالي ڪڍيو، ۽ چيائونس تہ توکي اسان جي پيءُ جي گهر ۾ ڪوبہ ورثو ڪونہ ملندو، ڇالاءِ جو تون ٻيءَ زال جو پٽ آهين.</verse>
				<verse number="3">تڏهن افتاح پنهنجن ڀائرن کان ڀڄي وڃي طوب جي ملڪ ۾ رهڻ لڳو: ۽ افتاح وٽ گهڻا ئي لچ لفنگ ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ۽ ساڻس گڏجي ٻاهر وڃڻ ۽ گهمڻ لڳا.</verse>
				<verse number="4">۽ ٿوري وقت کان پوءِ هيئن ٿيو جو بني عمون اسرائيل سان جنگ ڪئي.</verse>
				<verse number="5">۽ جڏهن بني عمون اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لڳا، تڏهن جلعاد جا بزرگ افتاح کي طوب جي ملڪ مان وٺي اچڻ لاءِ ويا.</verse>
				<verse number="6">۽ هنن افتاح کي چيو تہ هلي اسان جو سردار ٿي تہ اسين بني عمون سان وڙهون.</verse>
				<verse number="7">۽ افتاح جلعاد جي بزرگن کي چيو تہ اوهين مون کي ڌڪاريندا ڪين هئا ڇا، ۽ اوهان مون کي پنهنجي پيءُ جي گهر مان ڪڍي ڪين ڇڏيو ڇا؟ هاڻي جڏهن مشڪلات ۾ اچي پيا آهيو تڏهن ڇو مون وٽ آيا آهيو؟</verse>
				<verse number="8">تڏهن جلعاد جي بزرگن افتاح کي چيو تہ اسين انهيءَ لاءِ تو وٽ موٽي آيا آهيون تہ تون اسان سان گڏجي هل، ۽ هلي بني عمون سان وڙهہ، ۽ جلعاد جي سڀني رهاڪن جو سردار ٿي.</verse>
				<verse number="9">۽ افتاح جلعاد جي بزرگن کي چيو تہ جيڪڏهن اوهين مون کي بني عمون سان وڙهڻ لاءِ گهر وٺي هلندا، ۽ جي خداوند انهن کي منهنجي حوالي ڪندو تہ پوءِ اوهين مون کي پنهنجو سردار ڪندا؟</verse>
				<verse number="10">جلعاد جي بزرگن افتاح کي چيو تہ انهيءَ لاءِ خداوند اسان جي وچ ۾ شاهد رهندو؛ يقين ڄاڻ تہ جيئن تون چوين ٿو، تيئن اسين ڪنداسين.</verse>
				<verse number="11">تڏهن افتاح جلعاد جي بزرگن سان گڏجي ويو، ۽ ماڻهن هن کي پنهنجي مٿان سردار ۽ رئيس ڪيو: ۽ افتاح مصفاہ ۾ پنهنجون سڀ ڳالهيون خداوند جي اڳيان ڪيون.</verse>
				<verse number="12">۽ افتاح بني عمون جي بادشاهہ وٽ ايلچي موڪليا، ۽ چوائي موڪليائينس تہ تنهنجو مون سان ڪهڙو واسطو آهي جو تون منهنجي ملڪ سان وڙهڻ لاءِ مون وٽ آيو آهين؟</verse>
				<verse number="13">تڏهن بني عمون جي بادشاهہ افتاح جي ايلچين کي چيو تہ جڏهن اسرائيلي مصر مان نڪري، ارنون کان يبوق ۽ يردن تائين آيا، تڏهن انهن منهنجي زمين کسي ورتي هئي، تنهنڪري آءٌ وڙهان ٿو: سو هينئر صلح صلاح ۾ اُهي زمينون مون کي موٽائي ڏيو.</verse>
				<verse number="14">۽ افتاح وري بني عمون جي بادشاهہ وٽ ايلچي موڪليا:</verse>
				<verse number="15">۽ انهن کي چيائين تہ افتاح هيئن ٿو چوي، تہ اسرائيلين نڪا موآب جي زمين کسي نڪا بني عمون جي:</verse>
				<verse number="16">پر جڏهن هو مصر مان نڪري آيا، ۽ اسرائيلي بيابان مان پنڌ ڪري ڳاڙهي سمنڊ کان قادس ۾ آيا؛</verse>
				<verse number="17">تڏهن اسرائيلين ادوم جي بادشاهہ ڏانهن ايلچي موڪلي چيو تہ اسين منٿ ٿا ڪريون تہ اسان کي پنهنجي زمين مان لنگهڻ ڏي: پر ادوم جي بادشاهہ هنن جي ڳالهہ نہ مڃي، ۽ ساڳيءَ طرح هنن موآب جي بادشاهہ ڏانهن بہ پيغام موڪليو پر هن بہ ڳالهہ نہ مڃي: ۽ اسرائيلي قادس ۾ رهجي پيا.</verse>
				<verse number="18">تنهن کان پوءِ هو بيابان مان لنگهي، ۽ ادوم جي ملڪ ۾ موآب جي ملڪ کان ڦري ڪري، موآب جي ملڪ جي اُڀرندي پاسي کان آيا، ۽ ارنون جي هن ڀر اچي تنبو هنيائون؛ پر هو موآب جي سرحد اندر نہ آيا؛ ڇالاءِ جو ارنون موآب جي سرحد هئي.</verse>
				<verse number="19">پوءِ اسرائيلين امورين جي بادشاهہ سيحون ڏانهن، يعني حسبون جي بادشاهہ وٽ، ايلچي موڪليا؛ ۽ اسرائيلين هن کي چوائي موڪليو تہ اسين عرض ٿا ڪريون تہ اسان کي پنهنجي ملڪ مان، پنهنجيءَ جاءِ ڏانهن وڃڻ ڏي.</verse>
				<verse number="20">پر سيحون جو اسرائيلين تي ايترو ڀروسو نہ ٿيو جو پنهنجي حد مان انهن کي لنگهڻ ڏئي: اُٽلندو سيحون پنهنجا سڀ ماڻهو گڏ ڪيا، ۽ يهض ۾ منزل ڪري اسرائيلين سان وڙهيو.</verse>
				<verse number="21">۽ خداوند، اسرائيل جي خدا، سيحون ۽ سندس سڀ ماڻهو اسرائيل جي هٿن ۾ ڏنا، ۽ هنن انهن کي ماريو: انهيءَ طرح، اموري، جي انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هئا، تن جي زمين اسرائيلين هٿ ڪئي.</verse>
				<verse number="22">۽ هنن امورين جي سڄي سرحد قبضي ۾ آندي، ارنون کان وٺي يبوق تائين، ۽ بيابان کان وٺي يردن تائين.</verse>
				<verse number="23">سو جڏهن خداوند، اسرائيل جي خدا، امورين کي پنهنجي قوم جي هٿان ڦرايو، تڏهن تون ڪهڙيءَ طرح اُهي پنهنجي هٿ آڻي سگهندين؟</verse>
				<verse number="24">جيڪي تنهنجي معبود ڪموس توکي ورثو ڪري ڏنو آهي سو تون جيڪر هٿ نہ ڪرين ڇا؟ انهي طرح جنهن کي خداوند اسان جي هٿان ڦرايو آهي، تن کي اسين ضرور هٿ آڻينداسين.</verse>
				<verse number="25">۽ تون موآب جي بادشاهہ بلق بن صفور کان ڪجهہ بهتر آهين ڇا؟ هو ڪو ڪڏهن اسرائيلين سان وڙهيو، يا انهن سان، جنگ ڪيائين.</verse>
				<verse number="26">جڏهن اسرائيلي حسبون ۽ ان جي شهرن ۾، عروعير ۽ ان جي شهرن ۾، ۽ ارنون جي پاسي جيڪي شهر آهن، تن سڀني ۾ ٽن سؤ سالن تائين رهيا پيا هئا؛ تڏهن ڇو ايتري عرصي ۾ اُهي اوهان هنن کان موٽائي نہ ورتا؟</verse>
				<verse number="27">تنهنڪري مون اوهان جو گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، پر تون مون سان ناحق ٿو ڪرين جو مون سان جنگ ٿو ڪرين: خداوند، جو منصف آهي، سو ڀلي تہ اڄ بني اسرائيل ۽ بني عمون جي وچ ۾ انصاف ڪري.</verse>
				<verse number="28">انهيءَ هوندي بہ بني عمون جي بادشاهہ اُهي ڳالهيون نہ ٻڌيون جي افتاح هن کي چوائي موڪليون.</verse>
				<verse number="29">تڏهن خداوند جو روح افتاح تي نازل ٿيو، ۽ هو جلعاد ۽ منسيءَ جي مٿين پاسي لنگهي، جلعاد جي مصفاہ ۾ آيو، ۽ جلعاد جي مصفاہ کان لنگهي بني عمون تائين پهتو.</verse>
				<verse number="30">۽ افتاح خداوند جي اڳيان مڃتا مڃي ۽ چيائين تہ جيڪڏهن تون بني عمون کي منهنجي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيندين،</verse>
				<verse number="31">تہ هيئن ٿيندو تہ جڏهن آءٌ بني عمون وٽان صحيح سلامت موٽي ايندس، تڏهن منهنجي گهر جي دروازي مان جيڪي ٻاهر نڪرندو، سو خداوند جو ٿيندو، ۽ انهي کي آءٌ سوختني قرباني ڪري چاڙهيندس.</verse>
				<verse number="32">تنهن کان پوءِ افتاح بني عمون سان وڙهڻ لاءِ ويو، ۽ خداوند انهن کي هن جي حوالي ڪيو.</verse>
				<verse number="33">۽ هن انهن کي عروعير کان وٺي منيت تائين، يعني ويهن شهرن ۾، ۽ ابيل ڪراميم تائين ماريو، ۽ تمام وڏو ڪوس ڪيائين. انهيءَ طرح بني عمون بني اسرائيل جي اڳيان شڪست کاڌي.</verse>
				<verse number="34">پوءِ افتاح مصفاہ ۾ پنهنجي گهر آيو، ۽ ڏسي تہ سندس ڌيءَ دف وڄائيندي ناچ ڪندي سندس استقبال لاءِ ٿي اچي؛ ۽ اُها هن جي هڪڙي ئي ڌيءَ هئي، ۽ ڪوبہ ٻيو اولاد ڪونہ هوس، نڪو پٽ نڪا ڌيءَ.</verse>
				<verse number="35">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن انهي کي ڏٺو تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چيائين تہ هاءِ، اي منهنجي ڌيءَ! تو مون کي ڏاڍو ذليل ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ تون منهنجي تڪليف ڏيندڙن مان هڪڙي آهين: ڇالاءِ جو مون خداوند جي اڳيان پنهنجو وات پٽيو آهي، ۽ آءٌ انهي کان ڦري نٿو سگهان.</verse>
				<verse number="36">تڏهن هن چيس تہ بابا جي تو خداوند جي اڳيان وات پٽيو آهي، تہ جيڪي تنهنجي واتان نڪتو هجي ان موجب تون ڀلي مون سان ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي پاران تنهنجي دشمنن کان، يعني بني عمون کان وير ورتو آهي.</verse>
				<verse number="37">۽ هن پنهنجي پيءُ کي چيو تہ منهنجي لاءِ هيترو ڪر: مون کي ٻہ مهينا اڪيلو ڇڏي ڏي تہ وڃي جبلن تي گهمان، ۽ پنهنجين سهيلين سان گڏ، پنهنجي ڪنوارپڻ جي لاءِ روئان ۽ رڙان.</verse>
				<verse number="38">تڏهن هن چيو تہ ڀلي وڃ. ۽ هن انهي کي ٻن مهينن لاءِ روانو ڪري ڇڏيو: ۽ هوءَ پنهنجين سهيلين سميت هلي ويئي، ۽ جبلن تي وڃي پنهنجي ڪنوارپڻ جي لاءِ روئڻ لڳي.</verse>
				<verse number="39">۽ انهن ٻن مهينن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو هوءَ پنهنجي پيءُ وٽ موٽي آئي؛ ۽ انهيءَ جيڪا مڃتا مڃي هئي، اُن موجب هن سان ڪيائين: ۽ هوءَ ڪنهن مرد کي نہ ڄاڻندي هئي. ۽ بني اسرائيل ۾ اهو دستور ٿي ويو،</verse>
				<verse number="40">تہ اسرائيلي ڇوڪريون هر سال چار ڏينهن افتاح جلعاديءَ جي ڌيءَ جي يادگاري قائم ڪرڻ لاءِ روئنديون هيون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">۽ افرائيم جا ماڻهو اچي گڏ ٿيا ۽ لنگهي اُتر ڏانهن ويا، ۽ هنن افتاح کي چيو تہ ڇو تون بني عمون سان وڙهڻ لاءِ وئين، ۽ اسان کي پاڻ سان هلڻ لاءِ نہ چيئِہ؟ اسين تنهنجو گهر تو سميت باهہ سان ساڙي ڪيرائي وجهنداسين.</verse>
				<verse number="2">تڏهن افتاح هنن کي چيو تہ منهنجو ۽ منهنجي قوم جو بني عمون سان ڏاڍو جهيڙو هو، ۽ جڏهن مون اوهان کي ڪوٺيو تڏهن اوهان مون کي هنن جي هٿان اچي نہ ڇڏايو.</verse>
				<verse number="3">۽ جڏهن مون ڏٺو تہ اوهان مون کي نہ بچايو، تڏهن آءٌ پنهنجي جان پنهنجي هٿ تي کڻي بني عمون سان وڙهڻ لاءِ ويس، ۽ خداوند هنن کي منهنجي هٿ ۾ ڏنو: تڏهن ڇو اوهين اڄ مون سان وڙهڻ لاءِ آيا آهيو؟</verse>
				<verse number="4">تڏهن افتاح جلعاد جا سڀ ماڻهو گڏ ڪيا، ۽ افرائيم سان جنگ ڪيائين: ۽ جلعاد جي ماڻهن افرائيم کي شڪست ڏني، ڇو جو هنن چيو تہ اوهين جلعادي، جي افرائيم ۽ منسيءَ جي وچ ۾ ٿا رهو، سي افرائيم مان ڀڳل آهيو.</verse>
				<verse number="5">۽ جلعادين افرائيمين کي روڪڻ لاءِ يردن جا لنگهہ وڃي جهليا: ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن افرائيم جي ڀڳلن مان ڪنهن اچي ٿي چيو تہ مون کي پار لنگهڻ ڏيو، تڏهن جلعاد جي ماڻهن هن کي ٿي چيو تہ تون افرائيمي آهين ڇا؟ جي هن ٿي چيو تہ نہ؛</verse>
				<verse number="6">تہ هنن ٿي چيس تہ تڏهن هاڻي چئُہ سبولت؛ ۽ هن چيو ٿي سبولت؛ ڇالاءِ جو هو انهيءَ لفظ جو اُچار برابر ڪري نٿي سگهيو؛ تنهن تي هو هنن کي جهلي يردن جي لنگهن تي قتل ڪندا هئا: انهيءَ وقت افرائيم جا ٻائيتاليهہ هزار ماڻهو قتل ٿي ويا.</verse>
				<verse number="7">۽ افتاح ڇهہ سال اسرائيل جو قاضي ٿي رهيو. پوءِ افتاح جلعادي وفات ڪئي ۽ جلعاد جي شهرن مان هڪڙي ۾ دفن ڪيو ويو.</verse>
				<verse number="8">انهيءَ کان پوءِ ابصان بيت الحمي اسرائيل جو قاضي ٿيو.</verse>
				<verse number="9">۽ انهيءَ کي ٽيهہ پٽ هئا؛ ۽ هن ٽيهہ ڌيئرون ڌارين ۾ پرڻايون، ۽ پنهنجن پٽن لاءِ ٽيهہ ڇوڪريون ڌارين مان آندائين. اُهو ست سال اسرائيل جو قاضي هو.</verse>
				<verse number="10">۽ ابصان وفات ڪئي ۽ بيت لحم ۾ دفن ڪيو ويو.</verse>
				<verse number="11">انهيءَ کان پوءِ ايلون زبولوني اسرائيل جو قاضي ٿيو؛ ۽ انهيءَ ڏهہ سال اسرائيل جو انصاف ڪيو.</verse>
				<verse number="12">۽ ايلون زبولونيءَ وفات ڪئي ۽ زبولون جي ملڪ ۾، ايالون ۾ دفن ڪيو ويو.</verse>
				<verse number="13">۽ انهيءَ کان پوءِ عبدون بن هليل فرعاتوني اسرائيل جو قاضي ٿيو.</verse>
				<verse number="14">۽ انهيءَ کي چاليهہ پٽ ۽ ٽيهہ پوٽا هئا، جي ستر کودڙن تي چڙهندا هئا. ۽ انهيءَ اسرائيل جو اٺ سال انصاف ڪيو.</verse>
				<verse number="15">۽ عبدون بن هليل فرعاتونيءَ وفات ڪئي ۽ عماليق جي ڪوهستان ۽ افرائيم جي ملڪ ۾، فرعاتون ۾ دفن ڪيو ويو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">۽ بني اسرائيل وري اُهي ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا؛ ۽ خداوند انهن کي چاليهن سالن تائين فلستين جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="2">۽ دان جي قبيلي مان منوحہ نالي صرعہ جو هڪڙو ماڻهو هو، ۽ انهيءَ جي زال سنڍ هئي ۽ ٻار ڪونہ ٿيندو هوس.</verse>
				<verse number="3">۽ خداوند جي فرشتي انهيءَ زال کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ڏس، تون سنڍ آهين ۽ ٻار ڪونہ ٿي ڄڻين: پر تون پيٽ سان ٿيندينءَ ۽ پٽ ڄڻيندينءَ.</verse>
				<verse number="4">تنهنڪري خبردار رهج، ۽ شراب يا نشي جهڙي شيءِ نہ پيئج، ۽ ڪابہ ناپاڪ شيءِ نہ کائج:</verse>
				<verse number="5">ڇو جو تون پيٽ سان ٿيندينءَ، ۽ پٽ ڄڻيندينءَ؛ ۽ انهيءَ جي مٿي تي پاڪي نہ گهمائج: ڇالاءِ جو اُهو ٻار ڄائي ڄم کان خدا جو نذير ٿيندو: ۽ اُهو اسرائيل کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائڻ شروع ڪندو.</verse>
				<verse number="6">تڏهن انهيءَ زال اچي پنهنجي مڙس کي چيو تہ هڪڙو خدا جو ٻانهو مون وٽ آيو، ۽ انهيءَ جي شڪل خدا جي فرشتي جي شڪل جهڙي هئي، ۽ ڏاڍي خوفناڪ هئي، ۽ مون هن کان نہ پڇيو تہ ڪٿان ٿو اچين، نڪي هن مون کي پنهنجو نالو ٻڌايو:</verse>
				<verse number="7">پر هن مون کي چيو تہ ڏس، تون پيٽ سان ٿيندينءَ ۽ پٽ ڄڻيندينءَ؛ ۽ تون شراب يا نشي جي شيءِ نہ پيئج، ۽ ڪابہ ناپاڪ شيءِ نہ کائج؛ ڇو جو اُهو ٻار ڄائي ڄم کان وٺي پنهنجي ساري ڄمار خدا جو نذير ٿيندو.</verse>
				<verse number="8">تڏهن منوحہ خداوند کي منٿ ڪئي ۽ چيو تہ اي خداوند، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جنهن پنهنجي ماڻهوءَ کي تو موڪليو هو، تنهن کي وري بہ اسان وٽ اچڻ ڏي، تہ اسان کي سيکاري تہ جيڪو ٻار ڄمي تنهن سان ڪهڙي هلت ڪريون.</verse>
				<verse number="9">۽ خداوند منوحہ جي ڳالهہ مڃي؛ ۽ خدا جو فرشتو وري بہ انهيءَ زال وٽ آيو، جنهن وقت هوءَ ٻنيءَ ۾ ويٺي هئي: پر سندس مڙس منوحہ ساڻس گڏ نہ هو.</verse>
				<verse number="10">۽ اُها زال تڪڙي ٿي، ۽ ڊوڙي وڃي پنهنجي مڙس کي چيائين تہ ڏس جيڪو ماڻهو انهي ڏينهن مون وٽ آيو هو، تنهن وري مون کي ڏيکاري ڏني آهي.</verse>
				<verse number="11">تڏهن منوحہ اُٿيو، ۽ پنهنجي زال جي پٺيان هليو، ۽ انهيءَ ماڻهو وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ تون اُهو ماڻهو آهين ڇا جنهن هن زال سان ڳالهايو هو؟ ۽ هن چيو تہ آءٌ اُهو آهيان.</verse>
				<verse number="12">تڏهن منوحہ چيو تہ هاڻي جيئن تون چوين ٿو تيئن ڀلي ٿئي: اُهو ٻار ڪهڙي قسم جو ٿيندو؟</verse>
				<verse number="13">۽ خداوند جي فرشتي منوحہ کي چيو تہ جيڪي ڳالهيون مون هن زال کي چيون تن جي هوءَ خبرداري ڪري.</verse>
				<verse number="14">ڊاک جي ڪابہ شيءِ نہ کائي، نڪي شراب يا ڪا نشي جهڙي شيءِ پيئي، نڪي ڪا ناپاڪ شيءِ کائي؛ جن ڳالهين بابت مون هن کي حڪم ڏنو سي سڀ بجا آڻي.</verse>
				<verse number="15">تڏهن منوحہ خدا جي فرشتي کي چيو تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ تون ايترو اسان وٽ ترس جيتري ۾ آءٌ تنهنجي لاءِ هڪڙو ڇيلو تيار ڪري وٺان.</verse>
				<verse number="16">۽ خداوند جي فرشتي منوحہ کي چيو تہ جيتوڻيڪ تون مون کي ترسائيندين تہ بہ آءٌ تنهنجي ماني ڪين کائيندس: ۽ جيڪڏهن تون ڪا سوختني قرباني تيار ڪندين، تہ اُها توکي خداوند جي لاءِ پيش ڪرڻ گهرجي. ڇالاءِ جو منوحہ کي اها خبر ڪانہ هئي تہ هو خداوند جو فرشتو آهي.</verse>
				<verse number="17">منوحہ خداوند جي فرشتي کي چيو تہ تنهنجو نالو ڇا آهي، تہ جڏهن جيڪي تو چيو آهي، سو پورو ٿئي تڏهن توکي تعظيم ڏيون؟</verse>
				<verse number="18">۽ خداوند جي فرشتي هن کي چيو تہ منهنجو نالو ڇو ٿو پڇين، جڏهن ڏسين ٿو تہ اُهو عجيب آهي؟</verse>
				<verse number="19">تڏهن منوحہ ڇيلو، کاڌي جي قربانيءَ سميت کڻي خداوند جي اڳيان ٽڪر تي پيش ڪيو: ۽ فرشتي هڪڙو عجب جهڙو ڪم ڪيو: ۽ منوحہ ۽ سندس زال ٻئي نهاريندا رهيا.</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ جو هيئن ٿيو تہ جڏهن قربانگاهہ مان شعلو آسمان ڏانهن چڙهيو، تڏهن خداوند جو فرشتو بہ قربانگاهہ جي باهہ واري شعلي ۾ چڙهي ويو: ۽ منوحہ ۽ سندس زال ويٺي نهاريو؛ ۽ هو زمين تي منهن ڀر ڪري پيا.</verse>
				<verse number="21">پر خداوند جي فرشتي وري منوحہ کي يا سندس زال کي ڏيکاري نہ ڏني. تڏهن منوحہ کي خبر پيئي تہ اُهو خداوند جو فرشتو هو.</verse>
				<verse number="22">پوءِ منوحہ پنهنجي زال کي چيو تہ اسين ضرور مري وينداسين، ڇالاءِ جو اسان خدا کي ڏٺو آهي.</verse>
				<verse number="23">پر سندس زال چيس تہ جيڪڏهن خدا اسان کي مارڻ گهري ها، تہ هو هيءَ سوختني قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني، اسان جي هٿان قبول نہ ڪري ها، ۽ نہ هيتريون شيون اسان کي ڏيکاري ها، نڪي هن وقت ههڙيون ڳالهيون اسان کي ٻڌائي ها.</verse>
				<verse number="24">۽ انهيءَ زال پٽ ڄڻيو، ۽ انهي جو نالو سمسون رکيائين: ۽ اُهو ٻار وڌي وڏو ٿيو، ۽ خداوند انهيءَ کي برڪت ڏني.</verse>
				<verse number="25">۽ خدا جو روح هن کي محني دان جي منزلگاهہ ۾، صرعہ ۽ استال جي وچ ۾، بيدار ڪرڻ لڳو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">۽ سمسون تمنت ڏانهن ويو، ۽ تمنت ۾ فلستين جي ڌيئرن مان هڪڙي زال ڏٺائين.</verse>
				<verse number="2">۽ هو پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ وٽ آيو، ۽ چيائين تہ مون تمنت ۾ فلستين جي ڌيئرن مان هڪڙي زال ڏٺي آهي: تنهنڪري هاڻي انهيءَ کي وٺي مون سان پرڻايو.</verse>
				<verse number="3">تڏهن هن جي ماءُ پيءُ هن کي چيو تہ تنهنجن ڀائرن جي ڌيئرن ۾، يا منهنجي سڄي قوم ۾، ڪا زال ڪانهي ڇا جو تون اڻ طهريلن فلستين مان پرڻجڻ ٿو چاهين؟ ۽ سمسون پنهنجي پيءُ کي چيو تہ مون کي اُها وٺي ڏي؛ ڇالاءِ جو اُها مون کي پسند آهي.</verse>
				<verse number="4">پر هن جي ماءُ پيءُ کي اها خبر نہ هئي تہ اها ڳالهہ خداوند وٽان آهي؛ ڇالاءِ جو هن فلستين سان وڙهڻ جو وجهہ پئي ڳوليو. هاڻي انهيءَ وقت فلستين جو اسرائيل تي حڪم هلندو هو.</verse>
				<verse number="5">تڏهن سمسون ۽ هن جا ماءُ پيءُ تمنت ڏانهن ويا، ۽ تمنت جي ڊاک جي منهہ ۾ آيا: ۽ هن ڏٺو تہ هڪڙو جوان شينهن مٿس گجگوڙ ڪري چڙهي پيو اچي.</verse>
				<verse number="6">۽ خداوند جو روح قدرت سان هن تي نازل ٿيو، ۽ هن انهيءَ کي ائين ڦاڙي وڌو، جيئن هو ڪنهن ڇيلي کي ڦاڙي، ۽ هن جي هٿ ۾ ڪجهہ بہ ڪين هو: پر هن جيڪي ڪيو سو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي نہ ٻڌايائين.</verse>
				<verse number="7">۽ هن وڃي انهيءَ زال سان ڳالهايو؛ ۽ هوءَ سمسون کي ڏاڍي وڻي.</verse>
				<verse number="8">۽ ٿوري وقت کان پوءِ هو انهيءَ کي وٺڻ جي لاءِ موٽي ويو، ۽ اُتان ڦري شينهن جي لاش ڏسڻ لاءِ ويو: ۽ ڏسي تہ شينهن جي لاش ۾ ماکيءَ جي مکين جو مانارو آهي ۽ ماکي بہ آهي.</verse>
				<verse number="9">تڏهن هن اُها پنهنجي هٿن ۾ کنئي ۽ اُها کائيندو اڳتي هليو، ۽ پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ وٽ آيو ۽ انهن کي بہ ڏنائين، ۽ انهن بہ اُها کاڌي؛ پر هن انهن کي نہ ٻڌايو تہ اُها ماکي شينهن جي لاش مان ڪڍي هئائين.</verse>
				<verse number="10">۽ هن جو پيءُ انهيءَ زال وٽ لهي ويو: ۽ سمسون اُتي هڪڙي مجلس ڪئي؛ ڇالاءِ جو جوان ماڻهو ائين ڪندا هئا.</verse>
				<verse number="11">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن انهن هن کي ڏٺو تڏهن ٽيهہ ڄڻا هن جي سنگت لاءِ آندائون.</verse>
				<verse number="12">۽ سمسون انهن کي چيو تہ آءٌ اوهان کي هڪڙي پرولي ٿو ڏيان: جيڪڏهن اُها اوهان مجلس وارن ستن ڏينهن جي اندر سلي، ۽ انهي جي سمجهاڻي مون کي ٻڌائي، تہ آءٌ اوهان کي ڪتيل سوٽي سڻيءَ جون ٽيهہ پوشاڪون، ۽ ٽيهہ ڪپڙن جا وڳا ڏيندس:</verse>
				<verse number="13">پر جي اُها اوهين نہ سلي سگهيا تہ اوهين مون کي ڪتيل سڻيءَ جون ٽيهہ پوشاڪون، ۽ ٽيهہ ڪپڙن جا وڳا ڏجو. ۽ هنن چيس تہ پنهنجي پرولي بيان ڪر تہ اسين ٻڌون.</verse>
				<verse number="14">۽ هن انهن کي چيو تہ کائڻ واري مان کاڌو نڪتو، ۽ زور واري مان مٺاڻ نڪري آيو. ۽ هو ٽن ڏينهن تائين اُها پرولي سلي نہ سگهيا.</verse>
				<verse number="15">۽ ستين ڏينهن هيئن ٿيو تہ هنن سمسون جي زال کي چيو تہ پنهنجي مڙس کي ڌتار تہ هو اسان کي اها پرولي سلي ٻڌائي، نہ تہ اسين توکي، ۽ تنهنجي پيءُ جي گهر کي باهہ ڏئي ساڙي ڇڏينداسين: اوهان اسان کي انهيءَ لاءِ ڪوٺيو ڇا تہ اسان کي ڦري غريب ڪري ڇڏيو؟ ائين ناهي ڇا؟</verse>
				<verse number="16">تڏهن سمسون جي زال هن جي اڳيان رنو، ۽ چوڻ لڳي تہ تون مون کي پيار نٿو ڪرين بلڪ ڌڪارين ٿو: تو منهنجي قوم جي ماڻهن کي ڪا پرولي ڏني آهي، پر اُها تو مون کي نہ ٻُڌائي آهي، ۽ هن چيس تہ مون اُها پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي بہ نہ ٻڌائي آهي سو اُها توکي ٻڌائيندس ڇا؟</verse>
				<verse number="17">۽ اُهي ست ڏينهن جن ۾ اُها مجلس پئي هلي، سي هن سندس اڳيان پئي رنو: ۽ هيئن ٿيو تہ ستين ڏينهن جڏهن هن کيس گهڻو زور ڪيو تڏهن هن اُها ٻڌايس. پوءِ هن وڃي اُها پنهنجي قوم جي ماڻهن کي ٻڌائي.</verse>
				<verse number="18">۽ انهيءَ ستين ڏينهن سج لٿي کان اڳي شهر جي ماڻهن هن کي چيو تہ ماکيءَ کان مٺي ٻي ڪا شيءِ آهي ڇا؟ ۽ شينهن کان وڌيڪ ٻيو ڪو زوراور آهي ڇا؟ تڏهن هن انهن کي چيو تہ، جيڪڏهن اوهين منهنجي گابيءَ سان هر نہ کيڙيو ها، تہ منهنجي پرولي سلي نہ سگهو ها.</verse>
				<verse number="19">۽ خداوند جو روح قدرت سان هن تي نازل ٿيو، ۽ هو اسقلون ۾ لهي ويو، ۽ انهن جا ٽيهہ ماڻهو ماري انهن جو مال ڦريائين، ۽ جن پرولي سلي انهن کي ڪپڙن جا وڳا ڏنائين، ۽ هن جي ڪاوڙ ڀڙڪي، ۽ هو پنهنجي پيءُ جي گهر موٽي ويو.</verse>
				<verse number="20">۽ سمسون جي زال هن جي هڪڙي سنگتيءَ کي ڏني ويئي، جنهن کي هن پنهنجو دوست ڪيو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="15">
				<verse number="1">پر ٿوري وقت کان پوءِ هيئن ٿيو تہ ڪڻڪ جي فصل لهڻ وقت، سمسون هڪڙو ڇيلو کڻي پنهنجيءَ زال کي گڏجڻ لاءِ ويو؛ ۽ هن چيو تہ آءٌ ڪوٺيءَ ۾ پنهنجي زال سان صحبت ڪندس. پر سندس زال جي پيءُ هن کي اندر وڃڻ نہ ڏنو.</verse>
				<verse number="2">۽ انهيءَ جي پيءُ چيس تہ مون کي پڪ هئي تہ تون هن کان بلڪل بيزار هئين؛ تنهنڪري مون اُها تنهنجي سنگتيءَ کي ڏيئي ڇڏي: هن جي ننڍي ڀيڻ هن کان وڌيڪ سهڻي ناهي ڇا؟ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ هن جي بدران اُها وٺي وڃ.</verse>
				<verse number="3">۽ سمسون هنن کي چيو تہ هن دفعي جي آئون فلستين کي ڪو نقصان پهچايان تہ مون تي ڏوهہ نہ آهي.</verse>
				<verse number="4">۽ سمسون وڃي ٽي سؤ لومڙيون پڪڙيون، ۽ ڪي اُماڙيون بہ کنيائين. پوءِ ٻن ٻن لومڙين جا پڇ گڏي ٻڌي انهن جي وچ ۾ هڪڙي اُماڙي ٻڌي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="5">۽ پوءِ هن انهن اُماڙين کي باهہ ڏيئي انهن لومڙين کي فلستين جي بيٺل فصل ۾ ڇڏي ڏنو: ۽ اهڙيءَ طرح لڻيل پوک، توڙي بيٺل پوک، ۽ زيتون جي باغن کي ساڙي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="6">تڏهن فلستي چوڻ لڳا تہ هي ڪم ڪنهن ڪيو آهي؟ ۽ هنن چيو تہ اهو تمنت جي ناٺيءَ سمسون ڪيو آهي، ڇو جو هن انهي جي زال وٺي سندس سنگتيءَ کي ڏيئي ڇڏي آهي، ۽ فلستين اچي انهيءَ زال ۽ سندس پيءُ کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="7">۽ سمسون انهن کي چيو تہ جي اوهين ائين ڪندا تہ آءٌ ضرور اوهان کان وير وٺندس، ۽ پوءِ بس ڪندس.</verse>
				<verse number="8">۽ هن انهن کي دڏن ۽ رانن تي ڌڪ هڻي، منجهن ڏاڍو ڪوس وڌو: پوءِ وڃي ايتام واري ٽڪر جي چر ۾ رهڻ لڳو.</verse>
				<verse number="9">تڏهن فلستي چڙهي ويا ۽ يهوداہ ۾ وڃي تنبو هنيائون، ۽ لحي ۾ پکڙجي ويا.</verse>
				<verse number="10">۽ يهوداہ جي ماڻهن چيو تہ اوهين ڇو اسان تي چڙهي آيا آهيو؟ ۽ هنن چيو تہ اسين انهيءَ لاءِ آيا آهيون تہ سمسون کي ٻڌي ساڻس ائين ڪريون جيئن هن اسان سان ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="11">تڏهن يهوداہ جا ٽي هزار ماڻهو ايتام واري ٽڪر جي چر ڏانهن ويا، ۽ سمسون کي چيائون تہ توکي اها خبر ڪانهي ڇا تہ فلستي اسان جي مٿان حاڪم آهن؟ تو اسان سان هي ڇا ڪيو آهي؟ ۽ هن انهن کي چيو تہ جيئن هنن مون سان ڪيو، تيئن وري مون بہ ساڻن ڪيو.</verse>
				<verse number="12">۽ هنن چيس تہ اسين انهيءَ لاءِ آيا آهيون تہ توکي ٻڌي فلستين جي حوالي ڪريون، ۽ سمسون هنن کي چيو تہ مون سان قسم کڻو تہ اوهين پاڻ مون تي ڪاهي اچي نہ پوندا.</verse>
				<verse number="13">۽ هنن چيس تہ نہ؛ پر اسين توکي قابو ٻڌي هنن جي حوالي ڪنداسين: پر يقين ڄاڻج تہ اسين توکي مارينداسين ڪين. پوءِ هنن ٻن نون رسن سان هن کي ٻڌو، ۽ ٽڪر تان وٺي آيس.</verse>
				<verse number="14">جڏهن هو لحيءَ ۾ آيو، تڏهن فلستي هن کي ڏسڻ شرط رڙيون ڪرڻ لڳا، ۽ خداوند جو روح قدرت سان هن تي نازل ٿيو، ۽ جيڪي رسا هن جي ٻانهن تي هئا، سي انهيءَ سڻيءَ جهڙا ٿي پيا جا باهہ سان سڙي ويندي آهي، ۽ هن جا بند سندس هٿن تان ڪري پيا.</verse>
				<verse number="15">۽ هن هڪڙي گڏهہ جي نئين ڄاڙهہ پيل ڏٺي، جا هٿ ڊگهيري کنيائين، ۽ انهيءَ سان هڪ هزار ماڻهن کي ماريائين.</verse>
				<verse number="16">۽ سمسون چوڻ لڳو تہ: هڪڙي گڏهہ جي ڄاڙهہ سان ڍيرن تي ڍير، هڪڙي گڏهہ جي ڄاڙهہ سان مون هڪ هزار ماڻهو ماريا آهن.</verse>
				<verse number="17">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن ڳالهائي بس ڪئي، تڏهن اُها ڄاڙهہ پنهنجي هٿ مان اُڇلائي ڦٽي ڪيائين، ۽ انهيءَ هنڌ کي ڄاڙهہ جي ٽڪري (رامت لحي) ڪري سڏيائون.</verse>
				<verse number="18">۽ هن کي ڏاڍي اُڃ لڳي، ۽ خداوند کي پڪاري چيائين تہ تو پنهنجي ٻانهي جي هٿان هڪڙو وڏو ڇوٽڪارو ڏنو آهي: ۽ هاڻي آءٌ اُڃ کان مري وڃان، ۽ اڻ طهريلن جي هٿن ۾ وڃي پوان ڇا؟</verse>
				<verse number="19">پر خدا لحيءَ ۾ جيڪا کڏ هئي انهي کي چيريو، ۽ انهيءَ مان پاڻي نڪري آيو؛ ۽ جڏهن هو پي چڪو تڏهن سندس روح موٽي آيو، ۽ هن وري نئين سر ساهہ پٽيو: تنهنڪري انهيءَ هنڌ جو نالو عين حقور رکيو ويو، جو اڄ تائين لحيءَ ۾ آهي.</verse>
				<verse number="20">۽ هن فلستين جي ڏينهن ۾ ويهہ سال اسرائيل جو انصاف ڪيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="16">
				<verse number="1">پوءِ سمسون غزہ ۾ ويو، ۽ اُتي هڪڙي ڪسبياڻي ڏٺائين، ۽ هو وٽس ويو.</verse>
				<verse number="2">۽ غزہ جي ماڻهن کي خبر پيئي تہ سمسون اتي آيو آهي. تڏهن هو چوڌاري ڦري آيس، ۽ سڄي رات شهر جي دروازي وٽ هن جي لاءِ ترسيا رهيا، ۽ ماٺ ڪري ويٺا رهيا، ۽ چيائون تہ ڀلي صبح جي روشني ٿئي تہ پوءِ هن کي ماريون.</verse>
				<verse number="3">۽ سمسون اڌ رات تائين ليٽيو پيو هو، ۽ اڌ رات جو اُٿي شهر جي دروازي جا طاق، ۽ ٻئي ٻانهون جهلي، گزن سميت اُکيڙي کڻي پنهنجن ڪلهن تي رکيائين، ۽ حبرون جي اڳيان جيڪو جبل آهي انهيءَ جي چوٽيءَ تائين اُهي کڻي ويو.</verse>
				<verse number="4">۽ پوءِ هيئن ٿيو تہ سورق جي واديءَ ۾، هڪڙي زال تي هو عاشق ٿيو جنهن جو نالو دليلہ هو.</verse>
				<verse number="5">۽ فلستين جا سردار انهيءَ زال وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ تون هن کان ڌتاري پڇ تہ هن کي جو هيترو زور آهي سو ڇا ۾ اٿس، ۽ ڪهڙي طرح اسين هن تي غالب پئون، تہ هن کي ٻڌي ايذاءَ رسايون، ۽ اسان مان هڪڙو هڪڙو توکي يارهن سؤ چانديءَ جا سڪا ڏيندو.</verse>
				<verse number="6">تڏهن دليلہ سمسون کي چيو تہ مهرباني ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ تنهنجو زور ڪهڙي شيءِ ۾ آهي، ۽ ڪهڙي طرح توکي ٻڌي ايذاءُ رسائي ٿو سگهجي.</verse>
				<verse number="7">۽ سمسون چيس تہ جيڪڏهن مون کي ستن ساين لئي جي سنهڙين ٽارين سان ٻڌندا، جي اڃا آليون هجن، تہ پوءِ آءٌ هيڻو ٿي پوندس، ۽ هڪڙي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس.</verse>
				<verse number="8">تڏهن فلستين جي سردارن هن وٽ ست سايون لئي جون ٽاريون آنديون، جي اڃا آليون هيون، ۽ هن انهن سان هن کي ٻڌو.</verse>
				<verse number="9">هاڻي هن اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ ماڻهو لڪائي ويهاري ڇڏيا هئا، ۽ هن انهي کي چيو تہ اي سمسون، فلستي توتي آيا آهن. ۽ هن اُهي ٽاريون ائين ڇني ڇڏيون جيئن سڻيءَ جو ڌاڳو باهہ لڳڻ ڪري ڇڄي پوندو آهي. انهيءَ طرح هن جو زور معلوم ٿي نہ سگهيو.</verse>
				<verse number="10">۽ دليلہ سمسون کي چيو تہ ڏس تو مون سان ٺٺولي ڪئي آهي، ۽ مون سان ڪوڙ ڳالهايا اٿئي. هاڻي مهرباني ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا سان توکي ٻڌي سگهبو.</verse>
				<verse number="11">تڏهن هن چيس تہ جيڪڏهن مون کي نوان رسا ٻڌندا جي اڳي ڪم آيل نہ هوندا، تہ آءٌ هيڻو ٿي ويندس، ۽ هڪڙي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس.</verse>
				<verse number="12">تنهن تي دليلہ نوان رسا وٺي انهن سان ٻڌس، ۽ پوءِ چيائينس، تہ اي سمسون، فلستي توتي ڪاهي آيا آهن. ۽ اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ ماڻهو لڪا ويٺا هئا. تڏهن هن اُهي رسا پنهنجن ٻانهن سان ڌاڳي وانگر ڇني ڇڏيا.</verse>
				<verse number="13">تڏهن دليلہ سمسون کي چيو تہ هيستائين تو مون سان چرچا پئي ڪيا آهن ۽ ڪوڙ ڳالهايا آهن. مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا سان توکي ٻڌي سگهبو؟ ۽ هن چيس تہ جي تون منهنجي مٿي جي وارن جون ست چڳون تاڃيءَ سان اُڻي ڇڏيندينءَ.</verse>
				<verse number="14">۽ هن اُهي هڪڙي ڪليءَ سان ٻڌي ڇڏيون، ۽ پوءِ چيائينس تہ اي سمسون، فلستي توتي اچي پيا آهن. ۽ هو ننڊ مان جاڳيو ۽ اُها ڪلي ڪاٺ مان تاڃيءَ سميت پٽي ڪڍيائين.</verse>
				<verse number="15">تڏهن هن چيس تہ تون ڪيئن چئي ٿو سگهين تہ تنهنجي مون سان محبت آهي، جڏهن تہ تنهنجي دل مون سان ناهي؟ تو هي ٽي ڀيرا مون سان ٺٺوليون ڪيون آهن، ۽ مون کي نہ ٻڌايو اٿئي تہ تنهنجو زور ڇا ۾ آهي.</verse>
				<verse number="16">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هوءَ کيس روز بروز ڳالهين سان زور ڏيڻ لڳي، ۽ تنگ ڪيائينس، تڏهن هو اهڙو بيزار ٿيو جو ڀانيائين تہ ساهہ ٿو نڪريس.</verse>
				<verse number="17">تڏهن هن انهيءَ کي پنهنجي دل جي سڄي ڳالهہ ٻڌائي، ۽ چيائينس تہ منهنجي مٿي تي ڪڏهن بہ پاڪي نہ گهمي آهي، ڇالاءِ جو ماءُ جي پيٽ کان وٺي آءٌ خدا جو نذير ٿي رهيو آهيان: جيڪڏهن منهنجو مٿو ڪوڙيو ويندو تہ منهنجو زور مون مان هليو ويندو، ۽ آءٌ ڪمزور ٿي پوندس، ۽ هڪڙي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس.</verse>
				<verse number="18">جڏهن دليلہ ڏٺو تہ هن کيس پنهنجي دل جو حال کولي ٻڌايو آهي، تڏهن هن فلستين جي سردارن کي ڪوٺي چيو تہ هن ڀيري وري اچو، جو هن مون کي پنهنجي دل جي ڳالهہ کولي ٻڌائي آهي. تڏهن فلستين جا سردار وٽس آيا، ۽ پنهنجي هٿ ۾ پئسا کڻي آيا.</verse>
				<verse number="19">۽ هن انهي کي پنهنجي گوڏن تي سمهاريو؛ ۽ هڪڙو ماڻهو گهرائي هن جي مٿي جون ست چڳون ڪوڙايائين؛ پوءِ هن کي ستائڻ لڳي، ۽ هن جو زور وٽانئس ويندو رهيو.</verse>
				<verse number="20">۽ هن کي چيائين تہ اي سمسون، فلستي توتي اچي پيا آهن. ۽ هو ننڊ مان جاڳيو ۽ چوڻ لڳو تہ آءٌ ٻين وقتن وانگر ٻاهر ويندس ۽ پاڻ کي لوڏيندس، پر هن کي اها خبر نہ هئي تہ خداوند هن وٽان هليو ويو آهي.</verse>
				<verse number="21">۽ فلستين اچي پڪڙيس، ۽ سندس اکيون ڪڍي ڇڏيائون؛ ۽ غزہ ۾ وٺي آيس، ۽ پتل جي ٻيڙين سان ٻڌائونس؛ ۽ هو قيدخاني ۾ جنڊ پيهڻ لڳو.</verse>
				<verse number="22">انهيءَ هوندي بہ مٿي ڪوڙجڻ کان پوءِ هن جا وار وري وڌڻ لڳا.</verse>
				<verse number="23">۽ فلستين جا سردار اچي گڏ ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي معبود دجون لاءِ هڪڙي وڏي قرباني چاڙهين، ۽ خوشيون ڪن: ڇالاءِ جو هنن چيو تہ اسان جي معبود اسان جي دشمن سمسون کي اسان جي هٿ ۾ ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="24">۽ جڏهن ماڻهن انهيءَ کي ڏٺو تڏهن هو پنهنجي معبود جي تعريف ڪرڻ لڳا: ڇالاءِ جو هنن چيو تہ اسان جي معبود اسان جو دشمن اسان جي هٿ ۾ ڏنو آهي، جو اسان جي ملڪ جو ناس ڪندڙ هو؛ ۽ جنهن اسان منجهان گهڻن کي ماريو هو.</verse>
				<verse number="25">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن جون دليون خوش ٿيون، تڏهن هو چوڻ لڳا تہ سمسون کي ڪوٺيو تہ مسخريون ڪري اسان کي وندرائي، ۽ هنن سمسون کي قيدخاني مان گهرايو؛ ۽ هن سندن اڳيان مسخريون ڪيون: ۽ انهن هن کي ٿنڀن جي وچ ۾ کڻي ويهاريو.</verse>
				<verse number="26">تڏهن جنهن ڇوڪريءَ سمسون کي هٿ کان جهليو هو، تنهن کي هن چيو تہ مون کي ڇڏ تہ جن ٿنڀن تي گهر بيٺل آهي تن کي هٿ لائي ڏسان ۽ مٿن ٽيڪ ڏيان.</verse>
				<verse number="27">هاڻي اهو گهر مردن توڙي زالن سان ڀريو پيو هو؛ ۽ فلستين جا سڀ سردار اُتي هئا؛ ۽ کڏ تي اٽڪل ٽي هزار مرد توڙي زالون هيون جن سمسون جو تماشو پئي ڏٺو.</verse>
				<verse number="28">۽ سمسون خداوند کي پڪاري چيو تہ اي خداوند خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ياد ڪر، ۽ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اي خداوند، رڳو هن ڀيري مون کي زور ڏي تہ آءٌ فلستين کان پنهنجين ٻن اکين جو وير وٺان.</verse>
				<verse number="29">پوءِ سمسون انهن ٻن وچ وارن ٿنڀن ۾ هٿ وڌا، جن تي گهر بيٺل هو، ۽ انهن تي ٽيڪ ڏنائين، ۽ هڪڙي کي ساڄي هٿ سان جهليائين ۽ ٻئي کي کٻي هٿ سان.</verse>
				<verse number="30">۽ سمسون چيو تہ مون کي فلستين سان گڏ مرڻ قبول آهي. پوءِ پنهنجو زور ڏئي ڪنڌ جهڪايائين؛ تہ گهر انهن سردارن، ۽ ٻين سڀني ماڻهن تي ڪري پيو جي انهي ۾ هئا. انهيءَ طرح پنهنجي مرڻ مهل جيترا ماڻهو ماريائين، سي انهن کان وڌيڪ هئا جي پنهنجي جيئري ماريا هئائين.</verse>
				<verse number="31">تڏهن هن جا ڀائر ۽ سندس پيءُ جو سڄو گهراڻو اُتي آيو، ۽ هن کي کڻي صرعہ ۽ استال جي وچ ۾، سندس پيءُ منوحہ جي قبرستان ۾ دفن ڪيائون، ۽ هن اسرائيل جو ويهہ سال قاضي ٿي انصاف ڪيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="17">
				<verse number="1">۽ افرائيم جي ڪوهستان جو هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جو نالو ميڪاہ هو.</verse>
				<verse number="2">۽ انهيءَ پنهنجي ماءُ کي چيو تہ يارهن سؤ چانديءَ جا سڪا، جي تنهنجا گم ٿي ويا هئا، ۽ جن بابت تو پٽ پاراتو ڪيو هو، ۽ مون کي بہ ٻڌايو هوءِ، ڏس تہ اُهي چانديءَ جا سڪا مون وٽ آهن؛ مون کنيا هئا. تڏهن ماڻس چيس تہ شل منهنجي پٽ کي خداوند برڪت ڏئي.</verse>
				<verse number="3">پوءِ هن اُهي يارهن سؤ چانديءَ جا سڪا پنهنجي ماءُ کي موٽائي ڏنا، ۽ ماڻس چيو تہ آءٌ اُها چاندي پنهنجي هٿان خداوند جي لاءِ خاص طرح نذر ٿي ڪريان تہ انهيءَ مان منهنجو پٽ هڪڙي اُڪريل مورت، ۽ هڪڙو پلٽيل بت جوڙائي: تنهنڪري هاڻي اُها آءٌ توکي موٽائي ٿي ڏيان.</verse>
				<verse number="4">۽ جڏهن هن اُهي پئسا پنهنجي ماءُ کي موٽائي ڏنا، تڏهن ماڻس ٻہ سؤ چانديءَ جا سڪا کڻي هڪڙي ڪاريگر کي ڏنا، جنهن انهيءَ مان هڪڙي اُڪريل مورت، ۽ هڪڙو پلٽيل بت ٺاهيو: ۽ اهو ميڪاہ جي گهر ۾ هو.</verse>
				<verse number="5">۽ انهيءَ ماڻهو ميڪاہ وٽ معبودن جو هڪڙو گهر هو، ۽ هن هڪڙو افود ۽ ترافيم جوڙيو، ۽ پنهنجي پٽن مان هڪڙي کي مخصوص ڪيو هئائين تہ سندس ڪاهن ٿئي.</verse>
				<verse number="6">انهن ڏينهن ۾ اسرائيل ۾ ڪو بادشاهہ ڪونہ هو: سڀ ڪنهن ماڻهوءَ اُهو ڪم ٿي ڪيو جو سندس نظر ۾ چڱو ٿي لڳو.</verse>
				<verse number="7">۽ بيت لحم يهوداہ مان، يهوداہ جي قبيلي جو هڪڙو جوان ماڻهو جو لاوي هو، اُهو اچي اُتي رهيو.</verse>
				<verse number="8">۽ اهو ماڻهو بيت لحم يهوداہ واري شهر مان نڪتو تہ جتي ڪا جاءِ مليس اُتي وڃي رهي: ۽ سفر ڪندو افرائيم جي ڪوهستان ۾ ميڪاہ جي گهر آيو.</verse>
				<verse number="9">۽ ميڪاہ چيس تہ تون ڪٿان ٿو اچين؟ ۽ هن چيس تہ آءٌ بيت لحم يهوداہ جو هڪڙو لاوي آهيان، ۽ وڃان ٿو تہ جتي ڪا جاءِ مليم، اُتي رهي پوان.</verse>
				<verse number="10">۽ ميڪاہ چيس تہ تون مون سان گڏجي رهہ، ۽ منهنجو ابو ۽ ڪاهن ٿي رهہ، ۽ آءٌ توکي سال ۾ ڏهہ چانديءَ جا سڪا، ۽ ڪپڙن جو هڪڙو وڳو، ۽ کاڌو پاڻي ڏيندو رهندس. پوءِ اُهو لاوي اندر آيو.</verse>
				<verse number="11">۽ اُهو لاوي انهيءَ ماڻهوءَ سان گڏ رهڻ تي راضي ٿيو؛ ۽ اُهو جوان هن کي سندس هڪڙي پٽ جهڙو هو.</verse>
				<verse number="12">۽ ميڪاہ انهيءَ لاوي جو تقرر ڪيو، ۽ اُهو جوان ماڻهو سندس ڪاهن ٿيو، ۽ ميڪاہ جي گهر ۾ رهندو هو.</verse>
				<verse number="13">تڏهن ميڪاہ چيو تہ هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جڏهن هڪڙو لاوي منهنجو ڪاهن آهي، تڏهن خداوند مون سان چڱائي ڪندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="18">
				<verse number="1">انهن ڏينهن ۾ اسرائيل ۾ ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو: ۽ دان جو فرقو انهي ڳولا ۾ هو تہ پنهنجي لاءِ ڪا ميراث هٿ ڪري ۽ هو اُتي رهن؛ ڇالاءِ جو اُنهي ڏينهن تائين هنن کي اسرائيل جي فرقن مان ڪو ورثو نہ مليو هو.</verse>
				<verse number="2">۽ بني دان پنهنجي سڄي قبيلي مان پنج همت وارا ماڻهو، صرعہ ۽ استال مان، جاسوس ڪري موڪليا تہ زمين ڳولي ڏسي اچن، ۽ انهن کي چيائون تہ وڃي زمين ڳوليو، ۽ هو افرائيم جي ڪوهستان ۾ آيا، ۽ ميڪاہ جي گهر ۾ اچي ٽڪيا.</verse>
				<verse number="3">جڏهن هو ميڪاہ جي گهر کي ويجهو آيا، تڏهن هنن انهيءَ جوان لاويءَ جو آواز سڃاتو؛ ۽ هو ڦري اُتي آيا، ۽ هن کي چيائون تہ توکي هت ڪنهن آندو؟ ۽ تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟ ۽ تنهنجو هتي ڇا آهي؟</verse>
				<verse number="4">۽ هن چين تہ ميڪاہ مون سان ههڙو سلوڪ ڪيو آهي، ۽ هن مون کي ڀاڙي تي رکيو آهي، ۽ آءٌ هن جو ڪاهن ٿيو آهيان.</verse>
				<verse number="5">تڏهن هنن چيس تہ اسين توکي منٿ ٿا ڪريون تہ تون خدا کان پڇي ٻڌاءِ تہ اسان کي خبر پوي تہ جيڪو رستو اسين وٺي ٿا وڃون، سو سڳورو ٿيندو يا نہ.</verse>
				<verse number="6">۽ ڪاهن هنن کي چيو تہ سلامتيءَ سان هليا وڃو: جنهن رستي تي اوهين وڃو ٿا سو خداوند جي اڳيان آهي.</verse>
				<verse number="7">تڏهن اُهي پنج ماڻهو اُتان روانا ٿيا، ۽ ليس ۾ آيا، ۽ ڏٺائون تہ جيڪي ماڻهو اُتي هئا، تن صيدانين وانگر آرام ۽ امن ۾ پئي گذاريو؛ ڇالاءِ جو انهيءَ ملڪ ۾ ڪوبہ اختياريءَ وارو ڪونہ هو، جو هنن کي ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ شرمندو ڪري، ۽ اُهي صيدانين کان پري هئا، ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ سان واسطو ڪونہ هون.</verse>
				<verse number="8">۽ هو صرعہ ۽ استال ۾ پنهنجن ڀائرن وٽ آيا: ۽ سندن ڀائرن انهن جو احوال پڇيو تہ هو ڇا ٿا چون؟</verse>
				<verse number="9">تڏهن هنن چيو تہ اُٿو تہ هلي هنن جو مقابلو ڪريون: ڇالاءِ جو اسان زمين ڏٺي آهي، ۽ اُها تمام عمدي آهي: ۽ اوهين ماٺ ڪري ويٺا آهيو ڇا؟ هلي انهيءَ زمين کي هٿ ڪريو، ۽ منجهس رهو، ۽ سستي نہ ڪريو.</verse>
				<verse number="10">جڏهن اوهين هلندا تڏهن هڪڙي امن ۾ رهندڙ قوم ڏسندا؛ ۽ اُها زمين گهڻي آهي: ڇالاءِ جو اها خداوند اوهان جي هٿ ۾ ڏني آهي؛ اهڙي جاءِ آهي جنهن ۾ ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ناهي.</verse>
				<verse number="11">۽ اُتان دان جي قبيلي مان، صرعہ ۽ استال منجهان ڇهہ سؤ ماڻهو جنگ جا هٿيار ٻڌي نڪتا.</verse>
				<verse number="12">۽ هو مٿي چڙهي ويا، ۽ يهوداہ ۾ قريت يعريم ۾ وڃي منزل ڪيائون: جنهنڪري انهي جاءِ کي اڄ ڏينهن تائين منح دان ڪري سڏيندا آهن: ڏسو، اُهو قريت يعريم جي پٺيان آهي.</verse>
				<verse number="13">۽ اُتان هو لنگهي افرائيم جي ڪوهستان ڏانهن ويا، ۽ ميڪاہ جي گهر آيا.</verse>
				<verse number="14">تڏهن جيڪي پنج ماڻهو ليس جي ملڪ ڏسڻ لاءِ جاسوس ٿي ويا هئا، تن پنهنجي ڀائرن کي چيو، تہ اوهان کي خبر آهي تہ هنن گهرن ۾ هڪڙو افود ۽ ترافيم، ۽ هڪڙي اُڪريل مورت، ۽ هڪڙو پلٽيل بت رکيل آهي؟ تنهنڪري هاڻي خيال ڪريو تہ اوهان کي ڇا ڪرڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="15">۽ هو اُنهيءَ پاسي ڦري ويا ۽ انهيءَ لاوي جوان جي گهر ۾ آيا، يعني ميڪاہ جي گهر ۾ آيا، ۽ سندس حال احوال پڇڻ لڳا.</verse>
				<verse number="16">۽ اُهي ڇهہ سؤ ماڻهو جنگ جي هٿيارن وارا، جي بني دان مان هئا، سي دروازي جي لنگهہ وٽ بيهي رهيا.</verse>
				<verse number="17">۽ جيڪي پنج ماڻهو زمين جي جاسوسي ڪرڻ ويا هئا، سي اُتي ويا، ۽ اُها اُڪريل مورت، ۽ افود، ۽ ترافيم، ۽ پلٽيل بت هٿ ڪيائون: ۽ ڪاهن انهن ڇهن سوَن جنگ جي هٿيار ٻڌل ماڻهن سان دروازي جي لنگهہ وٽ بيهي رهيو.</verse>
				<verse number="18">۽ جڏهن هي ميڪاہ جي گهر ويا، ۽ اُڪريل مورت، ۽ افود، ۽ ترافيم ۽ پلٽيل بت ڪڍيائون، تڏهن ڪاهن هنن کي چوڻ لڳو تہ اوهين ڇا ٿا ڪريو؟</verse>
				<verse number="19">۽ هنن چيس تہ ماٺ ڪر، پنهنجو وات بند ڪر، اسان سان هل ۽ اسان جو ابو ۽ ڪاهن ٿيءُ، تنهنجي لاءِ اهو بهتر آهي تہ هڪڙي ماڻهوءَ جي گهر جو ڪاهن ٿين، يا اسرائيل ۾ هڪڙي فرقي، ۽ هڪڙي قبيلي جو ڪاهن ٿين؟</verse>
				<verse number="20">تڏهن ڪاهن جي دل خوش ٿي، ۽ هن افود، ۽ ترافيم ۽ اُڪريل مورت کنئي، ۽ انهن سان گڏجي ويو.</verse>
				<verse number="21">پوءِ هو ڦري روانا ٿيا، ۽ ٻار ٻچا، ۽ چوپايو مال ۽ سامان اسباب پنهنجي اڳيان ڪڍيائون.</verse>
				<verse number="22">جڏهن هو ميڪاہ جي گهر کان ڳچ پنڌ نڪري ويا، تڏهن جيڪي ماڻهو ميڪاہ جي گهر جي ويجهو گهرن ۾ هئا، سي اچي گڏ ٿيا، ۽ وڃي بني دان کي پهتا.</verse>
				<verse number="23">۽ هنن بني دان کي هڪل ڏني، ۽ هنن پنهنجا منهن ورايا، ۽ ميڪاہ کي چيائون تہ توکي ڪهڙو مرض لڳو آهي جو هيءَ جماعت گڏ ڪري آيو آهين؟</verse>
				<verse number="24">۽ هن چيو تہ جيڪي معبود مون جوڙيا هئا سي، ۽ ڪاهن اوهين کڻي هليا ويا آهيو، باقي مون وٽ ڇا بچيو آهي؟ تڏهن اوهين ڪيئن مون کي چئو ٿا تہ توکي ڪهڙو مرض لڳو آهي؟</verse>
				<verse number="25">۽ بني دان هن کي چيو تہ ائين نہ ڪر جو تنهنجو آواز اسان کي ٻڌڻ ۾ اچي، متان ڪاوڙيل ماڻهو توتي ڪاهي پون، ۽ تنهنجي جان، ۽ تنهنجي گهراڻي جون جانيون وڃن.</verse>
				<verse number="26">تڏهن بني دان پنهنجي واٽ وٺي هليا ويا: ۽ جڏهن ميڪاہ ڏٺو تہ هو کانئس ڏاڍا آهن تڏهن منهن ڦيرائي موٽي پنهنجي گهر هليو ويو.</verse>
				<verse number="27">۽ هو جيڪي ميڪاہ جوڙيو هو سو، ۽ جيڪو ڪاهن وٽس هو سو، وٺي ليس ۾ انهن ماڻهن تي اچي پيا، جي آرام ۽ امن ۾ ويٺا هئا؛ ۽ انهن کي ترار جي ڌار سان ماريائون، ۽ انهن جو شهر باهہ سان ساڙي ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="28">۽ ڪوبہ ڇڏائڻ وارو ڪونہ هو؛ ڇالاءِ جو اُهو صيدا کان پري هو، ۽ انهن جو ڪنهن بہ ماڻهوءَ سان واسطو ڪونہ هو؛ ۽ اُهو بيت رحوب جي پاسي واريءَ واديءَ ۾ هو، ۽ هنن اُهو شهر ٻڌو، ۽ منجهس رهڻ لڳا.</verse>
				<verse number="29">۽ انهيءَ شهر جو نالو هنن دان رکيو، يعني پنهنجي پيءُ دان جي نالي پٺيان، جو اسرائيل جو پٽ هو: پر اڳي انهيءَ شهر جو نالو ليس هو.</verse>
				<verse number="30">۽ بني دان اُها اُڪريل مورت پنهنجي لاءِ بيهاري ڇڏي: ۽ يونتن، بن جيرسوم، بن موسيٰ، ۽ سندس پٽ، دان جي فرقي جا ڪاهن ٿيا، جيستائين ڪ انهيءَ ملڪ جا رهاڪو قيد ٿي ويا.</verse>
				<verse number="31">انهي طرح جيستائين خدا جو گهر سيلا ۾ هو، تيستائين ميڪاہ واري اُڪريل مورت هنن پاڻ وٽ بيهاري رکي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="19">
				<verse number="1">انهن ڏينهن ۾ اسرائيل ۾ ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو، ۽ هيئن ٿيو تہ افرائيم جي ڪوهستان جي پرين پاسي هڪڙو لاوي رهندو هو، جنهن بيت لحم يهوداہ جي هڪڙي زال سريت ڪري پاڻ وٽ رکي هئي.</verse>
				<verse number="2">۽ هن جي سريت کانئس ڦري ڪسبياڻي ٿي، ۽ هن وٽان ڀڄي بيت لحم يهوداہ ڏانهن، پنهنجي پيءُ جي گهر هلي ويئي، ۽ اُتي چار مهينا وڃي رهي.</verse>
				<verse number="3">۽ هن جو مڙس اُٿيو، ۽ اُتي ويو تہ هن کي پرچائي موٽائي وٺي اچي، ۽ هو پاڻ سان پنهنجو نوڪر، ۽ ٻہ گڏهہ بہ وٺي ويو: ۽ انهيءَ زال هن کي پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ آندو، ۽ جڏهن انهيءَ ڇوڪريءَ جي پيءُ هن کي ڏٺو تڏهن هن سان ملاقات ڪرڻ ڪري ڏاڍو خوش ٿيو.</verse>
				<verse number="4">۽ هن جي سهري، يعني انهيءَ ڇوڪريءَ جي پيءُ هن کي رهائي ڇڏيو؛ ۽ هو هن وٽ ٽي ڏينهن رهيو: انهيءَ طرح اُتي هنن کاڌو پيتو ۽ ٽڪي پيا.</verse>
				<verse number="5">۽ چوٿين ڏينهن هيئن ٿيو تہ صبح جو سوير هو اُٿيا، ۽ هو موڪلائي وڃڻ لاءِ سنبريو، تڏهن ڇوڪريءَ جي پيءُ پنهنجي ناٺيءَ کي چيو تہ ماني ٽڪر کائي پنهنجي دل کي آرام ڏي، ۽ پوءِ ڀلي پنهنجو رستو وٺي هليو وڃج.</verse>
				<verse number="6">تڏهن هو ٻئي ڄڻا ويهي رهيا، ۽ گڏجي کاڌائون پيتائون. پوءِ ڇوڪريءَ جي پيءُ هن کي چيو تہ هاڻي راضي ٿي رات رهي پنهنجي دل کي خوش ڪر.</verse>
				<verse number="7">۽ هو ماڻهو وڃڻ لاءِ تيار ٿيو، پر سندس سهري زور لاتس تنهنڪري هو وري ٽڪي پيو.</verse>
				<verse number="8">۽ پنجين ڏينهن صبح جو سوير هو وڃڻ لاءِ سنبريو؛ تڏهن ڇوڪريءَ جي پيءُ چيس تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي دل کي آرام ڏي، ۽ جيستائين ڏينهن لڙي تيستائين ترسي پئُہ: پوءِ هنن ٻنهي گڏجي ماني کاڌي.</verse>
				<verse number="9">۽ جڏهن اُهو ماڻهو ۽ سندس سريت ۽ سندس نوڪر اُٿي هلڻ لڳا، تڏهن هن جي سهري، يعني ڇوڪريءَ جي پيءُ، هن کي چيو تہ ڏس، هاڻي ڏينهن لهندو وڃي، تون هتي رات ٽڪي پئُہ تہ تنهنجي دل خوش ٿئي، ڇالاءِ جو ڏس تہ ڏينهن لهڻ تي آهي؛ ۽ سڀاڻي سوير اُٿي پنڌ پئجانءِ تہ پنهنجي گهر وڃين.</verse>
				<verse number="10">پر انهيءَ ماڻهو اُها رات اُتي ٽڪڻ جي نہ ڪئي، ۽ اُٿي هليو، ۽ يبوس جي سامهون آيو (جو يروشلم آهي): ۽ هن سان ٻہ گڏهہ زين پيل هئا؛ ۽ سندس سريت بہ ساڻس هئي.</verse>
				<verse number="11">جڏهن هو يبوس جي ڀرسان ويا تڏهن ڏينهن گهڻو گذري ويو هو: ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ کي چيو تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ اسين هلي رات يبوسين جي هن شهر ۾ ٽڪون.</verse>
				<verse number="12">۽ هن جي مالڪ هن کي چيو تہ اسين ڌارين جي شهر ۾ ڪين ٽڪنداسين، جي بني اسرائيل مان ناهن؛ پر اسين لنگهي جبعہ ۾ هلنداسين.</verse>
				<verse number="13">تڏهن هن پنهنجي نوڪر کي چيو تہ اچ تہ هنن جاين مان هڪڙيءَ ڏانهن هلون؛ ۽ اسين جبعہ يا رامہ ۾ ٽڪي پونداسين.</verse>
				<verse number="14">تڏهن هو اڳتي پنهنجو رستو وٺي هليا؛ ۽ جبعہ جي ويجهو هنن کي سج لهي ويو، ۽ اهو شهر بنيمين جو هو.</verse>
				<verse number="15">۽ اُتي هو ڦريا تہ جبعہ ۾ وڃي ٽڪن: ۽ هو اندر ويو ۽ شهر جي رستي تي ويهي رهيو: ڇالاءِ جو اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونہ هو جو هنن کي پنهنجي گهر وٺي وڃي.</verse>
				<verse number="16">۽ ڏسو، هڪڙو ڪراڙو مرد شام جو ٻنيءَ مان ڪم ڪري موٽيو پئي آيو؛ هاڻي اُهو ماڻهو افرائيم جي ڪوهستان جو هو، ۽ جبعہ ۾ رهندو هو: پر انهيءَ شهر جا ماڻهو بنيميني هئا.</verse>
				<verse number="17">۽ هن نهاريو ۽ انهيءَ مسافر کي شهر جي رستي تي ڏٺائين؛ ۽ انهيءَ پير مرد چيس تہ تون ڪٿان ٿو اچين ۽ ڪيڏانهن ٿو وڃين؟</verse>
				<verse number="18">تڏهن هن چيس تہ اسين بيت لحم يهوداہ کان لنگهي افرائيم جي ڪوهستان جي پرئين پاسي ٿا وڃون: آءٌ اچان بہ اُتان ٿو، ۽ بيت لحم يهوداہ ڏانهن ويو هوس: ۽ آءٌ هاڻي خداوند جي گهر ڏانهن ٿو وڃان؛ ۽ اهڙو ڪو ماڻهو ڪونهي جو مون کي پنهنجي گهر ۾ وٺي هلي.</verse>
				<verse number="19">اسان کي پنهنجي گڏهن لاءِ گاهہ داڻو اڃا موجود آهي؛ ۽ منهنجي لاءِ ۽ تنهنجي ٻانهيءَ لاءِ، ۽ ٻيو جيڪو جوان تنهنجي ٻانهن سان آهي، تن جي لاءِ اسان وٽ ماني ۽ شراب موجود آهي؛ ڪنهن بہ شيءِ جي گهرج ڪانهي.</verse>
				<verse number="20">تڏهن هن پير مرد چيس تہ شل تون سلامت رهين، پر ڀلي جيڪي توکي گهرجي سو مون تي هجي؛ رڳو ايترو ڪر جو رستي تي نہ ٽڪ.</verse>
				<verse number="21">پوءِ هو انهن کي پنهنجي گهر وٺي ويو، ۽ گڏهن کي چارو ڏنائين؛ ۽ هنن پنهنجا پير ڌوتا، ۽ کاڌائون پيتائون.</verse>
				<verse number="22">هنن پنهنجيون دليون خوش ويٺي ڪيون تہ اوچتو شهر جا ماڻهو، ڪي شيطان زادا، گهر کي چوڌاري وڪوڙي ويا، ۽ در کڙڪائڻ لڳا؛ ۽ گهر جي مالڪ، يعني انهيءَ پير مرد کي چوڻ لڳا، تہ جيڪو ماڻهو تنهنجي گهر ۾ آيو، تنهن کي ڪڍي اچ تہ اسين انهي جي خبر لهون.</verse>
				<verse number="23">۽ اُهو پير مرد گهر جو مالڪ ٻاهر نڪري هنن وٽ ويو، ۽ هنن کي چوڻ لڳو تہ نہ، اي منهنجا ڀائرو، آءٌ منٿ ٿو ڪريان، تہ اهڙو خراب ڪم متان ڪريو؛ جڏهن هو ماڻهو منهنجي گهر ۾ آيو آهي، تڏهن اهڙي بي عقلي متان ڪريو.</verse>
				<verse number="24">ڏسو، منهنجي ڪنواري ڌيءَ، ۽ هن جي سريت ٻئي حاضر آهن؛ انهن کي آءٌ ٻاهر وٺي ٿو اچان، اوهين هنن کي بي آبرو ڪريو، ۽ جيڪي اوهان کي مناسب نظر اچي سو ساڻن ڪريو: پر هن شخص سان اهڙو بي عقليءَ جو ڪم متان ڪريو.</verse>
				<verse number="25">پر هنن ماڻهن هن جي ڳالهہ نہ مڃي: تڏهن هن پنهنجي سريت هنن وٽ آندي؛ ۽ هنن انهي سان صحبت ڪئي، ۽ سڄي رات صبح تائين انهيءَ سان بڇڙي هلت ڪيائون: ۽ جڏهن پرهہ ڦٽڻ لڳي تڏهن هنن ڇڏي ڏنس.</verse>
				<verse number="26">تڏهن اُها زال پرهہ ڦٽيءَ مهل آئي، ۽ جنهن ماڻهوءَ جي گهر سندس مڙس رهيل هو، تنهن جي در تي ڪري پيئي، جيستائين ڪ سوجهرو ٿيو.</verse>
				<verse number="27">۽ هن جو مڙس صبح جو اُٿيو، ۽ گهر جا در پٽيائين، تہ پنهنجو رستو وٺي وڃي: ۽ ڏسو، اُها زال هن جي سريت پنهنجا هٿ گهر جي در جي چانئٺ تي رکي ڪري پئي هئي.</verse>
				<verse number="28">۽ هن چيس تہ اُٿ تہ هلون؛ پر جواب ڏيڻ وارو ڪو ڪونہ هو: تڏهن هن انهي کي کڻي گڏهہ تي رکيو، ۽ اُهو ماڻهو اُٿي پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو.</verse>
				<verse number="29">۽ جڏهن هو پنهنجي گهر آيو تڏهن، هڪڙو ڪپ کڻي هن پنهنجي سريت کي ڪپي عضوو عضوو ڌار ڪري، ان جا ٻارهن ٽڪر ڪيائين، ۽ اُهي اسرائيل جي سڀني سرحدن ڏانهن موڪليائين.</verse>
				<verse number="30">۽ هيئن ٿيو تہ جن انهي کي ٿي ڏٺو، تن سڀني ٿي چيو تہ جنهن ڏينهن کان بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪري آيا، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، اهڙو ڪم نہ ڪيو ويو نہ ڏٺو ويو آهي: ويچار ڪريو ۽ انهيءَ بابت صلاح مشورو ڪريو، ۽ ٻڌايو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="20">
				<verse number="1">تڏهن سڀ بني اسرائيل هڪ دل ٿي ٻاهر نڪتا، ۽ جماعت جلعاد ۽ دان کان وٺي بيرسبع تائين، مصفاہ ۾، خداوند جي لاءِ گڏ ٿي،</verse>
				<verse number="2">۽ سڄي قوم جا سردار، ۽ اسرائيل جي سڀني فرقن جا ماڻهو، جي خدا جي قوم جي جماعت ۾ اچي حاضر ٿيا، سي چار لک پيادا هئا، جن ترار ٿي کنئي.</verse>
				<verse number="3">(هاڻي بني بنيمين ٻڌو تہ بني اسرائيل مصفاہ ۾ آيا آهن). ۽ بني اسرائيل چيو تہ اسان کي ٻڌايو تہ هي خراب ڪم ڪيئن ٿيڻ ۾ آيو؟</verse>
				<verse number="4">۽ جيڪا زال ماري ويئي هئي، تنهن جي مڙس لاويءَ ورندي ڏيئي چيو تہ آءٌ پنهنجي سريت سميت بنيمين واري جبعہ ۾ آيس تہ اُتي رات ٽڪون.</verse>
				<verse number="5">جبعہ جا ماڻهو مون تي ڪاهي آيا، ۽ رات جو گهر جي چوڌاري مون کي وڪوڙي ويا؛ هنن منهنجي مارڻ جو خيال ڪيو، ۽ منهنجي سريت سان هنن زور زبردستي ڪئي، ۽ هوءَ مري ويئي.</verse>
				<verse number="6">۽ پوءِ مون پنهنجي سريت کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪيو، ۽ اُهي اسرائيل جي سڄي موروثي ملڪ ۾ موڪلي ڏنم: ڇالاءِ جو هنن اسرائيل ۾ برائي ۽ احمق پڻو ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="7">اي اسرائيليو ڏسو، اوهين سڀ هتي پنهنجي صلاح، ۽ فيصلو ڏيو.</verse>
				<verse number="8">تڏهن سڀ ماڻهو متفق ٿي اُٿيا، ۽ چوڻ لڳا تہ اسان مان ڪوبہ پنهنجي تنبوءَ ۾ نہ ويندو، نڪي اسان مان ڪوبہ پنهنجي گهر ڏانهن منهن ڪندو.</verse>
				<verse number="9">هاڻي اسين جبعہ سان هيئن ڪنداسين، اسين ڪڻا وجهي انهن تي ڪاهي وينداسين؛</verse>
				<verse number="10">۽ اسين اسرائيل جي سڀني فرقن مان، هر ڪنهن سؤ مان ڏهہ ماڻهو وٺنداسين، ۽ هر ڪنهن هزار مان هڪ سؤ، ۽ ڏهن هزارن مان هڪ هزار وٺنداسين، تہ قوم لاءِ کاڌو آڻين، ۽ جڏهن بنيمين واري جبعہ ۾ اچن تڏهن جيڪو احمق پڻو هنن اسرائيل ۾ ڪيو آهي، انهيءَ موجب هنن سان ڪن.</verse>
				<verse number="11">پوءِ سڀ اسرائيل جا ماڻهو متفق ٿي انهيءَ شهر تي ڪاهڻ لاءِ گڏ ٿيا.</verse>
				<verse number="12">۽ اسرائيل جي فرقن بنيمين جي سڄي فرقي ڏانهن ماڻهو موڪليا ۽ چوايائون تہ هي ڪهڙو خراب ڪم آهي جو اوهان ۾ ٿي چڪو آهي؟</verse>
				<verse number="13">تنهنڪري هاڻي انهن شيطان زادن کي، جي جبعہ ۾ آهن، اسان جي حوالي ڪريو، تہ اسين انهن کي قتل ڪريون، ۽ اسرائيل مان خرابي ڪڍي ڇڏيون، پر بني بنيمين پنهنجن ڀائرن بني اسرائيل جي ڳالهہ نہ مڃي.</verse>
				<verse number="14">۽ بني بنيمين شهر مان اچي جبعہ ۾ گڏ ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ بني اسرائيل سان جنگ ڪن.</verse>
				<verse number="15">۽ انهيءَ ڏينهن بني بنيمين شهرن منجهان ڇويهہ هزار ماڻهو گڏ ڪيا، جن ترار ٿي کنئي، ۽ انهن کان سواءِ جبعہ جا رهاڪو هئا، جي شمار ۾ ست سؤ چونڊيل ماڻهو هئا.</verse>
				<verse number="16">انهن سڀني مان ست سؤ چونڊيل ماڻهو کاٻڙيا هئا؛ انهن مان هڪڙو هڪڙو اهڙو هو جو کانڀاڻيءَ سان وار جهڙي سنهي شيءِ تي بہ پٿر اُڇلائي نشان چُٽي سگهندو هو، ۽ گسندو ڪين هو.</verse>
				<verse number="17">۽ بنيمين جي مقابلي ۾ اسرائيل جا ماڻهو شمار ۾ چار لک جوان هئا، جن ترار ٿي کنئي؛ اهي سڀ جنگي پهلوان هئا.</verse>
				<verse number="18">۽ بني اسرائيل اُٿيا ۽ بيت ايل ڏانهن ويا، ۽ خدا جي صلاح پڇيائون؛ ۽ هنن چيو تہ بني بنيمين سان وڙهڻ لاءِ اسان مان پهرين ڪير ڪاهي وڃي؟ ۽ خداوند چيو تہ يهوداہ پهرين وڃي.</verse>
				<verse number="19">۽ بني اسرائيل صبح جو اُٿيا، ۽ جبعہ جي سامهون اچي منزل ڪيائون.</verse>
				<verse number="20">۽ اسرائيل جا ماڻهو بنيمين سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري ويا، ۽ اسرائيل جا ماڻهو جبعہ ۽ انهن جي سامهون صفون ٻڌي جنگ لاءِ بيهي رهيا.</verse>
				<verse number="21">۽ بني بنيمين جبعہ مان نڪري آيا، ۽ انهيءَ ڏينهن اسرائيل مان ٻاويهہ هزار ماڻهو ماري ناس ڪري زمين تي ڪيرائي وڌائون.</verse>
				<verse number="22">تڏهن اسرائيل جا ماڻهو پاڻ کي همتائي، جنهن هنڌ پهرئين ڏينهن صفون ٻڌي بيٺا هئا، انهيءَ هنڌ وري بہ جنگ لاءِ تيار ٿي بيٺا.</verse>
				<verse number="23">(۽ بني اسرائيل وڃي شام تائين خداوند جي اڳيان رنو؛ ۽ هنن خداوند کان پڇيو ۽ چيائون تہ اسين پنهنجن ڀائرن بني بنيمين سان جنگ ڪرڻ لاءِ وري کين ويجها وڃون يا نہ؟ ۽ خداوند چيو تہ ڀلي هنن تي ڪاهي وڃو).</verse>
				<verse number="24">۽ ٻئي ڏينهن بني اسرائيل بني بنيمين سان وڙهڻ لاءِ هنن کي ويجهو ويا.</verse>
				<verse number="25">۽ انهيءَ ٻئي ڏينهن بني بنيمين جبعہ مان نڪري هنن تي ڪاهي آيا، ۽ وري بہ بني اسرائيل جا ارڙهن هزار ماڻهو ماري زمين تي ڪيرائي وڌائون؛ انهن سڀني ترار کنئي هئي.</verse>
				<verse number="26">تڏهن سڀ بني اسرائيل، بلڪ سڀ ماڻهو بيت ايل ۾ آيا، ۽ رنائون، ۽ اُتي خداوند جي اڳيان ويٺا، ۽ اُهو ڏينهن شام تائين روزو رکيائون؛ ۽ سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون، خدا جي اڳيان چاڙهيائون.</verse>
				<verse number="27">۽ بني اسرائيل خداوند کان پڇيو، (ڇالاءِ جو خداوند جي عهدنامي جي صندوق انهن ڏينهن ۾ اُتي هئي،</verse>
				<verse number="28">۽ فينحاس، بن اليعزر، بن هارون، انهن ڏينهن ڏينهن ۾ انهيءَ جي اڳيان بيهندو هو) ۽ چيائين تہ آءٌ وري بہ پنهنجي ڀاءُ بني بنيمين سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃان يا بس ڪري ويهي رهان؟ ۽ خداوند چيو تہ وڃ؛ ڇالاءِ جو سڀاڻي آءٌ هن کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيندس.</verse>
				<verse number="29">۽ اسرائيل جبعہ جي چوڌاري ماڻهو لڪائي بيهاري ڇڏيا.</verse>
				<verse number="30">۽ ٽئين ڏينهن بني اسرائيل بني بنيمين تي ڪاهي ويا، ۽ اڳين ڀيرن وانگر صفون ٻڌي جبعہ جي سامهون بيهي ويا.</verse>
				<verse number="31">۽ بني بنيمين انهن تي ڪاهي آيا، ۽ شهر کان پري نڪري ويا؛ ۽ ٻين وقتن وانگر انهن ماڻهن کي شاهي رستن تي، جن مان هڪڙو بيت ايل ڏانهن ٿي ويو، ۽ ٻيو جبعہ ڏانهن، ميدان ۾ شڪست ڏيڻ، ۽ مارڻ شروع ڪيائون؛ ۽ اسرائيل جا اٽڪل ٽيهہ ماڻهو ماري ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="32">۽ بني بنيمين چيو تہ هو اڳي وانگر اسان جي اڳيان مارجي ويا، پر بني اسرائيل چيو تہ اچو تہ ڀڄون ۽ هنن کي شهر مان ڪڍي شاهي رستن تي آڻيون.</verse>
				<verse number="33">۽ اسرائيل جا سڀ ماڻهو پنهنجي جاءِ تان اُٿيا، ۽ بعل تمر وٽ صفون ٻڌي بيٺا: ۽ اسرائيل جا لڪي بيٺل ماڻهو پنهنجي جاءِ تان، يعني معري جبعہ مان نڪري ٻاهر ٿيا.</verse>
				<verse number="34">۽ ساري اسرائيل مان ڏهہ هزار چونڊيل ماڻهو جبعہ تي ڪاهي آيا، ۽ ڏاڍي سخت جنگ لڳي: پر هنن کي اها خبر ڪانہ هئي تہ مصيبت ستت مٿان اچڻي آهي.</verse>
				<verse number="35">۽ خداوند بنيمين کي اسرائيل جي اڳيان شڪست ڏني: انهيءَ ڏينهن بنيمين جا پنجويهہ هزار هڪ سؤ ماڻهو بني اسرائيل ماري ناس ڪيا: انهن سڀني ترار کنئي هئي.</verse>
				<verse number="36">انهيءَ طرح بني بنيمين ڏٺو تہ شڪست کاڌي اٿن: ڇالاءِ جو اسرائيل جا ماڻهو بنيمين جي اڳيان اُٿي ڀڳا هئا، ڇو جو سندن ڀروسو انهن ماڻهن تي هو جي جبعہ وٽ لڪائي ويهاريا هئائون.</verse>
				<verse number="37">۽ انهن لڪي ويٺل ماڻهن جلدي ڪري جبعہ تي حملو ڪيو؛ ۽ اهي لڪي ويٺل نڪري ٻاهر ٿيا، ۽ سڄي شهر کي ترار جي ڌار سان ماريائون.</verse>
				<verse number="38">هاڻي اسرائيل جي ماڻهن، ۽ لڪي ويٺل ماڻهن جي وچ ۾ اها نشاني مقرر ڪئي ويئي هئي تہ هو شهر مان دونهين جو وڏو ڪڪر مٿي چاڙهين.</verse>
				<verse number="39">۽ اسرائيل جي ماڻهن جنگ ۾ پٺ ڏني، ۽ بنيمين اسرائيل جي ماڻهن کي مارڻ لڳا، ۽ اٽڪل ٽيهہ ماڻهو ماريائون: ڇالاءِ جو هنن چيو تہ پهرين وانگر هن ڀيري بہ هنن اسان جي اڳيان شڪست کاڌي آهي.</verse>
				<verse number="40">پر جڏهن شهر مان دونهين جو ٿنڀ مٿي چڙهڻ لڳو، تڏهن بنيمين پٺيان نهاريو ۽ ڏسن تہ سڄي شهر مان دونهون آسمان تائين پيو چڙهي.</verse>
				<verse number="41">تڏهن اسرائيل جي ماڻهن موٽي بنيمين جي ماڻهن کي حيران پريشان ڪيو: ڇالاءِ جو هنن ڏٺو تہ مصيبت اچي مٿان ڪڙڪي آهي.</verse>
				<verse number="42">تنهنڪري هو اسرائيل جي ماڻهن جي اڳيان پٺ ورائي بيابان جو رستو ڏيئي اُٿي ڀڳا؛ پر سندن پٺيان سخت لڙائي لڳي آئي؛ ۽ جيڪي شهرن مان نڪري آيا هئا، تن هنن کي پنهنجي وچ ۾ ماري ناس ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="43">هو بنيمين کي چوڌاري ڦري آيا ۽ هنن جي پٺيان پيا، ۽ اُلهندي ۾ جبعہ جي سامهون سندن لشڪرگاهہ ۾ کين لتاڙي ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="44">۽ بنيمين مان ارڙهن هزار ماڻهو مئا؛ اُهي سڀ همت وارا بهادر مرد هئا.</verse>
				<verse number="45">۽ هو بيابان ڏانهن منهن ڪري رمون جي ٽڪر ڏانهن ڀڳا: ۽ شاهي رستن تان هنن پنج هزار ماڻهو گڏ ڪيا، ۽ جدوم تائين هنن کي سوڙها پوندا ڀڄائيندا ويا، ۽ انهن مان ٻہ هزار ماڻهو ماري وڌائون.</verse>
				<verse number="46">انهيءَ طرح بنيمين جا جيڪي ماڻهو انهي ڏينهن مئا سي پنجويهہ هزار ترار کڻندڙ ماڻهو هئا؛ اُهي سڀ همت وارا پهلوان هئا.</verse>
				<verse number="47">پر ڇهہ سؤ ماڻهو منهن ڦيرائي بيابان ڏي رمون جي ٽڪر تي ڀڄي ويا، ۽ رمون جي ٽڪر تي چار مهينا رهي پيا.</verse>
				<verse number="48">پوءِ اسرائيل جا ماڻهو وري بنيمين تي ڪاهي آيا، ۽ سڄي شهر کي، ۽ سموري چوپائي مال کي، ۽ ٻيو جيڪي اُتي لڌائون، تنهن کي ترار جي ڌار سان ماريائون، تنهن کان سواءِ جيڪي شهر ڏٺائون سي بہ باهہ ڏيئي ساڙيائون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="21">
				<verse number="1">هاڻي اسرائيل جي ماڻهن مصفاہ ۾ قسم کڻي چيو هو تہ انهن مان ڪوبہ پنهنجي ڌيءَ بني بنيمين کي پرڻائي نہ ڏيندو.</verse>
				<verse number="2">۽ اُهي ماڻهو بيت ايل ۾ آيا، ۽ شام تائين خدا جي اڳيان ويٺا رهيا، ۽ دانهون ڪري زاروزار رنائون.</verse>
				<verse number="3">۽ چيائون تہ اي خداوند، اسرائيل جا خدا، اسرائيل ۾ ائين ڇو ٿيو آهي، جو اڄ بني اسرائيل مان هڪڙو فرقو گهٽ ٿي ويو آهي؟</verse>
				<verse number="4">۽ صبح جو هيئن ٿيو تہ ماڻهو سوير اُٿيا ۽ اُتي هڪڙي قربانگاهہ جوڙيائون، ۽ انهيءَ تي سوختني قربانيون چاڙهيائون.</verse>
				<verse number="5">۽ بني اسرائيل چيو تہ اسرائيل جي سڀني فرقن مان اُهو ڪير آهي جو خداوند جي جماعت ۾ نہ آيو آهي؟ ڇالاءِ جو مصفاہ ۾ خداوند جي حضور ۾ نہ اچڻ واري جي نسبت ۾ هنن وڏو قسم کنيو هو، ۽ چيو هئائون تہ اهڙو ماڻهو ضرور قتل ڪيو وڃي.</verse>
				<verse number="6">۽ بني اسرائيل پنهنجي ڀائرن بني بنيمين جي لاءِ پشيمان ٿيا، ۽ چيائون تہ اڄ هڪڙو فرقو اسرائيل مان وڍجي ويو آهي.</verse>
				<verse number="7">۽ جيڪي بچيا آهن تن جي لاءِ زالن بابت اسين ڪيئن ڪريون، ڇالاءِ جو اسان خداوند جو قسم کنيو آهي تہ اسين پنهنجون ڌيون هنن کي پرڻائي نہ ڏينداسين؟</verse>
				<verse number="8">تڏهن هنن چيو تہ اسرائيل جي فرقن مان ڪهڙو آهي جو خداوند جي حضور ۾ نہ آيو؟ ۽ ڏسو يبيس جلعاد مان ڪوبہ جماعت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ لشڪرگاهہ ۾ نہ آيو هو.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو جڏهن ماڻهن جو شمار ڪيو ويو تڏهن ڏسو، يبيس جلعاد جي رهاڪن مان ڪوبہ اُتي ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="10">۽ جماعت اوڏانهن ٻارهن هزار نهايت بهادر ماڻهو موڪليا ۽ انهن کي حڪم ڏيئي چيائون تہ وڃي يبيس جلعاد جي رهاڪن کي، زالن ۽ ٻارن سميت، ترار جي ڌار سان ماريو.</verse>
				<verse number="11">۽ اوهين هي ڪم ڪجو، سڀ ڪنهن مرد کي، ۽ سڀڪا زال جا مڙس سان سمهي هجي، تن کي اصل ماري چٽ ڪري ڇڏجو.</verse>
				<verse number="12">۽ هنن يبيس جلعاد جي رهاڪن مان چار سؤ جوان ڪنواريون زالون لڌيون، جي مڙس سان نہ سمهيون هيون: ۽ انهن کي هو سيلا جي لشڪرگاهہ ۾ وٺي آيا، جو ڪنعان جي ملڪ ۾ آهي.</verse>
				<verse number="13">پوءِ سڄيءَ جماعت رمون جي ٽڪر وارن، بني بنيمين کي صلح سلامتيءَ جو پيغام موڪليو.</verse>
				<verse number="14">تڏهن بني بنيمين موٽي آيا، ۽ هنن اُهي زالون کين ڏنيون جي يبيس جي زالن مان جيئريون بچايون هئائون؛ انهيءَ هوندي بہ اُهي پوريون نہ پيون.</verse>
				<verse number="15">۽ ماڻهو بنيمين لاءِ پشيمان ٿيا، ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جي فرقن ۾ تفرقو وڌو هو.</verse>
				<verse number="16">تنهن کان پوءِ جماعت جي بزرگن چيو تہ جڏهن بنيمين جون زالون ماريون ويون آهن تڏهن باقي رهيل مردن جي زالن لاءِ ڇا ڪريون؟</verse>
				<verse number="17">تڏهن هنن چيو تہ بنيمين مان جيڪي بچيا آهن تن لاءِ ضرور ڪو ورثو هئڻ گهرجي، تہ اسرائيل مان هڪڙو فرقو اصل گم ٿي نہ وڃي.</verse>
				<verse number="18">انهيءَ هوندي بہ اسين هنن کي پنهنجون ڌيئرون پرڻائي نہ ڏينداسين: ڇالاءِ جو بني اسرائيل قسم کڻي چيو هو تہ لعنت هجي انهيءَ تي جو بنيمين کي ڪا زال ڏئي.</verse>
				<verse number="19">تڏهن هنن چيو تہ ڏسو، سال بسال سيلا ۾ خداوند جي عيد ٿي ٿئي، جو بيت ايل جي اُتر ڏانهن جيڪو شاهي رستو بيت ايل کان سڪم ڏانهن ٿو وڃي، تنهن جي اُڀرندي پاسي ۽ لبونہ جي ڏکڻ ڏانهن آهي.</verse>
				<verse number="20">۽ هنن بني بنيمين کي حڪم ڏيئي چيو تہ وڃو، ۽ ڊاک جي منهہ ۾ لڪي ويهي رهو؛</verse>
				<verse number="21">۽ چتائي ڏسو تہ جيڪڏهن سيلا جون ڇوڪريون ناچن ۾ نچڻ لاءِ نڪري اچن، تہ اوهين ڊاک جي منهہ مان نڪري اچجو، ۽ اوهان مان هرڪو انهن سيلا جي ڇوڪرين مان هڪڙي هڪڙي پنهنجي لاءِ زال ڪري کڻي؛ ۽ پوءِ اوهين بنيمين جي ملڪ ۾ وڃي نڪرجو.</verse>
				<verse number="22">۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن انهن جا ابا يا ڀائر اسان وٽ دانهن کڻي ايندا تڏهن اسين هنن کي چونداسين تہ اوهين مهرباني ڪري اُهي اسان کي ڏيو؛ ڇالاءِ جو جنگ ۾ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي لاءِ زال نہ ورتي؛ نڪي اوهان پاڻيهي اُهي اسان کي ڏنيون؛ ائين نہ ڪرڻ ڪري هينئر ڏوهہ اوهان جو آهي.</verse>
				<verse number="23">۽ بني بنيمين ائين ئي ڪيو، ۽ جيڪي زالون نچڻ لاءِ آيون هيون تن مان پنهنجي تعداد موجب پنهنجي لاءِ زالون هٿ ڪيائون، پوءِ هو موٽي پنهنجي موروثي ملڪ ۾ ويا، ۽ شهر ٻڌائون ۽ انهن ۾ رهڻ لڳا.</verse>
				<verse number="24">انهيءَ وقت بني اسرائيل اُتان روانا ٿيا، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي فرقي ۽ پنهنجي قبيلي ڏانهن ويو، ۽ اُتان وري هرڪو ماڻهو پنهنجي موروثي زمين ڏانهن ويو.</verse>
				<verse number="25">انهن ڏينهن ۾ اسرائيل منجهہ ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو؛ سڀڪو ماڻهو جيئن هن کي مناسب نظر ايندو هو تيئن ڪندو هو.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="8">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">جن ڏينهن ۾ قاضي انصاف ڪندا هئا تن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ انهي ملڪ ۾ ڏڪار پيو، ۽ بيت الحم يهوداہ جو هڪڙو ماڻهو، پنهنجي زال ۽ ٻن پٽن سميت موآب جي ملڪ ۾ وڃي رهڻ لڳو.</verse>
				<verse number="2">۽ انهيءَ ماڻهوءَ جو نالو اليملڪ هو، ۽ سندس زال جو نالو نعومي هو، ۽ سندس ٻن پٽن جا نالا محلون ۽ ڪليون هئا، جي بيت الحم يهوداہ جا افراتي هئا. ۽ هو موآب جي ملڪ ۾ آيا ۽ اُتي رهڻ لڳا.</verse>
				<verse number="3">۽ نعوميءَ جو مڙس اليملڪ مري ويو؛ ۽ هوءَ ۽ سندس ٻئي پٽ رهجي ويا.</verse>
				<verse number="4">۽ اُهي موآب جي زالن سان پرڻيا؛ هڪڙيءَ جو نالو عرفہ هو، ۽ ٻيءَ جو نالو روٿ: ۽ اُهي اُتي اٽڪل ڏهہ ورهيہ رهيا.</verse>
				<verse number="5">۽ محلون ۽ ڪليون ٻئي مري ويا، ۽ اُها زال پنهنجن ٻن پٽن ۽ پنهنجي مڙس کان سواءِ رهجي ويئي.</verse>
				<verse number="6">تڏهن هوءَ پنهنجن ننهن سان اُٿي تہ موآب جي ملڪ مان هلي وڃي، ڇالاءِ جو هن موآب جي ملڪ ۾ ٻڌو هو تہ خداوند پنهنجي قوم تي مهرباني ڪري انهن کي ماني ڏني آهي.</verse>
				<verse number="7">۽ جتي هوءَ هئي اُتان هوءَ پنهنجون ننهون ساڻ وٺي پنڌ پيئي، تہ يهوداہ جي ملڪ ۾ موٽي اچن.</verse>
				<verse number="8">۽ نعوميءَ پنهنجي ننهن کي چيو تہ وڃو، اوهان مان هرڪا پنهنجي پنهنجي ماءُ جي گهر وڃي: شل خداوند اوهان سان مهرباني ڪري، جيئن اوهان هنن فوتين سان، ۽ مون سان مهرباني ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="9">خدا شل ائين ڪري تہ اوهان منجهان هرڪا پنهنجي پنهنجي مڙس جي گهر ۾ سکي رهي. پوءِ هن انهن کي چُميو، ۽ هنن رڙيون ڪري رُنو.</verse>
				<verse number="10">۽ هنن انهيءَ کي چيو تہ نہ، اسين توسان گڏجي تنهنجي قوم ۾ هلنديونسين.</verse>
				<verse number="11">۽ نعوميءَ چيو تہ اي منهنجون ڌيئرون، موٽي پئو: ڇو مون سان هلڻ ٿيون گهرو؟ هن کان پوءِ آءٌ ڪي پٽ ڄڻينديس ڇا، جي اوهان جا مڙس ٿيندا؟</verse>
				<verse number="12">اي منهنجون ڌيئون، موٽي پئو، ۽ پنهنجي واٽ وٺي هليون وڃو؛ ڇالاءِ جو آءٌ ڪراڙي آهيان، ۽ مڙس ڪرڻ کان ٻاهر آهيان. قبول ڪجي تہ جيڪڏهن اڄوڪي رات کڻي مون کي مڙس هجي ها ۽ آءٌ اميد واري هجان ها، ۽ کڻي پٽ ئي ڄڻيان ها؛</verse>
				<verse number="13">تہ انهيءَ لاءِ اوهين ايترو ڪو ترسنديون جيستائين هو وڏا ٿين؟ تيستائين اوهين ڪو مڙس ڪرڻ کان رهنديون ڇا؟ نہ منهنجون ڌيئرون؛ مون کي اوهان جو ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي، ڇو جو خداوند جو هٿ منهنجي برخلاف کنيل آهي.</verse>
				<verse number="14">۽ هو وري بہ رڙيون ڪري روئڻ لڳيون: ۽ عرفہ پنهنجي سس کي چُميو؛ پر روٿ هن کي چهٽي پيئي.</verse>
				<verse number="15">۽ هن چيس تہ ڏس تنهنجي ڏيرياڻي پنهنجي قوم ڏانهن، ۽ پنهنجي معبود ڏانهن موٽي ويئي آهي، تون بہ پنهنجي ڏيرياڻيءَ جي پٺيان موٽي وڃ.</verse>
				<verse number="16">۽ روٿ چيو تہ مون کي منٿ نہ ڪر تہ توکي ڇڏي هلي وڃان ۽ تنهنجي پٺيان نہ هلان ۽ موٽي وڃان: ڇالاءِ جو جيڏانهن تون ويندينءَ اوڏانهن آءٌ بہ هلنديس؛ ۽ جتي تون رهندينءَ اُتي آءٌ بہ رهنديس: تنهنجي قوم منهنجي قوم ٿيندي، ۽ تنهنجو خدا منهنجو خدا ٿيندو:</verse>
				<verse number="17">جتي تون مرندينءَ اُتي آءٌ بہ مرنديس: جيڪڏهن موت کان سواءِ ڪا ٻي شيءِ توکي ۽ مون کي ڌار ڪري، تہ خداوند مون سان بہ ائين ڪري، بلڪ وڌيڪ.</verse>
				<verse number="18">۽ جڏهن هن ڏٺو تہ هن مون سان گڏ هلڻ لاءِ پڪو ارادو ڪيو آهي، تڏهن هن کي وڌيڪ چوڻ کان بس ڪيائين.</verse>
				<verse number="19">تڏهن هو ٻئي ڄڻيون اُٿي هليون ۽ بيت الحم ۾ آيون. تڏهن سڄو شهر اچي گڏ ٿيو، ۽ زالون چوڻ لڳيون تہ هيءَ نعومي نہ آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="20">۽ هن چين تہ مون کي نعومي نہ ڪوٺيو، مون کي مارہ ڪوٺيو: ڇالاءِ جو قادر مطلق مون سان ڏاڍي ڪَرڙي هلت ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="21">آءٌ ڀريل ٻاهر ويئي هيس، ۽ خداوند مون کي خالي موٽائي گهر آندو آهي: جڏهن ڏسو ٿيون تہ خداوند منهنجي برخلاف ثابتي ڏني آهي، ۽ قادر مطلق مون تي مصيبت وڌي آهي، تہ پوءِ مون کي نعومي ڇو ٿيون ڪوٺيو؟</verse>
				<verse number="22">انهيءَ طرح نعومي موٽي آئي، ۽ ساڻس گڏ سندس ننهن روٿ موآبي، ۽ اُهي بيت الحم ۾ جوَن جي فصل لهڻ واريءَ موسم جي شروع ۾، موآب جي ملڪ مان موٽي اچي پهتيون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">۽ نعوميءَ جي مڙس جو هڪڙو مائٽ، وڏو دولتمند شخص هو، ۽ اليملڪ جي قبيلي مان هو؛ ۽ انهيءَ جو نالو بوعز هو.</verse>
				<verse number="2">۽ روٿ موآبي نعوميءَ کي چيو تہ هاڻي مون کي ٻنيءَ ۾ وڃڻ ڏي تہ جيڪو مون تي مهرباني جي نظر ڪري تنهن جي پٺيان لڳي ان جا سنگ چونڊي گڏ ڪريان. تڏهن هن چيس تہ اي منهنجي ڌيءَ، ڀلي وڃ.</verse>
				<verse number="3">۽ هوءَ ويئي ۽ ٻنيءَ ۾ لاباري وجهڻ وارن جي پٺيان سنگ چونڊڻ لڳي: ۽ اتفاق سان ٻنيءَ جي انهيءَ حصي ۾ هن جو اچڻ ٿيو جو بوعز جو هو، جو اليملڪ جي قبيلي مان هو.</verse>
				<verse number="4">۽ ڏسو، بوعز بيت الحم مان آيو، ۽ لاباري وجهڻ وارن کي چيائين تہ خداوند شل اوهان سان هجي، ۽ هنن ورندي ڏني تہ خداوند شل توکي برڪت ڏي.</verse>
				<verse number="5">تڏهن بوعز انهن لاباري جي مٿان رکيل پنهنجي نوڪرن کي چيو تہ هيءَ ڪنهن جي ڇوڪري آهي؟</verse>
				<verse number="6">۽ اُهو نوڪر جو لاباري وارن تي رکيل هو، تنهن ورندي ڏيئي چيو تہ اها موآبڻ ڇوڪري آهي جا موآب جي ملڪ مان نعوميءَ سان گڏجي موٽي آئي آهي.</verse>
				<verse number="7">۽ هوءَ چوڻ لڳي تہ مهرباني ڪري گڏن ۾ لاباري ڪندڙن جي پٺيان مون کي سنگ چونڊي گڏ ڪرڻ جي موڪل ڏيو: پوءِ هوءَ آئي ۽ صبح کان وٺي هن وقت تائين پئي ڪم ڪيو اٿس، رڳو ٿورو وقت سو گهر ۾ ترسي آهي.</verse>
				<verse number="8">تڏهن بوعز روٿ کي چيو تہ اي منهنجي ڌيءَ ٻڌين ٿي؟ ٻي ڪنهن ٻنيءَ ۾ سنگ چونڊڻ نہ وڃج، نڪي هتان ڪنهن ٻئي پاسي لنگهي وڃج، پر هتي منهنجي نوڪرياڻين سان گڏ رهج.</verse>
				<verse number="9">تون ٻنيءَ تي نظرداري پيئي ڪج تہ هو لابارو ڪن، ۽ تون انهن جي پٺيان وڃج، مون هنن جوان مردن کي تاڪيد نہ ڪئي آهي ڇا تہ توکي هٿ نہ لائين؟ ۽ جڏهن توکي اُڃ لڳي تڏهن هنن باسڻن وٽ وڃي، ۽ جيڪو پاڻي منهنجي جوانن ڀريو هجي سو پيئج.</verse>
				<verse number="10">تڏهن هوءَ منهن ڀر زمين تي ڪنڌ جهڪائي هن کي چوڻ لڳي تہ جڏهن آءٌ ڌارين مان آهيان، تڏهن ڪهڙي سبب مون تنهنجي نظر ۾ مان لڌو آهي جو تون منهنجي ايتري خبر ٿو لهين؟</verse>
				<verse number="11">۽ بوعز هن کي ورندي ڏيئي چيو تہ جيڪي تو پنهنجي مڙس جي مئي کان پوءِ پنهنجي سس سان ڪيو سو سمورو مون کي ٻڌايو ويو آهي: ۽ ڪهڙيءَ طرح تو پنهنجو پيءُ ۽ ماءُ ۽ پنهنجو وطن ڇڏيو آهي، ۽ انهيءَ قوم ۾ آئي آهين جنهن کي تون اڳي نہ سڃاڻندي هئينءَ.</verse>
				<verse number="12">شل خداوند توکي تنهنجي ڪم جو اُجورو ڏئي، ۽ خداوند، اسرائيل جي خدا کان توکي پورو انعام ملي، جنهن جي کنڀن هيٺ تو اچي پناهہ ورتي آهي.</verse>
				<verse number="13">تڏهن هن چيو، تہ منهنجا سائين، ڀلي تہ تنهنجي نظر ۾ مون کي مان ملي، ڇالاءِ جو تو مون کي تسلي ڏني آهي، ۽ تو پنهنجي ٻانهيءَ سان مهربانيءَ سان ڳالهايو آهي، جيتوڻيڪ آءٌ تنهنجن ٻانهين مان هڪڙيءَ جو مٽ نہ آهيان.</verse>
				<verse number="14">۽ مانيءَ مهل بوعز چيس تہ هيڏانهن اچ ۽ ماني کاءُ، ۽ پنهنجو گرهہ سرڪي ۾ ٻوڙ. پوءِ هوءَ لاباري ڪرڻ وارن جي پاسي ۾ وڃي بيٺي: ۽ هنن ڦلا ڏنس، جي هن کاڌا ۽ پيٽ ڀريائين، ۽ ڪجهہ بچائي بہ رکيائين.</verse>
				<verse number="15">۽ جڏهن هوءَ سنگ گڏ ڪرڻ لاءِ اُٿي تڏهن بوعز پنهنجن جوانن کي حڪم ڏيئي چيو تہ هن کي گڏن منجهان بہ اَن گڏ ڪرڻ ڏيو، ۽ ڪجهہ بہ نہ چئوس.</verse>
				<verse number="16">۽ گڏن مان بہ ڪجهہ هن کي ڪيرائي ڇڏي ڏيو تہ انهن مان بہ اَن گڏ ڪري، ۽ اوهين ڪجهہ بہ نہ چئجوس.</verse>
				<verse number="17">انهيءَ طرح هن ٻنيءَ ۾ شام تائين اَن پئي گڏ ڪيو، ۽ جيڪي سنگ هن گڏ ڪيا هئا تن مان هن اَن سٽي ڪڍيو، جو جوَن جو اٽڪل هڪڙو ايفہ ٿيو.</verse>
				<verse number="18">۽ اُهو هوءَ کڻي شهر ۾ ويئي: ۽ جيڪي هن گڏ ڪيو هو سو سندس سس ڏٺو: ۽ پيٽ ڀرڻ کان پوءِ جيڪي باقي بچايو هئائين سو بہ ڪڍي آڻي ڏنائينس.</verse>
				<verse number="19">۽ سندس سس چيو تہ اڄ تو ڪٿي پئي سنگ گڏ ڪيا آهن؟ ۽ ڪٿي تو ڪم پئي ڪيو آهي؟ برڪت وارو هجي اُهو شخص جنهن تنهنجي خبر لڌي. ۽ هن پنهنجي سس کي ٻڌايو تہ اُهو ماڻهو ڪير هو جنهن وٽ ڪم پئي ڪيائين؛ ۽ چيائينس تہ انهي ماڻهو جو نالو بوعز آهي.</verse>
				<verse number="20">۽ نعوميءَ پنهنجي ننهن کي چيو تہ جنهن شخص جيئرن توڙي مُئن کان پنهنجي مهرباني روڪي نہ ڇڏي آهي تنهن کي خداوند شل برڪت وارو ڪري، ۽ نعوميءَ چيس تہ هن ماڻهوءَ جي اسان سان قرابت آهي، ۽ هو اسان جي ويجهن مائٽن مان آهي.</verse>
				<verse number="21">۽ روٿ موآبڻ چيو تہ هن مون کي چيو آهي تہ جيستائين منهنجا جوان ماڻهو منهنجو سڄو لاباري جو ڪم لاهين تيستائين تون انهن جي ويجهو رهج.</verse>
				<verse number="22">تڏهن نعوميءَ پنهنجي ننهن روٿ کي چيو تہ اي منهنجي ڌيءَ، ائين چڱو آهي تہ تون هن جي نوڪرياڻين سان ويندي رهہ، ۽ هو توکي ڪنهن ٻيءَ ٻنيءَ ۾ نہ ڏسن.</verse>
				<verse number="23">انهيءَ طرح هوءَ بوعز جي نوڪرياڻين سان سنگ گڏ ڪندي رهي، جيستائين جوَن ۽ ڪڻڪ جي لاباري جي موسم پوري نہ ٿي. ۽ هوءَ پنهنجي سس سان گڏ گذاريندي هئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">۽ سندس سس نعوميءَ چيس تہ اي منهنجي ڌيءَ، آءٌ تنهنجو سک نہ ڳوليان ڇا تہ تنهنجو ڀلو ٿئي؟</verse>
				<verse number="2">هاڻي بوعز، جنهن جي نوڪرياڻين سان تون هئينءَ، سو اسان جو مائٽ ناهي ڇا؟ ڏس اڄ رات هو ڳاهڻ واري پڙ ۾ جَوَ اُڏائي صاف ڪرڻ وارو آهي.</verse>
				<verse number="3">تنهنڪري تون وهنجي سهنجي، تيل مکي ڳاهڻ واري پڙ تي وڃ، پر پاڻ کي تيستائين نہ سڃاڻائج جيستائين هو کائي پي بس نہ ڪري.</verse>
				<verse number="4">۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو وڃي ليٽي تڏهن تون اُها جاءِ جاچي ڇڏج جتي هو ليٽڻ وارو هجي، ۽ تون اندر گهڙي وڃج ۽ سندس پيرن تان ڪپڙو لاهي ليٽي پئج، پوءِ هو پاڻيهي توکي چوندو تہ توکي ڇا ڪرڻو آهي.</verse>
				<verse number="5">۽ هن چيس تہ جيئن تون چوين ٿي تيئن آءٌ ڪنديس.</verse>
				<verse number="6">۽ هوءَ ڳاهڻ واري پڙ ڏانهن ويئي، ۽ سڀ جيڪي سسڻس چيو هوس تيئن ڪيائين.</verse>
				<verse number="7">۽ جڏهن بوعز کاڌو پيتو ۽ سندس دل خوش ٿي، تڏهن هو اَن جي ٻار جي پڇاڙيءَ وٽ وڃي ليٽي پيو: ۽ هوءَ بہ آهستي آهستي آئي ۽ هن جي پيرن تان ڪپڙو لاهي ليٽي پيئي.</verse>
				<verse number="8">۽ هيئن ٿيو جو آڌيءَ رات جو اُهو ماڻهو ڊنو، ۽ پنهنجو پاسو ورايائين: ۽ ڏسي تہ هڪڙي زال سندس پيرن وٽ ليٽي پيئي آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ هن چيو تہ تون ڪير آهين؟ تڏهن هن ورندي ڏني تہ آءٌ تنهنجي ٻانهي روٿ آهيان؛ تنهنڪري تون پنهنجي ٻانهيءَ جي مٿان پنهنجو دامن پکيڙي وجهہ؛ ڇالاءِ جو تون ويجهو مائٽ آهين.</verse>
				<verse number="10">۽ هن چيو تہ منهنجي ڌيءَ، خداوند توکي برڪت وارو ڪري: تو منڍ کان پڇاڙيءَ ۾ وڌيڪ مهرباني ڏيکاري آهي، جو تون غريب توڙي شاهوڪار جوانن جي پٺيان نہ ويئينءَ.</verse>
				<verse number="11">۽ هاڻي اي منهنجي ڌيءَ ڊڄ نہ؛ جيئن تون چوندينءَ تيئن آءٌ توسان ڪندس؛ ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي سڄي لشڪر کي خبر آهي تہ تون نيڪ زال آهين.</verse>
				<verse number="12">هاڻي اهو سچ آهي تہ آءٌ ويجهو مائٽ آهيان: پر مون کان بہ ويجهو ٻيو هڪڙو مائٽ آهي.</verse>
				<verse number="13">اڄوڪي رات رهہ، ۽ سڀاڻي صبح جو هيئن ٿيندو تہ جي انهيءَ توسان مائٽيءَ جو حق پوريءَ طرح ادا ڪرڻ گهريو، تہ ڀلي اُهو مائٽيءَ جو حق ادا ڪري: پر جي هن توسان مائٽيءَ جو حق ادا ڪرڻ نہ گهريو تہ پوءِ آءٌ جيئري خداوند جو قسم ٿو کڻان تہ آءٌ توسان مائٽيءَ جو حق ادا ڪندس: صبح تائين هتي ليٽي پيئي هج.</verse>
				<verse number="14">تڏهن هوءَ صبح تائين هن جي پيرن وٽ ليٽي پيئي: ۽ هو اهڙو سوير اُٿيو جو ماڻهو ماڻهوءَ کي سڃاڻي نہ سگهي، ڇالاءِ جو هن چيس تہ اها ڳالهہ ظاهر نہ ٿئي تہ ڪا زال ڳاهڻ واري پڙ تي آئي هئي.</verse>
				<verse number="15">۽ هن چيس تہ اها جيڪا چادر تنهنجي مٿان آهي سا کڻي اچي جهل؛ ۽ هن اُها آڻي جهلي: ۽ هن جوَن جا ڇهہ ماڻ ڀري مٿس رکيا: پوءِ هو شهر ڏانهن هليو ويو.</verse>
				<verse number="16">۽ جڏهن هوءَ پنهنجي سس وٽ آئي تڏهن هن چيس تہ منهنجي ڌيءَ، تنهنجو ڪهڙو حال آهي؟ ۽ هن جيڪي انهيءَ شخص ساڻس ڪيو سو سڀ بيان ڪري ٻڌايائينس.</verse>
				<verse number="17">۽ چيائينس تہ هي ڇهہ ماڻ جوَن جا بہ هن مون کي ڏنا؛ ڇالاءِ جو هن چيو تہ هٿين خالي پنهنجي سس وٽ نہ وڃ.</verse>
				<verse number="18">تڏهن هن چيو تہ اي منهنجي ڌيءَ، ماٺ ڪري ويهہ جيستائين توکي خبر پوي تہ ڳالهہ ڪيئن ٿي بيهي: ڇالاءِ جو جيستائين اهو شخص اڄ اهو ڪم پورو نہ ڪندو تيستائين آرام نہ وٺندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">هاڻي بوعز دروازي ڏانهن ويو، ۽ اُتي وڃي ويهي رهيو: ۽ ڏسو جنهن ويجهي مائٽ جو بوعز ذڪر ڪيو هو، سو اُتي اچي نڪتو؛ ۽ هن اُن کي چيو تہ اي فلاڻا هيڏانهن اچ ۽ اچي هتي ويهہ. ۽ هو آيو ۽ اچي ويٺو.</verse>
				<verse number="2">۽ هن شهر جي بزرگن مان ڏهہ ڄڻا ڪوٺيا ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين هتي ويهي رهو، ۽ هو ويهي رهيا.</verse>
				<verse number="3">تڏهن هن انهيءَ ويجهي مائٽ کي چيو تہ نعومي، جا موآب جي ملڪ مان موٽي آئي آهي، سا زمين جو اُهو حصو وڪڻي ٿي، جو اسان جي ڀاءُ اليملڪ جو هو:</verse>
				<verse number="4">۽ مون خيال ڪيو تہ اُها ڳالهہ توکي ظاهر ڪري ٻڌايان، ۽ چوان تہ هي جيڪي ويٺا آهن تن جي روبرو، ۽ منهنجي قوم جي بزرگن جي روبرو اُها خريد ڪر. جيڪڏهن تون اُها پئسا ڏيئي ڇڏائڻ گهرين تہ ڇڏاءِ: پر جي اُها ڇڏائڻ نہ گهرين تہ مون کي ٻڌاءِ تہ مون کي معلوم ٿئي: ڇالاءِ جو توکان سواءِ ٻيو ڪوبہ انهي جي وري خريد ڪرڻ وارو ڪونهي، ۽ آءٌ توکان پوءِ آهيان. ۽ هن چيو تہ آءٌ اُها وٺندس.</verse>
				<verse number="5">تڏهن بوعز چيو تہ جنهن ڏينهن تون اُها ٻني نعوميءَ جي هٿان خريد ڪري وٺندين، تنهن ڏينهن توکي اُها روٿ موآبڻ کان بہ خريد ڪرڻ کپي، جا هن فوتيءَ جي زال آهي. انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ فوتيءَ جو نالو سندس ميراث تي قائم ڪرين.</verse>
				<verse number="6">۽ انهيءَ ويجهي مائٽ چيو تہ آءٌ اُها پنهنجي لاءِ خريد ڪري نٿو سگهان، تہ متان آءٌ پنهنجي ميراث کي خراب ڪري ڇڏيان، منهنجو خريد ڪرڻ جو حق تون پاڻ وٺ؛ ڇالاءِ جو آءٌ نٿو خريد ڪري سگهان.</verse>
				<verse number="7">هاڻي اڳين زماني ۾ اسرائيل ۾ ڪنهن شيءِ جي وري خريد ڪرڻ ۽ مٽاسٽا ڪرڻ جي نسبت، ۽ سڀني ڳالهين جي بحال رکڻ لاءِ اها رسم هوندي هئي؛ تہ اُهو ماڻهو پنهنجي جتي لاهي پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڏيندو هو: ۽ اسرائيل ۾ تصديق ڪرڻ جو اهو دستور هوندو هو.</verse>
				<verse number="8">تڏهن هن ويجهي مائٽ بوعز کي چيو تہ تون اُها پنهنجي لاءِ خريد ڪر، ۽ هن پنهنجي جتي لاٿي.</verse>
				<verse number="9">۽ بوعز انهن بزرگن کي ۽ سڀني ماڻهن کي چيو تہ اليملڪ جي جيڪا بہ ملڪيت هئي، ۽ جيڪا بہ ڪيلون ۽ محلون جي هئي سا سڀ نعوميءَ جي هٿان مون خريد ڪئي آهي، ۽ ان جا اوهين اڄ شاهد آهيو.</verse>
				<verse number="10">تنهن کان سواءِ روٿ موآبڻ، محلون جي زال، مون خريد ڪئي آهي تہ انهيءَ کي پنهنجي زال ڪريان، ۽ فوتيءَ جو نالو انهي جي ميراث تي قائم ڪريان، تہ انهيءَ جو نالو سندس ڀائرن مان، ۽ سندس جاءِ جي دروازي تان ميٽجي نہ وڃي: اوهين اڄ شاهد آهيو.</verse>
				<verse number="11">۽ جيڪي ماڻهو دروازي وٽ حاضر هئا تن سڀني، ۽ انهن بزرگن چيو تہ اسين شاهد آهيون. جيڪا زال تنهنجي گهر ۾ آئي آهي تنهن کي خداوند شل راخل ۽ لياہ جهڙي ڪري، جن ٻنهي اسرائيل جو گهر آباد ڪيو: ۽ تون افراتہ ۾ لياقت سان هلت ڪر، ۽ بيت الحم ۾ نالو ڪڍ؛</verse>
				<verse number="12">ڀلي تہ تنهنجو گهر فارص جي گهر جهڙو ٿئي، جو تمر يهوداہ کي ڄڻي ڏنو، ۽ انهيءَ جهڙو نسل ٿئي جو خداوند توکي هن جوان زال مان ڏئي.</verse>
				<verse number="13">انهيءَ طرح بوعز روٿ ورتي ۽ اُها سندس زال ٿي؛ ۽ هن ساڻس صحبت ڪئي، ۽ خداوند انهيءَ کي پيٽ سان ڪيو، ۽ انهيءَ پٽ ڄڻيو.</verse>
				<verse number="14">۽ زالن نعوميءَ کي چيو تہ خداوند برڪت وارو آهي، جنهن اڄ توکي ويجهي مائٽ بنا ڇڏي نہ ڏنو، تنهنڪري ڀلي تہ انهيءَ جو نالو اسرائيل ۾ مشهور ٿئي.</verse>
				<verse number="15">۽ اُهو تنهنجي لاءِ حياتي نئين سر تازي ڪرڻ وارو، ۽ تنهنجي پيريءَ جو ڀرجهلو ٿيندو: ڇالاءِ جو تنهنجي ننهن، جنهن جي توسان محبت آهي، ۽ جا تنهنجي لاءِ ستن پٽن کان بہ چڱي آهي، تنهن اُنهيءَ کي ڄڻيو آهي.</verse>
				<verse number="16">۽ نعوميءَ ٻار کڻي پنهنجي گود ۾ رکيو ۽ انهيءَ کي پالڻ لڳي.</verse>
				<verse number="17">۽ سندس پاڙي وارين زالن انهيءَ جو نالو رکيو ۽ چيائون تہ نعوميءَ جي لاءِ پٽ ڄائو آهي؛ ۽ انهيءَ جو نالو هنن عوبيد رکيو: اُهو يسيءَ جو پيءُ آهي، جو وري دائود جو پيءُ آهي.</verse>
				<verse number="18">هاڻي فارص جون پيڙهيون هي آهن: فارص مان حصرون؛</verse>
				<verse number="19">۽ حصرون مان رام، ۽ رام مان عمينداب؛</verse>
				<verse number="20">۽ عمينداب مان نحسون پيدا ٿيو، ۽ نحسون مان سلمون پيدا ٿيو.</verse>
				<verse number="21">۽ سلمون مان بوعز پيدا ٿيو، ۽ بوعز مان عوبيد پيدا ٿيو؛</verse>
				<verse number="22">۽ عوبيد مان يسي پيدا ٿيو، ۽ يسيءَ مان دائود پيدا ٿيو.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="9">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">هاڻي افرائيم جي ڪوهستان ۾ راماتيم صوفيم جو هڪڙو ماڻهو هو، ۽ انهي جو نالو هو القانہ، بن يروحام، بن اليهو، بن توحو، بن صوف، جو افرائيمي هو.</verse>
				<verse number="2">۽ انهي کي ٻہ زالون هيون: هڪڙيءَ جو نالو حنہ هو ۽ ٻيءَ جو فننہ: ۽ فننہ کي اولاد هو، پر حنہ کي اولاد ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="3">۽ اهو ماڻهو سال بسال پنهنجي شهر مان نڪري لشڪرن جي خداوند جي حضور سجدي ڪرڻ، ۽ قرباني چاڙهڻ واسطي سيلا ۾ ويندو هو. ۽ عيليءَ جا ٻہ پٽ، حفني ۽ فينحاس، اُتي خداوند جا ڪاهن هوندا هئا.</verse>
				<verse number="4">۽ جڏهن القانہ جي قرباني چاڙهڻ جو ڏينهن ايندو هو تڏهن هو پنهنجي زال فننہ کي، ۽ پنهنجن سڀني پٽن، ۽ ڌيئن کي، حصا ڏيندو هو:</verse>
				<verse number="5">پر حنہ کي هو ٻيڻو حصو ڏيندو هو، ڇالاءِ جو حنہ سان هن جي محبت هئي؛ پر خداوند هن کي ٻار ڄڻڻ کان روڪي ڇڏيو هو.</verse>
				<verse number="6">۽ هن جي پهاڄ کيس ڏاڍو ستائيندي هئي، تہ ڀلي تہ هوءَ ڪنجهي ڪُرڪي، جو خداوند هن کي ٻار ڄڻڻ کان روڪي ڇڏيو هو.</verse>
				<verse number="7">۽ سال بسال جڏهن هوءَ خداوند جي گهر ڏي ويندي هئي تڏهن هن کي چيڙائيندي هئي: تنهنڪري هوءَ روئندي هئي، ۽ ماني ڪين کائيندي هئي.</verse>
				<verse number="8">۽ سندس مڙس القانہ کيس چيو تہ اي حنہ، تون ڇو ٿي روئين؟ ۽ ڇو ماني نٿي کائين؟ ۽ ڇو تنهنجي دل غمگين آهي؟ ۽ آءٌ تنهنجي لاءِ ڏهن پٽن کان بهتر ناهيان ڇا؟</verse>
				<verse number="9">هاڻي سيلا ۾ جڏهن هنن کائي بس ڪئي، تڏهن حنہ اُٿي، ۽ عيلي ڪاهن خداوند جي هيڪل جي دروازي واري ٿنڀ وٽ پنهنجي جاءِ تي ويٺو هو.</verse>
				<verse number="10">۽ هن ڏاڍي دل جي درد مان خداوند کان دعا گهري، ۽ زار زار رنائين.</verse>
				<verse number="11">۽ مڃتا مڃيائين ۽ چيائين، تہ اي لشڪرن جا خداوند، جيڪڏهن تون سچ پچ پنهنجي ٻانهيءَ جي مصيبت تي نظر ڪندين، ۽ مون کي ياد ڪندين، ۽ پنهنجي ٻانهيءَ کي وساري نہ ڇڏيندين، پر پنهنجي ٻانهيءَ کي هڪڙو پٽ ڏيندين، تہ انهي کي آءٌ سندس ساري ڄمار تائين خداوند جي لاءِ نذر ڪنديس، ۽ انهي جي مٿي تي اصل پاڪي نہ گهمندي.</verse>
				<verse number="12">۽ جڏهن هن خداوند جي حضور دعا پئي گهري، تڏهن عيلي هن جي وات ڏي نهاري ويٺي ڏٺو.</verse>
				<verse number="13">هاڻي حنہ تہ پنهنجيءَ دل ۾ پئي دعا گهري؛ فقط سندس چپ پئي چُريا، پر سندس آواز ٻڌڻ ۾ نٿي آيو: تنهنڪري عيليءَ سمجهيو تہ هوءَ نشي ۾ آهي.</verse>
				<verse number="14">تڏهن عيليءَ چيس تہ ڪيستائين تون نشي ۾ هوندينءَ؟ پنهنجو شراب پاڻ وٽان پري ڪري ڇڏ.</verse>
				<verse number="15">۽ حنہ ورندي ڏيئي چيو تہ نہ منهنجا سائين، آءٌ دل جي ڏکي زال آهيان: مون نڪو شراب پيتو آهي نڪا ٻي نشي واري شيءِ، پر مون خداوند سان پنهنجي اندر جو حال ٿي اوريو.</verse>
				<verse number="16">تون پنهنجي ٻانهيءَ کي خبيث نہ ڄاڻ: ڇالاءِ جو هيستائين مون پنهنجي ڏک ۽ رنج جي گهڻائيءَ کان پئي ڳالهايو آهي.</verse>
				<verse number="17">تڏهن عيليءَ ورندي ڏيئي چيو تہ سلامتيءَ سان وڃ: ۽ اسرائيل جي خدا کان جيڪا مراد گهري اٿيئي سا شل اُهو پورو ڪري.</verse>
				<verse number="18">۽ هن چيو تہ شل تنهنجي ٻانهي تنهنجي نظر ۾ مان لهي. پوءِ اُها زال پنهنجي واٽ وٺي هلي ويئي، ۽ وڃي ماني کاڌائين، ۽ انهي کان پوءِ هن جو چهرو غمگين نہ رهيو.</verse>
				<verse number="19">۽ هو صبح جو سوير اُٿي خداوند جي اڳيان سجدو ڪري، موٽي پنهنجي گهر رامہ ۾ آيا: ۽ القانہ پنهنجي زال حنہ سان صحبت ڪئي؛ ۽ خداوند هن کي ياد ڪيو.</verse>
				<verse number="20">۽ هيئن ٿيو تہ پوري وقت تي حنہ پيٽ سان ٿي، ۽ پٽ ڄڻيائين؛ ۽ هن انهي جو نالو سموئيل رکيو، ڇالاءِ جو چيائين تہ مون هن کي خداوند کان گهري ورتو آهي.</verse>
				<verse number="21">۽ اُهو ماڻهو القانہ، ۽ سندس گهر جا سڀ ڀاتي خداوند جي اڳيان سالياني قرباني چاڙهڻ لاءِ، ۽ نذر بجا آڻڻ لاءِ ويا.</verse>
				<verse number="22">پر حنہ اوڏانهن نہ ويئي؛ ڇالاءِ جو هن پنهنجي مڙس کي چيو تہ جيسين ڪ ٻار جو کير نہ ڇڏائينديس تيسين اوڏانهن ڪين وينديس؛ ۽ پوءِ آءٌ انهي کي آڻينديس تہ اُهو خداوند جي اڳيان حاضر ٿئي، ۽ هميشہ اُتي رهي.</verse>
				<verse number="23">۽ سندس مڙس القانہ چيس تہ جيئن توکي مناسب نظر اچي تيئن ڪر؛ ڀلي تيستائين ترس جيستائين تون هن جو کير نہ ڇڏائين؛ رڳو خداوند پنهنجو سخن سچو ڪري. انهي طرح اُها زال ترسي پيئي ۽ پنهنجي پٽ کي کير پياريندي رهي، جيسين ڪ انهي جو کير نہ ڇڏايائين.</verse>
				<verse number="24">۽ جڏهن هن انهي جو کير ڇڏايو تڏهن انهي کي پاڻ سان وٺي ويئي، ۽ ٽي ڍڳا، ۽ هڪڙو ايفہ ميدو، ۽ هڪڙي شراب جي کلي بہ کنيائين، ۽ انهي کي سيلا ۾ خداوند جي گهر ۾ آندائين: ۽ اُهو ٻار ننڍو هو.</verse>
				<verse number="25">۽ هنن هڪڙو ڍڳو ذبح ڪيو، ۽ ٻار کي عيليءَ وٽ آندائون.</verse>
				<verse number="26">۽ هن چيو تہ اي منهنجا سائين، آءٌ تنهنجي حياتيءَ جو قسم ٿي کڻان تہ آءٌ اُها ئي زال آهيان، جنهن هتي تنهنجي ڀر ۾ بيٺي خداوند کان دعا گهري.</verse>
				<verse number="27">اُها دعا هن ٻار جي لاءِ ٿي گهريم: ۽ خداوند کان جيڪا مراد مون گهري، سا هن پوري ڪئي آهي:</verse>
				<verse number="28">تنهنڪري مون بہ هن کي خداوند کي ڏيئي ڇڏيو آهي؛ جيسين ڪ هو جيئرو هوندو تيسين هو خداوند کي ڏنو ويو آهي، ۽ هن اُتي خداوند کي سجدو ڪيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">۽ حنہ دعا گهري، ۽ چيائين: تہ منهنجي دل خداوند ۾ نهايت خوش آهي، منهنجو سڱ خداوند ۾ مٿي ڪيل آهي: منهنجو وات منهنجن دشمنن تي ڪشادو آهي؛ ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي ڇوٽڪاري ۾ خوش آهيان.</verse>
				<verse number="2">خداوند جهڙو ٻيو ڪوبہ پاڪ ڪونهي، ڇالاءِ جو تو کانسواءِ ٻيو آهي ئي ڪونہ: ۽ اسان جي خدا جهڙي ٻي ڪا پناهہ ڪانهي.</verse>
				<verse number="3">ايتري گهڻي مغروريءَ سان وڌيڪ نہ ڳالهايو؛ پنهنجي وات مان گستاخي نڪرڻ نہ ڏيو: ڇالاءِ جو خداوند ئي علم جو خدا آهي، ۽ اُهو ئي عمل توريندڙ آهي.</verse>
				<verse number="4">زور وارن جون ڪمانون ڀڄي پيون آهن، ۽ جيڪي آٿڙيا ٿي تن جي چيلهہ طاقت ساڻ ٻڌل آهي.</verse>
				<verse number="5">جي ڍاول هئا سي مانيءَ جي لاءِ مزوري ڪمائڻ لڳا آهن؛ ۽ جي بکايل هئا، تن کي آرام آهي: هائو، سنڍ زال ست ڄڻيا آهن؛ ۽ جنهن زال کي گهڻا ٻار آهن، سا زبون ٿي ويئي آهي.</verse>
				<verse number="6">خداوند ماري ٿو ۽ جياري ٿو: اهو قبر ۾ لاهي ٿو ۽ انهيءَ مان ڪڍي ٿو.</verse>
				<verse number="7">خداوند مسڪين ڪري ٿو ۽ دولتمند ڪري ٿو، هو هيٺ لاهي ٿو ۽ هو مٿي بہ چاڙهي ٿو.</verse>
				<verse number="8">هو غريب کي مٽيءَ مان مٿي کڻي ٿو، هو محتاجن کي ڪچري جي ڍير تان مٿي کڻي وٺي ٿو. انهي لاءِ تہ هنن کي شهزادن سان گڏ ويهاري، ۽ جلال جو تخت ورثي ۾ ڏياري: ڇالاءِ جو زمين جا بنياد خداوند جا آهن، ۽ هن جهان انهن تي بيهاريو آهي.</verse>
				<verse number="9">هو پنهنجي ٻانهن جا پير سنڀاليندو، پر شرير کي هو اونداهيءَ ۾ ماٺ ڪرائيندو؛ ڇالاءِ جو پنهنجي زور جي ڪري ڪوبہ انسان غالب نہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="10">جيڪي خداوند سان جهڳڙن ٿا سي ڀڃي پرزا پرزا ڪيا ويندا؛ آسمان مان هو اُنهن تي گجگار ڪندو: خداوند زمين جي حد تائين عدالت ڪندو؛ ۽ هو پنهنجي بادشاهہ کي زور ڏيندو، ۽ پنهنجي ممسوح جو سڱ مٿي ڪندو.</verse>
				<verse number="11">۽ القانہ، رامہ ڏي پنهنجي گهر ويو. ۽ اُهو ٻار عيلي ڪاهن جي اڳيان خداوند جي خدمت ڪندو رهيو.</verse>
				<verse number="12">هاڻي عيليءَ جا ٻہ پٽ شرير هئا؛ هو خداوند کي نہ سڃاڻندا هئا.</verse>
				<verse number="13">۽ ڪاهنن جو ماڻهن سان اهو دستور هوندو هو، تہ جڏهن ڪو ماڻهو قرباني پيش ڪندو هو تڏهن گوشت پچندي ڪاهن جو نوڪر ڪنڍو هٿ ۾ کڻي ايندو هو؛</verse>
				<verse number="14">اُهو هو تئيءَ، يا ديڳڙي، يا ديڳ، يا ٿانوَ ۾ وجهندو هو؛ ۽ جيڪو گوشت ڪنڍي سان ٻاهر نڪري ايندو هو سو سڀ ڪاهن کڻندو هو؛ انهي طرح سيلا ۾ جيڪي اسرائيلي ايندا هئا تن سڀني سان هو ائين ڪندا هئا.</verse>
				<verse number="15">هاڻي چرٻي ساڙڻ کان اڳي ڪاهن جو نوڪر ايندو هو، ۽ قرباني ڪندڙ کي چوندو هو تہ ڪاهن جي لاءِ ڀڃڻ واسطي گوشت ڏي؛ ڇالاءِ جو هو توکان اُٻاريل گوشت نہ وٺندو، پر ڪچو وٺندو.</verse>
				<verse number="16">۽ جيڪڏهن اُهو ماڻهو هن کي چوندو تہ هو هينئر ضرور چرٻي ساڙيندا، پوءِ جيترو تنهنجي دل چوي اوترو وٺ؛ تہ هو چوندو هو تہ نہ، مون کي ضرور هينئر ڏي، نہ تہ آءٌ زوريءَ وٺندس.</verse>
				<verse number="17">۽ انهن جوان ماڻهن جو گناهہ خداوند جي اڳيان تمام وڏو هو: ڇالاءِ جو ماڻهو خداوند جي قربانيءَ کان نفرت ڪندا هئا.</verse>
				<verse number="18">پر سموئيل ٻار هو، ۽ سڻيءَ جي ڪپڙي جو اُفود چيلهہ سان ٻڌي خداوند جي خدمت ڪندو هو.</verse>
				<verse number="19">۽ سندس ماءُ هڪڙو ننڍو پهراڻ ٺاهيندي هئي، ۽ سال بسال جڏهن هوءَ پنهنجي مڙس سان گڏجي سالياني قرباني چاڙهڻ لاءِ اتي ايندي هئي تڏهن اهو آڻي ڏيندي هيس.</verse>
				<verse number="20">۽ عيليءَ القانہ ۽ سندس زال کي دعا ڪري چيو تہ شل خداوند توکي اُنهي دعا جي ڪري، جا تو خداوند کان گهري هئي، هن زال مان اولاد ڏئي. پوءِ هو پنهنجي گهر هليا ويا.</verse>
				<verse number="21">۽ خداوند حنہ تي نگاهہ ڪئي، ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي، ۽ ٽي پٽ ۽ ٻہ ڌيون ڄڻيائين، ۽ اُهو ڇوڪر سموئيل خداوند جي حضور ۾ وڏو ٿيندو ويو.</verse>
				<verse number="22">هاڻي عيلي تمام ٻڍو هو؛ ۽ سندس پٽن جيڪي اسرائيل سان ٿي ڪيو، ۽ جماعت واري تنبوءَ جي در تي جيڪي زالون خدمت ڪنديون هيون تن سان ڪيئن هو سمهندا هئا، سو ٻڌائين.</verse>
				<verse number="23">۽ هن انهن کي چيو تہ اوهين اهڙا ڪم ڇو ٿا ڪريو؟ ڇالاءِ جو آءٌ سڀني ماڻهن کان اوهانجن خراب ڪمن جي شڪايت ٿو ٻڌان.</verse>
				<verse number="24">منهنجا پٽ، ائين نہ هئڻ گهرجي؛ ڇالاءِ جو جيڪا خبر آءٌ ٻڌان پيو سا چڱي ناهي: اوهين خداوند جي قوم کي گنهگار ٿا ڪريو.</verse>
				<verse number="25">جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻئي جو ڏوهہ ڪندو، تہ خدا انهي جو انصاف ڪندو: پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جو گناهہ ڪندو، تہ ڪير اُنهي جي لاءِ شفاعت ڪندو؟ تنهن هوندي بہ هنن پنهنجي پيءُ جو چيو نہ مڃيو، ڇالاءِ جو خداوند هنن کي مارڻ ٿي گهريو.</verse>
				<verse number="26">۽ اُهو ڇوڪر سموئيل وڌندو ويو ۽ خداوند توڙي انسان هن کي پسند ڪندا هئا.</verse>
				<verse number="27">۽ هڪڙو خدا جو ٻانهو عيليءَ وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ خداوند ٿو فرمائي تہ جڏهن تنهنجي پيءُ جو گهراڻو مصر ۾ فرعون جي گهراڻي جي ٻانهپ ۾ هو، تڏهن مون انهن کي ڏيکاري ڏني هئي يا نہ؟</verse>
				<verse number="28">۽ اسرائيل جي سڀني فرقن مان مون هن کي پنهنجي ڪاهن ٿيڻ لاءِ، ۽ پنهنجي قربانگاهہ تي چڙهڻ لاءِ، ۽ لوبان ساڙڻ لاءِ، ۽ پنهنجي حضور ۾ اُفود ڍڪڻ لاءِ پسند ڪيو هو يا نہ؟ ۽ بني اسرائيل جون سڀ ساڙڻ واريون قربانيون تنهنجي پيءُ جي گهراڻي کي ڏنيون هيون يا نہ؟</verse>
				<verse number="29">سو منهنجي قرباني ۽ منهنجو نذرانو، جنهن جي لاءِ مون حڪم ڪيو آهي تہ منهنجي گهر ۾ پيش ٿيندا رهن، تنهن کي لتون ڇو ٿا هڻو؛ ۽ تون پنهنجن پٽن کي مون کان وڌيڪ عزت ڇو ٿو ڏين، انهي لاءِ تہ هو منهنجي قوم اسرائيل جي سڀني قربانين مان جيڪي مکيہ آهن تن جو سڻڀ کائي پاڻ کي ٿلهو متارو ڪن؟</verse>
				<verse number="30">تنهنڪري خداوند، اسرائيل جو خدا، فرمائي ٿو تہ مون برابر ائين چيو هو تہ تنهنجو گهراڻو، ۽ تنهنجي پيءُ جو گهراڻو هميشہ منهنجي اڳيان هلي: پر هاڻي خداوند فرمائي ٿو تہ مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو؛ ڇالاءِ جو جيڪي مون کي عزت ڏين ٿا، تن کي آءٌ عزت ڏيندس، ۽ جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا، سي بي آبرو ڪيا ويندا.</verse>
				<verse number="31">ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن تنهنجو زور ۽ تنهنجي پيءُ جي گهراڻي جو زور آءٌ ڀڃي ڇڏيندس، جنهنڪري تنهنجي گهراڻي ۾ ڪوبہ پير مرد ڪونہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="32">۽ جيڪا بہ دولت خدا اسرائيل کي ڏيندو تنهن ۾ تون منهنجي گهر جي مصيبت ڏسندين: ۽ تنهنجي گهراڻي ۾ هميشہ لاءِ ڪوبہ پير مرد ڪونہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="33">۽ تنهنجي ماڻهن مان، جنهن کي آءٌ پنهنجي قربانگاهہ مان ڪڍي نہ ڇڏيندس، سو تنهنجين اکين ۾ باهہ، ۽ تنهنجي دل ڏکوئڻ وارو ٿيندو: ۽ تنهنجي گهراڻي ۾ جيڪي ماڻهو وڌندا سي جوانيءَ ۾ مري ويندا.</verse>
				<verse number="34">۽ اها تنهنجي لاءِ نشاني هوندي، جا تنهنجن ٻن پٽن، حفني ۽ فنحاس تي ايندي؛ هڪڙي ئي ڏينهن اُهي ٻئي مري ويندا.</verse>
				<verse number="35">۽ آءٌ پنهنجي لاءِ هڪڙو ايماندار ڪاهن مقرر ڪندس جو منهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪندو: ۽ آءٌ انهي جي لاءِ هڪڙو پڪو گهر جوڙيندس؛ ۽ اُهو هميشہ منهنجي ممسوح ڪيل جي اڳيان هلندو.</verse>
				<verse number="36">۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو بہ ماڻهو تنهنجي گهر ۾ باقي رهندو سو چانديءَ جي هڪڙي سڪي، ۽ مانيءَ جي هڪڙي ٽڪيءَ لاءِ اچي انهي جي اڳيان ڪنڌ جهڪائيندو، ۽ چوندو تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ڪاهنن جي عهدن مان هڪڙي تي رک تہ آءٌ مانيءَ جو گرهہ کاوان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">۽ اهو ڇوڪر سموئيل عيليءَ جي اڳيان خداوند جي خدمت ڪندو هو، ۽ خداوند جو ڪلام انهن ڏينهن ۾ ڪامياب هو؛ ڪو ظاهر ظهور رويا نہ ٿيندو هو.</verse>
				<verse number="2">۽ انهيءَ وقت هيئن ٿيو تہ جڏهن عيلي پنهنجي جاءِ تي ليٽيو پيو هو هاڻي هن جي اکين ۾ ڌنڌ ٿيڻ لڳو هو جنهنڪري هو ڏسي نہ سگهندو هو.</verse>
				<verse number="3">۽ خداوند جو ڏيئو اڃا گل نہ ٿيو هو، ۽ سموئيل خداوند جي هيڪل، جتي خدا جي صندوق هئي، تنهن ۾ سمهيو پيو هو،</verse>
				<verse number="4">تہ خداوند سموئيل کي سڏ ڪيو: ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.</verse>
				<verse number="5">۽ هو ڊوڙي عيلي وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان ڇالاءِ جو تو مون کي سڏيو. تڏهن هن چيس تہ مون ڪونہ سڏيو؛ وري وڃي سمهہ، ۽ هو وڃي وري سمهي پيو.</verse>
				<verse number="6">۽ وري بہ خداوند سڏ ڪري چيو تہ سموئيل. ۽ سموئيل اُٿي عيليءَ وٽ ويو، ۽ چيائينس تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان؛ ڇالاءِ جو تو مون کي سڏيو، تڏهن هن ورندي ڏني تہ منهنجا پٽ، مون ڪونہ سڏيو؛ وري وڃي سمهي رهہ.</verse>
				<verse number="7">هاڻي سموئيل اڃا خدا کي نہ سڃاڻندو هو، نڪي خدا جو ڪلام هن تي ظاهر ٿيو هو.</verse>
				<verse number="8">۽ خداوند وري ٽيون ڀيرو سموئيل کي سڏيو، ۽ هو اُٿي عيليءَ وٽ ويو ۽ چيائينس تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان؛ ڇالاءِ جو تو مون کي سڏيو. تڏهن عيليءَ سهي ڪيو تہ خداوند هن ڇوڪر کي سڏيو آهي.</verse>
				<verse number="9">تنهنڪري عيليءَ سموئيل کي چيو تہ وڃي سمهي رهہ: ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هو توکي سڏي تہ تون چئج تہ اي خداوند حڪم ڪر، ڇالاءِ جو تنهنجو ٻانهو ٻڌي ٿو، ۽ سموئيل وڃي پنهنجي جاءِ تي ليٽي پيو.</verse>
				<verse number="10">۽ خداوند اچي بيٺو ۽ اڳئين وانگر سڏ ڪري چيائين تہ سموئيل، سموئيل. تڏهن سموئيل چيو تہ حڪم ڪر؛ ڇالاءِ جو تنهنجو ٻانهو ٻڌي ٿو.</verse>
				<verse number="11">۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ ڏس، آءٌ اسرائيل ۾ هڪڙو ڪم ڪندس، سو ٻڌي سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جا ڪن وڄڻ لڳندا.</verse>
				<verse number="12">انهي ڏينهن جيڪي عيليءَ جي گهراڻي جي نسبت ۾ مون چيو آهي سو شروع کان وٺي پڇاڙيءَ تائين انهي جي برخلاف پورو ڪندس.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو مون هن کي چيو آهي تہ جنهن ڏوهہ جي کيس خبر آهي تنهن جي لاءِ آءٌ هميشہ تائين سندس گهراڻي کي سزا ڏيندس، ڇالاءِ جو هن جي پٽن پاڻ تي لعنت آندي، ۽ هن کين ڪين روڪيو.</verse>
				<verse number="14">۽ تنهنڪري مون عيلي جي گهر سان قسم کنيو آهي، تہ عيلي جي گهراڻي جو ڏوهہ قربانيءَ يا نذراني سان بہ ڪڏهن معاف ڪين ٿيندو.</verse>
				<verse number="15">۽ سموئيل صبح تائين سمهيو پيو هو، ۽ پوءِ اُٿي خداوند جي گهر جا در کوليائين. ۽ سموئيل عيلي کي انهي رويا جي بيان ڪري ٻڌائڻ کان ڊنو.</verse>
				<verse number="16">تڏهن عيليءَ سموئيل کي سڏيو، ۽ چيائينس تہ اي سموئيل، منهنجا پٽ: ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.</verse>
				<verse number="17">۽ هن چيس تہ اها ڳالهہ ڪهڙي آهي جا خداوند توکي ٻڌائي آهي؟ ڀلائي ڪري اُها مون کان نہ لڪاءِ. جيڪڏهن اُهي ڳالهيون جي خدا توکي چيون آهن تن سڀني مان ڪا مون کان لڪائيندين، تہ خدا شل توسان ائين ئي ڪري، بلڪ اِنهي کان بہ وڌيڪ.</verse>
				<verse number="18">۽ سموئيل سڀ ڪجهہ هن کي ٻڌايو، ۽ هن کان ڪجهہ بہ نہ لڪايائين. ۽ هن چيو تہ اهو خداوند آهي: ڀلي اُنهي کي جيڪي وڻي سو ڪري.</verse>
				<verse number="19">۽ سموئيل وڏو ٿيندو ويو، ۽ خداوند ساڻس هو، ۽ هن جي ڪابہ ڳالهہ اجائي نہ ٿيڻ ڏنائين.</verse>
				<verse number="20">۽ ساري اسرائيل کي دان کان وٺي بيرسبع تائين خبر پئجي ويئي تہ سموئيل خداوند جو نبي مقرر ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="21">۽ خداوند وري بہ سيلا ۾ ظاهر ٿيو: ڇالاءِ جو خداوند پاڻ کي سموئيل تي سيلا ۾، خداوند جي ڪلام جي وسيلي ظاهر ڪيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">۽ سموئيل جي ڳالهہ سڄي اسرائيل ۾ پهتي. هاڻي اسرائيلي فلستين سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري ويا، ۽ ابن عزر جي ويجهو وڃي تنبو هنيائون: ۽ فلستين پنهنجا تنبو افيق ۾ هنيا.</verse>
				<verse number="2">۽ فلستين اسرائيلين جي سامهون صفون ٻڌيون: ۽ جڏهن هو وڙهڻ لاءِ ڳنڍجي پيا تڏهن اسرائيلين کي فلستين شڪست ڏني: ۽ جيڪو لشڪر ميدان ۾ هو تنهن مان هنن اٽڪل چار هزار ماڻهو ماريا.</verse>
				<verse number="3">۽ جڏهن هو لشڪرگاهہ ۾ آيا تڏهن اسرائيل جي بزرگن چيو تہ ڇالاءِ خداوند اڄ اسان کي فلستين جي اڳيان شڪست ڏني آهي؟ اچو تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق سيلا ۾ کڻي اچون تہ اُها اسان منجهہ اچي، ۽ اسان کي اسانجن دشمنن جي هٿان ڇڏائي.</verse>
				<verse number="4">تڏهن انهن سيلا ڏي ماڻهو موڪليا، ۽ اُنهن اُتان لشڪرن جي خداوند جي عهدنامي جي صندوق آندي، جا ڪروبين تي رکيل آهي. ۽ عيليءَ جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس اُتي خدا جي عهدنامي جي صندوق سان هئا.</verse>
				<verse number="5">۽ جڏهن خداوند جي عهدنامي جي صندوق لشڪرگاهہ ۾ آئي، تڏهن سڀني اسرائيلين اهڙي وڏي آواز سان رڙيون ڪيون جو زمين مان پڙلاءُ نڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="6">۽ جڏهن فلستين انهن رڙين جو آواز ٻڌو تڏهن چوڻ لڳا تہ عبرانين جي لشڪرگاهہ ۾ هيڏين وڏين رڙين جو مطلب ڇا آهي؟ ۽ ڄاتائون تہ خداوند جي صندوق لشڪرگاهہ ۾ آئي آهي.</verse>
				<verse number="7">۽ فلستي ڊڄي ويا، ڇالاءِ جو هنن چيو تہ خدا لشڪرگاهہ ۾ آيو آهي. ۽ هنن چيو تہ اسان سان ويل ٿيو! ڇالاءِ جو هيستائين اهڙو حال ڪڏهن ڪونہ ٿيو.</verse>
				<verse number="8">اسان سان ويل ٿيو! هنن طاقت وارن معبودن جي هٿان اسان کي ڪير ڇڏائيندو؟ هي اُهي معبود آهن جن مصرين کي بيابان ۾ هر قسم جي آفتن سان شڪست ڏني.</verse>
				<verse number="9">اي فلستيو، مضبوط ٿيو، ۽ همت جهلي مردن وانگي هلت ڪريو، تہ عبرانين جا غلام نہ ٿيو، جيئن هو اوهان جا ٿيا آهن: مردن وانگي همت سان وڙهو.</verse>
				<verse number="10">۽ فلستي اُٿي وڙهيا ۽ اسرائيلين شڪست کاڌي، ۽ اُهي سڀ ڀڄي پنهنجن تنبن ۾ آيا: ۽ ڏاڍو ڪوس ٿيو: ڇالاءِ جو اسرائيلين جا ٽيهہ هزار پيادا مارجي ويا.</verse>
				<verse number="11">۽ خدا جي صندوق جهلجي ويئي، ۽ عيلي جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس مارجي ويا.</verse>
				<verse number="12">۽ لشڪرن مان هڪڙو بنيمين جو ماڻهو اُنهي ڏينهن ڊوڙي سيلا ۾ آيو، جنهن جا ڪپڙا ڦاٽا پيا هئا، ۽ مٽي مٿي تي پيئي هيس.</verse>
				<verse number="13">۽ جڏهن هو آيو، تڏهن ڏسو، عيلي رستي جي ڀر ۾ پنهنجي ڪرسيءَ تي منتظر ويٺو هو: ڇالاءِ جو هن جي دل خدا جي صندوق لاءِ پئي ڏڪي، ۽ جڏهن اُهو ماڻهو شهر ۾ آيو، ۽ اها خبر ٻڌايائين تڏهن سڄو شهر رڙيون ڪري روئڻ لڳو.</verse>
				<verse number="14">۽ جڏهن عيلي روئڻ جو آواز ٻڌو تڏهن چوڻ لڳو تہ هن هل حشر جو مطلب ڇا آهي؟ ۽ انهيءَ ماڻهوءَ تڪڙو ٿي عيليءَ کي خبر ٻڌائي.</verse>
				<verse number="15">هاڻي عيلي اٺانوي ورهين جو هو؛ ۽ هن جي اکين ۾ اهڙو ڌنڌ هو جو هو ڏسي نٿي سگهيو.</verse>
				<verse number="16">۽ اُنهي ماڻهوءَ عيلي کي چيو تہ آءٌ اُهو ماڻهو آهيان جو لشڪر مان ٿو اچان، ۽ اڄ ئي لشڪر مان ڀڳو آهيان. ۽ هن چيس تہ اي منهنجا پٽ، جنگ جو ڪهڙو حال آهي؟</verse>
				<verse number="17">۽ جنهن خبر آندي هئي تنهن ورندي ڏيئي چيس، تہ اسرائيلي فلستين جي اڳيان ڀڄي ويا، ۽ ماڻهن ۾ وڏو ڪوس ٿيو آهي، ۽ تنهنجا ٻئي پٽ، حفني ۽ فينحاس بہ مري ويا آهن، ۽ خدا جي صندوق بہ جهلجي ويئي آهي.</verse>
				<verse number="18">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن خدا جي صندوق جو نالو ورتو تڏهن هو پٺيرو پنهنجي ڪرسيءَ تان دروازي جي پاسي ڪري پيو، ۽ سندس ڪنڌ ڀڄي پيو ۽ مري ويو: ڇالاءِ جو هو ڪراڙو هو ۽ ڳرو هو؛ ۽ هو چاليهہ ورهيہ اسرائيل جو قاضي ٿي رهيو هو.</verse>
				<verse number="19">۽ هن جي ننهن، فينحاس جي زال، پيٽ سان هئي ۽ ٻار ڄڻڻ تي هئي: ۽ جڏهن هن اها خبر ٻڌي تہ خدا جي صندوق جهلجي ويئي آهي، ۽ سندس سهرو ۽ سندس مڙس مري ويا آهن، تڏهن ڪنڌ جهڪايائين ۽ ٻار ڄڻي وڌائين؛ ڇالاءِ جو اچي سور لڳس.</verse>
				<verse number="20">۽ مرڻ وقت جيڪي زالون وٽس بيٺيون هيون تن چيس تہ ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو تو پٽ ڄڻيو آهي، پر هن ورندي ڪانہ ڏني، نڪو انهي پاسي ڌيان ڏنائين.</verse>
				<verse number="21">۽ هن ٻار جو نالو يڪبود رکيو، جو چيائين تہ اسرائيل مان جلال ويندو رهيو: ڇالاءِ جو خدا جي صندوق جهلجي ويئي ۽ سندس سهرو ۽ سندس مڙس مري ويا.</verse>
				<verse number="22">۽ چوڻ لڳي تہ اسرائيل مان جلال ويندو رهيو؛ ڇالاءِ جو خدا جي صندوق جهلجي ويئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">هاڻي فلستين خدا جي صندوق هٿ ڪئي هئي، ۽ اها هنن ابن عزر مان کڻي اشدود ۾ آندي.</verse>
				<verse number="2">۽ فلستين خدا جي صندوق کي دجون جي گهر آندو، ۽ دجون جي پاسي ۾ رکي ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="3">۽ جڏهن اشدود جا ماڻهو صبح جو سوير اُٿيا تڏهن ڏسن تہ خداوند جي صندوق جي اڳيان دجون منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو آهي. ۽ هنن دجون کي کڻي وري پنهنجي جاءِ تي ويهاريو.</verse>
				<verse number="4">۽ جڏهن وري ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اُٿيا تڏهن ڏسن تہ دجون خداوند جي صندوق اڳيان منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو آهي؛ ۽ دجون جي سسي ۽ سندس هٿن جون ٻئي تريون در جي چانئٺ تي وڍيون پيون آهن؛ رڳو دجون جو ڌڙ باقي بچيل هو.</verse>
				<verse number="5">تنهنڪري نڪي دجون جا پوڄاري، نڪي ٻيا ماڻهو جي دجون جي گهر ۾ ايندا آهن، سي اڄ ڏينهن تائين اشدود ۾ دجون جي چانئٺ تي پير رکندا آهن.</verse>
				<verse number="6">پر خداوند جو هٿ اشدود جي ماڻهن تي ڳرو ٿيو، ۽ هن انهن کي ناس ڪري ڇڏيو، ۽ اشدود ۽ ان جي آس پاس وارين سرحدن کي ڳوڙهن جي مرضن سان ماريائين.</verse>
				<verse number="7">۽ جڏهن اشدود جي ماڻهن ڏٺو تہ هي حال آهي تڏهن هنن چيو، تہ اسرائيل جي صندوق اسان وٽ نہ رهي: ڇالاءِ جو هن جي هٿ، اسان تي ۽ اسان جي معبود دجون تي، مصيبت وڌي آهي.</verse>
				<verse number="8">تنهنڪري هنن ماڻهو موڪلي فلستين جا سردار پاڻ وٽ گڏ ڪيا، ۽ چوڻ لڳا تہ اسرائيل جي خدا جي صندوق کي اسين ڇا ڪريون؟ ۽ هنن ورندي ڏني تہ اسرائيل جي صندوق کڻي جات ڏي پهچائي ڏيو. پوءِ هو اسرائيل جي خدا جي صندوق کڻي اُتي ويا.</verse>
				<verse number="9">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو اُها اُتان ڪڍي ويا، تڏهن خداوند جو هٿ شهر تي اهڙي سختي سان پيو جو منجهس تمام وڏي پريشاني پيئي: ۽ هن شهر جا سڀ ننڍا وڏا ماڻهو ماريا، ۽ ڳوڙهين جو مرض اچي منجهن پيو.</verse>
				<verse number="10">تڏهن هنن خدا جي صندوق عقرون ڏي موڪلي ڏني. ۽ هيئن ٿيو تہ جيئن خدا جي صندوق عقرون ۾ آئي، تيئن عقرونين رڙ ڪري چيو تہ هنن اسرائيل جي خدا جي صندوق اسان کي ۽ اسان جي قوم کي ماري وجهڻ لاءِ اسان وٽ آندي آهي.</verse>
				<verse number="11">تنهنڪري هنن ماڻهو موڪلي سڀ فلستين جا سردار گهرائي آڻي گڏ ڪيا، ۽ چيائون تہ اسرائيل جي خدا جي صندوق موڪلي ڏيو، ڀلي تہ پنهنجي اصلوڪي جاءِ تي وڃي، تہ اسان کي ۽ اسان جي قوم کي ماري نہ ڇڏي: ڇالاءِ جو سڄي شهر ۾ موت مار پريشاني پئجي ويئي هئي؛ خدا جو هٿ اُتي تمام ڳرو هو.</verse>
				<verse number="12">۽ جيڪي ماڻهو مري نہ ويا، سي ڳوڙهين ۾ گرفتار هئا: ۽ شهر جي دانهن آسمان تائين چڙهي ويئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">۽ خداوند جي صندوق فلستين جي ملڪ منجهہ ست مهينا رهي.</verse>
				<verse number="2">۽ فلستين پوڄاري ۽ فال وجهڻ وارن کي سڏي چيو، تہ خداوند جي صندوق کي اسين ڇا ڪريون؟ اسان کي ٻڌايو تہ ڇا سان اسين انهي کي پنهنجيءَ جاءِ تي پهچايون.</verse>
				<verse number="3">تڏهن هنن چيو تہ جي اوهين اسرائيل جي خدا جي صندوق موڪلي ڏيو تہ اُها خالي نہ موڪليو؛ پر ڪنهن قسم جي ڏوهہ جي قربانيءَ سميت موٽائي موڪليو: تڏهن اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيندا، ۽ اوهان کي معلوم ٿيندو تہ هن جو هٿ اوهان تان ڇو کنيو نٿو وڃي.</verse>
				<verse number="4">تڏهن هنن چيو تہ ڪهڙي ڏوهہ جي قرباني اسين هن کي ڏيون؟ ۽ هنن چيو تہ فلستين جي سردارن جي شمار موجب پنج سونيون ڳوڙهيون، ۽ پنج سونا ڪوئا موڪليو: ڇالاءِ جو هڪڙي ئي آفت اوهان سڀني تي، ۽ اوهانجن سردارن تي هئي.</verse>
				<verse number="5">تنهنڪري اوهين پنهنجن ڳوڙهين جون، ۽ پنهنجن ڪوئن جون شڪليون جوڙيو، جي ملڪ کي خراب ٿيون ڪن؛ ۽ اوهين اسرائيل جي خدا جو جلال ظاهر ڪريو: تہ من هو اوهان تي، ۽ اوهان جي معبودن تي، ۽ اوهان جي ملڪ تي پنهنجو هٿ هلڪو ڪري.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو اوهين پنهنجون دليون سخت ٿا ڪريون، جيئن ڪ مصرين، ۽ فرعون پنهنجون دليون سخت ڪيون؟ جڏهن هن انهن منجهہ عجيب ڪم ڪيا تڏهن هنن انهي قوم کي وڃڻ نہ ڏنو ڇا، جو هو هليا ويا؟</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري هاڻي هڪڙي نئين گاڏي تيار ڪريو، ۽ ٻہ کير ڏهائيندڙ گايون بہ، جن تي اڃا پاڃاري نہ پيئي هجي، ۽ اُهي گايون گاڏيءَ ۾ ٻڌو، ۽ اُنهن جا ڦر وٺي گهر آڻيو:</verse>
				<verse number="8">۽ خداوند جي صندوق کڻي انهيءَ گاڏيءَ تي رکو؛ ۽ جيڪي سون جا زيور اوهين هن کي ڏوهہ جي قرباني ڪري موٽائي ڏيو، سي انهي جي ڀرسان هڪڙي پيتيءَ ۾ وجهي رکو؛ پوءِ اُها موڪلي ڏيو تہ ڀلي وڃي.</verse>
				<verse number="9">۽ نظر ڪجو تہ جيڪڏهن اُها پنهنجي سرحد واري رستي کان بيت شمس ڏي وڃي، تہ ڄاڻجو تہ انهيءَ ئي اسان کي هيءَ وڏي آفت موڪلي آهي: پر جي نہ تہ تڏهن اسين ڄاڻنداسين تہ انهيءَ جي هٿ اسان کي نہ ماريو آهي؛ اهو رڳو هڪڙو اتفاق هو، جو اسان سان ٿيو.</verse>
				<verse number="10">۽ ماڻهن ائين ئي ڪيو؛ ٻہ کير ڏيندڙ گايون هٿ ڪري گاڏيءَ ۾ ٻڌائون، ۽ انهن جا گابا گهر ۾ بند ڪري ڇڏيائون:</verse>
				<verse number="11">۽ خداوند جي صندوق ۽ سون جي ڪوئن، ۽ سندن ڳوڙهين جي شڪلين جي پيتي، گاڏيءَ تي رکيائون</verse>
				<verse number="12">۽ ڳئون سنئون سڌو رستو وٺي بيت شمس ڏي هليون: هو شاهي رستو ڏيئي هليون، ۽ هلندي رنڀنديون ويون، ۽ نہ سڄي هٿ پاسي ڦريون نہ کٻي هٿ پاسي؛ ۽ فلستين جا سردار انهن جي پٺيان بيت شمس جي حد تائين هليا.</verse>
				<verse number="13">۽ بيت شمس جي ماڻهن واديءَ ۾ ڪڻڪ جو فصل بيٺي لڻيو؛ ۽ پنهنجون اکيون مٿي ڪيائون ۽ صندوق ڏٺائون؛ ۽ اُها ڏسي نهايت خوش ٿيا.</verse>
				<verse number="14">۽ گاڏي بيت شمسي يشوع جي ٻنيءَ ۾ اچي بيهي رهي، جتي هڪڙو وڏو پٿر پيو هو: ۽ ماڻهن گاڏيءَ جو ڪاٺ چيري اُهي ڳئون خداوند جي لاءِ سوختني قرباني ڪري چاڙهي ڇڏيون.</verse>
				<verse number="15">۽ لاوين خداوند جي صندوق هيٺ لاٿي ۽ اُها پيتي بہ، جا اُن سان گڏ رکيل هئي، ۽ جنهن ۾ سون جا زيور پيا هئا؛ ۽ اُهي اُنهي وڏي پٿر تي کڻي رکيائون: ۽ انهي ساڳئي ڏينهن بيت شمس جي ماڻهن خداوند جي لاءِ سوختني قربانيون چاڙهيون، ۽ ذبح ڪرڻ واريون قربانيون ادا ڪيائون.</verse>
				<verse number="16">۽ جڏهن فلستين جي پنجن سردارن اهو ڏٺو تڏهن هو اُنهي ساڳئي ڏينهن عقرون ڏي موٽي ويا.</verse>
				<verse number="17">۽ جيڪي سونيون ڳوڙهيون فلستين خداوند جي لاءِ ڏوهہ جي قرباني ڪري موڪليون سي هي آهن؛ اشدود جي لاءِ هڪڙي؛ غزہ جي لاءِ هڪڙي، اسقلون جي لاءِ هڪڙي، جات جي لاءِ هڪڙي، عقرون جي لاءِ هڪڙي؛</verse>
				<verse number="18">۽ سونا ڪوئا فلستين جي اُنهن سڀني ڪوٽ وارن شهرن، ۽ ٻهراڙيءَ جي ڳوٺن جي شمار جيترا هئا، جي انهن پنجن سردارن جي ملڪيت هئا: اهي شهر انهي وڏي پٿر تائين هئا، جنهن تي هنن خداوند جي صندوق رکي هئي، ۽ جو پٿر اڄ ڏينهن تائين يشوع بيت شمسيءَ جي ٻنيءَ ۾ بيٺل آهي.</verse>
				<verse number="19">۽ هن بيت شمس جي ماڻهن کي انهي ڪري ماريو جو هنن خداوند جي صندوق ۾ نهاريو، ۽ هن انهن ماڻهن مان پنجاهہ هزار ۽ ستر ماڻهو ماريا: ۽ خداوند هنن ماڻهن ۾ وڏو ڪوس وجهي انهن کي ماريو، تنهنڪري ماڻهن ۾ ماتم پئجي ويو.</verse>
				<verse number="20">۽ بيت شمس جي ماڻهن چيو تہ ڪير آهي جو خداوند، هن پاڪ خدا جي اڳيان بيهي سگهندو؟ ۽ اسان وٽان اهو ڪنهن وٽ ويندو؟</verse>
				<verse number="21">۽ هنن قريت يعريم جي رهاڪن ڏي قاصد موڪلي چيو تہ فلستي خداوند جي صندوق موٽائي کڻي آيا آهن؛ اوهين لهي اچو، ۽ اُها پاڻ وٽ کڻي وڃو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">۽ قريت يعريم جا ماڻهو آيا، ۽ اُنهن خداوند جي صندوق کڻي ابينداب جي گهر آندي، جو ٽڪريءَ تي هو؛ ۽ انهي جي پٽ اليعزر کي خداوند جي صندوق جي سنڀال لاءِ خاص طرح پاڪ ڪيائون.</verse>
				<verse number="2">۽ هيئن ٿيو تہ جنهن ڏينهن صندوق قريت يعريم ۾ رهي، تنهن کان پوءِ گهڻو عرصو گذريو؛ يعني ويهہ ورهيہ گذريا: پوءِ اسرائيل جو سارو گهراڻو خداوند جي اڳيان گڏ ٿيو.</verse>
				<verse number="3">۽ سموئيل اسرائيل جي ساري گهراڻي کي چيو تہ اوهين جيڪڏهن پنهنجي سچي دل سان خداوند ڏانهن موٽو تہ ڌارين معبودن کي، ۽ عستارات کي، پاڻ منجهان ڪڍي اُڇلائي ڇڏيو، ۽ پنهنجين دلين کي خداوند جي لاءِ تيار ڪريو، ۽ فقط انهي جي بندگي ڪريو: تہ اُهو اوهان کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائيندو.</verse>
				<verse number="4">تڏهن بني اسرائيل بعليم، ۽ عستارات کي اُڇلائي ڇڏيو، ۽ فقط خداوند جي بندگي ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="5">۽ سموئيل چيو تہ ساري اسرائيل کي مصفاہ ۾ گڏ ڪريو، ۽ آءٌ اوهان جي لاءِ خداوند کان دعا گهرندس.</verse>
				<verse number="6">۽ هو مصفاہ ۾ اچي گڏ ٿيا، ۽ پاڻي ڪڍيائون، ۽ خداوند جي اڳيان هاريائون، ۽ اُهو ڏينهن روزو رکيائون، ۽ اُتي چيائون تہ اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. ۽ سموئيل مصفاہ ۾ بني اسرائيل جو قاضي ٿيو.</verse>
				<verse number="7">۽ جڏهن فلستين ٻڌو تہ بني اسرائيل مصفاہ ۾ گڏ ٿيا آهن، تڏهن فلستين جا سردار بني اسرائيل تي ڪاهي آيا، ۽ جڏهن بني اسرائيل اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن فلستين کان ڊڄي ويا.</verse>
				<verse number="8">۽ بني اسرائيل سموئيل کي چيو تہ اسان جي لاءِ خداوند اسان جي خدا جي اڳيان دانهن ڪرڻ کان متان بس ڪرين، تہ هو اسان کي فلستين جي هٿن کان بچائي.</verse>
				<verse number="9">۽ سموئيل هڪڙو کير پياڪ گهيٽو کنيو، ۽ خداوند جي حضور ۾ اسرائيل جي لاءِ اهو سڄو سارو سوختني قرباني ڪري چاڙهيائين؛ ۽ اسرائيل جي لاءِ دعا گهريائين؛ ۽ خداوند هن جي دعا قبول ڪئي</verse>
				<verse number="10">۽ جيئن سموئيل اُها سوختني قرباني پئي چاڙهي تيئن فلستي اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ ويجها آيا، پر انهي ڏينهن خداوند ڏاڍي گجگار سان فلستين تي گجيو، ۽ هنن کي ڊيڄاري بي آرام ڪري ڇڏيائين، ۽ اُهي اسرائيل جي اڳيان مارجي ويا.</verse>
				<verse number="11">۽ اسرائيل جا ماڻهو مصفاہ مان نڪري فلستين جي پٺيان پيا، ۽ هنن کي ماريندا ويا، جيسين ڪ هو بيت ڪر جي هيٺان اچي پهتا.</verse>
				<verse number="12">تڏهن سموئيل هڪڙو پٿر مصفاہ ۽ شين جي وچ ۾ کڙو ڪيو، ۽ انهي جو نالو ابن عزر رکيائين، ۽ چيائين تہ هيستائين خداوند اسان جي مدد ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="13">انهي طرح فلستي جيتجي ويا، ۽ وري ڪڏهن بہ اسرائيل جي سرحد اندر نہ آيا: ۽ سموئيل جي سڀني ڏينهن ۾ خداوند جو هٿ فلستين جي برخلاف هو.</verse>
				<verse number="14">۽ جيڪي شهر فلستين اسرائيل کان ورتا هئا سي اسرائيل کي موٽائي ڏنا ويا، عقرون کان وٺي جات تائين؛ ۽ انهي جي سرحد اسرائيل فلستين جي هٿان ڇڏائي. پوءِ اسرائيل ۽ امورين جي وچ ۾ صلح ٿيو.</verse>
				<verse number="15">۽ سموئيل پنهنجي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن اسرائيل جو قاضي ٿي رهيو.</verse>
				<verse number="16">۽ هو سال بسال گشت ڪندو بيت ايل، ۽ جلجال، ۽ مصفاہ ڏي ويندو هو؛ ۽ انهن سڀني جڳهن تي هو اسرائيل جي عدالت ڪندو هو.</verse>
				<verse number="17">۽ هو رامہ ۾ موٽي ايندو هو، ڇالاءِ جو سندس گهر اُتي هو؛ ۽ اُتي هو اسرائيل جو قاضي هو: ۽ اُتي هن خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سموئيل عمر رسيدہ ٿيو تڏهن هن پنهنجن پٽن کي اسرائيل جا قاضي مقرر ڪيو.</verse>
				<verse number="2">هاڻي هن جي پهرئين ڄاول پٽ جو نالو يوئيل هو؛ ۽ هن جي ٻئي پٽ جو نالو ابياہ هو: اُهي بيرسبع ۾ قاضي هئا.</verse>
				<verse number="3">۽ هن جا پٽ هن جي نموني تي نہ هليا، پر جوفي جي پٺيان لڳي گمراهہ ٿي ويا، ۽ رشوتون وٺڻ لڳا، ۽ بي انصافي ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="4">تڏهن اسرائيل جا سڀ بزرگ گڏ ٿي رامہ ۾ سموئيل وٽ آيا:</verse>
				<verse number="5">۽ هن کي چيائون تہ ڏس، تون عمر رسيدہ آهين، ۽ تنهنجا پٽ تنهنجي نموني تي نٿا هلن: هاڻي تون اسان کي ڪو بادشاهہ مقرر ڪري ڏي تہ اهو اسان تي حڪم هلائي، جيئن ٻين قومن لاءِ آهي.</verse>
				<verse number="6">پر انهي ڳالهہ سموئيل کي رنج ڪيو، جو هنن چيو تہ اسان کي ڪو بادشاهہ مقرر ڪري ڏي تہ اسان تي حڪم هلائي. ۽ سموئيل خداوند کان دعا گهري.</verse>
				<verse number="7">۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ جيڪي بہ اهي ماڻهو توکي چون سو تون ڪر: ڇالاءِ جو هنن توکي رد نہ ڪيو آهي، پر هنن مون کي رد ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ آءٌ هنن جو بادشاهہ نہ ٿيان.</verse>
				<verse number="8">جنهن ڏينهن مون هنن کي مصر مان ڪڍي آندو تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هنن جيڪي ڪم ڪيا آهن، جو مون کي ڇڏي ڏنو اٿن، ۽ ٻين معبودن جي عبادت پئي ڪئي اٿن، سي توسان بہ ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="9">تنهنڪري هاڻي انهن جي ڳالهہ مڃ: پر هنن کي سخت تاڪيد ڪر، ۽ ڏيکارين تہ ڪهڙي قسم جو بادشاهہ هنن تي حڪومت هلائيندو.</verse>
				<verse number="10">۽ سموئيل خداوند جون اهي سڀ ڳالهيون اُنهن ماڻهن کي ٻڌايون جن بادشاهہ ٿي گهريو.</verse>
				<verse number="11">۽ چيائين تہ جيڪو بادشاهہ اوهان تي حڪم هلائيندو سو هن قسم جو هوندو: اُهو اوهانجن پٽن کي وٺي پنهنجين گاڏين جي لاءِ پاڻ وٽ مقرر ڪندو، ۽ پنهنجن گهوڙن جي خدمت ڪرائيندو؛ ۽ ڪي سندس گاڏين جي اڳيان ڊوڙندا:</verse>
				<verse number="12">۽ هو انهن کي پنهنجي لاءِ هزارن جو عملدار، ۽ پنجاهن جو عملدار مقرر ڪندو: ۽ ڪن کي هو پنهنجي زمين کيڙڻ لاءِ، ۽ پنهنجي فصل لڻڻ لاءِ، ۽ جنگ جي هٿيارن جوڙڻ لاءِ، ۽ پنهنجين گاڏين جي اوزارن جوڙڻ لاءِ رکندو.</verse>
				<verse number="13">۽ هو اوهانجين ڌيئرن کي مٺاين جوڙڻ، ۽ طعام رڌڻ، ۽ مانين پچائڻ جي ڪم ۾ لڳائيندو.</verse>
				<verse number="14">۽ هو اوهان جون ٻنيون، ۽ اوهان جا ڊاک جا منهہ، ۽ اوهان جا زيتونن جا باغ، جي تمام چڱا هوندا، سي وٺي پنهنجن ٻانهن کي ڏيئي ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="15">هو اوهان جي اَن، ۽ اوهان جي ڊاک جي منهہ جو ڏهون حصو وٺي پنهنجن عملدارن کي ۽ پنهنجن ٻانهن کي ڏيندو.</verse>
				<verse number="16">۽ هو اوهان جا ٻانها، ۽ اوهان جون ٻانهيون، ۽ اوهان جا خوبصورت جوان ماڻهو، ۽ اوهان جا گڏهہ وٺي پنهنجي ڪم آڻيندو.</verse>
				<verse number="17">هو اوهانجن گلن جو ڏهون حصو وٺندو: ۽ اوهين هن جا غلام ٿيندا.</verse>
				<verse number="18">۽ اوهين جيڪو بادشاهہ پنهنجي لاءِ پسند ڪندا تنهن جي ڪري انهي ڏينهن اوهين دانهون ڪندا؛ ۽ خداوند اُنهي ڏينهن اوهان جو عرض قبول نہ ڪندو.</verse>
				<verse number="19">پر ماڻهن سموئيل جي ڳالهہ مڃڻ کان انڪار ڪيو؛ ۽ چوڻ لڳا تہ نہ؛ پر اسان کي ضرور پنهنجي مٿان بادشاهہ گهرجي؛</verse>
				<verse number="20">تہ اسين بہ ٻين قومن جهڙا ٿيون؛ ۽ اسان جو بادشاهہ اسان تي حڪم هلائي، ۽ اسان جي اڳيان نڪري هلي، ۽ اسانجين جنگين ۾ وڙهي.</verse>
				<verse number="21">۽ سموئيل انهن ماڻهن جون سڀ ڳالهيون ٻڌي وري بہ خداوند جي ڪنن تي وڌيون.</verse>
				<verse number="22">۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ هنن جي ڳالهہ مڃ، ۽ هنن کي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪري ڏي: تڏهن سموئيل اسرائيل جي ماڻهن کي چيو تہ اوهين سڀيئي پنهنجي پنهنجي شهر ڏي هليا وڃو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">هاڻي بنيمين جو هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جو نالو قيس، بن ابي ايل، بن صرور، بن بڪورت، بن افيخ هو، ۽ اهو هڪڙي بنيمينيءَ جو پٽ هو، ۽ زور وارو ۽ همت ڀريو ماڻهو هو.</verse>
				<verse number="2">۽ انهي کي هڪڙو پٽ هو، جنهن جو نالو سائول هو، ۽ هو سهڻو جوان هو: ۽ بني اسرائيل ۾ انهي کان وڌيڪ ٻيو ڪو خوبصورت ماڻهو ڪونہ هو: ڪلهن کان وٺي ۽ مٿي، هو ٻين سڀني ماڻهن کان ڊگهو هو.</verse>
				<verse number="3">۽ سائول جي پيءُ قيس جا گڏهہ گم ٿي ويا، ۽ قيس پنهنجي پٽ سائول کي چيو تہ اُٿ هڪڙو نوڪر پاڻ سان وٺي وڃي گڏهہ ڳولهہ.</verse>
				<verse number="4">۽ هو افرائيم جي ڪوهستان مان ۽ سليسہ جي زمين مان لنگهندو گهمندو ويو، پر گڏهہ نہ لڌائين: پر هو سعليم جي زمين مان لنگهيا، تہ بہ اُتي گڏهہ نہ ملين: پوءِ هو بنيمينين جي زمين مان لنگهيو، تہ بہ گڏهہ نہ لڌن.</verse>
				<verse number="5">جڏهن هو صوف جي زمين ۾ آيا تڏهن سائول، جيڪو سندس نوڪر ساڻس هو، تنهن کي چيو تہ هاڻي اچ تہ موٽي هلون؛ متان بابو گڏهن جي ڳڻتي ڇڏي اسان جي ڳڻتيءَ ۾ پوي.</verse>
				<verse number="6">۽ هن چيس تہ هاڻي ڏس، هن شهر ۾ هڪڙو خدا جو ٻانهو آهي، ۽ اُهو اهڙو ماڻهو آهي جنهن کي سڀ عزت ٿا ڏين؛ جيڪي هو چوي ٿو سو سڀ ٿيو پوي: هاڻي هل تہ اُتي هلون؛ شايد هو اسان کي ٻڌائي سگهي تہ ڪهڙو رستو وٺون.</verse>
				<verse number="7">تڏهن سائول پنهنجي نوڪر کي چيو تہ چڱو، پر ڏس، جيڪڏهن اسين هلون تہ انهي ماڻهو جي لاءِ ڇا کڻي هلون؟ ڇالاءِ جو اسانجن ٿانوَن ۾ ماني سڀ کپي ويئي آهي، ۽ انهي خدا جي ٻانهي جي لاءِ ڪابہ سوکڙي ڏيڻ جهڙي شيءِ ڪانهي: اسان وٽ ڇا آهي؟</verse>
				<verse number="8">تڏهن نوڪر سائول کي ورندي ڏيئي چيو تہ ڏس، منهنجي هٿ ۾ چانديءَ جي هڪڙي شيڪل جو چوٿون حصو آهي: اُهو کڻي انهي خدا جي ٻانهي کي ڏيندس، تہ اسان کي رستو ڏيکاري.</verse>
				<verse number="9">(اڳئين زماني ۾ اسرائيل منجهہ، جڏهن ڪو ماڻهو خدا کان ڪي پڇڻ ويندو هو تڏهن چوندو هو تہ اچو تہ غيب دان وٽ هلون: ڇالاءِ جو جنهن کي هاڻي نبي ٿا سڏين، تنهن کي اڳي غيب دان سڏيندا هئا.)</verse>
				<verse number="10">تڏهن سائول پنهنجي نوڪر کي چيو تہ چڱي ڳالهہ ڪئي اٿيئي؛ اچ تہ هلون. سو هو انهي شهر ڏي ويا جتي اهو خدا جو ٻانهو هو.</verse>
				<verse number="11">جيئن هو شهر ڏي مٿي چڙهندا ويا تيئن هنن ڇوڪريون پاڻي ڀرڻ لاءِ ٻاهر وينديون ڏٺيون، ۽ انهن کان پڇيائون تہ هو غيب دان هتي آهي يا نہ؟</verse>
				<verse number="12">۽ هنن ورندي ڏيئي چيو تہ هائو هتي آهي؛ ڏس؛ هو تنهنجي اڳيان آهي: هاڻي جلدي ڪريو، ڇالاءِ جو هو اڄ شهر ۾ آيو آهي؛ جو ماڻهن کي اڄ هن مٿانهين هنڌ قرباني ڪرڻي آهي:</verse>
				<verse number="13">شهر ۾ اچڻ شرط، ۽ سندس مٿانهين هنڌ کائڻ لاءِ وڃڻ کان اڳي، اوهين هن کي ڏسندا، ڇالاءِ جو ماڻهو تيسين نہ کائيندا جيسين ڪ هو ايندو، جو هو قربانيءَ تي برڪت ڏيندو آهي؛ ۽ پوءِ جن کي حڪم ملندو آهي سي کائيندا آهن. تنهنڪري هاڻي اوهين مٿي چڙهو؛ ڇالاءِ جو هن وقت اوهان کي هو ملندو.</verse>
				<verse number="14">تڏهن هو چڙهي انهي شهر ڏي ويا، ۽ جيئن هو شهر جي اندر آيا تيئن، ڏسو، سموئيل انهن جي سامهون اچي نڪتو، انهي لاءِ تہ هو مٿانهين جاءِ تي چڙهي وڃي.</verse>
				<verse number="15">هاڻي سائول جي اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳي خداوند سموئيل کي خبر ڏني، ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="16">سڀاڻي هن وقت ڌاري آءٌ بنيمين جي ملڪ مان هڪڙو ماڻهو تو ڏانهن موڪليندس، ۽ تون انهي کي منهنجي قوم اسرائيل جي مٿان سردار ٿيڻ لاءِ تيل سان مسح ڪج: ۽ هو منهنجي قوم کي فلستين جي هٿان بچائيندو: ڇالاءِ جو مون پنهنجي قوم تي نظر ڪئي آهي، جو هنن جي دانهن مون تائين پهتي آهي.</verse>
				<verse number="17">۽ جڏهن سموئيل سائول کي ڏٺو تڏهن خداوند هن کي چيو تہ جنهن ماڻهوءَ جو مون توسان ذڪر ڪيو هو، سو ڏس! اهو ساڳيو منهنجي قوم تي حڪم هلائيندو.</verse>
				<verse number="18">تڏهن سائول دروازي ۾ سموئيل جي ويجهو اچي هن کي چيو، تہ ڀلائي ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ غيب دان جو گهر ڪٿي آهي.</verse>
				<verse number="19">تڏهن سموئيل سائول کي ورندي ڏيئي چيو تہ اُهو غيب دان آءٌ آهيان؛ منهنجي اڳيان هن مٿانهين جاءِ ڏي چڙهندا هلو، ڇالاءِ جو اوهين اڄ مون سان گڏ ماني کائيندا: ۽ صبح جو آءٌ اوهان کي وڃڻ ڏيندس، ۽ جيڪي تنهنجي دل ۾ آهي سو توکي ٻڌائيندس.</verse>
				<verse number="20">باقي تنهنجا گڏهہ جي ٽيون ڏينهن گم ٿي ويا هئا، تن جو ڪو خيال نہ ڪر، ڇالاءِ جو اُهي لڌا آهن. ۽ اسرائيل ۾ سڀني کان سٺيون شيون ڪنهن جي لاءِ آهن؟ تنهنجي ۽ تنهنجي پيءُ جي ساري گهراڻي لاءِ ناهن ڇا؟</verse>
				<verse number="21">۽ سائول ورندي ڏيئي چيو تہ آءٌ بنيمين جو ناهيان ڇا، جو اسرائيل جي فرقن مان تمام ننڍو آهي؟ ۽ منهنجو قبيلو بنيمين جي فرقي جي قبيلن مان سڀ کان ننڍو نہ آهي ڇا؟ تڏهن ڇالاءِ تون مون سان انهي طرح ٿو ڳالهائين؟</verse>
				<verse number="22">۽ سموئيل سائول ۽ سندس نوڪر کي وٺي مهمانن واري جاءِ ۾ آيو، ۽ جن ماڻهن کي سڏيو ويو هو، ۽ جي اٽڪل ٽيهہ ڄڻا هئا، تن مان انهن کي تمام مٿانهين جاءِ تي ويهاريائين.</verse>
				<verse number="23">۽ سموئيل بورچيءَ کي چيو، تہ جيڪو حصو مون توکي ڏنو هو، ۽ جنهن جي بابت مون توکي چيو هو تہ پاڻ وٽ رکي ڇڏ، سو کڻي اچ.</verse>
				<verse number="24">۽ بورچي ران ۽ ٻيو جيڪي اُنهي تي هو، سو کڻي آيو، ۽ آڻي سائول جي اڳيان رکيائين. ۽ سموئيل چيو تہ جيڪي بچائي رکيو ويو آهي سو ڏس! اُهو پنهنجي اڳيان رکي کاءُ؛ ڇالاءِ جو ٺهرايل وقت واسطي اهو تنهنجي لاءِ رکيو ويو آهي؛ جو مون چيو تہ مون ماڻهن کي دعوت ڏني آهي. تڏهن اُنهي ڏينهن سائول سموئيل سان گڏجي ماني کاڌي.</verse>
				<verse number="25">۽ جڏهن هو اُنهي مٿانهين جاءِ تان لهي شهر ۾ آيا، تڏهن هن گهر جي ڇت تي سائول سان گفتگو ڪئي.</verse>
				<verse number="26">۽ هو سوير اُٿيا: ۽ سج اُڀرڻ مهل هيئن ٿيو تہ سموئيل گهر جي کڏ تي سائول وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ اُٿ تہ آءٌ توکي روانو ڪريان. تڏهن سائول اُٿيو، ۽ هو، ۽ سموئيل، ٻئي ڄڻا ٻاهر نڪري ويا.</verse>
				<verse number="27">جيئن هو لهندا شهر جي پڇاڙيءَ تائين آيا، تيئن سموئيل سائول کي چيو، تہ پنهنجي نوڪر کي چئُہ تہ اسان جي اڳيان لنگهي اڳتي وڃي (۽ هو لنگهي اڳتي ويو)، پر تون هن هنڌ بيهي رهہ تہ آءٌ توکي خدا جو ڪلام ٻڌايان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">تڏهن سموئيل تيل جي ڪُپي کڻي هن جي مٿي تي هاري، ۽ هن کي چُمي ڏنائين، ۽ چيائين تہ ائين ناهي ڇا تہ خداوند توکي انهي لاءِ تيل مکيو آهي تہ تون سندس ميراث جو سردار ٿين؟</verse>
				<verse number="2">جڏهن تون اڄ مون وٽان موڪلائي روانو ٿيندين تڏهن بنيمين جي سرحد ۾، ضلضح ۾ راحل جي قبر وٽ، توکي ٻہ ماڻهو ملندا؛ ۽ اُهي توکي چوندا تہ جن گڏهن کي تون ڳولڻ ويو هئين سي لڌا آهن: ۽ ڏس تنهنجي پيءُ گڏهن جي ڳڻتي ڇڏي ڏني آهي، ۽ اوهان جي ڳڻتي ۾ آهي، ۽ چوي ٿو تہ آءٌ پنهنجي پٽ لاءِ ڇا ڪريان؟</verse>
				<verse number="3">تڏهن تون اُتان اڳتي وڃي تبور جي شاهہ بلوط وٽ ايندين، ۽ اُتي توکي ٽي ماڻهو بيت ايل ڏانهن مٿي چڙهندا خدا وٽ ويندا ملندا، هڪڙو ٽي ڇيلا کنيو ويندو، ۽ ٻيو ٽي نان کنيو ويندو، ۽ ٽيون شراب جي سانداري کنيو ويندو:</verse>
				<verse number="4">۽ اُهي توکي سلام ڪندا، ۽ توکي بہ نان ڏيندا؛ جي تون اُنهن جي هٿان وٺج.</verse>
				<verse number="5">انهي کان پوءِ تون خدا جي ٽڪريءَ تي اچج، جتي فلستين جي پهري وارو شهر آهي: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون شهر ۾ ايندين، تڏهن توکي بنيمين جي هڪڙي ٽولي گڏبي، جا سنطرو، ۽ دف، ۽ بانسري، ۽ بربط پنهنجي اڳيان کنيو اُنهيءَ مٿانهين جاءِ کان هيٺ لهندي ايندي؛ ۽ اُهي نبوت ڪندا:</verse>
				<verse number="6">تڏهن خداوند جو روح ڏاڍي زور سان تو تي نازل ٿيندو، ۽ تون بہ هنن سان گڏ نبوت ڪندين، ۽ بدلجي هڪڙو ٻيو ماڻهو ٿي پوندين.</verse>
				<verse number="7">۽ جڏهن اهي نشانيون تو تي اچن تڏهن جيئن اُنهي وقت تو کي مناسب نظر اچي تيئن ڪج؛ ڇالاءِ جو خداوند توسان آهي.</verse>
				<verse number="8">۽ تون مون کان اڳ ۾ جلجال ڏي لهي ويندين؛ ۽ ڏس، آءٌ تو وٽ ايندس، انهي لاءِ تہ سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون بجا آڻيان؛ ست ڏينهن تون اُتي ترسج، جيسين ڪ آءٌ تو وٽ اچان، ۽ جيڪي توکي ڪرڻو آهي، سو توکي ڏيکاريان.</verse>
				<verse number="9">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو پٺ ورائي سموئيل وٽان روانو ٿيو تڏهن خدا هن کي ٻي دل ڏني: ۽ اُهي سڀ نشانيون انهي ڏينهن ظاهر ٿيون.</verse>
				<verse number="10">۽ جڏهن هو اُتي اُنهي ٽڪريءَ وٽ آيا، تڏهن ڏسو، بنيمين جي هڪڙي ٽولي هن کي گڏي؛ ۽ خدا جو روح ڏاڍي زور سان مٿس آيو، ۽ هو انهن سان گڏ نبوت ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="11">۽ جڏهن اُهي سڀ ماڻهو جي هن کي اڳي سڃاڻندا هئا تن ڏٺو تہ هو نبين سان گڏ نبوت ٿو ڪري، تڏهن اُهي هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ قيس جي پٽ کي ڇا ٿيو آهي؟ سائول بہ نبين منجهان آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="12">۽ انهي ساڳئي هنڌ جي هڪڙي ماڻهوءَ ورندي ڏيئي چيو تہ هن جو پيءُ ڪير آهي؟ انهي ڪري اهو پهاڪو ٿي ويو تہ: سائول بہ نبين منجهہ آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="13">۽ جڏهن هن نبوت ڪري بس ڪئي تڏهن هو اُنهيءَ مٿانهين جاءِ تي آيو.</verse>
				<verse number="14">۽ سائول جي چاچي هن کي ۽ سندس نوڪر کي چيو تہ اوهين ڪاڏي ويا هئا؟ تڏهن هن چيو تہ گڏهہ ڳولڻ: ۽ جڏهن اسان ڏٺو تہ اُهي نٿا لڀن تڏهن اسين سموئيل وٽ وياسين.</verse>
				<verse number="15">۽ سائول جي چاچي چيو تہ ڀلائي ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ سموئيل اوهان کي ڇا چيو؟</verse>
				<verse number="16">تڏهن سائول پنهنجي چاچي کي چيو تہ هن اسان کي چٽيءَ طرح ٻڌايو تہ گڏهہ لڌا آهن. پر بادشاهت واري ڳالهہ، جا سموئيل هن کي چئي هئي، سا هن انهي کي نہ ٻڌائي.</verse>
				<verse number="17">پوءِ سموئيل قوم کي مصفاہ ۾ خداوند جي حضور ۾ سڏي گڏ ڪيو؛</verse>
				<verse number="18">۽ بني اسرائيل کي چيائين تہ خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ مون اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ اوهان کي مصرين جي هٿان، ۽ اُهي سڀ حڪومتون جي اوهان تي ظلم ڪنديون هيون، تن جي هٿان ڇڏايم؛</verse>
				<verse number="19">پر اڄوڪي ڏينهن اوهان پنهنجي خدا کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جو پاڻ اوهان کي اوهانجن سڀني آفتن ۽ مصيبتن مان بچائي ٿو؛ ۽ اوهان هن کي چيو آهي تہ اسان تي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪر. تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجن فرقن موجب، ۽ پنهنجن هزارن موجب، خداوند جي اڳيان حاضر ٿيو.</verse>
				<verse number="20">تڏهن سموئيل اسرائيل جا سڀ فرقا گڏ ڪيا، ۽ بنيمين جو فرقو چونڊيو ويو.</verse>
				<verse number="21">۽ هن بنيمين جو فرقو، سندن قبيلن موجب گڏ ڪيو، ۽ مطرين جو قبيلو چونڊي ڪڍيو ويو: ۽ سائول جو پٽ قيس ڪڍيو ويو؛ پر جڏهن هنن انهي کي ڳوليو تڏهن هو لڀي نہ سگهيو.</verse>
				<verse number="22">تنهنڪري هن خداوند کان وري بہ پڇيو تہ ڪو ماڻهو اڃا بہ هتي اچڻو آهي ڇا؟ ۽ خداوند ورندي ڏني تہ ڏسو، هن پاڻ کي سامان جي وچ ۾ وڃي لڪايو آهي.</verse>
				<verse number="23">تڏهن هنن ڊوڙي وڃي هن کي اُتان ڪڍيو؛ ۽ جڏهن هو ماڻهن منجهہ اچي بيٺو تڏهن ڪلهن کان مٿي ٻين سڀني ماڻهن کان ڊگهو هو.</verse>
				<verse number="24">۽ سموئيل سڀني ماڻهن کي چيو تہ اوهين انهي ماڻهوءَ کي ٿا ڏسو جنهن کي خداوند پسند ڪيو آهي، ۽ انهي جهڙو سڄي قوم ۾ ٻيو ڪوبہ ڪونهي. تڏهن سڀني ماڻهن نعرو هڻي چيو تہ خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي.</verse>
				<verse number="25">تڏهن سموئيل ماڻهن کي بادشاهت جو قاعدو بيان ڪري ٻڌايو، ۽ اُهو هڪڙي ڪتاب ۾ لکي ڇڏيائين، ۽ اُهو خداوند جي اڳيان رکيائين، پوءِ سموئيل سڀني ماڻهن کي پنهنجي پنهنجي گهر روانو ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="26">۽ سائول بہ جبعہ ۾ پنهنجي گهر ويو؛ ۽ اُنهي سان گڏ اُنهن ماڻهن جو هڪڙو لشڪر هو، جن جي دلين کي خدا ڇهيو هو.</verse>
				<verse number="27">پر ڪن شيطان زادن چيو تہ هي ماڻهو ڀلا ڪيئن اسان کي بچائي سگهندو؟ ۽ اُنهن هن کي حقير ڄاتو، ۽ وٽس ڪوبہ نذرانو نہ آندائون، پر هن ڪُڇيو ئي ڪين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">تنهن کان پوءِ ناحس عموني آيو، ۽ يبيس جلعاد جي سامهون اچي منزل ڪيائين: ۽ يبيس جي سڀني ماڻهن ناحس کي چيو، تہ اسان سان عهد ڪر تہ پوءِ اسين تنهنجي خدمت چاڪري ڪريون.</verse>
				<verse number="2">۽ ناحس عمونيءَ هنن کي چيو، تہ انهي شرط تي آءٌ اوهان سان عهد ڪندس، تہ اوهانجون ساڄون اکيون ڪڍائي ڇڏيان؛ ۽ اهو خواريءَ جو عيب ساري اسرائيل تي رکان.</verse>
				<verse number="3">تڏهن يبيس جي بزرگن هن کي چيو تہ اسان کي ستن ڏينهن جي مهلت ڏي، تہ اسين اسرائيل جي سڀني سرحدن ۾ قاصد موڪليون: ۽ پوءِ جي ڪوبہ اسان کي بچائڻ وارو ڪونہ ٿيو، تہ اسين تو وٽ اينداسين.</verse>
				<verse number="4">تڏهن قاصد سائول جي جبعہ ۾ آيا، ۽ ماڻهن جي ڪنن تي هي ڳالهيون وڌائون: ۽ سڀيئي ماڻهو رڙيون ڪري روئڻ لڳا.</verse>
				<verse number="5">۽ ڏس، سائول ٻنيءَ مان ڏاندن جي پٺيان پئي آيو: ۽ سائول چيو تہ ماڻهن سان ڪهڙي ويڌن آهي جو هو روئن ٿا؟ ۽ هنن اُنهي کي يبيس جي ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌايون.</verse>
				<verse number="6">۽ جڏهن سائول اِهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن خداوند جو روح ڏاڍي زور سان هن تي آيو، ۽ هن جي ڪاوڙ تمام گهڻو ڀڙڪي.</verse>
				<verse number="7">۽ هن ڏاندن جو هڪڙو جوڙو کڻي انهن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو، ۽ اُهي قاصدن جي هٿان اسرائيل جي سڀني سرحدن ۾ موڪلي ڏنائين، ۽ چوائي موڪليائين تہ جيڪو سائول ۽ سموئيل جي پٺيان نڪري نہ ايندو تنهن جي ڏاندن جو بہ ساڳيو حال ڪيو ويندو، ۽ خداوند جو خوف ماڻهن تي پيو، ۽ اُهي سڀيئي گڏجي نڪري آيا.</verse>
				<verse number="8">۽ هن بزق ۾ انهن جو شمار ڪيو؛ ۽ بني اسرائيل ٽي لک ٿيا، ۽ يهوداہ جا ماڻهو ٽيهہ هزار ٿيا.</verse>
				<verse number="9">۽ جيڪي قاصد آيا هئا تن کي هنن چيو تہ اوهين يبيس جلعاد جي ماڻهن کي هيئن چئجو، تہ سڀاڻي جڏهن سج تپندو تڏهن اوهان جو ڇوٽڪارو ٿيندو، ۽ قاصدن اچي يبيس جي ماڻهن کي ائين ئي چيو؛ ۽ هو خوش ٿيا.</verse>
				<verse number="10">تنهنڪري يبيس جي ماڻهن هنن کي چيو تہ سڀاڻي اسين نڪري اوهان وٽ اينداسين، پوءِ جيئن اوهان کي چڱو لڳي تيئن اسان سان ڪجو.</verse>
				<verse number="11">۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ سائول ماڻهن جون ٽي ٽوليون ڪيون؛ ۽ اُهي رات جي پوئين پهر ۾ لشڪرگاهہ جي وچ ۾ اچي پيون، ۽ جيسين ڏينهن گرم ٿيو تيسين عمونين کي پئي ماريائون: ۽ هيئن ٿيو تہ جيڪي باقي بچيا سي ٽڙي پکڙي ويا، ايتري قدر جو انهن مان ٻہ بہ گڏ رهجي نہ ويا.</verse>
				<verse number="12">۽ ماڻهن سموئيل کي چيو تہ اُهو ڪير آهي جنهن چيو تہ سائول اسان تي حڪومت ڪندو ڇا؟ اُهي ماڻهو وٺي اچ تہ اسين انهن کي قتل ڪريون.</verse>
				<verse number="13">۽ سائول چيو تہ اڄ ڪوبہ ماڻهو قتل نہ ڪيو ويندو: ڇالاءِ جو اڄ خداوند اسرائيل کي ڇوٽڪارو ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="14">تڏهن سموئيل ماڻهن کي چيو تہ اچو تہ جلجال ڏي هلون، ۽ اُتي نئين سر بادشاهي قائم ڪريون.</verse>
				<verse number="15">۽ سڀ ماڻهو جلجال ڏي ويا؛ ۽ اُتي هنن سائول کي جلجال ۾ خداوند جي اڳيان بادشاهہ ڪيو؛ ۽ اُتي هنن خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جي نذرانن جون قربانيون ذبح ڪيون؛ ۽ اُتي سائول ۽ اسرائيل جي سڀني ماڻهن ڏاڍيون خوشيون ڪيون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">۽ سموئيل سڀني اسرائيلين کي چيو تہ ڏسو، جيڪي اوهان مون کي چيو تنهن نسبت ۾ مون اوهان جي سڀ ڪا ڳالهہ مڃي، ۽ اوهان جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيم.</verse>
				<verse number="2">۽ هاڻي ڏسو اُهو بادشاهہ اوهان جي اڳيان هلي ٿو: ۽ آءٌ ٻڍو آهيان، ۽ منهنجو مٿو اڇو ٿيو آهي؛ ۽ ڏسو، منهنجا پٽ اوهان سان آهن: ۽ آءٌ ننڍپڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اوهان جي اڳيان پئي هليو آهيان.</verse>
				<verse number="3">اِجهو آءٌ حاضر آهيان: خداوند جي اڳيان، ۽ سندس مسح ڪيل جي اڳيان، اوهين مون تي شاهدي ڏيو: مون ڪنهن جو ڏاند ورتو آهي؟ يا ڪنهن جو گڏهہ مون ورتو آهي؟ يا ڪنهن سان ٺڳي ڪئي اٿم، يا ڪنهن تي مون ظلم ڪيو آهي؟ يا ڪنهن جي هٿان مون رشوت وٺي انهي سان پنهنجون اکيون بند ڪيون آهن؟ تہ آءٌ اُها موٽائي اوهان کي ڏيان.</verse>
				<verse number="4">تڏهن هنن چيو تہ تو اسان کي نڪي ٺڳيو آهي، نڪي اسان تي ڪو ظلم ڪيو آهي، نڪي تو ڪنهن ماڻهو جي هٿان ڪا شيءِ ورتي آهي.</verse>
				<verse number="5">۽ هن چيو تہ خدا اوهان تي شاهد آهي، ۽ سندس مسح ڪيل اڄ شاهد آهي، تہ اوهان منهنجي هٿ ۾ ڪي ڪين لڌو آهي. ۽ هنن چيو تہ اهو شاهد آهي.</verse>
				<verse number="6">۽ سموئيل ماڻهن کي چيو، تہ اهو خداوند آهي جنهن موسيٰ ۽ هارون کي مقرر ڪيو، ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندائين.</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري هاڻي ماٺ ڪري بيهو، تہ جيڪي نيڪيءَ جا ڪم خداوند اوهان سان، ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن سان ڪيا، تن سڀني کي آءٌ خداوند جي اڳيان اوهان تي ثابت ڪريان.</verse>
				<verse number="8">جڏهن يعقوب مصر ۾ آيو، ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن خداوند وٽ دانهن ڪئي، تڏهن خداوند موسيٰ ۽ هارون کي موڪليو، جن اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ انهن کي هن هنڌ آڻي وسايائين.</verse>
				<verse number="9">پر هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو، ۽ هن انهن کي حصور جي لشڪر جي سردار سيسرا جي هٿ، ۽ فلستين جي هٿ، ۽ موآب جي بادشاهہ جي هٿ وڪڻي ڇڏيو، ۽ اُهي هنن سان وڙهيا.</verse>
				<verse number="10">۽ هنن خداوند وٽ دانهن ڪئي، ۽ چيائون تہ اسان گناهہ ڪيو آهي، جو خداوند کي ڇڏي ڏنو اٿئون، ۽ بعليم، ۽ عستارات جي عبادت ڪئي اٿئون: پر هاڻي اسان کي اسانجن دشمنن جي هٿان ڇڏاءِ، تہ تنهنجي عبادت ڪريون.</verse>
				<verse number="11">۽ خداوند، يروبعل، ۽ بدان، ۽ افتاح، ۽ سموئيل موڪليا، ۽ اوهان کي سڀ ڪنهن پاسي اوهانجن دشمنن جي هٿان ڇڏايائين، ۽ اوهين سلامتيءَ سان رهندا آيا.</verse>
				<verse number="12">۽ جڏهن اوهان ڏٺو تہ بني عمون جو بادشاهہ ناحس اوهان تي ڪاهي آيو تڏهن اوهان مون کي چيو تہ اسان تي هڪڙو بادشاهہ ضرور بادشاهي ڪري: ۽ حقيقت ڪري خداوند اوهان جو خدا اوهان جو بادشاهہ هو.</verse>
				<verse number="13">تنهنڪري هاڻي اُهو بادشاهہ ڏسو، جنهن کي اوهان پسند ڪيو آهي، ۽ جو اوهان گهري ورتو آهي: ۽ ڏسو، خداوند هڪڙو بادشاهہ اوهان تي مقرر ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="14">جيڪڏهن اوهين خدا کان ڊڄندا، ۽ انهي جي عبادت ڪندا، ۽ اُنهي جو حڪم مڃيندا، ۽ خداوند جي حڪم جي برخلاف باغي نہ ٿيندا، ۽ اوهين توڙي جيڪو بادشاهہ اوهان تي بادشاهي ڪري ٿو، ٻئي خداوند پنهنجي خدا جي پيروي ڪندا، تہ چڱو:</verse>
				<verse number="15">پر جي اوهين خداوند جي ڳالهہ نہ مڃيندا، ۽ خداوند جي حڪم جي برخلاف ٿيندا، تہ خداوند جو هٿ اوهان جي برخلاف ائين ٿيندو جيئن ڪ اوهان جي ابن ڏاڏن جي برخلاف هو.</verse>
				<verse number="16">تنهنڪري هاڻي ماٺ ڪري بيهو، ۽ هيءُ وڏو ڪم ڏسو جو خداوند اوهان جي اکين اڳيان ڪندو.</verse>
				<verse number="17">اڄ ڪڻڪ جي فصل لهڻ جو ڏينهن نہ آهي ڇا؟ آءٌ خداوند کي عرض ڪندس تہ گجگوڙ ۽ مينهن موڪلي؛ ۽ اوهين ڄاڻندا ۽ ڏسندا تہ پنهنجي لاءِ بادشاهہ گهرڻ ڪري اوهان خداوند جي نظر ۾ وڏو گناهہ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="18">پوءِ سموئيل خداوند کي عرض ڪيو؛ ۽ خداوند انهي ڏينهن گجگوڙ ۽ مينهن موڪليو: ۽ سڀ ماڻهو خداوند کان ۽ سموئيل کان تمام گهڻو ڊنا.</verse>
				<verse number="19">۽ سڀني ماڻهن سموئيل کي چيو تہ تون پنهنجن ٻانهن جي لاءِ خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهر، تہ اسين مري نہ وڃون؛ ڇالاءِ جو اسان پنهنجن اڳوڻن گناهن تي هيءَ خرابي بہ زيادہ ڪئي آهي، جو پنهنجي لاءِ بادشاهہ گهريو اٿئون.</verse>
				<verse number="20">تڏهن سموئيل ماڻهن کي چيو تہ ڊڄو نہ: حقيقت ۾ هيءَ سڀ خرابي اوهان جي ڪيل آهي: انهيءَ هوندي بہ خداوند جي پيروي ڪرڻ کان نہ ڦرو، پر پنهنجي سموري دل سان خداوند جي عبادت ڪريو؛</verse>
				<verse number="21">۽ گمراهہ ٿي نہ وڃو: نہ تہ اوهين اجاين ڳالهين جي پٺيان ويندا، جنهنڪري اوهان کي ڪوبہ فائدو يا ڇوٽڪارو نہ ملندو، ڇالاءِ جو اُهي سڀ اجايون آهن.</verse>
				<verse number="22">۽ خداوند پنهنجي وڏي نالي جي سببان، پنهنجي قوم کي ڪين ڇڏيندو: ڇالاءِ جو خداوند جي مرضي اها آهي تہ اوهان کي پنهنجي قوم ڪري.</verse>
				<verse number="23">تنهن کان سواءِ، شل خدا ائين نہ ڪري تہ اوهان جي حق ۾ دعا گهرڻ کان آءٌ بس ڪري خداوند جو گناهہ ڪريان: پر آءٌ اوهان کي چڱي، ۽ سنئين رستي جي تعليم ڏيندو رهندس.</verse>
				<verse number="24">رڳو خداوند کان ڊڄو ۽ پنهنجي سڄي دل سان سچيءَ طرح سندس عبادت ڪريو: ڇالاءِ تہ ويچار ڪري ڏسو تہ هن اوهان جي لاءِ ڪهڙا نہ وڏا ڪم ڪيا آهن.</verse>
				<verse number="25">پر جيڪڏهن اڃا بہ اوهين شرارت جهڙا ڪم ڪندا رهندا، تہ اوهين توڙي اوهان جو بادشاهہ ٻئي چٽ ٿي ويندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">سائول جڏهن بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن ٽيهن ورهين جو هو: ۽ هن اسرائيل تي ٻہ ورهيہ بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="2">۽ سائول پنهنجي لاءِ ٽي هزار ماڻهو اسرائيل مان چونڊي ڪڍيا؛ انهن مان ٻہ هزار سائول سان مڪماس ۾، ۽ بيت ايل جي جبل ۾ هئا، ۽ هڪ هزار يونتن سان بنيمين جي جبعہ ۾ هئا: ۽ ٻين سڀني ماڻهن کي هن موڪليو تہ هرڪو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ۾ وڃي.</verse>
				<verse number="3">۽ فلستين جي قلعي جي فوج، جا جبعہ ۾ هئي، تنهن کي يونتن ماريو، ۽ فلستين اها ڳالهہ ٻڌي، ۽ سائول قرناءِ وڄارائي سڄي ملڪ ۾ پڌرائي ڪرائي، ۽ چوايو تہ ڀلي عبراني ٻڌن.</verse>
				<verse number="4">۽ سڀني اسرائيلين اها خبر ٻڌي تہ سائول فلستين جي قلعي واري فوج کي ماريو آهي، ۽ اسرائيل ڏانهن فلستين کي نفرت آهي، ۽ ماڻهو سائول جي پٺيان جلجال ۾ اچي گڏ ٿيا.</verse>
				<verse number="5">۽ فلستي بہ اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا، ٽيهہ هزار جنگي گاڏيون، ۽ ڇهہ هزار گهوڙي سوار، ۽ ايترا بيشمار ماڻهو، جهڙي واري جا سمنڊ جي ڪناري تي آهي: ۽ هو ڪاهي آيا، ۽ اچي مڪماس ۾، بيت آون جي اُڀرندي ڏانهن تنبو هنيائون.</verse>
				<verse number="6">جڏهن اسرائيل جي ماڻهن ڏٺو تہ ڏاڍا تنگ اچي ٿيا آهيون (ڇالاءِ جو اُهي ماڻهو ڏاڍي تڪليف ۾ هئا) تڏهن هنن پاڻ کي غارن، ۽ گهاٽن جهنگن، ۽ ٽڪرن، ۽ ڏرن، ۽ کڏن ۾ لڪايو.</verse>
				<verse number="7">هاڻي عبرانين مان ڪي يردن جي هن ڀر لنگهي جد ۽ جلعاد جي ملڪ ڏي ويا؛ پر سائول اڃا بہ جلجال ۾ هو، ۽ سڀيئي ماڻهو ڏڪندا هن جي پٺيان ويا.</verse>
				<verse number="8">۽ جيڪو وقت سموئيل مقرر ڪيو هو، اُن موجب سائول ست ڏينهن ترسيو. پر سموئيل جلجال ۾ نہ آيو؛ ۽ ماڻهو هن کان ٽڙي پکڙي ويا.</verse>
				<verse number="9">تڏهن سائول چيو تہ سوختني قرباني ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون مون وٽ کڻي اچو. ۽ هن سوختني قرباني چاڙهي.</verse>
				<verse number="10">۽ جڏهن هو اُها سوختني قرباني چاڙهي رهيو، تہ اوچتو سموئيل اچي نڪتو؛ ۽ سائول هن جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪري ويو، تہ هن کي سلام ڪري.</verse>
				<verse number="11">۽ سموئيل چيو تہ تو هي ڇا ڪيو آهي؟ تڏهن سائول چيو تہ مون ڏٺو تہ ماڻهو مون کان ٽڙي پکڙي ويا آهن، ۽ ٺهرايل ڏينهن جي اندر تون بہ ڪين آئين، ۽ فلستي بہ مڪماس ۾ اچي گڏ ٿيا؛</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري مون چيو تہ هاڻي فلستي جلجال ۾ مون تي ڪاهي ايندا، ۽ مون خداوند جي فضل لاءِ کيس منٿ نہ ڪئي آهي: تنهنڪري مون مجبور ٿي سوختني قرباني چاڙهي.</verse>
				<verse number="13">۽ سموئيل سائول کي چيو تہ تو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي: تو خداوند پنهنجي خدا جي ڏنل حڪم تي پوري تعميل نہ ڪئي آهي: ڇالاءِ جو هاڻي خداوند تنهنجي بادشاهي اسرائيل تي هميشہ لاءِ قائم ڪرڻ وارو هو.</verse>
				<verse number="14">پر هاڻي تنهنجي بادشاهي قائم نہ رهندي: خداوند پنهنجي لاءِ پنهنجي دل جي پسنديءَ موجب هڪڙو ماڻهو ڳولي ڪڍيو آهي، ۽ خداوند انهي کي پنهنجي قوم تي سردار مقرر ڪيو آهي، ڇالاءِ جو جيڪو حڪم توکي خداوند ڏنو تنهن جي تو سنڀال نہ ڪئي.</verse>
				<verse number="15">۽ سموئيل اُٿيو ۽ جلجال مان نڪري بنيمين جي جبعہ ۾ آيو، ۽ جيڪي ماڻهو سائول وٽ حاضر هئا تن جو هن شمار ڪيو تہ اٽڪل ڇهہ سؤ ماڻهو ٿيا.</verse>
				<verse number="16">۽ سائول ۽ سندس پٽ يونتن، ۽ جيڪي ماڻهو وٽن حاضر هئا سي بنيمين جي جبعہ ۾ رهي پيا: پر فلستي مڪماس ۾ منزل ڪيو رهيا پيا هئا،</verse>
				<verse number="17">۽ ڦرلٽ ڪرڻ وارا فلستين جي لشڪرگاهہ مان ٽي ٽوليون ڪري نڪتا: هڪڙي ٽوليءَ اُنهي رستي ڏي رُخ رکيو جو عفراہ ڏي سعال جي زمين تائين ٿو وڃي:</verse>
				<verse number="18">۽ ٻي ٽوليءَ ڦري بيت حورون جو رستو ورتو: ۽ ٽين ٽولي اُنهي سرحد واري رستي وڃڻ لڳي، جتان هيٺ ضبوعيم جي وادي، بيابان واري طرف، ڏسڻ ۾ پئي اچي.</verse>
				<verse number="19">هاڻي اسرائيل جي سڄي ملڪ ۾ ڪو لوهار هٿ نٿي آيو: ڇالاءِ جو فلستين چيو تہ متان عبراني پنهنجي لاءِ تراريون يا ڀالا جوڙائين:</verse>
				<verse number="20">پر سڀ اسرائيلي پنهنجا هر، ڦار، ڪهاڙا ۽ پنهنجون ڪوڏاريون فلستين وٽ وڃي تکا ڪرائيندا هئا؛</verse>
				<verse number="21">تڏهن بہ کين ڪوڏارين، ڦارن، ۽ ڏاندارين، ۽ ڪهاڙين ۽ پڻياٺين کي تکي ڪرڻ لاءِ ٽڪوري هوندي هئي.</verse>
				<verse number="22">تنهنڪري سائول ۽ سندس پٽ يونتن کان سواءِ جنگ جي ڏينهن جيڪي ماڻهو سائول ۽ يونتن سان هئا، تن مان ڪنهن جي بہ هٿ ۾ ترار يا ڀالو نہ هو.</verse>
				<verse number="23">۽ فلستين جي قلعي واري فوج نڪري مڪماس جي لڪ تي ويٺي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">هاڻي هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو تہ سائول جي پٽ يونتن پنهنجي زرهہ بردار جوان کي چيو تہ اچ تہ هن پاسي فلستين جي قلعي واري فوج ڏي هلون. پر اها ڳالهہ هن پنهنجي پيءُ کي نہ ٻڌائي.</verse>
				<verse number="2">۽ سائول جبعہ جي سرحد تي، جيڪو ڏاڙهونءَ جو وڻ مجرون ۾ آهي، تنهن هيٺان رهيو پيو هو: ۽ اٽڪل ڇهہ سؤ ماڻهو ساڻس هئا.</verse>
				<verse number="3">۽ اخياہ بن اخيطوب، جو يڪبود بن فينحاس، بن عيلي جو ڀاءُ هو، ۽ سيلا ۾ خداوند جو ڪاهن هو، سو بہ اُفود ڍڪيو ويٺو هو، ۽ ماڻهن کي ڪابہ خبر ڪانہ هئي تہ يونتن هليو ويو آهي.</verse>
				<verse number="4">۽ جن جبل وارن لڪن جي وچان يونتن فلستين جي قلعي واري فوج ڏي وڃڻ ٿي گهريو، اُتي هڪڙي پاسي هڪڙي اُڀ ڪپري ٽڪري هئي، ۽ ٻئي پاسي ٻي اُڀ ڪپري ٽڪري هئي: ۽ هڪڙي جو نالو بوصيص هو ۽ ٻيءَ جو سنہ.</verse>
				<verse number="5">هڪڙي ٽڪري اُتر ڏي مڪماس جي سامهون هئي، ۽ ٻي ڏکڻ ڏي جبع جي سامهون.</verse>
				<verse number="6">۽ يونتن پنهنجي زرهہ بردار جوان کي چيو تہ اچ تہ هنن اڻ طهريلن جي فوج ۾ هلون: من خداوند اسان جي لاءِ ڪم ڪري: ڇالاءِ جو ڇڏائڻ جي لاءِ خداوند کي گهڻن يا ٿورن جي ڪابہ رڪاوٽ ڪانهي</verse>
				<verse number="7">۽ هن جي زرهہ بردار کيس چيو تہ جيئن تنهنجي دل چوي تيئن ڪر؛ ڦري هل، ڏس آءٌ تنهنجي مرضيءَ موجب توسان آهيان.</verse>
				<verse number="8">تڏهن يونتن چيو تہ ڏس، اسين انهن ماڻهن ڏانهن لنگهي هلي وٽن پاڻ ظاهر ڪنداسين.</verse>
				<verse number="9">جيڪڏهن هو اسان کي چوندا تہ جيسين اسين اچون تيسين ترس؛ تہ پوءِ اسين پنهنجي جاءِ تي بيهي رهنداسين، ۽ اُنهن تائين نہ هلنداسين.</verse>
				<verse number="10">پر جي هو چوندا تہ اسان وٽ اچو تہ پوءِ اسين چڙهي هلنداسين: ڇالاءِ جو خداوند انهن کي اسانجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي: ۽ اها اسان جي لاءِ نشاني ٿيندي.</verse>
				<verse number="11">تڏهن هنن ٻنهي فلستين جي فوج وٽ وڃي پاڻ کي ظاهر ڪيو: ۽ فلستين چيو تہ ڏسو، عبراني جن غارن ۾ وڃي لڪا هئا تن مان نڪري پيا اچن.</verse>
				<verse number="12">۽ فوجي ماڻهن يونتن ۽ سندس زرهہ بردار کي ورندي ڏيئي چيو تہ اسان وٽ چڙهي اچو تہ اوهان کي هڪڙي شيءِ ڏيکاريون، ۽ يونتن پنهنجي زرهہ بردار کي چيو تہ منهنجي پٺيان اچ: ڇالاءِ جو خداوند هنن کي اسرائيل جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="13">۽ يونتن پنهنجن هٿن ۽ پيرن سان مٿي چڙهيو، ۽ سندس زرهہ بردار پٺيانس لڳو: ۽ هو يونتن جي اڳيان شڪست کائي ڪِريا؛ ۽ سندس زرهہ بردار بہ سندس پٺيان هنن کي قتل ڪيو.</verse>
				<verse number="14">۽ اهو پهريون ڪوس، جو يونتن ۽ سندس زرهہ بردار هنن ۾ وڌو، تنهن ۾ اٽڪل ويهہ ماڻهو زمين جي هڪڙي ايڪڙ جي هر کيڙڻ جي ڪياڙيءَ جيتري ٽڪر جي اڌ ۾ مارجي ويا.</verse>
				<verse number="15">۽ لشڪرگاهہ ۾، ميدان ۾، ۽ سڀني ماڻهن ۾، اچي ڏڪڻي پيئي؛ فوجي ۽ ڦرلٽ ڪرڻ وارا بہ پئي ڏڪيا: ۽ زمين بہ پئي ڌٻي؛ مطلب تہ نهايت وڏي ڏڪڻي پئجي ويئي.</verse>
				<verse number="16">۽ سائول جي پهري وارن بنيمين جي جبعہ ڏانهن پئي نهاريو؛ ۽ ڏسن تہ خلق ٽڙي پکڙي گم ٿي ويئي، ۽ ماڻهو هيڏي هوڏي هليا ويا</verse>
				<verse number="17">تڏهن سائول اُنهن ماڻهن کي چيو جي ساڻس هئا تہ شمار ڪريو ۽ ڏسو تہ اسان مان ڪير نڪري ويو آهي، ۽ جڏهن هنن شمار ڪيو تڏهن ڏسن تہ يونتن ۽ سندس زرهہ بردار آهن ئي ڪونہ.</verse>
				<verse number="18">۽ سائول اخياہ کي چيو تہ خدا جي صندوق کڻي اچ، ڇالاءِ جو خدا جي صندوق انهي وقت بني اسرائيل وٽ اُتي هئي.</verse>
				<verse number="19">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اڃا سائول ڪاهن سان پئي ڳالهايو، تڏهن فلسطين جي لشڪرگاهہ ۾ جيڪو گوڙ هو سو وڌندو ويو: ۽ سائول ڪاهن کي چيو تہ پنهنجو هٿ کڻي وٺ.</verse>
				<verse number="20">۽ سائول، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي گڏ ٿيا، ۽ جنگ ڪرڻ آيا: ۽ ڏسو هر ڪنهن ماڻهوءَ جي ترار سندس سنگتيءَ جي مٿان هئي، ۽ نهايت گهڻي پريشاني، ۽ حيراني پئجي وئي.</verse>
				<verse number="21">هاڻي جيڪي عبراني اڳي وانگر فلسطين سان هئا، ۽ جيڪي اُنهن سان گڏجي آس پاس واري ملڪ مان لشڪرگاهہ ڏي ويا هئا: سي بہ ڦري انهن اسرائيلين سان ٿيا جي سائول ۽ يونتن سان هئا.</verse>
				<verse number="22">ساڳيءَ طرح اسرائيل جا سڀ ماڻهو، جي افرائيم جي ڪوهستان ۾ وڃي لڪا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ فلستي ڀڄي ويا، تڏهن اُهي بہ جنگ ۾ اُنهن جي پٺيان سوڙها اچي پيا.</verse>
				<verse number="23">انهي طرح خداوند انهي ڏينهن اسرائيل کي بچايو: ۽ جنگ لنگهي بيت آون جي پاسي کان ويئي.</verse>
				<verse number="24">۽ اسرائيل جا ماڻهو انهي ڏينهن ڏاڍي تڪليف ۾ هئا: پر سائول ماڻهن کي قسم ڏيئي چيو تہ لعنت هجي انهي ماڻهوءَ تي جو اڄ شام تائين کاڌو کائي، جيستائين ڪ آءٌ پنهنجن دشمنن کان وير نہ وٺان. تنهنڪري ماڻهن مان ڪنهن بہ کاڌو نہ چکيو.</verse>
				<verse number="25">۽ سڀ ماڻهو ٻيلي ۾ آيا؛ ۽ اُتي زمين تي ماکي پئي هئي.</verse>
				<verse number="26">۽ جڏهن ماڻهو ٻيلي ۾ آيا، تڏهن ڏسن تہ ماکي پئي ٽمي: پر ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي وات تائين هٿ نہ آندو؛ ڇالاءِ جو ماڻهو قسم کان ڊنا.</verse>
				<verse number="27">پر يونتن اِهو ڪونہ ٻڌو هو تہ پڻس ماڻهن کي قسم ڏنو آهي: تنهنڪري هن پنهنجي هٿ واري لٺ جو ڇيڙو ماکيءَ جي ماناري ۾ ٽنبي، پنهنجو هٿ وات تائين آندو؛ ۽ سندس اکيون روشن ٿيڻ لڳيون.</verse>
				<verse number="28">تڏهن ماڻهن مان هڪڙي ورندي ڏئي چيو تہ تنهنجي پيءُ ماڻهن کي سخت قسم ڏنو هو ۽ چيو هئائين تہ جيڪو اڄ ڪجهہ بہ کائيندو تنهن تي لعنت هجي؛ ۽ ماڻهو ٿڪل هئا.</verse>
				<verse number="29">تڏهن يونتن چيو تہ بابي ملڪ کي تڪليف ۾ وڌو آهي: آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ ڏسو تہ مون ٿوري ماکي چکي آهي تہ منهنجون اکيون ڪيئن نہ روشن ٿي پيون آهن.</verse>
				<verse number="30">جيڪڏهن ماڻهو پنهنجن دشمنن جي هٿ ڪيل لٽ جي مال مان اڄ ڍءُ ڪري کائين ها، تہ ڪيترو نہ وڌيڪ فائدو ٿئي ها؟ ڇالاءِ جو هاڻي فلستين ۾ ڪوبہ وڏو ڪوس ڪونہ ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="31">پوءِ هنن انهي ڏينهن مڪماس کان وٺي ايالون تائين فلستين کي ماريو: ۽ ماڻهو تمام ٿڪجي پيا.</verse>
				<verse number="32">۽ ماڻهو لٽ جي مال تي ڪاهي اچي پيا، ۽ رڍون، ۽ ڏاند، ۽ گابا هٿ ڪيائون، ۽ اُهي زمين تي ذبح ڪيائون: ۽ ماڻهن اُهي رت سميت کاڌا.</verse>
				<verse number="33">تڏهن هنن سائول کي چيو تہ ماڻهو خداوند جو گناهہ ٿا ڪن، جو رت سميت کائين ٿا. ۽ هن چيو تہ اوهان دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي: هاڻي هڪڙو وڏو پٿر ليٽائي مون کي آڻي ڏيو.</verse>
				<verse number="34">۽ سائول چيو تہ اوهين ماڻهن ۾ پکڙي وڃو، ۽ انهن کي چئو تہ سڀ ڪو ماڻهو پنهنجو پنهنجو ڏاند ۽ پنهنجي پنهنجي رڍ هتي مون وٽ آڻي، ۽ هتي ڪهي کائي؛ ۽ رت سميت کائڻ ڪري خداوند جو گناهہ نہ ڪريو. تڏهن سڀني ماڻهن انهي رات پنهنجا پنهنجا ڏاند آندا ۽ اُتي ڪُٺائون.</verse>
				<verse number="35">۽ سائول خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي: اها پهرئين قربانگاهہ هئي جا هن خداوند جي لاءِ جوڙي.</verse>
				<verse number="36">پوءِ سائول چيو تہ هلو تہ رات جو فلستين تي ڪاهي هلون، ۽ صبح جي سوجهري ٿيڻ تائين انهن کي ڦريون لٽيون، ۽ انهن مان هڪڙو ماڻهو بہ نہ ڇڏيون. ۽ هنن چيو تہ جيڪي توکي مناسب نظر اچي سو ڪر. تڏهن ڪاهن چيو تہ اچو تہ پهرين خداوند جي ويجهو وڃون.</verse>
				<verse number="37">۽ سائول خدا کان صلاح پڇي تہ آءٌ فلستين جي پٺيان وڃان يا نہ؟ تون هنن کي اسرائيل جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندين يا نہ؟ پر هن کيس ورندي نہ ڏني.</verse>
				<verse number="38">۽ سائول چيو تہ اي سردارو، اوهين سڀ رڙهي هتي ويجها اچو: ۽ ڄاڻو ۽ ڏسو تہ اڄوڪي ڏينهن ڪهڙي ڳالهہ ۾ اهو گناهہ ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="39">ڇالاءِ جو انهي خداوند جيئري جو قسم آهي جنهن اسرائيل کي بچايو آهي، تہ جي اهو گناهہ منهنجي پٽ يونتن ئي جو هوندو تہ اهو ضرور مرندو، پر ماڻهن مان ڪنهن بہ هن کي ورندي ڪانہ ڏني.</verse>
				<verse number="40">تڏهن هن سڀني اسرائيلين کي چيو تہ اوهين هڪ پاسي ۽ آءٌ ۽ منهنجو پٽ يونتن ٻئي پاسي ٿينداسين. تڏهن ماڻهن سائول کي چيو تہ جيئن توکي چڱو ڏسڻ ۾ اچي تيئن ڪر.</verse>
				<verse number="41">تنهنڪري سائول خداوند اسرائيل جي خدا کي چيو تہ حق ڏيکار. ۽ يونتن ۽ سائول ڪڻن وجهڻ سان ڪڍيا ويا: پر ٻيا ماڻهو بچي ويا.</verse>
				<verse number="42">تڏهن سائول چيو تہ منهنجي ۽ منهنجي پٽ جي وچ ۾ ڪڻا وجهو. ۽ يونتن ڪڍيو ويو.</verse>
				<verse number="43">تڏهن سائول يونتن کي چيو تہ مون کي ٻڌاءِ تہ تو ڇا ڪيو آهي، ۽ يونتن چيس تہ جيڪا لٺ منهنجي هٿ ۾ هئي تنهن جي ڇيڙي سان مون بيشڪ ماکيءَ جو ذرو چکيو؛ ۽ ڏس، هاڻي ضرور مون کي مرڻو پوندو.</verse>
				<verse number="44">تڏهن سائول چيو تہ خدا شل ائين ڪري، بلڪ انهي کان بہ وڌيڪ: ڇالاءِ جو اي يونتن، تون ضرور مرندين.</verse>
				<verse number="45">۽ ماڻهن سائول کي چيو تہ يونتن، جنهن اسرائيل ۾ هي وڏو ڇوٽڪاري جو ڪم ڪيو آهي، ماريو ويندو ڇا؟ شل خدا ائين نہ ڪري. خداوند جيئري جو قسم آهي تہ هن جي مٿي جو هڪڙو وار بہ زمين تي ڪونہ ڪرندو؛ ڇالاءِ جو هن اڄ خدا سان گڏجي ڪم ڪيو آهي. انهي طرح ماڻهن يونتن کي ڇڏايو جنهنڪري هو ڪين مئو.</verse>
				<verse number="46">تڏهن سائول فلستين جي پٺيان پوڻ کان بس ڪري مٿي هليو ويو: ۽ فلستي پنهنجي ملڪ ڏي هليا ويا.</verse>
				<verse number="47">هاڻي جڏهن سائول کي اسرائيل تي بادشاهي ملي تڏهن هو هر طرف پنهنجن سڀني دشمنن سان وڙهيو، يعني موآب سان، بني عمون سان، ادوم سان، ۽ ضوباہ جي بادشاهن سان، ۽ فلستين سان: ۽ جنهن پاسي هن منهن ٿي ڪيو، انهي پاسي انهن کي شڪست ٿي ڏنائين.</verse>
				<verse number="48">۽ هن بهادري جا ڪم ڪيا، ۽ عماليقين کي ماريائين، ۽ اسرائيل کي انهن جي هٿان ڇڏايائين، جن هنن کي ڦريو ۽ لٽيو ٿي.</verse>
				<verse number="49">هاڻي سائول جا پٽ يونتن، ۽ اسوي، ۽ ملڪيشوع هئا؛ ۽ هن جي ٻن ڌيئرن جا نالا هي آهن؛ پهرين ڄاول جو نالو ميرب، ۽ ننڍيءَ جو نالو ميڪل:</verse>
				<verse number="50">۽ سائول جي زال جو نالو اني نوعم هو، جا اخي معض جي ڌيءَ هئي: ۽ سندس سپهہ سالار جو نالو ابنير هو، جو سائول جي چاچي نير جو پٽ هو.</verse>
				<verse number="51">۽ سائول جو پيءُ قيس هو؛ ۽ ابنير جو پيءُ نير، ابي ايل جو پٽ هو.</verse>
				<verse number="52">۽ سائول جي سڀني ڏينهن ۾ فلستين سان سخت جنگ لڳي آئي: ۽ جڏهن سائول ڪو زور وارو ماڻهو يا بهادر شخص ڏسندو هو تہ انهي کي آڻي پاڻ وٽ رکندو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="15">
				<verse number="1">۽ سموئيل سائول کي چيو، تہ مون کي خداوند موڪليو تہ توکي مسح ڪري سندس قوم تي، يعني اسرائيل تي بادشاهہ ڪريان: تنهنڪري هاڻي تون خداوند جو ڪلام ٻڌ.</verse>
				<verse number="2">لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي عماليق اسرائيل سان ڪيو سو مون ڏٺو آهي، يعني جڏهن هو مصر مان نڪتو هو تڏهن هو ڪهڙيءَ طرح رستي ۾ هن سان وڙهڻ جي لاءِ ويٺو هو.</verse>
				<verse number="3">هاڻي وڃي عماليق کي مار، ۽ جيڪي وٽن آهي سو سڀ تباهہ ڪر، ۽ اصل نہ ڇڏين؛ مردن، زالن، ٻارن، ۽ کير پياڪن، ڏاندن ۽ رڍن، اُٺن ۽ گڏهن، سڀني کي قتل ڪر.</verse>
				<verse number="4">۽ سائول ماڻهن کي سڏيو ۽ طلائم ۾ انهن جو شمار ڪرايائين، تہ اُهي ٻہ لک پيادا هئا، ۽ يهوداہ جا ماڻهو ڏهہ هزار ٿيا.</verse>
				<verse number="5">۽ سائول عماليق جي هڪڙي شهر وٽ آيو، ۽ واديءَ ۾ اچي لڪي ويهي رهيو.</verse>
				<verse number="6">۽ سائول قينين کي چيو تہ وڃو، روانا ٿيو، ۽ عماليقين منجهان نڪري هيٺ وڃو، تہ متان آءٌ اوهان کي بہ هنن سان گڏ تباهہ ڪري ڇڏيان: ڇالاءِ جو اوهان بني اسرائيل کي سندن مصر مان نڪرڻ وقت مهرباني ڏيکاري. انهي طرح قيني عماليقين مان نڪري هليا ويا.</verse>
				<verse number="7">۽ سائول عماليقين کي حويلہ کان وٺي، جيئن تون شور ڏي ويندين، جو مصر جي سامهون آهي، تيستائين ماريو.</verse>
				<verse number="8">۽ هن عماليقين جي بادشاهہ اجاج کي جيئرو جهليو، ۽ باقي سڀني ماڻهن کي ترار جي ڌار سان چٽ ڪري ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="9">پر سائول ۽ سندس ماڻهن اجاج کي، ۽ تمام چڱين رڍن، ۽ ڏاندن، ۽ ٿلهي متاري مال کي، ڇيلن ۽ گهيٽن کي، ۽ ٻيو جيڪي چڱو هو تنهن کي ڇڏي ڏنو، ۽ بلڪل تباهہ ڪري ڇڏڻ نہ گهريائون: پر جيڪا شيءِ بي ملهہ ۽ نڪمي هئي تنهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="10">تنهن کان پوءِ خداوند جو ڪلام سموئيل تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="11">آءٌ سائول کي بادشاهہ ڪري پشيمان ٿيو آهيان: ڇالاءِ جو هو منهنجي پيروي ڪرڻ کان ڦريو آهي، ۽ منهنجن حڪمن جي تعميل نہ ڪئي اٿس، تنهن تي سموئيل ڪاوڙيو؛ ۽ سڄي رات خداوند جي اڳيان دعا ڪيائين.</verse>
				<verse number="12">۽ سموئيل سوير اُٿيو تہ صبح جو سائول کي گڏجي؛ ۽ سموئيل کي خبر ملي تہ سائول ڪرمل ۾ آيو آهي، ۽ هن پنهنجي لاءِ هڪڙو يادگار کڙو ڪيو آهي، ۽ گشت ڪري جلجال ڏانهن لنگهي ويو آهي.</verse>
				<verse number="13">۽ سموئيل سائول وٽ آيو: ۽ سائول کيس چيو تہ شل خداوند جي توتي برڪت هجي: مون خداوند جو حڪم بجا آندو آهي.</verse>
				<verse number="14">۽ سموئيل چيو تہ هي جو منهنجن ڪنن ۾ رڍن جي ٻيڪڻ جو، ۽ ڏاندن جي رنڀڻ جو آواز ٿو اچي، تنهن جو مطلب ڇا آهي؟</verse>
				<verse number="15">۽ سائول چيو تہ اهي هنن عماليقين مان آندا آهن: ڇالاءِ جو ماڻهن جيڪي تمام چڱيون رڍون، ۽ تمام چڱا ڏاند هئا سي بچائي آندا آهن، انهي لاءِ تہ خداوند تنهنجي خدا جي لاءِ قرباني ڪن؛ ۽ ٻيو سڀ ڪجهہ اسان اصل چٽ ڪري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="16">تڏهن سموئيل سائول کي چيو تہ بيهہ، آءٌ توکي ٻڌايان تہ رات خداوند مون کي ڇا چيو آهي. هن چيو تہ ٻڌاءِ.</verse>
				<verse number="17">۽ سموئيل چيو تہ جيتوڻيڪ تون پنهنجي نظر ۾ تمام حقير هئين، تہ بہ تون اسرائيل جي فرقن جو مهندار نہ ڪيو ويو هئين ڇا؟ ۽ خداوند توکي مسح ڪرائي اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪيو؛</verse>
				<verse number="18">۽ خداوند توکي سفر تي موڪليو، ۽ چيائين تہ وڃي گنهگار عماليقين کي چٽ ڪر، ۽ اهڙو ساڻن وڙهہ جو هو سڀ مري کپي وڃن.</verse>
				<verse number="19">تڏهن ڇو تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو، پر لٽ جي مال تي ڪاهي پئين، ۽ اهڙو ڪم ڪيو اٿئي جو خداوند جي نظر ۾ خراب آهي؟</verse>
				<verse number="20">۽ سائول سموئيل کي چيو تہ هائو، مون تہ پاڻ خداوند جو حڪم مڃيو آهي، ۽ جنهن رستي تي خداوند مون کي موڪليو هو انهيءَ تي آءٌ هليو آهيان، ۽ عماليق جي بادشاهہ اجاج کي آندو اٿم، ۽ عماليقين کي بلڪل تباهہ ڪري ڇڏيو اٿم.</verse>
				<verse number="21">پر ماڻهن لٽ جي مال مان رڍون ۽ ڏاند، ۽ خاص شيون خداوند تنهنجي خدا جي لاءِ جلجال ۾، قرباني ڪرڻ واسطي هٿ ڪيون آهن.</verse>
				<verse number="22">۽ سموئيل چيو تہ خداوند کي جهڙي سندس حڪم جي مڃڻ مان خوشي ٿيندي آهي، اهڙي ڪا سوختني قربانيءَ ۽ ذبح ڪرڻ وارين قربانين مان ٿيندي آهي ڇا؟ ڏس، فرمانبرداري قربانيءَ کان بهتر آهي، ۽ حڪم مڃڻ گهٽن جي چرٻي کان بهتر آهي.</verse>
				<verse number="23">ڇالاءِ جو نافرماني جادوگريءَ جهڙو ئي گناهہ آهي، ۽ سرڪشي، بت پرستي ۽ خانگي معبود رکڻ جي برابر آهي. تو خداوند جو حڪم رد ڪيو آهي، تنهنڪري هن بہ توکي بادشاهہ ٿيڻ کان رد ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="24">۽ سائول سموئيل کي چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: ڇالاءِ جو مون خداوند جي حڪم کان، ۽ تنهنجي چوڻ کان ٻاهر وک وڌي آهي: ڇالاءِ جو آءٌ ماڻهن کان ڊنس، ۽ انهن جي ڳالهہ مڃيم.</verse>
				<verse number="25">تنهنڪري هاڻي آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو گناهہ معاف ڪر، ۽ مون سان گڏجي موٽي هل تہ آءٌ خداوند کي سجدو ڪريان.</verse>
				<verse number="26">۽ سموئيل سائول کي چيو تہ آءٌ توسان گڏجي موٽي نہ هلندس: ڇالاءِ جو تو خداوند جو ڪلام رد ڪيو آهي، ۽ خداوند توکي اسرائيل تي بادشاهہ ٿيڻ کان رد ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="27">۽ جيئن سموئيل منهن ڦيرائي اُٿي هلڻ لڳو تيئن هن سندس دامن جهلي، جا ڦاٽي پئي.</verse>
				<verse number="28">۽ سموئيل هن کي چيو تہ اڄ خداوند اسرائيل جي بادشاهي توکان ڇني ڦاڙي ورتي آهي: ۽ اُها تنهنجي هڪڙي پاڙيسريءَ کي ڏني اٿس، جو توکان چڱو آهي.</verse>
				<verse number="29">۽ جيڪو اسرائيل جو ڏڍ آهي سو نڪي ڪوڙ ڳالهائيندو، نڪي پشيمان ٿيندو: ڇالاءِ جو اُهو انسان ناهي جو پشيمان ٿئي.</verse>
				<verse number="30">تڏهن هن چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: انهي هوندي بہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجي قوم جي بزرگن جي اڳيان، ۽ اسرائيل جي اڳيان، منهنجي آبرو رک؛ ۽ مون سان گڏجي موٽي هل تہ آءٌ خداوند، تنهنجي خدا کي سجدو ڪريان.</verse>
				<verse number="31">تڏهن سموئيل ڦري سائول جي پٺيان ويو؛ ۽ سائول خداوند کي سجدو ڪيو.</verse>
				<verse number="32">پوءِ سموئيل چيو تہ اوهين عماليقين جي بادشاهہ اجاج کي هيڏي مون وٽ وٺي اچو. ۽ اجاج ٻڏندو ترندو هن وٽ آيو. ۽ اجاج چيو تہ موت جي تلخي ضرور لنگهي ويئي هوندي.</verse>
				<verse number="33">۽ سموئيل چيو تہ جيئن تنهنجي ترار زالن کي بي اولاد ڪري ڇڏيو آهي تيئن تنهنجي ماءُ بہ زالن ۾ بي اولاد ٿيندي. ۽ سموئيل اجاج کي جلجال ۾، خداوند جي اڳيان وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="34">تنهن کان پوءِ سموئيل رامہ ڏي ويو؛ ۽ سائول پنهنجي گهر، سائول واري جبعہ ڏي ويو.</verse>
				<verse number="35">۽ سموئيل وري سائول کي ڏسڻ نہ ويو، جيسين ڪ هن جي موت جو ڏينهن نہ آيو: ۽ سموئيل سائول جي لاءِ افسوس ڪيو: ۽ خداوند سائول کي اسرائيل تي بادشاهہ ڪرڻ کان پشيماني ظاهر ڪئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="16">
				<verse number="1">۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ ڪيستائين تون سائول جي لاءِ افسوس ڪندين، جڏهن ڏسين ٿو تہ مون هن کي اسرائيل تي بادشاهہ ٿيڻ کان رد ڪيو آهي؟ پنهنجو سڱ تيل سان ڀر ۽ وڃ، آءٌ توکي بيت لحم واري يسيءَ ڏي موڪليندس: ڇالاءِ جو مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي لاءِ بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="2">۽ سموئيل چيو تہ آءٌ ڪيئن وڃي سگهندس؟ جڏهن سائول اها ڳالهہ ٻڌندو تہ مون کي ماري ڇڏيندو. ۽ خداوند چيو تہ هڪڙي گابي پاڻ سان کڻ، ۽ چئُہ تہ آءٌ خداوند جي لاءِ قرباني ڪرڻ آيو آهيان.</verse>
				<verse number="3">۽ يسيءَ کي بہ قربانيءَ تي سڏ، پوءِ آءٌ توکي ڏيکاريندس تہ ڇا ڪندين: ۽ تون انهي کي جنهن جي نالي آءٌ توکي چوان منهنجي لاءِ تيل سان مسح ڪج.</verse>
				<verse number="4">۽ سموئيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند فرمايو، ۽ بيت لحم ۾ آيو، ۽ انهي شهر جا بزرگ ڏڪندا، سندس استقبال لاءِ آيا، ۽ چيائونس تہ تون خير مان تہ آيو آهين؟</verse>
				<verse number="5">۽ هن چيو تہ خير مان: آءٌ خداوند جي لاءِ قرباني چاڙهڻ آيو آهيان. پاڻ کي پاڪ ڪريو، ۽ مون سان قربانيءَ تي هلو. ۽ هن يسيءَ ۽ سندس پٽن کي پاڪ ڪيو، ۽ هنن کي قربانيءَ تي سڏيائين.</verse>
				<verse number="6">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو آيا تڏهن هن الياب ڏي نهاري چيو تہ يقين آهي تہ خداوند جو مسح ڪيل سندس اڳيان آهي.</verse>
				<verse number="7">پر خداوند سموئيل کي چيو تہ هن جي چهري يا هن جي قد جي اونچائي تي نظر نہ ڪر: ڇالاءِ جو مون هن کي رد ڪيو آهي: خداوند ائين نٿو ڏسي جيئن انسان ڏسندو آهي؛ ڇالاءِ جو انسان ظاهري صورت ٿو ڏسي، پر خداوند دل تي نظر ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="8">تڏهن يسيءَ ابينداب کي سڏي انهي کي سموئيل جي اڳيان آندو، ۽ هن چيو تہ خداوند انهي کي بہ پسند نہ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="9">تڏهن يسيءَ سمہ کي اڳيان اچڻ لاءِ چيو. ۽ هن چيو تہ هن کي بہ خداوند پسند نہ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="10">۽ يسي پنهنجن ستن ئي پٽن کي سموئيل جي اڳيان لنگهڻ لاءِ چيو، ۽ سموئيل يسيءَ کي چيو تہ خدا هنن کي بہ پسند نہ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ سموئيل يسيءَ کي چيو تہ تنهنجا سڀ پٽ هتي اچي چڪا آهن؟ ۽ هن چيو تہ اڃا سڀ کان ننڍو پٺتي رهيل آهي، ۽ ڏسو هو رڍون ٿو چاري. ۽ سموئيل يسيءَ کي چيو تہ اُنهي کي گهرائي وٺ: ڇالاءِ جو جيسين هو هتي نہ ايندو تيسين اسين هتي نہ ويهنداسين.</verse>
				<verse number="12">۽ هن انهي کي گهرائي ورتو. هاڻي هو ڳاڙهي گوري رنگ جو هو، ۽ ڏسڻ ۾ سهڻو، ۽ شڪل ۾ خوبصورت هو. ۽ خداوند چيو تہ اُٿ، هن کي مسح ڪر: ڇالاءِ جو هو اهو ئي آهي.</verse>
				<verse number="13">تڏهن سموئيل تيل جو سڱ کنيو ۽ هن کي سندس ڀائرن جي وچ ۾ مسح ڪيائين: ۽ انهي ڏينهن کان وٺي اڳتي خداوند جو روح ڏاڍي زور سان دائود تي نازل ٿيڻ لڳو. پوءِ سموئيل اُٿيو ۽ رامہ ڏي ويو.</verse>
				<verse number="14">هاڻي خداوند جو روح سائول کي ڇڏي ويو، ۽ هڪڙو بڇڙو روح خداوند وٽان اچي هن کي ستائڻ لڳو.</verse>
				<verse number="15">۽ سائول جي نوڪرن کيس چيو تہ هڪڙو بدروح خداوند وٽان اچي توکي ستائي ٿو.</verse>
				<verse number="16">هاڻي اسان جا سائين تنهنجا نوڪر جي تنهنجي اڳيان بيٺا آهن تن کي حڪم ڏي تہ ڪو اهڙو ماڻهو ڳولي وٺي اچن جو بربط وڄائڻ ۾ هوشيار هجي: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اهو بدروح خداوند وٽان توتي ايندو، تڏهن اُهو پنهنجي هٿ سان بربط وڄائيندو ۽ تون چڱو ڀلو ٿيندين.</verse>
				<verse number="17">۽ سائول پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ هاڻي منهنجي لاءِ اهڙو ماڻهو آڻي موجود ڪريو جو چڱو وڄائيندڙ هجي، ۽ انهي کي مون وٽ وٺي اچو.</verse>
				<verse number="18">تڏهن انهن جوان ماڻهن مان هڪڙي ورندي ڏيئي چيو تہ ڏس، مون بيت لحم واري يسي جو پٽ ڏٺو آهي جو وڄائڻ ۾ ڏاڍو ڀڙ آهي، ۽ زور ڀريو ۽ همٿ وارو ماڻهو آهي، ۽ جنگي جوان، ۽ ڳالهائڻ جو خبردار، ۽ خوبصورت شخص آهي، ۽ خداوند هن ساڻ آهي.</verse>
				<verse number="19">تنهنڪري سائول يسيءَ ڏي قاصد موڪليا، ۽ چوائي موڪليائين تہ تنهنجو پٽ دائود، جو رڍن سان آهي، تنهن کي مون وٽ موڪلي ڏي.</verse>
				<verse number="20">تڏهن يسيءَ هڪڙي گڏهہ تي مانيون ۽ شراب جي سانداري، ۽ هڪ ڇيلو رکي، پنهنجي پٽ دائود جي هٿان سائول ڏي ڏياري موڪليو.</verse>
				<verse number="21">۽ دائود سائول وٽ آيو، ۽ اڳيان اچي بيهي رهيس: ۽ هو انهي کي ڏاڍو وڻيو ۽ سندس زرهہ بردار ٿيو.</verse>
				<verse number="22">۽ سائول يسيءَ ڏي چوائي موڪليو تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ ڀلي دائود مون وٽ رهي؛ ڇالاءِ جو هن منهنجي نظر ۾ مان لڌو آهي.</verse>
				<verse number="23">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بدروح خدا وٽان سائول تي ايندو هو تڏهن، دائود بربط کڻي پنهنجي هٿ سان وڄائيندو هو: پوءِ سائول کي راحت ملندي هئي، ۽ هو چڱو ڀلو ٿيندو هو، ۽ بدروح ڇڏي ويندو هوس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="17">
				<verse number="1">هاڻي فلستين جنگ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجا لشڪر آڻي گڏ ڪيا، ۽ اُهي شوڪہ ۾ جمع ٿيا، جو يهوداہ جو شهر هو، ۽ شوڪہ ۽ عزيقہ جي وچ ۾، افس دميم منجهہ تنبو هنيائون.</verse>
				<verse number="2">۽ سائول ۽ اسرائيل جا ماڻهو بہ گڏ ٿيا، ۽ ايلہ جي واديءَ ۾ منزل هنيائون، ۽ فلستين سان وڙهڻ جي لاءِ صفون ٻڌائون.</verse>
				<verse number="3">۽ فلستي هڪڙي پاسي جبل تي بيٺا هئا، ۽ اسرائيل ٻئي پاسي جبل تي بيٺا هئا: ۽ سندن وچ ۾ هڪڙي ماٿري هئي.</verse>
				<verse number="4">۽ فلستين جي لشڪرگاهہ مان هڪڙو پهلوان نڪتو، جنهن جو نالو جالوت هو، جو جات جو هو، ۽ جنهن جو قد ڇهہ هٿ ۽ هڪڙي گرانٺ هو.</verse>
				<verse number="5">۽ هن کي هڪڙو پتل جو هول مٿي تي هو، ۽ بت تي زرهہ پئي هيس؛ ۽ اُها زرهہ وزن ۾ پتل جا پنج هزار شيڪل هئي.</verse>
				<verse number="6">۽ هن کي ٽَنگن تي پتل جا جهاڙولا پيل هئا، ۽ ڪلهن جي وچ تي هڪڙي پتل جي بڻڇي رکيل هئي.</verse>
				<verse number="7">۽ سندس نيزي جي ڇڙ ڪوريءَ جي شهتير جهڙي هئي؛ ۽ سندس نيزي جو ڦر تور ۾ لوهہ جا ڇهہ سؤ شيڪل هو: ۽ هن جو زرهہ بردار سندس اڳيان هلندو هو.</verse>
				<verse number="8">۽ هو بيهي اسرائيل جي لشڪرن کي رڙ ڪري چوڻ لڳو تہ اوهين ڇو جنگ جي لاءِ صفون ٻڌي آيا آهيو؟ آءٌ فلستي ناهيان ڇا، ۽ اوهين سائول جا نوڪر ناهيو ڇا؟ پاڻ منجهان هڪڙو ماڻهو چونڊي ڪڍو، ۽ اهو مون وٽ اچي مقابلو ڪري.</verse>
				<verse number="9">جيڪڏهن اهو مون سان وڙهي سگهي ۽ مون کي ماري تہ پوءِ اسين اوهان جا ٻانها ٿينداسين: پر جي آءٌ هن تي غالب ٿيس، ۽ هن کي ماريم، تہ پوءِ اوهين اسان جا ٻانها ٿجو، ۽ اسان جي خدمت چاڪري ڪجو.</verse>
				<verse number="10">۽ انهي فلستيءَ چيو تہ اڄ اسرائيل جي لشڪرن کي آءٌ هاڪاريان ٿو تہ ڪو ماڻهو مون کي ڪڍي ڏين تہ اسين پاڻ ۾ وڙهون.</verse>
				<verse number="11">۽ جڏهن سائول ۽ سڀني اسرائيلين انهي فلستيءَ جي اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن هو بيحواس ٿي ويا، ۽ ڏاڍا ڊنا.</verse>
				<verse number="12">هاڻي دائود، بيت لحم يهوداہ جي اُنهي افراتيءَ جو پٽ هو، جنهن جو نالو يسي هو، ۽ هن کي اٺ پٽ هئا: ۽ اهو ماڻهو سائول جي ڏينهن ۾ پير مرد هو، ۽ ماڻهن ۾ تمام ڪهن سال هو.</verse>
				<verse number="13">۽ يسيءَ جا ٽي وڏا پٽ سائول جي پٺيان جنگ ڪرڻ لاءِ ويا هئا: ۽ اُهي هن جا ٽي پٽ جي جنگ ڪرڻ لاءِ ويا هئا تن جا نالا هئا الياب، جو پهريتو هو، ۽ تنهن کان پوءِ ابينداب، ۽ ٽيون سمہ.</verse>
				<verse number="14">۽ دائود سڀ کان ننڍو هو: ۽ ٽي وڏا سائول جي پٺيان لڳا ويندا هئا.</verse>
				<verse number="15">۽ هاڻي دائود سائول وٽ پيو ايندو ويندو هو، ۽ بيت لحم ۾ پنهنجي پيءُ جون رڍون چاريندو هو.</verse>
				<verse number="16">۽ اهو فلستي صبح ۽ سانجهيءَ جو پيو ويجهو ايندو هو، ۽ چاليهن ڏينهن تائين پاڻ ڏيکاريندو رهيو.</verse>
				<verse number="17">۽ يسيءَ پنهنجي پٽ دائود کي چيو تہ هاڻي پنهنجن ڀائرن جي لاءِ هن ڀُڳل اَن جو هڪڙو ايفہ، ۽ هي ڏهہ مانيون کڻ، ۽ جلد وڃي لشڪرگاهہ ۾ پنهنجن ڀائرن کي ڏيئي اچ؛</verse>
				<verse number="18">۽ هي پنير جون ڏهہ ٽڪيون انهن جي هزار جي سردار کي ڏيئي اچ، ۽ ڏسي بہ اچ تہ تنهنجا ڀائر ڪيئن پيا گذارين، ۽ انهن جي ڪا نشاني وٺي اچج.</verse>
				<verse number="19">هاڻي سائول، ۽ اُهي، ۽ اسرائيل جا ٻيا سڀ ماڻهو ايلہ جي واديءَ ۾ فلستين سان پئي وڙهيا.</verse>
				<verse number="20">۽ دائود صبح جو سوير اُٿيو ۽ رڍون هڪڙي نگهبان جي حوالي ڪري، جيئن يسيءَ حڪم ڏنو هوس تيئن اُهي شيون کڻي هليو ويو؛ ۽ هو گاڏين جي جاءِ تي پهتو، ۽ انهي مهل جيڪو جيڪو لشڪر وڙهڻ لاءِ ٿي ويو، تنهن جنگ جي لاءِ نعرو ٿي هنيو.</verse>
				<verse number="21">۽ اسرائيل ۽ فلستين پنهنجون پنهنجون صفون ٻڌي، لشڪر، لشڪر جي سامهون پئي بيهاريو.</verse>
				<verse number="22">۽ دائود پنهنجو سامان لشڪر جي سامان جي نگهبان جي هٿن ۾ ڏيئي، ڊوڙي لشڪر ۾ ويو ۽ پنهنجن ڀائرن کي سلام ڪيائين.</verse>
				<verse number="23">۽ اڃا هن انهن سان بيٺي ڳالهايو تہ ڏسو اُهو جات وارو فلستي پهلوان، جنهن جو نالو جالوت هو، سو فلستين جي صفن مان نڪري اڳي جهڙا لفظ ڳالهائڻ لڳو: ۽ دائود اُهي ٻڌا.</verse>
				<verse number="24">۽ جڏهن اسرائيلين اُهو ماڻهو ڏٺو تڏهن سڀئي کانئس ڀڄي پري ٿيا ۽ ڏاڍا ڊنا.</verse>
				<verse number="25">۽ اسرائيل جي ماڻهن چيو تہ اهو ماڻهو جو آيو آهي سو اوهان ڏٺو آهي؟ پڪ آهي تہ هو اسرائيل کي هاڪارڻ لاءِ آيو آهي: ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو ماڻهو هن کي ماري وجهندو انهي کي بادشاهہ وڏي دولت ڏيئي شاهوڪار ڪري ڇڏيندو، ۽ انهي کي پنهنجي ڌيءَ بہ پرڻائيندو، ۽ انهي جي پيءُ جي گهراڻي کي اسرائيل ۾ آزاد ڪندو.</verse>
				<verse number="26">۽ دائود جي آس پاس جيڪي ماڻهو بيٺا هئا تن کي هن چيو تہ جيڪو ماڻهو هن فلستيءَ کي ماري، ۽ اسرائيل تان اهو داغ دور ڪندو تنهن سان ڇا ڪيو ويندو؟ ڇالاءِ جو هي اڻطهريل فلستي ڪير آهي جو جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي ٿو هاڪاري؟</verse>
				<verse number="27">۽ ماڻهن هن کي چيو تہ جيڪو ماڻهو هن کي ماريندو تنهن سان ائين ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="28">۽ جڏهن هن ماڻهن سان پئي ڳالهايو تڏهن هن جي وڏي ڀاءُ الياب اهو ٻڌو، ۽ الياب جي ڪاوڙ دائود تي ڀڙڪي، ۽ چوڻ لڳو تہ تون ڇو لهي آيو آهين؟ ۽ تون ڪنهن وٽ اُهي ٿوريون رڍون بيابان ۾ ڇڏي آيو آهين؟ تنهنجي مغروري ۽ تنهنجي دل جي شرارت آءٌ ڄاڻان ٿو؛ ڇالاءِ جو تون انهي لاءِ آيو آهين تہ جنگ ڏسين.</verse>
				<verse number="29">تڏهن دائود چيو تہ مون ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟ ڳالهہ ائين نہ آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="30">۽ هن اُنهي کان منهن ڦيرائي ٻئي ڏانهن ڪيو، ۽ وري بہ انهي طرح چوڻ لڳو: ۽ ماڻهن بہ وري انهيءَ طرح ورندي ڏني.</verse>
				<verse number="31">۽ جيڪي دائود چيو سو جڏهن هنن ٻڌو تڏهن سائول جي اڳيان اُهو هنن ورجائي چيو؛ ۽ هن انهي کي گهرائي ورتو.</verse>
				<verse number="32">۽ دائود سائول کي چيو تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي دل هن جي ڪري سست نہ ٿئي؛ تنهنجو ٻانهو وڃي هن فلستيءَ سان وڙهندو.</verse>
				<verse number="33">۽ سائول دائود کي چيو تہ تون هن فلستيءَ سان وڃي وڙهڻ جهڙو نہ آهين: ڇالاءِ جو تون اڃا ڇوڪر آهين، ۽ هو ننڍپڻ کان جنگي مرد آهي.</verse>
				<verse number="34">پر دائود سائول کي چيو تہ تنهنجو ٻانهو پنهنجي پيءُ جون رڍون چاريندو آهي: ۽ جڏهن ڪو شينهن يا رڇ ايندو هو ۽ ڌڻ مان گهيٽو کڻي ويندو هو،</verse>
				<verse number="35">تڏهن آءٌ انهي جي پٺيان ويندو هوس ۽ انهي کي هن جي وات مان ڇڏائيندو هوس: ۽ جڏهن هو مون تي ڪاهي ايندو هو تڏهن آءٌ هن جي ڏاڙهيءَ کان وٺي هن کي ماريندو ۽ قتل ڪندو هوس.</verse>
				<verse number="36">تنهنجي ٻانهي شينهن کي ۽ رڇ کي بہ ماريو: ۽ هي اڻ طهريل فلستي بہ اُنهن مان هڪڙو ٿيندو، ڇالاءِ جو هن جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي هاڪاريو آهي.</verse>
				<verse number="37">۽ دائود چيو تہ جنهن خداوند مون کي شينهن جي چنبي مان ۽ رڇ جي چنبي مان بچائي ورتو، سو مون کي هن فلستيءَ جي هٿان بہ بچائيندو. تڏهن سائول دائود کي چيو تہ وڃ، خدا توساڻ ٿيندو.</verse>
				<verse number="38">۽ سائول پنهنجي پوشاڪ دائود کي پهرائي ۽ پتل جو هول سندس مٿي تي رکيائين، ۽ زرهہ بہ ڍڪيائينس.</verse>
				<verse number="39">۽ دائود پنهنجي ترار پنهنجي پوشاڪ جي مٿان چيلهہ سان ٻڌي، ۽ هلڻ جي ڪوشش ڪيائين: ڇالاءِ جو هن کي اڳي ڪو آزمودو ڪونہ هو. ۽ دائود سائول کي چيو تہ آءٌ هنن سان هلي نٿو سگهان؛ ڇالاءِ جو مون کي انهن جو ڪو آزمودو ڪونهي. ۽ دائود اُهي لاهي ڇڏيا.</verse>
				<verse number="40">۽ هن پنهنجي لٺ هٿ ۾ کنئي، ۽ نهر مان پنج لسا پٿر چونڊي ڪڍيائين، ۽ وٽس جيڪا ڌنارن جي ڳوٿري هئي تنهن ۾، يعني پنهنجي ٿيلهيءَ ۾ اُهي وڌائين، ۽ پنهنجي کانڀاڻي هٿ ۾ جهليائين: پوءِ هو انهي فلستيءَ کي ويجهو ويو.</verse>
				<verse number="41">۽ فلستي وڌي آيو، ۽ دائود جي ويجهو آيو؛ ۽ سندس زرهہ بردار سندس اڳيان هليو.</verse>
				<verse number="42">۽ جڏهن انهي فلستيءَ هيڏي هوڏي نهاريو، ۽ دائود کي ڏٺائين تڏهن هن کي حقير ڄاتائين: ڇالاءِ جو هو اڃا ڇوڪر هو، ۽ ڳاڙهيرو ۽ خوبصورت هو.</verse>
				<verse number="43">۽ فلستيءَ دائود کي چيو تہ آءٌ ڪو ڪتو آهيان ڇا جو تون لٺ کڻي مون تي آيو آهين؟ ۽ فلستي پنهنجن معبودن جا قسم کڻي دائود تي لعنت وڌي.</verse>
				<verse number="44">۽ فلستيءَ دائود کي چيو تہ مون وٽ اچ تہ آءٌ تنهنجو گوشت پکين کي، ۽ جهنگ جي مِرن کي ڏيان.</verse>
				<verse number="45">تڏهن دائود فلستيءَ کي چيو تہ تون مون تي ترار، ۽ نيزو، ۽ بڻڇي کڻي ٿو اچين، پر آءٌ توتي لشڪرن جي خدا، اسرائيل جي لشڪرن جي خدا جي نالي سان ٿو اچان، جنهن کي تو هاڪاريو آهي.</verse>
				<verse number="46">اڄوڪي ڏينهن خداوند توکي منهنجي حوالي ڪندو؛ ۽ آءٌ توکي ماري، تنهنجي سسي ڌڙ کان ڌار ڪندس؛ ۽ اڄوڪي ڏينهن آءٌ فلستين جي لشڪر جا لاشا هوا جي پکين کي، ۽ زمين جي جهنگلي جانورن کي ڏيندس؛ انهي لاءِ تہ جهان کي خبر پوي تہ اسرائيل ۾ هڪڙو خدا آهي:</verse>
				<verse number="47">۽ هيءَ ساري جماعت ڄاڻي تہ خداوند ترار ۽ نيزي سان نٿو بچائي: ڇالاءِ جو جنگ خداوند جي آهي، ۽ اُهو اوهان کي اسان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="48">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اُهو فلستي اُٿيو، ۽ آيو، ۽ دائود سان اٽڪڻ لاءِ ويجهو ٿيو، تڏهن دائود تڪڙو ٿي فلستيءَ سان وڙهڻ لاءِ انهن جي لشڪر ڏي وڌيو.</verse>
				<verse number="49">۽ دائود پنهنجي ڳوٿريءَ ۾ هٿ وجهي اتان هڪڙو پٿر ڪڍيو، ۽ کانڀاڻي ۾ رکي اُڇلائي فلستيءَ جي پيشانيءَ ۾ هنيائين، ۽ اُهو پٿر هن جي پيشانيءَ ۾ گهڙي ويو، ۽ هو زمين تي اونڌو ٿي ڪري پيو.</verse>
				<verse number="50">انهي طرح دائود هڪڙي کانڀاڻي ۽ هڪڙي پٿر سان فلستيءَ تي غالب آيو، ۽ فلستيءَ کي قتل ڪيائين؛ پر دائود جي هٿ ۾ ڪابہ ترار ڪانہ هئي.</verse>
				<verse number="51">تڏهن دائود ڊوڙي فلستيءَ تي چڙهي بيٺو، ۽ سندس ترار کپ مان ڪڍي انهي سان ڪُٺائينس، ۽ سسي وڍي ڌار ڪيائينس. ۽ جڏهن فلستين ڏٺو تہ سندن پهلوان مارجي ويو، تڏهن هو اُٿي ڀڳا.</verse>
				<verse number="52">۽ اسرائيل جا، ۽ يهوداہ جا ماڻهو اُٿيا، ۽ نعرا هڻي فلستين جي پٺيان پيا، ۽ گئيءَ تائين، ۽ عقرون جي دروازن تائين هنن کي ڀڄائيندا ويا. ۽ فلستين مان جيڪي ڦٽجي پيا سي شعريم جي راهہ ۾، جات ۽ عقرون تائين پئي ڪِريا.</verse>
				<verse number="53">۽ بني اسرائيل فلستين کي ڀڄائي پٺتي ورايو، ۽ انهن جي لشڪرگاهہ ۾ ڦرلٽ ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="54">۽ دائود انهي فلستيءَ جي سسي کڻي يروشلم ۾ آيو؛ پر هن جي زرهہ هن پنهنجي تنبو ۾ رکي.</verse>
				<verse number="55">۽ جڏهن سائول دائود کي فلستيءَ سان وڙهڻ لاءِ ويندو ڏٺو، تڏهن پنهنجي سپهہ سالار ابنير کي چيائين تہ اي ابنير، هي ڇوڪر ڪنهن جو پٽ آهي؟ ۽ ابنير چيو تہ اي بادشاهہ، تنهنجي جان جو قسم تہ آءٌ چئي نٿو سگهان.</verse>
				<verse number="56">۽ بادشاهہ چيو تہ پڇا ڪر تہ هي ڇوڪر ڪنهن جو پٽ آهي.</verse>
				<verse number="57">۽ جڏهن دائود انهيءَ فلستيءَ کي قتل ڪري موٽي آيو، تڏهن ابنير انهي کي سائول وٽ وٺي آيو، ۽ انهي فلستيءَ جي سسي اڃا هن جي هٿ ۾ ئي هئي.</verse>
				<verse number="58">تڏهن سائول هن کي چيو تہ اي جوان مرد، تون ڪنهن جو پٽ آهين؟ ۽ دائود ورندي ڏني تہ آءٌ تنهنجي ٻانهي بيت لحم واري يسيءَ جو پٽ آهيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="18">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن سائول سان ڳالهائي بس ڪئي تڏهن يونتن جو روح دائود جي روح سان اٽڪي ويو، ۽ يونتن هن کي پنهنجي ساهہ جهڙو پيارو سمجهيو.</verse>
				<verse number="2">۽ سائول هن کي انهيءَ ڏينهن کان وٺي پاڻ وٽ رکيو، ۽ وري هن کي سندس پيءُ جي گهر وڃڻ نہ ڏنائين.</verse>
				<verse number="3">تڏهن يونتن ۽ دائود پاڻ ۾ عهد اقرار ڪيو، ڇالاءِ جو هن انهي کي پنهنجي ساهہ جيترو پيار ٿي ڪيو.</verse>
				<verse number="4">۽ يونتن پنهنجو چوغو، جو بت تي هوس، سو لاهي دائود کي ڏنائين، ۽ پنهنجي پوشاڪ بہ، پنهنجي ترار، ۽ ڪمان، ۽ ڪمربند سميت.</verse>
				<verse number="5">۽ دائود کي جيڏانهن سائول موڪليندو هو اوڏانهن هو ويندو هو، ۽ ڏاڍي سياڻپ سان هلندو چلندو هو: ۽ سائول هن کي جنگي ماڻهن جي مٿان مقرر ڪيو، ۽ اها ڳالهہ سڀني ماڻهن جي نظر ۾، ۽ سائول جي نوڪرن جي نظر ۾ سٺي هئي.</verse>
				<verse number="6">۽ هيئن ٿيو تہ هنن جي اچڻ مهل جڏهن دائود فلستيءَ کي قتل ڪري موٽي آيو تڏهن اسرائيل جي سڀني شهرن مان زالون خوشيءَ مان ڳائينديون، ۽ نچنديون، دف ۽ ٻين وڄائڻ جي سازن سان بادشاهہ سائول جي استقبال لاءِ نڪري آيون.</verse>
				<verse number="7">۽ زالن وڄائيندي هڪ ٻئي کي ڳائي پئي چيو، تہ سائول پنهنجن هزارن کي قتل ڪيو آهي، ۽ دائود پنهنجن لکن کي.</verse>
				<verse number="8">تڏهن سائول ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ انهي گفتي ڪري هو رنج ٿيو؛ ۽ هن چيو تہ دائود جي نسبت ۾ هو لک ٿيون چون، ۽ منهنجي نسبت ۾ فقط هزار ٿيون چون: ۽ هاڻي هن کي بادشاهيءَ کان سواءِ باقي ٻيو ڇا گهرجي؟</verse>
				<verse number="9">۽ انهي ڏينهن کان وٺي سائول دائود کي اک ۾ رکيو.</verse>
				<verse number="10">۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ هڪڙو بدروح خداوند وٽان ڏاڍي زور سان سائول تي آيو، ۽ هو پنهنجي گهر ۾ هل مچائڻ لڳو: ۽ دائود ساز وڄائڻ لڳو، جيئن هو روز بروز ڪندو هو. ۽ سائول جي هٿ ۾ سندس نيزو هو.</verse>
				<verse number="11">۽ سائول پنهنجو نيزو اُڇليو، ڇو جو هن چيو تہ دائود کي ڀت سان وڃي ونڌيندس. ۽ دائود ٻہ ڀيرا وٽانئس نٽائي نڪري ويو.</verse>
				<verse number="12">۽ سائول دائود کان ڊنو ٿي، ڇالاءِ جو خداوند دائود سان هو، ۽ سائول کي ڇڏي ڏنو هئائين.</verse>
				<verse number="13">تنهنڪري سائول هن کي پاڻ وٽان ڪڍي ڇڏيو، ۽ هن کي هڪڙي هزار جو سردار کڻي ڪيو هئائين؛ ۽ هو ماڻهن جي روبرو ايندو ويندو هو.</verse>
				<verse number="14">۽ دائود هميشہ ڏاهپ سان هلت ڪندو هو؛ ۽ خداوند ساڻس هو.</verse>
				<verse number="15">۽ جڏهن سائول ڏٺو تہ هو ڏاڍي سياڻپ سان ٿو هلي، تڏهن هو کانئس ڊڄڻ لڳو.</verse>
				<verse number="16">پر سڀ اسرائيلي ۽ يهوداہ جا ماڻهو دائود کي پيار ڪندا هئا؛ ڇالاءِ جو هو سندن اڳيان پيو ايندو ويندو هو.</verse>
				<verse number="17">۽ سائول دائود کي چيو تہ ڏس، آءٌ پنهنجي وڏي ڌيءَ ميرب توکي پرڻائي ڏيڻ ٿو گهران: رڳو تون منهنجي لاءِ بهادريءَ جا ڪم ڪر، ۽ خداوند جون جنگيون ڪر: ڇالاءِ جو سائول چيو تہ منهنجو هٿ هن تي نہ پوي، پر ڀلي تہ هو فلستين جي هٿان مري.</verse>
				<verse number="18">۽ دائود سائول کي چيو تہ آءٌ ڪير آهيان، ۽ منهنجي حياتي ۽ منهنجي پيءُ جو گهراڻو اسرائيل ۾ ڇا آهي، جو آءٌ بادشاهہ جو ناٺي ٿيان.</verse>
				<verse number="19">پر هيئن ٿيو تہ جڏهن سائول جي ڌيءَ ميرب دائود کي ڏيڻ گهربي هئي تڏهن اُها محولاتي عدريءَ کي پرڻائي ڏني ويئي.</verse>
				<verse number="20">۽ سائول جي ڌيءَ ميڪل جي دائود سان محبت هئي: هنن انهي بابت سائول کي ٻڌايو، ۽ هن کي اها ڳالهہ وڻي.</verse>
				<verse number="21">۽ سائول چيو تہ آءٌ اها هن کي ڏيندس تہ ڀلي اها هن جي لاءِ هڪڙو ڦندو ٿئي، ۽ فلستين جو هٿ هن تي پوي. تنهنڪري سائول دائود کي چيو تہ تون اڄوڪي ڏينهن ٻيو ڀيرو منهنجو ناٺي ٿيندين.</verse>
				<verse number="22">پوءِ سائول پنهنجي نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ دائود کي ڳجهيءَ طرح ڳالهين ڪندي چئو، تہ ڏس بادشاهہ توسان خوش آهي، ۽ سندس سڀ نوڪر توکي پيار ٿا ڪن: تنهنڪري هاڻي تون بادشاهہ جو ناٺي ٿيءُ.</verse>
				<verse number="23">۽ سائول جي نوڪرن اها ڳالهہ دائود جي ڪن ۾ چئي. ۽ دائود چيو تہ آءٌ غريب ۽ حقير سمجهيل آهيان، تڏهن بادشاهہ جو ناٺي ٿيڻ اوهان کي ڪا جهڙي تهڙي ڳالهہ نظر ٿي اچي ڇا؟</verse>
				<verse number="24">۽ انهن نوڪرن سائول کي چيو تہ دائود هيئن ٿو چوي. تڏهن سائول چيو تہ اوهين وري هيئن چئوس، تہ بادشاهہ ٻيو ڪو ڏاج وٺڻ نٿو گهري، رڳو فلستين جون هڪ سؤ کوليون وٺندو، انهي لاءِ تہ بادشاهہ پنهنجن دشمنن کان وير وٺي.</verse>
				<verse number="25">هاڻي سائول جو ارادو هو تہ دائود کي فلستين جي هٿان مارائي.</verse>
				<verse number="26">۽ جڏهن هن جي نوڪرن دائود کي اها ڳالهہ ٻڌائي تڏهن هو بادشاهہ جي ناٺي ٿيڻ تي راضي ٿيو. ۽ اڃا ڏينهن پورا نہ ٿيا هئا؛</verse>
				<verse number="27">تہ دائود پنهنجن ماڻهن سميت اُٿيو، ۽ فلستين جا ٻہ سؤ ماڻهو ماريائين؛ ۽ دائود انهن جون کوليون کڻي آيو. ۽ هنن اُهي پوريون ڳڻي وڃي بادشاهہ کي ڏنيون، انهي لاءِ تہ هو بادشاهہ جو ناٺي ٿئي. تڏهن سائول پنهنجي ڌيءَ ميڪل هن کي پرڻائي ڏني.</verse>
				<verse number="28">۽ سائول ڏٺو ۽ پڪ ڄاتائين تہ خدا دائود سان آهي: ۽ سائول جي ڌيءَ ميڪل هن کي پيار ڪندي هئي،</verse>
				<verse number="29">۽ سائول دائود کان اڃا بہ وڌيڪ ڊڄڻ لڳو؛ ۽ سائول هميشہ لاءِ دائود جو دشمن ٿيو.</verse>
				<verse number="30">تڏهن فلستين جا امير نڪري ٻاهر آيا: ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ڪڏهن هو نڪري ايندا هئا، تڏهن دائود سائول جي ٻين سڀني نوڪرن کان وڌيڪ سياڻپ سان هلندو هو؛ جنهنڪري هن جو نالو معظم ٿي ويو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="19">
				<verse number="1">۽ سائول پنهنجي پٽ يونتن، ۽ پنهنجن سڀني نوڪرن کي چيو تہ دائود کي ماري وجهو.</verse>
				<verse number="2">پر سائول جي پٽ يونتن کي دائود گهڻو وڻندو هو. ۽ يونتن دائود کي وڃي ٻڌايو تہ منهنجو پيءُ توکي مارائڻ ٿو گهري: تنهنڪري هاڻي آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ صبح جو پنهنجي سنڀال رکج، ۽ ڪنهن ڳجهيءَ جاءِ ۾ وڃي رهج ۽ پاڻ کي لڪائج:</verse>
				<verse number="3">۽ جنهن ٻنيءَ ۾ تون آهين تنهن ۾ آءٌ وڃي پنهنجي پيءُ جي پاسي ۾ بيهندس، ۽ تنهنجي بابت پنهنجي پيءُ سان ذڪر ڪندس؛ ۽ جيڪڏهن مون کي ڪي ڏسڻ ۾ آيو تہ توکي ٻڌائيندس.</verse>
				<verse number="4">۽ يونتن پنهنجي پيءُ سائول وٽ وڃي دائود جي تعريف ڪئي، ۽ چيائينس تہ بادشاهہ پنهنجي ٻانهي، يعني دائود جي حق ۾ گناهہ نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو هن تنهنجي حق ۾ ڪوبہ گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، ۽ هن تنهنجي لاءِ تمام چڱا ڪم پئي ڪيا آهن:</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو هن پنهنجو ساهہ تري تي رکي هن فلستيءَ کي ماريو، ۽ خداوند ساري اسرائيل کي هڪڙي وڏي فتح حاصل ڪرائي: تو پاڻ اها ڏٺي ۽ خوشي ظاهر ڪئي: تڏهن ڇو هن بيگناهہ جو رت هارڻ ٿو گهرين ۽ بي سبب هن کي مارائڻ ٿو گهرين؟</verse>
				<verse number="6">۽ سائول يونتن جي ڳالهہ ٻڌي: ۽ سائول خداوند جيئري جو قسم کڻي چيو تہ هو قتل ڪونہ ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="7">تڏهن يونتن دائود کي سڏايو، ۽ اُهي سڀ ڳالهيون هن کي بيان ڪري ٻڌايائين. پوءِ يونتن دائود کي سائول وٽ وٺي آيو، ۽ اڳي وانگر هو سندس حاضريءَ ۾ رهڻ لڳو.</verse>
				<verse number="8">۽ وري جنگ لڳي: ۽ دائود نڪري وڃي فلستين سان وڙهيو، ۽ انهن ۾ وڏو ڪوس وڌائين؛ ۽ هو سندس اڳيان اُٿي ڀڳا.</verse>
				<verse number="9">پر هڪڙو بدروح خداوند وٽان سائول تي آيو ۽ انهي مهل هو پنهنجي گهر ۾ نيزو هٿ ۾ کنيو ويٺو هو؛ ۽ دائود پنهنجي هٿ سان ساز ويٺي وڄايو.</verse>
				<verse number="10">۽ سائول جي مرضي هئي تہ دائود کي ڀت آڏو نيزي سان ونڌي؛ پر هو سائول جي اڳيان کسڪي نڪري ويو، ۽ نيزو وڃي ڀت ۾ لڳو: ۽ دائود انهي رات ڀڄي ويو، ۽ بچي نڪتو.</verse>
				<verse number="11">۽ سائول دائود جي گهر قاصد موڪليا تہ انهي جي جاچ ڪن، ۽ صبح جو انهي کي ماري وجهن: ۽ دائود جي زال ميڪل کيس چيو تہ جي اڄ رات تون پنهنجي جان نہ بچائيندين، تہ سڀاڻي تون قتل ٿيندين.</verse>
				<verse number="12">پوءِ ميڪل دائود کي دريءَ مان هيٺ لاهي ڇڏيو، ۽ هو هليو ويو، ۽ ڀڄي جند ڇڏايائين.</verse>
				<verse number="13">۽ ميڪل خانگي بت کڻي هنڌ ۾ رکيو، ۽ ٻڪرين جي ڏاس جو وهاڻو انهي جي مٿي وٽ رکيائين ۽ انهي کي وري ڪپڙن سان ڍڪي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="14">۽ جڏهن سائول دائود جي پڪڙڻ لاءِ قاصد موڪليا تڏهن ميڪل چيو تہ هو بيمار آهي.</verse>
				<verse number="15">۽ سائول دائود جي ڏسڻ لاءِ قاصد موڪليا، ۽ انهن کي چيائين تہ هن کي هنڌ ۾ پيل ئي کڻي اچو تہ آءٌ هن کي قتل ڪريان.</verse>
				<verse number="16">۽ جڏهن قاصد اندر لنگهي آيا تڏهن ڏسو تہ بت هنڌ ۾ پيو هو، ۽ ٻڪرين جي ڏاس جو وهاڻو انهي جي سيرانديءَ تي هو.</verse>
				<verse number="17">۽ سائول ميڪل کي چيو تہ ڇو تو مون کي هن طرح ٺڳيو آهي، ۽ منهنجي دشمن کي ڀڄائي ڇڏيو اٿيئي، جنهنڪري هو بچي ويو آهي؟ ۽ ميڪل سائول کي ورندي ڏني تہ هن مون کي چيو تہ مون کي وڃڻ ڏي: ڇو آءٌ توکي ماري وجهان؟</verse>
				<verse number="18">هاڻي دائود جان بچائي اُٿي ڀڳو ۽ رامہ ۾ سموئيل وٽ آيو، ۽ جيڪي سائول ساڻس ڪيو هو سو هن کي بيان ڪري ٻڌايائين. پوءِ هو ۽ سموئيل وڃي نيوت ۾ رهڻ لڳا.</verse>
				<verse number="19">۽ سائول کي خبر ملي تہ دائود رامہ منجهہ نيوت ۾ آهي.</verse>
				<verse number="20">۽ سائول دائود جي پڪڙڻ لاءِ قاصد موڪليا، ۽ جڏهن اُنهن نبين جي جماعت کي نبوت ڪندو ڏٺو ۽ سموئيل کي انهن جو سردار ٿي بيٺل ڏٺو، تڏهن خدا جو روح سائول جي قاصدن تي بہ نازل ٿيو، ۽ اُهي بہ نبوت ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="21">۽ جڏهن انهي ڳالهہ جي سائول کي خبر پئي، تڏهن هن ٻيا قاصد موڪليا، ۽ اُهي بہ نبوت ڪرڻ لڳا تڏهن وري ٽيون ڀيرو سائول قاصد موڪليا ۽ اُهي نبوت ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="22">تڏهن هو بہ رامہ ڏي ويو، ۽ جيڪو وڏو کوهہ سيڪو ۾ آهي انهي تي آيو: ۽ هو پڇڻ لڳو تہ سموئيل ۽ دائود ڪٿي آهن؟ ۽ هڪڙي چيس تہ ڏس هو رامہ منجهہ نيوت ۾ آهن.</verse>
				<verse number="23">۽ هو اوڏي رامہ منجهہ نيوت ڏي ويو، ۽ خدا جو روح هن تي بہ آيو، ۽ هو بہ نبوت ڪندو ويو، جيسين هو رامہ منجهہ نيوت ۾ پهتو.</verse>
				<verse number="24">۽ هن بہ پنهنجا ڪپڙا لاهي اُڇلائي ڇڏيا، ۽ سموئيل جي اڳيان نبوت ڪرڻ لڳو، ۽ اُهو سارو ڏينهن، ۽ اُها ساري رات اُگهاڙو پيو هو. تنهنڪري چوڻي ٿي وئي، تہ سائول بہ نبين ۾ آهي ڇا؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="20">
				<verse number="1">۽ دائود رامہ واري نيوت مان ڀڄي نڪتو ۽ يونتن وٽ آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ مون ڇا ڪيو آهي؟ منهنجو ڪهڙو ڏوهہ آهي؟ ۽ تنهنجي پيءُ جي نظر ۾ منهنجو ڪهڙو گناهہ آهي جو هو مون کي مارڻ ٿو چاهي؟</verse>
				<verse number="2">۽ هن چيس تہ خدا پناهہ رکي؛ تون ڪين مرندين: ڏس، منهنجو پيءُ ڪوبہ اهڙو وڏو يا ننڍو ڪم نہ ڪندو آهي، جو مون کي نہ ٻڌائيندو آهي: ۽ منهنجو پيءُ مون کان اها ڳالهہ ڇو لڪائيندو؟ ائين ڪين آهي.</verse>
				<verse number="3">تڏهن وري دائود قسم کڻي چيو تہ تنهنجي پيءُ کي پڪ خبر آهي تہ تنهنجي مون تي مهربانيءَ جي نظر آهي؛ ۽ هو چوي ٿو تہ يونتن کي انهي جي خبر نہ پوي تہ چڱو، تہ ڏک نہ ٿئيس: پر خداوند جيئري جو قسم، ۽ تنهنجي جان جو قسم، تہ يقيناً منهنجي ۽ موت جي وچ ۾ فقط هڪڙو قدم آهي:</verse>
				<verse number="4">تڏهن يونتن دائود کي چيو تہ جيئن تنهنجي دل چوندي تيئن آءٌ تنهنجي لاءِ ڪندس.</verse>
				<verse number="5">۽ دائود يونتن کي چيو تہ ڏس، سڀاڻي نئون چنڊ آهي، ۽ ضرور آهي تہ آءٌ بادشاهہ سان گڏجي ماني کاوان: پر مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان، ۽ ٽئين ڏينهن جي شام تائين پاڻ کي جهنگ ۾ وڃي لڪايان.</verse>
				<verse number="6">جيڪڏهن تنهنجو پيءُ منهنجي پڇاڳاڇا ڪري، تہ تون چئج تہ دائود ڏاڍي زور سان پنهنجي شهر بيت لحم ڏي وڃڻ جي موڪل گهري: ڇالاءِ جو اُتي سندس خاندان جي لاءِ سالياني قرباني ٿيڻي آهي.</verse>
				<verse number="7">جيڪڏهن هو چوندو تہ چڱو، تہ پوءِ تنهنجو ٻانهو صحيح سلامت رهندو: پر جي هو ڪاوڙيو، تہ پوءِ ڄاڻج تہ هن ڪنهن خرابي ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="8">تنهنڪري پنهنجي ٻانهي سان مهرباني جي رستي هل؛ ڇالاءِ جو تو پنهنجي ٻانهي سان خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيو آهي: پر جي مون ۾ گناهہ هجي تہ مون کي ڀلي قتل ڪري ڇڏ؛ پر ڇالاءِ تون مون کي پنهنجي پيءُ وٽ وٺي ٿو هلين؟</verse>
				<verse number="9">تڏهن يونتن چيس تہ اها ڳالهہ شل توکان پري رهي، ڇالاءِ جو جيڪڏهن مون کي خبر هجي تہ منهنجي پيءُ جي مرضي توکي خرابي پهچائڻ جي آهي، تہ جيڪر آءٌ توکي نہ ٻڌايان ڇا؟</verse>
				<verse number="10">تڏهن دائود يونتن کي چيو تہ جي تنهنجو پيءُ توکي سخت جواب ڏئي تہ مون کي ڪير اچي ٻڌائيندو؟</verse>
				<verse number="11">يونتن دائود کي چيو تہ ٻنيءَ ڏي هلون. پوءِ هو ٻئي ٻنيءَ ڏي نڪري ويا.</verse>
				<verse number="12">۽ يونتن دائود کي چيو تہ خداوند، اسرائيل جو خدا شاهد آهي؛ جڏهن سڀاڻي يا پرينهن هن وقت پنهنجي پيءُ جو سماءُ وٺي رهندس تڏهن جي تنهنجي حق ۾ ڪا چڱائي هوندي، تہ توکي ماڻهو موڪلي اُها خبر ظاهر ڪري نہ ٻڌائيندس ڇا؟</verse>
				<verse number="13">خداوند يونتن سان شل ائين ئي ڪري، بلڪ انهي کان بہ وڌيڪ ڪري، بشرطيڪ منهنجي پيءُ جي توسان برائي ڪرڻ جي مرضي هوندي ۽ آءٌ اُها توکي ظاهر ڪري نہ ٻڌائيندس، ۽ توکي روانو نہ ڪري ڇڏيندس تہ صحيح سلامت هليو وڃين: ۽ خداوند توسان هجي، جيئن ڪ هو منهنجي پيءُ ساڻ رهيو آهي.</verse>
				<verse number="14">۽ جيستائين آءٌ جيئرو رهندس نہ رڳو تيستائين تون خداوند جي مهرباني مون کي ڏيکارج، تہ آءٌ مري نہ وڃان:</verse>
				<verse number="15">پر تون منهنجي گهر تان بہ ڪڏهن پنهنجي مهرباني لاهي نہ ڇڏج، بلڪ ڪڏهن بہ نہ، جيسين ڪ خداوند دائود جي سڀني دشمنن کي ساريءَ زمين تان وڍي ڇڏي.</verse>
				<verse number="16">انهي طرح يونتن دائود جي گهراڻي سان عهد اقرار ڪيو، ۽ چيائين تہ خداوند دائود جي دشمنن کان انهي جو بدلو وٺندو.</verse>
				<verse number="17">۽ يونتن دائود کان انهي محبت خاطر جا هن سان هيس وري بہ قسم کڻايو: ڇالاءِ جو هو انهي کي پنهنجي ساهہ جهڙو پيار ڪندو هو.</verse>
				<verse number="18">تڏهن يونتن چيس تہ سڀاڻي نئون چنڊ آهي، ۽ تنهنجي پڇا ٿيندي، ڇالاءِ جو تنهنجي جاءِ خالي هوندي.</verse>
				<verse number="19">۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ جلد روانو ٿجانءِ، ۽ اُنهيءَ هنڌ اچجانءِ جتي تو پاڻ کي انهي ڏينهن وڃي لڪايو هو، جنهن ڏينهن ڪم هٿ ۾ هو، ۽ ازيل پٿر جي ڀر ۾ ترسجانءِ.</verse>
				<verse number="20">۽ آءٌ انهي پاسي ٽي تير هڻندس، ڄڻ تہ نشان ٿي چُٽيم.</verse>
				<verse number="21">۽ ڏس آءٌ ڇوڪر کي موڪليندس ۽ چوندوسانس تہ وڃي تير ڳولي هٿ ڪر. جيڪڏهن آءٌ ڇوڪر کي چوان تہ ڏس، تير تنهنجي هن پاسي آهن: تہ پوءِ تون اُهي کڻي اچج: ڇالاءِ جو خداوند جيئري جو قسم تہ تنهنجي لاءِ سلامتي آهي ۽ ڪوبہ نقصان ڪونهي.</verse>
				<verse number="22">پر جيڪڏهن آءٌ ڇوڪر کي چوان تہ ڏس، تير تنهنجي پريان آهن: پوءِ تون پنهنجو رستو وٺي هليو وڃج؛ ڇالاءِ جو خداوند توکي روانو ڪري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="23">باقي جنهن ڳالهہ بابت تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ذڪر هليو آهي، تنهن جي لاءِ خداوند هميشہ واسطي تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ آهي.</verse>
				<verse number="24">اُن موجب دائود پاڻ کي وڃي ٻنيءَ ۾ لڪايو: ۽ جڏهن نئون چنڊ آيو تڏهن بادشاهہ ماني کائڻ ويٺو.</verse>
				<verse number="25">۽ بادشاهہ پنهنجي دستور موجب ڪرسيءَ تي ويٺو، يعني اُنهي ڪرسيءَ تي جا ڀت جي پاسي ۾ هوندي هئي؛ ۽ يونتن بيهي رهيو، ابنير سائول جي ڀرسان ويهي رهيو: پر دائود جي جاءِ خالي هئي.</verse>
				<verse number="26">انهي هوندي بہ سائول انهي ڏينهن ڪي ڪين ڪُڇيو: ڇالاءِ جو هن ڀانئيو تہ هن سان ڪو اتفاق ٿيو آهي، شايد هو ناپاڪ ٿي پيو آهي؛ پڪ آهي تہ هو ناپاڪ آهي.</verse>
				<verse number="27">۽ نئين چنڊ کان پوءِ ٻئي ڏينهن صبح جو بہ دائود جي جاءِ خالي هئي: تڏهن سائول پنهنجي پٽ يونتن کي چيو تہ ڪهڙي سبب يسيءَ جو پٽ نہ ڪالهہ ماني کائڻ آيو نہ اڄ؟</verse>
				<verse number="28">۽ يونتن سائول کي ورندي ڏيئي چيو تہ دائود ڏاڍي نيزاري سان مون کان بيت لحم ڏي وڃڻ جي موڪل گهري هئي:</verse>
				<verse number="29">۽ هن چيو تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي وڃڻ ڏي؛ ڇالاءِ جو اسان جي گهراڻي کي شهر ۾ هڪڙي قرباني ڪرڻي آهي؛ ۽ منهنجي ڀاءُ مون کي اُتي حاضر رهڻ جو حڪم ڏنو آهي: ۽ هاڻي جيڪڏهن تنهنجي مون تي مهربانيءَ جي نظر ٿئي تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان ۽ پنهنجن ڀائرن کي ڏسان. تنهنڪري هو بادشاهہ جي ميز تي نہ آيو آهي.</verse>
				<verse number="30">تڏهن سائول جي ڪاوڙ يونتن تي ڀڙڪڻ لڳي، ۽ هن کي چوڻ لڳو تہ اي ضدي ۽ باغي زال جا پٽ، مون کي اها خبر ناهي ڇا تہ تو انهي يسيءَ جي پٽ کي پنهنجي شرمندگي، ۽ پنهنجي ماءُ جي شرمندگيءَ جي ڪري پسند ڪيو آهي؟</verse>
				<verse number="31">ڇالاءِ جو جيسين يسي جو پٽ زمين تي جيئرو رهندو تيسين نڪي تون پاڻ، نڪي تنهنجي حڪومت قائم رهندي. تنهنڪري هاڻي جلد هن کي گهرائي مون تائين آڻ، ڇاڪاڻ تہ هن جو مرڻ ضرور آهي.</verse>
				<verse number="32">۽ يونتن پنهنجي پيءُ سائول کي ورندي ڏيئي چيو تہ ڇو هن کي قتل ڪرڻ گهرجي؟ هن ڇا ڪيو آهي؟</verse>
				<verse number="33">تڏهن سائول هن کي مارڻ لاءِ پنهنجو نيزو اُڇلائي هنيو: انهي مان يونتن سمجهيو تہ پڻس دائود کي مارڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="34">پوءِ يونتن ڏاڍو ڪاوڙجي ميز تان اُٿيو، ۽ مهيني جي انهي ٻئي ڏينهن ماني ڪانہ کاڌائين: ڇالاءِ جو هن کي دائود جي ڳڻتي جي لاءِ ڏک هو، جو پڻس هن کي شرمندو ڪيو هو.</verse>
				<verse number="35">۽ صبح جو هيئن ٿيو تہ دائود سان ٺهرايل وقت تي يونتن هڪڙو ننڍو ڇوڪر پاڻ سان وٺي ٻنيءَ ڏي نڪري ويو.</verse>
				<verse number="36">۽ هن انهي ڇوڪر کي چيو تہ جيڪي تير آءٌ هڻان ٿو سي ڊوڙي وڃي کڻي اچ، ۽ جيئن هو ڇوڪر ڊوڙڻ لڳو، تڏهن هن کانئس اڳي تير اُڇلايو.</verse>
				<verse number="37">۽ جڏهن اُهو ڇوڪر اُنهي هنڌ آيو، جتي يونتن تير اُڇلايو هو، تڏهن يونتن اُنهي ڇوڪر کي سڏ ڪري چيو تہ اهو تير تنهنجي پريان نہ پيو آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="38">۽ يونتن ڇوڪر کي وڏي سڏ چيو تہ جلدي ڪر، تڪڙو ٿي ترس نہ. ۽ يونتن جو ڇوڪر تير گڏ ڪري پنهنجي ڌڻيءَ وٽ هليو آيو.</verse>
				<verse number="39">پر ڇوڪر کي ٻي وچ جي ڳالهہ جي خبر ڪانہ هئي: رڳو يونتن ۽ دائود کي اها خبر هئي.</verse>
				<verse number="40">۽ يونتن پنهنجا هٿيار انهي ڇوڪر کي ڏنا ۽ چيائينس تہ اهي شهر ڏي کڻي وڃ.</verse>
				<verse number="41">جڏهن ڇوڪر هليو ويو تڏهن دائود ڏکڻ واري هنڌان اُٿيو، ۽ ٽي ڀيرا زمين تي منهن رکي سجدو ڪيائين: پوءِ هنن هڪٻئي کي چُميو، ۽ هڪٻئي سان رُنو، پر دائود حد ڪري چڪو.</verse>
				<verse number="42">۽ يونتن دائود کي چيو تہ خير سان روانو ٿي، ڇالاءِ جو اسان ٻنهي خداوند جي نالي جو قسم کنيو آهي، ۽ چيو اٿئون تہ خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ منهنجي اولاد ۽ تنهنجي اولاد جي وچ ۾، هميشہ لاءِ رهندو. پوءِ هو اُٿي روانو ٿيو: ۽ يونتن شهر ڏي ويو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="21">
				<verse number="1">پوءِ دائود نوب ۾ اخيملڪ ڪاهن وٽ آيو: ۽ اخيملڪ ڏڪندو دائود کي گڏجڻ آيو، ۽ انهي کي چوڻ لڳو تہ ڇو تون اڪيلو آهين ۽ ٻيو ڪو ماڻهو تو وٽ ڪونهي؟</verse>
				<verse number="2">تڏهن دائود اخيملڪ ڪاهن کي چيو تہ بادشاهہ مون تي هڪڙو ڪم رکيو آهي ۽ مون کي چيو اٿس تہ جنهن ڪم جي پٺيان آءٌ توکي موڪليان ٿو، ۽ جيڪو حڪم مون توکي ڏنو آهي، سو ٻئي ڪنهن کي متان ٻڌائين: ۽ جوان ماڻهن کي مون ٻئي پاسي مقرر ڪري ويهاريو آهي.</verse>
				<verse number="3">تنهنڪري هاڻي تنهنجي هٿ ۾ ڇا آهي؟ پنج مانيون يا ٻيو جيڪي تو وٽ حاضر هجي سو منهنجي هٿ ۾ ڏي.</verse>
				<verse number="4">تڏهن ڪاهن دائود کي ورندي ڏيئي چيو تہ ٻي رواجي ماني مون وٽ ڪانهي، رڳو پاڪ ماني حاضر آهي؛ بشرطيڪ انهن جوان ماڻهن پاڻ کي زالن کان پري رکيو هجي.</verse>
				<verse number="5">۽ دائود ڪاهن کي ورندي ڏيئي چيو تہ آءٌ سچ ٿو چوان تہ هي گذريا ٽي ڏينهن زالون اسان کان پري رهيون آهن؛ جڏهن آءٌ ٻاهر آيس تڏهن انهن جوان ماڻهن جا باسڻ پاڪ هئا، جيتوڻيڪ اهو فقط رواجي پنڌ هو؛ تڏهن اڄ هنن جا ٿانوَ ڪيترو نہ وڌيڪ پاڪ هوندا؟</verse>
				<verse number="6">تنهنڪري ڪاهن هن کي اُها پاڪ ماني ڏني: ڇالاءِ جو اُنهي نذر جي مانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ ماني ڪانہ هئي، ۽ اُها خداوند جي حضور مان کنئي ويئي هئي، انهي لاءِ تہ گرم ماني رکي وڃي.</verse>
				<verse number="7">هاڻي انهي ڏينهن سائول جي نوڪرن مان هڪڙو خداوند جي اڳيان رهجي ويو هو؛ ۽ سندس نالو دوئيگ ادومي هو، جو سائول جي ڌنارن مان مکيہ ماڻهو هو.</verse>
				<verse number="8">۽ دائود اخيملڪ کي چيو تہ هتي تو وٽ ڪو ڀالو يا ڪا ترار آهي؟ ڇالاءِ جو مون پاڻ سان پنهنجي ترار يا ڪي ٻيا هٿيار نہ آندا آهن، ڇو جو بادشاهہ جي ڪم جي تڪڙ هئي.</verse>
				<verse number="9">۽ ڪاهن چيو تہ جالوت فلستي، جنهن کي تو ايلاہ جي واديءَ ۾ قتل ڪيو هو، تنهن جي ترار هتي آهي، اِجهو اُها افود جي پٺيان ڪپڙي ۾ ويڙهي رکي آهي: جيڪڏهن تون اُها وٺڻ گهرين تہ وٺ: ڇالاءِ جو انهي کان سواءِ ٻي ترار هتي ڪانهي؛ تڏهن دائود چيو تہ انهي جهڙي ٻي ڪابہ ڪانهي، اُها مون کي ڏي.</verse>
				<verse number="10">پوءِ دائود اُٿيو ۽ انهي ڏينهن سائول جي ڊپ کان ڀڄي جات جي بادشاهہ اڪيس وٽ ويو.</verse>
				<verse number="11">۽ اڪيس جي نوڪرن هن کي چيو تہ هي ملڪ جو بادشاهہ دائود ناهي ڇا؟ جنهن جي بابت نچندي هنن هڪٻئي کي ٿي چيو تہ سائول هزارن کي ماريو آهي ۽ دائود لکن کي؟</verse>
				<verse number="12">۽ دائود کي اهي لفظ دل سان لڳا، ۽ جات جي بادشاهہ اڪيس کان ڏاڍو ڊنو.</verse>
				<verse number="13">تڏهن هن اُنهن جي اڳيان پنهنجي هلت چلت ڦيرائي ڇڏي، ۽ اُنهن جي هٿن ۾ ڪوڙ ڪري ديوانو ٿيو، ۽ دروازي جي طاقن تي ليڪا ڪڍڻ لڳو، ۽ پنهنجي ڏاڙهيءَ تي ڦيڻ واهڻ لڳو.</verse>
				<verse number="14">تڏهن اڪيس پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ اوهين ڏسو ٿا تہ هي ماڻهو چريو آهي: پوءِ ڇالاءِ اوهان هن کي مون وٽ آندو آهي؟</verse>
				<verse number="15">مون وٽ ڪي چريا ماڻهو گهٽ آهن ڇا جو اوهان هن ماڻهو کي منهنجي اڳيان آندو آهي، تہ چريائيءَ جا ڪم ڏيکاري؟ هيءُ ڪو منهنجي گهر ۾ اچي رهندو ڇا؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="22">
				<verse number="1">تنهنڪري دائود اتان روانو ٿيو ۽ عدلام جي غار ڏي ڀڄي ويو: ۽ جڏهن هن جي ڀائرن ۽ سندس پيءُ جي سڄي گهراڻي اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اُهي اُتي وٽس آيا.</verse>
				<verse number="2">۽ جيڪو ڪنهن تنگيءَ ۾ هو؛ ۽ جيڪو قرضي هو، ۽ جيڪو ڏکويل هو، سي سڀ اچي وٽس گڏ ٿيا؛ ۽ هو انهن جو سردار ٿيو: انهي طرح اٽڪل چار سؤ ماڻهو ساڻس شامل ٿيا.</verse>
				<verse number="3">پوءِ دائود اُتان موآب جي مصفاہ ڏي ويو: ۽ موآب جي بادشاهہ کي چيائين تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي موڪل ڏي تہ نڪري اچي تو وٽ رهن، جيسين ڪ مون کي خبر پوي تہ خدا منهنجي لاءِ ڇا ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="4">۽ هو اُنهن کي موآب جي بادشاهہ وٽ وٺي آيو: ۽ جيسين دائود ڳڙهہ ۾ لڪل هو تيسين اُهي هن وٽ رهيا پيا هئا.</verse>
				<verse number="5">۽ جاد نبيءَ دائود کي چيو تہ انهي ڳڙهہ ۾ نہ رهہ؛ هتان نڪري يهوداہ جي ملڪ ۾ وڃ. تڏهن دائود نڪري ويو، ۽ حارت جي ٻيلي ۾ آيو.</verse>
				<verse number="6">۽ سائول ٻڌو تہ دائود ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن جو پتو پيو آهي: هاڻي سائول رامہ ۾ لئيءَ جي وڻ هيٺ جبعہ ۾ ويٺو هو، ۽ نيزو هٿ ۾ هوس، ۽ سندس سڀ نوڪر آس پاس بيٺا هئا.</verse>
				<verse number="7">۽ سائول اُنهن پنهنجي نوڪرن کي چيو، تہ اي بنيمينيو، هاڻي ٻڌو، يسيءَ جو پٽ اوهان سڀني کي ٻنيون ۽ ڊاک جا باغ ڏيندو ڇا، يا هو اوهان سڀني کي هزارن جا سردار، ۽ سوَن جا سردار ڪندو ڇا؟</verse>
				<verse number="8">جو اوهان سڀني منهنجي برخلاف منصوبو ڪيو آهي، ۽ جڏهن منهنجو پٽ يسيءَ جي پٽ سان ٻڌي ٿو ڪري تڏهن ڪوبہ مون کي اها ڳالهہ ظاهر ڪري نٿو ٻڌائي، ۽ ڪنهن جو بہ هڏ منهنجي لاءِ نٿو ڏکي، ۽ نڪو مون کي ٻڌائي ٿو تہ منهنجي پٽ منهنجي نوڪرن کي چوري منهنجي برخلاف کڙو ڪيو آهي، ۽ وجهہ لاءِ لڪي ويٺو آهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن حال آهي.</verse>
				<verse number="9">تڏهن دوئيگ ادوميءَ جو سائول جي نوڪرن وٽ بيٺو هو، ورندي ڏيئي چيو تہ مون يسيءَ جي پٽ کي نوب ۾ اخيملڪ پٽ اخيطوب وٽ ايندو ڏٺو.</verse>
				<verse number="10">۽ هن انهي جي لاءِ خداوند کان سوال گهريو، ۽ هن کي ماني ڏنائين، ۽ جالوت فلستيءَ جي ترار بہ ڏنائينس.</verse>
				<verse number="11">تڏهن بادشاهہ اخيملڪ ڪاهن، اخيطوب جي پٽ کي، ۽ هن جي پيءُ جي گهراڻي وارن سڀني ڪاهنن کي گهرايو، جي نوب ۾ هئا، ۽ اُهي سڀ بادشاهہ وٽ آيا.</verse>
				<verse number="12">۽ سائول چيو تہ اي اخيطوب جا پٽ، هاڻي ٻڌ. ۽ هن ورندي ڏني تہ اِجهو منهنجا سائين آءٌ حاضر آهيان.</verse>
				<verse number="13">۽ سائول هن کي چيو تہ تو، ۽ يسيءَ جي پٽ، اوهان ٻنهي ڇو منهنجي برخلاف ٻڌي ڪئي آهي، جو تو هن کي ماني ۽ ترار ڏني، ۽ هن جي لاءِ خدا کان سوال گهريو تہ هو منهنجي برخلاف کڙو ٿئي، ۽ لڪي ويهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي.</verse>
				<verse number="14">تڏهن اخيملڪ بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ تنهنجن سڀني نوڪرن مان دائود جهڙو ايماندار ڪير آهي، جو بادشاهہ جو ناٺي آهي، ۽ تنهنجي درٻار ۾ شامل آهي، ۽ تنهنجي گهر ۾ عزت وارو آهي؟</verse>
				<verse number="15">آءٌ اڄ ئي هن جي لاءِ خدا کان دعا گهرڻ لڳو آهيان ڇا؟ شل اهڙو ڪم مون کان پري هجي: بادشاهہ پنهنجي ٻانهي تي، يا منهنجي پيءُ جي ساري گهر تي، ڪوبہ الزام نہ آڻي: ڇالاءِ جو تنهنجي ٻانهي کي انهي بابت ڪابہ خبر ڪانهي، نہ ٿوري نہ گهڻي.</verse>
				<verse number="16">۽ بادشاهہ چيو تہ اي اخيملڪ، تون ۽ تنهنجي پيءُ جي گهر وارا سڀ ضرور مرندا.</verse>
				<verse number="17">۽ بادشاهہ پنهنجي آس پاس بيٺل پهري وارن کي چيو تہ ڦرو ۽ خداوند جي ڪاهنن کي قتل ڪريو؛ ڇالاءِ جو هنن جو هٿ بہ دائود سان آهي، ۽ ڇالاءِ تہ هنن کي خبر هئي تہ هو ڀڳل آهي پر هنن اها ڳالهہ مون کي ظاهر ڪري نہ ٻڌائي. پر بادشاهہ جي نوڪرن خداوند جي ڪاهنن تي پنهنجو هٿ ڊگهو ڪرڻ نہ گهريو.</verse>
				<verse number="18">۽ بادشاهہ دوئيگ کي چيو تہ تون ڦر، ۽ ڪاهنن تي حملو ڪر، تڏهن دوئيگ ادومي ڦري ڪاهنن تي حملو ڪيو، ۽ انهي ڏينهن هن پنجاسي ماڻهو ماريا، جن کي سڻيءَ جي ڪپڙي جو افود پيل هو.</verse>
				<verse number="19">۽ ڪاهنن جي شهر نوب جي مردن توڙي زالن کي، ٻارن توڙي کير پياڪ معصومن کي، ۽ ڏاندن، ۽ گڏهن، ۽ رڍن کي هن ترار جي ڌار سان قتل ڪيو.</verse>
				<verse number="20">۽ اخيملڪ بن اخيطوب جي پٽن مان هڪڙو، جنهن جو نالو ابي ياتر هو سو ڀڄي نڪتو، ۽ دائود وٽ ڀڄي ويو.</verse>
				<verse number="21">۽ ابي ياتر دائود کي چيو تہ سائول خداوند جي ڪاهنن کي مارائي ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="22">۽ دائود ابي ياتر کي چيو تہ مون کي انهيءَ ڏينهن خبر هئي، جنهن ڏينهن دوئيگ ادومي اُتي هو، تہ هو ضرور سائول کي وڃي ٻڌائيندو: تنهنجي پيءُ جي گهر جي سڀني ماڻهن جي مارجڻ جو آءٌ ئي سبب ٿيو آهيان.</verse>
				<verse number="23">تون مون سان رهہ، ڊڄ نہ؛ ڇالاءِ جو جيڪو منهنجي حياتيءَ جي پٺيان آهي سو تنهنجي حياتيءَ جي بہ پٺيان آهي: ڇالاءِ جو مون سان گڏ تون صحيح سلامت رهندين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="23">
				<verse number="1">۽ هنن دائود کي خبر ڏني تہ ڏس، فلستي قعيلہ سان ٿا وڙهن، ۽ اَن ڳاهڻ جي پِڙن تي ڦرلٽ ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="2">تنهنڪري دائود خداوند کان پڇيو تہ آءٌ وڃي انهن فلستين کي ماريان يا نہ؟ ۽ خداوند دائود کي چيو تہ وڃ ۽ وڃي فلستين کي مار، ۽ قعيلہ کي بچاءِ</verse>
				<verse number="3">۽ دائود جي ماڻهن کيس چيو تہ ڏس، اسين هت يهوداہ ۾ ڊنا ويٺا آهيون: سو جيڪڏهن فلستين سان وڙهڻ جي لاءِ قعيلہ ڏي وينداسين تہ اسان کي ڪيترو نہ وڌيڪ ڊپ ٿيندو؟</verse>
				<verse number="4">تڏهن دائود وري خداوند کان پڇيو، ۽ خداوند کيس جواب ڏنو تہ اُٿ، قعيلہ ڏي لهي وڃ؛ ڇالاءِ جو آءٌ فلستي تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="5">۽ دائود ۽ سندس ماڻهو قعيلہ ڏي وڃي فلستين سان وڙهيا، ۽ انهن جو چوپايو مال آندائون، ۽ اُنهن ۾ ڏاڍو ڪوس وڌائون. انهي طرح دائود قعيلہ جي ماڻهن کي بچايو.</verse>
				<verse number="6">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ابي ياتر بن اخيملڪ قعيلہ ڏي دائود ڏانهن ڀڳو هو، تڏهن هو پاڻ سان هڪڙو افود کڻي آيو هو.</verse>
				<verse number="7">۽ سائول کي خبر ملي تہ دائود قعيلہ ۾ آيو آهي. ۽ سائول چيو تہ خدا هن کي منهنجي چنبي ۾ آڻي وڌو آهي؛ ڇالاءِ جو هو اهڙي شهر ۾ اچي گهڙيو آهي جنهن کي دروازا ۽ گز آهن، تنهنڪري هو هاڻ بند ۾ آهي.</verse>
				<verse number="8">۽ سائول سڀني ماڻهن کي جنگ لاءِ سڏيو تہ قعيلہ ڏي لهي دائود ۽ سندس ماڻهن کي گهيرو ڪن.</verse>
				<verse number="9">۽ دائود کي خبر پيئي تہ سائول کيس نقصان پهچائڻ جي رٿ پيو ڪري: ۽ هن ابي ياتر ڪاهن کي چيو تہ افود کڻي اچ.</verse>
				<verse number="10">تڏهن دائود چيو تہ اي خداوند، اسرائيل جا خدا، تنهنجي ٻانهي پڪ ٻڌو آهي تہ سائول منهنجي ڪري قعيلہ کي چٽ ڪرڻ جي لاءِ هيڏي اچڻ ٿو گهري.</verse>
				<verse number="11">قعيلہ جا ماڻهو مون کي هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندا ڇا؟ جيئن اُنهن جي ٻانهي ٻڌو آهي تيئن سائول هيڏي ايندو ڇا؟ اي خداوند اسرائيل جا خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي ٻانهي کي اها خبر ڏي: ۽ خداوند فرمايو تہ هو ايندو.</verse>
				<verse number="12">تڏهن دائود چيو تہ قعيلہ جا ماڻهو مون کي، ۽ منهنجي ماڻهن کي سائول جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندا ڇا؟ ۽ خداوند فرمايو تہ هو توکي هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندا.</verse>
				<verse number="13">تڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو، جي اٽڪل ڇهہ سؤ هئا، سي اُٿيا ۽ قعيلہ مان نڪتا ۽ جيڏي وڃي سگهيا اوڏي ويا. ۽ سائول کي خبر پيئي تہ دائود قعيلہ مان ڀڄي ويو، تڏهن هو اُتي ڪونہ ويو.</verse>
				<verse number="14">۽ دائود بيابان ۾ مضبوط قلعن ۾ رهڻ لڳو ۽ زيف جي بيابان واري ڪوهستان ۾ رهي پيو. ۽ سائول ڏهاڙي هن جي ڳولا پئي ڪئي، پر خدا کيس سندس هٿن ۾ نہ ڏنو.</verse>
				<verse number="15">۽ دائود ڏٺو تہ سائول سندس جان جي پٺيان آهي: ۽ دائود زيف جي بيابان ۾ ٻيلي منجهہ هو.</verse>
				<verse number="16">۽ سائول جو پٽ يونتن اُٿيو، ۽ ٻيلي ۾ دائود وٽ ويو، ۽ خدا ۾ سندس هٿ مضبوط ڪيائين.</verse>
				<verse number="17">۽ هن کي چيائين تہ ڊڄ نہ: ڇالاءِ تہ منهنجي پيءُ سائول جو هٿ توکي نہ لهندو، ۽ تون اسرائيل جو بادشاهہ ٿيندين، ۽ توکان پوءِ منهنجو درجو ٿيندو؛ ۽ انهي جي بہ منهنجي پيءُ کي خبر آهي.</verse>
				<verse number="18">۽ انهن ٻنهي خداوند جي اڳيان پاڻ ۾ عهد اقرار ڪيو: ۽ دائود ٻيلي ۾ رهجي پيو، ۽ يونتن پنهنجي گهر هليو ويو.</verse>
				<verse number="19">تنهن کان پوءِ زيف جا ماڻهو جبعہ ۾ سائول وٽ آيا ۽ چيائونس، تہ حڪيلہ جو ٽڪر، جو بيابان جي ڏکڻ ۾ آهي، تنهن جي ٻيلي وارن مضبوط قلعن ۾ دائود پاڻ کي نٿو لڪائي ڇا؟</verse>
				<verse number="20">تنهنڪري اي بادشاهہ، هاڻي پنهنجي دل جي پوري خواهش موجب لهي اچ؛ ۽ اهو اسان جو ذمو آهي تہ اسين هن کي بادشاهہ جي هٿن ۾ آڻي وجهنداسين.</verse>
				<verse number="21">۽ سائول چيو تہ شل خداوند جي برڪت اوهان تي هجي: ڇالاءِ جو اوهان مون تي رحم ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="22">ڀلائي ڪري وڃو ۽ وڃي زيادہ پڪ ڪريو، ۽ جتي هو اڪثر رهي ٿو، اُهو هنڌ ڏسو، ۽ خبر رکو تہ ڪنهن هن کي اُتي ڏٺو آهي: ڇالاءِ جو مون کي ٻڌايو اٿن تہ هو ڏاڍي پڪائي سان ٿو هلي.</verse>
				<verse number="23">تنهنڪري ڏسو ۽ هن جي لڪڻ جون سڀ جايون معلوم ڪريو، ۽ وري اچي مون کي پڪ ڏيو، تہ پوءِ آءٌ اوهان سان گڏجي هلندس: ۽ هيئن ٿيندو تہ جي هو انهي ملڪ ۾ هوندو، تہ يهوداہ جي سڀني هزارن مان بہ آءٌ هن کي ڳولي ڪڍندس.</verse>
				<verse number="24">۽ هو اُٿيا ۽ زيف ڏانهن سائول کان پهرين ويا: پر دائود ۽ سندس ماڻهو معون جي بيابان ۾ هئا، جو ڏکڻ جي ميدان ۾ آهي.</verse>
				<verse number="25">۽ سائول ۽ سندس ماڻهو هن کي ڳولڻ ويا. ۽ اُنهن دائود کي ٻڌايو: جنهنڪري هو اُنهي ٽڪر وٽ آيو، ۽ معون جي بيابان ۾ رهڻ لڳو: ۽ جڏهن سائول اهو ٻڌو تڏهن هو معون جي بيابان ۾ دائود جي پٺيان پيو</verse>
				<verse number="26">۽ سائول جبل جي هڪڙي پاسي هليو ويو، ۽ دائود پنهنجن ماڻهن سميت جبل جي ٻئي پاسي هليو ويو: ۽ دائود سائول جي ڊپ کان تڪڙو تڪڙو هلڻ لڳو؛ ڇالاءِ جو سائول ۽ سندس ماڻهن، دائود ۽ سندس ماڻهن کي پڪڙڻ جي لاءِ اچي هنن کي چوڌاري وڪوڙيو هو.</verse>
				<verse number="27">پر سائول وٽ هڪڙو قاصد آيو، جنهن اچي چيس تہ جلدي ڪري هل؛ ڇالاءِ جو فلستين ملڪ تي ڪاهہ ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="28">تنهنڪري سائول دائود جي پٺيان پوڻ کان موٽي فلستين تي ڪاهي ويو: انهي سبب هنن انهي هنڌ جو نالو سلع همخلقوت (بچي نڪرڻ جو ٽڪر) رکيو.</verse>
				<verse number="29">پوءِ دائود اُتان چڙهي ويو ۽ عين جديءَ جي مضبوط قلعن ۾ وڃي رهڻ لڳو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="24">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سائول فلستين جي پٺيان پوڻ کان بس ڪري موٽيو، تڏهن ماڻهن هن کي چيو تہ ڏس، دائود عين جديءَ جي بيابان ۾ آهي.</verse>
				<verse number="2">تڏهن سائول ٽي هزار ماڻهو ساري اسرائيل مان چونڊي، دائود ۽ سندس ماڻهن جي ڳولا ۾، جهنگلي ٻڪرين جي ٽڪر تي ويو.</verse>
				<verse number="3">۽ رستي ۾ رڍن جي واڙن ۾ آيو، جتي هڪڙو غار هو؛ ۽ سائول پنهنجن پيرن ڍڪڻ لاءِ اُنهي ۾ گهڙي ويو. هاڻي دائود ۽ سندس ماڻهو انهي غار جي اندرين حصي ۾ رهيا پيا هئا.</verse>
				<verse number="4">۽ دائود جي ماڻهن کيس چيو تہ ڏس، جنهن ڏينهن بابت خداوند توکي فرمايو هو، تہ آءٌ تنهنجو دشمن تنهنجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس، پوءِ توکي جيئن مناسب نظر اچي تيئن ساڻس ڪجانءِ، اهو ڏينهن اڄوڪو آهي. سو دائود اُٿيو ۽ چوريءَ سائول جي چوغي جو دامن ڪپي کڻي ويو.</verse>
				<verse number="5">۽ پوءِ هيئن ٿيو تہ دائود جي دل هن کي چڪ هڻڻ لڳي، ڇاڪاڻ تہ هن سائول جي چوغي جي دامن ڪپي ڇڏي هئي.</verse>
				<verse number="6">۽ هن پنهنجن ماڻهن کي چيو تہ خداوند شل ائين نہ ڪري تہ آءٌ پنهنجي ڌڻي، خداوند جي مسح ڪيل سان ائين ڪريان، ۽ جيڪو خداوند جو مسح ڪيل آهي تنهن جي برخلاف آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيريان.</verse>
				<verse number="7">تڏهن دائود پنهنجن ماڻهن کي ائين چئي روڪيو، ۽ سائول تي ڪاهي وڃڻ نہ ڏنو. ۽ سائول غار مان نڪري پنهنجي واٽ وٺي هليو ويو.</verse>
				<verse number="8">تنهن کان پوءِ دائود بہ اُٿيو ۽ غار مان نڪري سائول کي سڏي چيائين تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، ۽ جڏهن سائول منهن ورائي ڏٺو تڏهن دائود منهن زمين تي رکي هن کي تعظيم ڏني.</verse>
				<verse number="9">۽ دائود سائول کي چيو تہ ڇالاءِ تون ماڻهن جون ڳالهيون ٿو ٻڌين، جي چون ٿا تہ ڏس، دائود توکي ايذاءُ پهچائڻ ٿو گهري؟</verse>
				<verse number="10">ڏس، تو پاڻ پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي تہ خداوند توکي اڄ هن غار ۾ منهنجن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو هو: ۽ ڪنهن مون کي ائين بہ چيو هو تہ توکي ماريان: پر منهنجي اک توکي ڇڏي ڏنو: ۽ مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڌڻيءَ جي برخلاف هٿ نہ ڊگهيريندس؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جو مسح ڪيل آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ اي منهنجا پيءُ، ڏس، هائو ڏس، تہ تنهنجي قبا جي دامن منهنجي هٿ ۾ آهي: ڇالاءِ جو جڏهن مون تنهنجي قبا جي دامن وڍي، ۽ توکي ماريم ڪين، تڏهن تون ڄاڻ ۽ ڏس تہ منهنجي هٿ ۾ بدي يا برائي ڪانهي، ۽ مون تنهنجي حق ۾ گناهہ ڪونہ ڪيو، جيتوڻيڪ تون منهنجي جان وٺڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيو هئين.</verse>
				<verse number="12">خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ انصاف ڪري، ۽ خداوند منهنجو توکان وير وٺي: پر منهنجو هٿ توتي نہ پوندو.</verse>
				<verse number="13">جيئن اڳين زماني جي ماڻهن جو پهاڪو آهي، شريرن مان شرارت پيدا ٿي ٿئي: پر منهنجو هٿ توتي نہ پوندو.</verse>
				<verse number="14">اسرائيل جو بادشاهہ ڪنهن جي پٺيان نڪري آيو آهي؟ تون ڪنهن جي پٺيان پيو آهين؟ هڪڙي مئل ڪتي جي پٺيان؛ هڪڙي ڪارڙي جي پٺيان؟</verse>
				<verse number="15">تنهنڪري ڀلي تہ خداوند منصف ٿئي، ۽ منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ فيصلو ڪري ۽ ڏسي، ۽ منهنجي طرفان بچاءُ ڏئي، ۽ مون کي تنهنجي هٿان ڇڏائي.</verse>
				<verse number="16">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود سائول کي ايترو چئي بس ڪيو، تڏهن سائول چيو تہ اي منهنجا پٽ دائود، اهو آواز تنهنجو آهي ڇا؟ پوءِ سائول رڙيون ڪري روئڻ لڳو.</verse>
				<verse number="17">۽ هن دائود کي چيو تہ تون مون کان وڌيڪ راستباز آهين: ڇالاءِ جو تو مون سان چڱائي ڪئي آهي، پر مون توسان برائي ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="18">۽ تو اڄ ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي تہ ڪيئن تو مون سان چڱو سلوڪ ڪيو آهي، ڇالاءِ جو جڏهن خداوند مون کي تنهنجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، تڏهن تو مون کي ماري نہ وڌو.</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ جو جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو دشمن هٿ اچي تہ جيڪر اهو هن کي سلامت ڇڏي ڏئي ڇا؟ تنهنڪري شل خداوند توکي انهي چڱائي جو چڱو عيوض ڏئي، جا تو اڄوڪي ڏينهن مون سان ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="20">۽ هاڻي ڏس، مون کي خبر آهي تہ ضرور تون بادشاهہ ٿيندين، ۽ اسرائيل جي حڪومت تنهنجي هٿ ۾ قائم ٿيندي.</verse>
				<verse number="21">تنهنڪري هاڻي مون سان خداوند جو قسم کڻ تہ مون کان پوءِ تون منهنجو نسل وڍي نہ ڇڏيندين، ۽ منهنجي پيءُ جي گهر مان منهنجو نالو اصل مٽائي نہ ڇڏيندين.</verse>
				<verse number="22">تڏهن دائود سائول سان قسم کنيو. ۽ سائول گهر هليو ويو؛ پر دائود پنهنجي ماڻهن سميت چڙهي انهي قلعي ۾ وڃي رهڻ لڳو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="25">
				<verse number="1">۽ سموئيل وفات ڪئي، ۽ سڀ اسرائيلي اچي گڏ ٿيا، ۽ هن لاءِ ماتم ڪرڻ لڳا، ۽ هن کي رامہ ۾ سندس گهر ۾ دفن ڪيائون. ۽ دائود اُٿيو ۽ فاران جي بيابان ڏي ويو.</verse>
				<verse number="2">۽ معون ۾ هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جي ڪرمل ۾ گهڻي ملڪيت هئي؛ ۽ هو وڏو ماڻهو هو، ۽ ٽي هزار رڍون، ۽ هڪ هزار ٻڪريون هيس: ۽ انهيءَ ڪرمل ۾ پنهنجين رڍن جي اُن پئي ڪتري.</verse>
				<verse number="3">هاڻي اُنهيءَ ماڻهو جو نالو نابال هو ۽ انهي جي زال جو نالو ابيجيل هو: ۽ اُها زال چڱي سمجهہ واري ۽ خوبصورت هئي، پر اُهو ماڻهو ڄٽ، ۽ بد افعالو هو؛ ۽ اُهو ڪالب جي گهراڻي جو هو.</verse>
				<verse number="4">۽ دائود بيابان ۾ ٻڌو تہ نابال پنهنجين رڍن جي اُن ٿو ڪتري</verse>
				<verse number="5">۽ دائود ڏهہ جوان ماڻهو موڪليا، ۽ دائود انهن جوان ماڻهن کي چيو تہ اوهين ڪرمل ڏي چڙهي وڃو، ۽ نابال کي وڃي منهنجي پاران کيڪاريو؛</verse>
				<verse number="6">۽ اهو جيڪو سک ۾ ٿو گذاري، تنهن کي چئو، تہ اوهين ٻئي، ۽ اوهان جو گهراڻو، ۽ جيڪي اوهان وٽ آهي، سو سڀ شل سلامت هجي.</verse>
				<verse number="7">۽ هاڻي مون ٻڌو آهي تہ تو وٽ اُن ڪترڻ وارا آهن: اوهان جا ڌنار هاڻي اسان وٽ رهيا آهن، ۽ اسان اُنهن کي ايذاءُ ڪونہ رسايو، ۽ جيترو وقت هو ڪرمل ۾ هئا اوترو وقت اُنهن جي ڪابہ شيءِ گم نہ ٿي:</verse>
				<verse number="8">جي تون پنهنجن جوان ماڻهن کان پڇندين تہ اُهي توکي ٻڌائيندا: تنهنڪري ڀلي تہ اُهي جوان ماڻهو تنهنجي نظر ۾ مان لهن؛ ڇالاءِ جو اسين چڱي ڏينهن آيا آهيون: آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جيڪي تنهنجي هٿ ۾ اچي سو پنهنجن ٻانهن کي، ۽ پنهنجي پٽ دائود کي ڏيئي ڇڏ.</verse>
				<verse number="9">۽ جڏهن دائود جا جوان ماڻهو آيا تڏهن انهن دائود جي پاران سندس چيل سڀ ڳالهيون نابال کي ٻڌايون، ۽ پوءِ بس ڪيائون.</verse>
				<verse number="10">۽ نابال ورندي ڏئي دائود جي نوڪرن کي چيو، تہ دائود ڪير آهي؟ ۽ يسيءَ جو پٽ ڪير آهي؟ اڄ ڪلهہ ڪيترائي اهڙا نوڪر آهن جي پنهنجي پنهنجي ڌڻيءَ کان ڇڄي ڌار ٿا ٿين.</verse>
				<verse number="11">تڏهن آءٌ پنهنجي ماني، ۽ پنهنجو پاڻي، ۽ پنهنجو گوشت جو مون پنهنجن اُن ڪترڻ وارن جي لاءِ ڪٺو ڪيو آهي سو کڻي انهن کي ڏيئي ڇڏيان ڇا، جن جي مون کي ڪابہ خبر ڪانهي تہ ڪٿان جا آهن؟</verse>
				<verse number="12">تنهن تي دائود جا جوان ماڻهو پنهنجو رستو وٺي موٽي هليا ويا، ۽ اچي اهي سڀ ڳالهيون هن کي ٻڌايائون.</verse>
				<verse number="13">۽ دائود پنهنجن ماڻهن کي چيو تہ هرڪو ماڻهو پنهنجي ترار ٻڌي. ۽ هنن پنهنجي پنهنجي ترار ٻڌي، ۽ دائود بہ پنهنجي ترار کنئي: ۽ اٽڪل چار سو ماڻهو دائود جي پٺيان لڳا؛ ۽ ٻہ سؤ سامان وٽ رهجي ويا.</verse>
				<verse number="14">۽ انهن جوان ماڻهن مان هڪڙي نابال جي زال ابيجيل کي چيو تہ ڏس، دائود بيابان مان تنهنجي ڌڻيءَ جي کيڪارڻ لاءِ قاصد موڪليا؛ ۽ هو انهن تي ڪاهي آيو.</verse>
				<verse number="15">پر اُهي ماڻهو اسان سان چڱيءَ طرح هليا، ۽ اسان کي ڪو ايذاءُ ڪونہ رسيو، ۽ جڏهن اسين ميدانن ۾ هئاسين، ۽ جيستائين اسان جو هنن سان گڏ گذران هو تيستائين اسان جي ڪابہ شيءِ نہ ويئي:</verse>
				<verse number="16">جيترو عرصو اسين رڍون وٺيو اُنهن سان گڏ رهيا پيا هئاسين، اوتري عرصي ۾ هو رات توڙي ڏينهن اسان جي لاءِ هڪڙي ڀت هئا.</verse>
				<verse number="17">تنهنڪري هاڻي ڄاڻ ۽ ويچار ڪر، تہ ڇا ڪرڻو اٿيئي؛ ڇالاءِ جو اسان جي ڌڻي ۽ سندس ساري گهراڻي لاءِ خرابي رٿي ويئي آهي: هن ڪري جو هو اهڙو بڇڙو آهي جو ڪوبہ هن سان ڳالهائي نٿو سگهي.</verse>
				<verse number="18">تڏهن ابيجيل تڪڙي ٿي ٻہ سؤ مانيون، ۽ ٻہ شراب جون سانداريون، ۽ پنج رڍون پڪل ۽ تيار ٿيل، ۽ پنج ڀُڳل اَن جا ماڻ، ۽ هڪ سؤ ڪشمش جا ڇڳا، ۽ ٻہ سؤ انجيرن جون ٽڪيون کڻي گڏهن تي رکيون.</verse>
				<verse number="19">۽ هن پنهنجن جوان ماڻهن کي چيو تہ اوهين منهنجي اڳيان هلو؛ ڏسو، آءٌ اوهان جي پٺيان ٿي اچان. پر اها ڳالهہ هن پنهنجي مڙس نابال سان نہ ڪئي.</verse>
				<verse number="20">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هوءَ پنهنجي گڏهہ تي چڙهي ۽ جبل جي اوٽ ۾ لهي آئي، تڏهن ڏسي تہ دائود ۽ سندس ماڻهو سامهون پيا اچن؛ ۽ هوءَ انهن کي گڏي.</verse>
				<verse number="21">هاڻي دائود چيو هو تہ يقيناً جيڪي هن ڪمبخت وٽ بيابان ۾ آهي سو اجايو مون پئي سنڀاليو آهي جو هن جي ملڪيت مان ڪي بہ گم نہ ٿيو آهي: ۽ هن چڱائيءَ جي عيوض مون سان برائي ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="22">سو جيڪڏهن آءٌ صبح جي سوجهري کان اڳي جيڪي هن وٽ آهن تن مان هڪڙو ڇوڪرو ئي کڻي ڇڏيان، تہ شل خدا دائود جي دشمنن سان ائين ڪري بلڪ زيادہ.</verse>
				<verse number="23">۽ جڏهن ابيجيل دائود کي ڏٺو تڏهن جهٽ ڪري گڏهہ تان لهي اچي دائود جي اڳيان منهن ڀر ڪري ۽ سجدو ڪرڻ لڳي.</verse>
				<verse number="24">پوءِ هن کي پيرين پئي چوڻ لڳي تہ منهنجا سائين، اهو گناهہ مون تي هجي، مون تي هجي: آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ پنهنجي ٻانهيءَ کي موڪل ڏي تہ تنهنجي ڪن ۾ ڪي چوي، ۽ تون پنهنجي ٻانهيءَ جي ڳالهہ ٻڌ.</verse>
				<verse number="25">آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ منهنجو ڌڻي هن خبيث، يعني نابال ڏي خيال نہ ڏئي: ڇالاءِ جو جهڙو سندس نالو آهي، تهڙو پاڻ آهي، هن جو نالو نابال آهي، ۽ بي عقلي هن سان آهي: پر مون تنهنجي ٻانهيءَ پنهنجي ڌڻيءَ جا جوان ماڻهو نہ ڏٺا، جن کي تو موڪليو هو،</verse>
				<verse number="26">تنهنڪري، اي منهنجا ڌڻي، خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجي جان جو قسم آهي، تہ جڏهن خداوند توکي خون جهڙي گناهہ ڪرڻ کان، ۽ پنهنجن هٿن سان وير وٺڻ کان روڪيو آهي، تڏهن هاڻي ڀلي تہ تنهنجا دشمن، ۽ جيڪي منهنجي ڌڻيءَ جي خرابي ٿا ڳولين، سي نابال جهڙا ٿين.</verse>
				<verse number="27">۽ هاڻي هي نذرانو، جو تنهنجي ٻانهيءَ پنهنجي ڌڻيءَ لاءِ آندو آهي، سو ڀلي تہ انهن جوان ماڻهن کي ڏنو وڃي، جي منهنجي ڌڻيءَ جي پٺيان ٿا هلن.</verse>
				<verse number="28">آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ پنهنجي ٻانهيءَ جو گناهہ معاف ڪر: ڇالاءِ جو پڪ آهي تہ خداوند منهنجي ڌڻيءَ جي لاءِ هڪڙو پڪو گهر جوڙيندو؛ ڇالاءِ جو منهنجو ڌڻي خداوند جون جنگيون ٿو ڪري؛ ۽ تنهنجي ساري ڄمار جي ڏينهن ۾ توکي ڪابہ خرابي نہ رسندي.</verse>
				<verse number="29">۽ جيتوڻيڪ ڪو شخص اُتي تنهنجي پٺيان کڻي پوي، ۽ تنهنجي ساهہ جو ڳولائو ٿئي، تہ بہ منهنجي ڌڻيءَ جو روح خداوند تنهنجي خدا سان حياتيءَ جي ڳنڍ ۾ ٻڌل رهندو؛ ۽ تنهنجن دشمنن جا روح پري اُڇلايا ويندا، ڄڻ تہ کانڀاڻيءَ جي پيچ مان اُڇلايا ويا آهن.</verse>
				<verse number="30">۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند منهنجي ڌڻيءَ کي اُها چڱائي ڏيندو، جا هن تنهنجي نسبت ۾ ٻڌائي ڇڏي آهي، ۽ توکي اسرائيل جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪندو؛</verse>
				<verse number="31">تڏهن اها ڳالهہ تنهنجي لاءِ ڏک جو سبب نہ ٿيندي، ۽ نہ منهنجي ڌڻيءَ جي دل کي رنج ڪندي، تہ تو بي سبب رت وهايو آهي، يا منهنجي ڌڻيءَ پنهنجو وير ورتو آهي: ۽ جڏهن خداوند منهنجي ڌڻيءَ تي مهرباني ڪري تڏهن پنهنجي ٻانهيءَ کي ياد ڪج.</verse>
				<verse number="32">۽ دائود ابيجيل کي چيو تہ خداوند اسرائيل جو خدا شل برڪت وارو هجي، جنهن توکي اڄ مون سان گڏجڻ لاءِ موڪليو آهي:</verse>
				<verse number="33">۽ تنهنجي سياڻپ بہ برڪت واري هجي، ۽ تون پاڻ بہ برڪت واري هجين، جنهن مون کي اڄ خون جهڙي ڏوهہ کان، ۽ پنهنجن هٿن سان وير وٺڻ کان بچايو آهي.</verse>
				<verse number="34">ڇالاءِ جو يقيناً خداوند، اسرائيل جي زندہ خدا جو قسم آهي، جنهن مون کي توکي ايذاءُ رسائڻ کان روڪيو آهي، جي تون تڪڙ ڪري مون کي نہ اچي گڏجين ها تہ ضرور نابال وٽ صبح جي سوجهري ٿيڻ ڌاري هڪڙو ڇوڪر بہ نہ بچي ها.</verse>
				<verse number="35">پوءِ جيڪي هن آندو هو سو دائود هن جي هٿان ورتو: ۽ چيائينس تہ صحيح سلامت پنهنجي گهر هلي وڃ؛ ڏس مون تنهنجي ڳالهہ مڃي آهي، ۽ توکي قبول ڪيو اٿم.</verse>
				<verse number="36">پوءِ ابيجيل نابال وٽ آئي؛ ۽ ڏس هن پنهنجي گهر ۾ شاهاڻي مجلس جهڙي هڪڙي مجلس ڪئي؛ ۽ نابال جي دل ۾ خوشي هئي، ڇالاءِ جو هو ڏاڍي نشي ۾ هو: تنهنڪري صبح جي سوجهري ٿيڻ تائين سندس زال کيس نڪي گهٽ نڪي وڌ چيو.</verse>
				<verse number="37">۽ صبح جو هيئن ٿيو تہ جڏهن نابال جو نشو لٿو، تڏهن کيس سندس زال اُهي ڳالهيون ٻڌايون، ۽ هن جي دل اندر ئي اندر مري ويئي، ۽ هو پهڻ جهڙو ٿي پيو.</verse>
				<verse number="38">۽ انهي کان اٽڪل ڏهہ ڏينهن پوءِ، هيئن ٿيو تہ خداوند نابال کي ڌڪ هنيو، ۽ هو مري ويو.</verse>
				<verse number="39">۽ جڏهن دائود ٻڌو تہ نابال مري ويو آهي تڏهن چوڻ لڳو تہ خداوند برڪت وارو هجي جنهن نابال جي هٿان منهنجي پاران منهنجي حقارت جو بدلو ورتو آهي، ۽ پنهنجي ٻانهي کي خرابي ڪرڻ کان بچايو اٿس: ۽ نابال جي شرارت موٽائي خود سندس گردن تي وڌي اٿس؛ ۽ دائود ماڻهو موڪلي ابيجيل جي نالي چوائي موڪليو تہ آءٌ هن کي پنهنجي زال ڪرڻ ٿو گهران.</verse>
				<verse number="40">۽ جڏهن دائود جا نوڪر ڪرمل ۾ ابيجيل وٽ آيا، تڏهن انهن هن کي چيو تہ دائود اسان کي تو ڏي موڪليو آهي تہ توکي وٺي هلون تہ هلي هن جي زال ٿين.</verse>
				<verse number="41">تڏهن هوءَ اُٿي، ۽ منهن زمين تي رکي سجدو ڪيائين ۽ چيائين تہ ڏس، تنهنجي ٻانهي پنهنجي ڌڻيءَ جي نوڪرن جي پيرن ڌوئڻ واري پورهيت آهي.</verse>
				<verse number="42">۽ ابيجيل تڪڙي ٿي اُٿي، ۽ گڏهہ تي چڙهي، ۽ انهي سان گڏ پنج ٻانهيون سندس پٺيان هليون؛ ۽ هوءَ دائود جي قاصدن جي پٺيان ويئي، ۽ دائود جي زال ٿي.</verse>
				<verse number="43">دائود يزرعيل واري اخي نوعم بہ ورتي: ۽ اُهي ٻئي سندس زالون ٿيون.</verse>
				<verse number="44">هاڻي سائول پنهنجي ڌيءَ ميڪل، دائود جي زال، ليس جي پٽ فلطيءَ کي ڏني، جو جليم جو ويٺل هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="26">
				<verse number="1">۽ زيفي سائول وٽ جبعہ ۾ آيا، ۽ چوڻ لڳا تہ حڪيلہ جو ٽڪر جو بيابان جي اڳيان آهي تنهن ۾ دائود پاڻ کي لڪايو نہ ويٺو آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="2">تڏهن سائول اُٿيو ۽ پاڻ سان اسرائيل جا ٽي هزار چونڊيل ماڻهو وٺي زيف جي بيابان ڏي ويو، انهي لاءِ تہ زيف جي بيابان ۾ دائود کي ڳولي.</verse>
				<verse number="3">۽ سائول حڪيلہ جي ٽڪر تي وڃي تنبو هنيا، جو رستي سان بيابان جي اڳيان آهي: پر دائود بيابان ۾ رهيو پيو هو، ۽ جڏهن ڏٺائين تہ سائول سندس پٺيان بيابان ۾ آيو آهي،</verse>
				<verse number="4">تڏهن دائود جاسوس موڪلي خاطري ڪئي تہ سائول برابر آيو آهي يا نہ.</verse>
				<verse number="5">۽ دائود اُٿيو، ۽ اُنهي هنڌ آيو جتي سائول جا تنبو لڳل هئا، ۽ دائود اُها جاءِ ڏٺي جتي سائول، ۽ سندس سپهہ سالار ابنير بن نير لٿل هئا: ۽ سائول گاڏين جي حد اندر سمهيو پيو هو، ۽ ماڻهو سندس چوڌاري تنبو هڻي لٿا پيا هئا.</verse>
				<verse number="6">تڏهن دائود اخيملڪ حتيءَ ۽ يوآب جي ڀاءُ، ضروياہ جي پٽ ابيشيءَ کي چيو، تہ مون سان ڪير گڏجي سائول وٽ لشڪرگاهہ ۾ لهي هلندو؟ تڏهن ابيشيءَ چيو تہ آءٌ توسان گڏجي هلندس.</verse>
				<verse number="7">پوءِ دائود ۽ ابيشيءَ رات جو اُنهن ماڻهن ۾ آيا: ۽ ڏسو، اُنهي مهل سائول گاڏين جي حد اندر ستو پيو هو، ۽ سندس نيزو سندس سيرانديءَ کان زمين ۾ کُتو پيو هو: ۽ ابنير ۽ لشڪر سندس چوڌاري ستو پيو هو.</verse>
				<verse number="8">تڏهن ابيشيءَ دائود کي چيو تہ خدا اڄ تنهنجو دشمن تنهنجي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو آهي، تنهنڪري هاڻي ڀلائي ڪري مون کي ڇڏ تہ آءٌ هن کي نيزي جي هڪڙي ئي ڌڪ سان ماري زمين ۾ ونڌي وجهان، ۽ ٻيو ڀيرو ڌڪ نہ هڻندوسانس.</verse>
				<verse number="9">۽ دائود ابيشيءَ کي چيو تہ هن کي نہ مار: ڇالاءِ جو ڪير پنهنجو هٿ خداوند جي مسح ٿيل تي ڊگهيريندو ۽ بي گناهہ رهندو؟</verse>
				<verse number="10">۽ دائود چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، تہ خداوند پاڻ انهي کي ماري وجهندو؛ يا هن جي مرڻ جو ڏينهن اچي پهچندو؛ يا هو جنگ تي نڪرندو، ۽ مارجي ويندو.</verse>
				<verse number="11">خداوند ائين نہ ڪري تہ آءٌ خداوند جي مسح ٿيل تي پنهنجو هٿ ڊگهيريان: پر هاڻي آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ جيڪو نيزو سندس سيرانديءَ کان کُتل آهي سو، ۽ پاڻي جي صراحي کڻي اچ تہ هليا هلون.</verse>
				<verse number="12">پوءِ دائود اهو نيزو ۽ اُها پاڻي جي صراحي سائول جي سيرانديءَ کان کڻي ورتي؛ ۽ هو هليا ويا، ۽ کين ڪنهن بہ ڪونہ ڏٺو، نڪا ڪنهن کي خبر پيئي، نڪو ڪو جاڳيو: ڇالاءِ جو سڀ سُتا پيا هئا؛ جو خداوند وٽان گهري ننڊ اچي هنن تي پيئي هئي.</verse>
				<verse number="13">تڏهن دائود پرين پاسي لنگهي ويو، ۽ جبل جي چوٽيءَ تي وڃي بيٺو؛ سندن وچ ۾ گهڻو ويڇو هو:</verse>
				<verse number="14">۽ دائود ماڻهن کي، ۽ ابنير بن نير کي، وڏي سڏ چيو تہ اي ابنير، تون جواب نٿو ڏين ڇا؟ تڏهن ابنير ورندي ڏيئي چيو تہ تون ڪير آهين جو بادشاهہ کي ٿو سڏين؟</verse>
				<verse number="15">۽ دائود ابنير کي چيو تہ تون بهادر مرد نہ آهين ڇا؟ اسرائيل ۾ تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ تڏهن ڇالاءِ تو پنهنجي ڌڻي بادشاهہ تي برابر پهرو نہ ڏنو آهي؟ ڇالاءِ جو ماڻهن مان هڪڙو تنهنجي ڌڻي بادشاهہ کي مارڻ لاءِ گهڙي آيو.</verse>
				<verse number="16">تو اهو ڪم چڱو نہ ڪيو آهي. خداوند جيئري جو قسم آهي تہ اوهين مرڻ جي لائق آهيو، ڇالاءِ جو اوهان پنهنجي ڌڻيءَ، خداوند جي مسح ٿيل جي نگهباني نہ ڪئي آهي. ۽ هاڻي ڏسو، بادشاهہ جو نيزو توڙي پاڻيءَ جي صراحي ڪٿي آهي جا سندس سيرانديءَ کان رکي هئي؟</verse>
				<verse number="17">۽ سائول دائود جو آواز سڃاتو، ۽ چوڻ لڳو تہ اي منهنجا پٽ دائود، اهو تنهنجو آواز آهي ڇا؟ ۽ دائود چيو تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ اهو منهنجو آواز آهي.</verse>
				<verse number="18">تڏهن هن چيو تہ ڇالاءِ منهنجو ڌڻي پنهنجي ٻانهي جي پٺيان ٿو پوي؟ مون ڇا ڪيو آهي؟ يا منهنجي هٿ ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟</verse>
				<verse number="19">تنهنڪري هاڻي آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو ڌڻي بادشاهہ پنهنجي ٻانهي جي ڳالهہ ٻڌي. جيڪڏهن خداوند توکي چوري منهنجي برخلاف ڪيو آهي، تہ هڪڙو نذرانو قبول ڪر: پر جي اُهو انسان جو ڪم هجي تہ شل اُهي خداوند جي اڳيان لعنتي ٿين: ڇالاءِ جو اُنهن اڄ مون کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو آهي، انهي لاءِ تہ منهنجو خداوند جي ميراث ۾ ڪو حصو نہ رهي، ۽ مون کي چون ٿا تہ وڃ وڃي ٻين معبودن جي عبادت ڪر.</verse>
				<verse number="20">تنهنڪري هاڻي ائين نہ ٿئي تہ منهنجو رت خداوند جي حضور کان پري زمين تي ڪري: ڇالاءِ جو اسرائيل جو بادشاهہ هڪڙي ڪارڙي جي ڳولا ۾ نڪتو آهي، ۽ ڄڻ تہ ڪو ماڻهو هڪڙي تتر جي شڪار لاءِ جبل تي آيو آهي.</verse>
				<verse number="21">تڏهن سائول چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: اي منهنجا پٽ دائود، تون موٽي اچ: ڇالاءِ جو آءٌ توکي اڳتي نقصان ڪونہ رسائيندس، جو اڄ منهنجي حياتي تنهنجي نظر ۾ قيمتي هئي: ڏس، مون بيوَقوفي ڪئي آهي، ۽ ڏاڍي غلطي ڪئي اٿم.</verse>
				<verse number="22">۽ دائود ورندي ڏيئي چيو تہ اي بادشاهہ، هي نيزو ڏس، جوان ماڻهن مان هڪڙي کي موڪل تہ کڻي وڃي.</verse>
				<verse number="23">۽ خداوند پاڻهي ئي سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي سچائي ۽ ايمانداريءَ جو بدلو ڏيندو: ڇالاءِ جو خداوند اڄ توکي منهنجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، پر مون خداوند جي مسح ڪيل تي پنهنجو هٿ ڊگهو ڪرڻ نہ گهريو.</verse>
				<verse number="24">ڏس، جيئن اڄ تنهنجي حياتي منهنجي نظر ۾ قيمتي هئي، تيئن ڀلي منهنجي حياتي بہ خداوند جي نظر ۾ قيمتي هجي، ۽ اُهو مون کي سڀني تڪليفن کان بچائي.</verse>
				<verse number="25">تڏهن سائول دائود کي چيو تہ اي منهنجا پٽ دائود، شل تون برڪت وارو هجين: تون وڏا وڏا ڪم ڪندين، ۽ ضرور فتحياب ٿيندين. پوءِ دائود پنهنجو رستو ڏيئي هليو ويو، ۽ سائول موٽي پنهنجي جاءِ ڏي ويو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="27">
				<verse number="1">۽ دائود پنهنجي دل ۾ چيو تہ هاڻي هڪڙي ڏينهن آءٌ سائول جي هٿان ماريو ويندس: منهنجي لاءِ انهي کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي تہ ڀڄي فلستين جي ملڪ ۾ وڃان؛ ۽ سائول مون کان نااُميد ٿي وري مون کي اسرائيل جي ڪنهن بہ سرحد ۾ نہ ڳوليندو: انهيءَ طرح آءٌ سندس هٿان ڇٽي پوندس.</verse>
				<verse number="2">پوءِ دائود اُٿيو، ۽ جيڪي ڇهہ سؤ ماڻهو ساڻس هئا تن سميت لنگهي جات جي بادشاهہ معوڪ جي پٽ اڪيس وٽ ويو.</verse>
				<verse number="3">۽ دائود ۽ سندس ماڻهو جات ۾ اڪيس سان رهڻ لڳا، ۽ هرهڪ ماڻهوءَ کي پنهنجو ڪٽنب ساڻ هو، يعني دائود پنهنجي پنهنجي زالن، اخي نوعم يزرعيلي، ۽ ابيجيل ڪرملڻ سان هو، جا نابال جي زال هئي.</verse>
				<verse number="4">۽ سائول کي ٻڌايائون تہ دائود ڀڄي جات ڏي ويو آهي: ۽ هن وري انهي جي ڳولا نہ ڪئي.</verse>
				<verse number="5">۽ دائود اڪيس کي چيو تہ جيڪڏهن هاڻي مون تنهنجي نظر ۾ مان لڌو آهي تہ ٻهراڙيءَ جي شهرن مان هڪڙي ۾ مون کي جاءِ ڏي تہ آءٌ اُتي رهان: ڇالاءِ جو تنهنجو ٻانهو ڇو شاهي شهر ۾ توسان گڏ رهي؟</verse>
				<verse number="6">تڏهن اڪيس انهيءَ ڏينهن هن کي صقلاج ڏنو: انهي ڪري صقلاج اڄ ڏينهن يهوداہ جي بادشاهن جو آهي.</verse>
				<verse number="7">۽ جيڪي ڏينهن دائود فلستين جي ملڪ ۾ رهيو تن جو شمار هڪ ورهيہ ۽ چار مهينا هو.</verse>
				<verse number="8">پوءِ دائود پنهنجن ماڻهن سميت مٿي ويو، ۽ جسورين، ۽ جزرين، ۽ عماليقين تي ڪاهہ ڪيائين: ڇالاءِ جو اهي ئي قومون قديم وقت کان وٺي، شور ڏي ويندي مصر جي حد تائين، انهي ملڪ ۾ رهنديون هيون.</verse>
				<verse number="9">۽ دائود انهي ملڪ کي فتح ڪيو، ۽ ڪوبہ مرد يا زال جيئرو نہ ڇڏيائين، ۽ رڍون، ۽ ڏاند، ۽ گڏهہ، ۽ اُٺ، ۽ ڪپڙا کڻي ويو؛ پوءِ موٽي اڪيس وٽ آيو.</verse>
				<verse number="10">۽ اڪيس چيو تہ اڄ اوهان ڪيڏي ڪاهہ ڪئي هئي؟ تڏهن دائود چيس تہ يهوداہ جي ڏکڻ تي، ۽ يرحميلين جي ڏکڻ تي، ۽ قينين جي ڏکڻ تي.</verse>
				<verse number="11">۽ دائود ڪنهن بہ مرد يا زال کي جيئرو ڇڏي جات ۾ ڪين آڻيندو هو، تہ متان هو سندس نسبت ۾ وڃي خبر ڏئي تہ دائود هيئن ڪ هيئن ڪيو، ۽ جيڪو وقت هو فلستين ۾ رهيو تنهن ۾ هن جي هلت اهڙي رهي.</verse>
				<verse number="12">۽ اڪيس دائود تي ويساهہ آندو، ۽ چيائين تہ هو پنهنجي قوم اسرائيل ۾ بلڪل نفرت جهڙو ٿي پيو آهي؛ تنهنڪري هو هميشہ جي لاءِ منهنجو ٻانهو ٿيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="28">
				<verse number="1">۽ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ فلستين اسرائيل سان وڙهڻ جي لاءِ پنهنجا لشڪر گڏ ڪيا. ۽ اڪيس دائود کي چيو تہ توکي ۽ تنهنجن ماڻهن کي ضرور مون سان گڏجي لشڪر ۾ هلڻو پوندو.</verse>
				<verse number="2">۽ دائود اڪيس کي چيو تہ پوءِ توکي معلوم ٿيندو تہ تنهنجو ٻانهو ڇا ڪندو. ۽ اڪيس دائود کي چيو تہ انهي ڪري آءٌ توکي هميشہ جي لاءِ پنهنجي جان جو سنڀاليندڙ ڪندس.</verse>
				<verse number="3">هاڻي سموئيل مري ويو هو، ۽ سڀني اسرائيلين سندس لاءِ ماتم ڪري کيس سندس شهر رامہ ۾ دفن ڪيو هو. ۽ سائول انهن سڀني ڀوپن، ۽ جادوگرن کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو هو.</verse>
				<verse number="4">۽ فلستي گڏ ٿيا ۽ شونيم ۾ تنبو هنيائون: ۽ سائول سڀ اسرائيلي گڏ ڪيا، ۽ اُنهن جلبوعہ ۾ تنبو هنيا.</verse>
				<verse number="5">۽ جڏهن سائول فلستين جو لشڪر ڏٺو تڏهن ڊنو، ۽ سندس دل تمام گهڻو ڏڪڻ لڳي.</verse>
				<verse number="6">۽ جڏهن سائول خداوند کي سوال ڪيو تڏهن خداوند هن کي ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنو، نہ خوابن جي رستي، نہ اوريم سان، نہ نبين جي وسيلي.</verse>
				<verse number="7">تڏهن سائول پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ مون کي ڪا اهڙي ڀوپڻ ڳولي ڏيو، تہ آءٌ وٽس وڃي سوال ڪريان. ۽ هن جي نوڪر چيو تہ ڏس، عين دور ۾ هڪڙي ڀوپڻ آهي.</verse>
				<verse number="8">پوءِ سائول ويس بدلائي ٻيا ڪپڙا ڍڪيا، ۽ ٻہ ماڻهو پاڻ سان وٺي رات جو انهي زال وٽ آيو: ۽ چيائينس تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ تون جنات جي وسيلي مون کي غيب جي خبر ڏي، ۽ جنهن جو نالو آءٌ وٺان تنهن کي مون وٽ مٿي آڻ.</verse>
				<verse number="9">تڏهن انهي زال چيس تہ ڏس، توکي خبر آهي تہ سائول ڇا ڪيو آهي جو ڀوپن ۽ جادوگرن کي هن ملڪ مان وڍي ڪڍي ڇڏيو آهي: تڏهن ڇو منهنجي مارڻ لاءِ تون هيءَ ڦاهي ٿو وجهين؟</verse>
				<verse number="10">۽ سائول خداوند جو قسم کڻي هن کي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ انهي ڪم جي ڪري توکي ڪابہ سزا نہ ملندي.</verse>
				<verse number="11">تڏهن انهي زال چيو تہ ڪنهن کي تو وٽ مٿي آڻيان؟ ۽ هن چيو تہ سموئيل کي مون وٽ آڻ.</verse>
				<verse number="12">۽ جڏهن انهي زال سموئيل کي ڏٺو تڏهن وڏي آواز سان رڙ ڪيائين: ۽ انهي زال سائول کي چيو تہ تو مون سان ڇو ٺڳي ڪئي آهي؟ ڇالاءِ جو تون سائول آهين.</verse>
				<verse number="13">۽ بادشاهہ هن کي چيو تہ ڊڄ نہ: پر ٻڌاءِ تہ تون ڇا ٿي ڏسين؟ تڏهن زال سائول کي چيو تہ آءٌ هڪڙي معبود کي زمين مان نڪري ايندو ٿي ڏسان.</verse>
				<verse number="14">۽ هن چيس تہ اُهو ڪهڙي شڪل جو آهي؟ زال چيو تہ هڪڙو ٻڍو ماڻهو چڙهندو ٿو اچي؛ ۽ ان کي هڪڙو چوغو پيل آهي. ۽ سائول سهي ڪيو تہ اهو سموئيل آهي، تڏهن هن پنهنجو منهن جهڪائي زمين تي رکيو، ۽ تعظيم ڏنائينس.</verse>
				<verse number="15">۽ سموئيل سائول کي چيو تہ تو ڇو منهنجو آرام ڦٽايو آهي، جو مون کي مٿي آندو اٿيئي؟ ۽ سائول ورندي ڏني تہ آءٌ ڏاڍو تنگ آيو آهيان؛ ڇالاءِ جو فلستي مون سان جنگ ٿا ڪن، ۽ خدا مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ مون کي ڪابہ ورندي نٿو ڏئي، نہ نبين جي وسيلي، ۽ نہ خوابن جي رستي: تنهنڪري مون توکي سڏيو آهي تہ مون کي ٻڌاءِ تہ آءٌ ڇا ڪريان.</verse>
				<verse number="16">۽ سموئيل چيو تہ تڏهن ڇالاءِ تون مون کان پڇين ٿو، جڏهن ڄاڻين ٿو تہ خداوند توکي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنجو دشمن ٿيو آهي؟</verse>
				<verse number="17">۽ خداوند پنهنجي طرفان ائين ئي ڪيو آهي جيئن هن منهنجي معرفت چيو: ۽ خداوند تنهنجي هٿان بادشاهي کسي تنهنجي پاڙيسريءَ کي، يعني دائود کي ڏئي ڇڏي آهي.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو، ۽ عماليقين سان هن جي سخت ڪاوڙ موافق تو هلت نہ ڪئي، تنهنڪري خداوند اڄ تو سان ائين ئي ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="19">تنهن کان سواءِ، خداوند توکي ۽ اسرائيل کي فلستين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندو: ۽ سڀاڻي تون ۽ تنهنجا پٽ مون سان هوندا: خداوند اسرائيل جو لشڪر بہ فلستين جي هٿن ۾ ڏيندو.</verse>
				<verse number="20">تڏهن سائول هڪدم زمين تي ڊگهو ٿي ڪري پيو، ۽ سموئيل جي ڳالهين کان ڏاڍو ڊنو: ۽ منجهس ڪابہ طاقت ڪانہ رهي؛ ڇالاءِ جو هن سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات ماني اصل نہ کاڌي.</verse>
				<verse number="21">پوءِ اُها زال سائول وٽ آئي، ۽ هن کي ڏاڍو پريشان ڏسي چيائينس تہ ڏس، تنهنجي ٻانهيءَ تنهنجي ڳالهہ مڃي آهي، ۽ مون پنهنجو ساهہ تريءَ تي رکي جيڪي تو مون کي چيو سو مون مڃيو آهي.</verse>
				<verse number="22">تنهنڪري هاڻي آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ تون بہ پنهنجي ٻانهيءَ جي ڳالهہ مڃ، ۽ موڪل ڏي تہ مانيءَ جو هڪڙو گرهہ تنهنجي اڳيان رکان؛ ۽ ڪجهہ کاءُ، تہ واٽ جي لاءِ توکي ڪا طاقت ملي.</verse>
				<verse number="23">پر هن انڪار ڪري چيو تہ آءٌ ڪين کائيندس. پر هن جي نوڪرن انهي زال سان گڏجي کيس گهڻو زور ڪيو؛ تڏهن هن انهن جي ڳالهہ مڃي ۽ هو زمين تان اُٿي کٽ تي ويٺو.</verse>
				<verse number="24">۽ انهي زال وٽ هڪڙو ٿلهو گابو گهر ۾ موجود هو؛ جنهن کي هن جهٽ ۾ ڪُهي وڌو؛ ۽ اٽو ڳوهي انهي مان بي خميري مانيون پچايائين:</verse>
				<verse number="25">پوءِ اُهي هن کڻي آڻي سائول ۽ سندس نوڪرن جي اڳيان رکيون؛ ۽ هنن کاڌو. پوءِ هو اُٿيا، ۽ اُنهي رات پنهنجو رستو وٺي هليا ويا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="29">
				<verse number="1">هاڻي فلستين پنهنجا سڀ لشڪر افيق ۾ آڻي گڏ ڪيا: ۽ اسرائيلين يزرعيل ۾ جيڪو چشمو آهي تنهن جي پاسي ۾ آڻي تنبو هنيا.</verse>
				<verse number="2">۽ فلستين جا سردار سوَن ۽ هزارن سان لنگهي اڳتي ويا: ۽ دائود پنهنجن ماڻهن سميت اڪيس سان گڏ انهن جي پٺيان هليو.</verse>
				<verse number="3">تڏهن فلستين جي سردارن چيو تہ هي عبراني هتي ڇا پيا ڪن؟ ۽ اڪيس فلستين جي سردارن کي چيو تہ اهو دائود اسرائيل جي بادشاهہ سائول جو خادم نہ آهي ڇا؟ جو مون سان هيترا ڏينهن ۽ هيترا ورهيہ رهيو آهي، ۽ جڏهن کان هو مون وٽ ڀڄي آيو آهي تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مون هن ۾ ڪوبہ عيب ڪونہ ڏٺو آهي؛</verse>
				<verse number="4">پر فلستين جا سردار هن تي ڪاوڙيا؛ ۽ فلستين جي سردارن هن کي چيو تہ انهي ماڻهو کي موٽائي، تہ هو وري اُنهي هنڌ وڃي جتي تو هن کي مقرر ڪيو آهي، ۽ هو اسان سان جنگ تي نہ هلي، متان جنگ هلندي هو ڦري اسان جو دشمن ٿي پوي: ڇالاءِ جو ڪهڙيءَ طرح هي شخص پنهنجي ڌڻي سان ٺاهہ ڪندو؟ هنن ماڻهن جي سسين سان تہ نہ ڪندو؟</verse>
				<verse number="5">هي اُهو دائود ناهي ڇا، جنهن جي نسبت ۾ هو ناچن وقت هڪٻئي کي ڳائي چوندا هئا تہ سائول هزار ماريا آهن، ۽ دائود لک ماريا آهن؟</verse>
				<verse number="6">تڏهن اڪيس دائود کي سڏي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ تون سچو رهيو آهين، ۽ مون سان گڏ تنهنجو لشڪر سان ٻاهر وڃڻ ۽ اندر اچڻ منهنجي نظر ۾ چڱو آهي: ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن تون مون وٽ آيو آهين، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مون تو ۾ ڪابہ خرابي ڪانہ ڏٺي آهي: انهي هوندي بہ سردار تو مان راضي نہ آهن.</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري هاڻي صحيح سلامت موٽي هليو وڃ، متان تون فلستين جي سردارن کي رنج ڪرين.</verse>
				<verse number="8">تڏهن دائود اڪيس کي چيو تہ مون ڇا ڪيو آهي؟ ۽ جيترو وقت آءٌ تو وٽ رهيو آهيان، اوتري وقت ۾ اڄ ڏينهن تائين تو پنهنجي ٻانهي ۾ ڇا ڏٺو آهي، جنهنڪري آءٌ پنهنجي ڌڻي بادشاهہ جي دشمنن سان نہ وڃي وڙهان؟</verse>
				<verse number="9">۽ اڪيس دائود کي ورندي ڏيئي چيو تہ مون کي خبر آهي تہ تون منهنجي نظر ۾ خدا جي هڪڙي فرشتي جهڙو چڱو آهين: انهي هوندي بہ فلستين جي سردارن چيو آهي تہ هو اسان سان جنگ تي نہ هلي.</verse>
				<verse number="10">تنهنڪري هاڻي صبح جو سوير، پنهنجي ڌڻيءَ جي نوڪرن سان اُٿي، سوجهرو ٿيڻ مهل روانو ٿج.</verse>
				<verse number="11">ان موجب دائود پنهنجن ماڻهن سميت صبح جو سوير اُٿيو، انهي لاءِ تہ فلستين جي ملڪ ڏي موٽي وڃي. ۽ فلستي چڙهي يزرعيل ڏي ويا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="30">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيو تہ ٽئين ڏينهن جڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو صقلاج ۾ آيا، تڏهن عماليقين ڏکڻ تي ۽ صقلاج تي ڪاهہ ڪئي هئي، ۽ صقلاج کي ڦري لٽي باهہ ڏئي ساڙي ڇڏيو هئائون؛</verse>
				<verse number="2">۽ سڀ زالون، ۽ جيڪي ننڍا وڏا اُن ۾ هئا، تن کي قيد ڪيو هئائون: هنن ڪنهن کي بہ قتل نہ ڪيو، مگر هنن کي کڻي هليا ويا هئا.</verse>
				<verse number="3">۽ جڏهن دائود پنهنجن ماڻهن سميت شهر ۾ آيو تڏهن ڏسن تہ اُهو باهہ سان سڙيو چٽ ٿيو پيو آهي؛ ۽ سندن زالون، ۽ سندن پٽ، ۽ سندن ڌيئرون قيد ٿي کڄي ويون آهن.</verse>
				<verse number="4">تڏهن دائود ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن ايترو زور سان رُنو جو وڌيڪ روئڻ جي طاقت نہ رهين.</verse>
				<verse number="5">۽ دائود جون ٻئي زالون اخي نوعم جا يزرعيلڻ هئي، ۽ ابيجيل، جا اڳي ڪرملي نابال جي زال هئي، اهي بہ قيد ٿيون هيون.</verse>
				<verse number="6">۽ دائود کي ڏاڍو ڏک ٿيو؛ ڇالاءِ جو ماڻهن هن کي سنگسار ڪرڻ جي ڳالهہ پئي ڪئي، جو سڀ ماڻهو پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جي لاءِ غمگين هئا: پر دائود پاڻ کي خداوند پنهنجي خدا ۾ مضبوط ڪيو.</verse>
				<verse number="7">۽ دائود اخيملڪ جي پٽ ابي ياتر کي چيو تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي افود آڻي ڏي. ۽ ابي ياتر افود دائود وٽ کڻي آيو.</verse>
				<verse number="8">۽ دائود خداوند کي سوال ڪري چيو تہ جيڪڏهن آءٌ هن لشڪر جي پٺيان پوندس تہ انهي کي پهچي سگهندس يا نہ؟ ۽ هن جواب ڏنس تہ پٺيان پئين: جو تون ضرور وڃي پهچندين، ۽ يقيناً سڀ ڪجهہ انهن کان وري بہ ڇڏائي وٺندين.</verse>
				<verse number="9">تڏهن دائود، جيڪي ڇهہ سؤ ماڻهو ساڻس هئا، تن سميت اُٿي هليو، ۽ بسور جي نهر وٽ آيو، ۽ جيڪي پٺ تي ڇڏيا ويا هئا، سي اُتي ترسي پيا.</verse>
				<verse number="10">پر دائود پنهنجن چئن سوَن ماڻهن سان اڳتي هليو: ڇالاءِ جو ٻہ سؤ، جي اهڙا ٿڪجي پيا هئا جو بسور جي نهر جي پار نہ وڃي سگهيا، سي پٺتي رهجي ويا:</verse>
				<verse number="11">۽ هنن ميدانن ۾ هڪڙو مصر جو ماڻهو ڏٺو، تنهن کي وٺي دائود وٽ آندائون، ۽ انهي کي، ماني کارايائون، ۽ پاڻي پياريائون؛</verse>
				<verse number="12">۽ هن کي انجيرن جي ٽڪيءَ جو ٽڪر ۽ ڪشمش جا ٻہ ڇڳا ڏنائون؛ ۽ جڏهن هن کائي بس ڪيو تڏهن ساهہ پٽيائين. ڇالاءِ جو هن ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون نڪا ماني کاڌي هئي، نڪو پاڻي پيتو هئائين.</verse>
				<verse number="13">۽ دائود هن کي چيو تہ تون ڪنهن جو ماڻهو آهين؟ ۽ ڪٿان ٿو اچين؟ تڏهن هن چيو تہ آءٌ مصر جو هڪڙو جوان آهيان، ۽ هڪڙي عماليقي جو غلام آهيان؛ ۽ منهنجو ڌڻي مون کي ڇڏي هليو ويو، جو ٽيون ڏينهن آءٌ بيمار ٿي پيس.</verse>
				<verse number="14">اسان ڪريتن جي ڏکڻ واري پاسي تي، ۽ يهوداہ جي سرحد تي ۽ ڪالب جي ڏکڻ تي چڙهائي ڪئي؛ ۽ صقلاج کي باهہ ڏيئي ساڙيوسين.</verse>
				<verse number="15">۽ دائود هن کي چيو تہ تون مون کي انهي لشڪر وٽ وٺي هلندين؟ ۽ هن چيو تہ خدا جو قسم کڻي مون کي چئُہ تہ تون نہ مون کي قتل ڪندين، ۽ نہ منهنجي ڌڻيءَ جي حوالي ڪندين، تہ پوءِ آءٌ توکي انهي لشڪر وٽ وٺي هلندس.</verse>
				<verse number="16">۽ جڏهن هو انهي کي اُتي وٺي آيو تڏهن ڏسن تہ هو سڀ زمين تي پکڙيا ويٺا آهن، ۽ پيا کائن، ۽ پيئن، ۽ مزا ماڻين، ڇالاءِ جو هنن فلستين جي ملڪ مان، ۽ يهوداہ جي ملڪ مان گهڻو لٽ جو مال آندو هو.</verse>
				<verse number="17">۽ دائود پرهہ ڦٽيءَ کان وٺي ٻئي ڏينهن جي شام تائين انهن کي پئي ماريو: ۽ چئن سوَن جوان ماڻهن کان سواءِ جي اُٺن تي چڙهي اُٿي ڀڳا، انهن مان هڪڙو بہ ماڻهو نہ بچيو؛</verse>
				<verse number="18">۽ جيڪي عماليقي کڻي ويا هئا سو سڀ دائود وري هٿ ڪيو: ۽ دائود پنهنجون ٻئي زالون بہ ڇڏايون.</verse>
				<verse number="19">۽ هنن جي ڪابہ شيءِ رهجي نہ ويئي، نہ ننڍي نہ وڏي، نہ پٽ، نہ ڌيئرون، نہ لٽ جو مال، نڪا ٻي ڪا شيءِ، جا هو کڻي ويا هئا؛ سڀيئي دائود موٽائي وٺي آيو.</verse>
				<verse number="20">۽ دائود سڀ ڌڻ ۽ گلا هٿ ڪيا، جي هنن ٻئي چوپائي مال جي اڳيان ڪاهي کنيا هئا، ۽ چيائين تہ هي دائود جو لٽيل مال آهي.</verse>
				<verse number="21">۽ دائود اُنهن ٻن سوَن ماڻهن وٽ آيو، جي گهڻي ٿَڪ جي ڪري دائود جي پٺيان اچي نہ سگهيا هئا، ۽ جن کي هو بسور جي نهر وٽ ڇڏي ويا هئا: ۽ اُهي دائود جي استقبال لاءِ ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن سان گڏجڻ لاءِ نڪري اڳي آيا: ۽ جڏهن دائود انهن ماڻهن کي ويجهو آيو، تڏهن انهن کي سلام ڪري حال احوال پڇيائين.</verse>
				<verse number="22">تڏهن دائود سان گڏ ويلن ماڻهن مان جيڪي شرير ماڻهو، ۽ خبيث هئا، تن ورندي ڏيئي چيو تہ هي اسان سان گڏجي نہ هليا هئا، تنهنڪري جيڪو لٽ جو مال اسان موٽائي هٿ ڪيو آهي، تنهن مان ڪجهہ بہ اسين هنن کي نہ ڏينداسين، رڳو هر ڪنهن کي سندس زال ۽ ٻار ٻچا ڏينداسين، تہ انهن کي وٺي هو هليا وڃن.</verse>
				<verse number="23">تڏهن دائود چيو تہ اي منهنجا ڀائرو، جنهن خدا اسان کي بچايو آهي، ۽ اسان تي ڪاهہ ڪري آيل لشڪر اسان جي هٿن ۾ ڏنو آهي، تنهن جيڪي اسان کي ڏنو آهي تنهن جي نسبت ۾ اوهين ائين متان ڪريو.</verse>
				<verse number="24">۽ اوهان جي اها ڳالهہ ڪير ٻڌندو؟ ڇالاءِ جو جيڪو جنگ تي وڃي ٿو تنهن کي بہ اهڙو ئي حصو ملندو جهڙو انهي کي جو سامان وٽ ترسي ويهي رهي ٿو: ٻنهين کي هڪجهڙو حصو ملڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="25">۽ هيئن ٿيو تہ انهي ڏينهن کان وٺي اهو هڪڙو قاعدو ۽ دستور ڪري ڇڏيو ويو، جو اسرائيل ۾ اڄ ڏينهن تائين هليو اچي.</verse>
				<verse number="26">۽ جڏهن دائود صقلاج ۾ آيو، تڏهن هن لٽ جي مال مان ڪجهہ يهوداہ جي بزرگن ڏانهن، بلڪ پنهنجن دوستن ڏانهن بہ موڪليو، ۽ چوائي مُڪائين تہ ڏسو، خداوند جي دشمنن جي لٽ جي مال مان اُها اوهان جي لاءِ سوکڙي آهي؛</verse>
				<verse number="27">يعني اُنهن ڏي جي بيت ايل ۾، ۽ ڏکڻ واري رامات ۾، ۽ يتير ۾؛</verse>
				<verse number="28">۽ عروعير ۾، ۽ سفموت ۾، ۽ استموع ۾؛</verse>
				<verse number="29">۽ رڪل ۾، ۽ يرحمئيلين جي شهرن ۾، ۽ قينين جي شهرن ۾،</verse>
				<verse number="30">۽ حرمہ ۾، ۽ ڪورعاسان ۾، ۽ عتاڪ ۾؛</verse>
				<verse number="31">۽ جبرون ۾، ۽ اُنهن سڀني جاين ڏي جتي دائود پاڻ ۽ سندس ماڻهو اڪثر گهمندا ڦرندا هئا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="31">
				<verse number="1">هاڻي فلستي اسرائيل سان وڙهيا: ۽ اسرائيل جا ماڻهو فلستين جي اڳيان ڀڄي ويا ۽ جلبوعہ جبل تي قتل ٿي ڪري پيا.</verse>
				<verse number="2">۽ فلستي سائول ۽ سندس پٽن جي پٺيان پيا، ۽ کين تنگ ڪيائون: ۽ فلستين يونتن ۽ ابينداب، ۽ ملڪيشوع، جي سائول جا پٽ هئا تن کي قتل ڪيو.</verse>
				<verse number="3">۽ جنگ تمام سختيءَ سان سائول جي برخلاف ويئي ۽ تيرانداز وڃي هن کي پهتا؛ ۽ انهن تيراندازن جي ڪري هن کي نهايت گهڻي تڪليف پهتي.</verse>
				<verse number="4">تڏهن سائول پنهنجي زرهہ بردار کي چيو، تہ پنهنجي ترار ڪڍ، ۽ منهنجي آرپار لنگهائي ڏي؛ تہ متان هي اڻطهريل اچن، ۽ مون کي ونڌي ڇڏين، ۽ مون کي بي عزت ڪن. پر هن جي زرهہ بردار ائين ڪرڻ نہ گهريو؛ ڇالاءِ جو هو ڏاڍو ڊنو، تنهنڪري سائول پاڻ پنهنجي ترار کنئي ۽ انهي تي ڪري پيو.</verse>
				<verse number="5">۽ جڏهن هن جي زرهہ بردار ڏٺو تہ سائول مري ويو آهي، تڏهن هو پاڻ بہ پنهنجي ترار تي ڪري پيو، ۽ انهي سان گڏ مئو.</verse>
				<verse number="6">انهي طرح سائول ۽ سندس ٽيئي پٽ، ۽ سندس زرهہ بردار، ۽ سندس سڀ ماڻهو ساڳئي ڏينهن گڏ مئا.</verse>
				<verse number="7">۽ اسرائيل جا ماڻهو جي واديءَ جي هن پاسي هئا، ۽ اُهي جي يردن جي هن ڀر هئا، تن جڏهن ڏٺو تہ اسرائيل جا ماڻهو ڀڄي ويا آهن، ۽ سائول ۽ سندس پٽ بہ مري ويا آهن، تڏهن هو شهر ڇڏي اُٿي ڀڳا؛ ۽ فلستي اچي انهن ۾ رهڻ لڳا.</verse>
				<verse number="8">۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ جڏهن فلستي قتل ٿيل ماڻهن جي لٽڻ لاءِ آيا، تڏهن ڏسن تہ سائول ۽ سندس ٽيئي پٽ جلبوعہ جبل تي مئا پيا آهن.</verse>
				<verse number="9">تڏهن هنن انهي جي سسي وڍي ڌار ڪئي، ۽ سندس بت تان زرهہ بہ لاٿائون، ۽ اُهي هنن فلستين جي ملڪ ۾ موڪلي ڏنا، تہ ڀلي سندن بُت خاني، ۽ ماڻهن کي اها خبر ملي.</verse>
				<verse number="10">۽ هنن سندس زرهہ عستارات جي گهر ۾ رکي: ۽ سندس لاش بيت شان جي ديوار تي ٺوڪي قابو ڪيو.</verse>
				<verse number="11">۽ جڏهن يبيس جلعاد جي رهاڪن ٻڌو تہ فلستين سائول سان ڇا ڪيو آهي،</verse>
				<verse number="12">تڏهن سڀ بهادر مرد اُٿيا، ۽ ساري رات پنڌ ڪري وڃي سائول جي لاش، ۽ سندس پٽن جا لاشا بيت شان جي ديوار تان لاٿائون؛ ۽ يبيس ۾ اچي انهن کي ساڙي ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="13">۽ انهن جون هڏيون کڻي يبيس واري لئيءَ جي وڻ هيٺ دفن ڪيائون، ۽ ست ڏينهن روزو رکيائون.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="10">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">۽ سائول جي مرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود عماليقين جي ڪوس کان موٽي آيو، تڏهن هو ٻہ ڏينهن صقلاج ۾ رهيو؛</verse>
				<verse number="2">۽ ٽئين ڏينهن هڪڙو ماڻهو سائول جي لشڪرگاهہ مان ڦاٽل ڪپڙن سان مٽي مٿي تي وجهي اُتي آيو: ۽ جڏهن هو دائود وٽ پهتو تڏهن زمين تي ڪري هن کي سجدو ڪيائين.</verse>
				<verse number="3">۽ دائود کيس چيو تہ تون ڪٿان ٿو اچين؟ هن چيس تہ آءٌ اسرائيل جي لشڪرگاهہ مان ڀڄي آيو آهيان.</verse>
				<verse number="4">تڏهن دائود چيس تہ ڳالهہ ڪيئن آهي؟ ڀلائي ڪري مون کي ٻڌاءِ. هن ورندي ڏني تہ ماڻهو جنگ مان ڀڄي ويا، ۽ انهن مان گهڻا ڪري مري بہ ويا آهن؛ ۽ سائول ۽ سندس پٽ يونتن بہ مري ويا آهن.</verse>
				<verse number="5">جنهن جوان ماڻهوءَ خبر ڏنس، تنهن کي دائود چيو تہ تون ڪيئن ٿو ڄاڻين تہ سائول ۽ سندس پٽ يونتن مري ويا آهن؟</verse>
				<verse number="6">۽ هن جوان ماڻهوءَ چيو تہ اتفاق سان جڏهن آءٌ جلبوعہ جبل تي ويس تڏهن ڏسان تہ سائول پنهنجي نيزي کي ٽيڪ ڏيو بيٺو آهي؛ ۽ ڏس، گاڏيون ۽ گهوڙي سوار بنهہ سندس پٺيان لڳا اچن.</verse>
				<verse number="7">۽ جڏهن هن منهن ورائي نهاريو تڏهن مون کي ڏسي سڏيائين: ۽ مون ورندي ڏئي چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.</verse>
				<verse number="8">۽ هن مون کي چيو تہ تون ڪير آهين؟ مون ورندي ڏني مانس تہ آءٌ عماليقي آهيان.</verse>
				<verse number="9">۽ هن مون کي چيو تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ بيهہ ۽ مون کي قتل ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ مصيبت ۾ آهيان، ۽ مون ۾ اڃا جان آهي.</verse>
				<verse number="10">تڏهن آءٌ وڃي سندس پاسي ۾ بيٺس ۽ کيس قتل ڪيم، جو مون کي پڪ هئي تہ ڪرڻ کان پوءِ هو جيئرو رهي نہ سگهندو: پوءِ مون سندس مٿي تان ڇٽ لاهي، ۽ سندس ٻانهن مان ڪنگڻ لاهي ورتو، ۽ اهي آءٌ هتي پنهنجي ڌڻيءَ وٽ کڻي آيو آهيان.</verse>
				<verse number="11">تڏهن دائود پنهنجا ڪپڙا کڻي ڦاڙيا؛ ۽ جيڪي ٻيا ماڻهو ساڻس هئا، تن بہ ائين ئي ڪيو:</verse>
				<verse number="12">۽ هنن ماتم ڪيو ۽ رنائون، ۽ سائول ۽ سندس پٽ يونتن، ۽ خداوند جي قوم، ۽ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ شام تائين روزو رکيائون؛ ڇالاءِ جو هو ترار سان مارجي ويا هئا.</verse>
				<verse number="13">۽ جنهن جوان ماڻهوءَ اها ڳالهہ ڪئي تنهن کي دائود چيو تہ تون ڪٿان جو آهين؟ هن جواب ڏنو تہ آءٌ هڪڙي پرديسيءَ جو پٽ آهيان، ۽ عماليقي آهيان.</verse>
				<verse number="14">دائود هن کي چيو تہ تون ڪيئن خداوند جي مسح ٿيل کي مارڻ لاءِ هٿ ڊگهيرڻ کان نہ ڊنين؟</verse>
				<verse number="15">پوءِ دائود هڪڙي جوان ماڻهوءَ کي سڏي چيو تہ ويجهو وڃي هن ماڻهوءَ تي حملو ڪر. ان موجب هن انهيءَ کي ڌڪ هڻي ماري وڌو.</verse>
				<verse number="16">۽ دائود هن کي چيو تہ تنهنجو خون تنهنجي گردن تي هجي: ڇالاءِ جو تو پاڻ شاهدي ڏني آهي، ۽ چيو اٿئي تہ مون خداوند جي مسح ڪيل کي قتل ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="17">۽ دائود سائول ۽ سندس پٽ يونتن جي ماتم ۾ هي مرثيو ڳايو:</verse>
				<verse number="18">۽ ماڻهن کي حڪم ڪيائين تہ بني يهوداہ کي ڪمان جو راڳ سيکارين: ڏس، اهو ياشر جي ڪتاب ۾ لکيل آهي.</verse>
				<verse number="19">اي اسرائيل تنهنجو فخر مٿانهن هنڌن تي ڪُٺو پيو آهي! بهادر ڪيئن نہ ڪري پيا آهن!</verse>
				<verse number="20">جات ۾ اها ڳالهہ نہ ٻڌاءِ، اسقلون جي گهٽين ۾ اها پڌري نہ ڪر؛ تہ متان فلستين جون ڌيئرون خوشيون ڪن، متان اڻطهريلن جون ڌيئرون فخر ڪن.</verse>
				<verse number="21">اي جلبوعہ جا جبلو، ڀلي تہ اوهان تي ماڪ يا مينهن نہ پئي، ۽ نذرانن جون ٻنيون نہ ٿين: ڇالاءِ جو اتي بهادرن جي سپر ڪميڻائيءَ سان اُڇلائي ڇڏي وئي، يعني سائول جي سپر ڄڻ تہ اها بي مسح جي هئي.</verse>
				<verse number="22">ڪُٺلن جي رت مان ۽ بهادرن جي چرٻيءَ مان، يونتن جي ڪمان پٺتي نہ موٽي، ۽ سائول جي ترار خالي نہ موٽي.</verse>
				<verse number="23">سائول ۽ يونتن پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ مزي جهڙا ۽ وڻندڙ هئا، ۽ مرڻ وقت بہ هو جدا نہ ٿيا، هو عقابن کان بہ تکا هئا، هو شينهن کان بہ زور وارا هئا.</verse>
				<verse number="24">اي اسرائيل جون ڌيئرون، اوهين سائول تي روئو، جنهن اوهان کي کهنبا ڪپڙا نزاڪت سان ڍڪايا، جنهن اوهان جي پوشاڪ تي سون جا زيور رکيا.</verse>
				<verse number="25">جنگ ڪندي ڪيئن نہ بهادر ڪري پيا آهن! يونتن تنهنجن مٿانهن هنڌن تي قتل ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="26">اي منهنجا ڀاءُ يونتن مون کي تنهنجو ڏاڍو ڏک آهي: تون مون کي ڏاڍو وڻندو هئين: تنهنجي محبت مون سان عجب جهڙي هئي، زالن جي محبت کان بہ وڌيڪ هئي.</verse>
				<verse number="27">بهادر ڪيئن نہ ڪري پيا آهن، ۽ جنگ جا هٿيار نابود ٿي پيا آهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ دائود خداوند کان پڇيو تہ آءٌ يهوداہ جي ڪنهن شهر ۾ چڙهي وڃان يا نہ؟ ۽ خداوند هن کي چيو تہ ڀلي وڃ. ۽ دائود چيو تہ ڪيڏانهن وڃان؟ هن چيو تہ حبرون ڏي.</verse>
				<verse number="2">تڏهن دائود پنهنجين ٻنهي زالن سان اوڏي ويو، يعني اخي نوعم يزرعيلڻ، ۽ ابيجيل، جا نابال ڪرمليءَ جي زال هئي:</verse>
				<verse number="3">۽ دائود، جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن مان هر ڪنهن کي سندن گهراڻي سميت وٺي ويو: ۽ هو حبرون جي شهرن ۾ رهڻ لڳا.</verse>
				<verse number="4">۽ يهوداہ جا ماڻهو آيا، ۽ اتي هنن دائود کي مسح ڪري يهوداہ جي گهراڻي تي بادشاهہ ڪيو. ۽ هنن دائود کي چيو تہ يبيس جلعاد جا ماڻهو اهي آهن جن سائول کي دفن ڪيو هو.</verse>
				<verse number="5">۽ دائود يبيس جلعاد جي ماڻهن ڏي قاصد موڪليا، ۽ چوائي موڪليائين تہ خداوند شل اوهان کي برڪت وارو ڪري جو اوهان پنهنجي ڌڻيءَ کي، يعني سائول کي اها مهرباني ڏيکاري آهي، ۽ انهيءَ کي دفن ڪيو اٿوَ.</verse>
				<verse number="6">۽ هاڻي شل خداوند اوهان کي مهرباني ۽ سچ ڏيکاري: ۽ آءٌ اوهان کي انهيءَ مهربانيءَ جو عيوض ڏيندس، ڇالاءِ جو اوهان ائين ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري هاڻي ڀلي تہ اوهان جا هٿ مضبوط ٿين، ۽ اوهين همت وارا ٿيو: ڇالاءِ جو اوهان جو ڌڻي سائول مري ويو آهي، ۽ يهوداہ جي گهراڻي بہ مون کي مسح ڪري پنهنجي مٿان بادشاهہ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="8">هاڻي ابنير بن نير، سائول جي سپهہ سالار سائول جي پٽ اشبوست کي وٺي محنايم ۾ آندو؛</verse>
				<verse number="9">۽ انهيءَ کي جلعاد، ۽ آشرين، ۽ يزرعيل، ۽ افرائيم، ۽ بنيمين، ۽ سڄي اسرائيل تي بادشاهہ ڪيائين</verse>
				<verse number="10">(جڏهن سائول جو پٽ اشبوست اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن هو چاليهن ورهين جو هو، ۽ هن ٻہ ورهيہ بادشاهي ڪئي). پر يهوداہ جي گهراڻي دائود جي پيروي ڪئي.</verse>
				<verse number="11">۽ حبرون ۾ يهوداہ جي گهراڻي تي دائود جي بادشاهي ڪرڻ جو عرصو ست ورهيہ ۽ ڇهہ مهينا هو.</verse>
				<verse number="12">۽ ابنير بن نير، ۽ اشبوست بن سائول جا نوڪر محنايم مان نڪري جبعون ڏي ويا.</verse>
				<verse number="13">۽ ضروياہ جو پٽ يوآب، ۽ دائود جا نوڪر نڪري ويا، ۽ جبعون جي ڍنڍ وٽ وڃي هنن کي گڏيا، ۽ هو ٻئي اُتي ويهي رهيا، هڪڙو ڍنڍ جي هڪڙي پاسي ۽ ٻيو ڍنڍ جي ٻئي پاسي.</verse>
				<verse number="14">۽ ابنير يوآب کي چيو تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ جوان ماڻهو اُٿي اسان جي اڳيان راند ڪن. ۽ يوآب چيو تہ ڀلي اُٿن.</verse>
				<verse number="15">تڏهن هو اُٿي شمار موجب اوڏي ويا؛ ٻارهن بنيمين، ۽ اشبوست بن سائول جي طرفان، ۽ ٻارهن دائود جي نوڪرن جي طرفان.</verse>
				<verse number="16">۽ انهن مان هرهڪ پنهنجي سامهون ٿيندڙ کي سسيءَ کان وٺي پنهنجي ترار انهيءَ جي پاسي ۾ لنگهائي ڏني؛ ۽ انهيءَ طرح هو سڀ گڏ ڪري پيا: تنهنڪري انهيءَ هنڌ کي حلقت حصوريم (يعني تکي ڪپ جي ٻني) جو نالو ڏنو ويو، جو جبعون ۾ آهي.</verse>
				<verse number="17">۽ انهيءَ ڏينهن جنگ ڏاڍي سخت لڳي؛ ۽ ابنير ۽ اسرائيل جي ماڻهن، دائود جي نوڪرن جي اڳيان شڪست کاڌي.</verse>
				<verse number="18">۽ ضروياہ جا ٽي پٽ يوآب، ۽ ابيشي، ۽ عساهيل اتي هئا: ۽ عساهيل پيرن جو اهڙو ڇوهو هو جهڙو جهنگلي هرڻ.</verse>
				<verse number="19">۽ عساهيل ابنير جي پٺيان پيو؛ ۽ ويندي مهل هو ابنير جي پٺيان لڳڻ کان نہ سڄي هٿ پاسي ڦريو ۽ نہ کٻي هٿ پاسي.</verse>
				<verse number="20">تڏهن ابنير پٺتي نهاري چوڻ لڳو تہ عساهيل، اهو تون آهين ڇا؟ هن ورندي ڏني تہ اهو آءٌ آهيان.</verse>
				<verse number="21">تڏهن ابنير هن کي چيو تہ تون پنهنجي سڄي هٿ پاسي يا کٻي هٿ پاسي ڦري پؤ، ۽ جوان ماڻهن مان هڪڙي کي جهلي ان جي زرهہ هٿ ڪر. پر عساهيل هن جي پٺيان پوڻ کان ڪين مڙيو.</verse>
				<verse number="22">۽ ابنير وري عساهيل کي چيو تہ منهنجي پٺيان نہ اچ، ٻئي پاسي وڃ: ڇو توکي ماري زمين تي ڪيرائي وجهان؟ پوءِ ڪيئن تنهنجي ڀاءُ يوآب جي اڳيان منهن مٿي کڻي سگهندس؟</verse>
				<verse number="23">۽ انهيءَ هوندي بہ هن ٻئي پاسي وڃڻ کان انڪار ڪيو: تنهنڪري ابنير نيزي جي پٺئين ڇيڙي سان هن کي پيٽ ۾ اهڙو ڌڪ هنيو جو نيزو منجهانئس لنگهي پٺيان نڪري آيو، ۽ هو اتي ڪري پيو، ۽ انهيءَ هنڌ مري ويو: ۽ هيئن ٿيو تہ جنهن هنڌ عساهيل ڪري مري پيو هو، انهيءَ هنڌ جيڪي ماڻهو پئي آيا سي ماٺ ڪري بيهندا ويا.</verse>
				<verse number="24">پر يوآب ۽ ابي شئي، ابنير جي پٺيان پيا: ۽ جڏهن هو امہ جي ٽڪر وٽ آيا، جو جبعون جي بيابان جي رستي تي جياح جي اڳيان آهي، تڏهن سج لهي ويو.</verse>
				<verse number="25">۽ بني بنيمين ابنير جي پٺيان گڏ ٿيا، ۽ هڪ ٽولي ٿي هڪڙيءَ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي بيهي رهيا.</verse>
				<verse number="26">تڏهن ابنير يوآب کي سڏي چيو تہ ترار هميشہ پئي کائيندي ڇا؟ تون ايترو نٿو ڄاڻين تہ پڇاڙيءَ ۾ ڪَڙائي پيدا ٿيندي؟ تڏهن ڪيستائين تون ماڻهن کي منع نہ ڪندين تہ هو پنهنجن ڀائرن جي پٺيان نہ پون؟</verse>
				<verse number="27">۽ يوآب چيو تہ خدا جيئري جو قسم آهي تہ جيڪڏهن تون ايترو نہ چوين ها، تہ سڀڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ جي پٺيان پوي ها، ۽ صبح تائين هليو هلي ها.</verse>
				<verse number="28">تڏهن يوآب قرناءِ وڄائي ۽ سڀ ماڻهو بس ڪري بيهي رهيا، ۽ وڌيڪ اسرائيل جي پٺيان نہ پيا، ۽ نہ وري انهن سان وڙهيا.</verse>
				<verse number="29">۽ ابنير ۽ سندس ماڻهو اها سڄي رات عرباہ مان پنڌ ڪندا ويا؛ ۽ اهي يردن لنگهي هن ڀر ٿيا، ۽ بترون کي لتاڙي محنايم ۾ آيا.</verse>
				<verse number="30">۽ يوآب ابنير جي پٺ ڇڏي موٽيو: ۽ جڏهن هن سڀ ماڻهو آڻي گڏ ڪيا، تڏهن دائود جي نوڪرن مان اڻويهہ ماڻهو ۽ عساهيل ڏسڻ ۾ نہ آيا.</verse>
				<verse number="31">پر دائود جي نوڪرن بنيمين ۽ ابنير جي ماڻهن مان ٽي سؤ سٺ ماڻهو ماريا.</verse>
				<verse number="32">۽ هنن عساهيل کي کڻي سندس پيءُ جي قبر ۾ دفن ڪيو، جا بيت الحم ۾ هئي. ۽ يوآب ۽ سندس ماڻهن اها سڄي رات پنڌ ڪيو، ۽ پرهہ ڦٽيءَ مهل حبرون ۾ پهتا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">هاڻي سائول جي گهراڻي ۽ دائود جي گهراڻي جي وچ ۾ گهڻي مدت تائين جنگ پئي هلي، ۽ دائود زور وارو ٿيندو ويو، پر سائول جو گهراڻو ضعيف ٿيندو ويو.</verse>
				<verse number="2">۽ حبرون ۾ دائود کي پٽ ڄاوا: ۽ هن جو پهريون ڄاول پٽ امنون هو، جو اخي نوعم يزرعيلڻ مان هو:</verse>
				<verse number="3">۽ هن جو ٻيو پٽ ڪلياب هو، جو ابيجيل مان هو، جا اڳي نابال ڪرمليءَ جي زال هئي: ۽ ٽيون ابيسلوم هو، جو معڪہ جو پٽ هو، جا جسور جي بادشاهہ تلميءَ جي ڌيءَ هئي:</verse>
				<verse number="4">۽ چوٿون ادونياہ هو، جو حجيت جو پٽ هو؛ ۽ پنجون سفطياہ هو، جو ابيطال جو پٽ هو؛</verse>
				<verse number="5">۽ ڇهون اترعام هو، جو دائود جي زال عجلاہ مان هو: اهي دائود کي حبرون ۾ ڄاوا هئا.</verse>
				<verse number="6">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سائول جي گهراڻي جي وچ ۾ جنگ پئي هلي، تہ سائول جي گهراڻي ۾ ابنير زور ورتو.</verse>
				<verse number="7">هاڻي سائول جي هڪڙي سريت هئي، جنهن جو نالو رصفاہ هو، جا اياہ جي ڌيءَ هئي: ۽ اشبوست ابنير کي چيو تہ تون ڇو منهنجي پيءُ جي سريت سان هم صحبت ٿيو آهين؟</verse>
				<verse number="8">تڏهن اشبوست جي انهيءَ ڳالهہ ڪرڻ ڪري ابنير ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ چوڻ لڳو تہ آءٌ ڪو يهوداہ جو ڪتو آهيان ڇا؟ اڄوڪي ڏينهن آءٌ تنهنجي پيءُ سائول جي گهراڻي کي، ۽ تنهنجن ڀائرن کي، ۽ سندس دوستن کي مهرباني ٿو ڏيکاريان، ۽ توکي جهلي دائود جي حوالي نہ ڪيو اٿم، ۽ تنهن هوندي بہ تون هن زال جي نسبت ۾ اڄ مون مان عيب ٿو ڪڍين؟</verse>
				<verse number="9">خدا شل ابنير سان ائين ڪري ۽ وڌيڪ بہ، جي آءٌ دائود سان اهڙو سلوڪ نہ ڪريان، جيئن خداوند دائود سان قسم کڻي انجام ڪيو آهي؛</verse>
				<verse number="10">۽ سائول جي گهراڻي مان بادشاهي ڪڍي دائود جو تخت اسرائيل تي، ۽ يهوداہ تي، دان کان وٺي بيرسبع تائين قائم نہ ڪريان.</verse>
				<verse number="11">تڏهن هو ابنير جي جواب ۾ هڪڙو اکر بہ ڪُڇي نہ سگهيو، جو هن کان ڊنو.</verse>
				<verse number="12">۽ ابنير پنهنجي طرفان دائود ڏي قاصد موڪليا، ۽ چوائي موڪليائين تہ هيءُ ملڪ ڪنهن جو آهي؟ ۽ هي بہ چوايائين تہ مون سان عهد ڪر ۽ ڏس، منهنجو هٿ تو سان ٿيندو، ۽ آءٌ ساري اسرائيل کي تنهنجي پاسي ڪندس.</verse>
				<verse number="13">۽ دائود چيو تہ چڱو، آءٌ توسان عهد ڪندس، پر هڪڙي ڳالهہ تو کان گهران ٿو، تہ جڏهن تون منهنجي ملاقات لاءِ اچين، تڏهن جيستائين سائول جي ڌيءَ ميڪل پاڻ سان وٺيو نہ ايندين، تيستائين منهنجو منهن نہ ڏسندين.</verse>
				<verse number="14">۽ دائود سائول جي پٽ اشبوست ڏانهن قاصد موڪليا، ۽ چوائي موڪليائين تہ مون کي منهنجي زال ميڪل پهچائي ڏي، جو انهيءَ سان فلستين جون سؤ کوليون ڏئي مان مڱيو هوس.</verse>
				<verse number="15">۽ اشبوست انهي کي سندس مڙس وٽان، يعني ليس جي پٽ فلطي ايل وٽان گهرائي ورتو.</verse>
				<verse number="16">۽ سندس مڙس ساڻس گڏ روئندو هليو، ۽ بحوريم تائين هن جي پٺيان لڳو ويو. تڏهن ابنير هن کي چيو تہ موٽي وڃ: سو هو موٽي ويو.</verse>
				<verse number="17">۽ ابنير اسرائيل جي بزرگن سان حال ڪري چيو، تہ گذريل ڏينهن ۾ اوهين گهرندا هئا تہ دائود اوهان جو بادشاهہ ٿئي.</verse>
				<verse number="18">تڏهن هاڻي ائين ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند دائود جي نسبت ۾ فرمايو آهي تہ پنهنجي ٻانهي دائود جي هٿان آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل کي فلستين ۽ سندس ٻين دشمنن جي هٿن کان بچائيندس.</verse>
				<verse number="19">۽ ابنير بنيمين جي ڪنن ۾ بہ اها ڳالهہ وڌي: پوءِ ابنير حبرون ۾ وڃي دائود کي بہ ٻڌايو تہ ڪهڙي ڳالهہ اسرائيل ۽ ساري بنيمين جي نظر ۾ چڱي آهي.</verse>
				<verse number="20">تڏهن ابنير دائود وٽ حبرون ۾ آيو، ۽ ساڻس ويهہ ماڻهو هئا، ۽ دائود ابنير، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن جي مهماني ڪئي.</verse>
				<verse number="21">۽ ابنير دائود کي چيو تہ آءٌ موٽي ويندس ۽ سڀني اسرائيلين کي پنهنجي ڌڻي بادشاهہ وٽ آڻي گڏ ڪندس، تہ اهي توسان عهد اقرار ڪن، ۽ تون پنهنجي مرضيءَ موجب انهن تي بادشاهي ڪج. ۽ دائود ابنير کي روانو ڪيو؛ ۽ هو صحيح سلامت هليو ويو.</verse>
				<verse number="22">۽ ڏسو، دائود جا نوڪر، ۽ يوآب ڦرمار ڪري موٽي آيا، ۽ پاڻ سان گهڻو ئي لٽ جو مال آندائون: پر ابنير حبرون ۾ دائود سان ڪين هو؛ ڇالاءِ جو هن انهيءَ کي روانو ڪري ڇڏيو هو، ۽ هو صحيح سلامت هليو ويو هو.</verse>
				<verse number="23">جڏهن يوآب، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، سي آيا تڏهن هنن يوآب کي چيو تہ ابنير بن نير بادشاهہ وٽ آيو هو، ۽ هن انهي کي روانو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هو صحيح سلامت هليو ويو آهي.</verse>
				<verse number="24">تڏهن يوآب بادشاهہ وٽ آيو ۽ چيائين تہ تو هي ڇا ڪيو آهي؟ ڏس، ابنير تو وٽ آيو؛ ۽ ڇو ائين ٿيو جو تو هن کي روانو ڪري ڇڏيو، ۽ هو بنهہ هليو ويو آهي؟</verse>
				<verse number="25">۽ تون نير جي پٽ ابنير کي سڃاڻين ٿو، تہ توکي ٺڳڻ ۽ تنهنجي ٻاهر وڃڻ ۽ اندر اچڻ جي، ۽ جيڪي تون ڪرين ٿو، تنهن جي حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ آيو هو.</verse>
				<verse number="26">۽ جڏهن يوآب دائود وٽان نڪتو تڏهن هن ابنير جي پٺيان قاصد موڪليا، ۽ اهي هن کي سيرہ جي کوهہ وٽان موٽائي وٺي آيا: پر دائود کي انهيءَ وچ جي خبر ڪانہ هئي.</verse>
				<verse number="27">۽ جڏهن ابنير حبرون ۾ موٽي آيو، تڏهن يوآب هن کي هڪ پاسي دروازي جي وچ ۾ وٺي ويو، انهي لاءِ تہ هن سان خلاصو ڳالهائي، ۽ اُتي هن کي پيٽ ۾ اهڙو ڌڪ هنيائين، جو هو مري ويو، ۽ هن پنهنجي ڀاءُ عساهيل جي خون جي عيوض ۾ ائين ڪيو.</verse>
				<verse number="28">۽ پوءِ جڏهن دائود اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن چيائين تہ آءٌ ۽ منهنجي بادشاهت ابنير بن نير جي خون کان هميشہ جي لاءِ خداوند جي اڳيان بي ڏوها آهيون.</verse>
				<verse number="29">ڀلي تہ اهو يوآب ۽ سندس اباڻي گهراڻي تي پوي؛ ڀلي تہ يوآب جي گهراڻي مان ڪونہ ڪو اهڙو ٿئي جنهن کي ڳوڙهي نڪري يا ڪوڙهيو هجي، يا جو لٺ تي هلي، يا جو ترار سان قتل ٿئي، يا جو مانيءَ لاءِ محتاج هجي.</verse>
				<verse number="30">انهيءَ طرح يوآب ۽ سندس ڀاءُ ابيشيءَ، ابنير کي ڪُٺو، ڇالاءِ جو هن انهن جي ڀاءُ عساهيل کي جبعون منجهہ جنگ ۾ ماريو هو.</verse>
				<verse number="31">۽ دائود يوآب کي، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن سڀني کي چيو، تہ اوهين پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيو، ۽ کٿا ڍڪيو، ۽ ابنير جي لاءِ ماتم ڪريو. ۽ بادشاهہ دائود جنازي جي پٺيان لڳي هليو.</verse>
				<verse number="32">۽ هنن ابنير کي حبرون ۾ دفن ڪيو: ۽ بادشاهہ ابنير جي قبر تي وڏي آواز سان رُنو، ۽ سڀني ماڻهن رُنو.</verse>
				<verse number="33">۽ بادشاهہ ابنير جي لاءِ ماتم ڪيو، ۽ چيائين تہ ابنير کي هڪڙي بي عقل وانگر مرڻ گهرجي ڇا؟</verse>
				<verse number="34">تنهنجا هٿ نہ ٻڌا ويا، نڪي تنهنجا پير زنجيرن ۾ هئا: جيئن ڪو ماڻهو گنهگارن جي اڳيان ڪري ٿو، تيئن تون بہ ڪرين. پوءِ سڀني ماڻهن وري بہ هن تي رُنو.</verse>
				<verse number="35">۽ سڀيئي ماڻهو آيا، انهيءَ لاءِ تہ ڏينهن بيٺي دائود کي ماني کارائين؛ پر دائود قسم کڻي چيو تہ جيڪڏهن سج لٿي کان اڳي آءٌ ماني يا ڪا ٻي شيءِ چکان تہ خدا مون سان بہ ائين ڪري بلڪ وڌيڪ.</verse>
				<verse number="36">۽ سڀني ماڻهن انهيءَ ڳالهہ تي ڌيان ڏنو، ۽ اها هنن کي وڻي: جو جيڪي بہ بادشاهہ ڪيو سو سڀني ماڻهن کي پسند آيو.</verse>
				<verse number="37">انهيءَ طرح سڀني ماڻهن، ۽ سڀني اسرائيلين انهيءَ ڏينهن سمجهيو تہ ابنير بن نير جي مارجڻ ۾ بادشاهہ جو هٿ نہ هو.</verse>
				<verse number="38">۽ بادشاهہ پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ اڄوڪي ڏينهن هڪڙو سردار ۽ هڪڙو وڏو ماڻهو اسرائيل ۾ ڪري پيو آهي؟</verse>
				<verse number="39">۽ آءٌ اڄوڪي ڏينهن، جيتوڻيڪ مسح ڪيل بادشاهہ آهيان، تہ بہ ضعيف آهيان؛ هي ماڻهو، ضروياہ جا پٽ مون کان ڏاڍا آهن: خداوند شل شرير کي سندس شرارت موجب بدلو ڏئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">۽ جڏهن سائول جي پٽ اشبوست ٻڌو تہ ابنير حبرون ۾ مري ويو آهي، تڏهن هن جا هٿ هيڻا ٿي پيا، ۽ سڀ اسرائيلي پريشانيءَ ۾ پيا.</verse>
				<verse number="2">۽ سائول جي پٽ اشبوست وٽ ٻہ ماڻهو هئا جي لشڪرن جا سردار هئا: هڪڙي جو نالو بعنہ هو ۽ ٻئي جو نالو ريڪاب هو، ٻئي رمون بيروتيءَ جا پٽ هئا، جو بنيمين مان هو: (ڇالاءِ جو بيروت بہ بنيمين جي شمار ۾ ٿو اچي:</verse>
				<verse number="3">۽ بيروتي جتيم ڏي ڀڳا، ۽ اڄ ڏينهن تائين اتي ئي رهندا اچن:)</verse>
				<verse number="4">هاڻي سائول جي پٽ يونتن کي هڪڙو پٽ هو، جو منڊو هو. جڏهن سائول ۽ يونتن جي خبر يزرعيل مان آئي، تڏهن اهو پنجن ورهين جو هو، ۽ سندس دائي کيس کڻي اُٿي ڀڳي: ۽ هيئن ٿيو تہ جيئن هوءَ تڪڙي ٿي ڀڳي تيئن هو ڪري پيو، ۽ منڊو ٿي پيو، ۽ انهيءَ جو نالو مفيبوست هو.</verse>
				<verse number="5">هاڻي رمون بيروتيءَ جا پٽ ريڪاب ۽ بعنہ روانا ٿيا، ۽ ڏينهن تتي مهل جڏهن اشبوست ٻن پهرن جو آرام ۾ هو تڏهن سندس گهر آيا.</verse>
				<verse number="6">۽ اتي هو گهر جي وچ تائين هليا آيا، ڄڻ تہ ڪڻڪ وٺڻ آيا هئا: ۽ هن کي پيٽ ۾ ڌڪ هنيائون: پوءِ ريڪاب ۽ سندس ڀاءُ بعنہ ٻئي ڀڄي ويا.</verse>
				<verse number="7">هاڻي جڏهن اُهي گهر ۾ آيا، ۽ هو پنهنجي سمهڻ واريءَ جاءِ ۾ هنڌ تي سمهيو پيو هو، تڏهن هن کي ڌڪ هڻي ماري وڌائون، ۽ هن جي سسي لاهي اها کڻي عرباہ وارو رستو ڏيئي هليا ويا، ۽ سڄي رات پنڌ ڪيائون.</verse>
				<verse number="8">۽ هنن اشبوست جي سسي دائود وٽ حبرون ۾ آندي، ۽ بادشاهہ کي چيائون تہ ڏس اجها اشبوست جي سسي، جو تنهنجي دشمن سائول جو پٽ هو، جنهن توکي مارڻ ٿي گهريو؛ ۽ اڄ خداوند منهنجي ڌڻي بادشاهہ جو وير سائول ۽ هن جي اولاد کان ورتو آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ دائود رمون بيروتيءَ جي پٽن ريڪاب ۽ سندس ڀاءُ بعنہ کي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، جنهن منهنجي روح کي سڀني مصيبتن کان بچايو آهي،</verse>
				<verse number="10">تہ جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ سائول مري ويو آهي، ۽ هن ڀانئيو ٿي تہ مون وٽ ڪا خوشخبري آندي اٿس، تڏهن مون هن کي پڪڙي صقلاج ۾ قتل ڪري ڇڏيو، ۽ سندس پيغام جو اهو ئي مون هن کي بدلو ڏنو.</verse>
				<verse number="11">تہ جڏهن ڪن شرير ماڻهن هڪڙي نيڪ ماڻهوءَ کي، خود سندس گهر ۾ پنهنجي هنڌ تي ماريو آهي، تڏهن ڪيترو نہ وڌيڪ آءٌ انهيءَ جي خون جو بدلو اوهان جي هٿان وٺان ۽ اوهان کي زمين تان کڻي ڇڏيان؟</verse>
				<verse number="12">۽ دائود پنهنجي جوان ماڻهن کي حڪم ڏنو ۽ انهن هنن کي قتل ڪيو، ۽ هنن جا هٿ پير وڍيائون، ۽ هنن کي حبرون جي ڍنڍ جي پاسي ۾ لٽڪائي ڇڏيائون. پر هنن اشبوست جي سسي کڻي حبرون ۾ ابنير جي قبر ۾ پوري ڇڏي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">تنهن کان پوءِ اسرائيل جا سڀ فرقا حبرون ۾ دائود وٽ اچي چوڻ لڳا تہ ڏس، اسين تنهنجو هڏ ۽ تنهنجو ماس آهيون.</verse>
				<verse number="2">گذريل ڏينهن ۾ جڏهن سائول اسان جي مٿان بادشاهہ هوندو هو تڏهن تون ئي اسرائيل کي اندر ٻاهر وٺي ايندو هئين: ۽ خداوند توکي چيو تہ تون منهنجي قوم اسرائيل جي سنڀال ڪندين، ۽ اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ٿيندين.</verse>
				<verse number="3">پوءِ اسرائيل جا سڀ بزرگ بادشاهہ وٽ حبرون ۾ آيا؛ ۽ بادشاهہ دائود هنن سان حبرون ۾ خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيو: ۽ هنن دائود کي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو.</verse>
				<verse number="4">جڏهن دائود بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن هو ٽيهن سالن جو هو، ۽ هن چاليهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="5">حبرون ۾ هن يهوداہ تي ست سال ۽ ڇهہ مهينا بادشاهي ڪئي، ۽ يروشلم ۾ اسرائيل ۽ يهوداہ تي هن ٽيٽيهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="6">پوءِ بادشاهہ پنهنجن ماڻهن سميت يروشلم ڏي ويو، انهيءَ لاءِ تہ اتي جي رهاڪن يعني يبوسين سان وڙهي: انهن دائود کي چيو تہ تون هتي اچي ڪين سگهندين، بلڪ انڌا ۽ منڊا توکي هڪلي ڪڍي ڇڏيندا: هنن ڀانئيو تہ دائود اُتي اچي نہ سگهندو.</verse>
				<verse number="7">انهيءَ هوندي بہ دائود صيون جو قلعو ورتو؛ ۽ اهو ئي دائود جو شهر آهي.</verse>
				<verse number="8">۽ دائود انهيءَ ڏينهن چيو تہ جيڪو يبوسين کي ماريندو، سو ڀلي تہ چڙهي پاڻيءَ جي نهر تائين وڃي، ۽ انڌن ۽ منڊن کي ماري جي دائود جي روح کي ڌڪارين ٿا. تنهنڪري چوندا آهن تہ انڌا، ۽ منڊا موجود آهن، هو گهر ۾ اچي ڪين سگهندو.</verse>
				<verse number="9">۽ دائود انهيءَ قلعي ۾ رهندو هو، ۽ انهيءَ کي دائود جو شهر سڏيائون، ۽ دائود ملو کان وٺي اندر تائين چوڌاري گهر جوڙايا.</verse>
				<verse number="10">۽ دائود زور وٺندو ويو؛ ڇالاءِ جو خداوند لشڪرن جو خدا ساڻس هو.</verse>
				<verse number="11">۽ صور جي بادشاهہ حيرام دائود ڏانهن قاصد موڪليا، ۽ سرو جا وڻ، ۽ واڍا، ۽ رازا بہ موڪليائين: ۽ انهن دائود جي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيو.</verse>
				<verse number="12">۽ دائود کي پڪ ٿي تہ خداوند مون کي اسرائيل جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو آهي، ۽ منهنجي بادشاهيءَ کي پنهنجي قوم اسرائيل جي خاطر اعليٰ ڪيو اٿس.</verse>
				<verse number="13">جڏهن دائود حبرون مان آيو، تنهن کان پوءِ هن يروشلم مان پنهنجي لاءِ وڌيڪ سريتون ۽ زالون هٿ ڪيون: ۽ دائود کي پٽ ۽ ڌيئرون ڄايون.</verse>
				<verse number="14">جيڪي ٻار هن کي يروشلم ۾ ڄاوا تن جا نالا هي هئا؛ سموعہ، ۽ سوباب، ۽ ناتن، ۽ سليمان،</verse>
				<verse number="15">۽ ابحار، ۽ اليسوع، نفجہ، ۽ يفيع؛</verse>
				<verse number="16">۽ اليسمع، ۽ اليدع، ۽ اليفالط.</verse>
				<verse number="17">۽ جڏهن فلستين ٻڌو تہ دائود کي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪيو اٿن، تڏهن سڀ فلستي دائود جي تلاش ۾ چڙهي ويا، ۽ دائود اهو ٻڌي قلعي ۾ لهي ويو.</verse>
				<verse number="18">هاڻي فلستي اچي رفائيم جي واديءَ ۾ پکڙي پيا.</verse>
				<verse number="19">۽ دائود خداوند کان صلاح پڇي تہ آءٌ فلستين سان وڙهڻ لاءِ چڙهي وڃان يا نہ؟ تون انهن کي منهنجن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندين يا نہ؟ تڏهن خداوند دائود کي چيو تہ ڀلي چڙهي وڃ: ڇالاءِ جو آءٌ بيشڪ فلستين کي تنهنجن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="20">۽ دائود بعل پراضيم ۾ آيو، ۽ اتي دائود انهن کي شڪست ڏني، ۽ چوڻ لڳو تہ خداوند منهنجن دشمنن کي ائين ڀڃي وڌو آهي جيئن پاڻي ڀڄندو آهي. تنهنڪري هن انهيءَ هنڌ جو نالو بعل پراضيم رکيو.</verse>
				<verse number="21">۽ انهن پنهنجا بُت اتي ڇڏيا، جي دائود ۽ سندس ماڻهو کڻي ويا.</verse>
				<verse number="22">۽ فلستي وري بہ چڙهي آيا، ۽ رفائيم جي واديءَ ۾ پکڙجي ويا.</verse>
				<verse number="23">۽ جڏهن دائود خداوند کان صلاح پڇي تڏهن انهيءَ چيو تہ تون متان چڙهي وڃين: پر هنن جي چوڌاري ڦري توتن جي وڻن جي سامهون انهن جي مٿان ڪاهي اچي پئُہ.</verse>
				<verse number="24">۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون توتن جي وڻن جي مٿان هلڻ جو آواز ٻڌين، تڏهن تون چُرجانءِ: ڇالاءِ جو انهيءَ وقت خداوند تنهنجي اڳيان فلستين کي مارڻ لاءِ نڪري هلندو.</verse>
				<verse number="25">۽ دائود ائين ئي ڪيو جيئن خداوند حڪم ڏنس؛ ۽ جبع کان وٺي جزر ۾ پهچڻ تائين فلستين کي ماريندو رهيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">۽ دائود وري بہ اسرائيل جا چونڊيل ماڻهو گڏ ڪيا، جي ٽيهہ هزار هئا.</verse>
				<verse number="2">۽ دائود اُٿيو، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن سڀني سان گڏجي بعل يهوداہ مان روانو ٿيو، انهي لاءِ تہ اُتان خدا جي صندوق کڻي اچي، جا لشڪرن جي انهيءَ خداوند جي نالي سان سڏبي آهي، جو ڪروبين تي ويٺل آهي.</verse>
				<verse number="3">۽ هنن اها صندوق هڪڙي نئين گاڏيءَ ۾ کڻي رکي، ۽ ابينداب جو گهر، جو ٽڪريءَ تي هو، تنهن مان ڪڍي آندائين: ۽ ابي ناداب جا پٽ عزہ ۽ احيو اها نئين گاڏي ڪاهي آيا:</verse>
				<verse number="4">۽ انهن اها خدا جي صندوق سان ابينداب جي گهر مان ڪڍي آندي، جو ٽڪريءَ تي هو: ۽ احيو صندوق جي اڳيان اڳيان پئي هليو.</verse>
				<verse number="5">۽ دائود ۽ اسرائيل جو سڄو گهراڻو، هر قسم جا ساز، جي صنوبر جي ڪاٺيءَ مان جڙيل هئا، يعني بربط، سنطور، دف، ڪَنجهيون، ۽ جانجهہ وڄائيندا خداوند جي اڳيان هليا.</verse>
				<verse number="6">۽ جڏهن اهي نڪون جي اَن ڳاهڻ واري پڙ تي آيا تڏهن عزہ پنهنجو هٿ ڊگهو ڪري صندوق کي قابو ڪيو؛ ڇالاءِ جو ڏاندن ٿاٻو کاڌو.</verse>
				<verse number="7">۽ خداوند جي ڪاوڙ عزہ تي ڀڙڪي؛ ۽ خدا اتي ئي هن کي سندس قصور ڪري ماري وڌو، ۽ هو صندوق جي ڀرسان مري ويو.</verse>
				<verse number="8">۽ دائود رنج ٿيو، ڇالاءِ جو خداوند عزہ تي ڪڙڪي پيو هو: ۽ انهيءَ ڪري هن انهيءَ هنڌ کي پرض عزہ جو نالو ڏنو، جو اڄ تائين هليو اچي.</verse>
				<verse number="9">۽ دائود انهيءَ ڏينهن خداوند کان ڊنو؛ ۽ چوڻ لڳو تہ ڪهڙيءَ طرح خداوند جي صندوق مون وٽ ايندي؟</verse>
				<verse number="10">انهيءَ ڪري دائود خداوند جي صندوق پاڻ وٽ دائود جي شهر ۾ آڻڻ نہ گهري؛ پر دائود انهيءَ کي پاسيرو ڪري عوبيد ادوم حتيءَ جي گهر کڻي ويو.</verse>
				<verse number="11">۽ خداوند جي صندوق ٽي مهينا عوبيد ادوم حتيءَ جي گهر رهي: ۽ خداوند عوبيد ادوم، ۽ سندس سڄي گهراڻي کي برڪت ڏني.</verse>
				<verse number="12">۽ ماڻهن بادشاهہ دائود کي ٻڌايو تہ خداوند عوبيد ادوم جي گهراڻي کي، ۽ جن جو انهيءَ سان واسطو آهي تن سڀني کي خدا جي صندوق ڪري برڪت ڏني آهي. تڏهن دائود وڃي عوبيد ادوم جي گهر مان خدا جي صندوق خوشيءَ سان دائود جي شهر ۾ کڻي آيو.</verse>
				<verse number="13">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خداوند جي صندوق کڻڻ وارا ڇهہ قدم هليا تڏهن هن هڪڙو ڏاند ۽ هڪڙو بيٺل ٿلهو جانور قرباني ڪيو.</verse>
				<verse number="14">۽ دائود خداوند جي اڳيان پنهنجي سڄي طاقت سان نچيو؛ ۽ دائود کي انهيءَ مهل سڻيءَ جو افود پيل هو.</verse>
				<verse number="15">انهيءَ طرح دائود ۽ اسرائيل جي ساري گهراڻي خداوند جي صندوق نعرن هڻندي، ۽ قرنائيون وڄائيندي کڻي آندي.</verse>
				<verse number="16">۽ هيئن ٿيو تہ جيئن خداوند جي صندوق دائود جي شهر ۾ آئي تيئن سائول جي ڌيءَ ميڪل دريءَ مان ٻاهر نهاريو، ۽ دائود کي خداوند جي اڳيان نچندو ٽپندو ڏٺائين؛ انهيءَ ڪري سندس دل ۾ هن لاءِ حقارت پيدا ٿي.</verse>
				<verse number="17">۽ هنن خداوند جي صندوق اندر آڻي جيڪو تنبو دائود انهيءَ جي لاءِ کوڙيو هو، تنهن جي وچ ۾ پنهنجي جاءِ تي رکي: پوءِ دائود خداوند جي اڳيان سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيون.</verse>
				<verse number="18">۽ جڏهن دائود سوختني قرباني ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون چاڙهي بس ڪيون، تڏهن هن لشڪرن جي خداوند جي نالي سان ماڻهن کي برڪت ڏني.</verse>
				<verse number="19">۽ هن سڄي قوم مان، يعني اسرائيل جي ڪل جماعت، يعني مردن توڙي زالن مان هرهڪ کي هڪڙي لولي، ۽ گوشت جو ٽڪر، ۽ ڪشمش جي هڪڙي ٽڪي ورهائي ڏني. پوءِ هرڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويو.</verse>
				<verse number="20">پوءِ دائود پنهنجي گهراڻي کي برڪت ڏيڻ لاءِ موٽي آيو. ۽ سائول جي ڌيءَ ميڪل دائود کي گڏجڻ لاءِ نڪري آئي، ۽ چوڻ لڳي تہ اڄ اسرائيل جو بادشاهہ ڪهڙو نہ جلال وارو هو جو هن پاڻ کي پنهنجن نوڪرن جي ٻانهين جي ڏسندي اُگهاڙو ڪيو، جيئن ڪ ڪميڻو ماڻهو بي شرم ٿي پاڻ کي اُگهاڙو ڪري.</verse>
				<verse number="21">تڏهن دائود ميڪل کي چيو تہ اهو حال خداوند جي اڳيان هو، جنهن مون کي تنهنجي پيءُ کان ۽ سندس سڄي گهراڻي کان پسند ڪيو، ۽ خداوند جي قوم جي مٿان، يعني اسرائيل جي مٿان، بادشاهہ مقرر ڪيو: تنهنڪري آءٌ خداوند جي اڳيان ضرور نچندس ٽپندس.</verse>
				<verse number="22">۽ آءٌ انهيءَ کان بہ وڌيڪ حقير ٿيندس، ۽ پنهنجي نظر ۾ ذليل ٿيندس: مگر ٻانهيون، ۽ جن جو تو ذڪر ڪيو آهي، تن جي نظر ۾ آءٌ عزت وارو ٿيندس.</verse>
				<verse number="23">۽ سائول جي ڌيءَ ميڪل کي سندس مرڻ جي ڏينهن تائين اولاد ڪونہ ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ پنهنجي گهر ۾ رهندو هو، ۽ خداوند کيس سڀني آس پاس وارن دشمنن کان آرام ڏنو هو.</verse>
				<verse number="2">تڏهن بادشاهہ ناتن نبيءَ کي چيو تہ هاڻي ڏس، آءٌ ديودار جي ڪاٺين مان جڙيل گهر ۾ رهان ٿو، پر خدا جي صندوق پردن جي اندر ٿي رهي.</verse>
				<verse number="3">۽ ناتن بادشاهہ کي چيو تہ وڃ، جيڪا تنهنجي دل جي مراد هجي سا پوري ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند توساڻ آهي.</verse>
				<verse number="4">۽ هيئن ٿيو تہ انهيءَ رات خداوند جو هيءُ ڪلام ناتن تي نازل ٿيو:</verse>
				<verse number="5">تہ وڃي منهنجي ٻانهي دائود کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تون منهنجي رهڻ لاءِ هڪڙو گهر ٺاهيندين ڇا؟</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن مون بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين آءٌ ڪنهن گهر ۾ نہ پئي رهيو آهيان، پر هڪڙي تنبوءَ ۽ خيمي ۾ گذر پئي ڪيو اٿم.</verse>
				<verse number="7">جن جن جاين تي بني اسرائيل سان گڏ پئي هليو آهيان، اُتي اسرائيل جي جنهن ڪنهن فرقي کي مون پنهنجي قوم اسرائيل جي سنڀالڻ لاءِ حڪم پئي ڏنو، تنهن کي ڪڏهن ڪو مون چيو ڇا تہ اوهان ڇو منهنجي لاءِ ديودار جي ڪاٺيءَ جو گهر نہ جوڙيو آهي؟</verse>
				<verse number="8">تنهنڪري هاڻي تون منهنجي ٻانهي دائود کي وڃي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ مون توکي رڍن جي واڙي مان، رڍن جي پٺيان هلڻ کان ڪڍي آندو، انهي لاءِ تہ تون منهنجي قوم اسرائيل جي مٿان سردار ٿين:</verse>
				<verse number="9">۽ جيڏي تون ويندو هئين اوڏي آءٌ توسان پئي رهيو آهيان، ۽ تنهنجا سڀ دشمن تنهنجي اڳيان مون وڍي ڇڏيا آهن؛ ۽ آءٌ تنهنجو نالو اهڙو وڏو ڪندس جهڙو وڏن ماڻهن جو، جي دنيا ۾ آهن.</verse>
				<verse number="10">۽ آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جي لاءِ هڪڙي جاءِ مقرر ڪندس، ۽ انهن کي اهڙو ڄمائيندس جو هو پنهنجي جاءِ تي رهندا ايندا، ۽ وري اتان نہ چرندا؛ ۽ شرير ماڻهو وري انهن کي اهڙي تڪليف نہ ڏيندا، جهڙي انهن ڏينهن ۾ ڏيندا هئا،</verse>
				<verse number="11">جڏهن مون قاضي مقرر ڪيا تہ منهنجي قوم اسرائيل تي حڪم هلائين؛ ۽ آءٌ توکي تنهنجن سڀني دشمنن کان آرام ڏيندس. تنهن کان سواءِ خداوند توکي چوي ٿو تہ خداوند تنهنجي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيندو.</verse>
				<verse number="12">جڏهن تنهنجا ڏينهن پورا ٿيندا، ۽ تون پنهنجن ابن ڏاڏن سان گڏ وڃي سمهندين، تڏهن توکان پوءِ جيڪو تنهنجو اولاد تنهنجن آنڊن مان نڪرندو، تنهن کي آءٌ کڙو ڪندس، ۽ انهن جي بادشاهت بہ قائم ڪندس.</verse>
				<verse number="13">هو منهنجي نالي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيندو، ۽ آءٌ هن جي بادشاهت جو تخت هميشہ لاءِ قائم ڪندس.</verse>
				<verse number="14">آءٌ هن جو پيءُ ٿيندس، ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو: جيڪڏهن هو ڪو ڏوهہ ڪندو تہ آءٌ هن کي ماڻهن جي لڪڻ سان، ۽ ماڻهن جي چهبڪن سان سيکت ڏيندس؛</verse>
				<verse number="15">پر منهنجو رحم هن کي ڇڏي نہ ويندو، جيئن اهو مون سائول تان کڻي ورتو، جنهن کي مون تنهنجي اڳ کان ڪڍي پري ڪيو.</verse>
				<verse number="16">۽ تنهنجو گهر، ۽ تنهنجي بادشاهت، هميشہ جي لاءِ قائم ڪئي ويندي: تنهنجو تخت هميشہ لاءِ قائم ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="17">انهن سڀني ڳالهين موجب، ۽ انهيءَ ساري رويا موجب، ناتن دائود سان ڳالهايو.</verse>
				<verse number="18">تڏهن دائود بادشاهہ اندر لنگهي ويو، ۽ خداوند جي حضور ۾ وڃي ويٺو؛ ۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند خدا، آءٌ ڪير آهيان، ۽ منهنجو گهراڻو ڇا آهي جو تو مون کي هن درجي تائين آندو آهي؟</verse>
				<verse number="19">تہ بہ اي خداوند خدا، اها ڳالهہ تنهنجي نظر ۾ خسيس هئي، ۽ تو پنهنجي ٻانهي جي گهراڻي بابت آئيندہ جي گهڻي عرصي تائين ذڪر ڪيو آهي؛ ۽ اهو بہ، اي خداوند خدا، ماڻهن جي دستور موجب!</verse>
				<verse number="20">۽ وڌيڪ ٻيو دائود توکي ڇا چوي؟ ڇالاءِ جو، اي خداوند خدا تون پنهنجي ٻانهي کي سڃاڻين ٿو.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو هي سڀ وڏا ڪم جي تو ڪيا آهن سي پنهنجي ڪلام جي خاطر، ۽ پنهنجي دل جي مرضي موافق تو ڪيا آهن، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي ٻانهي کي انهيءَ مان واقف ڪرين.</verse>
				<verse number="22">تنهنڪري اي خداوند خدا، تون وڏو آهين: ڇالاءِ جو ٻيو ڪوبہ تو جهڙو ڪونهي، ۽ نہ جيڪي اسان پنهنجن ڪنن سان ٻڌو آهي، ان موجب توکان سواءِ ٻيو ڪو خدا آهي.</verse>
				<verse number="23">۽ دنيا ۾ تنهنجي قوم جهڙي، يعني اسرائيل جهڙي، ٻي ڪهڙي قوم آهي، جنهن کي خداوند وڃي ڇڏائي پنهنجي قوم ڪيو، ۽ پنهنجو نالو ڪڍيائين؛ ۽ هن اوهان جي لاءِ وڏا وڏا ڪم ڪيا، ۽ تنهنجي ملڪ جي لاءِ ۽ تنهنجي قوم جي لاءِ خوفناڪ ڪم ڪيا؛ ۽ انهن کي پنهنجي لاءِ مصر منجهان اتي جي قومن، ۽ سندن معبودن کان ڇڏائي ڪڍي آندو؟</verse>
				<verse number="24">تو پنهنجي لاءِ پنهنجي قوم اسرائيل کي قائم ڪيو تہ اها هميشہ جي لاءِ تنهنجي قوم ٿئي؛ ۽ تون، اي خداوند انهن جو خدا ٿين.</verse>
				<verse number="25">۽ هاڻي اي خداوند خدا، جيڪو ڪلام تو پنهنجي ٻانهي جي نسبت ۾، ۽ سندس گهراڻي جي نسبت ۾ ڪيو آهي، سو هميشہ لاءِ قائم ڪر، ۽ جيئن چيو اٿئي، تيئن ڪر.</verse>
				<verse number="26">ڀلي تہ تنهنجي نالي جي هميشہ لاءِ وڏائي ٿئي، ۽ ماڻهو چون تہ لشڪرن جو خداوند اسرائيل جو خدا آهي: ۽ تنهنجي ٻانهي دائود جو گهراڻو تنهنجي اڳيان قائم ٿيندو.</verse>
				<verse number="27">ڇالاءِ جو اي لشڪرن جا خداوند، اسرائيل جا خدا، تو پنهنجي ٻانهي کي ظاهر ڪري ٻڌايو ۽ چيو تہ آءٌ، تنهنجي لاءِ گهر جوڙيندس: تنهنڪري تنهنجي ٻانهي جي دل ۾ همت آئي تہ توکان هيءَ دعا گهري.</verse>
				<verse number="28">۽ هاڻي، اي خداوند خدا، تون خدا آهين، ۽ تنهنجون ڳالهيون سچ آهن، ۽ تو اُنهيءَ چڱي ڪم جو پنهنجي ٻانهي سان واعدو ڪيو آهي:</verse>
				<verse number="29">تنهنڪري هاڻي مهرباني ڪري پنهنجي ٻانهي جي گهراڻي کي برڪت ڏي تہ اهو تنهنجي اڳيان هميشہ تائين هلندو هلي: ڇالاءِ جو اي خداوند خدا، تو ائين فرمايو آهي: شل تنهنجي برڪت سان تنهنجي ٻانهي جو گهراڻو هميشہ لاءِ برڪت وارو ٿئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">تنهن کان پوءِ هيئن ٿيو تہ دائود فلستين کي شڪست ڏئي پنهنجي تابع ڪيو: ۽ دائود مکيہ شهر جي واڳ فلستين جي هٿن مان ڪڍي ورتي.</verse>
				<verse number="2">۽ هن موآب کي ماريو، ۽ اتي جي ماڻهن کي زمين تي سمهاري، رسيءَ سان انهن جي ماپ ورتائين؛ ۽ ٻن رسين جي ماپ جيترا هن مارائي ڇڏيا، ۽ هڪڙي رسيءَ جيترا جيئرا ڇڏي ڏنا. ۽ موآبي دائود جا ٻانها ٿيا، ۽ نذرانا کڻي آيا.</verse>
				<verse number="3">دائود ضوباہ جي بادشاهہ هدد عزر، بن رحوب کي بہ شڪست ڏني، جڏهن هو فرات نديءَ واري ملڪ کي موٽائي هٿ ڪرڻ لاءِ پئي ويو.</verse>
				<verse number="4">۽ دائود انهيءَ کان هڪ هزار ست سؤ گهوڙي سوار، ۽ ويهہ هزار پيادا ورتا: ۽ دائود سڀني گاڏين جي گهوڙن جون کچون وڍي ڇڏيون، مگر هڪ سؤ گاڏين جي لاءِ انهن مان گهوڙا رکي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="5">۽ جڏهن دمشق جا ارامي، ضوباہ جي بادشاهہ هدد عزر کي مدد ڏيڻ لاءِ آيا، تڏهن دائود انهن مان ٻاويهہ هزار ارامي ماريا.</verse>
				<verse number="6">پوءِ دائود دمشق جي ارام ۾ سنڀال لاءِ لشڪر رکيو؛ ۽ ارامي دائود جا ٻانها ٿيا، ۽ نذرانا آندائون. ۽ جيڏي دائود ٿي ويو، اوڏي خداوند دائود کي فتح ٿي بخشي.</verse>
				<verse number="7">۽ هدد عزر جي نوڪرن وٽ جيڪي سون جون سپرون هيون سي دائود هٿ ڪري يروشلم ۾ آنديون.</verse>
				<verse number="8">۽ هدد عزر جي شهرن بطاہ، ۽ بيروتي مان بادشاهہ دائود تمام گهڻو پتل هٿ ڪيو.</verse>
				<verse number="9">۽ جڏهن حمات جي بادشاهہ توغيءَ ٻڌو تہ دائود هدد عزر جي ساريءَ فوج کي ماريو آهي؛</verse>
				<verse number="10">تڏهن توغي پنهنجي پٽ يورام کي بادشاهہ دائود ڏي موڪليو تہ کيس سلام دعا ڪري، ڇالاءِ جو هو هدد عزر سان وڙهيو هو، ۽ انهيءَ کي ماريو هئائين: ڇالاءِ جو هدد عزر توغيءَ سان جنگيون ڪيون هيون. ۽ يورام پاڻ سان چانديءَ جا باسڻ، ۽ سون جا باسڻ، ۽ پتل جا باسڻ آندا:</verse>
				<verse number="11">اهي بہ بادشاهہ دائود انهيءَ چانديءَ ۽ سون سان گڏ خدا لاءِ وقف ڪيا، جيئن هن سڀني فتح ڪيل قومن مان هٿ ڪري وقف ڪيا هئا:</verse>
				<verse number="12">ارام مان، ۽ موآب مان، ۽ بني عمون مان ۽ فلستين مان، ۽ عماليق مان، ۽ ضوباہ جي بادشاهہ هدد عزر بن رحوب جي لٽ جي مال مان.</verse>
				<verse number="13">۽ جڏهن دائود لوڻ جي واديءَ ۾ ارامين جي ارڙهن هزار ماڻهن کي شڪست ڏيئي موٽيو، تڏهن هن نالو ڪڍيو.</verse>
				<verse number="14">۽ هن عدوم ۾ پهري لاءِ لشڪر رکيا، بلڪ سڄي ادوم ۾؛ ۽ سڀ ادومي دائود جا ٻانها ٿيا. ۽ جيڏانهن دائود ٿي ويو، اوڏانهن خداوند هن کي فتح ٿي بخشي.</verse>
				<verse number="15">۽ دائود ساري اسرائيل تي بادشاهي ڪئي؛ ۽ دائود پنهنجي ساريءَ قوم جو عدل ۽ انصاف ڪيو.</verse>
				<verse number="16">۽ يوآب بن ضروياہ لشڪر جو سردار هو؛ ۽ يهوسفط بن اخيلود دفتردار هو:</verse>
				<verse number="17">۽ صدوق بن اخيطوب، ۽ اخيملڪ بن ابي ياتر ڪاهن هئا؛ ۽ شراياہ محرر هو؛</verse>
				<verse number="18">۽ بناياہ بن يهويدع، ڪريتين ۽ فلستين جي مٿان هو؛ ۽ دائود جا پٽ ڪاهن هئا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">۽ دائود چيو تہ سائول جي گهراڻي مان ڪو اڃا رهيو آهي ڇا تہ آءٌ انهيءَ کي يونتن جي خاطر مهرباني ڏيکاريان؟</verse>
				<verse number="2">۽ سائول جي گهراڻي مان هڪڙو ٻانهو هو، جنهن جو نالو ضيبا هو، ۽ انهيءَ کي سڏي دائود وٽ آندائون؛ ۽ بادشاهہ انهيءَ کي چيو تہ تون ضيبا آهين؟ ۽ هن چيو تہ تنهنجو ٻانهو اهو ئي آهي.</verse>
				<verse number="3">۽ بادشاهہ چيو تہ ڪو سائول جي گهراڻي مان بچيو آهي ڇا تہ آءٌ انهيءَ کي خدا جي مهرباني ڏيکاريان؟ ۽ ضيبا بادشاهہ کي چيو تہ يونتن کي اڃا بہ هڪڙو پٽ آهي، جو منڊو آهي.</verse>
				<verse number="4">۽ بادشاهہ هن کي چيو تہ اهو ڪٿي آهي؟ ضيبا بادشاهہ کي چيو تہ ڏس، هو لودبار ۾، عمي ايل جي پٽ مڪير جي گهر آهي.</verse>
				<verse number="5">تڏهن بادشاهہ دائود انهيءَ کي لودبار مان عمي ايل جي پٽ مڪير جي گهران گهرائي ورتو.</verse>
				<verse number="6">۽ مفيبوست، بن يونتن، بن سائول، دائود وٽ آيو، ۽ منهن ڀر ڪري تعظيم ڪرڻ لڳو. ۽ دائود چيو تہ اي مفيبوست، هن ورندي ڏيئي چيو تہ اِجهو تنهنجو ٻانهو.</verse>
				<verse number="7">۽ دائود هن کي چيو تہ ڊڄ نہ: ڇالاءِ جو آءٌ توکي تنهنجي پيءُ يونتن جي ڪري ضرور مهرباني ڏيکاريندس، ۽ تنهنجي پيءُ سائول جي سڀ زمين توکي موٽائي ڏيندس. ۽ تون منهنجي دسترخاني تي هميشہ ماني کائيندو رهہ.</verse>
				<verse number="8">۽ هن تعظيم ڏئي چيو، تہ تنهنجو ٻانهو ڪير آهي جو تون مون جهڙي مئل ڪتي ڏانهن نهارين؟</verse>
				<verse number="9">تڏهن بادشاهہ سائول جي ٻانهي ضيبا کي سڏي چيو تہ جيڪا بہ سائول جي ۽ سندس گهراڻي جي ملڪيت هئي، سا مون تنهنجي ڌڻيءَ جي پٽ کي ڏيئي ڇڏي آهي.</verse>
				<verse number="10">۽ تون، ۽ تنهنجا پٽ، ۽ تنهنجا نوڪر، هن جي پاران زمين آباد ڪجو؛ ۽ تون پيدائش آڻجانءِ تہ تنهنجي ڌڻيءَ جو پٽ ماني کائي: پر مفيبوست، تنهنجي ڌڻيءَ جو پٽ هميشہ منهنجي دسترخاني تي ماني کائيندو. هاڻي ضيبا کي پندرهن پٽ ۽ ويهہ نوڪر هئا.</verse>
				<verse number="11">تڏهن ضيبا بادشاهہ کي چيو تہ جيڪي منهنجو ڌڻي بادشاهہ پنهنجي ٻانهي کي حڪم ڪندو، ان موجب تنهنجو ٻانهو ڪندو. باقي مفيبوست جي نسبت ۾ بادشاهہ چيو تہ، هو بادشاهہ جي پٽن وانگر منهنجي دسترخاني تي کائيندو.</verse>
				<verse number="12">۽ مفيبوست کي هڪڙو پٽ هو، جنهن جو نالو ميڪا هو، ۽ جيڪي ماڻهو ضيبا جي گهر ۾ رهندا هئا سي مفيبوست جا نوڪر هئا.</verse>
				<verse number="13">انهيءَ طرح مفيبوست يروشلم ۾ رهڻ لڳو: ڇالاءِ جو هو هميشہ بادشاهہ جي دسترخاني تي کائيندو هو. ۽ هو ٻنهي پيرن کان منڊو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">۽ انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ بني عمون جي بادشاهہ وفات ڪئي، ۽ سندس پٽ حنون سندس جاءِ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="2">۽ دائود چيو تہ آءٌ ناحس جي پٽ حنون کي اهڙي مهرباني ڏيکاريندس جهڙي هن جي پيءُ مون کي ڏيکاري هئي. انهيءَ طرح دائود هن کي سندس پيءُ جي نسبت ۾ پنهنجي نوڪرن جي هٿان معذرت چوائي موڪلي. ۽ دائود جا نوڪر بني عمون جي ملڪ ۾ آيا.</verse>
				<verse number="3">پر بني عمون جي سردارن پنهنجي ڌڻي حنون کي چيو تہ تون ائين ڀانئين ٿو ڇا تہ دائود تنهنجي پيءُ کي عزت ٿو ڏئي، ۽ تنهنڪري معذرت ڪرڻ لاءِ توڏي ماڻهو موڪليا اٿس؟ دائود پنهنجا نوڪر توڏي انهيءَ ڪم لاءِ نہ موڪليا آهن ڇا تہ شهر جي تلاشي وٺي، ۽ انهيءَ جي جاسوسي ڪري، ۽ پوءِ انهيءَ کي ناس ڪري؟</verse>
				<verse number="4">تڏهن حنون دائود جي نوڪرن کي پڪڙي سندن اڌ ڏاڙهيون ڪوڙائي ڇڏيون، ۽ سندن ڪپڙا وچان ٻنڊڻن تائين ڪپائي ڇڏيائين، ۽ پوءِ روانو ڪري ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="5">جڏهن اها ڳالهہ دائود کي وڃي ٻڌايائون تڏهن هن انهن کي گڏجڻ لاءِ ماڻهو موڪليا؛ ڇالاءِ جو اهي ماڻهو ڏاڍا شرمندا هئا. ۽ بادشاهہ چيو تہ اوهين يريحو ۾ ترسي پئو، جيسين ڪ اوهان جون ڏاڙهيون وڌن، پوءِ موٽي اچجو.</verse>
				<verse number="6">۽ جڏهن بني عمون ڏٺو تہ دائود اسان سان نفرت ٿو ڪري، تڏهن بني عمون ماڻهو موڪلي بيت رحوب جا ارامي، ۽ ضوباہ جا ارامي، ويهہ هزار پيادا، ۽ معڪہ جو بادشاهہ هڪ هزار ماڻهن سان، ۽ طوب جا ٻارهن هزار ماڻهو، اُجوري تي گهرائي ورتا.</verse>
				<verse number="7">۽ جڏهن دائود اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن يوآب کي، ۽ بهادرن جي ساري لشڪر کي ڏياري موڪليائين.</verse>
				<verse number="8">۽ بني عمون ٻاهر نڪري آيا، ۽ دروازي جي لنگهہ وٽ جنگ جي لاءِ صفون ٻڌڻ لڳا: ۽ ضوباہ ۽ رحوب جا ارامي، ۽ طوب ۽ معڪہ جا ماڻهو ميدان تي اڪيلا هئا.</verse>
				<verse number="9">هاڻي جڏهن يوآب ڏٺو تہ سندس اڳيان توڙي پٺيان هو جنگ لاءِ صفون ٻڌي بيٺا آهن تڏهن هن اسرائيل جي سڀني مکيہ ماڻهن مان ڪي چونڊي ڪڍيا، ۽ اهي ارامين سان وڙهڻ لاءِ تيار ڪري بيهاريائين:</verse>
				<verse number="10">باقي ٻيا سڀ ماڻهو هن پنهنجي ڀاءُ ابيشيءَ جي هٿ هيٺ رکيا، ۽ انهن کي بني عمون سان سامهون ٿيڻ لاءِ تيار ڪري بيهاريائين.</verse>
				<verse number="11">۽ چيائين تہ جي ارامي مون کان ڏاڍا ٿيا، تہ تون مون کي مدد ڏجانءِ: پر جي بني عمون توکان ڏاڍا ٿيا، تہ آءٌ اچي توکي مدد ڏيندس.</verse>
				<verse number="12">چڱي همت جهل تہ پنهنجي قوم لاءِ، ۽ پنهنجي خدا جي شهرن لاءِ بهادري ڏيکاريون: پوءِ خداوند کي جيڪي وڻي سو ڪري.</verse>
				<verse number="13">تڏهن يوآب ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي ارامين سان وڙهڻ لاءِ رڙهي ويجها ٿيا: ۽ هو سندن اڳيان اُٿي ڀڳا.</verse>
				<verse number="14">۽ جڏهن بني عمون ڏٺو تہ ارامي ڀڳا آهن، تڏهن هو بہ ابيشيءَ جي اڳيان اُٿي ڀڳا، ۽ شهر ۾ گهڙي ويا. تڏهن يوآب بني عمون وٽان موٽي يروشلم ۾ آيو.</verse>
				<verse number="15">۽ جڏهن ارامين ڏٺو تہ اسرائيل جي هٿان شڪست کاڌي اٿئون، تڏهن هو سڀ گڏ ٿيا.</verse>
				<verse number="16">۽ هدد عزر ماڻهو موڪلي، جيڪي ارامي فرات نديءَ جي هن ڀر هئا تن کي گهرائي ورتو: ۽ اهي حلام ۾ آيا، ۽ سوبڪ، جو هدد عزر جو سپهہ سالار هو، سو سندن مهندار ٿيو.</verse>
				<verse number="17">۽ ماڻهن دائود کي اها خبر رسائي؛ ۽ انهيءَ سڀ اسرائيلي گڏ ڪيا، ۽ هو يردن لنگهي حلام ۾ آيو. ۽ ارامي دائود جي سامهون صفون ٻڌي ساڻس وڙهيا.</verse>
				<verse number="18">نيٺ ارامي اسرائيل جي اڳيان ڀڄي ويا؛ ۽ دائود ارامين جا ست سؤ گاڏين وارا، ۽ چاليهہ هزار گهوڙي سوار قتل ڪيا، ۽ سندس سپهہ سالار سوبڪ کي اهڙو ڌڪ هنيائين جو هو اتي ئي مري ويو.</verse>
				<verse number="19">۽ جيڪي ٻيا بادشاهہ هدد عزر جا نوڪر هئا تن جڏهن ڏٺو تہ اسرائيل جي اڳيان شڪست کاڌي اٿن تڏهن اسرائيل سان صلح ڪيائون، ۽ انهن جي ٻانهپ قبول ڪيائون. انهيءَ طرح ارامي بني عمون کي وري مدد ڏيڻ کان ڊڄندا رهيا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيو تہ بهار جي موسم ۾ جنهن وقت بادشاهہ جنگ تي ويندا آهن، تڏهن دائود پنهنجن نوڪرن کي، ۽ سڀني اسرائيلين کي، يوآب سان گڏ ڏياري موڪليو، ۽ انهن بني عمون کي ماري چٽ ڪري ڇڏيو، ۽ ربہ کي گهيرو ڪيائون. پر دائود يروشلم ۾ ترسي پيو.</verse>
				<verse number="2">۽ شام جي وقت هيئن ٿيو تہ دائود پنهنجي هنڌ تان اُٿيو، ۽ بادشاهي محلات جي ڇت تي ٽهلڻ لڳو: ۽ ڇت تان هڪڙي زال کي وهنجندي ڏٺائين؛ ۽ اها زال ڏاڍي خوبصورت هئي.</verse>
				<verse number="3">۽ دائود ماڻهو موڪلي انهيءَ زال جو حال احوال پڇايو. ۽ هڪڙي ماڻهوءَ چيو تہ اها العام جي ڌيءَ، ۽ اورياہ حتيءَ جي زال بت سبع ناهي ڇا؟</verse>
				<verse number="4">تڏهن دائود قاصد موڪلي انهي کي گهرايو؛ ۽ هوءَ وٽس آئي، ۽ هو ساڻس ستو؛ (ڇالاءِ جو هوءَ پنهنجي ناپاڪيءَ کان پاڪ هئي؛) ۽ پوءِ هوءَ پنهنجي گهر هلي ويئي.</verse>
				<verse number="5">۽ اها زال پيٽ سان ٿي؛ تڏهن هن دائود کي چوائي موڪليو تہ آءٌ پيٽ سان ٿي آهيان.</verse>
				<verse number="6">۽ دائود يوآب ڏي چوائي موڪليو تہ اورياہ حتيءَ کي مون وٽ ڏياري موڪل. ۽ يوآب اورياہ کي دائود ڏي ڏياري موڪليو.</verse>
				<verse number="7">۽ جڏهن اورياہ دائود وٽ آيو تڏهن هن پڇيس تہ يوآب ڪيئن آهي، ۽ ماڻهن جو ڪهڙو حال آهي، ۽ جنگ ڪيئن پئي هلي.</verse>
				<verse number="8">پوءِ دائود اورياہ کي چيو تہ پنهنجي گهر وڃي پير ڌوءُ. ۽ اورياہ بادشاهہ جي گهران نڪتو، ۽ پٺيانس بادشاهہ وٽان ماني جو خونچو موڪليو ويو.</verse>
				<verse number="9">پر اورياہ پنهنجي ڌڻيءَ جي سڀني نوڪرن سميت بادشاهہ جي گهر جي در وٽ سمهي پيو، ۽ پنهنجي گهر نہ ويو.</verse>
				<verse number="10">۽ جڏهن دائود کي ٻڌايائون تہ اورياہ پنهنجي گهر نہ ويو آهي، تڏهن دائود اورياہ کي چيو تہ تون مسافري ڪري نہ آيو آهين ڇا؟ ڇو پنهنجي گهر نہ وئين؟</verse>
				<verse number="11">تڏهن اورياہ دائود کي چيو تہ صندوق، ۽ اسرائيل، ۽ يهوداہ، تنبن ۾ ٿا رهن؛ ۽ منهنجو ڌڻي يوآب ۽ منهنجي ڌڻيءَ جا نوڪر کليل ميدان تي منزل ڪيو لٿا پيا آهن؛ تڏهن آءٌ پنهنجي گهر وڃي کاوان ۽ پيئان، ۽ پنهنجيءَ زال سان سمهان ڇا؟ تنهنجي سر جو، ۽ تنهنجي جان جو قسم آهي، تہ آءٌ اهو ڪم نہ ڪندس.</verse>
				<verse number="12">۽ دائود اورياہ کي چيو تہ اڄ بہ تون هتي ٽڪ ۽ سڀاڻي توکي وڃڻ ڏيندس. تنهنڪري اورياہ اهو ڏينهن، ۽ ٻيو ڏينهن بہ يروشليم ۾ رهي پيو.</verse>
				<verse number="13">۽ جڏهن دائود سڏيس تڏهن هن سندس اڳيان کاڌو ۽ پيتو، ۽ هن شراب پياري مست ڪيس: ۽ شام جو هو نڪري پنهنجي ڌڻيءَ جي نوڪرن سان گڏ پنهنجي هنڌ تي ستو، پر پنهنجي گهر نہ ويو.</verse>
				<verse number="14">۽ هيئن ٿيو تہ صبح جو دائود يوآب ڏي هڪڙو خط لکيو، ۽ اورياہ جي هٿان ڏياري موڪليائينس.</verse>
				<verse number="15">۽ انهيءَ خط ۾ لکيائينس تہ اوهين اورياہ کي جتي لڙائي سخت هلندي هجي، اتي سڀني جي اڳيان بيهارجو، ۽ اوهين کانئس پري هٽي بيهجو تہ ڀلي هو ڦٽجي مري.</verse>
				<verse number="16">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يوآب شهر تي پهرو ٿي رکيو، تڏهن هن اورياہ کي انهيءَ هنڌ رکيو جتي خبر هيس تہ بهادر مرد بيٺل آهن.</verse>
				<verse number="17">۽ شهر جا ماڻهو نڪري يوآب سان وڙهيا: ۽ انهن ماڻهن مان، يعني دائود جي نوڪرن مان، ڪي مارجي ويا؛ ۽ اورياہ حتي بہ مارجي ويو.</verse>
				<verse number="18">تڏهن يوآب جنگ جو سمورو احوال دائود ڏي چوائي موڪليو؛</verse>
				<verse number="19">۽ قاصد کي تاڪيد ڪري چيائين تہ جڏهن جنگ جون سڀ ڳالهيون بادشاهہ کي ٻڌائي بس ڪرين،</verse>
				<verse number="20">تڏهن هيئن ڪجانءِ، تہ جيڪڏهن بادشاهہ ڪاوڙجي ۽ توکي چوي تہ وڙهڻ جي لاءِ شهر کي اهڙو ويجهو ڇو ويا؟ اوهان کي ايترو سماءُ نہ پيو ڇا تہ هو ديوار جي مٿان اوهان کي تير هڻندا؟</verse>
				<verse number="21">يربست جي پٽ ابيملڪ کي ڪنهن ماريو؟ هن تي هڪڙيءَ زال ڀت تان جنڊ جو مٿيون پڙ ڪين اُڇلائي وڌو هو ڇا جنهنڪري هو تيبض ۾ مري ويو؟ ڇو اوهين ڀت کي اهڙا ويجها ويا؟ تڏهن تون چئجانءِ تہ تنهنجو نوڪر اورياہ حتي بہ مارجي ويو آهي.</verse>
				<verse number="22">پوءِ قاصد روانو ٿيو ۽ جيڪو پيغام يوآب ڏنو هوس سو دائود کي اچي ٻڌايائين.</verse>
				<verse number="23">۽ قاصد دائود کي چيو تہ هو ماڻهو اسان تي غالب پئجي ويا، ۽ ان ڪري اسان تائين ميدان ۾ آيا، ۽ اسين هنن تي ڪاهہ ڪري شهر جي دروازي تائين وياسين.</verse>
				<verse number="24">۽ تير اندازن ڀت جي مٿان تنهنجن نوڪرن تي تير هنيا؛ ۽ بادشاهہ جا ڪي نوڪر مري ويا، ۽ تنهنجو نوڪر اورياہ حتي بہ مري ويو.</verse>
				<verse number="25">تڏهن دائود قاصد کي چيو تہ تون يوآب کي هيئن چئجانءِ تہ انهيءَ ڳالهہ ڪري تون متان دلگير ٿين، ڇالاءِ جو ترار جهڙو هڪڙي کي کائي کپائي ٿي تهڙو ٻئي کي: شهر تي زيادہ زور سان جنگ ڪر، ۽ انهيءَ کي جيتي وٺ: ۽ تون کيس دلجاءِ ڏجانءِ.</verse>
				<verse number="26">۽ جڏهن اورياہ جي زال ٻڌو تہ سندس مڙس اورياہ مري ويو آهي، تڏهن هوءَ پنهنجي مڙس لاءِ روئڻ ۽ ماتم ڪرڻ لڳي.</verse>
				<verse number="27">۽ جڏهن انهيءَ جي سوءَ پوري ٿي، تڏهن دائود هن کي گهرائي پنهنجي گهر آندو، ۽ هوءَ سندس زال ٿي، ۽ انهيءَ منجهان هڪڙو پٽ ڄائس. پر اهو جيڪو ڪم دائود ڪيو سو خداوند جي نظر ۾ برو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">۽ خداوند ناتن کي دائود ڏي موڪليو. ۽ اهو هن وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ هڪڙي شهر ۾ ٻہ ماڻهو هئا؛ هڪڙو شاهوڪار ۽ ٻيو غريب.</verse>
				<verse number="2">شاهوڪار ماڻهوءَ وٽ گهڻا ڌڻ ۽ مال جا گلا هئا:</verse>
				<verse number="3">پر غريب ماڻهو وٽ ڪي ڪين هو، سواءِ هڪڙي ننڍڙي رڍ جي، جا هن خريد ڪري پالي هئي: ۽ اها ساڻس، ۽ سندس ٻارن سان گڏ رهي وڏي ٿي هئي؛ اها هن جي ماني مان کائيندي هئي، ۽ هن جي پيالي مان پاڻي پيئندي هئي، ۽ هن جي هنج ۾ سمهندي هئي، ۽ هن کي ڌيءَ وانگر هوندي هئي.</verse>
				<verse number="4">۽ هڪڙو مسافر انهيءَ شاهوڪار ماڻهو وٽ آيو، ۽ انهيءَ پنهنجي ڌڻ ۽ پنهنجي گلي مان انهيءَ آيل مسافر جي کائڻ لاءِ ڪنهن کي بہ هٿ نہ لاتو، پر هن غريب ماڻهوءَ جي رڍ کڻي وڃي انهيءَ مهمان لاءِ پچائي.</verse>
				<verse number="5">تڏهن دائود انهيءَ ماڻهوءَ تي ڏاڍو ڪاوڙيو؛ ۽ هن ناتن کي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ جنهن ماڻهوءَ اهڙو ڪم ڪيو آهي سو مرڻ جي لائق آهي؛</verse>
				<verse number="6">۽ انهي کي انهيءَ رڍ جي چئوڻي ملهہ جيترو ڀري ڏيڻو پوندو، ڇالاءِ جو هن کي ڪوبہ قياس ڪونہ آيو ۽ اهڙو ڪم ڪيائين.</verse>
				<verse number="7">تڏهن ناتن دائود کي چيو، تہ اهو ماڻهو تون آهين. خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ مون توکي اسرائيل جي مٿان مسح ڪيل بادشاهہ ڪيو، ۽ توکي سائول جي هٿان ڇڏايم؛</verse>
				<verse number="8">۽ توکي پنهنجي ڌڻيءَ جو گهر، ۽ تنهنجي ڌڻيءَ جون زالون تنهنجي جهوليءَ ۾ ڏنم، ۽ توکي اسرائيل جو، ۽ يهوداہ جو گهراڻو ڏنم؛ ۽ جي اهو ٿورو ٿي پوي ها تہ توکي گهڻيئي شيون ٻيون بہ ڏيان ها.</verse>
				<verse number="9">تڏهن ڇالاءِ تو خداوند جي ڪلام جي حقارت ڪئي آهي، ۽ جيڪي خدا جي نظر ۾ بڇڙو آهي سو ڪيو اٿئي؟ تو اورياہ حتيءَ کي ترار سان ماريو آهي، ۽ هن جي زال کي پنهنجي زال ڪيو اٿئي، ۽ هن کي بني عمون جي ترار سان قتل ڪرايو اٿئي.</verse>
				<verse number="10">تنهنڪري هاڻي تنهنجي گهراڻي مان ترار اصل نہ ٽرندي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجي حقارت ڪئي آهي، ۽ اورياہ حتيءَ جي زال کي تو پنهنجي زال بڻايو آهي.</verse>
				<verse number="11">خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ تنهنجي ئي گهر مان تو تي خرابي اُٿاريندس، ۽ تنهنجين اکين آڏو تنهنجون زالون وٺي تنهنجي پاڙيسريءَ کي ڏيندس، ۽ اُهو ڏينهن ڏٺي جو تنهنجي زالن سان سمهندو.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو تو اهو ڪم ڳجهيءَ طرح ڪيو؛ پر هيءُ ڪم آءٌ اسرائيل جي اڳيان، ۽ ڏينهن ڏٺي جو ڪندس.</verse>
				<verse number="13">تڏهن دائود ناتن کي چيو تہ مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. ۽ ناتن دائود کي چيو تہ خداوند بہ تنهنجو گناهہ معاف ڪيو آهي؛ تون مرندين ڪين.</verse>
				<verse number="14">تڏهن بہ انهيءَ ڪم ڪري تو خداوند جي دشمنن کي ڪفر بڪڻ جو وڏو وجهہ ڏنو آهي، ۽ جيڪو ٻار توکي ڄائو آهي سو بہ ضرور مرندو.</verse>
				<verse number="15">پوءِ ناتن پنهنجي گهر هليو ويو. ۽ جيڪو ٻار اورياہ جي زال دائود کي ڄڻي ڏنو هو تنهن کي خداوند ڌڪ هنيو، ۽ هو بيمار ٿي پيو.</verse>
				<verse number="16">تنهنڪري دائود انهيءَ ٻار جي لاءِ خدا کي عرض ڪيو؛ ۽ دائود روزو رکيو، ۽ اندر وڃي سڄي رات زمين تي سمهي رهيو.</verse>
				<verse number="17">سندس گهر جا بزرگ اُٿيا، ۽ سندس پاسي ۾ بيهي کيس زمين تان اُٿارڻ لڳا: پر هو نہ اُٿيو، ۽ نہ هنن سان گڏجي ماني کاڌائين.</verse>
				<verse number="18">۽ ستين ڏينهن هيئن ٿيو تہ اهو ٻار مري ويو. ۽ دائود جا نوڪر کيس ٻار جي مرڻ جي خبر ٻڌائڻ کان ڊنا: ڇالاءِ جو هنن چيو تہ ڏس، جڏهن ٻار اڃا جيئرو هو تڏهن جي اسين ساڻس ڳالهائيندا هئاسين، تہ هو اسان جي ڳالهہ نہ ٻڌندو هو: سو جي هاڻي اسين چونداسين تہ تنهنجو ٻار مري ويو آهي تہ ڪهڙو نہ رنج ٿيندس.</verse>
				<verse number="19">پر جڏهن دائود ڏٺو تہ سندس نوڪر پيا پاڻ ۾ سُس پُس ڪن، تڏهن سهي ڪيائين تہ ٻار مري ويو آهي: ۽ دائود پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ ٻار مري ويو آهي ڇا؟ ۽ هنن چيو تہ هائو هو مري ويو آهي.</verse>
				<verse number="20">تڏهن دائود زمين تان اُٿيو، ۽ غسل ڪيائين، ۽ پاڻ کي تيل مکيائين ۽ ڪپڙا بدلايائين؛ پوءِ هو خداوند جي گهر ۾ آيو، ۽ سجدو ڏنائين: پوءِ هو پنهنجي گهر آيو، ۽ سندس گهرڻ تي ماني اڳيان رکي ڏنائونس، ۽ اها هن کاڌي.</verse>
				<verse number="21">تڏهن سندس نوڪرن چيس تہ تو هي ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؛ جڏهن ٻار جيئرو هو، تڏهن تو ٻار جي لاءِ روزو رکيو ۽ رُنو، پر جڏهن ٻار مئو تڏهن تو اُٿي ماني کاڌي.</verse>
				<verse number="22">۽ هن چيو تہ جڏهن ٻار اڃا جيئرو هو، تڏهن مون روزو رکيو ۽ رُنو: ڇالاءِ جو مون چيو تہ ڪنهن کي خبر، تہ خداوند مون تي مهربان ٿئي ۽ شايد ٻار جيئرو رهي؟</verse>
				<verse number="23">پر هاڻي جڏهن هو مري ويو تڏهن آءٌ ڇو روزو رکان؟ آءٌ ڪو هن کي موٽائي آڻي سگهندس ڇا؟ آءٌ هن وٽ وڃي سگهندس، پر هو مون وٽ موٽي اچي نہ سگهندو.</verse>
				<verse number="24">۽ دائود پنهنجي زال بت سبع کي دلاسو ڏنو، ۽ وٽس وڃي ساڻس ستو: ۽ هن کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو هن سليمان رکيو. ۽ خداوند انهيءَ سان محبت رکي؛</verse>
				<verse number="25">۽ هن ناتن نبيءَ هٿان چوائي موڪليو، ۽ خداوند واسطي هن جو نالو يديدياہ رکيائين.</verse>
				<verse number="26">هاڻي يوآب بني عمون جي ربہ سان جنگ ڪري شاهي شهر ورتو.</verse>
				<verse number="27">۽ يوآب دائود ڏي قاصد موڪلي چيو تہ مون ربہ سان جنگ ڪئي آهي، هائو، مون پاڻين جو قلعو ورتو آهي.</verse>
				<verse number="28">تنهنڪري هاڻي باقي رهيل ماڻهو گڏ ڪري انهيءَ شهر جي سامهون منزل ڪري انهيءَ کي وٺ: تہ متان آءٌ اهو وٺان، ۽ اهو منهنجي نالي جي پٺيان سڏجي.</verse>
				<verse number="29">۽ دائود سڀ ماڻهو گڏ ڪيا، ۽ ربہ ڏي ويو، ۽ انهيءَ سان جنگ ڪري انهيءَ کي ورتائين.</verse>
				<verse number="30">۽ هن انهي جي بادشاهہ جي مٿي تان ڇٽ لاهي ورتو؛ ۽ اهو وزن ۾ هڪڙو قنطار ٿيو، ۽ ان ۾ قيمتي جواهر لڳل هئا؛ ۽ اهو دائود جي مٿي تي رکيو ويو. ۽ هن شهر جي لٽ مان تمام گهڻو مال آندو.</verse>
				<verse number="31">۽ انهيءَ ۾ جيڪي ماڻهو هئا تن کي ڪڍي ڪرٽن هيٺ، ۽ لوهہ جي ڏاندارين ۽ ڪهاڙين هيٺ رکيائين، ۽ سرن جي کوري مان لنگهايائين: ۽ هن بني عمون جي سڀني شهرن جو اهو حال ڪيو. پوءِ دائود ۽ سڀ ماڻهو موٽي يروشليم ۾ آيا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">۽ انهي کان پوءِ هيئن ٿيو تہ دائود جي پٽ ابي سلوم جي هڪڙي خوبصورت ڀيڻ هئي، جنهن جو نالو تمر هو؛ ۽ دائود جي پٽ امنون جي انهيءَ سان محبت هوندي هئي.</verse>
				<verse number="2">۽ امنون پنهنجي ڀيڻ تمر جي ڪري اهڙو بي آرام ٿي پيو، جو هو بيمار ٿي پيو؛ ڇالاءِ جو هوءَ اڃا ڪنواري هئي؛ ۽ امنون جي نظر ۾ اها ڳالهہ مشڪل هئي تہ انهيءَ سان ڪجهہ ڪري.</verse>
				<verse number="3">پر امنون جو هڪڙو دوست هوندو هو، جنهن جو نالو يوندب هو، جو دائود جي ڀاءُ سمعہ جو پٽ هو: ۽ يوندب ڏاڍو چالاڪ ماڻهو هو.</verse>
				<verse number="4">۽ هن چيس تہ اي شهزادا، ڇو تون روزبروز ڏٻرو ٿيندو ٿو وڃين؟ مون کي ڪين ٻڌائيندين؟ ۽ امنون هن کي چيو تہ منهنجي پنهنجي ڀاءُ ابي سلوم جي ڀيڻ تمر سان محبت آهي.</verse>
				<verse number="5">۽ يوندب چيس تہ تون پنهنجي هنڌ تي سمهي رهہ، ۽ ڪوڙ ڪري چئُہ تہ آءٌ بيمار آهيان: ۽ جڏهن تنهنجو پيءُ توکي ڏسڻ اچي تڏهن چئينس تہ ڀلائي ڪري منهنجي ڀيڻ تمر کي ڇڏ تہ اچي مون کي ماني کارائي، ۽ منهنجي ڏسندي کاڌو تيار ڪري تہ اهو آءٌ ڏسان، ۽ سندس هٿان کاوان.</verse>
				<verse number="6">تڏهن امنون سمهي پيو ۽ ڪوڙ ڪري چيائين تہ آءٌ بيمار آهيان: ۽ جڏهن بادشاهہ هن کي ڏسڻ آيو تڏهن امنون بادشاهہ کي چيو تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ منهنجي ڀيڻ تمر کي ڇڏ تہ اچي منهنجي روبرو ٻہ لوليون پچائي تہ آءٌ سندس هٿان کاوان.</verse>
				<verse number="7">تڏهن دائود تمر جي گهر چوائي موڪليو تہ هاڻي تون پنهنجي ڀاءُ امنون جي گهر وڃ، ۽ وڃي سندس لاءِ کاڌو تيار ڪر.</verse>
				<verse number="8">تنهن تي تمر پنهنجي ڀاءُ امنون جي گهر ويئي؛ ۽ هو ستو پيو هو. ۽ هن اٽو کڻي ڳوهيو، ۽ سندس روبرو لوليون پچايائين.</verse>
				<verse number="9">پوءِ هن ٿالهي کڻي اهي هن جي اڳيان اُن ۾ اُٿلائي وڌيون، پر هن نہ کاڌيون، ۽ امنون چيو تہ مون وٽان سڀ ماڻهو ٻاهر ڪڍي ڇڏ. ۽ سڀ ماڻهو وٽانئس نڪري ويا.</verse>
				<verse number="10">تڏهن امنون تمر کي چيو تہ ماني ڪوٺيءَ ۾ کڻي اچ تہ آءٌ تنهنجي هٿان کاوان. ۽ تمر جيڪي لوليون پچايون هيون سي کڻي پنهنجي ڀاءُ امنون جي ڪوٺيءَ ۾ آنديون.</verse>
				<verse number="11">۽ جڏهن هن اهي کائڻ لاءِ سندس ويجهو آنديون تڏهن هن کڻي پڪڙيس ۽ چوڻ لڳس تہ ادي، اچي مون سان سمهہ.</verse>
				<verse number="12">تڏهن هن ورندي ڏني تہ نہ ادا، مون کي زور نہ ڪر؛ ڇالاءِ جو اسرائيل ۾ اهڙو ڪم ڪرڻ نہ گهرجي: اهڙي بي عقلي نہ ڪر.</verse>
				<verse number="13">پوءِ آءٌ پنهنجي خواري کڻي ڪيڏي وينديس؟ ۽ تون اسرائيلين ۾ بي عقلن مان هڪڙو شمار ۾ ايندين. تنهنڪري هاڻي آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ انهيءَ بابت بادشاهہ کي چئُہ؛ ڇالاءِ جو هو مون کي توکان ڪين روڪيندو.</verse>
				<verse number="14">انهيءَ هوندي بہ هن سندس ڳالهہ نہ مڃي: پر هن کان مضبوط هئڻ ڪري هو زور زبردستي ڪري هن سان سُتو.</verse>
				<verse number="15">تنهن کان پوءِ امنون جي هن سان نهايت گهڻي نفرت پيدا ٿي؛ ڇالاءِ جو جيتري اڳي هن سان محبت هوندي هيس، تنهن کان زيادہ هن جي ساڻس نفرت پيدا ٿي. ۽ امنون چيس تہ اُٿ ۽ هلي وڃ.</verse>
				<verse number="16">۽ هن چيس تہ ائين نہ ٿيندو، ڇالاءِ جو اهو مون کي هڪالي ڪڍڻ جو قصور هن ٻئي قصور کان بہ خراب آهي جو تو منهنجي نسبت ۾ ڪيو، پر هن سندس ڳالهہ نہ ٻڌي.</verse>
				<verse number="17">تڏهن هن هڪڙي نوڪر کي سڏيو جو سندس خدمت چاڪري ڪندو هو، ۽ انهيءَ کي چيائين تہ هن زال کي مون وٽان ڪڍي وڃ ۽ پٺيانس در بند ڪري ڇڏ.</verse>
				<verse number="18">۽ هن کي بت تي گهڻن رنگن جي پوشاڪ پيل هئي: ڇالاءِ جو بادشاهن جون ڌيئرون جي ڪنواريون هونديون هيون سي اهڙي پوشاڪ ڍڪينديون هيون. تڏهن هن جي نوڪر هن کي ٻاهر ڪڍي پٺيانس در بند ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="19">۽ تمر پنهنجي مٿي تي خاڪ وڌي، ۽ جيڪي رنگين ڪپڙا پيل هئس سي ڦاڙي ڇڏيائين؛ پوءِ پنهنجو هٿ مٿي تي رکي رستو وٺي هلي وئي، ۽ وڏي سڏ دانهون ڪندي وئي.</verse>
				<verse number="20">۽ سندس ڀاءُ ابي سلوم چيس تہ تنهنجو ڀاءُ امنون توسان گڏ ستو آهي ڇا؟ پر هاڻي، اي منهنجي ڀيڻ، ماٺ ڪر: هو تنهنجو ڀاءُ آهي: انهيءَ ڳالهہ جو دل ۾ فڪر نہ ڪر. پوءِ تمر پنهنجي ڀاءُ ابي سلوم جي گهر ۾ غمگين رهندي آئي.</verse>
				<verse number="21">پر جڏهن بادشاهہ دائود اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون تڏهن ڏاڍو ڪاوڙيو.</verse>
				<verse number="22">۽ ابي سلوم امنون کي نہ ڀلو چيو نہ برو: ڇالاءِ جو ابي سلوم امنون کي ڌڪاريندو هو؛ ڇالاءِ جو هن سندس ڀيڻ تمر سان زور زبردستي ڪئي هئي.</verse>
				<verse number="23">ٻن ڀرين ورهين کان پوءِ هيئن ٿيو، تہ ابي سلوم وٽ بعل حصور ۾، جو افرائيم جي پاسي ۾ آهي، اُن ڪترڻ وارا آيا: ۽ ابي سلوم بادشاهہ جي سڀني پٽن کي دعوت ڏيئي گهرايو.</verse>
				<verse number="24">۽ ابي سلوم بادشاهہ وٽ آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ هاڻي ڏس تنهنجي ٻانهي وٽ اُن ڪترڻ وارا آيا آهن؛ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ بادشاهہ ۽ سندس نوڪر پنهنجي ٻانهي سان گڏجي هلن.</verse>
				<verse number="25">۽ بادشاهہ ابي سلوم کي چيو تہ نہ منهنجا پٽ، اسين سڀ نہ هلون تہ چڱو، متان توتي بار ٿي پئون. پر هن کيس زور ڪيو: تڏهن بہ هن وڃڻ جي نہ ڪئي، مگر هن کي خير جي دعا ڪيائين.</verse>
				<verse number="26">تڏهن ابي سلوم چيو تہ جي ائين نہ ڪرين تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ منهنجو ڀاءُ امنون اسان سان هلي. تڏهن بادشاهہ هن کي چيو تہ هو تو سان ڇو هلي؟</verse>
				<verse number="27">پر ابي سلوم اهڙو زور ڪيس جو هن امنون، ۽ ٻين سڀني شهزادن کي ساڻس وڃڻ ڏنو.</verse>
				<verse number="28">۽ ابي سلوم پنهنجن نوڪرن کي حڪم ڏئي چيو تہ هاڻي نظر رکجو تہ جڏهن امنون شراب پي خوشدل ٿئي؛ ۽ جڏهن آءٌ اوهان کي چوان تہ امنون کي ماريو تڏهن انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏجو، ۽ ڊڄو متان: مون اوهان کي حڪم نہ ڏنو آهي ڇا؟ همت جهلجو، ۽ بهادر ٿجو.</verse>
				<verse number="29">۽ ابي سلوم جي نوڪرن امنون سان ائين ئي ڪيو، جيئن ابي سلوم حڪم ڏنو هون. تڏهن سڀيئي شهزادا اُٿيا، ۽ سڀڪو ماڻهو پنهنجي خچر تي چڙهي اُٿي ڀڳو،</verse>
				<verse number="30">۽ هيئن ٿيو تہ هو اڃا رستي تي هئا تہ دائود کي ماڻهن خبر ڏني تہ ابي سلوم بادشاهہ جي سڀني پٽن کي قتل ڪرائي ڇڏيو آهي، ۽ انهن مان هڪڙو بہ ڪونہ بچيو آهي.</verse>
				<verse number="31">تڏهن بادشاهہ اُٿيو ۽ ڪپڙا ڦاڙي زمين تي ليٽڻ لڳو؛ ۽ سندس سڀ نوڪر بہ ڪپڙا ڦاڙي سندس ڀرسان بيهي رهيا.</verse>
				<verse number="32">پر دائود جي ڀاءُ سمعہ جي پٽ يوندب ورندي ڏئي چيو تہ منهنجو ڌڻي ائين نہ سمجهي تہ سڀيئي جوان شهزادا ماري ڇڏيا اٿن؛ ڇالاءِ جو رڳو امنون مارجي ويو آهي: جو جنهن ڏينهن هن پنهنجي ڀيڻ تمر سان زور زبردستي ڪئي تنهن ڏينهن کان وٺي ابي سلوم اهو ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو.</verse>
				<verse number="33">تنهنڪري هاڻي منهنجو ڌڻي بادشاهہ اها ڳالهہ دل ۾ نہ ڪري، ۽ ائين نہ ڄاڻي تہ سڀيئي شهزادا مارجي ويا آهن: ڇالاءِ جو رڳو امنون مئو آهي.</verse>
				<verse number="34">پوءِ ابي سلوم ڀڄي ويو، ۽ جنهن جوان ماڻهوءَ پهرو ٿي ڏنو، سو اکيون کڻي نهاري تہ ڏسي تہ گهڻا ئي ماڻهو ٽڪر جي پاسي سندس پٺيان پيا اچن.</verse>
				<verse number="35">۽ يوندب بادشاهہ کي چيو تہ ڏس، شهزادا ٿا اچن: جيئن تنهنجي ٻانهي چيو ائين ئي آهي.</verse>
				<verse number="36">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن ڳالهائي بس ڪيو تڏهن شهزادا بہ اچي نڪتا، ۽ رڙيون ڪري روئڻ لڳا: ۽ بادشاهہ ۽ سندس نوڪرن بہ زار زار رُنو.</verse>
				<verse number="37">پر ابي سلوم ڀڄي ويو ۽ جسور جي بادشاهہ عميهود جي پٽ تلميءَ وٽ وڃي نڪتو. ۽ دائود پنهنجي پٽ لاءِ ڏهاڙي ماتم ڪندو رهيو.</verse>
				<verse number="38">انهيءَ طرح ابي سلوم ڀڄي ويو ۽ جسور ۾ وڃي نڪتو، ۽ اتي ٽي ورهيہ هو.</verse>
				<verse number="39">۽ بادشاهہ دائود کي ابي سلوم ڏي وڃڻ جي ڏاڍي سڪ ٿي: ڇالاءِ جو امنون بابت هن کي تسلي ملي هئي تہ هو مري چڪو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">هاڻي ضروياہ جي پٽ يوآب سهي ڪيو تہ بادشاهہ جي دل ابي سلوم ڏي مائل آهي.</verse>
				<verse number="2">۽ يوآب تقوع ڏي ماڻهو موڪلي اُتان هڪڙي سياڻي زال گهرائي، ۽ چيائينس تہ ڀلائي ڪري پاڻ کي سوءَ ڪندڙ بناءِ، ۽ سوءَ جو وڳو ڍڪ، ۽ پاڻ کي تيل نہ مک پر اهڙي زال ٿيءُ، جنهن گهڻن ڏينهن تائين ڪنهن مئل جي لاءِ ماتم ڪيو هجي:</verse>
				<verse number="3">۽ بادشاهہ وٽ وڃي کيس هن طرح چئُہ. پوءِ يوآب هن کي اُهي ڳالهيون سيکاريون.</verse>
				<verse number="4">۽ جڏهن انهيءَ تقوع واري زال بادشاهہ سان وڃي ڳالهايو، تڏهن هوءَ سندس اڳيان زمين تي منهن ڀر ڪري پئي، ۽ تعظيم ڪري چوڻ لڳي تہ اي بادشاهہ، واهر ڪر.</verse>
				<verse number="5">۽ بادشاهہ هن کي چيو تہ توکي ڇا ٿيو آهي؟ تڏهن هن ورندي ڏئي چيو تہ حقيقت ڪري آءٌ هڪڙي رن زال آهيان، ۽ منهنجو مڙس مري ويو آهي.</verse>
				<verse number="6">۽ تنهنجي ٻانهيءَ کي ٻہ پٽ هئا، ۽ اهي ٻئي جهنگ ۾ وڙهي پيا، ۽ ٻيو ڪو ڇڏائڻ وارو ڪونہ هو، ۽ هڪڙي ٻئي کي ڌڪ هڻي ماري وڌو.</verse>
				<verse number="7">۽ ڏس، سارو گهراڻو تنهنجي ٻانهيءَ سان وڙهڻ لاءِ سنبري آيو آهي، ۽ سڀ چوڻ لڳا تہ جنهن پنهنجي ڀاءُ کي ماريو آهي، تنهن جي ٻانهن ڪڍي ڏي، تہ جنهن پنهنجي ڀاءُ جو هن خون ڪيو آهي تنهن جي عيوض ۾ اسين انهيءَ کي ماريون؛ ۽ انهيءَ طرح وارث بہ ماري چٽ ڪري ڇڏيون: پوءِ جيڪو منهنجو ٽانڊو بچيو آهي سو بہ اُجهائي ڇڏيندا، ۽ زمين تان منهنجي مڙس جو نالو نشان مٽائي ڇڏيندا.</verse>
				<verse number="8">۽ بادشاهہ انهيءَ زال کي چيو تہ تون پنهنجي گهر وڃ، ۽ آءٌ تنهنجي بابت حڪم ڏيندس.</verse>
				<verse number="9">تڏهن تقوع جي زال بادشاهہ کي چيو تہ اي منهنجا سائين، اي بادشاهہ، اهو ڏوهہ ڀلي منهنجي مٿان ۽ منهنجي پيءُ جي گهراڻي تي پوي: ۽ بادشاهہ ۽ سندس تخت بي قصور رهي.</verse>
				<verse number="10">۽ بادشاهہ چيو تہ جيڪو بہ ماڻهو توکي ڪجهہ چوي تہ انهيءَ کي مون وٽ وٺي اچج، ۽ اُهو وري توکي هٿ نہ لائيندو.</verse>
				<verse number="11">تڏهن زال چيو تہ آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ بادشاهہ خداوند پنهنجي خدا کي ياد ڪري تہ خون جي بدلي وٺڻ وارو وري ڪنهن کي نہ ماري، متان منهنجي پٽ کي ناس ڪري ڇڏين. ۽ هن چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ تنهنجي پٽ جو هڪڙو وار بہ زمين تي نہ ڪرندو.</verse>
				<verse number="12">تڏهن اُن زال چيو تہ آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ منهنجو ڌڻي بادشاهہ موڪل ڏئي تہ تنهنجي ٻانهي هڪڙو عرض ڪري. ۽ هن چيو تہ ڀلي ڪر.</verse>
				<verse number="13">تڏهن انهيءَ زال چيو تہ ڪهڙي سبب تو خدا جي اُمت جي برخلاف اها رٿ ڪئي آهي؟ ڇالاءِ جو انهيءَ ڳالهہ ڪرڻ ڪري بادشاهہ انهيءَ ماڻهوءَ جهڙو آهي جو ڏوهاري هجي، هن ڪري جو جنهن کي بادشاهہ شهر نيڪالي ڏيئي ڇڏي آهي تنهن کي وري گهر گهرائي نٿو وٺي.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو اسان کي ضرور مرڻو آهي، ۽ اسين انهيءَ پاڻيءَ جهڙا آهيون جو زمين تي هاريو ويو هجي، ۽ وري گڏ ٿي نہ سگهي؛ خدا ماري نہ ٿو، پر اهڙا اُپاءَ ٿو ڪري تہ جنهن کي شهر نيڪالي ملي آهي سو هميشہ لاءِ کانئس رد ڪيل نہ رهي.</verse>
				<verse number="15">تنهنڪري هاڻي جو آءٌ پنهنجي ڌڻي بادشاهہ کي هيءَ ڳالهہ چوڻ آئي آهيان، سو انهيءَ ڪري تہ ماڻهن مون کي ڊيڄاري ڇڏيو آهي: ۽ تنهنجي ٻانهيءَ چيو تہ هاڻي آءٌ پنهنجي بادشاهہ کي اها ڳالهہ ٻڌائينديس؛ امڪان آهي تہ بادشاهہ پنهنجي ٻانهيءَ جو عرض قبول ڪري.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو بادشاهہ اها ڳالهہ ٻڌي پنهنجي ٻانهيءَ کي انهيءَ ماڻهو جي هٿان ڇڏائيندو، جو مون کي، ۽ منهنجي پٽ کي گڏ ناس ڪرڻ، ۽ خدا جي ورثي کان خارج ڪرڻ ٿو گهري.</verse>
				<verse number="17">تڏهن تنهنجي ٻانهيءَ چيو تہ آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ ڀلي منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي ڳالهہ تسلي جهڙي هجي: ڇالاءِ جو منهنجو ڌڻي بادشاهہ چڱي ۽ بڇڙي جي سڃاڻڻ ۾ خدا جي فرشتي جهڙو آهي.</verse>
				<verse number="18">تڏهن بادشاهہ ورندي ڏيئي انهيءَ زال کي چيو تہ جيڪا ڳالهہ آءٌ توکان پڇان سا مون کان ڀلائي ڪري نہ لڪاءِ. ۽ انهيءَ زال چيو تہ هاڻي منهنجو ڌڻي بادشاهہ فرمائي.</verse>
				<verse number="19">تڏهن بادشاهہ چيو تہ انهيءَ ساري ڳالهہ ۾ يوآب جو هٿ توسان آهي ڇا؟ ۽ اُنهي زال ورندي ڏيئي چيو تہ تنهنجي جان جو قسم آهي تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، جيڪي منهنجي ڌڻيءَ بادشاهہ فرمايو آهي تنهن کان ڪوبہ ماڻهو نہ سڄي هٿ پاسي ڦري ٿو سگهي نہ کٻي هٿ پاسي: ڇالاءِ جو تنهنجي ٻانهي يوآب مون کي ائين ڪرڻ لاءِ چيو، ۽ انهي اهي سڀ ڳالهيون تنهنجي ٻانهيءَ جي وات ۾ وڌيون:</verse>
				<verse number="20">تنهنجي ٻانهي يوآب ڳالهہ جي رخ مٽائڻ لاءِ ائين ڪيو آهي: ۽ منهنجو ڌڻي خدا جي فرشتي جهڙو عقلمند آهي، جو زمين تي جيڪي ڳالهيون ٿين ٿيون سي سڀ ڄاڻي ٿو.</verse>
				<verse number="21">۽ بادشاهہ يوآب کي چيو تہ هاڻي ڏس، مون ائين ڪيو آهي: تنهنڪري وڃي انهيءَ جوان ماڻهوءَ ابي سلوم کي موٽائي وٺي اچ.</verse>
				<verse number="22">۽ يوآب منهن ڀر زمين تي ڪري پيو، ۽ تعظيم ڪيائين، ۽ بادشاهہ کي دعا ڪيائين: ۽ يوآب چيو تہ اڄ تنهنجي ٻانهي کي خبر پئي آهي تہ اي ڌڻي، اي بادشاهہ، مون تنهنجي نظر ۾ مان لڌو آهي، جو بادشاهہ پنهنجي ٻانهي جو عرض قبول ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="23">پوءِ يوآب اُٿيو ۽ جسور ڏي ويو، ۽ ابي سلوم کي يروشلم ۾ وٺي آيو.</verse>
				<verse number="24">۽ بادشاهہ چيو تہ هو ڀلي پنهنجي گهر وڃي، پر منهنجو منهن نہ ڏسي. تنهنڪري ابي سلوم پنهنجي گهر هليو ويو، ۽ بادشاهہ جو منهن نہ ڏٺائين.</verse>
				<verse number="25">هاڻي سڄي اسرائيل ۾ ابي سلوم جهڙو ٻيو ڪوبہ ماڻهو خوبصورتيءَ جي ڪري تعريف جوڳو ڪونہ هو: پير جي تريءَ کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين هن ۾ ڪوبہ عيب ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="26">۽ جڏهن هو پنهنجي مٿي جا وار ڪوڙائيندو هو (هاڻي سڀ ڪنهن سال جي پڇاڙيءَ ۾ هو مٿو ڪوڙائيندو هو: ڇالاءِ جو هن جا وار گهاٽا ۽ ڳرا هوندا هئا، تنهنڪري هو اهي ڪوڙائيندو هو:) ۽ هو پنهنجي مٿي جا وار توريندو هو تہ ٻہ سؤ شيڪل، بادشاهي وزن موجب، ٿيندا هئا.</verse>
				<verse number="27">۽ ابي سلوم کي ٽي پٽ ۽ هڪڙي ڌيءَ هئي، جنهن جو نالو تمر هو: ۽ هوءَ خوبصورت زال هئي.</verse>
				<verse number="28">۽ ابي سلوم ٻہ ڀريا ورهيہ يروشلم ۾ رهيو؛ ۽ هن بادشاهہ جو منهن نہ ڏٺو.</verse>
				<verse number="29">پوءِ ابي سلوم يوآب کي گهرايو، انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ کي بادشاهہ ڏي موڪلي؛ پر هن وٽس اچڻ نہ گهريو: ۽ هن ٻيو ڀيرو بہ وري هن کي گهرايو، تہ بہ هن اچڻ نہ گهريو.</verse>
				<verse number="30">تنهنڪري هن پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ ڏسو، يوآب جي ٻني منهنجي ٻنيءَ جي ويجهو آهي، ۽ اتي هن جا جَوَ آهن؛ اوهين وڃي انهن کي باهہ ڏيو. ۽ ابي سلوم جي نوڪرن وڃي انهيءَ ٻنيءَ کي باهہ ڏني.</verse>
				<verse number="31">تڏهن يوآب اُٿيو، ۽ ابي سلوم وٽ سندس گهر آيو، ۽ چيائينس تہ ڇو تنهنجن نوڪرن منهنجي ٻنيءَ کي باهہ ڏني آهي؟</verse>
				<verse number="32">۽ ابي سلوم يوآب کي ورندي ڏئي چيو تہ ڏس مون تو ڏي چوائي موڪليو تہ مون وٽ اچ تہ آءٌ توکي بادشاهہ ڏي موڪليان، ۽ چوائي موڪليان تہ آءٌ جسور کان ڇو آيو آهيان؟ اڃا تائين اُتي هجان ها تہ چڱو هو: تنهنڪري هاڻي مون کي بادشاهہ جو منهن ڏسڻ ڏي؛ ۽ جيڪڏهن منهنجو ڪو قصور هجي تہ ڀلي هو مون کي ماري.</verse>
				<verse number="33">تڏهن يوآب بادشاهہ وٽ ويو ۽ انهي کي ائين چيائين: ۽ جڏهن هن ابي سلوم کي گهرايو تڏهن هو بادشاهہ وٽ آيو، ۽ بادشاهہ جي اڳيان زمين تي منهن رکي سجدو ڪيائين: ۽ بادشاهہ ابي سلوم کي چُميو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="15">
				<verse number="1">۽ انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ ابي سلوم پنهنجي لاءِ گاڏي ۽ گهوڙا، ۽ پنجاهہ ماڻهو تيار ڪيا تہ هن جي اڳيان ڊوڙن.</verse>
				<verse number="2">۽ ابي سلوم سوير اُٿندو هو ۽ دروازي جي رستي جي ڀر ۾ بيهي رهندو هو: ۽ هيئن ٿيندو هو تہ جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو مقدمو هوندو هو جو بادشاهہ وٽ فيصلي لاءِ آڻيندو هو، تڏهن ابي سلوم انهيءَ کي سڏي چوندو هو تہ تون ڪهڙي شهر جو آهين؟ ۽ هو چوندو هو تہ تنهنجو ٻانهو اسرائيل جي هڪڙي فرقي منجهان آهي.</verse>
				<verse number="3">تڏهن ابي سلوم انهيءَ کي چوندو هو تہ ڏس، تنهنجون ڳالهيون چڱيون ۽ برابر آهن؛ پر بادشاهہ جو ڪو نائب مقرر ڪيل ڪونهي جو تنهنجي دانهن ٻڌي.</verse>
				<verse number="4">۽ ابي سلوم هيترو بہ چوندو هو تہ جيڪڏهن آءٌ هن ملڪ جو قاضي هجان ها تہ چڱو هو، جو جنهن ماڻهوءَ جو ڪو مقدمو يا معاملو هجي سو مون وٽ اچي ها تہ آءٌ ان جو انصاف ڪريان ها!</verse>
				<verse number="5">۽ هيئن ٿيندو هو تہ جڏهن ڪو ماڻهو هن کي تعظيم ڏيڻ لاءِ ويجهو ايندو هو تڏهن هو پنهنجو هٿ ڊگهيري هن کي وٺي چُمندو هو.</verse>
				<verse number="6">انهيءَ طرح جيڪي بہ اسرائيلي بادشاهہ وٽ عدالت جي لاءِ ايندا هئا تن سان ابي سلوم ائين هلندو هو: انهيءَ طرح ابي سلوم اسرائيل جي ماڻهن جون دليون چورايون.</verse>
				<verse number="7">۽ چئن ورهين کان پوءِ هيئن ٿيو تہ ابي سلوم بادشاهہ کي چيو تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ حبرون ۾ وڃي خداوند جي لاءِ جيڪا مڃتا مڃي اٿم سا پوري ڪريان.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو جڏهن آءٌ ارام ملڪ ۾ جسور منجهہ رهندو هوس، تڏهن تنهنجي ٻانهي هڪڙي مڃتا مڃي هئي، ۽ چيو هئائين تہ جيڪڏهن خداوند مون کي کڻي وري يروشلم ۾ آندو تہ آءٌ خداوند جي عبادت ڪندس.</verse>
				<verse number="9">تڏهن بادشاهہ هن کي چيو تہ ڀلي تہ سلامت هليو وڃ. ان موجب هو اُٿيو، ۽ حبرون ڏي ويو.</verse>
				<verse number="10">پر ابي سلوم اسرائيل جي سڀني قومن ۾ جاسوس موڪليا، ۽ چوايائين تہ جنهن وقت اوهين قرناءِ جو آواز ٻڌو تڏهن اوهين چئجو تہ ابي سلوم حبرون ۾ بادشاهہ ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ ابي سلوم ٻہ سؤ ماڻهن کي دعوت ڏني ۽ اُهي هن سان گڏ يروشلم مان روانا ٿيا، ۽ سادگيءَ سان ويا؛ ۽ ڪنهن بہ ڳالهہ جي خبر نہ هين.</verse>
				<verse number="12">۽ جڏهن ابي سلوم قربانيون پئي چاڙهيون تڏهن هن دائود جي صلاحڪار اخيتفل جلونيءَ کي سندس شهر مان، يعني جلوہ مان گهرايو. ۽ منصوبو وڌندو ويو؛ ڇالاءِ جو ماڻهن جو تعداد ابي سلوم وٽ وڌندو ويو.</verse>
				<verse number="13">۽ دائود وٽ هڪڙو قاصد آيو جنهن اچي چيس تہ اسرائيل جي ماڻهن جون دليون ابي سلوم جي پٺيان آهن.</verse>
				<verse number="14">۽ دائود وٽ يروشلم ۾ جيڪي نوڪر هئا تن سڀني کي هن چيو تہ اُٿو تہ ڀڄي هلون؛ نہ تہ اسان مان ڪوبہ ابي سلوم کان نہ ڇُٽندو: جلدي ڪري نڪرو، متان هو تڪڙو ٿي اچي، اسان کي پهچي، ۽ اسان تي ڪا خرابي آڻي، ۽ ترار جي ڌار سان شهر کي ماري.</verse>
				<verse number="15">۽ بادشاهہ جي نوڪرن بادشاهہ کي چيو تہ ڏس، جيڪي منهنجي ڌڻي بادشاهہ کي پسند آهي انهيءَ جي ڪرڻ لاءِ تنهنجا ٻانها تيار آهن.</verse>
				<verse number="16">پوءِ بادشاهہ نڪتو، ۽ سندس سارو گهراڻو سندس پٺيان لڳو. ۽ بادشاهہ گهر جي سنڀال لاءِ ڏهہ زالون ڇڏيون جي سريتون هيون.</verse>
				<verse number="17">۽ بادشاهہ روانو ٿيو ۽ سڀ ماڻهو سندس پٺيان ويا؛ ۽ اهي بيت مرحاق ۾ اچي ترسيا.</verse>
				<verse number="18">۽ سندس سڀ نوڪر سندس پاسي کان اچي لنگهيا؛ ۽ سڀ ڪريتي، ۽ سڀ فليتي، ۽ سڀ جاتي، جي ڇهہ سؤ ماڻهو هئا ۽ جات مان سندس پٺيان آيا هئا، سي بادشاهہ جي اڳيان لنگهيا.</verse>
				<verse number="19">تڏهن بادشاهہ اِتي جاتيءَ کي چيو تہ ڇالاءِ تون اسان سان ٿو هلين؟ موٽي وڃي بادشاهہ سان رهہ: ڇالاءِ جو تون پرديسي آهين، ۽ شهر نيڪالي بہ ڏنل آهين؛ موٽي پنهنجي جاءِ تي وڃ.</verse>
				<verse number="20">جنهن صورت ۾ تون اڃا ڪالهہ ئي آيو آهين تڏهن اڄ توکي آءٌ پاڻ سان هيڏي هوڏي ڇو رُلايان؟ ڇالاءِ جو آءٌ جيڏي وڃي سگهندس اوڏي ويندس: تون موٽي وڃ، ۽ پنهنجي ڀائرن کي بہ موٽائي وٺيو وڃ؛ شل رحم ۽ سچ توسان هجي.</verse>
				<verse number="21">تڏهن اِتيءَ بادشاهہ کي ورندي ڏئي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي جان جو قسم آهي تہ جنهن بہ هنڌ منهنجو ڌڻي بادشاهہ ويندو انهيءَ هنڌ ضرور تنهنجو ٻانهو بہ ويندو، پوءِ مري يا جيئي.</verse>
				<verse number="22">۽ دائود اِتيءَ کي چيو تہ وڃ، لنگهي هل. ۽ اِتي جاتي لنگهي هليو، ۽ سندس سڀ ماڻهو، ۽ ٻار ٻچا جي ساڻس هئا، سي بہ ساڻس لنگهي هليا.</verse>
				<verse number="23">۽ ساري ملڪ رڙيون ڪري رُنو ۽ ساري قوم لنگهي هلي: بادشاهہ بہ قدرون جي نهر لنگهيو ۽ سڀ ماڻهو بہ لنگهي بيابان جو رستو ڏئي هليا.</verse>
				<verse number="24">۽ ڏس، صدوق بہ آيو، ۽ ساڻس سڀ لاوي خدا جي عهدنامي جي صندوق کڻي هليا؛ ۽ هنن خدا جي صندوق کڻي رکي، ۽ ابياتر مٿي چڙهي ويو، جيسين ڪ سڀ ماڻهو شهر مان نڪري ويا.</verse>
				<verse number="25">تڏهن بادشاهہ صدوق کي چيو تہ خدا جي صندوق موٽائي شهر ۾ کڻي وڃ: جيڪڏهن آءٌ خداوند جي نظر ۾ مان لهندس تہ هو مون کي وري آڻيندو، ۽ اُها ۽ پنهنجي رهڻ جي جاءِ، ٻئي مون کي ڏيکاريندو:</verse>
				<verse number="26">پر جي هو چوندو تہ آءٌ تو مان خوش نہ آهيان؛ تہ ڏس، اِجهو آءٌ هتي حاضر آهيان، جيئن کيس وڻي تيئن مون سان ڪري.</verse>
				<verse number="27">بادشاهہ صدوق ڪاهن کي هيترو بہ چيو تہ تون غيب ڏسندڙ ناهين ڇا؟ سلامتيءَ سان شهر ۾ موٽي وڃ، ۽ پاڻ سان پنهنجا ٻئي پٽ، اخيمعض تنهنجو پٽ، ۽ يونتن ابياتر جو پٽ، وٺي وڃ.</verse>
				<verse number="28">ڏس، آءٌ بيابان جي لانگهن وٽ ترسي پوندس، جيسين ڪ تون مون کي خاطري ڏياري موڪليندين.</verse>
				<verse number="29">تنهنڪري صدوق ۽ ابياتر خدا جي صندوق کڻي وري يروشلم ڏي ويا: ۽ هو اتي رهڻ لڳا.</verse>
				<verse number="30">۽ دائود زيتونن جي جبل واريءَ چاڙهيءَ تي چڙهي ويو، ۽ چڙهندي روئندو ويو؛ ۽ سندس مٿو ڍڪيل ۽ پير اُگهاڙا هئا: ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن سڀني جا مٿا ڍڪيل هئا ۽ اهي مٿي چڙهندي روئندا هليا.</verse>
				<verse number="31">۽ هڪڙي ماڻهوءَ دائود کي چيو تہ اخيتفل ابي سلوم سان منصوبو ڪندڙن مان آهي. ۽ دائود چيو، تہ اي خداوند، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اخيتفل جي مشورت بدلائي بي عقلي ڪر.</verse>
				<verse number="32">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود چاڙهيءَ جي چوٽيءَ تي آيو، جتي خدا جي عبادت ڪندا هئا، تڏهن ڏس، حوسي ارڪي ڦاٽل ڪپڙن سان، مٿي ۾ مٽي وجهي هن کي گڏجڻ آيو:</verse>
				<verse number="33">۽ دائود هن کي چيو تہ جيڪڏهن تون مون سان لنگهيو هلندين تہ تون مون تي بار ٿي پوندين:</verse>
				<verse number="34">پر جي تون موٽي شهر ڏي ويندين، ۽ ابي سلوم کي چوندين تہ اي بادشاهہ، آءٌ تنهنجو ٻانهو ٿيندس؛ جيئن گذريل وقت ۾ آءٌ تنهنجي پيءُ جو ٻانهو ٿي رهيو آهيان، تيئن هاڻي آءٌ تنهنجو ٻانهو ٿيندس، تڏهن تون منهنجي خاطر اخيتفل جي مت منجهائيندين.</verse>
				<verse number="35">۽ اتي توسان صدوق ۽ ابياتر ڪاهن ناهن ڇا؟ تنهنڪري هيئن ٿيندو تہ جيڪا بہ ڳالهہ تون بادشاهہ جي گهران ٻڌين سا صدوق ۽ ابياتر ڪاهنن کي ٻڌائج.</verse>
				<verse number="36">ڏس، اتي هنن سان سندن ٻہ پٽ، اخيمعض، صدوق جو پٽ، ۽ يونتن، ابياتر جو پٽ آهن؛ ۽ انهن جي هٿان جيڪا ڳالهہ اوهين ٻڌو سا مون ڏي چوائي موڪلجو.</verse>
				<verse number="37">پوءِ حوسي، دائود جو دوست، شهر ۾ آيو، ۽ ابي سلوم بہ يروشلم ۾ پهتو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="16">
				<verse number="1">۽ جڏهن دائود چاڙهيءَ جي چوٽيءَ تان ٿورو اڳتي هليو، تڏهن ڏس، مفيبوست جو ٻانهو ضيبا ٻن زين پيلن گڏهن سان هن کي گڏيو، ۽ انهن تي ٻہ سؤ مانيون، ۽ هڪ سؤ ڪشمش جا ڇڳا، ۽ هڪ سؤ آرڙهہ جا ميوا، ۽ هڪڙي سانداري شراب جي رکيل هئي.</verse>
				<verse number="2">۽ بادشاهہ ضيبا کي چيو تہ انهن شين مان تنهنجو مطلب ڪهڙو آهي؟ ۽ ضيبا چيو تہ گڏهہ بادشاهہ جي گهر جي ڀاتين جي سواري لاءِ آهن، ۽ ماني ۽ آرڙهہ وارا ميوا جوان ماڻهن جي کائڻ لاءِ آهن؛ ۽ شراب انهيءَ لاءِ آهي تہ جيڪي بيابان ۾ ٿڪجي پون سي پيئن.</verse>
				<verse number="3">۽ بادشاهہ چيو تہ تنهنجي ڌڻيءَ جو پٽ ڪٿي آهي؟ ۽ ضيبا بادشاهہ کي چيو تہ ڏس، هو يروشلم ۾ ٿو رهي: ڇالاءِ جو هن چيو تہ اڄ اسرائيل جو گهراڻو مون کي پنهنجي پيءُ جي بادشاهي موٽائي ڏيندو.</verse>
				<verse number="4">تڏهن بادشاهہ ضيبا کي چيو تہ ڏس جيڪي مفيبوست جو آهي سو سڀ تنهنجو آهي، ۽ ضيبا چيو تہ آءٌ تعظيم بجا ٿو آڻيان: اي منهنجا سائين، اي بادشاهہ، شل آءٌ تنهنجي نظر ۾ مان لهان.</verse>
				<verse number="5">۽ جڏهن بادشاهہ دائود بحوريم ۾ آيو تڏهن ڏس، سائول جي گهراڻي جي قبيلي مان هڪڙو ماڻهو نڪري آيو، جنهن جو نالو سمعي بن جيرا هو: اهو جيئن آيو ٿي تيئن لعنتون وجهندو آيو.</verse>
				<verse number="6">۽ هن دائود تي، ۽ بادشاهہ دائود جي سڀني نوڪرن تي پهڻ اُڇلايا: ۽ سڀ ماڻهو، ۽ سڀ بهادر مرد هن جي سڄي هٿ پاسي ۽ کٻي هٿ پاسي هئا.</verse>
				<verse number="7">۽ سمعي لعنت وجهندي هيئن ٿي چيو تہ اي خوني شخص، اي شيطان آدمي، نڪري وڃ، نڪري وڃ،</verse>
				<verse number="8">خداوند سائول جي گهراڻي جو خون سمورو ئي موٽائي تو تي آڻي وڌو آهي، جنهن سائول جي جاءِ تي تو بادشاهي پئي ڪئي آهي؛ ۽ خداوند بادشاهي تنهنجي پٽ ابي سلوم جي هٿن ۾ ڏني آهي: ۽ ڏس، تون پنهنجيءَ خرابي ۾ پاڻ ڦاٿو آهين، ڇالاءِ جو تون خوني آهين.</verse>
				<verse number="9">تڏهن ابيشيءَ بن ضروياہ بادشاهہ کي چيو تہ هي مُئل ڪتو ڇو ٿو منهنجي ڌڻي بادشاهہ تي لعنت وجهي؟ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ وڃي هن جي سسي لاهيان.</verse>
				<verse number="10">۽ بادشاهہ چيو تہ اي ضروياہ جا پٽ، منهنجو اوهان سان ڇا وڃي؟ هو لعنت انهيءَ ڪري ٿو ڪري جو خداوند هن کي چيو آهي تہ دائود تي لعنت ڪر؛ تڏهن ڪير چوندو تہ تو ڇو هيئن ڪيو آهي؟</verse>
				<verse number="11">۽ دائود ابيشيءَ کي ۽ پنهنجن سڀني نوڪرن کي چيو تہ ڏس، منهنجو پٽ جو منهنجن آنڊن مان نڪتو آهي، سو منهنجي مارڻ جي پٺيان آهي: تڏهن هاڻي هي بنيميني ڪيترو نہ وڌيڪ ائين ڪري ٿو سگهي؟ ڇڏي ڏيوس تہ ڀلي پيو لعنت وجهي؛ ڇالاءِ جو خداوند هن کي حڪم ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="12">امڪان آهي تہ جيڪو ايذاءُ مون کي پهتو آهي تنهن تي خداوند نظر ڪري، ۽ هن جي مون تي لعنت وجهڻ ڪري خداوند عيوض ۾ منهنجو ڀلو ڪري.</verse>
				<verse number="13">پوءِ دائود پنهنجن ماڻهن سميت پنهنجي واٽ وٺي هليو ويو: ۽ سمعي سندس سامهون ٽڪر جو پاسو ڏئي هليو ويو، ۽ ويندي هن تي لعنتون وجهندو، ۽ هن کي پهڻ هڻندو، ۽ هن ڏي مٽي اُڇلائيندو هليو ويو.</verse>
				<verse number="14">۽ بادشاهہ ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي ٿڪجي ٽٽجي آيا؛ ۽ هن اُتي آرام وٺي پاڻ تازو ڪيو.</verse>
				<verse number="15">۽ ابي سلوم ۽ اسرائيل جا سڀ ماڻهو، يروشلم ۾ آيا، ۽ اخيتفل بہ ساڻس هو.</verse>
				<verse number="16">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود جو دوست حوسي ارڪي ابي سلوم وٽ آيو، تڏهن حوسي ابي سلوم کي چيو تہ خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي، خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي.</verse>
				<verse number="17">۽ ابي سلوم حوسيءَ کي چيو تہ پنهنجي دوست سان اها مهرباني ٿو ڪرين ڇا؟ ڇو تون پنهنجي دوست سان گڏجي نہ وئين؟</verse>
				<verse number="18">۽ حوسيءَ ابي سلوم کي چيو تہ ائين ناهي؛ آءٌ انهيءَ جو ٿيندس، ۽ انهي سان گڏ رهندس، جنهن کي خداوند، ۽ هيءَ قوم، ۽ اسرائيل جا سڀ ماڻهو پسند ڪندا.</verse>
				<verse number="19">۽ وري آءٌ ڪنهن جي خدمت ڪريان؟ آءٌ هن جي پٽ جي اڳيان خدمت نہ ڪريان ڇا؟ جيئن مون تنهنجي پيءُ جي اڳيان خدمت پي ڪئي آهي، تيئن آءٌ تنهنجي اڳيان بہ ڪندس.</verse>
				<verse number="20">تڏهن ابي سلوم، اخيتفل کي چيو تہ اوهين صلاح ڏيو تہ اسين ڇا ڪريون.</verse>
				<verse number="21">۽ اخيتفل ابي سلوم کي چيو تہ تون پنهنجي پيءُ جي سريتن وٽ وڃ، جي هن گهر جي سنڀال لاءِ ڇڏيون آهن؛ ۽ سڀ اسرائيلي ٻڌندا تہ تنهنجي پيءُ کي توکان نفرت آهي: تڏهن جيڪي ماڻهو توسان آهن تن جا هٿ مضبوط ٿيندا:</verse>
				<verse number="22">پوءِ هنن ابي سلوم جي لاءِ گهر جي ڇت تي هڪڙو تنبو کوڙيو؛ ۽ ابي سلوم ساري اسرائيل جي روبرو پنهنجي پيءُ جي سريتن وٽ ويو.</verse>
				<verse number="23">انهن ڏينهن ۾ اخيتفل جيڪا صلاح ڏيندو هو سا اهڙي هوندي هئي جهڙي ڪو ماڻهو خدا جي ڪلام کان پڇي: اخيتفل جي سڀڪا صلاح دائود جي برخلاف ابي سلوم جي لاءِ اهڙي ئي هوندي هئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="17">
				<verse number="1">تنهن کان سواءِ اخيتفل ابي سلوم کي چيو تہ هاڻي ڇڏ تہ آءٌ ٻارهن هزار ماڻهو چونڊي ڪڍان، ۽ اُٿي اڄ رات ئي دائود جي پٺيان پوان:</verse>
				<verse number="2">۽ اڃا هو ٿڪل ۽ ڪمزور هوندو تہ مٿانئس وڃي پوندس، ۽ ڊيڄاريندوسانس: ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس آهن سي سڀ ڀڄي ويندا؛ ۽ آءٌ رڳو بادشاهہ کي ماريندس:</verse>
				<verse number="3">۽ آءٌ سڀ ماڻهو موٽائي تو وٽ وٺي ايندس: جنهن ماڻهوءَ جو تون گهورو آهين، سو اهڙو آهي جهڙو ڄڻ تہ سڀ ماڻهو موٽي مليا: انهيءَ ڪري سڀ ماڻهو صحيح سلامت رهندا.</verse>
				<verse number="4">۽ اها ڳالهہ ابي سلوم، ۽ اسرائيل جي سڀني بزرگن کي ڏاڍي وڻي.</verse>
				<verse number="5">تڏهن ابي سلوم چيو تہ هاڻي ارڪي حوسيءَ کي بہ سڏيو، تہ هن جي بہ ٻڌون تہ ڇا ٿو چوي.</verse>
				<verse number="6">۽ جڏهن حوسي ابي سلوم وٽ آيو تڏهن ابي سلوم چيس تہ اخيتفل هن طرح چيو آهي: اسين هن جي چئي موجب ڪريون يا نہ؟ جي نہ تہ تون چئُہ.</verse>
				<verse number="7">تڏهن حوسيءَ ابي سلوم کي چيو تہ هن ڀيري اخيتفل جيڪا صلاح ڏني آهي سا چڱي نہ آهي.</verse>
				<verse number="8">۽ حوسيءَ هيترو بہ وڌيڪ چيو تہ تون پنهنجي پيءُ ۽ سندس ماڻهن کي سڃاڻين ٿو تہ زور ڀريا ماڻهو آهن، ۽ اهي دل ۾ اهڙا چڙيل آهن جهڙي ڪا رڇڻ جهنگ ۾ هجي، جنهن جا ٻچا چورائجي ويا هجن: ۽ تنهنجو پيءُ جنگي مرد آهي، ۽ ماڻهن سان نہ رهندو.</verse>
				<verse number="9">ڏس، هينئر هو ڪنهن غار ۾، يا ڪنهن ٻئي هنڌ لڪل هوندو: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن انهن مان ڪي پهرين مارجي ويندا، تڏهن جيڪو اها ڳالهہ ٻڌندو سو چوندو تہ ابي سلوم جي پٺيان جيڪي ماڻهو آهن تن ۾ ڪوس پيو آهي.</verse>
				<verse number="10">۽ جيڪو بهادر آهي ۽ جنهن جي دل شينهن جي دل جهڙي آهي، سو بہ بلڪل پگهرجي پاڻي ٿي ويندو، ڇالاءِ جو ساري اسرائيل کي خبر آهي تہ تنهنجو پيءُ طاقت وارو ماڻهو آهي، ۽ جيڪي ساڻس آهن سي بهادر ماڻهو آهن.</verse>
				<verse number="11">پر منهنجي صلاح آهي تہ سڀ اسرائيلي دان کان وٺي بيرسبع تائين، جي سمنڊ جي واريءَ جيترا بيشمار آهن، تن کي گڏ ڪر: ۽ تون پاڻ پنهنجي سر وڃي جنگ ڪر.</verse>
				<verse number="12">پوءِ جنهن هنڌ هو هٿ ايندو اتي هن تي ڪاهي وينداسين، ۽ ائين مٿس وڃي پونداسين جيئن ماڪ زمين تي پوندي آهي: ۽ هن کي، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ آهن تن مان هڪڙو بہ ڪين ڇڏينداسين.</verse>
				<verse number="13">تنهن کان سواءِ جي هو ڪنهن شهر ۾ هوندو تہ سڀ اسرائيلي انهيءَ شهر ۾ رسا آڻيندا، ۽ اهو اسين نديءَ ۾ گهلي وجهنداسين، جيسين ڪ هڪڙو بہ ننڍڙو پٿر اُتي نہ رهندو.</verse>
				<verse number="14">تڏهن ابي سلوم ۽ اسرائيل جي سڀني ماڻهن چيو تہ حوسي ارڪي جي صلاح اخيتفل جي صلاح کان بهتر آهي. ڇالاءِ جو خداوند اهو ارادو ڪيو هو تہ اخيتفل جي چڱي صلاح بہ اجائي ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ هو ابي سلوم تي خرابي آڻي.</verse>
				<verse number="15">تڏهن حوسيءَ، صدوق ۽ ابياتر ڪاهنن کي چيو، تہ اخيتفل، ابي سلوم ۽ اسرائيل جي بزرگن کي هيءَ ڪ هيءَ صلاح ڏني آهي. ۽ مون فلاڻي صلاح ڏني آهي.</verse>
				<verse number="16">تنهنڪري هاڻي جلدي ڪر ۽ دائود کي چوائي موڪل تہ اڄوڪي رات بيابانن جي لنگهن تي ٽڪي نہ پئو، پر ڪنهن بہ طرح پار لنگهي وڃو؛ تہ متان بادشاهہ ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس آهن سي سڀ غرق ٿي وڃن.</verse>
				<verse number="17">هاڻي يونتن ۽ اخيمعض عين راجل جي ويجهو رهيا پيا هئا؛ ۽ هڪڙي نوڪرياڻي وڃي انهن کي خبرچار ڏيندي هئي؛ ۽ اهي وڃي اها بادشاهہ کي ٻڌائيندا هئا: انهيءَ لاءِ تہ ڪو هنن کي شهر ۾ ايندو نہ ڏسي.</verse>
				<verse number="18">پر هڪڙي ڇوڪر هنن کي ڏسي ورتو، ۽ انهيءَ وڃي ابي سلوم کي ٻڌايو: ۽ هو ٻئي تڪڙا هليا ويا ۽ بحوريم ۾ هڪڙي ماڻهو جي گهر آيا، جنهن جي ايوان ۾ هڪڙو کوهہ هو؛ ۽ هو انهيءَ ۾ لهي پيا.</verse>
				<verse number="19">۽ سندس زال هڪڙو پردو کڻي کوهہ جي منهن تي وڇائي ڇڏيو، ۽ انهيءَ جي مٿان ڏريل اَن پکيڙي ڇڏيائين؛ تنهنڪري ڪابہ خبر ڪانہ ٿي پيئي.</verse>
				<verse number="20">۽ ابي سلوم جا نوڪر انهيءَ گهر ۾ انهيءَ زال وٽ آيا؛ ۽ چوڻ لڳا تہ اخيمعض ۽ يونتن ڪٿي آهن؟ ۽ انهيءَ زال ورندي ڏني تہ هو نهر جي پار لنگهي ويا؛ پوءِ هنن انهن کي ڳولهيو پر نہ لڌائون، تڏهن هو موٽي يروشلم ۾ آيا.</verse>
				<verse number="21">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو روانا ٿيا تڏهن اهي انهيءَ کوهہ مان نڪتا، ۽ وڃي دائود بادشاهہ کي خبر ڏنائون، ۽ انهن دائود کي چيو تہ اُٿو، جلدي اهو پاڻي لنگهي پار ٿيو: ڇالاءِ جو اخيتفل اوهان جي نسبت ۾ اها صلاح ڏني آهي.</verse>
				<verse number="22">تڏهن دائود ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي سڀ اُٿيا، ۽ يردن لنگهي پار ٿيا: صبح جي سوجهري ٿيڻ وقت ڌاري هڪڙو بہ ڪونہ بچيو جو يردن لنگهي هن ڀر نہ ويو.</verse>
				<verse number="23">۽ جڏهن اخيتفل ڏٺو تہ سندس صلاح تي نہ هليا آهن، تڏهن هن پنهنجي گڏهہ تي هنو رکيو، ۽ اُٿي پنهنجي شهر ڏي ويو، ۽ وڃي گهر پهتو، ۽ پنهنجي گهر جو بندوبست ڪري پاڻ کي ڦاسي ڏئي لڙڪائي ڇڏيائين؛ ۽ هو مري ويو، ۽ پنهنجي پيءُ جي قبر ۾ دفن ڪيو ويو.</verse>
				<verse number="24">پوءِ دائود محنايم ۾ آيو، ۽ ابي سلوم ۽ جيڪي اسرائيل جا ماڻهو ساڻس هئا سي سڀ يردن لنگهي هن ڀر ٿيا.</verse>
				<verse number="25">۽ ابي سلوم يوآب جي بجاءِ عماسا کي لشڪر جي مٿان مقرر ڪيو. هاڻي عماسا اترا نالي اسرائيليءَ جو پٽ هو، جو يوآب جي ماءُ، ضروياہ جي ڀيڻ ناحس جي ڌيءَ ابيجيل سان سُتو هو.</verse>
				<verse number="26">۽ اسرائيل ۽ ابي سلوم جلعاد جي ملڪ ۾ اچي تنبو هنيا.</verse>
				<verse number="27">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود محنايم ۾ آيو تڏهن سوبي بن ناحش، جو بني عمون واري ربہ جو ويٺل هو، ۽ مڪير بن عمي ايل، جو لودبار جو ويٺل هو. ۽ برزلي جلعادي، جو راجليم جو ويٺل هو،</verse>
				<verse number="28">اهي کٽولا ۽ باسڻ، ۽ مٽيءَ جا ٿانوَ، ۽ ڪڻڪ، ۽ جَوَ، ۽ اٽو، ۽ ستون، ۽ چونرا، ۽ مانهن، ۽ ڀُڳل دال،</verse>
				<verse number="29">۽ ماکي، ۽ مکڻ، ۽ رڍون، ۽ ڳائو پنير، دائود جي، ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن جي کائڻ لاءِ کڻي آيا، ڇالاءِ جو هنن چيو تہ ماڻهو بيابان ۾ بکايل، ۽ ٿڪل، ۽ اُڃايل آهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="18">
				<verse number="1">۽ دائود انهن ماڻهن جو شمار ڪيو جي ساڻس هئا، ۽ هزارن جا، ۽ سوَن جا سردار انهن تي مقرر ڪيائين.</verse>
				<verse number="2">۽ دائود ٽئين حصي جيترا ماڻهو، يوآب جي هٿ هيٺ، ۽ ٽئين حصي جيترا، يوآب جي ڀاءُ ضروياہ جي پٽ ابيشيءَ جي هٿ هيٺ، ۽ ٽئين حصي جيترا جاتي اِتيءَ جي هٿ هيٺ اڳي موڪلي ڏنا. ۽ بادشاهہ ماڻهن کي چيو تہ آءٌ پاڻ بہ اوهان سان ضرور هلندس.</verse>
				<verse number="3">پر ماڻهن چيو تہ تون اسان سان نہ هلندين: ڇالاءِ جو جي اسين ڀڄي وياسين تہ هو اسان جي ڪابہ پرواهہ نہ ڪندا؛ يا جي اسان مان اڌ جيترا کڻي مئا تہ بہ هو اسان جي ڪابہ پرواهہ نہ ڪندا: پر تون اسان جهڙن ڏهن هزارن جو مٽ آهين: تنهنڪري هاڻي بهتر ائين آهي تہ تون شهر ۾ رهي اتان اسان ڏي مدد موڪلڻ لاءِ تيار رهج.</verse>
				<verse number="4">تڏهن بادشاهہ انهن کي چيو تہ جيئن اوهان کي چڱو لڳي تيئن آءٌ ڪندس. پوءِ بادشاهہ دروازي جي پاسي ۾ بيهي رهيو، ۽ سڀ ماڻهو سؤ سؤ ٿي ۽ هزار هزار ٿي لنگهندا ويا.</verse>
				<verse number="5">۽ بادشاهہ يوآب، ۽ ابيشيءَ، ۽ اِتيءَ کي حڪم ڏيئي چيو تہ منهنجي خاطر انهيءَ جوان ماڻهوءَ سان، يعني ابي سلوم سان مروت جي هلت ڪجو. ۽ ابي سلوم جي نسبت ۾ جڏهن بادشاهہ سڀني سردارن کي فهمائش ڏني، تڏهن سڀني ماڻهن ٻڌو.</verse>
				<verse number="6">پوءِ ماڻهو اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ نڪري ميدان تي ويا: ۽ افرائيم جي ٻيلي ۾ جنگ لڳي.</verse>
				<verse number="7">۽ اتي اسرائيل جي ماڻهن دائود جي نوڪرن جي اڳيان شڪست کاڌي، ۽ انهيءَ ڏينهن تي اتي وڏو ڪوس ٿي گذريو، جو ويهہ هزار ماڻهو مئا.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو سڄي ملڪ تي جنگ پکڙجي ويئي: ۽ انهيءَ ڏينهن ترار کان وڌيڪ ٻيلو ماڻهو ڳهي ويو.</verse>
				<verse number="9">۽ اتفاق سان ابي سلوم دائود جي ماڻهن جي منهن پئجي ويو. ۽ ابي سلوم پنهنجي خچر تي چڙهيل هو، ۽ هڪڙي وڏي شاهہ بلوط جي وڻ جي ڏارن هيٺ وڃي نڪتو، ۽ سندس مٿو شاهہ بلوط ۾ ڦاسي پيو، ۽ هو آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ لٽڪي رهيو؛ ۽ خچر جيڪو سندس هيٺان هو، سو اڳتي هليو ويو.</verse>
				<verse number="10">۽ هڪڙي ماڻهوءَ ڏسي ورتس، ۽ انهيءَ وڃي يوآب کي ٻڌايو ۽ چيائينس تہ ڏس مون ابي سلوم کي هڪڙي شاهہ بلوط ۾ لٽڪندو ڏٺو آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ يوآب انهيءَ خبر ڏيڻ واري ماڻهوءَ کي چيو تہ جڏهن تو انهيءَ کي ڏٺو تڏهن ڇو نہ هن کي ڌڪ هڻي ماري زمين تي ڪيرائي وڌءِ؟ ۽ آءٌ جيڪر توکي ڏهہ چانديءَ جا سڪا، ۽ هڪڙو ڪمربند ڏيان ها.</verse>
				<verse number="12">۽ انهيءَ ماڻهو يوآب کي چيو تہ مون کي کڻي هزار چانديءَ جا سڪا هٿ ۾ ملن ها تہ بہ آءٌ بادشاهہ جي پٽ تي پنهنجو هٿ نہ هلايان ها: ڇالاءِ جو اسان جي ٻڌندي بادشاهہ توکي، ۽ ابيشيءَ کي، ۽ اِتيءَ کي، تاڪيد ڪري چيو هو تہ خبردار رهجو متان انهيءَ جوان ماڻهوءَ ابي سلوم کي ڪوبہ هٿ لائي.</verse>
				<verse number="13">نہ تہ جيڪڏهن آءٌ هن جي جان کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪا بي ايمانيءَ جي هلت ڪريان ها، (۽ ڪابہ ڳالهہ بادشاهہ کان لڪل نہ ٿي رهي) تہ جيڪر تون پاڻ پري ٿي بيهين ها.</verse>
				<verse number="14">تڏهن يوآب چيو تہ انهيءَ طرح آءٌ تو وٽ وڌيڪ ترسي نٿو سگهان. ۽ هن ٽي تير هٿ ۾ کڻي ابي سلوم جي دل مان لنگهائي وڌا، جڏهن اڃا هو جيئرو جاڳندو شاهہ بلوط جي وچ ۾ هو.</verse>
				<verse number="15">۽ ڏهہ جوان ماڻهو، جي يوآب جا زرهہ بردار هئا، سي ابي سلوم کي چوڌاري ڦري آيا، ۽ کيس ماري وڌائون.</verse>
				<verse number="16">پوءِ يوآب قرناءِ وڄائي ۽ ماڻهو جي اسرائيل جي پٺيان ويا هئا، سي موٽي آيا: ڇالاءِ جو يوآب ماڻهن کي روڪي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="17">۽ هنن ابي سلوم کي کنيو ۽ ٻيلي ۾ هڪڙيءَ وڏيءَ کڏ ۾ اُڇلائي وڌائونس، ۽ مٿانئس پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير ڪري ڇڏيائون: ۽ سڀ اسرائيلي ڀڄي پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ڏي ويا.</verse>
				<verse number="18">هاڻي ابي سلوم پنهنجي جيئري هڪڙو ٿنڀ، جو بادشاهہ جي واديءَ ۾ آهي، پنهنجي لاءِ کڙو ڪيو هو: ڇالاءِ جو هن چيو تہ مون کي ڪو پٽ ڪونهي جو منهنجي نالي جي يادگيري قائم رکي: ۽ انهيءَ ٿنڀ تي هن پنهنجو نالو رکيو: ۽ اُهو اڄ ڏينهن تائين ابي سلوم جي يادگار سڏبو آهي.</verse>
				<verse number="19">تنهن کان پوءِ صدوق جي پٽ اخيمعض چيو تہ هاڻي مون کي موڪل ڏي تہ ڊوڙي وڃي بادشاهہ کي خبر ڏيان تہ ڪيئن خداوند سندس دشمنن کان وير ورتو آهي.</verse>
				<verse number="20">۽ يوآب هن کي چيو تہ اڄ تون اها خبر نہ کڻي وڃ، پر ڪنهن ٻئي ڏينهن اها کڻي وڃجانءِ، اڄ هن ڪري خبر نہ کڻي وڃ جو بادشاهہ جو پٽ مري ويو آهي.</verse>
				<verse number="21">تڏهن يوآب ڪوشيءَ کي چيو تہ جيڪي تو ڏٺو آهي سو وڃي بادشاهہ کي ٻڌاءِ. ۽ ڪوشي يوآب کي سجدو ڪري اُٿي ڀڳو.</verse>
				<verse number="22">تڏهن صدوق جي پٽ اخيمعض وري بہ يوآب کي چيو تہ ڪجهہ بہ ٿي پوي تہ بہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ آءٌ بہ انهيءَ ڪوشيءَ جي پٺيان ڊوڙي وڃان. ۽ يوآب چيو تہ اي منهنجا پٽ جڏهن تون ڏسين ٿو، تہ انهيءَ خبر ڏيڻ لاءِ توکي ڪوبہ انعام نہ ملندو تڏهن ڇو ٿو وڃين؟</verse>
				<verse number="23">پر هن چيو تہ ڪجهہ بہ ٿي پوي تہ بہ آءٌ ويندس. ۽ هن چيس تہ ڊوڙي وڃ. تڏهن اخيمعض ميدان وارو رستو ڏئي اُٿي ڀڳو ۽ انهيءَ ڪوشيءَ کان اڳي نڪري ويو.</verse>
				<verse number="24">هاڻي دائود ٻن درن جي وچ ۾ ويٺو هو: ۽ پهري وارو دروازي جي ڇت تي چڙهي ڀت تائين ويو، ۽ اکيون مٿي کڻي نهاري ڏسي تہ هڪڙو ماڻهو اڪيلو ڊوڙي پيو اچي.</verse>
				<verse number="25">۽ پهري واري رڙ ڪري بادشاهہ کي ٻڌايو، ۽ بادشاهہ چيو تہ جي اهو اڪيلو آهي تہ سندس وات ۾ خبر آهي، ۽ هو تکو ڊوڙندو آيو ۽ اچي ويجهو پيو.</verse>
				<verse number="26">۽ پهري واري ٻئي ماڻهو کي بہ ڊوڙندو ايندو ڏٺو: ۽ پهري واري دربان کي سڏي چيو تہ ڏس ٻيو ماڻهو بہ اڪيلو ڊوڙندو اچي. تڏهن بادشاهہ چيو تہ هو بہ خبر ٿو آڻي.</verse>
				<verse number="27">۽ پهري واري چيو تہ منهنجي خيال ۾ جيڪو اڳي ڊوڙندو اچي سو صدوق جي پٽ اخيمعض جهڙو ٿو ڊوڙي، ۽ بادشاهہ چيو تہ اهو چڱو ماڻهو آهي، ۽ چڱي خبر ٿو آڻي.</verse>
				<verse number="28">۽ اخيمعض وڏي سڏ بادشاهہ کي چيو تہ ٻيو سڀ خير آهي. ۽ هن منهن زمين تي رکي بادشاهہ جي اڳيان سجدو ڪيو، ۽ چوڻ لڳو تہ خداوند تنهنجو خدا برڪت وارو هجي، جو جن ماڻهن منهنجي ڌڻي بادشاهہ تي پنهنجو هٿ کنيو تن کي هن اسان جي حوالي ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="29">تڏهن بادشاهہ چيو تہ اُهو جوان ماڻهو ابي سلوم تہ سلامت آهي؟ ۽ اخيمعض ورندي ڏني تہ جڏهن يوآب بادشاهہ جي ٻانهي کي، يعني مون تنهنجي ٻانهي کي روانو ڪيو، تڏهن مون هڪڙو وڏو گوڙ ڏٺو، پر مون کي خبر نہ پيئي تہ ڇا جو هو.</verse>
				<verse number="30">۽ بادشاهہ چيو تہ پاسي ٿي هيڏي بيهي رهہ. ۽ هو ماٺ ڪري پاسي تي بيهي رهيو.</verse>
				<verse number="31">۽ ڏس، اُهو ڪوشي آيو؛ ۽ ڪوشيءَ چيو تہ منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي لاءِ خبر: ڇالاءِ جو خداوند اڄوڪي ڏينهن تنهنجو وير سڀني ماڻهن کان ورتو آهي جن تنهنجي برخلاف ڪمر ٻڌي هئي.</verse>
				<verse number="32">۽ بادشاهہ ڪوشيءَ کي چيو تہ جوان ماڻهو ابي سلوم سان تہ خير آهي؟ ۽ ڪوشيءَ ورندي ڏني تہ منهنجي ڌڻي بادشاهہ جا دشمن، ۽ جي توکي ايذاءُ رسائڻ لاءِ تنهنجي برخلاف کڙا ٿين، تن جو شل اهڙو حال ٿئي جهڙو انهي جوان ماڻهو جو ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="33">تڏهن بادشاهہ ڏاڍو بي آرام ٿيو، ۽ دروازي جي مٿان جا جاءِ هئي تنهن ۾ وڃي روئڻ لڳو: ۽ ويندي هيئن چوندو ويو تہ اي منهنجا پٽ ابي سلوم، منهنجا پٽ، منهنجا پٽ ابي سلوم، شل آءٌ تنهنجي بدران مران ها تہ چڱو هو، هاءِ ابي سلوم، منهنجا پٽ، منهنجا پٽ!</verse>
			</chapter>
			<chapter number="19">
				<verse number="1">۽ يوآب کي چيو ويو تہ ڏس، بادشاهہ ابي سلوم جي لاءِ روئي ٿو ۽ ماتم ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="2">۽ انهيءَ ڏينهن سڀني ماڻهن جي لاءِ فتح بدلجي ماتم ٿي پيئي: ڇالاءِ جو ماڻهن انهيءَ ڏينهن هيئن چوندي ٻڌو تہ بادشاهہ پنهنجي پٽ لاءِ غمگين آهي.</verse>
				<verse number="3">۽ ماڻهو انهيءَ ڏينهن لڪ چوري شهر ۾ گهڙي آيا، جهڙي طرح اهي ماڻهو جي جنگ ۾ ڀڄي ويندا آهن، ۽ شرم کان لڪي نڪري ويندا آهن.</verse>
				<verse number="4">۽ بادشاهہ پنهنجو منهن ڍڪي رڙيون ڪري پئي چيو تہ، هاءِ ابي سلوم منهنجا پٽ، هاءِ ابي سلوم، منهنجا پٽ، منهنجا پٽ!</verse>
				<verse number="5">تڏهن يوآب بادشاهہ جي گهر گهڙي آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ جن تنهنجن ٻانهن اڄ تنهنجي حياتي، ۽ تنهنجن پٽن، ۽ تنهنجين ڌيئرن جون حياتيون، ۽ تنهنجين زالن، ۽ تنهنجين سريتن جون حياتيون بچايون آهن، تن سڀني جا منهن تو اڄ شرمندا ڪيا آهن؛</verse>
				<verse number="6">جو تون انهن کي پيار ڪرين ٿو جي توکي ڌڪارين ٿا، ۽ انهن کي ڌڪارين ٿو جي توکي پيار ٿا ڪن. ڇالاءِ جو تو اڄوڪي ڏينهن ظاهر ڪيو آهي، تہ سردار توڙي ٻانها، تنهنجي اڳيان ڪي ڪين آهن: ڇالاءِ جو اڄ آءٌ ڏسان ٿو تہ جي ابي سلوم جيئرو هجي ها، ۽ اسين سڀ مري وڃون ها تہ جيڪر تون ڏاڍو خوش ٿين ها.</verse>
				<verse number="7">تنهن ڪري هاڻي اُٿ، ۽ هلي پنهنجن ٻانهن سان خوش ٿي ڳالهاءِ: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند جو قسم ٿو کڻان تہ جي تون ٻاهر نہ هلندين تہ اڄ رات تو وٽ هڪڙو ماڻهو بہ ڪين ٽڪندو: ۽ اها ڳالهہ تنهنجي لاءِ سڀني خرابين کان بڇڙي ٿيندي، جي ننڍي هوندي کان وٺي هيستائين توکي پئي پهتيون آهن.</verse>
				<verse number="8">تڏهن بادشاهہ اُٿيو، ۽ دروازي ۾ ويٺو. ۽ سڀني ماڻهن کي چيائون تہ ڏسو، بادشاهہ دروازي ۾ ويٺو آهي: پوءِ سڀ ماڻهو بادشاهہ جي اڳيان آيا.</verse>
				<verse number="9">هاڻي سڀ اسرائيلي پنهنجن پنهنجن تنبن ڏي ڀڄي ويا هئا. ۽ اسرائيل جي سڀني فرقن ۾ تڪرار ٿي پيو، ۽ هو چوڻ لڳا تہ بادشاهہ اسان کي اسانجن دشمنن جي هٿان ڇڏايو آهي، ۽ اسان کي فلستين جي هٿان بچايو آهي؛ پر هاڻي هو ابي سلوم جي ڪري ملڪ مان ڀڄي ويو آهي.</verse>
				<verse number="10">۽ ابي سلوم جنهن کي اسان مسح ڪري پنهنجي مٿان مقرر ڪيو سو جنگ ۾ مري ويو آهي. تنهنڪري هاڻي ڇو اوهين بادشاهہ کي موٽي وٺي اچڻ جو ذڪر ئي نٿا ڪريو؟</verse>
				<verse number="11">۽ بادشاهہ دائود، صدوق ۽ ابياتر ڪاهنن کي سڏائي چيو، تہ يهوداہ جي بزرگن کي چئو تہ ڇو اوهين بادشاهہ کي پنهنجي گهر موٽائي آڻڻ ۾ سڀني کان پوءِ پيا آهيو؟ جڏهن ڏسو ٿا تہ سڀني اسرائيلين بادشاهہ کي موٽي پنهنجي گهر اچڻ لاءِ چيو آهي.</verse>
				<verse number="12">اوهين منهنجا ڀائر آهيو، اوهين منهنجو هڏ ۽ ماس آهيو: تڏهن ڇو اوهين بادشاهہ کي موٽائي آڻڻ ۾ پوئتي پيا آهيو؟</verse>
				<verse number="13">۽ اوهين عماسا کي چئو تہ تون منهنجو هڏ ۽ ماس ناهين ڇا؟ جيڪڏهن تون منهنجي اڳيان هميشہ جي لاءِ يوآب جي بجاءِ لشڪر جو سردار نہ هجين، تہ شل خدا مون سان ائين ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.</verse>
				<verse number="14">۽ هن يهوداہ جي سڀني ماڻهن جي دل اهڙي موڙي ڇڏي جهڙي هڪڙي ماڻهوءَ جي دل؛ جو انهن بادشاهہ ڏي چوائي موڪليو تہ تون ۽ تنهنجا نوڪر سڀ موٽي اچو.</verse>
				<verse number="15">تڏهن بادشاهہ موٽيو ۽ يردن وٽ آيو. ۽ يهوداہ جلجال تائين آيا، انهيءَ لاءِ تہ بادشاهہ جو استقبال ڪري هن کي يردن جي پار وٺي وڃن.</verse>
				<verse number="16">۽ سمعي بن جيرا بنيميني، جو بحوريم جو هو، سو بہ بادشاهہ دائود جي استقبال لاءِ تڪڙو ڪوچ ڪري لهي اچي يهوداہ جي ماڻهن سان گڏيو.</verse>
				<verse number="17">۽ انهيءَ سان هزار بنيمين جا ماڻهو، ۽ سائول جي گهراڻي جا نوڪر ضيبا، ۽ سندس پندرهن پٽ، ۽ ويهہ ٻانها گڏ هئا، ۽ اهي بادشاهہ جي اڳيان يردن لنگهيا.</verse>
				<verse number="18">۽ هڪڙي پتڻ جي ٻيڙي، بادشاهہ جي گهراڻي جي پار لنگهائڻ لاءِ، ۽ سندس خدمت لاءِ ويئي. ۽ سمعي بن جيرا يردن لنگهڻ کان پوءِ اچي بادشاهہ جي اڳيان سجدو ڪيو.</verse>
				<verse number="19">۽ هن تڏهن بادشاهہ کي چيو تہ منهنجو ڌڻي مون تي ڪو قصور نہ رکي، ۽ نہ منهنجو ڌڻي اهو ڪم ياد رکي دل ۾ ڪري، جو تنهنجي ٻانهي ڏنگائي ڪري انهيءَ ڏينهن ڪيو هو، جنهن ڏينهن منهنجو ڌڻي بادشاهہ نڪري يروشليم مان ويو هو.</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ جو تنهنجو ٻانهو ڄاڻي ٿو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: تنهنڪري ڏس اڄ آءٌ، يوسف جي ساري خاندان مان سڀ کان اول پنهنجي ڌڻي بادشاهہ جي استقبال لاءِ آيو آهيان.</verse>
				<verse number="21">پر ابيشي بن ضروياہ ورندي ڏئي چيو تہ انهيءَ لاءِ سمعيءَ کي قتل نہ ڪبو ڇا، جو هن خداوند جي مسح ڪيل تي لعنت وڌي؟</verse>
				<verse number="22">تڏهن دائود چيو تہ اي ضروياہ جا پٽ، منهنجو اوهان سان ڇا وڃي، جو اوهين اڄ منهنجا مخالف ٿيو؟ اڄوڪي ڏينهن اسرائيل ۾ ڪو ماڻهو قتل ڪبو ڇا؟ ڇالاءِ جو آءٌ نٿو ڄاڻان ڇا تہ اڄ آءٌ اسرائيل جي مٿان بادشاهہ آهيان؟</verse>
				<verse number="23">۽ بادشاهہ سمعيءَ کي چيو تہ تون نہ مرندين. ۽ بادشاهہ ساڻس قسم کنيو.</verse>
				<verse number="24">۽ سائول جو پٽ مفيبوست بادشاهہ جي استقبال لاءِ لهي آيو؛ ۽ جنهن ڏينهن بادشاهہ روانو ٿيو تنهن کان وٺي وري صحيح سلامت موٽي گهر اچڻ جي ڏينهن تائين هن نہ پنهنجا پير ڌوتا هئا، نہ پنهنجي ڏاڙهي ڪتري هئائين، ۽ نہ پنهنجا ڪپڙا ڌوتا هئائين.</verse>
				<verse number="25">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو بادشاهہ کي گڏجڻ لاءِ يروشلم ۾ آيو تڏهن بادشاهہ هن کي چيو تہ اي مفيبوست، تون ڇو مون سان گڏجي نہ هلئين؟</verse>
				<verse number="26">تڏهن هن ورندي ڏني تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، منهنجي نوڪر مون سان ٺڳي ڪئي: ڇالاءِ جو تنهنجي ٻانهي چيو تہ آءٌ پنهنجي لاءِ گڏهہ ٿو پلاڻيان تہ انهيءَ تي چڙهي بادشاهہ سان وڃان؛ ڇالاءِ جو تنهنجو ٻانهو منڊو آهي.</verse>
				<verse number="27">۽ هن منهنجي ڌڻي بادشاهہ وٽ تنهنجي ٻانهي جي شڪايت ڪئي آهي؛ پر منهنجو ڌڻي بادشاهہ خدا جي هڪڙي ملائڪ جهڙو آهي: تنهنڪري جيڪي تنهنجي نظر ۾ مناسب اچي تيئن ڪر.</verse>
				<verse number="28">ڇالاءِ جو منهنجي پيءُ جو سارو گهراڻو منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي اڳيان ڄڻ تہ مُئل ماڻهو هئا: انهيءَ هوندي بہ تو پنهنجي ٻانهي کي انهن جي قطار ۾ داخل ڪيو جي خود تنهنجي دسترخاني تي ماني ٿا کائين. تنهنڪري ايتري ڪئي بہ مون کي ڪهڙو حق آهي تہ آءٌ بادشاهہ وٽ دانهن ڪريان؟</verse>
				<verse number="29">تڏهن بادشاهہ هن کي چيو تہ انهن ڳالهين جو وڌيڪ ذڪر ڇو ٿو ڪرين؟ آءٌ چوان ٿو تہ تون ۽ ضيبا زمين ورهائي وٺو.</verse>
				<verse number="30">۽ مفيبوست بادشاهہ کي چيو تہ جنهن صورت منهنجو ڌڻي بادشاهہ صحيح سلامت پنهنجي گهر موٽي آيو آهي تڏهن هو ڀلي سڀ هٿ ڪري.</verse>
				<verse number="31">۽ برزلي جلعادي رجليم مان لهي آيو؛ ۽ بادشاهہ سان گڏ يردن جي هن ڀر ويو، انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ کي يردن جي پريان سونهون ٿي وٺي وڃي.</verse>
				<verse number="32">هاڻي برزلي هڪڙو تمام ٻڍو ماڻهو هو، ۽ اسي ورهين جي عمر جو هو: ۽ جڏهن بادشاهہ محنايم ۾ هو تڏهن هن کي سرسات موجود ڪري ڏني هئائين: ڇالاءِ جو هو تمام وڏو ماڻهو هو.</verse>
				<verse number="33">۽ بادشاهہ برزليءَ کي چيو تہ تون مون سان پار لنگهي هل تہ آءٌ يروشلم ۾ پاڻ وٽ تنهنجي پرورش ڪريان.</verse>
				<verse number="34">۽ برزليءَ بادشاهہ کي چيو تہ منهنجي عمر جي ورهين جا ڏينهن ڪيترا آهن جو آءٌ بادشاهہ سان يروشلم ڏي هلان؟</verse>
				<verse number="35">آءٌ اڄ اسي ورهين جو آهيان: آءٌ چڱي ۽ بڇڙي جي وچ ۾ تميز ڪري سگهان ٿو ڇا؟ جيڪي آءٌ کاوان ٿو، يا پيئان ٿو، انهيءَ جو مزو تنهنجو ٻانهو چکي سگهي ٿو ڇا؟ آءٌ ڪو هاڻي ڳائيندڙ مردن ۽ زالن جو آواز ٻڌي سگهان ٿو ڇا؟ تڏهن ڇو تنهنجو ٻانهو منهنجي ڌڻي بادشاهہ تي اڃا بہ بوجو ٿي پوي؟</verse>
				<verse number="36">تنهنجو ٻانهو رڳو بادشاهہ سان گڏ يردن پار لنگهندو: ۽ ڇالاءِ بادشاهہ مون کي انهيءَ جي عيوض اهڙو انعام عطا ڪري؟</verse>
				<verse number="37">آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي ٻانهي کي ڇڏ تہ موٽي وڃان، تہ آءٌ پنهنجي شهر ۾، پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ماءُ جي قبر جي پاسي ۾ وڃي مران. پر ڏس، تنهنجو غلام ڪمهام، ڀلي تہ اهو منهنجي ڌڻيءَ بادشاهہ سان گڏجي پار لنگهي؛ ۽ جيڪي توکي وڻي سو انهيءَ سان ڪر.</verse>
				<verse number="38">۽ بادشاهہ ورندي ڏني تہ ڪمهام مون سان گڏجي پار هلندو، ۽ آءٌ ساڻس ائين ڪندس جيئن توکي مناسب ڏسڻ ۾ ايندو: ۽ جيڪي تون مون کان گهرندين سو آءٌ تنهنجي لاءِ ڪندس.</verse>
				<verse number="39">۽ سڀ ماڻهو يردن لنگهي پار ويا، ۽ بادشاهہ بہ پار لنگهيو: پوءِ بادشاهہ برزليءَ کي چُمي ڏني، ۽ دعا ڪيائينس؛ ۽ هو پنهنجي جاءِ ڏي موٽي ويو.</verse>
				<verse number="40">انهيءَ طرح بادشاهہ جلجال ڏي لنگهي ويو، ۽ ڪمهام ساڻس گڏ ويو: ۽ يهوداہ جي ساري قوم ۽ اسرائيل جي اڌ قوم بہ بادشاهہ کي لنگهائي وٺي آئي.</verse>
				<verse number="41">۽ ڏس، اسرائيل جا سڀ ماڻهو بادشاهہ وٽ آيا ۽ بادشاهہ کي چيائون تہ ڇالاءِ اسان جا ڀائر يهوداہ جا ماڻهو توکي چورائي ويا آهن، ۽ بادشاهہ ۽ سندس گهراڻي کي، ۽ دائود جي سڀني ماڻهن کي انهيءَ سان گڏ وٺي ويا آهن؟</verse>
				<verse number="42">۽ يهوداہ جي سڀني ماڻهن اسرائيل جي ماڻهن کي ورنديءَ ۾ چيو تہ هن ڪري جو بادشاهہ اسان جو ويجهو مائٽ آهي: تڏهن اوهين انهيءَ ڪري ڇو ٿا ڪاوڙجو؟ اسان بادشاهہ جي خرچ تي ڪي کاڌو آهي ڇا؟ يا هن اسان کي ڪا بخشش ڏني آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="43">۽ اسرائيل جي ماڻهن يهوداہ جي ماڻهن کي ورندي ڏيئي چيو تہ اسان جون بادشاهہ ۾ ڏهہ پتيون آهن، ۽ دائود ۾ اسان جو اوهان کان زيادہ حق بہ آهي: تڏهن اوهان اسان کي ڇو ٿي حقير سمجهيو، جو اسان جي بادشاهہ کي موٽائي آڻڻ ۾ پهرين اسان جي صلاح نہ ورتوَ؟ ۽ يهوداہ جي ماڻهن جون ڳالهيون اسرائيل جي ماڻهن جي ڳالهين کان وڌيڪ شوخ هيون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="20">
				<verse number="1">۽ اتفاق سان اتي هڪڙو بدمعاش بنيميني هو جنهن جو نالو سبع بن بڪري هو. ۽ انهيءَ قرناءِ وڄائي چيو تہ اسان جي دائود ۾ ڪابہ پتي ڪانہ آهي، نڪي يسيءَ جي پٽ ۾ ڪوبہ ورثي جو حق آهي: اي اسرائيليو، سڀڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ۾ وڃي.</verse>
				<verse number="2">تڏهن اسرائيل جا سڀ ماڻهو دائود جي پٺ ڇڏي بڪري جي پٽ سبع جي پٺيان لڳا: پر يهوداہ جا ماڻهو يردن کان وٺي يروشلم تائين پنهنجي بادشاهہ سان لڳا آيا.</verse>
				<verse number="3">۽ دائود يروشلم ۾ پنهنجي گهر آيو؛ ۽ جيڪي ڏهہ زالون بادشاهہ جون سريتون هيون ۽ جن کي هو گهر جي سنڀال لاءِ ڇڏي ويو هو، تن کي هن کڻي بند ۾ وڌو، ۽ اتي کاڌو پهچائي پئي ڏنائين، پر ساڻن صحبت ڪانہ ٿي ڪيائين. انهيءَ طرح هو مرڻ جي ڏينهن تائين بند ٿيون پيون هيون، ۽ رناپڻ ۾ گذارينديون آيون.</verse>
				<verse number="4">تڏهن بادشاهہ عماسا کي چيو تہ ٽن ڏينهن جي اندر مون کي يهوداہ جا ماڻهو گڏ ڪري آڻي ڏي، ۽ تون پاڻ بہ حاضر ٿج.</verse>
				<verse number="5">تنهنڪري عماسا يهوداہ جي ماڻهن کي سڏي گڏ ڪرڻ لاءِ ويو: پر جيڪو وقت هن سندس لاءِ مقرر ڪيو هو تنهن کان وڌيڪ هو ترسي پيو.</verse>
				<verse number="6">۽ دائود ابيشيءَ کي چيو تہ هاڻي بڪريءَ جو پٽ سبع اسان کي ابي سلوم کان بہ زيادہ نقصان پهچائيندو: تون پنهنجي ڌڻيءَ جا نوڪر وٺي وڃ ۽ انهيءَ جي پٺيان ڪاهي وڃ، متان هو پنهنجي لاءِ قلعي وارا شهر هٿ ڪري، ۽ ماڻهن جي نظر کان گم ٿي وڃي.</verse>
				<verse number="7">۽ انهيءَ جي پٺيان يوآب جا ماڻهو ۽ قريتي ۽ فليتي ۽ سڀ بهادر مرد ويا: ۽ اهي يروشلم مان نڪتا، ۽ سبع بن بڪريءَ جي پٺيان پيا.</verse>
				<verse number="8">۽ جڏهن اهي انهيءَ وڏي پٿر وٽ پهتا جو جبعون ۾ آهي، تڏهن عماسا انهن جي گڏجڻ لاءِ آيو، ۽ يوآب کي جنگ جي پوشاڪ پيل هئي جا هن ڍڪي هئي، ۽ انهيءَ جي مٿان هڪڙو ڪمربند چيلهہ سان ٻڌل هوس جنهن سان ترار هئي، جا پنهنجي کپ ۾ پيل هئي؛ ۽ جيئن هو هلڻ لڳو تيئن اها ٻاهر ڪري پيئي.</verse>
				<verse number="9">۽ يوآب سڄي هٿ سان عماسا جي ڏاڙهي ورتي، انهي لاءِ تہ هن کي چُمي ڏي.</verse>
				<verse number="10">پر جيڪا ترار يوآب کي هٿ ۾ هئي تنهن تي عماسا ڪوبہ ڌيان ڪونہ ڏنو: تنهنڪري هن اها سندس پيٽ ۾ لنگهائي وڌي، ۽ انهيءَ جا آنڊا ڪڍي زمين تي ڪيرائي وڌائين، ۽ وري ٻيو ڌڪ نہ هنيائينس؛ ۽ هو مري ويو. پوءِ يوآب ۽ سندس ڀاءُ ابيشيءَ، سبع بن بڪريءَ جي پٺيان پيا.</verse>
				<verse number="11">۽ يوآب جي جوان ماڻهن مان هڪڙو انهيءَ جي پاسي بيٺل هو، تنهن چيو تہ جيڪو يوآب جي پاسي آهي، ۽ جيڪو دائود جي طرف آهي، سو يوآب جي پٺيان لڳي.</verse>
				<verse number="12">۽ عماسا شاهي سڙڪ جي وچ ۾ پنهنجي رت ۾ ليٿڙيون پئي پاتيون. ۽ جڏهن انهيءَ ماڻهو ڏٺو تہ سڀ ماڻهو ماٺ ڪيو بيٺا آهن تڏهن هو عماسا کي شاهي سڙڪ تان کڻي ميدان ڏي ويو، ۽ جڏهن ڏٺائين تہ جيڪو ٿو انهي پاسي اچي سو ماٺ ڪري بيهندو وڃي تڏهن هن جي مٿان ڪپڙو وجهي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="13">جڏهن هو شاهي سڙڪ تان کڄي ويو تڏهن سڀ ماڻهو يوآب جي پٺيان ويا، انهيءَ لاءِ تہ سبع بن بڪريءَ جي پٺيان ڪاهي وڃن.</verse>
				<verse number="14">۽ هو اسرائيل جي سڀني فرقن وچان لنگهي ابيل، ۽ بيت معڪہ، ۽ سڀني بيرين ڏانهن ويو: ۽ اهي بہ سڀ گڏ ٿي هن جي پٺيان ويا.</verse>
				<verse number="15">۽ هنن اچي بيت معڪہ جي ابيل ۾ هن کي گهيرو ڪيو، ۽ هنن شهر جي سامهون هڪڙو وڏو بند ٻڌو، ۽ اهو قلعي جي ڀت جي آڏو بيٺل هو: ۽ جيڪي ماڻهو يوآب سان هئا سي ڀت کي ڪيرائڻ لاءِ انهي کي ڌڪ هڻڻ لڳا.</verse>
				<verse number="16">تڏهن شهر مان هڪڙيءَ زال رڙ ڪري چيو تہ ڪن ڏيو، ٻڌو؛ آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ اوهين يوآب کي چئو تہ هيڏي ويجهو اچ تہ آءٌ توسان ڳالهايان.</verse>
				<verse number="17">۽ هو انهيءَ زال کي ويجهو آيو: ۽ زال چيس تہ تون يوآب آهين؟ ۽ هن چيو تہ هائو آءٌ آهيان. تڏهن زال چيس تہ پنهنجي ٻانهيءَ جي ڳالهہ ٻڌ. ۽ هن ورنديءَ ۾ چيو تہ آءٌ ٻڌان ٿو.</verse>
				<verse number="18">تڏهن زال چيو تہ اڳين زماني ۾ چوندا هئا تہ هو ابيل مان ضرور صلاح پڇندا: انهيءَ طرح ڳالهہ جو فيصلو ٿيندو هو.</verse>
				<verse number="19">۽ آءٌ انهن مان آهيان جي اسرائيل ۾ صلح پسند ۽ ديانت دار آهن: تون اسرائيل ۾ هڪ شهر بلڪ ماءُ کي برباد ڪرڻ جي خواهش ٿو رکين: تون خداوند جي ميراث کي ڳڙڪائڻ ٿو گهرين؟</verse>
				<verse number="20">۽ يوآب ورندي ڏيئي چيو تہ شل مون کان ائين نہ ٿئي تہ ڪي ڳڙڪايان يا برباد ڪريان.</verse>
				<verse number="21">حقيقت ائين ناهي: پر افرائيم جي ڪوهستان جو هڪڙو ماڻهو، جنهن جو نالو سبع بن بڪري آهي، تنهن بادشاهہ تي، يعني دائود تي، پنهنجو هٿ کنيو آهي: رڳو انهي جي ٻانهن ڪڍي ڏي تہ آءٌ شهر مان هليو ويندس. ۽ زال يوآب کي چيو تہ ڏس، انهيءَ جي سسي ڀت تان اُڇلائي توکي ڏني ويندي.</verse>
				<verse number="22">تڏهن اُها زال سياڻپ ڪري سڀني ماڻهن وٽ ويئي. ۽ هنن سبع بن بڪريءَ جي سسي وڍي ٻاهر يوآب کي اُڇلائي ڏني. پوءِ هن قرناءِ وڄائي، ۽ هو شهر مان نڪري پکڙي پيا، ۽ سڀڪو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ڏي هليو ويو. ۽ يوآب موٽي يروشلم ۾ بادشاهہ وٽ ويو.</verse>
				<verse number="23">هاڻي يوآب اسرائيل جي ساري لشڪر جي مٿان هو: ۽ بناياہ بن يهويدع ڪريتين ۽ فلستين جي مٿان هو:</verse>
				<verse number="24">۽ ادورام ڍل اُڳاڙڻ تي هو: ۽ يهوسفط بن اخيلود دفتردار هو:</verse>
				<verse number="25">۽ سوا محرر هو: ۽ صدوق ۽ ابياتر ڪاهن هئا:</verse>
				<verse number="26">۽ عيرا يائري بہ دائود جو ڪاهن هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="21">
				<verse number="1">۽ دائود جي ڏينهن ۾ ٽي سال ساندهہ ڏڪار پيو؛ ۽ دائود خداوند جي حضور ۾ دعا گهري. ۽ خداوند فرمايو تہ سائول جي سبب، ۽ سندس خوني گهراڻي جي سبب اهو حال ٿيو آهي، جو هن جبعونين کي قتل ڪيو.</verse>
				<verse number="2">تڏهن بادشاهہ جبعونين کي سڏي چيو؛ (هاڻي اهي جبعوني بني اسرائيل مان نہ هئا پر باقي بچيل امورين مان هئا؛ ۽ بني اسرائيل هنن سان قسم کنيو هو: ۽ سائول بني اسرائيل ۽ بني يهوداہ جي جوش ۾ هنن کي قتل ڪرڻ ٿي گهريو:)</verse>
				<verse number="3">۽ دائود جبعونين کي چيو تہ آءٌ اوهان جي لاءِ ڇا ڪريان؟ ۽ ڪهڙي طرح انهيءَ گناهہ جو عيوض ڏيان تہ اوهين خداوند جي ميراث لاءِ دعا گهرو؟</verse>
				<verse number="4">۽ جبعونين هن کي چيو تہ اهو اسان ۽ دائود يا سندس گهراڻي جي وچ ۾، ڪو سون يا روپي جو تڪرار نہ آهي؛ نڪي اسان کي اسرائيل مان ڪنهن کي مارڻو آهي. تڏهن هن چيو تہ جيئن اوهين چوندا تيئن آءٌ ڪندس.</verse>
				<verse number="5">۽ هنن بادشاهہ کي چيو تہ جنهن ماڻهوءَ اسان کي چٽ ڪيو ۽ اسان جي برخلاف اها رٿ ڪيائين تہ اسين اسرائيل جي ڪنهن بہ سرحد ۾ رهڻ کان نيست نابود ٿي وڃون،</verse>
				<verse number="6">تنهن جي پٽن مان ست ڄڻا اسان جي حوالي ڪيا وڃن تہ انهن کي اسين خداوند جي چونڊيل سائول جي جبعہ ۾، خداوند جي لاءِ ڦاسي ڏئي لڙڪايون. ۽ بادشاهہ چيو تہ آءٌ اهي ڏيندس.</verse>
				<verse number="7">پر بادشاهہ مفيبوست، بن يونتن، بن سائول کي ڇڏي ڏنو، ڇالاءِ جو هنن جي وچ ۾ خداوند جو قسم هو، يعني دائود ۽ يونتن بن سائول جي وچ ۾.</verse>
				<verse number="8">پر بادشاهہ اياہ جي ڌيءَ رصفہ جا ٻہ پٽ، جي سائول مان ڄاوا هئس، يعني ارموني ۽ مفيبوست، ۽ سائول جي ڌيءَ ميڪل جا پنج پٽ، جي هن عدري ايل بن برزلي محولاتيءَ مان ڄڻيا هئا، تن کي ورتو:</verse>
				<verse number="9">۽ انهن کي جبعونين جي حوالي ڪيائين، ۽ هنن انهن کي خداوند جي اڳيان جبل تي ڦاسيءَ تي چاڙهيو، ۽ اهي ست ئي گڏ مئا: ۽ اهي فصل لهڻ وارن ڏينهن ۾، جَوَن جي فصل لهڻ جي شروعات ۾، پهرين ڏينهن ۾ قتل ڪيا ويا.</verse>
				<verse number="10">۽ اياہ جي ڌيءَ رصفہ کٿو کڻي پنهنجي لاءِ ٽڪر تي پکيڙيو، ۽ اهو فصل لهڻ جي شروعات کان وٺي ايستائين اتي پيل هو جيستائين انهن تي آسمان مان پاڻي نہ پيو، ۽ هن ڏينهن جو هوا جي پکين کي، ۽ رات جو جهنگ جي جانورن کي انهن تي ويهڻ نہ ڏنو.</verse>
				<verse number="11">۽ دائود کي وڃي ٻڌايائون تہ اياہ جي ڌيءَ رصفہ، سائول جي سريت هيئن ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="12">۽ دائود وڃي يبيس جلعاد جي ماڻهن کان سائول جا ۽ سندس پٽ يونتن جا هڏا ورتا، جي انهن بيت شان جي گهٽيءَ مان چورايا هئا؛ جنهن ڏينهن فلستين سائول کي جلبوعہ ۾ قتل ڪيو، انهيءَ ڏينهن فلستين انهن کي اُتي ڦاسيءَ تي چاڙهيو هو:</verse>
				<verse number="13">۽ اتان هن سائول جا ۽ سندس سڀ يونتن جا هڏا آندا؛ ۽ جيڪي ڦاسيءَ ڏنا ويا هئا تن جا هڏا انهن گڏ ڪيا.</verse>
				<verse number="14">۽ انهن سائول ۽ سندس پٽ يونتن جا هڏا، ضلع ۾ بنيمين جي ملڪ ۾، ۽ سندس پيءُ قيس جي قبر ۾ دفن ڪيا: ۽ جيڪو بادشاهہ حڪم ڪيو سو هنن بجا آندو. ۽ انهيءَ کان پوءِ ملڪ جي لاءِ خدا دعا ٻڌي.</verse>
				<verse number="15">۽ فلستين وري بہ اسرائيل سان جنگ شروع ڪئي؛ ۽ دائود پنهنجن نوڪرن سميت لهي وڃي فلستين سان وڙهيو: ۽ دائود عاجز ٿي پيو.</verse>
				<verse number="16">۽ اشبي بنوب، جو راڪاس جي پٽن مان هو، ۽ جنهن جي نيزي جي تور پتل جا ٽي سؤ شيڪل هئي، ۽ هڪڙي نئين ترار سندس چيلهہ سان ٻڌل هئي، تنهن دائود کي مارڻ جو ارادو ڪيو.</verse>
				<verse number="17">پر ابيشي بن ضروياہ هن جي مدد ڪئي، ۽ انهيءَ فلستيءَ کي شڪست ڏيئي ڪُٺائين، تنهن کان پوءِ دائود جي ماڻهن کيس قسم ڏيئي چيو تہ اڳتي تون اسان سان جنگ تي نہ هلندين متان اسرائيل جو ڏيئو اُجهائي ڇڏين.</verse>
				<verse number="18">۽ انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ جوب ۾ وري بہ فلستين سان جنگ لڳي: تڏهن سبڪي حوساتيءَ سف کي قتل ڪيو، جو راڪاس جي پٽن مان هو.</verse>
				<verse number="19">۽ جوب ۾ وري بہ فلستين سان جنگ لڳي؛ الحنان بن يعري ارجيم بيت الحميءَ جاتي جوليت کي قتل ڪيو، جنهن جو نيزو ڪوريءَ جي شهتير جهڙو هو.</verse>
				<verse number="20">۽ وري جات ۾ جنگ لڳي، جتي هڪڙو وڏي قد وارو ماڻهو هو، جنهن کي هرهڪ هٿ ۾ ڇهہ آڱريون، ۽ هرهڪ پير ۾ ڇهہ آڱريون، ڪل چوويهہ آڱريون هيون؛ ۽ اهو بہ راڪاس جو اولاد هو.</verse>
				<verse number="21">۽ جڏهن انهيءَ اسرائيل کي وڙهڻ لاءِ هاڪاريو، تڏهن دائود جي ڀاءُ سمعيءَ جي پٽ يونتن انهيءَ کي ڪُٺو.</verse>
				<verse number="22">اهي چار ئي انهيءَ راڪاس کي جات ۾ ڄاوا هئا، ۽ اهي دائود جي هٿان، ۽ سندس نوڪرن جي هٿان مارجي ويا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="22">
				<verse number="1">جنهن ڏينهن خداوند دائود کي سندس سڀني دشمنن جي هٿان ۽ سائول جي هٿان ڇڏايو، انهي ڏينهن هن هيءُ گيت خداوند جي اڳيان ڳايو:</verse>
				<verse number="2">۽ هن چيو تہ خداوند منهنجو ٽڪر، ۽ منهنجو ڪوٽ، ۽ منهنجو ڇڏائيندڙ آهي؛</verse>
				<verse number="3">خداوند منهنجو ٽڪر آهي، جنهن تي منهنجو ڀروسو آهي؛ منهنجي سپر آهي، ۽ منهنجي ڇوٽڪاري جو سڱ، منهنجو مٿانهون ٺلهہ، ۽ منهنجي پناهہ آهي؛ اي منهنجا ڇوٽڪارو ڏيندڙ، تون مون کي ظلم کان بچائين ٿو.</verse>
				<verse number="4">آءٌ خداوند کي سڏيندس، جو تعريف جي لائق آهي: انهيءَ ڪري آءٌ پنهنجن دشمنن کان ڇٽي پوندس.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو موت جي لهرن مون کي وڪوڙيو، بيدينيءَ جي سيلاب مون کي ڊيڄاريو.</verse>
				<verse number="6">پاتال جا رسا منهنجي چوڌاري پيل هئا: موت جا دام مون تي آيا.</verse>
				<verse number="7">پنهنجي مصيبت ۾ مون خداوند کي سڏيو: هائو مون پنهنجي خداوند کي پڪاريو: ۽ هن پنهنجي هيڪل مان منهنجو آواز ٻڌو، ۽ منهنجي دانهن هن جي ڪنن تائين پهتي.</verse>
				<verse number="8">تڏهن زمين لڏي ويئي ۽ ڏڪڻ لڳي، آسمان جو بنياد سندس ڪاوڙ جي ڪري ڌڏڻ ۽ لڏڻ لڳو.</verse>
				<verse number="9">سندس ڪاوڙ مان دونهون نڪتو، ۽ سندس وات مان نڪتل باهہ کائي چٽ ڪري ويئي: انهيءَ مان اڱر ٻَرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="10">هن آسمان کي بہ جهڪايو ۽ هيٺ لهي آيو، ۽ سندس پيرن هيٺ گهاٽي اونداهي هئي.</verse>
				<verse number="11">هو هڪڙي ڪروبيءَ تي چڙهي اُڏامي ويو: هائو، هو واءُ جي کنڀن تي ڏٺو ويو.</verse>
				<verse number="12">هن اونداهيءَ مان پنهنجي چوڌاري تنبو جوڙيا، ۽ پاڻيءَ مان آسمان جا گهاٽا ڪڪر جوڙيائين.</verse>
				<verse number="13">سندس اڳيان تجلي ڪِري ڪوئلا ٻَري پيا.</verse>
				<verse number="14">خداوند آسمان مان گجگوڙ ڪئي، ۽ خدا تعاليٰ پنهنجو آواز ٻڌايو.</verse>
				<verse number="15">۽ هن تير موڪليا ۽ اهي پکيڙي ڇڏيائين؛ وڄ موڪلي هن انهن کي بي آرام ڪيو.</verse>
				<verse number="16">تنهن کان پوءِ خداوند جي ڌمڪيءَ سان، سندس ڪاوڙ مان ڪڍيل ڦوڪ ڪري سمنڊ جون کاريون ظاهر ٿيون، ۽ دنيا جا بنياد کُلي پيا.</verse>
				<verse number="17">هن مٿان موڪلي مون کي کڻي ورتو؛ هن مون کي وڏن پاڻين مان ڪڍي ورتو؛</verse>
				<verse number="18">هن منهنجي زور واري دشمن کان مون کي ڇڏايو، ۽ جن مون کي ڌڪاريو ٿي: ڇالاءِ جو هو مون کان گهڻو زور وارا هئا.</verse>
				<verse number="19">هو منهنجي مصيبت جي ڏينهن مون تي آيا؛ پر خداوند منهنجي ٽيڪ هو.</verse>
				<verse number="20">هن مون کي هڪڙي ڪشادي هنڌ ۾ آندو: هن مون کي ڇڏايو ڇالاءِ جو هو مون مان راضي هو.</verse>
				<verse number="21">خداوند مون کي منهنجي سچائيءَ موجب انعام ڏنو: هن منهنجن هٿن جي پاڪيزگيءَ موجب مون کي بدلو ڏنو.</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ جو مون خداوند جي رستن جي سنڀال ڪئي آهي: ۽ شرارت ڪري خدا کان پري نہ ٿيو آهيان.</verse>
				<verse number="23">ڇالاءِ جو هن جا سڀ فيصلا منهنجي اڳيان هئا: ۽ هن جي قاعدن کان آءٌ اصل پري نہ ٿيس.</verse>
				<verse number="24">آءٌ ڏانهنس ڪامل بہ رهيس، ۽ پاڻ کي پنهنجي گناهن کان روڪيم.</verse>
				<verse number="25">تنهنڪري خداوند منهنجي سچائيءَ موجب مون کي عيوضو ڏنو آهي؛ ۽ سندس اڳيان ڪيل پاڪيزگيءَ موجب مون کي عيوضو ڏنو اٿس.</verse>
				<verse number="26">رحم وارن سان تون پاڻ کي رحم وارو ڏيکاريندين، ۽ ڪامل انسان سان تون پاڻ کي ڪامل ڏيکاريندين؛</verse>
				<verse number="27">پاڪ ماڻهن سان تون پاڻ کي پاڪ ڏيکاريندين؛ ۽ ڏنگن ماڻهن سان تون پاڻ کي ڏنگو ڏيکاريندين.</verse>
				<verse number="28">غمزدن ماڻهن کي تون بچائيندين: پر تنهنجون اکيون مغرورن تي آهن، انهيءَ لاءِ تہ تون انهن کي لاهي هيٺ ڪرين.</verse>
				<verse number="29">ڇالاءِ جو اي خداوند، تون منهنجو ڏيئو آهين: ۽ خداوند منهنجي اونداهي بدلائي سوجهرو ڪندو.</verse>
				<verse number="30">ڇالاءِ جو تنهنجي مدد سان آءٌ هڪڙي لشڪر تي ڪاهي ٿو وڃان: پنهنجي خدا جي مدد سان آءٌ ڀت ٽپي ٿو وڃان.</verse>
				<verse number="31">باقي خدا جو رستو ڪامل آهي: خداوند جو ڪلام آزمايل آهي؛ جيڪي مٿس ڀروسو رکن ٿا تن سڀني جي لاءِ هو هڪڙي سپر آهي.</verse>
				<verse number="32">ڇالاءِ جو خداوند کان سواءِ ڪير خدا آهي؟ ۽ اسان جي خدا کان سواءِ ڪير ٽڪر آهي؟</verse>
				<verse number="33">خدا منهنجو مضبوط قلعو آهي: ۽ هو ڪامل ماڻهوءَ کي پنهنجي رستي تي سونهون ٿي هلائي ٿو.</verse>
				<verse number="34">منهنجا پير هرڻيءَ جي پيرن جهڙا ٿو ڪري، ۽ مون کي پنهنجين مٿانهين جاين تي ٿو رکي.</verse>
				<verse number="35">هو منهنجن هٿن کي جنگ ڪرڻ ٿو سيکاري؛ اهڙيءَ طرح جو منهنجون ٻانهون پتل جي ڪمان بہ موڙي ٿيون سگهن.</verse>
				<verse number="36">تو مون کي پنهنجي ڇوٽڪاري جي سپر بہ ڏني آهي: ۽ تنهنجي مهربانيءَ مون کي وڏو ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="37">تو منهنجا قدم مون هيٺان ڪشادا ڪيا آهن، ۽ منهنجا پير ترڪيا نہ آهن.</verse>
				<verse number="38">آءٌ پنهنجي دشمنن جي پٺيان پيو آهيان، ۽ انهن کي ناس ڪيو اٿم؛ ۽ جيسين هو چٽ نہ ٿي ويا تيسين آءٌ نہ موٽيس.</verse>
				<verse number="39">مون انهن کي نابود ڪري ڇڏيو، ۽ اهڙو وڍي ماريو جو هو اُٿي نٿا سگهن: هائو هو منهنجن پيرن هيٺ ڪري پيا آهن.</verse>
				<verse number="40">ڇالاءِ جو تو مون کي جنگ جي لاءِ زور سان ڪمر ٻڌائي آهي: جيڪي سنبري مون تي ڪاهي آيا تن کي تو جيتي منهنجي هيٺان ڪيو.</verse>
				<verse number="41">تو منهنجن دشمنن کي منهنجي اڳيان پٺي ڏيئي ڀڄارايو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا تن کي وڍي ڇڏيان.</verse>
				<verse number="42">هنن گهڻوئي، نهاريو پر بچائڻ وارو ڪونہ ٿين؛ بلڪ خداوند ڏي بہ نهاريائون پر هن انهن کي ورندي ڪانہ ڏني.</verse>
				<verse number="43">تڏهن مون هنن کي ڪُٽي ڪُٽي زمين جي مٽيءَ جهڙو سنهو ڪري ڇڏيو مون هنن کي گهٽين جي گپ وانگر لتاڙيو، ۽ هنن کي هيڏي هوڏي پکيڙي ڇڏيم.</verse>
				<verse number="44">تو مون کي منهنجي قوم جي جهيڙن جهڳڙن کان بہ بچايو؛ تو مون کي قوم جو مهندار ٿيڻ لاءِ سنڀاليو آهي: جنهن قوم کي آءٌ سڃاڻندو ئي نہ هوس سا منهنجي خدمت چاڪري ڪندي.</verse>
				<verse number="45">ڌاريا ماڻهو منهنجي تابعداري ڪندا: منهنجو ٻڌندا ۽ هڪدم منهنجا فرمانبردار ٿيندا.</verse>
				<verse number="46">ڌاريا ماڻهو ساڻا ٿي ويندا، ۽ پنهنجن قلعن مان ڏڪندا نڪري ايندا.</verse>
				<verse number="47">خداوند جيئرو آهي؛ ۽ منهنجو ٽڪر شل برڪت وارو هجي؛ ۽ خدا، منهنجي ڇوٽڪاري جو ٽڪر شل سرفراز ٿئي:</verse>
				<verse number="48">اهو خدا، جو منهنجي پاران وير وٺي ٿو، ۽ قومن کي منهنجي هيٺان ڪري ٿو،</verse>
				<verse number="49">۽ جو مون کي پنهنجن دشمنن مان ڪڍي وٺي ٿو: هائو، جيڪي منهنجي مٿان ڪاهي اچن ٿا تن جي مٿان تون مون کي چاڙهين ٿو: تون مون کي ظلم ڪندڙ ماڻهوءَ کان ڇڏائين ٿو.</verse>
				<verse number="50">تنهنڪري اي خداوند، قومن ۾ آءٌ تنهنجا شڪرانا بجا آڻيندس، ۽ تنهنجي نالي جي آءٌ تعريف ڳائيندس.</verse>
				<verse number="51">هو پنهنجي بادشاهہ کي وڏو ڇوٽڪارو ٿو ڏئي: ۽ پنهنجي مسح ڪيل کي هميشہ محبت جهڙي مهرباني ڏيکاري ٿو، يعني دائود کي ۽ سندس اولاد کي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="23">
				<verse number="1">هاڻي هي دائود جون پويون ڳالهيون آهن. دائود پٽ يسيءَ جو چوي ٿو، ۽ جيڪو ماڻهو مٿي چاڙهيو ويو هو سو چوي ٿو، جو يعقوب جي خدا جو مسح ڪيل آهي، ۽ اسرائيل جا مٺا زبور ڳائيندڙ آهي.</verse>
				<verse number="2">خداوند جي روح منهنجي معرفت ڳالهايو، ۽ سندس ڪلام منهنجي زبان تي هو.</verse>
				<verse number="3">اسرائيل جي خدا فرمايو، اسرائيل جي ٽڪر مون سان ڳالهايو: جيڪو ماڻهن تي سچائيءَ سان حڪم هلائي ٿو، جو خدا جي ڊپ سان بادشاهي ڪري ٿو،</verse>
				<verse number="4">اهو صبح جي روشنائيءَ وانگر ٿيندو، جيئن سج اُڀري ٿو: ۽ مينهن کان پوءِ صاف روشنائي ڪري ٿو، جا ڪڪرن کان سواءِ صاف صبح جو ٿئي ٿي: ۽ جڏهن سنهڙو گاهہ زمين مان نڪري ٿو.</verse>
				<verse number="5">تحقيق منهنجو گهراڻو خداوند وٽ اهڙو نہ آهي؛ انهيءَ هوندي بہ هن هميشہ لاءِ مون سان عهد اقرار ڪيو آهي، جو سڀني ڳالهين ۾ ترتيب وارو ۽ محڪم آهي: ڇالاءِ جو اهو منهنجو پورو ڇوٽڪارو، ۽ منهنجي سموري خواهش آهي، ۽ جيتوڻيڪ هو انهيءَ کي نٿو وڌائي.</verse>
				<verse number="6">پر سڀ بي دين ماڻهو ڪنڊن وانگر اُڇلايا ويندا، ڇالاءِ جو اهي هٿن سان کڻي نہ سگهبا.</verse>
				<verse number="7">پر جيڪو ماڻهو انهن کي هٿ لائيندو، تنهن کي ضرور لوهہ يا نيزي جي لٺ گهرجي؛ ۽ اهي پنهنجي جاءِ تي باهہ سان بلڪل ساڙيا ويندا.</verse>
				<verse number="8">جيڪي بهادر مرد دائود وٽ هئا، تن جا نالا هي آهن: يوشيب‑بشيبت، تحڪموني جو لشڪري سردارن ۾ وڏو هو؛ اهو ساڳيو ادينو ايزني هو، جنهن هڪڙي ڀيري اٺ سؤ ماڻهو قتل ڪيا هئا.</verse>
				<verse number="9">انهيءَ کان پوءِ اليعزر بن دودي هو، جو هڪڙي اخوحي جو پٽ هو، جو دائود جي ٽن پهلوانن مان هڪڙو هو، جڏهن اسرائيل جا ماڻهو ڀڄي ويا هئا تڏهن هو جنگ لاءِ گڏ ٿيل فلستين کي سامهون پيو.</verse>
				<verse number="10">هو اُٿيو ۽ فلستين کي اهڙو ماريائين جو سندس هٿ ٿڪجي پيو ۽ ترار سندس هٿ سان چنبڙي پئي: ۽ خداوند انهيءَ ڏينهن وڏي فتح ڏني، ۽ ماڻهو انهيءَ جي پٺيان رڳو لٽ ڪرڻ لاءِ موٽيا.</verse>
				<verse number="11">۽ انهيءَ کان پوءِ سمہ بن اجي حراري هو، ۽ فلستي گڏ ٿي اچي انهيءَ هنڌ لشڪر ٿي بيٺا جنهن هنڌ ماڻهن جي پوک بيٺل هئي؛ ۽ ماڻهو فلستين کان ڀڄي ويا.</verse>
				<verse number="12">پر هو انهيءَ زمين جي ٽڪر ۾ بيهي رهيو، ۽ انهيءَ کي بچائڻ لڳو، ۽ فلستين کي ڪُٺائين: ۽ خداوند هڪڙي وڏي فتح ڏني.</verse>
				<verse number="13">۽ ٽيهن سردارن مان ٽي هيٺ لهي فصل لڻڻ جي موسم ۾ عدلام جي غار ۾ دائود وٽ آيا؛ ۽ فلستين جو لشڪر رفائيم جي واديءَ ۾ منزل ڪري لٿو پيو هو.</verse>
				<verse number="14">۽ دائود تڏهن ڪوٽ ۾ هو، ۽ فلستين جو پهري وارو لشڪر تڏهن بيت الحم ۾ هو.</verse>
				<verse number="15">۽ دائود گهڻيءَ سڪ مان چيو تہ بيت الحم جو کوهہ، جو دروازي جي پاسي ۾ آهي، تنهن مان ڪو مون کي پاڻي پياري تہ واهہ!</verse>
				<verse number="16">۽ اهي ٽي پهلوان فلستين جي لشڪر مان زور سان لنگهي دروازي جي پاسي واري بيت الحم جي کوهہ مان پاڻي ڪڍي دائود وٽ کڻي آيا: پر اهو هن پيئڻ نہ گهريو، پر خداوند جي اڳيان هاري ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="17">۽ هن چيو تہ اي خداوند، شل ائين نہ ٿئي تہ آءٌ هيئن ڪريان: هي ماڻهو پنهنجي ساهہ تان آهو کڻي ويا تن جو رت پيئان ڇا؟ تنهنڪري هن اهو پاڻي نہ پيتو. انهن ٽنهي پهلوانن هي ڪم ڪيا.</verse>
				<verse number="18">۽ انهن ٽنهي مان مکيہ ابيشي يوآب جو ڀاءُ، ضروياہ جو پٽ هو. ۽ انهيءَ پنهنجو نيزو کڻي ٽن سوَن ماڻهن تي ڪاهہ ڪئي، ۽ انهن کي ڪُٺائين، ۽ انهن ٽن مان نالي وارو ٿيو.</verse>
				<verse number="19">انهن ٽن مان هو زيادہ عزت وارو نہ هو ڇا؟ تنهنڪري اهو انهن ۾ وڏو ٿيو: انهيءَ هوندي بہ هو پهرين ٽن سان مٽ نہ پيو.</verse>
				<verse number="20">۽ بناياہ بن يهويدع، قبضيل جي هڪڙي بهادر شخص جو پٽ، جنهن وڏا وڏا ڪم ڪيا هئا، تنهن موآب واري اري ايل جي ٻن پٽن کي ڪُٺو: هن برف جي موسم ۾ هڪڙي کڏ منجهہ هڪڙي شينهن کي بہ وڃي ماريو:</verse>
				<verse number="21">۽ هن مصر جي هڪڙي قداور ماڻهو کي قتل ڪيو: ۽ انهيءَ مصريءَ کي هٿ ۾ هڪڙو ڀالو هو؛ پر هو مٿس لٺ کڻي ڪاهي ويو، ۽ مصريءَ جي هٿن مان ڀالو کسي ورتائين.</verse>
				<verse number="22">اهي ڪم انهي بناياہ بن يهويدع ڪيا، ۽ انهن ٽن پهلوانن مان نالو ڪڍيائين.</verse>
				<verse number="23">هو ٽيهن کان وڌيڪ عزت وارو هو، مگر پهرين ٽن جي مٽ نہ هو. ۽ دائود انهيءَ کي پنهنجن پهري وارن جي مٿان رکيو.</verse>
				<verse number="24">۽ يوآب جو ڀاءُ عساهيل انهن ٽيهن مان هڪڙو هو؛ الحنان، بيت الحم واري دودو جو پٽ؛</verse>
				<verse number="25">سمہ حرودي، ۽ القہ حرودي؛</verse>
				<verse number="26">خلص فلطي، عيرا بن عقيس تقوعي،</verse>
				<verse number="27">ابي عزر عنتوتي، مبوني حوساتي؛</verse>
				<verse number="28">ضلمون اخوحي، مهري نطوفاتي؛</verse>
				<verse number="29">جلب بن بعنہ نطوفاتي، اتي بن ريبي، بنيمين جي جبعہ وارو؛</verse>
				<verse number="30">بناياہ فرعاتوني، هدي، جعس جي نهرن وارو؛</verse>
				<verse number="31">ابي علبون عرباتي، عزماوت برحومي؛</verse>
				<verse number="32">الحيبہ سعلبوني، يسين جا پٽ، يونتن؛</verse>
				<verse number="33">سمہ حراري، اخي آم بن سرار هراري؛</verse>
				<verse number="34">اليفلط بن احسبي، جو معڪاتيءَ جو پٽ هو، الي عام بن اخيتفل جلوني؛</verse>
				<verse number="35">حصرو ڪرملي، فعري اربي؛</verse>
				<verse number="36">اجال بن ناتن ضوباہ جو؛ باني جدي؛</verse>
				<verse number="37">صلق عموني، نحري بيروتي، جي يوآب بن ضروياہ جا زرهہ بردار هئا؛</verse>
				<verse number="38">عيرا اتري ۽ جريب اتري؛</verse>
				<verse number="39">اورياہ حتي؛ اهي سڀ ستٽيهہ ڄڻا هئا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="24">
				<verse number="1">۽ خداوند جي ڪاوڙ وري بہ اسرائيل تي ڀڙڪي ۽ انهيءَ دائود کي انهن جي برخلاف چوريو، ۽ چيائينس تہ وڃي اسرائيل ۽ يهوداہ جو شمار ڪر.</verse>
				<verse number="2">۽ بادشاهہ، لشڪر جو سردار يوآب، جو ساڻس هو، تنهن کي چيو تہ هاڻي تون دان کان وٺي بيرسبع تائين اسرائيل جي سڀني فرقن ۾ وڃ ۽ ماڻهن جو شمار ڪر تہ مون کي خبر پوي تہ ڪل ماڻهو ڪيترا آهن.</verse>
				<verse number="3">۽ يوآب بادشاهہ کي چيو تہ هاڻي خداوند تنهنجو خدا شل تنهنجي قوم وڌائي جيتري هينئر هجي تنهن کان شل سؤ ڀيرا زيادہ ٿئي، ۽ شل منهنجو ڌڻي بادشاهہ انهيءَ کي ڏسي: پر منهنجو ڌڻي بادشاهہ اهو ڪم ڇو ٿو پسند ڪري؟</verse>
				<verse number="4">انهيءَ هوندي بہ بادشاهہ جي ڳالهہ يوآب ۽ لشڪر جي سردارن کان ڳوري ٿي. ۽ يوآب ۽ لشڪر جا سردار بادشاهہ جي حضور مان نڪري ويا، انهيءَ لاءِ تہ اسرائيل جي قوم جو شمار ڪن.</verse>
				<verse number="5">۽ هو يردن پار لنگهي، جيڪو شهر جد جي واديءَ جي وچ ۾ آهي تنهن جي سڄي پاسي عروعير ۾ يعزر تائين تنبو هڻي لهي پيا:</verse>
				<verse number="6">پوءِ هو جلعاد ۾ ۽ تحتيم‑حدسيءَ جي زمين ۾ آيا؛ ۽ هو دان‑يعن کان ڦيرو ڪري صيدا ۾ آيا.</verse>
				<verse number="7">۽ صور جي قلعي ۾ ۽ حوين ۽ ڪنعانين جي سڀني شهرن ۾ آيا: ۽ هو نڪري يهوداہ جي ڏکڻ ڏي بيرسبع وٽ آيا.</verse>
				<verse number="8">سو جڏهن هو ساري ملڪ ۾ گهمي رهيا تڏهن نوَن مهينن ۽ ويهن ڏينهن کان پوءِ هو يروشلم ۾ آيا.</verse>
				<verse number="9">۽ يوآب ماڻهن جي شمار جو ڪل جوڙ بادشاهہ کي ڏنو: ۽ اسرائيل ۾ اٺ لک بهادر ترار مار موجود هئا؛ ۽ يهوداہ جا ماڻهو پنج لک ٿيا.</verse>
				<verse number="10">ماڻهن جي شمار ڪرڻ کان پوءِ دائود پشيمان ٿيڻ لڳو. ۽ دائود خداوند کي چيو تہ جيڪي مون ڪيو آهي تنهن ۾ مون وڏو گناهہ ڪيو آهي: پر هاڻي، اي خداوند، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي ٻانهي جو گناهہ معاف ڪر؛ ڇالاءِ جو مون ڏاڍو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ جڏهن دائود صبح جو اُٿيو تڏهن خداوند جو ڪلام دائود جي غيب دان جاد نبيءَ تي نازل ٿيو، جنهن چيس تہ</verse>
				<verse number="12">وڃي دائود کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ آءٌ توکي ٽي شيون ٿو آڇيان؛ انهن مان هڪڙي چونڊي کڻ تہ آءٌ توسان ائين ڪريان.</verse>
				<verse number="13">تڏهن جاد دائود کي اچي چيو تہ ڇا ڏڪار جا ست ورهيہ تنهنجي زمين ۾ اچن؟ يا جڏهن تنهنجا دشمن تنهنجي پٺيان پون تڏهن تون انهن جي اڳيان ٽي مهينا ڀڄندو رهين؟ يا تنهنجي زمين ۾ ٽن ڏينهن جي وبا پوي؟ هاڻي دل ۾ ويچار ڪري ٻڌاءِ، تہ جنهن مون کي موڪليو آهي تنهن کي ڪهڙو جواب موٽائي ڏيان.</verse>
				<verse number="14">۽ دائود جاد کي چيو تہ آءٌ ڏاڍيءَ مشڪلات ۾ آهيان: هاڻي مناسب آهي تہ خداوند جي هٿ ۾ هلي پئون؛ ڇالاءِ جو هن جون وڏيون رحمتون آهن: آءٌ ماڻهو جي هٿن ۾ نہ پوان تہ چڱو.</verse>
				<verse number="15">تڏهن خداوند صبح کان وٺي مقرر ڪيل وقت تائين اسرائيل تي وبا موڪلي: ۽ دان کان وٺي بيرسبع تائين ستر هزار ماڻهو مري ويا.</verse>
				<verse number="16">۽ جڏهن ملائڪ يروشلم کي چٽ ڪرڻ لاءِ اُن ڏي پنهنجو هٿ ڊگهيريو، تڏهن خداوند انهيءَ خرابيءَ کان پنهنجو ارادو بدلايو، ۽ جنهن ملائڪ ماڻهن کي چٽ پئي ڪيو، تنهن کي چيائين تہ هاڻي بس؛ هاڻي پنهنجو هٿ جهل. ۽ خداوند جو ملائڪ اروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پڙ جي پاسي ۾ هو.</verse>
				<verse number="17">۽ جڏهن دائود ماڻهن کي مارڻ واري ملائڪ کي ڏٺو، تڏهن خداوند کي چيائين تہ ڏس، مون گناهہ ڪيو آهي ۽ ڏنگي هلت هليو آهيان: پر هنن رڍن ڇا ڪيو آهي؟ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تنهنجو هٿ منهنجي، ۽ منهنجي پيءُ جي گهراڻي جي برخلاف ٿئي.</verse>
				<verse number="18">۽ انهيءَ ڏينهن جاد دائود وٽ آيو ۽ چيائينس تہ مٿي وڃ، ۽ اروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پڙ ۾ خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙ.</verse>
				<verse number="19">۽ دائود جاد جي چوڻ موجب جيئن خداوند حڪم ڪيو هو تيئن مٿي ويو.</verse>
				<verse number="20">۽ اروناہ اڳيان نهاريو ۽ ڏٺائين تہ بادشاهہ پنهنجن نوڪرن سميت ڏانهنس ٿو اچي: ۽ اروناہ ٻاهر نڪري ويو ۽ بادشاهہ جي اڳيان منهن زمين تي رکي سجدو ڪيائين.</verse>
				<verse number="21">۽ اروناہ چوڻ لڳو تہ منهنجو ڌڻي بادشاهہ ڇالاءِ پنهنجي ٻانهي وٽ آيو آهي. تڏهن دائود چيو تہ انهيءَ لاءِ تہ توکان اَن ڳاهڻ جو پڙ خريد ڪري خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيان، تہ وبا خلق تان ٽري.</verse>
				<verse number="22">۽ اروناہ دائود کي چيو تہ منهنجو ڌڻي بادشاهہ ڀلي جيڪي وڻيس سو وٺي چاڙهي: ڏس، سوختني قربانيءَ جي لاءِ ڏاند ۽ ڳاهڻ جا اوزار ۽ ڪاٺين جي لاءِ ڏاندن جا سنج حاضر آهن:</verse>
				<verse number="23">اي بادشاهہ، اهو سڀ اروناہ بادشاهہ کي ٿو ڏئي ۽ اروناہ بادشاهہ کي چيو تہ شل خداوند تنهنجو خدا توکي قبول ڪري.</verse>
				<verse number="24">تڏهن بادشاهہ اروناہ کي چيو تہ ائين نہ ٿيندو؛ بلڪ آءٌ ملهہ ڏيئي اهو توکان خريد ڪندس: آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ اهڙيون سوختنيون قربانيون نہ چاڙهيندس جن لاءِ مون ڪجهہ ڪين خرچيو هجي. پوءِ دائود اهو ڳاهڻ وارو پڙ ۽ ڏاند، چانديءَ جا پنجاهہ شيڪل ڏيئي ورتا.</verse>
				<verse number="25">۽ اتي دائود خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي ۽ سوختنيون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائين. انهيءَ طرح ملڪ جي لاءِ خداوند کان دعا گهري ويئي، ۽ وبا اسرائيل تان دفع ٿي.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="11">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">هاڻي دائود بادشاهہ ٻڍو ۽ عمر رسيدہ ٿيو؛ ۽ هنن ڪپڙن سان گهڻو ئي ڍڪيس، پر هن ۾ گرمي پيدا نہ ٿي.</verse>
				<verse number="2">تنهنڪري نوڪرن چيس تہ اسان جي ڌڻيءَ بادشاهہ جي لاءِ ڪا ڪنواري ڇوڪري ڳولي هٿ ڪجي: ۽ اُها بادشاهہ جي اڳيان بيٺي رهي، ۽ سندس سنڀال ڪري؛ ۽ اُها تو وٽ سمهي تہ اسان جي ڌڻيءَ بادشاهہ کي گرمي پهچي.</verse>
				<verse number="3">تڏهن هنن اسرائيل جي سڀني سرحدن ۾ هڪڙي خوبصورت ڇوڪري ڳولي، ۽ شونميت ابي شاگ لڌائون، جا وٺي بادشاهہ وٽ آندائون.</verse>
				<verse number="4">اُها ڇوڪري نهايت حسين هئي؛ ۽ اُها بادشاهہ جي سنڀال لهڻ ۽ خدمت چاڪري ڪرڻ لڳي؛ پر بادشاهہ ساڻس صحبت نہ ڪئي.</verse>
				<verse number="5">تڏهن ادونياہ بن حجيت، وڏائيءَ جو دم هڻي چوڻ لڳو تہ آءٌ بادشاهہ ٿيندس: ۽ هن پنهنجي لاءِ گاڏيون ۽ گهوڙي سوار تيار ڪيا، ۽ پنجاهہ ماڻهو بہ، انهيءَ لاءِ تہ سندس اڳيان ڊوڙي هلن.</verse>
				<verse number="6">۽ هن جي پيءُ ڪڏهن بہ هن کي ڪجهہ چئي رنجيدو نہ ڪيو تہ ڇو هن ائين ڪيو آهي؟ ۽ هو تمام خوبصورت ماڻهو بہ هو؛ ۽ هو ابي سلوم کان ڄائو هو.</verse>
				<verse number="7">هن يوآب بن ضروياہ، ۽ ابياتر ڪاهن سان صلاح مصلحت ڪئي: ۽ هو ادونياہ جي پٺيان لڳي سندس مدد ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="8">پر صدوق ڪاهن، ۽ بناياہ بن يهويدع، ۽ ناتن نبي، ۽ سمعي، ۽ ريعي، ۽ جيڪي دائود جا بهادر مرد هئا، سي ادونياہ سان شامل نہ ٿيا.</verse>
				<verse number="9">۽ ادونياہ زحلت جو پٿر، جو عين راجل جي ڀرسان آهي، تنهن وٽ رڍون ۽ ڏاند ۽ پاليل پهرو ذبح ڪيا؛ ۽ هن پنهنجن سڀني ڀائرن، يعني بادشاهہ جي پٽن کي، ۽ سڀني يهوداہ جي ماڻهن، ۽ بادشاهہ جي نوڪرن کي دعوت ڏيئي سڏيو:</verse>
				<verse number="10">پر ناتن نبيءَ، ۽ بناياہ، ۽ بهادر مردن، ۽ پنهنجي ڀاءُ سليمان کي هن ڪين سڏيو.</verse>
				<verse number="11">تڏهن ناتن سليمان جي ماءُ بت سبع کي چيو، تہ تو نہ ٻڌو آهي ڇا تہ ادونياہ بن حجيت بادشاهي پيو ڪري، ۽ اسان جي ڌڻيءَ دائود کي انهيءَ جي خبر ئي ڪانهي؟</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اچ تہ توکي صلاح ڏيان تہ تون پنهنجي، ۽ پنهنجي پٽ سليمان جي بہ حياتي بچائين.</verse>
				<verse number="13">تون بادشاهہ دائود وٽ وڃ، ۽ چئينس تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، تو پنهنجي ٻانهيءَ سان قسم کڻي نہ چيو هو ڇا تہ تنهنجو پٽ سليمان ضرور مون کان پوءِ بادشاهي ڪندو، ۽ منهنجي تخت تي ويهندو؟ تڏهن ادونياہ ڇو ٿو بادشاهي ڪري؟</verse>
				<verse number="14">ڏس، جيسين تون بادشاهہ سان بيٺي ڳالهائيندينءَ تيسين آءٌ بہ تنهنجي پٺيان ايندس، ۽ تنهنجي ڳالهہ کي پڪو ڪندس.</verse>
				<verse number="15">پوءِ بت سبع بادشاهہ وٽ ڪوٺيءَ ۾ ويئي: ۽ بادشاهہ تمام ڪراڙو هو؛ ۽ شونميت ابي شاگ بادشاهہ جي خدمت چاڪري پئي ڪئي.</verse>
				<verse number="16">۽ بت سبع ڪنڌ جهڪائي بادشاهہ کي تعظيم ڏني؛ ۽ بادشاهہ چيو تہ ڇا ٿي گهرين؟</verse>
				<verse number="17">تڏهن هن چيس تہ اي منهنجا سائين، تو پنهنجي ٻانهيءَ سان خداوند پنهنجي خدا جو قسم کنيو هو، ۽ چيو هوءِ تہ مون کان پوءِ تنهنجو پٽ سليمان ضرور بادشاهي ڪندو، ۽ منهنجي تخت تي ويهندو.</verse>
				<verse number="18">۽ هاڻي ڏس، ادونياہ بادشاهي پيو ڪري؛ ۽ منهنجا سائين بادشاهہ، توکي انهيءَ جي ڪابہ خبر ڪانهي:</verse>
				<verse number="19">۽ هن ڏاند ۽ پاليل پهرو، ۽ گهڻيئي رڍون ذبح ڪيون آهن، ۽ بادشاهہ جي سڀني پٽن کي، ۽ ابياتر ڪاهن، ۽ يوآب سپهہ سالار کي سڏيو اٿس: پر تنهنجي ٻانهي سليمان کي هن ڪين سڏيو آهي.</verse>
				<verse number="20">۽ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، ساري اسرائيل قوم جون اکيون تو تي آهن، انهيءَ لاءِ تہ تون هنن کي ٻڌائين تہ منهنجي ڌڻي بادشاهہ کان پوءِ ڪير تخت تي ويهندو.</verse>
				<verse number="21">نہ تہ هيئن ٿيندو تہ جڏهن منهنجو ڌڻي بادشاهہ پنهنجن ابن ڏاڏن سان وڃي سمهندو، تڏهن آءٌ ۽ منهنجو پٽ سليمان ٻئي ڏوهاري شمار ٿينداسين.</verse>
				<verse number="22">۽ ڏس، اڃا هن بادشاهہ سان پئي ڳالهايو تہ ناتن نبي اندر گهڙي آيو.</verse>
				<verse number="23">۽ هنن بادشاهہ کي چيو تہ ڏس، اِجهو ناتن نبي، ۽ جڏهن هو لنگهي بادشاهہ جي حضور ۾ آيو، تڏهن منهن زمين تي رکي بادشاهہ کي تعظيم ڏنائين.</verse>
				<verse number="24">۽ ناتن چيو تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، تو ائين چيو آهي ڇا تہ مون کان پوءِ ادونياہ بادشاهي ڪري، ۽ منهنجي تخت تي ويهي؟</verse>
				<verse number="25">ڇالاءِ جو هو اڄ هيٺ لهي ويو آهي، ۽ گهڻيئي ڏاند، ۽ پاليل پهرو، ۽ رڍون ڪُٺيون اٿس، ۽ بادشاهہ جي سڀني پٽن، ۽ لشڪر جي سردارن، ۽ ابياتر ڪاهن کي سڏيو اٿس: ۽ ڏس، هو سندس اڳيان کائين ۽ پيئن ٿا، ۽ چون ٿا تہ خدا شل بادشاهہ ادونياہ کي سلامت رکي.</verse>
				<verse number="26">پر تنهنجي ٻانهي کي، يعني مون کي، ۽ صدوق ڪاهن، ۽ بناياہ بن يهويدع، ۽ تنهنجي ٻانهي سليمان کي هن نہ سڏيو آهي.</verse>
				<verse number="27">اهو ڪم منهنجي ڌڻي بادشاهہ ڪيو آهي ڇا، ۽ تو پنهنجن ٻانهن کي نہ ٻڌايو آهي تہ کانئس پوءِ منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي تخت تي ڪير ويهندو؟</verse>
				<verse number="28">تڏهن بادشاهہ دائود ورندي ڏيئي چيو تہ بت سبع کي مون وٽ سڏيو، ۽ اُها بادشاهہ جي حضور ۾ آئي، ۽ اچي بادشاهہ جي اڳيان بيٺي.</verse>
				<verse number="29">تڏهن بادشاهہ قسم کڻي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، جنهن منهنجي روح کي سڀني مصيبتن کان بچايو آهي،</verse>
				<verse number="30">تہ حقيقت ۾ جيئن مون خداوند اسرائيل جي خدا جو قسم کڻي چيو هو تہ ضرور تنهنجو پٽ سليمان مون کان پوءِ بادشاهي ڪندو، ۽ منهنجي بجاءِ تخت تي ويهندو؛ ائين اڄوڪي ڏينهن آءٌ ضرور ڪندس.</verse>
				<verse number="31">تڏهن بت سبع منهن زمين تي جهڪائي بادشاهہ کي تعظيم ڏيئي چيو تہ شل منهنجو ڌڻي بادشاهہ دائود سدائين جيئرو رهي.</verse>
				<verse number="32">۽ بادشاهہ دائود چيو تہ صدوق ڪاهن، ۽ ناتن نبي، ۽ بنياہ بن يهويدع کي مون وٽ سڏي اچو. ۽ اُهي بادشاهہ جي حضور ۾ آيا.</verse>
				<verse number="33">۽ بادشاهہ انهن کي چيو تہ اوهين پنهنجي ڌڻيءَ جا نوڪر پاڻ سان وٺي وڃو، ۽ منهنجي پٽ سليمان کي، خود منهنجي خچر تي چاڙهي جيحون ڏي لاهي وٺي اچو:</verse>
				<verse number="34">۽ صدوق ڪاهن ۽ ناتن نبي هن کي اُتي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪن: پوءِ اوهين قرناءِ وڄائي چئجو تہ خدا شل بادشاهہ سليمان کي سلامت رکي.</verse>
				<verse number="35">تنهن کان پوءِ اوهين هن جي پٺيان اچجو، ۽ هو اچي تخت تي ويهي؛ ڇالاءِ جو هو منهنجي جاءِ تي بادشاهہ ٿيندو: ۽ مون هن کي اسرائيل، ۽ يهوداہ تي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="36">۽ بناياہ بن يهويدع بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ آمين: خداوند، منهنجي ڌڻي بادشاهہ جو خدا، بہ ائين ئي چئي.</verse>
				<verse number="37">جيئن ڪ خداوند منهنجي ڌڻي بادشاهہ سان رهيو آهي، تيئن هو شل سليمان سان رهي، ۽ هن جي تخت کي منهنجي ڌڻي دائود بادشاهہ جي تخت کان بہ وڏو ڪري.</verse>
				<verse number="38">تنهنڪري صدوق ڪاهن، ۽ ناتن نبي، ۽ بناياہ بن يهويدع، ۽ ڪريتي ۽ فليتي لهي ويا، ۽ سليمان کي بادشاهہ دائود جي خچر تي چاڙهي جيحون ۾ وٺي آيا.</verse>
				<verse number="39">۽ صدوق ڪاهن تنبوءَ مان تيل جو سڱ کڻي سليمان کي مسح ڪيو. پوءِ هنن قرناءِ وڄائي؛ ۽ سڀني ماڻهن چيو تہ شل خدا بادشاهہ سليمان کي سلامت رکي.</verse>
				<verse number="40">۽ سڀيئي ماڻهو سندس پٺيان لڳي آيا، ۽ ماڻهن توتاريون وڄايون، ۽ ڏاڍيون خوشيون ڪيون، اهڙيون جو انهن جي آواز سان زمين ٿي ڦاٽي.</verse>
				<verse number="41">۽ ادونياہ، ۽ جيڪي مهمان ساڻس هئا، تن سڀني جڏهن کائي بس ڪئي، تڏهن اُهو آواز ٻڌائون. ۽ جڏهن يوآب قرناءِ جو آواز ٻڌو تڏهن چوڻ لڳو تہ شهر ۾ هي گوڙ شور ڇالاءِ ٻڌڻ ۾ ٿو اچي؟</verse>
				<verse number="42">اڃا هن ايترو ڳالهايو تہ ڏسي تہ يونتن بن ابياتر ڪاهن اچي نڪتو: ۽ ادونياہ چيس تہ لنگهي اچ؛ ڇالاءِ جو تون لائق ماڻهو آهين، ۽ خوشخبري ٿو آڻين.</verse>
				<verse number="43">تڏهن يونتن ورندي ڏيئي ادونياہ کي چيو تہ اسان جي ڌڻيءَ بادشاهہ دائود حقيقت ۾ سليمان کي بادشاهہ ڪيو آهي:</verse>
				<verse number="44">۽ بادشاهہ انهيءَ سان صدوق ڪاهن، ۽ ناتن نبي، ۽ بناياہ بن يهويدع، ۽ ڪريتي ۽ فليتي موڪليا آهن؛ ۽ انهن هن کي بادشاهہ جي خچر تي چاڙهيو آهي:</verse>
				<verse number="45">۽ صدوق ڪاهن، ۽ ناتن نبيءَ هن کي جيحون ۾ بادشاهہ مسح ڪيو آهي: ۽ اُتان هو خوشيون ڪندا آيا آهن. جنهنڪري شهر ۾ هل مچي ويو آهي. هي گوڙ جو ٻڌو اٿوَ سو اُهو آهي.</verse>
				<verse number="46">۽ سليمان بادشاهيءَ جي تخت تي بہ ويٺو آهي.</verse>
				<verse number="47">۽ تنهن کان سواءِ بادشاهہ جا نوڪر اسان جي ڌڻيءَ بادشاهہ دائود کي دعا ڪرڻ آيا، ۽ چوڻ لڳا تہ شل تنهنجو خدا سليمان جو نالو تنهنجي نالي کان وڌائي، ۽ هن جو تخت تنهنجي تخت کان وڏو ڪري: ۽ بادشاهہ پاڻ کي هنڌ تي جهڪايو.</verse>
				<verse number="48">۽ بادشاهہ هيئن بہ چيو تہ شل خداوند اسرائيل جو خدا برڪت وارو هجي، جنهن اڄوڪي ڏينهن منهنجي تخت تي ويهڻ لاءِ ڪو ڏنو آهي، ۽ اُهو منهنجين اکين ڏٺو آهي.</verse>
				<verse number="49">۽ ادونياہ جا سڀ مهمان ڊڄي ويا، ۽ اُٿيا ۽ سڀڪو پنهنجو پنهنجو رستو وٺي هليو ويو.</verse>
				<verse number="50">۽ ادونياہ کي سليمان جو ڊپ ٿيو؛ ۽ هن اُٿي وڃي قربانگاهہ جي سڱن کي جهليو.</verse>
				<verse number="51">۽ سليمان کي ٻڌايائون تہ ڏس، ادونياہ سليمان بادشاهہ کان ڊڄي ٿو: ڇالاءِ جو هو قربانگاهہ جا سڱ جهلي پيو چوي تہ اڄ سليمان بادشاهہ مون کي قسم کڻي چوي تہ هو پنهنجي ٻانهي کي ترار سان قتل نہ ڪندو.</verse>
				<verse number="52">تڏهن سليمان چيو تہ جيڪڏهن هو لائق ماڻهو ٿي هلندو تہ هن جو هڪڙو وار بہ زمين تي نہ ڪرندو: پر جي هن ۾ ڪا شرارت لڀندي تہ هو مرندو.</verse>
				<verse number="53">پوءِ سليمان هن کي گهرايو، ۽ ماڻهو هن کي قربانگاهہ کان وٺي آيا. ۽ هن اچي سليمان بادشاهہ کي تعظيم ڏني، ۽ سليمان چيس تہ تون پنهنجي گهر هليو وڃ.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">هاڻي دائود جي مرڻ جا ڏينهن اچي ويجها ٿيا؛ ۽ هن پنهنجي پٽ سليمان کي وصيت ڪئي ۽ چيائينس، تہ</verse>
				<verse number="2">آءٌ جهان وارو رستو وٺيو ٿو وڃان: تنهنڪري تون مضبوط ٿيءُ ۽ مڙس ماڻهو ٿي هل؛</verse>
				<verse number="3">۽ خداوند پنهنجي خدا جي حڪم جي سنڀال ڪج، ۽ انهيءَ جي رستن تي هلج، ۽ سندس قانونن، ۽ سندس حڪمن، ۽ سندس فيصلن، ۽ سندس شاهدين تي سنڀالي عمل ڪج، جيئن ڪ موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي، تہ پوءِ جيڪي بہ تون ڪرين تنهن ۾، ۽ جيڏانهن بہ تون مهاڙ ڪرين تيڏانهن ڪاميابي حاصل ڪرين:</verse>
				<verse number="4">۽ خداوند منهنجي نسبت ۾ جيڪو ڪلام ڪيو آهي سو قائم ڪري، جو چيو اٿس تہ جيڪڏهن تنهنجو اولاد پنهنجي رستي جي سنڀال ڪري پنهنجي ساريءَ دل ۽ پنهنجي ساري روح سان سچ جي رستي منهنجي اڳيان هلندو، تہ ڪڏهن بہ تو وٽ اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ ماڻهو جي ڪمي نہ ٿيندي.</verse>
				<verse number="5">تنهن کان سواءِ تون اهو بہ ڄاڻين ٿو تہ يوآب بن ضروياہ مون سان ڇا ڪيو، يعني اسرائيل جي لشڪرن جي ٻن سردارن ابنير بن نير، ۽ عماسا بن يتر سان ڇا ڪيائين؛ جن کي هن ڪُٺو، ۽ صلح جي وقت جنگ وارو رت وهايائين، ۽ جنگ وارو رت پنهنجي چيلهہ تي ٻڌل ڪمربند تي، ۽ پنهنجن پيرن ۾ پيل جُتيءَ تي وڌائين.</verse>
				<verse number="6">تنهنڪري پنهنجي سمجهہ موجب عمل ڪج، ۽ هن جي اڇي مٿي کي صلح سلامتيءَ سان قبر ۾ وڃڻ نہ ڏج.</verse>
				<verse number="7">پر برزلي جلعاديءَ جي پٽن کي مهرباني ڏيکارج، ۽ هو انهن ۾ شامل ٿين جي تنهنجي دسترخاني تي ماني کائيندا: ڇالاءِ جو جڏهن آءٌ تنهنجي ڀاءُ ابي سلوم کان ڀڳو هوس تڏهن هو بہ مون سان ائين ئي ڪرڻ لاءِ آيا هئا.</verse>
				<verse number="8">۽ ڏس، توسان سمعي بن جيرا، جو بحوريم جو رهندڙ بنيميني آهي؛ انهيءَ مون تي محنايم ۾ وڃڻ واري ڏينهن سخت لعنت وڌي هئي: پر هو يردن وٽ منهنجي استقبال لاءِ لهي آيو، ۽ مون خداوند جو قسم کڻي هن کي چيو تہ آءٌ کيس ترار سان قتل نہ ڪندس.</verse>
				<verse number="9">تنهنڪري هاڻي هن کي بيگناهہ نہ ڄاڻج، ڇالاءِ جو تون ڏاهو ماڻهو آهين؛ ۽ تون پاڻيهي ڄاڻندين تہ هن سان ڇا ڪرڻ گهرجي، ۽ تون هن جو اڇو مٿو رت سان ڀري قبر ۾ وجهج.</verse>
				<verse number="10">پوءِ دائود وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان سُتو، ۽ دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو.</verse>
				<verse number="11">۽ دائود چاليهہ ورهيہ اسرائيل تي بادشاهي ڪئي: ست ورهيہ هن حبرون ۾ بادشاهي ڪئي، ۽ ٽيٽيهہ ورهيہ يروشلم ۾.</verse>
				<verse number="12">۽ سليمان پنهنجي پيءُ دائود جي تخت تي ويٺو: ۽ هن جي بادشاهت گهڻي مضبوط ٿي.</verse>
				<verse number="13">تنهن کان پوءِ ادونياہ بن حجيت سليمان جي ماءُ بت سبع وٽ آيو. ۽ هن چيس تہ تون خير مان ٿو اچين؟ ۽ هن چيو تہ خير مان.</verse>
				<verse number="14">هن وڌيڪ هي بہ چيس تہ مون کي ڪجهہ توکي چوڻو آهي. تڏهن هن چيس تہ ڀلي چئُہ.</verse>
				<verse number="15">۽ هو چوڻ لڳو تہ تون ڄاڻين ٿي تہ بادشاهت منهنجي هئي، ۽ ساري اسرائيل قوم پنهنجا منهن مون ڏي ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ بادشاهي ڪريان: پر بادشاهي ڦري منهنجي ڀاءُ جي ٿي پيئي: ڇالاءِ جو اُها خداوند جي طرفان انهيءَ جي هئي.</verse>
				<verse number="16">۽ هاڻي آءٌ توکي هڪڙو سوال ٿو ڪريان، اُهو رد نہ ڪج. ۽ هن چيس تہ بيشڪ چئُہ.</verse>
				<verse number="17">تڏهن هن چيو تہ ڀلائي ڪري سليمان بادشاهہ کي چئُہ (ڇالاءِ جو هو توکي انڪار نہ ڪندو) تہ هو مون کي ابي شاگ شونميت پرڻائي ڏئي.</verse>
				<verse number="18">۽ بت سبع چيو تہ چڱو؛ آءٌ تنهنجي لاءِ بادشاهہ کي چونديس.</verse>
				<verse number="19">تنهنڪري بت سبع بادشاهہ سليمان وٽ ادونياہ جي لاءِ ڳالهہ ڪرڻ ويئي. ۽ بادشاهہ هن جي استقبال لاءِ سندس اڳيان اُٿي بيٺو، ۽ ڪنڌ جهڪايائين، پوءِ پنهنجي تخت تي ويٺو، ۽ بادشاهہ پنهنجي ماءُ جي لاءِ ٻيو هڪڙو تخت رکايو؛ ۽ هوءَ سندس سڄي هٿ پاسي ويٺي.</verse>
				<verse number="20">پوءِ هوءَ چوڻ لڳي تہ آءٌ توکي هڪڙو خسيس سوال ٿي ڪريان؛ اهو تون رد نہ ڪج. ۽ بادشاهہ هن کي چيو تہ امان ڀلي ڪر: آءٌ تنهنجي ڳالهہ رد نہ ڪندس.</verse>
				<verse number="21">تڏهن هن چيو تہ تون ابي شاگ شونميت پنهنجي ڀاءُ ادونياہ کي پرڻائي ڏي.</verse>
				<verse number="22">۽ بادشاهہ سليمان پنهنجي ماءُ کي ورندي ڏيئي چيو تہ تون ابي شاگ شونميت ادونياہ جي لاءِ ڇو ٿي گهرين؟ هن جي لاءِ بادشاهي بہ گهر؛ ڇالاءِ جو هو منهنجو وڏو ڀاءُ آهي؛ بلڪ هن جي لاءِ، ۽ ابياتر ڪاهن جي لاءِ، ۽ يوآب بن ضروياہ جي لاءِ بہ.</verse>
				<verse number="23">پوءِ بادشاهہ سليمان خداوند جو قسم کڻي چيو تہ جيڪڏهن ادونياہ اها ڳالهہ خود پنهنجي جان جي برخلاف نہ ڪئي هجي تہ خدا مون سان بہ ائين ڪري بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.</verse>
				<verse number="24">تنهنڪري هاڻي خدا جيئري جو قسم آهي جنهن مون کي قائم ڪيو آهي، ۽ منهنجي پيءُ دائود جي تخت تي مون کي ويهاريو اٿس، ۽ جنهن منهنجي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيو آهي، جيئن ڪ اڳيئي انجام ڪيو هئائين، تہ ضرور ادونياہ اڄوڪي ڏينهن قتل ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="25">۽ سليمان بادشاهہ بناياہ بن يهويدع کي موڪليو؛ جو هن تي ڪاهي وڃي پيو ۽ هو مئو.</verse>
				<verse number="26">۽ بادشاهہ ابياتر ڪاهن کي چيو تہ تون عنتوت ڏي پنهنجين ٻنين ۾ وڃي رهہ؛ ڇالاءِ جو مرڻ جي لائق آهين: پر في الحال آءٌ توکي نہ ماريندس، ڇالاءِ جو تون منهنجي پيءُ دائود جي اڳيان خداوند خدا جي صندوق کڻندو هئين، ۽ جيڪا مصيبت منهنجي پيءُ تي پيئي هئي سا توتي بہ پيئي هئي.</verse>
				<verse number="27">انهيءَ طرح سليمان ابياتر کي خداوند جي ڪاهن ٿيڻ کان ڪڍي ڇڏيو: انهيءَ لاءِ تہ هو خداوند جو اهو ڪلام پورو ڪري جو هن سيلا ۾ عيلي جي گهراڻي جي نسبت ۾ ڪيو هو.</verse>
				<verse number="28">۽ اها خبر يوآب کي پهتي: جيتوڻيڪ يوآب ابي سلوم جي پٺيان نہ ويو، پر ادونياہ جي پٺيان لڳي ويو هو. ۽ يوآب خداوند جي تنبوءَ ۾ ڀڄي ويو، ۽ وڃي قربانگاهہ جا سڱ جهلي بيٺو.</verse>
				<verse number="29">۽ بادشاهہ سليمان کي ٻڌايائون تہ يوآب ڀڄي خداوند جي تنبوءَ ۾ ويو آهي، ۽ ڏس هو اڃا قربانگاهہ جي پاسي ۾ آهي. تڏهن سليمان بناياہ بن يهويدع کي موڪليو ۽ چيائينس تہ وڃي مٿس پئُہ.</verse>
				<verse number="30">۽ بناياہ خداوند جي تنبوءَ ۾ آيو ۽ هن کي چيائين تہ بادشاهہ فرمائي ٿو تہ نڪري اچ. هن چيو تہ نہ؛ بلڪ آءٌ هتي مرندس. ۽ بناياہ بادشاهہ کي وري اچي چيو تہ يوآب هيئن چيو ۽ هي جواب ڏنو اٿس.</verse>
				<verse number="31">تنهن تي بادشاهہ هن کي چيو تہ جيئن هن چيو آهي تيئن ڪر، ۽ ڪاهي وڃي مارينس ۽ دفن ڪرينس؛ تہ انهيءَ طرح جيڪو رت يوآب ناحق هاريو هو، سو تون مون تان، ۽ منهنجي پيءُ جي خاندان تان لاهين؟</verse>
				<verse number="32">۽ خداوند سندس خون خود سندس سر تي موٽائي وجهندو، ڇالاءِ جو هن ٻن اهڙن ماڻهن تي ڪاهہ ڪئي جي کانئس سچار ۽ بهتر هئا، ۽ انهن کي ترار سان قتل ڪيائين، ۽ منهنجي پيءُ دائود کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر ئي نہ پيئي، يعني ابنير بن نير، اسرائيل جي سپهہ سالار کي، ۽ عماسا بن يتر، يهوداہ جي سپهہ سالار کي.</verse>
				<verse number="33">انهيءَ طرح هن جو خون موٽي يوآب جي سر تي، ۽ سندس اولاد جي سر تي هميشہ لاءِ پوندو: پر دائود جي لاءِ، ۽ سندس اولاد جي لاءِ، ۽ سندس گهراڻي جي لاءِ، ۽ سندس تخت جي لاءِ خداوند وٽان هميشہ سلامتي هوندي.</verse>
				<verse number="34">تڏهن بناياہ بن يهويدع ڪاهي هن تي وڃي پيو ۽ هن کي قتل ڪيائين؛ ۽ هو بيابان ۾ پنهنجي گهر ۾ دفن ڪيو ويو.</verse>
				<verse number="35">۽ بادشاهہ بناياہ بن يهويدع کي هن جي جاءِ تي لشڪر جي مٿان مقرر ڪيو: ۽ صدوق ڪاهن کي بادشاهہ ابياتر جي جاءِ تي رکيو.</verse>
				<verse number="36">۽ بادشاهہ سمعيءَ کي سڏائي چيو تہ پنهنجي لاءِ يروشلم ۾ هڪڙو گهر جوڙاءِ، ۽ انهيءَ ۾ رهہ، ۽ اتان ٻئي ڪنهن بہ پاسي نہ وڃج.</verse>
				<verse number="37">ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن تون ٻاهر ويندين ۽ قدرون جي نهر لنگهندين، انهيءَ ڏينهن پڪ ڄاڻج تہ ضرور مرندين: تنهنجو خون تنهنجي ئي سر تي پوندو.</verse>
				<verse number="38">۽ سمعيءَ بادشاهہ کي چيو تہ اهو حڪم چڱو آهي: جيئن منهنجي ڌڻي بادشاهہ فرمايو آهي، تيئن تنهنجو ٻانهو ڪندو. ۽ سمعي گهڻن ڏينهن تائين يروشلم ۾ رهيو.</verse>
				<verse number="39">۽ ٽن ورهين کان پوءِ هيئن ٿيو تہ سمعي جا ٻہ ٻانها جات جي بادشاهہ اڪيس بن معڪاہ ڏي ڀڄي ويا. ۽ ماڻهن سمعيءَ کي چيو تہ ڏس تنهنجا ٻانها جات ۾ آهن.</verse>
				<verse number="40">۽ سمعي اُٿيو ۽ پنهنجي گڏهہ تي هنو وڌائين ۽ جات ڏي پنهنجن ٻانهن کي ڳولڻ لاءِ اڪيس وٽ ويو: ۽ سمعي وڃي جات مان پنهنجا ٻانها وٺي آيو.</verse>
				<verse number="41">۽ سليمان کي خبر ملي تہ سمعيءَ يروشلم کان جات ڏي ويو هو ۽ اُتان موٽي آيو آهي.</verse>
				<verse number="42">تڏهن بادشاهہ سمعيءَ کي سڏائي چيو تہ مون توکان خداوند جو قسم نہ کڻايو هو ڇا ۽ توکي تاڪيد سان نہ چيو هوم ڇا تہ پڪ ڄاڻج تہ جنهن ڏينهن تون ٻاهر ويندين، ۽ ڪنهن بہ پاسي نڪري گهمڻ ويندين، انهيءَ ڏينهن تون ضرور مرندين؟ ۽ تو مون کي چيو هو تہ جيڪو حڪم مون ٻڌو آهي سو چڱو آهي.</verse>
				<verse number="43">تڏهن ڇو تو خداوند جي قسم جي، ۽ جيڪو حڪم مون توکي ڏنو هو تنهن جي سنڀال نہ ڪئي؟</verse>
				<verse number="44">۽ بادشاهہ سمعيءَ کي وڌيڪ هيترو بہ چيو تہ جنهن شرارت جي تنهنجي دل کي خبر آهي، ۽ جا تو منهنجي پيءُ دائود سان ڪئي، سا تون ڄاڻين ٿو: تنهنڪري خداوند تنهنجي شرارت موٽائي تنهنجي سر تي وجهندو.</verse>
				<verse number="45">پر بادشاهہ سليمان برڪت وارو ٿيندو، ۽ دائود جو تخت خداوند جي اڳيان هميشہ لاءِ قائم رهندو.</verse>
				<verse number="46">پوءِ بادشاهہ بناياہ بن يهويدع کي حڪم ڏنو ۽ هو نڪري ويو، ۽ وڃي هن جي مٿان ڪاهي پيو ۽ هن کي ماريائين. ۽ بادشاهي سليمان جي هٿ ۾ قائم ٿي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">۽ سليمان مصر جي بادشاهہ فرعون سان مائٽي ڳنڍي، ۽ فرعون جي ڌيءَ سان شادي ڪري انهيءَ کي دائود جي شهر ۾ وٺي آيو، جيسين ڪ پنهنجو گهر، ۽ خداوند جو گهر، ۽ يروشلم جي چوڌاري ڀت جوڙائي پوري ڪيائين.</verse>
				<verse number="2">ماڻهو فقط مٿانهن هنڌن تي قربانيون چاڙهيندا هئا، ڇالاءِ جو انهن ڏينهن تائين خداوند جي نالي تي ڪوبہ گهر جڙيل نہ هو.</verse>
				<verse number="3">۽ سليمان خداوند سان محبت رکي پنهنجي پيءُ دائود جي قانونن تي هليو: رڳو مٿانهن هنڌن تي قربانيون ڪندو هو ۽ لوبان ساڙيندو هو.</verse>
				<verse number="4">۽ بادشاهہ قرباني ڪرڻ لاءِ جبعون ڏي ويو؛ ڇالاءِ جو اهو ئي خاص مٿانهون هنڌ هو: انهيءَ قربانگاهہ تي سليمان هڪ هزار سوختني قربانيون چاڙهيون.</verse>
				<verse number="5">جبعون ۾ خداوند سليمان کي رات جو خواب ۾ ڏيکاري ڏني: ۽ خدا چيو تہ ٻڌاءِ تہ آءٌ توکي ڇا ڏيان؟</verse>
				<verse number="6">تڏهن سليمان چيو تہ تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود کي گهڻي مهرباني ڏيکاري آهي، جو هو تنهنجي اڳيان سچائي، ۽ راستبازي، ۽ دل جي صداقت سان تو سان هلندو هو؛ ۽ تو هن واسطي اها وڏي مهرباني قائم رکي آهي جو سندس تخت تي ويهڻ لاءِ کيس هڪڙو پٽ ڏنو اٿيئي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.</verse>
				<verse number="7">۽ هاڻي، اي خداوند منهنجا خدا، تو پنهنجي ٻانهي کي، منهنجي پيءُ دائود جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو آهي: ۽ آءٌ رڳو هڪڙو ننڍڙو ٻار آهيان؛ مون کي اها خبر نہ آهي تہ ڪيئن ٻاهر وڃان يا اندر اچان.</verse>
				<verse number="8">۽ تنهنجو ٻانهو تنهنجي انهيءَ قوم جي وچ ۾ آهي، جا تو پسند ڪئي آهي، ۽ اهڙي وڏي قوم آهي جا ڪثرت جي ڪري ڳڻي يا شمار ڪري نہ ٿي سگهجي.</verse>
				<verse number="9">تنهنڪري پنهنجي ٻانهي کي اهڙي سمجهہ ڀري دل ڏي تہ تنهنجي قوم جي عدالت ڪري، جنهنڪري آءٌ چڱي ۽ بڇڙي جي وچ ۾ تميز ڪري سگهان؛ ڇالاءِ جو ڪير هن تنهنجي وڏيءَ قوم جي عدالت ڪري سگهندو؟</verse>
				<verse number="10">۽ انهيءَ ڳالهہ ڪري خداوند خوش ٿيو جو سليمان اها شيءِ گهري هئي.</verse>
				<verse number="11">۽ خداوند هن کي چيو تہ تو اها شيءِ گهري آهي، ۽ پنهنجي لاءِ وڏي حياتي نہ گهري آهي؛ نڪي پنهنجي لاءِ دولت گهري اٿيئي، ۽ نہ پنهنجي دشمنن جو ساهہ گهريو اٿيئي؛ پر پنهنجي لاءِ پوري عدالت ڪرڻ لاءِ سمجهہ گهري اٿيئي،</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري ڏس، جيئن تو چيو آهي تيئن مون ڪيو آهي: ڏس مون توکي عقل ۽ سمجهہ واري دل ڏني آهي؛ جنهنڪري تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ماڻهو توکان اڳي نہ ٿيو، ۽ نہ توکان پوءِ ڪو ٻيو تو جهڙو پيدا ٿيندو.</verse>
				<verse number="13">۽ مون توکي اهو بہ ڏنو آهي جو تو نہ گهريو آهي، يعني دولت، ۽ عزت، جنهنڪري تنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ بادشاهن مان ڪوبہ تو جهڙو نہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="14">۽ جيڪڏهن منهنجن قانونن ۽ حڪمن جي تعميل ڪرڻ لاءِ تون منهنجن رستن تي هلندين، جيئن ڪ تنهنجو پيءُ دائود هلندو هو، تہ پوءِ آءٌ تنهنجي عمر وڏي ڪندس.</verse>
				<verse number="15">۽ سليمان جاڳيو، ۽ ڏٺائين تہ اهو هڪڙو خواب آهي: ۽ هو يروشلم ۾ آيو ۽ خداوند جي عهدنامي واري صندوق جي اڳيان بيٺو، ۽ سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيائين، ۽ پنهنجن سڀني نوڪرن جي مهماني ڪيائين.</verse>
				<verse number="16">تنهن کان پوءِ ڪي ٻہ زالون، جي ڪسبياڻيون هيون، سي بادشاهہ وٽ آيون ۽ اچي سندس اڳيان بيٺيون.</verse>
				<verse number="17">۽ هڪڙيءَ زال چيو تہ اي منهنجا ڌڻي آءٌ ۽ هيءَ زال ٻئي هڪڙي گهر ۾ ٿيون رهون؛ ۽ مون کي هڪڙو ٻار ڄائو، ۽ انهيءَ مهل هيءَ بہ گهر ۾ هئي.</verse>
				<verse number="18">۽ منهنجي ٻار ڄڻڻ کان پوءِ ٽئين ڏينهن هيئن ٿيو تہ هن زال بہ ٻار ڄڻيو؛ ۽ اسين گڏ هيون سين؛ ۽ گهر ۾ اسان ٻن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڌاريو ماڻهو ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="19">۽ هن زال جو ٻار رات جو مري ويو؛ ڇالاءِ جو هن انهيءَ جي مٿان سمهي اُن کي چپي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="20">۽ هن اڌ رات جو اُٿي منهنجو پٽ منهنجي پاسي مان کنيو ۽ انهيءَ مهل تنهنجي ٻانهي سُتي پيئي هئي، ۽ انهيءَ کي کڻي پنهنجي ڇاتيءَ سان لاتائين، ۽ پنهنجو مئل ٻار منهنجي بغل ۾ سمهاري ويئي.</verse>
				<verse number="21">۽ جڏهن آءٌ صبح جو پنهنجي ٻار کي کير پيارڻ لاءِ اُٿيس تڏهن ڏسان تہ اُهو مئو پيو آهي: پر جڏهن صبح جو مون ڌيان ڏيئي نهاريو، تڏهن ڏٺم تہ اُهو منهنجو ڄڻيل پٽ نہ آهي.</verse>
				<verse number="22">۽ هن ٻيءَ زال چيو تہ ائين نہ آهي؛ پر هي جيئرو منهنجو پٽ آهي، ۽ هو مئل تنهنجو پٽ آهي. ۽ هن زال چيو تہ ائين نہ آهي؛ پر هي مئل تنهنجو پٽ آهي، ۽ هو جيئرو منهنجو پٽ آهي. انهيءَ طرح هنن بادشاهہ جي اڳيان پنهنجي پنهنجي ڳالهہ ڪئي.</verse>
				<verse number="23">تڏهن بادشاهہ چيو تہ هڪڙي ٿي چوي تہ هي جيئرو منهنجو پٽ آهي، ۽ هو مئل تنهنجو پٽ آهي: ۽ ٻي ٿي چوي تہ نہ، مئل پٽ تنهنجو آهي، ۽ جيئرو منهنجو پٽ آهي.</verse>
				<verse number="24">۽ بادشاهہ چيو تہ مون کي ترار آڻي ڏيو. ۽ هڪڙي ترار آڻي بادشاهہ جي اڳيان رکيائون.</verse>
				<verse number="25">۽ بادشاهہ چيو تہ هن جيئري ٻار کي ورهائي ٻہ ٽڪر ڪريو، ۽ اڌ هڪڙيءَ کي ڏيو، ۽ اڌ ٻيءَ کي.</verse>
				<verse number="26">تڏهن جنهن زال جو اهو جيئرو ٻار هو تنهن جي آنڊن ٻار لاءِ ڇڪي کاڌي، ۽ انهيءَ بادشاهہ کي چيو تہ اي منهنجا ڌڻي، اهو جيئرو ٻار هن کي ڏيئي ڇڏيو، ۽ ڪنهن بہ طرح انهيءَ کي قتل نہ ڪريو. پر ٻيءَ چيو تہ ڀلي اهو نہ منهنجو ٿئي نہ تنهنجو؛ انهيءَ کي وڍي ٻہ ٽڪر ڪريو.</verse>
				<verse number="27">تڏهن بادشاهہ ورندي ڏيئي چيو تہ انهيءَ زال کي اهو جيئرو ٻار ڏيئي ڇڏيو، ۽ ڪنهن بہ طرح انهيءَ کي قتل نہ ڪريو؛ اها ئي انهيءَ جي ماءُ آهي.</verse>
				<verse number="28">۽ اها جيڪا عدالت بادشاهہ ڪئي سا سڄي اسرائيل قوم ٻڌي؛ ۽ هو بادشاهہ کان ڊڄڻ لڳا: ڇالاءِ جو هنن ڏٺو تہ عدالت ڪرڻ لاءِ هن ۾ خدا جي ڏاهپ آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">۽ بادشاهہ سليمان ساري اسرائيل تي بادشاهہ هو.</verse>
				<verse number="2">۽ هن وٽ هي امير هوندا هئا؛ عزرياہ بن صدوق، ڪاهن؛</verse>
				<verse number="3">سيسہ جا پٽ اليحورف ۽ احياہ جي منشي هئا؛ يهوسفط بن اخيلود، دفتردار؛</verse>
				<verse number="4">۽ بناياہ بن يهويدع، لشڪر جي مٿان هو؛ ۽ صدوق ۽ ابياتر ڪاهن هئا؛</verse>
				<verse number="5">۽ عزرياہ بن ناتن عملدارن جي مٿان هو؛ ۽ زبود بن ناتن ڪاهن هو ۽ بادشاهہ جو دوست هو؛</verse>
				<verse number="6">۽ اخيسر گهر جي ڪم ڪار جي مٿان هو؛ ۽ ادونرام بن عبدا ڀرتي ڪيل ماڻهن جي مٿان هو.</verse>
				<verse number="7">۽ سليمان جا ٻارهن عملدار ساري اسرائيل جي مٿان هوندا هئا، جي بادشاهہ ۽ سندس گهراڻي لاءِ سرسات موجود ڪري ڏيندا هئا: هرهڪ سال ۾ هڪ مهيني جي لاءِ سامان موجود ڪري ڏيندو هو.</verse>
				<verse number="8">۽ انهن جا نالا هي آهن: بن حور، افرائيم جي ڪوهستان ۾:</verse>
				<verse number="9">بن دقر، مقاض ۾، ۽ سعلبيم ۾، ۽ بيت شمس ۾، ۽ ايلون ۾، ۽ بيت حنان ۾:</verse>
				<verse number="10">بن حصد، اربوت ۾؛ شوڪ ۽ حفر جو سارو ملڪ هن جي علائقي ۾ هو:</verse>
				<verse number="11">بن ابينداب، دور جي ساري مٿانهين ملڪ ۾؛ سليمان جي ڌيءَ طافت انهيءَ جي زال هئي:</verse>
				<verse number="12">بعنہ بن اخيلود، تعناڪ ۽ مجدو ۾، ۽ سارو بيت شان، جو ضرتان جي پاسي ۾، يزرعيل جي هيٺان، بيت شان کان وٺي ابيل محولہ تائين، بلڪ يقمعام کان بہ پرتي ٿو وڃي، تنهن ۾:</verse>
				<verse number="13">بن جبر، رامات جلعاد ۾؛ جنهن جي علائقي ۾ يائير بن منسيءَ جا شهر هئا، جي جلعاد ۾ آهن؛ ۽ انهيءَ جي هٿ ۾ ارجوب جو حصو هو، جو بسن ۾ آهي، ۽ اُتي سٺ وڏا شهر ڀتين سان ۽ پتل جي گزن سان هئا:</verse>
				<verse number="14">اخينداب بن عدو، محنايم ۾:</verse>
				<verse number="15">اخيمعض، نفتالي ۾؛ هن بہ سليمان جي ڌيءَ بسمت سان شادي ڪئي:</verse>
				<verse number="16">بعنہ بن حوسي، آشر ۽ علوت ۾:</verse>
				<verse number="17">يهوسفط بن فروح، اشڪار ۾:</verse>
				<verse number="18">سمعي بن ايلا، بنيمين ۾:</verse>
				<verse number="19">جبر بن اُوري، جلعاد جي زمين ۾، ۽ امورين جي بادشاهہ سيحون، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي ملڪ ۾؛ انهيءَ ملڪ ۾ اهو ئي هڪڙو عملدار هو.</verse>
				<verse number="20">يهوداہ ۽ اسرائيل جي قوم ايتري گهڻي هئي جيتري سمنڊ جي ڪناري جي واري، ۽ اُهي ماڻهو کائيندا پيئندا ۽ مزا ماڻيندا ٿي وتيا.</verse>
				<verse number="21">۽ فرات نديءَ کان وٺي فلستين جي زمين تائين، ۽ مصر جي سرحد تائين جيڪي بادشاهتون هيون تن سڀني تي سليمان حڪم هلائيندو هو؛ اُهي نذرانا آڻيندا هئا، ۽ سندس ساري حياتيءَ جا ڏينهن سليمان جي خدمت چاڪري ڪندا رهيا.</verse>
				<verse number="22">۽ سليمان جي هڪڙي ڏينهن جي سرسات ٽيهہ ماڻ ميدي جا، ۽ سٺ ماڻ اٽي جا؛</verse>
				<verse number="23">ڏهہ پاليل ٿلها ڏاند، ۽ ويهہ ٻاهر جهنگ ۾ چرندڙ ڏاند، ۽ هڪ سؤ رڍون، تنهن کان سواءِ ڄانگها، ۽ هرڻ، ۽ چڪارا، ۽ پاليل ٿلها پکي.</verse>
				<verse number="24">ڇالاءِ جو فرات نديءَ جي هن ڀر تفسح کان وٺي غزہ تائين جيڪو ملڪ هو تنهن تي، ۽ فرات نديءَ جي هن ڀر جيڪي بادشاهہ هئا تن تي، هن جو حڪم هلندو هو: ۽ هن جي آس پاس سڀني پاسن ڏانهن صلح هو.</verse>
				<verse number="25">۽ يهوداہ ۽ اسرائيل جا سڀ ماڻهو سليمان جي ساري حياتيءَ جي ڏينهن ۾، دان کان وٺي بيرسبع تائين، پنهنجي پنهنجي ڊاک جي منهہ، ۽ انجير جي وڻ هيٺ صحيح سلامت رهندا آيا.</verse>
				<verse number="26">۽ سليمان وٽ سندس گاڏين جي لاءِ گهوڙن جون چاليهہ هزار ڪڙهيون هيون، ۽ ٻارهن هزار گهوڙي سوار هئا.</verse>
				<verse number="27">۽ انهن عملدارن مان هرهڪ پنهنجي مهيني ۾ سليمان بادشاهہ جي لاءِ، ۽ جيڪي سليمان بادشاهہ جي دسترخاني تي ايندا هئا تن سڀني جي لاءِ، کاڌو موجود ٿي ڪيو: هنن ڪنهن بہ شيءِ جي گهٽتائي نہ ٿي ڪئي.</verse>
				<verse number="28">انهن مان هرهڪ پنهنجي مليل حڪم موجب گهوڙن ۽ تکن وهٽن جي لاءِ، جَوَ ۽ گاهہ بہ، انهيءَ هنڌ ٿي آندو، جتي اُهي هوندا هئا.</verse>
				<verse number="29">۽ خدا سليمان کي سياڻپ ۽ سمجهہ تمام گهڻي ڏني، ۽ سندس دل جي ڪشادگي اهڙي هئي جهڙي واري، جا سمنڊ جي ڪناري تي هوندي آهي.</verse>
				<verse number="30">۽ سليمان جي سياڻپ اُڀرندي جي سڀني ماڻهن جي سياڻپ کان، ۽ مصر جي ساري سياڻپ کان وڌيڪ هئي.</verse>
				<verse number="31">ڇالاءِ جو هو سڀني ماڻهن کان ڏاهو هو؛ ايتان ازراخي، ۽ هيمان، ۽ ڪل ڪول، ۽ دردع کان بہ، جي محول جا پٽ هئا؛ ۽ هن جي ناموس آس پاس وارين سڀني قومن ۾ هئي.</verse>
				<verse number="32">۽ هن ٽي هزار مثل چيا: ۽ هن جا گيت هڪ هزار ۽ پنج هئا.</verse>
				<verse number="33">۽ هن وڻن جو بيان ڏنو: ديودار، جو لبنان ۾ ٿئي ٿو تنهن کان وٺي زوفا، جو ڀتين مان ٿو اُڀري تنهن تائين: هن جانورن بابت، ۽ پکين بابت، ۽ سُرندڙن شين بابت، ۽ مڇين بابت بہ بيان ڏنو.</verse>
				<verse number="34">۽ سڀني قومن، ۽ زمين جي بادشاهن جن سليمان جي ڏاهپ جو ٻڌو هو، سي هن جي ڏاهپ ٻڌڻ لاءِ ايندا هئا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">۽، صور جي بادشاهہ حيرام پنهنجا نوڪر سليمان ڏي موڪليا، ڇالاءِ جو هن ٻڌو تہ هن کي سندس پيءُ جي جاءِ تي مسح ڪري بادشاهہ ڪيو هئائون: جو حيرام هميشہ دائود کي پيار ڪندو هو.</verse>
				<verse number="2">۽ سليمان حيرام کي چوائي موڪليو تہ</verse>
				<verse number="3">توکي خبر آهي تہ هر طرف جنگين هئڻ سبب منهنجو پيءُ دائود خداوند پنهنجي خدا جي نالي تي گهر جوڙائي نہ سگهيو، جيسين ڪ خداوند اُهي سندس پيرن جي ترين هيٺ ڪيا.</verse>
				<verse number="4">پر هاڻي خداوند منهنجي خدا مون کي هر ڪنهن پاسي کان آرام ڏنو آهي؛ ۽ نہ ڪو مخالف آهي ۽ نہ ڪا خرابي آهي.</verse>
				<verse number="5">۽ ڏس، منهنجو ارادو آهي تہ جيئن خداوند منهنجي پيءُ دائود کي چيو هو تہ تنهنجو پٽ جنهن کي آءٌ تنهنجي بجاءِ تخت تي ويهاريندس، سو منهنجي نالي تي گهر جوڙيندو، تيئن آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي تي هڪڙو گهر جوڙيان.</verse>
				<verse number="6">تنهنڪري هاڻي حڪم جاري ڪر تہ لبنان مان منهنجي لاءِ ديودار جا وڻ وڍيا وڃن، ۽ منهنجا نوڪر تنهنجن نوڪرن سان همراهہ ٿيندا؛ ۽ آءٌ تنهنجن نوڪرن جو اُجورو، جيترو تون چوندين اوترو ڏيندس: ڇالاءِ جو توکي خبر آهي تہ اسان ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو ڪاٺ وڍڻ جي هنر ۾ صيدونين جهڙو هجي.</verse>
				<verse number="7">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن حيرام سليمان جون اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ چوڻ لڳو تہ اڄوڪي ڏينهن خداوند برڪت وارو هجي جنهن دائود کي هن وڏيءَ قوم لاءِ هڪڙو ڏاهو پٽ ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="8">۽ حيرام سليمان ڏي چوائي موڪليو تہ جيڪو پيغام تو مون ڏي موڪليو آهي سو مون ٻڌو آهي: ديودار جي ڪاٺ ۽ صنوبر جي ڪاٺ جي نسبت ۾ جيئن تنهنجي مرضي آهي تيئن آءٌ ڪندس.</verse>
				<verse number="9">منهنجا نوڪر، اُهي لبنان کان هيٺ سمنڊ تائين آڻيندا: ۽ آءٌ انهن کي ڳنڍي ٻيڙين وانگر سمنڊ جي رستي انهيءَ هنڌ آڻيندس جو تون مقرر ڪندين، ۽ پوءِ آءٌ اُهي توکي کولائي ڏيندس ۽ تون انهن کي وٺج: ۽ تون منهنجي گهر جي لاءِ کاڌو موجود ڪري منهنجي مرضي پوري ڪج.</verse>
				<verse number="10">انهيءَ طرح حيرام سليمان کي سندس خواهش موجب ديودار جو ڪاٺ ۽ صنوبر جو ڪاٺ پهچائي ڏنو.</verse>
				<verse number="11">۽ سليمان حيرام کي سندس گهر جي کاڌي لاءِ ويهہ هزار ماڻ ڪڻڪ جا، ۽ ويهہ ماڻ نج تيل جا ڏنا: انهيءَ طرح سال بسال سليمان حيرام کي ڏيندو رهيو.</verse>
				<verse number="12">۽ خداوند سليمان کي سياڻپ ڏني، جيئن ڪ هن سان انجام ڪيو هئائين؛ ۽ حيرام ۽ سليمان جي وچ ۾ صلح قائم رهيو؛ ۽ هنن ٻنهي پاڻ ۾ هڪڙو عهد ڪيو.</verse>
				<verse number="13">۽ بادشاهہ سليمان ساريءَ اسرائيل قوم مان ماڻهو زوريءَ ڀرتي ڪرڻ لڳو؛ ۽ اهي گڏ ڪيل ماڻهو ٽيهہ هزار ٿيا.</verse>
				<verse number="14">۽ هن انهن کي لبنان ڏي ڏياري موڪليو، ۽ واري واري سان هر مهيني ڏهہ هزار موڪليائين: هڪ مهينو هو لبنان ۾ رهندا هئا ۽ ٻہ مهينا گهر ۾: ۽ ادونيرام اُنهن گڏ ڪيل ماڻهن جي مٿان هو.</verse>
				<verse number="15">۽ سليمان وٽ ستر هزار ماڻهو بار کڻڻ وارا هئا، ۽ اسي هزار ماڻهو جبلن ۾ پٿرن ٽُڪڻ وارا هئا؛</verse>
				<verse number="16">انهيءَ ڪم تي جيڪي سليمان جا مکيہ عملدار هئا، تن کان سواءِ ٽي هزار ۽ ٽي سؤ اُهي هئا جي انهيءَ ڪم ڪرڻ وارن جي مٿان حڪم هلائيندا هئا.</verse>
				<verse number="17">۽ بادشاهہ حڪم ڏنو ۽ هنن وڏا وڏا پٿر ۽ قيمتي پٿر ٽُڪي ڪڍيا، انهيءَ لاءِ تہ ڇليل پٿرن سان عمارت جو بنياد وجهڻ ۾ اچي.</verse>
				<verse number="18">۽ سليمان جا رازا، ۽ حيرام جا رازا، ۽ جبلي انهن کي ڇلڻ لڳا، ۽ ڪاٺ، ۽ پٿر گهر جوڙڻ لاءِ تيار ڪرڻ لڳا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">بني اسرائيل مصر جي زمين مان نڪتا تنهن کان چار سؤ اسي ورهيہ پوءِ، ۽ اسرائيل تي سليمان جي بادشاهيءَ جي چوٿين ورهيہ ۾، زيو جي مهيني ۾، جو ٻيو مهينو آهي، هيئن ٿيو جو هن خداوند جو گهر جوڙڻ شروع ڪيو.</verse>
				<verse number="2">۽ جيڪو گهر بادشاهہ سليمان خداوند جي لاءِ جوڙيو تنهن جي ڊيگهہ سٺ هٿ هئي، ۽ ان جي ويڪر ويهہ هٿ هئي، ۽ اوچائي ٽيهہ هٿ هئي.</verse>
				<verse number="3">۽ گهر جي پاڪ جاءِ جي اڳيان جيڪو ورانڊو هو، تنهن جي ڊيگهہ گهر جي ويڪر جيتري ويهہ هٿ هئي، ۽ انهي ورانڊي جي ويڪر گهر جي اڳيان ڏهہ هٿ هئي.</verse>
				<verse number="4">۽ گهر جي لاءِ هن پڪيون جعفري واريون دريون جوڙايون.</verse>
				<verse number="5">۽ گهر جي ڀت تي هن چوڌاري، يعني گهر جي ڀتين تي، جهڙو پاڪ جاءِ جي، تهڙو الهامگاهہ جي چوڌاري، طبقا جوڙايائين: ۽ هن چوڌاري پاسي واريون ڪوٺيون بہ جوڙايون:</verse>
				<verse number="6">سڀ کان هيٺيون طبقو پنج هٿ ويڪرو هو، ۽ وچون ڇهہ هٿ ويڪرو هو، ۽ ٽيون ست هٿ ويڪرو هو: ڇالاءِ جو ٻاهران گهر جي چوڌاري ڀت ۾ هن ٽيڪون جوڙايون، انهيءَ لاءِ تہ ڪامون گهر جي ڀتين ۾ کپُ نہ ڪن.</verse>
				<verse number="7">۽ جڏهن گهر جڙڻ لڳو، تڏهن کاڻ وٽ تيار ڪيل پٿرن سان اُهو جوڙيو ويو: ۽ نہ مُترڪي، نہ ڪهاڙي ۽ نہ ٻئي ڪنهن لوهہ جي اوزار جو آواز، گهر جوڙيندي گهر منجهہ ٻڌڻ ۾ آيو.</verse>
				<verse number="8">وچين پاسي وارين ڪوٺين جو در گهر جي سڄي هٿ واري پاسي هو: ۽ ماڻهو گول ڏاڪڻ جي رستي وچين ڪوٺين ۾ ٿي ويا، ۽ وچين مان وري ٽئين طبقي وارين ڪوٺين ۾.</verse>
				<verse number="9">انهيءَ طرح هن گهر جوڙي پورو ڪيو؛ ۽ هن گهر تي ديودار جون ڪامون ۽ تختا رکي انهيءَ کي ڍڪيو.</verse>
				<verse number="10">۽ هن ساري گهر جي مٿان طبقا جوڙايا، هرهڪ پنج هٿ مٿي هو: ۽ اُهي ديودار جي ڪاٺ تي گهر جي مٿان بيٺل هئا.</verse>
				<verse number="11">۽ خداوند جو ڪلام سليمان وٽ آيو، تہ</verse>
				<verse number="12">هي جيڪو گهر تون جوڙين ٿو، تنهن جي نسبت ۾ جيڪڏهن تون منهنجن قانونن تي هلندين، ۽ منهنجن فيصلن جي تعميل ڪندين، ۽ منهنجا سڀ حڪم بجا آڻي انهن تي هلندين؛ تہ جيڪي ڳالهيون مون تنهنجي پيءُ دائود سان ڪيون آهن سي قائم رکندس.</verse>
				<verse number="13">۽ آءٌ بني اسرائيل منجهہ رهندس ۽ پنهنجيءَ قوم اسرائيل کي ڇڏي نہ ڏيندس.</verse>
				<verse number="14">۽ نيٺ سليمان گهر جوڙائي پورو ڪيو.</verse>
				<verse number="15">۽ هن گهر جون ڀتيون اندران ديودار جي تختن سان جوڙايون؛ گهر جي فرش کان وٺي ڇت جي ڀتين تائين هن اُنهن کي اندران تختن سان ڍڪيو: ۽ گهر جي فرش کي هن صنوبر جي تختن سان ڍڪيو.</verse>
				<verse number="16">۽ گهر جي پٺئين پاسي، فرش کان وٺي ڀتين تائين هن ويهہ هٿ ديودار جي تختن سان اڏايا: بلڪ انهيءَ جي اندران بہ الهامگاهہ لاءِ، يعني پاڪ ترين جاءِ لاءِ، هن اُهي اڏايا.</verse>
				<verse number="17">۽ اهو گهر، يعني الهامگاهہ جي اڳ واري پاڪ جاءِ، چاليهہ هٿ ڊگهي هئي.</verse>
				<verse number="18">۽ اندران گهر تي جيڪو ديودار جو ڪاٺ هو، تنهن تي لاٽون ۽ کليل گل اُڪريل هئا: سمورو ديودار جو ڪاٺ هو؛ پٿر اصل ڏسڻ ۾ نٿي آيو.</verse>
				<verse number="19">۽ اندران گهر جي وچ ۾ هن هڪڙو الهامگاهہ تيار ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اُنهيءَ ۾ خداوند جي عهدنامي واري صندوق رکي.</verse>
				<verse number="20">۽ الهامگاهہ جي اندر جيڪا جاءِ ٿي آئي سا ويهہ هٿ ڊگهي، ۽ ويهہ هٿ ويڪري، ۽ ويهہ هٿ اوچي هئي؛ ۽ هن انهيءَ تي نج سون لڳايو: ۽ قربانگاهہ کي ديودار جي ڪاٺ سان ڍڪي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="21">انهيءَ طرح سليمان گهر کي اندران نج سون لڳايو: ۽ سون جا زنجير الهامگاهہ جي اڳيان ٻڌي ڇڏيائين؛ ۽ اُنهيءَ تي هن سون چاڙهيو.</verse>
				<verse number="22">۽ ساري گهر تي هن سون مڙهيو، ۽ سارو گهر جُڙي تيار ٿيو: الهامگاهہ جي قربانگاهہ تي بہ هن سون مڙهيو.</verse>
				<verse number="23">۽ الهامگاهہ ۾ هن زيتون جي ڪاٺ جا ٻہ ڪروبي جوڙايا، جي ڏهہ ڏهہ هٿ اوچا هئا.</verse>
				<verse number="24">۽ ڪروبي جو هڪڙو پر بہ پنج هٿ هو ۽ ٻيو پر بہ پنج هٿ هو: هڪڙي پر جي چهنبڙيءَ کان وٺي ٻئي پر جي چهنبڙيءَ تائين ڏهہ هٿ هئا.</verse>
				<verse number="25">۽ ٻيو ڪروبي بہ ڏهہ هٿ هو: ٻئي ڪروبي هڪڙيءَ ماپ ۽ هڪڙيءَ شڪل جا هئا.</verse>
				<verse number="26">هڪڙي ڪروبيءَ جي اوچائي ڏهہ هٿ هئي ۽ ٻئي جي بہ اوتري هئي.</verse>
				<verse number="27">۽ هن اُهي ڪروبي اندرئين گهر منجهہ رکيا: ۽ ڪروبين جا پر کنڊريل هئا، اهڙيءَ طرح جو هڪڙي جو پر هڪڙيءَ ڀت کي ٿي لڳو، ۽ ٻئي ڪروبيءَ جو پر ٻيءَ ڀت کي ٿي لڳو؛ ۽ هنن جا پر گهر جي وچ ۾ هڪ ٻئي سان لڳل هئا،</verse>
				<verse number="28">۽ هن ڪروبين تي بہ سون لڳايو.</verse>
				<verse number="29">۽ هن گهر جي چوڌاري سڀني ڀتين تي ڪروبين، ۽ کجيءَ جي وڻن، ۽ ٽڙيل گلن جون شڪليون اندران ٻاهران اُڪرائي ڇڏيون.</verse>
				<verse number="30">۽ گهر جي فرش تي بہ اندران ٻاهران هن سون مڙهايو.</verse>
				<verse number="31">۽ الهامگاهہ ۾ گهڙڻ جي لاءِ هن زيتون جي ڪاٺ جا دروازا جوڙايا: ۽ سردر ۽ درن جا چونڪ ڀت تي پنجين حصي جيترا هئا.</verse>
				<verse number="32">انهيءَ طرح هن زيتون جي ڪاٺ جا ٻہ در جوڙايا؛ ۽ هن انهن تي ڪروبين ۽ کجيءَ جي وڻن، ۽ ٽڙيل گلن جون اُڪريل شڪليون ڪڍائي ڇڏيون، ۽ انهن تي سون لڳايائين؛ ۽ هن ڪروبين تي، ۽ کجيءَ جي وڻن تي بہ سون پکيڙائي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="33">ساڳيءَ طرح هن ڀت جي چوٿين حصي ۾ پاڪ جاءِ ۾ گهڙڻ لاءِ زيتون جي ڪاٺ مان درن جا چونڪ ٺهرايا؛</verse>
				<verse number="34">۽ صنوبر جا ٻہ در جوڙايائين؛ هڪڙي در جا ٻہ طاق هڪ ٻئي اندر پوندا هئا، ۽ ٻئي در جا ٻہ طاق بہ هڪ ٻئي اندر پوندا هئا.</verse>
				<verse number="35">۽ اُنهن تي هن ڪروبي، ۽ کجين جا وڻ ۽ ٽڙيل گل اُڪرايا: ۽ اُنهن تي هن سون چاڙهيو جو اُڪريل ڪم تي مڙهيل هو.</verse>
				<verse number="36">۽ هن اندريون ايوان ڇليل پٿرن جي ٽن قطارن سان، ۽ ديودار جي ڪامن جي هڪڙي قطار سان جوڙايو.</verse>
				<verse number="37">چوٿين سال، زيو جي مهيني ۾، خداوند جي گهر جو بنياد وڌو ويو.</verse>
				<verse number="38">۽ يارهين سال، بول جي مهيني ۾، جو اٺون مهينو آهي، سڀني پاسن کان، ۽ هر طرح جي ٺهرايل دستور موجب، گهر جُڙي تيار ٿيو. انهيءَ طرح هن ست ورهيہ اُهو پئي جوڙايو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">۽ سليمان پنهنجو گهر تيرهن ورهيہ پئي جوڙيو، نيٺ هن پنهنجو سڄو گهر پورو ڪيو.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو هن لبنان جي ٻيلي وارو گهر جوڙيو؛ اُنهيءَ جي ڊيگهہ هڪ سؤ هٿ، ويڪر پنجاهہ هٿ ۽ اوچائي ٽيهہ هٿ هئي، ۽ اُهو ديودار جي پيلپاون جي چئن قطارن تي بيٺل هو، ۽ پيلپاون جي مٿان ديودار جا شهتير رکيل هئا.</verse>
				<verse number="3">۽ جيڪي پنجيتاليهہ شهتير انهن پيلپاون تي رکيل هئا تن جي مٿان اُهو ديودار جي تختن سان ڍڪيل هو؛ پندرهن پندرهن هرهڪ قطار ۾ هئا.</verse>
				<verse number="4">۽ درين جون ٽي قطارون هيون، ۽ ٽن صفن ۾ دريون هڪ ٻئي جي سامهون هيون.</verse>
				<verse number="5">۽ سڀ در ۽ چونڪ ڏسڻ ۾ چورس هئا: دريون هڪ ٻئي جي سامهون ٽن صفن ۾ هيون.</verse>
				<verse number="6">۽ هن پيلپاون جو هڪڙو ورانڊو جوڙيو، جنهن جي ڊيگهہ پنجاهہ هٿ، ۽ ويڪر ٽيهہ هٿ هئي؛ ۽ هڪڙو ورانڊو انهن جي اڳيان هو؛ ۽ پيلپاوا ۽ ٿلها شهتير انهن جي اڳيان هئا.</verse>
				<verse number="7">۽ هن هڪڙو تخت جو ورانڊو جوڙيو، يعني عدالت جو ورانڊو، انهيءَ لاءِ تہ اتي ويهي عدالت ڪري: ۽ اُهو فرش کان ڇت تائين ديودار جي تختن سان ڍڪيل هو.</verse>
				<verse number="8">۽ سندس رهڻ جو گهر، جو انهيءَ ورانڊي جي ٻئي ايوان ۾ هو، تنهن تي بہ ساڳئي قسم جو ڪم ٿيل هو. هن فرعون جي ڌيءَ لاءِ (يعني سليمان جي زال لاءِ) بہ انهيءَ ورانڊي جهڙو گهر جوڙيو.</verse>
				<verse number="9">اهي سڀ قيمتي پٿرن جا هئا، يعني ٽُڪيل پٿرن جا، جي ماپ موجب اندران ۽ ٻاهران ڪاراين سان چيريل هئا، ۽ بنياد کان وٺي ڀتين جي چوٽيءَ تائين هئا، ۽ انهيءَ طرح ٻاهران وڏي ايوان تائين هليا ويا.</verse>
				<verse number="10">۽ بنياد قيمتي پٿرن جو هو، يعني وڏن پٿرن جو، ڏهن هٿن وارن ۽ اٺن هٿن وارن پٿرن جو.</verse>
				<verse number="11">۽ مٿان بہ قيمتي پٿر هئا يعني ٽُڪيل پٿر ماپ موجب، ۽ ديودار جو ڪاٺ.</verse>
				<verse number="12">۽ چوڌاري وڏي ايوان کي ٽُڪيل پٿرن جون ٽي قطارون هيون، ۽ هڪڙي قطار ديودار جي ڪامن جي هئي؛ جيئن ڪ خداوند جي گهر جو اندريون ايوان ۽ انهيءَ گهر جو ورانڊو هو.</verse>
				<verse number="13">۽ بادشاهہ سليمان حيرام کي صور مان گهرائي ورتو.</verse>
				<verse number="14">هو نفتالي جي فرقي جي هڪڙيءَ رن زال جو پٽ هو، ۽ هن جو پيءُ صور جو هڪڙو رهاڪو هو، ۽ پتل جو ڪم ڪندڙ هو؛ ۽ هو پتل جي هر قسم جي ڪم ۾ سياڻپ ۽ سمجهہ، ۽ هنرمنديءَ ۾ ماهر هو. ۽ هو سليمان وٽ آيو ۽ سندس سڀ ڪم ڪيائين.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو هن پتل جا ٻہ پيلپاوا جوڙيا، جنهن مان هرهڪ ارڙهن هٿ اوچو هو: ۽ ٻارهن هٿن جو هڪڙو پٽو هرهڪ جي چوڌاري ويڙهيل هو.</verse>
				<verse number="16">۽ هن پلٽيل پتل جا ٻہ ڇٽ انهن پيلپاون جي چوٽين تي رکڻ لاءِ جوڙيا: هڪڙي ڇٽ جي اوچائي پنج هٿ هئي، ۽ ٻئي ڇٽ جي اوچائي بہ پنج هٿ هئي.</verse>
				<verse number="17">اُهي جيڪي ڇٽ پيلپاون جي چوٽين تي هئا تن جي لاءِ شبڪدار ڄاريون ۽ حلقيدار هار هئا؛ ست هڪڙي ڇٽ لاءِ ۽ ست ٻئي ڇٽ لاءِ.</verse>
				<verse number="18">انهيءَ طرح هن پيلپاوا جوڙيا؛ ۽ پيلپاون جي چوٽيءَ وارن ڇٽن ڍڪڻ لاءِ هڪڙي شبڪدار ڄاريءَ جي مٿان چوڌاري ٻہ قطارون هيون؛ ٻئي ڇٽ لاءِ بہ اهڙيون ساڳيون هن جوڙيون.</verse>
				<verse number="19">۽ ورانڊي وارن پيلپاون جي چوٽيءَ تي جي ڇٽ هئا تن تي سوسن جو ڪم چئن هٿن جيترو هو.</verse>
				<verse number="20">انهيءَ شبڪدار ڄاريءَ جي پاسي ۾، پيٽ جي ويجهو، ٻن پيلپاون جي مٿان بہ ڇٽ هئا: ۽ انهيءَ ٻئي ڇٽ جي چوڌاري قطارن ۾ ٻہ سؤ ڏاڙهون هئا.</verse>
				<verse number="21">۽ هيڪل جي ورانڊي وٽ بہ هن پيلپاوا کڙا ڪيا: ۽ سڄي هٿ وارو پيلپائو کڙو ڪري انهيءَ جو نالو ياڪن رکيائين: ۽ کٻي هٿ وارو پيلپائو کڙو ڪري انهيءَ جو نالو بوعز رکيائين.</verse>
				<verse number="22">۽ پيلپاون جي چوٽيءَ تي سوسن جو ڪم ٿيل هو: انهيءَ طرح پيلپاون جو ڪم پورو ٿيو.</verse>
				<verse number="23">۽ هن هڪڙو پلٽيل سمنڊ جوڙيو، جو هڪڙي ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين چوڌاري گولائيءَ ۾ ڏهہ هٿ هو، ۽ انهيءَ جي اوچائي پنج هٿ هئي. ۽ انهيءَ جي چوڌاري ٽيهن هٿن جو هڪڙو پٽو هو.</verse>
				<verse number="24">۽ انهيءَ جي ڪناري تي هيٺان چوڌاري ڏهن هٿن تائين لاٽون هئا، جي انهيءَ سمنڊ جي چوڌاري نڪتل هئا: اُهي ڇڳا ٻن قطارن ۾ هئا، جي پلٽجڻ وقت پلٽيا ويا هئا.</verse>
				<verse number="25">اهو سمنڊ ٻارهن ڏاندن تي بيٺل هو، ٽن جو رخ اُتر ڏي هو، ۽ ٽن جو الهندي، ۽ ٽن جو ڏکڻ، ۽ ٽن جو اُڀرندي ڏي هو: ۽ سمنڊ اُنهن جي مٿان رکيل هو، ۽ اُنهن جا پٺيان حصا اندر تي هئا.</verse>
				<verse number="26">۽ اُهو ماڻهوءَ جي هٿ جيترو ٿلهو هو؛ ۽ انهيءَ جو ڪنارو اهڙو جڙيل هو جهڙو ڪنهن پيالي جو ڪَنو، يا سوسن جو گل ٿيندو آهي: جنهن ۾ ٻہ هزار بٿ ٿي ماپيا.</verse>
				<verse number="27">۽ هن پتل جون ڏهہ گاڏيون جوڙيون؛ هر ڪنهن گاڏيءَ جي ڊيگهہ ۽ ويڪر چار هٿ، ۽ اوچائي ٽي هٿ هئي.</verse>
				<verse number="28">۽ انهن گاڏين تي هن طرح جو ڪم ٿيل هو: انهن کي ڪنارا هئا؛ ۽ ڪنارا پٽڙين جي وچ ۾ هئا:</verse>
				<verse number="29">۽ اُنهن پٽڙين جي وچ وارن ڪنارن تي شينهن، ۽ ڏاند، ۽ ڪروبي هئا؛ ۽ پٽڙين جي مٿان هڪڙو پائو هو: ۽ شينهن ۽ ڏاندن جي هيٺان هٿ جا جوڙيل هار پئي لڙڪيا.</verse>
				<verse number="30">۽ هرهڪ گاڏيءَ کي چار پتل جا ڦيٿا ۽ چار پتل جون سيخون هيون: ۽ انهيءَ جي چئن پيرن هيٺ ٽيڪون هيون: انهيءَ چلمچيءَ هيٺ پلٽيل ٽيڪون هيون، جن مان هرهڪ جي پاسي تي هار هئا.</verse>
				<verse number="31">۽ اُنهيءَ جو ڪنارو ڇٽ جي اندر ۽ مٿي هڪڙو هٿ هو: ۽ انهيءَ جو منهن گول هو، ۽ ڏيڍ هٿ هو، ۽ انهيءَ تي پائي جهڙو ڪم ٿيل هو: ۽ انهيءَ جي منهن تي بہ اُڪريل ڪم هو، ۽ انهن جا ڪنارا چورس هئا، گول نہ هئا.</verse>
				<verse number="32">۽ چار ڦيٿا انهن ڪنارن جي هيٺان هئا؛ ۽ اُنهن ڦيٿن جون ڌريون گاڏيءَ ۾ هيون: ۽ هرهڪ ڦيٿي جي اوچائي ڏيڍ هٿ هئي.</verse>
				<verse number="33">۽ اُنهن ڦيٿن تي اهڙو ڪم ٿيل هو جهڙو ڪنهن رٿ جي ڦيٿن تي ٿيندو آهي: انهن جون ڌريون، ۽ چڪرن جا ٽڪر، ۽ انهن جا آرا، ۽ انهن جا وچ جا ٽڪر، سڀ پلٽيل هئا.</verse>
				<verse number="34">۽ هرهڪ گاڏيءَ جي چئن ڪنڊن هيٺ ٽيڪون هيون: اهي ٽيڪون خود گاڏيءَ جون هيون.</verse>
				<verse number="35">۽ گاڏيءَ جي چوٽيءَ ۾ هڪڙو گول پٽو اڌ هٿ اوچو هو: ۽ گاڏيءَ جي چوٽيءَ تي انهيءَ جون ٽيڪون هيون، جنهن جا ڪنارا انهن منجهان نڪتل هئا.</verse>
				<verse number="36">۽ انهن جي ٽيڪن جي تختين تي، ۽ انهن جي ڪنارن تي هن ڪروبي، ۽ شينهن، ۽ کجيءَ جا وڻ، هرهڪ جي وٿيءَ آهر اُڪري ڪڍيا؛ ۽ انهن جي چوڌاري هار هئا.</verse>
				<verse number="37">انهيءَ طرح هن ڏهہ گاڏيون جوڙيون: سڀني جو هڪڙو سانچو، هڪڙي ماپ، ۽ هڪڙي شڪل هئي.</verse>
				<verse number="38">۽ هن ڏهہ چلمچيون پتل جون جوڙيون: هڪڙي هڪڙي چلمچيءَ ۾ چاليهہ بٿ ٿي ماپيا: ۽ هڪڙي هڪڙي چلمچي چار هٿ هئي: ۽ انهن ڏهن گاڏين مان هرهڪ جي مٿان هڪڙي چلمچي.</verse>
				<verse number="39">۽ هن پنج گاڏيون گهر جي سڄي هٿ پاسي رکيون، ۽ پنج گاڏيون گهر جي کٻي هٿ پاسي: ۽ هن اُهو سمنڊ گهر جي سڄي هٿ پاسي، اُڀرندي ڏي، ڏکڻ ڏانهن رکيو.</verse>
				<verse number="40">۽ حيرام چلمچيون، ۽ بيلچا، ۽ ٿالهہ جوڙيا. انهيءَ طرح خداوند جي گهر ۾ بادشاهہ سليمان جي لاءِ جيڪو ڪم ڪرڻو هو سو سڀ هن ڪري پورو ڪيو.</verse>
				<verse number="41">ٻہ پيلپاوا ڇٽن جا ۽ ٻہ پيالا، جي انهن پيلپاون جي مٿان هئا؛ ۽ پيلپاون جي چوٽيءَ تي جي ڇٽ هئا تن جي ٻن پيالن ڍڪڻ لاءِ ٻہ شبڪدار ڄاريون؛</verse>
				<verse number="42">۽ ٻن شبڪدار ڄارين لاءِ چار سؤ ڏاڙهون؛ هرهڪ شبڪدار ڄاريءَ لاءِ ٻہ ڏاڙهن جون قطارون پيلپاون جي ڇٽن جي ٻن پيالن ڍڪڻ لاءِ؛</verse>
				<verse number="43">۽ ڏهہ گاڏيون ۽ گاڏين تي ڏهہ چلمچيون؛</verse>
				<verse number="44">۽ هڪڙو سمنڊ ۽ ٻارهن ڏاند سمنڊ هيٺ؛</verse>
				<verse number="45">۽ باسڻ، ۽ بيلچا، ۽ ٿالهہ: يعني اهي سڀ باسڻ جي حيرام سليمان بادشاهہ جي لاءِ خداوند جي گهر ۾ جوڙيا، سي چمڪندڙ پتل جا هئا.</verse>
				<verse number="46">يردن جي ميدان ۾، سڪات ۽ ضرتان جي وچ ۾ بادشاهہ چيڪي مٽيءَ واريءَ زمين ۾ انهن کي پلٽايو.</verse>
				<verse number="47">۽ سليمان انهن سڀني باسڻن جي تور نہ ڪرائي، ڇالاءِ جو اُهي نهايت گهڻا هئا؛ پتل جي وزن جي پوري خبر پئجي نہ سگهي.</verse>
				<verse number="48">۽ خداوند جي گهر ۾ جيڪي بہ باسڻ هئا، سي سڀ سليمان جوڙايا: سوني قربانگاهہ، ۽ سون جي ميز، جنهن تي نذر جي پاڪ ماني رکبي آهي؛</verse>
				<verse number="49">۽ الهامگاهہ جي اڳيان پنج شمعدان خالص سون جا سڄي پاسي، ۽ پنج کٻي پاسي؛ ۽ گل، ۽ ڏيئا، ۽ چمٽا، سون جا؛</verse>
				<verse number="50">۽ پيالا، ۽ ڦل وڍڻ جون ڪينچيون، ۽ رڪابيون، ۽ چمچا، ۽ باهہ کڻڻ جون ٿالهيون، نج سون جون؛ ۽ نرماد اندرئين گهر جي درن لاءِ، يعني پاڪ ترين جاءِ لاءِ، ۽ گهر جي درن لاءِ، يعني هيڪل جي لاءِ، سون جا.</verse>
				<verse number="51">انهيءَ طرح خداوند جي گهر ۾ جيڪو ڪم سليمان ڪرايو سو پورو ٿيو. ۽ سليمان اُهي شيون کڻي آيو جي سندس پيءُ دائود مخصوص ڪيون هيون، يعني چاندي، ۽ سون، ۽ باسڻ، اُهي هن خداوند جي گهر جي خزانن ۾ رکيا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">پوءِ سليمان، اسرائيل جا بزرگ، ۽ فرقن جا سڀ رئيس، ۽ بني اسرائيل جي ابن جي گهراڻن جا سردار يروشلم ۾ پاڻ وٽ گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق دائود جي شهر مان، يعني صيئون مان ڪڍي آڻين.</verse>
				<verse number="2">۽ ايتانيم جي مهيني ۾، جو ستون مهينو آهي، اسرائيل جا سڀ ماڻهو بادشاهہ سليمان وٽ عيد وقت اچي گڏ ٿيا.</verse>
				<verse number="3">۽ اسرائيل جا سڀ بزرگ آيا، ۽ ڪاهنن اچي صندوق کنئي.</verse>
				<verse number="4">۽ هنن خداوند جي صندوق، ۽ جماعت وارو تنبو، ۽ سڀ پاڪ باسڻ، جي اُنهيءَ تنبوءَ ۾ هئا، سي آندا؛ اهي بہ ڪاهنن ۽ لاوين آندا.</verse>
				<verse number="5">۽ بادشاهہ سليمان سان اسرائيل جي ساري جماعت، جا وٽس گڏ ٿي هئي، سا صندوق جي اڳيان گڏ ٿي؛ ۽ رڍون، ۽ ڏاند ايترا قرباني ڪيائون، جو گهڻائيءَ جي ڪري اُهي شمار ڪرڻ کان ٻاهر هئا.</verse>
				<verse number="6">۽ ڪاهنن خداوند جي صندوق کڻي پنهنجي مقرر جاءِ تي آندي، يعني گهر جي الهامگاهہ ۾، پاڪ ترين جاءِ تي، اصل ڪروبين جي پرن هيٺ.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو ڪروبي صندوق جي جاءِ جي مٿان پنهنجا پر پکيڙيو بيٺا هئا، ۽ ڪروبي صندوق، ۽ اُن جي مٿان ٽيڪ وارين لٺين کي ڍڪيو بيٺا هئا.</verse>
				<verse number="8">۽ اهي لٺيون اهڙيون ڊگهيون هيون جو اُنهن جون چوٽيون پاڪ جاءِ تان الهامگاهہ جي اڳيان پيون ڏسڻ ۾ اينديون هيون؛ پر ٻاهران ڏسڻ ۾ نہ ٿي آيون: ۽ اڄ ڏينهن تائين اُهي اُتي آهن.</verse>
				<verse number="9">صندوق ۾ ٻيو ڪي ڪين هو، سواءِ اُنهن ٻن پٿر جي تختين جي، جي موسيٰ حورب ۾ اُتي رکيون هيون جڏهن خداوند بني اسرائيل سان، سندن مصر جي ملڪ مان نڪرڻ مهل عهد اقرار ڪيو هو.</verse>
				<verse number="10">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ڪاهن پاڪ جاءِ مان نڪري آيا تڏهن خداوند جو گهر ڪڪر سان ڀرجي ويو،</verse>
				<verse number="11">جنهنڪري ڪاهن ڪڪر جي سبب خدمت ڪري نہ سگهيا: ڇالاءِ جو خداوند جي جلال خداوند جي گهر کي ڀري ڇڏيو هو.</verse>
				<verse number="12">تڏهن سليمان چيو تہ خداوند فرمايو آهي تہ آءٌ گهاٽي اونداهيءَ ۾ رهندس.</verse>
				<verse number="13">يقيناً مون تنهنجي رهڻ جي لاءِ گهر جوڙيو آهي، اهڙي جاءِ جنهن ۾ تون هميشہ لاءِ رهين.</verse>
				<verse number="14">پوءِ بادشاهہ پنهنجو منهن هيڏي هوڏي ڦيرائي اسرائيل جي ساريءَ جماعت کي دعا ڪئي: ۽ اسرائيل جي ساري جماعت اُنهيءَ مهل اُٿي بيهي رهي.</verse>
				<verse number="15">۽ هو چوڻ لڳو تہ، خداوند اسرائيل جو خدا شل برڪت وارو هجي، جنهن پنهنجي وات سان منهنجي پيءُ دائود سان ڳالهايو، ۽ پنهنجي هٿ سان اُهو پورو ڪري ڏيکاريائين، ۽ چيائين تہ</verse>
				<verse number="16">جنهن ڏينهن مون پنهنجي قوم اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، اُنهيءَ ڏينهن کان وٺي اسرائيل جي سڀني فرقن مان مون ڪوبہ اهڙو شهر چونڊي نہ ڪڍيو جنهن ۾ ڪو گهر جوڙيان تہ منهنجو نالو اُتي رهي؛ پر مون دائود کي چونڊي ڪڍيو تہ منهنجي قوم اسرائيل تي رهي.</verse>
				<verse number="17">هاڻي منهنجي پيءُ دائود جي دل ۾ هو تہ خداوند اسرائيل جي خدا جي نالي تي هڪڙو گهر جوڙي.</verse>
				<verse number="18">پر خداوند منهنجي پيءُ دائود کي چيو تہ جڏهن تنهنجي دل ۾ هو تہ منهنجي نالي تي هڪڙو گهر جوڙين تڏهن اهو چڱو ٿيو جو اها ڳالهہ تنهنجي دل ۾ هئي:</verse>
				<verse number="19">انهيءَ هوندي بہ تون اهو گهر نہ جوڙيندين: پر تنهنجو پٽ، جو تنهنجي پٺ مان پيدا ٿيندو سو منهنجي نالي تي گهر جوڙيندو.</verse>
				<verse number="20">۽ خداوند جيڪا ڳالهہ ڪئي سا ثابت ڪري ڏيکاري؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي پيءُ دائود جي جاءِ تي اُٿيو آهيان، ۽ اسرائيل جي تخت تي ويٺو آهيان، جيئن ڪ خداوند واعدو ڪيو هو، ۽ خداوند اسرائيل جي خدا جي نالي تي گهر جوڙيو اٿم.</verse>
				<verse number="21">۽ اُتي صندوق جي لاءِ جاءِ مقرر ڪئي اٿم، جنهن ۾ خداوند جو عهدنامو آهي، جو هن اسان جي ابن ڏاڏن سان تڏهن ڪيو هو، جڏهن انهن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو هئائين.</verse>
				<verse number="22">۽ سليمان اسرائيل جي ساريءَ جماعت جي روبرو خداوند جي قربانگاهہ جي اڳيان بيٺو، ۽ آسمان ڏانهن پنهنجا هٿ کنيائين:</verse>
				<verse number="23">۽ چيائين تہ اي خداوند، اي اسرائيل جا خدا، مٿي آسمان ۾ ۽ هيٺ زمين تي تو جهڙو ٻيو ڪو خدا ڪونهي، تون پنهنجن انهن ٻانهن سان عهد اقرار ۽ رحم قائم رکين ٿو، جي پنهنجي ساريءَ دل سان تنهنجي اڳيان هلن ٿا:</verse>
				<verse number="24">تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود سان جيڪو انجام ڪيو سو پورو ڪيو اٿيئي: هائو، تو پنهنجي وات سان ڳالهايو، ۽ پنهنجي هٿ سان اُهو پورو ڪيو، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.</verse>
				<verse number="25">تنهنڪري هاڻي، اي خداوند، اسرائيل جا خدا، تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود سان جيڪو واعدو ڪيو آهي سو پورو ڪر: جو چيو اٿيئي تہ منهنجي نظر هيٺ تو وٽ اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ ماڻهوءَ جي ڪمي نہ ٿيندي؛ بشرطيڪ تنهنجو اولاد پنهنجي رستي جي سنڀال ڪري منهنجي اڳيان اهڙيءَ طرح هلندو جهڙيءَ طرح تون منهنجي اڳيان هليو آهين.</verse>
				<verse number="26">تنهنڪري هاڻي، اي اسرائيل جا خدا، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ ڀلي تنهنجو ڪلام، جو تو منهنجي پيءُ، پنهنجي ٻانهي دائود سان ڪيو هو، سو پورو ٿئي.</verse>
				<verse number="27">پر خدا سچ پچ زمين تي رهندو ڇا؟ ڏس، تون، آسمان ۾، بلڪ آسمانن جي آسمان ۾ ماپي نٿو سگهين؛ تڏهن هيءُ گهر جو مون جوڙيو آهي تنهن ۾ ڀلا ڪيئن ماپي سگهندين!</verse>
				<verse number="28">انهيءَ هوندي بہ، اي خداوند منهنجا خدا، تون پنهنجي ٻانهي جي عرض ۽ منٿ تي نظر ڪر، ۽ جيڪا دانهن اڄ تنهنجي اڳيان تنهنجو ٻانهو ڪري ٿو، ۽ جيڪا دعا گهري ٿو سا قبول ڪر:</verse>
				<verse number="29">تہ تنهنجيون اکيون رات ۽ ڏينهن هن گهر ڏي کليل رهن، يعني انهيءَ جاءِ ڏي جنهن جي نسبت ۾ تو فرمايو آهي تہ تنهنجو نالو اتي رهندو: انهيءَ لاءِ تہ جيڪو سوال تنهنجو ٻانهو هن هنڌ ڏانهن ڪندو سو تون ٻڌندين.</verse>
				<verse number="30">۽ تون پنهنجي ٻانهي جو، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جو سوال، جڏهن هو هن هنڌ ڏانهن ڪن تڏهن اُهو ٻڌج: هائو، تون آسمان ۾ ٻڌج، جو تنهنجي رهڻ جي جاءِ آهي؛ ۽ جڏهن تون ٻڌين تڏهن معافي ڏج.</verse>
				<verse number="31">جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ جو ڪو گناهہ ڪري، ۽ انهيءَ تي قسم جو بار رکيو وڃي، ۽ هو هن گهر ۾ تنهنجي قربانگاهہ اڳيان اچي قسم کڻي:</verse>
				<verse number="32">تہ تون آسمان ۾ ٻڌج، ۽ پنهنجن ٻانهن جي عدالت ڪج، ۽ شرير کي ڏوهاري ٺهرائج، سندس رستو سندس سر تي آڻج؛ ۽ سچار جي سچائي ظاهر ڪري اُنهيءَ کي سندس سچائيءَ موجب بدلو ڏج.</verse>
				<verse number="33">جڏهن تنهنجي قوم اسرائيل، تنهنجي گناهہ ڪرڻ ڪري پنهنجي دشمنن جي اڳيان شڪست کائي؛ تڏهن جي هو تو ڏي موٽن ۽ تنهنجو نالو مڃين، ۽ هن گهر ۾ توکان دعا گهرن ۽ سوال ڪن:</verse>
				<verse number="34">تہ تون آسمان ۾ ٻڌج ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جو گناهہ معاف ڪج، ۽ جيڪا زمين تو هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏني هئي، تنهن ۾ هن کي وري آڻج.</verse>
				<verse number="35">جڏهن تنهنجي گناهہ ڪرڻ ڪري آسمان بند ٿئي ۽ مينهن ڪونہ پوي؛ تڏهن جي هو هن هنڌ ڏانهن دعا گهرن، ۽ تنهنجو نالو مڃين، ۽ جيڪي مصيبتون تون هنن تي وجهين تن جي ڪري هو پنهنجي گناهہ کان ڦرن:</verse>
				<verse number="36">تہ تون آسمان ۾ ٻڌج، ۽ پنهنجن ٻانهن جو، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جو گناهہ معاف ڪج، جو تون انهيءَ وقت هنن کي سيکارين ٿو تہ ڪيئن چڱي رستي تي هلن؛ ۽ جيڪا زمين تو پنهنجي قوم کي ورثو ڪري ڏني آهي تنهن تي مينهن موڪلج.</verse>
				<verse number="37">جيڪڏهن زمين تي ڏڪار پوي، يا وبا پوي، يا جهولو لڳي يا رتي، يا مڪڙ يا سوٻٽ لڳن؛ جيڪڏهن هنن جا دشمن سندن شهرن جي زمين ۾ کين گهيرو ڪن؛ ڪهڙي بہ آفت هجي، ڪهڙي بہ بيماري هجي؛</verse>
				<verse number="38">ڪهڙي بہ دعا، ۽ ڪهڙو بہ سوال ڪو هڪڙو ماڻهو، يا تنهنجي ساري اسرائيل جي قوم ڪري، جنهن ۾ سڀ ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي دل جي مرض جو قبولدار ٿئي، ۽ پنهنجا هٿ تنهنجي گهر ڏي کڻي:</verse>
				<verse number="39">تہ تون پنهنجي رهڻ جي هنڌ آسمان ۾ اُهو ٻڌج، ۽ معافي ڏج، ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس سڀني رستن موجب بدلو ڏج، جو توکي اُنهن جي دل جي خبر آهي؛ (ڇالاءِ جو فقط تون ئي ساري بني آدم جي دلين کي ڄاڻين ٿو؛)</verse>
				<verse number="40">انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ تو اسان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي تنهن ۾ هو جيترا ڏينهن رهندا اچن، اوترن ۾ توکان ڊڄندا رهن.</verse>
				<verse number="41">تنهن کان سواءِ جيڪو پرديسي، تنهنجي قوم اسرائيل جو نہ هجي، سو جڏهن ڪنهن پرانهين ملڪ مان نڪري تنهنجي نالي جي واسطي اچي؛</verse>
				<verse number="42">(ڇالاءِ جو هو تنهنجي وڏي نالي جو، ۽ تنهنجي قدرت واري هٿ، ۽ تنهنجي ڊگهيريل ٻانهن جو ٻڌندا؛) ۽ جڏهن اُهو اچي هن گهر ڏانهن دعا گهري؛</verse>
				<verse number="43">تڏهن تون پنهنجي رهڻ جي هنڌ آسمان ۾ ٻڌج، ۽ جيئن هو پرديسي توکي سڏي عرض ڪري تيئن تون ڪج؛ تہ زمين جون سڀ قومون تنهنجو نالو سڃاڻن، ۽ توکان ڊڄن، جهڙيءَ طرح تنهنجي قوم اسرائيل ٿي ڪري، ۽ هو ڄاڻن تہ هيءُ گهر جو مون جوڙيو آهي، سو تنهنجي نالي سان سڏبو آهي.</verse>
				<verse number="44">جيڪڏهن تنهنجي قوم، جهڙي رستي کان تون هنن کي موڪلين، پنهنجي دشمن سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃن، ۽ هو انهيءَ شهر ڏانهن خداوند کان دعا گهرن جو تو پسند ڪيو آهي، ۽ انهيءَ گهر ڏانهن جو مون تنهنجي نالي تي جوڙيو آهي:</verse>
				<verse number="45">تہ تون آسمان ۾ اُنهن جي دعا ۽ اُنهن جو سوال ٻڌج، ۽ هنن جي مدد ڪج.</verse>
				<verse number="46">جيڪڏهن هو تنهنجو گناهہ ڪن، (ڇالاءِ جو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جو گناهہ نٿو ڪري) ۽ تون اُنهن تي ڪاوڙجين، ۽ اُنهن کي دشمنن جي حوالي ڪرين، جنهنڪري هو اُنهن کي قيد ڪري پري يا ويجهو دشمن جي ملڪ ۾ وٺي وڃن؛</verse>
				<verse number="47">اُنهيءَ هوندي بہ جنهن ملڪ ۾ هو قيد ٿي وڃن، اتي جيڪڏهن هو پشيمان ٿين، ۽ باز اچن، ۽ جنهن ملڪ ۾ هو قيد ٿي ويا هجن انهيءَ ۾ توکي عرض ڪن، ۽ چون تہ اسان گناهہ ڪيو آهي، ۽ ڏنگا ڪم ڪيا آهن، ۽ شرارت جي هلت ڪئي آهي؛</verse>
				<verse number="48">جيڪڏهن هو پنهنجي سڄي ساري دل سان، ۽ سڄي ساري جان سان، جنهن دشمن جي ملڪ ۾ قيد ٿي کڄي ويا هجن اُنهيءَ ۾ تو ڏانهن موٽن، ۽ جو ملڪ تو هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏنو هو، ۽ جو شهر تو پسند ڪيو آهي، ۽ جو گهر مون تنهنجي نالي تي جوڙيو آهي، تنهن ڏانهن توکان دعا گهرن:</verse>
				<verse number="49">تہ تون انهن جي دعا ۽ اُنهن جو سوال پنهنجي رهڻ جي هنڌ آسمان ۾ ٻڌج، ۽ انهن جي مدد ڪج؛</verse>
				<verse number="50">۽ تنهنجي قوم جنهن تنهنجو گناهہ ڪيو آهي، ۽ ٻيا جيڪي ڏوهہ هنن تنهنجي برخلاف ڪيا هجن، تن جي لاءِ اُنهن کي معافي ڏج؛ ۽ جن هنن کي قيد ڪري ورتو هجي، تن جي اڳيان اُنهن تي رحم ڪج، تہ هو بہ هنن تي رحم ڪن:</verse>
				<verse number="51">ڇالاءِ جو هو تنهنجي قوم آهن، ۽ تنهنجي ميراث آهن، جنهن کي تو مصر مان، لوهہ جي کوري جي وچان ڪڍي آندو:</verse>
				<verse number="52">۽ تنهنجيون اکيون تنهنجي ٻانهي جي سوال ڏانهن، ۽ تنهنجي قوم اسرائيل جي سوال ڏانهن کليل رهن، تہ جڏهن بہ هو توکي دانهن ڪن تڏهن تون اُها ٻڌين.</verse>
				<verse number="53">ڇالاءِ جو تو هنن کي زمين جي سڀني قومن مان ڌار ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي ميراث ٿين. جيئن تو پنهنجي ٻانهي موسيٰ جي معرفت فرمايو، جڏهن، اي خداوند خدا، تو اسان جي ابن ڏاڏن کي مصر مان ٻاهر ڪڍي آندو.</verse>
				<verse number="54">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سليمان هيءَ ساري دعا، ۽ هيءُ سارو سوال خداوند جي حضور ۾ ڪري چڪو، تڏهن هو خداوند جي قربانگاهہ جي اڳيان، جتي گوڏا کوڙيو، ۽ هٿ آسمان ڏانهن کنيو ويٺو هو، اُٿيو.</verse>
				<verse number="55">۽ اُٿي بيهي وڏي آواز سان اسرائيل جي ساري جماعت کي دعا ڪرڻ لڳو، ۽ چوڻ لڳو تہ</verse>
				<verse number="56">شل خداوند برڪت وارو هجي جنهن پنهنجي قوم اسرائيل کي پنهنجي ڪيل انجام موجب آرام ڏنو آهي: جيڪو جيڪو چڱو واعدو هن پنهنجي ٻانهي موسيٰ جي هٿان ڪيو تنهن مان هڪڙو لفظ بہ نہ گُٿو آهي.</verse>
				<verse number="57">شل خداوند اسان جو خدا اسان ساڻ بہ ائين هجي، جيئن اسان جي ابن ڏاڏن سان هو: شل هو اسان کي نہ ڇڏي، ۽ نہ ترڪ ڪري:</verse>
				<verse number="58">۽ هو اسانجين دلين کي پاڻ ڏي مائل ڪري، جنهن ڪري اسين هن جي سڀني رستن تي هلون، ۽ هن جي اُنهن حڪمن، ۽ قاعدن، ۽ فيصلن جي تعميل ڪريون، جي هن اسان جي ابن ڏاڏن کي ڏنا.</verse>
				<verse number="59">۽ هي لفظ، جن سان مون خداوند جي اڳيان سوال ڪيو آهي، سي شل رات ڏينهن خداوند اسان جي خدا جي ويجهو هجن، تہ هو پنهنجي ٻانهي جي ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جي مدد ڪري، جيئن ڏهاڙي ضرورت پوي:</verse>
				<verse number="60">تہ زمين جون سڀ قومون ڄاڻن تہ خداوند ئي خدا آهي، ۽ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.</verse>
				<verse number="61">تنهنڪري اوهان جي دل خداوند اسان جي خدا سان سالم رهي، تہ هن جي قاعدن تي هلو، ۽ هن جا حڪم بجا آڻيو، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي.</verse>
				<verse number="62">۽ بادشاهہ ۽ ساڻس گڏ ساري اسرائيل جي قوم خداوند جي اڳيان قرباني چاڙهي.</verse>
				<verse number="63">۽ جيڪي سلامتيءَ جون قربانيون سليمان خداوند جي اڳيان چاڙهيون، تن جي لاءِ هن ٻاويهہ هزار ڏاند، ۽ هڪ لک ويهہ هزار رڍون پيش ڪيون. انهيءَ طرح بادشاهہ ۽ ساري اسرائيل خداوند جو گهر مخصوص ڪيو.</verse>
				<verse number="64">انهيءَ ساڳئي ڏينهن جيڪو ايوان خداوند جي گهر جي اڳيان هو تنهن جو وچ بادشاهہ پاڪ ڪيو؛ ڇالاءِ جو هن انهيءَ هنڌ سوختني قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني چاڙهي، ۽ سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي پيش ڪئي: ڇالاءِ جو پتل جي قربانگاهہ، جا خداوند جي اڳيان هئي، سا سوختني قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني، ۽ سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي رکڻ لاءِ تمام ننڍي هئي.</verse>
				<verse number="65">انهيءَ طرح اُنهيءَ وقت سليمان، ۽ ساڻس گڏ سڀني اسرائيلين وڏي جماعت ڪري، حمات جي گهڙڻ واريءَ جاءِ کان وٺي مصر جي نهر تائين، خداوند اسان جي خدا جي اڳيان ست ڏينهن هڪڙا، ۽ ست ڏينهن ٻيا، يعني ڪل چوڏهن ڏينهن، عيد ڪئي.</verse>
				<verse number="66">۽ اٺين ڏينهن هن ماڻهن کي موڪلي ڏنو، ۽ اُهي بادشاهہ کي دعائون ڪندا پنهنجن پنهنجن تنبن ڏانهن ويا، ۽ جيڪا ڀلائي خداوند پنهنجي ٻانهي دائود، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل کي ڏيکاري هئي، تنهن جي ڪري هو دل ۾ خوش ۽ سرها هئا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سليمان خدا جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر جوڙائي پورو ڪيو ۽ جيڪي سليمان ڪرڻ ٿي گهريو سو سندس مراد موجب پورو ٿيو،</verse>
				<verse number="2">تڏهن خداوند ٻيو ڀيرو سليمان کي ڏيکاري ڏني، جيئن اڳي جبعون ۾ هن کي ڏيکاري ڏني هئائين.</verse>
				<verse number="3">۽ خداوند هن کي چيو تہ جيڪا دعا تو منهنجي اڳيان گهري، ۽ جيڪو سوال تو ڪيو آهي سو مون ٻڌو آهي: هيءُ گهر جو تو انهيءَ لاءِ جوڙايو آهي تہ منهنجو نالو هميشہ تائين اُتي رهي، تنهن کي مون پاڪ ڪيو آهي؛ ۽ منهنجيون اکيون ۽ منهنجي دل سدائين اتي رهندي.</verse>
				<verse number="4">باقي تون، سو جيڪڏهن تون پنهنجي سڄي ۽ سچيءَ دل سان منهنجي اڳيان هلندين، جيئن تنهنجو پيءُ دائود ٿي هليو، ۽ جيڪي حڪم مون توکي ڏنا آهن انهن سڀني موجب تون هر طرح ڪندين، ۽ منهنجن قانونن ۽ منهنجن فيصلن جي سنڀالي تعميل ڪندين؛</verse>
				<verse number="5">تہ آءٌ اسرائيل تي تنهنجي بادشاهيءَ جو تخت هميشہ لاءِ قائم ڪندس؛ جيئن ڪ مون تنهنجي پيءُ دائود سان عهد اقرار ڪيو هو، ۽ چيو هومانس تہ تو وٽ اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ ماڻهوءَ جي ڪمي نہ ٿيندي.</verse>
				<verse number="6">پر جيڪڏهن اوهين منهنجي پيروي ڪرڻ کان مڙندا، اوهين توڙي اوهان جو اولاد، ۽ جيڪي حڪم ۽ قاعدا مون اوهان جي اڳيان رکيا آهن تن جي سنڀال نہ ڪندا، پر اُٽلندو وڃي ٻين معبودن جي عبادت ڪندا ۽ انهن کي سجدو ڪندا:</verse>
				<verse number="7">تہ آءٌ اسرائيل کي اُنهيءَ ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس جو مون هنن کي ڏنو آهي؛ ۽ هيءُ گهر، جنهن کي مون پنهنجي نالي لاءِ پاڪ ڪيو آهي، سو پنهنجي نظر مان ڪڍي ڇڏيندس؛ ۽ اسرائيل سڀني قومن ۾ هڪڙو مثل ۽ پهاڪو ٿي ويندو:</verse>
				<verse number="8">۽ جيتوڻيڪ هيءُ گهر تمام مٿانهون آهي، تہ بہ جيڪو اُنهيءَ وٽان لنگهندو سو حيرت ۾ پوندو، ۽ شوڪارا ڀريندو؛ ۽ چوندو تہ ڇالاءِ خداوند هن ملڪ سان، ۽ هن گهر سان هيئن ڪيو آهي؟</verse>
				<verse number="9">۽ هو ورندي ڏيندا تہ هن ڪري جو هنن خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو، جنهن هنن جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ ٻيا معبود رکي انهن کي سجدو ڏنائون، ۽ انهن جي خدمت چاڪري ڪيائون: تنهنڪري خداوند هيءَ سڀ خرابي هنن تي آندي آهي.</verse>
				<verse number="10">۽ ويهن ورهين جو عرصو، جنهن ۾ سليمان اهي ٻہ گهر جوڙايا، هڪڙو خداوند جو گهر ۽ ٻيو بادشاهہ جو گهر،</verse>
				<verse number="11">(هاڻي صور جي بادشاهہ حيرام سليمان کي ديودار جو ڪاٺ ۽ صنوبر جو ڪاٺ ۽ سون، هن جي خواهش موجب موجود ڪري ڏنو،) تنهن عرصي جي گذرڻ کان پوءِ، هيئن ٿيو تہ سليمان حيرام کي گليل جي ملڪ ۾ ويهہ شهر ڏنا.</verse>
				<verse number="12">۽ حيرام انهن شهرن جي ڏسڻ لاءِ نڪري آيو، جي سليمان ڏنا هئس؛ پر اُهي هن کي نہ وڻيا.</verse>
				<verse number="13">۽ هن چيو تہ اي منهنجا ڀاءُ اهي شهر ڪهڙا آهن جي تو مون کي ڏنا آهن؟ ۽ هن انهن جو نالو اڄ ڏينهن تائين ڪبول جو ملڪ رکيو.</verse>
				<verse number="14">۽ حيرام بادشاهہ ڏي هڪ سؤ ويهہ سون جا قنطار موڪليا.</verse>
				<verse number="15">۽ جيڪا زور جي ڀرتي سليمان بادشاهہ گڏ ڪئي، تنهن جو سبب هيءُ هو؛ تہ خداوند جو گهر، ۽ خود پنهنجو گهر، ۽ ملو، ۽ يروشلم جي ڀت، ۽ حصور، ۽ مجدو، ۽ جزر اڏائي.</verse>
				<verse number="16">مصر جي بادشاهہ فرعون چڙهي وڃي جزر ورتو هو، ۽ انهيءَ کي باهہ سان ساڙي، جيڪي ڪنعاني انهيءَ شهر ۾ هئا تن کي قتل ڪيائين، ۽ پوءِ اُهو پنهنجي ڌيءَ سليمان جي زال کي ڏاج ۾ ڏيئي ڇڏيو هئائين.</verse>
				<verse number="17">۽ سليمان جزر ۽ هيٺيون بيت حورون اڏايو.</verse>
				<verse number="18">۽ بعلات، ۽ تمر انهيءَ ملڪ جي بيابان ۾،</verse>
				<verse number="19">۽ سڀ گدام جا شهر، جي سليمان جا هئا، ۽ پنهنجي رٿن، ۽ گهوڙي سوارن لاءِ شهر، ۽ ٻيو بہ جيڪي سليمان يروشلم ۾، ۽ لبنان ۾، ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جي ساري ملڪ ۾ ٺاهڻ گهريو، سو بہ جوڙايائين.</verse>
				<verse number="20">باقي امورين، حتين، فرزين، حوين ۽ يبوسين مان جيڪي ماڻهو بچيا هئا، جي بني اسرائيل مان نہ هئا:</verse>
				<verse number="21">اُنهن جو اولاد، جو کانئن پوءِ اُنهيءَ زمين ۾ رهجي ويو هو، ۽ جن کي بني اسرائيل اصل چٽ ڪري نہ سگهيا هئا، تن مان سليمان زوريءَ ڀرتي ڪري ٻانها بنايا، جي اڄ ڏينهن تائين هليا اچن.</verse>
				<verse number="22">پر بني اسرائيل مان سليمان ٻانها نہ بنايا: بلڪ اُهي جنگي ماڻهو، ۽ سندس نوڪر، ۽ امير، ۽ سردار، ۽ سندس رٿن ۽ گهوڙي سوارن جا عملدار هئا.</verse>
				<verse number="23">اِهي پنج سؤ پنجاهہ مکيہ عملدار هئا، جي سليمان جي ڪم جي نظرداري ڪندا هئا، ۽ ڪم ڪندڙن ماڻهن تي حڪم هلائيندا هئا.</verse>
				<verse number="24">پر فرعون جي ڌيءَ دائود جي شهر مان نڪري انهيءَ پنهنجي گهر ۾ اچي رهي جو سليمان سندس لاءِ جوڙايو هو: تڏهن هن ملو ٺهرايو.</verse>
				<verse number="25">۽ سال ۾ ٽي ڀيرا سليمان سوختني قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون اُنهيءَ قربانگاهہ تي چاڙهيندو هو، جا هن خداوند جي لاءِ جوڙائي، ۽ اُنهن سان گڏ قربانگاهہ تي لوبان بہ ساڙيندو هو، جا خداوند جي اڳيان هئي. انهيءَ طرح هن اُهو گهر اڏائي پورو ڪيو.</verse>
				<verse number="26">۽ بادشاهہ سليمان، عصيون جابر، جو ايلوت جي پاسي ۾، ڳاڙهي سمنڊ جي ڪناري تي، ادوم جي ملڪ ۾ آهي، تنهن ۾ جهازن جو ميڙ جوڙايو.</verse>
				<verse number="27">۽ حيرام انهيءَ جهازن جي ميڙ ۾ پنهنجا نوڪر، جي خلاصي ۽ سمنڊ جي ڪم مان واقف هئا، سي سليمان جي نوڪرن سان گڏي موڪليا.</verse>
				<verse number="28">۽ اُهي اوفير ۾ آيا، ۽ اُتان چئن سوَن ۽ ويهن قنطارن جيترو سون کڻي بادشاهہ سليمان وٽ آندائون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">۽ جڏهن سبا جي ملڪہ خداوند جي نالي جي نسبت ۾ سليمان جي ناموس ٻڌي، تڏهن هوءَ مشڪل سوالن سان هن جي آزمائش وٺڻ آئي.</verse>
				<verse number="2">۽ هوءَ هڪڙي تمام وڏي جماعت سان، ۽ مصالحن لڏيل اُٺن سان، ۽ تمام گهڻي سون، ۽ قيمتي جواهرن سان يروشلم ۾ آئي: ۽ جڏهن هوءَ سليمان وٽ آئي تڏهن جيڪي دل ۾ هوس تنهن بابت هن سان ڳالهہ ٻولهہ ڪيائين.</verse>
				<verse number="3">۽ سليمان هن جي سڀني سوالن جا جواب ڏنا: بادشاهہ کان ڪابہ اهڙي ڳالهہ لڪل ڪانہ هئي جا هن اُنهيءَ کي نہ ٻڌائي.</verse>
				<verse number="4">۽ جڏهن سبا جي ملڪہ سليمان جي ساري ڏاهپ ڏٺي، ۽ جيڪو گهر هن جوڙايو هو سو ڏٺائين،</verse>
				<verse number="5">۽ سندس دسترخاني جو طعام، ۽ سندس نوڪرن جو ويهڻ، ۽ سندس خدمت گارن جو حاضر رهڻ، ۽ اُنهن جي پوشاڪ، ۽ سندس شراب پيارڻ وارا، ۽ جنهن ڏاڪڻ تان چڙهي هو خداوند جي گهر ويندو هو، اُها ڏٺائين: تڏهن هوش حواس اُڏامي ويس.</verse>
				<verse number="6">۽ هن بادشاهہ کي چيو تہ مون پنهنجي ملڪ ۾ تنهنجن ڪمن ۽ تنهنجي سياڻپ بابت جيڪي ٻڌو هو سڀ سچ هو.</verse>
				<verse number="7">انهيءَ هوندي بہ جيسين آءٌ پاڻ نہ آيس ۽ سڀ پنهنجين اکين سان نہ ڏٺم تيسين انهن ڳالهين تي اعتبار نہ ٿي آيم: ڏس، مون کي اڌ بہ نہ ٻُڌايو هئائون: تنهنجي سياڻپ ۽ اقبالمندي انهيءَ ناموس کان وڌيڪ آهي جا مون ٻڌي هئي.</verse>
				<verse number="8">سڀاڳا آهن تنهنجا ماڻهو، سڀاڳا آهن تنهنجا نوڪر، جي هميشہ تنهنجي اڳيان بيهن ٿا، ۽ تنهنجي ڏاهپ ٻڌن ٿا.</verse>
				<verse number="9">برڪت وارو هجي خداوند تنهنجو خدا، جو تو مان راضي هو ۽ جنهن توکي اسرائيل جي تخت تي ويهاريو: خداوند اسرائيل کي هميشہ پيار ڪندو هو، تنهنڪري هن توکي بادشاهہ ڪيو تہ عدالت ۽ انصاف ڪرين.</verse>
				<verse number="10">پوءِ ملڪہ بادشاهہ کي سون جا هڪ سؤ ويهہ قنطار، ۽ مصالحن جو وڏو انبار، ۽ قيمتي جواهر ڏنا: اهي مصالحا، جي سبا جي ملڪہ بادشاهہ سليمان کي ڏنا، تنهن کان وڏو انداز وري ڪٿان بہ ڪونہ آيو.</verse>
				<verse number="11">۽ حيرام جي آرمار، جن اوفير مان سون آندو هو، تنهن اوفير مان چندن جي ڪاٺ ۽ قيمتي پٿرن جو بہ وڏو انداز آندو.</verse>
				<verse number="12">۽ بادشاهہ چندن جي ڪاٺ مان خداوند جي گهر لاءِ ۽ بادشاهہ جي گهر لاءِ ٿنڀ، ۽ ڳائڻ وارن جي لاءِ بربط، ۽ سنطور بہ ٺهرايا: اهڙا چندن جا وڻ وري اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن بہ نہ آيا، ۽ نہ ڪڏهن ڏٺا ويا.</verse>
				<verse number="13">۽ سبا جي ملڪہ کي جيڪي بادشاهہ سليمان پنهنجي شاهي سخاوت سان پاڻيهي ڏنو، تنهن کان سواءِ جيڪي هن پنهنجي دل جي خواهش موجب گهريو سو هن کي ڏنائين. پوءِ هوءَ پنهنجن نوڪرن سميت موٽي پنهنجي ملڪ ڏانهن ويئي.</verse>
				<verse number="14">هاڻي جيڪو سون هڪ ورهيہ ۾ سليمان وٽ آيو، سو تور ۾ ڇهہ سؤ ڇاهٺ قنطار ٿيو،</verse>
				<verse number="15">سواءِ انهيءَ جي جو گهورڙن، ۽ سوداگرن جي واپار ۽ گڏيل قوم جي سڀني بادشاهن؛ ۽ ملڪ جي حاڪمن آندو.</verse>
				<verse number="16">۽ بادشاهہ سليمان پلٽيل سون جا ٻہ سؤ ڍال ٺهرايا: هرهڪ ڍال ۾ سون جا ڇهہ سؤ شيڪل لڳا.</verse>
				<verse number="17">۽ هن پلٽيل سون جون ٽي سؤ سپرون جوڙايون؛ هرهڪ سپر ۾ سون جو ڏيڍ سير لڳو: ۽ اُهي بادشاهہ لبنان جي ٻيلي واري گهر ۾ رکيون.</verse>
				<verse number="18">تنهن کان سواءِ بادشاهہ عاج جو هڪڙو وڏو تخت ٺهرايو ۽ اُنهيءَ جي مٿان تمام عمدو سون مڙهيائين.</verse>
				<verse number="19">اُنهيءَ تخت کي ڇهہ ڏاڪا هئا، ۽ تخت جي چوٽي پٺيان گول هئي: ۽ ويهڻ واري جاءِ جي ٻنهي پاسي ٽيڪون هيون، ۽ اُنهن ٽيڪن جي ڀرسان ٻہ شينهن بيٺل هئا.</verse>
				<verse number="20">۽ اُتي ٻارهن شينهن ڇهن ڏاڪن جي مٿان هڪڙي پاسي ۽ ٻئي پاسي بيٺل هئا: انهيءَ جهڙو ڪنهن بہ بادشاهت ۾ ڪونہ جڙيو.</verse>
				<verse number="21">۽ بادشاهہ سليمان جي پيئڻ جا باسڻ سڀ سون جا هئا، ۽ لبنان جي ٻيلي واري گهر جا سڀ باسڻ بہ نج سون جا هئا: ڪي بہ چانديءَ جا نہ هئا؛ سليمان جي ڏينهن ۾ اُها ليکي ۾ ئي نہ هئي.</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ جو بادشاهہ جي لاءِ سمنڊ تي حيرام جي آرمار سان گڏ ترسيس جو آرمار بہ هوندو هو: ٽن ٽن سالن ۾ هڪڙو ڀيرو ترسيس جا جهاز سون ۽ چاندي، عاج، ۽ باندر، ۽ مور کڻي ايندا هئا.</verse>
				<verse number="23">انهيءَ طرح بادشاهہ سليمان دولت ۽ حڪمت ۾ زمين جي سڀني بادشاهن کان ڪسر کڻي ويو.</verse>
				<verse number="24">۽ سارو جهان سليمان جي حضور ۾ اچڻ گهرندو هو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪا ڏاهپ خدا هن جي دل ۾ وڌي هئي سا ٻڌي.</verse>
				<verse number="25">۽ سڀڪو ماڻهو پنهنجو پنهنجو نذرانو آڻيندو هو، چانديءَ جا باسڻ، ۽ سون جا باسڻ، ۽ ڪپڙا، ۽ هٿيار، ۽ مصالحا، گهوڙا ۽ خچر، سال بسال اهو ڏن ٻڌل هوندو هو.</verse>
				<verse number="26">۽ سليمان رٿ ۽ گهوڙي سوار گڏ ڪيا: ۽ هن وٽ هڪ هزار چار سؤ رٿ ۽ ٻارهن هزار گهوڙي سوار ٿيا، جي هن رٿن وارن شهرن ۾، ۽ يروشلم ۾ بادشاهہ وٽ رهائي ڇڏيا.</verse>
				<verse number="27">۽ بادشاهہ يروشلم ۾ چانديءَ جو اهڙو حال ڪيو جهڙو پٿرن جو، ۽ ديودار جي ڪاٺ جو اهڙو حال ڪيو جهڙو شڪميم جي وڻن جو، جي هيٺانهين زمين تي بيشمار ٿيندا آهن.</verse>
				<verse number="28">۽ سليمان وٽ جيڪي گهوڙا هئا، سي مصر مان آندا ويا هئا؛ ۽ بادشاهہ جا سوداگر اُهي گلن جا گلا خريد ڪندا هئا، هرهڪ گلو ٺهرايل قيمت تي وٺندا هئا.</verse>
				<verse number="29">۽ هڪ رٿ مصر مان چانديءَ جي ڇهہ سؤ شيڪلن ڏيڻ تي ايندو هو، ۽ هڪڙو گهوڙو ڏيڍ سؤ شيڪلن تي: ۽ انهيءَ طرح سڀني حتين جي بادشاهن، ۽ ارام جي بادشاهن لاءِ بہ، اُنهن جي ئي هٿان اُهي ايندا هئا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">هاڻي بادشاهہ سليمان فرعون جي ڌيءَ کان سواءِ گهڻين ڌارين زالن کي بہ پيار ڪندو هو، يعني موآبي، عموني، ادومي، صيداني ۽ حتي زالن کي بہ؛</verse>
				<verse number="2">هي انهن قومن جون هيون جن جي نسبت ۾ خداوند بني اسرائيل کي چيو هو تہ اوهين هنن منجهہ نہ وڃجو، ۽ نہ هو اوهان منجهہ اچن: نہ تہ ضرور هو اوهان جون دليون پنهنجن معبودن ڏي ڦيرائينديون: اُنهن سان سليمان محبت رکڻ لڳو.</verse>
				<verse number="3">۽ هن کي ست سؤ زالون هيون، جي شهزاديون هيون، ۽ ٽي سؤ سريتون هيس: ۽ اُنهن زالن هن جي دل ڦيرائي ڇڏي.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو هيئن ٿيو تہ جڏهن سليمان ٻڍو ٿيو، تڏهن سندس زالن سندس دل ڦيرائي ٻين معبودن ڏي ڪئي: ۽ هن جي دل خداوند سندس خدا سان اهڙي ڪامل نہ هئي جهڙي سندس پيءُ دائود جي هئي.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو سليمان صيدونين جي ديوي عستارات، ۽ عمونين جي ڪراهت جهڙي بت ملڪوم جي پٺيان هلڻ لڳو.</verse>
				<verse number="6">۽ سليمان اُهي ڪم ڪرڻ لڳو جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ پنهنجي پيءُ دائود وانگر پوريءَ طرح خداوند جي پٺيان نہ هليو.</verse>
				<verse number="7">تڏهن سليمان يروشلم جي اڳيان جيڪو جبل آهي، تنهن ۾ موآب جي بت ڪموس لاءِ، ۽ بني عمون جي بت مولڪ لاءِ، هڪڙي مٿانهين جاءِ جوڙائي.</verse>
				<verse number="8">۽ ساڳيءَ طرح هن پنهنجين سڀني ڌارين زالن جي لاءِ بہ جايون جوڙيون، جي پنهنجن پنهنجن معبودن جي لاءِ لوبان ساڙينديون ۽ قربانيون چاڙهينديون هيون.</verse>
				<verse number="9">۽ خداوند سليمان تي ڪاوڙيو، ڇالاءِ جو سندس دل خداوند، اسرائيل جي خدا کان ڦري ويئي هئي، جنهن ٻہ ڀيرا ڏيکاري ڏني هيس،</verse>
				<verse number="10">۽ انهيءَ ڳالهہ جي نسبت ۾ حڪم ڏنو هئائينس تہ ٻين معبودن جي پٺيان متان لڳين: پر جيڪو حڪم خداوند ڏنو هوس سو بجا نہ آندائين.</verse>
				<verse number="11">تنهنڪري خداوند سليمان کي چيو تہ جنهن صورت ۾ تو ائين ڪيو آهي، ۽ منهنجي عهد اقرار تي، ۽ منهنجن جاري ڪيل قاعدن تي سنڀالي نہ هليو آهين، تنهن صورت ۾ آءٌ ضرور توکان اها بادشاهت کسي وٺندس، ۽ تنهنجي نوڪر کي ڏيندس.</verse>
				<verse number="12">اُنهيءَ هوندي بہ تنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾، تنهنجي پيءُ دائود جي خاطر، ائين نہ ڪندس: پر اها تنهنجي پٽ جي هٿان کسيندس.</verse>
				<verse number="13">تڏهن بہ ساري بادشاهت کسي نہ وٺندس، پر پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر، ۽ پنهنجي پسند ڪيل شهر يروشلم جي خاطر، هڪڙو فرقو تنهنجي پٽ کي ڏيندس.</verse>
				<verse number="14">۽ خداوند سليمان جو هڪڙو دشمن هدد ادومي کڙو ڪيو: هو ادوم جي شاهي نسل مان هو.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود ادوم ۾ هو، ۽ يوآب سپهہ سالار، قتل ٿيلن کي دفن ڪرڻ لاءِ ويو، ۽ ادوم ۾ سڀني مرد ماڻهن کي ماري چٽ ڪيائين:</verse>
				<verse number="16">(ڇالاءِ جو يوآب ۽ سڀ اسرائيلي ڇهہ مهينا اُتي رهيا پيا هئا؛ جيسين ڪ هن ادوم ۾ سڀني مرد ماڻهن کي ڪُهي ڇڏيو؛)</verse>
				<verse number="17">تڏهن هدد پنهنجي پيءُ جي ڪن نوڪرن ادومين سميت مصر ۾ وڃڻ لاءِ اُٿي ڀڳو؛ ۽ هدد اڃا ننڍو ٻار هو.</verse>
				<verse number="18">۽ هو مديان مان نڪتا، ۽ فاران ۾ آيا: ۽ فاران مان ماڻهو وٺي مصر ۾، مصر جي بادشاهہ فرعون وٽ آيا؛ جنهن هن کي هڪڙو گهر ڏنو ۽ کاڌو مقرر ڪري ڏنائينس، ۽ زمين بہ ڏنائينس.</verse>
				<verse number="19">۽ هدد فرعون جي نظر ۾ ايترو مان لڌو جو هن کيس پنهنجي سالي، ملڪہ تحفنيس جي ڀيڻ پرڻائي ڏني.</verse>
				<verse number="20">۽ تحفنيس جي ڀيڻ هن کي جنوبت نالي پٽ ڄڻي ڏنو، جنهن کي تحفنيس فرعون جي گهر ۾ کير پياري وڏو ڪيو: ۽ جنوبت فرعون جي گهر ۾، فرعون جي پٽن سان گڏ رهندو هو.</verse>
				<verse number="21">۽ جڏهن هدد مصر ۾ ٻڌو تہ دائود وڃي پنهنجي ابن ڏاڏن سان سُتو آهي، ۽ يوآب سپهہ سالار بہ مري ويو آهي، تڏهن هدد فرعون کي چيو تہ مون کي ڇڏ تہ آءٌ پنهنجي ملڪ ڏانهن وڃان.</verse>
				<verse number="22">تڏهن فرعون هن کي چيو تہ مون وٽ تنهنجي لاءِ ڪهڙي شيءِ جي گهٽتائي ٿي آهي جو ڏس، تون پنهنجي ملڪ ڏي وڃڻ ٿو گهرين؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ ڪنهن شيءِ جي بہ نہ: انهيءَ هوندي بہ ڪنهن طرح مون کي موڪل ڏي.</verse>
				<verse number="23">۽ خدا هن جي لاءِ ٻيو دشمن اُٿاريو، رزون بن اليدع، جو پنهنجي ڌڻيءَ هدد عزر، ضوباہ جي بادشاهہ کان ڀڄي نڪتو هو:</verse>
				<verse number="24">هن پاڻ وٽ ماڻهو گڏ ڪيا، ۽ جڏهن دائود ضوباہ جي ماڻهن کي قتل ڪيو، تڏهن هو هڪڙي لشڪر جو سردار ٿيو: ۽ پوءِ هو دمشق ڏي ويا، ۽ اُتي رهڻ لڳا، ۽ دمشق ۾ هن بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="25">۽ سليمان جي ساري حياتيءَ جي ڏينهن ۾ هو اسرائيل جو دشمن هو، ۽ هدد جيڪو نقصان رسايو هو سو انهيءَ کان سواءِ هو: ۽ هو اسرائيل کي ڌڪاريندو هو، ۽ ارام ۾ حڪومت ڪندو هو.</verse>
				<verse number="26">۽ يربعام بن نباط، صريدہ جو هڪڙو افرائيمي، جو سليمان جو نوڪر هو، ۽ جنهن جي ماءُ جو نالو صروعہ هو، جا رن زال هئي، تنهن بہ بادشاهہ جي برخلاف پنهنجو هٿ کنيو.</verse>
				<verse number="27">۽ بادشاهہ جي برخلاف هن جي هٿ کڻڻ جو هي سبب هو: سليمان ملو جوڙايو، ۽ پنهنجي پيءُ دائود جي شهر جي، جتان اُهو ڀڄي پيو هو، اُتان مرمت ڪرائي.</verse>
				<verse number="28">۽ اُهو ماڻهو يربعام زور وارو ۽ همت ڀريو هو: ۽ سليمان ڏٺو تہ اهو جوان ماڻهو محنتي آهي، تنهنڪري انهيءَ کي يوسف جي گهراڻي جي سڀ ڪم ڪار جي مٿان داروغو ڪري رکيائين.</verse>
				<verse number="29">۽ اُنهيءَ وقت هيئن ٿيو تہ جڏهن يربعام يروشلم کان ٻاهر ويو تڏهن اخياہ سيلاني نبي رستي ۾ هن کي گڏيو: هاڻي اخياہ نئين پوشاڪ ڍڪي هئي؛ ۽ هو ٻئي جهنگ ۾ اڪيلا هئا.</verse>
				<verse number="30">۽ اخياہ، جيڪا نئين پوشاڪ سندس بت تي هئي، تنهن کي جهلي ڦاڙي ٻارهن ٽڪر ڪيا.</verse>
				<verse number="31">۽ هن يربعام کي چيو تہ هي ڏهہ ٽڪر وٺ: ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ سليمان جي هٿان بادشاهي کسيندس، ۽ ڏهہ فرقا توکي ڏيندس:</verse>
				<verse number="32">(پر هن کي منهنجي ٻانهي دائود جي خاطر، ۽ اسرائيل جي سڀني فرقن مان جيڪو يروشلم جو شهر مون پسند ڪيو آهي، تنهن جي خاطر، هڪڙو فرقو ملندو:)</verse>
				<verse number="33">ڇالاءِ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ صيدونين جي ديوي عستارات، ۽ موآب جي معبود ڪموس، ۽ بني عمون جي معبود ملڪوم کي سجدو ڏنو آهي؛ ۽ هو منهنجن رستن تي نہ هليا آهن، ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ چڱو آهي سو نہ ڪيو اٿن، ۽ نہ منهنجن قاعدن، ۽ منهنجن فيصلن جي سنڀال ڪئي اٿن، جيئن هن جي پيءُ دائود ٿي ڪئي.</verse>
				<verse number="34">انهيءَ هوندي بہ آءٌ هن جي هٿان ساري بادشاهت نہ کسيندس: پر منهنجو ٻانهو دائود، جنهن کي منهنجن حڪمن ۽ منهنجن قاعدن جي سنڀال ڪرڻ ڪري مون پسند ڪيو، تنهن جي خاطر آءٌ هن کي ساري حياتيءَ جي ڏينهن ۾ بادشاهہ رکندس:</verse>
				<verse number="35">مگر آءٌ هن جي پٽ جي هٿان بادشاهي کسي وٺندس، ۽ توکي ڏيندس، يعني ڏهہ فرقا.</verse>
				<verse number="36">۽ هن جي پٽ کي آءٌ هڪڙو فرقو ڏيندس، انهيءَ لاءِ تہ يروشلم جو شهر، جو مون پنهنجي نالي رکڻ لاءِ پسند ڪيو آهي، تنهن ۾ هميشہ منهنجي اڳيان منهنجي ٻانهي دائود وٽ هڪڙو ڏيئو هجي.</verse>
				<verse number="37">۽ آءٌ توکي وٺندس، ۽ تون پنهنجي دل جي خواهش موجب بادشاهي ڪندين، ۽ اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ٿيندين.</verse>
				<verse number="38">۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان سو جيڪڏهن تون مڃيندين، ۽ منهنجن رستن تي هلندين، ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ برابر آهي سو ڪندين، ۽ منهنجن قاعدن، ۽ منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪندين، جيئن منهنجو ٻانهو دائود ڪندو هو، تہ آءٌ توسان هوندس، ۽ تنهنجي لاءِ هڪڙو پڪو گهر جوڙيندس، جيئن دائود جي لاءِ جوڙيو هوم، ۽ اسرائيل تنهنجي حوالي ڪندس.</verse>
				<verse number="39">۽ انهيءَ ڪري آءٌ دائود جي اولاد کي تڪليف ڏيندس، پر نہ هميشہ جي لاءِ.</verse>
				<verse number="40">تنهنڪري سليمان يربعام جي مارڻ جي پٺيان پيو: پر يربعام اُٿي ڀڳو، ۽ مصر ۾، مصر جي بادشاهہ سيساق وٽ ويو ۽ سليمان جي مرڻ تائين مصر ۾ رهيو.</verse>
				<verse number="41">هاڻي سليمان جا باقي ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي بہ هن ڪيو، ۽ سندس سياڻپ، سي سڀ سليمان جي ڪمن واري ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="42">۽ جيڪو وقت سليمان يروشلم ۾ ساري اسرائيل تي بادشاهي ڪئي، سو چاليهہ ورهيہ هو.</verse>
				<verse number="43">نيٺ سليمان وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان گڏ سُتو، ۽ پنهنجي پيءُ دائود جي شهر ۾ دفنايو ويو: ۽ رحبعام سندس پٽ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">۽ رحبعام سڪم ڏي ويو: ڇالاءِ جو ساري اسرائيل قوم هن کي بادشاهہ ڪرڻ لاءِ سڪم ۾ آئي هئي.</verse>
				<verse number="2">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يربعام بن نباط اها ڳالهہ ٻڌي، (ڇالاءِ جو هو اڃا مصر ۾ هو، جتي بادشاهہ سليمان جي حضور مان ڀڄي آيو هو، ۽ يربعام مصر ۾ رهندو هو،</verse>
				<verse number="3">۽ هنن ماڻهو موڪلي هن کي گهرائي ورتو؛) تڏهن يربعام ۽ اسرائيل جي ساري جماعت اچي رحبعام کي چيو تہ</verse>
				<verse number="4">تنهنجي پيءُ اسان کي سخت پاڃاريءَ هيٺ رکيو هو؛ تنهنڪري هاڻي تون پنهنجي پيءُ وارو سخت پورهيو ۽ جيڪا ڳري پاڃاري اسان تي رکي هئائين، سا هلڪي ڪر تہ پوءِ اسين تنهنجي خدمت چاڪري ڪنداسين.</verse>
				<verse number="5">تڏهن هن هنن کي چيو تہ في الحال ٽي ڏينهن هليا وڃو، پوءِ وري مون وٽ اچجو: تنهن تي ماڻهو هليا ويا.</verse>
				<verse number="6">۽ بادشاهہ رحبعام اُنهن پير مردن سان صلاح ڪئي، جي سندس پيءُ سليمان جي حياتيءَ ۾ انهيءَ جي اڳيان بيهندا هئا، ۽ چيائين تہ اوهين مون کي ڪهڙي صلاح ٿا ڏيو تہ هنن ماڻهن کي ڪهڙو جواب ڏيان؟</verse>
				<verse number="7">۽ هنن چيس تہ جيڪڏهن تون اڄ هنن ماڻهن جو خادم ٿيندين، ۽ هنن جي خدمت ڪندين، ۽ ورندي ڏيندين، ۽ هنن سان چڱيون ڳالهيون ڪندين، تہ هو هميشہ لاءِ تنهنجا ٻانها ٿي گذاريندا.</verse>
				<verse number="8">پر جيڪا صلاح اُنهن پير مردن هن کي ڏني، سا هن رد ڪئي، پر جيڪي جوان ماڻهو هن سان گڏ پلجي وڏا ٿيا هئا ۽ سندس اڳيان بيهندا هئا، اُنهن سان صلاح مشورت ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="9">۽ هنن کي چيائين تہ اوهين ڪهڙي صلاح ٿا ڏيو تہ هي ماڻهو، جن مون کي چيو آهي تہ جيڪا پاڃاري تنهنجي پيءُ اسان تي رکي هئي سا هلڪي ڪر، تن کي ڪهڙو جواب ڏيان؟</verse>
				<verse number="10">۽ جيڪي ماڻهو هن سان گڏ پلجي وڏا ٿيا هئا، تن هن کي چيو تہ اهي ماڻهو جن توکي چيو آهي تہ تنهنجي پيءُ اسان جي پاڃاري ڳري ڪئي آهي، تون اُها اسان جي لاءِ هلڪي ڪر؛ تن کي تون چئُہ تہ منهنجي چيچ منهنجي پيءُ جي چيلهہ کان ٿلهي آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ هاڻي جڏهن منهنجي پيءُ اوهان تي ڳري پاڃاري رکي هئي، تڏهن اُها آءٌ اڃا بہ ڳري ڪندس: منهنجو پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ڏيندو هو، پر آءٌ اوهان کي وڇن سان سزا ڏيندس.</verse>
				<verse number="12">پوءِ يربعام ۽ ٻيا سڀ ماڻهو رحبعام وٽ ٽئين ڏينهن آيا، جيئن ڪ بادشاهہ حڪم ڏنو هون تہ مون وٽ موٽي ٽئين ڏينهن اچجو.</verse>
				<verse number="13">۽ بادشاهہ انهن ماڻهن کي شوخيءَ سان جواب ڏنو، ۽ جيڪا صلاح پير مردن ڏني هيس سا ڇڏي ڏنائين؛</verse>
				<verse number="14">۽ جوان ماڻهن جي صلاح پٺيان هنن کي چيائين تہ منهنجي پيءُ اوهان جي پاڃاري ڳري ڪئي هئي، پر آءٌ پاڻ انهيءَ کان بہ ڳري ڪندس: منهنجي پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ٿي ڏني، پر آءٌ اوهان کي وڇن سان سزا ڏيندس.</verse>
				<verse number="15">۽ انهيءَ طرح بادشاهہ هنن ماڻهن جي دانهن نہ ٻڌي؛ ڇالاءِ جو اها ڳالهہ خداوند جي طرفان ٿيل هئي تہ هو پنهنجو ڪلام قائم ڪري، جو خداوند اخياہ سيلاني جي هٿان يربعام بن نباط سان ڪيو هو.</verse>
				<verse number="16">۽ جڏهن ساري اسرائيل قوم ڏٺو تہ بادشاهہ سندس ڳالهہ نہ مڃي تڏهن ماڻهن بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ اسان جي دائود ۾ ڪهڙي پتي آهي؟ اسان جو يسيءَ جي پٽ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي: اي اسرائيليو، پنهنجن تنبن ڏي هليا وڃو: هاڻي اي دائود، تون پنهنجي گهر جي نظر ڪج. تڏهن اسرائيلي پنهنجن تنبن ڏي هليا ويا.</verse>
				<verse number="17">پر جيڪي بني اسرائيل يهوداہ جي شهرن ۾ رهندا هئا تن تي رحبعام بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="18">تڏهن بادشاهہ رحبعام ادورام کي موڪليو جو ڀرتي ڪيل ماڻهن جي مٿان هو؛ ۽ سڀني اسرائيلين هن کي پٿر هڻي سنگسار ڪيو: ۽ بادشاهہ رحبعام تڪڙو ٿي پنهنجي رٿ تي چڙهي يروشلم ڏانهن ڀڄي ويو.</verse>
				<verse number="19">انهيءَ طرح اسرائيلي دائود جي گهراڻي کان اڄ ڏينهن تائين باغي آهن.</verse>
				<verse number="20">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سڀني اسرائيلين ٻڌو تہ يربعام موٽي آيو آهي، تڏهن هنن اُنهيءَ کي ماڻهو موڪلي جماعت ۾ گهرايو، ۽ اُنهيءَ کي ساري اسرائيل قوم تي بادشاهہ ڪيائون: فقط يهوداہ جي فرقي کان سواءِ ٻئي ڪنهن بہ دائود جي گهراڻي جي پيروي نہ ڪئي.</verse>
				<verse number="21">۽ جڏهن رحبعام يروشلم ۾ آيو تڏهن هن يهوداہ جو سارو گهراڻو ۽ بنيمين جو فرقو، جي هڪ لک اسي هزار چونڊيل ماڻهو جنگي بهادر هئا سي گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ اسرائيل جي گهراڻي سان جنگ ڪري، ۽ بادشاهي وري رحبعام بن سليمان جي هٿ ۾ آڻي.</verse>
				<verse number="22">پر خدا جو ڪلام خدا جي ٻانهي سمعياہ وٽ آيو، جنهن چيس تہ</verse>
				<verse number="23">يهوداہ جي بادشاهہ سليمان جي پٽ رحبعام کي، ۽ يهوداہ ۽ بنيمين جي ساري گهراڻي کي، ۽ ٻين ماڻهن کي چئُہ تہ</verse>
				<verse number="24">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين چڙهي نہ وڃجو، ۽ نہ پنهنجن ڀائرن بني اسرائيل سان وڙهجو: سڀڪو ماڻهو موٽي پنهنجي گهر وڃي؛ ڇالاءِ جو اهو ڪم منهنجو ڪيل آهي. تڏهن هنن خداوند جو حڪم مڃيو، ۽ خداوند جي ڪلام موجب موٽي پنهنجو رستو وٺي هليا ويا.</verse>
				<verse number="25">تنهن کان پوءِ يربعام افرائيم جي ڪوهستان ۾ سڪم اڏي اُتي رهڻ لڳو؛ ۽ اُتان وڃي فنوايل اڏيائين.</verse>
				<verse number="26">۽ يربعام پنهنجي دل ۾ چيو تہ هاڻي بادشاهي موٽي دائود جي گهراڻي ۾ ويندي:</verse>
				<verse number="27">جيڪڏهن هي ماڻهو يروشلم ۾ وڃي خداوند جي گهر ۾ قربانيون چاڙهيندا تہ هنن ماڻهن جي دل وري پنهنجي ڌڻيءَ ڏانهن لاڙو رکندي، يعني يهوداہ جي بادشاهہ رحبعام ڏي؛ ۽ مون کي ماري موٽي رحبعام يهوداہ جي بادشاهہ ڏي ويندا.</verse>
				<verse number="28">تنهنڪري بادشاهہ صلاح ڪري سون جا ٻہ گابا جوڙيا؛ ۽ ماڻهن کي چيائين تہ يروشلم تائين وڃڻ ۾ اوهان کي گهڻي تڪليف ٿيندي؛ اي اسرائيليو، اِجهو پنهنجا معبود ڏسو، جن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو.</verse>
				<verse number="29">۽ هن هڪڙو بيت ايل ۾ رکيو، ۽ ٻيو دان ۾.</verse>
				<verse number="30">۽ اهو ڪم گناهہ ٿي پيو: ڇالاءِ جو ماڻهو وڃي هڪڙي جي اڳيان، يعني دان ۾، سجدو ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="31">۽ هن مٿانهن هنڌن جا گهر جوڙايا، ۽ عام ماڻهن مان ڪاهن مقرر ڪيائين، جي لاوي جي پٽن مان نہ هئا.</verse>
				<verse number="32">۽ اٺين مهيني ۾ پندرهين تاريخ يربعام هڪڙي عيد مقرر ڪئي، جهڙي يهوداہ ۾ عيد ٿيندي هئي، ۽ پاڻ قربانگاهہ تائين چڙهي ويو؛ ساڳيءَ طرح بيت ايل ۾ بہ جيڪي گابا جوڙيا هئائين تن جي اڳيان قربانيون ڪيائين: ۽ بيت ايل ۾ جي مٿانهيون جايون هن ٺهرايون هيون، تن جا ڪاهن مقرر ڪيائين.</verse>
				<verse number="33">۽ اٺين مهيني ۾، يعني جيڪو مهينو هن پنهنجي مرضيءَ موجب مقرر ڪيو، تنهن جي پندرهين تاريخ هو پنهنجي جوڙيل قربانگاهہ تائين چڙهي ويو؛ ۽ بني اسرائيل جي لاءِ هڪڙي عيد مقرر ڪيائين، ۽ قربانگاهہ تي وڃي لوبان ساڙيائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">۽ ڏسو، هڪڙو خدا جو ٻانهو خدا جي حڪم سان يهوداہ مان بيت ايل ۾ آيو: ۽ يربعام قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺي لوبان ساڙيو.</verse>
				<verse number="2">۽ خداوند جي حڪم سان هو قربانگاهہ جي برخلاف وڏي سڏ چوڻ لڳو تہ اي قربانگاهہ، قربانگاهہ، خداوند هيئن ٿو فرمائي: ڏس، دائود جي گهراڻي ۾ هڪڙو ٻار يوسياہ نالي ڄمندو؛ ۽ اُهو تو تي انهن مٿانهين جاين جي ڪاهنن کي قرباني ڪندو، جي تو تي لوبان ٿا ساڙين؛ ۽ تو تي ماڻهن جا هڏا ساڙيندا.</verse>
				<verse number="3">۽ انهيءَ ڏينهن هن هڪڙو نشان ڏيئي چيو تہ جنهن نشان جو خداوند ذڪر ڪيو آهي سو هي آهي: ڏسو، هيءَ قربانگاهہ ڦاٽي پوندي، ۽ جيڪا خاڪ انهيءَ تي آهي سا هارجي ويندي.</verse>
				<verse number="4">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ اُنهيءَ خدا جي ٻانهي جو ڪلام ٻڌو، جو هن بيت ايل ۾ قربانگاهہ جي برخلاف ڪيو، تڏهن يربعام قربانگاهہ تان پنهنجو هٿ ڊگهيري چوڻ لڳو تہ هن کي پڪڙيو. ۽ جيڪو هٿ هن ڊگهيريو هو سو اهڙو سڪي پيو جو هو وري انهيءَ کي پاڻ ڏي ڇڪي نہ سگهيو.</verse>
				<verse number="5">قربانگاهہ بہ ڦاٽي پيئي، ۽ قربانگاهہ تان خاڪ بہ ڪِري پيئي، جيئن ڪ اُنهيءَ خدا جي ٻانهي خداوند جي حڪم سان نشان ڏنو هو.</verse>
				<verse number="6">۽ بادشاهہ اُنهي خدا جي ٻانهي کي ورندي ڏيئي چيو تہ هاڻي خداوند پنهنجي خدا کي خير جو سوال ڪر ۽ منهنجي لاءِ اُنهيءَ کان دعا گهر تہ مون کي پنهنجو هٿ وري ملي. تڏهن انهيءَ خدا جي ٻانهي خداوند کي سوال ڪيو ۽ بادشاهہ کي پنهنجو هٿ موٽي مليو، ۽ جهڙو اڳي هو اهڙو ئي ٿي پيو.</verse>
				<verse number="7">۽ بادشاهہ انهيءَ خدا جي ٻانهي کي چيو تہ مون سان گڏجي منهنجي گهر هل ۽ هلي کائي پي تازو ٿيءُ، ۽ آءٌ توکي انعام بہ ڏيندس.</verse>
				<verse number="8">۽ خدا جي ٻانهي بادشاهہ کي چيو تہ جيڪڏهن تون مون کي پنهنجي گهر جو اڌ ڏيندين تہ بہ آءٌ توسان نہ هلندس ۽ نہ هن هنڌ ماني کائيندس يا پاڻي پيئندس:</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو خداوند جي ڪلام مون کي اهو حڪم ڏنو هو تہ تون نہ ماني کائج، نہ پاڻي پيئج، نڪي جنهن رستي کان آيو هئين تنهن رستي کان موٽي وڃج.</verse>
				<verse number="10">تنهنڪري جنهن رستي کان هو بيت ايل ۾ آيو هو، اُنهيءَ کان موٽي نہ ويو، پر ٻيو رستو ڏيئي ويو.</verse>
				<verse number="11">هاڻي بيت ايل ۾ هڪڙو ٻڍو نبي رهندو هو؛ ۽ انهيءَ جي پٽن مان هڪڙي انهن سڀني ڪمن جي ڳالهہ اچي ٻڌايس، جي خدا جي ٻانهي بيت ايل ۾ ڪيا هئا: جيڪي هن بادشاهہ کي چيو هو، سو بہ هن پنهنجي پيءُ کي ٻڌايو.</verse>
				<verse number="12">۽ هنن جي پيءُ هنن کان پڇيو تہ اُهو ڪهڙو رستو ڏيئي ويو آهي؟ هاڻي هن جي پٽن ڏٺو هو تہ اُهو خدا جو ٻانهو ڪهڙو رستو ڏيئي ويو، جو يهوداہ کان آيو هو.</verse>
				<verse number="13">۽ هن پنهنجن پٽن کي چيو تہ مون کي گڏهہ پلاڻي ڏيو، اُن موجب هنن گڏهہ تي زين رکي: ۽ هو اُنهيءَ تي چڙهيو.</verse>
				<verse number="14">۽ هو اُنهيءَ خدا جي ٻانهي جي پٺيان ويو، ۽ اُنهيءَ کي هڪڙي شاهہ بلوط جي وڻ هيٺ ويٺل ڏٺائين: ۽ چيائينس تہ جيڪو خدا جو ٻانهو يهوداہ کان آيو هو سو تون آهين ڇا؟ ۽ هن چيو تہ اُهو آءٌ آهيان.</verse>
				<verse number="15">تڏهن هن اُنهيءَ کي چيو تہ مون سان گڏجي گهر هل ۽ هلي ماني کاءُ.</verse>
				<verse number="16">۽ هن چيو تہ آءٌ تو سان موٽي هلي نٿو سگهان، نڪي تنهنجي گهر وڃي ٿو سگهان: نڪي هن هنڌ تو سان ماني کائيندس يا پاڻي پيئندس.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو خدا جي ڪلام جي وسيلي مون کي چيو ويو هو تہ تون هتي نہ ماني کائج ۽ نہ پاڻي پيئج، نڪي جنهن رستي کان اچين تنهن رستي کان موٽي وڃج.</verse>
				<verse number="18">تڏهن هن اُنهيءَ کي چيو تہ جهڙو تون نبي آهين اهڙو آءٌ بہ آهيان؛ ۽ خداوند جي حڪم پٺيان هڪڙي ملائڪ مون کي چيو تہ هن کي پاڻ سان وٺي پنهنجي گهر وڃ تہ هو ماني کائي ۽ پاڻي پيئي. پر هن اُنهيءَ کي ڪوڙ ڪري ائين چيو.</verse>
				<verse number="19">تڏهن هو اُنهيءَ سان گڏجي موٽي ويو، ۽ هن جي گهر ۾ ماني کاڌائين ۽ پاڻي پيتائين.</verse>
				<verse number="20">۽ هيئن ٿيو تہ جيئن هو اڃا دسترخاني تي ويٺا هئا تيئن خداوند جو ڪلام انهيءَ نبيءَ تي نازل ٿيو، جنهن هن کي موٽائي آندو.</verse>
				<verse number="21">۽ جيڪو خدا جو ٻانهو يهوداہ کان آيو هو تنهن کي هن رڙ ڪري چيو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن تو خدا جي ڪلام جي نافرماني ڪئي آهي، ۽ جيڪو حڪم خداوند تنهنجي خدا توکي ڏنو هو، تنهن جي تو تعميل نہ ڪئي آهي،</verse>
				<verse number="22">پر موٽي آئين، ۽ جنهن هنڌ بابت هن توکي چيو تہ نہ ماني کائج ۽ نہ پاڻي پيئج، انهيءَ هنڌ تو ماني کاڌي آهي ۽ پاڻي پيتو آهي؛ تنهنڪري تنهنجو لاش تنهنجي ابن ڏاڏن جي قبر ۾ نہ ايندو.</verse>
				<verse number="23">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو کائي پي چڪو تڏهن هن انهيءَ جي لاءِ، يعني جنهن نبيءَ کي موٽائي وٺي آيو هو، تنهن لاءِ گڏهہ تي زين وڌي.</verse>
				<verse number="24">۽ جڏهن هو هليو ويو تڏهن رستي ۾ هڪڙو شينهن گڏيس جنهن ماري ڇڏيس: ۽ هن جو لاشو رستي تي ڪِري پيو ۽ گڏهہ اُنهيءَ جي ڀرسان بيهي رهيو؛ شينهن بہ لاش جي پاسي ۾ بيهي رهيو.</verse>
				<verse number="25">۽ ڏس، اُتان ماڻهو اچي لنگهيا ۽ اُهو لاشو رستي تي پيل ۽ شينهن لاش جي ڀرسان بيٺل ڏٺائون: ۽ هنن اچي اُنهيءَ شهر ۾ اها ڳالهہ ڪئي، جتي اُهو ٻڍو نبي رهندو هو.</verse>
				<verse number="26">۽ جڏهن انهيءَ نبيءَ اها ڳالهہ ٻڌي، جنهن هن کي رستي تان موٽائي آندو هو، تڏهن هن چيو تہ اُهو خدا جو ٻانهو آهي، جنهن خداوند جي ڪلام جي نافرماني ڪئي هئي: تنهنڪري خداوند انهيءَ کي شينهن جي حوالي ڪيو، جنهن ڦاڙي ماري ڇڏيو اٿس، جيئن ڪ خداوند جو ڪلام ٿيل هو، جنهن هن کي ائين چيو هو.</verse>
				<verse number="27">۽ هن پنهنجن پٽن کي چيو تہ مون کي گڏهہ پلاڻي ڏيو. ۽ هنن اُهو پلاڻيو.</verse>
				<verse number="28">۽ هن وڃي انهيءَ جي لاش کي رستي تي پيل، ۽ گڏهہ ۽ شينهن کي لاش جي ڀرسان بيٺل ڏٺو: شينهن لاش کي نہ کاڌو، نڪي گڏهہ کي ڦاڙيو هئائين.</verse>
				<verse number="29">پوءِ اُنهيءَ نبيءَ خدا جي ٻانهي جو لاش کڻي گڏهہ تي رکيو ۽ موٽائي کڻي آيس: هو ٻڍي نبيءَ جي شهر ۾ آيو، انهيءَ لاءِ تہ سندس ماتم ڪري، ۽ دفن بہ ڪريس.</verse>
				<verse number="30">۽ هن اُنهيءَ جو لاش پنهنجي قبر ۾ رکيو، پوءِ هو مٿس ماتم ڪرڻ لڳا، ۽ چيائون تہ افسوس، اي منهنجا ڀاءُ!</verse>
				<verse number="31">۽ هيئن ٿيو تہ هن جي دفن ڪرڻ کان پوءِ هن پنهنجي پٽن کي چيو تہ جڏهن آءٌ مران تڏهن مون کي بہ انهيءَ قبر ۾ دفن ڪجو جنهن ۾ اهو خدا جو ٻانهو دفن ڪيل آهي.</verse>
				<verse number="32">ڇالاءِ جو خداوند جي حڪم موجب جيڪو ڪلام هن بيت ايل ۾ قربانگاهہ، ۽ سامريہ جي شهرن ۾ جيڪي مٿانهن هنڌن تي گهر آهن، تن سڀني جي برخلاف ڪيو هو، سو ضرور پورو ٿيندو.</verse>
				<verse number="33">انهيءَ ڳالهہ کان پوءِ بہ يربعام پنهنجي بڇڙي رستي کان باز نہ آيو، پر عام ماڻهن مان اُنهن مٿانهن هنڌن جا ڪاهن مقرر ڪيائين؛ جنهن جي مرضي ٿي ٿي، تنهن کي اُهو پاڪ عهدو ٿي ڏنائين، انهيءَ لاءِ تہ مٿانهن هنڌن جا ڪاهن ٿين.</verse>
				<verse number="34">۽ اها ڳالهہ يربعام جي گهراڻي لاءِ گناهہ ٿي، جنهنڪري اُهو چٽ ٿي ويو، ۽ زمين جي سطح تان نيست نابود ٿي ويو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">اُنهيءَ وقت يربعام جو پٽ ابياہ بيمار ٿي پيو.</verse>
				<verse number="2">۽ يربعام پنهنجي زال کي چيو تہ ڀلائي ڪري اُٿ ۽ پنهنجو ويس بدلاءِ تہ ڪوبہ توکي نہ سڃاڻي تہ تون يربعام جي زال آهين: ۽ سيلا ڏي وڃ؛ ڏس، اُتي اخياہ نبي آهي، جنهن منهنجي نسبت ۾ چيو هو تہ تون هن قوم جو بادشاهہ ٿيندين.</verse>
				<verse number="3">۽ پاڻ سان ڏهہ مانيون، ۽ ڪوڪيون، ۽ هڪڙو ماکيءَ جو ڪوزو کڻي وٽس وڃ: هو توکي ٻڌائيندو تہ هن ٻار جو ڪهڙو حال ٿيندو.</verse>
				<verse number="4">۽ يربعام جي زال ائين ئي ڪيو ۽ اُٿي سيلا ڏي ويئي، ۽ اخياہ جي گهر آئي. هاڻي اخياہ ڏسي نٿي سگهيو؛ ڇالاءِ جو وڏي عمر جي ڪري هن جون اکيون ويهي ويون هيون.</verse>
				<verse number="5">۽ خداوند اخياہ کي چيو تہ ڏس، يربعام جي زال توکان پنهنجي پٽ جو حال پڇڻ ٿي اچي؛ ڇالاءِ جو اُهو بيمار آهي: تون هن کي هيئن نہ هيئن چئج: ڇالاءِ جو هيئن ٿيندو تہ جڏهن هوءَ اندر ايندي تڏهن ڪوڙ ڪري پاڻ کي ٻي زال چوائيندي.</verse>
				<verse number="6">۽ هيئن ٿيو جو جڏهن اخياہ هن جي پيرن جو آواز ٻڌو ۽ هوءَ در تي آئي، تڏهن هن چيو تہ اي يربعام جي زال، هلي اچ؛ ڪوڙ ڪري ڇو ٿي پاڻ کي ٻي زال بنائين؟ ڇالاءِ جو آءٌ تو ڏي تمام خراب خبر ٻڌائڻ لاءِ موڪليو ويو آهيان.</verse>
				<verse number="7">وڃ، وڃي يربعام کي چئُہ تہ خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي: تہ مون توکي ٻين ماڻهن ۾ عزت وارو ڪيو، ۽ پنهنجيءَ قوم اسرائيل جو توکي بادشاهہ ڪيم،</verse>
				<verse number="8">۽ دائود جي گهراڻي مان بادشاهي کسي توکي ڏنم: تڏهن بہ تون منهنجي ٻانهي دائود جهڙو نہ ٿيو آهين، جو منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪندو هو، ۽ پنهنجي سموريءَ دل سان منهنجي پيروي ڪندو هو، ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ چڱو هو فقط اُهو ڪندو هو؛</verse>
				<verse number="9">بلڪ جيڪي توکان اڳي هئا تن کان بہ وڌيڪ تو بڇڙائي ڪئي آهي، ۽ وڃي ٻيا معبود پنهنجي لاءِ جوڙيا اٿيئي، ۽ پلٽيل بت بنايا اٿيئي، جنهنڪري مون کي ڪاوڙايو اٿيئي، ۽ مون کي پنهنجي پٺيان اُڇلائي ڇڏيو اٿيئي:</verse>
				<verse number="10">تنهنڪري ڏس، آءٌ يربعام جي گهراڻي تي خرابي آڻيندس، ۽ يربعام کان سڀ ڪو ڇوڪر وڍي ڇڏيندس، جو اسرائيل ۾ غلام آهي يا آزاد ڇڏيل آهي، ۽ آءٌ يربعام جي گهر کي بلڪل ٻهاري ڇڏيندس جيئن ڪو گند ٻهاري، اهڙو جو سارو گم ٿي ويندو.</verse>
				<verse number="11">يربعام جو جيڪو بہ ماڻهو شهر ۾ مرندو تنهن کي ڪتا کائي ويندا؛ ۽ جيڪو جهنگ ۾ مرندو تنهن کي هوا جا پکي کائيندا: ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري اُٿي پنهنجي گهر وڃ: ۽ جڏهن تنهنجا پير شهر ۾ پوندا تڏهن اُهو ٻار مري ويندو.</verse>
				<verse number="13">۽ سڀ اسرائيلي اُنهيءَ جي لاءِ ماتم ڪندا ۽ اُنهيءَ کي دفن ڪندا؛ ڇالاءِ جو يربعام جي آڪهہ مان اهوئي هڪڙو قبر ۾ پوندو: جو يربعام جي گهراڻي مان خداوند اسرائيل جي خدا جي حق ۾ انهيءَ ۾ ئي ڪا چڱائي لڌي آهي.</verse>
				<verse number="14">تنهن کان سواءِ خداوند پنهنجي لاءِ اسرائيل تي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪندو جو اُنهيءَ ڏينهن يربعام جو گهراڻو وڍي ڇڏيندو: پر ڪڏهن؟ اهو هينئر ئي ٿيندو.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل کي ائين ماريندو جيئن پاڻيءَ ۾ ڪانو لڏندو آهي؛ ۽ اسرائيل کي، هيءَ چڱي زمين جا هن سندس ابن ڏاڏن کي ڏني هئي، تنهن مان پاڙون پٽي ڪڍي ڇڏيندو، ۽ اُنهن کي فرات نديءَ جي هن ڀر پکيڙي ڇڏيندو؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي لاءِ يسيرت بنايا آهن، ۽ خداوند کي ڪاوڙايو اٿن.</verse>
				<verse number="16">۽ جيڪي گناهہ يربعام ڪيا آهن، ۽ جيڪي هن اسرائيل کان ڪرايا آهن، تن جي ڪري خداوند اسرائيل کي ڇڏي ڏيندو.</verse>
				<verse number="17">پوءِ يربعام جي زال اُٿي هلي تہ ترضہ ۾ آئي: ۽ اڃا هوءَ گهر جي چانئٺ تي آئي تہ ٻار مري ويو.</verse>
				<verse number="18">۽ سڀني اسرائيلين اُنهيءَ کي دفن ڪيو ۽ اُنهيءَ جي لاءِ ماتم ڪيائون؛ جيئن ڪ خداوند جو ڪلام هو، جو هن پنهنجي ٻانهي اخياہ نبيءَ جي معرفت ڪيو هو.</verse>
				<verse number="19">۽ يربعام جا باقي ٻيا ڪم، تہ ڪيئن هن جنگ ڪئي، ۽ ڪيئن بادشاهي ڪيائين، سي ڏس اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.</verse>
				<verse number="20">۽ جيڪي ڏينهن يربعام بادشاهي ڪئي سي ٻاويهہ ورهيہ هئا؛ ۽ هو پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ سندس پٽ ندب سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="21">۽ رحبعام بن سليمان يهوداہ ۾ بادشاهي ڪئي. جڏهن رحبعام بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن ايڪيتاليهن ورهين جو هو، ۽ يروشلم جو شهر، جو خداوند اسرائيل جي سڀني فرقن مان پنهنجي نالي رکڻ لاءِ پسند ڪيو هو، تنهن ۾ هن سترهن ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ اُنهي جي ماءُ جو نالو نعمہ هو، جا عمون جي هئي.</verse>
				<verse number="22">۽ يهوداہ اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا؛ ۽ جيڪي هنن جي ابن ڏاڏن ڪيو تنهن کان وڌيڪ جيڪي گناهہ هنن ڪيا تن سان هنن خداوند کي ڪاوڙايو.</verse>
				<verse number="23">ڇالاءِ جو هنن پنهنجي لاءِ مٿانهيون جايون، ۽ ٿنڀ، ۽ يسيرت، سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ بہ جوڙيا؛</verse>
				<verse number="24">۽ اُنهيءَ ملڪ ۾ لونڊي باز ماڻهو بہ هئا: جن قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو، تن جي ڪراهت جهڙن ڪمن جهڙا هو ڪم ڪندا هئا.</verse>
				<verse number="25">۽ بادشاهہ رحبعام جي پنجين ورهيہ ۾ هيئن ٿيو تہ مصر جو بادشاهہ سيسق يروشلم تي چڙهي آيو:</verse>
				<verse number="26">۽ هو خداوند جي گهر جا خزانا، ۽ بادشاهہ جي گهر جا خزانا کڻي ويو؛ بلڪ هو سڀ ڪجهہ کڻي ويو: ۽ جيڪي سون جون سپرون سليمان جوڙايون هيون سي سڀ هو کڻي ويو.</verse>
				<verse number="27">۽ بادشاهہ رحبعام انهن جي بدران پتل جون سپرون جوڙايون، ۽ جيڪي سپاهي بادشاهہ جي گهر جي در تي پهرو ڏيندا هئا، تن جي عملدارن جي هٿن ۾ اُهي ڏيئي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="28">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ڪڏهن بادشاهہ خداوند جي گهر ۾ ويندو هو تڏهن پهري وارا اُهي کڻندا هئا، ۽ پوءِ موٽائي پهري واريءَ ڪوٺيءَ ۾ آڻي رکندا هئا.</verse>
				<verse number="29">هاڻي رحبعام جا باقي ٻيا ڪم، ۽ ٻيو جيڪي بہ هن ڪيو، سو سڀ يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="30">۽ رحبعام ۽ يربعام جي وچ ۾ هميشہ جنگ پيئي هلندي هئي.</verse>
				<verse number="31">۽ رحبعام پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو: ۽ هن جي ماءُ جو نالو نعمہ عموني هو. ۽ سندس پٽ ابيام اُنهيءَ جي جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="15">
				<verse number="1">هاڻي بادشاهہ يربعام بن نباط جي ارڙهين ورهيہ ۾، ابيام يهوداہ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="2">هن يروشلم ۾ ٽي ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو معڪہ هو ۽ اُها ابي سلوم جي ڌيءَ هئي.</verse>
				<verse number="3">۽ هو پنهنجي پيءُ جي اُنهن سڀني گناهن تي هليو، جي هن کانئس اڳي ڪيا هئا: ۽ هن جي دل خداوند سندس خدا سان اهڙي سالم نہ هئي جهڙي سندس پيءُ دائود جي هئي.</verse>
				<verse number="4">انهيءَ هوندي بہ دائود جي خاطر، خداوند سندس خدا هن کي يروشلم ۾ هڪڙو ڏيئو ڏنو، يعني کانئس پوءِ سندس پٽ کي سندس جاءِ تي ويهاريائين ۽ يروشلم کي قائم ڪيائين:</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو دائود اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، ۽ جيڪو حڪم هن ڏنو هوس تنهن کان ساري عمر هو ڦري نہ ويو، سواءِ اورياہ حتيءَ جي ڳالهہ ۾.</verse>
				<verse number="6">هاڻي رحبعام ۽ يربعام جي وچ ۾ سندس ساري ڄمار تائين جنگ پئي هلي.</verse>
				<verse number="7">۽ ابيام جا باقي ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو سو يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟ ۽ ابيام ۽ يربعام جي وچ ۾ بہ جنگ لڳي آئي.</verse>
				<verse number="8">۽ ابيام وڃي پنهنجي ابن ڏاڏن سان سُتو؛ ۽ هن کي دائود جي شهر ۾ دفن ڪيائون: ۽ اُنهيءَ جي جاءِ تي سندس پٽ آسا بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="9">۽ اسرائيل جي بادشاهہ يربعام جي ويهين ورهيہ ۾، آسا يهوداہ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="10">۽ هن يروشلم ۾ ايڪيتاليهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو معڪہ هو، جا ابي سلوم جي ڌيءَ هئي.</verse>
				<verse number="11">۽ آسا اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا.</verse>
				<verse number="12">۽ هن لونڊي باز ماڻهن کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو، ۽ جيڪي بت هن جي ابن ڏاڏن جوڙيا هئا سي سڀ هن ڪڍي ڇڏيا.</verse>
				<verse number="13">۽ پنهنجي ماءُ معڪہ کي بہ هن راڻي ٿيڻ کان برطرف ڪيو، ڇالاءِ جو هن هڪڙي يسيرت جي لاءِ هڪڙي ڪراهت جهڙي مورت بنائي هئي؛ ۽ آسا اُها مورت وڍي ڪيرائي ڇڏي، ۽ قدرون نهر وٽ اُها ساڙي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="14">پر مٿانهيون جايون ڊاهيون نہ ويون: انهيءَ هوندي بہ آسا جي دل ساري عمر خداوند سان ڪامل هئي.</verse>
				<verse number="15">۽ جيڪي شيون هن جي پيءُ وقف ڪيون هيون، ۽ جيڪي شيون هن پاڻ وقف ڪيون هيون، چاندي ۽ سون ۽ باسڻ، سي هن خداوند جي گهر ۾ آندا.</verse>
				<verse number="16">۽ آسا، ۽ اسرائيل جي بادشاهہ بعشا جي وچ ۾ سندن ساري ڄمار جنگ پئي هلي.</verse>
				<verse number="17">۽ اسرائيل جو بادشاهہ بعشا يهوداہ تي ڪاهي ويو، ۽ رامہ جوڙيائين، انهيءَ لاءِ تہ هو ڪنهن کي بہ يهوداہ جي بادشاهہ آسا وٽ وڃڻ يا اچڻ نہ ڏئي.</verse>
				<verse number="18">تنهن کان پوءِ خداوند جي گهر جي خزاني ۾ جيڪو روپو ۽ سون بچيو هو سو، ۽ بادشاهہ جي گهر جا خزانا، آسا کڻي پنهنجن نوڪرن جي هٿ ۾ ڏنا: ۽ بادشاهہ آسا اُهي بن هدد، بن طبرمون، بن حزيون، ارام جي بادشاهہ کي ڏيئي ڇڏيا، جو دمشق ۾ رهندو هو ۽ چوائي موڪليائينس تہ</verse>
				<verse number="19">منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ منهنجي پيءُ ۽ تنهنجي پيءُ جي وچ ۾ عهدنامو آهي: ڏس مون تو ڏانهن سون ۽ چاندي تحفو ڪري موڪليو آهي؛ وڃي اسرائيل جي بادشاهہ بعشا سان پنهنجو عهد ڀڃ تہ هو مون وٽان هليو وڃي.</verse>
				<verse number="20">۽ بن هدد بادشاهہ آسا جي ڳالهہ مڃي، ۽ پنهنجن لشڪرن جا سردار اسرائيل جي شهرن تي چاڙهي موڪليائين، ۽ عيون، ۽ دان، ۽ ابيل بيت معڪہ، ۽ سڄي ڪنرت کي، نفتاليءَ جي ساري ملڪ سميت ماريائين.</verse>
				<verse number="21">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بعشا اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن هن رامہ جوڙائڻ بند ڪري ڇڏيو، ۽ ترضہ ۾ رهڻ لڳو.</verse>
				<verse number="22">تڏهن بادشاهہ آسا ساري يهوداہ ۾ اشتهار ڪرايو؛ ڪنهن کي بہ ڇڏي نہ ڏنائين: سڀيئي رامہ جا پٿر ۽ ان جو ڪاٺ، جو بعشا ڪم ٿي آندو، سو کڻي ويا؛ ۽ اُنهن سان بادشاهہ آسا بنيمين وارو جبعہ ۽ مصفاہ جوڙايو.</verse>
				<verse number="23">هاڻي آسا جا باقي ٻيا سڀ ڪم، ۽ سندس ساري طاقت، ۽ ٻيو جيڪي ڪيائين، ۽ جي شهر هن جوڙايا، سي سڀ يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟ پر سندس پيريءَ جي وقت هن کي پيرن جو مرض ٿي پيو.</verse>
				<verse number="24">۽ آسا پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، ۽ پنهنجي پيءُ دائود جي شهر ۾ پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو: ۽ سندس پٽ يهوسفط سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="25">۽ ندب بن يربعام، يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي ٻئي سال ۾ اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو، ۽ هن اسرائيل تي ٻہ ورهيہ بادشاهي ڪئي</verse>
				<verse number="26">۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ هو پنهنجي پيءُ جي رستي تي، ۽ جيڪو گناهہ هن اسرائيل کي گنهگار ڪرڻ ۾ ڪيو هو تنهن تي هليو.</verse>
				<verse number="27">۽ بعشا بن اخياہ، جو اشڪار جي گهراڻي مان هو، تنهن سندس برخلاف منصوبو ڪيو؛ ۽ بعشا اُنهيءَ کي جبتون ۾ ماريو، جو شهر فلستين جو هو؛ ڇالاءِ جو ندب ۽ ٻين سڀني اسرائيلين جبتون کي گهيرو ڪيو هو.</verse>
				<verse number="28">يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي ٽئين ورهيہ ۾ بعشا هن کي ماري ڇڏيو ۽ پاڻ هن جي جاءِ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="29">۽ هيئن ٿيو تہ بادشاهہ ٿيڻ شرط هن يربعام جي ساري خاندان کي مارائي ڇڏيو: يربعام جي نسل مان تيسين ڪوبہ جيئرو نہ ڇڏيائين جيسين انهيءَ کي چٽ نہ ڪيائين؛ جيئن ڪ خداوند پنهنجي ٻانهي اخياہ سيلانيءَ جي معرفت ڪلام ڪيو هو:</verse>
				<verse number="30">ڇالاءِ جو يربعام پاڻ بہ گناهہ ڪيو، ۽ اسرائيل کان بہ گناهہ ڪرايائين؛ جنهنڪري هن خداوند اسرائيل جي خدا کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو.</verse>
				<verse number="31">هاڻي ندب جا باقي ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي بہ هن ڪيو، سو اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="32">۽ آسا ۽ اسرائيل جي بادشاهہ بعشا جي وچ ۾ جنگ لڳي آئي.</verse>
				<verse number="33">يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي ٽئين سال ۾ بعشا بن اخياہ ترضہ ۾ ساري اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو، ۽ چوويهہ ورهيہ بادشاهي ڪيائين.</verse>
				<verse number="34">۽ هن خداوند جي نظر ۾ برائي ڪئي، ۽ هو يربعام جي رستي تي، ۽ جيڪو گناهہ هن ڪيو جنهنڪري اسرائيل کان گناهہ ڪرايائين، تنهن تي هليو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="16">
				<verse number="1">۽ خدا جو ڪلام ياهو بن حناني وٽ بعشا جي برخلاف آيو، ۽ چيائين تہ،</verse>
				<verse number="2">مون توکي مٽيءَ مان چاڙهي مٿي ڪيو، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل تي توکي بادشاهہ ڪيم؛ تہ بہ تون يربعام جي رستي تي هليو آهين، ۽ منهنجي قوم اسرائيل کان گناهہ ڪرايو اٿيئي، جنهنڪري هنن جي گناهن سبب مون کي ڪاوڙ آئي؛</verse>
				<verse number="3">ڏس، آءٌ بعشا ۽ سندس گهراڻي کي بلڪل ٻهاري ڪڍندس؛ ۽ آءٌ تنهنجو گهراڻو يربعام بن نباط جي گهراڻي جهڙو ڪندس.</verse>
				<verse number="4">بعشا جو جيڪو بہ ماڻهو شهر ۾ مرندو تنهن کي ڪتا کائيندا، ۽ انهيءَ جو جيڪو ماڻهو جهنگ ۾ مرندو تنهن کي هوا جا پکي کائيندا.</verse>
				<verse number="5">هاڻي بعشا جا باقي ٻيا ڪم، ۽ جيڪي هن ڪيو، ۽ هن جي طاقت، اهي سڀ اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="6">۽ بعشا پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ وڃي سُتو، ۽ ترضہ ۾ دفن ڪيو ويو، ۽ سندس پٽ ايلہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="7">۽ تنهن کان سواءِ ياهو بن حناني نبيءَ جي هٿان بعشا جي برخلاف ۽ سندس گهراڻي جي برخلاف ڪلام آيو، ڇالاءِ جو هن خداوند جي نظر ۾ گهڻا ئي خراب ڪم ڪيا هئا ۽ پنهنجن هٿن جي ڪم سان هن کي ڪاوڙايو هئائين، ڇالاءِ جو هو يربعام جي گهراڻي جهڙو هو، ۽ هن انهي کي ماريو بہ هو.</verse>
				<verse number="8">يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي ڇويهين سال ۾، ايلہ بن بعشا جي بادشاهي اسرائيل تي ترضہ ۾ شروع ٿي، ۽ اُنهيءَ ٻہ ورهيہ بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="9">۽ هن جو نوڪر زمري، جو سندس رٿن مان اڌ حصي جو داروغو هو، تنهن سندس برخلاف منصوبو ڪيو: هاڻي هو (يعني بادشاهہ) ترضہ ۾ ارضہ جي گهر، جو سندس گهر جي ڪم ڪار جي مٿان رکيل هو، شراب پي مست ٿيو پيو هو.</verse>
				<verse number="10">۽ زمريءَ اندر وڃي هن کي ڌڪ هڻي ماري وڌو، ۽ اهو واقعو يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي ستاويهين ورهيہ ۾ ٿيو، ۽ زمري هن جي جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="11">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن تخت تي ويهڻ شرط هن بعشا جي ساري گهراڻي کي مارائي ڇڏيو: هن انهيءَ جو هڪڙو ڇوڪر بہ نہ ڇڏيو، نہ سندس مٽن مائٽن جو، ۽ نہ سندس دوستن جو.</verse>
				<verse number="12">انهيءَ طرح جيڪو ڪلام خداوند ياهو نبيءَ جي معرفت بعشا جي برخلاف ڪيو هو، تنهن موجب زمريءَ بعشا جو سارو خاندان چٽ ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="13">هن ڪري جو بعشا ۽ سندس پٽ ايلہ گهڻا گناهہ ڪيا ۽ اسرائيل کان گناهہ ڪرايائون، جنهن ڪري خداوند هن جي اجاين ڪمن سبب ڪاوڙجي پيو.</verse>
				<verse number="14">هاڻي ايلہ جا ٻيا ڪم ۽ جيڪي هن ڪيو، سو اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="15">يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي ستاويهين ورهيہ ۾ زمري ترضہ ۾ ست ڏينهن بادشاهي ڪئي. هاڻي ماڻهو جبتون جي سامهون منزل ڪري لٿا پيا هئا، جو فلستين جو شهر هو.</verse>
				<verse number="16">۽ جيڪي ماڻهو لٿل هئا تن چوندو ٻڌو تہ زمريءَ منصوبو ڪيو آهي ۽ بادشاهہ کي ماريو بہ اٿس: تنهنڪري سڀني اسرائيلين اُنهيءَ ڏينهن لشڪرگاهہ ۾ سپهہ سالار عمريءَ کي اسرائيل تي بادشاهہ ڪيو.</verse>
				<verse number="17">۽ عمري ساري اسرائيل کي ساڻ ڪري جبتون مان چڙهي ويو، ۽ وڃي ترضہ کي گهيرو ڪيائين.</verse>
				<verse number="18">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن زمريءَ ڏٺو تہ شهر وٺجي ويو، تڏهن هو بادشاهہ جي گهر جي قلعي ۾ ويو، ۽ پنهنجي مٿان بادشاهہ جي گهر کي باهہ ڏيئي ساڙيائين، ۽ مري ويو.</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ جو هن خداوند جي نظر ۾ خراب ڪم ڪرڻ سان گناهہ ڪيا هئا، ۽ هو يربعام جي رستي تي هليو هو، ۽ اسرائيل کان گناهہ ڪرائڻ سان بہ گناهہ ڪيو هئائين.</verse>
				<verse number="20">هاڻي زمريءَ جا باقي ٻيا ڪم ۽ جيڪا بغاوت هن ڪئي، سا اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="21">تنهن کانپوءِ اسرائيل جي قوم ٻن فرقن ۾ ورهائجي ويئي: اڌ قوم تبني بن جينت جي پٺيان لڳي، انهيءَ لاءِ تہ هن کي بادشاهہ ڪن: ۽ اڌ عمريءَ جي پٺيان لڳي.</verse>
				<verse number="22">پر جيڪي ماڻهو عمريءَ جي پٺيان لڳا هئا سي انهن تي غالب آيا جي تبني بن جينت جي پٺيان لڳا هئا: انهيءَ طرح تبني مئو، ۽ عمري بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="23">يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي ايڪٽيهين ورهيہ ۾ عمري اسرائيل جي مٿان بادشاهي ڪرڻ لڳو، ۽ هن ٻارهن ورهيہ بادشاهي ڪئي: ترضہ ۾ هن ڇهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="24">۽ هن سمر کان چانديءَ جا ٻہ قنطار ڏيئي سامريہ جو ٽڪر خريد ڪيو؛ ۽ اُنهيءَ ٽڪر تي هن هڪڙو شهر اڏايو، ۽ جيڪو شهر اڏايائين اُنهيءَ تي اُنهيءَ ٽڪر جي مالڪ سمر جي نالي پٺيان سامريہ نالو رکيائين.</verse>
				<verse number="25">۽ عمريءَ اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ جيڪي ماڻهو کانئس اڳي هئا تن سڀني کان بڇڙي هلت ڪيائين.</verse>
				<verse number="26">ڇالاءِ جو هو هر طرح يربعام بن نباط جي رستن تي هليو، ۽ اسرائيل کان گناهہ ڪرائڻ جو گناهہ ڪري، خداوند اسرائيل جي خدا کي اُنهن جي اجاين ڪمن سان ڪاوڙايائين.</verse>
				<verse number="27">هاڻي عمريءَ ٻيا جيڪي ڪم ڪيا، ۽ جيڪا بهادري هن ڏيکاري، سا اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="28">نيٺ عمري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان سُتو ۽ سامريہ ۾ دفن ڪيو ويو: ۽ سندس پٽ اخي آب سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="29">۽ يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي اٺٽيهين ورهيہ ۾، اخي آب بن عمري اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو: ۽ اخي آب بن عمري اسرائيل تي سامريہ ۾ ٻاويهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="30">۽ خداوند جي نظر ۾ اخي آب بن عمري، جيڪي ماڻهو کانئس اڳي هئا تن کان بہ وڌيڪ بڇڙا ڪم ڪيا.</verse>
				<verse number="31">۽ هيئن ٿيو تہ ڄڻ يربعام بن نباط جي گناهن تي هلڻ هن کي هلڪي ڳالهہ نظر ٿي آئي، جو هن صيدونين جي بادشاهہ اتبعل جي ڌيءَ ايزبل سان شادي ڪئي، ۽ وڃي بعل جي خدمت ڪيائين، ۽ اُنهيءَ کي سجدو ڪيائين.</verse>
				<verse number="32">۽ هن سامريہ ۾ جيڪو بعل جو مندر جوڙايو هو، تنهن ۾ بعل جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺهرايائين.</verse>
				<verse number="33">۽ اخي آب يسيرت جوڙايو؛ ۽ اخي آب اڃا بہ ٻيا ڪم ڪيا جن سان خداوند اسرائيل جي خدا کي ايترو ڪاوڙايائين جيترو اسرائيل جي ٻين بادشاهن نہ ڪاوڙايو هو، جي کانئس اڳي ٿي گذريا هئا.</verse>
				<verse number="34">هن جي ڏينهن ۾ حي ايل بيت ايليءَ يريحو اڏايو: هن پنهنجي پهريتي پٽ ابرام تي اُنهيءَ جو بنياد وڌو، ۽ پنهنجي سڀ کان ننڍي پٽ سجوب تي اُنهيءَ جا در بيهاريائين؛ جيئن ڪ خداوند يشوع بن نون جي معرفت ڪلام ڪيو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="17">
				<verse number="1">۽ ايلياہ تشبي، جو جلعاد جي رهاڪن مان هو، تنهن اخي آب کي چيو تہ خداوند اسرائيل جي جيئري خدا جو قسم آهي، جنهن جي اڳيان آءٌ بيٺو آهيان، تہ منهنجي چئي بنا هنن ورهين ۾ ماڪ يا مينهن نہ پوندو.</verse>
				<verse number="2">۽ هن وٽ خدا جو ڪلام آيو، جنهن چيو تہ</verse>
				<verse number="3">تون هتان نڪري وڃ ۽ اُڀرندي ڏي ڦري ڪريت جي نهر، جا يردن جي اڳيان آهي، تنهن جي ڀرسان وڃي پاڻ کي لڪاءِ.</verse>
				<verse number="4">۽ هيئن ٿيندو تہ تون انهيءَ نهر مان پاڻي پيئندين؛ ۽ مون ڪانگن کي حڪم ڏنو آهي تہ اُتي توکي کاڌو کارائين.</verse>
				<verse number="5">اُن موجب هن وڃي خداوند جي ڪلام تي عمل ڪيو: ڇالاءِ جو هو وڃي ڪريت جي نهر وٽ رهڻ لڳو، جا يردن جي اڳيان آهي.</verse>
				<verse number="6">۽ ڪانگ صبح جو هن کي ماني ۽ گوشت، ۽ شام جو بہ ماني ۽ گوشت آڻي ڏيندا هئا؛ ۽ هو نهر مان پاڻي پيئندو هو.</verse>
				<verse number="7">۽ ٿوري وقت کان پوءِ هيئن ٿيو تہ اُها نهر سڪي ويئي، ڇالاءِ جو ملڪ ۾ مينهن ڪونہ پيو هو.</verse>
				<verse number="8">۽ خداوند جو ڪلام هن وٽ آيو، جنهن چيس تہ</verse>
				<verse number="9">اُٿ، صارپت، جو صيدونين جو شهر آهي، تنهن ۾ وڃي رهہ: ڏس مون هڪڙيءَ رن زال کي حڪم ڏنو آهي تہ تنهنجي پرورش ڪري.</verse>
				<verse number="10">تڏهن هو اُٿيو ۽ صارپت ڏي ويو؛ ۽ جڏهن هو شهر جي دروازي وٽ آيو، تڏهن ڏسي تہ هڪڙي رن زال ڪاٺيون پيئي گڏ ڪري: ۽ هن سڏي چيس تہ ڀلائي ڪري ڪنهن باسڻ ۾ مون کي ٿورو پاڻي آڻي ڏي تہ پيئان.</verse>
				<verse number="11">۽ جڏهن هوءَ اُهو آڻڻ لاءِ هلي، تڏهن هن سڏي چيس تہ ڀلائي ڪري پنهنجي هٿ ۾ ٽڪر مانيءَ جو بہ کڻي اچجانءِ.</verse>
				<verse number="12">۽ اُنهيءَ زال چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ مون وٽ پڪل ماني ڪانهي، پر مٽ ۾ اٽي جي مٺ ۽ دليءَ ۾ ٿورو تيل اٿم: ۽ ڏس آءٌ ٻہ ڪاٺيون ٿي ميڙيان تہ وڃي اُهو پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي پٽ لاءِ پچايان، تہ اُهو کائون ۽ مرون.</verse>
				<verse number="13">تڏهن ايلياہ چيس تہ ڊڄ نہ، جيئن چيو اٿئي تيئن وڃي ڪر: پر پهرين اُنهيءَ مان منهنجي لاءِ هڪڙي ننڍڙي ماني پچائي مون وٽ کڻي اچ ۽ پوءِ پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجي پٽ لاءِ پچائج.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اُنهيءَ مٽ مان اٽو ڪين کُٽندو، نڪي انهيءَ دليءَ مان تيل کُٽندو، جيسين ڪ اُهو ڏينهن نہ ايندو، جنهن ۾ خداوند زمين تي مينهن وسائيندو.</verse>
				<verse number="15">تڏهن هوءَ ويئي، ۽ جيئن ايلياہ چيو هوس تيئن ڪيائين: پوءِ هوءَ ۽ سندس ڪٽنب ۽ ايلياہ گهڻن ڏينهن تائين اُهو کائيندا رهيا.</verse>
				<verse number="16">اٽي جو اُهو مٽ کُٽو ئي ڪين، ۽ نہ تيل جي اُها دلي کُٽي، جيئن ڪ خداوند ايلياہ سان ڪلام ڪيو هو.</verse>
				<verse number="17">۽ اُنهن ڳالهين کان پوءِ هيئن ٿيو تہ اُنهيءَ زال، يعني گهر جي ڌياڻيءَ جو پٽ بيمار ٿي پيو؛ ۽ اُنهي جي بيماري اهڙي سخت ٿي پيئي جو هن ۾ ڪوبہ پساهہ نہ بچيو.</verse>
				<verse number="18">۽ هن زال ايلياہ کي چيو تہ، اي خدا جا ٻانها منهنجو توسان ڪهڙو ڪم آهي؟ تون مون وٽ انهيءَ لاءِ آيو آهين ڇا تہ منهنجو گناهہ ياد ڏيارين ۽ منهنجو پٽ مارين!</verse>
				<verse number="19">۽ هن چيس تہ مون کي منهنجو پٽ ڏي. پوءِ هن اُهو هن جي گود مان کڻي مٿي ڪوٺيءَ ۾ آندو، جتي هو پاڻ رهندو هو، ۽ اُتي اُنهيءَ کي پنهنجي هنڌ تي رکيائين.</verse>
				<verse number="20">۽ هن خداوند کي سڏي چيو تہ اي خداوند منهنجا خدا، تو هن زال جو پٽ ماري انهي تي بہ مصيبت آندي آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="21">پوءِ هن ٽي ڀيرا پاڻ کي اُنهيءَ ٻار تي ليٽائي خداوند کي سڏي چيو تہ اي خداوند منهنجا خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ هن ٻار ۾ وري ساهہ وجهہ.</verse>
				<verse number="22">۽ خداوند ايلياہ جي دعا ٻڌي، ۽ ڇوڪر جو ساهہ موٽي هن ۾ آيو، ۽ هو وري جيئرو ٿيو.</verse>
				<verse number="23">۽ ايلياہ ڇوڪر کڻي ڪوٺيءَ مان ڪڍي هيٺ لاهي گهر ۾ آندو، ۽ ماڻس کي ڏيئي ڇڏيائين: ۽ ايلياہ چيو تہ ڏس، تنهنجو پٽ جيئرو آهي.</verse>
				<verse number="24">۽ اُنهيءَ زال ايلياہ کي چيو تہ هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿي تہ تون خدا جو ٻانهو آهين، ۽ تنهنجي وات ۾ جو خدا جو ڪلام آهي سو سچو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="18">
				<verse number="1">۽ گهڻن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام ٽئين ورهيہ ۾ ايلياہ وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ وڃ، وڃي اخي آب کي پاڻ ڏيکار: ۽ آءٌ زمين تي مينهن موڪليندس.</verse>
				<verse number="2">۽ ايلياہ پاڻ ڏيکارڻ لاءِ اخي آب وٽ آيو. انهيءَ وقت سامريہ ۾ ڏاڍو ڏڪار هو.</verse>
				<verse number="3">۽ اخي آب پنهنجي گهر جي داروغي عبدياہ کي سڏيو. (هاڻي عبدياہ خداوند کان گهڻو ڊڄندو هو:</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو هيئن ٿيو تہ جڏهن ايزبل خداوند جا نبي وڍي ڇڏيا هئا، تڏهن عبدياہ سؤ نبين کي وٺي، پنجاهہ پنجاهہ ڪري غار ۾ لڪايو هئائين، ۽ اُنهن کي ماني کارايائين ۽ پاڻي پياريائين.)</verse>
				<verse number="5">۽ اخي آب عبدياہ کي چيو تہ زمين ۾ گشت ڪري پاڻيءَ جي سڀني حوضن ۽ سڀني نهرن تي وڃ: شايد اسين گاهہ لهون ۽ گهوڙن، ۽ خچرن جا ساهہ بچايون، تہ سڀ جانور وڃائي نہ ويهون.</verse>
				<verse number="6">تڏهن هنن اُها زمين پاڻ ۾ ورهائي، انهي لاءِ تہ انهي مان گشت ڪري وڃن: اخي آب پاڻ هڪڙي پاسي ويو ۽ عبدياہ ٻئي پاسي ويو.</verse>
				<verse number="7">۽ جيئن عبدياہ رستو ڏيئي پئي ويو تيئن ايلياہ هن کي گڏيو: ۽ هن سڃاتس، ۽ پنهنجي منهن ڀر ڪِري پيو، ۽ چوڻ لڳو تہ منهنجا سائين ايلياہ، اهو تون آهين:</verse>
				<verse number="8">۽ هن ورندي ڏني تہ اهو آءٌ آهيان: وڃي پنهنجي ڌڻيءَ کي چئُہ تہ ڏس، ايلياہ هتي آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ هن چيو تہ مون ڪهڙو گناهہ ڪيو آهي جو تون پنهنجي ٻانهي کي اخي آب جي هٿ ۾ ٿو ڏئين تہ مون کي قتل ڪري؟</verse>
				<verse number="10">خداوند تنهنجي جيئري خدا جو قسم آهي، تہ اهڙي ڪابہ قوم يا بادشاهت ڪانهي جيڏانهن منهنجي ڌڻيءَ توکي ڳولڻ لاءِ ماڻهو نہ موڪليو آهي: ۽ جڏهن هنن چيو تہ هو هتي ڪونهي تڏهن هن انهيءَ بادشاهت ۽ قوم کان قسم کڻايو تہ هنن توکي نہ لڌو.</verse>
				<verse number="11">۽ هاڻي تون چوين ٿو تہ وڃي پنهنجي ڌڻيءَ کي چئُہ تہ ڏس ايلياہ هتي آهي.</verse>
				<verse number="12">۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن وقت آءٌ تو وٽان هليو ويندس، اُنهيءَ وقت خداوند جو روح توکي اُنهيءَ هنڌ کڻي ويندو جنهن جي مون کي خبر ڪانهي؛ ۽ انهيءَ طرح جڏهن آءٌ اچي اخي آب کي چوندس، ۽ هو توکي لهي نہ سگهندو تڏهن هو مون کي قتل ڪري ڇڏيندو: پر آءٌ تنهنجو نوڪر ننڍي هوندي کان خداوند کان ڊڄندو آهيان.</verse>
				<verse number="13">جڏهن ايزبل خداوند جي نبين کي قتل ڪيو تڏهن منهنجي ڌڻيءَ کي اهو ٻڌايو نہ ويو هو ڇا تہ مون ڇا ڪيو، ۽ ڪيئن مون خداوند جي هڪ سؤ نبين کي پنجاهہ پنجاهہ ڪري غار ۾ لڪايو، ۽ اُنهن کي ماني کارائي ۽ پاڻي پياريو؟</verse>
				<verse number="14">۽ هاڻي تون چوين ٿو تہ وڃي پنهنجي ڌڻيءَ کي چئُہ تہ ڏس ايلياہ هتي آهي. پوءِ هو مون کي قتل ڪري ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="15">۽ ايلياہ چيو تہ لشڪرن جي جيئري خداوند جو قسم آهي، جنهن جي اڳيان آءٌ بيٺو آهيان تہ اڄ ضرور آءٌ هن کي پاڻ ڏيکاريندس.</verse>
				<verse number="16">تڏهن عبدياہ اخي آب کي گڏجڻ ويو ۽ خبر ڏنائينس: ۽ اخي آب ايلياہ کي گڏجڻ ويو.</verse>
				<verse number="17">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اخي آب ايلياہ کي ڏٺو تڏهن اخي آب هن کي چيو تہ اي اسرائيل کي تڪليف ڏيڻ وارا، اهو تون آهين ڇا؟</verse>
				<verse number="18">۽ هن ورندي ڏني تہ مون اسرائيل کي تڪليف ڪانہ ڏني آهي؛ بلڪ تو ۽ تنهنجي پيءُ جي گهراڻي ڏني آهي، جو اوهان خداوند جا حڪم ڇڏي ڏنا آهن ۽ تون بعليم جي پٺيان لڳو آهين.</verse>
				<verse number="19">تنهنڪري هاڻي ماڻهو موڪلي سڀ اسرائيلي ڪرمل جبل تي مون وٽ گڏ ڪرائي ڏي، ۽ بعل جي ساڍن چئن سوَن نبين کي، ۽ يسيرت جي چئن سوَن نبين کي بہ، جي ايزبل جي دسترخاني تي ماني ٿا کائن.</verse>
				<verse number="20">تڏهن اخي آب ساري بني اسرائيل ڏانهن ماڻهو موڪليا، ۽ ڪرمل جبل تي نبي گڏ ڪيائين.</verse>
				<verse number="21">پوءِ ايلياہ سڀني ماڻهن وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو تہ ڪيستائين اوهين ٻن راين جي وچ ۾ پيا منڊڪائيندا؟ جيڪڏهن خداوند ئي خدا آهي تہ اُنهيءَ جي پٺيان لڳو: پر جيڪڏهن بعل آهي تہ اُنهيءَ جي پٺيان لڳو. ۽ ماڻهن ورنديءَ ۾ هڪڙو لفظ بہ نہ ڳالهايو.</verse>
				<verse number="22">تڏهن ايلياہ ماڻهن کي چيو تہ فقط آءٌ ئي هڪڙو نبي آهيان جو خداوند جو نبي بچيو آهيان؛ پر بعل جا نبي ساڍا چار سؤ ماڻهو آهن.</verse>
				<verse number="23">تنهنڪري هو اسان کي ٻہ ڍڳا ڏين؛ ۽ هڪڙو ڍڳو پنهنجي لاءِ چونڊي ڪڍن ۽ اُنهيءَ کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪن، ۽ اُهو ڪاٺين تي رکن ۽ انهيءَ جي هيٺان باهہ نہ ٻارين: ۽ ٻيو ڍڳو آءٌ تيار ڪري ڪاٺين تي رکندس ۽ اُنهيءَ جي هيٺان باهہ نہ ٻاريندس.</verse>
				<verse number="24">۽ اوهين پنهنجي معبود جو نالو وٺي اُنهيءَ کي سڏيو، ۽ آءٌ خداوند جو نالو وٺي اُنهيءَ کي سڏيندس: پوءِ جيڪو خدا باهہ جي رستي ورندي ڏئي، اُهوئي خدا آهي. ۽ ساريءَ قوم ورندي ڏيئي چيو تہ اها ڳالهہ پوري آهي.</verse>
				<verse number="25">۽ ايلياہ بعل جي نبين کي چيو تہ اوهين پنهنجي لاءِ هڪڙو ڍڳو چونڊي ڪڍو، ۽ پهرين اُنهيءَ کي تيار ڪريو؛ ڇالاءِ جو اوهين گهڻا آهيو؛ ۽ پنهنجي معبود جو نالو وٺي سڏيو، پر هيٺان باهہ نہ رکو.</verse>
				<verse number="26">۽ جيڪو ڍڳو هنن کي ڏنو ويو سو هنن ورتو ۽ اُنهيءَ کي تيار ڪيائون، ۽ صبح کان وٺي ٻن پهرن تائين بعل جو نالو وٺي پئي سڏيائون، ۽ پئي چيائون تہ اي بعل اسان جي ٻڌ. پر ڪوبہ آواز ڪونہ آيو ۽ نہ ڪنهن جواب ڏنو. ۽ جيڪا قربانگاهہ جوڙي هئائون تنهن جي چوڌاري ٽپڻ لڳا.</verse>
				<verse number="27">۽ ٻن پهرن جو هيئن ٿيو تہ ايلياہ هنن تي ٺٺولي ڪري چيو تہ وڏي آواز سان سڏيوس: ڇالاءِ جو هو تہ معبود آهي؛ يا هو پنهنجي منهن پيو ڳالهائي، يا ڪنهن پاسي ويو آهي، يا ڪنهن سفر ۾ آهي، يا شايد سُتو پيو آهي، ۽ اُنهيءَ کي جاڳائڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="28">۽ هنن وڏيون رڙيون ڪيون، ۽ پنهنجي دستور موجب ڪاتين ۽ ڀالن سان پاڻ کي وڍ وڌائون، جيسين ڪ هنن جي بت تي رت وهڻ لڳو.</verse>
				<verse number="29">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ٻہ پهر گذري ويا تڏهن نبوت ڪرڻ لڳا، تان جو شام جي قرباني چاڙهڻ جو وقت اچي پهتو؛ پر نڪو آواز آيو، نڪو جواب آيو، ۽ نڪو ڌيان ڏيڻ وارو هو.</verse>
				<verse number="30">تڏهن ايلياہ سڀني ماڻهن کي چيو تہ منهنجي ويجهو اچو؛ ۽ سڀ ماڻهو وڃي کيس ويجها ٿيا. ۽ خداوند جي قربانگاهہ جا ڊاٺل هئي تنهن کي هن ٺاهيو.</verse>
				<verse number="31">پوءِ يعقوب، جنهن وٽ خدا جو ڪلام آيو تہ تنهنجو نالو اسرائيل ٿيندو، تنهن جي پٽن جي فرقن جي تعداد موجب ايلياہ ٻارهن پٿر کنيا.</verse>
				<verse number="32">۽ اُنهن پٿرن سان هن خداوند جي نالي تي هڪڙي قربانگاهہ جوڙي؛ ۽ قربانگاهہ جي چوڌاري هن هڪڙي کڏ کنئي، ايڏي جنهن ۾ ٻج جا ٻہ ماڻ ماپن.</verse>
				<verse number="33">پوءِ هن ڪاٺيون ٺاهي رکيون، ۽ ڍڳي کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري اُنهن ڪاٺين تي رکيائين. پوءِ چيائين تہ چار مٽ پاڻيءَ سان ڀريو، ۽ اُهي سوختني قربانيءَ تي، ۽ ڪاٺين تي هاري وجهو.</verse>
				<verse number="34">۽ چيائين تہ ٻيو ڀيرو بہ ائين ڪريو؛ ۽ هنن ٻيو ڀيرو بہ ائين ڪيو. پوءِ چيائين تہ ٽيون ڀيرو بہ ائين ئي ڪريو؛ ۽ هنن ٽيون ڀيرو بہ ائين ئي ڪيو.</verse>
				<verse number="35">۽ پاڻي قربانگاهہ جي چوڌاري وهڻ لڳو؛ ۽ اُها کڏ بہ پاڻيءَ سان ڀري ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="36">۽ شام جي قرباني چاڙهڻ وقت هيئن ٿيو تہ ايلياہ نبيءَ ويجهو اچي چيو تہ اي خداوند، ابرهام، ۽ اسحاق، ۽ اسرائيل جا خدا، اڄوڪي ڏينهن ڄاڻاءِ تہ تون اسرائيل ۾ خدا آهين، ۽ آءٌ تنهنجو ٻانهو آهيان، ۽ هي جيڪو ڪم ڪيو اٿم سو سڀ تنهنجي حڪم پٺيان آهي.</verse>
				<verse number="37">اي خداوند، منهنجي ٻڌ، منهنجي ٻڌ، تہ هي ماڻهو ڄاڻن تہ اي خداوند تون خدا آهين، ۽ تو هنن جي دل وري ڦيرائي آهي.</verse>
				<verse number="38">تڏهن خداوند جي باهہ لهي آئي ۽ سوختني قرباني، ۽ ڪاٺين، ۽ پٿرن، ۽ مٽيءَ کي ساڙي ويئي، ۽ جيڪو پاڻي کڏ ۾ هو تنهن کي بہ چٽي ويئي.</verse>
				<verse number="39">۽ جڏهن سڀني ماڻهن اهو ڏٺو تڏهن منهن ڀر ڪِري پيا، ۽ چوڻ لڳا تہ خداوند برابر خدا آهي؛ خداوند برابر خدا آهي.</verse>
				<verse number="40">۽ ايلياہ هنن کي چيو تہ بعل جي نبين کي پڪڙيو؛ جيئن هڪڙو بہ نہ ڀڄي وڃي. ۽ اُنهن کي پڪڙيائون: ۽ ايلياہ هنن کي وٺي قيسون نهر تي آندو، ۽ اُتي هنن کي قتل ڪيائين.</verse>
				<verse number="41">پوءِ ايلياہ اخي آب کي چيو تہ اُٿي کاءُ پيءُ: ڇالاءِ جو گهڻي مينهن جو آواز ٿو اچي.</verse>
				<verse number="42">تنهن تي اخي آب وڃي کاڌو ۽ پيتو. ۽ ايلياہ ڪرمل جي چوٽيءَ تي ويو؛ ۽ زمين تي جهُڪي پنهنجو منهن پنهنجن گوڏن جي وچ ۾ رکي ويهي رهيو.</verse>
				<verse number="43">۽ هن پنهنجي نوڪر کي چيو تہ هاڻي چڙهي وڃي سمنڊ ڏانهن نهار. تڏهن هو مٿي وڃي نهاري چوڻ لڳو تہ ڪجهہ بہ ڪين آهي. ۽ هن چيو تہ ست ڀيرا وري وڃ.</verse>
				<verse number="44">۽ ستين ڀيري هيئن ٿيو تہ هن چيو تہ ڏس، سمنڊ مان هڪڙو ڪڪر ٿو اُڀري جو ماڻهوءَ جي هٿ جيڏو آهي. ۽ هن چيو تہ مٿي وڃي اخي آب کي چئُہ تہ پنهنجو رٿ سنبراءِ ۽ تون لهي اچ، متان مينهن توکي روڪي ڇڏي.</verse>
				<verse number="45">۽ ٿوري وقت ۾ هيئن ٿيو تہ آسمان ڪڪرن ۽ واءُ سان ڪارو ٿي ويو، ۽ ڏاڍو مينهن پيو. ۽ اخي آب سوار ٿي يزرعيل ڏانهن ويو.</verse>
				<verse number="46">۽ خداوند جو هٿ ايلياہ تي هو: ۽ هن اُٿي پنهنجي ڪمر ٻڌي، ۽ اخي آب جي اڳيان ڊوڙندو يزرعيل جي دروازي تائين ويو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="19">
				<verse number="1">۽ اخي آب جيڪي ايلياہ ڪيو هو، ۽ ڪيئن هن سڀيئي نبي ترار سان قتل ڪيا، سو سڀ ايزبل کي ٻڌايو.</verse>
				<verse number="2">تڏهن ايزبل هڪڙي قاصد جي هٿان ايلياہ کي چوائي موڪليو تہ جيڪڏهن سڀاڻي هن وقت ڌاري تنهنجي حياتي بہ هنن مان هڪڙي جهڙي نہ ڪريان، تہ معبود مون سان بہ ائين ڪن، بلڪ وڌيڪ.</verse>
				<verse number="3">۽ جڏهن هن اهو ڏٺو تڏهن هو اُٿي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڀڳو، ۽ بيرسبع ۾ آيو، جو يهوداہ جو شهر آهي، ۽ پنهنجو نوڪر اتي ڇڏي ڏنائين.</verse>
				<verse number="4">پر پاڻ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ هڪڙي ڄار جي وڻ هيٺ ويهي رهيو: ۽ پنهنجي مرڻ جو سوال ڪرڻ لڳو: ۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند، هاڻي بس، منهنجو ساهہ ڪڍ؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن کان بهتر نہ آهيان.</verse>
				<verse number="5">۽ هو هڪڙي ڄار جي وڻ هيٺ ليٽي پيو، ۽ سمهي رهيو؛ ۽ ڏس، هڪڙي فرشتي اچي ڇهي چيس تہ اُٿي کاءُ.</verse>
				<verse number="6">۽ هن نهاريو، ڏسي تہ سندس مٿي وٽ هڪڙي ٽانڊن تي پڪل ماني ۽ پاڻيءَ جي دلي رکي آهي.</verse>
				<verse number="7">۽ خداوند جو فرشتو وري ٻيو ڀيرو آيو، ۽ هن کي ڇهي چوڻ لڳو تہ اُٿي کاءُ، ڇاڪاڻ تہ سفر تنهنجي لاءِ وڏو آهي.</verse>
				<verse number="8">۽ هن اُٿي ويهي کاڌو ۽ پيتو، ۽ اُنهيءَ کاڌي جي زور تي چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون خدا جي جبل حورب تائين هليو.</verse>
				<verse number="9">۽ اُتي هو هڪڙيءَ غار ۾ اچي ٽڪيو؛ ۽ ڏس، خدا جو ڪلام وٽس آيو، جنهن چيس تہ اي ايلياہ، تون هتي ڇا ٿو ڪرين.</verse>
				<verse number="10">۽ هن چيو تہ آءٌ خداوند، لشڪرن جي خدا لاءِ ڏاڍو سرگرم رهيو آهيان؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل تنهنجو عهد اقرار ڇڏي ڏنو آهي، ۽ تنهنجون قربانگاهون ڊاهي ڇڏيون آهن، ۽ تنهنجن نبين کي ترار سان ڪُهي ڇڏيو اٿن: ۽ آءٌ، فقط آءٌ، وڃي بچيو آهيان؛ ۽ هو منهنجي بہ ساهہ پٺيان آهن.</verse>
				<verse number="11">۽ هن چيو تہ وڃي خداوند جي اڳيان جبل تي بيهي رهہ. ۽ ڏس، خداوند اچي اُتان لنگهيو، ۽ سخت زور واري آنڌيءَ لڳڻ ڪري جبل ڦاٽي پيا، ۽ ٽڪر خداوند جي اڳيان ڀڄي پرزا پرزا ٿي پيا؛ پر خداوند واءُ ۾ ڪونہ هو: ۽ واءُ کان پوءِ زلزلو آيو؛ پر خداوند اُنهيءَ زلزلي ۾ بہ نہ هو:</verse>
				<verse number="12">۽ زلزلي کان پوءِ باهہ آئي؛ پر خداوند باهہ ۾ بہ نہ هو؛ ۽ باهہ کان پوءِ هڪڙو هلڪو آواز آيو.</verse>
				<verse number="13">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ايلياہ اُهو ٻڌو تڏهن پنهنجي چوغي ۾ منهن ويڙهي ٻاهر نڪتو، ۽ غار جي منهن وٽ وڃي بيهي رهيو. ۽ ڏس، هن کي هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جنهن چيس تہ اي ايلياہ، تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟</verse>
				<verse number="14">۽ هن چيو تہ آءٌ خداوند، لشڪرن جي خدا لاءِ ڏاڍو سرگرم رهيو آهيان؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل تنهنجو عهد اقرار ڇڏي ڏنو آهي، ۽ تنهنجون قربانگاهون ڊاهي ڇڏيون آهن، ۽ تنهنجن نبين کي ترار سان ڪُهي ڇڏيو اٿن؛ ۽ آءٌ، فقط آءٌ، وڃي بچيو آهيان؛ ۽ هو منهنجي بہ ساهہ پٺيان آهن.</verse>
				<verse number="15">۽ خداوند هن کي چيو تہ وڃ، پنهنجو رستو وٺي دمشق جي بيابان ڏي موٽ: ۽ جڏهن اُتي پهچين تڏهن حزائيل کي مسح ڪر تہ ارام جو بادشاهہ ٿئي:</verse>
				<verse number="16">۽ ياهو بن نمسيءَ کي مسح ڪر تہ اسرائيل جو بادشاهہ ٿئي: ۽ اليشع بن سافط، ابيل محولہ واري کي مسح ڪر تہ تنهنجي جاءِ تي نبي ٿئي.</verse>
				<verse number="17">۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو حزائيل جي ترار کان بچي نڪرندو تنهن کي ياهو قتل ڪندو: ۽ جيڪو ياهوءَ جي ترار کان بچي نڪرندو تنهن کي اليشع قتل ڪندو.</verse>
				<verse number="18">انهيءَ هوندي بہ آءٌ پنهنجي لاءِ اسرائيل ۾ ست هزار ڇڏيندس، يعني اُهي سڀيئي جن جا گوڏا بعل جي سجدي ڪرڻ لاءِ نہ جهڪيا آهن، ۽ جن جي وات انهيءَ کي نہ چُميو آهي.</verse>
				<verse number="19">پوءِ هو اُتان روانو ٿيو، ۽ وڃي اليشع بن سافط کي لڌائين، جنهن ڏاندن جا ٻارهن جوڙا جوٽي هر پئي ڪاهيا، ۽ پاڻ ٻارهين جوڙيءَ سان هو: ۽ ايلياہ لنگهي وٽس ويو ۽ پنهنجو چوغو هن جي مٿان اُڇلائي وڌائين.</verse>
				<verse number="20">۽ هو ڏاند ڇڏي ايلياہ جي پٺيان ڊوڙيو، ۽ چوڻ لڳو تہ ڀلائي ڪري مون کي ڇڏ تہ آءٌ پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي چُمي اچان، ۽ پوءِ تنهنجي پٺيان ايندس. ۽ هن کيس چيو تہ موٽي وڃ؛ ڇالاءِ جو مون توکي ڇا ڪيو آهي؟</verse>
				<verse number="21">۽ هو ان جي پٺيان وڃڻ کان موٽيو، ۽ ڏاندن جو جوڙو وٺي اُنهن کي ڪُٺائين، ۽ ڏاندن جي اوزارن سان اُنهن جو گوشت پچائي اُهو ماڻهن کي ڏنائين، جن اُهو کاڌو تنهن کان پوءِ هو اُٿيو، ۽ ايلياہ جي پٺيان لڳو، ۽ سندس خدمت چاڪري ڪرڻ لڳو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="20">
				<verse number="1">۽ ارام جي بادشاهہ بن هدد پنهنجو سارو لشڪر گڏ ڪيو: ۽ ٻيا ٻٽيهہ بادشاهہ، ۽ گهوڙا ۽ رٿ هن سان هئا: ۽ هن چڙهي وڃي سامريہ کي گهيرو ڪيو ۽ انهيءَ سان وڙهيو.</verse>
				<verse number="2">۽ هن اسرائيل جي بادشاهہ اخي آب ڏي شهر ۾ قاصد موڪليا، ۽ چوائي موڪليائينس تہ بن هدد هيئن ٿو چوي، تہ</verse>
				<verse number="3">تنهنجي چاندي ۽ تنهنجو سون منهنجو آهي؛ تنهنجيون زالون ۽ تنهنجا ٻار، جي خوبصورت آهن، سي بہ منهنجا آهن.</verse>
				<verse number="4">۽ اسرائيل جي بادشاهہ ورندي ڏيئي چيو تہ اي بادشاهہ، منهنجا ڌڻي، ائين ئي آهي جيئن تون چوين ٿو؛ آءٌ، ۽ جيڪي بہ مون وٽ آهي، سو سڀ تنهنجو آهي.</verse>
				<verse number="5">۽ قاصدن موٽي اچي چيو تہ بن هدد چوي ٿو تہ تحقيق مون تو ڏي چوائي موڪليو تہ تون پنهنجي چاندي، ۽ پنهنجو سون، ۽ پنهنجون زالون ۽ پنهنجا ٻار مون کي ڏي؛</verse>
				<verse number="6">پر سڀاڻي هن وقت ڌاري آءٌ پنهنجا نوڪر تو ڏي موڪليندس، جي تنهنجي گهر جي تلاشي وٺندا ۽ تنهنجن نوڪرن جي گهرن جي بہ؛ ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪي بہ تنهنجي نظر ۾ پسند هوندو، اُهو هو پنهنجي هٿ آڻي کڻي هليا ويندا.</verse>
				<verse number="7">تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ ملڪ جي سڀني بزرگن کي سڏي چيو تہ آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ ڌيان ڏيئي ڏسو تہ هي ماڻهو ڪهڙي نہ حرڪت ڪرڻ ٿو گهري: ڇالاءِ جو هن ماڻهو موڪلي منهنجيون زالون، ۽ منهنجا ٻار، ۽ منهنجي چاندي، ۽ منهنجو سون گهرايو آهي، ۽ مون هن جي ڳالهہ کي نہ موٽايو.</verse>
				<verse number="8">۽ سڀني بزرگن ۽ ٻين سڀني ماڻهن هن کي چيو تہ اها ڳالهہ نہ مڃ ۽ قبول نہ ڪر.</verse>
				<verse number="9">تنهنڪري هن بن هدد جي قاصدن کي چيو تہ منهنجي ڌڻي بادشاهہ کي چئو تہ جيڪي تو پهرين پنهنجي ٻانهي ڏي چوائي موڪليو سو آءٌ ادا ڪندس: پر هيءُ ڪم مون کان نہ ٿيندو. ۽ قاصد روانا ٿيا ۽ وري پيغام وٺي آيا.</verse>
				<verse number="10">۽ بن هدد هن ڏي چوائي موڪليو تہ جيڪڏهن سامريہ جي مٽي منهنجي پٺيان ايندڙن سڀني ماڻهن جي مُٺين ڀرڻ لاءِ پوري ٿي سگهي، تہ معبود شل مون سان بہ ائين ڪن، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.</verse>
				<verse number="11">۽ اسرائيل جي بادشاهہ ورندي ڏيئي چيو تہ انهيءَ کي چئو تہ جيڪو پنهنجيءَ چيلهہ تي هٿيار ٿو ٻڌي، سو انهيءَ وانگر ٻٽاڪ نہ هڻي جو هٿيار لاهي ٿو ڇڏي.</verse>
				<verse number="12">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بن هدد اهو پيغام ٻڌو تڏهن هن ۽ ٻين بادشاهن تنبن ۾ شراب پئي پيتو، انهيءَ وقت هن پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ اوهين تيار ٿيو. ۽ هو صفون ٻڌي شهر تي ڪاهي هلڻ لاءِ تيار ٿيا.</verse>
				<verse number="13">۽ ڏس، هڪڙو نبي اسرائيل جي بادشاهہ اخي آب وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تو هي سارو وڏو ميڙ ڏٺو آهي يا نہ؟ ڏس، اهو اڄ آءٌ تنهنجن هٿن ۾ ڏيندس؛ ۽ تون ڄاڻندين تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="14">۽ اخي آب چيو تہ ڪنهن جي هٿان؟ ۽ هن چيو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ پرڳڻن جي حاڪمن جي جوان ماڻهن جي هٿان. تڏهن هن چيو تہ جنگ ڪير شروع ڪري؟ هن ورندي ڏني تہ تون.</verse>
				<verse number="15">تڏهن هن پرڳڻن جي حاڪمن جا جوان ماڻهو گڏ ڪيا، ۽ اُهي ٻہ سؤ ٻٽيهہ ٿيا: ۽ اُنهن کان پوءِ هن سڀ ماڻهو، يعني سڀ بني اسرائيل گڏ ڪيا، جي ست هزار ٿيا.</verse>
				<verse number="16">۽ اُهي ٻن پهرن جو روانا ٿيا. پر بن هدد ٻين بادشاهن سان گڏ، يعني جن ٻٽيهن بادشاهن هن کي مدد ٿي ڏني، تن سان گڏ تنبن ۾ شراب پي مست پئي ٿيو.</verse>
				<verse number="17">۽ پرڳڻن جي حاڪمن جا جوان ماڻهو پهرين ٻاهر نڪتا؛ ۽ بن هدد پڇائي موڪليو، ۽ هنن چيس تہ ماڻهو سامريہ مان نڪري آيا آهن.</verse>
				<verse number="18">۽ هن چيو تہ ڀلي جي هو صلح جي لاءِ نڪري آيا هجن تہ بہ اوهين هنن کي جيئرو هٿ ڪريو؛ يا جي هو جنگ لاءِ آيا هجن تہ بہ اُنهن کي جيئرو هٿ ڪريو.</verse>
				<verse number="19">انهي طرح هي پرڳڻن جي حاڪمن جا جوان ماڻهو شهر مان نڪتا، ۽ لشڪر سندن پٺيان هليو.</verse>
				<verse number="20">۽ انهن مان هر ڪنهن پنهنجي مقابلي ڪندڙ کي ماريو؛ ۽ ارامي اُٿي ڀڳا ۽ اسرائيلي انهن جي پٺيان پيا: ۽ ارام جو بادشاهہ بن هدد گهوڙي تي چڙهي هڪڙي گهوڙي سوار سان گڏ جند ڇڏائي ڀڳو.</verse>
				<verse number="21">۽ اسرائيل جو بادشاهہ ٻاهر نڪري ويو، ۽ وڃي گهوڙن ۽ رٿن کي شڪست ڏنائين، ۽ ارامين ۾ ڏاڍو ڪوس وجهي اُنهن کي ماريائين.</verse>
				<verse number="22">پوءِ اُهو بني اسرائيل جي بادشاهہ وٽ آيو ۽ اُنهيءَ کي چيائين تہ وڃي پاڻ کي مضبوط ڪر، ۽ ڌيان ڏيئي ڏس تہ ڇا ٿو ڪرين: ڇالاءِ جو سال جي موٽي اچڻ تي، ارام جو بادشاهہ توتي ڪاهي ايندو.</verse>
				<verse number="23">۽ ارام جي بادشاهہ جي نوڪرن هن کي چيو تہ هنن جو خدا ٽڪرين جو خدا آهي؛ تنهنڪري هو اسان کان ڏاڍا ٿيا: پر هاڻ هلو تہ پاڻ ميدان ۾ هنن سان وڙهون، ۽ يقين آهي تہ اسين هنن کان ڏاڍا ٿينداسين.</verse>
				<verse number="24">۽ هي ڪم ڪر؛ بادشاهن مان هر ڪنهن کي پنهنجي جاءِ تان لاهي اُنهن جي جاءِ تي سردار رک:</verse>
				<verse number="25">۽ جهڙو تنهنجو لشڪر مارجي ويو تهڙو ٻيو لشڪر پنهنجي لاءِ شمار ڪر، گهوڙو گهوڙي جي بجاءِ، رٿ رٿ جي بجاءِ: پوءِ اسين ميدان ۾ هنن سان وڙهنداسين ۽ يقين آهي تہ هنن کان ڏاڍا ٿينداسين. ۽ هن اُنهن جي ڳالهہ مڃي ۽ ائين ئي ڪيائين.</verse>
				<verse number="26">۽ هيئن ٿيو تہ سال جي موٽي اچڻ تي بن هدد ارامي گڏ ڪيا ۽ اسرائيل سان وڙهڻ جي لاءِ افيق ڏي ويو.</verse>
				<verse number="27">۽ بني اسرائيل گڏ ٿي، کاڌي پيتي جو سامان وٺي هنن تي ڪاهي هليا: ۽ بني اسرائيل هنن جي اڳيان ڇيلن جي ٻن ننڍڙن ڌڻن وانگر لٿل هئا؛ پر ارامين سان سارو ملڪ ڀرجي ويو هو.</verse>
				<verse number="28">۽ هڪڙي خدا جي مرد ويجهو اچي اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو، تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، ڇالاءِ جو ارامين چيو آهي، تہ خداوند ٽڪرين جو خدا آهي، پر هو وادين جو خدا نہ آهي؛ تنهنڪري هي سارو وڏو لشڪر آءٌ تنهنجن هٿن ۾ ڏيندس، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="29">۽ هو ستن ڏينهن تائين هڪ ٻئي جي سامهون منزل ڪيو لٿا پيا هئا. ۽ هيئن ٿيو تہ ستين ڏينهن اچي جنگ لڳي؛ ۽ بني اسرائيل ارامين جا هڪ لک پيادا هڪڙي ڏينهن ۾ ماريا.</verse>
				<verse number="30">پر باقي جيڪي بچيا هئا سي افيق ڏي اُٿي ڀڳا، ۽ وڃي شهر ۾ لڪا؛ ۽ ستاويهہ هزار ماڻهو، جي باقي بچيا هئا، تن تي ڀِت ڪِري پيئي. ۽ بن هدد ڀڄي ويو ۽ شهر ۾ اچي هڪڙي اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ لڪو.</verse>
				<verse number="31">پر سندس نوڪرن چيس تہ هاڻي ڏس، اسان ٻڌو آهي تہ اسرائيل جي گهراڻي جا بادشاهہ رحم وارا بادشاهہ هوندا آهن: اسين منٿ ٿا ڪريون تہ اسان کي ڇڏ تہ پنهنجن چيلهين تي کٿا ويڙهيون، ۽ پنهنجن مٿن تي رسا ٻَڌون، ۽ پوءِ نڪري اسرائيل جي بادشاهہ وٽ وڃون: شايد هو توکي جيئرو ڇڏي.</verse>
				<verse number="32">پوءِ هنن کٿا چيلهين سان ويڙهيا، ۽ رسا پنهنجن مٿن تي ٻڌائون، ۽ اسرائيل جي بادشاهہ وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ تنهنجو ٻانهو بن هدد چوي ٿو تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ مون کي جيئرو ڇڏ. ۽ هن چيو تہ اُهو اڃا جيئرو آهي ڇا؟ هو منهنجو ڀاءُ آهي.</verse>
				<verse number="33">هاڻي اُهي ماڻهو ڌيان ڏيئي منتظر ٿي بيهي رهيا تہ معلوم ڪن تہ سچ پچ اها سندس دل جي خواهش آهي يا نہ: ۽ هنن چيو تہ تنهنجو ڀاءُ بن هدد. تڏهن هن چيو تہ وڃي انهيءَ کي وٺي اچو. تڏهن بن هدد وٽس نڪري آيو؛ ۽ هن انهيءَ کي رٿ ۾ چاڙهائي آندو.</verse>
				<verse number="34">۽ بن هدد هن کي چيو، تہ جيڪي شهر منهنجي پيءُ تنهنجي پيءُ کان ورتا هئا سي آءٌ موٽائي ڏيندس؛ ۽ تون پنهنجي لاءِ دمشق ۾ اهڙيون گهٽيون جوڙائج جهڙيون منهنجي پيءُ سامريہ ۾ جوڙايون هيون. ۽ اخي آب چيو تہ آءٌ توکي اُنهي انجام سان وڃڻ ڏيندس. ان موجب هن اُنهيءَ سان عهد اقرار ڪيو ۽ هن کي وڃڻ ڏنائين.</verse>
				<verse number="35">۽ نبين جي پٽن مان ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ خداوند جي حڪم سان پنهنجي سنگتيءَ کي چيو تہ ڀلائي ڪري مون کي ڌڪ هڻي مار. پر اُنهيءَ ماڻهو هن کي ڌڪ هڻي مارڻ کان انڪار ڪيو.</verse>
				<verse number="36">تڏهن هن اُنهيءَ کي چيو تہ ڇالاءِ جو تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو آهي تنهنڪري ڏس، تون مون وٽان نڪرندين تہ هڪدم هڪڙو شينهن توکي ماري وجهندو. ۽ اڃا هو هن وٽان روانو ٿيو تہ هڪڙو شينهن اچي پهتس ۽ اُنهيءَ ماري وڌس.</verse>
				<verse number="37">پوءِ هن هڪڙو ٻيو ماڻهو ڏٺو ۽ اُنهيءَ کي چيائين تہ ڀلائي ڪري مون کي ڌڪ هڻي ماري وجهہ. ۽ اُنهيءَ ماڻهو ڌڪ هڻي ڦٽي وڌس.</verse>
				<verse number="38">تڏهن اُهو نبي اُٿي هليو ۽ رستي تي بادشاهہ جي لاءِ ترسي بيهي رهيو، ۽ پنهنجين اکين تي پٽڪو رکي پنهنجي شڪل بدلايائين.</verse>
				<verse number="39">۽ جڏهن بادشاهہ اچي لنگهيو تڏهن هن سڏ ڪيس: ۽ چيائينس تہ تنهنجو ٻانهو جنگ جي وچ ۾ گهڙي ويو؛ ۽ ڏس، هڪڙو ماڻهو پاسي تي وڃي هڪڙي ماڻهوءَ کي مون وٽ وٺي آيو ۽ چيائين تہ هن ماڻهوءَ کي قابو ڪر: جيڪڏهن ڪنهن بہ طرح هو گم ٿي ويندو تہ تنهنجي حياتي هن جي حياتيءَ جي عيوض ورتي ويندي، نہ تہ تون هڪڙو چانديءَ جو قنطار ڀري ڏجانءِ.</verse>
				<verse number="40">۽ جڏهن تنهنجو نوڪر هيڏي هوڏي ڪم ۾ لڳو تڏهن هو هليو ويو. ۽ اسرائيل جي بادشاهہ هن کي چيو تہ تنهنجو انصاف بہ اهڙو ئي ٿيندو، تو پنهنجو فيصلو پاڻ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="41">۽ هن تڪڙو ٿي پٽڪو پنهنجين اکين تان لاٿو؛ ۽ اسرائيل جي بادشاهہ هن کي ڏسي سڃاتو تہ هو نبين منجهان آهي.</verse>
				<verse number="42">۽ هن چيس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جنهن ماڻهوءَ کي مون مارجڻ لاءِ ٺهرايو هو، تنهن کي تو پنهنجن هٿن مان ڇڏي ڏنو، تنهنڪري تنهنجي حياتي هن جي حياتيءَ جي عيوض ويندي، ۽ تنهنجي قوم هن جي قوم جي عيوض.</verse>
				<verse number="43">پوءِ اسرائيل جو بادشاهہ دلگير ۽ رنج ٿي پنهنجي گهر ويو ۽ سامريہ ۾ آيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="21">
				<verse number="1">اُنهن ڳالهين کان پوءِ هيئن ٿيو تہ نبوت يزرعيليءَ جو هڪڙو ڊاک جو منهہ هو، جو يزرعيل ۾ سامريہ جي بادشاهہ اخي آب جي محلات جي پاسي ۾ هو.</verse>
				<verse number="2">۽ اخي آب نبوت کي چيو تہ اهو تنهنجو ڊاک جو منهہ منهنجي گهر جي ويجهو آهي، تنهنڪري اهو مون کي ڏي تہ انهيءَ کي ڀاڄين جو باغ بنايان؛ ۽ انهيءَ جي بدران آءٌ توکي انهيءَ کان بهتر ڊاک جو منهہ ڏيندس: يا جي تنهنجي مرضي هوندي تہ اُنهيءَ جو ملهہ آءٌ توکي ڏيندس.</verse>
				<verse number="3">۽ نبوت اخي آب کي چيو تہ خداوند شل ائين نہ ڪري تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جو ورثو توکي ڏيان.</verse>
				<verse number="4">اها جيڪا ڳالهہ نبوت يزرعيليءَ هن کي چئي، تنهن جي ڪري اخي آب دلگير ۽ رنج ٿي پنهنجي گهر آيو: ڇالاءِ جو هن چيو هو تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جو ورثو توکي نہ ڏيندس. ۽ هو پنهنجي هنڌ تي منهن ورائي سمهي پيو ۽ ماني نہ کاڌائين.</verse>
				<verse number="5">پر سندس زال ايزبل وٽس آئي ۽ چوڻ لڳيس تہ تنهنجي دل ڇو اهڙي غمگين آهي جو تون ماني نٿو کائين؟</verse>
				<verse number="6">۽ هن چيس تہ هن ڪري جو مون نبوت يزرعيليءَ کي چيو تہ مون کي پئسن تي پنهنجو ڊاک جو منهہ ڏي؛ يا جي تنهنجي مرضي هجي تہ انهيءَ جي بدران آءٌ توکي ٻيو ڊاک جو منهہ ڏيان: ۽ هن جواب ڏنو تہ آءٌ توکي پنهنجو ڊاک جو منهہ نہ ڏيندس.</verse>
				<verse number="7">تڏهن سندس زال ايزبل چيس تہ تون اسرائيل جي بادشاهت تي هاڻي حڪم هلائين ٿو يا نہ؟ اُٿي ماني کاءُ ۽ پنهنجي دل خوش ڪر: آءٌ توکي نبوت يزرعيليءَ جو ڊاک جو منهہ ڏينديس.</verse>
				<verse number="8">سو هن اخي آب جي نالي سان خط لکيا، ۽ سندس مهر مٿن هنيائين، ۽ اُهي خط اُنهن بزرگن ۽ اميرن ڏانهن موڪليائين جي سندس شهر ۾ هئا، ۽ نبوت سان گڏ رهندا هئا.</verse>
				<verse number="9">۽ اُنهن خطن ۾ هن هيئن لکيو تہ روزي رکڻ جو اشتهار ڪريو، ۽ نبوت کي ماڻهن منجهہ مٿي ويهاريو:</verse>
				<verse number="10">۽ ٻہ خبيث ماڻهو، هن جي اڳيان حاضر ڪريو، ۽ اُهي سندس برخلاف شاهدي ڏيئي چون تہ هن خدا تي ۽ بادشاهہ تي لعنت وڌي آهي. ۽ پوءِ اُنهيءَ کي ٻاهر ڪڍي وڃو ۽ سنگسار ڪري ماريوس.</verse>
				<verse number="11">۽ هن جي شهر ماڻهن، يعني اُهي بزرگ ۽ امير جي سندس شهر ۾ رهندا هئا، تن ائين ئي ڪيو جيئن ايزبل چوائي موڪليو هون، ۽ جيڪي انهي خط ۾ لکيل هو جو هن موڪليو هو.</verse>
				<verse number="12">هنن روزي رکڻ لاءِ اشتهار ڪڍيو ۽ نبوت کي ماڻهن ۾ مٿي ويهاريائون.</verse>
				<verse number="13">پوءِ ٻہ خبيث ماڻهو اندر اچي سندس اڳيان ويٺا، ۽ هن جي برخلاف، يعني نبوت جي برخلاف ماڻهن جي روبرو شاهدي ڏيئي چوڻ لڳا تہ نبوت خدا ۽ بادشاهہ تي لعنت وڌي آهي. تڏهن هنن اُنهيءَ کي ڪڍي شهر کان ٻاهر ڪيو، ۽ سنگسار ڪري ماري وڌائونس.</verse>
				<verse number="14">تنهن کانپوءِ ايزبل ڏي چوائي موڪليائون تہ نبوت سنگسار ٿي مارجي ويو آهي.</verse>
				<verse number="15">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ايزبل ٻڌو تہ نبوت سنگسار ٿي مارجي ويو آهي تڏهن ايزبل اخي آب کي چيو تہ جيڪو ڊاک جو منهہ نبوت يزرعيليءَ توکي پئسن تي نٿي ڏنو، سو اُٿي هٿ ڪر: ڇالاءِ جو نبوت جيئرو نہ آهي، مري ويو آهي.</verse>
				<verse number="16">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اخي آب ٻڌو تہ نبوت مري ويو تڏهن اخي آب اُٿي نبوت يزرعيليءَ جي اُنهيءَ ڊاک جي منهہ هٿ ڪرڻ لاءِ اوڏانهن هليو.</verse>
				<verse number="17">۽ خداوند جو ڪلام ايلياہ تشبيءَ تي نازل ٿيو.</verse>
				<verse number="18">جنهن چيس تہ اُٿ، اسرائيل جو بادشاهہ اخي آب، جو سامريہ ۾ رهي ٿو، تنهن وٽ وڃ ۽ ڏس، هو نبوت جي ڊاک جي منهہ ۾ آهي، جتي هو اُنهيءَ جي قبضي وٺڻ لاءِ ويو آهي.</verse>
				<verse number="19">۽ تون اُنهيءَ کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تو خون بہ ڪيو آهي ۽ ملڪيت بہ ڦري آهي ڇا؟ ۽ کيس چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن جاءِ تي ڪتن نبوت جو رت چٽيو، اُتي ڪتا تنهنجو بہ رت چٽيندا.</verse>
				<verse number="20">۽ اخي آب ايلياہ کي چيو تہ اي منهنجا دشمن، تو مون کي اچي لڌو آهي ڇا؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ مون توکي لڌو آهي؛ ڇالاءِ جو تو اُنهيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وڪيو آهي جو خداوند جي نظر ۾ برو آهي.</verse>
				<verse number="21">ڏس، آءٌ تو تي خرابي آڻيندس، ۽ توکي اصل ٻهاري ڇڏيندس، ۽ اخي آب جي سڀ ڪنهن ڇوڪر کي، جو اسرائيل ۾ آزاد آهي، يا غلام آهي، اُنهن کي وڍي ڇڏيندس،</verse>
				<verse number="22">۽ آءٌ تنهنجو گهراڻو يربعام بن نباط جي گهراڻي جهڙو ۽ بعشا بن اخياہ جي گهراڻي جهڙو ڪندس، جو تو مون کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو آهي، ۽ اسرائيل کان گناهہ ڪرايو اٿيئي</verse>
				<verse number="23">۽ ايزبل جي نسبت ۾ بہ خداوند چيو تہ يزرعيل جي ڪوٽ جي ڀِت جي پاسي ۾، ايزبل کي ڪتا کائيندا.</verse>
				<verse number="24">اخي آب جو جيڪو بہ ماڻهو شهر ۾ مرندو تنهن کي ڪتا کائيندا؛ ۽ جيڪو جهنگ ۾ مرندو تنهن کي هوا جا پکي کائيندا.</verse>
				<verse number="25">(پر اخي آب جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونہ هو جنهن پاڻ کي انهيءَ لاءِ وڪيو تہ جيڪي خداوند جي نظر ۾ خراب آهي سو ڪري، ۽ جنهن کي سندس زال ڀڙڪايو هو.</verse>
				<verse number="26">۽ هن بتن جي پيروي ڪرڻ سان تمام ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو، ۽ هن امورين جي سڀني ڪمن موجب ڪيو هو، جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان ڪڍي ڇڏيو هو.)</verse>
				<verse number="27">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اخي آب اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ بت تي کٿو ڍڪيائين، ۽ روزو رکيائين، ۽ کٿي تي سمهڻ ۽ آهستي هلڻ لڳو.</verse>
				<verse number="28">۽ خدا جو ڪلام ايلياہ تشبيءَ تي نازل ٿيو، جنهن چيس تہ،</verse>
				<verse number="29">ڏسين ٿو تہ ڪيئن اخي آب منهنجي اڳيان پاڻ کي عاجز ٿو ڪري؟ ۽ ڇالاءِ تہ هو منهنجي اڳيان پاڻ کي عاجز ٿو ڪري تنهنڪري آءٌ هن جي ڏينهن ۾ خرابي نہ آڻيندس: پر سندس پٽ جي ڏينهن ۾ سندس گهراڻي تي مصيبت آڻيندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="22">
				<verse number="1">۽ انهيءَ کان پوءِ ٽي ورهيہ ارام ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ ڪانہ هئي</verse>
				<verse number="2">۽ ٽئين ورهيہ ۾ هيئن ٿيو تہ يهوداہ جو بادشاهہ يهوسفط اسرائيل جي بادشاهہ وٽ آيو.</verse>
				<verse number="3">۽ اسرائيل جي بادشاهہ پنهنجي نوڪرن کي چيو تہ اوهان کي اها خبر آهي يا نہ تہ رامات جلعاد اسان جو آهي، ۽ اسين ماٺ ڪيو ويٺا آهيون، ۽ اهو ارام جي بادشاهہ جي هٿن مان نہ ٿا وٺون؟</verse>
				<verse number="4">۽ هن يهوسفط کي چيو تہ تون مون سان گڏجي رامات جلعاد ڏانهن جنگ ڪرڻ لاءِ هلندين؟ ۽ يهوسفط اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو تہ جهڙو تون آهين اهڙو آءٌ آهيان، جهڙا تنهنجا ماڻهو آهن تهڙا منهنجا ماڻهو آهن، جهڙا تنهنجا گهوڙا آهن تهڙا منهنجا آهن.</verse>
				<verse number="5">۽ يهوسفط اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ اڄ خداوند جي ڪلام کان پڇا ڪر.</verse>
				<verse number="6">تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ نبي گڏ ڪيا، جي اٽڪل چار سؤ ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ۽ اُنهن کي چيائين تہ آءٌ جنگ ڪرڻ لاءِ رامات جلعاد تي ڪاهي وڃان يا ماٺ ڪيو ويٺو هجان؟ ۽ هنن چيو تہ ڀلي وڃ؛ ڇالاءِ جو خداوند انهيءَ کي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيندو.</verse>
				<verse number="7">۽ يهوسفط چيو تہ هنن کان سواءِ خداوند جو ٻيو نبي ڪونهي ڇا، جنهن کان اسين پڇا ڪريون؟</verse>
				<verse number="8">۽ اسرائيل جي بادشاهہ يهوسفط کي چيو تہ اڃا بہ هڪڙو ماڻهو آهي، يعني ميڪاياہ بن املہ، جنهن جي هٿان اسين خداوند کان پڇا ڪري ٿا سگهون: پر آءٌ انهيءَ کي ڌڪاريان ٿو؛ ڇالاءِ جو هو منهنجي نسبت ۾ ڪا چڱي پيشنگوئي نٿو ڪري پر بڇڙي ٿو ڪري. ۽ يهوسفط چيو تہ بادشاهہ کي ائين چوڻ نہ گهرجي.</verse>
				<verse number="9">تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ هڪڙي عملدار کي سڏي چيو تہ جلد وڃي ميڪاياہ بن املہ کي وٺي اچ.</verse>
				<verse number="10">هاڻي اسرائيل جو بادشاهہ ۽ يهوسفط، يهوداہ جو بادشاهہ، سامريہ جي دروازي جي لنگهہ تي، کليل جاءِ تي، پنهنجي شاهي پوشاڪ ڍڪيو، پنهنجي پنهنجي تخت تي ويٺا هئا؛ ۽ سڀني نبين سندس اڳيان ويهي پيشنگوئي ڪئي.</verse>
				<verse number="11">۽ صدقياہ بن ڪنعانہ پنهنجي لاءِ لوهہ جا سڱ جوڙيا، ۽ چوڻ لڳا تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ هنن سان تون ارامين کي هٽائي ڪڍندين، جيسين ڪ اُهي چٽ ٿي وڃن.</verse>
				<verse number="12">۽ سڀني نبين بہ اها ئي پيشنگوئي ڪئي، ۽ چيائون تہ رامات جلعاد تي چڙهي وڃو ۽ وڃي فتح ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند اُهو بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="13">۽ جيڪو قاصد ميڪاياہ کي سڏڻ ويو هو تنهن هن کي چيو تہ هاڻي ڏس، سڀني نبين هڪ زبان ٿي بادشاهہ جي نسبت ۾ چڱيون ڳالهيون ڪيون آهن: آءٌ منٿ ٿو ڪريان، تہ تون بہ اُنهن مان هڪڙي وانگر ڪلام ڪر ۽ خوشخبري ڏي.</verse>
				<verse number="14">۽ ميڪاياہ چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ جيڪي خداوند مون کي فرمائيندو سو آءٌ چوندس.</verse>
				<verse number="15">۽ جڏهن هو بادشاهہ وٽ آيو تڏهن بادشاهہ چيس تہ اي ميڪاياہ، اسين جنگ ڪرڻ لاءِ رامات جلعاد تي ڪاهي وڃون يا ماٺ ڪري ويٺا هجون؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ ڀلي وڃو ۽ فتحياب ٿيو؛ ۽ خداوند اُهو بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="16">۽ بادشاهہ اُنهيءَ کي چيو تہ ڪيترا ڀيرا آءٌ توکي قسم ڏيندس تہ خداوند جي نالي تي سچ کانسواءِ مون کي ٻيو ڪي بہ ڪين چوين؟</verse>
				<verse number="17">۽ هن چيو تہ مون ساري اسرائيل کي جبلن جي مٿان ائين پکڙيل ڏٺو جيئن ڌنار کانسواءِ رڍون ٿينديون آهن: ۽ خداوند چيو تہ هنن جو ڌڻي ڪونهي؛ هنن مان هرڪو صحيح سلامت پنهنجي گهر هليو وڃي.</verse>
				<verse number="18">۽ اسرائيل جي بادشاهہ يهوسفط کي چيو تہ مون توکي نہ چيو هو ڇا تہ هو منهنجي نسبت ۾ ڪا چڱائيءَ جي پيشنگوئي نہ ڪندو پر بڇڙائيءَ جي ڪندو؟</verse>
				<verse number="19">۽ هن چيو تہ انهيءَ ڪري تون خداوند جو ڪلام ٻڌ: مون خداوند کي پنهنجي تخت تي ويٺل ڏٺو، ۽ آسمان جو سارو لشڪر سندس سڄي هٿ پاسي ۽ کٻي هٿ پاسي سندس نزديڪ بيٺو هو.</verse>
				<verse number="20">۽ خداوند چيو تہ ڪير اخي آب کي ڌتاريندو تہ هو چڙهي وڃي رامات جلعاد ۾ ڪري؟ پوءِ هڪڙي هڪڙيءَ طرح چيو ۽ ٻئي ٻيءَ طرح چيو.</verse>
				<verse number="21">۽ هڪڙو روح اچي خداوند جي اڳيان بيٺو ۽ چوڻ لڳو تہ آءٌ هن کي ڌتاريندس.</verse>
				<verse number="22">۽ خداوند انهيءَ کي چيو تہ ڇا سان؟ ۽ هن چيو تہ آءٌ نڪري وڃي هن جي سڀني نبين جي وات ۾ ڪوڙ ڳالهائيندڙ روح ٿيندس. ۽ هن چيو تہ تون هن کي ڌتاريندين ۽ غالب بہ ٿيندين: وڃ، وڃي ائين ڪر.</verse>
				<verse number="23">تنهنڪري هاڻي ڏس، خداوند تنهنجن هنن سڀني نبين جي وات ۾ هڪڙو ڪوڙ ڳالهائيندڙ روح وڌو آهي؛ ۽ خداوند تنهنجي نسبت ۾ بڇڙي خبر ڏني آهي.</verse>
				<verse number="24">تڏهن صدقياہ بن ڪنعانہ ويجهو آيو ۽ ميڪاياہ کي چماٽ هنيائين، ۽ چيائين تہ خداوند جو روح ڪهڙي رستي مون وٽان تو سان ڳالهائڻ لاءِ ويو؟</verse>
				<verse number="25">۽ ميڪاياہ چيو تہ ڏس، انهيءَ ڏينهن تون ڏسندين جنهن ڏينهن تون پاڻ کي لڪائڻ لاءِ اندرئينءَ ڪوٺيءَ ۾ ويندين.</verse>
				<verse number="26">۽ اسرائيل جي بادشاهہ چيو تہ ميڪاياہ کي پڪڙي موٽائي شهر جي ناظم امون، ۽ بادشاهہ جي پٽ يوآس وٽ وٺي وڃ؛</verse>
				<verse number="27">۽ چئون تہ بادشاهہ هيئن ٿو چوي تہ هن ماڻهوءَ کي قيد ۾ وجهو، ۽ مصيبت جي ماني کارايوس، ۽ مصيبت جو پاڻي پياريوس، جيسين ڪ آءٌ صحيح سلامت اچي پهچان.</verse>
				<verse number="28">۽ ميڪاياہ چيو تہ جيڪڏهن تون ڪنهن بہ طرح صحيح سلامت موٽي آئين تہ خداوند منهنجي معرفت نہ ڳالهايو آهي. ۽ هن چيو تہ اوهين سڀ ٻڌو.</verse>
				<verse number="29">انهيءَ طرح اسرائيل جو بادشاهہ، ۽ يهوسفط، يهوداہ جو بادشاهہ، رامات جلعاد ڏانهن چڙهي ويا.</verse>
				<verse number="30">۽ اسرائيل جي بادشاهہ يهوسفط کي چيو تہ آءٌ ويس بدلائي وڃي جنگ ڪندس؛ پر تون ڀلي پنهنجي شاهي پوشاڪ ڍڪ: ۽ اسرائيل جي بادشاهہ ويس بدلايو ۽ پوءِ جنگ تي ويو.</verse>
				<verse number="31">هاڻي ارام جي بادشاهہ پنهنجن رٿن جي ٻٽيهن سردارن کي حڪم ڏيئي چيو تہ نہ ننڍن سان وڙهجو نہ وڏن سان، رڳو اسرائيل جي بادشاهہ سان وڙهجو.</verse>
				<verse number="32">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن رٿن جي سردارن يهوسفط کي ڏٺو، تڏهن هنن چيو تہ يقيناً اهو اسرائيل جو بادشاهہ آهي؛ ۽ هو انهيءَ سان وڙهڻ لاءِ پاسي تي لڙيا: ۽ يهوسفط هڪل ڪئي.</verse>
				<verse number="33">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن رٿن جي سردارن ڏٺو تہ اهو اسرائيل جو بادشاهہ نہ آهي تڏهن هن جي پٺيان پوڻ جي بدران پٺتي موٽيا.</verse>
				<verse number="34">۽ اوچتو هڪڙي ماڻهوءَ پنهنجي ڪمان ڪشي اسرائيل جي بادشاهہ کي زرهہ جي سنڌن جي وچ ۾ تير هنيو: جنهن تي هن پنهنجي رٿ هڪلڻ واري کي چيو تہ پنهنجو رٿ لشڪر مان ڪڍي ٻاهر ڪر؛ ڇالاءِ جو آءٌ زخمي ٿي پيو آهيان.</verse>
				<verse number="35">۽ انهيءَ ڏينهن جنگ سخت ٿيڻ لڳي: ۽ بادشاهہ کي ارامين جي سامهون پنهنجيءَ رٿ تي اُٿاري ويهاريائون ۽ شام جو هو مري ويو: ۽ سندس زخم مان رت وهي رٿ جي تري ۾ پيو.</verse>
				<verse number="36">۽ سج لهڻ ڌاري ساري لشڪر مان اها دانهن نڪتي تہ سڀڪو ماڻهو پنهنجي شهر ڏانهن ۽ سڀڪو ماڻهو پنهنجي ملڪ ڏانهن وڃي.</verse>
				<verse number="37">انهيءَ طرح بادشاهہ مئو ۽ سامريہ ۾ کڄي آيو؛ ۽ هنن بادشاهہ کي سامريہ ۾ دفن ڪيو.</verse>
				<verse number="38">۽ سامريہ جي ڍنڍ وٽ هنن رٿ ڌوتو (ڪسبياڻيون اُتي ئي وهنجنديون هيون؛) ۽ ڪتن اچي هن جو رت چٽيو، جيئن ڪ خداوند پنهنجي ڪلام ۾ فرمايو هو.</verse>
				<verse number="39">هاڻي اخي آب جا باقي ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو، ۽ عاج جو گهر، جو هن جوڙايو، ۽ سڀ شهر، جي هن اڏايا، اهي سڀ اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="40">نيٺ اخي آب پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو؛ ۽ سندس پٽ اخزياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="41">۽ اسرائيل جي بادشاهہ اخي آب جي چوٿين سال ۾، يهوسفط بن آسا يهوداہ ۾ بادشاهي ڪرڻ شروع ڪئي.</verse>
				<verse number="42">جڏهن يهوسفط بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن هو پنجٽيهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ پنجويهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي. ۽ هن جي ماءُ جو نالو عزوبہ هو جا سلحيءَ جي ڌيءَ هئي.</verse>
				<verse number="43">۽ هو پنهنجي پيءُ آسا جي سڀني رستن تي هليو؛ هو انهيءَ کان ڪنهن بہ پاسي نہ ڦريو، ۽ جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱو هو سو ڪيائين: انهيءَ هوندي بہ مٿانهيون جايون ڪيرايون نہ ويون؛ ۽ ماڻهو اڃا بہ انهن مٿانهين جاين تي قربانيون ذبح ڪندا هئا ۽ لوبان ساڙيندا هئا.</verse>
				<verse number="44">۽ يهوسفط اسرائيل جي بادشاهہ سان صلح ڪيو.</verse>
				<verse number="45">هاڻي يهوسفط جا باقي ٻيا ڪم، ۽ جيڪا بهادري هن ڏيکاري ۽ جهڙيءَ طرح هن جنگيون ڪيون، سي سڀ يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="46">جيڪي لونڊي باز ماڻهو بچيا هئا، جي سندس پيءُ آسا جي ڏينهن ۾ رهجي ويا هئا، سي هن ملڪ مان ڪڍي ڇڏيا.</verse>
				<verse number="47">۽ ادوم ۾ ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو: هڪڙو نائب بادشاهي ڪندو هو.</verse>
				<verse number="48">يهوسفط ترسيس جا جهاز سون آڻڻ لاءِ اوفير ڏانهن موڪليا: پر هو نہ ويا؛ ڇالاءِ جو جهاز عصيون جابر ۾ ڀڄي پيا.</verse>
				<verse number="49">تڏهن اخزياہ بن اخي آب يهوسفط کي چيو تہ منهنجا نوڪر تنهنجن نوڪرن سان گڏ جهازن ۾ وڃن. پر يهوسفط ائين ڪرڻ نہ گهريو.</verse>
				<verse number="50">۽ يهوسفط پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، ۽ پنهنجي پيءُ دائود جي شهر ۾، پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو: ۽ سندس پٽ يهورام سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="51">اخزياہ بن اخي آب، يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط جي سترهين ورهيہ ۾ سامريہ ۾ اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو، ۽ هن اسرائيل تي ٻہ ورهيہ بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="52">۽ هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي، ۽ هو پنهنجي پيءُ جي رستي تي، ۽ پنهنجي ماءُ جي رستي تي، ۽ يربعام بن نباط جي رستي تي هليو، جنهنڪري هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايا.</verse>
				<verse number="53">۽ هن بعل جي عبادت ڪئي ۽ انهيءَ کي سجدو ڪيائين، ۽ پنهنجي پيءُ جي سڀني ڪمن وانگر خداوند اسرائيل جي خدا کي ڪاوڙايائين.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="12">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">۽ اخي آب جي مرڻ کان پوءِ موآب اسرائيل کان باغي ٿيو.</verse>
				<verse number="2">۽ اخزياہ سامريہ ۾ پنهنجي ماڙيءَ جي جعفريءَ مان هيٺ ڪري پيو، ۽ بيمار ٿي پيو: ۽ هن قاصد سڏائي انهن کي چيو تہ وڃو، عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇا ڪريو تہ آءٌ هن بيماريءَ کان ڇُٽندس يا نہ.</verse>
				<verse number="3">پر خداوند جي ملائڪ ايلياہ تشبيءَ کي چيو تہ اُٿ وڃي سامريہ جي بادشاهہ جي قاصدن کي گڏج، ۽ چئين تہ اسرائيل ۾ خدا ڪونهي ڇا جو اوهين عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇا ڪرڻ ٿا وڃو؟</verse>
				<verse number="4">تنهنڪري هاڻي خداوند ٿو فرمائي تہ جنهن هنڌ تي تون سمهيو آهين انهيءَ تان وري هيٺ نہ لهندين، پر ضرور مرندين. ۽ ايلياہ اُٿي روانو ٿيو.</verse>
				<verse number="5">۽ قاصد هن وٽ موٽي ويا، ۽ هن اُنهن کي چيو تہ ڇو اوهين موٽي آيا آهيو؟</verse>
				<verse number="6">تڏهن هنن چيو تہ هڪڙو ماڻهو اسان کي اچي گڏيو، ۽ اسان کي چيائين تہ جنهن بادشاهہ اوهان کي موڪليو آهي تنهن وٽ موٽي وڃو، ۽ چئوس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل ۾ خدا ڪونهي ڇا جو تو عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇائي موڪليو آهي؟ تنهنڪري جنهن هنڌ تي تون چڙهيو آهين انهيءَ کان وري هيٺ نہ لهندين، پر ضرور تون مرندين.</verse>
				<verse number="7">۽ هن چيو تہ اُهو ماڻهو، جو اوهان کي اچي گڏيو، ۽ جنهن اها ڳالهہ ڪئي، سو ڪهڙي قسم جو ماڻهو هو؟</verse>
				<verse number="8">۽ هنن ورندي ڏني تہ هو گهڻن وارن وارو ماڻهو هو، ۽ چيلهہ سان هڪڙو چم جو پٽو ٻڌل هوس. ۽ هن چيو تہ اهو ايلياہ تشبي آهي.</verse>
				<verse number="9">تڏهن بادشاهہ هڪڙو پنجاهن وارو سردار پنهنجن ماڻهن سان هن ڏانهن موڪليو. ۽ اُهو هن وٽ ويو: ۽ ڏٺائين تہ هو ٽڪر جي چوٽيءَ تي ويٺو هو. ۽ هن انهيءَ کي چيو تہ اي خدا جا مرد، بادشاهہ چيو آهي تہ هيٺ لهي اچ.</verse>
				<verse number="10">۽ ايلياہ ورندي ڏيئي انهيءَ پنجاهہ واري سردار کي چيو تہ جيڪڏهن آءٌ خدا جو مرد آهيان تہ ڀلي آسمان مان باهہ لهي اچي، ۽ توکي ۽ تنهنجن پنجاهن کي ساڙي ۽ آسمان مان باهہ لهي آئي، ۽ انهيءَ کي ۽ سندس پنجاهن کي ساڙي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="11">۽ وري هن ٻيو پنجاهن وارو سردار پنجاهہ ماڻهن سان انهيءَ ڏي موڪليو. ۽ هن ورندي ڏيئي انهيءَ کي چيو تہ اي خدا جا مرد، بادشاهہ هيئن فرمايو آهي تہ جلد هيٺ لهي اچ.</verse>
				<verse number="12">۽ ايلياہ ورندي ڏيئي انهن کي چيو تہ جيڪڏهن آءٌ خدا جو مرد آهيان تہ ڀلي آسمان مان باهہ لهي اچي، ۽ توکي ۽ تنهنجن پنجاهن کي ساڙي ڇڏي. ۽ خدا جي باهہ آسمان مان لهي آئي، ۽ انهيءَ کي ۽ سندس پنجاهہ کي ساڙي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="13">۽ وري هن ٽئين پنجاهن واري سردار کي پنجاهہ ماڻهن سان موڪليو. ۽ ٽيون پنجاهن وارو سردار مٿي چڙهيو ۽ اچي ايلياہ جي اڳيان گوڏا کوڙي ويٺو، ۽ نيزاري ڪري هن کي چيائين، تہ اي خدا جا مرد، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ من منهنجي حياتي ۽ هنن تنهنجن پنجاهہ ٻانهن جي حياتي تنهنجي نظر ۾ قدر واري ٿئي.</verse>
				<verse number="14">ڏس، آسمان مان باهہ لهي آئي، ۽ انهن اڳين ٻنهي پنجاهن وارن سردارن کي سندن پنجاهن ماڻهن سوڌو ساڙي ويئي: پر هاڻي من منهنجي حياتي تنهنجي نظر ۾ قدر واري ٿئي.</verse>
				<verse number="15">۽ خداوند جي ملائڪ ايلياہ کي چيو تہ هن سان لهي وڃ: ۽ هن کان نہ ڊڄ. تڏهن هو اُٿيو ۽ هن سان گڏجي بادشاهہ ڏي لهي ويو.</verse>
				<verse number="16">۽ انهيءَ کي چيائين تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ تو جو عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇا ڪرڻ لاءِ قاصد موڪليا آهن سو انهيءَ ڪري ڇا تہ اسرائيل ۾ اهڙو ڪو خدا ڪونهي جنهن کان پڇا ڪري خبر وٺجي؟ تنهنڪري جنهن هنڌ تي تون چڙهيو آهين انهيءَ تان وري هيٺ نہ لهندين، پر ضرور مرندين.</verse>
				<verse number="17">۽ جيڪو خدا جو ڪلام ايلياہ ٻڌايو هو، ان موجب هو مري ويو. ۽ ڇالاءِ جو هن کي پٽ ڪونہ هو، انهيءَ ڪري يهوداہ جي بادشاهہ يهورام بن يهوسفط جي ٻئي سال ۾، يهورام هن جي جاءِ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="18">هاڻي اخزياہ ٻيا جيڪي ڪم ڪيا، سي اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خداوند ايلياہ کي هڪڙي واچوڙي ۾ مٿي آسمان ۾ کڻڻ وارو هو، تڏهن ايلياہ اليشع سان گڏجي جلجال ڏي ويو.</verse>
				<verse number="2">۽ ايلياہ اليشع کي چيو تہ مهرباني ڪري هتي ترس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي بيت ايل تائين موڪليو آهي. ۽ اليشع چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي ۽ تنهنجيءَ جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏيندس. تنهنڪري هو بيت ايل ڏي ويا.</verse>
				<verse number="3">۽ جيڪي نبين جا پٽ بيت ايل ۾ هئا سي نڪري اليشع وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ اها توکي ڪا خبر آهي يا نہ تہ خداوند اڄ تنهنجي ڌڻيءَ کي تنهنجي مٿي تان کڻي ويندو؟ ۽ هن چيو تہ هائو، مون کي خبر آهي؛ اوهين ماٺ ڪري ويهو.</verse>
				<verse number="4">۽ ايلياہ هن کي چيو تہ اي اليشع، ڀلائي ڪري هتي ترس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي يريحو ڏي موڪليو آهي. ۽ هن چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجيءَ جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏيندس. تڏهن هو يريحو ۾ آيا.</verse>
				<verse number="5">۽ نبين جا پٽ، جي يريحو ۾ هئا، سي اليشع وٽ آيا، ۽ انهيءَ کي چيائون تہ اها ڪا توکي خبر آهي يا نہ تہ اڄ خداوند تنهنجي ڌڻيءَ کي تنهنجي مٿي تان کڻي ويندو؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ هائو مون کي اها خبر آهي؛ اوهين ماٺ ڪري ويهو.</verse>
				<verse number="6">۽ ايلياہ هن کي چيو تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ هتي ترس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي يردن ڏانهن موڪليو آهي. ۽ هن چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجيءَ جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏيندس. پوءِ هو ٻئي اڳتي هليا ويا.</verse>
				<verse number="7">۽ نبين جي پٽن مان پنجاهہ ڄڻا وڃي پري کان هن جي سامهون بيهي رهيا: ۽ هو ٻئي يردن جي ڀرسان بيهي رهيا.</verse>
				<verse number="8">۽ ايلياہ پنهنجي چادر کڻي ويڙهي سيڙهي پاڻيءَ کي هنئي تہ پاڻي هِن پاسي ۽ هُن پاسي ڌار ٿي بيهي رهيو، جنهنڪري هو ٻئي سڪيءَ زمين تان لنگهي پار ويا.</verse>
				<verse number="9">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو پار پهتا تڏهن ايلياہ اليشع کي چيو تہ آءٌ تو وٽان کڄي وڃان، تنهن کان اڳي گهُر تہ آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان. ۽ اليشع چيو تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ تنهنجي روح جو ٻيڻو حصو مون تي پوي.</verse>
				<verse number="10">۽ هن چيو تہ تو مشڪل سوال ڪيو آهي: انهيءَ هوندي بہ جڏهن آءٌ تو وٽان کڄي وڃان، تڏهن جي تون مون کي ڏسندين تہ توسان ائين ٿيندو، پر جي نہ، تہ ائين نہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="11">۽ هيئن ٿيو تہ جيئن هو ڳالهائيندا هليا ٿي ويا تيئن ڏس، هڪڙو باهہ جو رٿ، ۽ باهہ جا گهوڙا ڏسڻ ۾ آيا، جن هنن ٻنهي کي هڪٻئي کان ڌار ڪري ڇڏيو؛ ۽ ايلياہ هڪڙي واچوڙي ۾ آسمان ڏانهن چڙهي ويو.</verse>
				<verse number="12">۽ اليشع اهو ڏسي رڙ ڪري چيو تہ اي منهنجا پيءُ، منهنجا پيءُ، اسرائيل جا رٿ ۽ انهن جا گهوڙي سوار! پوءِ وري هن انهيءَ کي نہ ڏٺو: ۽ هن پنهنجا ڪپڙا جهلي اُنهن کي ڦاڙي ٻہ ٽڪر ڪيا.</verse>
				<verse number="13">هن ايلياہ جي چادر بہ کنئي، جا هن تان ڪِري پيئي هئي، ۽ پوءِ هو موٽي وڃي يردن جي ڪناري تي بيهي رهيو.</verse>
				<verse number="14">پوءِ هن اُها چادر جا ايلياہ تان ڪِري پيئي هئي سا کڻي پاڻيءَ تي هنئي، ۽ چيائين تہ خداوند، ايلياہ جو خدا ڪٿي آهي؟ ۽ جڏهن هن بہ پاڻيءَ کي ڌڪ هنيو، تڏهن پاڻي چيرجي هِن پاسي ۽ هُن پاسي ٿي پيو: ۽ اليشع پار هليو ويو.</verse>
				<verse number="15">۽ جڏهن نبين جا پٽ، جي هن جي سامهون يريحو ۾ هئا، تن هن کي ڏٺو، تڏهن هو چوڻ لڳا تہ ايلياہ جو روح اليشع تي اچي پيو آهي، ۽ هو سندس استقبال لاءِ آيا، ۽ سندس اڳيان زمين تائين جهڪيا.</verse>
				<verse number="16">۽ هن کي چيائون تہ هاڻي ڏس، تنهنجن ٻانهن سان پنجاهہ زور وارا ماڻهو آهن؛ اسين عرض ٿا ڪريون تہ اُنهن کي موڪل ڏي تہ وڃي تنهنجي ڌڻيءَ کي ڳولين، متان خداوند جي روح هن کي کڻي وڃي ڪنهن جبل تي يا ڪنهن واريءَ ۾ اُڇلايو هجي. ۽ هن چيو تہ انهن کي نہ موڪليو.</verse>
				<verse number="17">۽ جڏهن هنن گهڻو زور لاتس، تڏهن هو شرمندو ٿيو، ۽ چيائين تہ چڱو ڀلي موڪليو. تنهنڪري هنن پنجاهہ ماڻهو موڪلي ڏنا، ۽ هنن ٽن ڏينهن تائين گهڻوئي ڳوليو پر ڪين لڌائونس.</verse>
				<verse number="18">۽ جيسين هو يريحو ۾ ٽِڪيو پيو هو تيسين هو موٽي وٽس آيا؛ ۽ هن اُنهن کي چيو تہ مون اوهان کي ڪين چيو هو ڇا تہ نہ وڃو؟</verse>
				<verse number="19">۽ شهر جي ماڻهن اليشع کي چيو تہ ڏس، اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ هي شهر چڱيءَ جاءِ تي بيٺل آهي جيئن ڪ منهنجو ڌڻي پاڻ ٿو ڏسي: مگر انهيءَ جو پاڻي ٻاڙو آهي، ۽ زمين پيدائش جهڙي نہ آهي.</verse>
				<verse number="20">تڏهن هن چيو تہ مون کي هڪڙو ڪورو مٽ آڻي ڏيو، ۽ انهيءَ ۾ لوڻ وجهو. ۽ هنن اُهو هن کي آڻي ڏنو.</verse>
				<verse number="21">۽ هو نڪري پاڻيءَ جي چشمي تي ويو، ۽ اُنهيءَ ۾ لوڻ اُڇلائي چيائين تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ مون هي پاڻي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي؛ هن کانپوءِ وري انهيءَ ۾ موت يا غير آبادي نہ رهندي.</verse>
				<verse number="22">انهيءَ طرح جيڪو ڪلام اليشع ڪيو، تنهن موجب اڄ ڏينهن تائين پاڻي مٺو ٿي پيو.</verse>
				<verse number="23">پوءِ هو اُتان نڪري بيت ايل ڏانهن ويو: ۽ جيئن هو واٽ وٺيو پئي ويو تيئن ننڍڙا ٻار شهر مان نڪري آيا ۽ هن تي ٺٺوليون ڪري چوڻ لڳا تہ هل ڙي گنجا؛ هل ڙي گنجا.</verse>
				<verse number="24">۽ هن پٺتي منهن ورائي اُنهن کي ڏٺو، ۽ خداوند جي نالي سان پٽيائين. ۽ اوچتو ٻيلي مان ٻہ رڇڻيون نڪري آيون ۽ اُنهن مان ٻائيتاليهن ٻارن کي ڦاڙي ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="25">پوءِ هو اُتان نڪري ڪرمل جبل ڏانهن ويو، ۽ اُتان موٽي سامريہ ۾ آيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">هاڻي يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط جي ارڙهين ورهيہ ۾، يهورام بن اخي آب سامريہ ۾ اسرائيل جي مٿان بادشاهي ڪرڻ لڳو، جا ٻارهن ورهيہ هلي.</verse>
				<verse number="2">۽ هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي؛ پر پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جهڙي نہ: ڇالاءِ جو جيڪو بعل جو ٿنڀ پڻس جوڙايو هو، سو هن ڊاهي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="3">انهيءَ هوندي بہ هو يربعام بن نباط جي گناهن تي هليو، جن سان هن اسرائيل جي هٿان گناهہ ڪرايا؛ هن انهن کي ڇڏي نہ ڏنو.</verse>
				<verse number="4">هاڻي موآب جي بادشاهہ ميسا کي گهڻيون رڍون هيون؛ ۽ هو اسرائيل جي بادشاهہ کي هڪ لک رڍن ۽ هڪ لک گهٽن جي اُن پهچائي ڏيندو هو.</verse>
				<verse number="5">پر هيئن ٿيو تہ جڏهن اخي آب مري ويو تڏهن موآب جو بادشاهہ اسرائيل جي بادشاهہ کان باغي ٿي ڦري ويو.</verse>
				<verse number="6">۽ اُنهيءَ وقت بادشاهہ يهورام سامريہ مان نڪري سڀ اسرائيلي گڏ ڪيا.</verse>
				<verse number="7">۽ هن يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط ڏي پيغام موڪليو تہ موآب جو بادشاهہ مون کان باغي ٿي ويو آهي: تون موآب سان جنگ ڪرڻ لاءِ مون سان گڏجي هلندين يا نہ؟ ۽ هن چيو تہ آءٌ هلندس: آءٌ اهڙو آهيان جهڙو تون، منهنجا ماڻهو اهڙا آهن جهڙا تنهنجا ماڻهو، منهنجا گهوڙا اهڙا آهن جهڙا تنهنجا گهوڙا.</verse>
				<verse number="8">۽ هن چيو تہ ڪهڙي پاسي هلون؟ هن ورندي ڏني تہ ادوم جي بيابان واري رستي کان.</verse>
				<verse number="9">پوءِ اسرائيل جو بادشاهہ، ۽ يهوداہ جو بادشاهہ، ۽ ادوم جو بادشاهہ، گڏجي روانا ٿيا: ۽ هنن ست ڏينهن چوڌاري گشت ڪيو، پر لشڪر ۽ جانور، جي سندن پٺيان هئا، تن لاءِ پاڻي موجود نہ هو.</verse>
				<verse number="10">۽ اسرائيل جي بادشاهہ چيو تہ افسوس آهي، ڇالاءِ جو خداوند هن ٽن بادشاهن کي گڏ سڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي موآب جي هٿن ۾ ڏيئي.</verse>
				<verse number="11">پوءِ يهوسفط چيو تہ هتي ڪو خداوند جو نبي ڪونهي ڇا، جنهن جي وسيلي اسين خداوند کان پڇا ڪريون؟ ۽ اسرائيل جي بادشاهہ جي نوڪرن مان هڪڙي ورندي ڏيئي چيو تہ سافط جو پٽ اليشع هتي آهي، جو ايلياہ جا هٿ ڌوئندو هو.</verse>
				<verse number="12">۽ يهوسفط چيو تہ خداوند جو ڪلام هن ساڻ آهي. تڏهن اسرائيل جو بادشاهہ، ۽ يهوسفط، ۽ ادوم جو بادشاهہ هن وٽ ويا.</verse>
				<verse number="13">۽ اليشع اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو تہ منهنجو توسان ڪهڙو واسطو آهي؟ تون پنهنجي پيءُ جي، ۽ پنهنجي ماءُ جي نبين وٽ وڃ. ۽ اسرائيل جي بادشاهہ هنن کي چيو تہ ائين نہ ٿيندو: ڇالاءِ جو خداوند هنن ٽنهي بادشاهن کي گڏ سڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي موآب جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏي.</verse>
				<verse number="14">۽ اليشع چيو تہ لشڪرن جي جيئري خداوند جو قسم آهي، جنهن جي اڳيان آءٌ بيٺو آهيان، تہ يقيناً جي يهوداہ جو بادشاهہ يهوسفط هت حاضر نہ هجي ها، تہ جيڪر آءٌ تو ڏانهن نهاريان بہ ڪين، ۽ توکي ڏسان ئي ڪين ها.</verse>
				<verse number="15">پر هاڻي مون وٽ هڪڙو ڳائڻ وڄائڻ وارو وٺي اچو. ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اُنهيءَ ڳائڻي پنهنجو ساز وڄايو تڏهن خداوند جو هٿ هن تي آيو.</verse>
				<verse number="16">۽ هن چيو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ هيءَ وادي کاهين سان ڀري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين نڪي واءُ ڏسندا نڪي مينهن، انهيءَ هوندي بہ اها وادي پاڻيءَ سان ڀرجي پوندي: ۽ اوهين توڙي اوهان جو چوپايو مال ۽ اوهان جا وهٽ، سڀيئي پاڻي پيئندا.</verse>
				<verse number="18">۽ اها خداوند جي نظر ۾ هڪڙي خسيس ڳالهہ آهي: هو موآبين کي بہ اوهانجن هٿن ۾ ڏيندو.</verse>
				<verse number="19">۽ اوهين سڀني ڪوٽ وارن شهرن، ۽ عمدن شهرن کي شڪست ڏيندا، ۽ سڀ چڱا چڱا وڻ وڍيندا ۽ سڀ پاڻيءَ جا چشما بند ڪندا، ۽ زمين جا سڀيئي چڱا ٽڪر پٿرن سان خراب ڪري ڇڏيندا.</verse>
				<verse number="20">۽ صبح جي وقت، قرباني چاڙهڻ مهل هيئن ٿيو تہ ڏس، ادوم جي رستي کان پاڻي آيو ۽ سارو ملڪ پاڻيءَ سان ڀرجي ويو.</verse>
				<verse number="21">هاڻي جڏهن سڀني موآبين ٻڌو تہ بادشاهہ اسان سان جنگ ڪرڻ لاءِ آيا آهن، تڏهن منجهانئن جيڪي بہ زرهہ ڍڪڻ جهڙا ۽ اُنهن کان وڏا هئا، سي سڀ گڏ ٿيا ۽ سرحد تي بيهي ويا.</verse>
				<verse number="22">۽ هو صبح جو سوير اُٿيا ۽ سج پاڻيءَ تي چمڪڻ لڳو، ۽ موآبي ڏسن تہ جيڪو پاڻي سندن سامهون هو سو اهڙو ڳاڙهو آهي جهڙو رت:</verse>
				<verse number="23">تڏهن هنن چيو تہ هي رت آهي: بادشاهہ ضرور مري کپي ويا آهن ۽ هنن سڀني پنهنجن سنگتين کي ماري وڌو آهي: تنهنڪري هاڻي، اي موآبي، اُٿي ڦرلٽ ڪريو.</verse>
				<verse number="24">۽ جڏهن هو اسرائيل جي لشڪرگاهہ وٽ آيا تڏهن اسرائيلي اُٿيا ۽ موآبين کي اهڙي شڪست ڏنائون جو هو سندن اڳيان اُٿي ڀڳا. ۽ هو ملڪ جي اندر ڪاهي پيا، ۽ موآبين کي ماريندا ويا.</verse>
				<verse number="25">۽ هنن شهر ڊاهي ڇڏيا: ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ زمين جي سڀ ڪنهن چڱي ٽڪر تي پٿر اُڇلائي اُهو ڀري ڇڏيو، ۽ هنن پاڻيءَ جا سڀ چشما بند ڪري ڇڏيا، ۽ سڀ چڱا وڻ وڍي ڇڏيائون: نيٺ ائين ٿيو جو رڳو قيرحراست ۾ هنن ڪجهہ پٿر ڇڏي ڏنا؛ پر کانڀاڻين وارن انهيءَ جي چوڌاري وڃي انهن کي ماريو.</verse>
				<verse number="26">۽ جڏهن موآب جي بادشاهہ ڏٺو تہ سندس لاءِ جنگ ڏاڍي سخت ٿي پيئي آهي، تڏهن هن پاڻ سان ست سؤ ترار مار ماڻهو کنيا، انهيءَ لاءِ تہ ادوم جي بادشاهہ تائين وڙهي لنگهي وڃي: پر هو ائين ڪري نہ سگهيا.</verse>
				<verse number="27">تڏهن هن پنهنجو وڏو پٽ کنيو، جو کانئس پوءِ بادشاهہ ٿيڻو هو، ۽ اُنهيءَ کي ڀت جي مٿان سوختني قرباني ڪري چاڙهي ڇڏيائين. ۽ اُنهيءَ ڪري ماڻهو اسرائيل تي ڏاڍو ڪاوڙيا: ۽ هن کي ڇڏي ويا، ۽ موٽي پنهنجي ملڪ ڏانهن هليا ويا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">هاڻي نبين جي پٽن جي زالن مان ڪنهن هڪڙيءَ زال اليشع کي چيو تہ تنهنجو ٻانهو منهنجو مڙس مري ويو آهي: ۽ توکي خبر آهي تہ تنهنجو ٻانهو خدا ترس ماڻهو هو: ۽ قرض خواہ آيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجا ٻہ پٽ پنهنجا غلام ڪري.</verse>
				<verse number="2">۽ اليشع انهيءَ کي چيو تہ آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان؟ مون کي ٻڌاءِ؛ تو وٽ گهر ۾ ڇا آهي؟ ۽ هن چيو تہ تنهنجي ٻانهيءَ وٽ گهر ۾ تيل جي ٿانوَ کانسواءِ ٻيو ڪي بہ ڪينهي.</verse>
				<verse number="3">تڏهن هن چيو تہ وڃ، پنهنجن سڀني پاڙيسرين کان وڃي ٿانوَ اُڌارا وٺ، پوءِ ڀلي تہ اُهي خالي ٿانوَ هجن؛ ٿورا نہ وٺجانءِ.</verse>
				<verse number="4">پوءِ تون اندر وڃي پاڻ کي ۽ پنهنجن پٽن کي در بند ڪري پوري ڇڏجانءِ، ۽ اُنهن سڀني ٿانوَن کي ڀري ڇڏجانءِ؛ ۽ جيڪو ڀرين سو پاسي تي رکندي وڃجانءِ.</verse>
				<verse number="5">تڏهن هوءَ اُنهيءَ وٽان ويئي، ۽ پاڻ کي ۽ پنهنجن پٽن کي در پوري بند ڪيائين؛ هنن ٿانوَ وٽس آندا ۽ هوءَ ڀرڻ لڳي.</verse>
				<verse number="6">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ٿانوَ ڀرجي ويا تڏهن هن پنهنجي پٽ کي چيو تہ اڃا بہ ٻيو هڪڙو ٿانو مون کي آڻي ڏي. ۽ هن چيس تہ ٻيو وڌيڪ ٿانو ڪونهي. تڏهن تيل پورو ٿي ويو.</verse>
				<verse number="7">تنهن کان پوءِ هن اچي اُنهيءَ خدا جي مرد کي ٻڌايو. ۽ هن چيس تہ وڃي تيل وڪڻي قرض ادا ڪر، ۽ باقي جيڪي بچي تنهن تي تون ۽ تنهنجا پٽ گذران ڪجو.</verse>
				<verse number="8">۽ هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو تہ اليشع لنگهي شونيم ڏي ويو، جتي هڪڙي امير زال رهندي هئي؛ ۽ هن زور ڪيس تہ ماني کاءُ. ۽ ائين ئي ٿيو، تہ جڏهن ڪڏهن هو اُتان لنگهندو هو تڏهن ڦري اچي اُتي ماني کائيندو هو.</verse>
				<verse number="9">۽ انهيءَ زال پنهنجي مڙس کي چيو تہ هاڻي ڏس، آءٌ پروڙيان ٿي تہ هي ڪو خدا جو پاڪ ٻانهو آهي جو هميشہ اسان وٽان لنگهندو آهي.</verse>
				<verse number="10">آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ اچ تہ ڀِت تي هڪڙي ننڍي ڪوٺي جوڙيون، ۽ اُتي هن جي لاءِ هڪڙو هنڌ، ۽ ميز، ۽ ڪرسي، ۽ شمعدان رکون: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو اسان وٽ اچي، تڏهن انهيءَ جاءِ ۾ اچي رهي.</verse>
				<verse number="11">۽ هڪڙي ڏينهن ائين ٿيو تہ هو اُتي آيو، ۽ اُنهيءَ ڪوٺيءَ ۾ لنگهي اچي سُتو.</verse>
				<verse number="12">۽ هن پنهنجي نوڪر جيحازيءَ کي چيو تہ انهيءَ شونيميءَ کي سڏي اچ. ۽ جڏهن هو اُنهيءَ زال کي سڏي آيو، تڏهن هوءَ اچي سندس اڳيان بيٺي.</verse>
				<verse number="13">۽ هن پنهنجي نوڪر کي چيو تہ هاڻي هن کي چئُہ تہ ڏس، تو اسان جي ڏاڍي سنڀال لڌي آهي؛ تنهنجي لاءِ ڇا ڪجي؟ تنهنجي مرضي آهي ڇا تہ بادشاهہ کي، يا لشڪر جي سردار کي تنهنجي سفارش ڪجي؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ آءٌ پنهنجيءَ قوم ۾ ٿي رهان.</verse>
				<verse number="14">۽ هن چيو تہ تڏهن هن زال جي لاءِ ڇا ڪجي؟ ۽ جيحازيءَ ورندي ڏني تہ يقيناً هن کي پٽ ڪونهي ۽ هن جو مڙس ڪراڙو آهي.</verse>
				<verse number="15">۽ هن چيو تہ سڏينس. ۽ جڏهن هن سڏيس تڏهن هوءَ در وٽ ٿي بيٺي.</verse>
				<verse number="16">۽ هن چيو تہ وري جڏهن هيءَ ساڳي موسم ايندي تڏهن پٽ تنهنجي گود ۾ هوندو. تڏهن هن چيس تہ نہ منهنجا سائين، تون خدا جو مرد آهين، پنهنجي ٻانهيءَ سان ڪوڙ نہ ڳالهاءِ.</verse>
				<verse number="17">پوءِ اُها زال پيٽ سان ٿي ۽ وقت پوري ٿيڻ تي، اُنهيءَ ساڳيءَ موسم ۾، هن کي پٽ ڄائو، جيئن ڪ اليشع چيو هو.</verse>
				<verse number="18">۽ جڏهن اُهو ٻار وڏو ٿيو تڏهن هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو تہ هو پنهنجي پيءُ ڏانهن ٻني لڻڻ وارن وٽ ويو.</verse>
				<verse number="19">۽ هن پنهنجي پيءُ کي چيو تہ منهنجو مٿو، منهنجو مٿو. ۽ هن پنهنجي نوڪر کي چيو تہ هن کي سندس ماءُ وٽ کڻي وڃ.</verse>
				<verse number="20">۽ جڏهن هو اُنهيءَ کي وٺي ويو، ۽ ماڻس وٽ آندائينس تڏهن هو ٻنپهرن تائين ماءُ جي گود ۾ ويٺو هو ۽ پوءِ مري ويو.</verse>
				<verse number="21">۽ هن وڃي هن کي اُنهيءَ خدا جي مرد جي هنڌ تي سمهاريو، ۽ پوءِ در بند ڪري ٻاهر نڪري هلي ويئي.</verse>
				<verse number="22">پوءِ پنهنجي مڙس کي سڏي چيائين تہ مهرباني ڪري پنهنجو هڪڙو نوڪر، ۽ هڪڙو گڏهہ مون وٽ موڪل تہ آءٌ هن خدا جي مرد ڏي ڊوڙي وڃان ۽ موٽي اچان.</verse>
				<verse number="23">۽ هن چيو تہ اڄ ڇو ٿي اُنهيءَ وٽ وڃڻ گهرين؟ اڄ نڪو نئون چنڊ آهي، نڪو سبت آهي. ۽ هن چيو تہ چڱائي ٿيندي.</verse>
				<verse number="24">تنهن کان پوءِ هن هڪڙي گڏهہ تي هنو وڌو ۽ پنهنجي نوڪر کي چيائين تہ هڪلي هل؛ منهنجي چوڻ کانسواءِ رفتار ۾ ڍِل نہ ڪر.</verse>
				<verse number="25">پوءِ هوءَ رواني ٿي، ۽ ڪرمل جبل تي اُنهيءَ خدا جي مرد وٽ آئي، ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اُنهيءَ خدا جي مرد هن کي پري کان ايندو ڏٺو، تڏهن پنهنجي نوڪر جيحازيءَ کي چيائين تہ ڏس، هوءَ شونيمي پيئي اچي:</verse>
				<verse number="26">ڀلائي ڪري ڊوڙي وڃي گڏجينس ۽ چئينس تہ تون خوش چڱي ڀلي تہ آهين؟ تنهنجو مڙس تہ چڱو ڀلو آهي؟ تنهنجو پٽ تہ چڱو ڀلو آهي؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ خير آهي.</verse>
				<verse number="27">۽ جڏهن هو انهيءَ ٽڪر تي خدا جي مرد وٽ آئي، تڏهن انهيءَ جي پيرن کي وڃي جهليائين. ۽ جيحازيءَ هن کي ڌڪي پري ڪرڻ لاءِ ويجهو آيو؛ پر اُنهيءَ خدا جي مرد چيس تہ هن کي ڇڏي ڏي: ڇالاءِ جو هن جي دل پريشان آهي؛ ۽ خداوند اها ڳالهہ مون کان لڪائي آهي، ۽ مون کي نہ ٻڌائي اٿس.</verse>
				<verse number="28">تڏهن زال چيو تہ مون پنهنجي ڌڻيءَ کان پٽ گهريو هو ڇا؟ مون ائين ڪين چيو هو ڇا تہ مون سان ٺڳي نہ ڪر؟</verse>
				<verse number="29">تنهن تي هن جيحازيءَ کي چيو تہ پنهنجي ڪمر ٻڌ، ۽ منهنجي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻ، ۽ پنهنجو رستو وٺي وڃ: جيڪڏهن توکي ڪو ماڻهو گڏجي تہ اُنهيءَ کي سلام نہ ڪج؛ ۽ جيڪو توکي سلام ڪري تہ اُنهيءَ کي سلام جو جواب نہ ڏج: ۽ منهنجي لٺ ٻار جي منهن تي کڻي رکج.</verse>
				<verse number="30">پر ٻار جي ماءُ چوڻ لڳي تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجي جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏينديس. ۽ هو اُٿي انهيءَ زال جي پٺيان لڳو.</verse>
				<verse number="31">۽ جيحازي هنن جي اڳيان لنگهي ويو، ۽ وڃي ٻار جي منهن تي اُها لٺ رکيائين؛ پر نہ هن ڳالهايو ۽ نہ ٻڌو. تنهنڪري هو اُنهيءَ جي گڏجڻ لاءِ پٺتي موٽيو، ۽ اچي چيائينس تہ ٻار نٿو جاڳي.</verse>
				<verse number="32">۽ جڏهن اليشع گهر ۾ آيو تڏهن ڏس، ٻار مئو پيو هو، ۽ هنڌ تي ليٽيل هو.</verse>
				<verse number="33">تنهنڪري هو اندر وڃي اُنهن ٻنهي تي در بند ڪري خداوند کان دعا گهرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="34">پوءِ هو وڃي اُنهيءَ ٻار جي مٿان سُتو، ۽ هن جي وات تي وات رکيائين، ۽ هن جي اکين تي اکيون رکيائين، ۽ هن جي هٿن تي هٿ رکيائين: ۽ پاڻ انهيءَ جي مٿان سنئون ٿي سمهي پيو؛ ۽ ٻار جو بت گرم ٿيڻ لڳو.</verse>
				<verse number="35">تڏهن هو موٽي آيو، ۽ گهر ۾ هڪ دفعو پسار ڪري، وري اچي هن تي سنئون ٿي سُتو: تڏهن ٻار ست ڀيرا نڇون ڏنيون ۽ اکيون کوليائين.</verse>
				<verse number="36">۽ هن جيحازيءَ کي سڏي چيو تہ انهيءَ شونيميءَ کي سڏ ڪر. تنهن تي هن اُنهيءَ کي سڏ ڪيو. ۽ جڏهن هوءَ وٽس آئي، تڏهن چيائينس تہ پنهنجو پٽ کڻ.</verse>
				<verse number="37">تڏهن هوءَ اندر وڃي هن جي پيرن تي ڪِري پيئي، ۽ زمين تائين جهڪي؛ پوءِ پنهنجو پٽ کڻي ٻاهر نڪري آئي.</verse>
				<verse number="38">اليشع وري جلجال ۾ آيو: ۽ اُنهيءَ ملڪ ۾ ڏڪار هو؛ ۽ نبين جا پٽ سندس اڳيان اچي ويٺا: ۽ هن پنهنجي نوڪر کي چيو تہ وڏو ديڳڙو کڻي چاڙهہ ۽ نبين جي پٽن لاءِ ڀَت رڌي وٺ.</verse>
				<verse number="39">۽ هڪڙو ماڻهو ٻنيءَ ڏانهن ڀاڄين گڏ ڪرڻ لاءِ نڪري ويو، ۽ وڃي هڪڙي جهنگلي ول لڌائين ۽ اُنهيءَ مان جهنگلي پَن پٽي جهولي ڀري آيو، ۽ اچي اُنهن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ڀَت جي ديڳڙي ۾ وڌائين: ڇالاءِ جو هنن اُنهن کي نہ ٿي سڃاتو.</verse>
				<verse number="40">پوءِ هنن اُهو ورهائي اُنهن ماڻهن کي کائڻ لاءِ ڏنو. ۽ هيئن ٿيو تہ جيئن اُهي ڀَت کائڻ تي ويٺا، تيئن دانهن ڪري چوڻ لڳا تہ اي خدا جا مرد، هن ديڳڙي ۾ تہ موت آهي. پوءِ هو انهيءَ مان کائي نہ سگهيا.</verse>
				<verse number="41">پر هن چيو تہ تنهنڪري اٽو کڻي اچو. ۽ اُهو هن ديڳڙي ۾ اُڇلائي وڌو؛ ۽ چوڻ لڳو تہ هاڻ ورهائي ماڻهن کي ڏي تہ هو کائين. ۽ پوءِ ديڳڙي ۾ بہ ڪا خرابي ڪانہ هئي.</verse>
				<verse number="42">۽ بعل سليسہ مان هڪڙو ماڻهو اُتي آيو، ۽ اُنهيءَ خدا جي مرد لاءِ پهرئين فصل جي ماني آندي، يعني جَوَن جون ويهہ مانيون، ۽ تازا اَن جا سنگ، پنهنجي ڳوٿريءَ ۾ آندائين. ۽ هن چيو تہ اهي بہ هنن ماڻهن کي ڏي تہ کائين.</verse>
				<verse number="43">۽ هن جي نوڪر چيو تہ ڇا، هي آءٌ هڪ سؤ ماڻهن جي اڳيان رکان ڇا؟ پر هن چيو تہ ماڻهن کي ڏي تہ کائين؛ ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ هو اهو کائيندا ۽ بچائي بہ ڇڏيندا.</verse>
				<verse number="44">تڏهن هن اُهو اُنهن جي اڳيان رکيو، ۽ هنن اُهو کاڌو ۽ بچائي بہ ڇڏيائون، جيئن خداوند فرمايو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">هاڻي ارام جي بادشاهہ جو سپهہ سالار نعمان وڏو ماڻهو هو، ۽ پنهنجي ڌڻيءَ جي اڳيان عزت وارو هو، ڇالاءِ جو انهيءَ جي وسيلي خداوند ارام کي فتح ڏني هئي: هو همت وارو بهادر مرد بہ هو، مگر هو ڪوڙهيو هو.</verse>
				<verse number="2">۽ ارامي ٽوليون ڪري نڪري ويا هئا؛ ۽ اسرائيل جي ملڪ مان هڪڙي ننڍڙي ڇوڪري قيد ڪري وٺي آيا هئا؛ ۽ اُها نعمان جي زال جي خدمتگار هئي.</verse>
				<verse number="3">۽ انهيءَ پنهنجي ڌياڻيءَ کي چيو تہ جيڪو نبي سامريہ ۾ آهي تنهن وٽ جي منهنجو ڌڻي هجي تہ ڪهڙو نہ چڱو! پوءِ جيڪر هو کيس ڪوڙهہ کان ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪري.</verse>
				<verse number="4">۽ هڪڙو اندر لنگهي ويو، ۽ اُنهيءَ پنهنجي ڌڻيءَ کي چيو تہ اسرائيل جي ملڪ جي جيڪا ڇوڪري آهي سا هيئن ڪ هيئن ٿي چوي.</verse>
				<verse number="5">۽ ارام جي بادشاهہ چيو تہ هل، اچ، آءٌ پاڻ اسرائيل جي بادشاهہ ڏي خط موڪليندس. ۽ هو هليو ويو، ۽ پاڻ سان ڏهہ قنطار چانديءَ ۽ ڇهہ هزار ٽڪر سون ۽ ڏهہ وڳا ڪپڙن جا کڻي ويو.</verse>
				<verse number="6">۽ هن اُهو خط اسرائيل جي بادشاهہ وٽ آندو، جنهن ۾ لکيل هو تہ هاڻي جڏهن اهو خط تو وٽ آيو آهي تڏهن ڏس، مون پنهنجي نوڪر نعمان کي تو ڏانهن موڪليو آهي تہ تون هن کي ڪوڙهہ کان ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪرين.</verse>
				<verse number="7">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسرائيل جي بادشاهہ خط پڙهيو، تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چوڻ لڳو تہ آءٌ ڪو خدا آهيان ڇا جو ماريان ۽ جيئاريان، جو هي ماڻهو هڪڙي ڪوڙهئي کي ڇُٽائي چڱي ڀلي ڪرڻ لاءِ مون ڏانهن ٿو موڪلي؟ پر ڀلائي ڪري ويچار ڪريو ۽ ڏسو تہ ڪيئن هو مون سان جهيڙي ڪرڻ لاءِ وجهہ ٿو ڳولي.</verse>
				<verse number="8">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خدا جي مرد اليشع ٻڌو تہ اسرائيل جي بادشاهہ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا آهن، تڏهن هن بادشاهہ ڏانهن چوائي موڪليو تہ تو ڇالاءِ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا آهن؟ هاڻي ڀلي تہ هو مون وٽ اچي، پوءِ هن کي معلوم ٿيندو تہ اسرائيل ۾ ڪو نبي آهي.</verse>
				<verse number="9">پوءِ نعمان پنهنجن گهوڙن ۽ پنهنجين گاڏين سان آيو، ۽ اچي اليشع جي گهر جي در تي بيٺو.</verse>
				<verse number="10">۽ اليشع هن ڏانهن قاصد جي هٿان چوائي موڪليو تہ وڃي يردن ۾ ست ڀيرا غسل ڪر، ۽ تنهنجو ماس تو وٽ موٽي ايندو ۽ تون پاڪ ٿيندين.</verse>
				<verse number="11">پر نعمان ڪاوڙجي هليو ويو ۽ چوڻ لڳو تہ ڏس، مون دل ۾ چيو هو تہ هو ضرور مون وٽ ايندو، ۽ بيهي خداوند پنهنجي خدا جو نالو وٺي سڏيندو، ۽ انهيءَ جاءِ جي مٿان پنهنجو هٿ لوڏيندو ۽ ڪوڙهہ کي ڇُٽائيندو.</verse>
				<verse number="12">دمشق جون نديون ابانہ ۽ فرفر اسرائيل جي سڀني پاڻين کان بهتر نہ آهن ڇا؟ اُنهن ۾ آءٌ غسل ڪري پاڪ نہ ٿيان ڇا؟ انهيءَ طرح هو ڦري ڪاوڙ ۾ هليو ويو.</verse>
				<verse number="13">۽ هن جا نوڪر ويجهو آيا، ۽ هن کي چوڻ لڳا تہ اي منهنجا جا ابا، جيڪڏهن نبي توکي ڪنهن وڏي ڪم ڪرڻ لاءِ چوي ها تہ تون اُهو نہ ڪرين ها ڇا؟ تڏهن ڇو نہ تون ائين ڪرين جڏهن هو توکي چوي ٿو تہ غسل ڪري پاڪ ٿيءُ.</verse>
				<verse number="14">تڏهن هو هيٺ لهي ويو ۽ يردن ۾ ست ٽُٻيون ڏنائين، جيئن ڪ خدا جي مرد چيو هو: ۽ ننڍي ٻار جي ماس وانگر هن جو ماس موٽي هن وٽ آيو، ۽ هو پاڪ ٿيو.</verse>
				<verse number="15">پوءِ هو اُنهيءَ خدا جي مرد وٽ موٽي آيو، ۽ سندس ساري ٽولي ساڻس گڏ اچي هن جي اڳيان بيهي رهي: ۽ هن چيو تہ هاڻي ڏس، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اسرائيل جي خدا کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي، مهرباني ڪري پنهنجي ٻانهي کان هڪڙو تحفو قبول ڪر.</verse>
				<verse number="16">پر هن چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، جنهن جي اڳيان آءٌ بيٺو آهيان، تہ آءٌ ڪوبہ تحفو نہ وٺندس. ۽ هن انهيءَ جي وٺڻ لاءِ زور ڪيس؛ تڏهن بہ هن وٺڻ کان انڪار ڪيو.</verse>
				<verse number="17">۽ نعمان چيو تہ جي نٿو وٺين تہ بہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تنهنجي ٻانهي کي ٻن خچرن جي بار جيتري مٽي ملي؛ ڇالاءِ جو تنهنجو ٻانهو اڄ کان وٺي اڳتي ڪنهن بہ معبود جي اڳيان نہ سوختني قرباني چاڙهيندو نہ ٻي ڪا قرباني، پر رڳو خداوند جي اڳيان.</verse>
				<verse number="18">انهيءَ ڳالهہ ۾ شل خداوند تنهنجي ٻانهي کي معاف ڪري؛ جڏهن منهنجو ڌڻي رمون جي گهر ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ وڃي ۽ منهنجي هٿ تي ٽيڪ ڏئي، ۽ آءٌ رمون جي گهر ۾ سجدو ڏيان، جڏهن آءٌ پاڻ رمون جي گهر ۾ سجدو ڏيان تڏهن شل خداوند تنهنجي ٻانهي کي انهيءَ ڳالهہ ۾ معافي ڏئي.</verse>
				<verse number="19">۽ هن انهيءَ کي چيو تہ صحيح سلامت هليو وڃ. تڏهن هو وٽانئس ٿورو پري هليو ويو.</verse>
				<verse number="20">پر خدا جي مرد اليشع جي نوڪر جيحازيءَ چيو تہ ڏس، منهنجي ڌڻيءَ هن نعمان اراميءَ کي ائين ئي ڇڏي ڏنو، جو جيڪي هن آندو هو سو انهيءَ جي هٿان نہ ورتائين: خداوند جيئري جو قسم آهي تہ آءٌ هن جي پٺيان ڊوڙندس ۽ هن کان ڪي ڪجهہ وٺندس.</verse>
				<verse number="21">پوءِ جيحازي نعمان جي پٺيان ويو. ۽ جڏهن نعمان ڏٺو تہ ڪو ماڻهو سندس پٺيان ڊوڙندو پيو اچي، تڏهن هن سان گڏجڻ لاءِ گاڏيءَ تان لهي پيو ۽ چوڻ لڳو تہ ٻيو تہ سڀ خير آهي؟</verse>
				<verse number="22">۽ هن چيو تہ ٻيو سڀ خير آهي. منهنجي ڌڻيءَ مون کي موڪليو آهي ۽ چوايو اٿس تہ ڏس، بلڪل هينئر، افرائيم جي ڪوهستان مان مون وٽ نبين جي پٽن مان ٻہ جوان ماڻهو آيا آهن؛ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اُنهن کي هڪڙو چانديءَ جو قنطار ۽ ٻہ وڳا ڪپڙن جا ڏي.</verse>
				<verse number="23">تڏهن نعمان چيو تہ تون راضي ٿيءُ، ٻہ قنطار وٺ. ۽ زور ڪيائينس، ۽ ٻہ قنطار چانديءَ جا، ۽ ٻہ وڳا ڪپڙن جا ٻن ڳوٿرين ۾ ٻڌائين، ۽ اُهي پنهنجي ٻن نوڪرن جي مٿان رکيائين، جي هن جي اڳيان کڻي اُٿي هليا.</verse>
				<verse number="24">۽ جڏهن هو ٽڪريءَ وٽ آيو، تڏهن هن اُهي هنن جي هٿان ورتا ۽ گهر ۾ رکي ڇڏيائين: پوءِ هن اُنهن کي موڪل ڏني ۽ هو هليا ويا.</verse>
				<verse number="25">پر هو اندر وڃي پنهنجي ڌڻيءَ جي اڳيان بيٺو، ۽ اليشع هن کي چيو تہ اي جيحازي، تون ڪٿان ٿو اچين؟ ۽ هن چيو تہ تنهنجو ٻانهو ڪيڏانهن بہ ڪين ويو هو.</verse>
				<verse number="26">۽ هن چيس تہ منهنجي دل انهيءَ وقت توسان نہ هئي ڇا، جنهن وقت اُهو ماڻهو توسان گڏجڻ لاءِ پنهنجيءَ گاڏيءَ تان لهي تو وٽ موٽي آيو؟ هي ڪو پئسن وٺڻ، ۽ ڪپڙن وٺڻ، ۽ زيتون ۽ ڊاک جي باغن، ۽ رڍن، ۽ ڏاندن، ۽ ٻانهن، ۽ ٻانهين جي وٺڻ جو وقت آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="27">تنهنڪري نعمان جو ڪوڙهہ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ چُهٽندو؛ ۽ هو هن وٽان ڪوڙهيو ٿي نڪتو، اهڙو اڇو جهڙي برف.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">۽ نبين جي پٽن اليشع کي چيو تہ هاڻي ڏس جنهن جاءِ تي اسين تنهنجي اڳيان رهون ٿا، سا اسان جي لاءِ تمام سوڙهي آهي.</verse>
				<verse number="2">اسين منٿ ٿا ڪريون، تہ اسان کي ڇڏ تہ اسين يردن ڏي وڃون ۽ اُتان هرڪو هڪڙي ڪام کڻي، ۽ پوءِ اُتي اسين پنهنجي رهڻ لاءِ هڪڙي جاءِ جوڙيون. تڏهن هن ورندي ڏيئي چيو تہ ڀلي وڃو.</verse>
				<verse number="3">۽ هڪڙي چيو تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ راضي ٿي پنهنجن ٻانهن سان هل. تڏهن هن ورندي ڏيئي چيو تہ آءٌ هلان ٿو.</verse>
				<verse number="4">پوءِ هو اُنهن سان گڏجي هليو. ۽ جڏهن هو يردن وٽ آيا، تڏهن ڪاٺ وڍڻ لڳا.</verse>
				<verse number="5">پر اڃا هڪڙي ڪاٺ پئي وڍيو تہ هن جي ڪهاڙيءَ جو ڦر پاڻيءَ ۾ ڪِري پيو: ۽ هن رڙ ڪري چيو تہ افسوس، اي منهنجا ڌڻي: هي اُڌارو آندل هو.</verse>
				<verse number="6">۽ خدا جي مرد چيو تہ اهو ڪٿي ڪِريو؟ ۽ هن اُها جاءِ ڏيکاريس. تڏهن هن هڪڙي ڪاٺي وڍي انهيءَ هنڌ اُڇلائي تہ لوهہ نڪري ترڻ لڳو.</verse>
				<verse number="7">۽ هن چيو تہ اهو پنهنجو کڻ. ۽ هن هٿ ڊگهو ڪري اُهو کڻي ورتو.</verse>
				<verse number="8">هاڻي ارام جي بادشاهہ اسرائيل سان جنگ ڪئي؛ اُنهيءَ پنهنجن نوڪرن سان صلاح مصلحت ڪئي، ۽ چيائين تہ هِن ڪ هُن هنڌ منهنجي منزل ٿيڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="9">۽ خدا جي مرد اسرائيل جي بادشاهہ کي چوائي موڪليو تہ خبردار ٿج، متان فلاڻي هنڌ کان لنگهين؛ ڇالاءِ جو ارامي اُتي ڪاهي ٿا اچن.</verse>
				<verse number="10">۽ اسرائيل جي بادشاهہ، جنهن جاءِ بابت خدا جي مرد چيو هوس، ۽ خبردار ڪيو هئائينس، اوڏانهن ماڻهو موڪليا ۽ اُتي اُنهيءَ پاڻ کي نہ هڪڙو ڀيرو، پر گهڻيئي ڀيرا بچايو.</verse>
				<verse number="11">انهيءَ ڳالهہ ڪري ارام جو بادشاهہ ڏاڍيءَ ڳڻتيءَ ۾ پيو؛ ۽ هن پنهنجن نوڪرن کي سڏي چيو تہ اوهين مون کي ڪين ٻڌائيندا ڇا تہ اسان مان ڪهڙو اسرائيل جي بادشاهہ جي طرف آهي؟</verse>
				<verse number="12">۽ سندس نوڪرن مان هڪڙي چيو تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ ائين نہ آهي: بلڪ اليشع نبي، جو اسرائيل ۾ آهي، سو اسرائيل جي بادشاهہ کي اُهي ڳالهيون ٻڌائي ٿو جي تون پنهنجي سمهڻ واريءَ ڪوٺيءَ ۾ ٿو ڪرين.</verse>
				<verse number="13">تڏهن هن چيو تہ وڃي ڏسو تہ هو ڪٿي آهي تہ آءٌ هن کي گهُرائي وٺان. ۽ هنن ٻڌايس تہ ڏس، هو دوتين ۾ آهي.</verse>
				<verse number="14">تنهنڪري هن اُتي گهوڙا، ۽ رٿ، ۽ هڪڙو وڏو لشڪر ڏياري موڪليو: ۽ انهن رات جو اچي شهر کي گهيرو ڪيو.</verse>
				<verse number="15">۽ جڏهن اُنهيءَ خدا جي مرد جو نوڪر سوير اُٿي ٻاهر نڪتو، تڏهن ڏسي تہ هڪڙو لشڪر گهوڙن ۽ رٿن سميت شهر کي وڪوڙيو بيٺو آهي. ۽ هن جي نوڪر کيس چيو تہ اي منهنجا ڌڻي، هاءِ، هاڻي اسين ڪيئن ڪنداسين؟</verse>
				<verse number="16">۽ هن ورندي ڏني تہ ڊپ نہ ڪر: ڇالاءِ جو جيڪي اسان سان آهن سي اُنهن کان وڌيڪ آهن، جي هنن سان آهن.</verse>
				<verse number="17">۽ اليشع دعا گهُري ۽ چيو تہ اي خداوند، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ تون هن جون اکيون کول تہ هو ڏسي. ۽ خداوند انهيءَ جوان ماڻهوءَ جون اکيون کوليون ۽ هن ڏٺو: ۽ ڏس، اُهو جبل اليشع جي چوڌاري گهوڙن ۽ باهہ جي رٿن سان ڀريل هو.</verse>
				<verse number="18">۽ جڏهن اُهي لهي وٽس آيا، تڏهن اليشع خداوند کي سوال ڪري چيو تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ هنن ماڻهن کي انڌو ڪري ڇڏ. ۽ هن اليشع جي چوڻ موجب اُنهن کي انڌو ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="19">۽ اليشع اُنهن کي چيو تہ هي اُهو رستو نہ آهي، نڪي هي اُهو شهر آهي: منهنجي پٺيان اچو تہ آءٌ اوهان کي اُنهيءَ ماڻهو وٽ وٺي هلان جنهن کي اوهين ڳوليو ٿا. پوءِ هو اُنهن کي سامريہ ڏي وٺي ويو.</verse>
				<verse number="20">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو سامريہ ۾ آيا تڏهن اليشع چيو تہ اي خداوند، هنن ماڻهن جون اکيون پٽ تہ هي ڏسن. ۽ خداوند اُنهن جون اکيون پٽيون ۽ اُنهن ڏٺو، ۽ ڏس، هو سامريہ جي وچ ۾ هئا.</verse>
				<verse number="21">۽ اسرائيل جي بادشاهہ اُنهن کي ڏسي اليشع کي چيو تہ اي منهنجا ابا، هنن کي ماري وٺان؟ هنن کي ماري وٺان؟</verse>
				<verse number="22">۽ هن ورندي ڏني تہ تون هنن کي نہ ماريندين: تون جيڪر انهن کي مارين ڪيئن جن کي تو پنهنجي ترار سان ۽ پنهنجي ڪمان سان قيد ڪيو آهي؟ هنن جي اڳيان ماني ۽ پاڻي رک تہ کائين ۽ پيئن، ۽ پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ وٽ وڃن.</verse>
				<verse number="23">۽ هن اُنهن جي لاءِ گهڻو کاڌو تيار ڪرايو: ۽ جڏهن هنن کائي پي ڍءُ ڪيو، تڏهن اُنهن کي موڪل ڏنائين، ۽ هو پنهنجي ڌڻيءَ ڏانهن هليا ويا. ۽ ارام جون ٽوليون وري ڪڏهن بہ اسرائيل جي ملڪ ۾ نہ آيون.</verse>
				<verse number="24">۽ انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ ارام جي بادشاهہ بن هدد پنهنجو سارو لشڪر گڏ ڪيو ۽ چڙهي وڃي سامريہ تي گهيرو ڪيائين.</verse>
				<verse number="25">۽ سامريہ ۾ ڏاڍو ڏڪار اچي پيو: ۽ ڏس، هنن شهر کي ايستائين گهيرو ڪيو جيستائين ڪ هڪڙي گڏهہ جي سسي چانديءَ جي اسي شيڪلن تي وڪامڻ لڳي، ۽ ڪبوترن جون وٺيون، هڪڙي ماڻ جي چوٿينءَ پتيءَ جيتريون، چانديءَ جي پنجن شيڪلن تي وڪاڻيون.</verse>
				<verse number="26">۽ جڏهن اسرائيل جو بادشاهہ ڀت تان لنگهيو ٿي ويو تڏهن هڪڙيءَ زال هن کي سڏي چيو تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، واهر ڪر.</verse>
				<verse number="27">۽ هن چيو تہ جيڪڏهن خداوند تنهنجي واهر نہ ڪندو تہ آءٌ توکي ڪٿان واهر ڪري سگهندس؟ ڇا اَن ڳاهڻ واري پڙ مان يا انگور جي چيچڙي مان ڪندس؟</verse>
				<verse number="28">۽ بادشاهہ اُنهيءَ زال کي چيو تہ توکي ڪهڙو اهنج آهي؟ تڏهن هن ورندي ڏني تہ هن زال مون چيو تہ تون مون کي پنهنجو پٽ ڏي تہ اسين اڄ اُنهيءَ کي کائون، ۽ منهنجو پٽ، سو وري اسين سڀاڻي کائينديونسين.</verse>
				<verse number="29">انهيءَ طرح منهنجو پٽ اسان رڌي کاڌو: ۽ ٻئي ڏينهن مون هن کي چيو تہ هاڻي پنهنجو پٽ ڏي تہ اُهو کائون: پر هن پنهنجو پٽ لڪائي ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="30">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ اُنهيءَ زال جون اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن هو پنهنجا ڪپڙا ڦاڙڻ لڳو؛ (هاڻي هو ڀت جي مٿان لنگهيو ٿي ويو) ۽ ماڻهن نهاري ڏٺو تہ هن کي اندران بت تي کٿو پيل هو.</verse>
				<verse number="31">تڏهن هن چيو تہ جيڪڏهن اڄوڪي ڏينهن اليشع بن سافط جي سسي سندس ڌڙ تي بيٺي تہ خدا شل مون سان ائين ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.</verse>
				<verse number="32">پر اليشع پنهنجي گهر ويٺو هو ۽ ساڻس گڏ بزرگ ويٺا هئا؛ ۽ بادشاهہ هڪڙو ماڻهو پنهنجي اڳيان موڪليو: پر انهيءَ کان پهرين قاصد وٽس آيو، هن انهن بزرگن کي چيو تہ ڏسو، ڪيئن نہ هن خونيءَ جي پٽ منهنجي سسي لاهڻ لاءِ ماڻهو موڪليو آهي؟ ڏسو جڏهن اهو قاصد اچي تڏهن در پوري ڇڏجو، ۽ در تان ڌڪي ڪڍجوس: هن جي ڌڻيءَ جي پيرن جو دٻڪو هن جي پٺيان نٿو اچي ڇا؟</verse>
				<verse number="33">۽ اڃا هن اُنهن سان پئي ڳالهايو تہ اُهو قاصد وٽس آيو: ۽ اچي چيائينس تہ ڏس، هيءَ خرابي خداوند جي طرفان آيل آهي: ڇالاءِ آءٌ هن کان وڌيڪ خداوند جو منتظر رهان؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">۽ اليشع چيو تہ اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو: خداوند هيئن ٿو فرمائي: تہ سڀاڻي هن وقت ڌاري سامريہ جي در تي ميدي جو هڪڙو ماڻ هڪڙي شيڪل تي وڪامندو، ۽ جَوَن جا ٻہ ماڻ هڪڙي شيڪل تي.</verse>
				<verse number="2">تڏهن جنهن سردار جي هٿ تي بادشاهہ ٽيڪ ڏيو بيٺو هو، تنهن ورندي ڏيئي اُنهيءَ خدا جي مرد کي چيو تہ ڏس، جيڪڏهن خداوند آسمان ۾ دريون جوڙيندو تہ بہ اها ڳالهہ ٿي سگهندي ڇا؟ ۽ هن چيو تہ ڏس، تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين، مگر اُنهيءَ مان کائيندين ڪين.</verse>
				<verse number="3">هاڻي دروازي جي لنگهہ واري هنڌ چار ڪوڙهيا ماڻهو هئا: ۽ اُنهن هڪ ٻئي کي چيو تہ هتي اسين هيستائين ڇو ويٺا هجون جيستائين مري وڃون؟</verse>
				<verse number="4">جيڪڏهن اسين چونداسين تہ شهر ۾ ٿا گهڙون، تہ ڏڪار اڳيئي شهر ۾ آهي، ۽ اسين اُتي مري وينداسين: ۽ جي هتي ماٺ ڪيو ويٺا هونداسين، تہ بہ مري وينداسين. تنهنڪري هاڻي هلو تہ هلي ارامين جي لشڪر جي وچ ۾ پئون: جي هنن اسان کي جيئرو بچايو تہ جيئرا رهنداسين؛ ۽ جي اسان کي ماريائون تہ بہ نيٺ مرنداسين.</verse>
				<verse number="5">پوءِ هو نما شام جي مهل ارامين جي لشڪرگاهہ ڏانهن وڃڻ لاءِ اُٿيا: ۽ جڏهن اُهي ارامين جي لشڪرگاهہ جي ٻاهرين پاسي تائين آيا، تڏهن ڏسن تہ ڪوبہ ماڻهو اُتي ڪونهي.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو خداوند جي قدرت سان ارامين جي لشڪر رٿن جو آواز، ۽ گهوڙن جو آواز، مطلب تہ هڪڙي وڏي لشڪر جو آواز ٻڌو هو: ۽ هنن هڪ ٻئي کي چيو تہ ڏسو، اسرائيل جي بادشاهہ حتين جي بادشاهن، ۽ مصرين جي بادشاهن کي ڀاڙي ڪيو آهي، تہ اسان سان وڙهن.</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري هو اُٿيا، ۽ نما شام جو ئي پنهنجا تنبو، ۽ پنهنجا گهوڙا، ۽ پنهنجا گڏهہ، مطلب تہ لشڪرگاهہ جيئن هو تيئن ڇڏي ساهہ بچائي اُٿي ڀڳا.</verse>
				<verse number="8">۽ جڏهن اهي ڪوڙهيا لشڪرگاهہ جي ٻاهرئين حصي وٽ آيا، تڏهن هڪڙي تنبوءَ ۾ گهڙي ويا ۽ اُتي وڃي کاڌائون پيتائون، ۽ اُتان چاندي، ۽ سون، ۽ ڪپڙا کڻي وڃي لڪايائون؛ پوءِ وري آيا ۽ ٻئي تنبوءَ ۾ گهڙيا، ۽ اُتان بہ اهي شيون کڻي وڃي لڪايائون.</verse>
				<verse number="9">پوءِ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ اسين چڱو ڪم نٿا ڪريون: اڄ خوشخبريءَ جو ڏينهن آهي، ۽ اسين ماٺ ڪري ويٺا آهيون: جيڪڏهن صبح جي سوجهري تائين ترسنداسين تہ اسان کي سزا ملندي: تنهنڪري هاڻي اچو تہ هلي بادشاهہ جي گهر وارن کي ٻڌايون.</verse>
				<verse number="10">تڏهن هنن اچي شهر جي دربان کي سڏ ڪيو: ۽ چيائونس تہ اسين ارامين جي لشڪرگاهہ ۾ وياسين، ۽ ڏس، اُتي ڪوبہ ماڻهو ڪونہ هو، نہ ڪو ڪنهن ماڻهوءَ جو آواز هو، پر گهوڙا ۽ گڏهہ ٻڌا بيٺا هئا، ۽ تنبو بہ جيئن هئا تيئن بيٺا هئا.</verse>
				<verse number="11">۽ هن دربانن کي سڏيو؛ ۽ اُنهن اندر بادشاهہ جي گهر وارن کي ٻڌايو.</verse>
				<verse number="12">۽ بادشاهہ رات جو اُٿيو، ۽ پنهنجي نوڪرن کي چيائين تہ هاڻي آءٌ اوهان کي ڏيکاريندس تہ ارامين اسان سان ڇا ڪيو آهي. هنن کي خبر آهي تہ اسين بکايل آهيون؛ تنهنڪري هو لشڪرگاهہ مان نڪري پاڻ کي جهنگ ۾ لڪائڻ ويا آهن، ۽ دل ۾ چيو اٿن تہ جڏهن هي شهر مان نڪرندا، تڏهن اسين هنن کي جيئرو پڪڙينداسين، ۽ شهر ۾ گهڙنداسين.</verse>
				<verse number="13">۽ هن جي نوڪرن مان هڪڙي ورندي ڏيئي چيو تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ شهر ۾ رهيل گهوڙن مان ڪي ماڻهو پنج گهوڙا کڻن (ڏس، اهي انهيءَ ساري اسرائيل جي جماعت وانگر آهن جي اُنهيءَ ۾ رهجي ويا آهن؛ ڏس، اهي اُنهيءَ ساري اسرائيل جي جماعت وانگر آهن جي مري کپي ويا آهن:) ۽ انهن کي اسين موڪلي ڏيون ۽ سماءُ لهون.</verse>
				<verse number="14">تنهنڪري هنن رٿ گهوڙن سميت کنيا؛ ۽ اُهي بادشاهہ ارامين جي لشڪر جي پٺيان ڏياري موڪليا، ۽ انهن کي چيائين تہ وڃي سماءُ لهو.</verse>
				<verse number="15">۽ هو اُنهن جي پٺيان يردن تائين ويا: ۽ ڏس، سارو رستو ڪپڙن ۽ ٿانوَن سان ڀريو پيو هو جي ارامين تڪڙ ۾ اُڇلائي ڇڏيا هئا. ۽ قاصدن موٽي اچي بادشاهہ کي ٻڌايو.</verse>
				<verse number="16">۽ ماڻهو نڪري ويا ۽ ارامين جي لشڪرگاهہ کي لٽيائون. انهيءَ طرح ميدي جو هڪڙو ماڻ هڪڙي شيڪل تي وڪاڻو، ۽ جَوَن جا ٻہ ماڻ هڪڙي شيڪل تي وڪاڻا، جيئن ڪ خداوند فرمايو هو.</verse>
				<verse number="17">۽ بادشاهہ انهيءَ سردار کي دروازي جي نگهبانيءَ لاءِ مقرر ڪيو، جنهن جي هٿ تي ٽيڪ ڏيندو هو: ۽ ماڻهو در تي هن جي مٿان لتاڙي لنگهي ويا، ۽ هو مري ويو، جيئن ڪ انهيءَ خدا جي مرد فرمايو هو، جڏهن بادشاهہ وٽس آيو هو.</verse>
				<verse number="18">۽ ائين ئي ٿيو جيئن انهيءَ خدا جي مرد فرمايو هو، جو چيو هئائين تہ سڀاڻي سامريہ جي دروازي تي هن وقت ڌاري جَوَن جا ٻہ ماڻ هڪڙي شيڪل تي وڪامندا، ۽ ميدي جو هڪڙو ماڻ هڪ شيڪل تي وڪامندو؛</verse>
				<verse number="19">۽ سردار انهيءَ خدا جي مرد کي ورندي ڏيئي چيو هو تہ هاڻي ڏس، جيڪڏهن خداوند آسمان ۾ دريون جوڙيندو تہ بہ اها ڳالهہ ٿي سگهندي ڇا؟ ۽ هن چيو هوس تہ ڏس، تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين مگر انهيءَ مان کائيندين ڪين:</verse>
				<verse number="20">انهيءَ سان ٿيو بہ ائين ئي؛ ڇالاءِ جو ماڻهو هن جي مٿان لتاڙي لنگهي ويا، ۽ هو مري ويو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">هاڻي اليشع جنهن زال جي پٽ کي وري جيئرو ڪيو هو، تنهن کي چيائين تہ اُٿ، تون پنهنجي گهراڻي سميت وڃ ۽ جتي رهي سگهين اُتي وڃي رهہ: ڇالاءِ جو خداوند ڏڪار کي سڏيو آهي؛ ۽ اُهو هن زمين تي ست ورهيہ رهندو.</verse>
				<verse number="2">۽ اُها زال اُٿي ۽ جيئن خدا جي مرد چيو هوس تيئن ڪيائين: ۽ هوءَ پنهنجي گهراڻي سان گڏ اُٿي هلي ۽ فلستين جي ملڪ ۾ ستن ورهين تائين وڃي رهي.</verse>
				<verse number="3">۽ ستن ورهين کان پوءِ هيئن ٿيو تہ اُها زال فلستين جي ملڪ مان موٽي آئي: ۽ هوءَ پنهنجي گهر ۽ پنهنجي زمين لاءِ بادشاهہ وٽ فرياد ڪرڻ ويئي.</verse>
				<verse number="4">هاڻي بادشاهہ خدا جي مرد جي نوڪر جيحازيءَ سان پئي ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جيڪي وڏا ڪم اليشع ڪيا آهن سي مون کي ٻڌاءِ.</verse>
				<verse number="5">۽ هيئن ٿيو تہ جيئن هن بادشاهہ کي پئي ٻڌايو تہ ڪهڙيءَ طرح هن مردي کي وري جيئرو ڪيو هو، تيئن ڏس، اُها زال جنهن جو پٽ هن وري جيئرو ڪيو هو، سا بادشاهہ وٽ پنهنجي گهر ۽ پنهنجيءَ زمين لاءِ دانهن ڪرڻ لاءِ آئي. ۽ جيحازيءَ چيو تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، اِجها اُها زال، ۽ اِجهو سندس پٽ، جنهن کي اليشع جيئرو ڪيو هو.</verse>
				<verse number="6">۽ جڏهن بادشاهہ هن کان اُها ڳالهہ پڇي تڏهن هن اُها بيان ڪري ٻڌائي. تڏهن بادشاهہ هن کي هڪڙو عملدار مقرر ڪري ڏنو، ۽ اُنهيءَ کي چيائين تہ جيڪا بہ هن زال جي ملڪيت آهي، ۽ هن جي ٻنيءَ جي جيڪا اُپت آهي، سا سڀ، جنهن ڏينهن هيءَ ملڪ ڇڏي ويئي، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين، هن کي موٽائي وٺي ڏي.</verse>
				<verse number="7">پوءِ اليشع دمشق ۾ آيو؛ ۽ ارام جو بادشاهہ بن هدد بيمار هو؛ انهيءَ کي وڃي ٻڌايائون تہ خدا جو مرد اتي آيو آهي.</verse>
				<verse number="8">۽ بادشاهہ حزائيل کي چيو تہ تحفو پنهنجن هٿن ۾ کڻي وڃ، ۽ وڃي انهيءَ خدا جي مرد جو استقبال ڪر، ۽ سندس معرفت خداوند کان پڇا ڪر تہ آءٌ هن بيماريءَ مان ڇُٽندس يا نہ؟</verse>
				<verse number="9">تڏهن حزائيل هن جي استقبال لاءِ نڪري ويو، ۽ پاڻ سان دمشق جون سڀ عمديون شيون، چاليهن اُٺن جي بار جيتريون، تحفو ڪري کڻائي ويو، ۽ وڃي هن جي اڳيان بيٺو، ۽ چوڻ لڳو تہ تنهنجي پٽ ارام جي بادشاهہ بن هدد مون کي تو ڏانهن موڪليو آهي، ۽ پڇيو اٿس تہ آءٌ هن بيماريءَ کان ڇُٽندس يا نہ؟</verse>
				<verse number="10">۽ اليشع هن کي چيو تہ وڃي چئينس تہ تون ضرور ڇُٽندين؛ انهيءَ هوندي بہ خداوند مون کي ڄاڻايو آهي تہ هو ضرور مرندو.</verse>
				<verse number="11">۽ هو پنهنجون اکيون هن تي کپائي بيهي رهيو، جيسين ڪ هو شرمندو ٿيو: ۽ خدا جي مرد روئي ڏنو.</verse>
				<verse number="12">تڏهن حزائيل چيو تہ منهنجو ڌڻي ڇو ٿو روئي؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ مون کي انهيءَ خرابيءَ جي خبر آهي جا تون بني اسرائيل کي پهچائيندين: هنن جا مضبوط ڪوٽ تون باهہ ڏيئي ساڙيندين، ۽ هنن جا جوان ماڻهو تون ترار سان قتل ڪندين، ۽ هنن جا ننڍڙا ٻار اُڇلائي پرزا پرزا ڪندين، ۽ هنن جي پيٽ وارين زالن جا پيٽ ڦاڙيندين.</verse>
				<verse number="13">۽ حزائيل چيو تہ تنهنجو نوڪر، جو رڳو هڪڙو ڪتو آهي، سو ڪير آهي جو اهڙو وڏو ڪم ڪري سگهندو؟ ۽ اليشع ورندي ڏني تہ خداوند مون کي ڄاڻايو آهي تہ تون ارام جو بادشاهہ ٿيندين.</verse>
				<verse number="14">تڏهن هو اليشع وٽان هليو ويو، ۽ پنهنجي ڌڻيءَ وٽ آيو؛ جنهن پڇيس تہ اليشع توکي ڇا چيو؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ هن مون کي چيو تہ تون ضرور ڇُٽي چڱو ڀلو ٿيندين.</verse>
				<verse number="15">۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ هن سوَڙ کڻي پاڻيءَ ۾ ڀِڄائي، ۽ اُها هن جي منهن تي پکيڙي وڌي، جنهن ڪري هو مري ويو: ۽ حزائيل هن جي جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="16">۽ يورام بن اخي آب، اسرائيل جي بادشاهہ جي پنجين ورهيہ ۾، جڏهن يهوسفط يهوداہ جو بادشاهہ هو، يهورام بن يهوسفط، يهوداہ جو بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="17">جڏهن هن جي بادشاهي شروع ٿي تڏهن هو ٻٽيهن ورهين جو هو؛ ۽ هن اٺ ورهيہ يروشلم ۾ بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="18">۽ هو اسرائيل جي بادشاهن جي رستي تي هليو، جيئن ڪ اخي آب جو گهراڻو هليو هو: ڇالاءِ جو اخي آب جي ڌيءَ هن جي زال هئي: ۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.</verse>
				<verse number="19">انهيءَ هوندي بہ خداوند يهوداہ کي چٽ نہ ڪيو، ڇالاءِ جو هن پنهنجي ٻانهي دائود سان انجام ڪيو هو تہ توکي هميشہ تنهنجي اولاد لاءِ هڪڙو ڏيئو پيو ڏيندس.</verse>
				<verse number="20">هن جي ڏينهن ۾ ادوم يهوداہ جي هيٺان باغي ٿي نڪتو، ۽ پنهنجي مٿان هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪيائين.</verse>
				<verse number="21">تڏهن يهورام، لنگهي صعير ڏانهن ويو، ۽ سندس سڀ رٿ ساڻس هئا: ۽ هو رات جو اُٿيو ۽ جن ادومين هن کي گهيرو ڪيو هو، تن کي ۽ رٿن جي سردارن کي شڪست ڏنائين: ۽ ماڻهو پنهنجن تنبن ڏانهن اُٿي ڀڳا.</verse>
				<verse number="22">انهيءَ طرح ادوم اڄ ڏينهن تائين يهوداہ جي هٿ هيٺان باغي ٿي نڪتل رهيو آهي. تنهن کان پوءِ لبناہ بہ انهيءَ وقت باغي ٿيو.</verse>
				<verse number="23">۽ يورام جا باقي ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو، سو يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="24">۽ يورام پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دائود جي شهر ۾ دفن ٿيو: ۽ سندس پٽ اخزياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="25">اسرائيل جي بادشاهہ يورام بن اخي آب جي ٻارهين ورهيہ ۾، اخزياہ بن يهورام يهوداہ جو بادشاهہ ٿي بادشاهي ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="26">جڏهن هو بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن ٻاويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن هڪڙو سال يروشلم ۾ بادشاهي ڪئي. ۽ هن جي ماءُ جو نالو عتلياہ هو، جا اسرائيل جي بادشاهہ عمريءَ جي ڌيءَ هئي.</verse>
				<verse number="27">۽ هو اخي آب جي گهراڻي جي رستي تي هليو، ۽ اُهي ڪم ڪيائين جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا؛ جيئن ڪ اخي آب جي گهراڻي جا هئا؛ ڇالاءِ جو هو اخي آب جي گهراڻي جو ناٺي هو.</verse>
				<verse number="28">۽ يورام بن اخي آب سان گڏجي ارام جي بادشاهہ حزائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ رامات جلعاد ڏانهن ويو: ۽ ارامين يورام کي زخمي ڪري وڌو.</verse>
				<verse number="29">۽ بادشاهہ يورام کي جيڪي زخم رامہ ۾ ارامين جي هٿان رسيا هئا، جڏهن هن حزائيل ارامين جي بادشاهہ سان جنگ ڪئي هئي، تن جي ڇُٽائڻ لاءِ هو موٽي يزرعيل ۾ آيو. ۽ يهوداہ جو بادشاهہ اخزياہ بن يهورام، يورام بن اخي آب کي يزرعيل ۾ ڏسڻ ويو، جو هو بيمار هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">۽ اليشع نبيءَ، نبين جي پٽن مان هڪڙي کي سڏي چيو تہ پنهنجي ڪمر ٻڌ ۽ هيءَ تيل جي ڪُپي پنهنجن هٿن ۾ کڻي رامات جلعاد ڏانهن وڃ.</verse>
				<verse number="2">۽ جڏهن تون اُتي پهچين، تڏهن ياهو بن يهوسفط بن نمشيءَ کي ڳولي هٿ ڪج، ۽ اندر وڃي انهيءَ کي پنهنجن ڀائرن مان اُٿاري اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ وٺي وڃج.</verse>
				<verse number="3">پوءِ اها ڪُپي ڪڍي هن جي مٿي تي تيل اوتي چئجانءِ، تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون توکي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪيو آهي. پوءِ در پٽي اُٿي ڀڄج ۽ متان ترسين.</verse>
				<verse number="4">تڏهن اُهو جوان ماڻهو، يعني اُهو نبي رامات جلعاد ۾ ويو.</verse>
				<verse number="5">۽ جڏهن هو اُتي پهتو تڏهن ڏس، لشڪر جا سردار اُتي ويٺا هئا؛ ۽ هن چيو تہ اي سردار، مون کي تنهنجي لاءِ هڪڙو پيغام مليل آهي. ۽ ياهوءَ چيو تہ اسان سڀني مان ڪهڙي جي لاءِ؟ هن چيو تہ اي سردار، تنهنجي لاءِ.</verse>
				<verse number="6">۽ هو اُٿيو ۽ اندر گهر ۾ گهڙي ويو؛ تڏهن هن اهو تيل هاري هن جي مٿي تي وڌو، ۽ چيائينس تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ مون توکي خداوند جي قوم جي مٿان، يعني اسرائيل جي مٿان مسح ڪري بادشاهہ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="7">۽ تون پنهنجي ڌڻي اخي آب جي گهراڻي کي ماريندين، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ پنهنجن ٻانهن نبين جي خون جو، ۽ خداوند جي سڀني ٻانهن جي خون جو، ايزبل جي هٿان وير وٺان.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو اخي آب جو سارو گهراڻو ناس ٿيندو: ۽ آءٌ اخي آب کان سڀ ڪو ڇوڪر وڍي ڇڏيندس، ۽ انهيءَ کي بہ جو غلام آهي، ۽ جو اسرائيل ۾ آزاد ڇڏيل آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ آءٌ اخي آب جي گهراڻي کي يربعام بن نباط جي گهراڻي، ۽ بعشا بن اخياہ جي گهراڻي جهڙو ڪندس.</verse>
				<verse number="10">۽ ايزبل کي يزرعيل جي ڀاڱي ۾ ڪتا کائيندا، ۽ هن کي دفن ڪرڻ جي لاءِ ڪوبہ ماڻهو ڪونہ هوندو. پوءِ هو در پٽي اُٿي ڀڳو.</verse>
				<verse number="11">تڏهن ياهو پنهنجي ڌڻيءَ جي نوڪرن وٽ موٽي آيو: ۽ هڪڙي چيس تہ ٻيو تہ خير آهي؟ اهو ديوانو ماڻهو ڇو تو وٽ آيو هو؟ ۽ هن اُنهن کي چيو تہ اوهان کي انهيءَ ماڻهوءَ جي، ۽ جيڪي هن چيو، تنهن جي خبر آهي.</verse>
				<verse number="12">۽ هنن چيو تہ اهو ڪوڙ آهي؛ هاڻ اسان کي ٻڌاءِ. تڏهن هن چيو تہ انهيءَ ماڻهوءَ مون کي هيئن ۽ هيئن چيو، ۽ چيائين تہ خداوند فرمايو آهي تہ مون توکي مسح ڪري اسرائيل جو بادشاهہ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="13">تڏهن اُنهن مان هرهڪ ماڻهوءَ تڪڙو ٿي پنهنجو پنهنجو ڪپڙو کڻي سندس هيٺان ڏاڪڻ تي وڇايو، ۽ قرناءِ وڄائي چوڻ لڳا تہ ياهو بادشاهہ آهي.</verse>
				<verse number="14">پوءِ ياهو بن يهوسفط بن نمسي، يورام جي برخلاف منصوبو ڪيو. (هاڻي يورام سڄي اسرائيل سان گڏجي ارام جي بادشاهہ حزائيل جي سببان رامات جلعاد جي حفاظت پئي ڪئي:</verse>
				<verse number="15">پر بادشاهہ يورام موٽي يزرعيل ۾ ويو هو تہ جيڪي زخم هن کي ارام جي بادشاهہ حزائيل سان وڙهندي ارامين جي هٿان رسيا هئا، تن جو علاج ڪري؛) ۽ ياهوءَ چيو تہ جيڪڏهن اوهان جي دل جي مراد اها آهي تہ تڏهن ڪوبہ هن شهر مان ڀڄي نڪري نہ وڃي، جو وڃي يزرعيل ۾ اها خبر رسائي.</verse>
				<verse number="16">سو ياهو هڪڙي رٿ ۾ چڙهي يزرعيل ڏانهن ويو؛ ڇالاءِ جو يورام اُتي هو. ۽ يهوداہ جو بادشاهہ اخزياہ يورام کي ڏسڻ آيو هو.</verse>
				<verse number="17">هاڻي يزرعيل ۾ پهري وارو ٺلهہ تي بيٺو هو، ۽ انهيءَ ياهوءَ جي ٽوليءَ کي ايندو ڏٺو، ۽ چوڻ لڳو تہ آءٌ هڪڙي ٽولي ٿو ڏسان. ۽ يورام چيو تہ هڪڙو گهوڙي سوار وٺي انهيءَ کي اڳي روانو ڪر تہ وڃي هنن کي گڏجي، ۽ پڇي تہ خير سلامتي آهي؟</verse>
				<verse number="18">اُن موجب هڪڙو ماڻهو گهوڙي تي چڙهي هن کي گڏجڻ ويو، ۽ چيائين تہ بادشاهہ ٿو پڇي تہ خير سلامتي آهي؟ تڏهن ياهوءَ چيو تہ توکي خير سلامتيءَ سان ڪهڙو ڪم آهي؟ تون ڦري منهنجي پٺيان هل. ۽ پهري واري وڃي چيو تہ قاصد هنن وٽ آيو، پر وري نٿو موٽي.</verse>
				<verse number="19">تڏهن هن وري ٻيو ماڻهو گهوڙي تي چاڙهي موڪليو جو هنن وٽ ويو ۽ چيائين تہ بادشاهہ ٿو پڇي تہ خير سلامتي آهي؟ تڏهن ياهوءَ ورندي ڏني تہ توکي خير سلامتيءَ سان ڪهڙو ڪم آهي؟ تون ڦري منهنجي پٺيان هل.</verse>
				<verse number="20">۽ پهري واري اچي چيو تہ هو بہ هنن وٽ آيو، پر وري نٿو موٽي: ۽ اها سواري ياهو بن نمسيءَ جي سواريءَ جهڙي آهي؛ ڇالاءِ جو هو ڏاڍي جوش سان هڪليندو آهي.</verse>
				<verse number="21">۽ يورام چيو تہ تيار ٿيو. ۽ هنن سندس رٿ تيار ڪيو. ۽ اسرائيل جو بادشاهہ يورام ۽ يهوداہ جو بادشاهہ اخزياہ پنهنجي پنهنجي رٿ تي چڙهي ياهوءَ کي گڏجڻ لاءِ نڪري ويا، ۽ نبوت يزرعيليءَ جي حصي ۾ هن کي وڃي مليا.</verse>
				<verse number="22">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يورام ياهوءَ کي ڏٺو تڏهن پڇڻ لڳو تہ اي ياهو، خير سلامتي تہ آهي؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ جيسين تنهنجي ماءُ ايزبل جون زناڪاريون ۽ انهيءَ جون جادوگريون ايتريون هونديون تيسين خير سلامتي ڪهڙي آهي؟</verse>
				<verse number="23">تڏهن يورام پنهنجا هٿ ڦيرائي اُٿي ڀڳو، ۽ اخزياہ کي چوڻ لڳو تہ اي اخزياہ، بغاوت ٿي آهي.</verse>
				<verse number="24">۽ ياهوءَ پنهنجي سڄي زور سان ڪمان ڪشي يورام جي ٻنهي ٻانهن جي وچ ۾ تير هنيو، جو هن جي دل منجهان لنگهي ويو، ۽ هو پنهنجي رٿ منجهہ ڪِري پيو.</verse>
				<verse number="25">تڏهن ياهو پنهنجي لشڪر جي سردار بدقر کي چيو تہ هن کي کڻي نبوت يزرعيليءَ جي ٻنيءَ ۾ اُڇلائي ڇڏ: ڇالاءِ جو ياد هوندءِ تہ جڏهن آءٌ ۽ تون هن جي پيءُ اخي آب جي پٺيان گڏ چڙهيا پئي وياسين، تڏهن خداوند هي بار هن تي رکيو هو.</verse>
				<verse number="26">يقيناً خداوند ٿو فرمائي تہ ڪالهہ مون نبوت جو خون ۽ سندس پٽن جو خون ڏٺو آهي؛ ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ هن ئي ٻنيءَ ۾ آءٌ توکان بدلو وٺندس. تنهنڪري هاڻي هن کي کڻي خداوند جي ڪلام موجب زمين جي اُنهيءَ حصي ۾ اُڇلائي ڇڏ.</verse>
				<verse number="27">پر جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ اخزياہ اهو حال ڏٺو، تڏهن باغ واري گهر جو رستو ڏيئي اُٿي ڀڳو. ۽ ياهو اُنهيءَ جي پٺيان پيو ۽ چوندو ويو تہ انهيءَ کي بہ رٿ تي ماري وجهو. تڏهن جُور جي چاڙهي، جا ابلعام جي ڀرسان آهي، تنهن وٽ ماڻهن هن کي ڌڪ هنيو، ۽ هو مجدو ڏي ڀڳو ۽ اُتي وڃي مئو.</verse>
				<verse number="28">۽ سندس نوڪرن هن کي رٿ تي کڻي يروشلم ۾ آندو، ۽ دائود جي شهر ۾ سندس قبر ۾، سندس ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيائونس.</verse>
				<verse number="29">۽ يورام بن اخي آب جي يارهين ورهيہ ۾، اخزياہ يهوداہ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="30">۽ جڏهن ياهو يزرعيل ۾ آيو، تڏهن ايزبل کي انهيءَ جي خبر پهتي: ۽ هن پنهنجي اکين کي ڪجل لاتو، ۽ سينڌ ڪڍي دريءَ مان ٻاهر نهارڻ لڳي.</verse>
				<verse number="31">۽ جيئن ياهو در وٽ اندر ٿي لنگهيو، تيئن هوءَ چوڻ لڳي تہ اي زمري، پنهنجي ڌڻيءَ جا خوني، خير سلامتي تہ آهي؟</verse>
				<verse number="32">۽ هن منهن دريءَ ڏانهن مٿي ڪري چيو تہ منهنجي پاسي ڪير آهي؟ ڪير؟ ۽ ٻہ ٽي خواجہ ٻاهر نهارڻ لڳا.</verse>
				<verse number="33">۽ هن چيو تہ انهيءَ زال کي هيٺ ڪيرائي وجهو: تنهن تي هنن هيٺ ڪيرائي وڌس: ۽ هن جو ڪجهہ رت ڀت تي ۽ گهوڙن تي اچي پيو: ۽ هو کيس پيرن هيٺ لتاڙي هليو ويو.</verse>
				<verse number="34">۽ جڏهن هو اندر آيو تڏهن کاڌائين ۽ پيتائين؛ ۽ هن چيو تہ هاڻي وڃي اُنهيءَ لعنتي زال کي ڏسو ۽ دفن ڪريو: ڇالاءِ جو اُها بادشاهہ جي ڌيءَ آهي.</verse>
				<verse number="35">۽ هو هن کي دفن ڪرڻ لاءِ ويا: پر ڏٺائون تہ سندس بدن مان سواءِ ميڄالي، ۽ پيرن ۽ هٿن جي ترين جي، ٻيو ڪي ڪين بچيو آهي.</verse>
				<verse number="36">تنهنڪري هو موٽي آيا ۽ اچي هن کي اها خبر ڏنائون. ۽ هن چيو تہ اهو خداوند جو ڪلام آهي جو هن پنهنجي ٻانهي ايلياہ تشبيءَ جي واتان ڪيو، جو چيو هئائين تہ يزرعيل جي ڀاڱي ۾ ايزبل جو ماس ڪتا کائيندا:</verse>
				<verse number="37">۽ ايزبل جو لاش يزرعيل جي ڀاڱي ۾ ٻنيءَ جي مٿان گند ڪچري وانگر پيل رهندو؛ اهڙيءَ طرح جو ڪوبہ ڪونہ چوندو تہ هيءَ ايزبل آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">هاڻي اخي آب کي سامريہ ۾ ستر پٽ هئا. ۽ ياهو سامريہ ڏانهن خط لکي يزرعيل جي حاڪمن وٽ موڪليا، يعني اتي جي بزرگن ڏانهن، جن اخي آب جا پٽ پاليا هئا، ۽ اُنهن ۾ لکيائين تہ</verse>
				<verse number="2">جنهن وقت هي خط اوهان کي پهچي، تنهن وقت جڏهن اوهان جي ڌڻيءَ جا پٽ اوهان سان آهن، ۽ اوهان وٽ رٿ ۽ گهوڙا بہ آهن، ۽ اوهان جو شهر قلعي وارو بہ آهي ۽ هٿيار بہ اٿوَ؛</verse>
				<verse number="3">تڏهن اوهين پنهنجي ڌڻيءَ جي پٽن مان چونڊي جيڪو تمام چڱو ۽ لائق هجي، تنهن کي سندس پيءُ جي تخت تي کڻي ويهاريو، ۽ اوهين پنهنجي ڌڻيءَ جي گهراڻي جي پاران وڙهو.</verse>
				<verse number="4">پر هو ڏاڍو ڊنا ۽ چوڻ لڳا تہ ڏس، اهي ٻئي بادشاهہ هن جي اڳيان بيهي نہ سگهيا، تڏهن اسين ڪيئن بيهي سگهنداسين.</verse>
				<verse number="5">۽ جيڪو گهر جي ڪم ڪار جي نظرداري ڪندڙ هو، ۽ جيڪو شهر جي سنڀال ڪندڙ هو، ۽ بزرگن، ۽ ٻارن جي پالڻ وارن بہ، ياهوءَ ڏانهن چوائي موڪليو تہ اسين تنهنجا نوڪر آهيون، جيئن تون چوندين تيئن ڪنداسين؛ اسين ٻئي ڪنهن کي بہ بادشاهہ نہ ڪنداسين: جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱو آهي سو تون ڪر.</verse>
				<verse number="6">تڏهن هن ٻيو ڀيرو هڪڙو خط هنن ڏانهن لکيو ۽ چيائين تہ جي اوهين منهنجي طرف ٿيڻ گهرو ۽ منهنجي ڳالهہ مڃو، تہ اهي سڀ ماڻهو، جي اوهان جي ڌڻيءَ جا پٽ آهن تن جون سسيون لاهي ڇڏيو، ۽ پوءِ سڀاڻي هن وقت ڌاري مون وٽ يزرعيل ۾ اچو. هاڻي بادشاهہ جا پٽ جي ستر ڄڻا هئا، سي شهر جي وڏن ماڻهن وٽ هئا، جن هنن کي پالي وڏو ڪيو هو.</verse>
				<verse number="7">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اهو خط هنن ماڻهن کي مليو تڏهن هنن بادشاهہ جي پٽن کي جهلي، ستر ئي ڄڻن کي قتل ڪيو، ۽ اُنهن جون سسيون ٽوڪريءَ ۾ وجهي يزرعيل ۾ ڏياري موڪليائون.</verse>
				<verse number="8">۽ هڪڙي قاصد اچي هن کي ٻڌايو تہ هنن بادشاهہ جي پٽن جون سسيون آنديون آهن. تڏهن هن چيو تہ اُهي دروازي جي لنگهہ وٽ ٻہ ڍڳيون ڪري صبح تائين رکي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="9">۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ هو ٻاهر نڪري ويو ۽ اُتي بيهي سڀني ماڻهن کي چوڻ لڳو تہ اوهين سڀ نيڪ آهيو: ڏسو، مون پنهنجي ڌڻيءَ جي برخلاف منصوبو ڪيو ۽ اُنهيءَ کي ڪُٺم: پر هنن سڀني کي ڪنهن ماريو؟</verse>
				<verse number="10">هاڻي اوهان کي خبر هجي تہ جيڪو ڪلام خداوند اخي آب جي گهراڻي جي نسبت ۾ ڪيو آهي، تنهن مان ڪجهہ بہ زمين تي نہ ڪِرندو: ڇالاءِ جو خداوند اُهو ڪيو آهي جو پنهنجي ٻانهي ايلياہ جي معرفت فرمايائين.</verse>
				<verse number="11">انهيءَ طرح يزرعيل ۾ اخي آب جي گهراڻي مان جيڪي بچيا هئا، تن سڀني کي ياهوءَ مارايو. ۽ انهيءَ جي سڀني وڏن ماڻهن کي ۽ اُنهيءَ جي گهاٽن دوستن کي ۽ انهيءَ جي ڪاهنن کي بہ، جيسين ڪ اُنهن مان هڪڙو بہ نہ بچيو.</verse>
				<verse number="12">پوءِ هو اُٿي روانو ٿيو، ۽ سامريہ ڏانهن ويو. ۽ جڏهن هو رستي ۾ ريڍارن جي اُن ڪترڻ واريءَ جاءِ تي پهتو،</verse>
				<verse number="13">تڏهن ياهو يهوداہ جي بادشاهہ اخزياہ جي ڀائرن کي گڏيو، ۽ اُنهن کان پڇيائين تہ اوهين ڪير آهيو؟ ۽ هنن ورندي ڏني تہ اسين اخزياہ جا ڀائر آهيون: ۽ اسين بادشاهہ جي ٻارن ۽ ملڪہ جي ٻارن کي سلام ڪرڻ ٿا وڃون.</verse>
				<verse number="14">۽ هن چيو تہ اُنهن کي جيئرو ئي پڪڙيو. ۽ هنن اُنهن کي جيئرو ئي پڪڙي اُن ڪترڻ واريءَ جاءِ جي کڏ تي ڪُهي ڇڏيو، ۽ اُهي ٻائيتاليهہ ماڻهو هئا؛ انهن مان ڪوبہ ڪونہ ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="15">۽ جڏهن هو اُتان روانو ٿيو، تڏهن هو يهوناداب بن ريڪاب کي گڏيو، جو سندس استقبال لاءِ ٿي آيو: ۽ هن انهيءَ کي سلام ڪري چيو تہ جيئن منهنجي دل تنهنجيءَ دل سان سچي آهي تيئن تنهنجي دل مون سان آهي يا نہ؟ ۽ يهوناداب ورندي ڏني تہ آهي. تڏهن هن چيس تہ جي ائين آهي تہ تون مون کي پنهنجو هٿ ڏي. ۽ هن کيس پنهنجو هٿ ڏنو؛ ۽ هن کيس چاڙهي پنهنجيءَ رٿ ۾ کڻي ويهاريو.</verse>
				<verse number="16">۽ هن چيو تہ مون سان اچ ۽ خداوند جي لاءِ منهنجيءَ دل جو شوق ڏس. انهيءَ طرح کيس هن جي رٿ تي چاڙهيائون.</verse>
				<verse number="17">۽ جڏهن هو سامريہ ۾ آيو تڏهن سامريہ ۾ اخي آب جي گهراڻي مان جيڪي ماڻهو بچيا هئا تن کي ماريائين، ۽ جيڪو ڪلام خداوند ايلياہ جي واتان ڪيو هو تنهن موجب هن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="18">۽ ياهوءَ سڀ ماڻهو گڏ ڪري اُنهن کي چيو تہ اخي آب بعل جي ٿوري عبادت ڪندو هو؛ پر ياهو انهيءَ جي گهڻي عبادت ڪندو.</verse>
				<verse number="19">تنهنڪري هاڻي اوهين بعل جا سڀ نبي، ۽ سندس سڀ پوڄيندڙ، ۽ سڀ پوڄاري سڏي مون وٽ آڻيو؛ جيئن هڪڙو بہ رهجي نہ وڃي: ڇالاءِ جو مون کي بعل جي لاءِ هڪڙي وڏي قرباني ڪرڻي آهي؛ جيڪو رهجي ويندو سو جيئرو نہ رهندو. پر ياهو اها چالاڪي ٿي ڪئي، جو ارادو هوس تہ بعل جي عبادت ڪندڙن کي چٽ ڪري ڇڏي.</verse>
				<verse number="20">۽ ياهو چيو تہ بعل جي لاءِ جماعت کي عيد لاءِ پاڪ ڪريو. ۽ هنن انهيءَ جي پڌرائي ڪرائي.</verse>
				<verse number="21">۽ ياهو ساري اسرائيل ۾ قاصد موڪليا: ۽ بعل جا سڀ پوڄيندڙ اچي گڏ ٿيا، ۽ اهڙو ڪوبہ ماڻهو نہ بچيو جو نہ آيو. ۽ هو بعل جي گهر ۾ آيا؛ ۽ بعل جو گهر هڪڙي پاسي کان ٻئي پاسي تائين ڀرجي ويو.</verse>
				<verse number="22">۽ جيڪو لباس خاني جي مٿان هو تنهن کي هن چيو تہ بعل جي سڀني پوڄيندڙن جي لاءِ پوشاڪ کڻي اچ. ۽ هن انهن کي پوشاڪون آڻي ڏنيون.</verse>
				<verse number="23">۽ ياهو ۽ يهوناداب بن ريڪاب بعل جي گهر ۾ ويا؛ ۽ هن بعل جي بندگي ڪندڙن کي چيو تہ وڃي تلاش ڪريو ۽ ڏسو تہ خداوند جي ٻانهن مان ڪوبہ هتي نہ هجي، پر رڳا بعل جا پوڄيندڙ هجن.</verse>
				<verse number="24">پوءِ هو اندر لنگهي ذبح ڪرڻ واريون قربانيون، سوختني قربانيون چاڙهڻ ويا. هاڻي ياهو پنهنجي لاءِ اسي ماڻهو ٻاهر تيار ڪري بيهاري ڇڏيا هئا ۽ اُنهن کي چيائين تہ جيڪي ماڻهو آءٌ اوهانجن هٿن ۾ ڏيان، تن مان جي ڪو ڀڄي ويو، تہ جنهن جي هٿان اُهو ويندو اُنهيءَ جو ساهہ هن جي عيوض ورتو ويندو.</verse>
				<verse number="25">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن سوختني قرباني چاڙهي بس ڪئي، تڏهن ياهوءَ پهري وارن کي ۽ لشڪر جي سردارن کي چيو تہ اندر لنگهي وڃي هنن کي ڪُهو؛ جيئن هڪڙو بہ ٻاهر نہ نڪري. ۽ هنن انهن کي ترار جي ڌار سان وڃي ماريو؛ پوءِ پهري وارن ۽ لشڪر جي سردارن انهن کي ٻاهر اُڇلائي ڦٽو ڪيو ۽ بعل جي گهر واري شهر ڏانهن هليا ويا.</verse>
				<verse number="26">۽ بعل جي گهر ۾ جيڪي ٿنڀ هئا سي هو ٻاهر ڪڍي آيا ۽ انهن کي ساڙي ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="27">۽ هنن بعل جو ٿنڀ ڀڃي ڇڏيو، ۽ بعل جو گهر بہ ڊاهي ڇڏيائون، ۽ انهيءَ کي ڪاڪوس خانو بنايائون، جو اڄ ڏينهن تائين آهي.</verse>
				<verse number="28">انهيءَ طرح ياهوءَ بعل کي اسرائيل مان اصل نيست نابود ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="29">انهيءَ هوندي بہ يربعام بن نباط جي گناهن کي، جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايو، ياهوءَ ڇڏي نہ ڏنو، يعني سونا گابا جي بيت ايل ۽ دان ۾ موجود هئا.</verse>
				<verse number="30">۽ خداوند ياهوءَ کي چيو تہ جيڪي منهنجي نظر ۾ چڱو هو، تنهن جي تو چڱي تعميل ڪئي آهي، ۽ اخي آب جي گهراڻي سان اُهو ڪم ڪيو اٿئي جو منهنجي دل وٽان آهي، تنهنڪري تنهنجا پٽ چوٿين پيڙهيءَ تائين اسرائيل جي تخت تي ويهندا.</verse>
				<verse number="31">پر ياهو خداوند اسرائيل جي خدا جي شريعت تي هلڻ لاءِ سنڀال نہ ڪئي: ۽ يربعام جا گناهہ، جن سان هن اسرائيل کي گناهہ ڪرايا، تن کان هن پاسو نہ ڪيو.</verse>
				<verse number="32">انهن ڏينهن ۾ خداوند اسرائيل کي گهٽائڻ لڳو: ۽ حزائيل انهن کي اسرائيل جي سڀني سرحدن ۾ شڪست ڏني؛</verse>
				<verse number="33">اُڀرندي ڏي يردن کان وٺي، جلعاد جي ساري زمين، ۽ جدين، ۽ روبينين، ۽ منسين جي زمين، عروعير، جو ارنون جي واديءَ جي پاسي ۾ آهي، تنهن کان وٺي، يعني جلعاد ۽ بسن تائين.</verse>
				<verse number="34">هاڻي ياهوءَ جا باقي ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو، ۽ هن جي ساري بهادري، سي اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="35">نيٺ ياهو پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو: ۽ هن کي سامريہ ۾ دفن ڪيائون. ۽ سندس پٽ يهوآخز سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="36">۽ جيڪو وقت ياهو سامريہ ۾ اسرائيل تي بادشاهي ڪئي، سو اٺاويهہ ورهيہ هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">هاڻي جڏهن اخزياہ جي ماءُ عتلياہ ڏٺو تہ منهنجو پٽ مري ويو آهي، تڏهن هن اُٿي شاهي نسل جا سڀ ماڻهو ماري چٽ ڪري ڇڏيا.</verse>
				<verse number="2">پر يورام بادشاهہ جي ڌيءَ، اخزياہ جي ڀيڻ يهوسبع، جيڪي بادشاهہ جا پٽ قتل ٿيا، تن منجهان اخزياہ جي پٽ يوآس کي سندس دائيءَ سميت چورائي کڻي ويئي، ۽ انهن کي سمهڻ واريءَ ڪوٺيءَ ۾ لڪائي ڇڏيائين؛ ۽ انهيءَ کي عتلياہ کان لڪائي ڇڏيائين، جنهنڪري هو مارجي نہ ويو.</verse>
				<verse number="3">۽ اُهو هن وٽ ڇهہ ورهيہ خداوند جي گهر ۾ لڪل پيو هو: ۽ عتلياہ ملڪ تي بادشاهي پئي ڪئي.</verse>
				<verse number="4">۽ ستين ورهيہ ۾ يهويدع ڪاهن، ۽ پهري وارن مان سوَن جي سردارن کي گهرائي پاڻ وٽ خدا جي گهر ۾ آندو؛ ۽ انهن سان عهدنامو ڪيائين، ۽ خداوند جي گهر ۾ هنن کان قسم کڻايائين، ۽ پوءِ هنن کي بادشاهہ جو پٽ ڏيکاريائين.</verse>
				<verse number="5">۽ انهن کي حڪم ڏيئي چيائين تہ اوهان کي هيءُ ڪم ڪرڻ گهرجي: اوهين جي سبت جي ڏينهن هتي اچو ٿا تن مان ٽئين حصي جيترا هتي لنگهي اچي بادشاهہ جي گهر تي پهرو ڏين؛</verse>
				<verse number="6">۽ ٽئين حصي جيترا صور جي دروازي تي رهن؛ ۽ ٽئين حصي جيترا دروازي تي پهري وارن جي پٺيان بيهن: انهيءَ طرح اوهين گهر تي پهرو رکجو ۽ پناهہ ٿجو.</verse>
				<verse number="7">۽ اوهان جون ٻہ ٽوليون يعني اُهي سڀ ماڻهو، جي سبت جي ڏينهن نڪري وڃن سي بادشاهہ جي چوڌاري خدا جي گهر تي پهرو ڏين.</verse>
				<verse number="8">۽ اوهين سڀيئي پنهنجا پنهنجا هٿيار هٿ ۾ کڻي بادشاهہ جي چوڌاري بيهي وڃو؛ پوءِ جيڪو قطارن جي اندر گهڙي اچي تنهن کي ماري ڇڏجو: ۽ جڏهن بادشاهہ ٻاهر وڃي يا اندر اچي، تڏهن ساڻس رهجو.</verse>
				<verse number="9">۽ سوَن جي سردارن ائين ڪيو، جيئن يهويدع ڪاهن حڪم ڏنو هون: ۽ جيڪي ماڻهو سبت جي ڏينهن اندر اچڻا هئا ۽ جيڪي سبت جي ڏينهن ٻاهر وڃڻا هئا، سڀيئي پنهنجا پنهنجا ماڻهو ساڻ ڪري يهويدع ڪاهن وٽ آيا.</verse>
				<verse number="10">۽ ڪاهن، انهن سوَن جي سردارن کي بادشاهہ دائود جا نيزا ۽ سپرون، جي خداوند جي گهر ۾ موجود هيون، سي ڏنيون.</verse>
				<verse number="11">۽ پهري وارا سڀيئي پنهنجا پنهنجا هٿيار هٿ ۾ کڻي، گهر جي سڄي پاسي کان وٺي کٻي پاسي تائين، ۽ قربانگاهہ ۽ گهر جي پاسي سان، ۽ بادشاهہ جي چوڌاري بيهي ويا.</verse>
				<verse number="12">تنهن کانپوءِ هن بادشاهہ جو پٽ ٻاهر آندو، ۽ هن تي ڇٽ رکيائين ۽ شاهديءَ جي سند انهيءَ کي ڏنائين؛ ۽ اُنهن هن کي بادشاهہ ڪيو ۽ مسح ڪيائونس؛ پوءِ تاڙيون وڄائي چيائون تہ شل خدا بادشاهہ کي سلامت رکي.</verse>
				<verse number="13">۽ جڏهن عتلياہ پهري وارن ۽ ٻين ماڻهن جو هُل ٻڌو، تڏهن هوءَ خداوند جي گهر ۾ ماڻهن وٽ آئي:</verse>
				<verse number="14">۽ نهاري ڏٺائين تہ بادشاهہ دستور موجب ٿنڀ جي پاسي ۾ بيٺو آهي، ۽ سردار ۽ قرنائن وڄائڻ وارا بادشاهہ جي ڀر ۾ بيٺا آهن؛ ۽ ملڪ جا سڀ ماڻهو خوشيون پيا ڪن ۽ قرنائون پيا وڄائين، تڏهن عتلياہ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي رڙيون ڪري چوڻ لڳي تہ دغا، دغا.</verse>
				<verse number="15">۽ سوَن جا سردار، جي لشڪر جي مٿان مقرر ڪيا ويا هئا تن کي يهويدع ڪاهن حڪم ڏيئي چيو تہ هن زال کي گهلي قطارن جي وچ مان ٻاهر آڻيو؛ ۽ جيڪو هن جي پٺيان لڳي تنهن کي ترار سان ماري ڇڏيو: ڇالاءِ جو ڪاهن چيو تہ هن کي خداوند جي گهر ۾ نہ ڪُهو.</verse>
				<verse number="16">تڏهن هو اُنهيءَ ڏانهن هليا؛ ۽ هو گهوڙن جي لنگهڻ وارو رستو ڏيئي بادشاهہ جي گهر ڏانهن هلي: ۽ اُتي هنن وڃي قتل ڪيس.</verse>
				<verse number="17">۽ يهويدع خداوند جي، ۽ بادشاهہ ۽ قوم جي وچ ۾، اهو عهد اقرار ڪرايو تہ هو خداوند جي قوم ٿي رهن؛ بادشاهہ ۽ قوم جي وچ ۾ بہ عهد اقرار ڪرايائين.</verse>
				<verse number="18">پوءِ ملڪ جا سڀ ماڻهو بعل جي گهر ڏانهن ويا ۽ اُنهيءَ کي وڃي ڊاٺائون؛ انهيءَ جون قربانگاهون، ۽ انهيءَ جون مورتون سڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون، ۽ قربانگاهن جي اڳيان بعل جي پوڄاريءَ متان کي قتل ڪيائون. ۽ ڪاهن خدا جي گهر تي عملدار مقرر ڪيا.</verse>
				<verse number="19">۽ هو سوَن جي سردارن، ۽ ڪارين، ۽ پهري وارن، ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن کي وٺي ويو؛ ۽ هنن بادشاهہ کي خداوند جي گهر مان لاهي هيٺ آندو ۽ پهري وارن جي دروازي واري رستي کان بادشاهہ جي گهر تائين آيا. پوءِ هو بادشاهن جي تخت تي ويٺو.</verse>
				<verse number="20">انهيءَ طرح ملڪ جي سڀني ماڻهن خوشيون ڪيون ۽ شهر ۾ امن امان ٿيو: ۽ عتلياہ کي بادشاهہ جي گهر وٽ ترار سان قتل ڪيائون.</verse>
				<verse number="21">جڏهن يهوآس بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن هو ستن ورهين جو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">ياهوءَ جي ستين ورهيہ ۾، يهوآس بادشاهي ڪرڻ لڳو؛ ۽ هن يروشلم ۾ چاليهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو ضيبياہ هو، جا بيرسبع جي هئي.</verse>
				<verse number="2">۽ يهوآس پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ اُهي ڪم ڪيا، جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، جن بابت يهويدع ڪاهن هن کي تعليم ڏني هئي.</verse>
				<verse number="3">انهي هوندي بہ مٿانهيون جايون ڊاهيون نہ ويون: ماڻهو اڃا بہ انهن مٿانهين جاين تي قربانيون ڪندا ۽ لوبان ساڙيندا هئا.</verse>
				<verse number="4">۽ يهوآس ڪاهنن کي چيو تہ پاڪ شين جا جيڪي پئسا، يعني چالو نقد ناڻو جو خداوند جي گهر ۾ اچي ٿو، يعني هرهڪ ماڻهو تي جيڪي ٻڌل آهي تنهن جا پئسا، ۽ جيڪي ڪو پنهنجي مرضيءَ سان خداوند جي گهر ۾ آڻي ٿو، تنهن جا پئسا،</verse>
				<verse number="5">اُهي ڀلي تہ ڪاهن پنهنجي پنهنجي واقفيت وارن کان وٺن: ۽ جتي جتي گهر جي مرمت جو ضرور ٿئي اُتي مرمت ڪرائين.</verse>
				<verse number="6">پر هيئن ٿيو تہ يهوآس بادشاهہ جي ٽيويهين ورهيہ تائين ڪاهنن گهر جي ڪابہ مرمت ڪانہ ڪرائي هئي.</verse>
				<verse number="7">تڏهن بادشاهہ يهوآس، يهويدع ڪاهن، ۽ ٻين ڪاهنن کي سڏائي چيو تہ اوهين گهر جي مرمت ڇو نٿا ڪرايو؟ تنهنڪري هاڻي اڳتي پنهنجي واقفيت وارن کان پئسا نہ وٺو، پر اُهي گهر جي مرمت لاءِ پهچائي ڏيو.</verse>
				<verse number="8">۽ ڪاهنن قبول ڪيو تہ اسين اڳتي ماڻهن کان پئسا نہ وٺنداسين، ۽ نہ گهر جي مرمت ڪرائينداسين.</verse>
				<verse number="9">پوءِ يهويدع ڪاهن هڪڙي صندوق کڻي انهيءَ جي ڍڪ ۾ هڪڙو ٽُنگ ڪري قربانگاهہ جي پاسي ۾ رکي جا خداوند جي گهر ۾ ايندڙ ماڻهوءَ جي سڄي هٿ پاسي هئي: ۽ جيڪي ڪاهن در جي سنڀال ڪندا هئا سي جيڪي بہ پئسا خداوند جي گهر ۾ ايندا هئا سي سڀ انهيءَ ۾ وجهي ڇڏيندا هئا.</verse>
				<verse number="10">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن ڏٺو تہ صندوق ۾ گهڻا پئسا ٿيا آهن تڏهن بادشاهہ جو محرر ۽ سردار ڪاهن آيا، ۽ جيڪي پئسا خداوند جي گهر ۾ ڏٺائون سي ڳڻي ڳوٿرين ۾ وڌائون.</verse>
				<verse number="11">۽ جيڪي پئسا توري کنيا ويا سي اُنهن ڪم ڪندڙن جي هٿن ۾ ڏنا ويا، جي خداوند جي گهر جي نظرداري ڪندا هئا: ۽ جن واڍن ۽ رازن خداوند جي گهر تي ڪم ڪيو هو، تن کي اُهي ڏنائون؛</verse>
				<verse number="12">۽ رازن ۽ سنگ تراشن کي ڪاٺ ۽ ڇليل پٿرن جي خريد ڪرڻ لاءِ بہ ڏنائون، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي گهر جي مرمت ٿئي: ۽ ٻيو بہ جيڪو خرچ انهيءَ جي مرمت تي لڳو تنهن لاءِ ڏنائون.</verse>
				<verse number="13">پر خداوند جي گهر لاءِ چانديءَ جا پيالا، ۽ ڦلن وڍڻ جون ڪينچيون، ۽ رڪابيون، ۽ قرنائون، ۽ سون يا چانديءَ جا ڪي بہ باسڻ اُنهن پئسن مان نہ جوڙايا ويا هئا، جي خداوند جي گهر ۾ ايندا هئا:</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو اُهي اهو ڪم ڪندڙن کي ڏيندا هئا، ۽ انهن مان خداوند جي گهر جي مرمت ڪرائيندا هئا.</verse>
				<verse number="15">تنهن کان سواءِ جن ماڻهن جي هٿن ۾ هو اُهي پئسا ڪم ڪرڻ وارن کي ڏيڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيندا هئا تن کان ڪوبہ حساب نہ وٺندا هئا: ڇالاءِ جو هو ايمانداريءَ سان هلندا هئا.</verse>
				<verse number="16">جيڪي پئسا خطا جي قربانين جا، ۽ گناهہ جي قربانين جا هوندا هئا، سي خداوند جي گهر ۾ نہ آڻيندا هئا: اُهي ڪاهنن کي ملندا هئا.</verse>
				<verse number="17">تنهن کانپوءِ ارام جي بادشاهہ حزائيل چڙهي وڃي جات سان جنگ ڪئي ۽ انهيءَ کي ورتائين: ۽ حزائيل يروشلم ڏانهن وڃڻ لاءِ انهيءَ پاسي رخ ڪيو.</verse>
				<verse number="18">۽ يهوداہ جي بادشاهہ يهوآس اُهي سڀ پاڪ شيون هٿ ڪيون، جي سندن ابن ڏاڏن، يهوداہ جي بادشاهن يهوسفط، ۽ يهورام، ۽ اخزياہ وقف ڪيون هيون، ۽ پنهنجون وقف ڪيل شيون بہ، ۽ جيڪو بہ سون خداوند جي گهر، ۽ بادشاهہ جي گهر جي خزانن ۾ لڌو، سو سڀ هٿ ڪري ارام جي بادشاهہ حزائيل ڏانهن ڏياري موڪليائين: پوءِ هو يروشلم مان نڪري هليو ويو.</verse>
				<verse number="19">هاڻي يوآس جا باقي ٻيا ڪم، ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو، سو يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="20">۽ هن جا نوڪر اُٿيا ۽ منصوبو ڪيائون ۽ ملو جو گهر، جو سلا جي لاهيءَ تي آهي، تنهن وٽ يوآس کي ماريائون.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو سندس نوڪرن يوسڪار بن سماعت، ۽ يهوزبد بن شومير هن کي ماريو، ۽ هو مري ويو؛ ۽ هن کي دائود جي شهر ۾ سندس ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيائون: ۽ سندس پٽ امصياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">يهوداہ جي بادشاهہ يوآس بن اخزياہ جي ٽيويهين ورهيہ ۾، يهوآخز بن ياهو سامريہ ۾ اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو، ۽ سترهن ورهيہ بادشاهي ڪيائين.</verse>
				<verse number="2">۽ هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي، ۽ هن يربعام بن نباط جي گناهن جي پيروي ڪئي، جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايا؛ ۽ انهن تي هلندو آيو.</verse>
				<verse number="3">۽ خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي، ۽ هن انهن کي ارام جي بادشاهہ حزائيل، ۽ بن هدد بن حزائيل جي هٿن ۾ ساندهہ ڏيئي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="4">۽ يهوآخز خداوند کي عرض ڪيو ۽ خداوند هن جو عرض ٻڌو: ڇالاءِ جو هن اسرائيل جي مظلومي ڏٺي، جو ارام جي بادشاهہ مٿن ظلم ٿي ڪيو.</verse>
				<verse number="5">(۽ خداوند اسرائيل کي هڪڙو نجات ڏيندڙ بخشيو، جنهنڪري هو ارامين جي زيردستيءَ کان ڇُٽا: ۽ بني اسرائيل اڳي وانگر پنهنجن تنبن ۾ رهڻ لڳا.</verse>
				<verse number="6">انهيءَ هوندي بہ هو يربعام جي گهراڻي وارن گناهن کان باز نہ آيا، جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايو، پر انهن تي هلندا آيا: ۽ سامريہ ۾ يسيرت بہ رهيو پيو هو.)</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو هن يهوآخز لاءِ ماڻهن مان پنجاهہ گهوڙي سوارن ۽ ڏهن رٿن، ۽ ڏهن هزارن پيادن کانسواءِ ٻيو ڪي ڪين ڇڏيو؛ جو ارام جي بادشاهہ هنن کي چٽ ڪري ڇڏيو هو، ۽ اهڙو ڪري ڇڏيو هئائين جهڙي اَن ڳاهڻ جي پڙ ۾ مٽي.</verse>
				<verse number="8">هاڻي يهوآخز جا باقي ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو، سو اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="9">۽ يهوآخز پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو؛ ۽ هنن کيس سامريہ ۾ دفن ڪيو: سندس پٽ يوآس سندس جاءِ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="10">يهوداہ جي بادشاهہ يوآس جي ستٽيهين ورهيہ ۾، يهوآس بن يهوآخز سامريہ ۾ اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو، ۽ سورهن ورهيہ بادشاهي ڪيائين.</verse>
				<verse number="11">۽ هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي؛ هو يربعام بن نباط جي سڀني گناهن کان، جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايو باز نہ آيو: پر انهن تي هلندو آيو.</verse>
				<verse number="12">هاڻي يوآس جا باقي ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو ۽ جنهن طاقت سان هو يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ سان وڙهيو، سي اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="13">۽ يوآس پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو؛ ۽ يربعام سندس تخت تي ويٺو: ۽ يوآس سامريہ ۾ اسرائيل جي بادشاهن سان گڏ دفن ڪيو ويو.</verse>
				<verse number="14">هاڻي اليشع اُنهيءَ بيماريءَ ۾ گرفتار هو، جنهنڪري هو مئو: ۽ اسرائيل جو بادشاهہ يوآس وٽس آيو ۽ پاسي کان بيهي روئي چيائين تہ اي منهنجا ابا، منهنجا ابا، اسرائيل جا رٿ ۽ انهن جا گهوڙي سوار!</verse>
				<verse number="15">۽ اليشع انهيءَ کي چيو تہ تير ۽ ڪمان کڻ ۽ هن تير ۽ ڪمان کنئي.</verse>
				<verse number="16">۽ هن اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو تہ پنهنجو ڪمان تي رک: ۽ هن پنهنجو هٿ انهيءَ تي رکيو: ۽ اليشع پنهنجا هٿ بادشاهہ جي هٿن تي رکيا.</verse>
				<verse number="17">۽ هن چيو تہ اُڀرندي ڏانهن دري کول: ۽ هن اُها کولي. تڏهن اليشع چيو تہ تير هڻ: ۽ هن تير هنيو. ۽ هن چيو تہ خداوند جي فتح جو تير، يعني ارام تي فتح جو تير: ڇالاءِ جو تون افيق ۾ ارامين کي شڪست ڏيندين، جيسين ڪ هنن کي ماري چٽ ڪرين.</verse>
				<verse number="18">۽ هن چيو تہ تير کڻ: ۽ هن اُهي کنيا. ۽ هن اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو تہ زمين تي ڌڪ هڻ: ۽ هن ٽي ڀيرا ڌڪ هنيو، پوءِ بيهي رهيو.</verse>
				<verse number="19">۽ خدا جو مرد هن تي ڪاوڙيو ۽ چوڻ لڳو تہ توکي پنج يا ڇهہ ڀيرا ڌڪ هڻڻ گهربو هو؛ پوءِ جيڪر ارام کي اهڙي شڪست ڏين ها، جو اُنهيءَ کي چٽ ڪري ڇڏين ها: پر هاڻي تون ارام کي رڳو ٽي ڀيرا شڪست ڏيندين.</verse>
				<verse number="20">۽ اليشع وفات ڪئي ۽ انهيءَ کي دفن ڪيائون. هاڻي موآبين جي ٽولين سال جي شروعات ۾ ملڪ تي ڪاهہ ڪئي.</verse>
				<verse number="21">۽ هيئن ٿيو تہ هڪڙي ماڻهو کي دفن پي ڪيائون تہ ڏس، هنن هڪڙي ٽولي ڏٺي؛ ۽ هنن انهيءَ ماڻهو کي کڻي اليشع جي قبر ۾ اُڇلايو؛ ۽ جنهن وقت اُهو ماڻهو اليشع جي هڏن کي وڃي لڳو، انهيءَ وقت هو وري جيئرو ٿي پيو، ۽ اُٿي پيرن ڀر بيهي رهيو.</verse>
				<verse number="22">۽ ارام جي بادشاهہ حزائيل يهوآخز جي سڀني ڏينهن ۾ اسرائيل تي ظلم ڪيا.</verse>
				<verse number="23">پر خداوند هنن تي مهربان هو ۽ مٿن رحم ڪيائين، ۽ سندن لحاظ رکيائين، جو ابراهيم، ۽ اسحاق، ۽ يعقوب سان عهد اقرار ڪيو هئائين، ۽ هنن کي چٽ ڪرڻ نٿي گهريائين ۽ نہ اڃا تائين هنن کي پنهنجي حضور مان پاسي ڪري ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="24">۽ حزائيل، ارام جو بادشاهہ مئو، ۽ سندس پٽ بن هدد سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="25">۽ يوآس بن يهوآخز، خزائيل جي بن هدد کان اُهي شهر کسي ورتا، جي هن جنگ ڪرڻ سان سندس پيءُ يهوآخز جي هٿن مان ورتا هئا. يوآس ٽي ڀيرا هن کي شڪست ڏني، ۽ اُهي اسرائيل وارا شهر هن کان وري ورتائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">اسرائيل جي بادشاهہ يوآس بن يهوآخز جي ٻئي ورهيہ ۾، يهوداہ جو بادشاهہ امصياہ بن يوآس بادشاهي ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="2">جڏهن هو بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن پنجويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ اوڻٽيهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو يهوعدان هو، جا يروشلم جي هئي.</verse>
				<verse number="3">۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، تڏهن بہ هن جي پيءُ دائود جهڙا نہ هئا: جيڪي هن جي پيءُ يوآس ڪيو هو، ان موجب هن بہ ڪيو.</verse>
				<verse number="4">پر مٿانهيون جايون هن ڊاهي نہ ڇڏيون: ماڻهو اڃا بہ اُنهن مٿانهين جاين تي قربانيون ڪندا ۽ لوبان ساڙيندا هئا.</verse>
				<verse number="5">۽ هيئن ٿيو تہ جنهن وقت بادشاهي سندس هٿ ۾ قائم ٿي تنهن وقت جن سندس نوڪرن سندس پيءُ کي ڪُٺو هو، تن کي هن قتل ڪيو:</verse>
				<verse number="6">پر انهن خونين جي پٽن کي هن قتل نہ ڪيو: جيئن ڪ موسيٰ جي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهي، تہ خداوند حڪم ڪري فرمايو تہ پيئر پٽن جي بدران قتل نہ ڪبا، نڪي پٽ پيئرن جي بدران قتل ڪبا؛ پر سڀڪو ماڻهو پنهنجي گناهہ جي لاءِ مرندو.</verse>
				<verse number="7">هن لوڻ واريءَ واديءَ ۾ ادومين مان ڏهہ هزار ڪُٺا، ۽ جنگ ڪري سلع ورتائين، ۽ انهيءَ جو نالو يقتيل رکيائين، جو اڄ ڏينهن تائين هليو اچي.</verse>
				<verse number="8">پوءِ امصياہ اسرائيل جي بادشاهہ يهوآس بن يهوآخز بن ياهو ڏانهن قاصدن جي هٿان چوائي موڪليو تہ اچ تہ هڪ ٻئي جي منهن سامهون ٿيون.</verse>
				<verse number="9">۽ يهوآس اسرائيل جي بادشاهہ، امصياہ يهوداہ جي بادشاهہ ڏانهن چوائي موڪليو، تہ لبنان جي ڪانڊيري لبنان جي ديودار ڏانهن چوائي موڪليو تہ پنهنجي ڌيءَ منهنجي پٽ کي پرڻائي ڏي: ۽ لبنان جو هڪڙو جهنگلي مرون اُتان اچي لنگهيو ۽ ڪانڊيري کي لتاڙي هليو ويو.</verse>
				<verse number="10">تو برابر ادوم کي جيتيو آهي ۽ تنهنجي دل تنهنجو مٿو ڦيرائي ڇڏيو آهي: انهيءَ تي فخر ڪري گهر ويٺو رهہ: ڇو ٿو ٻين جي ڪمن ۾ دست اندازي ڪري پاڻ کي نقصان پهچائين، متان تون پاڻ بہ ڪرين ۽ يهوداہ کي بہ پاڻ سان ڪيرائين؟</verse>
				<verse number="11">پر امصياہ اها ڳالهہ نہ ٻڌي. تنهنڪري يهوآس، اسرائيل جو بادشاهہ اُٿي هليو؛ ۽ بيت شمس، جو يهوداہ جو شهر آهي، تنهن وٽ هو ۽ يهوداہ جو بادشاهہ امصياہ هڪ ٻئي جي منهن سامهون ٿيا.</verse>
				<verse number="12">۽ يهوداہ اسرائيل جي اڳيان شڪست کاڌي؛ ۽ سڀ ماڻهو پنهنجن پنهنجن تنبن ڏانهن ڀڄي ويا.</verse>
				<verse number="13">۽ اسرائيل جو بادشاهہ يهوآس، يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ بن يهوآس بن اخزياہ کي بيت شمس ۾ گرفتار ڪري يروشلم ۾ آيو، ۽ يروشلم جي ڀت افرائيم جي در کان وٺي ڪنڊ واري دروازي تائين، چار سؤ هٿ، ڊاهي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="14">۽ هو سڀ سون ۽ چاندي، ۽ سڀ باسڻ، جي خداوند جي گهر ۾ هئا، ۽ بادشاهہ جي گهر جي خزانن ۾ هئا، ۽ اول پيل ماڻهو بہ هٿ ڪري سامريہ ڏانهن موٽي آيو.</verse>
				<verse number="15">هاڻي يهوآس جا ٻيا ڪم، ۽ سندس طاقت، ۽ ڪيئن هو يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ سان وڙهيو، اهي سڀ اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="16">۽ يوآس پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، ۽ سامريہ ۾ اسرائيل جي بادشاهن سان گڏ دفن ڪيو ويو؛ ۽ سندس جاءِ تي سندس پٽ يربعام بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="17">۽ يهوداہ جو بادشاهہ امصياہ بن يوآس اسرائيل جي بادشاهہ يهوآس بن يهوآخز جي مرڻ کان پوءِ بہ پندرهن ورهيہ جيئرو هو.</verse>
				<verse number="18">هاڻي امصياہ جا باقي ٻيا ڪم يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="19">۽ ماڻهن يروشلم ۾ هن جي برخلاف منصوبو ڪيو؛ ۽ هو لڪيس ڏانهن اُٿي ڀڳو: پر هنن انهيءَ جي پٺيان لڪيس ڏانهن ماڻهو موڪليا، جن اُتي وڃي قتل ڪيس.</verse>
				<verse number="20">۽ هن کي گهوڙن تي کڻي آيا؛ ۽ هو يروشلم ۾ پنهنجي ابن ڏاڏن سان دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو.</verse>
				<verse number="21">۽ يهوداہ جي سڀني ماڻهن عزرياہ کي وٺي سندس پيءُ امصياہ جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو، ۽ هو تڏهن سورهن ورهين جو هو.</verse>
				<verse number="22">۽ بادشاهہ جي پنهنجن ابن ڏاڏن سان سمهڻ کانپوءِ، هن ايلات اڏايو، ۽ يهوداہ کي اُهو موٽائي ڏنائين.</verse>
				<verse number="23">يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ بن يوآس جي پندرهين ورهيہ ۾، اسرائيل جي بادشاهہ يربعام بن يوآس سامريہ ۾ بادشاهي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ايڪيتاليهہ ورهيہ بادشاهي ڪيائين.</verse>
				<verse number="24">۽ هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي: هو يربعام بن نباط جي انهن سڀني گناهن کان باز نہ آيو جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايو.</verse>
				<verse number="25">هن اسرائيل جي سرحد حمات جي گهڙڻ جي جاءِ کان وٺي عرباہ جي سمنڊ تائين موٽي قائم ڪئي، جيئن ڪ خداوند اسرائيل جي خدا پنهنجي ٻانهي يوناہ بن امتي، جات حفر واري نبيءَ جي معرفت ڪلام ڪيو هو.</verse>
				<verse number="26">ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جي مصيبت ڏٺي تہ ڏاڍي سخت آهي: ۽ غلام توڙي آزاد پريشان هئا، ۽ اسرائيل جو ڪوبہ مددگار نہ هو.</verse>
				<verse number="27">۽ خداوند ائين نہ فرمايو تہ آءٌ اسرائيل جو نالو آسمان جي هيٺان مٽائي ڇڏيندس: پر هن انهن کي يربعام بن يوآس جي وسيلي بچايو.</verse>
				<verse number="28">هاڻي يربعام جا باقي ٻيا ڪم، ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو، سندس طاقت، ۽ جنگيون، ۽ ڪيئن هن دمشق، ۽ حمات، جي يهوداہ جي ملڪيت هئا، سي اسرائيل لاءِ هٿ ڪيا، اهي سڀ ڳالهيون اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="29">۽ يربعام پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، يعني اسرائيل جي بادشاهن سان؛ ۽ سندس پٽ زڪرياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="15">
				<verse number="1">اسرائيل جي بادشاهہ يربعام جي ستاويهين ورهيہ ۾، عزرياہ بن امصياہ يهوداہ جو بادشاهہ بادشاهي ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="2">جڏهن هو بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن سورهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ٻاونجاهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو يڪولياہ هو، جا يروشلم جي هئي.</verse>
				<verse number="3">۽ هن جيڪي ڪم ڪيا، سي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، جيئن ڪ سندس پيءُ امصياہ جا ڪم هئا.</verse>
				<verse number="4">انهيءَ هوندي بہ مٿانهيون جايون ڊاهيون نہ ويون: ماڻهو اڃا بہ انهن مٿانهين جاين تي قربانيون ڪندا هئا ۽ لوبان ساڙيندا هئا.</verse>
				<verse number="5">۽ خداوند بادشاهہ کي ڌڪ هنيو، جنهنڪري هو مرڻ جي ڏينهن تائين ڪوڙهيو ٿي پيو، ۽ ڌار گهر ۾ رهندو آيو. ۽ بادشاهہ جو پٽ يوتام گهر جي ڪم ڪار تي هوندو هو، ۽ ملڪ ۾ ماڻهن جو انصاف ڪندو هو.</verse>
				<verse number="6">هاڻي عزرياہ جا باقي ٻيا ڪم، ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو سو يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="7">۽ عزرياہ پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو؛ ۽ کيس سندس ابن ڏاڏن سان گڏ دائود جي شهر ۾ دفن ڪيائون: ۽ هن جو پٽ يوتام سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="8">يهوداہ جي بادشاهہ عزرياہ جي اٺٽيهين ورهيہ ۾، زڪرياہ بن يربعام سامريہ ۾ اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو، ۽ ڇهہ مهينا بادشاهي ڪيائين.</verse>
				<verse number="9">۽ هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي، جهڙي سندس ابن ڏاڏن ڪئي هئي: هن يربعام بن نباط جي گناهن کان پاسو نہ ڪيو، جنهن مان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايا.</verse>
				<verse number="10">۽ سلوم بن يبيس هن جي برخلاف منصوبو ڪيو، ۽ ماڻهن جي روبرو هن کي ڌڪ هڻي ماري وڌائين، ۽ انهيءَ جي جاءِ تي پاڻ بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="11">هاڻي زڪرياہ جا باقي ٻيا ڪم، سي ڏس، اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.</verse>
				<verse number="12">جيڪو ڪلام خداوند ياهوءَ سان ڪيو، سو هي هو تہ تنهنجا پٽ چوٿين پيڙهيءَ تائين اسرائيل جي تخت تي ويهندا. ۽ ائين ئي ٿيو.</verse>
				<verse number="13">سلوم بن يبيس، يهوداہ جي بادشاهہ عزرياہ جي اوڻيتاليهين ورهيہ ۾ بادشاهي ڪرڻ شروع ڪئي؛ ۽ هن سامريہ ۾ هڪڙو مهينو بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="14">۽ مناحم بن جادي، ترضہ مان چڙهي سامريہ ۾ آيو، ۽ سلوم بن يبيس کي سامريہ ۾ شڪست ڏنائين ۽ ڪُٺائين، ۽ انهيءَ جي جاءِ تي پاڻ بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="15">هاڻي سلوم جا ٻيا ڪم، ۽ جيڪو منصوبو ڪيائين، سو ڏس، اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي.</verse>
				<verse number="16">تڏهن مناحم، تفسح، ۽ ٻيا جيڪي انهيءَ ۾ هئا سي، ۽ انهيءَ جون سرحدون، ترضہ کان ماري ورتيون: ڇالاءِ جو هنن اهو شهر کولي هن کي نہ ڏنو، تنهنڪري هن اهو ماري ورتو؛ ۽ اُتي جيڪي زالون پيٽ سان انهيءَ ۾ هيون، تن جو هن پيٽ ڦاڙيو.</verse>
				<verse number="17">يهوداہ جي بادشاهہ عزرياہ جي اوڻيتاليهين ورهيہ ۾، مناحم بن جادي اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو، ۽ هن ڏهہ ورهيہ سامريہ ۾ بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="18">۽ هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي: هن پنهنجن سڀني ڏينهن ۾ يربعام بن نباط جي گناهن کان پاسو نہ ڪيو، جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايا.</verse>
				<verse number="19">اسور جو بادشاهہ پول ملڪ تي ڪاهي آيو؛ ۽ مناحم پول کي هڪ هزار چانديءَ جا قنطار ڏنا تہ سندس هٿن ۾ بادشاهي قائم ڪرڻ ۾ کيس مدد ڏئي.</verse>
				<verse number="20">۽ مناحم اُهي پئسا اسرائيل کان، يعني سڀني دولت ۽ طاقت وارن ماڻهن کان وصول ڪيا، ۽ هرهڪ ماڻهوءَ کان چانديءَ جا پنجاهہ شيڪل وٺي اسور جي بادشاهہ کي ڏنائين. پوءِ اسور جو بادشاهہ پٺتي موٽي ويو ۽ ملڪ ۾ وڌيڪ نہ ترسيو.</verse>
				<verse number="21">هاڻي مناحم جا ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو، سو اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="22">۽ مناحم پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو؛ ۽ سندس پٽ فقحياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="23">يهوداہ جي بادشاهہ عزرياہ جي پنجاهين ورهيہ ۾، فقحياہ بن مناحم سامريہ ۾ اسرائيل جي مٿان بادشاهي ڪرڻ لڳو، ۽ هن ٻہ ورهيہ بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="24">۽ هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي: هن يربعام بن نباط جي گناهن کان پاسو نہ ڪيو، جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايا.</verse>
				<verse number="25">۽ فقح بن رملياہ، جو هن جو سپهہ سالار هو، تنهن سندس برخلاف منصوبو ڪيو، ۽ ارجوب ۽ اريہ سان گڏجي، سامريہ ۾، بادشاهہ جي گهر واري قلعي ۾ هن کي ماريائين، ۽ جلعادين مان پنجاهہ ماڻهو هن سان گڏ هئا: ۽ انهيءَ کي قتل ڪري سندس جاءِ تي پاڻ بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="26">هاڻي فقحياہ جا ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو، سو ڏس، اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي.</verse>
				<verse number="27">يهوداہ جي بادشاهہ عزرياہ جي ٻاونجاهين ورهيہ ۾، فقح بن رملياہ سامريہ ۾ اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو ۽ هن ويهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="28">۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا: هن يربعام بن نباط جي گناهن کان پاسو نہ ڪيو، جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايا.</verse>
				<verse number="29">اسرائيل جي بادشاهہ فقح جي ڏينهن ۾ تگلت پلاسر، اسور جي بادشاهہ، ڪاهي اچي ايون، ۽ ابيل ۽ بيت معڪہ، ۽ ينوحہ، ۽ قادس، ۽ حصور، ۽ جلعاد، ۽ گليل، ۽ نفتاليءَ جي ساري زمين ورتي؛ ۽ انهن کي گرفتار ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو.</verse>
				<verse number="30">۽ هوسيع بن ايلہ، فقحہ بن رملياہ جي برخلاف منصوبو ڪيو، ۽ هن کي ماري قتل ڪيائين، ۽ يوتام بن عزرياہ جي ويهين ورهيہ ۾، هن جي جاءِ تي پاڻ بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="31">هاڻي فقحہ جا باقي ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو، سو ڏس، اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي.</verse>
				<verse number="32">اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ بن رملياہ جي ٻئي ورهيہ ۾، يوتام بن عزرياہ، يهوداہ جو بادشاهہ بادشاهي ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="33">جڏهن هو بادشاهہ ٿيو تڏهن پنجويهن ورهين جو هو ۽ هن يروشلم ۾ سورهن ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو يروسا هو، جا صدوق جي ڌيءَ هئي.</verse>
				<verse number="34">۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا: جيئن هن جي پيءُ عزرياہ ڪيو هو تيئن هن سڀ ڪجهہ ڪيو.</verse>
				<verse number="35">انهيءَ هوندي بہ هن مٿانهيون جايون نہ ڊاهيون: ماڻهو اڃا بہ اُنهن مٿانهين جاين تي قربانيون ڪندا ۽ لوبان ساڙيندا هئا. هن خداوند جي گهر جو مٿيون دروازو جوڙايو.</verse>
				<verse number="36">هاڻي يوتام جا باقي ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو سو يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="37">انهن ڏينهن ۾ خداوند يهوداہ تي ارام جي بادشاهہ رضين، ۽ فقحہ بن رملياہ کي موڪلڻ لڳو.</verse>
				<verse number="38">۽ يوتام پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، ۽ پنهنجي پيءُ دائود جي شهر ۾ پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو: ۽ سندس پٽ آخز سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="16">
				<verse number="1">فقحہ بن رملياہ جي سترهين ورهيہ ۾، آخز بن يوتام، يهوداہ جو بادشاهہ بادشاهي ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="2">۽ بادشاهہ ٿيڻ وقت آخز ويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ سورهن ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن اُهي ڪم نہ ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، جيئن ڪ سندس پيءُ دائود جا هئا.</verse>
				<verse number="3">پر هو اسرائيل جي بادشاهن جي رستي تي هليو، هائو، ۽ جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان ڪڍي ڇڏيو هو، تن جي ڪراهت جهڙين رسمن موجب هن پنهنجي پٽ کي باهہ مان لنگهايو.</verse>
				<verse number="4">۽ مٿانهين جاين تي، ۽ ٽڪرين تي، ۽ سڀني ساون وڻن هيٺ هو قرباني ڪندو هو، ۽ لوبان ساڙيندو هو.</verse>
				<verse number="5">تڏهن رضين، ارام جو بادشاهہ، ۽ فقحہ بن رملياہ اسرائيل جو بادشاهہ، يروشلم تي جنگ ڪرڻ لاءِ ڪاهي آيا: ۽ اُنهن آخز کي گهيرو ڪيو، پر انهيءَ کي جيتي نہ سگهيا.</verse>
				<verse number="6">انهيءَ وقت ڌاري ارام جي بادشاهہ رضين، ايلات موٽي هٿ ڪري ارام کي ڏنو، ۽ يهودين کي ايلات مان هڪلي ڪڍيائين: ۽ ارامي اچي ايلات ۾ رهڻ لڳا، جتي اڄ تائين رهندا اچن.</verse>
				<verse number="7">پوءِ آخز اسور جي بادشاهہ تگلت پلاسر ڏانهن قاصدن جي هٿان چوائي موڪليو تہ آءٌ تنهنجو ٻانهو ۽ تنهنجو پٽ آهيان: اچي مون کي ارام جي بادشاهہ، ۽ اسرائيل جي بادشاهہ جي هٿن مان بچاءِ، جو اُهي مون سان وڙهڻ لاءِ ڪاهي ٿا اچن.</verse>
				<verse number="8">۽ آخز جيڪو سون ۽ چاندي خداوند جي گهر ۾، ۽ بادشاهہ جي گهر جي خزانن ۾ هو، سو کڻي تحفو ڪري اسور جي بادشاهہ ڏانهن ڏياري موڪليو.</verse>
				<verse number="9">۽ اسور جي بادشاهہ هن جي ڳالهہ مڃي: ۽ اسور جو بادشاهہ دمشق تي چڙهي ويو ۽ اُهو ورتائين، ۽ اُنهيءَ جا ماڻهو قيد ڪري قير ڏانهن وٺي ويو، ۽ رضين کي قتل ڪيائين.</verse>
				<verse number="10">۽ آخز بادشاهہ اسور جي بادشاهہ تگلت پلاسر کي گڏجڻ لاءِ دمشق ڏانهن ويو، ۽ دمشق ۾ جيڪا قربانگاهہ هئي سا ڏٺائين: ۽ آخز بادشاهہ انهيءَ قربانگاهہ جو نقشو ۽ انهيءَ جو نمونو اورياہ ڪاهن وٽ، ان جي ساريءَ ڪاريگريءَ جي ڪم جي بيان سميت ڏياري موڪليو.</verse>
				<verse number="11">۽ اورياہ ڪاهن هڪڙي قربانگاهہ جوڙائي. جيڪو نمونو آخز بادشاهہ دمشق مان موڪليو هوس، اُن موجب اورياہ ڪاهن اها جوڙائي، جيسين ڪ آخز دمشق مان موٽي اُتي آيو.</verse>
				<verse number="12">۽ جڏهن بادشاهہ دمشق مان آيو تڏهن هن اُها قربانگاهہ اچي ڏٺي: ۽ بادشاهہ انهيءَ قربانگاهہ کي ويجهو ويو، ۽ انهيءَ تي قرباني چاڙهيائين.</verse>
				<verse number="13">۽ هن پنهنجي سوختني قرباني ۽ پنهنجي کاڌي جي قرباني ادا ڪئي، ۽ پيئڻ واري قرباني هاريائين، ۽ پنهنجين سلامتيءَ وارين قربانين جو رت قربانگاهہ تي ڇٽيائين.</verse>
				<verse number="14">۽ جيڪا پتل جي قربانگاهہ خداوند جي اڳيان هئي، سا گهر جي اڳ تان، پنهنجي قربانگاهہ ۽ خداوند جي گهر جي وچان ڪڍي آڻي پنهنجي قربانگاهہ جي اُتر پاسي رکيائين.</verse>
				<verse number="15">۽ بادشاهہ آخز اورياہ ڪاهن کي حڪم ڏيئي چيو تہ انهيءَ وڏي قربانگاهہ تي صبح واري سوختني قرباني چاڙهہ، ۽ شام واري کاڌي جي قرباني ۽ بادشاهہ جي سوختني قرباني ۽ سندس کاڌي جي قرباني، ملڪ جي سڀني ماڻهن جي سوختني قربانيءَ سميت، ۽ سندن کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ وارين قربانين سميت بہ چاڙهہ؛ ۽ اُنهيءَ تي سوختني قرباني ۽ ذبح ڪرڻ واري قربانيءَ جو سڀ رت ڇاٽار: پر پتل جي قربانگاهہ منهنجي سوال ڪرڻ لاءِ ٿيندي.</verse>
				<verse number="16">جيئن بادشاهہ آخز حڪم ڏنو تيئن اورياہ ڪاهن ڪيو.</verse>
				<verse number="17">۽ بادشاهہ آخز گاڏين جا ڪنارا وڍي ڇڏيا، ۽ انهن تان حوضي ڪڍي ڇڏيائين؛ ۽ سمنڊ جي هيٺان جيڪي پتل جا ڏاند هئا تن تان اُهو لاهي ڇڏيائين، ۽ پٿرن جي فرش تي کڻي رکيائين.</verse>
				<verse number="18">۽ گهر جي اندر سبت جي لاءِ جيڪو ڍڪيل رستو جوڙايو هئائون، ۽ ٻاهران جيڪو بادشاهہ جي گهڙڻ جو در هو، سو اسور جي بادشاهہ جي ڪري هن ڦيرائي خداوند جي گهر ڏانهن ڪيو.</verse>
				<verse number="19">هاڻي آخز جا باقي ٻيا ڪم جي هن ڪيا، سي يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="20">۽ آخز پنهنجن ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، ۽ دائود جي شهر ۾ پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو ۽ سندس پٽ حزقياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="17">
				<verse number="1">يهوداہ جي بادشاهہ آخز جي ٻارهين ورهيہ ۾، هوسيع بن ايلہ، سامريہ ۾ اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو، ۽ هن نوَ ورهيہ بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="2">۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، پر نہ اسرائيل جي ٻين بادشاهن جهڙا، جي هن کان اڳي ٿي گذريا هئا.</verse>
				<verse number="3">انهيءَ تي اسور جو بادشاهہ سلمنسر چڙهي آيو؛ ۽ هوسيع انهيءَ جو ٻانهو ٿيو، ۽ اُنهيءَ جي لاءِ نذرانا آندائين.</verse>
				<verse number="4">۽ اسور جي بادشاهہ هوسيع جو منصوبو معلوم ڪيو: ڇالاءِ جو هن مصر جي بادشاهہ سو ڏانهن ايلچي موڪليا ۽ اسور جي بادشاهہ ڏانهن ڪو نذرانو نہ موڪليائين، جيئن اڳي سال بسال موڪليندو هو: تنهنڪري اسور جي بادشاهہ هن کي قيد ۾ وجهي ٻڌي بند ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="5">تنهن کانپوءِ اسور جو بادشاهہ ساري ملڪ مان گهمي سامريہ تائين ويو، ۽ انهيءَ کي ٽي ورهيہ گهيرو ڪيائين.</verse>
				<verse number="6">هوسيع جي نائين ورهيہ ۾ اسور جي بادشاهہ سامريہ ورتو، ۽ اسرائيلين کي قيد ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو، ۽ انهن کي جوزان نديءَ تي، خلحہ ۽ خابور شهرن ۾، ۽ مادين جي شهرن ۾ رکيائين.</verse>
				<verse number="7">۽ ائين انهي ڪري ٿيو جو بني اسرائيل خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ ڪيو، جنهن هنن کي مصر جي بادشاهہ فرعون جي هٿن مان ڪڍي ٻاهر آندو، ۽ هو ٻين معبودن کان ڊنا،</verse>
				<verse number="8">۽ جن قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪلي ڪڍيو تن جي، ۽ اسرائيل جي بادشاهن جي جوڙيل قانونن تي هليا.</verse>
				<verse number="9">۽ بني اسرائيل اهڙا ڪم ڳجهيءَ طرح خداوند پنهنجي خدا جي برخلاف ڪيا، جي چڱا نہ هئا، ۽ هنن پنهنجن سڀني شهرن ۾، ۽ پهري وارن جي ٺلهہ کان وٺي قلعي وارن شهرن تائين، مٿانهيون جايون ٺهرايون.</verse>
				<verse number="10">۽ سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪر تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ، هنن پنهنجي لاءِ ٿنڀ ۽ يسيرتون کڙيون ڪيون:</verse>
				<verse number="11">۽ اُتي اُنهن سڀني مٿانهين جاين ۾ هو لوبان ساڙيندا هئا، جيئن ٻيون قومون ڪنديون هيون، جن کي خداوند هنن جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو؛ ۽ هنن خداوند کي ڪاوڙائڻ لاءِ بڇڙا ڪم ڪيا:</verse>
				<verse number="12">۽ هنن بتن جي عبادت ڪئي، جنهن جي نسبت ۾ خداوند هنن کي چيو هو تہ اهو ڪم متان ڪريو.</verse>
				<verse number="13">انهيءَ هوندي بہ خداوند سڀ ڪنهن نبيءَ ۽ سڀ ڪنهن غيب دان جي وسيلي اسرائيل ۽ يهوداہ کي تاڪيد ڪري فرمايو، تہ اوهين پنهنجن بڇڙن رستن کان باز اچو، ۽ منهنجن حڪمن تي ۽ منهنجن قانونن تي انهيءَ ساريءَ شريعت موجب هلو، جا مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني، جا مون پنهنجن ٻانهن نبين جي هٿان موڪلي.</verse>
				<verse number="14">تڏهن بہ هنن نہ ٻڌو، پر پنهنجي گردن اهڙي سخت ڪيائون جهڙي سندن ابن ڏاڏن ڪئي هئي، جن خداوند پنهنجي خدا تي ايمان نہ آندو.</verse>
				<verse number="15">۽ انهيءَ جا قانون، ۽ جيڪو عهدنامو هن سندن ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، ۽ جيڪي شاهديون هن کين ڏنيون هيون سي رد ڪري ڇڏيائون؛ ۽ بيهودين ڳالهين جي پٺيان پيا، ۽ مغرور ٿيا، ۽ سندن آس پاس جيڪي قومون هيون تن جي پيروي ڪيائون، جن قومن جي نسبت ۾ خداوند تاڪيد ڪيو هون تہ انهن جهڙا ڪم متان ڪريو.</verse>
				<verse number="16">۽ هنن خداوند پنهنجي خدا جا سڀ حڪم ڇڏي ڏنا، ۽ پنهنجي لاءِ پلٽيل بت جوڙيائون، يعني ٻہ گابا، ۽ يسيرتون جوڙيائون، ۽ آسمان جي سڀني تارن جي پوڄا ڪيائون، ۽ بعل جي عبادت ڪيائون.</verse>
				<verse number="17">۽ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئرن کي باهہ مان لنگهايائون، ۽ فالون ۽ جادوگريون ڪم ۾ آندائون، ۽ جيڪي خداوند جي نظر ۾ خراب هو، تنهن جي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وڪيائون تہ هن کي ڪاوڙائين.</verse>
				<verse number="18">تنهنڪري خداوند اسرائيل تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ انهن کي پنهنجي اکين کان ٽاري ڇڏيائين: يهوداہ جي فرقي کانسواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ بچيو.</verse>
				<verse number="19">يهوداہ بہ خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن جي سنڀال نہ ڪئي پر اسرائيل جا قانون، جي هنن پاڻ جوڙيا، تن تي هليا.</verse>
				<verse number="20">۽ خداوند اسرائيل جي ساري نسل کي رد ڪري ڇڏيو، ۽ انهن تي مصيبتون نازل ڪيائين، ۽ انهن کي ڦرلٽ ڪندڙن جي حوالي ڪيائين، ۽ نيٺ هنن کي پنهنجي نظر کان برطرف ڪري ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو هن اسرائيل کي دائود جي گهراڻي کان وڍي ڪڍي ڇڏيو؛ ۽ هنن يربعام بن نباط کي بادشاهہ بنايو: ۽ يربعام اسرائيل کي خداوند جي پيروي ڪرڻ کان ڪڍي هنن جي هٿان وڏا گناهہ ڪرايا.</verse>
				<verse number="22">۽ بني اسرائيل يربعام جي انهن گناهن تي هليا، جي هن ڪيا؛ هو اُنهن کان نہ مڙيا؛</verse>
				<verse number="23">نيٺ خداوند اسرائيل کي پنهنجي نظر کان برطرف ڪري ڇڏيو، جيئن ڪ هن پنهنجن سڀني ٻانهن نبين جي معرفت فرمايو. انهيءَ طرح اسرائيلي پنهنجي ملڪ مان کڄي اسور ۾ آيا، جتي اڄ ڏينهن تائين آهن.</verse>
				<verse number="24">۽ اسور جي بادشاهہ بابل مان، ۽ ڪوتہ مان، ۽ عوا مان، ۽ حمات ۽ سفروائم مان ماڻهو آڻي بني اسرائيل بدران سامريہ جي شهرن ۾ ويهاريا: ۽ هو سامريہ هٿ ڪري انهيءَ جي شهرن ۾ رهڻ لڳا.</verse>
				<verse number="25">۽ هيئن ٿيو تہ هنن جي اُتي رهڻ جي شروعات ۾ هو خداوند کان نہ ڊڄندا هئا: تنهنڪري خداوند منجهن شينهن موڪليا، جن انهن مان ڪن کي ماري وڌو.</verse>
				<verse number="26">انهيءَ ڪري هنن اسور جي بادشاهہ کي چيو تہ جيڪي قومون تو آڻي سامريہ جي شهرن ۾ ويهاريون آهن، سي انهيءَ ملڪ جي خداوند جو رستو نٿيون ڄاڻين: سو هن انهن منجهہ شينهن موڪليا آهن ۽ ڏس، اُهي هنن کي مارين ٿا، ڇالاءِ جو هو انهيءَ ملڪ جي خدا جو رستو نہ ٿا ڄاڻن.</verse>
				<verse number="27">تڏهن اسور جي بادشاهہ حڪم ڏيئي چيو تہ جن ڪاهنن کي اوهان اُتان آندو آهي، تن مان هڪڙو اُتي وٺي وڃو؛ ۽ هو وڃي اُتي رهي ۽ اُهو هنن کي ملڪ جي خدا جو رستو سيکاري.</verse>
				<verse number="28">ان موجب جيڪي ڪاهن هن سامريہ مان آندا هئا، تن مان هڪڙو اچي بيت ايل ۾ رهيو، ۽ هنن کي سيکارڻ لڳو تہ ڪيئن خداوند کان ڊڄڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="29">انهيءَ هوندي بہ سڀ ڪنهن قوم پنهنجا پنهنجا معبود جوڙي، جيڪي مٿانهيون جايون سامريہ وارن جوڙيون هيون، تن جي گهرن ۾ رکيائون؛ هرهڪ قوم، جنهن جنهن شهر ۾ رهندي هئي، تنهن ۾ ائين ڪيو.</verse>
				<verse number="30">۽ بابل جي ماڻهن سڪات بنات جوڙيو، ۽ ڪوت جي ماڻهن نيرگل جوڙيو، ۽ حمات جي ماڻهن اسيما جوڙيو.</verse>
				<verse number="31">۽ عوائين نبحاز، ۽ ترتاق جوڙيا، ۽ سفروين پنهنجا ٻار ادرملڪ ۽ عنملڪ جي لاءِ باهہ ۾ ساڙيا، جي سفروائم جا معبود هئا.</verse>
				<verse number="32">انهيءَ طرح هو خداوند کان ڊنا، ۽ پاڻ منجهان پنهنجي لاءِ مٿانهين جاين جا ڪاهن مقرر ڪيائون، جي هنن جي لاءِ مٿانهين جاين جي گهرن ۾ قربانيون چاڙهيندا هئا.</verse>
				<verse number="33">هو ڊڄندا خداوند کان هئا پر عبادت پنهنجن معبودن جي ڪندا هئا، جنهن دستور اُهي قومون ڪنديون هيون، جن منجهان هو کڄي آيا هئا.</verse>
				<verse number="34">اڄ ڏينهن تائين هو اڳوڻي دستور موجب هلندا اچن: نڪي هو خداوند کان ڊڄن ٿا، نڪي پنهنجن انهن قانونن ۽ انهيءَ شريعت ۽ حڪم تي هلن ٿا، جي خداوند يعقوب جي اولاد کي ڏنا، جنهن جو نالو هن اسرائيل رکيو؛</verse>
				<verse number="35">جن سان خداوند عهدنامو ڪيو، ۽ تاڪيد ڪري فرمايائين تہ اوهين ٻين معبودن کان متان ڊڄو، نڪي انهن کي سجدو ڪجو، ۽ نہ انهن جي عبادت ڪجو، ۽ نہ انهن لاءِ قرباني چاڙهجو:</verse>
				<verse number="36">پر جنهن خداوند اوهان کي وڏي قدرت ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان مصر جي زمين مان ڪڍي ٻاهر آندو، تنهن کان اوهين ڊڄجو، ۽ انهيءَ کي اوهين سجدو ڏجو، ۽ انهيءَ لاءِ اوهين قربانيون چاڙهجو:</verse>
				<verse number="37">۽ قانون، ۽ قاعدا، ۽ شريعت، ۽ حڪم، جي هن اوهان جي لاءِ لکيا، تن جي اوهين هميشہ تعميل ڪندا رهجو؛ ۽ اوهين ٻين معبودن کان نہ ڊڄجو:</verse>
				<verse number="38">۽ جيڪو عهد مون اوهان سان ڪيو آهي سو اوهين متان وساريو؛ نڪي اوهين ٻين معبودن کان ڊڄجو:</verse>
				<verse number="39">پر اوهين خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄجو؛ ۽ اهو اوهان کي اوهانجن سڀني دشمنن جي هٿان ڇڏائيندو.</verse>
				<verse number="40">تڏهن بہ هنن نہ ٻڌو پر پنهنجي اڳئين دستور تي هليا.</verse>
				<verse number="41">انهيءَ طرح هي قومون خداوند کان ڊڄنديون هيون پر پنهنجن اُڪريل بتن جي عبادت ڪنديون هيون؛ اُنهن جو اولاد ۽ انهن جي اولاد جو اولاد بہ ائين ڪندو هو، جيئن سندن ابا ڏاڏا ڪندا هئا، ۽ ائين هو اڄ ڏينهن تائين ڪندا اچن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="18">
				<verse number="1">هاڻي اسرائيل جي بادشاهہ هوسيع بن ايلہ جي ٽئين ورهيہ ۾ هيئن ٿيو تہ يهوداہ جو بادشاهہ حزقياہ بن آخز بادشاهي ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="2">جڏهن هو بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن پنجويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ اوڻٽيهہ ورهيہ بادشاهہ ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو ابي هو ۽ هوءَ زڪرياہ جي ڌيءَ هئي.</verse>
				<verse number="3">۽ هن اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، جيئن ڪ سندس پيءُ دائود ڪيا هئا.</verse>
				<verse number="4">هن مٿانهيون جايون ڪڍي ڇڏيون ۽ ٿنڀ ڀڃائي ۽ يسيرت وڍائي ڇڏيا: ۽ جيڪو پتل جو نانگ موسيٰ جوڙيو هو، سو هن ڀڃائي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو؛ ڇالاءِ جو انهن ڏينهن تائين بني اسرائيل انهيءَ لاءِ لوبان ساڙيندا هئا؛ ۽ هن انهيءَ جو نالو نحشتان رکيو.</verse>
				<verse number="5">هن خداوند اسرائيل جي خدا تي ڀروسو رکيو؛ جنهنڪري هن کان پوءِ يهوداہ جي سڀني بادشاهن ۾، توڙي هن کان اڳي ٻيو هن جهڙو ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو هو خداوند کي چُهٽيو آيو، ۽ انهيءَ جي پيروي ڪرڻ ڇڏي نہ ڏنائين، پر جيڪي حڪم خداوند موسيٰ کي ڏنا هئا تن جي تعميل ڪندو آيو.</verse>
				<verse number="7">۽ خداوند هن سان هو؛ جنهن پاسي هو ويندو هو انهيءَ پاسي هو فتحياب ٿيندو هو: ۽ هو اسور جي بادشاهہ کان باغي ٿيو ۽ هن جي تابعداري نہ ڪيائين.</verse>
				<verse number="8">هن فلستين کي غزہ تائين، ۽ ان جي سرحد تائين، پهري واري جي ٺلهہ کان وٺي ڪوٽ واري شهر تائين شڪست ڏني.</verse>
				<verse number="9">۽ بادشاهہ حزقياہ جو چوٿون سال، جو اسرائيل جي بادشاهہ هوسيع بن ايلہ جو ستون سال هو، تنهن ۾ هيئن ٿيو تہ اسور جو بادشاهہ سلمنسر سامريہ تي چڙهي آيو ۽ انهيءَ کي گهيرو ڪيائين.</verse>
				<verse number="10">۽ ٽن ورهين کان پوءِ اهو ورتائين: يعني حزقياہ جو ڇهون سال، جو اسرائيل جي بادشاهہ هوسيع جو نائون سال هو، تنهن ۾ هن سامريہ ورتو.</verse>
				<verse number="11">۽ اسور جو بادشاهہ اسرائيل کي قيد ڪري اسور ۾ وٺي ويو ۽ اُتي جوزان نديءَ جي ڪناري تي، خلح ۽ خابور ۾، ۽ مادين جي شهرن ۾ هنن کي رکيائين:</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو هنن خداوند پنهنجي خدا جو حڪم نہ مڃيو هو، پر هن جي عهد اقرار کان، ۽ جيڪي حڪم خداوند جي ٻانهي موسيٰ جاري ڪيا هئا، تن سڀني کان هنن عدول ڪيو، ۽ اُهي نہ ٻڌائون ۽ نہ انهن تي عمل ڪيائون.</verse>
				<verse number="13">هاڻي بادشاهہ حزقياہ جي چوڏهين ورهيہ ۾، اسور جو بادشاهہ سنحيرب يهوداہ جي سڀني ڪوٽ وارن شهرن تي چڙهي آيو ۽ اُهي ورتائين.</verse>
				<verse number="14">۽ يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ اسور جي بادشاهہ ڏانهن لڪيس ۾ چوائي موڪليو تہ مون قصور ڪيو آهي؛ مون وٽان موٽي وڃو: جيڪي تون مون تي رکندين سو آءٌ ڏيندس. ۽ اسور جي بادشاهہ يهوداہ جي بادشاهہ تي ٽي سؤ قنطار چانديءَ جا ۽ ٽيهہ قنطار سون جا ٻڌا.</verse>
				<verse number="15">۽ حزقياہ هن کي جيڪا چاندي خداوند جي گهر ۾، ۽ بادشاهہ جي گهر جي خزانن ۾ لڌي سا سڀ ڏني.</verse>
				<verse number="16">انهيءَ وقت حزقياہ خداوند جي هيڪل جي درن تان، ۽ جيڪي ٿنڀ يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ سون سان مڙهايا هئا، تن تان سون لاهي اهو اسور جي بادشاهہ کي ڏنائين.</verse>
				<verse number="17">پوءِ اسور جي بادشاهہ ترتان، ۽ رب سارس ۽ ربشاقيءَ کي لڪيس مان وڏو لشڪر ساڻ ڏيئي بادشاهہ حزقياہ ڏانهن يروشلم ۾ موڪليو. ۽ هو روانا ٿيا ۽ يروشلم ۾ آيا. ۽ جڏهن هو اُتي پهتا تڏهن مٿين ڍنڍ، جا ڌوٻي گهاٽ جي شاهي رستي تي آهي، تنهن جي موريءَ تي اچي بيهي رهيا.</verse>
				<verse number="18">۽ جڏهن هنن بادشاهہ کي سڏيو تڏهن وٽن الياقيم بن خلقياہ، جو گهر جي ڪم ڪار تي مقرر هو، سو ۽ شبناہ محرر، ۽ يواخ بن آسف دفتردار نڪري آيا.</verse>
				<verse number="19">۽ ربشاقيءَ انهن کي چيو تہ هاڻي اوهين حزقياہ کي چئو تہ وڏو بادشاهہ، اسور جو بادشاهہ هيئن ٿو فرمائي، تہ هي ڪهڙو ويساهہ آهي، جنهن تي تون ڀروسو ٿو رکين؟</verse>
				<verse number="20">تون چوين تہ ٿو، مگر اهي سڀ اجايون ڳالهيون آهن تہ جنگ جي لاءِ مصلحت ۽ زور آهي. هاڻي تنهنجو ڪنهن تي ڀروسو آهي جو تون مون کان باغي ٿيو آهين؟</verse>
				<verse number="21">هاڻي ڏس، تنهنجو ڀروسو اهڙيءَ لٺ تي آهي جهڙو ڦٿل ڪانو، يعني مصر تي آهي، جنهن تي ڪڏهن ڪو ماڻهو ٽيڪ ڏيندو تہ اُهو سندس هٿ ۾ چُڀي ويندو: مصر جو بادشاهہ فرعون بہ، جيڪي مٿس ڀروسو ٿا رکن، تن جي لاءِ اهڙو ئي آهي.</verse>
				<verse number="22">پر جيڪڏهن اوهين مون کي چوندا تہ اسان جو ڀروسو خداوند اسان جي خدا تي آهي: تہ هو اهو نہ آهي ڇا جنهن جون مٿانهيون جايون ۽ جنهن جون قربانگاهون حزقياہ ڪيرائي ڇڏيون آهن، ۽ جنهن يهوداہ ۽ يروشلم کي چيو آهي تہ اوهين يروشلم ۾ هن قربانگاهہ جي اڳيان سجدو ڪجو؟</verse>
				<verse number="23">تنهنڪري هاڻي آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجي ڌڻيءَ اسور جي بادشاهہ سان عهد ڪر، ۽ آءٌ توکي ٻہ هزار گهوڙا ڏيندس، بشرطيڪ تون اهو ذمو کڻندين تہ انهن تي سوار چاڙهي سگهندين.</verse>
				<verse number="24">تڏهن توکان ڪيئن ٿي سگهندو تہ منهنجي ڌڻيءَ جي خسيس نوڪرن مان هڪڙي سردار جو منهن ڦيرائين، ۽ رٿن ۽ گهوڙي سوارن لاءِ مصر تي ڀروسو رکين؟</verse>
				<verse number="25">آءٌ ڪو خداوند کان سواءِ هن هنڌ کي چٽ ڪرڻ لاءِ ڪاهي آيو آهيان ڇا؟ خداوند مون کي چيو تہ هن ملڪ تي ڪاهي وڃي انهيءَ کي ناس ڪر.</verse>
				<verse number="26">تڏهن الياقيم بن خلقياہ، ۽ شبناہ، ۽ يواخ، ربشاقيءَ کي چيو تہ ڀلائي ڪري پنهنجن نوڪرن سان ارامي ٻوليءَ ۾ ڳالهاءِ، ڇالاءِ جو اسين اُها سمجهون ٿا: ۽ يهودين جي ٻوليءَ ۾ اسان سان نہ ڳالهاءِ، متان ڀت تي جيڪي ماڻهو آهن سي ٻڌن.</verse>
				<verse number="27">پر ربشاقيءَ هنن کي چيو تہ منهنجي ڌڻيءَ مون کي تنهنجي ڌڻيءَ ۽ تو ڏانهن ڪو انهن ڳالهين ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي ڇا؟ هن مون کي انهن ماڻهن ڏانهن نہ موڪليو آهي ڇا جي ڀت تي ويٺا آهن تہ پنهنجو گند اوهان سان گڏجي کائين، ۽ پنهنجو پاڻي اوهان سان گڏجي پيئن؟</verse>
				<verse number="28">تڏهن ربشاقي اُٿي يهودين جي ٻوليءَ ۾ وڏي سڏ چوڻ لڳو تہ اوهين وڏي بادشاهہ اسور جي بادشاهہ جو حڪم ٻڌو.</verse>
				<verse number="29">بادشاهہ هيئن ٿو فرمائي تہ ڌيان ڪجو متان حزقياہ اوهان کي ٺڳي؛ ڇالاءِ جو هو اوهان کي هن جي هٿن مان ڇڏائي نہ سگهندو.</verse>
				<verse number="30">حزقياہ جي انهيءَ چوڻ تي خداوند تي ڀروسو متان رکو تہ خداوند ضرور اوهان کي بچائيندو، ۽ هي شهر اسور جي بادشاهہ جي قبضي ۾ ڏيئي نہ ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="31">حزقياہ جي ڳالهہ متان مڃو: ڇالاءِ جو اسور جي بادشاهہ هيئن فرمايو آهي تہ مون سان صلح ڪريو ۽ نڪري مون وٽ اچو؛ ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي ڊاک کائي، ۽ پنهنجي پنهنجي انجير جي وڻ مان کائي، ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي حوض مان پاڻي پئي؛</verse>
				<verse number="32">جيسين آءٌ اچي اوهان کي انهيءَ ملڪ ڏانهن وٺي وڃان جو اوهان جي پنهنجي ملڪ جهڙو آهي، جو اَن ۽ شراب جو ملڪ آهي، ماني ۽ ڊاک جي منهہ جو ملڪ آهي، زيتون جي تيل ۽ ماکيءَ جو ملڪ آهي: تہ اوهين زندہ رهو ۽ مري نہ وڃو: ۽ جڏهن حزقياہ اوهان کي ٺڳاري چوي تہ خداوند اسان کي ڇڏائيندو، تڏهن هن جي ڳالهہ متان ٻڌو.</verse>
				<verse number="33">ڪڏهن غير قومن جي معبودن مان ڪنهن پنهنجو ملڪ اسور جي بادشاهہ جي هٿن کان بچايو آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="34">حمات ۽ ارفاد جا معبود ڪٿي آهن؟ سفروائم ۽ هينع ۽ عواہ جا معبود ڪٿي آهن؟ اُنهن سامريہ کي ڪو منهنجن هٿن کان بچايو آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="35">ملڪن جي سڀني معبودن مان ڪهڙا آهن جن پنهنجو ملڪ منهنجن هٿن کان بچايو آهي، جو خداوند يروشلم کي منهنجن هٿن مان بچائيندو؟</verse>
				<verse number="36">پر ماڻهن ماٺ ڪيو پئي ٻڌو ۽ جواب ۾ هڪڙو اکر بہ نہ ڪُڇيائون: ڇالاءِ جو بادشاهہ اهو حڪم ڏيئي ڇڏيو هون تہ هن کي ڪوبہ جواب نہ ڏجو.</verse>
				<verse number="37">تڏهن الياقيم بن خلقياہ جو گهر جي ڪم ڪار تي مقرر هو، ۽ شبناہ محرر، ۽ يواخ بن آسف دفتردار، پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي اچي حزقياہ کي ربشاقيءَ واريون ڳالهيون ٻڌايون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="19">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ حزقياہ اهو ٻڌو تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيائين، ۽ کٿو ڍڪي خداوند جي گهر ۾ ويو.</verse>
				<verse number="2">۽ الياقيم، گهر جي ڪم ڪار سنڀالڻ واري کي، ۽ شبناہ محرر ۽ ڪاهنن جي بزرگن کي کٿا ڍڪائي، آموص جي پٽ يسعياہ نبيءَ وٽ موڪليائين.</verse>
				<verse number="3">۽ انهن وڃي هن کي چيو تہ حزقياہ هيئن ٿو چوي تہ اڄوڪو ڏينهن مصيبت جو، ۽ طعني جو، ۽ ڌڪار جو آهي: ڇالاءِ جو ٻار ڄمڻ تي آيا آهن پر انهن کي ڄڻڻ جي طاقت ڪانہ رهي آهي.</verse>
				<verse number="4">من خداوند تنهنجو خدا ربشاقيءَ جون سڀ ڳالهيون ٻڌي، جنهن کي سندس ڌڻيءَ اسور جي بادشاهہ موڪليو آهي تہ جيئري خدا کي ملامت ڪري، ۽ جيڪي ڳالهيون خداوند تنهنجي خدا ٻڌيون آهن تن بابت هو ڇڙٻي: تنهنڪري باقي جيڪي بچيا آهن، تن جي حق ۾ دعا گهر.</verse>
				<verse number="5">تڏهن بادشاهہ حزقياہ جا نوڪر يسعياہ وٽ آيا.</verse>
				<verse number="6">۽ يسعياہ انهن کي چيو تہ اوهين پنهنجي ڌڻيءَ کي وڃي چئو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيڪي ڳالهيون تو ٻڌيون آهن، جن ۾ اسور جي بادشاهہ جي نوڪرن منهنجي نسبت ۾ ڪفر بڪيو آهي، تن کان تون نہ ڊڄ.</verse>
				<verse number="7">ڏس، آءٌ هن ۾ هڪڙو روح وجهندس، ۽ هو هڪڙو افواهہ ٻڌندو ۽ موٽي پنهنجي ملڪ ڏانهن ويندو؛ ۽ آءٌ هن کي خود سندس ملڪ ۾ ترار سان ڪيرائيندس.</verse>
				<verse number="8">پوءِ ربشاقي موٽي آيو ۽ اچي ڏٺائين تہ اسور جو بادشاهہ لبناہ سان جنگ پيو ڪري: ڇالاءِ جو هن ٻڌو هو تہ هو لڪيس مان روانو ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ جڏهن هن ڪوش جي بادشاهہ ترهاقہ بابت ٻڌو تہ ڏس، هو وڙهڻ لاءِ سنبري آيو آهي: تڏهن هن وري بہ ايلچين کي حزقياہ ڏانهن موڪليو ۽ انهن کي چيائين، تہ</verse>
				<verse number="10">اوهين يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ کي هيئن چئجو تہ جنهن خدا ۾ تون ڀروسو ٿو رکين سو توکي ائين چئي نہ ٺڳي تہ يروشلم اسور جي بادشاهہ جي هٿن ۾ نہ ڏنو ويندو.</verse>
				<verse number="11">ڏس، تو ٻڌو آهي تہ اسور جي بادشاهہ سڀني ملڪن سان ڇا ڪيو آهي، جو انهن کي بلڪل تباهہ ڪري ڇڏيو اٿس: ۽ تون ڇُٽي ويندين ڇا؟</verse>
				<verse number="12">غير قومن جي معبودن اُنهن کي ڪو ڇڏايو ڇا، جن کي منهنجي ابن ڏاڏن چٽ ڪيو آهي، يعني جوزان، ۽ حاران، ۽ رصف، ۽ بني عدن، جي تلسار ۾ هئا؟</verse>
				<verse number="13">حمات جو بادشاهہ، ۽ ارفاد جو بادشاهہ، ۽ سفروائم جي شهر، ۽ هينع، ۽ عواہ جا بادشاهہ ڪٿي آهن؟</verse>
				<verse number="14">۽ حزقياہ کي اهو خط ايلچين جي هٿان مليو ۽ اُهو هن پڙهيو: ۽ حزقياہ خداوند جي گهر ۾ وڃي اُهو خداوند جي اڳيان پکيڙي رکيو.</verse>
				<verse number="15">۽ حزقياہ خداوند جي حضور مان دعا گهري، ۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند اسرائيل جا خدا، تون جو ڪروبين تي ويٺو آهين سو ئي فقط زمين جي سڀني بادشاهتن جو خدا آهين؛ تو آسمان ۽ زمين جوڙيا آهن.</verse>
				<verse number="16">اي خداوند تون پنهنجو ڪن ڏي ۽ ٻڌ؛ اي خداوند، تون پنهنجيون اکيون کول ۽ ڏس؛ ۽ جيڪي ڳالهيون سنحيرب جيئري خدا کي طعني هڻڻ جي ارادي سان مون ڏانهن چوائي موڪليون آهن، سي ٻڌ.</verse>
				<verse number="17">اي خداوند، تحقيق اسور جي بادشاهن قومن ۽ انهن جي ملڪن کي خراب ۽ ويران ڪري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="18">۽ انهن جي معبودن کي باهہ ۾ اُڇلائي وڌو اٿن: ڇالاءِ جو اُهي خدا نہ هئا، پر ماڻهن جي هٿن جو جوڙيل ڪاٺ ۽ پٿر هئا؛ تنهنڪري انهن کي هنن ناس ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="19">تنهنڪري هاڻي، اي خداوند، اسان جا خدا، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ تون انهيءَ جي هٿن مان اسان کي بچاءِ تہ زمين جون سڀ بادشاهتون ڄاڻن تہ توکان سواءِ ٻيو ڪوبہ خداوند خدا ڪونهي.</verse>
				<verse number="20">تڏهن يسعياہ بن آموص حزقياہ ڏانهن چوائي موڪليو تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن صورت تو اسور جي بادشاهہ سنحيرب جي برخلاف مون کان دعا گهري آهي، تنهن صورت مون اها ٻڌي آهي.</verse>
				<verse number="21">انهيءَ جي نسبت ۾ خداوند هي ڪلام ڪيو آهي: صيون جي ڪنواري ڌيءَ تو تي نفرت ظاهر ڪئي آهي ۽ تو تي کل ٺٺولي ڪئي اٿس؛ يروشلم جي ڌيءَ تو تي پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو آهي.</verse>
				<verse number="22">تو ڪنهن کي طعنو هنيو آهي ۽ ڪنهن جي حق ۾ ڪفر بڪيو اٿيئي؟ ۽ ڪنهن تي تو پنهنجو وات پٽيو آهي، ۽ پنهنجيون اکيون مٿي کنيون آهن؟ يعني اسرائيل جي پاڪ خدا تي.</verse>
				<verse number="23">پنهنجا قاصد موڪلي تو خداوند تي ملامت ڪئي آهي ۽ چيو اٿيئي تہ پنهنجن گهڻن رٿن سان آءٌ جبلن جي چوٽيءَ تي، لبنان جي تمام اندرين ڀاڱي ۾ گهڙي آيو آهيان؛ ۽ آءٌ انهيءَ جا ڊگها ديودار ۽ انهيءَ جا عمدا صنوبر جا وڻ وڍيندس: ۽ جيڪو هن جو سڀ کان پرانهون رهڻ جو هنڌ آهي، يعني سندس پيدائش وارين ٻنين جو ٻيلو آهي، تنهن ۾ گهڙندس.</verse>
				<verse number="24">مون غير ملڪن جا پاڻي کوٽيا ۽ پيتا آهن، ۽ پنهنجن پيرن جي ترين سان مصر جون نديون سُڪائي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="25">تو نہ ٻڌو آهي ڇا تہ اڳئين زماني ۾ مون اهو ڪيو، ۽ قديم وقت ۾ مون انهيءَ جو ڪهڙو بندوبست ڪري ڇڏيو هو؟ هاڻي مون اُهو پورو ڪيو آهي تہ تون ڪوٽ وارن شهرن کي ويران ڪري، ڦٽل ڍيرن ڪرڻ وارو ٿين.</verse>
				<verse number="26">تنهنڪري انهن جا رهاڪو ٿوريءَ طاقت وارا هئا، ۽ اُهي ڊڄي منجهي ويا؛ اُهي اهڙا هئا جهڙو ٻنيءَ جو گاهہ، جهڙي جهنگ جي ساوڪ، ۽ گهرن جي ڇتين تي گاهہ، جهڙو اُهو اَن، جو اُڀرڻ کان اڳي سڙي وڃي.</verse>
				<verse number="27">پر مون کي تنهنجي هيٺ ويهڻ، ۽ ٻاهر وڃڻ، ۽ اندر اچڻ، ۽ مون تي بڪ ڪرڻ جي خبر آهي.</verse>
				<verse number="28">تنهنجي مون تي بڪ، ۽ تنهنجي مغروري منهنجي ڪنن تائين پهتي آهي، تنهنڪري آءٌ پنهنجو ڪنڍو تنهنجي نڪ ۾ هڻندس، ۽ پنهنجو لغام تنهنجن چپن ۾ وجهندس، ۽ جنهن رستي کان آيو آهين، انهيءَ رستي کان توکي موٽائي موڪليندس.</verse>
				<verse number="29">۽ تنهنجي لاءِ هيءَ نشاني ٿيندي: هن سال جيڪي پاڻيهي اُڀرندو سو اوهين کائيندا ۽ ٻئي سال ۾ بہ جيڪي انهيءَ ساڳي مان پاڻيهي ڄمندو؛ ۽ ٽئين سال ۾ اوهين پوکجو، ۽ لڻجو، ۽ ڊاکن جا منهہ لڳائجو، ۽ انهيءَ جو ڦر کائجو.</verse>
				<verse number="30">۽ يهوداہ جي گهراڻي مان جيڪي ماڻهو باقي بچيا آهن، سي وري هيٺ پاڙ هڻندا ۽ مٿي اُڀري ڦر جهليندا.</verse>
				<verse number="31">ڇالاءِ جو يروشلم مان باقي رهيل ۽ صيون جبل مان ڀڄي نڪتل ٻاهر نڪري ويندا: خداوند جي غيرت اهو سڀ ڪم ڪندي.</verse>
				<verse number="32">تنهنڪري اسور جي بادشاهہ جي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هو هن شهر ۾ نہ ايندو، نڪي ڪو تير هڻندو، نڪي سپر کڻي انهيءَ جي اڳيان ايندو، نڪي انهيءَ جي سامهون بند ٻڌندو.</verse>
				<verse number="33">خداوند ٿو فرمائي تہ جنهن رستي کان هو آيو، انهيءَ ساڳئي رستي کان هو موٽي ويندو ۽ هن شهر ۾ نہ ايندو.</verse>
				<verse number="34">ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر هي شهر پناهہ ڏيئي بچائيندس.</verse>
				<verse number="35">۽ انهيءَ رات هيئن ٿيو تہ خداوند جو ملائڪ نڪري آيو ۽ اسورين جي لشڪرگاهہ ۾ هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهو ماريائين: ۽ جڏهن صبح جو سوير ماڻهو اُٿيا، تڏهن ڏسن تہ اُنهن سڀني جا لاش پيا آهن.</verse>
				<verse number="36">تڏهن اسور جو بادشاهہ سنحيرب اُتان نڪتو ۽ موٽي وڃي نينوہ ۾ رهيو.</verse>
				<verse number="37">۽ هيئن ٿيو تہ جيئن هن پنهنجي معبود نسروڪ جي گهر ۾ سجدو پئي ڪيو، تيئن ادرملڪ ۽ شراضر هن کي ترار هڻي ماري وڌو، ۽ پوءِ هو اراراط جي ملڪ ڏانهن ڀڄي ويا. ۽ هن جو پٽ اسرحدون هن جي جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="20">
				<verse number="1">انهن ڏينهن ۾ حزقياہ سخت بيمار ٿي پيو ۽ مرڻ تي هو. ۽ يسعياہ بن آموص نبي هن وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجي گهر جو بندوبست ڪر؛ ڇالاءِ جو تون مرندين، ۽ جيئرو نہ رهندين.</verse>
				<verse number="2">تڏهن هن ڦري پنهنجو منهن ڀت ڏانهن ڪيو ۽ خداوند کان دعا گهريائين ۽ چيائين تہ</verse>
				<verse number="3">اي خداوند، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ هاڻي ياد ڪر تہ ڪيئن آءٌ تنهنجي اڳيان سچ تي ڪامل دل سان هليو آهيان، ۽ اُهي ڪم ڪيا اٿم جي تنهنجي نظر ۾ چڱا آهن. پوءِ حزقياہ ڏاڍو روئڻ لڳو.</verse>
				<verse number="4">۽ هيئن ٿيو تہ يسعياہ جي نڪري شهر جي وچين ڀاڱي ۾ پهچڻ کان اڳي هن تي خداوند جو ڪلام نازل ٿيو، جنهن چيس تہ</verse>
				<verse number="5">پٺتي موٽ ۽ منهنجي قوم جي سردار حزقياہ کي چئُہ تہ خداوند، تنهنجي پيءُ دائود جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي، ۽ مون تنهنجا ڳوڙها ڏٺا آهن: ڏس، آءٌ توکي شفا بخشيندس: ٽئين ڏينهن تون مٿي خداوند جي گهر ۾ ويندين.</verse>
				<verse number="6">۽ آءٌ تنهنجي عمر پندرهن ورهيہ وڌائيندس: ۽ آءٌ توکي ۽ هن شهر کي اسور جي بادشاهہ جي هٿن مان ڇڏائيندس: ۽ آءٌ هن شهر کي پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر بچائيندس.</verse>
				<verse number="7">۽ يسعياہ چيو تہ انجير جي هڪڙي ٽڪي کڻ. ۽ اُها کڻي انهيءَ ڦرڙيءَ تي رکيائون تہ هو چڱو ڀلو ٿي پيو.</verse>
				<verse number="8">۽ حزقياہ يسعياہ کي چيو تہ خداوند مون کي شفا ڏيندو، تنهن جي ڪهڙي نشاني هوندي جو آءٌ ٽئين ڏينهن خداوند جي گهر ۾ ويندس؟</verse>
				<verse number="9">۽ يسعياہ چيو تہ خداوند وٽان تنهنجي لاءِ هيءَ نشاني هوندي تہ جيڪي خداوند فرمايو آهي سو ڪندو: ڇا پاڇو ڏهہ قدم اڳي يا ڏهہ قدم پوئتي وڃي؟</verse>
				<verse number="10">۽ حزقياہ ورندي ڏني تہ پاڇي کي ڏهہ قدم اڳتي لڙڻ آسان آهي: پر گهرجي ائين تہ پاڇو ڏهہ قدم پٺتي موٽي.</verse>
				<verse number="11">۽ يسعياہ نبيءَ خداوند کان دعا گهري، ۽ هن اُهو پاڇو جو آخز جي ڌوپ گهڙي تان لهي ويو هو تنهن کي ڏهہ قدم پٺتي موٽائي آندو.</verse>
				<verse number="12">انهيءَ وقت بابل جي بادشاهہ برودڪ بلہ دان بن بلہ دان، خط ۽ هڪڙو تحفو حزقياہ ڏانهن موڪليو: ڇالاءِ جو هن ٻڌو هو تہ حزقياہ بيمار هو:</verse>
				<verse number="13">۽ حزقياہ انهن جي ڳالهہ ٻڌي ۽ انهن کي پنهنجين قيمتي شين جو گهر، ۽ چاندي، ۽ سون، ۽ مصالحا، ۽ قيمتي تيل، ۽ پنهنجن هٿيارن جو گهر، ۽ ٻيو جيڪي سندس خزانن ۾ موجود هو سو سڀ ڏيکاريائين: هن جي گهر ۾، توڙي هن جي ساري بادشاهت ۾ اهڙي ڪابہ شيءِ ڪانہ هئي جا هن انهن کي نہ ڏيکاري.</verse>
				<verse number="14">تڏهن يسعياہ نبي حزقياہ بادشاهہ وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ هنن ماڻهن ڇا چيو؟ ۽ ڪٿان اُهي تو وٽ آيا؟ ۽ حزقياہ چيو تہ اُهي پرانهين ملڪ مان، يعني بابل مان آيا آهن.</verse>
				<verse number="15">۽ هن چيو تہ هنن تنهنجي گهر ۾ ڇا ڏٺو آهي؟ حزقياہ ورندي ڏني تہ جيڪي بہ منهنجي گهر ۾ آهي سو سڀ هنن ڏٺو آهي: منهنجن خزانن ۾ اهڙي ڪابہ شيءِ ڪانهي جا مون هنن کي نہ ڏيکاري آهي.</verse>
				<verse number="16">۽ يسعياہ حزقياہ کي چيو تہ خدا جو ڪلام ٻڌ.</verse>
				<verse number="17">ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن جيڪي تنهنجي گهر ۾ آهي، ۽ جيڪي تنهنجن ابن ڏاڏن اڄ ڏينهن تائين گڏ ڪري رکيو آهي، سو سڀ بابل ڏانهن کڄي ويندو: خداوند فرمائي ٿو تہ ڪجهہ بہ پٺتي ڇڏيو نہ ويندو.</verse>
				<verse number="18">۽ جيڪي پٽ تو مان پيدا ٿيندا جي تون ڄڻيندين، سي هو وٺي ويندا؛ ۽ اُهي بابل جي بادشاهہ جي محلات ۾ نوڪر ٿيندا.</verse>
				<verse number="19">تڏهن حزقياہ يسعياہ کي چيو تہ خداوند جو جيڪو ڪلام تو ٻڌايو آهي سو چڱو آهي. هن هيترو بہ وڌيڪ چيو تہ ائين نہ آهي ڇا تہ صلح ۽ سچائي منهنجن ڏينهن ۾ رهندي؟</verse>
				<verse number="20">هاڻي حزقياہ جا باقي ٻيا ڪم ۽ سندس طاقت ۽ ڪيئن هن حوض موڙي جوڙي ۽ شهر ۾ پاڻي آندائين، اهو سڀ يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="21">۽ حزقياہ پنهنجن ابن ڏاڏن سان وڃي ستو: ۽ سندس پٽ منسي سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="21">
				<verse number="1">جڏهن منسي بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن هو ٻارهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ پنجونجاهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو حفصي باہ هو.</verse>
				<verse number="2">۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، جو اُهي انهن غير قومن جي ڪراهت جهڙن ڪمن موافق هئا، جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪلي ڪڍيو هو.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو هن وري اُهي مٿانهيون جايون جوڙايون، جي سندس پيءُ حزقياہ ڊاهي ڇڏيون هيون؛ ۽ هن بعل جي لاءِ قربانگاهون اڏايون؛ ۽ هڪڙو يسيرت بہ جوڙايو، جيئن ڪ اسرائيل جي بادشاهہ اخي آب ڪيو هو، ۽ آسمان جي سڀني تارن جي عبادت ڪيائين، ۽ اُنهن جي بندگي ڪيائين.</verse>
				<verse number="4">۽ هن خداوند جي گهر ۾ قربانگاهون جوڙايون، جن بابت خداوند فرمايو هو تہ يروشلم ۾ آءٌ پنهنجو نالو رکندس.</verse>
				<verse number="5">۽ هن خداوند جي گهر جي ٻن ايوانن ۾ آسمان جي سڀني تارن لاءِ قربانگاهون جوڙايون.</verse>
				<verse number="6">۽ هن پنهنجي پٽ کي باهہ مان لنگهايو، ۽ فالون وجهارايائين، ۽ جادو ڪم ۾ آندائين، ۽ جن کي جن اُپندا هئا تن سان، ۽ ڏائڻن سان واهپو رکيائين: هن خداوند کي ڪاوڙائڻ لاءِ سندس نظر ۾ گهڻي خرابي ڪئي.</verse>
				<verse number="7">۽ جيڪا يسيرت جي مورت هن جوڙائي هئي سا هن انهيءَ گهر ۾ رکائي، جنهن جي بابت خداوند دائود کي ۽ سندس پٽ سليمان کي فرمايو هو، تہ هن گهر ۾، ۽ يروشلم ۾، جو اسرائيل جي سڀني فرقن مان مون پسند ڪيو آهي، آءٌ هميشہ لاءِ پنهنجو نالو قائم رکندس:</verse>
				<verse number="8">نڪي جيڪو ملڪ مون هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏنو تنهن مان وري ڪڏهن اسرائيل جا پير ٻاهر ڪڍندس؛ بشرطيڪ جيڪي حڪم مون هنن کي ڏنا آهن، ۽ جا شريعت منهنجي ٻانهي موسيٰ هنن کي ڏني آهي، تنهن موجب هو تعميل ڪندا رهندا.</verse>
				<verse number="9">پر هنن نہ ٻڌو: ۽ منسي هنن کي ٺڳاري انهن کان اُهي ڪم ڪرايا جي اُنهن قومن جي ڪمن کان بہ خراب هئا، جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان چٽ ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="10">۽ خداوند پنهنجن ٻانهن نبين جي معرفت فرمايو، تہ</verse>
				<verse number="11">يهوداہ جي بادشاهہ منسيءَ هي ڪراهت ۽ شرارت جهڙا ڪم ڪيا آهن، جي سڀني امورين جي ڪمن کان بہ وڌيڪ آهن، جي کانئس اڳي هئا ۽ يهوداہ کي بہ پنهنجن بتن سان گنهگار ڪرايو آهي:</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس آءٌ يروشلم ۽ يهوداہ تي اهڙي مصيبت نازل ٿو ڪريان جو جيڪو انهيءَ جي خبر ٻڌندو تنهن جا ٻئي ڪن پيا ٻرندا.</verse>
				<verse number="13">۽ آءٌ سامريہ جي ڏور ۽ اخي آب جي گهراڻي جو شاهل يروشلم جي مٿان ڇڪيندس: ۽ آءٌ يروشلم کي ائين اُگهي ڇڏيندس جيئن ڪو ماڻهو رڪابي اُگهندو ۽ انهيءَ کي اُٿلائي پٿلائي رکندو آهي.</verse>
				<verse number="14">۽ آءٌ پنهنجي ميراث جو باقي بچيل حصو اُڇلائي ڇڏيندس ۽ هنن کي سندن دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس؛ ۽ اُهي پنهنجن دشمنن جو شڪار ۽ لٽ جو مال ٿيندا؛</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو هنن اُهي ڪم ڪيا آهن جي منهنجي نظر ۾ خراب آهن، ۽ جنهن ڏينهن هنن جا ابا ڏاڏا مصر مان نڪتا تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، هنن مون کي ڪاوڙ پئي ڏياري آهي.</verse>
				<verse number="16">تنهن کان سواءِ منسيءَ گهڻوئي رت بي گناهہ هاريو، جيسين ڪ هن يروشلم کي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ڀري ڇڏيو؛ انهيءَ کان سواءِ اهو گناهہ ڪيائين جو يهوداہ کان گناهہ جا ڪم ڪرايائين، اهڙا ڪم جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.</verse>
				<verse number="17">هاڻي منسيءَ جا باقي ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو، ۽ جو گناهہ هن ڪيو سي سڀ يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="18">۽ منسي پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ خود پنهنجي گهر جي باغ ۾، عزا جي باغ ۾ دفن ڪيو ويو: ۽ سندس پٽ امون سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="19">جڏهن امون بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن ٻاويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ٻہ ورهيہ بادشاهي ڪئي، ۽ سندس ماءُ جو نالو مسلمت هو، جا يطبهيءَ واري حروص جي ڌيءَ هئي.</verse>
				<verse number="20">۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، جيئن ڪ سندس پيءُ منسي ڪيو هو.</verse>
				<verse number="21">۽ جنهن رستي تي هن جو پيءُ هليو هو، انهيءَ رستي تي هو بہ هليو، ۽ جن بتن جي هن جي پيءُ بندگي ٿي ڪئي، تن جي هن بہ ڪئي، ۽ انهن جي عبادت ڪيائين:</verse>
				<verse number="22">۽ هن خداوند، پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو ۽ خداوند جي رستي تي نہ هليو.</verse>
				<verse number="23">۽ امون جي نوڪرن هن جي برخلاف منصوبو ڪيو ۽ بادشاهہ کي سندس گهر منجهہ ئي ماري ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="24">پر جن ماڻهن بادشاهہ امون جي برخلاف منصوبو ڪيو هو تن سڀني کي انهيءَ ملڪ جي ماڻهن قتل ڪري ڇڏيو؛ ۽ انهيءَ ملڪ جي ماڻهن هن جي پٽ يوسياہ کي سندس جاءِ تي بادشاهہ ڪيو.</verse>
				<verse number="25">هاڻي امون ٻيا جيڪي ڪم ڪيا، سي يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="26">۽ هو عزا جي باغ ۾، پنهنجي قبر ۾ دفن ڪيو ويو: ۽ سندس پٽ يوسياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="22">
				<verse number="1">جڏهن يوسياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن اٺن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ايڪٽيهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو جديدہ هو، جا بصقتي واري عداياہ جي ڌيءَ هئي.</verse>
				<verse number="2">۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا ۽ هو پنهنجي پيءُ دائود جي سڀني رستن تي هليو، ۽ نہ سڄي پاسي لڙيو نہ کٻي پاسي.</verse>
				<verse number="3">۽ يوسياہ بادشاهہ جي ارڙهين ورهيہ ۾ هيئن ٿيو تہ هن پنهنجي محرر سافن بن اصلياہ بن مسلام کي خداوند جي گهر ڏانهن موڪليو، ۽ چيائينس تہ</verse>
				<verse number="4">خلقياہ سردار ڪاهن وٽ وڃ تہ جيڪي پئسا خداوند جي گهر ۾ ماڻهن آندا آهن، ۽ جي دربانن ماڻهن کان گڏ ڪيا آهن، تن جو هو حساب ڪري:</verse>
				<verse number="5">۽ جي ڪامورا خداوند جي گهر جي نظرداري ٿا ڪن تن کي اُهي پهچائي ڏي: تہ جيڪي ڪاريگر خداوند جي گهر ۾ گهر جي مرمت ٿا ڪن تن کي ڏين؛</verse>
				<verse number="6">۽ واڍن کي ۽ اڏيندڙن کي ۽ رازن کي؛ ۽ گهر جي مرمت ڪرائڻ لاءِ ڪاٺ، ۽ ڇليل پٿرن جي خريد ڪرڻ لاءِ ڏين.</verse>
				<verse number="7">انهيءَ هوندي بہ جيڪي پئسا هنن کي ڏنا ويا تن جو ڪوبہ حساب ڪونہ ڪيو ويو؛ ڇالاءِ جو هو ايمانداريءَ سان ٿي هليا.</verse>
				<verse number="8">۽ سردار ڪاهن خلقياہ محرر سافن کي چيو تہ مون خداوند جي گهر ۾ شريعت جو ڪتاب لڌو آهي. ۽ خلقياہ اُهو ڪتاب سافن کي ڏنو جنهن اُهو پڙهيو.</verse>
				<verse number="9">۽ سافن محرر بادشاهہ وٽ آيو ۽ بادشاهہ کي خبر ڏيئي چيائين، تہ جيڪي پئسا گهر ۾ لڌا آهن سي تنهنجن نوڪرن ڪڍي انهن ڪامورن کي ڏيئي ڇڏيا جي خداوند جي گهر جي نظرداري ڪندا آهن.</verse>
				<verse number="10">۽ سافن محرر بادشاهہ کي چيو تہ خلقياہ ڪاهن مون کي هڪڙو ڪتاب ڏنو آهي. ۽ سافن اُهو بادشاهہ جي اڳيان پڙهيو.</verse>
				<verse number="11">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ شريعت جي ڪتاب جو ڪلام ٻڌو تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا.</verse>
				<verse number="12">۽ بادشاهہ خلقياہ ڪاهن، ۽ اخيقام بن سافن، ۽ عڪبور بن ميڪاياہ، ۽ سافن محرر ۽ عساياہ، بادشاهہ جي ملازم کي حڪم ڏنو، تہ</verse>
				<verse number="13">اوهين وڃي منهنجي، ۽ ماڻهن جي، ۽ ساري يهوداہ جي طرفان خداوند کان انهيءَ لڌل ڪتاب جي ڪلام بابت پڇو: ڇالاءِ جو خداوند جي ڪاوڙ اسان تي تمام ڏاڍي ڀڙڪي آهي، هن ڪري جو اسان جي ابن ڏاڏن انهيءَ ڪتاب جي ڪلام کي نہ مڃيو آهي ۽ اسان بابت جيڪي انهيءَ ۾ لکيل آهي تنهن تي پوري تعميل نہ ڪئي اٿن.</verse>
				<verse number="14">تڏهن خلقياہ ڪاهن، ۽ اخيقام، ۽ عڪبور، ۽ سافن، ۽ عساياہ، اُهي سڀيئي خلدہ نبيہ ڏانهن ويا، جا سلوم، بن تقوہ، بن خرخس، توشہ خاني جي داروغي جي زال هئي؛ (هاڻي اُها يروشلم جي ٻئي ڀاڱي ۾ رهندي هئي؛) ۽ انهن وڃي هن سان حال ڪيو.</verse>
				<verse number="15">۽ هن انهن کي چيو تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ: جنهن ماڻهوءَ اوهان کي مون وٽ موڪليو آهي تنهن کي چئو:</verse>
				<verse number="16">تہ خداوند فرمائي ٿو تہ ڏس، آءٌ هن هنڌ تي، ۽ اتي رهڻ وارن تي مصيبت نازل ڪندس، جيئن ڪ سمورو انهيءَ ڪتاب جو ڪلام آهي، جو يهوداہ جي بادشاهہ پڙهيو آهي:</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٻين معبودن جي لاءِ لوبان ساڙيو اٿن، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي هٿن جي ٺاهيل شين سان مون کي چيڙائي ڪاوڙ ڏيارين؛ تنهنڪري منهنجي ڪاوڙ انهيءَ هنڌ تي ڀڙڪندي ۽ اُها جهَڪي نہ ٿيندي.</verse>
				<verse number="18">پر يهوداہ جو بادشاهہ، جنهن اوهان کي خداوند کان پڇا ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي، تنهن کي اوهين چئجو تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪو ڪلام تو ٻڌو آهي، تنهن جي بابت،</verse>
				<verse number="19">تنهنجي دل نرم هئي، ۽ هن هنڌ بابت، ۽ اُتي جي رهندڙن بابت، مون جو چيو هو تہ اُهو ويران ٿيندو ۽ اُهي لعنتي ٿيندا، سو جڏهن تو ٻڌو تڏهن تو خداوند جي اڳيان نيزاري ڪئي، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا اٿيئي، ۽ منهنجي اڳيان رنو اٿيئي؛ تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي تہ مون بہ تنهنجي دانهن ٻڌي آهي.</verse>
				<verse number="20">تنهنڪري ڏس، آءٌ توکي تنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي گڏيندس، ۽ تون سلامتيءَ سان پنهنجي قبر ۾ وڃي دفن ٿيندين، ۽ جيڪا آفت آءٌ هن هنڌ تي آڻيندس سا تون نہ ڏسندين. ۽ هنن اِهو جواب بادشاهہ کي اچي ٻڌايو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="23">
				<verse number="1">۽ بادشاهہ ماڻهو موڪليا، ۽ يهوداہ جا ۽ يروشلم جا بزرگ وٽس آڻي گڏ ڪيائون.</verse>
				<verse number="2">۽ بادشاهہ خداوند جي گهر تائين چڙهي ويو، ۽ سڀ يهوداہ جا ماڻهو، ۽ سڀ يروشلم جا رهاڪو، ۽ ڪاهن، ۽ نبي، ۽ سڀ ننڍا وڏا ماڻهو بہ ساڻس گڏجي ويا: ۽ جيڪو عهدنامي وارو ڪتاب خداوند جي گهر ۾ لڌو هو، تنهن جون سڀ ڳالهيون هن اُنهن کي پڙهي ٻڌايون.</verse>
				<verse number="3">۽ بادشاهہ ٿنڀ جي پاسي ۾ اُٿي بيٺو ۽ خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيائين تہ خداوند جي پيروي ڪندس، ۽ سندس حڪمن، ۽ سندس شاهدين، ۽ سندس قاعدن جي پنهنجي سموريءَ دل ۽ روح سان سنڀال ڪندس، ۽ هن عهدنامي جون ڳالهيون، جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، سي عمل ۾ آڻيندس: ۽ سڀ ماڻهو انهيءَ عهد اقرار تي قائم رهيا.</verse>
				<verse number="4">۽ بادشاهہ سردار ڪاهن خلقياہ، ۽ ٻئي درجي وارن ڪاهنن ۽ دربانن کي حڪم ڏنو تہ خداوند جي هيڪل مان اُهي سڀ باسڻ ڪڍي ٻاهر ڪن جي بعل جي لاءِ، ۽ يسيرت جي لاءِ، ۽ آسمان جي سڀني تارن لاءِ جوڙايا هئائون: پوءِ هن اُهي يروشلم جي ٻاهران، قدرون جي ٻنين ۾ ساڙائي ڇڏيا، ۽ انهن جي خاڪ بيت ايل ۾ کڻائي ويو.</verse>
				<verse number="5">۽ جن بت پرست پوڄارين کي يهوداہ جي بادشاهن يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي آس پاس وارن هنڌن جي مٿانهين جاين ۾، لوبان ساڙڻ لاءِ مقرر ڪيو هو، تن کي هن ڪڍي ڇڏيو؛ انهن کي بہ، جي بعل جي لاءِ، ۽ سج، ۽ چنڊ، ۽ گهمندڙن تارن، ۽ آسمان جي سڀني تارن لاءِ لوبان ساڙيندا هئا.</verse>
				<verse number="6">۽ هن خداوند جي گهر مان يسيرت ڪڍي يروشلم جي ٻاهران قدرون جي نهر وٽ آڻي، انهي کي قدرون جي نهر تي ساڙيو ۽ لتاڙي خاڪ ڪيائين، ۽ اُها خاڪ عام ماڻهن جي قبرن تي اُڇلايائين.</verse>
				<verse number="7">۽ خداوند جي گهر ۾ جيڪي لونڊي باز هئا، جتي زالون يسيرت جي لاءِ پردا اُڻنديون هيون، تن جا گهر ڊهرائي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="8">۽ هن سڀ پوڄاري يهوداہ جي شهرن مان ٻاهر ڪڍيا، ۽ جبع کان وٺي بيرسبع تائين، جن مٿانهين جاين تي اُهي پوڄاري لوبان ساڙيندا هئا، اُنهن کي پليت ڪيائين؛ ۽ هن اُهي سڀ چونڪ جون مٿانهيون جايون ڀڃرايون، جي شهر جي حاڪم يشوع جي دروازي جي لنگهہ وٽ هيون، ۽ جي شهر جي دروازي وٽ ماڻهوءَ جي کٻي هٿ پاسي هيون.</verse>
				<verse number="9">انهيءَ هوندي بہ انهن مٿانهين جاين جا پوڄاري يروشلم ۾ خداوند جي قربانگاهہ تائين نہ آيا، پر پنهنجن ڀائرن سان گڏ بي خميري ماني کاڌائون.</verse>
				<verse number="10">۽ توفت، جو بني هنوم جي واديءَ ۾ آهي، تنهن کي هن پليت ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي پٽ يا پنهنجي ڌيءَ کي مولڪ جي لاءِ باهہ مان نہ لنگهائي.</verse>
				<verse number="11">۽ جيڪي گهوڙا يهوداہ جي بادشاهن سج لاءِ ڏنا هئا، ۽ جي خداوند جي گهر جي لنگهہ وٽ ناتن ملڪ ناظر جي ڪوٺيءَ جي ڀرسان دالان ۾ هئا، سي ڪڍي ڇڏيائين؛ ۽ سج جون گاڏيون باهہ سان ساڙي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="12">۽ آخز جي مٿينءَ ڪوٺيءَ جي ڇت تي جي قربانگاهون يهوداہ جي بادشاهن جوڙايون هيون، ۽ جي قربانگاهون خداوند جي گهر جي ٻن ايوانن ۾ منسي جوڙايون هيون، سي بادشاهہ ڊهرائي خاڪ ڪري ڇڏيون، ۽ اُها خاڪ اُتان کڻائي قدرون جي نهر ۾ اُڇلارائي ڇڏي.</verse>
				<verse number="13">۽ جيڪي قربانگاهون يروشلم جي اڳيان هيون، جي بربادي واري جبل جي سڄي هٿ پاسي، اسرائيل جي بادشاهہ سليمان صيدانين جي ڪراهت جهڙي بت عستارات، ۽ موآب جي ڪراهت جهڙي بت ڪموس، ۽ بني عمون جي ڪراهت جهڙي بت ملڪوم جي لاءِ جوڙايون هيون، تن کي بادشاهہ پليت ڪرائي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="14">۽ هن ٿنڀ ڀڃائي پرزا پرزا ڪري ڇڏيا، ۽ يسيرتون وڍائي ڇڏيائين، ۽ انهن جون جايون ماڻهن جي هڏن سان ڀري ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="15">تنهن کان سواءِ جيڪا قربانگاهہ بيت ايل ۾ هئي ۽ جيڪا مٿانهين جاءِ يربعام بن نباط جوڙائي هئي، جنهن اسرائيل کان گناهہ ڪرايا، سا قربانگاهہ ۽ مٿانهين جاءِ هن ڊهرائي ڇڏي؛ ۽ اُها مٿانهين جاءِ هن ساڙي لتاڙي خاڪ ڪري ڇڏي، ۽ يسيرت بہ ساڙي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="16">۽ جيئن يوسياہ منهن ڦيرايو تيئن هن جي نظر انهن قبرن تي پيئي جي انهيءَ جبل ۾ هيون؛ ۽ هن ماڻهو موڪلي انهن قبرن مان هڏا ڪڍائي ورتا، ۽ انهن کي قربانگاهہ تي ساڙيائين، ۽ انهيءَ کي پليت ڪيائين، جيئن ڪ خدا جي مرد، خداوند جي ڪلام موجب اهي ڳالهيون پڌريون ڪري ٻڌايون هيون.</verse>
				<verse number="17">تڏهن هن چيو تہ اهو ڪهڙو يادگار آهي جو آءٌ ڏسان ٿو؟ ۽ شهر جي ماڻهن هن کي چيو تہ اها انهيءَ خدا جي مرد جي قبر آهي جو يهوداہ مان آيو هو، ۽ جنهن اهي سڀ ڳالهيون پڌريون ڪري ٻڌايون هيون، جي تو بيت ايل جي قربانگاهہ جي برخلاف ڪيون آهن.</verse>
				<verse number="18">۽ هن چيو تہ انهيءَ کي ڇڏي ڏيو؛ ڪوبہ ماڻهو انهيءَ جا هڏا نہ ڪڍي. تنهنڪري هنن انهيءَ جا هڏا ڇڏي ڏنا ۽ انهيءَ نبيءَ جا هڏا بہ، جو سامريہ مان آيو هو.</verse>
				<verse number="19">۽ سامريہ جي شهر ۾ مٿانهين جاين جا جيڪي گهر هئا، ۽ جي اسرائيل جي بادشاهن خداوند کي ڪاوڙ ڏيارڻ لاءِ جوڙيا هئا. سي سڀ بہ يوسياہ ڪڍائي ڇڏيا، ۽ انهن سان بہ ائين ڪيائين جيئن بيت ايل سان ڪيو هئائين.</verse>
				<verse number="20">۽ مٿانهين جاين جا جيڪي پوڄاري هئا تن سڀني کي هن قربانگاهن تي قتل ڪرائي ڇڏيو، ۽ ماڻهن جا هڏا انهن جي مٿان ساڙايائين؛ پوءِ هو يروشلم ڏانهن موٽيو.</verse>
				<verse number="21">۽ بادشاهہ سڀني ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ فسح جي عيد ڪريو، جيئن ڪ عهدنامي جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهي.</verse>
				<verse number="22">يقين آهي تہ اهڙي فسح جي عيد، جيڪي قاضي اسرائيل جي عدالت ڪندا هئا تن جي ڏينهن کان وٺي ڪابہ ڪانہ ڪئي ويئي هئي، ۽ نہ اسرائيل جي بادشاهن جي ڏينهن ۾ ڪڏهن ٿي هئي، نڪي يهوداہ جي بادشاهن جي ڪل ڏينهن ۾ ٿي هئي؛</verse>
				<verse number="23">پر بادشاهہ يوسياہ جي ارڙهين ورهيہ ۾ اها فسح جي عيد خداوند جي لاءِ يروشلم ۾ ڪئي ويئي.</verse>
				<verse number="24">تنهن کانسواءِ جن کي جنَ ايندا هئا تن کي، ۽ ڏائڻين کي، ۽ ترافيم، ۽ بتن، ۽ ٻيون سڀ ڪراهت جهڙيون شيون جي يهوداہ جي ملڪ ۾ ۽ يروشلم ۾ ڏٺيون ويون، تن کي يوسياہ ڪڍائي ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ شريعت جو ڪلام قائم ٿئي، جو اُنهيءَ ڪتاب ۾ لکيل هو، ۽ جو خلقياہ نبيءَ خداوند جي گهر ۾ لڌو هو.</verse>
				<verse number="25">۽ ٻيو هن کان اڳي ڪوبہ بادشاهہ اُنهيءَ جهڙو ڪونہ ٿيو، جو پنهنجيءَ ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساري روح سان، ۽ پنهنجيءَ ساري طاقت سان، موسيٰ جي ساري شريعت موجب خداوند ڏانهن ڦريو؛ نڪي انهيءَ کانپوءِ ڪو هن جهڙو ٿيو.</verse>
				<verse number="26">انهيءَ هوندي بہ خداوند پنهنجي وڏيءَ ڪاوڙ جي جوش کان نہ مڙيو، جنهن سان سندس ڪاوڙ يهوداہ تي ڀڙڪي هئي، ڇالاءِ جو منسي پنهنجن گهڻن چڙ ڏيارڻ جهڙن ڪمن سان هن کي ڪاوڙايو هو.</verse>
				<verse number="27">۽ خداوند چيو تہ جيئن مون اسرائيل کي پنهنجي اڳيان ٽاري ڇڏيو آهي، تيئن يهوداہ کي بہ ٽاري ڇڏيندس، ۽ هي شهر جو مون پسند ڪيو آهي، يعني يروشلم، ۽ جنهن گهر بابت مون چيو هو تہ منهنجو نالو انهيءَ تي قائم رهندو، سو رد ڪري ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="28">هاڻي يوسياہ جا باقي ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو، سو يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="29">هن جي ڏينهن ۾ فرعون نڪوہ، مصر جو بادشاهہ، اسور جي بادشاهہ تي ڪاهہ ڪري فرات نديءَ تائين ويو: ۽ يوسياہ بادشاهہ سندس مقابلو ڪيو، ۽ مجدو ۾ جڏهن هن ڏٺس تڏهن ماري وڌائينس.</verse>
				<verse number="30">۽ هن جي نوڪرن هن کي مجدو مان هڪڙيءَ گاڏيءَ ۾ مئل کڻي يروشلم ۾ آندو، ۽ هن کي خود سندس قبر ۾ دفن ڪيائون. ۽ انهيءَ ملڪ جي ماڻهن يوسياہ جي پٽ يهوآخز کي وٺي مسح ڪري سندس پيءُ جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو.</verse>
				<verse number="31">جڏهن يهوآخز بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن ٽيويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ٽي مهينا بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو حموطل هو، ۽ اُها لبناہ واري يرمياہ جي ڌيءَ هئي.</verse>
				<verse number="32">۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، جهڙا ڪ سندس ابن ڏاڏن جا هئا.</verse>
				<verse number="33">۽ فرعون نڪوہ حمات جي ملڪ ۾ ربلہ منجهہ هن کي قيد ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ هو يروشلم ۾ بادشاهي نہ ڪري: ۽ انهيءَ زمين تي چانديءَ جي هڪ سؤ قنطارن ۽ سون جي هڪ سؤ قنطار جي ڍل ٻڌائين.</verse>
				<verse number="34">۽ فرعون نڪوہ، الياقيم بن يوسياہ کي سندس پيءُ يوسياہ جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو، ۽ انهيءَ جو نالو مٽائي يهويقيم رکيائين: پر هن يهوآخز کي وٺي مصر ۾ آندو، جتي هو مئو.</verse>
				<verse number="35">۽ يهويقيم چاندي ۽ سون فرعون کي پهچائي ڏنو؛ پر هن ملڪ تي فرعون جي حڪم موجب ڍل جا پئسا مقرر ڪيا: هن ملڪ جي سڀني ماڻهن کان چاندي ۽ سون ڇڪي تاڻي ورتو، جيئن ڪ هن ڍل مقرر ڪئي هئي، ۽ اُهو هن فرعون نڪوہ کي پهچائي ڏنو.</verse>
				<verse number="36">جڏهن يهويقيم بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن هو پنجويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ٻارهن ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو زبودہ هو ۽ اُها روماہ واري فدياہ جي ڌيءَ هئي.</verse>
				<verse number="37">۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، جهڙا ڪ سندس ابن ڏاڏن ڪيا هئا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="24">
				<verse number="1">هن جي ڏينهن ۾ بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر چڙهي آيو، ۽ يهويقيم ٽي ورهيہ هن جو ٻانهو ٿيو: تنهن کانپوءِ هن ڦري هن جي برخلاف فساد ڪيو.</verse>
				<verse number="2">۽ خداوند ڪسدين جون، ۽ ارامين، ۽ موآبين، ۽ بني عمون جون ٽوليون يهوداہ تي موڪليون، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جو ڪلام، جو هن پنهنجن ٻانهن نبين جي معرفت فرمايو هو. تنهن موجب انهيءَ کي چٽ ڪري.</verse>
				<verse number="3">يقين آهي تہ خداوند جي ئي حڪم تي اهي يهوداہ تي آيون، انهيءَ لاءِ تہ انهن کي، جيڪي گناهہ منسي ڪيا هئا، تن سڀني موجب، پنهنجي نظر کان ٽاري پاسي ڪري؛</verse>
				<verse number="4">۽ انهيءَ بي گناهہ رت جي ڪري، جو هن وهايو هو؛ ڇالاءِ جو هن يروشلم کي بي گناهہ رت سان ڀري ڇڏيو هو: ۽ خداوند معافي ڏيڻ نٿي گهري.</verse>
				<verse number="5">هاڻي يهويقيم جا باقي ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي بہ هن ڪيو، سو يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="6">۽ يهويقيم پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ سندس پٽ يهوياڪين سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="7">۽ مصر جو بادشاهہ وري پنهنجي ملڪ کان ٻاهر نہ نڪتو: ڇالاءِ جو بابل جي بادشاهہ مصر جي نهر کان وٺي فرات نديءَ تائين مصر جي بادشاهہ جو جيڪو ملڪ هو، سو سڀ هٿ ڪيو هو.</verse>
				<verse number="8">جڏهن يهوياڪين بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو ارڙهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ٽي مهينا بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو نحشتا هو ۽ اُها الناتن جي ڌيءَ هئي، جو يروشلم جو رهاڪو هو.</verse>
				<verse number="9">۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، جهڙاڪ سندس پيءُ ڪيا هئا.</verse>
				<verse number="10">انهيءَ وقت بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر يروشلم ۾ آيو ۽ شهر کي گهيرو ڪيائين.</verse>
				<verse number="11">۽ بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر پاڻ بہ پنهنجن نوڪرن جي گهيري ڪندي شهر وٽ اچي نڪتو؛</verse>
				<verse number="12">۽ يهوداہ جو بادشاهہ يهوياڪين پنهنجيءَ ماءُ، ۽ پنهنجن نوڪرن، ۽ پنهنجن شهزادن، ۽ پنهنجن عملدارن سوڌو نڪري بابل جي بادشاهہ ڏانهن ويو: ۽ بابل جي بادشاهہ هن کي سندس بادشاهي جي اٺين ورهيہ ۾ گرفتار ڪيو.</verse>
				<verse number="13">۽ هن اُتان خداوند جي گهر جا سڀ خزانا ۽ بادشاهہ جي گهر جا سڀ خزانا ڪڍائي ٻاهر ڪيا، ۽ جيڪي سونا باسڻ اسرائيل جي بادشاهہ سليمان خداوند جي هيڪل ۾ جوڙايا هئا، سي وڍائي پرزا پرزا ڪيا، جيئن ڪ خداوند فرمايو هو.</verse>
				<verse number="14">۽ هو ساري يروشلم کي، ۽ سڀني شهزادن کي، ۽ سڀني همت وارن پهلوانن کي، جي ڏهہ هزار قيدي هئا، ۽ سڀني ڪاريگرن ۽ هنر وارن ماڻهن کي وٺي ويو؛ ملڪ جي تمام غريب ماڻهن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ باقي ڪونہ رهيو.</verse>
				<verse number="15">۽ هو، يهوياڪين کي، ۽ بادشاهہ جي ماءُ، ۽ بادشاهہ جي زالن کي، ۽ سندس عملدارن، ۽ ملڪ جي مکيہ ماڻهن کي قيد ڪري يروشلم مان بابل ڏانهن وٺي ويو.</verse>
				<verse number="16">۽ سڀني بهادر مردن کي بہ، جي ست هزار هئا، ۽ هنر وارن ۽ ڪاريگرن کي بہ، جي هڪ هزار هئا، ۽ سڀ جي همت ڀريا ۽ جنگ جا لائق هئا، تن کي بہ بابل جو بادشاهہ قيد ڪري بابل وٺي ويو.</verse>
				<verse number="17">۽ بابل جي بادشاهہ هن جي چاچي متنياہ کي هن جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو، ۽ انهيءَ جو نالو مٽائي صدقياہ رکيائين.</verse>
				<verse number="18">جڏهن صدقياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو ايڪيهن ورهين جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ يارهن ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو حموطل هو، ۽ اُها لبنان واري يرمياہ جي ڌيءَ هئي.</verse>
				<verse number="19">۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا جهڙا ڪ يهوياڪين ڪيا هئا.</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ جو خداوند جي ڪاوڙ جي ڪري يروشلم ۽ يهوداہ ۾ ائين پئي ٿيو، جيسين ڪ هن اُنهن کي پنهنجي حضور مان ڪڍي برطرف ڪري ڇڏيو: ۽ صدقياہ بابل جي بادشاهہ جي برخلاف فساد ڪيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="25">
				<verse number="1">۽ هن جي بادشاهيءَ جي نائين ورهيہ جي ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ هيئن ٿيو تہ بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر پنهنجو سمورو لشڪر وٺي يروشلم تي ڪاهي آيو ۽ اُن جي سامهون اچي منزل ڪيائين؛ ۽ اُن جي چوڌاري ڪوٽ جوڙايائين.</verse>
				<verse number="2">انهيءَ طرح اهو شهر، صدقياہ جي يارهين ورهيہ تائين گهيري هيٺ رهيو.</verse>
				<verse number="3">چوٿين مهيني جي نائين تاريخ شهر ۾ اچي ڏڪار پيو، اهڙو جو ملڪ جي ماڻهن لاءِ ماني ڪانہ ٿي لڌي.</verse>
				<verse number="4">تڏهن شهر جي ڀت کي هڪڙي هنڌان ڀڃي وڌائون ۽ سڀ جنگي ماڻهو رات جي وقت ٻن ڀتين جي وچ واري دروازي کان ڀڄي نڪتا، جو دروازو بادشاهہ جي باغ جي ڀرسان هو: (هاڻي انهيءَ وقت ڪلدي شهر جي چوڌاري گهيرو ڪيو بيٺا هئا:) ۽ بادشاهہ عرباہ جي رستي کان هليو ويو.</verse>
				<verse number="5">پر ڪلدين جو لشڪر بادشاهہ جي پٺيان پيو ۽ يريحو جي ميدان ۾ انهيءَ کي وڃي پهتو: ۽ هن جو سڀ لشڪر کيس ڇڏي هيڏي هوڏي ٽڙي پکڙي ويو.</verse>
				<verse number="6">پوءِ هنن بادشاهہ کي پڪڙي ربلہ ۾ بابل جي بادشاهہ وٽ آندو، ۽ هن تي فتويٰ جاري ڪيائون.</verse>
				<verse number="7">۽ صدقياہ جي پٽن کي سندس اکين اڳيان ڪُٺائون، ۽ صدقياہ جون اکيون ڪڍي ڇڏيائون، ۽ پوءِ هن کي زنجير وجهي بابل ڏانهن کڻي ويا.</verse>
				<verse number="8">هاڻي پنجين مهيني جي ستين تاريخ، جو بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جو اوڻيهون ورهيہ هو، تنهن ۾ پهري واري فوج جو سردار نبوزرادان، جو بابل جي بادشاهہ جو هڪڙو نوڪر هو: سو يروشلم ۾ آيو.</verse>
				<verse number="9">۽ انهيءَ خداوند جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر ساڙي ڇڏيو؛ ۽ يروشلم جا سڀ گهر، يعني سڀ وڏا گهر، باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيا.</verse>
				<verse number="10">۽ ڪلدين جي ساري فوج، جا پهري وارن جي سردارن سان هئي، تنهن يروشلم جي ڀتين کي چوڌاري ڀڃي وڌو.</verse>
				<verse number="11">باقي جيڪي ماڻهو شهر ۾ بچيا، ۽ جيڪي نڪري وڃي بابل جي بادشاهہ سان شامل ٿيا، تن کان سواءِ ٻيا سڀ پهري وارن جو سردار نبوزرادان قيد ڪري وٺي ويو.</verse>
				<verse number="12">پر پهري وارن جي سردار ملڪ جا تمام غريب ماڻهو ڇڏي ڏنا تہ ڊاک جي منهہ جا باغبان ۽ ڪڙمي ٿين.</verse>
				<verse number="13">۽ جيڪي پتل جا ٿنڀ ۽ گاڏيون ۽ پتل جو سمنڊ، جي خداوند جي گهر ۾ هئا سي ڪلدين ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪري، انهيءَ جو پتل بابل ڏانهن کڻي ويا.</verse>
				<verse number="14">۽ ديڳيون، ۽ ڪوڏاريون، ۽ ڦلن وڍڻ جون ڪينچيون، ۽ چمچا، ۽ ٻيا سڀ پتل جا باسڻ، جن سان هو خدمت ڪندا هئا، سي هو کڻي ويا.</verse>
				<verse number="15">۽ مُنڊيون، ۽ ٿالهيون؛ ۽ جيڪي شيون سون جون هيون تن جو سون، ۽ جيڪي شيون چانديءَ جون هيون تن جي چاندي، پهري وارن جو سردار کڻي ويو.</verse>
				<verse number="16">ٻہ ٿنڀ، هڪڙو سمنڊ ۽ گاڏيون، جي سليمان خداوند جي گهر لاءِ جوڙايون هيون؛ انهن سڀني باسڻن جو پتل تورڻ کان ٻاهر هو.</verse>
				<verse number="17">هڪڙي ٿنڀ جي اوچائي ارڙهن هٿ هئي، ۽ پتل جو هڪڙو ڇٽ انهيءَ جي مٿان هو: ۽ انهيءَ ڇٽ جي اوچائي ٽي هٿ هئي؛ انهيءَ ڇٽ تي چوڌاري جيڪو ڄاريءَ جهڙو ڪم هو ۽ جيڪي ڏاڙهون هئا، سي سڀ پتل جا هئا: انهن جهڙو ڪم ڄاريءَ جي ڪم سميت هن ٻئي ٿنڀ تي هو.</verse>
				<verse number="18">۽ پهري وارن جي سردار، سردار ڪاهن سراياہ کي، ۽ ٻئي ڪاهن صفنياہ کي، ۽ ٽن دربانن کي گرفتار ڪيو:</verse>
				<verse number="19">۽ شهر مان جيڪو عملدار جنگي ماڻهن جي مٿان مقرر ٿيل هو، تنهن کي هن ورتو؛ ۽ جيڪي ماڻهو بادشاهہ جو منهن ڏسندا هئا تن مان پنج ڄڻا، جي شهر ۾ لڌا تن کي بہ، ۽ انهيءَ محرر کي بہ، جو ساري ملڪ تي ڀرتي ڪرڻ جو سردار هو؛ ۽ ملڪ جي ماڻهن مان سٺ ڄڻا، جي شهر ۾ لڌا تن کي بہ:</verse>
				<verse number="20">۽ پهري وارن جي سردار نبوزرادان انهن کي وٺي ربلہ ۾ بابل جي بادشاهہ وٽ آندو.</verse>
				<verse number="21">۽ بابل جي بادشاهہ حمات جي ملڪ ۾ ربلہ منجهہ هنن کي قتل ڪرايو. انهيءَ طرح يهوداہ قيد ٿي پنهنجي ملڪ مان کڄي ويو.</verse>
				<verse number="22">۽ جيڪي ماڻهو يهوداہ جي ملڪ ۾ باقي بچيا هئا، جن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ڇڏي ڏنو هو، تن تي هن جدلياہ بن اخيقام، بن سافن کي حاڪم مقرر ڪيو.</verse>
				<verse number="23">هاڻي جڏهن لشڪرن جي سڀني سردارن ۽ سندن ماڻهن ٻڌو تہ بابل جي بادشاهہ جدلياہ کي حاڪم مقرر ڪيو آهي، تڏهن هو مصفاہ ۾ جدلياہ وٽ آيا، يعني اسماعيل بن نتنياہ، ۽ يوحنان بن قريحہ، ۽ سراياہ بن تخومت نطوفاتي، ۽ يازنياہ، جو معڪاتيءَ جو پٽ هو، اهي سڀ پنهنجن ماڻهن سميت.</verse>
				<verse number="24">۽ جدلياہ اُنهن ۽ اُنهن جي ماڻهن کي قسم کڻي چيو تہ ڪلدين جي نوڪرن جي ڪري نہ ڊڄو: ملڪ ۾ رهو، ۽ بابل جي بادشاهہ جي خدمت ڪريو، تہ پوءِ انهيءَ ۾ اوهان جو ڀلو ٿيندو.</verse>
				<verse number="25">پر ستين مهيني ۾ هيئن ٿيو تہ اسماعيل بن نتنياہ، بن اليشع، جو شاهي نسل جو هو، ڏهہ ماڻهو پاڻ سان وٺي آيو، ۽ جدلياہ کي اهڙو ڌڪ هنيائين جو هو مري ويو، ۽ جيڪي يهودي ۽ ڪلدي هن سان گڏ مصفاہ ۾ هئا تن کي بہ ماريائين.</verse>
				<verse number="26">۽ سڀ ماڻهو، ننڍا توڙي وڏا ۽ لشڪر جا سردار اُٿيا ۽ مصر ۾ آيا: ڇالاءِ جو اُهي ڪلدين کان ڊنا ٿي.</verse>
				<verse number="27">۽ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين جي قيد ٿيڻ جي ستٽيهين ورهيہ جي ٻارهين مهيني جي ستاويهين تاريخ هيئن ٿيو تہ اِويل مرودڪ، بابل جي بادشاهہ، پنهنجي بادشاهيءَ جي شروع ڪرڻ واري سال ۾ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين کي قيد مان ڪڍي سرفراز ڪيو؛</verse>
				<verse number="28">۽ ساڻس مهربانيءَ سان ڳالهايائين، ۽ جيڪي بادشاهہ بابل ۾ ساڻس هئا، تن جي تخت کان بہ مٿي هن جو تخت رکيائين.</verse>
				<verse number="29">۽ هن انهيءَ جا قيدين وارا ڪپڙا بدلايا، ۽ هو پنهنجي حياتيءَ جي سڀني ڏينهن ۾ هن جي اڳيان ماني کائيندو رهيو.</verse>
				<verse number="30">۽ هن جي ساري ڄمار ۾ جيڪو بادشاهہ جي طرفان هميشہ جو ڀتو مقرر هوس، تنهن جو حصو هر روز حساب موجب ملندو رهيس.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="13">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">آدم، سيت، اُنوس؛</verse>
				<verse number="2">قينان، مهلل ايل، يارد؛</verse>
				<verse number="3">حنوڪ، متوسلح، لمڪ؛</verse>
				<verse number="4">نوح، سم، حام، ۽ يافت.</verse>
				<verse number="5">يافت جا پٽ؛ جمر، ماجوج، مادي، ياوان، توبل، مسڪ ۽ تيراس.</verse>
				<verse number="6">۽ جمر جا پٽ؛ اشڪناز، ريفت، ۽ تجرمہ.</verse>
				<verse number="7">۽ ياوان جا پٽ؛ اليسہ، ترسيس، ڪتي ۽ دوداني.</verse>
				<verse number="8">حام جا پٽ؛ ڪوش، مصر، فوط، ۽ ڪنعان.</verse>
				<verse number="9">۽ ڪوش جا پٽ؛ سبا حويلہ، سبتہ، رعماہ، ۽ سبتڪہ. ۽ رعماہ جا پٽ؛ سبا ۽ ددان.</verse>
				<verse number="10">۽ ڪوش مان نمرود ڄائو؛ اهو زمين تي زور وارو ٿيڻ لڳو.</verse>
				<verse number="11">۽ مصر مان لودي، عنامي، لهابي ۽ نفتوحي پيدا ٿيا.</verse>
				<verse number="12">۽ فتروسي ۽ ڪسلوحي، (جن مان فلستي پيدا ٿيا) ۽ ڪفتوري.</verse>
				<verse number="13">۽ ڪنعان کي صيدا ڄائو، جو سندس پهريون ڄاول ٻار هو، ۽ حت؛</verse>
				<verse number="14">۽ يبوسي ۽ اموري ۽ جرجاشي؛</verse>
				<verse number="15">۽ حوي ۽ عرقي ۽ سيني؛</verse>
				<verse number="16">۽ اروادي ۽ صماري ۽ حماتي.</verse>
				<verse number="17">سم جا پٽ؛ عيلام، اسور، ارفڪسد، لود، ارام، عوض، حول، جتر ۽ مسڪ.</verse>
				<verse number="18">۽ ارفڪسد کي سلح ڄائو، ۽ سلح کي عبر.</verse>
				<verse number="19">۽ عبر کي ٻہ پٽ ڄاوا: هڪڙي جو نالو هو فلج؛ ڇالاءِ جو ان جي ڏينهن ۾ زمين ورهائي ويئي؛ ۽ ان جي ڀاءُ جو نالو يقطان.</verse>
				<verse number="20">۽ يقطان کي الموداد، سلف، حصرماوت ۽ اراخ ڄاوا؛</verse>
				<verse number="21">۽ هدورام، اوزال، دقلہ؛</verse>
				<verse number="22">۽ عيبال، ابيماايل ۽ سبا؛</verse>
				<verse number="23">۽ اوفير، حويلہ ۽ يوآباب. اهي سڀيئي يقطان جا پٽ هئا.</verse>
				<verse number="24">سم، ارفڪسد، سلحہ؛</verse>
				<verse number="25">عبر، فلجہ، رعو؛</verse>
				<verse number="26">سروج، نحور، تارح؛</verse>
				<verse number="27">ابرام (جو ابرهام آهي).</verse>
				<verse number="28">ابرهام جا پٽ؛ اسحاق ۽ اسماعيل.</verse>
				<verse number="29">اِهي آهن انهن جون پيڙهيون: اسماعيل جو پهريون ڄاول ٻار هو نبايوت؛ پوءِ قيدار، ادبئيل، مبسام،</verse>
				<verse number="30">مشماع، دومہ، مسا، حدد ۽ تيمہ.</verse>
				<verse number="31">يطور، نفيس ۽ قدمہ: اهي آهن اسماعيل جا پٽ.</verse>
				<verse number="32">۽ قطورہ جا پٽ، جا ابرهام جي سريت هئي: انهيءَ زمران، يقسان، مدان، ۽ مديان، اسباق ۽ سوخ ڄڻيا. ۽ يقسان جا پٽ؛ سبا ۽ ددان.</verse>
				<verse number="33">۽ مديان جا پٽ؛ عيفہ، ۽ عفر، حنوڪ، ابيداع، ۽ الدعا. اهي سڀ قطورہ جا پٽ هئا.</verse>
				<verse number="34">۽ ابرهام مان اسحاق ڄائو؛ اسحاق جا پٽ؛ عيسو ۽ اسرائيل.</verse>
				<verse number="35">عيسوءَ جا پٽ؛ اليفز، رعوايل ۽ يعوس، ۽ يعلام ۽ قورح.</verse>
				<verse number="36">اليفز جا پٽ؛ تيمان، اومر، صفي، جعتام، قنز، تمنع، ۽ عماليق.</verse>
				<verse number="37">رعوايل جا پٽ؛ نحت، زارح، سمہ، ۽ مزہ.</verse>
				<verse number="38">۽ شعير جا پٽ؛ لوطان، سوبل، صبعون، عنہ، ديسون، ايصر، ۽ ديسان.</verse>
				<verse number="39">۽ لوطان جا پٽ؛ حوري ۽ هومام: ۽ تمنع لوطان جي ڀيڻ هئي.</verse>
				<verse number="40">سوبل جا پٽ؛ عليان، مانحت، عيبال، سفي، ۽ اونام. ۽ صبعون جا پٽ؛ ايہ، ۽ عنہ.</verse>
				<verse number="41">عنہ جو پٽ؛ ديسون. ۽ ديسون جا پٽ؛ حمران، اشبان، يتران، ۽ ڪران.</verse>
				<verse number="42">ايصر جا پٽ؛ بلهان، زعوان، ۽ يعقان. ديسان جا پٽ؛ عوض ۽ اران.</verse>
				<verse number="43">هاڻي بني اسرائيل تي ڪنهن بادشاهہ راڄ ڪيو، تنهن کان اڳي جن بادشاهن ادوم تي بادشاهي ڪئي سي هي آهن: بالع بن بعور. ۽ ان جي شهر جو نالو دنهابا هو.</verse>
				<verse number="44">۽ بالع مئو، ۽ انهيءَ جي جاءِ تي يوباب بن زارح، بادشاهہ ٿيو، جو بصراہ جو هو.</verse>
				<verse number="45">۽ يوباب مئو، ۽ انهيءَ جي جاءِ تي تيمان جي ملڪ وارو، حشام بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="46">۽ حشام مئو، ۽ هدد بن بدد، جنهن موآب جي ميدان ۾ مديانين کي شڪست ڏني، سو بادشاهہ ٿيو؛ ۽ انهيءَ جي شهر جو نالو عويت هو.</verse>
				<verse number="47">۽ هدد مئو، ۽ انهيءَ جي جاءِ تي مسرقہ وارو شملہ بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="48">۽ شملہ مئو، ۽ انهيءَ جي جاءِ تي نديءَ جي ويجهو رحوبوت وارو سائول بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="49">۽ سائول مئو، ۽ انهيءَ جي جاءِ تي بعل حنان بن عڪبور بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="50">۽ بعل حنان مئو، ۽ انهيءَ جي جاءِ تي هدد بادشاهہ ٿيو، ۽ انهيءَ جي شهر جو نالو فاعي هو: ۽ انهيءَ جي زال جو نالو مهطبيل هو، جا ميزاهاب جي ڌيءَ، مطرد جي ڌيءَ هئي.</verse>
				<verse number="51">۽ هدد مئو. ۽ ادوم جا سردار هي هئا؛ سردار تمنع، سردار علياہ، سردار يتيت؛</verse>
				<verse number="52">سردار اهليبامہ، سردار ايلہ، سردار فينون؛</verse>
				<verse number="53">سردار قنز، سردار تيمان، سردار مبصار؛</verse>
				<verse number="54">سردار مجدايل، سردار عرام. اهي آهن ادوم جا سردار.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">اسرائيل جا پٽ هي آهن؛ روبن، شمعون، لاوي ۽ يهوداہ، اشڪار ۽ زبولون؛</verse>
				<verse number="2">دان، يوسف، ۽ بنيمين، نفتالي، جد ۽ آشر.</verse>
				<verse number="3">يهوداہ جا پٽ؛ عير ۽ اونان ۽ سيلہ؛ جي ٽيئي هن کي ڪنعانڻ بت سوع مان ڄاوا هئا. ۽ يهوداہ جو پهريون ڄاول پٽ، عير، خداوند جي نظر ۾ شرير هو؛ ۽ هن انهيءَ کي ماري وڌو.</verse>
				<verse number="4">۽ انهيءَ جي ننهن تمر مان هن کي فارص ۽ زارح ڄاوا. يهوداہ جا سڀ پٽ پنج هئا.</verse>
				<verse number="5">فارص جا پٽ؛ حصرون ۽ حمول.</verse>
				<verse number="6">۽ زارح جا پٽ؛ زمري، ۽ ايتان، ۽ هيمان، ۽ ڪلڪول، ۽ دارع: مڙئي پنج ڄڻا.</verse>
				<verse number="7">۽ ڪرميءَ جو پٽ؛ عڪر جنهن اسرائيل کي تڪليف ڏني، ۽ وقف واري مال ۾ خيانت ڪئي.</verse>
				<verse number="8">۽ ايتان جو پٽ؛ عزرياہ.</verse>
				<verse number="9">۽ حصرون جا پٽ، جي هن کي ڄاوا هئا، سي آهن يرحمئيل، ۽ رام، ۽ ڪلوبئي.</verse>
				<verse number="10">۽ رام کي عمينداب ڄائو؛ ۽ عمينداب کي نحسون ڄائو، جو بني يهوداہ جو سردار هو؛</verse>
				<verse number="11">۽ نحسون کي سلما ڄائو، ۽ سلما کي بوعز؛</verse>
				<verse number="12">۽ بوعز کي عوبيد ڄائو، ۽ عوبيد کي يسي؛</verse>
				<verse number="13">۽ يسيءَ جو پهريون ڄاول ٻار هو الياب، ۽ ٻيو ابينداب، ۽ ٽيون سمع؛</verse>
				<verse number="14">چوٿون نتني ايل، پنجون ردئي؛</verse>
				<verse number="15">ڇهون عوضم، ستون دائود:</verse>
				<verse number="16">۽ انهن جون ڀينرون هيون ضروياہ ۽ ابيجيل. ۽ ضروياہ جا پٽ؛ ابي شئي، ۽ يوآب، ۽ عساهيل، ٽي ڄڻا.</verse>
				<verse number="17">۽ ابيجيل کي عماسا ڄائو: ۽ عماسا جو پيءُ يتر اسماعيلي هو.</verse>
				<verse number="18">۽ ڪالب بن حصرون کي سندس زال عزوبہ مان، ۽ يريعوت مان، پٽ پيدا ٿيا: ۽ انهيءَ جا پٽ هي هئا؛ يشر ۽ سوباب، ۽ اردون.</verse>
				<verse number="19">۽ عزوبہ مئي، ۽ ڪالب افرات سان شادي ڪئي، ۽ انهيءَ مان حور ڄائس.</verse>
				<verse number="20">۽ حور کي اوري ڄائو، ۽ اوريءَ کي بضلئيل.</verse>
				<verse number="21">۽ انهيءَ کانپوءِ حصرون، جلعاد جو پيءُ، مڪير جي ڌيءَ وٽ ويو؛ جنهن سان سٺ ورهين جي عمر ۾ شادي ڪيائين؛ ۽ انهيءَ مان شجوب ڄائس.</verse>
				<verse number="22">۽ شجوب کي يائير ڄائو، جنهن کي جلعاد جي زمين ۾ ٽيويهہ شهر هئا.</verse>
				<verse number="23">۽ جسور ۽ ارام انهن کان يائير جا شهر، قنات ان جي ڳوٺن سميت، مڙئي سٺ شهر ورتا. اهي سڀ جلعاد جي پيءُ مڪير جا پٽ هئا.</verse>
				<verse number="24">۽ انهيءَ کانپوءِ حصرون ڪالب افراتہ ۾ مئو، پوءِ حصرون جي زال ابياہ کي اشور ڄائو، جو تقوع جو پيءُ هو.</verse>
				<verse number="25">۽ حصرون جي پهرين ڄاول ٻار يرحمئيل جا پٽ؛ رام پهريون ڄاول، ۽ بونہ، اورن، اوضم، ۽ اخياہ هئا.</verse>
				<verse number="26">۽ يرحمئيل کي ٻي بہ زال هئي، جنهن جو نالو عطارہ هو؛ اها اونام جي ماءُ هئي.</verse>
				<verse number="27">۽ يرحمئيل جو پهريون ڄاول ٻار رام جا پٽ؛ معض، ۽ يمين ۽ عيقر هئا.</verse>
				<verse number="28">۽ اونام جا پٽ؛ سمي ۽ يدع هئا: ۽ سميءَ جا پٽ؛ ندب ۽ ابيسور هئا.</verse>
				<verse number="29">۽ ابيسور جي زال جو نالو ابيخيل هو؛ ۽ انهيءَ مان هن کي اخبان ۽ مولد ڄاوا.</verse>
				<verse number="30">۽ ندب جا پٽ؛ سلد ۽ فائم: پر سلد بي اولاد مري ويو.</verse>
				<verse number="31">۽ فائم جو پٽ يسعي، ۽ يسعيءَ جو پٽ؛ سيسان. ۽ سيسان جو پٽ اخلئي.</verse>
				<verse number="32">۽ يدع، جو سمي جو ڀاءُ هو، تنهن جا پٽ؛ يتر، ۽ يونتن: ۽ يتر بي اولاد مري ويو.</verse>
				<verse number="33">۽ يونتن جا پٽ؛ فلت ۽ زازا. اهي هئا يرحمئيل جا پٽ.</verse>
				<verse number="34">هاڻي سيسان کي پٽ ڪين هئا پر ڌيئرون هيون. ۽ سيسان جو هڪڙو مصري نوڪر هو، جنهن جو نالو يرخع هو.</verse>
				<verse number="35">۽ سيسان پنهنجي ڌيءَ پنهنجي نوڪر يرخع کي پرڻائي ڏني؛ ۽ انهيءَ مان هن کي عتي ڄائو.</verse>
				<verse number="36">۽ عتيءَ کي ناتن ڄائو، ۽ ناتن کي زاباد؛</verse>
				<verse number="37">۽ زاباد کي افلال ڄائو، ۽ افلال کي عوبيد؛</verse>
				<verse number="38">۽ عوبيد کي ياهو ڄائو، ۽ ياهوءَ کي عزرياہ؛</verse>
				<verse number="39">۽ عزرياہ کي خلص ڄائو، ۽ خلص کي العاسہ؛</verse>
				<verse number="40">۽ العاسہ کي سسمي ڄائو، ۽ سسميءَ کي سلوم؛</verse>
				<verse number="41">۽ سلوم کي يقمياہ ڄائو، ۽ يقمياہ کي اليسمع.</verse>
				<verse number="42">۽ يرحمئيل جي ڀاءُ ڪالب جا پٽ هي هئا؛ سندس پهريون ڄاول ميسا، جو زيف جو پيءُ هو؛ ۽ حبرون جي پيءُ مريسہ جا پٽ.</verse>
				<verse number="43">۽ حبرون جا پٽ؛ قورح، تفوح، رقم، ۽ سمع.</verse>
				<verse number="44">۽ سمع کي رقم ڄائو، جو يرقعام جو پيءُ هو؛ ۽ رقم کي سمي ڄائو.</verse>
				<verse number="45">۽ سمي جو پٽ معون هو؛ ۽ معون بيت صور جو پيءُ هو.</verse>
				<verse number="46">۽ ڪالب جي سريت عيفہ، حاران، موضا، ۽ جازيز ڄڻيا؛ ۽ حاران کي جازيز ڄائو.</verse>
				<verse number="47">۽ يهديءَ جا پٽ؛ رجم، يوتام، جسام، فلط، عيفہ ۽ شعف.</verse>
				<verse number="48">۽ ڪالب جي سريت معڪہ، شبر ۽ ترحناہ ڄڻيا.</verse>
				<verse number="49">۽ انهيءَ مدمناہ جو پيءُ شعف، ۽ مڪبينا جو پيءُ سيوا ڄڻيا، اهو سيوا جبع جو پيءُ هو. ۽ ڪالب جي ڌيءَ عڪسہ هئي.</verse>
				<verse number="50">ڪالب جا پٽ هي هئا: افراتہ جي پهريتي حور جو پٽ قريت يعريم جو پيءُ سوبل.</verse>
				<verse number="51">۽ سلما، جو بيت الحم جو پيءُ هو، ۽ خارف، جو بيت جدر جو پيءُ هو.</verse>
				<verse number="52">۽ قريت يعريم جي پيءُ سوبل کي هي پٽ هئا؛ هرائي، ۽ منوخوت جا اڌ ماڻهو.</verse>
				<verse number="53">۽ قريت يعريم جا گهراڻا؛ اتري، فوتي، سماتي، ۽ مسراعي؛ انهن مان صرعتي ۽ استاولي آيا.</verse>
				<verse number="54">سلما جا پٽ؛ بيت الحم ۽ نطوفاتي، عطرات بيت يوآب ۽ منوختين جا اڌ ماڻهو، ۽ صرعي.</verse>
				<verse number="55">۽ ڪاتبن جا گهراڻا، جي يعبيض ۾ رهندا هئا؛ ترعاتي، سمعاتي ۽ سوڪاتي. اهي آهن اُهي قيني، جي حمات مان آيا، جو ريڪاب جي گهراڻي جو پيءُ هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">هاڻي دائود کي جيڪي پٽ حبرون ۾ ڄاوا، سي هي هئا: پهريون ڄاول امنون، جو اخينوعم يزرعيلي مان هو؛ ٻيو داني ايل، جو ابيجيل ڪرمليءَ مان هو؛</verse>
				<verse number="2">ٽيون ابي سلوم، جو جسور جي بادشاهہ تلمئيءَ جي ڌيءَ معڪاہ جو پٽ هو؛ چوٿون ادونياہ، جو حجيت جو پٽ هو؛</verse>
				<verse number="3">پنجون سفطياہ، جو ابي طال مان هو؛ ڇهون اترعام، جو سندس زال عجلہ مان هو.</verse>
				<verse number="4">ڇهہ ڄڻا هن کي حبرون ۾ ڄاوا؛ ۽ اتي هن ست ورهيہ ۽ ڇهہ مهينا بادشاهي ڪئي: ۽ يروشلم ۾ هن ٽيٽيهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="5">۽ يروشلم ۾ هن کي هي ڄاوا: سمعا، سوباب، ناتن، ۽ سليمان، چار ڄڻا، جي عمي ايل جي ڌيءَ بت سوع مان هئا:</verse>
				<verse number="6">ابحار، اليسمع، اليفلط؛</verse>
				<verse number="7">نجہ، نفجہ، يفيعہ؛</verse>
				<verse number="8">اليسمع، اليدع، اليفلط، مڙئي نوَ ڄڻا.</verse>
				<verse number="9">اهي سڀ دائود جا پٽ هئا، ۽ انهن کان سواءِ سندس سريتن جا پٽ؛ ۽ تمر انهيءَ جي ڀيڻ هئي؛</verse>
				<verse number="10">۽ سليمان جو پٽ رحبعام هو، ۽ انهيءَ جو پٽ ابياہ، انهيءَ جو پٽ آسا، انهيءَ جو پٽ يهوسفط؛</verse>
				<verse number="11">انهيءَ جو پٽ يورام، انهيءَ جو پٽ اخزياہ، انهيءَ جو پٽ يوآس؛</verse>
				<verse number="12">انهيءَ جو پٽ امصياہ، انهيءَ جو پٽ عزرياہ، انهيءَ جو پٽ يوتام؛</verse>
				<verse number="13">انهيءَ جو پٽ آخز، انهيءَ جو پٽ حزقياہ، انهيءَ جو پٽ منسي؛</verse>
				<verse number="14">انهيءَ جو پٽ امون، انهيءَ جو پٽ يوسياہ.</verse>
				<verse number="15">۽ يوسياہ جا پٽ؛ پهريون ڄاول يوحنان، ٻيو يهويقيم، ٽيون صدقياہ، چوٿون سلوم.</verse>
				<verse number="16">۽ يهويقيم جا پٽ؛ ان جو پٽ يڪونياہ، انهيءَ جو پٽ صدقياہ.</verse>
				<verse number="17">۽ يڪونياہ قيديءَ جا پٽ؛ ان جو پٽ سيالتي ايل،</verse>
				<verse number="18">۽ ملڪرام ۽ فداياہ، ۽ شيناضر، يقمياہ، هوسمع ۽ ندبياہ.</verse>
				<verse number="19">۽ فداياہ جا پٽ؛ زربابل ۽ سمعي: ۽ زربابل جا پٽ؛ مسلام ۽ حنانياہ؛ ۽ انهن جي ڀيڻ سلوميت:</verse>
				<verse number="20">۽ حسوبہ، اهل، برڪياہ، حسدياہ، ۽ يوسبحسد، مڙئي پنج ڄڻا.</verse>
				<verse number="21">۽ حنانياہ جا پٽ؛ فلطياہ ۽ يسعياہ: رفاياہ جا پٽ، ارنان جا پٽ، عبدياہ جا پٽ، سڪنياہ جا پٽ.</verse>
				<verse number="22">۽ سڪنياہ جو پٽ؛ سمعياہ ۽ سمعياہ جا پٽ؛ حطوش، اجال، بريحہ، ۽ نعرياہ، ۽ سافط، مڙئي ڇهہ ڄڻا.</verse>
				<verse number="23">۽ نعرياہ جا پٽ؛ اليوعيني، ۽ حزقياہ، ۽ عزريقام، مڙئي ٽي ڄڻا.</verse>
				<verse number="24">۽ اليوعيني جا پٽ؛ هوديواهو، الياسب، فلاياہ، عقوب، يوحنان، دلاياہ، ۽ عناني، مڙئي ست ڄڻا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">يهوداہ جا پٽ؛ فارص، حصرون، ڪرمي، حور، سوبل.</verse>
				<verse number="2">۽ سوبل جي پٽ رياياہ کي يحت ڄائو؛ ۽ يحت کي اخومي، ۽ لاهد ڄاوا. اهي آهن صرعتين جا گهراڻا.</verse>
				<verse number="3">۽ عيطام جي پيءُ جا هي پٽ هئا؛ يزرعيل ۽ اسمع ۽ ادباس: ۽ انهيءَ جي ڀيڻ جو نالو هضل الفوني هو:</verse>
				<verse number="4">۽ فنوايل، جو جدور جو پيءُ هو، ۽ عزر، جو حوسہ جو پيءُ هو، اهي آهن حور جا پٽ، جو افراتہ جو پهريون ڄاول ٻار هو، ۽ بيت الحم جو پيءُ هو.</verse>
				<verse number="5">۽ تقوع جي پيءُ اشور کي ٻہ زالون هيون، حيلاہ ۽ نعراہ.</verse>
				<verse number="6">۽ نعراہ مان هن کي اخوسام ۽ حفر ۽ تيمني ۽ هخستري ڄاوا. اهي هئا نعراہ جا پٽ.</verse>
				<verse number="7">۽ حيلاہ جا پٽ هئا ضرت ۽ يضوآر ۽ اتنان.</verse>
				<verse number="8">۽ قوض مان عنوب ۽ ضوبيبہ، ۽ حروم جي پٽ آخرخيل جا گهراڻا پيدا ٿيا.</verse>
				<verse number="9">۽ يعبيض پنهنجن ڀائرن کان وڌيڪ عزت آبرو وارو هو: ۽ ماڻس يعبيض نالو هن ڪري ڏنس جو چيائين تہ مون هن کي ڏکن سان ڄڻيو.</verse>
				<verse number="10">۽ يعبيض اسرائيل جي خدا کي سڏي چيو تہ شل تون مون کي سچ پچ برڪت وارو ڪرين، ۽ منهنجي حد وڌائين، ۽ شل تنهنجو هٿ مون سان هجي، ۽ تون مون کي سچ پچ بڇڙائيءَ کان بچائين، تہ مون کي ڏک ڪونہ رسي! ۽ خدا اها سندس دعا قبول ڪئي.</verse>
				<verse number="11">۽ سوخہ جي ڀاءُ ڪلوب کي محير ڄائو، جو استون جو پيءُ هو.</verse>
				<verse number="12">۽ استون کي بيت رفا، ۽ فاسحہ، ۽ تحنہ، جو عيرنحس جو پيءُ هو، سي ڄاوا. اهي آهن ريڪاہ جا ماڻهو.</verse>
				<verse number="13">۽ قنز جا پٽ؛ غتنئيل ۽ شراياہ: ۽ غتنئيل جو پٽ؛ حتت.</verse>
				<verse number="14">۽ معوناتي کي عفرہ ڄائو: ۽ شراياہ کي يوآب ڄائو: جو خراسيم جو پيءُ هو؛ ڇالاءِ جو اُهي ڪاريگر ماڻهو هئا.</verse>
				<verse number="15">۽ ڪالب بن يفنہ جا پٽ؛ عيرو، ايلا ۽ نعم: ۽ ايلا جا پٽ؛ قنز.</verse>
				<verse number="16">۽ يهللئيل جا پٽ؛ زيف ۽ زيفہ، تيرياہ ۽ اسڪري ايل.</verse>
				<verse number="17">۽ عزرہ جا پٽ؛ يتر، ۽ مرِد، ۽ عفر، ۽ يلون: ۽ هن مريم، ۽ سمعي، ۽ اسباح ڄڻيا جو استموع جو پيءُ هو.</verse>
				<verse number="18">۽ هن جي يهودياڻي زال يرد ڄڻيو، جو جدور جو پيءُ هو، ۽ حبر، جو شوڪو جو پيءُ هو، ۽ يقوتئيل، جو زنوح جو پيءُ هو. ۽ اهي آهن بتياہ جا پٽ، جا فرعون جي ڌيءَ هئي، ۽ مرِد سان پرڻي هئي.</verse>
				<verse number="19">۽ نحم جي ڀيڻ هودياہ جي زال جا پٽ هئا قعيلہ، جرمي جو پيءُ، ۽ استموع معڪاتي.</verse>
				<verse number="20">۽ سيمون جا پٽ؛ امنون ۽ رناہ، بن حنان ۽ تيلون. ۽ يسعي جا پٽ؛ زوحت ۽ بن زوحت.</verse>
				<verse number="21">يهوداہ جي پٽ سيلا جا پٽ؛ عير، جو لڪا جو پيءُ هو، ۽ لعدہ، جو مريسہ جو پيءُ هو، ۽ انهن جي گهراڻي جا قبيلا، جي عمدو ڪتاني ڪپڙو اُڻندا هئا، يعني بيت اشبيع جي گهراڻي جا؛</verse>
				<verse number="22">۽ يوقيم، ۽ ڪوزيبا جا ماڻهو، ۽ يوآس، ۽ شراف، جي موآب ۾ حاڪم هئا، ۽ يسوبي لحم. ۽ اهي دفتر قديم آهن.</verse>
				<verse number="23">اهي هئا ڪنڀر جي نتائيم ۽ گديرا جا رهاڪو هئا: اتي هو بادشاهہ وٽ سندس ڪم لاءِ رهندا هئا.</verse>
				<verse number="24">شمعون جا پٽ؛ نموايل ۽ يمين، يريب، زارح، سائول:</verse>
				<verse number="25">انهيءَ جو پٽ سلوم، انهيءَ جو پٽ مبسام، انهيءَ جو پٽ مسماع.</verse>
				<verse number="26">۽ مسماع جا پٽ؛ انهيءَ جو پٽ حموايل، انهيءَ جو پٽ زڪور، انهيءَ جو پٽ سمعي.</verse>
				<verse number="27">۽ سمعي کي سورهن پٽ ۽ ڇهہ ڌيئرون هيون؛ پر هن جي ڀائرن کي گهڻو اولاد ڪونہ هو، نڪي هنن جو اولاد يهوداہ جي اولاد وانگي وڌيو.</verse>
				<verse number="28">۽ اهي بيرسبع، ۽ مولادہ، ۽ حصرسوعال ۾ رهندا هئا؛</verse>
				<verse number="29">۽ بلها ۾، ۽ عضم ۾، ۽ تولاد ۾؛</verse>
				<verse number="30">۽ بتوايل ۾، ۽ حرمہ، ۽ صقلاج ۾؛</verse>
				<verse number="31">۽ بيت مرڪبوت ۾، ۽ حصر سوسيم ۾، ۽ بيت برائي ۾، ۽ شعرئيم ۾ رهندا هئا. اهي هئا هنن جا شهر دائود جي راڄ تائين.</verse>
				<verse number="32">۽ هنن جا ڳوٺ هئا عيطام ۽ عين، رمون ۽ توڪن ۽ عسن، مڙئي پنج شهر:</verse>
				<verse number="33">۽ انهن ساڳين شهرن جي چوڌاري هنن جا سڀ ڳوٺ بعل تائين. اهي هئا هنن جي رهڻ جا هنڌ، ۽ انهن کي پنهنجو نسب نامو آهي.</verse>
				<verse number="34">۽ مسوباب، ۽ يمليڪ، ۽ يوشہ بن امصياہ؛</verse>
				<verse number="35">۽ يوايل، ۽ ياهو بن يوسيبياہ، بن شراياہ، بن عسيئيل؛</verse>
				<verse number="36">۽ اليوعيني، ۽ يعقوبہ، ۽ يسوخايہ، ۽ عساياہ، ۽ عديئيل، ۽ يسيمئيل، ۽ بناياہ؛</verse>
				<verse number="37">۽ زيزا بن شفعي، بن الون، بن يداياہ، بن سمري، بن سمعياہ؛</verse>
				<verse number="38">اهي، جن جا نالا ڏنا ويا، سي پنهنجن قبيلن جا سردار هئا؛ ۽ انهن جي ابن جا گهراڻا تمام گهڻو وڌي ويا.</verse>
				<verse number="39">۽ اُهي جدور جي گهڙڻ جي جاءِ تائين ويا، يعني انهيءَ واديءَ جي اُڀرندي پاسي تائين ويا، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجن ڌڻن جي واسطي چارو ڳولين.</verse>
				<verse number="40">۽ انهن سڻڀو ۽ چڱو چارو لڌو، ۽ زمين ڪشادي، ۽ ماٺ ۽ آرام واري هئي؛ ڇالاءِ جو قديم وقت ۾ اُتي جيڪي رهندا هئا سي حام جو اولاد هئا.</verse>
				<verse number="41">۽ اِهي ناليوار مٿي ذڪر ڪيل يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڏينهن ۾ آيا، ۽ هنن جا تنبو، ۽ معونيم جي اُتي لڌائون، تن کي ماريائون ۽ اڄ ڏينهن تائين بلڪل ناس ڪري ڇڏيائون، ۽ پاڻ اُنهن جي جاءِ تي رهي پيا: ڇالاءِ جو اُتي هنن جي ڌڻن جي لاءِ چارو موجود هو.</verse>
				<verse number="42">۽ انهن مان ڪي، يعني شمعون جا پٽ، جي پنج سؤ ماڻهو هئا، سي شعير جبل ڏي ويا، ۽ سندن سردار فلطياہ، ۽ نعرياہ، ۽ رفاياہ، ۽ عزي ايل هئا، جي يسعيءَ جا پٽ هئا؛</verse>
				<verse number="43">۽ جيڪي عماليقي باقي بچيا هئا ۽ ڀڄي نڪتا هئا، تن کي ماري پاڻ اتي رهڻ لڳا، ۽ اڄ ڏينهن تائين اُتي رهندا اچن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">۽ روبن، جو اسرائيل جو پهريون ڄاول ٻار هو، تنهن جا پٽ، (ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ هو پهريون ڄاول ٻار هو، تہ بہ پنهنجي پيءُ جي بستري پليت ڪرڻ ڪري هن جي ڄم ڄائي جو حق، اسرائيل جي پٽ يوسف جي پٽن کي ڏنو ويو، ۽ انهيءَ جو نسب نامو ڄم ڄائي جي حق موجب نہ ورتو ويو.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو يهوداہ پنهنجن ڀائرن کان زور وٺي ويو، ۽ انهيءَ مان سردار ٿيو؛ پر ڄائي ڄم جو حق يوسف جو هو:)</verse>
				<verse number="3">اسرائيل جي پهرين ڄاول ٻار روبن جا پٽ؛ حنوڪ ۽ فلو، حصرون ۽ ڪرمي.</verse>
				<verse number="4">يوايل جا پٽ؛ سمعياہ، انهيءَ جو پٽ جوج، انهيءَ جو پٽ سمعي؛</verse>
				<verse number="5">انهيءَ جو پٽ ميڪاہ، انهيءَ جو پٽ رياياہ، انهيءَ جو پٽ بعل؛</verse>
				<verse number="6">انهيءَ جو پٽ بئيرہ، (جنهن کي اسور جو بادشاهہ تلگات پلناصر قيد ڪري وٺي ويو هو) بني روبن جو سردار هو.</verse>
				<verse number="7">۽ هن جا ڀائر سندن قبيلن موجب جڏهن سندن پيڙهين جو نسب نامو شمار ڪيو ويو، هي هئا؛ سردار يعي ايل ۽ زڪرياہ،</verse>
				<verse number="8">۽ بلع بن عزز، بن سمع، بن يوايل، جو عروعير ۾، نبو ۽ بعل معون تائين رهندو هو:</verse>
				<verse number="9">۽ اُڀرندي ڏانهن هو فرات نديءَ کان بيابان جي گهڙڻ جي هنڌ تائين رهندو هو: ڇالاءِ جو هنن جو چوپايو مال جلعاد جي زمين ۾ وڌي گهڻو ٿيو.</verse>
				<verse number="10">۽ سائول جي ڏينهن ۾ هنن هاجرين سان جنگ ڪئي، جي هنن جي هٿان مارجي ويا: ۽ اُهي جلعاد جي اُڀرندي واري ساري زمين ۾ پنهنجن تنبن ۾ رهندا هئا.</verse>
				<verse number="11">۽ جد جا پٽ؛ انهن جي سامهون، بسن جي زمين ۾، سلڪہ تائين رهندا هئا:</verse>
				<verse number="12">يوايل سردار، ۽ ٻيو سافم؛ ۽ يعني ۽ سافط، بسن ۾ رهندا هئا.</verse>
				<verse number="13">۽ هنن جي ابن جي گهراڻن جا ڀائر؛ ميڪائيل، ۽ مسلام، ۽ سبعہ، ۽ يوري، ۽ يعڪان، ۽ زيع، ۽ عبر، مڙئي ست ڄڻا.</verse>
				<verse number="14">اهي هئا ابيخيل بن حوري، بن ياروآح، بن جلعاد، بن ميڪائيل، بن يسيسي، بن يحدو، بن بوز جا پٽ؛</verse>
				<verse number="15">اخي بن عبديئيل بن جوني، هنن جي ابن جي گهراڻن جو سردار هو.</verse>
				<verse number="16">۽ اهي جلعاد ۾، بسن منجهہ، ۽ انهيءَ جي شهرن ۾، ۽ شارون جي سڀني ٻهراڙيءَ وارن هنڌن منجهہ، سندن سرحدن تائين رهندا هئا.</verse>
				<verse number="17">انهن سڀني جو، سندن نسب نامن موجب، يهوداہ جي بادشاهہ يوتام جي ڏينهن ۾، ۽ اسرائيل جي بادشاهہ يربعام جي ڏينهن ۾ شمار ڪيو ويو هو.</verse>
				<verse number="18">روبن جا پٽ جاد ۽ منسيءَ جو اڌ فرقو، جي بهادر مرد هئا، ۽ سپر ۽ ترار کڻڻ وارا، ۽ ڪمان ڪشيندڙ، ۽ جنگ ڪرڻ ۾ هوشيار هئا، اُهي چوئيتاليهہ هزار ست سؤ سٺ ماڻهو هئا، جي جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃڻ جهڙا هئا.</verse>
				<verse number="19">۽ هنن هاجرين سان، ۽ يطور، ۽ نفيس، ۽ نودب سان جنگ ڪئي.</verse>
				<verse number="20">۽ انهن جي برخلاف هنن کي مدد ملي، ۽ هاجري پنهنجن سڀني ساٿين سميت هنن جي هٿن ۾ ڏنا ويا: ڇالاءِ جو هنن جنگ ۾ خدا کان دعا گهري، ۽ هنن جي دعا خدا قبول ڪئي؛ ڇالاءِ جو هنن جو انهيءَ تي ڀروسو هو.</verse>
				<verse number="21">۽ هو انهن جو چوپايو مال وٺي ويا؛ انهن جي اُٺن مان پنجاهہ هزار، رڍن مان اڍائي لک، گڏهن مان ٻہ هزار، ۽ ماڻهن مان هڪ لک وٺي ويا.</verse>
				<verse number="22">انهيءَ جنگ ۾ گهڻا مارجي ويا، جو اها خدا وٽان هئي. ۽ اُهي هنن جي جاءِ تي رهندا آيا، جيسين ڪ قيد ٿيا.</verse>
				<verse number="23">۽ منسيءَ جي اڌ فرقي وارا ماڻهو انهيءَ زمين ۾ رهڻ لڳا: هو وڌي بسن کان بعل حرمون، ۽ سنير، ۽ حرمون جبل تائين آيا.</verse>
				<verse number="24">۽ انهن جي ابن جي گهراڻن جا رئيس هي هئا؛ يعني عيفر، ۽ يسعي، ۽ الي ايل، ۽ عزريئيل، ۽ يرمياہ، ۽ هوداوياہ، ۽ يحدايل، جي همت وارا بهادر مشهور ماڻهو، پنهنجن ابن جي گهراڻن جا رئيس هئا.</verse>
				<verse number="25">۽ هنن پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي برخلاف قصور ڪيو، ۽ انهيءَ ملڪ جي ماڻهن جي معبودن جي پٺيان زناڪاري ڪرڻ لڳا، جن کي خدا سندن اڳيان ناس ڪيو.</verse>
				<verse number="26">۽ اسرائيل جي خدا، اسور جي بادشاهہ پول، ۽ اسور جي بادشاهہ تلگات پلناصر جي دل ۾ وڌو، ۽ اهو هنن کي قيد ڪري وٺي ويو، يعني روبين ۽ جدين کي، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي کي، ۽ انهن کي خلح، ۽ خابور، ۽ هارا، ۽ جوزان نديءَ تائين آندائين، جتي اڄ ڏينهن تائين آهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">لاويءَ جا پٽ؛ جيرسون، قهات ۽ مراري.</verse>
				<verse number="2">۽ قهات جا پٽ؛ عمرام، اضهار، ۽ حبرون ۽ عزي ايل.</verse>
				<verse number="3">۽ عمرام جو اولاد؛ هارون، ۽ موسيٰ، ۽ مريم. ۽ هارون جا پٽ؛ ندب ۽ ابيهو، اليعزر، ۽ اتمر.</verse>
				<verse number="4">اليعزر کي فينحاس ڄائو، فينحاس کي ابيسوع ڄائو؛</verse>
				<verse number="5">۽ ابيسوع کي بقي ڄائو، ۽ بقيءَ کي عزي ڄائو؛</verse>
				<verse number="6">۽ عزيءَ کي زراخياہ ڄائو، ۽ زراخياہ کي مرايوت ڄائو؛</verse>
				<verse number="7">مرايوت کي امرياہ ڄائو، ۽ امرياہ کي اخيطوب ڄائو؛</verse>
				<verse number="8">۽ اخيطوب کي صدوق ڄائو، ۽ صدوق کي اخيمعض ڄائو؛</verse>
				<verse number="9">اخيمعض کي عزرياہ ڄائو، ۽ عزرياہ کي يوحنان ڄائو؛</verse>
				<verse number="10">۽ يوحنان کي عزرياہ ڄائو، (اِهو اُهو آهي جنهن يروشلم ۾ سليمان جي جوڙايل گهر ۾ ڪاهن جو عهدو ٿي هلايو:)</verse>
				<verse number="11">۽ عزرياہ کي امرياہ ڄائو، ۽ امرياہ کي اخيطوب ڄائو؛</verse>
				<verse number="12">۽ اخيطوب کي صدوق ڄائو، ۽ صدوق کي سلوم ڄائو؛</verse>
				<verse number="13">۽ سلوم کي خلقياہ ڄائو، ۽ خلقياہ کي عزرياہ ڄائو؛</verse>
				<verse number="14">۽ عزرياہ کي سراياہ ڄائو، ۽ سراياہ کي يهوصدق ڄائو؛</verse>
				<verse number="15">۽ يهوصدق، جڏهن خداوند يهوداہ ۽ يروشلم کي نبوڪدنضر جي هٿان جلاوطن ڪرايو، تڏهن قيد ٿي ويو.</verse>
				<verse number="16">لاويءَ جا پٽ؛ جيرسوم، قهات ۽ مراري.</verse>
				<verse number="17">۽ جيرسوم جي پٽن جا نالا هي آهن؛ لبني ۽ سمعي.</verse>
				<verse number="18">۽ قهات جا پٽ هئا عمرام، ۽ اضهار، ۽ حبرون ۽ عزي ايل.</verse>
				<verse number="19">مراريءَ جا پٽ؛ محلي ۽ موشي. ۽ لاوين جا قبيلا سندن ابن جي گهراڻن موجب هي آهن.</verse>
				<verse number="20">جيرسوم جا؛ سندس پٽ لبني، انهيءَ جو پٽ يحت، انهيءَ جو پٽ زمہ؛</verse>
				<verse number="21">انهيءَ جو پٽ يوآخ، انهيءَ جو پٽ عيدو، انهيءَ جو پٽ زارح، انهيءَ جو پٽ يتري.</verse>
				<verse number="22">قهات جا پٽ؛ سندس پٽ ابينداب، انهيءَ جو پٽ قورح، انهيءَ جو پٽ اسير؛</verse>
				<verse number="23">انهيءَ جو پٽ القانہ ۽ انهيءَ جو پٽ ابي آسف ۽ انهيءَ جو پٽ اسير؛</verse>
				<verse number="24">انهيءَ جو پٽ تحت، انهيءَ جو پٽ اوري ايل، انهيءَ جو پٽ عزياہ؛ ۽ انهيءَ جو پٽ سائول.</verse>
				<verse number="25">القانہ جا پٽ؛ عماسي ۽ اخيموت.</verse>
				<verse number="26">القانہ بابت: القانہ جا پٽ؛ سندس پٽ صوفي، ۽ انهيءَ جو پٽ نحت؛</verse>
				<verse number="27">انهيءَ جو پٽ الياب، انهيءَ جو پٽ يروحام، انهيءَ جو پٽ القانہ.</verse>
				<verse number="28">۽ سموئيل جا پٽ؛ پهريون ڄاول يوايل ۽ ٻيو ابياہ.</verse>
				<verse number="29">مراريءَ جا پٽ؛ محلي، انهيءَ جو پٽ لبني، انهيءَ جو پٽ سمعي، انهيءَ جو پٽ عزہ.</verse>
				<verse number="30">انهيءَ جو پٽ سمعا، انهيءَ جو پٽ حجياہ، انهيءَ جو پٽ عساياہ.</verse>
				<verse number="31">۽ اِهي آهن اُهي، جن کي صندوق جي آرام جي جاءِ تي اچڻ کانپوءِ دائود ڳائڻ جي ڪم تي مقرر ڪيو.</verse>
				<verse number="32">۽ اُهي جماعت واري تنبوءَ جي حجري جي اڳيان ڳائڻ جي خدمت ڪندا هئا، جيسين ڪ سليمان يروشلم ۾ خداوند جو گهر جوڙايو: ۽ اهي پنهنجي درجي موجب پنهنجو عهدو هلائيندو هئا.</verse>
				<verse number="33">اهي خدمت ڪرڻ وارا ۽ انهن جا پٽ هي آهن. قهاتين جي پٽن مان ڳائڻ وارو هيمان بن يوايل، بن سموايل؛</verse>
				<verse number="34">بن القانہ، بن يروحام، بن الي ايل، بن توح؛</verse>
				<verse number="35">بن صوف، بن القانہ، بن محت، بن عماسي؛</verse>
				<verse number="36">بن القانہ، بن يوايل، بن عزرياہ، بن ضفنياہ؛</verse>
				<verse number="37">بن تحت، بن اسير، بن ابي آسف، بن قورح؛</verse>
				<verse number="38">بن اضهار، بن قهات، بن لاوي، بن اسرائيل.</verse>
				<verse number="39">۽ انهيءَ جو ڀاءُ آسف، جو هن جي سڄي هٿ پاسي بيهندو هو، يعني آسف بن برڪياہ، بن سمعا؛</verse>
				<verse number="40">بن ميڪائيل، بن بعسياہ بن ملڪياہ؛</verse>
				<verse number="41">بن اتني، بن زارح، بن عداياہ؛</verse>
				<verse number="42">بن ايتان، بن زمہ، بن سمعي؛</verse>
				<verse number="43">بن يحت، بن جيرسوم، بن لاوي.</verse>
				<verse number="44">۽ کٻي پاسي سندن ڀائرن، مراريءَ جا پٽ؛ ايتان بن قيسي، بن عبدي، بن ملوڪ؛</verse>
				<verse number="45">بن حسبياہ، بن امصياہ، بن خلقياہ</verse>
				<verse number="46">بن امصي، بن باني، بن سامر؛</verse>
				<verse number="47">بن محلي، بن موشي، بن مراري، بن لاوي</verse>
				<verse number="48">۽ انهن جا ڀائر لاوي خدا جي گهر جي تنبوءَ جي هر قسم جي خدمت لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا.</verse>
				<verse number="49">پر هارون ۽ سندس پٽ، سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ تي، توڙي لوبان واري قربانگاهہ تي، تمام پاڪ جاءِ جي لاءِ سڀ خدمت بجا آڻيندا هئا، ۽ جيڪي حڪم خدا جي ٻانهي موسيٰ ڏنا هئا، تن موجب اسرائيل جي پاران ڪفارو ڏيندا هئا.</verse>
				<verse number="50">۽ هارون جا پٽ هي آهن؛ سندس پٽ اليعزر، انهيءَ جو پٽ فينحاس، انهيءَ جو پٽ ابيسوع؛</verse>
				<verse number="51">انهيءَ جو پٽ بقي، انهيءَ جو پٽ عزي، انهيءَ جو پٽ زراخياہ؛</verse>
				<verse number="52">انهيءَ جو پٽ مرايوت، انهيءَ جو پٽ امرياہ، انهيءَ جو پٽ اخيطوب؛</verse>
				<verse number="53">انهيءَ جو پٽ صدوق، انهيءَ جو پٽ اخيمعض.</verse>
				<verse number="54">هاڻي انهن جي سرحدن ۾ سندن منزلگاهن موجب سندن رهڻ جون جايون هي آهن: هارون جي پٽن لاءِ، جي قهاتين جي قبيلن مان هئا،. پهرين ڪڻي وارو حصو هو.</verse>
				<verse number="55">انهن کي هنن يهوداہ جي زمين ۾ حبرون ۾ انهيءَ جي آس پاس وارا ٻهراڙيءَ جا ڳوٺ ڏنا؛</verse>
				<verse number="56">پر انهيءَ شهر جون ٻنيون ۽ انهن جا ڳوٺ هنن ڪالب بن يفنہ کي ڏنا.</verse>
				<verse number="57">۽ هارون جي پٽن کي پناهہ جي شهرن لاءِ هن حبرون ڏنو؛ لبناہ ۽ ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ يتير، ۽ استموع، ان جي ٻهراڙيءَ سميت؛</verse>
				<verse number="58">۽ حيلان، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، دبير ان جي ٻهراڙيءَ سميت:</verse>
				<verse number="59">۽ عسن، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ بيت شمس، ان جي ٻهراڙيءَ سميت؛</verse>
				<verse number="60">۽ بنيمين جي فرقي مان؛ جبع، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ علمت، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ عنتوت، ان جي ٻهراڙيءَ سميت. انهن جا ڪل شهر، جي انهن جي قبيلن جا هئا، سي تيرهن شهر هئا.</verse>
				<verse number="61">۽ قهات جي باقي رهيل پٽن کي، انهيءَ فرقي جي قبيلي مان ڪڻي وجهڻ سان منسيءَ جي اڌ فرقي جا ڏهہ شهر ڏنا ويا.</verse>
				<verse number="62">۽ جيرسوم جي پٽن کي، سندن قبيلن موجب، اشڪار جي فرقي مان، ۽ آشر جي فرقي مان، ۽ نفتاليءَ جي فرقي مان، ۽ منسيءَ جي فرقي مان، جو بسن ۾ هو، تيرهن شهر ڏنا ويا.</verse>
				<verse number="63">مراريءَ جي پٽن کي ڪڻي وجهڻ سان، سندن قبيلن موجب، روبن جي فرقي مان ۽ جد جي فرقي مان، ۽ زبولون جي فرقي مان، ٻارهن شهر ڏنا ويا.</verse>
				<verse number="64">۽ بني اسرائيل لاوين کي ٻهراڙين سميت شهر ڏنا.</verse>
				<verse number="65">۽ بني يهوداہ جي فرقي مان، ۽ بني شمعون جي فرقي مان، ۽ بني بنيمين جي فرقي مان، ڪڻن وجهڻ سان اهي شهر ڏنا، جن جو ناليوار مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي.</verse>
				<verse number="66">۽ قهات جي پٽن مان ڪن کي افرائيم جي فرقي مان سندن سرحد وارا شهر مليا.</verse>
				<verse number="67">۽ هنن انهن کي هي پناهہ جا شهر ڏنا، افرائيم جي ڪوهستان ۾ سڪم، ان جي ٻهراڙيءَ سميت؛ جزر، ان جي ٻهراڙيءَ سميت؛</verse>
				<verse number="68">۽ يقمعام، ان جي ٻهراڙيءَ سميت؛ ۽ بيت حورون، ان جي ٻهراڙيءَ سميت.</verse>
				<verse number="69">۽ ايلون، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ جات رمون، ان جي ٻهراڙيءَ سميت:</verse>
				<verse number="70">۽ منسيءَ جي اڌ فرقي مان؛ عانير، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ بلعام، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، جي قهات جي پٽن جي قبيلي مان باقي رهيل ماڻهن کي مليا.</verse>
				<verse number="71">جيرسوم جي پٽن کي، منسيءَ جي اڌ فرقي مان بسن ۾ جولان، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ عستارات، ان جي ٻهراڙيءَ سميت:</verse>
				<verse number="72">۽ اشڪار جي فرقي مان؛ قادس، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، دابرات، ان جي ٻهراڙيءَ سميت؛</verse>
				<verse number="73">۽ رامات، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ عانيم، ان جي ٻهراڙيءَ سميت:</verse>
				<verse number="74">۽ آشر جي فرقي مان؛ مسل، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ عبدون، ان جي ٻهراڙيءَ سميت؛</verse>
				<verse number="75">۽ حقوق، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ رحوب، ان جي ٻهراڙيءَ سميت:</verse>
				<verse number="76">۽ نفتالي جي فرقي مان؛ جليل ۾ قادس، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ حمون، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ قريتائيم، ان جي ٻهراڙيءَ سميت.</verse>
				<verse number="77">باقي رهيل لاوين، مراريءَ جي پٽن کي زبولون جي فرقي مان؛ رمون، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، تبور، ان جي ٻهراڙيءَ سميت:</verse>
				<verse number="78">۽ يردن جي هن ڀر، يريحو ۾، يردن جي اُڀرندي پاسي، هنن کي روبن جي فرقي مان بيابان ۾، بصر، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ يهصہ، ان جي ٻهراڙيءَ سميت.</verse>
				<verse number="79">۽ قديمات، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ مفعت، ان جي ٻهراڙيءَ سميت:</verse>
				<verse number="80">۽ جد جي فرقي مان، جلعاد ۾؛ رامات، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ محنايم، ان جي ٻهراڙيءَ سميت،</verse>
				<verse number="81">۽ حسبون، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ يعزير ان جي ٻهراڙيءَ سميت.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">۽ اشڪار جي پٽن مان؛ تولع، ۽ فوہ، ۽ يسوب، ۽ سمرون، مڙئي چار ڄڻا.</verse>
				<verse number="2">۽ تولع جا پٽ؛ عزي، ۽ رفاياہ، ۽ يري ايل، ۽ يحمي، ۽ ابسام، ۽ سموئيل، هي سندن ابن جي گهراڻن جا رئيس هئا، يعني تولع جا، سندن پيڙهين موجب همت وارا بهادر ماڻهو، انهن جو شمار دائود جي ڏينهن ۾ ٻاويهہ هزار ۽ ڇهہ سؤ ماڻهو.</verse>
				<verse number="3">۽ عزي جا پٽ؛ ازراخياہ: ۽ ازراخياہ جا پٽ؛ ميڪائيل، ۽ عبدياہ، ۽ يوايل، يسياہ، مڙئي پنج ڄڻا: اهي سڀيئي مکيہ ماڻهو هئا.</verse>
				<verse number="4">۽ انهن سان گڏ، سندن پيڙهين موجب، سندن ابن جي گهراڻن موافق، جنگ ڪرڻ لاءِ لشڪر جون ٽوليون ڇٽيهہ هزار هيون: ڇالاءِ جو انهن کي گهڻيون زالون ۽ گهڻا پٽ هئا.</verse>
				<verse number="5">۽ انهن جا ڀائر لشڪر جي سڀني قبيلن مان همت وارا بهادر مرد، نسب نامي موجب مڙئي شمار ٿيل، ستاسي هزار هئا.</verse>
				<verse number="6">بنيمين جا پٽ؛ بالع ۽ بڪر، ۽ يديعيل، مڙئي ٽي ڄڻا.</verse>
				<verse number="7">۽ بلع جا پٽ؛ اصبون، ۽ عزي، ۽ عزي ايل، ۽ يريموت، ۽ عيري، مڙئي پنج ڄڻا؛ جي ابن جي گهراڻن جا رئيس، همت وارا بهادر مرد هئا؛ اهي نسب نامي موجب ٻاويهہ هزار ۽ چوٽيهہ شمار ڪيا ويا.</verse>
				<verse number="8">۽ بڪر جا پٽ؛ زميرہ، ۽ يوآس، ۽ اليعزر، ۽ اليوعيني، ۽ عمري، ۽ يريموت، ۽ ابياہ، ۽ عنتوت، ۽ علامت. اهي سڀ بڪر جا پٽ هئا.</verse>
				<verse number="9">۽ اُهي نسب نامي موجب، سندن پيڙهين موافق پنهنجي ابن جي گهراڻن موافق همت وارا بهادر مرد، ويهہ هزار ۽ ٻہ سؤ شمار ڪيا ويا.</verse>
				<verse number="10">يدع ايل جو پٽ؛ بلحان؛ بلحان جا پٽ، يعوس، ۽ بنيمين، ۽ اهود، ۽ ڪنعانہ، ۽ زيتان، ۽ ترسيس، ۽ اخي سحر.</verse>
				<verse number="11">اهي سڀ يدع ايل جا پٽ هئا، جي سندن ابن جي گهراڻن جي رئيسن موجب همت وارا بهادر مرد، سترهن هزار ٻہ سؤ هئا، جي جنگ جي لاءِ لشڪر ۾ نڪري وڃي ٿي سگهيا.</verse>
				<verse number="12">سفيم بہ، ۽ حفيم، جي عير جا پٽ هئا، ۽ حشيم، احير جو پٽ هو.</verse>
				<verse number="13">نفتاليءَ جا پٽ؛ يحصي ايل، ۽ جوني، ۽ يصر، ۽ سلوم، پٽ بلہ جا.</verse>
				<verse number="14">منسيءَ جا پٽ؛ اسري ايل، جنهن کي سندس زال ڄڻيو: (سندس سريت، جا ارامي هئي، تنهن کي مڪير ڄائو، جو جلعاد جو پيءُ هو:</verse>
				<verse number="15">۽ مڪير، حفيم ۽ سفيم مان زال پرڻيو، جنهن جي ڀيڻ جو نالو معڪہ هو؛) ۽ ٻئي جو نالو صلافحاد هو: ۽ صلافحاد کي ڌيئرون هيون.</verse>
				<verse number="16">۽ مڪير جي زال معڪہ هڪڙو پٽ ڄڻيو، ۽ انهيءَ جو نالو فرس رکيائين؛ ۽ انهيءَ جي ڀاءُ جو نالو شرس هو؛ ۽ انهيءَ جا پٽ هئا اولام ۽ رقم.</verse>
				<verse number="17">۽ اولام جو پٽ؛ بدان. اِهي هئا جلعاد بن مڪير، بن منسيءَ جا پٽ.</verse>
				<verse number="18">۽ انهيءَ جي ڀيڻ همولڪت، اشهود، ۽ ابيعزر، ۽ محلا ڄڻيا.</verse>
				<verse number="19">۽ سميدع جا پٽ هئا اخيان ۽ سڪم، ۽ لقحي ۽ انيعام.</verse>
				<verse number="20">۽ افرائيم جا پٽ؛ سوتلح، ۽ انهيءَ جو پٽ برد، ۽ انهيءَ جو پٽ تحت، ۽ انهيءَ جو پٽ اليعدہ، ۽ انهيءَ جو پٽ تحت.</verse>
				<verse number="21">۽ انهيءَ جو پٽ زبد، ۽ انهيءَ جو پٽ سوتلح، ۽ عزر، ۽ اليعد، جن کي جات جا ماڻهو جي انهيءَ زمين ۾ ڄاوا هئا تن ڪُٺو، ڇالاءِ جو هو سندن چوپائي مال وٺڻ لاءِ ڪاهي آيا هئا.</verse>
				<verse number="22">۽ انهن جي پيءُ افرائيم گهڻن ڏينهن تائين ماتم ڪيو، ۽ سندس ڀائر کيس تسلي ڏيڻ آيا.</verse>
				<verse number="23">۽ هو پنهنجي زال وٽ ويو ۽ اها پيٽ سان ٿي، ۽ هڪڙو پٽ ڄڻيائين، ۽ انهيءَ جو نالو بريعہ رکيائين، ڇالاءِ جو سندس گهر کي خرابي پهتي هئي.</verse>
				<verse number="24">۽ هن جي ڌيءَ سراہ هئي، جنهن هيٺيون ۽ مٿيون بيت حورون ۽ عزن سراہ جوڙيا.</verse>
				<verse number="25">۽ انهيءَ جو پٽ هو رفح، ۽ رسف، ۽ انهيءَ جو پٽ تلاح، ۽ انهيءَ جو پٽ تحن؛</verse>
				<verse number="26">۽ انهيءَ جو پٽ لعدان، انهيءَ جو پٽ عميهود، انهيءَ جو پٽ اليسمع؛</verse>
				<verse number="27">انهيءَ جو پٽ نون، انهيءَ جو پٽ يهوسوع.</verse>
				<verse number="28">۽ انهن جون ملڪيتون ۽ رهڻ جون جايون هيون؛ بيت ايل، ۽ ان جا شهر، ۽ اُڀرندي ڏي نعران، ۽ الهندي ڏي جزر. اُن جي شهرن سميت؛ سڪم بہ، ۽ ان جا شهر، عزہ، ۽ ان جي شهرن تائين:</verse>
				<verse number="29">۽ بني منسي جي سرحدن جي ڀرسان بيت شان ۽ ان جا شهر، تعناڪ، ۽ ان جا شهر، مجدو، ۽ ان جا شهر، دور، ۽ ان جا شهر، انهن ۾ يوسف بن اسرائيل جو اولاد رهندو هو.</verse>
				<verse number="30">آشر جا پٽ؛ يمنا، ۽ اسواہ، ۽ اسوي، ۽ بريعہ، ۽ انهن جي ڀيڻ سرح.</verse>
				<verse number="31">۽ بريعہ جا پٽ؛ حبر ۽ ملڪي ايل، جو برزاويت جو پيءُ هو.</verse>
				<verse number="32">۽ حبر کي يفليط ڄائو، ۽ سومر، ۽ خوتام، ۽ سندن ڀيڻ سوع.</verse>
				<verse number="33">۽ يفليط جا پٽ؛ فاساڪ، ۽ بمهال، ۽ عسوات. اهي آهن بني يفليط.</verse>
				<verse number="34">۽ سامر جا پٽ؛ اخي، ۽ روهجہ، ۽ يحبہ، ۽ ارام.</verse>
				<verse number="35">۽ سندس ڀاءُ هيلم جا پٽ؛ صوفح، ۽ امنع، ۽ سلس، ۽ عمل.</verse>
				<verse number="36">صوفح جا پٽ؛ سوح، ۽ حرنفر، ۽ سوعل، ۽ بيري، ۽ امراہ؛</verse>
				<verse number="37">بصر، ۽ هود، ۽ سما، ۽ سلسہ، ۽ اتران، ۽ بيرا.</verse>
				<verse number="38">۽ يتر جا پٽ؛ يفنہ، ۽ فسفاہ، ۽ ارا.</verse>
				<verse number="39">۽ عُلہ جا پٽ؛ ارخ، ۽ حني ايل، ۽ رضياہ.</verse>
				<verse number="40">اهي بني آشر هئا، جي ابن جي گهراڻن جا رئيس، چونڊيل همت وارا بهادر مرد ۽ اميرن ۾ مکيہ هئا. ۽ انهن جو شمار نسب نامي موجب جنگ جي خدمت لاءِ ڇويهہ هزار ماڻهو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">بنيمين کي بالع ڄائو، جو سندس پهريون ڄاول ٻار هو، اشبيل ٻيو هو، ۽ اخرخ ٽيون؛</verse>
				<verse number="2">نوحہ چوٿون، ۽ رفا پنجون.</verse>
				<verse number="3">۽ بالع جا پٽ هئا ادار، ۽ جيرا، ۽ ابيهود؛</verse>
				<verse number="4">۽ ابيسوع، ۽ نعمان، ۽ اخوح؛</verse>
				<verse number="5">۽ جيرا، ۽ سفوفان، ۽ حورام.</verse>
				<verse number="6">۽ اهود جا پٽ هي آهن: اهي جبع جي رهاڪن جي ابن جي گهراڻن جا رئيس آهن، ۽ انهن کي قيد ڪري مناحت ڏي وٺي ويا؛</verse>
				<verse number="7">۽ نعمان، ۽ اخياہ، ۽ جيرا کي هو قيد ڪري وٺي ويو؛ ۽ انهيءَ کي عزا ۽ اخيحود ڄاوا.</verse>
				<verse number="8">۽ سحريم کي انهن جي موڪلڻ کان پوءِ موآب جي ميدان ۾ ٻار ڄاوا؛ حوسيم ۽ بعراہ انهيءَ جون زالون هيون.</verse>
				<verse number="9">۽ هن کي سندس زال حودس مان يوباب، ۽ ضبيہ، ۽ ميسا، ۽ ملڪام ڄاوا؛</verse>
				<verse number="10">۽ يعوض، ۽ سڪياہ، ۽ مرمہ. اهي هئا انهيءَ جا پٽ ۽ ابن جي گهراڻن جا رئيس.</verse>
				<verse number="11">۽ حوسيم مان هن کي ابيطوب ۽ الفعل ڄاوا.</verse>
				<verse number="12">۽ الفعل جا پٽ؛ عبر، ۽ مشعام، ۽ سامر، جنهن اونو ۽ لد ۽ انهن جا شهر اڏيا:</verse>
				<verse number="13">۽ بريعہ ۽ سمعہ، جي اُنهيءَ ايلون جي رهاڪن جي ابن جي گهرن جا رئيس هئا، جنهن جات جي رهاڪن کي ڀڄائي ڪڍيو هو؛</verse>
				<verse number="14">۽ اخيو، شاشق، ۽ يريموت؛</verse>
				<verse number="15">۽ زبدياہ، ۽ عراد، ۽ عدر؛</verse>
				<verse number="16">۽ ميڪائيل، ۽ اسفاہ، ۽ يوخا، جي بريعہ جا پٽ هئا؛</verse>
				<verse number="17">۽ زبدياہ ۽ مسلام، ۽ حزقي، ۽ حبر؛</verse>
				<verse number="18">۽ يسمري، ۽ يزلياہ، ۽ يوباب، جي الفعل جا پٽ هئا؛</verse>
				<verse number="19">۽ يقيم، ۽ زڪري، ۽ زبدي؛</verse>
				<verse number="20">۽ العيني، ۽ ضلتي، ۽ اليئل:</verse>
				<verse number="21">۽ عداياہ، ۽ براياہ، ۽ سمرات، جي سمعي جا پٽ هئا؛</verse>
				<verse number="22">۽ اسفان، ۽ عبر، ۽ اليئل:</verse>
				<verse number="23">۽ عبدون، ۽ زڪري، ۽ حنان؛</verse>
				<verse number="24">۽ حنانياہ، ۽ عيلام، ۽ عنتوتياہ؛</verse>
				<verse number="25">۽ يفدياہ، ۽ فنوايل، جي شاشق جا پٽ هئا؛</verse>
				<verse number="26">۽ سمسري، ۽ شحارياہ، ۽ عتالياہ؛</verse>
				<verse number="27">يعرسياہ، ۽ الياہ، ۽ زڪري، جي يروحام جا پٽ هئا.</verse>
				<verse number="28">اهي هئا سندن سڀني پيڙهين ۾ ابن جي گهراڻن جا رئيس ۽ مکيہ ماڻهو: اهي يروشلم ۾ رهندا هئا.</verse>
				<verse number="29">۽ جبعون ۾ جبعون جو پيءُ رهندو هو، جنهن جي زال جو نالو معڪہ هو:</verse>
				<verse number="30">۽ انهيءَ جو پهريون ڄاول ٻار عبدون، ۽ صور، ۽ قيس، ۽ بعل، ۽ ندب؛</verse>
				<verse number="31">۽ جدور، ۽ اخيو، ۽ زڪر.</verse>
				<verse number="32">۽ مقلوت کي سماہ ڄائو. ۽ اهي بہ پنهنجن ڀائرن سان گڏ يروشلم ۾ پنهنجن ڀائرن جي آمهون سامهون رهندا هئا.</verse>
				<verse number="33">۽ نير کي قيس ڄائو؛ ۽ قيس کي سائول ڄائو؛ ۽ سائول کي يونتن، ۽ ملڪيشوع، ۽ ابينداب، ۽ اشبعل.</verse>
				<verse number="34">۽ يونتن جو پٽ مريبعل هو؛ ۽ مريبعل کي ميڪاہ ڄائو؛</verse>
				<verse number="35">۽ ميڪاہ جا پٽ فيتون: ۽ ملڪ، ۽ تاريح، ۽ آخز.</verse>
				<verse number="36">۽ آخز جو پٽ يهوعدہ؛ ۽ يهوعدہ کي عليمت ۽ عزماوت، ۽ زمري ڄاوا؛ ۽ زمريءَ کي موضا ڄائو:</verse>
				<verse number="37">۽ موضا کي بنعہ؛ انهيءَ جو پٽ هو رافعہ، انهيءَ جو پٽ اليعسہ، انهيءَ جو پٽ اصيل:</verse>
				<verse number="38">۽ اصيل کي ڇهہ پٽ هئا، جن جا نالا هي آهن: عزريقام، بوڪرو، ۽ اسماعيل، ۽ سغرياہ، ۽ عبدياہ، ۽ حنان. اهي سڀ اصيل جا پٽ هئا.</verse>
				<verse number="39">۽ سندس ڀاءُ عيشق جا پٽ؛ ان جو پهريون ڄاول ٻار اولام، ٻيو يعوس ۽ ٽيون اليفلط.</verse>
				<verse number="40">۽ اولام جا پٽ همت وارا بهادر مرد ۽ ڪماندار هئا، ۽ انهن کي گهڻا پٽ ۽ پوٽا هئا، جي ڏيڍ سؤ هئا، اهي سڀ بنيمين جا پٽ هئا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">انهيءَ طرح سڀ اسرائيلي پيڙهين موجب شمار ڪيا ويا؛ ۽ ڏس، اُهي اسرائيل جي بادشاهن جي ڪتاب ۾ لکيل آهن؛ ۽ يهوداہ، پنهنجن گناهن ڪري قيد ٿي بابل ڏي کڄي ويو.</verse>
				<verse number="2">هاڻي پهريان رهاڪو، جي هنن جي ملڪيت وارن شهرن ۾ رهندا هئا، سي اسرائيلي هئا، يعني ڪاهن، لاوي ۽ نتينيم.</verse>
				<verse number="3">۽ يروشلم ۾ بني يهوداہ جا، ۽ بني بنيمين جا، ۽ بني افرائيم، ۽ بني منسيءَ جا، ڪي ماڻهو رهندا هئا؛</verse>
				<verse number="4">فارص بن يهوداہ جي اولاد مان عوتي بن عميهود، بن عمري، بن امري، بن باني.</verse>
				<verse number="5">۽ سيلونين مان؛ عساياہ پهريون ڄاول، ۽ ان جا پٽ.</verse>
				<verse number="6">۽ زارح جي پٽن مان؛ يعوايل ۽ انهن جا ڀائر، ڇهہ سؤ ۽ نوي.</verse>
				<verse number="7">۽ بنيمين جي پٽن مان؛ سلو بن مسلام، بن هوداوياہ، بن هسينوآہ؛</verse>
				<verse number="8">۽ ابنياہ بن يروحام، ۽ ايلا بن عزي، بن مڪري، ۽ مسلام، بن سفطياہ، بن رعوايل، بن ابنياہ؛</verse>
				<verse number="9">۽ انهن جا ڀائر، سندن پيڙهين موجب، نوَ سؤ ۽ ڇاونجاهہ. اهي سڀ ماڻهو سندن ابن جي گهراڻن موجب ابن جي گهرن جا رئيس هئا.</verse>
				<verse number="10">۽ ڪاهنن مان؛ يدعياہ، ۽ يهويريب، ۽ يڪين؛</verse>
				<verse number="11">۽ عزرياہ، بن خلقياہ، بن مسلام، بن صدوق، بن مرايوت، بن اخيطوب، جو خدا جي گهر جو حاڪم هو؛</verse>
				<verse number="12">۽ عداياہ بن يروحام، بن فشحور، بن ملڪياہ، ۽ معسي، بن عديئيل، بن يحزيراہ، بن مسلام، بن مسلميت، بن امير؛</verse>
				<verse number="13">۽ انهن جا ڀائر، سندن ابن جي گهراڻن جا رئيس، هڪ هزار ست سؤ ۽ سٺ ڄڻا، جي خدا جي گهر جي خدمت جي ڪم لاءِ تمام هوشيار ماڻهو هئا.</verse>
				<verse number="14">۽ لاوين مان؛ سمعياہ، بن حسوب، بن عزريقام، بن حسبياہ، جي مراريءَ جي پٽن مان هئا؛</verse>
				<verse number="15">۽ بقبقر، حرس، ۽ جلال، ۽ متنياہ بن ميڪاہ، بن زڪري، بن آسف؛</verse>
				<verse number="16">۽ عبدياہ، بن سمعياہ، بن جلال، بن يدوتون، ۽ برڪياہ بن آسا، بن القانہ، جي نطوفايتن جي ڳوٺن ۾ رهندا هئا.</verse>
				<verse number="17">۽ دربان، سلوم، ۽ عقوب، ۽ طلمون، ۽ اخيمان، ۽ انهن جا ڀائر؛ سلوم منجهن سردار هو؛</verse>
				<verse number="18">اهي هن کان اڳي اُڀرندي ڏي بادشاهہ جي دروازي تي بيهندا هئا: اهي بني لاوي جي لشڪرگاهہ جا دربان هوندا هئا.</verse>
				<verse number="19">۽ سلوم بن قوري، بن ابي آسف، بن قورح، ۽ انهيءَ جا ڀائر سندس پيءُ جي گهراڻي مان. يعني قورحي، عبادت جي ڪم جي نظرداري ڪندا هئا، ۽ تنبوءَ جي دروازن جا نگهبان هوندا هئا: ۽ انهن جا ابا خداوند جي لشڪرگاهہ جي نظرداري ڪندا هئا، ۽ اندر گهڙڻ واري در جا نگهبان هوندا هئا؛</verse>
				<verse number="20">۽ فينحاس بن اليعزر اڳين ڏينهن ۾ انهن جو حاڪم هوندو هو، ۽ خداوند انهيءَ سان هو.</verse>
				<verse number="21">زڪرياہ بن مسلمياہ جماعت واري تنبوءَ جو دربان هو.</verse>
				<verse number="22">اهي سڀيئي جي درن جي لاءِ چونڊي دربان ڪري رکيا ويا هئا، سي ٻہ سؤ ٻارنهن ڄڻا هئا. اهي سندن نسب نامي موجب سندن ڳوٺن ۾ شمار ڪيا ويا هئا، ۽ انهن کي دائود ۽ سموئيل نبيءَ سندن عهدن تي مقرر ڪيو هو.</verse>
				<verse number="23">تنهنڪري اهي ۽ انهن جو اولاد خداوند جي گهر جي درن جي نظرداري ڪندا هئا، يعني تنبوءَ جي گهر جي درن جي، انهن جي ڪوٺين موجب.</verse>
				<verse number="24">چئني پاسن کان دربان هوندا هئا، يعني اُڀرندي، اُلهندي، اُتر ۽ ڏکڻ ڏي.</verse>
				<verse number="25">۽ انهن جا ڀائر، جي ڳوٺن ۾ هوندا هئا، تن کي وقت بوقت، هفتي هفتي اچي ساڻن شامل ٿيڻو پوندو هو:</verse>
				<verse number="26">ڇالاءِ جو چار مکيہ دربان، جي لاوي هوندا هئا، سي ٺهرايل عهدي تي هوندا هئا، ۽ اهي خدا جي گهر ۾ ڪوٺين تي ۽ خزانن تي هوندا هئا.</verse>
				<verse number="27">۽ اُهي خدا جي گهر جي آس پاس رهندا هئا، ڇالاءِ جو انهن جي سنڀال مٿن هوندي هئي ۽ روزبروز صبح جو انهن کي کولڻ سندن ذمي هوندو هو.</verse>
				<verse number="28">۽ انهن مان ڪي عبادت جي ٿانوَن جي سنڀال ڪندا هئا؛ ڇالاءِ جو اُهي شمار سان اندر آڻبا هئا ۽ شمار سان ٻاهر ڪڍبا هئا.</verse>
				<verse number="29">انهن مان ڪي سامان تي، ۽ پاڪ جاءِ جي سڀني ٿانوَن تي، ۽ ميدي ۽ شراب، ۽ تيل، ۽ لوبان ۽ مصالحن تي مقرر هوندا هئا.</verse>
				<verse number="30">۽ ڪاهنن جي پٽن مان ڪي مصالحہ گڏي خوشبوئيون جوڙيندا هئا.</verse>
				<verse number="31">۽ لاوين مان هڪڙو متتياہ، جو سلوم قرحيءَ جو پهريون ڄاول ٻار هو، سو انهن شين تي مقرر هوندو هو جي تئيءَ ۾ پچائبيون هيون.</verse>
				<verse number="32">۽ انهن جي ڀائرن، قهاتين جي پٽن مان ڪي نذراني جي پاڪ مانيءَ تي هوندا هئا، جا هو سڀ ڪنهن سبت جي ڏينهن پچائيندا هئا.</verse>
				<verse number="33">۽ ڳائڻ وارا، جي لاوين جي ابن جي گهراڻن جا رئيس هوندا هئا، ۽ جي ڪوٺين ۾ رهندا هئا، ۽ ٻي خدمت چاڪريءَ کان آزاد هوندا هئا، سي اهي آهن: ڇالاءِ جو اُهي رات ڏينهن پنهنجي ڪم ۾ مشغول رهندا هئا.</verse>
				<verse number="34">اهي هئا لاوين جي ابن جي گهراڻن جا رئيس، جي سندن سڀني پيڙهين ۾ مکيہ ماڻهو هئا: اهي يروشلم ۾ رهندا هئا.</verse>
				<verse number="35">۽ جبعون ۾ جبعون جو پيءُ يعي ايل رهندو هو، جنهن جي زال جو نالو معڪہ هو؛</verse>
				<verse number="36">۽ انهيءَ جو پهريون ڄاول ٻار هو عبدون، ۽ ٻيا هئا ضور، ۽ قيس، ۽ بعل، ۽ نير، ۽ ندب؛</verse>
				<verse number="37">۽ جدور، ۽ اخيو، ۽ زڪرياہ، ۽ مقلوت.</verse>
				<verse number="38">۽ مقلوت کي سمعام ڄائو، ۽ اُهي بہ پنهنجن ڀائرن جي آمهون سامهون پنهنجن ڀائرن سان گڏ يروشلم ۾ رهندا هئا.</verse>
				<verse number="39">۽ نير کي قيس ڄائو: ۽ قيس کي سائول ڄائو؛ ۽ سائول کي يونتن ڄائو ۽ ملڪيشوع، ۽ ابينداب، ۽ اشبعل.</verse>
				<verse number="40">۽ يونتن جو پٽ مريببعل هو؛ ۽ مريببعل کي ميڪاہ ڄائو.</verse>
				<verse number="41">۽ ميڪاہ جا پٽ؛ فيتون، ۽ ملڪ، ۽ تحريع، ۽ آخز،</verse>
				<verse number="42">۽ آخز کي يعرہ ڄائو؛ ۽ يعرہ کي علمت، ۽ عزماوت، ۽ زمري ڄاوا؛ ۽ زمريءَ کي موضا ڄائو:</verse>
				<verse number="43">۽ موضا کي بنعہ ڄائو؛ ۽ انهيءَ جو پٽ هو رفاياہ، ۽ انهيءَ جو پٽ اليعسہ، ۽ جا پٽ اصيل:</verse>
				<verse number="44">۽ اصيل کي ڇهہ پٽ هئا، جن جا نالا هي آهن؛ عزريقام، بوڪرو، ۽ اسماعيل، ۽ سغرياہ، ۽ عبدياہ، ۽ حنان؛ اهي هئا اصيل جا پٽ.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">هاڻي فلستي اسرائيل سان وڙهيا؛ ۽ اسرائيل جا ماڻهو فلستين جي اڳيان ڀڳا ۽ جلبوع جبل ۾ مارجي ويا.</verse>
				<verse number="2">۽ فلستي سائول ۽ سندس پٽن جي پٺيان پيا ۽ کين سخت گهُٽيائون؛ ۽ فلستين سائول جي پٽن يونتن، ۽ ابينداب، ۽ ملڪيشوع کي قتل ڪيو.</verse>
				<verse number="3">۽ جنگ سائول جي گهڻو برخلاف ويئي ۽ ڪماندار وڃي کيس پهتا: ۽ انهن ڪماندارن جي ڪري هو ڏاڍو تنگ ٿيو.</verse>
				<verse number="4">تڏهن سائول پنهنجي زرهہ بردار کي چيو تہ پنهنجي ترار ڪڍي مون مان لنگهائي ڏي؛ تہ متان هي اڻ طهريل اچي مون سان نامناسب هلت ڪن. پر هن جي زرهہ بردار ائين نہ ڪيو؛ ڇالاءِ جو هو ڏاڍو ڊنو. تنهنڪري سائول پنهنجي ترار ڪڍي انهيءَ تي ڪِري پيو.</verse>
				<verse number="5">۽ جڏهن سندس زرهہ بردار ڏٺو تہ سائول مري ويو آهي، تڏهن هو پاڻ بہ پنهنجي ترار تي ڪِري پيو ۽ مري ويو.</verse>
				<verse number="6">انهي طرح سائول ۽ سندس ٽي پٽ مئا؛ ۽ سندس سارو گهراڻو گڏ مئو.</verse>
				<verse number="7">۽ جڏهن اسرائيل جا سڀ ماڻهو، جي انهيءَ واديءَ ۾ هئا، تن ڏٺو تہ هو ڀڄي ويا، ۽ سائول ۽ سندس پٽ مارجي ويا، تڏهن هو پاڻ بہ پنهنجا شهر ڇڏي اُٿي ڀڳا، ۽ فلستي اچي انهن ۾ رهڻ لڳا.</verse>
				<verse number="8">۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ جڏهن فلستي ماريل ماڻهن جا ڪپڙا لاهڻ آيا، تڏهن سائول ۽ سندس پٽن کي جلبوع جبل تي پيل ڏٺائون.</verse>
				<verse number="9">۽ هنن انهيءَ جا ڪپڙا لاٿا، ۽ انهيءَ جي سسي ۽ انهيءَ جا هٿيار لاهي چوڌاري فلستين جي ملڪ ۾ موڪلي ڏنائون، انهيءَ لاءِ تہ ماڻهن کي ۽ سندن بُتن کي اها خبر پوي.</verse>
				<verse number="10">۽ هنن انهيءَ جا هٿيار پنهنجن معبودن جي گهر ۾ رکيا، ۽ انهيءَ جي سسي داجون جي گهر ۾ ٻڌي قابو ڪري ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="11">۽ جڏهن ساري يبيس جلعاد ٻڌو تہ فلستين سائول سان ڇا ڇا ڪيو آهي،</verse>
				<verse number="12">تڏهن سڀ بهادر مرد اُٿيا ۽ سائول ۽ سندس پٽن جا لاشا کڻي يبيس ۾ آندائون، ۽ انهن جا هڏا يبيس ۾ شاهہ بلوط جي وڻن هيٺ پوري ڇڏيائون، ۽ ست ڏينهن روزو رکيائون.</verse>
				<verse number="13">انهيءَ طرح سائول جيڪو گناهہ خداوند جي برخلاف ڪيو هو، جو خداوند جي حڪم تي پوريءَ طرح نہ هليو هو، تنهن جي ڪري مئو؛ ۽ انهيءَ ڪري بہ، جو هن هڪڙي ڏائڻ کان صلاح مشورت پڇي،</verse>
				<verse number="14">۽ خداوند کان نہ پڇيائين: تنهنڪري هن انهيءَ کي ماري وڌو ۽ بادشاهي ڦيرائي دائود بن يسيءَ کي ڏيئي ڇڏي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">تنهن کانپوءِ سڀ اسرائيلي حبرون ۾ دائود وٽ اچي گڏ ٿيا، ۽ چوڻ لڳا تہ ڏس، اسين تنهنجو هڏ ۽ تنهنجو ماس آهيون.</verse>
				<verse number="2">گذريل وقت ۾، جڏهن سائول بادشاهہ هوندو هو، تڏهن بہ اُهو تون ئي هئين جنهن اسان کي وٺي اسرائيل ۾ آندو: ۽ خداوند تنهنجي خدا توکي چيو تہ تون منهنجي قوم اسرائيل کي کارائيندي پياريندين، ۽ منهنجي قوم اسرائيل جو بادشاهہ ٿيندين.</verse>
				<verse number="3">پوءِ اسرائيل جا سڀ بزرگ حبرون ۾ بادشاهہ وٽ آيا، ۽ دائود انهن سان حبرون ۾ خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيو؛ ۽ هنن دائود کي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪيو، جيئن ڪ خداوند سموئيل جي معرفت حڪم ڪيو هو.</verse>
				<verse number="4">۽ دائود ۽ سڀ اسرائيلي يروشلم ۾ (يعني يبوس ۾) ويا؛ ۽ يبوسي جي انهيءَ زمين جا رهاڪو هئا، سي اتي هئا.</verse>
				<verse number="5">۽ يبوسين جي رهاڪن دائود کي چيو تہ تون هتي متان اچين. انهيءَ هوندي بہ دائود صيئون جو مضبوط قلعو ورتو؛ ۽ اهو آهي دائود جو شهر.</verse>
				<verse number="6">۽ دائود چيو تہ جيڪو پهرين پهرين يبوسين کي فتح ڪندو سو رئيس ۽ سردار ٿيندو. ۽ يوآب بن ضروياہ پهرين ڪاهي ويو ۽ اُهو سردار ڪيو ويو.</verse>
				<verse number="7">۽ دائود انهيءَ قلعي ۾ رهڻ لڳو؛ تنهنڪري انهيءَ کي دائود جو سڏڻ لڳا.</verse>
				<verse number="8">۽ هن اهو شهر چوڌاري، ملو کان وٺي آس پاس اڏايو: ۽ باقي شهر جي مرمت يوآب ڪرائي.</verse>
				<verse number="9">۽ دائود وڌندو ۽ زور وٺندو ويو؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ساڻس هو.</verse>
				<verse number="10">هاڻي اُهي مکيہ بهادر مرد، جي دائود وٽ هئا، ۽ جن سندس بادشاهت ۾ سڀني اسرائيلين سان گڏ کيس بادشاهہ ڪيو، ۽ ساڻس مددگار ٿي همٿ ڏيکاري،. جيئن ڪ اسرائيل جي نسبت ۾ خداوند جو حڪم هو، سي هي آهن.</verse>
				<verse number="11">۽ جيڪي اهي بهادر مرد دائود وٽ هئا، تن جو شمار هي آهي: يسوبعام، جو هڪڙي حڪمونيءَ جو پٽ هو ۽ ٽيهن جو سردار هو: انهيءَ پنهنجو نيزو ٽن سوَن ماڻهن تي کنيو، ۽ هڪڙي ئي وقت انهن کي ڪُٺائين.</verse>
				<verse number="12">۽ انهيءَ کانپوءِ هو اليعزر بن دودو، اخوحي، جو ٽن بهادر مردن مان هڪڙو هو.</verse>
				<verse number="13">اهو فس دميم ۾ دائود سان هو، ۽ اُتي فلستي جنگ جي لاءِ جوَن سان ڀريل هڪڙي زمين جي ٽڪر تي اچي گڏ ٿيا؛ ۽ ماڻهو فلستين جي اڳيان اُٿي ڀڳا.</verse>
				<verse number="14">۽ ماڻهو انهيءَ زمين جي ٽڪر جي وچ ۾ بيهي انهيءَ کي بچائڻ لڳا ۽ فلستين کي ماريائون؛ ۽ خداوند هنن کي بچايو ۽ وڏي فتح ڏنائين.</verse>
				<verse number="15">۽ انهن ٽيهن سردارن مان ٽي ٽڪريءَ ڏي عدلام جي غار ۾ دائود وٽ ويا، ۽ فلستين جو لشڪر رفائيم جي واديءَ ۾ منزل ڪري رهيو پيو هو.</verse>
				<verse number="16">۽ دائود تڏهن ڪوٽ ۾ هو، ۽ فلستين جي پهري وارن جي فوج تڏهن بيت الحم ۾ هئي.</verse>
				<verse number="17">۽ دائود ڏاڍي شوق مان چوڻ لڳو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو بيت الحم جي کوهہ مان، جو دروازي جي پاسي ۾ آهي، مون کي پيئڻ لاءِ پاڻي آڻي ڏي تہ ڪهڙي نہ چڱي ڳالهہ ٿئي!</verse>
				<verse number="18">تڏهن اُهي ٽيئي فلستين جي لشڪر مان ڪاهي لنگهي ويا ۽ در جي پاسي واري بيت الحم جي کوهہ مان پاڻي ڪڍي کڻي آيا ۽ آڻي دائود کي ڏنائون: پر دائود انهيءَ مان نہ پيتو، پر خداوند جي لاءِ هاري ڇڏيائين،</verse>
				<verse number="19">۽ چيائين تہ خدا نہ ڪري تہ آءٌ ائين ڪريان: هنن ماڻهن جن پنهنجي جان جوکي ۾ وڌي آهي تن جو رت آءٌ پيان ڇا؟ ڇالاءِ جو انهن پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي اهو آندو: تنهنڪري هن اهو پيئڻ نہ گهريو. انهن ٽنهي پهلوانن اهي ڪم ڪيا.</verse>
				<verse number="20">۽ انهن ٽنهي مان ابيشيءَ، يوآب جو ڀاءُ، مکيہ هو: ڇالاءِ جو هو پنهنجو نيزو کڻي ٽن سوَن ماڻهن تي ڪاهي ويو، ۽ انهن کي ڪُٺائين، ۽ ”ٽيهن جو نالو“ جهڙو نالو ڪڍيائين.</verse>
				<verse number="21">انهن ٽنهي مان هو ٻين ٻن کان زيادہ عزت وارو هو، ۽ انهن جو سردار ڪيو ويو: انهيءَ هوندي بہ هو پهرين ٽن جي برابر نہ هو.</verse>
				<verse number="22">بناياہ بن يهويدع، جو قبضيئلي جي هڪڙي پهلوان جو پٽ هو ۽ جنهن بهادريءَ جهڙا ڪم ڪيا هئا، تنهن موآب واري اري ايل جا ٻہ پٽ قتل ڪيا: هن برف جي وقت، هڪڙي کڏ منجهہ هڪڙو شينهن بہ ماري وڌو.</verse>
				<verse number="23">هن هڪڙو مصري شخص ڪُٺو، جو تمام وڏي قد جو هو، يعني پنج هٿ ڊگهو هو؛ ۽ انهيءَ مصريءَ جي هٿ ۾ ڪوريءَ جي شهتير جهڙو هڪڙو نيزو هو؛ ۽ هو انهيءَ تي هڪڙي لٺ کڻي ڪاهي ويو ۽ انهيءَ مصريءَ جي هٿ مان نيزو ڦري ورتائين، ۽ انهيءَ جي نيزي سان انهيءَ کي ڪُٺائين.</verse>
				<verse number="24">بناياہ بن يهويدع اهي ڪم ڪيا ۽ ٽنهي پهلوانن ۾ ناميارو ٿيو.</verse>
				<verse number="25">ڏس، هو ٽيهن کان زيادہ عزت وارو هو، پر پهرين ٽن جي مٽ نہ هو: ۽ دائود انهيءَ کي پنهنجي پهري وارن تي مقرر ڪيو.</verse>
				<verse number="26">انهن کان سواءِ، لشڪرن جا بهادر مرد هي آهن؛ عساهيل ڀاءُ يوآب جو، الحنان پٽ دودو، جو بيت الحم جو هو؛</verse>
				<verse number="27">سموت هروري، خلس فلوني؛</verse>
				<verse number="28">عيرا بن عقيس، تقوعي، ابي عزر عنتوتي؛</verse>
				<verse number="29">سبڪي حوساتي ۽ عيلي اخوحي؛</verse>
				<verse number="30">مهري نطوفاطي، حلد بن بعنہ نطوفاطي،</verse>
				<verse number="31">اتي بن ريبي، جبعہ وارو، جو بني بنيمين مان هو، بناياہ فرعاتوني؛</verse>
				<verse number="32">حوري، جو جعس جي نهرن جو ويٺل هو، ابي ايل عرباتي؛</verse>
				<verse number="33">عزماوت بحرومي، اليحبا سعلبوني؛</verse>
				<verse number="34">هشيم جزونيءَ جا پٽ، يونتن بن شجي هراري؛</verse>
				<verse number="35">اخي آم بن سڪار هراري، الفال بن اُور.</verse>
				<verse number="36">حضر ميڪراتي، اخياہ فلوني؛</verse>
				<verse number="37">حصرو ڪرملي، نغري بن ازبي؛</verse>
				<verse number="38">يوايل ڀاءُ ناتن جو، مبخار بن هاجري؛</verse>
				<verse number="39">صلق عموني، نحرئي بيروتي، جو يوآب بن ضروياہ جو زرهہ بردار هو؛</verse>
				<verse number="40">عيرا اتري، جريب اتري؛</verse>
				<verse number="41">اورياہ حتي؛ زبد بن اخلي؛</verse>
				<verse number="42">عدينہ بن سيز روبني، جو روبنين جو سردار هو، ۽ ٻيا ٽيهہ ساڻس گڏ؛</verse>
				<verse number="43">حنان بن معڪہ، ۽ يوسفط متني؛</verse>
				<verse number="44">عزيا عستاراتي، سماع ۽ يعي ايل، ٻئي پٽ خوتام عروعيري جا؛</verse>
				<verse number="45">يديعي ايل بن سمري، ۽ سندس ڀاءُ يوخاتيصي؛</verse>
				<verse number="46">الي ايل محاوي، ۽ يريبي ۽ يوساوياہ پٽ النعم جا، ۽ يتمہ موآبي؛</verse>
				<verse number="47">الي ايل، ۽ عوبيد، ۽ يعسي ايل مضوبائي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">هاڻي جيسين دائود سائول بن قيس جي سبب اڃا پاڻ کي پئي لڪايو تيسين جيڪي ماڻهو هن وٽ صقلاج ۾ آيا، سي هي آهن: ۽ اُهي بهادر مردن منجهان هئا ۽ جنگ ۾ سندس مددگار هئا.</verse>
				<verse number="2">انهن کي ڪمانون هيون ۽ کانڀاڻيءَ سان پٿرن هڻڻ ۾، ۽ ڪمان سان تير چُٽڻ ۾، هو سڄو توڙي کٻو هٿ ڪم آڻي سگهندا هئا؛ اُهي سائول جي بنيميني ڀائرن مان هئا.</verse>
				<verse number="3">سماعہ جبعاتيءَ جا پٽ؛ سردار اخيعزر، ۽ يوآس؛ عزماوت جا پٽ، يزئيل ۽ فلط؛ ۽ براڪ ۽ ياهو، عنتوتي؛</verse>
				<verse number="4">۽ اسماعيہ جبعوني، جو ٽيهن ۾ طاقت وارو ماڻهو هو، ۽ اُنهن جي مٿان هو؛ ۽ يرمياہ، ۽ يحزيئيل، ۽ يوحنان، ۽ يوزباد جديراتي؛</verse>
				<verse number="5">العوزي، ۽ يريموت، ۽ بعلياہ، ۽ سمرياہ، ۽ سفطياہ خروفي؛</verse>
				<verse number="6">القانہ، ۽ يسياہ، ۽ عزرايل، ۽ يوعزر ۽ يسوبعام قرحي؛</verse>
				<verse number="7">۽ يوعيلہ، ۽ زبدياہ، جي جدور واري يروحام جا پٽ هئا.</verse>
				<verse number="8">۽ جدين مان بهادر همت وارا مرد، جن کي جنگ جي تعليم مليل هئي، ۽ جي سپر ۽ نيزو ڪم آڻي سگهندا هئا، سي ڌار ٿي بيابان ۾ قلعي منجهہ دائود وٽ آيا؛ ۽ انهن جا منهن شينهن جي منهن جهڙا هئا، ۽ اهڙا تيز هئا جهڙا جبلن تي هرڻ؛</verse>
				<verse number="9">عزر جو سردار هو، ٻيو عبدياہ، ٽيون الياب؛</verse>
				<verse number="10">چوٿون مسمنہ، پنجون يرمياہ؛</verse>
				<verse number="11">ڇهون عتي، ستون الي ايل؛</verse>
				<verse number="12">اٺون يوحنان، نائون الزباد؛</verse>
				<verse number="13">ڏهون يرمياہ، يارهون مڪباني.</verse>
				<verse number="14">جد جي پٽن مان اهي لشڪر جا سردار هئا: انهن مان جيڪو سڀ کان ننڍو هو سو هڪ سؤ جو مٽ هو؛ ۽ جيڪو سڀ کان وڏو هو سو هڪ هزار جو مٽ هو.</verse>
				<verse number="15">اهي اُهي آهن جي پهرين مهيني ۾ يردن لنگهي هن ڀر ويا، جڏهن اها پنهنجن ڪنارن کان اُٿلي پيئي هئي؛ ۽ وادين ۾ جيڪي ماڻهو هئا، تن سڀني کي انهن ڀڄائي ڪڍيو؛ جهڙو اُڀرندي ڏي، تهڙو اُلهندي ڏي.</verse>
				<verse number="16">۽ بني بنيمين ۽ يهوداہ مان ڪي دائود وٽ قلعي ۾ آيا.</verse>
				<verse number="17">۽ دائود انهن جي استقبال لاءِ نڪري ويو، ۽ انهن کي ورنديءَ ۾ چيائين تہ جيڪڏهن اوهين خير سان مون کي مدد ڏيڻ لاءِ ٿا اچو تہ منهنجي دل اوهان سان ڳنڍجي ويندي: پر جي اوهين دغا ڪري مون کي منهنجن دشمنن جي حوالي ڪرڻ آيا آهيو، تہ جڏهن منهنجي هٿان ڪوبہ قصور نہ ٿيو آهي، تڏهن شل اسان جي ابن ڏاڏن جو خدا انهيءَ کي ڏسي، ۽ انهيءَ لاءِ ملامت ڪري.</verse>
				<verse number="18">تڏهن عماسيءَ، جو ٽيهن جو سردار هو، تنهن تي روح نازل ٿيو ۽ اهو چوڻ لڳو تہ اي دائود، اسين تنهنجا آهيون، ۽ اي يسيءَ جا پٽ، اسين تنهنجي پاسي آهيون: توتي سلامتي، سلامتي هجي، ۽ تنهنجن مددگارن تي سلامتي هجي؛ ڇالاءِ جو تنهنجو خدا توکي مدد ٿو ڪري. تڏهن دائود انهن جي مرحبا ڪئي ۽ انهن کي ٽولين جا سردار ڪيائين.</verse>
				<verse number="19">منسيءَ مان بہ ڪي، جڏهن دائود فلستين سان گڏجي سائول سان جنگ ڪرڻ آيو، تڏهن وٽس آيا، پر هنن انهن کي مدد ڪانہ ڏني: ڇالاءِ جو فلستين جي اميرن صلاح مشورت کانپوءِ هن کي موڪلي ڏنو، ۽ چيائون تہ هو پنهنجي ڌڻيءَ سائول سان وڃي شامل ٿيندو، ۽ منجهانئس اسان جي سرن کي جوکو آهي.</verse>
				<verse number="20">صقلاج ڏي ويندي هن سان منسي مان هيٺيان شامل ٿيا، عدنہ، يوزباد، ۽ يدي عيل، ۽ ميڪاايل، ۽ يوزباد، ۽ اليهو، ۽ ضلتئي، جي منسي جي هزارن جا سردار هئا.</verse>
				<verse number="21">۽ انهن دائود کي رولن جي ٽوليءَ سان وڙهڻ ۾ مدد ڪئي: ڇالاءِ جو اُهي سڀ همٿ وارا بهادر مرد هئا، ۽ لشڪرن جا سردار هئا.</verse>
				<verse number="22">۽ روزبروز دائود وٽ سندس مدد لاءِ ماڻهو پي آيا، تان جو خدا جي لشڪر جهڙو هڪڙو وڏو لشڪر اچي گڏ ٿيو.</verse>
				<verse number="23">۽ انهن جا رئيس، جي هٿيار کڻي جنگ جي لاءِ تيار ٿيا ۽ جي حبرون ۾ دائود وٽ انهيءَ لاءِ آيا تہ خداوند جي حڪم موجب سائول کان حڪومت ڦيرائي هن کي ڏين، تن جو شمار هي آهي.</verse>
				<verse number="24">بني يهوداہ، جن کي سپرون ۽ نيزا هئا، سي ڇهہ هزار اٺ سؤ ڄڻا جنگ جي لاءِ هٿياربند هئا.</verse>
				<verse number="25">بني شمعون منجهان جنگ جي لاءِ بهادر مرد ست هزار هڪ سؤ هئا.</verse>
				<verse number="26">بني لاوي مان چار هزار ڇهہ سؤ.</verse>
				<verse number="27">۽ هارون جي گهراڻي جو سردار يهويدع هو، ۽ انهيءَ سان ٽي هزار ۽ ست سؤ هئا؛</verse>
				<verse number="28">۽ صدوق، جو هڪڙو همت ڀريو بهادر جوان مرد هو، ۽ سندس پيءُ جي گهراڻي جا ٻاويهہ سردار.</verse>
				<verse number="29">۽ سائول جي ڀائرن بني بنيمين مان ٽي هزار: ڇالاءِ جو هيستائين هنن مان گهڻا سائول جي گهراڻي جا تابعدار رهندا آيا.</verse>
				<verse number="30">۽ بني افرائيم مان ويهہ هزار ۽ اٺ سؤ همت وارا بهادر مرد، جي پنهنجن ابن جي گهراڻن ۾ ناميارا هئا.</verse>
				<verse number="31">۽ منسيءَ جي اڌ فرقي مان ارڙهن هزار، جي ناليوار ظاهر ڪيا ويا، انهيءَ لاءِ تہ اچي دائود کي بادشاهہ ڪن.</verse>
				<verse number="32">۽ بني اشڪار مان اُهي ماڻهو جن کي زماني جي سمجهہ هئي ۽ ڄاتائون ٿي تہ اسرائيل سان ڇا ڪرڻ گهرجي؛ انهن جا رئيس ٻہ سؤ هئا؛ ۽ انهن جا ٻيا سڀ ڀائر سندن حڪم جا تابعدار هئا.</verse>
				<verse number="33">زبولون مان جيڪي نڪري لشڪر ۾ وڃڻ جهڙا هئا، ۽ جي هر قسم جي جنگي هٿيارن سان جنگ جو بندوبست ڪري ٿي سگهيا، سي پنجاهہ هزار هئا؛ اُهي جنگ جو انتظام ڪري ٿي سگهيا، ۽ ٻہ دليا ڪين هئا.</verse>
				<verse number="34">۽ نفتالي مان هڪ هزار سردار ۽ انهن سان گڏ ستٽيهہ هزار سپرن ۽ نيزن وارا.</verse>
				<verse number="35">۽ دان مان، جيڪي جنگ ڪري ٿي سگهيا، سي اٺاويهہ هزار ۽ ڇهہ سؤ هئا.</verse>
				<verse number="36">۽ آشر مان جيڪي نڪري لشڪر ۾ وڃڻ جهڙا هئا ۽ جي جنگ ڪري ٿي سگهيا، سي چاليهہ هزار هئا.</verse>
				<verse number="37">۽ يردن جي هن ڀر روبن ۽ جد ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي مان، هر قسم جي جنگ جي هٿيارن سان هڪ لک ۽ ويهہ هزار.</verse>
				<verse number="38">اهي سڀ جنگي مرد هئا ۽ جنگ ڪري ٿي سگهيا، ۽ سالم دل سان حبرون ۾ آيا، انهيءَ لاءِ تہ دائود کي ساري اسرائيل جو بادشاهہ ڪن؛ ۽ اسرائيل مان باقي جيڪي بچيا هئا سي بہ دائود کي ساري اسرائيل جو بادشاهہ ڪرڻ لاءِ يڪدل هئا.</verse>
				<verse number="39">۽ اُهي اُتي ٽي ڏينهن دائود وٽ هئا ۽ کاڌائون پيتائون: ڇالاءِ جو سندن ڀائرن سندن لاءِ تياري ڪري ڇڏي هئي.</verse>
				<verse number="40">تنهن کان سواءِ جيڪي انهن کي ويجها هئا يعني تہ اشڪار ۽ زبولون ۽ نفتالي تن بہ مانيون گڏهن ۽ اُٺن ۽ خچرن ۽ ڏاندن تي آنديون، يعني اٽي جا طعام، انجيرن جون ٽڪيون، ۽ ڪشمش جا ڇڳا، ۽ شراب، ۽ تيل، ۽ ڏاند، ۽ رڍون، جي بيشمار هيون: ڇالاءِ جو اسرائيل ۾ خوشي هئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">۽ دائود هزارن ۽ سوَن جي سردارن سان، بلڪ سڀ ڪنهن منهندار سان صلاح مصلحت ڪئي.</verse>
				<verse number="2">۽ دائود اسرائيل جي ساري جماعت کي چيو تہ جي اوهان کي مناسب نظر اچي، ۽ جي خداوند اسان جي خدا جي اهڙي مرضي هجي، تہ جيڪي اسان جا ڀائر اسرائيل جي ساري ملڪ ۾ باقي رهيا آهن، ۽ جن سان سندن ٻهراڙيءَ وارن شهرن ۾ ڪاهن ۽ لاوي آهن، تن ڏي چوائي موڪليون تہ اچي سڀ اسان وٽ گڏ ٿين:</verse>
				<verse number="3">۽ پوءِ اسين وري پنهنجي خدا جي صندوق پاڻ وٽ کڻي اچون: ڇالاءِ جو سائول جي ڏينهن ۾ اسان انهيءَ کان پڇا ڪانہ ڪئي.</verse>
				<verse number="4">۽ ساري جماعت چيو تہ اسين ائين ڪرڻ گهرون ٿا: ڇالاءِ جو اها ڳالهہ ساري قوم جي نظر ۾ مناسب آهي.</verse>
				<verse number="5">تڏهن دائود سڀ اسرائيلي، مصر جي نهر سيحور کان وٺي حمات جي گهڙڻ واري هنڌ تائين گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ قريت يعريم مان خدا جي صندوق کڻي اچن.</verse>
				<verse number="6">۽ دائود سڀني اسرائيلين سميت بعلہ ڏي، يعني قريت يعريم ڏي چڙهي ويو، جو يهوداہ جو شهر هو، انهيءَ لاءِ تہ اتان خدا جي صندوق کڻي اچن، يعني انهي جي، جو ڪروبين تي ويٺل خداوند آهي، ۽ جنهن کي اُهو نالو وٺي سڏبو آهي.</verse>
				<verse number="7">۽ هنن خدا جي صندوق هڪڙي نئين گاڏيءَ تي رکي، ابينداب جي گهر مان ڪڍي آندي: ۽ عزا ۽ اخيو اُها گاڏي هڪلي.</verse>
				<verse number="8">۽ دائود ۽ سڀني اسرائيلين پنهنجي طاقت آهر خدا جي اڳيان ڳايو وڄايو: راڳن سان، ۽ بربطن سان، ۽ سنطورن سان، ۽ دفن سان، ۽ جهانجهن سان، ۽ قرنائن سان.</verse>
				<verse number="9">۽ جڏهن هو ڪيدون جي اَن ڳاهڻ واري پڙ تي آيا، تڏهن عزا هٿ ڊگهو ڪري صندوق کي ٿي جهليو؛ ڇالاءِ جو ڏاندن ٿاٻو کاڌو.</verse>
				<verse number="10">۽ خداوند جي ڪاوڙ عزا تي اچي ڀڙڪي، ۽ هن انهيءَ کي ڌڪ هنيو، ڇالاءِ جو هن صندوق ڏانهن پنهنجو هٿ ڊگهو ڪيو: ۽ هو اُتي جو اُتي خدا جي اڳيان مري ويو.</verse>
				<verse number="11">۽ دائود رنج ٿيو، ڇالاءِ جو خداوند عزا تي اچي ڪڙڪيو: ۽ هن انهيءَ هنڌ جو نالو پرض عزا رکيو، جو اڄ ڏينهن تائين هليو اچي.</verse>
				<verse number="12">۽ دائود انهيءَ ڏينهن خدا کان ڊنو، ۽ چوڻ لڳو تہ ڪهڙيءَ طرح آءٌ خدا جي صندوق پنهنجي گهر پاڻ وٽ آڻيان؟</verse>
				<verse number="13">تنهنڪري دائود صندوق کي دائود جي شهر ۾ پاڻ وٽ نہ آندو، پر اُها کڻائي پاسي ڪري عوبيد ادوم جَتيءَ جي گهر ۾ رکي.</verse>
				<verse number="14">۽ خدا جي صندوق عوبيد ادوم جي قبيلي وٽ سندس گهر ۾ ٽي مهينا رهي: ۽ خداوند عوبيد ادوم جي گهر تي ۽ جيڪي وٽس هو، تنهن تي برڪت وڌي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">۽ حيرام، صور جي بادشاهہ، دائود ڏي قاصد موڪليا، ۽ ديودار جا وڻ، ۽ رازا، ۽ واڍا بہ، انهيءَ لاءِ تہ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙين.</verse>
				<verse number="2">۽ دائود ڄاتو تہ خداوند کيس اسرائيل تي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي، ڇالاءِ جو هن سندس بادشاهي پنهنجي قوم اسرائيل جي خاطر بلند ڪئي هئي.</verse>
				<verse number="3">۽ دائود يروشلم ۾ وڌيڪ زالون پرڻيو: ۽ دائود کي زيادہ پٽ ۽ ڌيئرون ٿيڻ لڳيون.</verse>
				<verse number="4">۽ يروشلم ۾ جيڪي ٻار هن کي ڄاوا، تن جا نالا هي آهن؛ سموع ۽ سوباب، ناتن ۽ سليمان؛</verse>
				<verse number="5">۽ ابحار، ۽ السوع، ۽ الفالط؛</verse>
				<verse number="6">۽ نوجہ، ۽ نفجہ، ۽ يفيعہ؛</verse>
				<verse number="7">۽ اليسمع، ۽ بعليدع، ۽ اليفالط.</verse>
				<verse number="8">۽ جڏهن فلستين ٻڌو تہ دائود کي مسح ڪري ساري اسرائيل جو بادشاهہ ڪيو اٿن، تڏهن سڀ فلستي دائود جي تلاش ۾ ٻاهر نڪتا: ۽ دائود اها ڳالهہ ٻڌي ۽ نڪري انهن جي سامهون آيو.</verse>
				<verse number="9">هاڻي فلستين اچي رفائيم جي واديءَ ۾ ڦرلٽ ڪئي هئي.</verse>
				<verse number="10">۽ دائود خدا کان پڇيو تہ آءٌ فلستين تي چڙهي وڃان يا نہ؟ ۽ تون انهن کي منهنجن هٿن ۾ ڏيندين يا نہ؟ ۽ خداوند هن کي چيو تہ تون چڙهي وڃ؛ ڇالاءِ جو آءٌ هنن کي تنهنجن هٿن ۾ ڏيندس.</verse>
				<verse number="11">تڏهن هو بعل پراضيم ۾ آيا ۽ دائود اُتي هنن کي شڪست ڏني؛ ۽ دائود چيو تہ خدا منهنجن دشمنن کي منهنجي هٿان پاڻيءَ جي بند ڀڄڻ وانگي ڀڃي وڌو آهي. تنهنڪري هن انهيءَ هنڌ جو نالو بعل پراضيم رکيو.</verse>
				<verse number="12">۽ هنن پنهنجا معبود اُتي ڇڏيا؛ ۽ دائود حڪم ڏنو، جنهن موجب هنن انهن کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="13">پوءِ فلستين انهيءَ واديءَ ۾ وري ٻيو ڀيرو ڦرلٽ ڪئي.</verse>
				<verse number="14">۽ دائود وري بہ خدا کان پڇيو، ۽ خدا چيس تہ تون هنن جي پٺيان متان وڃين: هنن کان ڦري پاسو ڪر، ۽ توت جي وڻن جي سامهون هنن تي ڪاهي اچ.</verse>
				<verse number="15">۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون توت جي وڻن جي چوٽين تان ماڻهن جي هلڻ جو آواز ٻڌين، تڏهن جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري اچج: ڇالاءِ جو خدا فلستين جي لشڪر کي شڪست ڏيڻ لاءِ تنهنجي اڳيان اُٿي هليو آهي.</verse>
				<verse number="16">۽ دائود ائين ڪيو جيئن خداوند حڪم ڏنو هوس: ۽ هنن فلستين جي لشڪر کي جبعون کان وٺي جزر تائين شڪست ڏني.</verse>
				<verse number="17">۽ دائود جي ناموس سڀني ملڪن ۾ پکڙجي ويئي، ۽ خداوند هن جو خوف سڀني قومن تي وڌو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="15">
				<verse number="1">۽ دائود پنهنجي لاءِ دائود جي شهر ۾ گهر جوڙايا؛ ۽ خدا جي صندوق لاءِ بہ هڪڙي جاءِ تيار ڪرايائين، ۽ اُنهيءَ لاءِ هڪڙو تنبو کوڙايائين.</verse>
				<verse number="2">دائود چيو تہ لاوين کانسواءِ ٻيو ڪوبہ خدا جي صندوق نہ کڻي: اُنهن جي لاءِ خداوند اهو حڪم مقرر ڪيو آهي تہ خدا جي صندوق کڻن، ۽ هميشہ سندس خدمت ڪندا رهن.</verse>
				<verse number="3">۽ دائود سڀ اسرائيلي يروشلم ۾ آڻي گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي صندوق کڻي، جيڪا جاءِ انهيءَ جي لاءِ تيار ڪئي هئائين، اتي رکي.</verse>
				<verse number="4">۽ دائود بني هارون ۽ بني لاوين کي گڏ ڪيو:</verse>
				<verse number="5">قهات جي پٽن مان اوري ايل سردار، ۽ سندس هڪ سؤ ويهن ڀائرن کي:</verse>
				<verse number="6">بني مراريءَ مان عساياہ سردار، ۽ سندس هڪ سؤ ويهن ڀائرن کي:</verse>
				<verse number="7">بني جيرسوم مان يوايل سردار، ۽ سندس هڪ سؤ ٽيهن ڀائرن کي:</verse>
				<verse number="8">بني اليصفن مان سمعياہ سردار، ۽ سندس ٻہ سؤ ڀائرن کي:</verse>
				<verse number="9">بني حبرون مان الي ايل سردار، ۽ سندس اسي ڀائرن کي:</verse>
				<verse number="10">بني عزي ايل مان عمينداب سردار ۽ سندس هڪ سؤ ٻارهن ڀائرن کي.</verse>
				<verse number="11">۽ دائود صدوق ۽ ابياتر ڪاهنن کي، ۽ لاوين مان اوري ايل، عساياہ، يوايل، سمعياہ، ۽ الي ايل ۽ عبينداب کي ڪوٺايو.</verse>
				<verse number="12">۽ انهن کي چيائين تہ اوهين لاوين جي ابن جي گهراڻن جا سردار آهيو: اوهين پاڻ ۽ پنهنجن ڀائرن کي مخصوص ڪريو، تہ وڃي خداوند اسرائيل جي خدا جي صندوق انهيءَ جاءِ تي، جا مون تيار ڪئي آهي، کڻي اچو.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو جڏهن اوهان پهريون دفعو انهيءَ کي نہ کنيو، تڏهن خداوند اسان جو خدا اسان تي ڪڙڪي پيو، ڇو جو اسان قانون موجب کيس نہ ڳوليو هو.</verse>
				<verse number="14">تڏهن ڪاهنن ۽ لاوين خداوند اسرائيل جي خدا جي صندوق مٿي کڻي اچڻ لاءِ پاڻ کي پاڪ ڪيو.</verse>
				<verse number="15">۽ بني لاوين خدا جي صندوق لٺين سان پنهنجن ڪلهن تي کنئي، جيئن موسيٰ خداوند جي ڪلام موجب حڪم ڏنو هو.</verse>
				<verse number="16">۽ دائود لاوين جي سردارن کي چيو تہ پنهنجن ڀائرن مان ڳائڻا مقرر ڪريو، تہ ساز، تنبورا، بربط ۽ جهانجهہ وڄائي، بلند آواز سان خوشيون ڪن.</verse>
				<verse number="17">سو لاوين هيمان بن يوايل؛ ۽ هن جي ڀائرن آسف بن برڪياہ؛ ۽ بني مراري مان هن جي ڀائرن، ايتان بن قوسياہ کي مقرر ڪيو؛</verse>
				<verse number="18">۽ انهن سان سندن ٻئي درجي جي ڀائرن، يعني زڪرياہ، ۽ بين، ۽ يعزيئيل، ۽ سميراموت، ۽ يحيئيل، ۽ عني، ۽ الياب، ۽ بناياہ، ۽ معسياہ، ۽ متتياہ، ۽ الفلهو، ۽ مقنياہ، ۽ عوبيد ادوم ۽ يعي ايل، جي دربان هئا.</verse>
				<verse number="19">انهيءَ طرح هيمان، آسف، ۽ ايتان مقرر ڪيا ويا تہ زور سان جهانجهہ وڄائين؛</verse>
				<verse number="20">۽ زڪرياہ، ۽ عزيئيل، ۽ سميراموت، ۽ يحيئيل، ۽ عني، ۽ الياب، ۽ معسياہ، ۽ بناياہ، علاموت جي سر تي تنبورا وڄائين؛</verse>
				<verse number="21">۽ متتياہ، ۽ الفلهو، ۽ مقنياہ، ۽ عوبيد ادوم، ۽ يعيئيل، ۽ عزرياہ، شمنيت جي سر تي اڳرو بربط وڄائين.</verse>
				<verse number="22">۽ لاوين جو سردار ڪنانياہ، جو ڳائڻ ۾ هوشيار هو، سو راڳ لاءِ مقرر هو، ۽ سُر کڻڻ سيکاريندو هو.</verse>
				<verse number="23">۽ برڪياہ، ۽ القانہ، صندوق لاءِ دربان هئا.</verse>
				<verse number="24">۽ شبنياہ، ۽ يهوسفط، ۽ نتنئيل، ۽ عماسي، ۽ زڪرياہ، ۽ بناياہ، ۽ اليعزر، جي ڪاهن هئا، تن خداوند جي صندوق جي اڳيان تريون وڄايون: ۽ عوبيد ادوم، ۽ يحياہ، صندوق لاءِ دربان هئا.</verse>
				<verse number="25">انهيءَ طرح دائود، ۽ اسرائيل جا بزرگ، ۽ هزارن جا سردار خوشيءَ سان عوبيد ادوم جي گهر مان خداوند جي عهدنامي جي صندوق کڻڻ لاءِ ويا:</verse>
				<verse number="26">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خدا لاوين جي مدد ڪئي، جن خداوند جي عهدنامي جي صندوق کنئي هئي، تڏهن هنن ست ڍڳا ۽ ست گهٽا قربان ڪيا.</verse>
				<verse number="27">۽ دائود، ۽ سڀ لاوي جن صندوق کنئي هئي، ۽ ڪنانياہ ڳائڻ وارن جو سردار، ۽ سڀ ڳائڻا جي ساڻس هئا، تن کي ڪتاني سڻيءَ جا جبا پيل هئا: ۽ دائود کي ڪتاني سڻيءَ جو افود پيل هو.</verse>
				<verse number="28">انهيءَ طرح سڀني اسرائيلين نعرا هڻي ۽ زور سان ناد ۽ تريون، جهانجهہ، تنبورا ۽ بربط وڄائيندي، خدا جي عهدنامي جي صندوق آندي.</verse>
				<verse number="29">۽ هيئن ٿيو تہ جيئن خداوند جي عهدنامي جي صندوق دائود جي شهر ۾ آئي، تيئن سائول جي ڌيءَ ميڪل دريءَ مان ٻاهر نهاريو، ۽ دائود بادشاهہ کي نچندو ٽپندو ڏٺائين؛ ۽ سندس دل ۾ هن لاءِ حقارت پيدا ٿي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="16">
				<verse number="1">۽ هنن خدا جي صندوق اندر آڻي، جيڪو تنبو دائود انهيءَ جي لاءِ کوڙيو هو، تنهن جي وچ ۾ رکي: ۽ هنن خدا جي اڳيان سوختني قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون چاڙهيون.</verse>
				<verse number="2">۽ جڏهن دائود سوختني قرباني ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهي بس ڪيون، تڏهن هن خداوند جي نالي سان ماڻهن کي برڪت ڏني.</verse>
				<verse number="3">۽ هن سڄيءَ قوم مان، يعني اسرائيل جي ڪل جماعت، مردن توڙي زالن مان، هرهڪ کي هڪڙي ماني، ۽ گوشت جو ٽڪر، ۽ ڪشمش جي هڪڙي ٽڪي ورهائي ڏني.</verse>
				<verse number="4">۽ هن لاوين مان ڪن کي مقرر ڪيو تہ خداوند جي صندوق جي اڳيان خدمت ڪن، ۽ خداوند اسرائيل جي خدا جو ذڪر ۽ شڪر ۽ تعريف ڪن:</verse>
				<verse number="5">پهريون آسف، ۽ هن کانپوءِ زڪرياہ، ۽ يعي ايل، ۽ سميراموت، ۽ يحيئيل، ۽ متتياہ، ۽ الياب، ۽ بناياہ، ۽ عوبيد ادوم، ۽ يعي ايل اهي سڀ تنبورن ۽ بربطن لاءِ، ۽ آسف جهانجهہ زور سان وڄائڻ لاءِ؛</verse>
				<verse number="6">۽ بناياہ ۽ يحزيئيل ڪاهن هميشہ خداوند جي صندوق جي اڳيان تريون وڄائڻ لاءِ.</verse>
				<verse number="7">تڏهن انهيءَ ڏينهن دائود مقرر ڪيو تہ پهرين، آسف ۽ سندس ڀائرن جي هٿان، خداوند جو شڪر بجا آڻين.</verse>
				<verse number="8">خداوند جي شڪرگذاري ڪريو، سندس نالو وٺي دعا گهرو؛ قومن ۾ هن جا ڪم پڌرا ڪريو.</verse>
				<verse number="9">هن جي حضور ۾ گيت ڳايو ۽ سندس تعريف ڳايو؛ هن جي سڀني عجيب ڪمن جو ذڪر ڪريو.</verse>
				<verse number="10">هن جي پاڪ نالي تي فخر ڪريو؛ جيڪي خداوند جا طالب آهن، تن جي دل خوش ٿئي.</verse>
				<verse number="11">خداوند ۽ سندس قدرت جي ڳولا ڪريو؛ سدائين سندس ديدار جا طالب رهو.</verse>
				<verse number="12">هن جيڪي عجيب ڪم ڪيا آهن سي ياد ڪريو؛ سندس معجزا ۽ سندس زباني فيصلا؛</verse>
				<verse number="13">اوهين جي سندس ٻانهي اسرائيل جو نسل آهيو، اوهين بني يعقوب سندس چونڊيل آهيو.</verse>
				<verse number="14">هو خداوند اسان جو خدا آهي: سڄي جهان ۾ هن جا فيصلا آهن.</verse>
				<verse number="15">هن جو عهد اقرار هميشہ ياد رکو، اهو ڪلام جو هن هزار پيڙهين لاءِ فرمايو آهي؛</verse>
				<verse number="16">اُهو عهد اقرار جو هن ابرهام سان ڪيو، ۽ جو قسم هن اسحاق سان کنيو؛</verse>
				<verse number="17">۽ يعقوب جي لاءِ هڪڙو قانون، ۽ اسرائيل جي لاءِ هڪڙو دائمي عهد اقرار ٺهرايو:</verse>
				<verse number="18">۽ چيائين تہ آءٌ توکي ڪنعان جو ملڪ ڏيندس، تہ تنهنجو موروثي حصو ٿئي:</verse>
				<verse number="19">جڏهن اوهين شمار ۾ ٿورا هئا؛ هائو تمام ٿورا، بلڪ مسافر هئا؛</verse>
				<verse number="20">۽ اُهي هڪڙي ملڪ مان ٻئي ملڪ ۾، ۽ هڪڙيءَ بادشاهت مان ٻئي ملڪ جي ماڻهن ۾ ويا.</verse>
				<verse number="21">هن ڪنهن کي بہ مٿن ظلم ڪرڻ نہ ڏنو؛ هائو هن بادشاهن کي انهن جي خاطر جهڻڪيو.</verse>
				<verse number="22">۽ چيائين تہ منهنجي مسح ٿيلن کي نہ ڇُهو، ۽ منهنجن نبين کي ايذاءُ نہ رسايو.</verse>
				<verse number="23">سارو جهان خداوند جي لاءِ ڳائي: روزبروز سندس نجات جو بيان ڪري.</verse>
				<verse number="24">قومن ۾ هن جو جلال ظاهر ڪريو، سڀني قومن ۾ سندس عجيب ڪمن جو بيان ڪريو.</verse>
				<verse number="25">ڇالاءِ جو خداوند وڏو آهي ۽ تعريف جي لائق آهي: سڀني معبودن کان زيادہ کانئس ڊڄڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="26">ڇو جو قومن جا سڀيئي معبود بُت آهن: پر خداوند آسمان جوڙيا آهن.</verse>
				<verse number="27">مان ۽ شان هن جي حضور ۾ آهن: قدرت ۽ خوشي سندس پاڪ مڪان ۾ آهن.</verse>
				<verse number="28">اي سڀ قومون، خداوند جي، خداوند جي جلال ۽ قدرت جي تعريف ڪريو.</verse>
				<verse number="29">خداوند جي نالي جي لائق تعريف ڪريو: نذرانا کڻي سندس حضور ۾ اچو: پاڪيزگيءَ جي جمال سان خداوند جي عبادت ڪريو.</verse>
				<verse number="30">اي ساري زمين هن جي اڳيان ڊڄ: دنيا بہ اهڙي محڪم آهي جو چُري ڪين سگهندي.</verse>
				<verse number="31">ڀلي تہ آسمان خوشي ڪن ۽ زمين سرهي ٿئي؛ ۽ ڀلي تہ قومون هڪ ٻئي کي چون تہ خداوند بادشاهي ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="32">ڀلي تہ سمنڊ ۽ جيڪي منجهس آهي سو شور گوڙ ڪري؛ ڀلي تہ ٻني ۽ جيڪي منجهس آهي سي خوشي ڪن؛</verse>
				<verse number="33">تڏهن ٻيلي جا سڀيئي وڻ خداوند جي حضور خوشيءَ سان ڳائيندا، ڇالاءِ جو هو دنيا جي عدالت ڪرڻ لاءِ اچي ٿو.</verse>
				<verse number="34">خداوند جي شڪرگذاري ڪريو؛ ڇو جو هو نيڪ آهي: ڇو جو سندس رحمت دائمي آهي.</verse>
				<verse number="35">۽ اوهين چئو تہ اي اسان جي نجات جا خدا، اسان کي بچاءِ، اسان کي گڏ ڪر، ۽ قومن کان بچاءِ، تہ تنهنجي پاڪ نالي جو شڪر ڪريون، ۽ تنهنجي تعريف ۾ فتح حاصل ڪريون.</verse>
				<verse number="36">خداوند اسرائيل جو خدا اصل کان وٺي ابد تائين مبارڪ آهي: ۽ سڀني ماڻهن چيو آمين، ۽ خداوند جي تعريف ڪيائون.</verse>
				<verse number="37">انهيءَ طرح هن آسف ۽ سندس ڀائرن کي خداوند جي صندوق جي اڳيان هميشہ لاءِ خدمت ڪرڻ لاءِ رکيو، جيئن تہ هر روز ضرورت ٿي پيئي:</verse>
				<verse number="38">۽ عوبيد ادوم ۽ سندس اٺهٺ ڀائرن کي، ۽ عوبيد ادوم بن يدوتون، ۽ حوساہ کي بہ رکيو تہ درباني ڪن:</verse>
				<verse number="39">۽ خداوند جي تنبوءَ اڳيان جو جبعون وٽ مٿانهينءَ جاءِ تي هو، هن صدوق ڪاهن ۽ سندس ڀائرن کي رکيو، جيڪي ڪاهن هئا،</verse>
				<verse number="40">تہ خداوند جي اڳيان هميشہ صبح ۽ شام جو قربانگاهہ تي سوختني قرباني چاڙهين، جيئن تہ خداوند جي شريعت ۾ لکيل آهي، ۽ جنهن جو هن اسرائيل کي حڪم ڏنو؛</verse>
				<verse number="41">۽ انهن سان گڏ هيمان ۽ يدوتون ۽ باقي ٻيا چونڊيل هئا، جن جا نالا لکيل هئا، تہ اُهي بہ خداوند جي شڪرگذاري ڪن، ڇالاءِ جو هن جي رحمت دائمي آهي؛</verse>
				<verse number="42">۽ انهن هيمان ۽ يدوتون وٽ تريون ۽ جهانجهہ هئا تہ اُهي زور سان وڄائين، ۽ سازن سان خدا جا گيت ڳائين: ۽ بني يدوتون دروازي وٽ رهن.</verse>
				<verse number="43">۽ سڀ ماڻهو، هرڪو پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويو: ۽ دائود بہ موٽيو تہ پنهنجي خاندان کي برڪت ڏئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="17">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود پنهنجي گهر ۾ رهندو هو، تڏهن دائود ناتن نبيءَ کي چيو تہ هاڻي ڏس، آءٌ ديودار جي ڪاٺين مان جوڙيل گهر ۾ ٿو رهان پر خدا جي عهدنامي جي صندوق پڙدن جي هيٺان ٿي رهي.</verse>
				<verse number="2">۽ ناتن دائود کي چيو، تہ جيڪا تنهنجي دل جي مراد هجي سا پوري ڪر؛ ڇالاءِ جو خدا توساڻ آهي.</verse>
				<verse number="3">۽ هيئن ٿيو تہ انهيءَ رات خداوند جو ڪلام ناتن تي نازل ٿيو،</verse>
				<verse number="4">تہ وڃي منهنجي ٻانهي دائود کي چئُہ تہ خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تون منهنجي رهڻ لاءِ گهر نہ جوڙيندين:</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن مون اسرائيل کي مٿي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آءٌ ڪنهن گهر ۾ نہ پئي رهيو آهيان؛ پر هڪڙي تنبوءَ مان ٻئي تنبوءَ ۾، ۽ هڪڙي شامياني مان ٻئي ۾ پئي رهيو آهيان.</verse>
				<verse number="6">جن جن جاين تي آءٌ بني اسرائيل سان گڏ پئي هليو آهيان، اُتي مون اسرائيل جي ڪنهن بہ قاضيءَ کي، جنهن کي حڪم ڪيو هوم تہ منهنجي قوم جي سنڀال ڪري، ڪو چيو ڇا تہ اوهان ڇو منهنجي لاءِ ديودار جي ڪاٺيءَ جو گهر نہ جوڙيو آهي؟</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري هاڻي تون منهنجي ٻانهي دائود کي وڃي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون توکي رڍن جي واڙي مان، رڍن جي پٺيان هلڻ کان ڪڍي آندو، انهيءَ لاءِ تہ تون منهنجي قوم اسرائيل جي مٿان سردار ٿين:</verse>
				<verse number="8">۽ جيڏانهن تون ويندو هئين، اوڏانهن آءٌ توسان پئي رهيو آهيان، ۽ تنهنجا سڀ دشمن تنهنجي اڳيان مون وڍي ڇڏيا آهن؛ ۽ آءٌ تنهنجو نالو اهڙو ڪندس جهڙو وڏن ماڻهن جو، جي دنيا ۾ آهن.</verse>
				<verse number="9">۽ پنهنجي قوم اسرائيل جي لاءِ هڪڙي جاءِ مقرر ڪندس، ۽ انهن کي اهڙو ڄمائيندس جو هو پنهنجيءَ جاءِ تي رهندا ايندا ۽ وري اتان نہ چرندا؛ ۽ شرير ماڻهو جيئن اڳي هنن کي ناس ڪندا هئا تيئن وري نہ ڪندا،</verse>
				<verse number="10">۽ جيئن انهن ڏينهن ۾ ٿيندو هو، جڏهن مون قاضي مقرر ڪيا تہ منهنجي قوم اسرائيل تي حڪم هلائين؛ ۽ آءٌ تنهنجن سڀني دشمنن کي شڪست ڏيندس. تنهن کانسواءِ آءٌ توکي چوان ٿو تہ خداوند تنهنجي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيندو.</verse>
				<verse number="11">۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تنهنجا ڏينهن پورا ٿيندا، ۽ تون پنهنجن ابن ڏاڏن سان وڃي سمهندين، تڏهن توکان پوءِ جيڪو تنهنجو اولاد تنهنجي پٽن مان ٿيندو، تنهن کي آءٌ کڙو ڪندس، ۽ سندس بادشاهت قائم ڪندس.</verse>
				<verse number="12">هو منهنجي لاءِ گهر جوڙيندو، ۽ هن جي بادشاهت هميشہ لاءِ قائم ڪندس.</verse>
				<verse number="13">آءٌ هن جو پيءُ ٿيندس ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو: ۽ آءٌ پنهنجي رحمت هن تان کڻي نہ ويندس جيئن مون انهيءَ تان کنئي جو توکان اڳي هو:</verse>
				<verse number="14">پر آءٌ پنهنجي گهر ۾، ۽ پنهنجي بادشاهت ۾، کيس هميشہ لاءِ قائم ڪندس، ۽ سندس تخت هميشہ لاءِ رهندو.</verse>
				<verse number="15">انهن سڀني ڳالهين موجب، ۽ انهيءَ ساري رويا موجب ناتن دائود سان ڳالهايو.</verse>
				<verse number="16">تڏهن دائود بادشاهہ اندر لنگهي ويو، ۽ خدا جي حضور ۾ وڃي ويٺو؛ ۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند خدا، آءٌ ڪير آهيان ۽ منهنجو گهراڻو ڇا آهي جو تو مون کي هن درجي تائين آندو آهي؟</verse>
				<verse number="17">تہ بہ اي خدا، اها ڳالهہ تنهنجي نظر ۾ خسيس هئي؛ پر تو پنهنجي ٻانهي جي گهراڻي بابت آئيندہ جي گهڻي عرصي تائين ذڪر ڪيو آهي، اي خداوند خدا، تو مون کي وڏي ماڻهوءَ جي درجي موجب سمجهيو آهي.</verse>
				<verse number="18">۽ انهيءَ بابت جا عزت تنهنجي ٻانهي کي ملي آهي، دائود وڌيڪ ٻيو ڇا چوي؟ ڇالاءِ جو تون پنهنجي ٻانهي کي ڄاڻين ٿو.</verse>
				<verse number="19">اي خداوند، تو پنهنجي ٻانهي جي خاطر ۽ پنهنجيءَ دل موجب هي سڀ وڏا ڪم ڪيا آهن، تہ هي سڀ وڏيون ڳالهيون ظاهر ٿين.</verse>
				<verse number="20">اي خداوند، تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي، ۽ جيڪي اسان پنهنجن ڪنن سان ٻڌو آهي، ان موجب تو کانسواءِ ٻيو ڪوبہ خدا نہ آهي.</verse>
				<verse number="21">۽ دنيا ۾ تنهنجي قوم اسرائيل جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي، جنهن کي خداوند وڃي ڇڏائي پنهنجي قوم ڪيو، تہ تون پنهنجيءَ قوم جي سامهون، جنهن کي تو مصر مان ڇڏايو، غير قومن کي پري ڪري، وڏن ۽ خوفناڪ ڪمن سان پنهنجو نالو ڪڍين؟</verse>
				<verse number="22">ڇو جو تو پنهنجيءَ قوم اسرائيل کي هميشہ لاءِ پنهنجي خاص قوم ڪئي؛ ۽ تون خداوند، سندن خدا ٿئين.</verse>
				<verse number="23">۽ هاڻي اي خداوند، جيڪو ڪلام تو پنهنجي ٻانهي جي نسبت ۾، ۽ سندس گهراڻي جي نسبت ۾ ڪيو آهي، سو هميشہ لاءِ قائم ڪر، ۽ جيئن چيو اٿيئي، تيئن ڪر.</verse>
				<verse number="24">ڀلي تہ تنهنجو نالو قائم ۽ عظيم ٿئي، ۽ چيو وڃي تہ لشڪرن جو خداوند اسرائيل جو خدا آهي، يعني اسرائيل لاءِ خدا: ۽ تنهنجي ٻانهي دائود جو گهراڻو تنهنجي اڳيان قائم آهي.</verse>
				<verse number="25">ڇالاءِ جو اي منهنجا خدا، تو پنهنجي ٻانهي کي ظاهر ڪري ٻڌايو تہ تون سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙيندين: تنهنڪري تنهنجي ٻانهي جي دل ۾ آيو تہ توکان دعا گهري.</verse>
				<verse number="26">۽ هاڻي، اي خداوند، تون خدا آهين، ۽ تو اُنهيءَ چڱيءَ ڳالهہ جو پنهنجي ٻانهي سان واعدو ڪيو آهي:</verse>
				<verse number="27">۽ هاڻي توکي قبول پيو آهي تہ پنهنجي ٻانهي جي گهر کي برڪت ڏين، تہ اهو تنهنجي اڳيان هميشہ تائين قائم رهي: ڇالاءِ جو، اي خداوند، تو برڪت ڏني آهي، ۽ تنهنڪري اُهو هميشہ لاءِ مبارڪ آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="18">
				<verse number="1">تنهن کان پوءِ هيئن ٿيو تہ دائود فلستين کي شڪست ڏيئي پنهنجي تابع ڪيو: ۽ جات ۽ ان جا شهر فلستين کان هٿ ڪيائين.</verse>
				<verse number="2">۽ هن موآب کي ماريو؛ ۽ موآبي دائود جا ٻانها ٿيا ۽ نذرانا کڻي آيا.</verse>
				<verse number="3">۽ دائود حمات تائين ضوباہ جي بادشاهہ هدرعزر کي ماريو، جڏهن هو فرات نديءَ وٽ پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ ٿي ويو.</verse>
				<verse number="4">۽ دائود انهيءَ کان هڪ هزار رٿ، ست سؤ گهوڙي سوار، ۽ ويهہ هزار پيادا ورتا: ۽ دائود هڪ سؤ رٿن جي گهوڙن کانسواءِ باقي سڀني گهوڙن جون کچون وڍي ڇڏيون.</verse>
				<verse number="5">۽ جڏهن دمشق جا ارامي ضوباہ جي بادشاهہ هدرعزر کي مدد ڏيڻ لاءِ آيا، تڏهن دائود انهن مان ٻاويهہ هزار ارامي ماريا.</verse>
				<verse number="6">تڏهن دائود ارام جي دمشق ۾ سنڀال لاءِ لشڪر رکيو؛ ۽ ارامي دائود جا ٻانها ٿيا ۽ نذرانا آندائون. ۽ جيڏانهن دائود ٿي ويو، اوڏانهن خداوند دائود کي فتح ٿي بخشي.</verse>
				<verse number="7">۽ هدرعزر جي نوڪرن وٽ جيڪي سون جون سپرون هيون سي دائود هٿ ڪري يروشلم ۾ آنديون.</verse>
				<verse number="8">۽ هدرعزر جي شهرن طبخت ۽ ڪون مان دائود تمام گهڻو پتل هٿ ڪيو، جنهن سان سليمان پلٽيل سمنڊ، ۽ ٿنڀ، ۽ پتل جا ٿانوَ جوڙايا.</verse>
				<verse number="9">۽ جڏهن حمات جي بادشاهہ توعو ٻڌو تہ دائود ضوباہ جي بادشاهہ هددعزر جي ساريءَ فوج کي ماريو آهي،</verse>
				<verse number="10">تڏهن هن پنهنجي پٽ هدورام کي بادشاهہ دائود ڏانهن موڪليو تہ سندس سلام ڪري، ۽ کيس دعا ڪري، ڇو جو هو هدرعزر سان وڙهيو هو، ۽ انهيءَ کي ماريو هئائين؛ ڇالاءِ جو هدرعزر توعو سان جنگيون ڪيون هيون؛ ۽ هدورام پاڻ سان سون، چانديءَ ۽ پتل جا هر ڪنهن قسم جا ٿانوَ آندا.</verse>
				<verse number="11">اهي بہ بادشاهہ دائود انهيءَ چانديءَ ۽ سون سان گڏ خداوند لاءِ وقف ڪيا جي هن ادوم، ۽ موآب، ۽ بني عمون، ۽ بني فلستين، ۽ بني عماليق، يعني سڀني قومن مان هٿ ڪيا هئا.</verse>
				<verse number="12">انهيءَ کانسواءِ ابيشي بن ضروياہ ارڙهن هزار ادومي، لوڻ جي واديءَ ۾ ماريا.</verse>
				<verse number="13">۽ هن ادوم ۾ پهري لاءِ لشڪر رکيا؛ ۽ سڀ ادومي دائود جا ٻانها ٿيا. ۽ جيڏانهن دائود ٿي ويو، اوڏانهن خداوند هن کي فتح ٿي بخشي.</verse>
				<verse number="14">۽ دائود ساري اسرائيل تي بادشاهي ڪئي؛ ۽ پنهنجيءَ ساريءَ قوم جو عدل ۽ انصاف ڪيائين.</verse>
				<verse number="15">۽ يوآب بن ضروياہ لشڪر جو سردار هو؛ ۽ يهوسفط بن اخيلود دفتردار هو:</verse>
				<verse number="16">۽ صدوق بن اخيطوب، ۽ ابيملڪ بن ابياتر ڪاهن هئا؛ ۽ شوشا، محرر هو؛</verse>
				<verse number="17">۽ بناياہ بن يهويدع ڪريتين ۽ فلستين جي مٿان هو؛ ۽ دائود جا پٽ بادشاهہ جي چوڌاري مکيہ هئا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="19">
				<verse number="1">۽ انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ بني عمون جي بادشاهہ ناحس وفات ڪئي، ۽ سندس پٽ سندس جاءِ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="2">۽ دائود چيو تہ آءٌ حنون بن ناحس کي مهرباني ڏيکاريندس، ڇالاءِ جو سندس پيءُ مون کي مهرباني ڏيکاري هئي. تنهنڪري دائود قاصد موڪلي هن کي سندس پيءُ جي نسبت ۾ معذرت چوائي موڪلي. ۽ دائود جا نوڪر بني عمون جي ملڪ ۾ حنون وٽ آيا تہ کيس تسلي ڏين.</verse>
				<verse number="3">پر بني عمون جي سردارن حنون کي چيو تہ تون ائين ڀانئين ٿو ڇا تہ دائود تنهنجي پيءُ کي عزت ٿو ڏئي ۽ تنهنڪري معذرت ڪرڻ لاءِ تو ڏانهن ماڻهو موڪليا اٿس؟ هي سندس نوڪر تو وٽ انهيءَ ڪم لاءِ نہ آيا آهن ڇا تہ تلاشي وٺي ۽ جاسوسي ڪري ملڪ کي ناس ڪن؟</verse>
				<verse number="4">تڏهن حنون دائود جي نوڪرن کي پڪڙي سندن ڏاڙهيون ڪوڙائي ڇڏيون، ۽ سندن ڪپڙا وچان ٻنڊڻن تائين ڪپائي ڇڏيائين، ۽ پوءِ روانو ڪيائين.</verse>
				<verse number="5">تڏهن ڪن وڃي دائود کي ٻڌايو تہ انهن سان ڪهڙو حال ڪيو ويو آهي. ۽ هن انهن کي گڏجڻ لاءِ ماڻهو موڪليا؛ ڇالاءِ جو اهي ماڻهو ڏاڍا شرمندا ٿيا هئا. ۽ بادشاهہ چيو تہ اوهين يريحو ۾ ترسي پئو، جيسين ڪ اوهان جون ڏاڙهيون وڌن ۽ پوءِ موٽي اچجو.</verse>
				<verse number="6">۽ جڏهن بني عمون ڏٺو تہ هنن پاڻ کي دائود جي نظر ۾ نفرتي ڪيو آهي، تڏهن حنون ۽ بني عمون مسوپتاميہ، ۽ ارام معڪہ، ۽ ضوباہ مان رٿ ۽ گهوڙي سوار ڀاڙي ڪرڻ لاءِ هڪ هزار چانديءَ جا قنطار موڪليا.</verse>
				<verse number="7">انهيءَ طرح هنن معڪہ جي بادشاهہ ۽ سندس ماڻهن، ۽ ٻٽيهہ هزار رٿن کي ڀاڙي ڪيو؛ جن اچي ميدبا ۾ منزل هنئي. ۽ بني عمون پنهنجي شهرن مان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا.</verse>
				<verse number="8">۽ جڏهن دائود اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن يوآب کي ۽ بهادر مردن جي ساري لشڪر کي ڏياري موڪليائين.</verse>
				<verse number="9">۽ بني عمون ٻاهر نڪري آيا، ۽ دروازي جي لنگهہ وٽ جنگ جي لاءِ صفون ٻڌڻ لڳا: ۽ بادشاهہ جيڪي آيا هئا سي ميدان ۾ اڪيلا بيٺا هئا.</verse>
				<verse number="10">هاڻي جڏهن يوآب ڏٺو تہ سندس اڳيان توڙي پٺيان جنگ لاءِ صفون ٻڌي بيٺا آهن، تڏهن هن اسرائيل جي سڀني مکيہ ماڻهن مان ڪي چونڊي ڪڍيا، ۽ اُهي ارامين سان وڙهڻ لاءِ تيار ڪري بيهاريائين.</verse>
				<verse number="11">۽ باقي ٻيا سڀ ماڻهو هن پنهنجي ڀاءُ ابيشي جي هٿ هيٺ رکيا، ۽ اُهي بني عمون جي سامهون صفون ٻڌي بيٺا.</verse>
				<verse number="12">۽ چيائين تہ جي ارامي مون کان ڏاڍا ٿيا تہ تون منهنجي مدد ڪج: پر جي بني عمون توکان ڏاڍا ٿيا تہ آءٌ توکي مدد ڏيندس.</verse>
				<verse number="13">چڱي همت جهل تہ پنهنجيءَ قوم لاءِ ۽ پنهنجي خدا جي شهرن لاءِ بهادري ڏيکاريون: پوءِ خداوند کي جيڪي وڻي سو ڪري.</verse>
				<verse number="14">تڏهن يوآب ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي ارامين سان وڙهڻ لاءِ ويجها ويا؛ ۽ هو سندن اڳيان اُٿي ڀڳا.</verse>
				<verse number="15">۽ جڏهن بني عمون ڏٺو تہ ارامي ڀڳا آهن، تڏهن هو بہ سندس ڀاءُ ابيشي جي اڳيان اُٿي ڀڳا، ۽ شهر ۾ گهڙي ويا. تڏهن يوآب يروشلم ۾ آيو.</verse>
				<verse number="16">۽ جڏهن ارامين ڏٺو تہ اسرائيل جي اڳيان شڪست کاڌي اٿئون، تڏهن قاصد موڪلي فرات نديءَ جي پار جيڪي ارامي هئا تن کي سوفڪ، هدرعزر جي سپهہ سالار جي منهنداريءَ هيٺ گڏ ڪيائون.</verse>
				<verse number="17">۽ ماڻهن دائود کي اها خبر ڏني، ۽ هن سڀيئي اسرائيلي گڏ ڪيا، ۽ هو يردن لنگهي هنن تي اچي پيو ۽ صفون ٻڌي جنگ ڪرڻ لڳو. انهيءَ طرح جڏهن دائود ارامين جي سامهون صفون ٻڌي جنگ ڪئي، تڏهن هو ساڻس وڙهڻ لڳا.</verse>
				<verse number="18">۽ ارامي اسرائيل جي اڳيان ڀڄي ويا؛ ۽ دائود ارامين جي ست هزار رٿن جا ماڻهو، ۽ چاليهہ هزار پيادا، ۽ لشڪر جي سپهہ سالار سوفڪ کي ماري وڌو.</verse>
				<verse number="19">۽ جڏهن هدرعزر جي ملازمن ڏٺو تہ اسرائيل جي اڳيان شڪست کاڌي اٿن، تڏهن دائود سان صلح ڪيائون، ۽ سندس ٻانها ٿيا: انهيءَ طرح ارامين وري ڪڏهن بہ بني عمون کي مدد نہ ڏني.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="20">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيو تہ بهار جي موسم ۾، جنهن وقت بادشاهہ جنگ تي ويندا آهن، تڏهن يوآب چونڊيل لشڪر وٺي بني عمون جي ملڪ کي ناس ڪيو، ۽ ربہ کي گهيرو ڪيائين. پر دائود پاڻ يروشلم ۾ ترسي پيو. ۽ يوآب ربہ کي شڪست ڏني ۽ ماريو.</verse>
				<verse number="2">۽ دائود انهن جي بادشاهہ جو ڇٽ لاهي ورتو جو وزن ۾ هڪ قنطار سون جو هو ۽ انهيءَ ۾ قيمتي جواهر لڳل هئا؛ ۽ اُهو دائود جي مٿي تي رکيو ويو: ۽ هن شهر جي لٽ مان تمام گهڻو مال آندو.</verse>
				<verse number="3">۽ انهيءَ ۾ جيڪي ماڻهو هئا تن کي هن آڻي ڪرٽن، لوهہ جي ڏاندارين ۽ ڪهاڙين سان وڍي ڇڏيو. ۽ انهيءَ طرح دائود بني عمون جي سڀني شهرن سان ڪيو. ۽ دائود ۽ سڀيئي ماڻهو يروشلم ۾ موٽي آيا.</verse>
				<verse number="4">۽ انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ جزر وٽ فلستين سان جنگ لڳي: تڏهن سبڪي حوساتيءَ سفيءَ کي قتل ڪيو جو راڪاس جي پٽن مان هو، ۽ انهن شڪست کاڌي.</verse>
				<verse number="5">۽ وري بہ فلستين سان جنگ لڳي: ۽ الحنان بن يعور، لحميءَ کي قتل ڪيو جو جوليت جاتيءَ جو ڀاءُ هو، جنهن جي نيزي جو ٿر ڪوريءَ جي شهتير جهڙو هو.</verse>
				<verse number="6">۽ وري جات ۾ جنگ لڳي، جتي هڪڙو وڏي قد وارو ماڻهو هو، جنهن کي چوويهہ آڱريون هيون، هرهڪ هٿ تي ڇهہ آڱريون ۽ هرهڪ پير تي ڇهہ آڱريون؛ ۽ اهو بہ راڪاسن جي اولاد مان هو.</verse>
				<verse number="7">۽ جڏهن انهيءَ اسرائيل کي هاڪاريو، تڏهن دائود جي ڀاءُ سمعي جي پٽ يونتن انهيءَ کي ڪُٺو.</verse>
				<verse number="8">اهي سڀيئي انهيءَ راڪاس کي جات ۾ ڄاوا هئا؛ ۽ اُهي دائود جي هٿان ۽ سندس نوڪرن جي هٿان مارجي ويا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="21">
				<verse number="1">۽ شيطان اسرائيل جي برخلاف اُٿيو، ۽ دائود کي چوريائين تہ اسرائيل جو شمار ڪري.</verse>
				<verse number="2">۽ دائود يوآب کي ۽ قوم جي سردارن کي چيو، تہ وڃي بيرسبع کان وٺي دان تائين اسرائيل جو شمار ڪريو؛ ۽ مون کي خبر آڻي ڏيو تہ آءٌ ڪل تعداد ڄاڻان.</verse>
				<verse number="3">۽ يوآب چيو تہ خداوند پنهنجيءَ قوم کي سؤ ڀيرا زيادہ وڌائي: پر اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، اهي سڀ منهنجي ڌڻيءَ جا ٻانها نہ آهن ڇا؟ منهنجو ڌڻي بادشاهہ اها ڳالهہ ڪرڻ ڇو ٿو گهُري؟ هو اسرائيل جي لاءِ گناهہ جو سبب ڇو ٿو ٿئي؟</verse>
				<verse number="4">انهيءَ هوندي بہ بادشاهہ جي ڳالهہ يوآب جي ڳالهہ کان ڳوري ٿي. جنهنڪري يوآب روانو ٿيو، ۽ ساري اسرائيل ۾ ويو، ۽ يروشلم ۾ آيو.</verse>
				<verse number="5">۽ يوآب ماڻهن جي شمار جو ڪل جوڙ دائود کي ڏنو. ۽ اسرائيل ۾ يارهن لک ترار مار مرد موجود هئا: ۽ يهوداہ ۾ چار لک ستر هزار ترار مار موجود هئا.</verse>
				<verse number="6">پر لاوي ۽ بنيمين کي هن انهن ۾ نہ ڳڻيو: ڇالاءِ جو بادشاهہ جو حڪم يوآب جي لاءِ ڪراهت جهڙو هو.</verse>
				<verse number="7">۽ انهيءَ ڳالهہ جي ڪري خدا ناراض ٿيو؛ تنهنڪري هن اسرائيل کي ماريو.</verse>
				<verse number="8">۽ دائود خدا کي چيو، تہ هي ڪم جو مون ڪيو تنهن ۾ مون وڏو گناهہ ڪيو آهي: پر هاڻي، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي ٻانهي جو گناهہ معاف ڪر؛ ڇالاءِ جو مون ڏاڍو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ خداوند دائود جي غيب دان، جاد کي فرمايو تہ</verse>
				<verse number="10">وڃي دائود کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ آءٌ توکي ٽي شيون ٿو آڇيان؛ انهن مان هڪڙي چونڊي کڻ تہ آءٌ تو سان ائين ڪريان.</verse>
				<verse number="11">تڏهن جاد دائود کي اچي چيو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪا ڳالهہ توکي وڻي سا قبول ڪر؛</verse>
				<verse number="12">يا ٽي سال ڏڪار جا؛ يا ٽي مهينا تنهنجي دشمنن جي ترار تو تي غالب پوي ۽ ناس ڪري؛ يا ٽي ڏينهن خداوند جي ترار يعني ملڪ ۾ وبا پوي، ۽ خداوند جو ملائڪ اسرائيل جي سڀني سرحدن تائين تباهي ڪري. هاڻي ويچار ڪري ٻڌاءِ تہ جنهن مون کي موڪليو آهي تنهن کي ڪهڙو جواب موٽائي ڏيان.</verse>
				<verse number="13">۽ دائود جاد کي چيو تہ آءٌ ڏاڍيءَ مشڪلات ۾ آهيان: هاڻي ائين ٿئي تہ خداوند جي هٿ ۾ وڃي پوان؛ ڇالاءِ جو هن جون رحمتون ڏاڍيون وڏيون آهن: ۽ آءٌ شل انسان جي هٿ ۾ نہ پوان.</verse>
				<verse number="14">تڏهن خداوند اسرائيل تي وبا موڪلي: ۽ اسرائيل ۾ ستر هزار ماڻهو مري ويا.</verse>
				<verse number="15">۽ خدا هڪڙي ملائڪ کي يروشلم ۾ موڪليو تہ انهيءَ کي ناس ڪري: ۽ جڏهن هو تباهہ ڪرڻ تي هو تہ خداوند ڏٺو، ۽ انهيءَ خرابيءَ کان پنهنجو ارادو بدلايائين؛ ۽ انهيءَ چٽ ڪرڻ واري ملائڪ کي چيائين تہ ڪافي آهي؛ هاڻي پنهنجو هٿ جهل. ۽ خداوند جو ملائڪ اُرنان يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پڙ جي پاسي ۾ بيٺو هو.</verse>
				<verse number="16">۽ دائود مٿي نهاريو ۽ ڏٺائين تہ خداوند جو ملائڪ آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ اُگهاڙي ترار جهليو بيٺو آهي، ۽ سندس هٿ يروشلم تي ڊگهيريل آهي، تڏهن دائود ۽ سڀني بزرگن کٿا ڍڪيا ۽ منهن ڀر ڪِري پيا.</verse>
				<verse number="17">۽ دائود خداوند کي چيو، تہ ائين نہ آهي ڇا تہ مون حڪم ڏنو تہ ماڻهن جو شمار ڪيو وڃي؟ يعني فقط مون ئي گناهہ ڪيو آهي ۽ ڏاڍي ڏنگي هلت هليو آهيان؛ پر هنن رڍن ڇا ڪيو آهي؟ آءٌ عرض ٿو ڪريان، تہ اي خداوند منهنجا خدا، تنهنجو هٿ منهنجي ۽ منهنجي پيءُ جي گهراڻي جي برخلاف هجي ۽ نہ هن قوم جي برخلاف تہ هو وبا ۾ مرن.</verse>
				<verse number="18">تڏهن خداوند جي ملائڪ جاد کي حڪم ڏنو تہ دائود کي چوي، تہ دائود اُرنان يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پڙ ۾ چڙهي وڃي ۽ اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي.</verse>
				<verse number="19">۽ دائود جاد جي چوڻ موجب جيئن خداوند فرمايو هو تيئن مٿي ويو.</verse>
				<verse number="20">۽ ارنان منهن ڦيرائي ملائڪ کي ڏٺو؛ ۽ سندس چار پٽ جي ساڻس هئا تن وڃي پاڻ کي لڪايو. هاڻي اُرنان ڪڻڪ پئي ڳاهي.</verse>
				<verse number="21">۽ جيئن دائود اُرنان ڏانهن ٿي آيو تہ ارنان نگاهہ ڪري دائود کي ڏٺو، ۽ پنهنجي اَن ڳاهڻ واري پڙ مان نڪري دائود جي اڳيان نِوڙي منهن زمين تي رکي تعظيم ڏنائين.</verse>
				<verse number="22">تڏهن دائود ارنان کي چيو تہ مون کي پنهنجو اَن ڳاهڻ وارو پڙ ڏي، تہ آءٌ انهيءَ تي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيان: تون انهيءَ لاءِ مون کان پوري قيمت وٺ، تہ شل وبا خلق تان ٽري.</verse>
				<verse number="23">۽ اُورنان دائود کي چيو تہ اهو ڀلي وٺ، ۽ جيئن منهنجي ڌڻيءَ بادشاهہ کي وڻي تيئن ڪري: ڏس آءٌ توکي سوختني قربانيءَ جي لاءِ ڏاند، ۽ ڪاٺين جي لاءِ ڳاهڻ جا اوزار، ۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ ڪڻڪ، سڀ ڏيان ٿو.</verse>
				<verse number="24">۽ دائود بادشاهہ اُرنان کي چيو تہ ائين نہ ٿيندو؛ بلڪ آءٌ حقيقت ۾ ملهہ ڏيئي اهو توکان خريد ڪندس: خداوند جي لاءِ جيڪي تنهنجو آهي سو وٺي، ۽ جنهن سوختني قربانيءَ لاءِ مون قيمت نہ ڏني آهي سا آءٌ ڪين چاڙهيندس.</verse>
				<verse number="25">انهيءَ طرح دائود اُرنان کي انهيءَ جاءِ لاءِ ڇهہ سؤ سون جا شيڪل توري ڏنا.</verse>
				<verse number="26">پوءِ اُتي دائود خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي، ۽ سوختني قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهي خداوند کان دعا گهريائين؛ ۽ هن کيس آسمان مان سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ تي باهہ موڪلي جواب ڏنو.</verse>
				<verse number="27">۽ خداوند ملائڪ کي حڪم ڏنو؛ ۽ هن پنهنجي ترار موٽائي مياڻ ۾ وڌي.</verse>
				<verse number="28">۽ انهيءَ وقت جڏهن دائود ڏٺو تہ خداوند کيس اُرنان يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پڙ ۾ جواب ڏنو آهي، تڏهن پاڻ اتي قربانيون چاڙهيائين.</verse>
				<verse number="29">ڇالاءِ تہ خداوند جو تنبو ۽ سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ، جي موسيٰ بيابان ۾ جوڙيا، سي انهيءَ وقت جبعون جي مٿانهينءَ جاءِ ۾ هئا.</verse>
				<verse number="30">پر دائود خداوند کان پڇڻ لاءِ انهيءَ جي اڳيان نہ وڃي سگهيو: ڇالاءِ تہ هو خداوند جي ملائڪ جي ترار کان ڊنو ٿي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="22">
				<verse number="1">تڏهن دائود چيو تہ هيءُ خداوند جو گهر آهي ۽ هيءَ ئي اسرائيل جي سوختني قرباني چاڙهڻ لاءِ قربانگاهہ آهي.</verse>
				<verse number="2">۽ دائود حڪم ڏنو تہ اسرائيل جي ملڪ ۾ جيڪي ڌاريا آهن، تن کي گڏ ڪريو؛ ۽ هن رازا مقرر ڪيا تہ پٿر ڇلي خداوند جو گهر جوڙين.</verse>
				<verse number="3">۽ دائود درن جي طاقن ۽ جوڙن جي ڪلين لاءِ گهڻو لوهہ تيار ڪيو؛ ۽ بي انداز پتل بہ؛</verse>
				<verse number="4">۽ بيشمار ديودار جا وڻ: ڇالاءِ جو صيدانين ۽ صور جي رهاڪن گهڻا ديودار جا وڻ دائود وٽ آندا.</verse>
				<verse number="5">۽ دائود چيو تہ، منهنجو پٽ سليمان اڃا ننڍڙو ۽ ڳڀرو آهي، ۽ جيڪو گهر خداوند جي لاءِ ٺاهڻو آهي سو تمام سهڻو ۽ سڀني ملڪن ۾ مشهور ۽ شاندار ٿئي: تنهنڪري آءٌ انهيءَ لاءِ تياري ڪندس. سو دائود پنهنجي وفات کان اڳي گهڻي تياري ڪئي.</verse>
				<verse number="6">تڏهن هن پنهنجي پٽ سليمان کي سڏيو، ۽ تاڪيد ڪري چيائينس تہ خداوند اسرائيل جي خدا لاءِ هڪڙو گهر ٺاهج.</verse>
				<verse number="7">۽ دائود پنهنجي پٽ سليمان کي چيو تہ اهو منهنجي دل ۾ هو تہ آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي لاءِ گهر جوڙيان.</verse>
				<verse number="8">پر خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو تہ تو گهڻو رت وهايو آهي، ۽ وڏيون جنگيون ڪيون اٿيئي: تون منهنجي نالي لاءِ گهر نہ جوڙيندين، ڇالاءِ جو تو منهنجي نظر ۾ زمين تي گهڻو رت وهايو آهي:</verse>
				<verse number="9">ڏس، توکي هڪڙو پٽ ڄمندو جو صلح پسند انسان ٿيندو؛ ۽ آءٌ کيس سڀني آس پاس جي دشمنن کان آرام ڏيندس: ڇالاءِ جو هن جو نالو سليمان ٿيندو، ۽ آءٌ سندس ڏينهن ۾ اسرائيل کي صلح ۽ امن بخشيندس:</verse>
				<verse number="10">هو منهنجي نالي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيندو؛ ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو، ۽ آءٌ سندس پيءُ ٿيندس؛ ۽ آءٌ سندس بادشاهت جو تخت هميشہ لاءِ اسرائيل تي قائم ڪندس.</verse>
				<verse number="11">هاڻي منهنجا پٽ، خداوند توساڻ هجي؛ ۽ توکي ڪامياب ڪري، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ گهر ٺاهج، جيئن هن تنهنجي نسبت ۾ فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="12">رڳو خداوند توکي عقل ۽ سمجهہ بخشي، ۽ اسرائيل جي نسبت ۾ تنهنجي هدايت ڪري؛ تہ تون خداوند پنهنجي خدا جي شريعت جي پيروي ڪرين.</verse>
				<verse number="13">جي تون انهن قانونن ۽ فيصلن جي سنڀال ڪندين جن سان خداوند موسيٰ جي معرفت اسرائيل جي هدايت ڪئي، تہ تون ڪامياب ٿيندين: مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت جهل، ڊڄ نہ، نڪي هراس ۾ پئُہ.</verse>
				<verse number="14">هاڻي ڏس، تہ مون ڏاڍي مشقت سان خداوند جي گهر لاءِ هڪ لک قنطار سون جا، ۽ ڏهہ لک قنطار چانديءَ جا، ۽ بي انداز پتل ۽ لوهہ تيار ڪيو آهي؛ جو ججهو آهي؛ ڪاٺ ۽ پٿر بہ مون تيار ڪيو آهي؛ ۽ تون انهيءَ کي وڌائي سگهين ٿو.</verse>
				<verse number="15">انهيءَ کانسواءِ تو وٽ گهڻيئي ڪاريگر آهن، يعني پٿر ۽ ڪاٺ ٽُڪڻ ۽ ڇلڻ وارا، ۽ اهڙا ماڻهو جي طرح طرح جي ڪم ۾ هنرمند آهن؛</verse>
				<verse number="16">سون، ۽ چانديءَ، ۽ پتل، ۽ لوهہ جو ڪوبہ شمار ڪونهي؛ تنهنڪري اُٿي ڪم ڪر، ۽ خداوند تو ساڻ هجي.</verse>
				<verse number="17">دائود اسرائيلين جي سڀني سردارن کي بہ پنهنجي پٽ سليمان بابت حڪم ڏيئي چيو تہ،</verse>
				<verse number="18">خداوند اوهان جو خدا اوهان سان نہ آهي ڇا؟ ۽ هن اوهان کي چوگرد آرام نہ ڏنو آهي ڇا؟ ڇالاءِ جو هن زمين جي رهاڪن کي منهنجي هٿ ۾ ڏنو ۽ ملڪ خداوند جي ۽ سندس قوم جي اڳيان تابع ٿيو.</verse>
				<verse number="19">هاڻي اوهين پنهنجيءَ دل ۽ جان سان خداوند پنهنجي خدا جي ڳولا ڪريو؛ تنهنڪري اُٿو، خداوند خدا جي پاڪ جاءِ ٺاهيو تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق، ۽ خدا جا پاڪ ٿانوَ، انهيءَ گهر ۾ آڻيو جو خداوند جي لاءِ جڙندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="23">
				<verse number="1">هاڻي دائود ٻڍو ۽ عمر رسيدہ ٿيو؛ ۽ هن پنهنجي پٽ سليمان کي اسرائيل تي بادشاهہ مقرر ڪيو.</verse>
				<verse number="2">۽ ڪاهنن ۽ لاوين سان گڏ هن اسرائيل جي سڀني سردارن کي گڏ ڪيو.</verse>
				<verse number="3">۽ ٽيهن ورهين ۽ انهيءَ کان مٿي عمر وارا لاوي ڳڻيا ويا: ۽ انهن جو شمار هڪ هڪ ماڻهو ڪري اٺٽيهہ هزار ٿيو.</verse>
				<verse number="4">انهن مان چوويهہ هزار خداوند جي گهر جي ڪم جي نگهبانيءَ لاءِ هئا؛ ۽ ڇهہ هزار عملدار ۽ قاضي هئا:</verse>
				<verse number="5">۽ چار هزار دربان هئا؛ ۽ چار هزار انهن سازن سان خداوند جي تعريف ڪندا هئا، جي دائود تعريف لاءِ ٺاهيا.</verse>
				<verse number="6">۽ دائود انهن کي جيرسون، قهات ۽ مراري، يعني بني لاويءَ جي حصن موجب ورهايو.</verse>
				<verse number="7">جيرسونين مان هي هئا، لعدان ۽ سمعي.</verse>
				<verse number="8">بني لعدان؛ سردار يحي ايل، ۽ زيتام، ۽ يوايل، ٽي.</verse>
				<verse number="9">بني سمعي؛ سلوميت، ۽ حزي ايل، ۽ هاران، ٽي.</verse>
				<verse number="10">اهي لعدان جي ابن جي گهراڻن جا سردار هئا. ۽ بني سمعي؛ يحت، زينا، ۽ يعوس، ۽ بريعہ. اهي چارئي سمعيءَ جا پٽ هئا.</verse>
				<verse number="11">وڏو يحت هو، ۽ ٻيو زيزا: پر ڇالاءِ جو يعوس ۽ بريعہ کي گهڻا پٽ نہ هئا، تنهنڪري هو هڪڙي ئي اباڻي گهراڻي ۾ ڳڻيا ويا.</verse>
				<verse number="12">بني قهات عمرام، اضهار، حبرون ۽ عزي ايل، چار.</verse>
				<verse number="13">بني عمرام؛ هارون ۽ موسيٰ: ۽ هارون ڌار ڪيو ويو هو تہ تمام پاڪ شين کي مخصوص ڪري، ۽ پاڻ ۽ سندس پٽ هميشہ لاءِ خداوند جي لاءِ لوبان ساڙين، ۽ خدمت ڪن، ۽ سندس نالي تي هميشہ لاءِ دعا ڪن.</verse>
				<verse number="14">باقي رهيو خدا جو مرد موسيٰ سو انهيءَ جا پٽ لاوين جي قبيلي ۾ ڳڻيا ويا.</verse>
				<verse number="15">۽ بني موسيٰ؛ جيرسوم اليعزر هئا.</verse>
				<verse number="16">۽ بني جيرسوم؛ سبوايل سردار هو.</verse>
				<verse number="17">۽ بني اليعزر؛ رحبياہ سردار هو. ۽ اليعزر کي ٻيا پٽ ڪين هئا؛ پر رحبياہ جا گهڻا ئي پٽ هئا.</verse>
				<verse number="18">بني اضهار؛ سلوميت جو سردار هو.</verse>
				<verse number="19">بني حبرون؛ يرياہ سردار، ٻيو امرياہ، ٽيون يحزي ايل، ۽ چوٿون يقمعام هو.</verse>
				<verse number="20">بني عزي ايل؛ ميڪاہ سردار، ۽ ٻيو يسياہ هو.</verse>
				<verse number="21">۽ بني مراري؛ محلي ۽ موشي هئا. بني محلي، اليعزر ۽ قيس هئا.</verse>
				<verse number="22">۽ اليعزر وفات ڪئي ۽ کيس ڪوبہ پٽ ڪونہ هو پر رڳيون ڌيئرون هيون: ۽ قيس جا پٽ جي سندن ڀائر هئا سي انهن سان پرڻيا.</verse>
				<verse number="23">بني موشي؛ محلي ۽ عيدر ۽ يريموت، ٽي.</verse>
				<verse number="24">لاوي جا پٽ اهي هئا؛ جي پنهنجي پنهنجي اباڻي گهراڻي موجب، يعني انهن اباڻن گهراڻن جا سردار جي هڪ هڪ ڪري شمار ڪيا ويا هئا: اُهي جي ويهن ورهين ۽ ان کان مٿي جي عمر جا هئا، سي خداوند جي گهر جي خدمت جو ڪم ڪندا هئا.</verse>
				<verse number="25">ڇالاءِ جو دائود چيو، تہ خداوند اسرائيل جو خدا، جو يروشلم ۾ هميشہ لاءِ رهي ٿو، تنهن پنهنجيءَ قوم کي آرام بخشيو آهي:</verse>
				<verse number="26">لاوين کي وري ڪڏهن بہ تنبو ۽ انهي جي خدمت جا ٿانوَ کڻڻا نہ پوندا.</verse>
				<verse number="27">ڇالاءِ جو دائود جي آخري حڪم موجب ويهن ورهين ۽ ان کان مٿي عمر جا بني لاوي شمار ڪيا ويا هئا.</verse>
				<verse number="28">۽ انهن جو ڪم اهو هو تہ خداوند جي گهر جي خدمت جي وقت، اڱڻ ۽ ڪوٺين ۾ ۽ سڀني پاڪ شين کي مخصوص ڪرڻ ۾، يعني خدا جي گهر جي خدمت جي ڪم ۾، بني هارون جي مدد ڪن.</verse>
				<verse number="29">۽ نذر جي مانيءَ لاءِ، ۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ ميدو، خواہ اها اڻ خميري ماني، يا تئي تي پڪل يا تريل شيءِ هجي، تہ هو انهن جي تور ۽ ماپ جو ڪم ڪن؛</verse>
				<verse number="30">۽ روز بروز صبح ۽ شام جو خداوند جو شڪر ۽ تعريف ڪن؛</verse>
				<verse number="31">۽ سبت، ۽ نئين چنڊ، ۽ مقرر عيدن تي، هميشہ خداوند جي حضوريءَ ۾ پوري تعداد موجب، سڀ سوختني قربانيون قاعدي موجب چاڙهين.</verse>
				<verse number="32">۽ خداوند جي گهر جي خدمت جي لاءِ، جماعت جي تنبوءَ جي، ۽ پاڪ جاءِ جي حفاظت ڪن، ۽ پنهنجي ڀائرن، يعني بني هارون جي سنڀال ڪن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="24">
				<verse number="1">۽ بني هارون جا هي حصا هئا. بني هارون: ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر.</verse>
				<verse number="2">پر ندب ۽ ابيهو پنهنجي پيءُ کان اڳي مري ويا ۽ ڪوبہ اولاد ڪونہ هون. تنهنڪري اليعزر ۽ اتمر ڪهانت جو ڪم ڪيو.</verse>
				<verse number="3">۽ دائود اليعزر جي پٽن مان صدوق کي، ۽ اتمر جي پٽن مان اخي ملڪ کي، انهن جي خدمت مطابق ورهايو:</verse>
				<verse number="4">اليعزر جي پٽن مان، اتمر جي پٽن کان وڌيڪ رئيس مليا؛ ۽ هو هن طرح ورهايا ويا: جو اليعزر جي اباڻي گهراڻن جا سورهن سردار؛ ۽ اتمر جي پٽن جي اباڻي گهراڻن جا اٺ سردار هئا.</verse>
				<verse number="5">انهيءَ طرح هو ڪڻا وجهي هڪ ٻئي جي آڏو ورهايا ويا؛ ڇالاءِ جو اليعزر ۽ اتمر جي پٽن مان ڪي سردار پاڪ جاءِ جا هئا، ۽ ڪي خدا جا.</verse>
				<verse number="6">۽ سمعياہ بن نتني ايل محرر، جو لاوين مان هو، تنهن بادشاهہ، ۽ سردارن، ۽ صدوق ڪاهن، ۽ اخي ملڪ بن ابياتر، ۽ ڪاهنن ۽ لاوين جي اباڻي گهراڻي جي سردارن جي روبرو اهي لکيا: جڏهن اليعزر جو هڪڙو اباڻو گهراڻو کنيو ويو، تڏهن اتمر جو بہ هڪڙو اباڻو گهراڻو کنيو ويو.</verse>
				<verse number="7">۽ پهريون ڪڻو يهويريب جو نڪتو، ٻيو يدعياہ جو؛</verse>
				<verse number="8">ٽيون حارم جو، چوٿون شعوريم جو؛</verse>
				<verse number="9">پنجون ملڪياہ جو، ڇهون ميامين جو؛</verse>
				<verse number="10">ستون هقوض جو، اٺون ابياہ جو؛</verse>
				<verse number="11">نائون يشوع جو، ڏهون سڪانياہ جو؛</verse>
				<verse number="12">يارهون الياسب جو، ٻارهون يقيم جو؛</verse>
				<verse number="13">تيرهون خفاہ جو، چوڏهون يسباب جو؛</verse>
				<verse number="14">پندرهون بلجاہ جو، سورهون امير جو؛</verse>
				<verse number="15">سترهون حزير جو، ارڙهون فضيض جو؛</verse>
				<verse number="16">اوڻيهون فتحياہ جو، ويهون يحزقيل جو؛</verse>
				<verse number="17">ايڪيهون ياڪن جو، ٻاويهون جمول جو؛</verse>
				<verse number="18">ٽيويهون دلاياہ جو، چوويهون معزرياہ جو.</verse>
				<verse number="19">اهو انهن جي خدمت جي ترتيب جو نمونو هو، تہ هو خداوند جي گهر ۾، جيئن کين هارون سندن پيءُ جو قانون ٻڌل هو، جو خداوند اسرائيل جي خدا کيس حڪم ڏنو هو.</verse>
				<verse number="20">۽ باقي بني لاويءَ مان: سوبائيل، جو عمرام جي پٽن مان هو؛ يهدياہ جو سوبائيل جي پٽن مان هو.</verse>
				<verse number="21">رحبياہ مان يسياہ سردار، جو رحبياہ جي پٽن مان هو.</verse>
				<verse number="22">اضهارين مان سلوموت؛ يحت، سلوموت جي پٽن مان هو.</verse>
				<verse number="23">۽ بني حبرون مان يرياہ سردار، ٻيو امرياہ، ٽيون يحزي ايل، چوٿون يعقمام.</verse>
				<verse number="24">ميڪاہ، جو اعزي ايل جي پٽن مان هو؛ سمير، جو ميڪاہ جي پٽن مان هو.</verse>
				<verse number="25">يسياہ، جو ميڪاہ جو ڀاءُ هو: زڪرياہ، جو يسياہ جي پٽن مان هو.</verse>
				<verse number="26">محلي ۽ موشي، جي مراريءَ جي پٽن مان هئا: بنو، جو يعزياہ جي پٽن مان هو.</verse>
				<verse number="27">بني مراري؛ بنو ۽ سوهم ۽ زڪور ۽ عبري، جي يعزياہ مان هئا.</verse>
				<verse number="28">محليءَ مان اليعزر، جن کي ڪوبہ پٽ ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="29">قيس مان؛ يرحميئيل، جو قيس جو پٽ هو.</verse>
				<verse number="30">محلي ۽ اعيدر ۽ يريموت، جي موشيءَ جا پٽ هئا. هاڻي اهي سڀ لاوين جي اباڻي گهراڻن جا پٽ آهن.</verse>
				<verse number="31">انهن سڀني بہ پنهنجن ڀائرن هارون جي پٽن وانگر، دائود بادشاهہ، ۽ صدوق، ۽ اخي ملڪ، ۽ ڪاهنن، ۽ لاوين جي اباڻي گهراڻي جي سردارن جي روبرو ڪڻا وڌا؛ يعني جهڙو وڏي جي اباڻي گهراڻن جو حق هو، تهڙو هن جي ننڍي ڀاءُ جي گهراڻي جو بہ هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="25">
				<verse number="1">انهيءَ کانسواءِ دائود ۽ لشڪرن جي سردارن آسف ۽ هيمان ۽ يدوتون جي پٽن مان ڪن کي خدمت لاءِ ڌار ڪيو، تہ هو بربطن ۽ تنبورن ۽ جهانجهن سان نبوت ڪن: ۽ انهن جو شمار جن انهيءَ ڪم ۾ خدمت ٿي ڪئي:</verse>
				<verse number="2">بني آسف مان، زڪور، ۽ يوسف، ۽ نتنياہ، ۽ اسري لاہ، آسف جا پٽ، آسف جي هٿ هيٺ هئا، جو بادشاهہ جي حڪم موجب نبوت ڪندو هو.</verse>
				<verse number="3">يدوتون مان: جدلياہ، ۽ ضري، ۽ يسعياہ، حسبياہ، ۽ متتياہ. اهي ڇهہ؛ يدوتون جا پٽ پنهنجي پيءُ يدوتون جي هٿ هيٺ بربط وڄائيندا هئا، جو خداوند جي شڪر ۽ تعريف سان نبوت ڪندو هو.</verse>
				<verse number="4">هيمان مان، بقياہ، متنياہ، عزي ايل، سبوايل، يريموت، حنانياہ، حناني، الياتہ، جدالتي، روممتي عزر، يسبقاشہ، ملوتي، هوتير ۽ محازيوت؛ جي هيمان جا پٽ هئا؛</verse>
				<verse number="5">بادشاهہ جي غيب دان هيمان، جو خداوند جي ڪلام لاءِ هو، تنهن جا اهي سڀ پٽ هئا، جي ناد وڄائيندا هئا. ۽ خداوند هيمان کي چوڏهن پٽ ۽ ٽي ڌيئرون ڏنيون.</verse>
				<verse number="6">اهي سڀ پنهنجي پيءُ جي هٿ هيٺ خداوند جي گهر ۾ عبادت لاءِ جهانجهن ۽ تنبورن ۽ بربطن سان راڳ ڳائيندا هئا؛ يعني آسف، يدوتون ۽ هيمان بادشاهہ جي حڪم هيٺ هئا.</verse>
				<verse number="7">۽ انهن جو شمار ٻہ سؤ اٺاويهہ هو، جي خداوند جي لاءِ ڳائڻ واسطي سيکاريل ۽ ماهر هئا.</verse>
				<verse number="8">۽ انهن مان ننڍن توڙي وڏن، استاد توڙي شاگرد، سڀني پنهنجي پنهنجي خدمت لاءِ هڪڙي ئي نموني ڪڻا وڌا.</verse>
				<verse number="9">هاڻي پهريون ڪڻو آسف لاءِ يوسف جو آيو: ٻيو جدلياہ لاءِ هو، ۽ سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا:</verse>
				<verse number="10">ٽيون زڪور لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا.</verse>
				<verse number="11">چوٿون يضريءَ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا.</verse>
				<verse number="12">پنجون نتنياہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا.</verse>
				<verse number="13">ڇهون بقياہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا.</verse>
				<verse number="14">ستون يسري لاہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا.</verse>
				<verse number="15">اٺون يسعياہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا.</verse>
				<verse number="16">نائون متنياہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا.</verse>
				<verse number="17">ڏهون سمعيءَ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا.</verse>
				<verse number="18">يارهون عزرايل لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا.</verse>
				<verse number="19">ٻارهون حسبياہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا.</verse>
				<verse number="20">تيرهون سبوايل لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا.</verse>
				<verse number="21">چوڏهون متتياہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا.</verse>
				<verse number="22">پندرهون يريموت لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا.</verse>
				<verse number="23">سورهون حنانياہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا.</verse>
				<verse number="24">سترهون يسبقاشہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا.</verse>
				<verse number="25">ارڙهون حنانيءَ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا.</verse>
				<verse number="26">اوڻيهون ملوتيءَ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا.</verse>
				<verse number="27">ويهون الياتہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا.</verse>
				<verse number="28">ايڪيهون هوتير لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا.</verse>
				<verse number="29">ٻاويهون جدالتيءَ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا.</verse>
				<verse number="30">ٽيويهون محازيوت لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا.</verse>
				<verse number="31">چوويهون روممتي عزر لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="26">
				<verse number="1">۽ دربانن جي ترتيب هيءَ هئي: قورحين مان مسلمياہ بن قوري، جو آسف جي پٽن مان هو.</verse>
				<verse number="2">۽ مسلمياہ جا هي پٽ؛ پهريتو زڪرياہ، ٻيو يدي عيل، ٽيون زبدياہ، چوٿون نتني ايل؛</verse>
				<verse number="3">پنجون عيلام، ڇهون يهوحانان، ستون اليهوعيني.</verse>
				<verse number="4">۽ عوبيد ادوم جا هي پٽ هئا؛ پهريتو سمعياہ، ٻيو يهوزباد، ٽيون يوآخ، ۽ چوٿون سڪار، ۽ پنجون نتني ايل؛</verse>
				<verse number="5">ڇهون عمي ايل، ستون اشڪار، اٺون فعلتي: ڇالاءِ جو خداوند انهن کي برڪت ڏني هئي.</verse>
				<verse number="6">۽ انهيءَ جي پٽ سمعياہ وٽ بہ پٽ ڄاوا، جن پنهنجي اباڻي گهراڻي تي حڪومت ڪئي: ڇالاءِ جو اهي زبردست بهادر هئا.</verse>
				<verse number="7">سمعياہ جا پٽ عتني، ۽ رفاايل، ۽ عوبيد، ۽ الزباد، جن جا ڀائر، اليهو ۽ سماڪياہ؛ بهادر مرد هئا.</verse>
				<verse number="8">اهي سڀيئي عوبيد ادوم جي اولاد مان هئا. اهي ۽ سندن پٽ ۽ سندن ڀائر خدمت جي لاءِ زور ڀريا ۽ هوشيار ماڻهو هئا؛ ڪل عوبيد ادومي ٻاهٺ هئا.</verse>
				<verse number="9">۽ مسلمياہ جا پٽ ۽ ڀائر ارڙهن بهادر مرد هئا.</verse>
				<verse number="10">۽ بني مراريءَ مان حوسہ کي بہ پٽ هئا؛ سِمري سردار (خواہ هو پهريتو نہ هو تہ بہ سندس پيءُ هن کي سردار مقرر ڪيو هو؛)</verse>
				<verse number="11">ٻيو خلقياہ، ٽيون طبلياہ، چوٿون زڪرياہ: حوسہ جا سڀ پٽ ۽ ڀائر تيرهن هئا.</verse>
				<verse number="12">انهن مان ئي يعني سردارن مان دربانن جي ترتيب لاءِ مقرر ڪم هو، تہ پنهنجن ڀائرن وانگر خداوند جي گهر ۾ خدمت ڪن.</verse>
				<verse number="13">۽ انهن مان، ننڍن توڙي وڏن، پنهنجي اباڻي گهراڻن موجب، هرهڪ دروازي لاءِ ڪڻا وڌا.</verse>
				<verse number="14">۽ اُڀرندي لاءِ سمعياہ جو ڪڻو پيو. انهيءَ کانپوءِ سندس پٽ زڪرياہ لاءِ، جو عقلمند مشير هو، هنن ڪڻو وڌو؛ ۽ سندس ڪڻو اُتر لاءِ پيو.</verse>
				<verse number="15">عوبيد ادوم لاءِ ڏکڻ جو، ۽ سندس پٽن لاءِ انبارخانہ جو.</verse>
				<verse number="16">سفيم ۽ حوسہ لاءِ اُلهندي جو يعني سلڪت جي دروازي وٽ جتان ٻنڌ مٿي ٿي ويو، ائين تہ هڪ ٻئي جي سامهون پهرو ڏين.</verse>
				<verse number="17">اُڀرندي پاسي ڇهہ لاوي، اُتر پاسي هر روز چار، انبارخاني لاءِ ٻہ.</verse>
				<verse number="18">ڏکڻ پاسي علائقي لاءِ، ٻنڌ وٽ چار، ۽ علائقي لاءِ ٻہ.</verse>
				<verse number="19">بني قوري ۽ بني مراريءَ لاءِ اها هئي دربانن جي ترتيب.</verse>
				<verse number="20">۽ لاوين مان اخياہ خدا جي گهر جي خزانن ۽ مخصوص ڪيل شين جي خزانن جي مٿان هو.</verse>
				<verse number="21">بني لعدان؛ جي لعدان جي گهراڻي جا ۽ جيرسوني هئا، ۽ لعدان جي جيرسونيءَ جي اباڻي گهراڻن جا سردار هئا؛ سي آهن يحي ايلي.</verse>
				<verse number="22">بني يحي ايلي، زيتام ۽ سندس ڀاءُ يوايل جي خداوند جي گهر جي خزانن جي مٿان هئا.</verse>
				<verse number="23">عمرامين مان، اضهارين مان، حبرونين مان ۽ عزي ايلين مان:</verse>
				<verse number="24">سبوايل بن جيرسوم، بن موسيٰ، خزانن جي مٿان هئا.</verse>
				<verse number="25">۽ سندس ڀائر، اليعزر مان انهيءَ جو پٽ رحبياہ، ۽ سندس پٽ يسعياہ، ۽ انهيءَ جو پٽ يورام، ۽ انهيءَ جو پٽ زڪري، ۽ انهيءَ جو پٽ سلوميت.</verse>
				<verse number="26">۽ اهو سلوميت ۽ سندس ڀائر انهن سڀني مخصوص ڪيل شين جي خزانن جي مٿان هئا، جي دائود بادشاهہ ۽ اباڻي گهراڻن جي سردارن، هزارن ۽ سوَن جي عملدارن، ۽ لشڪر جي سردارن، مخصوص ڪيون هيون.</verse>
				<verse number="27">جنگين جي فتح ڪيل لٽ مان ڪجهہ مال هنن خداوند جي گهر جي مرمت لاءِ مخصوص ڪيو هو.</verse>
				<verse number="28">۽ اُهي سڀ شيون جي غيب دان سموئيل ۽ سائول بن قيس، ۽ ابنير بن نير، ۽ يوآب بن ضروياہ، مخصوص ڪيون هيون، ۽ ٻيو جيڪي بہ ڪنهن مخصوص ڪيو هو، سو سڀ سلوميت ۽ سندس ڀائرن جي هٿ هيٺ هو.</verse>
				<verse number="29">اضهارين مان ڪنانياہ ۽ سندس پٽ، اسرائيل جي مٿان، ٻاهرين ڪم لاءِ هئا، يعني عملدار ۽ قاضي هئا.</verse>
				<verse number="30">جبرونين مان، حسبياہ ۽ سندس ڀائر، جي هڪ هزار ست سؤ بهادر مرد هئا، اُهي اسرائيل جي مٿان يردن جي پار اُلهندي پاسي نظرداريءَ لاءِ هئا؛ يعني خداوند جي ساري ڪم لاءِ، ۽ بادشاهہ جي خدمت لاءِ هئا.</verse>
				<verse number="31">حبرونين مان يرياہ سردار، يعني حبرونين جي اباڻي گهراڻن جي نسب نامي موجب. دائود جي بادشاهت جي چاليهين ورهيہ ۾ انهن جي ڳولا ڪئي ويئي، ۽ هو جلعاد جي يعزير وٽ زبردست بهادر مردن ۾ لڌا ويا.</verse>
				<verse number="32">۽ سندس ٻہ هزار ست سؤ ڀائرن کي، جي بهادر مرد هئا، ۽ اباڻي گهراڻن جا سردار هئا، تن کي دائود بادشاهہ روبينين تي، ۽ جد ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي تي، خدا جي هر ڪنهن ڪم ۽ بادشاهہ جي سڀ ڪنهن ڪم لاءِ مقدم مقرر ڪيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="27">
				<verse number="1">بني اسرائيل پنهنجي شمار موجب، يعني اباڻي گهراڻي جي رئيسن، ۽ هزارن ۽ سوَن جي سردارن، ۽ سندن عملدارن، مهيني بہ مهيني، سال جي سڀني مهينن ۾، اچڻ وڃڻ جي ترتيب موجب بادشاهہ جي خدمت ٿي ڪئي: هرهڪ حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.</verse>
				<verse number="2">پهرين مهيني ۾، يعني پهرين حصي جي مٿان يسوبعام بن زبدي ايل: ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.</verse>
				<verse number="3">هو بني فارص مان هو، ۽ پهرين مهيني لاءِ لشڪر جي سڀني سردارن ۾ مکيہ هو.</verse>
				<verse number="4">۽ ٻئي مهيني جي حصي جي مٿان دودي اخوحي هو، ۽ سندس حصي ۾؛ مقلوت سردار، ۽ حصي جا چوويهہ هزار هئا.</verse>
				<verse number="5">ٽئين مهيني جي لشڪر جو خاص ٽيون سردار يهويدع ڪاهن جو پٽ بناياہ هو: ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.</verse>
				<verse number="6">هي اهو بناياہ آهي، جو ٽيهن ئي ۾ زبردست هو، ۽ انهن ٽيهن جي مٿان هو: ۽ سندس حصي ۾ سندس پٽ عميزباد بہ شامل هو.</verse>
				<verse number="7">چوٿين مهيني لاءِ يوآب جو ڀاءُ عساهيل هو، ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ زبدياہ هو: ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.</verse>
				<verse number="8">پنجين مهيني لاءِ پنجون سردار سمهوت ازراخي هو، ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.</verse>
				<verse number="9">ڇهين مهيني لاءِ ڇهون سردار تقوعي عير بن عقيس هو، ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.</verse>
				<verse number="10">ستين مهيني لاءِ ستون سردار بني افرائيم مان فلوني خلص هو: ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.</verse>
				<verse number="11">اٺين مهيني لاءِ اٺون سردار زارحين مان حوساتي سبڪي هو، ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.</verse>
				<verse number="12">نائين مهيني لاءِ نائون سردار بنيمينين مان عنتوتي ابيعزر هو، ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.</verse>
				<verse number="13">ڏهين مهيني ۾ ڏهون سردار زارحين مان نطوفاتي مهري هو، ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.</verse>
				<verse number="14">يارهين مهيني لاءِ يارهون سردار بني افرائيم مان فرعاتوني بناياہ هو، ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.</verse>
				<verse number="15">ٻارهين مهيني لاءِ ٻارهون سردار غتني ايلين مان نطوفاتي خلدي هو، ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.</verse>
				<verse number="16">تنهن کان سواءِ اسرائيلين جي فرقن تي روبينين جو سردار اليعزر بن زڪري هو، شمعونين جو سردار سفطياہ بن معڪہ هو:</verse>
				<verse number="17">لاوين مان حسبياہ بن قموايل: هارونين مان صدوق.</verse>
				<verse number="18">يهوداہ مان، اليهو، جو دائود جي ڀائرن مان هو: اشڪار مان، عمري بن ميڪاايل:</verse>
				<verse number="19">زبولون مان اسماعياہ بن عبدياہ: نفتاليءَ مان يريموت بن عزري ايل:</verse>
				<verse number="20">بني افرائيم مان هوسيع بن عزازياہ: منسي جي اڌ فرقي مان، يوايل بن فداياہ:</verse>
				<verse number="21">جلعاد واري منسي جي اڌ فرقي مان، عيدو بن زڪرياہ: بنيمين مان يعسي ايل بن ابنير:</verse>
				<verse number="22">دان مان عزرايل بن يروحام. اهي اسرائيل جي فرقن جا سردار هئا.</verse>
				<verse number="23">پر دائود انهن جو شمار نہ ڪيو هو جي ويهن ورهين يا انهيءَ کان ننڍي عمر جا هئا؛ ڇالاءِ جو خداوند فرمايو هو تہ هو اسرائيل کي اهڙو وڌائيندا جهڙو آسمان جا تارا.</verse>
				<verse number="24">۽ يوآب بن ضروياہ آدمشماري شروع ڪئي پر پوري نہ ڪيائين؛ ۽ انهي ڪري خداوند جو غضب اسرائيل تي ڀڙڪيو؛ نڪي ماڻهن جو شمار بادشاهہ دائود جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيو ويو.</verse>
				<verse number="25">۽ شاهي خزانن جي مٿان عزماوت بن عدي ايل هو: ۽ ٻنين ۽ شهرن ۽ ڳوٺن ۽ قلعن جي خزانن جي مٿان، يونتن بن عزياہ هو.</verse>
				<verse number="26">۽ ٻنيءَ ۾ کيتي ڪندڙن جي مٿان عزري بن ڪلوب هو.</verse>
				<verse number="27">۽ ڊاکن جي منهن مٿان سمعي راماتي هو: ۽ شراب جي بهرن واسطي ۽ انگور جي واڌاري لاءِ زبدي شفمي هو:</verse>
				<verse number="28">۽ زيتون جا باغ ۽ گولر جا وڻ جي لاڙ واريءَ زمين ۾ هئا، تن جي مٿان بعل حنان جدري هو، ۽ تيل جي بهرن جي مٿان يوآس هو:</verse>
				<verse number="29">۽ مال، جو گوهر جي شارون ۾ چرندو هو، تن جي مٿان سطري شاروني هو: ۽ اُهو مال جو گوهر جي وادين ۾ هو تن جي مٿان سافط بن عدلي هو.</verse>
				<verse number="30">۽ اُٺن جي مٿان اسماعيلي اوبل هو: ۽ گڏهن جي مٿان يحدياہ مرونوتي هو.</verse>
				<verse number="31">۽ ڌڻن جي مٿان يازيز هاجري هو. اهي سڀ دائود بادشاهہ جي مال جي مٿان مقرر هئا.</verse>
				<verse number="32">۽ دائود جو چاچو يونتن عقلمند مشير ۽ محرر هو: ۽ يحي ايل بن حڪموني شهزادن سان رهندو هو:</verse>
				<verse number="33">۽ اخيتفل بادشاهہ جو مشير هو، ۽ حوسي ارڪي بادشاهہ جو دوست هو:</verse>
				<verse number="34">۽ اخيتفل کانپوءِ يهويدع بن بناياہ، ۽ ابياتر هئا: ۽ شاهي فوج جو سپهہ سالار يوآب هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="28">
				<verse number="1">۽ دائود اسرائيلين جي سڀني سردارن، يعني فرقن جي سردارن، ۽ ٽولين جي منهندارن کي، جي ترتيب وار بادشاهہ جي خدمت ڪندا هئا، ۽ هزارن جي سردارن ۽ سوَن جي سردارن، ۽ بادشاهہ جي ۽ سندس پٽن جي سڀ مال مويشيءَ جي سردارن، ۽ خواجہ سرائن، ۽ بهادر، بلڪ سڀني زبردست بهادر مردن کي يروشلم ۾ گڏ ڪيو.</verse>
				<verse number="2">تڏهن دائود بادشاهہ پنهنجي پير اُٿي بيٺو، ۽ چيائين تہ، اي منهنجا ڀائرو، ۽ منهنجي قوم، منهنجي ٻڌو: منهنجي دل ۾ هو تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق لاءِ آرام گاهہ، ۽ پنهنجي خدا جي لاءِ پير رکڻ جي صندلي ٺاهيان؛ ۽ مون انهيءَ جي ٺاهڻ جي تياري بہ ڪئي هئي.</verse>
				<verse number="3">پر خداوند مون کي فرمايو تہ تون منهنجي نالي لاءِ گهر ڪين جوڙيندين، ڇالاءِ جو تون جنگي مرد آهين ۽ رت وهايو اٿيئي.</verse>
				<verse number="4">تنهن هوندي بہ خداوند اسرائيل جي خدا، مون کي منهنجي پيءُ جي سڄي گهراڻي مان چونڊيو تہ آءٌ هميشہ اسرائيل جو بادشاهہ ٿيان: ڇالاءِ جو هن يهوداہ کي پيشوا ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي؛ ۽ يهوداہ جي گهراڻي مان، منهنجي پيءُ جي گهر کي چونڊيو اٿس؛ ۽ منهنجي سڀني ڀائرن مان هن مون کي پسند ڪيو، تہ مون کي اسرائيل جو بادشاهہ ڪري:</verse>
				<verse number="5">۽ منهنجن سڀني پٽن مان، (ڇالاءِ جو مون کي خدا گهڻيئي پٽ ڏنا آهن،) هن منهنجي پٽ سليمان کي پسند ڪيو تہ هو، اسرائيل جي مٿان خداوند جي بادشاهت جي تخت تي ويهي.</verse>
				<verse number="6">۽ هن مون کي فرمايو، تہ تنهنجو پٽ سليمان، منهنجو گهر ۽ منهنجا ايوان ٺاهيندو: ڇالاءِ جو مون هن کي چونڊيو آهي تہ هو منهنجو پٽ ٿئي ۽ آءٌ سندس پيءُ ٿيندس.</verse>
				<verse number="7">۽ جي هو منهنجن حڪمن ۽ فيصلن جي سنڀال ڪري هميشہ عمل ۾ آڻيندو، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي، تہ آءٌ سندس بادشاهي هميشہ لاءِ قائم ڪندس.</verse>
				<verse number="8">تنهنڪري هاڻي ساري اسرائيل، يعني خداوند جي جماعت جي روبرو، ۽ اسان جي خدا جي حضور، اوهين خداوند پنهنجي خدا جي سڀني حڪمن کي مڃيو ۽ انهن جا طالب ٿيو: تہ اوهين هن سٺي ملڪ جا وارث ٿيو، ۽ انهيءَ کي پنهنجي اولاد جي لاءِ هميشہ واسطي ورثي ۾ ڇڏي وڃو.</verse>
				<verse number="9">۽ تون، اي منهنجا پٽ سليمان، پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ، ۽ پوريءَ دل ۽ روح جي خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر: ڇالاءِ جو خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو، ۽ هرڪو خيال جو اُٿي ٿو سو ڄاڻي ٿو: ۽ جي تون هن کي ڳوليندين تہ هو توکي ملندو: پر جي تون هن کي ڇڏي ڏيندين، تہ هو توکي هميشہ لاءِ رد ڪندو.</verse>
				<verse number="10">سو خبردار؛ ڇالاءِ جو خداوند توکي چونڊيو آهي، تہ هڪڙو گهر ۽ پاڪ مڪان ٺاهين: تنهنڪري همت جهل ۽ ائين ڪر.</verse>
				<verse number="11">تڏهن دائود پنهنجي پٽ سليمان کي هيڪل جي ورانڊي، ۽ انهيءَ جي گهرن، ۽ خزانن، ۽ بالاخانن، ۽ اندرين ڪوٺين، ۽ رحمت جي پوش جي گهر جو نمونو ڏنو:</verse>
				<verse number="12">۽ انهن سڀني شين، يعني خداوند جي گهر جي ورانڊي، ۽ آس پاس جي ڪوٺين، ۽ خداوند جي گهر جي خزانن، ۽ مخصوص ڪيل شين جي خزانن جو نمونو بہ ڏنو، جو هن کي روح جي وسيلي مليو هو:</verse>
				<verse number="13">۽ ڪاهنن ۽ لاوين جي ترتيب، ۽ خدا جي گهر جي عبادت جي سڀ ڪم، ۽ خداوند جي گهر جي عبادت جي سڀني ٿانوَن جو نمونو ڏنو:</verse>
				<verse number="14">يعني سون جي باسڻن جي واسطي سون توري، هر طرح جي خدمت جي سڀني باسڻن لاءِ؛ ۽ چانديءَ جي سڀني باسڻن جي واسطي چاندي توري، هر طرح جي خدمت جي سڀني باسڻن لاءِ:</verse>
				<verse number="15">۽ سون جي شمعدانن ۽ انهيءَ جي ڏيئن لاءِ، هڪ هڪ شمعدان واسطي ۽ ان جي ڏيئن واسطي سون توري ڏنو: ۽ چانديءَ جي شمعدانن جي لاءِ هڪ هڪ شمعدان واسطي ۽ انهيءَ جي ڏيئن لاءِ هرهڪ شمعدان جي ڪم موجب چاندي توري ڏني:</verse>
				<verse number="16">۽ نذر جي مانيءَ جي ميزن لاءِ هڪ هڪ ميز جي واسطي سون؛ ۽ چانديءَ جي ميزن لاءِ چاندي توري ڏني:</verse>
				<verse number="17">۽ گوشت جي ڪنڍن ۽ ڪٽورين ۽ پيالن لاءِ نج سون ڏنو: ۽ سونهري ڪٽورن لاءِ هڪ هڪ ڪٽوري لاءِ تور ڏني، ۽ چانديءَ جي پيالن لاءِ هڪ هڪ پيالي لاءِ تور ڏني:</verse>
				<verse number="18">۽ لوبان جي قربانگاهہ لاءِ نج سون توري ڏنو: ۽ رٿ جي نموني، يعني انهن ڪروبين جي لاءِ، جي پر کوليو خداوند جي عهدنامي جي صندوق کي ڍڪيندا هئا، تن لاءِ سون ڏنو:</verse>
				<verse number="19">۽ دائود چيو تہ اهي سڀيئي ڳالهيون، يعني انهيءَ نموني جو ڪم خداوند جي هٿان لکت جي وسيلي مون کي سمجهايو ويو.</verse>
				<verse number="20">۽ دائود پنهنجي پٽ سليمان کي چيو، تہ همت جهل ۽ حوصلي سان اهو ڪم ڪر: ڊڄ نہ، نڪي بي دل ٿيءُ: ڇالاءِ تہ خداوند خدا، يعني منهنجو خدا، تو ساڻ آهي؛ ۽ هو توکي نہ وساري ڇڏيندو نڪي توکي ڇڏي ڏيندو، جيستائين ڪ خداوند جي گهر جي خدمت جو سڄو ڪم پورو ٿئي.</verse>
				<verse number="21">۽ ڏس، ڪاهنن ۽ لاوين جي ترتيب، خداوند جي گهر جي سڄي خدمت جي لاءِ اها آهي: ۽ هر ڪنهن قسم جي خدمت جي لاءِ. ۽ سڀ ڪنهن ڪم ۾ جيڪو رضامند شخص ماهر آهي، سو خوشيءَ سان تنهنجو ساٿ ڏيندو: ۽ لشڪر جا سردار ۽ سڄي قوم تنهنجي حڪم هيٺ ٿيندي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="29">
				<verse number="1">۽ دائود بادشاهہ ساري جماعت کي چيو، تہ خدا فقط منهنجي پٽ سليمان کي چونڊيو آهي، ۽ هو اڃا ننڍو ۽ ڳڀرو آهي، ۽ ڪم تمام وڏو آهي: ڇالاءِ جو اهو محل اسان جي لاءِ نہ آهي، پر خداوند خدا جي لاءِ آهي.</verse>
				<verse number="2">هاڻي مون پنهنجي وت آهر پنهنجي خدا جي گهر جي واسطي سون جي شين لاءِ سون، چانديءَ جي شين لاءِ چاندي، پتل جي شين لاءِ پتل، لوهہ جي شين لاءِ لوهہ، ڪاٺ جي شين لاءِ ڪاٺ، عقيق، ۽ جڙيل پٿر، ۽ ميناڪاريءَ لاءِ رنگين پٿر، ۽ سڀ ڪنهن قسم جا قيمتي پٿر، ۽ گهڻو سنگ مرمر تيار ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="3">انهيءَ کان سواءِ وڌيڪ، ڇالاءِ جو مون کي خدا جي گهر جي لنؤ لڳي، ۽ مون وٽ سون ۽ چانديءَ جو خانگي خزانو آهي، تنهنڪري آءٌ انهيءَ کي بہ انهن سڀني شين کانسواءِ جي مون پاڪ گهر جي لاءِ تيار ڪيون آهن، سي پنهنجي خدا جي گهر لاءِ ڏيان ٿو؛</verse>
				<verse number="4">يعني هزار قنطار سون، جو اوفير جو سون آهي، ۽ ست هزار قنطار نج چاندي، گهر جي ڀتين تي مڙهڻ لاءِ:</verse>
				<verse number="5">۽ ڪاريگرن جي هٿ جي هر ڪنهن قسم جي ڪم لاءِ، سون جي شين لاءِ سون، ۽ چانديءَ جي شين لاءِ چاندي. هاڻي ڪير تيار آهي تہ خوشيءَ سان پنهنجو پاڻ کي اڄ خداوند جي لاءِ مخصوص ڪري؟</verse>
				<verse number="6">تڏهن اباڻي گهراڻن جي سردارن، ۽ اسرائيل جي فرقن جي سردارن، ۽ هزارن ۽ سوَن جي سردارن ۽ شاهي ڪم جي مقدمن پنهنجي رضامنديءَ سان؛</verse>
				<verse number="7">خدا جي گهر جي ڪم لاءِ پنج هزار قنطار ۽ ڏهہ هزار درهم سون، ڏهہ هزار قنطار چاندي، ارڙهن هزار قنطار پتل، ۽ هڪ لک قنطار لوهہ ڏنو.</verse>
				<verse number="8">۽ جن وٽ جواهر هئا تن انهن کي جيرسوني يحيئيل جي هٿ ۾ خداوند جي گهر جي خزاني لاءِ ڏنا،</verse>
				<verse number="9">تڏهن ماڻهن خوشيون ڪيون، جو رضامنديءَ سان ڏنائون، ڇالاءِ جو انهن پوريءَ دل سان ۽ رضامنديءَ سان خداوند جي لاءِ ٿي ڏنو: ۽ دائود بادشاهہ بہ ڏاڍو سرهو ٿيو.</verse>
				<verse number="10">انهيءَ ڪري دائود ساريءَ جماعت جي اڳيان خداوند کي دعا ڏني: ۽ دائود چيو، تہ اي خداوند، اسان جي پيءُ اسرائيل جا خدا، تون هميشہ لاءِ مبارڪ آهين.</verse>
				<verse number="11">اي خداوند، عظمت، ۽ قدرت، ۽ جلال، ۽ فتح ۽ حشمت تنهنجي آهي: ڇالاءِ جو جيڪي ڪجهہ آسمان ۽ زمين ۾ آهي سو تنهنجو آهي. اي خداوند، بادشاهي تنهنجي آهي، ۽ تون ئي سڀني جي مٿان بلند آهين.</verse>
				<verse number="12">دولت ۽ عزت تو وٽان آهي، ۽ تون سڀني تي حڪومت ڪرين ٿو؛ ۽ تنهنجي هٿ ۾ قدرت ۽ طاقت آهي؛ ۽ سرفراز ڪرڻ ۽ سڀ ڪنهن کي زور بخشڻ تنهنجي ئي هٿ ۾ آهي.</verse>
				<verse number="13">هاڻي تنهنڪري، اسان جا خدا، اسين تنهنجو شڪر ۽ تنهنجي جلالي نالي جي تعريف ٿا ڪريون.</verse>
				<verse number="14">پر آءٌ ڪير آهيان، ۽ منهنجي قوم ڪير آهي، جو اسين هن طرح رضامنديءَ سان نذرانو ڏيون؟ ڇالاءِ جو سڀ شيون تو وٽان آهن، ۽ تنهنجي ئي شين مان اسان توکي ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو اسين تنهنجي اڳيان پرديسي ۽ مسافر آهيون، جيئن اسان جا ابا ڏاڏا هئا: اسان جي عمر هن دنيا ۾ پاڇي وانگر آهي، ۽ جٽاءُ ڪونهي.</verse>
				<verse number="16">اي خداوند اسان جا خدا، هي سڄو انبار جو اسان تيار ڪيو آهي تہ تنهنجي پاڪ نالي جي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيون، سو تنهنجي ئي هٿان مليو آهي، ۽ سڀ ڪجهہ تنهنجو ئي آهي.</verse>
				<verse number="17">اي منهنجا خدا، آءٌ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ تون دل کي جاچين ٿو، ۽ سچائيءَ ۾ تنهنجي خوشي آهي. مون پنهنجي دل جي سچائيءَ سان هي سڀ شيون رضامنديءَ سان ڏنيون آهن: هاڻي مون کي، تنهنجي قوم جا هتي حاضر آهي، تنهن کي تنهنجي حضور ۾ رضامنديءَ سان ڏيندو ڏسي، ڏاڍي خوشي حاصل ٿي آهي.</verse>
				<verse number="18">اي خداوند، اسان جي ابن ڏاڏن جا خدا، يعني ابرهام، اسحاق، ۽ اسرائيل جا خدا، پنهنجي قوم جي دل جي خيال ۽ رويا ۾ اها ڳالهہ سدائين ڄمائي رک، ۽ سندن دل کي پنهنجي لاءِ تيار ڪر:</verse>
				<verse number="19">۽ منهنجي پٽ سليمان کي اهڙي ڪامل دل عطا ڪر، تہ تنهنجي حڪمن، شاهدين، ۽ قانونن جي سنڀال ڪري، ۽ انهن تي عمل ڪري، ۽ انهيءَ محل کي ٺاهي، جنهن جي لاءِ مون تياري ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="20">۽ دائود ساري جماعت کي چيو تہ، هاڻي خداوند پنهنجي خدا کي دعا ڏيو. ۽ ساريءَ جماعت خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي دعا ڏني ۽ سر جهڪائي، خداوند ۽ بادشاهہ جي اڳيان سجدو ڪيو.</verse>
				<verse number="21">۽ ٻئي ڏينهن خداوند جي لاءِ قربانيون ذبح ڪيائون، ۽ خداوند جي لاءِ سوختني قربانيون چاڙهيائون، يعني هڪ هزار ڏاند، ۽ هڪ هزار گهٽا، ۽ هڪ هزار گهيٽا، ۽ انهن سان پيئڻ جون قربانيون، ۽ ٻيون گهڻيئي قربانيون، سڄي اسرائيل لاءِ چاڙهيائون؛</verse>
				<verse number="22">۽ هو انهيءَ ڏينهن نهايت شادمان ٿيا، ۽ خداوند جي حضور کاڌائون پيتائون. ۽ ٻيو دفعو دائود جي پٽ سليمان کي بادشاهہ ڪري، ۽ خداوند جي طرفان پيشوا ڪري، ۽ صدوق کي ڪاهن ڪري مسح ڪيائون.</verse>
				<verse number="23">تڏهن سليمان خداوند جي تخت تي پنهنجي پيءُ دائود جي بدران بادشاهہ ٿي ويٺو، ۽ اقبالمند ٿيو؛ ۽ ساري اسرائيل سندس حڪم مڃيو.</verse>
				<verse number="24">۽ سڀ رئيس، ۽ بهادر مرد، ۽ انهيءَ طرح بادشاهہ دائود جا سڀيئي پٽ بہ، بادشاهہ سليمان جي تابع ٿيا.</verse>
				<verse number="25">۽ خداوند ساري اسرائيل جي نگاهہ ۾ سليمان کي نهايت سرفراز ڪيو، ۽ کيس اهڙو شاهاڻو شان بخشيائين، جهڙو کانئس اڳي اسرائيل ۾ ڪنهن بہ بادشاهہ کي نصيب نہ ٿيو هو.</verse>
				<verse number="26">هاڻي دائود بن يسي ساري اسرائيل تي بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="27">۽ ڪل عرصو جو هن اسرائيل تي بادشاهي ڪئي چاليهہ ورهيہ هو؛ يعني حبرون ۾ ست ورهيہ بادشاهي ڪيائين، ۽ يروشلم ۾ ٽيٽيهہ ورهيہ بادشاهي ڪيائين.</verse>
				<verse number="28">۽ هن ٻڍو ۽ عمر رسيدہ ٿي، دولت ۽ عزت سان آسودہ ٿي، وفات ڪئي: ۽ سندس پٽ سليمان سندس بدران بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="29">هاڻي دائود بادشاهہ جا ڪم، شروع کان وٺي آخر تائين، ڏس، سڀيئي سموئيل غيب دان جي تواريخ ۾، ۽ ناتن نبيءَ جي تواريخ ۾، ۽ جاد غيب دان جي تواريخ ۾؛</verse>
				<verse number="30">يعني سندس ساري حڪومت ۽ زور، ۽ جيڪو زمانو هن تي، ۽ اسرائيل تي، ۽ دنيا جي سڀني بادشاهن تي ٿي گذريو، سو سڀ لکيل آهي.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="14">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">۽ سليمان بن دائود پنهنجي بادشاهت ۾ مضبوط ٿيو، ۽ خداوند هن جو خدا ساڻس هو، ۽ هن کي تمام گهڻو وڌايائين.</verse>
				<verse number="2">۽ سليمان سڄي اسرائيل جي هزارن ۽ سوَن جي سردارن، ۽ قاضين ۽ رئيسن سان، جي ابن ڏاڏن جي گهراڻن جا سردار هئا، ڳالهيون ڪيون.</verse>
				<verse number="3">۽ سليمان سڄيءَ جماعت سميت جبعون جي مٿانهين جاءِ تي ويو؛ ڇالاءِ جو اتي خدا جي جماعت وارو تنبو لڳل هو، جو خدا جي ٻانهي موسيٰ بيابان ۾ ٺاهيو هو.</verse>
				<verse number="4">پر دائود خدا جي صندوق قريت يعريم مان انهيءَ جاءِ تي کڻي آيو هو، جا هن انهيءَ لاءِ تيار ڪئي هئي، ڇالاءِ جو هن انهيءَ لاءِ يروشلم ۾ هڪڙو تنبو هنيو هو.</verse>
				<verse number="5">پر پتل جو اُهو قربانگاهہ جو بضلي ايل بن اوري بن حور ٺاهيو هو، سو خداوند جي تنبوءَ جي اڳيان اتي هو؛ ۽ سليمان انهيءَ جماعت سميت اتي ويو.</verse>
				<verse number="6">۽ سليمان انهيءَ پتل جي قربانگاهہ وٽ آيو جو خداوند جي اڳيان جماعت جي تنبوءَ ۾ هو، ۽ انهي تي هڪ هزار سوختني قربانيون چاڙهيائين.</verse>
				<verse number="7">انهيءَ رات خدا سليمان کي ڏيکاري ڏني، ۽ چيائينس تہ جيڪي گهرين سو گهر تہ آءٌ توکي ڏيان.</verse>
				<verse number="8">۽ سليمان خدا کي چيو تہ تو منهنجي پيءُ دائود کي وڏي مهرباني ڏيکاري آهي، ۽ مون کي انهيءَ جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو اٿيئي.</verse>
				<verse number="9">هاڻي اي خداوند خدا، جيڪو عهد اقرار تو منهنجي پيءُ دائود سان ڪيو آهي سو شل قائم رهي: ڇالاءِ جو تو مون کي اهڙيءَ قوم جو بادشاهہ ڪيو آهي جا زمين جي مٽيءَ جهڙي بيشمار آهي.</verse>
				<verse number="10">هاڻي مون کي علم ۽ عقل ڏي تہ آءٌ ماڻهن جي اڳيان ٻاهر نڪري وڃان ۽ اندر اچان: ڇالاءِ جو تنهنجي قوم جا ههڙي وڏي آهي، تنهن جي ڪير عدالت ڪري سگهندو؟</verse>
				<verse number="11">۽ خدا سليمان کي چيو تہ جڏهن اها ڳالهہ تنهنجي دل ۾ هئي، ۽ تو مال ۽ دولت، ۽ عزت نہ گهري آهي، ۽ نہ پنهنجن دشمنن جي حياتي گهري اٿيئي، نڪي وڏي حياتي گهري اٿيئي؛ بلڪ پنهنجي لاءِ علم ۽ عقل گهريو اٿيئي، انهيءَ لاءِ تہ جنهن منهنجي قوم تي مون توکي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي، تنهن جي عدالت ڪرين:</verse>
				<verse number="12">تڏهن عقل ۽ علم توکي ڏنو ٿو وڃي؛ ۽ آءٌ توکي مال، ۽ دولت، ۽ عزت، اهڙي ڏيندس جهڙي توکان اڳي جي بادشاهہ ٿي گذريا آهن، تن مان ڪنهن کي نہ هئي، ۽ نہ توکان پوءِ ڪنهن کي اهڙي ملندي.</verse>
				<verse number="13">پوءِ سليمان جبعون واريءَ مٿانهين جاءِ تان جماعت جي تنبوءَ جي اڳيان هلي، يروشلم ۾ آيو؛ ۽ هو اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="14">۽ سليمان گاڏيون، ۽ گهوڙي سوار گڏ ڪيا: ۽ هن وٽ هڪ هزار چار سؤ گاڏيون، ۽ ٻارهن هزار گهوڙي سوار هئا، جي هن گاڏين وارن شهرن ۾، ۽ يروشلم ۾ بادشاهہ وٽ رکيا.</verse>
				<verse number="15">۽ بادشاهہ چاندي ۽ سون کي يروشلم ۾ پٿرن جهڙو عام ڪري ڇڏيو، ۽ سرو جي ڪاٺين کي اهڙو ڪيائين جهڙا گولر جا وڻ، جي هيٺانهين زمين ۾ بيشمار ٿيندا آهن.</verse>
				<verse number="16">۽ جيڪي گهوڙا سليمان وٽ هئا، سي مصر مان آندا ويا هئا؛ بادشاهہ جا سوداگر گلن جا گلا وٺي ايندا هئا، ۽ هرهڪ گلي جو ڌار ملهہ ڏيندا هئا.</verse>
				<verse number="17">۽ انهن مصر مان، چانديءَ جا ڇهہ سؤ شيڪل ڏيئي هڪڙي گاڏي آندي، ۽ ڏيڍ سؤ شيڪل ڏيئي هڪڙو گهوڙو آندو: ۽ انهيءَ طرح حتين جي سڀني بادشاهن، ۽ ارام جي بادشاهن جي لاءِ بہ اُهي خريد ڪري آندائون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">هاڻي سليمان ارادو ڪيو تہ هڪڙو گهر خداوند جي نالي لاءِ جوڙائي، ۽ هڪڙو گهر پنهنجي بادشاهت لاءِ.</verse>
				<verse number="2">۽ سليمان ستر هزار ماڻهو بار کڻڻ لاءِ، ۽ اسي هزار ماڻهو جبل ٽُڪڻ، ۽ ٽي هزار ۽ ڇهہ سؤ ماڻهو انهن تي نظر ڪرڻ لاءِ ڳڻي مقرر ڪيا.</verse>
				<verse number="3">۽ سليمان صور جي بادشاهہ حورام کي چوائي موڪليو تہ، جيئن تو منهنجي پيءُ دائود سان ڪيو، ۽ سندس رهڻ جي لاءِ گهر جوڙڻ جي واسطي ديودار جو ڪاٺ موڪليو، تيئن مون سان بہ ڪر.</verse>
				<verse number="4">ڏس آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي لاءِ هڪڙو گهر ٿو جوڙيان ۽ انهيءَ کي سندس لاءِ مخصوص ٿو ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ سندس اڳيان خوشبودار لوبان ساڙڻ ۾ اچي، ۽ هميشہ نذر جي ماني کڻڻ ۾ اچي، ۽ صبح سانجهيءَ، ۽ سبت جي ڏينهن تي، ۽ نئين چنڊ جي ڏينهن تي، ۽ خداوند اسان جي خدا جي ٺهرايل عيدن تي، سوختني قربانيون چاڙهڻ ۾ اچن. اهو اسرائيل جي لاءِ هميشہ جو قانون آهي.</verse>
				<verse number="5">۽ جيڪو گهر آءٌ جوڙيان ٿو سو وڏو آهي: ڇالاءِ جو اسان جو خدا سڀني معبودن کان وڏو آهي.</verse>
				<verse number="6">پر جڏهن آسمان، ۽ آسمانن جي آسمان ۾ بہ اهو سمائجي نٿو سگهي، تڏهن ڪير هن جي لاءِ گهر جوڙي ٿو سگهي؟ تڏهن آءٌ ڪير آهيان جو هن جي لاءِ گهر جوڙيان، سواءِ انهيءَ جي تہ هن جي اڳيان فقط لوبان ساڙيان؟</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري هاڻي هڪڙو اهڙو ماڻهو مون وٽ موڪل، جو سون، ۽ چاندي، ۽ پتل، ۽ لوهہ، ۽ واڱڻائي رنگ ۽ قرمزي، ۽ نيلي رنگ جي ڪم ۾ هوشيار هجي، ۽ هر قسم جو اُڪريل ڪم ڪري سگهي، ۽ جيڪي هنر وارا ماڻهو يهوداہ، ۽ يروشلم ۾ مون وٽ آهن، ۽ جي منهنجي پيءُ دائود گڏ ڪيا هئا، تن سان گڏ ڪم ڪري.</verse>
				<verse number="8">مون وٽ سرو جا وڻ، ۽ صنوبر جا وڻ، ۽ صندل جا وڻ، لبنان مان موڪلي ڏي: ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ تنهنجا نوڪر لبنان ۾، وڻن وڍڻ جو ڪم چڱو ٿا ڄاڻن؛ ۽ ڏس، منهنجا نوڪر تنهنجن نوڪرن سان گڏ رهندا،</verse>
				<verse number="9">انهيءَ لاءِ تہ منهنجي لاءِ تمام گهڻو ڪاٺ تيار ڪن: ڇالاءِ جو جيڪو گهر مون کي جوڙڻو آهي سو نهايت عاليشان ٿيندو.</verse>
				<verse number="10">۽ ڏس، جيڪي تنهنجا نوڪر ڪاٺين وارا هوندا، تن کي ويهہ هزار مڻ چٿيل ڪڻڪ جا، ۽ ويهہ هزار مڻ جوَن جا، ۽ ويهہ هزار مٽ شراب جا، ۽ ويهہ هزار مٽ تيل جا ڏيندس.</verse>
				<verse number="11">تڏهن صور جي بادشاهہ حورام، جواب ۾ سليمان کي لکي موڪليو تہ، خداوند پنهنجي قوم کي پيار ٿو ڪري، تنهنڪري هن توکي انهيءَ جو بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="12">حورام هيترو بہ وڌيڪ چيو تہ، خداوند اسرائيل جو خدا، شل برڪت وارو هجي، جنهن آسمان ۽ زمين کي جوڙيو، ۽ جنهن دائود بادشاهہ کي هڪ ڏاهو پٽ ڏنو آهي، جنهن کي ايترو هوش ۽ عقل عطا ڪيو اٿس جو هو خداوند جي لاءِ گهر، ۽ پنهنجي بادشاهت جي لاءِ گهر ٿو جوڙائي.</verse>
				<verse number="13">۽ هاڻي هڪڙو هنرمند سمجهہ وارو ماڻهو مون موڪليو آهي، جو منهنجي پيءُ حورام جو ماڻهو آهي،</verse>
				<verse number="14">۽ دان جي ڌيئرن مان هڪڙي زال جو پٽ آهي، جنهن جو پيءُ صور جو هڪڙو ماڻهو هو، ۽ اهو سون ۽ چاندي، ۽ پتل، ۽ لوهہ، ۽ پٿر ۽ ڪاٺ، ۽ واڱڻائي ۽ نيلي رنگ، ۽ ڪتاني ڪپڙي، ۽ قرمزيءَ جي ڪم ۾ هوشيار آهي؛ ۽ هر ڪنهن قسم جي اُڪر اُڪرڻ ۾، ۽ هر ڪنهن نئين نموني رٿڻ ۾ هوشيار آهي؛ انهيءَ کي تنهنجن هنرمند ماڻهن سان ۽ منهنجي ڌڻي دائود تنهنجي پيءُ جي هنرمند ماڻهن سان، گڏ ڪا جاءِ مقرر ڪري ڏيڻ ۾ اچي.</verse>
				<verse number="15">تنهنڪري هاڻي ڪڻڪ، ۽ جَوَ، تيل ۽ شراب، جنهن جو منهنجي ڌڻيءَ ذڪر ڪيو آهي، سو هو پنهنجن نوڪرن وٽ ڏياري موڪلي:</verse>
				<verse number="16">پوءِ اسين لبنان مان ايترو ڪاٺ وڍينداسين، جيترو تون گهرندين: ۽ اهو سمنڊ جي رستي ٻيڙين وانگر تاري، يافا تائين آڻينداسين؛ پوءِ اُهو تون اتان کڻائي يروشلم ۾ آڻج.</verse>
				<verse number="17">۽ سليمان انهن سڀني پرديسين جو شمار ڪرايو جي اسرائيل جي ملڪ ۾ هئا، جهڙيءَ طرح سندس پيءُ دائود انهن جو شمار ڪرايو هو؛ ۽ اهي هڪ لک ٽيونجاهہ هزار ڇهہ سؤ ٿيا.</verse>
				<verse number="18">۽ هن انهن مان ستر هزارن کي بار کڻڻ لاءِ مقرر ڪيو، ۽ اسي هزار جبلن ٽُڪڻ وارا مقرر ڪيائين، ۽ ٽي هزار ڇهہ سؤ انهن ماڻهن کان ڪم وٺڻ لاءِ، ۽ نظرداري ڪرڻ واسطي مقرر ڪيائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">تنهن کانپوءِ سليمان مورياہ جبل تي، يروشلم ۾ خداوند جو گهر جوڙائڻ شروع ڪيو، جتي خداوند هن جي پيءُ دائود کي ڏيکاري ڏني هئي، ۽ جنهن جي تياري هن انهيءَ جاءِ تي ڪئي، جا دائود ارنان يبوسيءَ جي ڳاهڻ واري پڙ ۾ مقرر ڪئي هئي.</verse>
				<verse number="2">۽ اهو گهر جوڙڻ جو ڪم هن پنهنجي بادشاهت جي چوٿين سال جي ٻئي مهيني جي ٻي تاريخ شروع ڪيو.</verse>
				<verse number="3">هاڻي خداوند جي گهر جي جوڙڻ لاءِ هي بنياد وڌا ويا. اڳئين ماپ موجب ڊيگهہ سٺ هٿ هئي، ۽ ويڪر ويهہ هٿ.</verse>
				<verse number="4">۽ جيڪو ورانڊو گهر جي اڳيان هو، تنهن جي ڊيگهہ، گهر جي ويڪر موجب، ويهہ هٿ هئي، ۽ اوچائي هڪ سؤ ويهہ هٿ: ۽ انهي کي اندران هن سون مڙهايو.</verse>
				<verse number="5">۽ وڏي گهر جي ڇت هن صنوبر جي ڪاٺ جي جوڙائي، جنهن تي هن عمدو سون مڙهايو، ۽ انهن تي کجين جا وڻ ۽ زنجير ڪڍرايائين.</verse>
				<verse number="6">۽ زينت جي لاءِ هن انهيءَ گهر کي قيمتي پٿر جَڙايا، ۽ سون بہ پروائم جو سون هو.</verse>
				<verse number="7">۽ هن گهر تي بہ، يعني ان جي ڪامن، ۽ چانئٺ، ۽ ڀتين، ۽ درن تي بہ، سون مڙهايو؛ ۽ ڀتين تي ڪروبي اُڪرايائين.</verse>
				<verse number="8">۽ هن تمام پاڪ گهر جوڙيو؛ جنهن جي ڊيگهہ، گهر جي ويڪر موجب ويهہ هٿ هئي، ۽ ويڪر ويهہ هٿ: ۽ انهيءَ تي هن عمدو سون ڇهہ سؤ قنطارن جيترو مڙهايو.</verse>
				<verse number="9">۽ ڪلين جي تور سون جا پنجاهہ شيڪل هئي، ۽ مٿين ڪوٺين کي هن سون مڙهايو.</verse>
				<verse number="10">۽ تمام پاڪ جاءِ ۾، هن ٻہ ڪروبي مورتن جي نموني تي ٺهرايا؛ ۽ انهن تي هنن سون مڙهيو.</verse>
				<verse number="11">۽ انهن ڪروبين جا پر ويهہ هٿ ڊگها هئا: هڪڙي ڪروبيءَ جو پر پنج هٿ هو، جو گهر جي ڀت تائين ٿي پهتو؛ ۽ ٻيو پر بہ پنج هٿ هو جو ٻئي ڪروبيءَ جي پر تائين ٿي پهتو.</verse>
				<verse number="12">۽ ٻئي ڪروبيءَ جو پر پنج هٿ هو، جو گهر جي ڀت تائين ٿي پهتو: ۽ ٻيو پر بہ پنج هٿ هو، جو ٻئي ڪروبيءَ جي پر سان وڃي ٿي گڏيو.</verse>
				<verse number="13">انهن ڪروبين جا پر پکيڙ ۾ ويهہ هٿ ٿي ٿيا: ۽ اهي پنهنجن پيرن تي بيٺل هئا، ۽ انهن جا منهن گهر ڏي هئا.</verse>
				<verse number="14">۽ هن پردو نيلي، ۽ واڱڻائي، ۽ قرمزي رنگ جو ۽ ڪتاني ڪپڙي جو جوڙيو، ۽ انهيءَ تي ڪروبي ڪڍيائين.</verse>
				<verse number="15">هن گهر جي اڳيان ٻہ ٿنڀ پنجٽيهن هٿن جا جوڙايا، ۽ انهن مان هرهڪ جي چوٽيءَ تي جيڪو ڇٽ هو سو پنج هٿ هو.</verse>
				<verse number="16">۽ هن پاڪ مڪان ۾ زنجير جوڙي انهن ٿنڀن جي چوٽين تي رکيا؛ ۽ هن هڪ سؤ ڏاڙهون جوڙائي، انهن زنجيرن تي وڌا.</verse>
				<verse number="17">هن اهي ٿنڀ هيڪل جي اڳيان کڙا ڪيا، ۽ هڪڙو سڄي هٿ پاسي، ٻيو کٻي هٿ پاسي، جيڪو سڄي پاسي هو تنهن تي ياڪين جو نالو رکيائين، ۽ جيڪو کٻي هو تنهن جو بوعز نالو رکيائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">انهيءَ کانسواءِ هن پتل جي هڪڙي قربانگاهہ جوڙي، جنهن جي ڊيگهہ ويهہ هٿ هئي، ۽ جنهن جي ويڪر بہ ويهہ هٿ هئي، ۽ جنهن جي اوچائي ڏهہ هٿ هئي.</verse>
				<verse number="2">هن پلٽيل حوض بہ جوڙيو، جو هڪڙي ڪَني کان ٻئي ڪَني تائين ڏهہ هٿ هو، ۽ پاسن کان گول هو، انهيءَ جي اوچائي پنج هٿ هئي؛ ۽ ان جي گولائي ٽيهہ هٿ هئي.</verse>
				<verse number="3">۽ انهيءَ جي هيٺان ڍڳن جون شڪليون هيون، جي انهيءَ کي ڏهہ هٿ چوڌاري ڦري ٿي آيون، ۽ حوض جي چوگرد هيون. ڍڳا ٻن قطارن ۾ هئا، جي پلٽڻ وقت پلٽيا ويا هئا.</verse>
				<verse number="4">اهو حوض ٻارهن ڍڳن تي بيٺل هو، ٽن اُتر ڏانهن پئي نهاريو، ۽ ٽن اُلهندي ڏانهن پئي نهاريو، ۽ ٽن ڏکڻ ڏانهن پئي نهاريو، ۽ ٽن اُڀرندي ڏانهن پئي نهاريو: ۽ انهن جي مٿان حوض رکيل هو، ۽ انهن جا ڌڙ، اندر تي هئا.</verse>
				<verse number="5">۽ اهو، ماڻهوءَ جي هٿ جيترو ٿلهو هو؛ ۽ انهيءَ جو ڪَنو پيالي جي ڪَني وانگر سوسن جي گل جي شڪل ۾ جڙيل هو: ۽ انهيءَ ۾ ٽي هزار بٿ سمائجي ويندا هئا.</verse>
				<verse number="6">هن ڏهہ چلمچيون بہ جوڙيون، پنج سڄي هٿ پاسي رکيائين، ۽ پنج کٻي هٿ پاسي، تہ انهن ۾ ڌوئڻ جو ڪم ٿئي، جيڪي شيون سوختني قربانيءَ سان واسطو رکنديون هيون، سي انهن ۾ ڌوپنديون هيون: پر خود اهو حوض ڪاهنن جي ڌوئڻ لاءِ هو.</verse>
				<verse number="7">۽ هن ڏهہ شمعدان سون جا، انهن جي نسبت ۾ ٺهرايل قانونن موجب جوڙيا؛ ۽ اهي هن هيڪل ۾ رکيا، پنج سڄي هٿ پاسي ۽ پنج کٻي هٿ پاسي.</verse>
				<verse number="8">۽ هن ڏهہ ميزون بہ جوڙيون، ۽ هيڪل ۾ رکيون، پنج سڄي هٿ پاسي، ۽ پنج کٻي هٿ پاسي. ۽ هن هڪ سؤ سون جون ٿالهيون جوڙيون.</verse>
				<verse number="9">تنهن کان سواءِ هن ڪاهنن جو ايوان، ۽ وڏو ايوان، ۽ ايوان لاءِ در جوڙيا، ۽ انهن جي درن تي پتل مڙهيائين.</verse>
				<verse number="10">۽ هن اهو سمنڊ، گهر جي سڄي هٿ پاسي، اُڀرندي ڏانهن، ڏکڻ جي لهہ تي رکيو.</verse>
				<verse number="11">۽ حورام ديڳيون، ۽ چمچا، ۽ ٿالهيون جوڙيون. انهيءَ طرح حورام خدا جي گهر ۾، سليمان بادشاهہ جي لاءِ جيڪو ڪم ٿيڻو هو، سو ڪري پورو ڪيو.</verse>
				<verse number="12">ٻہ ٿنڀ، ۽ ٻہ ڇٽ، جي ٿنڀن جي چوٽيءَ تي هئا؛ ۽ ٻہ ڄاريون ٿنڀن جي چوٽيءَ تي رکيل ڇٽن جي ٻن پيالن ڍڪڻ لاءِ؛</verse>
				<verse number="13">۽ چار سؤ ڏاڙهون انهن ٻن ڄارين لاءِ، ڏاڙهن جون ٻہ قطارون هرهڪ ڄاريءَ لاءِ، ۽ ٿنڀن تي بيٺل ڇٽن جي ٻن پيالن ڍڪڻ واسطي.</verse>
				<verse number="14">هن پاوا بہ جوڙيا، ۽ انهن پاون تي چلمچيون جوڙيائين؛</verse>
				<verse number="15">۽ هڪڙو حوض، ۽ انهيءَ جي هيٺان ٻارهن ڏاند.</verse>
				<verse number="16">ديڳيون، ۽ چمچا ۽ گوشت جا ڪنڍا، ۽ انهيءَ جا سڀ باسڻ، ان جي پيءُ حورام، خداوند جي گهر لاءِ سليمان بادشاهہ واسطي چمڪندڙ پتل جا جوڙيا.</verse>
				<verse number="17">يردن جي ميدان ۾، سڪات ۽ صريدا جي وچ ۾، چيڪي مٽيءَ واريءَ زمين منجهہ اهي بادشاهہ پلٽايا.</verse>
				<verse number="18">انهيءَ طرح سليمان اهي سڀ باسڻ بيشمار جوڙايا: ايترا جو پتل جي تور معلوم ٿي نہ سگهي.</verse>
				<verse number="19">۽ سليمان اهي سڀ باسڻ جوڙيا، جي خدا جي گهر ۾ هئا، يعني سوني قربانگاهہ، ۽ ميزون، جي نذر جي ماني رکڻ لاءِ هيون؛</verse>
				<verse number="20">۽ نج سون جا شمعدان، ڏيئن سميت، جي قاعدي موجب پاڪ جاءِ جي اڳيان ٻرڻ لاءِ هئا؛</verse>
				<verse number="21">۽ گل، ۽ ڏيئا، ۽ چمٽا سون جا، بلڪ خالص سون جا هئا؛</verse>
				<verse number="22">۽ ڦلن وڍڻ جون ڪينچيون ۽ ٿالهيون، ۽ چمچا، ۽ لوبان ساڙڻ جا باسڻ، سڀ نج سون جا هئا: ۽ گهر ۾ گهڙڻ جي جاءِ، يعني تمام پاڪ جاءِ جا اندريان دروازا، ۽ گهر جا دروازا يعني هيڪل جا دروازا سڀ سون جا هئا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">انهيءَ طرح جيڪو ڪم سليمان خداوند جي گهر لاءِ ٿي ڪيو سو پورو ٿيو. ۽ سليمان اهي شيون اندر آنديون، جي سندس پيءُ دائود وقف ڪيون هيون؛ يعني چاندي، ۽ سون، ۽ سڀ باسڻ، ۽ اهي هن خدا جي گهر جي خزانن ۾ رکيا.</verse>
				<verse number="2">تنهن کانپوءِ سليمان اسرائيل جا بزرگ، ۽ فرقن جا سڀ رئيس، بني اسرائيل جي ابن جي گهراڻن جا سردار، يروشلم ۾ گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق دائود جي شهر يعني صيئون مان کڻي يروشلم ۾ آڻين.</verse>
				<verse number="3">۽ اسرائيل جا سڀ ماڻهو، ستين مهيني ۾ جيڪا عيد هئي، تنهن تي بادشاهہ وٽ اچي گڏ ٿيا.</verse>
				<verse number="4">۽ اسرائيل جا سڀ بزرگ آيا، ۽ لاوين صندوق کنئي.</verse>
				<verse number="5">۽ هنن صندوق ۽ جماعت جو تنبو، ۽ تنبوءَ ۾ جيڪي پاڪ باسڻ هئا سي سڀ آندا؛ اهي ڪاهنن، يعني لاوين آندا.</verse>
				<verse number="6">۽ بادشاهہ سليمان، ۽ اسرائيل جي جماعت، جا هن وٽ گڏ ٿي هئي، سي سڀ صندوق جي اڳيان حاضر ٿيا، ۽ ايتريون رڍون ۽ ايترا ڏاند قرباني ڪيائون جي شمار کان ٻاهر هئا.</verse>
				<verse number="7">۽ ڪاهنن خداوند جي عهدنامي جي صندوق، گهر جي محراب ۾ تمام پاڪ مڪان ۾، يعني ڪروبين جي پرن هيٺ، پنهنجي جاءِ تي کڻي رکي.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو ڪروبي پنهنجا پر صندوق جي جاءِ جي مٿان پکيڙيو بيٺا هئا، ۽ ڪروبي صندوق مٿان انهي جي لٺين کي ڍڪيو بيٺا هئا.</verse>
				<verse number="9">۽ لٺيون ايڏيون ڊگهيون هيون جو انهن لٺين جون چهنبون، محراب جي اڳيان، صندوق تائين ڏسڻ ۾ پئي آيون؛ پر ٻاهران اهي ڏسڻ ۾ نہ ٿي آيون: ۽ اُها اڄ ڏينهن تائين اُتي آهي.</verse>
				<verse number="10">صندوق ۾ ٻيو ڪي بہ ڪين هو، سواءِ ٻن تختين جي، جي جڏهن خداوند بني اسرائيل جي مصر مان نڪرڻ مهل حورب ۾، ساڻن عهد اقرار ڪيو هو، تڏهن موسيٰ اتي رکيون هيون.</verse>
				<verse number="11">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ڪاهن پاڪ جاءِ مان نڪري آيا (ڇالاءِ جو جيڪي ڪاهن حاضر هئا تن پاڻ کي پاڪ ڪيو هو، ۽ پنهنجي واري موجب نہ آيا هئا؛</verse>
				<verse number="12">۽ لاوي، جي ڳائڻ وارا هئا، سي سڀ، يعني آسف، هيمان، ۽ يدوتون ۽ انهن جا پٽ ۽ انهن جا ڀائر بہ ڪتاني ڪپڙن ۾، جهانجهن، ۽ سنطورن ۽ بربطن سان، قربانگاهہ جي اُڀرندي واري ڇيڙي وٽ بيهي رهيا، ۽ انهن سان گڏ هڪ سؤ ويهن ڪاهنن قرنائون پئي وڄايون:)</verse>
				<verse number="13">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن قرنائن وڄائڻ وارا، ۽ ڳائڻ وارا، سڀ گڏجي هڪ ٿي خداوند جي شڪرگذاري ۽ تعريف ڪرڻ ۾ هڪڙو يڪو آواز ڪڍڻ لڳا؛ ۽ جڏهن هنن پنهنجو آواز قرنائن، ۽ جهانجهن، ۽ وڄائڻ جي سازن سان مٿي کنيو، ۽ خداوند جي تعريف ڪرڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا تہ، اهو چڱو آهي: ڇالاءِ جو هن جي رحمت هميشہ جٽاءَ واري آهي: تڏهن اهو گهر، يعني خداوند جو گهر هڪڙي ڪڪر سان ڀرجي ويو.</verse>
				<verse number="14">جنهنڪري ڪاهن انهيءَ ڪڪر جي سبب خدمت ڪرڻ لاءِ بيهي نہ سگهيا: ڇالاءِ جو خداوند جي جلال سان خدا جو گهر ڀرجي ويو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">تڏهن سليمان چوڻ لڳو تہ خداوند فرمايو آهي تہ آءٌ گهاٽي اونداهيءَ ۾ رهندس.</verse>
				<verse number="2">پر مون تنهنجي رهڻ لاءِ هڪڙو گهر جوڙيو آهي، ۽ هڪڙي اهڙي جاءِ جوڙي اٿم جتي تون هميشہ رهين.</verse>
				<verse number="3">پوءِ بادشاهہ پنهنجو منهن ڦيرائي اسرائيل جي سڄي جماعت کي دعا ڏني ۽ اسرائيل جي سڄي جماعت اُٿي بيٺي.</verse>
				<verse number="4">۽ هن چيو تہ شل خداوند اسرائيل جو خدا برڪت وارو هجي، جنهن منهنجي پيءُ دائود سان پنهنجي واتان ڳالهايو، ۽ پنهنجن هٿن سان اهو پورو ڪري ڏيکاريائين، ۽ چيائين تہ</verse>
				<verse number="5">جنهن ڏينهن مون پنهنجي قوم کي مصر جي زمين مان ڪڍي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اسرائيل جي فرقن منجهان مون ڪوبہ شهر پنهنجي گهر جوڙڻ لاءِ چونڊي نہ ڪڍيو، تہ منهنجو نالو اتي رهي؛ نڪي مون ڪو ماڻهو پنهنجي قوم اسرائيل تي بادشاهہ ٿيڻ لاءِ چونڊيو:</verse>
				<verse number="6">پر مون يروشلم پسند ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ منهنجو نالو اُتي رهي، ۽ دائود کي پسند ڪيو اٿم، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي قوم اسرائيل تي بادشاهہ ٿئي.</verse>
				<verse number="7">هاڻي منهنجي پيءُ دائود جي دل ۾ هو تہ خداوند، اسرائيل جي خدا جي نالي تي هڪڙو گهر جوڙي.</verse>
				<verse number="8">پر خداوند منهنجي پيءُ دائود کي چيو تہ جڏهن تنهنجي دل ۾ هو تہ منهنجي نالي تي هڪڙو گهر جوڙين، تڏهن جيڪو ارادو دل ۾ ڪيو اٿيئي سو چڱو آهي:</verse>
				<verse number="9">انهيءَ هوندي بہ تون اهو گهر نہ جوڙيندين؛ پر تنهنجو پٽ جو تنهنجي پٺ مان نڪرندو، اهو منهنجي نالي تي گهر جوڙيندو.</verse>
				<verse number="10">۽ خداوند جيڪو ڪلام ڪيو هو سو هن پورو ڪيو؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي پيءُ دائود جي جاءِ تي اُٿيو آهيان، ۽ اسرائيل جي تخت تي ويٺو آهيان، جيئن ڪ خداوند انجام ڪيو هو، ۽ خداوند، اسرائيل جي خدا جي نالي تي گهر جوڙيو اٿم.</verse>
				<verse number="11">انهيءَ هنڌ مون اُها صندوق رکي آهي جنهن ۾ خداوند جو عهد اقرار آهي، جو هن بني اسرائيل سان ڪيو.</verse>
				<verse number="12">پوءِ هو خداوند جي قربانگاهہ جي اڳيان اسرائيل جي سڄيءَ جماعت جي روبرو، اُٿي بيٺو ۽ پنهنجا هٿ مٿي کنيائين:</verse>
				<verse number="13">(ڇالاءِ جو سليمان هڪڙو پتل جو منبر، پنج هٿ ڊگهو، ۽ پنج هٿ ويڪرو، ۽ ٽي هٿ اوچو، جوڙيو هو، ۽ اُهو ايوان جي وچ ۾ رکيو هئائين؛ ۽ انهيءَ تي هو اُٿي بيٺو ۽ اسرائيل جي ساريءَ جماعت جي اڳيان هن گوڏا کوڙيا ۽ پنهنجا هٿ آسمان ڏانهن کنيائين)</verse>
				<verse number="14">۽ هن چيو تہ اي خداوند، اسرائيل جا خدا، تو جهڙو ٻيو خدا ڪونهي، نہ آسمان ۾ نہ زمين ۾؛ تون پنهنجن انهن ٻانهن سان عهد اقرار ۽ رحم قائم رکين ٿو جي پنهنجي سموريءَ دل سان تنهنجي اڳيان ٿا هلن:</verse>
				<verse number="15">تو منهنجي پيءُ، پنهنجي ٻانهي دائود سان جيڪو انجام ڪيو هو سو پورو ڪيو آهي: هائو، تو پنهنجي وات سان ڳالهايو ۽ پنهنجي هٿ سان اهو پورو ڪري ڏيکاريو، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.</verse>
				<verse number="16">تنهنڪري هاڻي اي خداوند، اسرائيل جا خدا، جيڪو انجام تو منهنجي پيءُ، پنهنجي ٻانهي دائود سان ڪيو آهي، سو پورو ڪر، جو چيو هوءِ تہ اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ منهنجي روبرو تو وٽ ماڻهو ڪونہ کٽندو؛ بشرطيڪ تنهنجو اولاد پنهنجي رستي جي سنڀال ڪندو، ۽ منهنجي شريعت تي هلندو، جيئن ڪ تون منهنجي اڳيان هليو آهين.</verse>
				<verse number="17">تنهنڪري هاڻي، اي خداوند، اسرائيل جا خدا، جيڪو ڪلام تو پنهنجي ٻانهي دائود سان ڪيو، سو ڀلي تہ سچو ٿئي.</verse>
				<verse number="18">پر خدا سچ پچ زمين تي ماڻهن سان گڏ رهندو ڇا؟ ڏس، تون آسمان ۽ آسمانن جي آسمان ۾ سمائجي نٿو سگهين: تڏهن هي گهر جيڪو مون جوڙيو آهي، تنهن ۾ ڀلا تون ڪيئن سمائجي سگهندين!</verse>
				<verse number="19">انهيءَ هوندي بہ اي خداوند منهنجا خدا، تون پنهنجي ٻانهي جي دعا، ۽ انهي جي زاريءَ کي مان ڏي، ۽ جيڪا دعا، ۽ فرياد تنهنجو ٻانهو تنهنجي حضور ۾ ڪري ٿو سا ٻڌ،</verse>
				<verse number="20">تہ تنهنجيون اکيون ڏينهن ۽ رات، هن گهر ڏانهن کليل رهن، يعني انهيءَ جاءِ ڏانهن جنهن جي نسبت ۾ تو چيو آهي تہ تون انهيءَ تي پنهنجو نالو رکندين؛ ۽ جيڪا دعا تنهنجو ٻانهو هن جاءِ ڏانهن ڪري سا ٻڌندين.</verse>
				<verse number="21">۽ تون پنهنجي ٻانهي جو، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جو عرض، جڏهن هو هن جاءِ ڏانهن ڪن تڏهن ٻڌج: هائو، پنهنجي رهڻ جي جاءِ مان، يعني آسمان مان ٻڌج؛ ۽ جڏهن ٻڌين تڏهن بخشج.</verse>
				<verse number="22">جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ جو گناهہ ڪري، ۽ هن تي زور رکيو وڃي تہ هو قسم کڻي، ۽ جڏهن هو اچي هن گهر ۾ تنهنجي قربانگاهہ جي اڳيان قسم کڻي:</verse>
				<verse number="23">تہ تون آسمان مان ٻڌج، ۽ ڪم ڪج ۽ پنهنجن ٻانهن جي عدالت ڪج، ۽ شرير کي بدلو ڏيئي سندس رستو خود سندس مٿي تي آڻج، ۽ سچار کي سچو ٺهرائي سندس سچائيءَ موجب اجر ڏج.</verse>
				<verse number="24">۽ جيڪڏهن تنهنجي قوم اسرائيل دشمن جي اڳيان شڪست کائي، هن ڪري جو اُنهيءَ تنهنجي برخلاف گناهہ ڪيو هجي؛ ۽ وري توبهہ ڪري تنهنجو نالو مڃي، ۽ هن گهر ۾ تنهنجي اڳيان دعا گهري ۽ فرياد زاري ڪري:</verse>
				<verse number="25">تہ تون آسمان مان ٻڌج، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جو گناهہ معاف ڪج، ۽ انهن کي وري انهيءَ زمين ۾ آڻج جا تو انهن کي ۽ انهن جي ابن ڏاڏن کي ڏني هئي.</verse>
				<verse number="26">جڏهن آسمان بند ٿي وڃي ۽ مينهن ڪونہ وسي، هن ڪري جو هنن تنهنجي برخلاف گناهہ ڪيو هجي؛ تڏهن جي هو هن جاءِ ڏانهن دعا گهرن، ۽ تنهنجو نالو مڃين، ۽ تنهنجي مٿن مصيبت وجهڻ ڪري، پنهنجي گناهہ کان توبهہ ڪن:</verse>
				<verse number="27">تہ تون آسمان ۾ ٻڌج، ۽ پنهنجن ٻانهن ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جو گناهہ معاف ڪج، ۽ انهيءَ وقت هنن کي ڪو چڱو رستو سيکارج تہ انهيءَ تي هلن، ۽ انهيءَ پنهنجي زمين تي مينهن موڪلج، جا تو ورثو ڪري پنهنجي قوم کي ڏني آهي.</verse>
				<verse number="28">جيڪڏهن انهيءَ زمين ۾ ڏڪار پوي، جي وبا پوي، جي جهولو يا رتي، مڪڙ يا سوٻٽ پون؛ جي دشمن انهن کي سندن شهرن جي زمين ۾ گهيرو ڪن؛ ڪهڙو بہ طاعون يا ڪهڙو بہ مرض هجي؛</verse>
				<verse number="29">ڪهڙي بہ دعا يا دانهن ڪو هڪڙو ماڻهو، يا تنهنجي ساري اسرائيل قوم ڪري، جن مان سڀ ڪو پنهنجو پنهنجو مرض، ۽ پنهنجو پنهنجو ڏک معلوم ڪري، ۽ پنهنجا هٿ هن گهر ڏانهن کڻي:</verse>
				<verse number="30">تہ تون آسمان ۾ پنهنجي رهڻ واريءَ جاءِ مان ٻڌج ۽ بخشج، ۽ هرهڪ ماڻهوءَ کي سندس سڀني رستن موجب بدلو ڏج، جو انهي جي دل جي توکي خبر آهي؛ (ڇالاءِ جو فقط تون بني آدم جون دليون سڃاڻين ۽ ڄاڻين ٿو؛)</verse>
				<verse number="31">تہ ڀلي هو تو کان ڊڄن، ۽ جيڪا زمين تو اسان جي ابن ڏاڏن کي ڏني، تنهن ۾ جيستائين هو جيئرا رهن تيستائين هو تنهنجن رستن تي هلن.</verse>
				<verse number="32">تنهن کانسواءِ جيڪو پرديسي تنهنجي قوم اسرائيل منجهان ناهي، سو جڏهن ڪنهن پرانهين ملڪ مان، تنهنجي وڏي نالي لاءِ، ۽ تنهنجي ڊگهيريل ٻانهن لاءِ اچي؛ ۽ اچي هن گهر ڏانهن دعا گهري:</verse>
				<verse number="33">تڏهن تون آسمان مان، يعني پنهنجي رهڻ جي جاءِ مان ٻڌج، ۽ جنهن ڪم لاءِ اهو پرديسي توکي سڏي، اهو سندس ڪم پورو ڪج؛ تہ ڀلي زمين جون سڀ قومون، تنهنجو نالو سڃاڻن ۽ توکان ڊڄن، جيئن ڪ تنهنجي قوم اسرائيل ڪري ٿي، ۽ ڀلي تہ هو ڄاڻن تہ هي گهر جيڪو مون جوڙيو آهي، سو تنهنجي نالي سان ٿو سڏجي.</verse>
				<verse number="34">جيڪڏهن تنهنجي قوم پنهنجن دشمنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري وڃي، تہ جنهن رستي تان تون هنن کي موڪليندين، ۽ هي شهر جو تو پسند ڪيو آهي، ۽ جيڪو گهر مون تنهنجي نالي تي جوڙيو آهي، تنهن ڏانهن منهن ڪري توکان دعا گهرن:</verse>
				<verse number="35">تہ هنن جي دعا ۽ هنن جو عرض آسمان مان ٻڌج ۽ انهن جو انصاف ڪج.</verse>
				<verse number="36">جيڪڏهن هو تنهنجي برخلاف گناهہ ڪن (ڇالاءِ جو اهڙو ڪوبہ انسان ڪونهي جو گناهہ نہ ٿو ڪري) ۽ تون انهن تي ڪاوڙجين، ۽ انهن کي دشمنن جي حوالي ڪرين ۽ هو انهن کي قيد ڪري ڪنهن ويجهي يا پرانهينءَ جاءِ ۾ وٺي وڃن؛</verse>
				<verse number="37">تہ جي انهيءَ هوندي بہ هو جنهن زمين ۾ قيد ٿي کڄي ويا هجن، انهيءَ ۾ پاڻ سنڀالين، ۽ توبهہ ڪن، ۽ پنهنجي قيد ٿيڻ واري زمين ۾ توکي عرض ڪن، ۽ چون تہ اسان گناهہ ڪيو آهي، ۽ ڏنگو ڪم ڪيو آهي، ۽ شرارت سان هليا آهيون؛</verse>
				<verse number="38">جيڪڏهن هو پنهنجيءَ سموري دل سان، ۽ پنهنجيءَ سموري جان سان، انهيءَ قيد ٿي کڄي وڃڻ واري زمين ۾ تو ڏانهن موٽن، ۽ جيڪا زمين تو اسان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي، ۽ جيڪو شهر تو پسند ڪيو آهي، ۽ جيڪو گهر مون تنهنجي نالي تي جوڙيو آهي، تنهن ڏانهن دعا گهرن:</verse>
				<verse number="39">تہ تون آسمان مان، يعني پنهنجي رهڻ واري جاءِ مان، هنن جي دعا ۽ هنن جو عرض ٻڌج، ۽ انهن جو انصاف ڪج؛ ۽ تنهنجي قوم جنهن تنهنجي برخلاف گناهہ ڪيو آهي، تنهن کي معافي ڏج.</verse>
				<verse number="40">هاڻي اي منهنجا خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ تنهنجون اکيون کليل رهن ۽ جيڪا دعا هن گهر ۾ گهرڻ ۾ ٿي اچي، تنهن ڏانهن تون ڌيان ڪري پنهنجو ڪن ڏج.</verse>
				<verse number="41">تنهنڪري هاڻي اي خداوند خدا، تون پنهنجي طاقت جي صندوق سميت اُٿي پنهنجي آرامگاهہ ۾ اچ: اي خداوند خدا، ڀلي تہ تنهنجا ڪاهن نجات جي پوشاڪ ڍڪين، ۽ تنهنجا پاڪ ٻانها چڱائيءَ جي ڪري خوشيون ڪن.</verse>
				<verse number="42">اي خداوند خدا، پنهنجي مسح ڪيل جي دعا رد نہ ڪر: پنهنجي ٻانهي دائود تي ڪيل مهربانيون ياد ڪر.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">هاڻي جڏهن سليمان دعا گهري بس ڪئي، تڏهن آسمان مان باهہ هيٺ لهي آئي ۽ سوختني قرباني ۽ ٻيون قربانيون ساڙي ڇڏيائين؛ ۽ خداوند جي جلال گهر کي ڀري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="2">۽ ڪاهن خداوند جي گهر ۾ گهڙي نہ سگهيا، ڇالاءِ جو خداوند جي جلال گهر کي ڀري ڇڏيو هو.</verse>
				<verse number="3">۽ سڀني اسرائيلين ڏٺو تہ باهہ لهي آئي آهي ۽ خداوند جو جلال گهر جي مٿان آهي؛ ۽ هنن هيٺ زمين جي فرش تي منهن رکي سجدو ڪيو، ۽ خداوند جي شڪرگذاري ادا ڪيائون، ۽ چيائون تہ هو چڱو آهي، ڇالاءِ جو هن جي رحمت هميشہ جٽاءُ ڪندڙ آهي.</verse>
				<verse number="4">تڏهن بادشاهہ ۽ سڄي قوم خداوند جي اڳيان قرباني ادا ڪئي،</verse>
				<verse number="5">۽ سليمان بادشاهہ ٻاويهہ هزار ڏاند، ۽ هڪ سؤ ويهہ هزار رڍون قربان ڪيون. انهيءَ طرح بادشاهہ ۽ سڄي قوم خدا جي گهر کي مخصوص ڪيو.</verse>
				<verse number="6">۽ ڪاهن پنهنجن عهدن موافق بيهي رهيا؛ لاوي بہ خداوند جي انهن وڄائڻ جي سازن سان بيهي رهيا، جي دائود بادشاهہ خداوند جي شڪر بجا آڻڻ لاءِ جوڙيا هئا، ڇالاءِ جو هن جي رحمت هميشہ جٽاءُ ڪندڙ آهي، ۽ دائود انهن جي وسيلي تعريف ادا ڪئي هئي: ۽ ڪاهنن انهن جي اڳيان قرنائون وڄايون، ۽ سڀ اسرائيل اُٿي بيهي رهيا.</verse>
				<verse number="7">تنهن کانسواءِ جيڪو ايوان خداوند جي گهر جي اڳيان هو، تنهن جو وچ سليمان پاڪ ڪيو؛ ڇالاءِ جو اتي هن سوختني قربانيون ادا ڪيون، ۽ سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي بہ: ڇالاءِ جو جيڪا پتل جي قربانگاهہ سليمان جوڙي هئي، تنهن تي سوختني قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني ۽ چرٻي، اهي سڀ ماپي نہ ٿي سگهيون.</verse>
				<verse number="8">پوءِ سليمان انهيءَ وقت ست ڏينهن عيد ڪئي ۽ ساڻس گڏ سڄي اسرائيلي قوم جا هڪڙي وڏي جماعت هئي، حمات جي گهڙڻ جي جاءِ کان وٺي مصر جي نديءَ تائين شامل هئي.</verse>
				<verse number="9">۽ اٺين ڏينهن هنن هڪڙي پاڪ مجلس گڏ ڪئي: ڇالاءِ جو هنن قربانگاهہ جي پاڪ ڪرڻ جي خوشي، ست ڏينهن ملهائي ۽ عيد بہ ست ڏينهن ڪئي.</verse>
				<verse number="10">۽ ستين مهيني جي ٽيويهين تاريخ هن ماڻهن کي پنهنجن تنبن ڏانهن ڏياري موڪليو، ۽ هو انهيءَ چڱائيءَ جي ڪري خوش ٿي دل جي راضپي سان هليا ويا، جا خداوند دائود، ۽ سليمان ۽ پنهنجي قوم اسرائيل کي ڏيکاري هئي.</verse>
				<verse number="11">انهيءَ طرح سليمان خداوند جو گهر، ۽ بادشاهہ جو گهر پورو ڪيو؛ ۽ جيڪي سليمان جي دل ۾ آيو تہ خداوند جي گهر ۾، ۽ خود پنهنجي گهر ۾ ڪري، سو هن فتحيابيءَ سان پورو ڪيو.</verse>
				<verse number="12">۽ رات جو خداوند سليمان کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي ۽ هيءَ جاءِ پنهنجي قربانيءَ جي گهر لاءِ پسند ڪئي اٿم.</verse>
				<verse number="13">جيڪڏهن آءٌ آسمان کي بند ڪندس، ۽ مينهن نہ وسندو، يا جيڪڏهن آءٌ مڪڙن کي حڪم ڏيندس تہ زمين ڳهي وڃن، يا جيڪڏهن آءٌ پنهنجي قوم ۾ وبا موڪليندس؛</verse>
				<verse number="14">۽ منهنجي قوم جا منهنجي نالي پٺيان ٿي سڏجي، سا جيڪڏهن عاجزيءَ سان دعا گهرندي، ۽ منهنجي منهن جي طلب رکندي، ۽ پنهنجي شرارت جي رستن کان موٽندي، تہ آءٌ آسمان مان ٻڌندس، ۽ انهن جو گناهہ معاف ڪندس، ۽ انهن جي زمين کي شفا بخشيندس.</verse>
				<verse number="15">هاڻي منهنجون اکيون کليل رهنديون، ۽ منهنجا ڪن اُها دعا ٻڌندا جا هن هنڌ ڪرڻ ۾ ايندي.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو مون هاڻي هي گهر پسند ۽ پاڪ ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجو نالو انهيءَ ۾ هميشہ لاءِ قائم رهي: ۽ منهنجون اکيون ۽ منهنجي دل سدائين اتي هوندي.</verse>
				<verse number="17">باقي تون، سو جيڪڏهن منهنجي اڳيان ائين هلندين، جيئن تنهنجو پيءُ دائود هلندو هو، ۽ ائين ڪندين جيئن مون توکي حڪم ڏنو آهي، ۽ منهنجن قاعدن ۽ فيصلن جي سنڀال رکندين؛</verse>
				<verse number="18">تہ آءٌ تنهنجي بادشاهيءَ جو تخت قائم ڪندس، جيئن ڪ مون تنهنجي پيءُ دائود سان عهد اقرار ڪيو هو: ۽ چيوهومانس تہ تنهنجي نسل مان اسرائيل ۾ حاڪم ٿيڻ لاءِ ماڻهو ڪونہ کٽندو.</verse>
				<verse number="19">پر جي اوهين ٻئي پاسي ڦرندا، ۽ منهنجا قاعدا ۽ حڪم ڇڏي ڏيندا، جي مون اوهان جي اڳيان رکيا آهن ۽ وڃي ٻين معبودن جي بندگي ڪندا ۽ انهن کي سجدو ڏيندا:</verse>
				<verse number="20">تہ جيڪا زمين مون هنن کي ڏني آهي تنهن مان، آءٌ هنن جون پاڙون پٽي ڪڍندس ۽ هيءُ گهر، جو مون پنهنجي نالي لاءِ پاڪ ڪيو آهي سو آءٌ پنهنجي نظر کان پاسي ڪري ڇڏيندس، ۽ انهن کي سڀني قومن ۾ ضرب المثل ۽ هڪڙو مثال ڪري ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="21">۽ هي گهر جو اهڙو اُتانهون آهي، تنهن کي ڏسي جيڪو لنگهندو سو عجب ۾ پوندو ۽ چوندو تہ ڇالاءِ خداوند هن ملڪ سان، ۽ هن گهر سان هيئن ڪيو آهي؟</verse>
				<verse number="22">۽ هو ورندي ڏيندا تہ هن ڪري جو هنن خداوند، پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو، جنهن هنن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ ٻيا معبود هٿ ڪيائون، ۽ انهن کي سجدو ڏنائون، ۽ انهن جي بندگي ڪيائون: تنهنڪري هن هيءَ سڀ خرابي هنن تي آندي آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">۽ ويهہ ورهيہ، جن ۾ سليمان خداوند جو گهر ۽ پنهنجو گهر جوڙيو، تن جي پوري ٿيڻ تي هيئن ٿيو تہ</verse>
				<verse number="2">جيڪي شهر سليمان حورام کي ڏنا هئا، سي سليمان اڏايا ۽ بني اسرائيل کي اُتي رهايائين.</verse>
				<verse number="3">۽ سليمان حمات ضوباہ ڏانهن ويو ۽ انهن کي جيتيائين.</verse>
				<verse number="4">۽ هن بيابان ۾ تدمور اڏايو، ۽ گدامن جا سڀ شهر حمات ۾ جوڙايائين.</verse>
				<verse number="5">۽ هن مٿيون بيت حورون، ۽ هيٺيون بيت حورون بہ جوڙيا، جي ڪوٽن وارا شهر هئا، ۽ اُنهن کي ڀتيون، ۽ دروازا، ۽ گز هئا؛</verse>
				<verse number="6">۽ بعلت بہ، ۽ جيڪي گدامن جا شهر سليمان وٽ هئا، ۽ سندس گاڏين جا سڀ شهر، ۽ سندس گهوڙي سوارن جا شهر، ۽ ٻيو جيڪي سليمان يروشلم ۾، ۽ لبنان ۾، ۽ پنهنجي بادشاهت جي سڄيءَ زمين ۾، پنهنجي خوشيءَ لاءِ جيڪي وڻيس سو جوڙيو.</verse>
				<verse number="7">باقي جيڪي ماڻهو حتين ۽ امورين، ۽ فريزين، ۽ حوين، ۽ يبوسين مان بچيا هئا، جي اسرائيل مان نہ هئا؛</verse>
				<verse number="8">انهن جي اولاد مان جيڪي انهن جي زمين ۾ رهجي ويا، ۽ جن کي بني اسرائيل ماري کپائي نہ ڇڏيو هو، تن مان سليمان غلامن جي ڀرتي ڪئي، جي اڄ ڏينهن تائين هلندا اچن.</verse>
				<verse number="9">پر بني اسرائيل مان سليمان پنهنجي ڪم لاءِ ڪي بہ غلام نہ بنايا؛ پر اهي جنگي ماڻهو ۽ سندس خاص سردار، ۽ سندس گاڏين ۽ گهوڙي سوارن جا سردار هئا.</verse>
				<verse number="10">۽ اُهي سليمان بادشاهہ جا مکيہ عملدار هئا، جي ٻہ سؤ پنجاهہ هئا، ۽ ماڻهن تي حڪم هلائيندا هئا.</verse>
				<verse number="11">۽ سليمان فرعون جي ڌيءَ کي، دائود جي شهر مان ڪڍي انهيءَ گهر ۾ آندو، جو هن سندس لاءِ جوڙايو هو. ڇالاءِ تہ هن چيو تہ منهنجي زال اسرائيل جي بادشاهہ دائود جي گهر ۾ نہ رهندي، ڇالاءِ جو جن جاين ۾ خداوند جي صندوق آئي آهي، سي پاڪ آهن.</verse>
				<verse number="12">تنهن کانپوءِ سليمان جيڪا خداوند جي قربانگاهہ دالان جي اڳيان جوڙي هئي، تنهن تي سوختني قربانيون چاڙهيون،</verse>
				<verse number="13">يعني روزمرہ جي فرض موجب، موسيٰ جي حڪمن موافق، سبت جي ڏينهن تي، ۽ نئين چنڊ تي، ۽ ٺهرايل عيدن تي، سال ۾ ٽي ڀيرا، يعني اڻ خمير ٿيل مانيءَ جي عيد تي، ۽ هفتن جي عيد تي، ۽ تنبن جي عيد تي، قربانيون چاڙهيون.</verse>
				<verse number="14">۽ پنهنجي پيءُ دائود جي حڪم موجب ڪاهنن جا حصا واري سان خدمت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيائين، ۽ لاوين کي پنهنجي فرضي ڪمن تي رکيائين تہ تعريف ڪن، ۽ ڪاهنن جي اڳيان خدمت چاڪري ڪن، جيئن ڪ روزمرہ جو دستور هو: دربانن کي بہ سڀني درن تي دستور موجب مقرر ڪيائين: ڇالاءِ جو خدا جي مرد دائود ائين حڪم ڪيو هو.</verse>
				<verse number="15">۽ جيڪو حڪم بادشاهہ ڪاهنن، ۽ لاوين کي ڪنهن بہ ڳالهہ بابت يا خزانن بابت ڏنو هو، تنهن کان هو ٻاهر نہ ويا.</verse>
				<verse number="16">هاڻي سليمان جو ڪم خداوند جي گهر جي بنياد پوڻ ۽ ان جي پوري ٿيڻ تائين پورو ٿيو. انهيءَ طرح خداوند جو گهر جُڙي تيار ٿيو.</verse>
				<verse number="17">پوءِ سليمان عيصون جابر ۽ ايلوت، جي ادوم جي ملڪ ۾ سمنڊ جي ڪناري تي آهن، انهن ڏانهن ويو.</verse>
				<verse number="18">۽ حورام پنهنجن نوڪرن جي هٿان جهاز ۽ اهي نوڪر موڪليا، جن کي سمنڊ جي خبر هئي: ۽ اهي سليمان جي نوڪرن سان گڏجي اوفير ۾ آيا، ۽ اتان ساڍا چار سؤ قنطار سون جا کڻي سليمان بادشاهہ وٽ آيا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">جڏهن سبا جي راڻيءَ سليمان جي ناموس ٻڌي، تڏهن هوءَ مشڪل سوالن سان سليمان جي امتحان وٺڻ لاءِ يروشلم ۾ آئي، ۽ ساڻس وڏو ساٿ هو، يعني مصالحن کڻڻ وارا اُٺ، ۽ نهايت گهڻو سون، ۽ قيمتي جواهر هئا؛ ۽ جڏهن هوءَ سليمان وٽ آئي تڏهن جيڪي دل ۾ هوس سو هن کي بيان ڪري ٻڌايائين.</verse>
				<verse number="2">۽ سليمان هن جي سوالن جا جواب ڏنا: ۽ سليمان کان ڪابہ اهڙي ڳجهي شيءِ ڪانہ رهي، جا هن کي نہ ٻڌايائين.</verse>
				<verse number="3">۽ جڏهن سبا جي راڻيءَ سليمان جي ڏاهپ، ۽ جيڪو گهر جوڙيو هئائين سو ڏٺو،</verse>
				<verse number="4">۽ هن جي دسترخاني جو طعام، ۽ هن جي نوڪرن جي ويهڻ جو دستور، ۽ هن جي خدمتگارن جي حاضر رهڻ جو دستور، ۽ انهن جي پوشاڪ، هن جا پيالي بردار ۽ انهن جي پوشاڪ، ۽ هن جي ڏاڪڻ جنهن سان خداوند جي گهر ۾ چڙهي ويندو هو، سا ڏٺائين؛ تڏهن سندس هوش حواس گم ٿي ويو.</verse>
				<verse number="5">۽ هن بادشاهہ کي چيو تہ جيڪي مون تنهنجن ڪمن ۽ تنهنجي ڏاهپ جو پنهنجي ملڪ ۾ ٻڌو هو سو سڀ سچ هو.</verse>
				<verse number="6">انهيءَ هوندي بہ مون ماڻهن جي ڳالهہ تي اعتبار نہ ٿي ڪيو جيستائين آءٌ پاڻ نہ آيس، ۽ پنهنجين اکين سان نہ ڏٺم: ۽ ڏس، مون کي تنهنجي ڏاهپ جو اڌ بہ هنن نہ ٻڌايو هو: جيڪا ناموس مون ٻڌي هئي تنهن کان تون گهڻو وڌيڪ آهين.</verse>
				<verse number="7">سڀاڳا آهن تنهنجا ماڻهو، ۽ سڀاڳا آهن هي تنهنجا نوڪر، جي سدائين تنهنجي اڳيان بيهن ٿا ۽ تنهنجي ڏاهپ ٻڌن ٿا.</verse>
				<verse number="8">خداوند تنهنجو خدا شل برڪت وارو هجي جنهن تو مان راضي ٿي توکي پنهنجي تخت تي ويهاريو آهي، تہ تون خداوند پنهنجي خدا جي طرفان بادشاهہ ٿين: ڇالاءِ جو تنهنجي خدا جي اسرائيل سان محبت هئي جو انهن کي هميشہ لاءِ قائم ڪيائين؛ تنهنڪري هن توکي انهن تي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي تہ انهن جو انصاف ۽ عدالت ڪندو رهين.</verse>
				<verse number="9">پوءِ ملڪہ بادشاهہ کي هڪ سؤ ويهہ قنطار سون جا، ۽ بي انداز مصالحا، ۽ قيمتي جواهر ڏنا: جهڙا مصالحا سبا جي ملڪہ سليمان بادشاهہ کي ڏنا، تهڙا ڪٿي ڪين هئا.</verse>
				<verse number="10">۽ حورام جي نوڪرن ۽ سليمان جي نوڪرن، جن اوفير مان سون آندو هو، تن چندن جا ڪاٺ ۽ قيمتي پٿر بہ آندا.</verse>
				<verse number="11">۽ بادشاهہ چندن جي ڪاٺ مان خداوند جي گهر جي لاءِ، ۽ بادشاهہ جي گهر جي لاءِ ڪٽهڙا جوڙيا، ۽ ڳائڻ وارن لاءِ بربط ۽ سنطور: اهڙا يهوداہ جي ملڪ ۾ اڳي ڪڏهن نہ ڏٺا ويا هئا.</verse>
				<verse number="12">۽ سليمان بادشاهہ سبا جي ملڪہ کي جيڪي هن چاهيو ۽ گهريو سو ڏنائين، سواءِ انهيءَ جي جيڪي هن پاڻ بادشاهہ لاءِ آندو هو سو. پوءِ هوءَ موٽي پنهنجن نوڪرن سميت پنهنجي ملڪ ڏانهن ويئي.</verse>
				<verse number="13">هاڻي هڪڙي ورهيہ جي اندر جيڪو سون سليمان وٽ آيو، سو وزن ۾ ڇهہ سؤ ڇاهٺ قنطار ٿيو؛</verse>
				<verse number="14">انهيءَ کانسواءِ جيڪو گهورڙن ۽ سوداگرن آندو: ۽ عربستان جي سڀني بادشاهن ۽ ملڪ جي حاڪمن سون ۽ چاندي سليمان وٽ آندي.</verse>
				<verse number="15">۽ سليمان بادشاهہ ڪُٽيل سون جون ٻہ سؤ وڏيون سپرون جوڙايون: هرهڪ سپر تي ڪُٽيل سون جا ڇهہ سؤ شيڪل لڳا.</verse>
				<verse number="16">۽ هن ٽي سؤ ڍالون ڪُٽيل سون جون جوڙايون؛ هرهڪ ڍال تي سون جا ٽي سؤ شيڪل لڳا: ۽ اُهي بادشاهہ لبنان جي ٻيلي واري گهر ۾ رکيون.</verse>
				<verse number="17">تنهن کانسواءِ بادشاهہ عاج جو هڪڙو وڏو تخت ٺهرايو ۽ اُنهيءَ تي خالص سون مڙهايائين.</verse>
				<verse number="18">۽ اُنهيءَ تخت تي پير رکڻ جي سوني صندليءَ سميت ڇهہ ڏاڪا هئا، جي تخت سان ڳنڍيل هئا، ۽ ويهڻ جي جاءِ جي ٻنهي پاسن کان ٽيڪون هيون، ۽ ٽيڪن جي ڀرسان ٻہ شينهن بيٺل هئا.</verse>
				<verse number="19">۽ اُنهن ڇهن ڏاڪن تي هڪڙي پاسي بہ ۽ ٻئي پاسي بہ ٻارهن شينهن بيٺل هئا: انهيءَ جهڙو ڪنهن بہ بادشاهت ۾ ٻيو ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="20">۽ بادشاهہ سليمان جا سڀ پيئڻ جا باسڻ سون جا هئا، ۽ لبنان جي ٻيلي واري گهر جا سڀ باسڻ نج سون جا هئا: سليمان جي ڏينهن ۾ چاندي ليکي ۾ ئي ڪين ايندي هئي.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو بادشاهہ وٽ جهاز هوندا هئا، جي حورام جي نوڪرن سان گڏجي ترسيس ڏانهن ويندا هئا: ٽن سالن ۾ هڪڙو ڀيرو ترسيس جا جهاز ايندا هئا، ۽ سون، ۽ چاندي، عاج، ۽ باندر، ۽ مور آڻيندا هئا.</verse>
				<verse number="22">اهڙيءَ طرح سليمان دولت ۽ حڪمت ۾ زمين جي سڀني بادشاهن کان ڪسر کڻي ويو.</verse>
				<verse number="23">۽ زمين جا سڀ بادشاهہ اهو شوق رکندا هئا تہ سليمان وٽ حاضر رهي هن جي ڏاهپ ٻڌن، جا خدا هن جي دل ۾ وڌي هئي.</verse>
				<verse number="24">۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجو نذرانو ٿي آندو، چانديءَ جا باسڻ، سون جا باسڻ ۽ ڪپڙا، ۽ هٿيار، ۽ مصالحہ، گهوڙا ۽ خچر، جي هو سال بسال ٺهرايل انداز موجب پهچائيندا هئا.</verse>
				<verse number="25">۽ سليمان کي گهوڙن ۽ گاڏين جي لاءِ چار هزار ٿان هوندا هئا، ۽ ٻارهن هزار گهوڙي سوار هئس، جي هن گاڏين وارن شهرن ۾، ۽ يروشلم ۾ بادشاهہ وٽ بيهاري ڇڏيا.</verse>
				<verse number="26">۽ نديءَ کان وٺي فلستين جي زمين تائين، ۽ مصر جي حد تائين هو سڀني بادشاهن تي حڪم هلائيندو هو.</verse>
				<verse number="27">۽ بادشاهہ يروشلم ۾ چانديءَ جو اهڙو حال ڪيو جهڙو پٿرن جو، ۽ سرو جي ڪاٺ جو اهڙو حال ڪيو جهڙو گولر جي وڻن جو، جي هيٺانهينءَ زمين تي بيشمار ٿيندا آهن.</verse>
				<verse number="28">۽ ماڻهو سليمان جي لاءِ مصر مان ۽ ٻين سڀني ملڪن مان گهوڙا آڻيندا هئا.</verse>
				<verse number="29">هاڻي سليمان جا باقي ٻيا ڪم، پهريان توڙي پويان، ناتن نبيءَ جي تواريخ ۾، ۽ اخياہ سيلاني جي نبوت ۾، ۽ عيدو غيب دان جيڪي رويا يربعام بن نباط جي نسبت ۾ ڏٺا، تن ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="30">۽ سليمان يروشلم ۾ ساري اسرائيل تي چاليهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="31">پوءِ سليمان پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، ۽ پنهنجي پيءُ دائود جي شهر ۾ دفن ٿيو، ۽ سندس پٽ رحبعام سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">۽ رحبعام سڪم ڏانهن ويو: ڇالاءِ جو سڀ اسرائيلي هن کي بادشاهہ ڪرڻ لاءِ سڪم ۾ آيا هئا.</verse>
				<verse number="2">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يربعام بن نباط اها ڳالهہ ٻڌي، (ڇالاءِ جو هو مصر ۾ هو جتي هو سليمان جي منهن پوڻ کان ڀڄي ويو هو)، تڏهن يربعام مصر مان موٽي آيو.</verse>
				<verse number="3">۽ هنن انهيءَ کي گهرائي ورتو؛ پوءِ يربعام ۽ سڀ اسرائيلي آيا، ۽ رحبعام کي چوڻ لڳا تہ،</verse>
				<verse number="4">تنهنجي پيءُ اسان جي پاڃاري سخت ڪئي: تنهنڪري هاڻي تون پنهنجي پيءُ جي خدمت چاڪري، ۽ جيڪا ڳري پاڃاري هن اسان تي رکي هئي، سا هلڪي ڪر، تہ اسين پوءِ تنهنجي خدمت چاڪري ڪريون.</verse>
				<verse number="5">۽ هن انهن کي چيو تہ اوهين ٽن ڏينهن کانپوءِ مون وٽ اچجو. تنهن تي ماڻهو هليا ويا.</verse>
				<verse number="6">۽ بادشاهہ رحبعام انهن پير مردن سان صلاح ڪئي، جي سندس پيءُ سليمان جي اڳيان سندس جيئري بيهندا هئا، ۽ چيائين تہ هنن ماڻهن کي جواب ڏيڻ لاءِ اوهين مون کي ڪهڙي صلاح ٿا ڏيو؟</verse>
				<verse number="7">۽ هنن چيس تہ جي تون هنن ماڻهن تي مهربان ٿيندين، ۽ هنن کي خوش رکندين، ۽ هنن سان چڱيءَ طرح ڳالهائيندين، تہ هو هميشہ تنهنجا ٻانها ٿي گذاريندا.</verse>
				<verse number="8">پر جيڪا صلاح اُنهن پير مردن هن کي ڏني، سا هن نہ ورتي، ۽ جيڪي جوان ماڻهو ساڻس گڏ پلجي وڏا ٿيا هئا، ۽ جي سندس اڳيان بيهندا هئا، تن سان هن صلاح مشورت ڪئي.</verse>
				<verse number="9">۽ هن انهن کي چيو تہ هي ماڻهو، جن مون کي چيو آهي تہ جيڪا پاڃاري تنهنجي پيءُ اسان تي رکي آهي سا تون هلڪي ڪر، تن کي جواب ڏيڻ لاءِ اوهين ڪهڙي صلاح ٿا ڏيو؟</verse>
				<verse number="10">تڏهن انهن جوان ماڻهن جي ساڻس پلجي وڏا ٿيا هئا تن چيس، تہ هي ماڻهو جي توکي چون ٿا تہ تنهنجي پيءُ اسان جي پاڃاري ڳري ڪئي هئي پر تون اسان جي لاءِ هلڪي ڪر، تن کي تون چئُہ تہ منهنجي چيچ منهنجي پيءُ جي چيلهہ کان ٿلهي آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ هاڻي جڏهن منهنجي پيءُ اوهان تي ڳري پاڃاري رکي، تڏهن آءٌ اوهان جي پاڃاري اڃا بہ ڳري ڪندس: منهنجو پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ڏيندو هو، آءٌ اوهان کي وڇن سان سزا ڏيندس.</verse>
				<verse number="12">پوءِ يربعام ۽ ٻي سڄي قوم ٽئين ڏينهن رحبعام وٽ آئي، جو بادشاهہ حڪم ڪيو هون، تہ وري ٽئين ڏينهن مون وٽ اچجو.</verse>
				<verse number="13">۽ بادشاهہ هن کي کهرو جواب ڏنو؛ ۽ بادشاهہ رحبعام پير مردن جي صلاح ڇڏي ڏني.</verse>
				<verse number="14">۽ جوان ماڻهن جي صلاح موجب هنن کي چيائين تہ، منهنجي پيءُ اوهان جي پاڃاري ڳري ڪئي هئي، پر آءٌ اڃا بہ زيادہ ڪندس: منهنجو پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ڏيندو هو، پر آءٌ اوهان کي وڇن سان سزا ڏيندس.</verse>
				<verse number="15">انهيءَ طرح بادشاهہ ماڻهن جي ڳالهہ نہ مڃي؛ ڇالاءِ جو اها خدا جي ڪيل رٿ هئي، تہ جيڪو ڪلام خداوند اخياہ سيلانيءَ جي معرفت يربعام بن نباط سان ڪيو هو، سو قائم ٿئي.</verse>
				<verse number="16">۽ جڏهن سڄي اسرائيل قوم ڏٺو تہ بادشاهہ اسان جي ڳالهہ نہ ٿو ٻڌي، تڏهن ماڻهن بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اسان جو دائود ۾ ڪهڙو حصو آهي؟ يسيءَ جي پٽ ۾ اسان جو ڪوبہ ورثو ڪونهي: اي اسرائيليو، اوهين سڀ پنهنجن پنهنجن تنبن ڏانهن هليا وڃو: هاڻي اي دائود، پنهنجي گهر جي سنڀال رک. تڏهن سڀ اسرائيلي پنهنجن تنبن ڏانهن هليا ويا.</verse>
				<verse number="17">پر جيڪي بني اسرائيل يهوداہ جي شهرن ۾ رهندا هئا، تن تي رحبعام بادشاهي ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="18">تڏهن هدورام، جو ڀرتي ڪرڻ تي مقرر هو، تنهن کي بادشاهہ رحبعام موڪليو؛ ۽ بني اسرائيل انهيءَ کي پٿرن سان سنگسار ڪيو، جنهنڪري هو مري ويو. تنهن تي بادشاهہ رحبعام تڪڙو ٿي پنهنجيءَ گاڏيءَ تي چڙهيو، ۽ يروشلم ڏانهن ڀڄي ويو.</verse>
				<verse number="19">ائين اسرائيلي دائود جي گهراڻي کان اڄ ڏينهن تائين باغي آهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">جڏهن رحبعام يروشلم ۾ آيو تڏهن هن يهوداہ ۽ بنيمين جو سڄو گهراڻو، جي هڪ لک ۽ اسي هزار چونڊيل ماڻهو ٿيا، ۽ جنگي مرد هئا، اُهي گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ اسرائيل سان وڙهن، ۽ بادشاهت وري رحبعام وٽ آڻين.</verse>
				<verse number="2">پر خداوند جو ڪلام سمعياہ خدا جي مرد تي نازل ٿيو تہ</verse>
				<verse number="3">يهوداہ جي بادشاهہ رحبعام بن سليمان کي، ۽ يهوداہ ۽ بنيمين ۾ جيڪي اسرائيلي آهن تن سڀني کي چئُہ، تہ</verse>
				<verse number="4">خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين چڙهي نہ وڃو، ۽ نہ پنهنجن ڀائرن سان وڙهو: هرڪو ماڻهو پنهنجي گهر موٽي وڃي؛ ڇالاءِ جو اهو ڪم منهنجو ڪيل آهي. تڏهن هو خداوند جو حڪم مڃي يربعام تي ڪاهي وڃڻ کان موٽي آيا.</verse>
				<verse number="5">۽ رحبعام يروشلم ۾ رهي پيو، ۽ يهوداہ ۾ بچاءَ جي لاءِ شهر جوڙيائين.</verse>
				<verse number="6">هن بيت الحم، ۽ عيطام، ۽ تقوع بہ جوڙيا،</verse>
				<verse number="7">بيت صور، ۽ شوڪر، ۽ عدلام،</verse>
				<verse number="8">۽ جات، ۽ مريسہ، ۽ زيف،</verse>
				<verse number="9">۽ ادوريم، ۽ لڪيس، ۽ عزيقہ،</verse>
				<verse number="10">۽ صرعہ، ۽ ايالون، ۽ حبرون، جي يهوداہ ۾ ۽ بنيمين ۾ ڪوٽن وارا شهر آهن.</verse>
				<verse number="11">۽ هن قلعن کي مضبوط ڪيو، ۽ منجهن سردار، ۽ کاڌي جو انبار، ۽ تيل، ۽ شراب موجود ڪيائين.</verse>
				<verse number="12">۽ هرهڪ شهر ۾ سپرون ۽ ڀالا رکيائين، ۽ انهن کي نهايت مضبوط ڪيائين. ۽ يهوداہ ۽ بنيمين سندس هئا.</verse>
				<verse number="13">۽ سڄي اسرائيل ۾ جيڪي ڪاهن ۽ لاوي هئا، سي پنهنجين سڀني سرحدن مان هن وٽ آيا.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو لاوي پنهنجا ٻهراڙيءَ جا ڳوٺ، ۽ پنهنجي ملڪيت ڇڏي يهوداہ ۽ يروشلم ۾ آيا: جو يربعام ۽ سندس پٽن هنن کي ڪڍي ڇڏيو هو تہ هو خداوند جي لاءِ ڪهانت جو عهدو نہ هلائين:</verse>
				<verse number="15">۽ مٿانهين جاين لاءِ، ۽ جيڪي ٻڪر ۽ گابا هن جوڙيا هئا، تن لاءِ هن ڪاهن مقرر ڪيا.</verse>
				<verse number="16">۽ انهن جي پٺيان، اسرائيل جي سڀني فرقن مان، جن کي خداوند اسرائيل جي خدا جي ڳولڻ جي خواهش هئي، سي بہ يروشلم ۾ آيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا لاءِ قربانيون ڪن.</verse>
				<verse number="17">تڏهن هنن يهوداہ جي بادشاهت مضبوط ڪئي، ۽ ٽي ورهيہ رحبعام بن سليمان کي زور وٺايائين؛ ڇالاءِ جو ٽي سال هو دائود ۽ سليمان جي رستي تي هليا.</verse>
				<verse number="18">۽ رحبعام محالات سان شادي ڪئي، جا يريموت بن دائود، ۽ ابيخيل بنت الياب بن يسيءَ جي ڌيءَ هئي؛</verse>
				<verse number="19">۽ انهيءَ مان هي پٽ ڄايس؛ يعوس، ۽ سمرياہ، ۽ زهم.</verse>
				<verse number="20">انهيءَ کانپوءِ هن ابي سلوم جي ڌيءَ معڪہ سان شادي ڪئي؛ ۽ انهيءَ مان هن کي ابياہ، عتي، ۽ زيزا، ۽ سلوميت ڄاوا.</verse>
				<verse number="21">۽ رحبعام جي پنهنجن زالن ۽ سريتن کان، ابي سلوم جي ڌيءَ معڪہ سان گهڻي محبت هئي: (هن کي ارڙهن زالون ۽ سٺ سريتون هيون، ۽ اٺاويهہ پٽ ۽ سٺ ڌيئون کيس ڄايون).</verse>
				<verse number="22">۽ رحبعام معڪہ جي پٽ ابياہ کي مکيہ ڪيو، يعني سندس ڀائرن ۾ هن کي سردار مقرر ڪيائين: ڇالاءِ جو سندس ارادو هو تہ هن کي بادشاهہ ڪري.</verse>
				<verse number="23">۽ هن ڏاهپ جي هلت ڪئي، ۽ پنهنجن سڀني پٽن کي يهوداہ ۽ بنيمين جي سڀني زمينن ۽ سڀني ڪوٽ وارن شهرن ۾ رکي هڪڙو هڪڙو ڪري پکيڙي ڇڏيائين: ۽ هن انهن کي بي انداز کاڌو ڏنو، ۽ انهن جي لاءِ گهڻيون زالون ڳولايائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن رحبعام جي بادشاهي قائم ٿي ويئي، ۽ هو پاڻ مضبوط ٿي ويو، تڏهن هن ۽ سڄي اسرائيل خداوند جي شريعت کي ڇڏي ڏنو.</verse>
				<verse number="2">۽ بادشاهہ رحبعام جي پنجين سال ۾ هيئن ٿيو تہ مصر جو بادشاهہ سيسق يروشلم تي ڪاهي آيو، ڇالاءِ جو هو خداوند کان ڦري ويا هئا،</verse>
				<verse number="3">۽ هن سان ٻارهن سؤ گاڏيون ۽ سٺ هزار گهوڙي سوار آيا: ۽ جيڪي ماڻهو مصر مان هن سان گڏ آيا سي بيشمار هئا؛ ۽ اهي لوبي، سوڪي ۽ حبشي هئا.</verse>
				<verse number="4">۽ هو يهوداہ جا جيڪي قلعن وارا شهر هئا، سي وٺي يروشلم تائين آيو.</verse>
				<verse number="5">هاڻي سمعياہ نبي رحبعام ۽ يهوداہ جي سردارن وٽ آيو، جي سيسق جي ڊپ کان يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا هئا، ۽ انهن کي چيائين تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ، اوهان مون کي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنڪري مون بہ اوهان کي سيسق جي هٿن ۾ ڇڏي ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="6">تڏهن اسرائيل جي سردارن ۽ بادشاهہ پاڻ کي نماڻو ڪيو؛ ۽ چوڻ لڳا تہ خداوند سچو آهي.</verse>
				<verse number="7">۽ جڏهن خداوند ڏٺو تہ هنن پاڻ کي نماڻو ڪيو آهي، تڏهن خداوند جو ڪلام سمعياہ تي نازل ٿيو تہ ڇالاءِ جو هنن پاڻ کي نماڻو ڪيو آهي، تنهنڪري آءٌ هنن کي ناس نہ ڪندس پر آءٌ هنن کي ڪجهہ ڇوٽڪارو ڏيندس، ۽ منهنجي ڪاوڙ سيسق جي هٿان يروشلم تي نازل نہ ٿيندي.</verse>
				<verse number="8">انهيءَ هوندي بہ هو انهيءَ جا ٻانها ٿيندا؛ تہ ڀلي هنن کي منهنجي خدمت، ۽ ملڪن جي بادشاهن جي خدمت جي وچ ۾ خبر پوي.</verse>
				<verse number="9">پوءِ مصر جو بادشاهہ سيسق يروشلم تي چڙهي آيو، ۽ خداوند جي گهر جا خزانا، ۽ بادشاهہ جي گهر جا خزانا کڻي ويو؛ سڀ ڪجهہ هو کڻي ويو: جيڪي سون جون سپرون سليمان ٺهرايون هيون سي بہ هو کڻي ويو.</verse>
				<verse number="10">۽ بادشاهہ رحبعام انهن جي بدران پتل جون سپرون ٺهرايون، ۽ انهن پهري وارن جي سردارن جي حوالي ڪيائين، جي بادشاهہ جي گهر جي در تي پهرو ڏيندا هئا.</verse>
				<verse number="11">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ خداوند جي گهر ۾ ويندو هو، تڏهن پهري وارا اهي کڻندا هئا، ۽ پوءِ پهري واريءَ جاءِ ۾ موٽائي آڻي رکندا هئا.</verse>
				<verse number="12">۽ جڏهن هن پاڻ کي نماڻو ڪيو، تڏهن خداوند جي ڪاوڙ هن کان ڦري، جو هن کيس اصل ناس ڪرڻ نہ گهريو: ۽ تنهن کانسواءِ يهوداہ ۾ ڪي چڱيون ڳالهيون بہ ڏسڻ ۾ ٿي آيون.</verse>
				<verse number="13">انهيءَ طرح بادشاهہ رحبعام يروشلم ۾ پاڻ کي مضبوط ڪيو ۽ راڄ ڪيائين: ڇالاءِ جو بادشاهہ ٿيڻ وقت رحبعام ايڪيتاليهن سالن جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ سترهن سال بادشاهي ڪئي، جنهن شهر کي خداوند اسرائيل جي سڀني فرقن مان پنهنجي نالي رکڻ لاءِ پسند ڪيو هو: ۽ هن جي ماءُ جو نالو نعمہ هو، جا عمونين مان هئي.</verse>
				<verse number="14">۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خراب هئا، ڇالاءِ جو خداوند جي طلب ۾ هن پنهنجي دل نہ لڳائي.</verse>
				<verse number="15">هاڻي رحبعام جا ڪم، پهريان ۽ پويان سمعياہ نبيءَ ۽ عدو غيب دان جي تاريخ ۾، نسب نامن موجب لکيل نہ آهن ڇا؟ ۽ رحبعام يربعام جي وچ ۾ هميشہ جنگيون لڳيون اينديون هيون.</verse>
				<verse number="16">۽ رحبعام پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ دائود جي شهر ۾ دفن ٿيو: ۽ سندس جاءِ تي سندس پٽ ابياہ بادشاهہ ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">بادشاهہ يربعام جي ارڙهين ورهيہ ۾ ابياہ يهوداہ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="2">هن يروشلم ۾ ٽي سال بادشاهي ڪئي: ۽ سندس ماءُ جو نالو ميڪاياہ هو جا جبعہ واري اوري ايل جي ڌيءَ هئي. ۽ ابياہ ۽ يربعام جي وچ ۾ جنگ رهندي هئي.</verse>
				<verse number="3">۽ ابياہ چئن لکن چونڊيل جنگي بهادرن جي لشڪرن سان وڃي جنگ ۾ داخل ٿيو: ۽ يربعام اٺ لک چونڊيل ماڻهو، جي همت وارا بهادر مرد هئا، تن سان هن جي مقابلي ۾ صفون ٻڌي بيٺو.</verse>
				<verse number="4">۽ ابياہ صمريم جبل تي چڙهي بيٺو، جو افرائيم جي ڪوهستان ۾ آهي ۽ چوڻ لڳو تہ، اي يربعام، ۽ اي ڪل اسرائيليو، منهنجي ڳالهہ ٻڌو؛</verse>
				<verse number="5">اوهان کي ايترو معلوم نہ آهي ڇا، تہ خداوند، اسرائيل جي خدا، دائود کي اسرائيل تي هميشہ جي لاءِ بادشاهي ڏني، جهڙو هن کي، تهڙو سندس پٽن کي، ۽ اُها هن لوڻ جي عهد اقرار موجب ڏني آهي؟</verse>
				<verse number="6">انهيءَ هوندي بہ يربعام بن نباط، جو سليمان بن دائود جو ٻانهو هو، تنهن اُٿي پنهنجي ڌڻيءَ جي برخلاف بغاوت ڪئي.</verse>
				<verse number="7">۽ هن وٽ بيهودا ماڻهو، شيطان زادا، اچي گڏ ٿيا، ۽ جڏهن رحبعام اڃا ننڍو ۽ نرم دل هو، ۽ هنن سان مقابلو ڪري نہ ٿي سگهيو، تڏهن هو زور وٺي رحبعام بن سليمان جي برخلاف ٿي بيٺا.</verse>
				<verse number="8">۽ هاڻي اوهين سمجهو ٿا تہ خداوند جي بادشاهت، جا دائود جي پٽن جي هٿ ۾ آهي، تنهن سان مقابلو ڪريو؛ ۽ اوهين گهڻا ماڻهو آهيو، ۽ اوهان سان سونا گابا آهن، جي يربعام جوڙي اوهان کي معبود ڪري ڏنا آهن.</verse>
				<verse number="9">۽ اوهان خداوند جي ڪاهنن، هارون جي پٽن کي، ۽ لاوين کي هڪلي نہ ڪڍيو آهي ڇا، ۽ ٻين قومن وانگي پنهنجي لاءِ ڪاهن نہ مقرر ڪيا آهن ڇا؟ ۽ جيڪو هڪڙو جوان ڍڳو ۽ ست گهٽا پاڻ سان وٺي پاڻ کي پاڪ ڪرڻ لاءِ ٿو اچي سو انهن جو ڪاهن ٿو بنجي، جي خدا ناهن.</verse>
				<verse number="10">پر اسان جي لاءِ خداوند اسان جو خدا آهي، ۽ اسان انهيءَ کي نہ ڇڏيو آهي؛ ۽ اسان وٽ هارون جا پٽ، خداوند جي خدمت ڪرڻ لاءِ ڪاهن آهن، ۽ لاوي پنهنجي ڪم ۾ مشغول آهن:</verse>
				<verse number="11">۽ اهي ڏهاڙي صبح جو ۽ شام جو خداوند جي لاءِ سوختني قربانيون، ۽ لوبان ساڙين ٿا: ۽ نذر جي ماني بہ هو پاڪ ميز تي ٺاهي ٿا رکن؛ ۽ سون جو شمعدان ڏيئن سميت هر روز شام جو ٿا ٻارين: ڇالاءِ جو اسين خداوند پنهنجي خدا جي حڪم جي سنڀال ٿا ڪريون؛ پر اوهان هن کي ڇڏي ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="12">۽ ڏسو، خدا اسان ساڻ آهي، ۽ اسان جو سردار آهي، ۽ هن جا ڪاهن اوهان جي برخلاف زور سان قرنائون وڄائڻ لاءِ تيار بيٺا آهن. اي بني اسرائيليو، خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا سان نہ وڙهو؛ ڇالاءِ جو اوهين فتحياب نہ ٿيندا.</verse>
				<verse number="13">پر يربعام هنن جي پٺيان هڪڙو لڪل لشڪر چوڌاري ڦيرائي آندو: جنهن ڪري هو يهوداہ جي اڳيان هئا، ۽ لڪل لشڪر هنن جي پٺيان هو.</verse>
				<verse number="14">۽ جڏهن يهوداہ پٺتي نهاريو تڏهن ڏسو، هنن جي اڳيان توڙي پٺيان جنگ هئي: ۽ هنن خداوند کي دانهن ڪئي ۽ ڪاهنن قرنائون وڄايون.</verse>
				<verse number="15">تڏهن يهوداہ جي ماڻهن هڪڙو نعرو هنيو: ۽ جيئن يهوداہ جي ماڻهن نعرو هنيو، تيئن هيئن ٿيو تہ خدا، ابياہ ۽ يهوداہ جي اڳيان يربعام ۽ سڀني اسرائيلين کي شڪست ڏني.</verse>
				<verse number="16">۽ بني اسرائيل يهوداہ جي اڳيان اٿي ڀڳا: ۽ خدا انهن کي هنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="17">۽ ابياہ ۽ سندس ماڻهن هنن ۾ ڏاڍو ڪوس وڌو، ۽ هنن کي ڪُٺو: جنهنڪري اسرائيل جا پنج لک چونڊيل مرد مارجي ويا.</verse>
				<verse number="18">انهيءَ طرح بني اسرائيل انهيءَ وقت شڪست کاڌي، ۽ بني يهوداہ غالب پيا، ڇالاءِ جو هنن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا تي ڀروسو رکيو.</verse>
				<verse number="19">۽ ابياہ يربعام جي پٺيان پيو، ۽ هن کان هي شهر ورتائين؛ بيت ايل، ان جي شهرن سميت، ۽ يسانہ، ان جي شهرن سميت، ۽ عفرون، ان جي شهرن سميت.</verse>
				<verse number="20">نڪي وري يربعام ابياہ جي ڏينهن ۾ نئين سر زور ورتو: ۽ خداوند هن کي ڌڪ هنيو ۽ هو مئو.</verse>
				<verse number="21">پر ابياہ زور وٺندو ويو، ۽ چوڏهن زالن سان شادي ڪيائين: ۽ کيس ٻاويهہ پٽ، ۽ سورهن ڌيئون ڄايون.</verse>
				<verse number="22">۽ ابياہ جا ٻيا ڪم، ۽ سندس رستا، ۽ سندس ڳالهيون، عيدو نبيءَ جي تفسير ۾ لکيل آهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">پوءِ ابياہ پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ هن کي دائود جي شهر ۾ دفن ڪيائون، ۽ آسا سندس پٽ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو: هن جي ڏينهن ۾ ڏهن ورهين تائين ملڪ ۾ آرام هو.</verse>
				<verse number="2">۽ آسا جيڪي ڪيو سو خداوند سندس خدا جي نظر ۾ چڱو ۽ برابر هو:</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو هن ڌاريون قربانگاهون، ۽ مٿانهيون جايون ڪڍي ڇڏيون، ۽ ٿنڀ ڀڃائي ڪيرائي، ۽ يسيرتون وڍائي ڇڏيائين؛</verse>
				<verse number="4">۽ بني يهوداہ کي حڪم ڏنائين تہ خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڳولين ۽ شريعت ۽ حڪمن موجب عمل ڪن.</verse>
				<verse number="5">۽ هن يهوداہ جي سڀني شهرن مان مٿانهيون جايون، ۽ سج جون مورتيون بہ ڪڍي ڇڏيون: ۽ سندس اڳيان بادشاهت آرام ۾ هئي.</verse>
				<verse number="6">۽ هن يهوداہ ۾ قلعن وارا شهر اڏيا: ڇالاءِ جو ملڪ ۾ آرام هو، ۽ انهيءَ زماني ۾ جنگ ڪانہ هئي؛ جو خداوند هن کي آرام ڏنو هو.</verse>
				<verse number="7">۽ هن يهوداہ کي چيو تہ اچو تہ هيءُ شهر ٻڌون، ۽ انهن جي چوڌاري ڀتيون، ٺلهہ، ۽ دروازا، ۽ گز جوڙيون؛ زمين اڃا اسان جي اڳيان آهي، ڇالاءِ جو اسان خداوند پنهنجي خدا کي ڳوليو آهي؛ اسان هن جي طلب رکي آهي، ۽ هن اسان کي سڀ ڪنهن پاسي کان آرام ڏنو آهي. انهيءَ طرح هنن شهر ٻڌا، ۽ سک ۾ گذارڻ لڳا.</verse>
				<verse number="8">۽ آسا وٽ يهوداہ مان ٽن لکن جو هڪڙو لشڪر هو، جي سپرون ۽ نيزا کڻندا هئا؛ ۽ بنيمين مان ٻن لکن ۽ اسي هزارن جو لشڪر هو، جي ڍالون کڻندا هئا ۽ ڪمان ڪشيندڙ هئا؛ ۽ اهي سڀئي بهادر ۽ همت وارا مرد هوندا هئا.</verse>
				<verse number="9">پوءِ زارح حبشيءَ، ڏهن لکن جو هڪڙو لشڪر ۽ ٽي سؤ گاڏيون وٺي هنن تي چڙهي آيو، ۽ هو مريسہ تائين آيو،</verse>
				<verse number="10">تڏهن آسا هن جي مقابلي لاءِ نڪري ويو، ۽ مريسہ وٽ صفاتہ جي واديءَ ۾ هو صفون ٻڌي جنگ ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="11">۽ آسا خداوند پنهنجي خدا کي دعا ڪري چيو تہ، اي خداوند تو کانسواءِ طاقت واري ۽ بي طاقت جي وچ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪونهي: اي خداوند اسان جا خدا، اسان جي مدد ڪر، ڇالاءِ جو اسان جو ڀروسو توتي آهي، ۽ تنهنجي ئي نالي تي اسين هن وڏي لشڪر سان وڙهڻ لاءِ تيار آهيون. اي خداوند، تون اسان جو خدا آهين؛ ائين نہ ڪر تہ انسان توتي غالب پوي.</verse>
				<verse number="12">انهيءَ طرح خداوند حبشين کي آسا جي اڳيان ۽ يهوداہ جي اڳيان شڪست ڏني؛ ۽ حبشي اُٿي ڀڳا.</verse>
				<verse number="13">۽ آسا ۽ جيڪي ساڻس ماڻهو هئا، سي هنن جي پٺيان جرار تائين ويا: ۽ حبشين مان ايترا ماڻهو مئا جو هو وري پاڻ سنڀالي نہ سگهيا؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جي اڳيان ۽ سندس لشڪر جي اڳيان ناس ٿي ويا؛ ۽ هنن تمام گهڻو لٽ جو مال هٿ ڪيو.</verse>
				<verse number="14">۽ جرار جي آس پاس هنن سڀ شهر فتح ڪيا؛ ڇالاءِ جو خداوند جو خوف هنن تي اچي پيو: ۽ هنن سڀني شهرن کي لٽيو؛ ڇالاءِ جو انهن ۾ گهڻو لٽ جو مال هو.</verse>
				<verse number="15">هنن چوپائي مال جا تنبو بہ لٽيا، ۽ بيشمار رڍون ۽ اُٺ کڻي موٽي يروشلم ۾ آيا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="15">
				<verse number="1">پوءِ خدا جو روح عزرياہ بن عودد تي نازل ٿيو:</verse>
				<verse number="2">۽ هو نڪري وڃي آسا کي گڏيو ۽ چيائينس تہ اي آسا، ۽ سڀ يهوداہ ۽ بنيمين، اوهين منهنجي ڳالهہ ٻڌو: خداوند اوهان ساڻ آهي، جيستائين ڪ اوهين هن ساڻ رهندا؛ ۽ جيڪڏهن اوهين انهيءَ کي ڳوليندا تہ انهيءَ کي لهندا؛ پر جي اوهين انهيءَ کي ڇڏيندا، تہ هو اوهان کي ڇڏي ڏيندو.</verse>
				<verse number="3">هاڻي گهڻي مدت تائين، اسرائيلي سچي خدا کانسواءِ، ۽ سيکاريندڙ ڪاهنن کانسواءِ، ۽ شريعت کانسواءِ پئي رهيا آهن:</verse>
				<verse number="4">پر جڏهن مصيبت جي وقت هو خداوند، اسرائيل جي خدا ڏانهن ڦريا، ۽ انهيءَ کي ڳوليائون، تڏهن انهيءَ کي لڌائون.</verse>
				<verse number="5">۽ انهن ڏينهن ۾ جيڪو ٻاهر ٿي ويو يا جيڪو اندر ٿي آيو، تنهن جي لاءِ سلامتي ڪانہ هئي، پر ملڪ جي سڀني رهاڪن کي گهڻيون تڪليفون رسنديون هيون.</verse>
				<verse number="6">قوم، قوم سان ٿي وڙهي، ۽ شهر، شهر سان ٿي وڙهيو، ۽ سڀ ڀڄي پرزا پرزا ٿي پيا هئا: ڇالاءِ جو خدا انهن کي هر طرح جي مصيبت سان تڪليف ٿي ڏني.</verse>
				<verse number="7">پر اوهين مضبوط ٿيو، ۽ پنهنجن هٿن کي ڍرو ٿيڻ نہ ڏيو: ڇالاءِ جو اوهان جي ڪمن جو اجر اوهان کي ملندو.</verse>
				<verse number="8">۽ جڏهن آسا اهي ڳالهيون ٻڌيون ۽ عودد نبيءَ جي پيشنگوئي ٻڌائين تڏهن هن همت جهلي، ۽ يهوداہ ۽ بنيمين جي ڪل زمين مان، ۽ جيڪي شهر هن افرائيم جي ڪوهستان مان ورتا هئا تن مان، ڪراهت جهڙيون مورتون ڪڍي ڇڏيائين: ۽ خداوند جي قربانگاهہ جا خداوند جي دالان جي اڳيان هئي، تنهن کي وري نئين سر ٺاهيائين.</verse>
				<verse number="9">۽ هن ڪل يهوداہ ۽ بنيمين کي، ۽ جيڪي ماڻهو افرائيم ۽ منسي مان، ۽ شمعون مان هنن سان مسافر ٿي رهندا هئا، تن کي هن گڏ ڪيو: ڇالاءِ جو جڏهن هنن ڏٺو تہ خداوند هن جو خدا هن ساڻ آهي، تڏهن اسرائيل مان تمام گهڻا هن سان وڃي شامل ٿيا.</verse>
				<verse number="10">انهيءَ طرح آسا جي بادشاهت جي پندرهين سال جي ٽئين مهيني ۾ هو يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا.</verse>
				<verse number="11">۽ انهيءَ ڏينهن جيڪو لٽ جو مال آندو هئائون، تنهن مان ست سؤ ڏاند ۽ ست هزار رڍون، هنن خداوند جي لاءِ قربان ڪيون.</verse>
				<verse number="12">۽ هنن پنهنجي سموري دل، ۽ سموري جان سان عهد اقرار ڪيو، تہ اسين خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڳولينداسين؛</verse>
				<verse number="13">۽ جيڪو خداوند، اسرائيل جي خدا کي نہ ڳوليندو، سو قتل ڪيو ويندو، پوءِ اهو ننڍو هجي يا وڏو، مرد هجي يا زال.</verse>
				<verse number="14">۽ هنن وڏي آواز سان، ۽ رڙين ڪرڻ سان، ۽ قرنائن ۽ شرنائين سان، خداوند جي اڳيان قسم کنيو.</verse>
				<verse number="15">۽ انهيءَ قسم تي ساري يهوداہ خوشيون ڪيون: ڇالاءِ جو هنن پنهنجي سموري دل سان قسم کنيو هو، ۽ انهيءَ کي پنهنجي سڄيءَ دل سان ڳوليائون؛ ۽ هنن انهي کي لڌو؛ ۽ خداوند هنن کي چوڌاري آرام ڏنو.</verse>
				<verse number="16">۽ بادشاهہ آسا جي ماءُ معڪہ کي بہ هن ملڪہ جي درجي تان لاهي ڇڏيو، ڇالاءِ جو انهيءَ يسيرت لاءِ هڪڙي ڪراهت جهڙي مورت جوڙي هئي، ۽ آسا اها مورت وڍي ڇڏي، ۽ انهيءَ کي قدرون نهر تي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="17">پر مٿانهيون جايون اسرائيل مان ڪڍيون نہ ويون: انهيءَ هوندي بہ آسا جي دل سندس سڀني ڏينهن ۾ سالم رهي.</verse>
				<verse number="18">۽ هن خدا جي گهر ۾ اهي شيون آنديون جي هن جي پيءُ ۽ هن پاڻ وقف ڪيون هيون، يعني چاندي ۽ سون ۽ باسڻ.</verse>
				<verse number="19">۽ آسا جي راڄ جي پنجٽيهين سال تائين ٻي ڪا جنگ ڪانہ لڳي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="16">
				<verse number="1">آسا جي بادشاهت جي ڇٽيهين سال ۾، اسرائيل جو بادشاهہ بعشا، يهوداہ تي ڪاهي آيو، ۽ رامہ ٻڌائين، انهيءَ لاءِ تہ ڪنهن کي بہ يهوداہ جي بادشاهہ آسا وٽ اچڻ يا وڃڻ نہ ڏئي.</verse>
				<verse number="2">تڏهن آسا خداوند جي گهر ۾ بادشاهہ جي گهر جي خزانن مان چاندي ۽ سون ڪڍي ارام جي بادشاهہ بن هدد وٽ موڪليو، جو دمشق ۾ رهندو هو، ۽ چوائي موڪليائين تہ،</verse>
				<verse number="3">منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ اهڙو عهد اقرار آهي جهڙو منهنجي پيءُ ۽ تنهنجي پيءُ جي وچ ۾ هوندو هو: ڏس مون تو وٽ چاندي ۽ سون موڪليو آهي: وڃ، ۽ اسرائيل جي بادشاهہ بعشا سان پنهنجو عهد اقرار ڀڃ، تہ هو مون تان ٽري وڃي.</verse>
				<verse number="4">۽ بن هدد، بادشاهہ آسا جي ڳالهہ مڃي، ۽ پنهنجن لشڪرن جا سردار اسرائيل جي شهرن تي چاڙهي موڪليائين؛ ۽ انهن عيون، ۽ دان، ۽ ابيل مائم، ۽ نفتاليءَ جي سڀني گدامن وارن شهرن کي تباهہ ڪيو.</verse>
				<verse number="5">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بعشا اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن رامہ جو اڏائڻ ڇڏي ڏنائين، ۽ ڪم بند ڪري ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="6">پوءِ آسا بادشاهہ سڄو يهوداہ گڏ ڪيو، ۽ هو رامہ جا پٿر، ۽ ان جو ڪاٺ، جن سان بعشا شهر ٿي جوڙايو، سي سڀ کڻي ويا؛ ۽ انهيءَ مان هن جبعہ ۽ مصفاہ جوڙايا.</verse>
				<verse number="7">۽ انهيءَ وقت حناني غيب دان يهوداہ جي بادشاهہ آسا وٽ آيو، ۽ انهي کي چيائين تہ تو ارام جي بادشاهہ تي ڀروسو رکيو آهي، ۽ خداوند پنهنجي خدا تي ڀروسو نہ رکيو آهي، تنهنڪري ارام جي بادشاهہ جو لشڪر تنهنجي هٿن مان بچي نڪري ويو آهي.</verse>
				<verse number="8">ڪوشي ۽ لوبي بيشمار گاڏين ۽ گهوڙي سوارن سميت تمام وڏو لشڪر نہ هو ڇا؟ انهيءَ هوندي بہ تو جڏهن خداوند تي ڀروسو رکيو، تڏهن هن اهي تنهنجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو خداوند جون اکيون سڄيءَ زمين تي هيڏي هوڏي پيون ڊوڙن، انهيءَ لاءِ تہ جن جي دل هن ڏانهن سالم آهي، تن جي پاران هو پنهنجي طاقت ڏيکاري. هن ۾ تو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي؛ ڇالاءِ جو اڄ کانپوءِ توکي جنگيون ڪرڻيون پونديون.</verse>
				<verse number="10">تڏهن آسا انهيءَ غيب دان تي ڪاوڙيو، ۽ انهيءَ کي قيد ۾ کڻي وڌائين؛ ڇالاءِ جو انهيءَ ڳالهہ ڪري هن تي ڏاڍي ڪاوڙ آيس. ۽ ساڳئي وقت ۾ آسا ڪن ماڻهن تي ظلم بہ ڪيا.</verse>
				<verse number="11">۽ ڏس، آسا جا ڪم، پهريان توڙي پويان، يهوداہ ۽ اسرائيل جي بادشاهن جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.</verse>
				<verse number="12">۽ سندس بادشاهيءَ جي اوڻيتاليهين ورهيہ ۾ آسا کي پيرن ۾ اچي مرض لڳو؛ اهو مرض تمام وڏو هو؛ تڏهن بہ انهيءَ بيماريءَ ۾ هن خدا کي نہ ڳوليو پر طبيبن کي ڳوليائين.</verse>
				<verse number="13">نيٺ آسا پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جي ايڪيتاليهين سال ۾ مري ويو.</verse>
				<verse number="14">۽ هن کي خود سندس قبر ۾ دفن ڪيائون جا هن دائود جي شهر ۾ پنهنجي لاءِ کوٽائي هئي، ۽ هن کي انهيءَ بستري تي سمهاريائون جو خوشبوين ۽ قسمين قسمين مصالحن سان ڀريل هو، جي عطارن هنر سان جوڙيا هئا: ۽ هن جي لاءِ تمام وڏا مچ ٻاريائون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="17">
				<verse number="1">۽ ان جو پٽ يهوسفط سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو، ۽ اسرائيل جي برخلاف پاڻ کي مضبوط ڪيائين.</verse>
				<verse number="2">۽ يهوداہ جي سڀني قلعن وارن شهرن ۾ هن لشڪر رکيا، ۽ يهوداہ جي زمين ۽ جيڪي افرائيم جا شهر سندس پيءُ آسا ورتا هئا، تن ۾ پهري وارا لشڪر رکيائين.</verse>
				<verse number="3">۽ خداوند يهوسفط سان هو، ڇالاءِ جو هو پنهنجي پيءُ دائود جي رستي تي هليو ۽ بعليم جي طلب نہ ٿي رکيائين:</verse>
				<verse number="4">پر پنهنجي پيءُ جي خدا جي طلب ٿي رکيائين ۽ انهيءَ جي حڪمن تي ٿي هليو، ۽ نہ اسرائيلين جي ڪمن موافق.</verse>
				<verse number="5">تنهن ڪري خداوند بادشاهت انهيءَ جي هٿ ۾ قائم ڪئي، ۽ سڄي يهوداہ يهوسفط وٽ نذرانا آندا؛ ۽ هن وٽ دولت ۽ عزت نهايت گهڻي ٿي.</verse>
				<verse number="6">۽ هن جي دل خدا جي ڪمن ۾ تمام مگن رهي: ۽ هن يهوداہ مان مٿانهيون جايون، ۽ يسيرتون ڪڍي ڇڏيون.</verse>
				<verse number="7">۽ پنهنجي بادشاهت جي ٽئين سال ۾ هن پنهنجن سردارن بن خيل، ۽ عبدياہ، ۽ زڪرياہ، ۽ نتنئيل ۽ ميڪاياہ کي موڪليو تہ يهوداہ جي شهرن ۾ تعليم ڏين.</verse>
				<verse number="8">۽ انهن سان گڏ لاوي موڪليائين، يعني سمعياہ، ۽ نتنياہ، ۽ زبدياہ، ۽ عساهيل، ۽ سميراموت، ۽ يهونتن، ۽ ادونياہ، ۽ طوبياہ، ۽ طوب ادونياہ، جي سڀ لاوي هئا؛ ۽ انهن سان اليسمع ۽ يهورام ڪاهن بہ موڪليائين.</verse>
				<verse number="9">۽ انهن وٽ خداوند جي شريعت جو ڪتاب هو، جنهن جي انهن يهوداہ ۾ تعليم ڏني؛ ۽ هو يهوداہ جي سڀني شهرن ۾ گهميا، ۽ ماڻهن کي تعليم ڏنائون.</verse>
				<verse number="10">۽ يهوداہ جي چوڌاري جيڪي ملڪ هئا تن جي سڀني بادشاهن تي خداوند جو خوف نازل ٿيو، جنهن ڪري انهن يهوسفط سان جنگ نہ ڪئي.</verse>
				<verse number="11">۽ ڪن فلستين يهوسفط کي نذرانا ۽ چاندي ڍل طور آڻي ڏني؛ عربن بہ هن کي ڌڻ آڻي ڏنا، ست هزار ست سؤ گهٽا، ۽ ست هزار ست سؤ ٻڪر.</verse>
				<verse number="12">۽ يهوسفط تمام وڏي مرتبي وارو ٿي ويو؛ ۽ هن يهوداہ ۾ قلعا ۽ گدام جا شهر ٺهرايا.</verse>
				<verse number="13">۽ يهوداہ جي شهرن ۾ هن کي گهڻائي ڪم هئا؛ ۽ يروشلم ۾ جنگي پهلوان ۽ همت وارا بهادر مرد هئا.</verse>
				<verse number="14">۽ انهن جو شمار سندن ابن جي گهراڻن موجب هيئن هو: يهوداہ مان هزارن جا سردار؛ عدنہ سردار؛ ۽ ساڻس ٽي لک همت وارا بهادر مرد هئا؛</verse>
				<verse number="15">انهيءَ کانپوءِ، يهوحنان سردار، ۽ انهيءَ سان ٻہ لک اسي هزار هئا؛</verse>
				<verse number="16">۽ انهيءَ کانپوءِ عمسياہ بن زڪري، جنهن خوشيءَ سان پاڻ کي خداوند جي لاءِ حاضر ڪيو؛ ۽ انهيءَ سان ٻہ لک همت وارا بهادر مرد هئا:</verse>
				<verse number="17">۽ بنيمين مان؛ اليدع، جو هڪڙو همت وارو بهادر مرد هو، ۽ انهيءَ سان ٻہ لک ڪمانن ۽ سپرن وارا ماڻهو هئا:</verse>
				<verse number="18">۽ انهيءَ کانپوءِ يهوزبد، ۽ انهيءَ سان هڪ لک اسي هزار ماڻهو هئا، جي جنگ جي لاءِ بلڪل تيار هئا.</verse>
				<verse number="19">هي اُهي هئا جي بادشاهہ جي خدمت ۾ حاضر رهندا هئا، ۽ انهيءَ کانسواءِ اُهي، جن کي بادشاهہ سڄي يهوداہ ۾ قلعن وارن شهرن ۾ رکيو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="18">
				<verse number="1">هاڻي يهوسفط جي دولت ۽ عزت بي انداز هئي؛ هن اخي اب سان مائٽي ڳنڍي.</verse>
				<verse number="2">۽ ڪن ورهين کانپوءِ هو سامريہ ۾ اخي اب وٽ ويو. ۽ اخي اب هن جي لاءِ، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن لاءِ تمام گهڻيون رڍون ۽ ڏاند ڪُٺا، ۽ هن کي چوريائين تہ ساڻس گڏ رامات جلعاد ڏي هلي.</verse>
				<verse number="3">۽ اسرائيل جي بادشاهہ اخي اب يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط کي چيو تہ تون مون سان گڏجي رامات جلعاد ڏي هلندين يا نہ؟ هن ورندي ڏني تہ جهڙو تون آهين تهڙو آءٌ آهيان، ۽ منهنجا ماڻهو اهڙا آهن جهڙا تنهنجا؛ ۽ اسين توسان جنگ ۾ شامل ٿينداسين.</verse>
				<verse number="4">۽ يهوسفط اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو تہ ڀلائي ڪري اڄ خداوند جي ڪلام جي پڇا ڪر.</verse>
				<verse number="5">تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ چار سؤ نبي گڏ ڪيا، ۽ انهن کي چيائين تہ اسين جنگ ڪرڻ لاءِ رامات جلعاد ڏانهن وڃون، يا آءٌ ماٺ ڪري ويهي رهان؟ هنن چيو تہ ڀلي وڃ؛ ڇالاءِ جو خدا انهيءَ کي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيندو.</verse>
				<verse number="6">پر يهوسفط چيو تہ هنن کانسواءِ هتي ڪو ٻيو خداوند جو نبي ڪونهي ڇا، جنهن کان اسين پڇا ڪريون؟</verse>
				<verse number="7">تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ يهوسفط کي چيو تہ اڃا بہ هڪڙو ماڻهو آهي، جنهن جي معرفت اسين خداوند کان پڇا ڪري سگهون ٿا: پر انهيءَ کي آءٌ ڌڪاريان ٿو، ڇالاءِ جو هو منهنجي نسبت ۾ ڪڏهن بہ چڱي پيشنگوئي نٿو ڪري، پر هميشہ خراب ٿو ڪري: اهو آهي ميڪاياہ بن املہ. ۽ يهوسفط چيو تہ بادشاهہ ائين نہ چوي.</verse>
				<verse number="8">تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ هڪڙي عملدار کي سڏي چيو تہ جلدي وڃي ميڪاياہ بن املہ کي وٺي اچ.</verse>
				<verse number="9">هاڻي اسرائيل جو بادشاهہ، ۽ يهوسفط يهوداہ جو بادشاهہ، پنهنجي پنهنجي تخت تي پنهنجي پوشاڪ ڍڪيو، سامريہ جي دروازي جي لنگهہ وٽ هڪڙي کليل جاءِ تي ويٺا هئا؛ ۽ سڀني نبين انهن جي اڳيان پيشنگوئي پئي ڪئي.</verse>
				<verse number="10">۽ صدقياہ بن ڪنعنہ پنهنجي لاءِ لوهہ جا سڱ جوڙيا ۽ چوڻ لڳو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ هنن سان تون ارامين کي ڌڪيندين، جيستائين اُهي کپي ناس ٿي نہ وڃن.</verse>
				<verse number="11">۽ سڀني نبين بہ اهڙي ئي پيشنگوئي ڪئي، ۽ چيائون تہ ڀلي رامات جلعاد ڏانهن وڃ، ۽ مراد حاصل ڪر: ڇالاءِ جو انهيءَ کي خداوند بادشاهہ جي حوالي ڪندو.</verse>
				<verse number="12">پوءِ جيڪو قاصد ميڪاياہ کي سڏڻ ويو هو، تنهن هن کي چيو تہ ڏس، سڀ نبي بالاتفاق بادشاهہ کي خوشخبري ٿا ڏين: تنهنڪري ڀلائي ڪري تون بہ انهن جهڙي ڳالهہ ڪج ۽ چڱي خبر ڏج.</verse>
				<verse number="13">تڏهن ميڪاياہ چيو تہ جيئري خداوند جو قسم آهي تہ جيڪي منهنجي خدا چوندو سو آءٌ ٻڌائيندس.</verse>
				<verse number="14">۽ جڏهن هو بادشاهہ وٽ آيو، تڏهن بادشاهہ چيس تہ اي ميڪاياہ، اسين رامات جلعاد ڏانهن جنگ ڪرڻ وڃون يا آءٌ ماٺ ڪري ويهي رهان؟ ۽ هن چيو تہ ڀلي اوهين وڃو تہ مراد حاصل ڪريو؛ ۽ هو اوهان جي هٿن ۾ ڏنا ويندا.</verse>
				<verse number="15">تڏهن بادشاهہ چيس تہ ڪيترا ڀيرا آءٌ توکي قسم ڏيان تہ تون خداوند جي نالي تي مون کي سچ ٻڌاءِ.</verse>
				<verse number="16">۽ هن چيو تہ مون اسرائيل کي جبلن تي ائين پکڙيل ڏٺو جيئن نڌڻڪيون رڍون هونديون آهن: ۽ خداوند چيو تہ هنن جو ڌڻي ڪونهي؛ ڀلي تہ هو سڀ صحيح سلامت موٽي پنهنجي پنهنجي گهر هليا وڃن.</verse>
				<verse number="17">۽ اسرائيل جي بادشاهہ يهوسفط کي چيو تہ مون توکي ڪين چيو تہ هو منهنجي نسبت ۾ چڱي پيشنگوئي نہ ڪندو پر بڇڙي ڪندو؟</verse>
				<verse number="18">۽ هن چيو تہ انهيءَ ڪري اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو: مون خداوند کي پنهنجي تخت تي ويٺل ڏٺو، ۽ آسمان جو ڪل لشڪر ان جي سڄي هٿ پاسي ۽ کٻي هٿ پاسي بيٺو هو.</verse>
				<verse number="19">۽ خداوند چيو تہ ڪير اسرائيل جي بادشاهہ اخي اب کي ڌتاريندو تہ هو چڙهي وڃي ۽ رامات جلعاد ۾ وڃي ڪري؟ تڏهن هڪڙي هڪڙيءَ طرح جي ڳالهہ ڪئي، ۽ ٻئي ٻيءَ طرح جي ڳالهہ ڪئي.</verse>
				<verse number="20">۽ هڪڙو روح نڪري آيو، ۽ خداوند جي اڳيان بيهي چوڻ لڳو تہ آءٌ هن کي ڌتاريندس، ۽ خداوند چيس تہ ڇا سان؟</verse>
				<verse number="21">۽ هن چيو تہ آءٌ نڪري ويندس ۽ هن جي سڀني نبين جي وات ۾ ڪوڙ ڳالهائيندڙ روح ٿيندس. ۽ هن چيو تہ تون هن کي ڌتاريندين، ۽ هن تي غالب بہ پوندين: وڃ، وڃي ائين ڪر.</verse>
				<verse number="22">تنهنڪري هاڻي ڏس هنن تنهنجن نبين جي وات ۾ خداوند هڪڙو ڪوڙ ڳالهائيندڙ روح وڌو آهي؛ ۽ خداوند تنهنجي نسبت ۾ خراب خبر ٻڌائي آهي.</verse>
				<verse number="23">تڏهن صدقياہ بن ڪنعنہ ويجهو اچي ميڪاياہ کي چماٽ هڻي چيو تہ خداوند جو روح مون مان نڪري توسان ڳالهائڻ لاءِ ڪهڙي پاسي ويو؟</verse>
				<verse number="24">۽ ميڪاياہ چيو تہ ڏس، تون انهيءَ ڏينهن ڏسندين، جڏهن پاڻ کي لڪائڻ لاءِ اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ گهڙي ويندين.</verse>
				<verse number="25">۽ اسرائيل جي بادشاهہ چيو تہ اوهين ميڪاياہ کي شهر جي حاڪم امون، ۽ بادشاهہ جي پٽ يوآس وٽ موٽائي وٺي وڃو؛</verse>
				<verse number="26">۽ چئو تہ بادشاهہ هيئن ٿو چوي، تہ هن شخص کي قيد ۾ وجهو ۽ مصيبت جي ماني کارايوس ۽ مصيبت جو پاڻي پياريوس، جيستائين آءٌ صحيح سلامت موٽي اچان.</verse>
				<verse number="27">تڏهن ميڪاياہ چيو تہ جي تون ڪڏهن بہ صحيح سلامت موٽئين، تہ خداوند منهنجي معرفت نہ ڳالهايو آهي. ۽ هن چيو تہ اوهين سڀ اها ڳالهہ ٻڌو.</verse>
				<verse number="28">پوءِ اسرائيل جو بادشاهہ، ۽ يهوسفط، يهوداہ جو بادشاهہ، رامات جلعاد ڏانهن ويا.</verse>
				<verse number="29">۽ اسرائيل جي بادشاهہ يهوسفط کي چيو، تہ آءٌ ويس بدلائي جنگ تي هلندس؛ پر تون پنهنجي شاهي پوشاڪ ڍڪ، سو اسرائيل جي بادشاهہ ويس بدلايو، ۽ هو جنگ تي ويا.</verse>
				<verse number="30">هاڻي ارام جي بادشاهہ پنهنجن رٿن جي سردارن کي حڪم ڏنو تہ اسرائيل جي بادشاهہ کانسواءِ نڪي ننڍي نڪي وڏي سان وڙهجو.</verse>
				<verse number="31">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن رٿن جي سردارن يهوسفط کي ڏٺو، تڏهن چوڻ لڳا تہ اسرائيل جو بادشاهہ اهو آهي تنهنڪري هو ڦري هن سان وڙهڻ لڳا: پر يهوسفط دانهن ڪئي ۽ خداوند هن کي مدد ڏني، ۽ خدا هنن جي دل ۾ وڌو، ۽ هو انهيءَ کي ڇڏي هليا ويا.</verse>
				<verse number="32">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن رٿن جي سردارن ڏٺو تہ اهو اسرائيل جو بادشاهہ ناهي، تڏهن هو انهيءَ جي پٺيان پوڻ کان موٽي ويا.</verse>
				<verse number="33">۽ هڪڙي ماڻهوءَ اوچتو پنهنجي ڪمان ڪشي اسرائيل جي بادشاهہ کي تير هنيو، جو هن جي زرهہ جي سَنڌن جي وچ ۾ وڃي لڳو: جنهنڪري هن رٿ هڪلڻ واري کي چيو تہ پنهنجو هٿ ڦيرائي مون کي لشڪر مان ڪڍي ٻاهر وٺي هل؛ ڇالاءِ جو آءٌ سخت ڦٽجي پيو آهيان.</verse>
				<verse number="34">۽ انهيءَ ڏينهن جنگ سخت لڳي: انهيءَ هوندي بہ اسرائيل جو بادشاهہ پاڻ کي پنهنجي گاڏيءَ ۾ جهليو بيٺو هو ۽ شام تائين ارامين سان جنگ پئي ڪيائين: ۽ سج لهڻ جي وقت هو مري ويو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="19">
				<verse number="1">يهوداہ جو بادشاهہ يهوسفط صحيح سلامت موٽي پنهنجي گهر يروشلم ۾ آيو.</verse>
				<verse number="2">۽ ياهو بن حناني غيب دان هن جي استقبال لاءِ ويو ۽ يهوسفط بادشاهہ کي چيائين، تہ اهو مناسب آهي ڇا تہ تون شريرن کي مدد ڏين ۽ جي خداوند کي ڌڪارين ٿا تن کي پيار ڪرين؟ انهيءَ ڳالهہ ڪري خداوند جي طرفان توتي ڪاوڙ آئي.</verse>
				<verse number="3">انهيءَ هوندي بہ تو ۾ ڪي چڱيون ڳالهيون لڀن ٿيون، جو تو هن ملڪ مان يسيرت ڪڍي ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي خدا جي ڳولا ۾ دل لڳائي اٿيئي.</verse>
				<verse number="4">۽ يهوسفط يروشلم ۾ رهي پيو: ۽ هو وري بيرسبع کان وٺي افرائيم جي ڪوهستان تائين ماڻهن وٽ ويو، ۽ انهن کي خداوند سندن ابن ڏاڏن جي خدا ڏانهن موٽائي آندائين.</verse>
				<verse number="5">۽ هن يهوداہ جي سڀني قلعن وارن شهرن ۾، شهر بہ شهر، ملڪ ۾ قاضي مقرر ڪيا،</verse>
				<verse number="6">۽ انهن قاضين کي چيائين تہ جيڪي ڪريو سو ويچار سان ڪريو: ڇالاءِ جو اوهين ماڻهوءَ جي لاءِ عدالت نٿا ڪريو پر خداوند جي لاءِ ٿا ڪريو؛ ۽ انهيءَ عدالت ۾ اُهو اوهان ساڻ آهي.</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري هاڻي گهرجي تہ خداوند جو خوف اوهان تي هجي؛ جيڪي ڪريو سو خبرداري سان ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند اسان جي خدا وٽ بي انصافي ڪانهي، نہ ماڻهن سان پاسداري، ۽ نہ رشوت خوري.</verse>
				<verse number="8">انهيءَ کانسواءِ يهوسفط يروشلم ۾ لاوين ۽ ڪاهنن مان ۽ اسرائيل جي ابن جي گهراڻن جي رئيسن مان ڪي مقرر ڪيا تہ خداوند جي طرفان عدالت ڪن ۽ بحث مباحثا هلائين. ۽ پوءِ اهي يروشلم ڏي موٽي آيا.</verse>
				<verse number="9">۽ هن انهن کي تاڪيد ڪري چيو تہ اوهين هن طرح خداوند جي خوف سان ۽ ايمانداريءَ سان ۽ ڪامل دل سان هلت ڪجو.</verse>
				<verse number="10">۽ جيڪي اوهان جا ڀائر پنهنجن شهرن ۾ رهن ٿا، تن منجهان جڏهن ڪڏهن ڪو مقدمو اوهان وٽ اچي، جو هڪٻئي سان رت جي يا شريعت ۽ حڪم جي يا قاعدن ۽ فيصلن جي وچ ۾ هجي، تڏهن اوهين انهن کي خبردار ڪجو تہ هو خداوند جا ڏوهاري نہ ٿين، متان اوهان تي ۽ اوهان جي ڀائرن تي غضب نازل ٿئي: جي ائين ڪندا تہ اوهين ڏوهاري نہ ٿيندا.</verse>
				<verse number="11">۽ ڏس، خداوند جي سڀني ڳالهين ۾ امرياہ سردار ڪاهن اوهان جي مٿان آهي، ۽ بادشاهہ جي سڀني ڳالهين ۾ زبدياہ بن اسماعيل، يهوداہ جي گهراڻي جو سردار، اوهان جي مٿان آهي: لاوي بہ اوهان جي اڳيان عملدار ٿيندا. همت سان هلو، ۽ خداوند نيڪ ماڻهن سان هجي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="20">
				<verse number="1">انهيءَ کانپوءِ هيئن ٿيو تہ بني عمون، ڪن عمونين سان گڏ، يهوسفط سان جنگ ڪرڻ آيا.</verse>
				<verse number="2">پوءِ ڪن اچي يهوسفط کي چيو تہ سمنڊ جي هن ڀر ارام مان هڪڙو وڏو ڪٽڪ توتي ڪاهيو ٿو اچي، ۽ ڏس اهي حصاصون تمر ۾ (يعني عين جدي ۾ آهن.)</verse>
				<verse number="3">تڏهن يهوسفط ڊنو ۽ خداوند جي ڳولا ڪرڻ لڳو؛ ۽ اشتهار ڪرايائين تہ ساري يهوداہ ۾ ماڻهو روزو رکن.</verse>
				<verse number="4">۽ يهوداہ جا سڀ ماڻهو خداوند جي مدد گهرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا: مطلب تہ يهوداہ جي سڀني شهرن مان ماڻهو خداوند جي اڳيان ڳولا لاءِ آيا.</verse>
				<verse number="5">۽ يهوسفط يهوداہ ۽ يروشلم جي جماعت ۾، خداوند جي گهر منجهہ، نئين ايوان جي اڳيان اٿي بيٺو؛</verse>
				<verse number="6">۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جا خدا، تون آسمان ۾ خدا ناهين ڇا؟ ۽ قومن جي سڀني بادشاهتن تي تون حڪم هلائيندڙ ناهين ڇا؟ ۽ تنهنجي هٿ ۾ اهڙي قدرت ۽ طاقت آهي جو ڪوبہ توکي سامهون ٿي نٿو سگهي.</verse>
				<verse number="7">اي اسان جا خدا، تو هن زمين جي رهاڪن کي پنهنجي قوم اسرائيل جي اڳيان هڪالي نہ ڪڍيو ڇا، ۽ اُها تو پنهنجي دوست ابرهام جي اولاد کي هميشہ لاءِ ڏيئي نہ ڇڏي ڇا؟</verse>
				<verse number="8">۽ اهي ان ۾ رهي پيا ۽ اتي تنهنجي نالي لاءِ هنن هڪڙو پاڪ مڪان جوڙيو، ۽ چيائون تہ،</verse>
				<verse number="9">جيڪڏهن ڪا بلا اسان تي ايندي، جيئن تہ سزا جي ترار، يا طاعون يا ڏڪار، تہ اسين هن گهر جي اڳيان ۽ تنهنجي اڳيان بيهنداسين، (ڇالاءِ جو تنهنجو نالو هن گهر ۾ آهي) ۽ پنهنجي مصيبت ۾ توکي پڪارينداسين تہ تون ٻڌندين ۽ بچائيندين.</verse>
				<verse number="10">۽ هاڻي ڏس، بني عمون ۽ موآب ۽ شعير جبل، جن تي بني اسرائيل کي مصر جي زمين مان نڪرڻ مهل تو ڪاهہ ڪرڻ نہ ڏني بلڪ هو انهن کان ڦري ويا، ۽ انهن کي ناس نہ ڪيائون؛</verse>
				<verse number="11">سي ڏس تہ ڪيئن نہ انهيءَ جو اسان کي بدلو ٿا ڏين، جو جيڪا ملڪيت تو اسان کي ورثو ڪري ڏني آهي، تنهن مان اسان کي ڪڍي ٿا ڇڏين.</verse>
				<verse number="12">اي اسان جا خدا، تون انهن جو انصاف نہ ڪندين ڇا؟ ڇالاءِ جو جيڪا وڏي جماعت اسان سان وڙهڻ لاءِ ٿي اچي، تنهن سان سامهون ٿيڻ جي اسان کي طاقت ڪانهي؛ نڪا اسان کي خبر ٿي پوي تہ ڇا ڪريون: پر اسان جون اکيون توتي آهن.</verse>
				<verse number="13">۽ سارو يهوداہ، پنهنجن ننڍڙن ٻارن ۽ زالن ۽ اولاد سميت خداوند جي اڳيان بيٺو آهي.</verse>
				<verse number="14">تڏهن يحزي ايل بن زڪرياہ، بن بناياہ، بن يعي ايل، بن متنياہ، جو لاوي هو، ۽ آسف جي پٽن مان هو، تنهن تي جماعت جي وچ ۾ خداوند جو روح نازل ٿيو؛</verse>
				<verse number="15">۽ هن چيو تہ اي يهوداہ جا سڀ ماڻهو، ۽ اي يروشلم جا سڀ رهاڪو، ۽ اي يهوسفط بادشاهہ، اوهين سڀ ٻڌو: خداوند اوهان کي هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين ڊڄو نہ ۽ هن وڏي ڪٽڪ جي ڪري خوف نہ ڪريو؛ ڇالاءِ جو هيءَ جنگ اوهان جي نہ آهي پر خدا جي آهي.</verse>
				<verse number="16">سڀاڻي اوهين هنن تي ڪاهي وڃو: ڏسو هو صيص واري چاڙهيءَ تان چڙهندا ٿا اچن، ۽ اوهين انهن کي يروئيل جي بيابان جي اڳيان واديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ وڃي هٿ ڪندا.</verse>
				<verse number="17">اوهان کي هن جنگ ۾ وڙهڻ جو ضرور نہ ٿيندو: پاڻ کي تيار ڪري ماٺ ڪري بيهي رهو، پوءِ اي يهوداہ ۽ يروشلم، خداوند جو ڇوٽڪارو جو اوهان ساڻ آهي ڏسجو: ڊڄو نہ، نہ ڪو خوف ڪريو: سڀاڻي هنن تي ڪاهي وڃجو؛ ڇالاءِ جو خداوند اوهان سان آهي.</verse>
				<verse number="18">پوءِ يهوسفط سر جهڪائي پنهنجو منهن زمين تي رکيو: ۽ ساري يهوداہ ۽ يروشلم جا ماڻهو خداوند جي اڳيان ڪِري پيا ۽ خداوند کي سجدو ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="19">۽ بني قهات ۽ بني قورح مان لاوي خداوند، اسرائيل جي خدا جي تمام وڏي سڏ تعريف ڪرڻ لاءِ اُٿي بيٺا.</verse>
				<verse number="20">۽ هو صبح جو سوير اُٿي تقوع جي بيابان ڏي ويا: ۽ جيئن هو نڪري پئي ويا تيئن يهوسفط بيهي چيو تہ اي يهوداہ ۽ اي يروشلم جا رهاڪو، منهنجي ٻڌو؛ خداوند پنهنجي خدا تي ايمان آڻيو تہ اوهين قائم ٿيو؛ هن جي نبين جي ڳالهہ مڃو تہ اوهين اقبالمند ٿيو.</verse>
				<verse number="21">۽ جڏهن هن ماڻهن سان صلاح مصلحت ڪئي تڏهن هن ڪي ماڻهو مقرر ڪيا تہ اهي خداوند جي اڳيان ڳائين، ۽ جيئن لشڪر جي اڳيان هلندا هلن تيئن پاڪيزگيءَ جي جمال سان تعريف ڪن، ۽ چون تہ خداوند جي شڪرگذاري ڪريو؛ ڇالاءِ جو هن جي رحمت هميشہ جٽاءُ ڪندڙ آهي.</verse>
				<verse number="22">جڏهن هو ڳائڻ ۽ تعريف ڪرڻ لڳا، تڏهن خداوند بني عمون ۽ بني موآب ۽ بني شعير جبل، جي يهوداہ جي برخلاف ڪاهي آيا، تن جي برخلاف ڄڪ هڻڻ وارا ويهاري ڇڏيا؛ ۽ هنن شڪست کاڌي.</verse>
				<verse number="23">ڇالاءِ جو هو بني عمون، ۽ موآب، ۽ شعير جبل جي رهاڪن جي سامهون ٿي بيٺا، ۽ انهن کي ڪُهي چٽ ڪري ڇڏيائون: ۽ جڏهن شعير جي رهاڪن کي کپائي بس ڪيائون، تڏهن هو وري هڪ ٻئي کي ناس ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="24">۽ جڏهن يهوداہ بيابان جي پهري واري ٺلهہ وٽ آيا، تڏهن هنن انهيءَ ڪٽڪ ڏانهن نهاريو؛ ۽ ڏسن تہ اُهي لاشا آهن جي زمين تي پيا آهن، ۽ منجهانئن اهڙا ڪي بہ ڪين هئا جي ڀڄي جان ڇڏائين.</verse>
				<verse number="25">۽ جڏهن يهوسفط ۽ سندس ماڻهو انهن جو لٽ جو مال کڻڻ آيا، تڏهن انهن ۾ بي انداز دولت ۽ ڪپڙا ۽ قيمتي جواهر ڏٺائون، جي هنن پنهنجي لاءِ لاهي هٿ ڪيا، ۽ اهي هنن جي کڻڻ کان وڌيڪ هئا: ۽ لٽ جو مال ايترو تہ گهڻو هو جو ٽي ڏينهن هنن پئي کنيو.</verse>
				<verse number="26">۽ چوٿين ڏينهن هو براڪاهہ جي واديءَ ۾ اچي گڏ ٿيا؛ ڇالاءِ جو اُتي هنن خداوند کي دعا ڏني: تنهنڪري انهيءَ هنڌ جو نالو اڄ تائين براڪاهہ جي وادي آهي.</verse>
				<verse number="27">تنهن کانپوءِ هو سڀ، يعني يهوداہ ۽ يروشلم جا سڀ ماڻهو ۽ سندن اڳيان يهوسفط خوشيون ڪندا يروشلم ڏي موٽيا؛ ڇالاءِ جو خداوند هنن کي سندن دشمنن تي شادمان ڪيو.</verse>
				<verse number="28">۽ هو سنطورن ۽ بربطن ۽ قرنائن سان، يروشلم ۾ خداوند جي گهر ۾ گهڙيا.</verse>
				<verse number="29">۽ جڏهن سڀني ملڪن جي بادشاهتن ٻڌو تہ خداوند اسرائيل جي دشمنن سان وڙهيو، تڏهن انهن تي خدا جو خوف غالب ٿيو.</verse>
				<verse number="30">انهيءَ طرح يهوسفط جي بادشاهيءَ ۾ آرام ٿيو: ڇالاءِ جو هن جي خدا هن کي چوڌاري آرام بخشيو.</verse>
				<verse number="31">۽ يهوسفط يهوداہ تي بادشاهي ڪئي: جڏهن هو بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن پنجٽيهن سالن جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ پنجويهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو عزوبہ هو، جا سلحيءَ جي ڌيءَ هئي.</verse>
				<verse number="32">۽ هو پنهنجي پيءُ آسا جي رستي تي هليو ۽ انهيءَ کان مڙيو ڪين، ۽ اهڙا ڪم ڪيائين جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا.</verse>
				<verse number="33">انهيءَ هوندي بہ مٿانهيون جايون ڊاهيون نہ ويون؛ نڪي اڃا ماڻهن پنهنجون دليون پنهنجن ابن ڏاڏن جي خدا تي ڄمايون هيون.</verse>
				<verse number="34">هاڻي يهوسفط جا باقي ٻيا ڪم، پهريان توڙي پويان، ڏسو، ياهو بن حنانيءَ جي تواريخ ۾ لکيل آهن، جا اسرائيل جي بادشاهن جي ڪتاب ۾ داخل آهي.</verse>
				<verse number="35">۽ انهيءَ کانپوءِ يهوداہ جو بادشاهہ يهوسفط اسرائيل جي بادشاهہ اخزياہ سان وڃي گڏيو؛ ۽ انهيءَ تمام شرارت جهڙي هلت ڪئي:</verse>
				<verse number="36">۽ هو انهيءَ سان شامل ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ ترسيس ڏي وڃڻ لاءِ جهاز جوڙين: ۽ هنن عصيون جابر ۾ جهاز جوڙيا:</verse>
				<verse number="37">پوءِ اليعزر بن دوداواهو مريساهيءَ، يهوسفط جي برخلاف پيشنگوئي ڪئي ۽ چيائين تہ تون اخزياہ سان وڃي گڏيو آهين، تنهنڪري خداوند تنهنجا ڪم خراب ڪري ڇڏيا آهن. ۽ جهاز اهڙي طرح ڀڄي پيا جو هو ترسيس ڏي وڃي نہ سگهيا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="21">
				<verse number="1">۽ يهوسفط پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ دائود جي شهر ۾ پنهنجن ابن ڏاڏن سان دفن ٿيو: ۽ سندس پٽ يهورام سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="2">۽ هن جا ڀائر يهوسفط جا پٽ هي هئا؛ عزرياہ، ۽ يحي ايل، ۽ زڪرياہ، ۽ عزرياہ، ۽ ميڪائيل، ۽ سفطياہ: اهي سڀ اسرائيل جي بادشاهہ يهوسفط جا پٽ هئا.</verse>
				<verse number="3">۽ انهن کي سندن پيءُ چاندي ۽ سون ۽ قيمتي شين جون گهڻيون سوغاتون ڏنيون، ۽ يهوداہ ۾ قلعن وارا شهر بہ ڏنا، پر بادشاهت هن يهورام کي ڏني، ڇالاءِ جو هو پهريتو هو.</verse>
				<verse number="4">هاڻي جڏهن يهورام پنهنجي پيءُ جي بادشاهت تي قائم ٿيو ۽ پاڻ کي مضبوط ڪيائين، تڏهن هن پنهنجن سڀني ڀائرن کي، ۽ اسرائيل جي ٻين ڪيترن سردارن کي بہ ترار سان قتل ڪيو.</verse>
				<verse number="5">جڏهن يهورام بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو ٻٽيهن ورهين جي عمر جو هو؛ هن يروشلم ۾ اٺ سال بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="6">۽ هو اسرائيل جي بادشاهہ جي رستي تي هليو، جيئن ڪ اخي اب جي گهراڻي ڪيو: ڇالاءِ جو اخي اب جي ڌيءَ سندس زال هئي: ۽ هن جيڪي ڪم ڪيا سي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.</verse>
				<verse number="7">انهيءَ هوندي بہ خداوند دائود جي گهراڻي کي ناس ڪرڻ نہ گهريو، ڇالاءِ جو دائود سان عهد اقرار ڪيو هئائين ۽ انجام ڪيو هئائين تہ هن کي ۽ سندس اولاد کي هميشہ هڪڙو ڏيئو ڏيندو رهندو.</verse>
				<verse number="8">۽ هن جي ڏينهن ۾ ادوم يهوداہ جي زيردستيءَ کان باغي ٿيو، ۽ اتي جي ماڻهن پنهنجي لاءِ هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪيو.</verse>
				<verse number="9">تڏهن يهورام پنهنجن سردارن سان ۽ پنهنجون سڀ گاڏيون ساڻ ڪري، لنگهي انهيءَ پاسي ويو: ۽ رات جو اُٿي ادومين کي شڪست ڏنائين، ڇالاءِ جو هو هن کي ۽ گاڏين جي سردارن کي چوڌاري وڪوڙي ويا هئا.</verse>
				<verse number="10">انهيءَ طرح ادوم اڄ ڏينهن تائين يهوداہ جي زيردستيءَ کان باغي ٿي ڦري ويو: ۽ انهيءَ ساڳي وقت لبناہ بہ سندس زيردستيءَ کان باغي ٿي ويو، ڇالاءِ جو هن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو هو.</verse>
				<verse number="11">تنهن کانسواءِ هن يهوداہ جي جبلن ۾ مٿانهيون جايون ٺهرايون، ۽ يروشلم جي رهاڪن کي زناڪار ڪيائين، ۽ يهوداہ کي گمراهہ ڪري ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="12">۽ ايلياہ نبيءَ وٽان هن وٽ هڪڙو خط آيو، جنهن ۾ لکيل هو تہ خداوند، تنهنجي پيءُ دائود جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ تون پنهنجي پيءُ يهوسفط جي، يا يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي رستن تي نہ هليو آهين؛</verse>
				<verse number="13">پر اسرائيل جي بادشاهن جي رستي تي هليو آهين. ۽ يهوداہ کي ۽ يروشلم جي رهاڪن کي زناڪار ڪيو اٿيئي، جيئن ڪ اخي اب جي گهراڻي ڪيو آهي؛ ۽ تو پنهنجي پيءُ جي گهراڻي مان بہ پنهنجا ڀائر ڪُٺا آهن، جي توکان چڱا هئا:</verse>
				<verse number="14">تنهنڪري ڏس، خداوند تنهنجي قوم ۽ تنهنجي اولاد ۽ تنهنجين زالن، ۽ تنهنجي ساري ملڪيت کي هڪڙي وڏي طاعون سان ڌڪ هڻندو:</verse>
				<verse number="15">۽ توکي آنڊن جي مرض جي ڪري هڪڙي وڏي بيماري ٿيندي، جنهنڪري روز بروز انهيءَ بيماريءَ جي ڪري تنهنجا آنڊا ڪِري پوندا.</verse>
				<verse number="16">۽ خداوند فلستين کي ۽ انهن عربن کي، جي حبشين جي پاسي ۾ رهن ٿا، يهورام جي خلاف جوش ڏياري اُٿاريو:</verse>
				<verse number="17">۽ اهي يهوداہ تي چڙهي آيا ۽ انهن ۾ ڪاهي پيا، ۽ بادشاهہ جي گهر ۾ جيڪو مال هٿ آين سو، ۽ سندس پٽ ۽ سندس زالون بہ، کڻي هليا ويا؛ جنهنڪري هن وٽ ڪوبہ پٽ ڪونہ رهيو سواءِ يهوآخز جي، جو سندس پٽن مان سڀ کان ننڍو هو.</verse>
				<verse number="18">۽ ايتري کانپوءِ خداوند هن کي آنڊن جو هڪڙو لاعلاج مرض بڇيو.</verse>
				<verse number="19">۽ عرصي پئي، ٻن ورهين کانپوءِ، هيئن ٿيو تہ هن جا آنڊا انهيءَ بيماريءَ جي ڪري نڪري ٻاهر ٿيا، ۽ هو خراب مرضن جي ڪري مري ويو. ۽ هن جي ماڻهن سندس لاءِ ساڙڻ نہ ڪيو، جيئن سندس ابن ڏاڏن لاءِ ڪيو هئائون.</verse>
				<verse number="20">جڏهن هو بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن ٻٽيهن ورهين جي عمر جو هو ۽ هن يروشلم ۾ اٺ سال بادشاهي ڪئي: ۽ هو بي سوءَ لڏي هليو ويو؛ ۽ هن کي دائود جي شهر ۾ دفن ڪيائون، پر بادشاهن جي قبرستان ۾ نہ.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="22">
				<verse number="1">۽ يروشلم جي رهاڪن هن جي جاءِ تي سندس سڀ کان ننڍي پٽ اخزياہ کي بادشاهہ ڪيو: ڇالاءِ جو عربن سان گڏ جيڪا ماڻهن جي ٽولي لشڪرگاهہ ۾ آئي هئي، تنهن سڀني وڏن کي ڪُهي ڇڏيو هو. انهيءَ طرح يهوداہ جي بادشاهہ يهورام جو پٽ اخزياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="2">جڏهن اخزياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن ٻائيتاليهن ورهين جي عمر جو هو: ۽ هن هڪ سال يروشلم ۾ بادشاهي ڪئي: هن جي ماءُ جو نالو عتلياہ هو، جا عمريءَ جي ڌيءَ هئي.</verse>
				<verse number="3">اهو بہ اخي اب جي گهراڻي جي رستن تي هليو: ڇالاءِ جو سندس ماءُ بڇڙن ڪمن ڪرڻ لاءِ صلاح ڏيندي هيس.</verse>
				<verse number="4">۽ هن اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، جيئن اخي اب جي گهراڻي ڪيا هئا: ڇالاءِ جو سندس پيءُ جي مرڻ کانپوءِ انهن کيس صلاحون ڏيئي ناس ڪيو.</verse>
				<verse number="5">هو انهن جي صلاح مشورت تي بہ هليو، ۽ اسرائيل جي بادشاهہ اخي اب جي پٽ يهورام سان گڏجي ارام جي بادشاهہ حزائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ رامات جلعاد ڏي ويو: ۽ ارامين يهورام کي ڦٽي وڌو.</verse>
				<verse number="6">۽ هو موٽي يزرعيل ۾ آيو، انهيءَ لاءِ تہ ارام جي بادشاهہ حزائيل سان وڙهڻ وقت رامہ ۾ جيڪي زخم رسيا هئس سي ڇُٽائي. ۽ يهوداہ جي بادشاهہ يهورام جو پٽ عزرياہ، يهورام بن اخي اب کي يزرعيل ۾ ڏسڻ ويو، ڇالاءِ جو هو بيمار هو.</verse>
				<verse number="7">هاڻي اخزياہ جي تباهي خدا وٽان هئي جو هو يهورام ڏي ويو هو: ڇالاءِ جو جڏهن هو موٽي آيو، تڏهن هو يهورام سان گڏجي ياهو بن نمسيءَ سان وڙهڻ لاءِ نڪري ويو، جنهن کي خداوند اخي اب جي گهراڻي کي وڍي ڇڏڻ لاءِ مسح ڪيو هو.</verse>
				<verse number="8">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ياهو اخي اب جي گهراڻي تي اهو حڪم تعميل پئي ڪيو، تڏهن هن يهوداہ جي سردارن، ۽ اخزياہ جي ڀائرن جي پٽن کي، اخزياہ جي خدمت چاڪري ڪندي ڏٺو ۽ انهن کي ڪُٺائين.</verse>
				<verse number="9">۽ هن اخزياہ جي ڳولا ڪئي، ۽ انهن هن کي وڃي پڪڙيو، (هاڻي هو سامريہ ۾ لڪل هو) ۽ انهيءَ کي ياهوءَ وٽ وٺي ويا ۽ قتل ڪيائونس؛ ۽ دفن ڪيائونس، ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هو يهوسفط جو پٽ آهي جنهن پنهنجي سڄي ساريءَ دل سان خدا کي ٿي ڳوليو. ۽ اخزياہ جي گهراڻي کي بادشاهت جي سنڀالڻ جي ڪابہ طاقت ڪانہ هئي.</verse>
				<verse number="10">هاڻي جڏهن اخزياہ جي ماءُ عتلياہ ڏٺو تہ منهنجو پٽ مري ويو آهي، تڏهن هوءَ اُٿي ۽ يهوداہ جي گهراڻي جي شاهي نسل وارا سڀ ناس ڪري ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="11">پر يهوسفط بادشاهہ جي ڌيءَ، اخزياہ جي پٽ يوآس کي، جيڪي بادشاهہ جا پٽ قتل ٿيا هئا، تن منجهان چورائي کڻي ويئي ۽ انهيءَ کي سندس دائيءَ سميت سمهڻ واري ڪوٺيءَ ۾ وڃي لڪايائين. انهيءَ طرح يهورام جي ڌيءَ يهوسبعت، جا يهويدع ڪاهن جي زال هئي، (ڇالاءِ جو هوءَ اخزياہ جي ڀيڻ هئي) تنهن هن کي عتلياہ کان لڪائي ڇڏيو، جنهنڪري هوءَ انهي کي ڪُهي نہ سگهي.</verse>
				<verse number="12">۽ اهو هنن وٽ ڇهن سالن تائين خدا جي گهر ۾ لڪل هو: ۽ عتلياہ ملڪ تي بادشاهي پئي ڪئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="23">
				<verse number="1">۽ ستين سال ۾ يهويدع پاڻ کي زور وارو ڪيو، ۽ سوَن جي سردارن کي، يعني عزرياہ بن يهورام، اسماعيل بن يهوحنان، ۽ عزرياہ بن عوبيد، ۽ معسياہ بن عداياہ، ۽ اليسافط بن زڪري، کي پاڻ سان عهد اقرار ۾ ٻڌائين.</verse>
				<verse number="2">۽ اهي يهوداہ ۾ هيڏي هوڏي گهميا، ۽ يهوداہ جي سڀني شهرن مان لاوين کي ۽ اسرائيل جي ابن جي گهراڻن جي رئيسن کي، گڏ ڪيائون ۽ يروشلم ۾ آيا.</verse>
				<verse number="3">۽ ساري جماعت خدا جي گهر ۾ بادشاهہ سان عهد اقرار ڪيو، ۽ هن انهن کي چيو تہ ڏسو، جهڙيءَ طرح خداوند دائود جي پٽن جي نسبت ۾ فرمايو آهي، تهڙيءَ طرح بادشاهہ جو پٽ بادشاهي ڪندو.</verse>
				<verse number="4">۽ اوهان کي هيئن ڪرڻ لازم آهي: اوهان مان، جيڪي سبت جي ڏينهن اندر ٿا اچو، ۽ ڪاهن ۽ لاوي آهيو، تن منجهان ٽيون حصو درن جا دربان ٿيو:</verse>
				<verse number="5">۽ ٽيون حصو بادشاهہ جي گهر ۾ رهي، ۽ ٽيون حصو بنياد واري در تي رهي؛ ۽ ٻيا سڀ ماڻهو خداوند جي گهر جي ايوانن ۾ رهن.</verse>
				<verse number="6">پر ڪاهن ۽ جيڪي لاوي خدمت ٿا ڪن، تن کان سواءِ ڪوبہ خداوند جي گهر ۾ نہ اچي؛ اهي ڀلي اچن، ڇالاءِ جو اُهي پاڪ آهن؛ پر سڀ ماڻهو خداوند لاءِ پهرو ڏيندا.</verse>
				<verse number="7">۽ لاوي بادشاهہ جي چوڌاري ڦري بيهندا ۽ سڀ ڪو پنهنجا هٿيار کڻي بيهندو؛ ۽ جيڪو گهر ۾ گهڙي ايندو، سو قتل ڪيو ويندو: ۽ جڏهن بادشاهہ اندر اچي ۽ ٻاهر وڃي، تڏهن اوهين انهيءَ ساڻ هجو.</verse>
				<verse number="8">تڏهن لاوين ۽ يهوداہ جي ماڻهن ائين ڪيو، جيئن يهويدع ڪاهن حڪم ڪيو هون: ۽ انهن مان سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجا اهي ماڻهو پاڻ سان گڏ ڪيا جي سبت جي ڏينهن اندر اچڻا هئا، ۽ اهي جي سبت جي ڏينهن ٻاهر وڃڻا هئا؛ ڇالاءِ جو يهويدع ڪاهن ترتيبوار حصن کي موڪل نہ ڏني هئي.</verse>
				<verse number="9">۽ يهويدع ڪاهن سوَن جي سردارن کي اهي نيزا ۽ ڍالون ۽ سپرون ڏنيون، جي دائود جون هيون، ۽ جي خدا جي گهر ۾ هيون.</verse>
				<verse number="10">۽ هن سڀني ماڻهن کي سندن هٿ ۾ پنهنجا هٿيار ڏيئي، گهر جي سڄي هٿ پاسي کان وٺي گهر جي کٻي هٿ پاسي تائين، قربانگاهہ ۽ گهر جي پاسي کان، ۽ بادشاهہ جي چوڌاري مقرر ڪري بيهاري ڇڏيا.</verse>
				<verse number="11">تنهن کانپوءِ هنن بادشاهہ جو پٽ ٻاهر آندو ۽ تاج کڻي انهيءَ تي رکيائون، ۽ شاهديءَ جي سند ڏنائونس، ۽ بادشاهہ ڪيائونس: ۽ يهويدع ۽ ان جي پٽن هن کي مسح ڪيو؛ پوءِ چوڻ لڳا تہ بادشاهہ کي شل خدا سلامت رکي.</verse>
				<verse number="12">۽ جڏهن عتلياہ ماڻهن جو هُل ٻڌو، جي پئي ڊوڙيا، ۽ بادشاهہ جي تعريف پئي ڪيائون، تڏهن هوءَ خداوند جي گهر ۾ ماڻهن وٽ آئي:</verse>
				<verse number="13">۽ هن نهاريو ۽ ڏٺائين تہ بادشاهہ دروازي وٽ پنهنجي ٿنڀ جي ڀرسان بيٺو آهي، ۽ سردار ۽ قرنائن وارا بادشاهہ جي ڀرسان بيٺا آهن؛ ۽ ملڪ جا سڀ ماڻهو خوشيون پيا ڪن ۽ قرنائون پيا وڄائين، ۽ ڳائڻ وارا بہ ساز پيا وڄائين، ۽ تعريف جا راڳ پيا ڳائين، تڏهن عتلياہ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چوڻ لڳي تہ دغا، دغا.</verse>
				<verse number="14">۽ يهويدع ڪاهن جيڪي سوَن جا سردار لشڪر تي بيٺل هئا، تن کي ٻاهر ڪڍي آيو، ۽ چيائين تہ عتلياہ کي جهلي پنهنجين صفن جي وچ ۾ آڻيو، ۽ جيڪو هن جي پٺيان اچي تنهن کي ترار سان ماري ڇڏيو: ڇالاءِ جو ڪاهن چيو تہ هن کي خداوند جي گهر ۾ نہ ڪُهو.</verse>
				<verse number="15">انهيءَ طرح هنن انهيءَ کي لنگهڻ ڏنو؛ ۽ هوءَ بادشاهہ جي گهر جي گهوڙي واري دروازي جي لنگهہ ڏانهن ويئي: ۽ اُتي هنن قتل ڪري ڇڏيس.</verse>
				<verse number="16">۽ يهويدع پنهنجي ساريءَ قوم ۽ بادشاهہ جي وچ ۾ هڪڙو عهد اقرار ڪيو تہ هو سڀ خداوند جي قوم ٿي رهندا.</verse>
				<verse number="17">۽ سڀ ماڻهو بعل جي گهر ڏي ويا ۽ انهيءَ کي ڀڳائون، ۽ انهيءَ جون قربانگاهون ۽ انهيءَ جا بُت ڀڃي پرزا پرزا ڪيائون، ۽ بعل جي ڪاهن متانَ کي قربانگاهہ جي اڳيان قتل ڪيائون.</verse>
				<verse number="18">۽ يهويدع خداوند جي گهر جو ڪم انهن لاوي ڪاهنن جي هٿ هيٺ رکيو، جن کي دائود خداوند جي گهر ۾ انهيءَ لاءِ ورهائي ڇڏيو هو، تہ خداوند جي لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون، جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهن، تيئن خوشين ڪرڻ سان، ۽ ڳائڻ سان، دائود جي حڪم موجب ادا ڪن.</verse>
				<verse number="19">۽ هن خداوند جي گهر جي درن تي دربان مقرر ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ڪنهن بہ طرح ناپاڪ هجي، تنهن کي اندر لنگهڻ نہ ڏين.</verse>
				<verse number="20">۽ هن سوَن جي سردارن، ۽ اميرن، ۽ ماڻهن جي حاڪمن، ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن کي گڏ ڪري، بادشاهہ کي خداوند جي گهر مان لاهي هيٺ آندو: ۽ هو مٿين درن مان بادشاهہ جي گهر ۾ آيا، ۽ بادشاهہ کي بادشاهت جي تخت تي ويهاريائون.</verse>
				<verse number="21">پوءِ ملڪ جي سڀني ماڻهن خوشيون ڪيون ۽ شهر ۾ آرام ٿيو: ۽ هنن عتلياہ کي ترار سان ماري وڌو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="24">
				<verse number="1">جڏهن يوآس بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو ستن ورهين جو هو؛ ۽ هن چاليهہ سال يروشلم ۾ راڄ ڪيو: ۽ هن جي ماءُ جو نالو ضبياہ هو، جا بيرسبع جي هئي.</verse>
				<verse number="2">۽ يهويدع ڪاهن جي سڀني ڏينهن ۾ يوآس اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا،</verse>
				<verse number="3">۽ يهويدع هن کي ٻہ زالون پرڻايون؛ ۽ هن کي پٽ ۽ ڌيئرون ڄايون.</verse>
				<verse number="4">انهيءَ کانپوءِ هيئن ٿيو جو يوآس جي دل ۾ آيو تہ خداوند جي گهر جي مرمت ڪرائي.</verse>
				<verse number="5">۽ هن ڪاهنن ۽ لاوين کي گڏ ڪري انهن کي چيو، تہ اوهين يهوداہ جي شهرن ڏي نڪري وڃو، ۽ ساري اسرائيل مان پئسا گڏ ڪريو تہ سال بسال اوهان جي خدا جي گهر جي مرمت ٿئي، ۽ اها نظر ڪجو تہ انهيءَ ڪم جو جلد اُڪلاءُ ٿئي. انهيءَ هوندي بہ لاوين جلد اُڪلاءُ ڪونہ ڪيو.</verse>
				<verse number="6">۽ بادشاهہ يهويدع سردار ڪاهن کي سڏايو، ۽ چيائينس تہ ڇالاءِ تو لاوين کي نہ چيو تہ يهوداہ مان، ۽ يروشلم مان، خداوند جي ٻانهي، ۽ اسرائيل جي جماعت جي خادم موسيٰ جو ٻڌل ڏن، شاهديءَ جي تنبوءَ لاءِ اوڳاڙي کڻي اچن.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو انهيءَ شرير زال عتلياہ جي پٽن، خدا جو گهر ڀڃي ڇڏيو هو؛ ۽ هنن خداوند جي گهر جون وقف ٿيل شيون بعليم کي ڏيئي ڇڏيون هيون.</verse>
				<verse number="8">تڏهن بادشاهہ جي حڪم موجب هنن هڪڙي صندوق جوڙي ۽ اها خداوند جي گهر جي در تي ٻاهر رکائي ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="9">۽ هنن يهوداہ ۽ يروشلم ۾ اشتهار ڪرايو تہ جيڪو ڏن خدا جي ٻانهي موسيٰ بيابان ۾ اسرائيل تي ٻڌو هو، سو خداوند جي لاءِ کڻي اچو.</verse>
				<verse number="10">۽ سڀني سردارن ۽ سڀني ماڻهن خوشيون ڪيون ۽ پنهنجو ڏن آڻي انهيءَ صندوق ۾ وڌائون، ۽ سڄو ڪم لاهي پورو ڪيائون.</verse>
				<verse number="11">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اها صندوق لاوين جي هٿان بادشاهہ جي ڪچهريءَ ۾ پهتي، ۽ جڏهن هنن ڏٺو تہ پئسا تمام گهڻا آهن، تڏهن بادشاهہ جي محرر ۽ سردار ڪاهنن جي عملدار اچي پيتي خالي ڪئي، ۽ اها وري کڻي پنهنجي جاءِ تي رکي ڇڏيائون. انهيءَ طرح هو روز بروز ڪندا رهيا ۽ تمام گهڻي رقم گڏ ڪيائون.</verse>
				<verse number="12">۽ بادشاهہ ۽ يهويدع اها اهڙن ماڻهن کي ڏني، جن خداوند جي گهر جي خدمت جو ڪم ٿي ڪيو؛ ۽ هنن رازا ۽ واڍا ڀاڙي ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي گهر جي مرمت ڪن، ۽ انهن کي بہ ڏنائون، جن خداوند جي گهر جي مرمت ڪرڻ لاءِ لوهہ ۽ پتل جو ڪم ٿي ڪيو.</verse>
				<verse number="13">انهيءَ طرح ڪاريگر ڪم ڪندا رهيا ۽ اهو ڪم هنن پورو ڪيو، ۽ خداوند جو گهر پهرين حالت تي بيهاريائون، ۽ انهيءَ کي مضبوط ڪيائون.</verse>
				<verse number="14">۽ جڏهن هنن ڪم پورو ڪيو تڏهن جيڪي پئسا باقي بچيا، سي بادشاهہ ۽ يهويدع جي اڳيان آندائون ۽ انهن مان خداوند جي گهر لاءِ ٿانوَ جوڙيا ويا، يعني خدمت ڪرڻ جا ٿانوَ، ۽ قرباني ڪرڻ جا ٿانوَ، ۽ چمچا، ۽ سونا روپا ٿانوَ. ۽ هنن يهويدع جي سڀني ڏينهن ۾ هميشہ خداوند جي گهر ۾ ساڙڻ واريون قربانيون پئي چاڙهيون.</verse>
				<verse number="15">پر يهويدع ٻڍو ۽ ڪهن سال ٿيو ۽ وفات ڪيائين؛ ۽ مرڻ مهل هو هڪ سؤ ٽيهن ورهين جو هو.</verse>
				<verse number="16">۽ هنن انهي کي دائود جي شهر ۾ بادشاهن سان گڏ دفن ڪيو، ڇالاءِ جو هن اسرائيل ۾ خدا ۽ سندس گهر لاءِ چڱا ڪم ڪيا هئا.</verse>
				<verse number="17">هاڻي يهويدع جي مرڻ کانپوءِ يهوداہ جي سردارن اچي بادشاهہ کي تعظيم ڏني، تڏهن بادشاهہ هنن جي ڳالهہ ٻڌي.</verse>
				<verse number="18">۽ پوءِ هنن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي گهر کي ڇڏي ڏنو، ۽ يسيرتن ۽ بُتن جي بندگي ڪرڻ لڳا؛ ۽ انهيءَ گناهہ ڪرڻ ڪري يهوداہ ۽ يروشلم تي غضب نازل ٿيو.</verse>
				<verse number="19">انهيءَ هوندي بہ هن انهن ڏي نبي موڪليا تہ کين خداوند ڏانهن موٽائي آڻين؛ ۽ هنن انهن جي گهڻي ملامت ڪئي: پر انهن ڪن ڪونہ ڏنو.</verse>
				<verse number="20">پوءِ خدا جو روح زڪرياہ بن يهويدع ڪاهن تي نازل ٿيو؛ ۽ هو ماڻهن کان مٿي بيهي چوڻ لڳو تہ خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين ڇو خداوند جي حڪم عدولي ٿا ڪريو، جو سکيا گذاري نٿا سگهو، ۽ ڇالاءِ جو اوهان خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنڪري هن بہ اوهان کي ڇڏي ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="21">۽ هنن ان جي برخلاف منصوبو ڪيو، ۽ بادشاهہ جي حڪم پٺيان خداوند جي گهر جي ايوان ۾ هن کي سنگسار ڪيائون.</verse>
				<verse number="22">انهيءَ طرح يوآس بادشاهہ اُها مهرباني ياد نہ ڪئي جا هن جي پيءُ يهويدع ڪئي هئس، پر انهيءَ جي پٽ کي قتل ڪري ڇڏيائين. ۽ جڏهن زڪرياہ مئو، تڏهن هن چيو تہ شل خداوند اهو ڏسي ۽ انهيءَ جو حساب وٺي.</verse>
				<verse number="23">۽ سال جي پوري ٿيڻ تي هيئن ٿيو تہ ارامين جو لشڪر هن تي چڙهي آيو: ۽ هو يهوداہ ۽ يروشلم ۾ آيا، ۽ ماڻهن منجهان انهن جا سڀ سردار ناس ڪري ڇڏيائون، ۽ انهن جو سڀ لٽ جو مال دمشق جي بادشاهہ ڏي ڏياري موڪليائون.</verse>
				<verse number="24">جيتوڻيڪ ارامين جو لشڪر ٿورن ماڻهن سان آيو هو؛ پر خداوند هڪڙو تمام وڏو لشڪر انهن جي هٿن ۾ ڏنو، ڇالاءِ جو هنن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو هو. انهيءَ طرح هنن يوآس تي سزا جي حڪم جي تعميل ڪئي.</verse>
				<verse number="25">۽ جڏهن هو انهن کي ڇڏي هليا ويا، (ڇالاءِ جو هو انهن کي وڏين بيمارين ۾ ڇڏي ويا،) تڏهن خود هن جي نوڪرن سندس برخلاف منصوبو ڪيو، ۽ هن کان يهويدع ڪاهن جي پٽن جي خون جو وير ورتو، ۽ هن کي سندس بستري تي ڪُهي ڇڏيائون ۽ هو مري ويو: ۽ هن کي دائود جي شهر ۾ دفن ڪيائون، پر نہ بادشاهن واري قبرستان ۾.</verse>
				<verse number="26">۽ جن هن جي برخلاف منصوبو ڪيو، سي هي آهن: زبد بن سماعت عمونڻ، ۽ يهوزبد بن سمريت موآبڻ.</verse>
				<verse number="27">هاڻي هن جي پٽن بابت ۽ جيڪي وڏا بار هن تي رکيا ويا تنهن بابت، ۽ خدا جي گهر جي وري جوڙڻ بابت، ڏسو، اهي بادشاهن جي ڪتاب جي تفسير ۾ لکيل آهن. ۽ هن جو پٽ امصياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="25">
				<verse number="1">جڏهن امصياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن پنجويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ اوڻٽيهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو يهوعدان هو، جا يروشلم جي هئي.</verse>
				<verse number="2">۽ هن جيڪي ڪم ڪيا، سي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، پر اهي هن سالم دل سان نہ ڪيا.</verse>
				<verse number="3">هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهت هن جي قبضي ۾ آئي، تڏهن سندس جن نوڪرن سندس پيءُ بادشاهہ کي ماريو هو، تن کي هن قتل ڪيو.</verse>
				<verse number="4">پر انهن جي اولاد کي نہ مارايو، ۽ جيئن موسيٰ جي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهي تيئن ڪيائين، يعني جيئن خداوند فرمايو آهي تہ پيءُ پنهنجي اولاد جي بدران نہ مرندو، نڪي اولاد پنهنجي پيءُ جي بدران مرندو؛ پر سڀ ڪو ماڻهو پنهنجي ئي گناهہ ڪري مرندو.</verse>
				<verse number="5">تنهن کان سواءِ امصياہ يهوداہ کي گڏ ڪيو، ۽ ساري يهوداہ ۽ بنيمين کي سندس ابن جي گهراڻن موجب، هزارن جي سردارن ۽ سوَن جي سردارن هيٺ ترتيب وار بيهاري ويو: پوءِ ويهن ورهين جي ڄمار ۽ ان کان مٿي وارن جو شمار ڪيائين، ۽ ڏٺائين تہ اهي ٽي لک چونڊيل مرد، جنگ تي وڃڻ لائق آهن، ۽ نيزي ۽ سپر کڻڻ جهڙا آهن.</verse>
				<verse number="6">۽ هن چانديءَ جا هڪ سؤ قنطار ڏيئي اسرائيل مان هڪ لک همت وارا بهادر مرد بہ ڀاڙي ڪيا.</verse>
				<verse number="7">پر هڪڙو خدا جو مرد وٽس آيو ۽ چوڻ لڳس تہ اي بادشاهہ، تون اسرائيل جي لشڪر کي پاڻ سان نڪرڻ نہ ڏي؛ ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل سان ناهي، يعني افرائيم جي سڀني ماڻهن سان ناهي.</verse>
				<verse number="8">پر جي تون وڃڻ گهرين تہ بهادر ٿج، ۽ جنگ جي لاءِ مضبوط ٿج: خدا توکي دشمن جي اڳيان ڪيرائي وجهندو؛ ڇالاءِ جو خدا کي مدد ڪرڻ ۽ ڪيرائڻ جي طاقت آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ امصياہ انهيءَ خدا جي مرد کي چيو تہ جيڪي هڪ سؤ قنطار اسرائيل جي لشڪر کي مون ڏنا آهن، تن جي لاءِ اسين ڇا ڪريون؟ تڏهن انهيءَ خدا جي مرد ورندي ڏني تہ خداوند انهيءَ کان وڌيڪ توکي ڏيئي سگهي ٿو.</verse>
				<verse number="10">تڏهن امصياہ انهن کي يعني افرائيم مان جيڪو لشڪر وٽس آيو، تنهن کي ڌار ڪيو تہ پنهنجي پنهنجي گهر هليا وڃن: انهيءَ ڪري هو يهوداہ تي ڏاڍو ڪاوڙيا، ۽ ڏاڍي غصي ۾ موٽي گهر آيا.</verse>
				<verse number="11">۽ امصياہ همت جهلي پنهنجا ماڻهو وٺي لوڻ واريءَ واديءَ ڏي ويو، ۽ بني شعير جا ڏهہ هزار ماڻهو ماري وڌائين.</verse>
				<verse number="12">۽ ٻيا ڏهہ هزار بني يهوداہ جيئرا کڻي ويا، ۽ انهن کي ٽڪر جي چوٽيءَ تي آڻي اتان هيٺ اُڇلائي وڌائون، جنهنڪري هو سڀ پرزا پرزا ٿي ويا.</verse>
				<verse number="13">پر لشڪر جا ماڻهو، جن کي امصياہ موٽائي موڪليو هو تہ ساڻس جنگ تي نہ هلن، سي سامريہ کان وٺي بيت حورون تائين يهوداہ جي شهرن تي ڪاهي پيا، ۽ انهن مان ٽي هزار ماڻهو ماريائون ۽ گهڻو لٽ جو مال ڦريائون.</verse>
				<verse number="14">هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن امصياہ ادومين جي ڪوس ڪرڻ کان واندو ٿي آيو، تڏهن هن بني شعير جا معبود پاڻ سان آندا، ۽ انهن کي پنهنجا معبود ڪري رکيائين، ۽ انهن جي اڳيان سجدو ڪيائين، ۽ انهن جي لاءِ لوبان ساڙيائين.</verse>
				<verse number="15">انهيءَ ڪري خداوند جي ڪاوڙ امصياہ تي ڀڙڪي ۽ هن ڏانهس هڪڙو نبي موڪليو جنهن چيس تہ تون ڇالاءِ انهن ماڻهن جي معبودن جو طالب ٿيو آهين، جن خود پنهنجي قوم کي تنهنجن هٿن مان نہ ڇڏايو آهي؟</verse>
				<verse number="16">۽ هيئن ٿيو تہ هن سان ڳالهين ڪندي بادشاهہ هن کي چيو تہ اسان ڪو توکي بادشاهہ جو صلاحڪار مقرر ڪيو آهي ڇا؟ بس ڪر. ڇو ٿو مارجين؟ تڏهن انهيءَ نبيءَ بس ڪئي، ۽ چوڻ لڳو تہ مون کي خبر آهي تہ خدا توکي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، جو تو هي ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي صلاح نہ ورتي اٿيئي.</verse>
				<verse number="17">پوءِ يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ صلاح ڪري، اسرائيل جي بادشاهہ يوآس بن يهوآخز بن ياهوءَ ڏي چوائي موڪليو تہ اچ تہ هڪ ٻئي جو منهن ڏسون.</verse>
				<verse number="18">۽ اسرائيل جي بادشاهہ يوآس، يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ ڏي چوائي موڪليو تہ جيڪو ڪانڊيرو لبنان ۾ هو، تنهن لبنان جي ديودار ڏي چوائي موڪليو تہ پنهنجي ڌيءَ منهنجي پٽ کي پرڻائي ڏي: ۽ لبنان جو هڪڙو جهنگلي مرون اتان اچي لنگهيو ۽ ڪانڊيري کي لتاڙي هليو ويو.</verse>
				<verse number="19">تون چئين ٿو تہ ڏس مون ادوم فتح ڪيو آهي؛ ۽ تنهنجي دل ۾ ايترو فخر پيدا ٿيو آهي جو تون ٻٽاڪ ٿو هڻين: هاڻي تون پنهنجي گهر ويٺو رهہ؛ ڇو ٿو وچ ۾ پئي پاڻ کي نقصان رسائين، جنهنڪري تون ڪري مري پئين، تون بہ ۽ تو سان گڏ يهوداہ بہ؟</verse>
				<verse number="20">پر امصياہ ٻڌڻ جي نہ ڪئي: ڇالاءِ جو اها ڳالهہ خدا جي طرفان هئي تہ هنن کي سندن دشمنن جي حوالي ڪري، جو هو ادوم جي ڪري معبودن جا طالبو ٿيا هئا.</verse>
				<verse number="21">انهيءَ طرح اسرائيل جو بادشاهہ يوآس ڪاهي ويو، ۽ بيت شمس، جو يهوداہ جو شهر آهي، تنهن وٽ هن ۽ يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ هڪ ٻئي جو منهن ڏٺو.</verse>
				<verse number="22">۽ يهوداہ اسرائيل جي اڳيان ذليل ٿيو؛ ۽ سڀ پنهنجن پنهنجن تنبن ڏي اُٿي ڀڳا.</verse>
				<verse number="23">۽ اسرائيل جي بادشاهہ يوآس بيت شمس ۾، يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ بن يوآس بن يهوآخز کي قيد ڪري يروشلم ۾ آندو، ۽ يروشلم جي ڀت، افرائيم جي دروازي کان وٺي ڪنڊ واري دروازي تائين، چار سؤ هٿ، ڀڃي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="24">۽ خدا جي گهر ۾ عوبيد ادوم وٽ جيڪو سون ۽ رپو ۽ جيڪي ٿانوَ لڌا سي سڀ، توڙي بادشاهہ جي گهر جا خزانا، ۽ اول پيل بہ هن هٿ ڪيا ۽ موٽي سامريہ ۾ آيو.</verse>
				<verse number="25">۽ امصياہ بن يوآس، يهوداہ جو بادشاهہ، اسرائيل جي بادشاهہ يوآس بن يهوآخز جي مرڻ کانپوءِ، پندرهن سال جيئرو رهيو.</verse>
				<verse number="26">هاڻي امصياہ جا باقي ڪم، پهريان توڙي پويان، ڏسو، يهوداہ ۽ اسرائيل جي بادشاهن جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="27">هاڻي امصياہ جنهن وقت خدا جي پيرويءَ کان ڦريو، تنهن وقت کان وٺي ماڻهن يروشلم ۾ هن جي برخلاف منصوبو ڪيو؛ ۽ هو لڪيس ڏي اُٿي ڀڳو: پر هن جي پٺيان لڪيس ۾ بہ ماڻهو موڪليائون، جن وڃي اُتي ڪُٺس.</verse>
				<verse number="28">۽ هنن گهوڙن تي کڻي آندس ۽ يهوداہ جي شهر ۾ سندس ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيائونس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="26">
				<verse number="1">۽ يهوداہ جي سڀني ماڻهن، عزياہ جو سورهن سالن جو هو، تنهن کي وٺي سندس پيءُ امصياہ جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو.</verse>
				<verse number="2">۽ بادشاهہ پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، تنهن کانپوءِ هن ايلوت ٻڌو، ۽ اهو موٽي يهوداہ کي ڏنائين.</verse>
				<verse number="3">جڏهن عزياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن سورهن ورهين جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ ٻاونجاهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو يڪولياہ هو، جا يروشلم جي هئي.</verse>
				<verse number="4">۽ جيڪي ڪم هن جي پيءُ امصياہ ڪيا هئا، جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، سي هن بہ ڪيا.</verse>
				<verse number="5">۽ زڪرياہ، جنهن کي خدا جي رويا جي سمجهہ هوندي هئي، تنهن جي ڏينهن ۾ هن پاڻ کي خدا جي طلب ۾ مشغول رکيو: ۽ جيستائين هو خداوند جي طلب ۾ رهيو، تيستائين هو اقبال وارو رهيو.</verse>
				<verse number="6">۽ هن نڪري وڃي فلستين سان جنگ ڪئي ۽ جات جي ڀت ۽ يبنہ جي ڀت، ۽ اشدود جي ڀت ڀڳائين؛ ۽ هن اشدود جي ملڪ ۾، ۽ فلستين منجهہ شهر اڏايا.</verse>
				<verse number="7">۽ خدا هن کي فلستين، ۽ عرب، جي جوربعل ۾ رهندا هئا، ۽ معونين سان وڙهڻ ۾ مدد ڪئي.</verse>
				<verse number="8">۽ عموني عزياہ کي نذرانا ڏيندا هئا: ۽ هن جو نالو مصر جي گهڙڻ جي جاءِ تائين پکڙي ويو؛ ڇالاءِ جو هن نهايت گهڻو زور ورتو.</verse>
				<verse number="9">تنهن کانسواءِ عزياہ يروشلم ۾ ڪنڊ واري در وٽ، ۽ واديءَ واري در وٽ، ۽ ڀت جي در وٽ، ٺلهہ ٺهرايا، ۽ انهن کي مضبوط ڪيائين.</verse>
				<verse number="10">۽ هن بيابان ۾ ٺلهہ ٺهرايا، ۽ گهڻا ئي حوض کوٽايا، ڇالاءِ جو هن وٽ گهڻو چوپايو مال هو؛ هيٺانهين زمين ۾ ۽ ميدان ۾ بہ: ۽ هن جا جبلن ۽ ٻنين ۾ هاري ۽ ڊاک جي باغن جا باغبان هئا؛ ڇالاءِ جو زراعت جو ڪم هنن کي گهڻو وڻندو هو.</verse>
				<verse number="11">تنهن کانسواءِ عزياہ وٽ جنگي ماڻهن جو هڪڙو لشڪر هو، جو ٽوليون ٽوليون ڪري، انهيءَ شمار موجب جو يعيئيل محرر ۽ معسياہ عملدار ۽ بادشاهہ جي هڪڙي سردار حنانياہ جي نظرداريءَ هيٺ ڪيو ويو هو، ۽ جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري ويندو هو.</verse>
				<verse number="12">ابن جي گهراڻن جي رئيسن جو شمار، يعني همت وارن بهادر مردن جو شمار ٻہ هزار ڇهہ سؤ هو.</verse>
				<verse number="13">۽ انهن جي هٿ هيٺ ٽن لکن ۽ ساڍن ستن هزارن ماڻهن جو قواعد سکيل لشڪر هو، جو ڏاڍيءَ بهادريءَ سان جنگ ڪندو هو، ۽ دشمن جي برخلاف بادشاهہ کي مدد ڏيندو هو.</verse>
				<verse number="14">۽ عزياہ انهن جي لاءِ، يعني ساري لشڪر لاءِ، سپرون ۽ نيزا ۽ هود ۽ زرهون ۽ ڪمانون ۽ کانڀاڻين ۾ هڻڻ جا پهڻ تيار ڪرايا.</verse>
				<verse number="15">۽ هن يروشلم ۾ ڪَلون ٺهرايون، جي هنرمند ماڻهن رٿيون هيون، انهيءَ لاءِ تہ اهي ٺلهن تي ۽ ڪوٽن جي ڪنگرن تي تير، ۽ وڏا پهڻ اُڇلائڻ لاءِ ڪم ۾ اچن. ۽ هن جو نالو پري پري پکڙي ويو؛ ڇالاءِ جو جيستائين هو مضبوط هو، تيستائين هن کي عجيب طرح سان مدد ملي.</verse>
				<verse number="16">پر جڏهن هو مضبوط ٿيو، تڏهن هن جي دل مغرور ٿي، جنهنڪري هو خراب ڪم ڪرڻ لڳو، ۽ خداوند پنهنجي خدا جو گنهگار ٿيو؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جي هيڪل ۾ لوبان ساڙڻ واري قربانگاهہ تي لوبان ساڙڻ ويو.</verse>
				<verse number="17">۽ عزرياہ ڪاهن، ۽ ساڻس گڏ ٻيا اسي خداوند جا ڪاهن، جي بهادر مرد هئا،</verse>
				<verse number="18">سي سڀ هن جي پٺيان ويا: ۽ انهن بادشاهہ عزياہ کي روڪيو ۽ چيائونس تہ اي عزياہ اهو تنهنجو ڪم ناهي تہ خداوند جي لاءِ لوبان ساڙين، پر اهو هارون جي پٽن، يعني ڪاهنن جو ڪم آهي، جي لوبان ساڙڻ لاءِ پاڪ ڪيا ويا آهن: پاڪ جاءِ مان نڪري وڃ؛ ڇالاءِ جو تو گناهہ ڪيو آهي؛ ۽ انهيءَ مان خداوند خدا جي طرفان توکي عزت حاصل نہ ٿيندي.</verse>
				<verse number="19">تڏهن عزياہ ڪاوڙيو؛ ۽ ان جي هٿ ۾ لوبان ساڙڻ لاءِ هڪڙو آتشدان هو؛ ۽ جڏهن هو ڪاهنن تي ڪاوڙيو، تڏهن خداوند جي گهر ۾، لوبان واري قربانگاهہ جي ڀرسان، ڪاهنن جي اڳيان هن جي پيشانيءَ تي ڪوڙهہ ڦٽي نڪتو.</verse>
				<verse number="20">۽ عزياہ سردار ڪاهن ۽ ٻين ڪاهنن ڏي نهاريو؛ ۽ ڏسن تہ هن جي پيشاني تي ڪوڙهہ آهي، تڏهن هڪدم هن کي اتان ڪڍي ڇڏيائون، هائو، هو پاڻيهي اتان تڪڙو ٿي نڪرڻ لڳو، ڇالاءِ جو خداوند هن کي ڌڪ هنيو هو.</verse>
				<verse number="21">۽ عزياہ بادشاهہ مرڻ گهڙيءَ تائين ڪوڙهيو هو، ۽ ڪوڙهي هئڻ سبب ڌار گهر ۾ رهندو هو؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جي گهر کان وڍجي ويو: ۽ سندس پٽ يوتام بادشاهہ جي گهر مٿان نظر ڪندو هو، ۽ ملڪ جي ماڻهن جي عدالت ڪندو هو.</verse>
				<verse number="22">هاڻي عزياہ جا باقي ٻيا ڪم، پهريان توڙي پويان يسعياہ بن آموص نبيءَ لکيا.</verse>
				<verse number="23">نيٺ عزياہ وڃي پنهنجي ابن ڏاڏن سان سُتو؛ ۽ جيڪا دفن ڪرڻ جي زمين بادشاهن جي هئي، تنهن ۾ هن کي سندس ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيائون؛ ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هو ڪوڙهيو آهي: ۽ ان جو پٽ يوتام سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="27">
				<verse number="1">يوتام جڏهن بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو پنجويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ سورهن ورهيہ بادشاهي ڪئي؛ ۽ هن جي ماءُ جو نالو يروسہ هو، جا صدوق جي ڌيءَ هئي.</verse>
				<verse number="2">۽ هن اهي ڪم ڪيا، جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، جهڙا ڪ سندس پيءُ عزياہ جا سڀ ڪم هئا: انهيءَ هوندي بہ هو خداوند جي هيڪل ۾ نہ گهڙيو. ۽ سڀ ماڻهو اڃا بہ بڇڙا ڪم پيا ڪندا هئا.</verse>
				<verse number="3">هن خداوند جي گهر جو مٿيون دروازو جوڙايو، ۽ عوفل جي ڀت تي گهڻو ئي اڏايائين.</verse>
				<verse number="4">تنهن کانسواءِ يهوداہ جي ڪوهستان ۾ هن گهڻا شهر ٻڌا، ۽ ٻيلن ۾ هن قلعا ۽ ٺلهہ جوڙايا.</verse>
				<verse number="5">هو بني عمون جي بادشاهہ سان بہ وڙهيو ۽ انهن تي غالب ٿيو. ۽ انهيءَ ساڳي سال ۾ بني عمون هن کي چانديءَ جا هڪ سؤ قنطار ۽ ڏهہ هزار ڪڻڪ جا ماڻ ۽ ڏهہ هزار جوَن جا ماڻ ڏنا. ايترو ئي ٻئي سال ۾، ۽ ايترو ئي ٽئين سال ۾، بني عمون هن کي پهچائي ڏنو.</verse>
				<verse number="6">انهيءَ طرح يوتام زور وارو ٿيو، ڇالاءِ جو هن خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان پنهنجا رستا سنوان ڪيا.</verse>
				<verse number="7">هاڻي يوتام جا ٻيا ڪم ۽ سندس سڀ جنگيون، ۽ سندس رستا، ڏس، اسرائيل ۽ يهوداہ جي بادشاهن جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.</verse>
				<verse number="8">جڏهن هو بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن پنجويهن ورهين جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ سورهن ورهيہ بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="9">۽ يوتام پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ وڃي سُتو ۽ هن کي دائود جي شهر ۾ دفن ڪيائون: ۽ سندس پٽ آخز سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="28">
				<verse number="1">جڏهن آخز بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن ويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ سورهن ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن اهي ڪم نہ ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، جيئن سندس پيءُ دائود ڪيا:</verse>
				<verse number="2">پر هو اسرائيل جي بادشاهن جي رستن تي هليو ۽ بعليم جي لاءِ پلٽيل مورتيون بہ جوڙيائين.</verse>
				<verse number="3">تنهن کانسواءِ هن هنوم جي پٽ جي واديءَ ۾ لوبان ساڙيو، ۽ جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو، تن جي ڪراهت جهڙين رسمن موجب هن پنهنجا ٻار باهہ ۾ ساڙيا.</verse>
				<verse number="4">۽ هن مٿانهين جاين ۾، ۽ ٽڪرن تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ قرباني ڪئي ۽ لوبان ساڙيو.</verse>
				<verse number="5">تنهنڪري خداوند سندس خدا هن کي ارام جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو؛ ۽ انهن هن کي شڪست ڏيئي، ۽ سندس ماڻهن مان تمام گهڻا قيدي کڻي دمشق ۾ آندا. ۽ هو اسرائيل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ بہ ڏنو ويو، جنهن ڏاڍي ڪوس سان هن کي شڪست ڏني.</verse>
				<verse number="6">۽ فقحہ بن رملياہ يهوداہ ۾ هڪ لک ويهہ هزار ماڻهو هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ڪُٺا، جي سڀ بهادر مرد هئا، ڇالاءِ جو انهن خداوند پنهنجي ابن جي خدا کي ڇڏي ڏنو هو.</verse>
				<verse number="7">۽ ذڪري، جو افرائيم جو هڪڙو زور وارو ماڻهو هو، تنهن بادشاهہ جي پٽ معسياہ، ۽ گهر جي سردار عزريقام، ۽ بادشاهہ جي نائب القانہ کي قتل ڪيو.</verse>
				<verse number="8">۽ بني اسرائيل پنهنجن ڀائرن مان ٻہ لک زالون، ڇوڪر ۽ ڇوڪريون قيد ڪري کڻي ويا ۽ انهن سان گهڻو لٽ جو مال سامريہ ۾ آندائون.</verse>
				<verse number="9">پر خداوند جو هڪڙو نبي اتي هو، جنهن جو نالو عودد هو: ۽ هو سامريہ ڏانهن ايندڙ لشڪر کي وڃي گڏيو ۽ انهن کي چيائين تہ ڏسو، خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا يهوداہ تي ڪاوڙيل هو، تنهنڪري هن انهن کي اوهان جي هٿن ۾ ڏنو آهي ۽ اوهان انهن کي اهڙي ڪاوڙ سان ڪُٺو آهي، جا آسمان تائين وڃي پهتي آهي.</verse>
				<verse number="10">۽ هاڻي اوهين ڀانئيو ٿا تہ يهوداہ ۽ يروشلم جي اولاد کي ٻانها ۽ ٻانهيون ڪري پاڻ وٽ رکو: پر خود اوهان خداوند پنهنجي خدا جا گناهہ نہ ڪيا آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="11">تنهنڪري هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌو ۽ پنهنجن ڀائرن مان جيڪي اوهين قيد ڪري کڻي آيا آهيو، سي موٽائي موڪلي ڏيو: ڇالاءِ جو خداوند جي سخت ڪاوڙ اوهان تي آهي.</verse>
				<verse number="12">تڏهن بني افرائيم جي ڪن رئيسن، يعني عزرياہ بن يهوحنان، ۽ برڪياہ بن مسليموت، ۽ يحزقياہ بن سلوم، ۽ عماسا بن خدلي، جيڪي ماڻهو جنگ تان آيا هئا تن سان مقابلو ڪيو،</verse>
				<verse number="13">۽ انهن کي چيائون تہ قيدين کي متان هيڏي آڻيو: ڇالاءِ جو اوهين اُهو ڪم ڪرڻ ٿا گهرون جو اسان تي خداوند جي برخلاف هڪڙو ڏوهہ آڻيندو، ۽ اسان جا ڏوهہ ۽ اسان جا گناهہ وڌائيندو: ڇالاءِ جو اسان وڏو ڏوهہ ڪيو آهي، ۽ اسرائيل تي سخت ڪاوڙ نازل ٿي آهي.</verse>
				<verse number="14">تڏهن جنگي ماڻهن، سردارن ۽ ساري جماعت جي اڳيان، قيدي ۽ لٽ جو مال ڇڏي ڏنو.</verse>
				<verse number="15">۽ جن ماڻهن جو ناليوار مٿي ذڪر ڪيو ويو، سي اُٿيا ۽ قيدي ورتائون، ۽ انهن مان جيڪي اُگهاڙا هئا، تن کي انهيءَ لٽ جي مال مان ڪپڙا پهرايائون، ۽ انهن کي سينگاريائون، ۽ جُتي پارايائون، ۽ کارايائون، پياريائون ۽ تيل مکيائون، ۽ جيڪي منجهن ضعيف هئا تن کي گڏهن تي چاڙهي کجين جي وڻن جي شهر، يعني يريحو تائين پنهنجن ڀائرن وٽ آندائون: پوءِ هو موٽي سامريہ ڏي ويا.</verse>
				<verse number="16">انهيءَ وقت بادشاهہ آخز اسور جي بادشاهن کي پنهنجي مدد لاءِ گهرايو.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو ادومين وري اچي يهوداہ کي شڪست ڏني هئي ۽ انهن مان ڪن کي قيد ڪري کڻي ويا هئا.</verse>
				<verse number="18">فلستين بہ هيٺانهين زمين تي ۽ يهوداہ جي ڏکڻ وارن شهرن تي ڪاهہ ڪئي هئي، ۽ بيت شمس ۽ ايالون ۽ جديروت ۽ شوڪو، ان جي شهرن سميت، ۽ تمنہ، ان جي شهرن سميت، ۽ جمسو، ان جي شهرن سميت، ورتا هئائون، ۽ اتي رهي پيا هئا.</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ جو اسرائيل جي بادشاهہ آخز جي سبب خداوند يهوداہ کي ذليل ڪيو؛ جو هن يهوداہ ۾ بي حيائيءَ جي هلت ڪئي، ۽ خداوند جي برخلاف سخت گناهہ ڪيو.</verse>
				<verse number="20">۽ اسور جو بادشاهہ تگلت پلناسر هن تي ڪاهي آيو ۽ هن کي سوڙهو گهٽيائين، پر مدد ڪانہ ڪيائينس.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو آخز خداوند جي گهر مان ۽ بادشاهہ جي گهر مان ۽ اميرن کان ڪجهہ حصو وٺي اسور جي بادشاهہ کي ڏنو: تڏهن بہ کيس مدد ڪانہ ملي.</verse>
				<verse number="22">۽ پنهنجي تنگيءَ جي وقت ۾ انهيءَ ساڳي بادشاهہ آخز اڃا بہ زيادہ خداوند جي برخلاف گناهہ ڪيا.</verse>
				<verse number="23">ڇالاءِ جو هن دمشق جي معبودن جي لاءِ قربانيون ڪيون جن هن کي شڪست ڏني هئي: ۽ هن چيو تہ سامريہ جي بادشاهن جي معبودن انهن کي واهر ڪئي، تنهنڪري آءٌ انهن جي لاءِ قربانيون ڪندس تہ هو منهنجي بہ واهر ڪن. پر انهي ڪري، هنن پاڻ کيس ۽ ساري اسرائيل کي ناس ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="24">۽ آخز خدا جي گهر جا سڀ ٿانوَ گڏ ڪيا ۽ خدا جي گهر جي ٿانوَن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيائين، ۽ خداوند جي گهر جا دروازا بند ڪري ڇڏيائين؛ ۽ يروشلم جي سڀني ڪنڊن ۾ پنهنجي لاءِ قربانگاهون جوڙيائين.</verse>
				<verse number="25">۽ يهوداہ جي سڀ ڪنهن شهر ۾ هن ٻين معبودن جي لاءِ لوبان ساڙڻ واسطي مٿانهيون جايون ٺهرايون، ۽ خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڪاوڙ ڏياريائين.</verse>
				<verse number="26">هاڻي هن جا ٻيا ڪم ۽ هن جا سڀ رستا، پهريان ۽ پويان، ڏسو، يهوداہ ۽ اسرائيل جي بادشاهن جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.</verse>
				<verse number="27">۽ آخز پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ کيس شهر ۾، يعني يروشلم ۾ دفن ڪيائون، ڇالاءِ جو هن کي اسرائيل جي بادشاهن جي قبرستان ۾ نہ آندائون: ۽ سندس پٽ حزقياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="29">
				<verse number="1">جڏهن حزقياہ پنجويهن ورهين جو هو، تڏهن بادشاهي ڪرڻ لڳو؛ ۽ هن يروشلم ۾ اوڻٽيهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو ابياہ هو، جا زڪرياہ جي ڌيءَ هئي.</verse>
				<verse number="2">۽ هن جيڪي ڪم ڪيا سي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا ۽ سندس پيءُ دائود جي ڪمن جهڙا هئا.</verse>
				<verse number="3">پنهنجي بادشاهيءَ جي پهرين سال جي پهرين مهيني ۾ هن خداوند جي گهر جا در کولايا ۽ انهن جي مرمت ڪرايائين.</verse>
				<verse number="4">۽ هن ڪاهن ۽ لاوي آڻي اُڀرندي پاسي ڪشادي هنڌ گڏ ڪيا؛</verse>
				<verse number="5">۽ انهن کي چيائين تہ اي لاوي منهنجي ٻڌو؛ هاڻي پاڻ کي ۽ خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي گهر کي پاڪ ڪريو، ۽ انهيءَ پاڪ جاءِ مان گندگي ڪڍي وڃو.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو اسان جي ابن ڏاڏن گناهہ ڪيو آهي ۽ اهي ڪم ڪيا اٿن، جي خداوند اسان جي خدا جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ پنهنجا منهن خداوند جي رهڻ جي جاءِ کان ڦيريا اٿن ۽ پٺيون ڏنيون اٿن.</verse>
				<verse number="7">۽ دالان جا در بہ بند ڪيا اٿن ۽ ڏيئا اُجهايا اٿن ۽ لوبان نہ ساڙيا اٿن، نڪي پاڪ جاءِ ۾ اسرائيل جي خدا لاءِ سوختني قربانيون چاڙهيون اٿن.</verse>
				<verse number="8">تنهنڪري خداوند جي ڪاوڙ يهوداہ ۽ يروشلم تي هئي، ۽ هن انهن کي هيڏي هوڏي اُڇلايو ۽ رلايو آهي، تہ حيرت ۽ نفرت پيدا ڪن، جيئن اوهين پنهنجين اکين سان ڏسو ٿا.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو ڏسو، اسان جا ابا ڏاڏا ترار سان مارجي ويا، ۽ اسان جا پٽ ۽ اسان جون ڌيئرون ۽ اسان جون زالون انهيءَ ڪري قيد ۾ آهن.</verse>
				<verse number="10">هاڻي منهنجي دل ۾ آهي تہ خداوند اسرائيل جي خدا سان هڪڙو عهد اقرار ڪريان تہ من سندس ڪاوڙ اسان تان ٽري وڃي.</verse>
				<verse number="11">اي منهنجا ٻچڙا هاڻي غفلت نہ ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند اوهان کي چونڊي ڪڍيو آهي تہ هن جي اڳيان بيهو ۽ خدمت ڪريو، ۽ اوهين هن جا خادم ٿيو ۽ لوبان ساڙيو.</verse>
				<verse number="12">تڏهن لاوي اُٿيا، يعني قهاتين جي پٽن مان، محت بن عماسي، ۽ يوايل بن عزرياہ: ۽ مراري جي پٽن مان، قيس بن عبدي، ۽ عزرياہ بن يهللئيل: ۽ جرسونين مان، يوآخ بن زمہ، ۽ عدن بن يوآخ:</verse>
				<verse number="13">۽ اليصفن جي پٽن مان، سمري ۽ يعوايل: ۽ آسف جي پٽن مان زڪرياہ ۽ متنياہ:</verse>
				<verse number="14">۽ هيمان جي پٽن مان يحي ايل ۽ سعمي: ۽ يدوتون جي پٽن مان سمعياہ ۽ عزي ايل.</verse>
				<verse number="15">۽ هنن پنهنجا ڀائر گڏ ڪيا ۽ پاڻ کي پاڪ ڪيائون، ۽ بادشاهہ جي حڪم پٺيان خداوند جي ڪلام موجب، خداوند جي گهر کي صاف ڪرڻ لاءِ اندر ويا.</verse>
				<verse number="16">۽ ڪاهن خداوند جي گهر جي اندرئين ڀاڱي ۾ ان کي صاف ڪرڻ لاءِ ويا ۽ خداوند جي گهر جي ايوان ۾ خداوند جي هيڪل منجهہ جيڪا گندگي ڏٺائون سا ٻاهر ڪڍي آندائون. ۽ لاوي اها ڪڍي قدرون جي نديءَ ڏانهن کڻي ويا.</verse>
				<verse number="17">هاڻي اُنهن پهرين مهيني جي پهرين تاريخ پاڪ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو، ۽ مهيني جي اٺين تاريخ اهي خداوند جي دالان ۾ آيا: ۽ اٺن ڏينهن ۾ هنن خدا جي گهر کي پاڪ ڪيو: ۽ پهرين مهيني جي سورهين تاريخ هنن اهو ڪم پورو ڪيو.</verse>
				<verse number="18">تنهن کانپوءِ هو محلات ۾ لنگهي بادشاهہ حزقياہ وٽ ويا، ۽ چيائونس تہ اسان خداوند جو سارو گهر ۽ سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ، ۽ ان جي سڀني ٿانوَن، ۽ نذر جي مانيءَ جي ميز، ان جي ٿانوَن سميت، پاڪ ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="19">تنهن کانسواءِ سڀ ٿانوَ، جي آخز بادشاهہ گنهگار ٿيڻ وقت پنهنجي راڄ ۾ اُڇلائي ڇڏيا هئا، سي اسان تيار ڪري پاڪ ڪيا آهن؛ ۽ ڏس، اهي خداوند جي قربانگاهہ جي اڳيان آهن.</verse>
				<verse number="20">تڏهن حزقياہ بادشاهہ صبح جو سوير اُٿيو ۽ شهر جا سڀ امير گڏ ڪيائين ۽ خداوند جي گهر ڏي چڙهي ويو.</verse>
				<verse number="21">۽ هنن ست ڍڳا ۽ ست گهٽا ۽ ست گهيٽا ۽ ست ٻڪر، بادشاهت جي لاءِ، ۽ پاڪ مڪان جي لاءِ، ۽ يهوداہ جي لاءِ، گناهہ جي قرباني ڪري آندا. ۽ هن هارون جي پٽن ڪاهنن کي حڪم ڏنو تہ اهي خداوند جي قربانگاهہ تي چاڙهين.</verse>
				<verse number="22">تڏهن هن ڍڳا ڪُٺا ۽ ڪاهنن رت کڻي قربانگاهہ تي ڇاٽاريو: ۽ هنن گهٽا ڪُٺا ۽ اهو بہ رت قربانگاهہ تي ڇاٽاريائون: هنن گهيٽا بہ ڪُٺا ۽ انهن جو رت بہ قربانگاهہ تي ڇاٽاريائون.</verse>
				<verse number="23">پوءِ هنن گناهہ جي قربانيءَ لاءِ بادشاهہ ۽ جماعت جي اڳيان ٻڪر آندا، ۽ انهن پنهنجا هٿ انهن تي رکيا:</verse>
				<verse number="24">پوءِ ڪاهنن انهن کي ڪُٺو ۽ انهن جي رت سان قربانگاهہ تي هنن گناهہ جي قرباني ڪئي، تہ ساري بني اسرائيل قوم جو ڪفارو ٿئي: ڇالاءِ جو بادشاهہ حڪم ڏنو هو تہ سوختني قرباني ۽ گناهہ جي قرباني ساري بني اسرائيل قوم جي لاءِ ڪرڻ ۾ اچي.</verse>
				<verse number="25">۽ هن خداوند جي گهر ۾ لاوين کي جهانجهن سان، سنطورن سان ۽ بربطن سان دائود جي، ۽ بادشاهہ جي غيب دان جاد، ۽ ناتن نبيءَ جي حڪم موجب مقرر ڪيو: ڇالاءِ جو اهو حڪم خداوند جو سندس نبين جي معرفت مليل هو.</verse>
				<verse number="26">۽ لاوي دائود جي سازن سان، ۽ ڪاهن قرنائن سان اٿي بيهي رهيا.</verse>
				<verse number="27">۽ حزقياہ حڪم ڏنو تہ قربانگاهہ تي سوختني قرباني چاڙهين. ۽ جڏهن سوختني قرباني شروع ٿي، تڏهن خداوند جو راڳ بہ شروع ٿيو، ۽ قرنائون بہ، ۽ اسرائيل جي بادشاهہ دائود جا ساز بہ وڄڻ لڳا.</verse>
				<verse number="28">۽ ساري جماعت سجدو ڪيو، ۽ ڳائڻ وارن ڳايو، ۽ قرنائن وارن وڄايو؛ اهو سڀ ڪم پئي هليو، جيسين ڪ سوختني قرباني پوري ٿي.</verse>
				<verse number="29">۽ جڏهن هنن قرباني پوري ڪئي، تڏهن بادشاهہ ۽ ٻيا جيڪي ساڻس حاضر هئا تن جهڪي سجدو ڪيو.</verse>
				<verse number="30">تنهن کانسواءِ حزقياہ بادشاهہ ۽ اميرن، لاوين کي حڪم ڏنو تہ دائود جي، ۽ آسف غيب دان جي، لفظن ۾ خدا جي تعريف جا راڳ ڳائين. ۽ هنن خوشيءَ سان راڳ ڳايا ۽ هنن پنهنجا سر جهڪايا ۽ سجدو ڪيائون.</verse>
				<verse number="31">تڏهن حزقياہ ورندي ڏيئي چيو تہ هاڻي اوهان پاڻ کي خداوند جي لاءِ پاڪ ڪيو آهي، سو ويجهو اچو ۽ خداوند جي گهر ۾ ذبح ڪرڻ واريون قربانيون ۽ شڪرگذاريءَ جون قربانيون آڻيو. ان موجب جماعت ذبح ڪرڻ واريون قربانيون ۽ شڪرگذاريءَ جون قربانيون اندر آنديون؛ ۽ جن جي دل جي خوشي هئي، تن سوختني قربانيون آنديون.</verse>
				<verse number="32">۽ جيڪي سوختني قربانيون جماعت آنديون سي شمار ۾ ستر ڍڳا، هڪ سؤ گهٽا، ۽ ٻہ سؤ گهيٽا هئا: اهي سڀ خداوند جي لاءِ سوختني قرباني واسطي هئا.</verse>
				<verse number="33">۽ پاڪ ڪيل شيون ڇهہ سؤ ڏاند ۽ ٽي هزار رڍون هيون.</verse>
				<verse number="34">پر ڪاهن تمام ٿورا هئا، جنهنڪري اهي سڀني سوختني قربانين جون کلون لاهي نہ سگهيا: انهيءَ ڪري هنن جي ڀائرن لاوين انهن کي مدد ڏني، ۽ اهو ڪم پورو ٿيو؛ ۽ ڪاهنن پاڻ کي پاڪ ڪيو: ڇالاءِ جو لاوي ڪاهنن کان وڌيڪ پاڻ کي پاڪ ڪرڻ لاءِ سالم دل وارا هئا.</verse>
				<verse number="35">۽ سوختني قربانيون، سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي ۽ هرهڪ سوختني قربانيءَ جي لاءِ پيئڻ وارين قربانين سميت، تمام گهڻيون هيون. انهيءَ طرح خداوند جي گهر جي خدمت چاڪريءَ جو پورو بندوبست ٿي ويو.</verse>
				<verse number="36">۽ حزقياہ ۽ ساري قوم خوشيون ڪيون. ڇالاءِ جو خدا قوم جي لاءِ تياري ڪئي هئي: جو اهو ڪم جلدي لهي ويو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="30">
				<verse number="1">پوءِ حزقياہ ساري اسرائيل ۽ يهوداہ ڏي ماڻهو موڪليا، ۽ افرائيم ۽ منسيءَ ڏي بہ خط لکي موڪليائين، تہ يروشلم ۾ خداوند جي گهر ۾ اچو تہ خداوند اسرائيل جي خدا لاءِ فسح جي عيد ڪريون.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو بادشاهہ ۽ سندس اميرن ۽ ساري جماعت يروشلم ۾ صلاح مشورت ڪئي هئي تہ ٻئي مهيني ۾ فسح جي عيد ڪن.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو هو انهيءَ وقت اها ڪري نہ سگهيا، هن ڪري جو گهرج جيترن ڪاهنن پاڻ کي پاڪ نہ ڪيو هو، نڪي ماڻهو يروشلم ۾ گڏ ٿيا هئا.</verse>
				<verse number="4">۽ اها ڳالهہ بادشاهہ جي ۽ ساري جماعت جي نظر ۾ چڱي هئي.</verse>
				<verse number="5">تنهنڪري هنن اهو حڪم جاري ڪيو تہ ساري اسرائيل ۾، بيرسبع کان وٺي دان تائين، اشتهار ڪجي تہ سڀ ماڻهو خداوند اسرائيل جي خدا لاءِ فسح جي عيد ڪرڻ لاءِ يروشلم ۾ اچن: ڇالاءِ جو هنن تمام گهڻن ماڻهن سان گڏجي اهڙي طرح عيد نہ ڪئي هئي، جيئن ڪ لکيل آهي.</verse>
				<verse number="6">پوءِ قاصد بادشاهہ ۽ سندس اميرن جا خط کڻي ساري اسرائيل ۽ يهوداہ ۾ ويا، ۽ بادشاهہ جي حڪم موجب چيائون تہ اي بني اسرائيليو، اوهين خداوند، ابرهام ۽ اسحاق ۽ اسرائيل جي خدا ڏانهن موٽو، تہ هو اوهان مان جيڪي اسور جي بادشاهن جي هٿن کان باقي بچيا آهن، تن ڏانهن موٽي.</verse>
				<verse number="7">۽ اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن وانگي ۽ پنهنجن ڀائرن وانگي نہ ٿيو، جن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي برخلاف گناهہ ڪيو، جنهن ڪري هن انهن کي ناس ڪري ڇڏيو، جيئن ڪ اوهين ڏسو ٿا.</verse>
				<verse number="8">هاڻي اوهين پنهنجي ابن ڏاڏن وانگي سخت گردن وارا نہ ٿيو؛ پر خداوند جي اڳيان نماڻا ٿيو، ۽ هن جي پاڪ مڪان ۾ گهڙو، جو هن هميشہ لاءِ پاڪ ڪيو آهي، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي بندگي ڪريو، تہ هن جي خوفناڪ ڪاوڙ اوهان تان ٽري وڃي.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين خداوند ڏانهن ڦرندا، تہ اوهانجن ڀائرن ۽ اوهان جي اولاد تي اُهي رحم ڪندا، جي انهن کي قيد ڪري کڻي ويا آهن، ۽ هو وري هن زمين ۾ ايندا: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا فضل ۽ رحم وارو آهي ۽ اوهان کان پنهنجو منهن نہ ڦيرائيندو، بشرطيڪ اوهين هن ڏي موٽندا.</verse>
				<verse number="10">پوءِ افرائيم ۽ منسيءَ جي ساري ملڪ ۾، زبولون تائين، قاصد شهر بہ شهر لنگهي ويا: پر هو انهن تي کلڻ ۽ ٺٺوليون ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="11">انهيءَ هوندي بہ آشر ۽ منسيءَ مان ۽ زبولون مان ڪيترن پاڻ کي نماڻو ڪيو، ۽ يروشلم ۾ آيا.</verse>
				<verse number="12">يهوداہ تي بہ خدا جو هٿ هو تہ هنن کي هڪ دل ڪري، انهي لاءِ تہ هو خداوند جي ڪلام موجب بادشاهہ ۽ اميرن جي حڪم جي تعميل ڪن.</verse>
				<verse number="13">۽ يروشلم ۾ گهڻا ئي ماڻهو اچي گڏ ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ ٻئي مهيني ۾ اڻ خمير ٿيل مانيءَ جي عيد ڪن، ۽ هڪڙي تمام وڏي جماعت گڏ ٿي ويئي.</verse>
				<verse number="14">۽ هو اُٿيا ۽ يروشلم ۾ جيڪي قربانگاهون هيون، ۽ لوبان ساڙڻ جون سڀ قربانگاهون کڻي ويا، ۽ وڃي قدرون جي نديءَ ۾ اُڇلايائون.</verse>
				<verse number="15">تنهن کانپوءِ ٻئي مهيني جي چوڏهين تاريخ فسح جون قربانيون ڪُٺائون، ۽ ڪاهن ۽ لاوي شرمندا ٿيا، ۽ پاڻ کي پاڪ ڪيائون، ۽ خداوند جي گهر ۾ سوختني قربانيون کڻي آيا.</verse>
				<verse number="16">۽ اهي خدا جي مرد موسيٰ جي شريعت موجب پنهنجي درجن موافق پنهنجين جاين تي بيهي ويا: ۽ ڪاهنن کي جيڪو رت لاوين جي هٿان مليو هو، سو هنن ڇاٽاريو.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو جماعت ۾ ڪيترائي ماڻهو هئا، جن پاڻ کي پاڪ نہ ڪيو هو: تنهنڪري لاوين تي اهو فرض ٿيو تہ جيڪي پاڪ نہ هئا، تن جي پاران فسح جون قربانيون ڪُهن، تہ اهي خداوند وٽ پاڪ ٿين.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو قوم مان تمام گهڻن ماڻهن، يعني افرائيم ۽ منسي، اشڪار ۽ زبولون مان ڪيترن پاڻ کي پاڪ نہ ڪيو هو، تڏهن بہ هنن جيئن لکيل هو تيئن نہ، پر ٻئي طرح فسح کاڌي. ڇالاءِ جو حزقياہ هنن جي پاران دعا گهري هئي ۽ چيو هئائين تہ شل نيڪ خداوند سڀ ڪنهن کي بخشي</verse>
				<verse number="19">جو خدا، خداوند، پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي طلب ۾ پنهنجي دل لڳائي ٿو، جيتوڻيڪ هو پاڪ مڪان جي پاڪ ڪرڻ جي دستور موجب پاڪ نہ ٿيو هجي.</verse>
				<verse number="20">۽ خداوند حزقياہ جي دعا قبول ڪئي، ۽ ماڻهن کي معافي ڏنائين.</verse>
				<verse number="21">۽ جيڪي بني اسرائيل يروشلم ۾ حاضر هئا، تن ڏاڍيءَ خوشيءَ سان ستن ڏينهن تائين اڻ خميري مانيءَ جي عيد ڪئي: ۽ لاوين ۽ ڪاهنن روز بروز خداوند جي تعريف پئي ڪئي، ۽ زور سان ساز وڄائي خداوند لاءِ پئي گيت ڳايائون.</verse>
				<verse number="22">۽ اهي سڀيئي لاوي جي خداوند جي عبادت ۾ ماهر هئا، تن سان حزقياہ دلاسو ڏيئي ڳالهايو. تن عيد جا ست ئي ڏينهن کاڄ کاڌا، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيائون، ۽ خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جا شڪرانا بجا آندائون.</verse>
				<verse number="23">۽ ساريءَ جماعت پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ٻيا ست ڏينهن بہ عيد ڪن: ۽ خوشيءَ سان ٻيا ست ڏينهن بہ عيد ڪيائون.</verse>
				<verse number="24">ڇالاءِ جو يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جماعت کي هڪ هزار ڍڳا ۽ ست هزار رڍون ڏنيون: ۽ اميرن جماعت کي هڪ هزار ڍڳا ۽ ڏهہ هزار رڍون ڏنيون: ۽ تمام گهڻن ڪاهنن پاڻ کي پاڪ ڪيو.</verse>
				<verse number="25">۽ يهوداہ جي ساري جماعت، ڪاهنن ۽ لاوين سميت، ۽ جيڪا ساري جماعت اسرائيل مان نڪري آئي، ۽ پرديسي مسافر جي اسرائيل جي زمين مان نڪري آيا ۽ جي يهوداہ ۾ رهندا هئا، تن خوشيون ڪيون.</verse>
				<verse number="26">انهيءَ طرح يروشلم ۾ گهڻي خوشي ٿي: ڇالاءِ جو اسرائيل جي بادشاهہ سليمان بن دائود جي وقت کان وٺي اهڙي خوشي يروشلم ۾ نہ ٿي هئي.</verse>
				<verse number="27">تنهن کانپوءِ ڪاهن يعني لاوي اُٿيا ۽ ماڻهن کي دعا ڪيائون: ۽ انهن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ۽ انهن جي دعا هن جي پاڪ رهڻ واري جاءِ تائين، يعني آسمان تائين وڃي پهتي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="31">
				<verse number="1">هاڻي جڏهن سڀ ڪم پورو ٿيو، تڏهن جي اسرائيلي حاضر هئا، سي نڪري يهوداہ جي شهرن ڏي ويا، ۽ ٿنڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون، ۽ يسيرتن کي وڍي ڪيرائي ڇڏيائون، ۽ مٿانهيون جايون ۽ قربانگاهون ساري يهوداہ ۽ بنيمين مان، بلڪ افرائيم ۽ منسي مان بہ، ڀڃي ڇڏيائون، ۽ اهي سڀيئي چٽ ڪري ڇڏيائون. تنهن کانپوءِ سڀ بني اسرائيل موٽي پنهنجي پنهنجي ملڪيت تي پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آيا.</verse>
				<verse number="2">۽ حزقياہ ڪاهنن ۽ لاوين جا واري موجب سندن حصا مقرر ڪيا، جنهنڪري ڪاهنن توڙي لاوين مان هر ڪنهن ماڻهو کي پنهنجي پنهنجي خدمت موجب سوختني قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهڻيون هيون، ۽ خدمت ڪرڻي هئي، ۽ شڪرگذاري ڪرڻي هئي، ۽ خداوند جي منزلگاهہ جي درن وٽ تعريف ڪرڻي هئي.</verse>
				<verse number="3">هن بادشاهہ جي مال مان سندس حصو سوختني قربانين لاءِ بہ مقرر ڪيو، يعني صبح ۽ شام جي سوختني قربانين لاءِ، ۽ سبت جي ڏينهن جي سوختني قربانين لاءِ، ۽ نئين چنڊ لاءِ، ۽ ٺهرايل عيدن لاءِ، جيئن ڪ خداوند جي شريعت ۾ لکيل آهي.</verse>
				<verse number="4">تنهن کانسواءِ يروشلم جي رهاڪن کي هن حڪم ڏنو تہ ڪاهنن ۽ لاوين جو حصو ڏين، تہ هو خداوند جي شريعت جي ڪم ۾ پاڻ کي مشغول رکن.</verse>
				<verse number="5">۽ جنهن وقت اهو ڪم جاري ٿيو، تنهن وقت بني اسرائيل، اَن ۽ شراب، ۽ تيل ۽ ماکي، ۽ ٻنيءَ جي هر قسم جي پيدائش مان پهريون ڦر گهڻي انداز ۾ آڻي ڏنو، ۽ سڀني شين جو ڏهون حصو هنن گهڻوئي آڻي حاضر ڪيو.</verse>
				<verse number="6">۽ بني اسرائيل ۽ بني يهوداہ، جي يهوداہ جي شهرن ۾ رهندا هئا، تن بہ ڏاندن ۽ رڍن جو ڏهون حصو آندو، ۽ جيڪي وقف ٿيل شيون خداوند سندن خدا جي لاءِ پاڪ ڪيون ويون هيون، سي بہ آڻي ڍڳ ڪيائون.</verse>
				<verse number="7">ٽئين مهيني ۾ هنن گڏ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو، ۽ ستين مهيني ۾ پورو ڪيائون.</verse>
				<verse number="8">۽ جڏهن حزقياہ ۽ اميرن اچي اهي گڏ ڪيل شيون ڏٺيون، تڏهن خداوند ۽ سندس قوم اسرائيل کي برڪت جي دعا ڏنائون.</verse>
				<verse number="9">تڏهن حزقياہ ڪاهنن ۽ لاوين کان انهن شين بابت پڇا ڪئي.</verse>
				<verse number="10">۽ عزرياہ سردار ڪاهن، جو صدوق جي گهراڻي مان هو، تنهن ورندي ڏيئي چيو تہ جنهن وقت ماڻهو خداوند جي گهر ۾ نذرانا آڻڻ لڳا، تنهن وقت کان وٺي اسان پئي کاڌو آهي، ۽ ججهو ئي کاڌو اٿئون، ۽ گهڻو ئي باقي بچائي ڇڏيو اٿئون: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي قوم کي برڪت ڏني آهي، ۽ باقي جيڪي بچيو آهي سو هي وڏو انبار آهي.</verse>
				<verse number="11">تڏهن حزقياہ حڪم ڏنو تہ خداوند جي گهر ۾ ڪوٺيون تيار ڪن: ۽ ماڻهن اهي ڪوٺيون تيار ڪيون.</verse>
				<verse number="12">۽ هنن نذرانا ۽ ڏهان حصا ۽ وقف ڪيل شيون، امانت سلامت آنديون: ۽ انهن جي مٿان ڪنعنياہ لاوي نظر ڪندڙ هو، ۽ ان جو ڀاءُ سمعي انهي کان پوءِ ٻئي درجي جو هو.</verse>
				<verse number="13">۽ يحيئيل، ۽ عززياہ، ۽ نحت، ۽ عساهيل، ۽ يريموت، ۽ يوزبد، ۽ الي ايل ۽ اسماڪياہ، ۽ محت، ۽ نباياہ، جي ڪنعنياہ ۽ سندس ڀاءُ سمعي جي هٿ هيٺ، حزقياہ بادشاهہ ۽ عزرياہ، خدا جي گهر جي ناظر، جي ٺهراءَ موجب داروغا هئا.</verse>
				<verse number="14">۽ قوري بن يمنہ لاوي، جو اُڀرندي واري در جو دربان هو، سو خدا جي خوشيءَ وارين قربانين تي مقرر هو ۽ خداوند جي نذرانن ۽ تمام پاڪ شين جي ورهائڻ وارو هو.</verse>
				<verse number="15">۽ انهيءَ جي هيٺان عيدن، ۽ منيمين، ۽ يشوع، ۽ سمعياہ، ۽ امرياہ، ۽ سڪنياہ هئا، جي ڪاهنن جي شهرن ۾ پنهنجي مقرر عهدي تي هئا، ۽ پنهنجن ڀائرن کي حصن موجب وڏن توڙي ننڍن کي سندن حصا ڏيڻ وارا هئا:</verse>
				<verse number="16">۽ انهن کانسواءِ جيڪي مردن جي نسب نامي موجب شمار ڪيا ويا، ۽ ٽن سالن جا ۽ انهي کان مٿي هئا، يعني جيڪو ماڻهو، هر روز فرضي ڪم جي ضرورت موجب خداوند جي گهر ۾ گهڙندو هو، انهي لاءِ تہ جيڪا خدمت سندن حوالي هئي، تنهن جي لاءِ پنهنجي حصن موجب خدمت ڪري؛</verse>
				<verse number="17">۽ انهن کي بہ، جي ڪاهنن جي ابن جي گهراڻن موافق سندن نسب نامي موجب شمار ڪيا ويا هئا، ۽ انهن لاوين کي بہ، جي ويهن ورهين جي عمر جا ۽ ان کان مٿي هئا، ۽ حصن موجب پنهنجي واري سان ڪم ڪندا هئا؛</verse>
				<verse number="18">۽ انهن کي بہ جي سندن سڀني ننڍن ٻارن، ۽ سندن زالن، ۽ سندن پٽن، ۽ سندن ڌيئرن جي نسب نامي موجب، ساري جماعت مان، شمار ڪيا ويا هئا: ڇالاءِ جو پنهنجي پنهنجي مقرر عهدي تي پاڪيزگيءَ سان هنن پاڻ کي پاڪ ٿي ڪيو.</verse>
				<verse number="19">هارون جي پٽن يعني ڪاهنن لاءِ بہ، جي سڀ ڪنهن وڏي شهر ۾، پنهنجن شهرن جي ٻهراڙين وارين ٻنين ۾ رهندا هئا، ڪي ماڻهو مقرر ڪيا ويا، جي ناليوار ظاهر ڪيا ويا هئا، انهيءَ لاءِ تہ ڪاهنن مان جيڪي مرد ماڻهو هئا ۽ جيڪي لاوين مان نسب نامي موجب شمار ڪيا ويا هئا، تن سڀني کي سندن حصا پهچائي ڏين.</verse>
				<verse number="20">۽ انهيءَ طرح حزقياہ ساري يهوداہ ۾ ڪيو؛ ۽ هن خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان جيڪي چڱو ۽ درست ۽ حق هو، سو ڪيو.</verse>
				<verse number="21">۽ خدا جي گهر جي خدمت لاءِ، ۽ شريعت لاءِ، ۽ حڪمن لاءِ جيڪو ڪم هن خدا جي طلب ۾ شروع ڪيو، سو پنهنجي سڄي دل سان ڪيائين، ۽ انهيءَ ۾ فتحياب ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="32">
				<verse number="1">هنن ڳالهين ۽ اهڙيءَ ايمانداريءَ کانپوءِ اسور جو بادشاهہ سنحيرب آيو ۽ يهوداہ ۾ گهڙيو، ۽ قلعن وارن شهرن جي سامهون منزل ڪيائين، ۽ ارادو هوس تہ اهي پنهنجي لاءِ فتح ڪري وٺي.</verse>
				<verse number="2">۽ جڏهن حزقياہ ڏٺو تہ سنحيرب آيو آهي ۽ يروشلم سان وڙهڻ جي رٿ ڪئي اٿس،</verse>
				<verse number="3">تڏهن هن پنهنجن اميرن ۽ بهادرن سان صلاح ڪري اها رٿ ڪئي تہ جيڪي چشما شهر جي ٻاهر آهن، تن جو پاڻي بند ڪري ڇڏي؛ ۽ انهي ڪم ۾ هنن مدد ڪيس.</verse>
				<verse number="4">انهيءَ لاءِ تہ گهڻا ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ۽ انهن سڀ چشما، ۽ جيڪا نهر انهيءَ زمين جي وچان ٿي وهي، تن کي بند ڪري ڇڏيو، جو چيائون تہ ڇو اسور جا بادشاهہ اچن ۽ گهڻو پاڻي لهن.</verse>
				<verse number="5">۽ هن همت جهلي جيڪا ڀت ڀڄي پيئي هئي سا جوڙائي ۽ اها چاڙهي ٺلهن تائين آندي، ۽ جيڪا ٻاهرين ڀت هئي، سا بہ جوڙايائين. ۽ دائود جي شهر ۾ ملو کي بہ مضبوط ڪيائين، ۽ تمام گهڻا هٿيار ۽ سپرون جوڙايائين.</verse>
				<verse number="6">۽ هن ماڻهن تي جنگي سردار مقرر ڪيا ۽ انهن کي شهر جي در وٽ ڪشادي ميدان ۾ پاڻي وٽ گڏ ڪيائين، ۽ انهن کي دلاسو ڏيئي چيائين، تہ</verse>
				<verse number="7">مضبوط ٿيو ۽ همت جهليو، اسور جي بادشاهہ ڪري ڊڄو نہ، نڪو خوف ڪريو، نڪي جيڪو وڏو ميڙ انهيءَ سان آهي، تنهن کان ڊڄو: ڇالاءِ جو جيڪو اسان سان آهي سو جيڪي هنن سان آهن تن کان وڏو آهي.</verse>
				<verse number="8">هن سان هڪڙي گوشت جي ٻانهن آهي؛ پر اسان سان اسان کي مدد ڏيڻ لاءِ، ۽ اسانجين جنگين ڪرڻ لاءِ، خداوند اسان جو خدا آهي. تڏهن ماڻهن کي يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڳالهين ڪري آرام آيو.</verse>
				<verse number="9">تنهن کانپوءِ اسور جي بادشاهہ سنحيرب پنهنجا نوڪر يروشلم ڏي موڪليا (هاڻي لڪيس جي سامهون هو ۽ سندس سارو لشڪر ساڻس هو،) ۽ يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ ۽ ساري يهوداہ جا ماڻهو جي يروشلم ۾ هئا، تن ڏي چوائي موڪليائين،</verse>
				<verse number="10">تہ اسور جو بادشاهہ سنحيرب ٿو چوي تہ اوهين ڇا تي ڀروسو ٿا ڪريو جو يروشلم جي گهيري ۾ اندر رهيا پيا آهيو؟</verse>
				<verse number="11">حزقياہ اوهان کي انهيءَ لاءِ نٿو ٺڳاري ڇا تہ اوهان کي ڏڪار ۽ اُڃ ۾ مرڻ لاءِ ڏيئي ڇڏي، ۽ چوي ٿو تہ خداوند اسان جو خدا اسور جي بادشاهہ جي هٿن مان ڇڏائيندو؟</verse>
				<verse number="12">ساڳئي حزقياہ ان جون مٿانهيون جايون ۽ ان جون قربانگاهون ڪڍي نہ ڇڏيون آهن ڇا، ۽ يهوداہ ۽ يروشلم کي نہ چيو اٿس ڇا تہ اوهين هڪڙي قربانگاهہ جي اڳيان سجدو ڪريو ۽ انهيءَ تي لوبان ساڙيو؟</verse>
				<verse number="13">اوهان کي اها خبر نہ آهي ڇا تہ مون ۽ منهنجي ابن ڏاڏن ملڪن جي ماڻهن سان ڪهڙو حال ڪيو آهي؟ انهن ملڪن جي ماڻهن جا معبود ڪو انهن جي زمين کي منهنجن هٿن مان ڪنهن بہ طرح ڇڏائي سگهيا ڇا؟</verse>
				<verse number="14">جن قومن کي منهنجي ابن ڏاڏن بلڪل چٽ ڪري ڇڏيو، تن جي سڀني معبودن مان ڪير هو، جو پنهنجي قوم کي منهنجي هٿان ڇڏائي سگهيو، جو اوهان جو خدا اوهان کي منهنجي هٿان ڇڏائي سگهندو؟</verse>
				<verse number="15">تنهنڪري هاڻي ڌيان ڪجو، متان حزقياہ اوهان کي ٺڳي ۽ انهيءَ طرح اوهان کي لالچائي؛ انهيءَ تي اوهين اعتبار نہ ڪجو: ڇالاءِ جو ڪنهن بہ قوم يا بادشاهت جي ڪنهن بہ معبود کي منهنجي هٿان، ۽ منهنجي ابن ڏاڏن جي هٿان پنهنجي قوم کي ڇڏائڻ جي ڪا طاقت نہ هئي: تڏهن اوهان جي خدا کي منهنجي هٿان اوهان کي ڇڏائڻ جو ڪيترو نہ گهٽ امڪان آهي؟</verse>
				<verse number="16">۽ هن جي نوڪرن خداوند خدا ۽ سندس ٻانهي حزقياہ جي نسبت ۾ اڃا بہ ڪي وڌيڪ ڳالهايو.</verse>
				<verse number="17">هن خداوند، اسرائيل جي خدا جي بابت بي ادبيءَ جا خط بہ لکيا، جن ۾ ان جي برخلاف ڳالهايائين ۽ چيائين، تہ جهڙيءَ طرح ٻين ملڪن جي قومن جي معبودن پنهنجي قوم کي منهنجن هٿن مان نہ ڇڏايو آهي، تهڙيءَ طرح حزقياہ جو خدا بہ پنهنجي قوم کي منهنجن هٿن مان نہ ڇڏائيندو.</verse>
				<verse number="18">۽ جيڪي يروشلم جا ماڻهو ڀت تي هئا، تن سان هنن وڏي سڏ يهودين جي ٻوليءَ ۾ ڳالهايو، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي ڊيڄارين ۽ تڪيلف رسائين، تہ اهو شهر وٺن.</verse>
				<verse number="19">۽ هن يروشلم جي خدا بابت بہ ائين ڳالهايو جيئن زمين جي ٻين قومن جي معبودن بابت ڳالهائبو آهي، جي ماڻهن جي هٿن جا جڙيل آهن.</verse>
				<verse number="20">۽ انهيءَ ڪري حزقياہ بادشاهہ ۽ يسعياہ بن آموص نبيءَ دعا گهري، ۽ آسمان ڏي منهن ڪري دانهن ڪيائون.</verse>
				<verse number="21">۽ خداوند هڪڙو ملائڪ موڪليو، جنهن اسور جي بادشاهہ جي منزلگاهہ ۾ سڀني همت وارن بهادرن ۽ منهندارن ۽ سردارن کي وڍي ڇڏيو. انهيءَ طرح هو ڦڪو منهن کڻي موٽي پنهنجي وطن ڏي ويو، ۽ جڏهن هو پنهنجي معبود جي گهر ۾ آيو، تڏهن جيڪي خود سندس آنڊن مان نڪتا هئا، تن هن کي اتي ترار سان ماري وڌو.</verse>
				<verse number="22">انهيءَ طرح خداوند حزقياہ ۽ يروشلم جي رهاڪن کي اسور جي بادشاهہ سنحيرب، ۽ ٻين سڀني جي هٿن مان بچايو ۽ هر طرح هنن جي هدايت ڪيائين.</verse>
				<verse number="23">۽ گهڻن ماڻهن يروشلم جي خداوند لاءِ نذرانا، ۽ يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي لاءِ قيمتي شيون آنديون: جنهنڪري هو انهيءَ وقت کان وٺي اڳتي سڀني قومن جي نظر ۾ جلال وارو ٿيو.</verse>
				<verse number="24">انهن ڏينهن ۾ حزقياہ اهڙو بيمار ٿيو جو مرڻ تي هو. ۽ هن خداوند کان دعا گهري؛ ۽ انهيءَ ساڻس ڳالهايو ۽ کيس هڪڙي نشاني ڏنائين.</verse>
				<verse number="25">پر حزقياہ جيڪو فائدو کيس رسايو ويو هو، تنهن موجب ڪجهہ بہ ڪين ڪيو؛ ڇالاءِ جو هن جي دل مغرور ٿي تنهنڪري ان تي، ۽ يهوداہ ۽ يروشلم تي، غضب نازل ٿيو.</verse>
				<verse number="26">انهيءَ ڪري حزقياہ توڙي يروشلم جي رهاڪن پنهنجي دل جي مغروريءَ کان پاڻ کي نماڻو ڪيو، جنهن ڪري حزقياہ جي ڏينهن ۾ خداوند جي ڪاوڙ هنن تي نہ آئي.</verse>
				<verse number="27">۽ حزقياہ کي تمام گهڻي دولت ۽ عزت حاصل ٿي: ۽ هن پنهنجي لاءِ چاندي، ۽ سون، ۽ قيمتي جواهر ۽ مصالحن، ۽ سپرن ۽ هر قسم جي سهڻن باسڻن جا خزانا گڏ ڪيا؛</verse>
				<verse number="28">۽ اَن جي پيدائش ۽ شراب، ۽ تيل لاءِ انبارخانا؛ ۽ هر قسم جي وهٽن لاءِ ٿانوَ ۽ ڌڻن جي لاءِ واڙا.</verse>
				<verse number="29">تنهن کانسواءِ هن پنهنجي لاءِ شهر، ۽ ڌڻن ۽ گلن جو مال ملڪيت تمام گهڻو گڏ ڪيو: ڇالاءِ جو خداوند هن کي گهڻو مال عطا ڪيو هو.</verse>
				<verse number="30">انهيءَ ساڳي حزقياہ جيحون جي پاڻيءَ جو مٿيون چشمو بہ بند ڪري ڇڏيو، ۽ انهيءَ کي سڌو هيٺ لاهي دائود جي شهر جي الهندي پاسي آندائين. ۽ حزقياہ پنهنجن سڀني ڪمن ۾ فتحياب ٿيو.</verse>
				<verse number="31">انهيءَ هوندي بہ بابل جي اميرن جا ايلچي، جي ڏانهس موڪليا ويا هئا، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو عجيب ڪم انهيءَ زمين ۾ ڪيو ويو هو، تنهن بابت پڇا ڪن، تن جي نسبت ۾ خدا هن کي آزمائڻ جي لاءِ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي جيڪي هن جي دل ۾ آهي سو سڀ کيس معلوم ٿئي.</verse>
				<verse number="32">هاڻي حزقياہ جا ٻيا باقي ڪم ۽ ان جي چڱائي، ڏسو، اهي يسعياہ بن آموص نبيءَ جي رويا ۾، ۽ يهوداہ ۽ اسرائيل جي بادشاهن جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.</verse>
				<verse number="33">۽ حزقياہ پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، ۽ هن کي دائود جي پٽن جي قبرستان واريءَ چاڙهيءَ تي دفن ڪيائون، ۽ سندس مرڻ مهل ساري يهوداہ ۽ يروشلم جي ماڻهن هن کي تعظيم ڏني، ۽ سندس پٽ منسي سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="33">
				<verse number="1">جڏهن منسي بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو ٻارهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ پنجونجاهہ سال بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="2">۽ هن اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا؛ ۽ انهن غير قومن جي نفرت جهڙن ڪمن جهڙا هئا، جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان ڪڍي ڇڏيو هو.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو هن وري مٿانهيون جايون جوڙايون، جي سندس پيءُ حزقياہ ڀڃي ڇڏيون هيون؛ ۽ هن بعليم جي لاءِ قربانگاهون کڙيون ڪيون ۽ يسيرتون جوڙايائين، ۽ آسمان جي ساري لشڪر جي عبادت ڪيائين، ۽ انهن جي بندگي ڪيائين.</verse>
				<verse number="4">۽ هن خداوند جي گهر ۾ قربانگاهون جوڙايون، جن بابت خداوند چيو تہ يروشلم ۾ منهنجو نالو هميشہ قائم رهندو.</verse>
				<verse number="5">۽ هن خداوند جي گهر جي ٻن ايوانن ۾ آسمان جي ساري لشڪر لاءِ قربانگاهون ٺهرايون.</verse>
				<verse number="6">هن پنهنجن ٻارن کي هنوم جي واديءَ ۾ باهہ منجهان بہ لنگهايو؛ ۽ هن فال وجهڻ جو ڪم ڪرايو، ۽ منڊ، ۽ جادوگري ڪم ۾ آندائين؛ ۽ جن کي جن ڀوت ايندا هئا تن سان، ۽ ڏائڻين سان واهپو رکيائين: هن خداوند جي نظر ۾ گهڻا ئي خراب ڪم ڪيا، جنهنڪري هن کي ڪاوڙ ڏياريائين.</verse>
				<verse number="7">۽ بت جي اُڪريل مورت جا هن جوڙي هئي، سا خدا جي گهر ۾ رکيائين، جنهن گهر بابت خدا دائود ۽ سندس پٽ سليمان کي چيو تہ هي گهر ۽ يروشلم، جن کي مون اسرائيل جي سڀني فرقن مان پسند ڪيو آهي، تن ۾ آءٌ پنهنجو نالو هميشہ لاءِ قائم رکندس:</verse>
				<verse number="8">نڪي آءٌ اسرائيل جو پير انهيءَ زمين مان وري ڪڏهن ڪڍندس، جا مون اوهان جي ابن ڏاڏن لاءِ مقرر ڪئي آهي؛ بشرطيڪ جيڪي حڪم مون هنن کي ڏنا آهن، يعني ساري شريعت ۽ سڀ قاعدا ۽ قانون، جي موسيٰ جي هٿان ڏنا اٿم، تنهن جي تعميل ڪندا.</verse>
				<verse number="9">۽ منسيءَ يهوداہ ۽ يروشلم جي رهاڪن کي ايتري قدر گمراهہ ڪيو جو هنن انهن قومن کان بہ وڌيڪ خراب ڪم ڪيا، جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان ناس ڪيو هو.</verse>
				<verse number="10">۽ خدا منسيءَ ۽ سندس قوم سان ڳالهايو: پر هنن انهيءَ جي پرواهہ ڪانہ ڪئي.</verse>
				<verse number="11">جنهنڪري خداوند هنن تي اسور جي بادشاهہ جي لشڪر جا سردار آندا، جن منسي کي زنجيرن ۾ قابو ڪيو، ۽ ٻيڙين سان ٻڌي بابل ڏي کڻي ويس.</verse>
				<verse number="12">۽ جڏهن هو اهڙي مصيبت ۾ پيو، تڏهن خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهرڻ لڳو، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي اڳيان پاڻ کي نماڻو ڪيائين.</verse>
				<verse number="13">۽ هن کان دعا گهريائين؛ هن سندس دعا قبول ڪري سندس فرياد ٻڌو ۽ هن کي موٽائي سندس بادشاهت ۽ يروشلم ۾ آندائين. تڏهن منسي کي پڪ ٿي تہ خداوند برابر خدا آهي.</verse>
				<verse number="14">هاڻي انهيءَ کانپوءِ هن دائود جي شهر جي ڀت جيحون جي اُلهندي پاسي، واديءَ ۾، مڇيءَ واري دروازي جي لنگهہ تائين، عوفل جي چوڌاري جوڙائي؛ ۽ انهيءَ کي تمام گهڻو مٿي چاڙهيائين: ۽ هن يهوداہ جي ڪوٽ وارن سڀني شهرن ۾ بهادر سردار رکيا.</verse>
				<verse number="15">هن ڌاريا معبود ۽ مورت خداوند جي گهر مان ڪڍي ڇڏيا، ۽ سڀ قربانگاهون جي خداوند جي گهر جي جبل تي، ۽ يروشلم ۾ جوڙايون هئائين، سي سڀ ڪڍي شهر جي ٻاهران اُڇلائي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="16">۽ خداوند جي قربانگاهہ جوڙايائين، ۽ انهيءَ تي سلامتيءَ جون قربانيون ۽ شڪرگذاريءَ جون قربانيون چاڙهيائين، ۽ يهوداہ کي حڪم ڪيائين تہ خداوند اسرائيل جي خدا جي عبادت ڪن.</verse>
				<verse number="17">انهيءَ هوندي بہ ماڻهو اڃا مٿانهين جاين تي قربانيون پيا ڪندا هئا، پر رڳو خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ.</verse>
				<verse number="18">هاڻي منسي جا باقي ٻيا ڪم، ۽ پنهنجي خدا وٽ سندس دعا، ۽ انهن غيب دانن جون ڳالهيون، جي انهن خداوند اسرائيل جي خدا جي نالي سان کيس ٻڌايون، سي ڏسو، اسرائيل جي بادشاهن جي ڪمن ۾ لکيل آهن.</verse>
				<verse number="19">هن جي دعا ۽ سندس قبول ٿيڻ؛ ۽ انهيءَ کان اڳي تہ هو نماڻو ٿيو، هن جا گناهہ، ۽ هن جا سڀ قصور، ۽ جن هنڌن تي هن مٿانهيون جايون جوڙايون، ۽ يسيرتون، ۽ اُڪريل مورتون کڙيون ڪيائين، سي حوزيءَ جي تواريخ ۾ لکيل آهن.</verse>
				<verse number="20">نيٺ منسي پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ هن کي خود سندس گهر ۾ دفن ڪيائون: ۽ سندس پٽ امون سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="21">جڏهن امون بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن ٻاويهن ورهين جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ ٻہ سال بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="22">۽ هن جيڪي ڪم ڪيا، سي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، جهڙا سندس پيءُ منسي جا هئا: ۽ امون انهن سڀني اُڪريل مورتن لاءِ قربانيون ڪيون، جي سندس پيءُ منسي جوڙيون هيون، ۽ انهن جي عبادت ڪيائين.</verse>
				<verse number="23">۽ هن خداوند جي اڳيان نماڻو ٿي توبهہ نہ ڪئي، جيئن ڪ سندس پيءُ ڪئي هئي؛ پر اهو ساڳيو امون پاڻ وڌيڪ گناهہ ڪندو ويو.</verse>
				<verse number="24">۽ هن جي نوڪرن سندس برخلاف منصوبو ڪيو ۽ هن کي خود سندس گهر ۾ ماري وڌائون.</verse>
				<verse number="25">پر ملڪ جي ماڻهن انهن سڀني کي ڪُهي ڇڏيو، جن امون بادشاهہ جي برخلاف منصوبو ڪيو هو؛ ۽ ملڪ جي ماڻهن سندس پٽ يوسياہ کي سندس جاءِ تي بادشاهہ ڪيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="34">
				<verse number="1">جڏهن يوسياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن اٺن ورهين جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ ايڪٽيهہ سال بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="2">۽ هن اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، ۽ پنهنجي پيءُ دائود جي رستن تي هليو، ۽ نہ سڄي پاسي لڙيو نہ کٻي پاسي.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو سندس بادشاهي جي اٺين سال ۾، جڏهن هو اڃا ننڍو هو، تڏهن پنهنجي پيءُ دائود جي خدا جي طلب ۾ رهڻ لڳو: ۽ ٻارهين ورهيہ ۾، يهوداہ ۽ يروشلم مان مٿانهيون جايون، ۽ يسيرتون، ۽ اُڪريل مورتيون، ۽ پلٽيل مورتيون ڪڍڻ لڳو.</verse>
				<verse number="4">۽ هن پنهنجي روبرو بعليم جون قربانگاهون ڀڃي ڀوري وڌيون؛ ۽ سج جون مورتيون، جي سندن مٿان هيون، تن کي هن وڍي ڪيرائي ڇڏيو؛ ۽ يسيرتون ۽ اُڪريل مورتيون ۽ پلٽيل مورتيون هن ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيون، ۽ خاڪ ڪري انهن جي قبرن تي پکيڙي ڇڏيائين، جن انهن تي قربانيون ٿي ڪيون.</verse>
				<verse number="5">۽ انهن جي قربانگاهہ تي هن انهن ڪاهنن جا هڏا ساڙي ڇڏيا، ۽ يهوداہ ۽ يروشلم کي انهن کان پاڪ ڪيائين.</verse>
				<verse number="6">۽ منسي ۽ افرائيم ۽ شمعون جي شهرن ۾، نفتاليءَ ۽ سندس چوڌاري ڊٺل جاين تائين، بہ هن ائين ئي ڪيو.</verse>
				<verse number="7">۽ هن قربانگاهون ڀڃي ڊاهي ڇڏيون، ۽ يسيرتن، توڙي اُڪريل مورتن کي ڪُٽي اٽو ڪري ڇڏيائين، ۽ اسرائيل جي ساري سرزمين ۾ سڀ سج جون مورتون وڍي ڪيرائي ڇڏيائين، ۽ پوءِ يروشلم ڏي موٽي آيو.</verse>
				<verse number="8">هاڻي هن جي بادشاهيءَ جي ارڙهين سال ۾، جڏهن هو ملڪ ۽ گهر کي پاڪ ڪري چڪو، تڏهن هن سافن بن اصلياہ، ۽ معسياہ شهر جي حاڪم، ۽ يوآخہ بن يوآخز دفتردار کي خداوند پنهنجي خدا جي گهر جي مرمت ڪرڻ لاءِ موڪليو.</verse>
				<verse number="9">۽ اهي خلقياہ سردار ڪاهن وٽ آيا، ۽ جيڪي پئسا خدا جي گهر ۾ آندا ويا هئا، ۽ جي لاوين دربانن، منسي، ۽ افرائيم، ۽ باقي رهيل اسرائيلين کان، ۽ ساري يهوداہ ۽ بنيمين کان، ۽ يروشلم جي رهاڪن کان گڏ ڪيا هئا، سي پهچائي ڏنائون.</verse>
				<verse number="10">۽ اهي انهن ڪم ڪندڙن کي ڏنا، جن خداوند جي گهر جي نظرداري پئي ڪئي. ۽ جن ڪم ڪندڙن خداوند جي گهر ۾ ڪم ڪيو، تن اُهي گهر جي مرمت ڪرڻ ۽ سڌارڻ ۾ لڳايا؛</verse>
				<verse number="11">يعني انهن واڍن ۽ رازن کي ڏنا، انهيءَ لاءِ تہ تراشيل پهڻ ۽ ڳنڍڻ لاءِ ڪاٺ خريد ڪن ۽ جيڪي گهر يهوداہ جي بادشاهن ناس ڪيا هئا، تن جي لاءِ ڪامون جوڙين.</verse>
				<verse number="12">۽ ماڻهن اهو ڪم ايمانداريءَ سان ڪيو: ۽ انهن جي مٿان نظر ڪرڻ وارا يحت ۽ عبدياہ لاوي هئا، جي مراريءَ جي پٽن مان هئا؛ ۽ زڪرياہ ۽ مسلام، جي قهات جي پٽن مان هئا، سي ڪوشش سان ڪم هلائڻ جي لاءِ هئا: ۽ لاوين مان باقي ٻيا سڀ سازن وڄائڻ ۾ هوشيار هئا.</verse>
				<verse number="13">هو بار کڻڻ وارن جي مٿان بہ هئا، ۽ جيڪي ماڻهو ڪنهن بہ قسم جو ڪم ڪندا هئا، تن کان سعيي سان ڪم هلارائيندا هئا: ۽ لاوين مان محرر ۽ عملدار ۽ دربان بہ هئا.</verse>
				<verse number="14">۽ جيڪي پئسا خداوند جي گهر ۾ آندا ويا هئا، سي جڏهن هنن ٻاهر ڪڍيا، تڏهن خلقياہ ڪاهن خداوند جي شريعت جو ڪتاب لڌو، جو موسيٰ جو ڏنل هو.</verse>
				<verse number="15">۽ خلقياہ ورندي ڏيئي شافان محرر کي چيو تہ مون خداوند جي گهر مان شريعت جو ڪتاب لڌو آهي. ۽ خلقياہ اهو ڪتاب سافن کي ڏنو.</verse>
				<verse number="16">۽ سافن اهو ڪتاب بادشاهہ وٽ کڻي ويو، ۽ بادشاهہ کي هيءَ خبر بہ آڻي ٻڌايائين تہ جيڪي تنهنجن نوڪرن جي حوالي ڪيو ويو هو، سو هو ڪن ٿا.</verse>
				<verse number="17">۽ جيڪي پئسا خداوند جي گهر مان لڌا هئا، سي سڀ هنن ڪڍي نظر ڪندڙن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا آهن.</verse>
				<verse number="18">۽ سافن محرر بادشاهہ کي چيو تہ خلقياہ ڪاهن مون کي هڪڙو ڪتاب ڏنو آهي. ۽ سافن انهيءَ مان بادشاهہ جي اڳيان ڪجهہ پڙهيو.</verse>
				<verse number="19">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ شريعت جو ڪلام ٻڌو، تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيائين.</verse>
				<verse number="20">۽ بادشاهہ خلقياہ، ۽ اخيقام بن سافن، ۽ عبدون بن ميڪاہ، ۽ سافن محرر، ۽ بادشاهہ جي نوڪر عساياہ کي چيو، تہ</verse>
				<verse number="21">اوهين وڃي منهنجي لاءِ، ۽ اسرائيل ۽ يهوداہ ۾ باقي جيڪي بچيا آهن تن لاءِ، جيڪو ڪتاب لڌو آهي تنهن جي ڪلام بابت پڇا ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند جي ڪاوڙ اسان تي گهڻي نازل ٿي آهي، جو اسان جي ابن ڏاڏن خداوند جي ڪلام جي سنڀال نہ ڪئي آهي، ۽ هن ڪتاب ۾ جيڪي لکيل آهي، تنهن تي عمل نہ ڪيو اٿن.</verse>
				<verse number="22">تڏهن خلقياہ، ۽ اهي جن کي بادشاهہ حڪم ڏنو، سي خلداہ نبيہ ڏي ويا، جا سلوم بن توقهت، بن خسراہ جي زال هئي، جو توشہ خاني جو داروغو هو؛ (هاڻي هوءَ يروشلم جي ٻئي حصي ۾ رهندي هئي؛) ۽ هنن انهيءَ بابت هن کي چيو.</verse>
				<verse number="23">۽ هن چين تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن ماڻهوءَ اوهان کي مون ڏي موڪليو آهي تنهن کي چئو، تہ</verse>
				<verse number="24">خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس آءٌ هن هنڌ تي ۽ جيڪي اتي رهن ٿا، تن تي خرابي آڻيندس، يعني جيڪو ڪتاب هنن يهوداہ جي بادشاهہ جي اڳيان پڙهيو آهي، تنهن ۾ جيڪي لعنتون لکيل آهن، سي آڻيندس:</verse>
				<verse number="25">ڇالاءِ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙيو اٿن، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي ڪم هنن پنهنجن هٿن سان ڪيا آهن، تن سان مون کي ڪاوڙ ڏيارين، تنهنڪري منهنجي ڪاوڙ هن هنڌ تي پلٽي آهي، ۽ اها ڪين اُجهامندي.</verse>
				<verse number="26">پر يهوداہ جو بادشاهہ، جنهن خداوند کان پڇا ڪرڻ لاءِ اوهان کي موڪليو آهي، تنهن کي اوهين هيئن چئجو تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي: تہ جيڪو ڪلام اوهان ٻڌو آهي،</verse>
				<verse number="27">تنهن جي نسبت ۾ ڇالاءِ جو تنهنجي دل نرم هئي، ۽ تو هن هنڌ جي برخلاف ۽ اتي جي رهندڙن جي برخلاف سندس ڪلام ٻڌو، ۽ تو پاڻ کي نماڻو ڪيو ۽ منهنجي اڳيان عاجزي ڪئي اٿيئي، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا اٿيئي، ۽ منهنجي اڳيان رُنو اٿيئي؛ تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي تہ مون بہ تنهنجي ٻڌي آهي.</verse>
				<verse number="28">ڏس، آءٌ توکي تنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏيندس ۽ تون پنهنجي قبر ۾ آرام سان وڃي پهچندين، ۽ جيڪا خرابي آءٌ هن هنڌ تي ۽ اتي جي رهاڪن تي آڻيندس، سا تون پنهنجين اکين سان نہ ڏسندين. ۽ هنن اها خبر موٽي بادشاهہ کي آڻي ڏني.</verse>
				<verse number="29">تڏهن بادشاهہ ماڻهو موڪلي يهوداہ ۽ يروشلم جي سڀني بزرگن کي گهرايو.</verse>
				<verse number="30">۽ بادشاهہ، ۽ يهوداہ جا سڀ ماڻهو، ۽ يروشلم جا رهاڪو ۽ ڪاهن ۽ لاوي ۽ ٻيا سڀ ماڻهو، وڏا توڙي ننڍا، خداوند جي گهر ۾ ويا: ۽ جيڪو عهدنامي جو ڪتاب خداوند جي گهر مان لڌو هو، تنهن جون سڀ ڳالهيون انهن کي پڙهي ٻڌايائين.</verse>
				<verse number="31">۽ بادشاهہ پنهنجي جاءِ تي اُٿي بيٺو، ۽ خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيائين تہ خداوند جي پيروي ڪندس، ۽ سندس حڪمن ۽ سندس شاهدين ۽ سندس قاعدن جي، پنهنجي سموري دل ۽ سموري جان سان سنڀال ڪندس، ۽ جيڪي عهد اقرار جون ڳالهيون هن ڪتاب ۾ لکيل آهن تن تي عمل ڪندس.</verse>
				<verse number="32">۽ جيڪي ماڻهو يروشلم ۾، ۽ بنيمين ۾ لڌا، تن سڀني کي بہ اُٿاري بيهاريائين. ۽ يروشلم جي رهاڪن پنهنجن ابن ڏاڏن جي خدا جي عهد اقرار موجب عمل ڪيو.</verse>
				<verse number="33">۽ جيڪي ملڪ بني اسرائيل جي ذمي هئا، تن سڀني مان يوسياہ سڀ ڪراهت جهڙيون مورتون ڪڍي ڇڏيون، ۽ اسرائيل ۾ جيڪي ماڻهو هئا، تن کان خداوند سندن خدا جي عبادت ڪرايائين. هن جي سڀني ڏينهن ۾ ماڻهو خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي پيروي ڪرڻ کان ٻئي پاسي ڦري نہ ويا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="35">
				<verse number="1">۽ يوسياہ يروشلم ۾ خداوند جي لاءِ فسح جي عيد ڪئي: ۽ هنن پهرين مهيني جي چوڏهين تاريخ عيد جي قرباني ذبح ڪئي.</verse>
				<verse number="2">۽ هن ڪاهنن کي پنهنجي پنهنجي عهدي تي مقرر ڪيو، ۽ خداوند جي گهر جي خدمت لاءِ انهن کي همتايائين.</verse>
				<verse number="3">۽ لاوين، جن ساري اسرائيل کي تعليم ٿي ڏني ۽ جي خداوند جي لاءِ پاڪ هئا، تن کي هن چيو تہ جيڪو گهر سليمان بن دائود، اسرائيل جي بادشاهہ جوڙايو، تنهن ۾ پاڪ صندوق وڃي رکو: اڳتي وري اوهانجن ڪلهن تي بار ڪونہ پوندو: هاڻي خداوند پنهنجي خدا ۽ ان جي قوم اسرائيل جي خدمت ڪندا رهو.</verse>
				<verse number="4">۽ اسرائيل جي بادشاهہ دائود ۽ سندس پٽ سليمان جي ليکي موجب اوهين پنهنجن ابن جي گهراڻن موافق حصا حصا ڪري پاڻ کي تيار رکو.</verse>
				<verse number="5">۽ پنهنجن ڀائرن، بني اُمت جي ابن جي گهراڻن جي حصن موجب پاڪ مڪان ۾ بيهو، ۽ هرهڪ لاءِ لاوين جي ابن جي گهراڻن جو ڪو حصو هئڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="6">۽ فسح جون قربانيون ذبح ڪريو، ۽ پاڻ کي پاڪ ڪريو، ۽ پنهنجن ڀائرن جي لاءِ تياري ڪريو، ۽ جيڪو ڪلام خداوند موسيٰ جي هٿان ڪيو آهي، تنهن موجب عمل ڪريو.</verse>
				<verse number="7">۽ يوسياہ بني اُمت کي ڌڻ مان گهيٽا ۽ ڇيلا، انهن سڀني کي ڏنا جي حاضر هئا، تہ فسح جي قرباني ڪن، ۽ اهي ڳاڻاٽي ۾ ٽيهہ هزار هئا، ۽ ٽي هزار ڏاند هئا: اهي بادشاهہ جي مال مان هئا.</verse>
				<verse number="8">۽ هن جي سڀ اميرن خوشيءَ جي قرباني لاءِ ماڻهن کي ۽ ڪاهنن کي ۽ لاوين کي ڪي ڏنو. خلقياہ ۽ زڪرياہ ۽ يحيئيل، جي خدا جي گهر جا سردار هئا، تن ڪاهنن کي فسح جي قربانين لاءِ ٻہ هزار ۽ ڇهہ سؤ ننڍو مال، ۽ ٽي سؤ ڏاند ڏنا.</verse>
				<verse number="9">۽ ڪنعنياہ بہ، ۽ سمعياہ، ۽ نتنيئيل، سندس ڀائر ۽ حسبياہ، ۽ يعي ايل، ۽ يوزبد، جي لاوين جا سردار هئا، تن لاوين کي فسح جي قربانين لاءِ پنج هزار ننڍو مال، ۽ پنج سؤ ڏاند ڏنا.</verse>
				<verse number="10">انهيءَ طرح عبادت جي تياري ٿي، ۽ ڪاهن پنهنجي جاءِ تي بيٺا، ۽ لاوي پنهنجن حصن موافق بيٺا، جيئن ڪ بادشاهہ حڪم ڪيو هو.</verse>
				<verse number="11">پوءِ هنن فسح جون قربانيون ذبح ڪيون، ۽ ڪاهنن انهن جي هٿان رت وٺي ڇاٽاريو، ۽ لاوين انهن جون کلون لاٿيون.</verse>
				<verse number="12">۽ هنن سوختني قربانيون کنيون، انهيءَ لاءِ تہ اهي بني اسرائيل جي ابن جي گهراڻن جي حصن موجب هنن کي ڏئي ڇڏين، تہ خداوند جي لاءِ پيش ڪن، جيئن ڪ موسيٰ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي. ۽ ڏاندن سان بہ هنن ائين ڪيو.</verse>
				<verse number="13">۽ دستور موجب هنن فسح جي قرباني باهہ تي ساڙي: ۽ پاڪ قربانيون هنن ديڳڙن، ۽ ديڳين ۽ تَين ۾ رڌيون، ۽ پوءِ هڪدم اهي بني اسرائيل کي ورهائي ڏيئي ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="14">تنهن کانپوءِ هنن پنهنجي لاءِ ۽ ڪاهنن جي لاءِ تياري ڪئي؛ ڇالاءِ جو هارون جا پٽ ڪاهن رات تائين ساڙڻ وارين قربانين چاڙهڻ ۾ مشغول هئا: تنهنڪري لاوين پنهنجي لاءِ ۽ هارون جي پٽن يعني ڪاهنن لاءِ تياري ڪئي.</verse>
				<verse number="15">۽ آسف جا پٽ ڳائڻ وارا، دائود، ۽ آسف، ۽ هيمان، ۽ بادشاهہ جي غيب دان يدوتون جي حڪم موجب، پنهنجي جاءِ تي هئا؛ ۽ دربان سڀ ڪنهن در تي حاضر هئا: هنن کي پنهنجي خدمت ڇڏي نڪرڻ جو ضرور ڪونہ هو، ڇالاءِ جو هن جي ڀائرن لاوين، سندن لاءِ تياري پئي ڪئي.</verse>
				<verse number="16">انهيءَ طرح خداوند جي عبادت لاءِ ساڳئي ڏينهن تياري ٿي ويئي، انهي لاءِ تہ بادشاهہ يوسياہ جي حڪم موجب خداوند جي قربانگاهہ تي فسح جي عيد ڪئي وڃي، ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ادا ڪرڻ ۾ اچن.</verse>
				<verse number="17">۽ جيڪي بني اسرائيل حاضر هئا، تن انهيءَ وقت فسح جي عيد ۽ اڻ خميري مانيءَ جي عيد ست ڏينهن ڪئي.</verse>
				<verse number="18">۽ انهيءَ جهڙي فسح جي عيد سموئيل نبيءَ جي ڏينهن کان وٺي اسرائيل ۾ اڳي ڪڏهن ڪانہ ڪئي ويئي هئي؛ نڪي اسرائيل جي بادشاهن مان ڪنهن بہ اهڙي فسح جي عيد ڪئي جهڙي يوسياہ، ۽ ڪاهنن ۽ لاوين، ۽ ساري يهوداہ، ۽ اسرائيل، جي حاضر هئا، ۽ يروشلم جي رهاڪن ڪئي.</verse>
				<verse number="19">اها عيد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي ارڙهين ورهيہ ۾ ڪئي وئي.</verse>
				<verse number="20">۽ انهن ڳالهين کانپوءِ جڏهن يوسياہ هيڪل کي تيار ڪيو، تڏهن مصر جو بادشاهہ نڪوہ چڙهي آيو، انهيءَ لاءِ تہ ڪرڪمس سان فرات جي نزديڪ جنگ ڪري: ۽ يوسياہ انهيءَ سان وڙهڻ لاءِ نڪري ويو.</verse>
				<verse number="21">پر هن ايلچي موڪلي چوائي موڪليس تہ اي يهوداہ جا بادشاهہ، منهنجو تو سان ڪهڙو ڪم آهي؟ اڄ آءٌ تو سان وڙهڻ لاءِ نٿو اچان پر جنهن گهراڻي سان منهنجي جنگ آهي، انهيءَ سان وڙهڻ ٿو اچان؛ ۽ خدا مون کي جلدي ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو آهي: خدا جي ڪم ۾ اٽڪ وجهڻ کان پاڻ کي روڪ، جو هو مون سان آهي، متان هو توکي ناس ڪري ڇڏي.</verse>
				<verse number="22">انهيءَ هوندي بہ يوسياہ پنهنجو منهن هن کان نہ ڦيرايو، پر هن سان وڙهڻ لاءِ پنهنجو ويس بدلايائين، ۽ خدا جي واتان نڪتل نڪوہ جي ڳالهہ نہ ٻڌائين، ۽ مجدو جي واديءَ ۾ وڙهڻ لاءِ آيو.</verse>
				<verse number="23">۽ ڪماندارن يوسياہ بادشاهہ کي تير هنيو؛ ۽ بادشاهہ پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ مون کي ڪڍي وڃو، ڇالاءِ جو مون کي سخت زخم ٿي پيو آهي.</verse>
				<verse number="24">تڏهن هن جي نوڪرن کيس گاڏيءَ مان ڪڍيو ۽ ٻي جيڪا سندس گاڏي هئي، تنهن ۾ رکيائونس، پوءِ يروشلم ۾ وٺي آيس، ۽ هو مئو ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو؛ ۽ ساري يهوداہ ۽ يروشلم يوسياہ لاءِ ماتم ڪيو.</verse>
				<verse number="25">۽ يرمياہ بہ يوسياہ جي لاءِ ماتم ڪيو: ۽ سڀ ڳائيندڙ مرد توڙي ڳائيندڙ زالون اڄ ڏينهن تائين اوسارڻ ۾ يوسياہ جو ذڪر ڪنديون آهن؛ ۽ اهو اسرائيل ۾ هڪڙو دستوري قانون ڪري ڇڏيائون: ۽ ڏسو، اهو مرثين ۾ لکيل آهي.</verse>
				<verse number="26">هاڻي يوسياہ جا باقي ٻيا ڪم ۽ ان جا چڱا عمل، جيئن ڪ خداوند جي شريعت ۾ لکيل آهن،</verse>
				<verse number="27">۽ هن جا ڪم پهريان توڙي پويان، سي ڏسو، اسرائيل ۽ يهوداہ جي بادشاهن جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="36">
				<verse number="1">تڏهن ملڪ جي ماڻهن يوسياہ جي پٽ يهوآخز کي وٺي سندس پيءُ جي جاءِ تي يروشلم ۾ بادشاهہ ڪيو.</verse>
				<verse number="2">جڏهن يهوآخز بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو ٽيويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ٽي مهينا بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="3">۽ مصر جي بادشاهہ هن کي يروشلم جي تخت تان لاهي ڇڏيو ۽ ملڪ تي چانديءَ جي هڪ سؤ قنطارن، ۽ سون جي هڪ قنطار جو ڏنڊ رکيو.</verse>
				<verse number="4">۽ مصر جي بادشاهہ هن جي ڀاءُ الياقيم کي يهوداہ ۽ يروشلم تي بادشاهہ ڪيو ۽ هن جو نالو مٽائي يهويقيم رکيائين، ۽ نڪوہ ان جي ڀاءُ يهوآخز کي وٺي مصر ڏي کڻي ويو.</verse>
				<verse number="5">جڏهن يهويقيم بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن پنجويهن سالن جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ يارهن سال بادشاهي ڪئي: ۽ هن اهي ڪم ڪيا، جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.</verse>
				<verse number="6">انهيءَ تي وري بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر چڙهي آيو، ۽ بابل ۾ وٺي وڃڻ لاءِ هن کي زنجيرن سان ٻڌائين.</verse>
				<verse number="7">نبوڪدنضر خداوند سندس خدا جي گهر جا باسڻ بہ بابل ڏي کڻي ويو، ۽ هن اُهي بابل ۾ پنهنجي مندر ۾ وڃي رکيا.</verse>
				<verse number="8">هاڻي يهويقيم جا باقي ٻيا ڪم، ۽ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم هن ڪيا، ۽ جيڪي هن ۾ ڏٺو ويو، سو ڏسو، اسرائيل ۽ يهوداہ جي بادشاهن جي ڪتاب ۾ لکيل آهي: ۽ سندس پٽ يهوياڪين سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
				<verse number="9">جڏهن يهوياڪين بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو اٺن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ٽي مهينا ۽ ڏهہ ڏينهن بادشاهي ڪئي: ۽ هن اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.</verse>
				<verse number="10">۽ هڪڙي سال جي گذرڻ کانپوءِ بادشاهہ نبوڪدنضر هن کي ماڻهو موڪلي بابل ۾ آڻايو، ۽ ساڻس گڏ خداوند جي گهر جا چڱا چڱا باسڻ بہ آندائين، ۽ سندس ڀاءُ صدقياہ کي يهوداہ ۽ يروشلم جو بادشاهہ ڪيائين.</verse>
				<verse number="11">جڏهن صدقياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو ايڪيهن ورهين جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ يارهن ورهيہ بادشاهي ڪئي:</verse>
				<verse number="12">۽ هن جيڪي ڪم ڪيا، سي خداوند سندس خدا جي نظر ۾ خراب هئا؛ هن يرمياہ نبيءَ جي اڳيان پاڻ کي نماڻو نہ ڪيو، جنهن خداوند جي واتان ٿي ڳالهايو.</verse>
				<verse number="13">۽ هو نبوڪدنضر کان بہ باغي ٿيو، جنهن کيس خدا جو قسم کڻايو هو: پر هن خداوند اسرائيل جي خدا ڏانهن منهن ڪرڻ کان پنهنجي گردن سخت ڪئي، ۽ پنهنجي دل ڏاڍي ڪئي.</verse>
				<verse number="14">تنهن کانسواءِ ڪاهنن جي سڀني سردارن ۽ ماڻهن غير قومن جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي پٺيان لڳي وڏا وڏا گناهہ ڪيا؛ ۽ جيڪو خداوند جو گهر يروشلم ۾ هو، ۽ هن پاڪ ڪيو هو، سو هنن پليت ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="15">۽ خداوند سندن ابن ڏاڏن جي خدا پنهنجن پيغمبرن جي معرفت بروقت پيغام موڪليا؛ ڇالاءِ جو هن کي پنهنجي قوم تي، ۽ پنهنجي رهڻ جي جاءِ تي رحم آيو:</verse>
				<verse number="16">پر هنن خدا جي پيغمبرن تي ٺٺوليون ڪيون، ۽ سندس ڪلام ڏي نفرت ڏيکاريائون. ۽ سندس نبين تي کلون ڪيائون، تان جو خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي پيدا ٿي، ۽ ٻيو ڪوبہ چارو ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="17">تنهنڪري هن انهن جي مٿان ڪسدين جو بادشاهہ آندو، جنهن سندس پاڪ مڪان وارو گهر، ۽ سندن جوان ماڻهو ترار سان ڪُٺا، ۽ نہ ڪنهن جوان مرد تي رحم ڪيائين، ۽ نہ جوان زال تي، ۽ نہ پير مرد تي، نہ تمام ڪراڙي تي: سڀني کي هن انهي جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="18">۽ خدا جي گهر جا سڀ باسڻ، وڏا توڙي ننڍا، ۽ خداوند جي گهر جا خزانا، ۽ بادشاهہ ۽ سندس اميرن جا خزانا، اهي سڀ هو بابل ڏي کڻي ويو.</verse>
				<verse number="19">۽ هنن خدا جو گهر ساڙي ڇڏيو، ۽ يروشلم جي ڀت ڀڃي ڊاهي ڇڏي، ۽ ان جون سڀ محلاتون باهہ سان ساڙي ڇڏيون، ۽ ان جا سڀ سهڻا باسڻ ناس ڪري ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="20">۽ جيڪي ترار کان بچي نڪتا هئا، تن کي هو بابل ڏي وٺي ويو: اهي هن ۽ هن جي پٽن جا ٻانها ٿيا، جيسين ڪ فارس جي بادشاهت نہ آئي:</verse>
				<verse number="21">انهيءَ لاءِ تہ خداوند جو ڪلام يرمياہ جي واتان سچو ٿئي، جيسين ڪ ملڪ پنهنجا سبت ادا ڪيا: ڇالاءِ جو جيسين اهو ويران هو تيسين ستر ورهين تائين هن سبت ادا پئي ڪيا.</verse>
				<verse number="22">هاڻي فارس جي بادشاهہ خورس جي پهرين سال ۾، انهي لاءِ تہ خداوند جو ڪلام يرمياہ جي واتان ڪيل پورو ٿئي، خداوند فارس جي بادشاهہ خورس جي دل ۾ وڌو، ۽ هن پنهنجي ساري بادشاهت ۾ منادي ڪرائي ۽ لکيل اشتهار بہ موڪليائين، ۽ چيائين تہ</verse>
				<verse number="23">فارس جو بادشاهہ خورس هيئن ٿو فرمائي تہ خداوند، آسمان جي خدا دنيا جون سڀ بادشاهتون مون کي عطا ڪيون آهن؛ ۽ هن مون کي حڪم ڪيو آهي تہ يروشلم، جو يهوداہ ۾ آهي، تنهن ۾ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙيان. تنهنڪري انهيءَ جي ساريءَ قوم مان جيڪو بہ ماڻهو اوهان ۾ هجي، تنهن سان خداوند سندس خدا شل همراهہ ٿئي، ۽ اهو ڀلي موٽي وڃي.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="15">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">هاڻي فارس جي بادشاهہ خورس جي پهرين سال ۾، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جو ڪلام يرمياہ جي واتان ڪيل پورو ٿئي، خداوند، فارس جي بادشاهہ خورس جي دل ۾ وڌو، ۽ هن پنهنجي سڄي بادشاهت ۾ منادي ڪرائي، ۽ لکيل اشتهار بہ موڪليائين جنهن ۾ چيائين، تہ</verse>
				<verse number="2">فارس جو بادشاهہ خورس هيئن ٿو فرمائي، تہ خداوند آسمان جي خدا، دنيا جون سڀ بادشاهتون مون کي عطا ڪيون آهن؛ ۽ هن مون کي حڪم ڪيو آهي تہ يروشلم، جو يهوداہ ۾ آهي، تنهن ۾ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙيان.</verse>
				<verse number="3">انهيءَ جي ساريءَ قوم مان جيڪو بہ ماڻهو اوهان ۾ هجي، تنهن سان سندس خدا شل همراهہ ٿئي، ۽ اهو ڀلي تہ چڙهي يروشلم ۾ وڃي، جو يهوداہ ۾ آهي؛ ۽ خداوند اسرائيل جي خدا جو گهر جوڙي، (جو اُهوئي خدا آهي) جو يروشلم ۾ آهي.</verse>
				<verse number="4">۽ جيڪو باقي رهيل ڪٿي بہ رهندو هجي، تنهن کي اتي جا ماڻهو چاندي، ۽ سون، ۽ مال متاع، ۽ جانورن سان مدد ڪن، ۽ انهيءَ کانسواءِ يروشلم ۾ جو خداوند جو گهر آهي، تنهن لاءِ دل جي خوشيءَ جو نذرانو ڏين.</verse>
				<verse number="5">تڏهن يهوداہ ۽ بنيمين جي ابن جي گهراڻن جا رئيس، ۽ ڪاهن، ۽ لاوي، مطلب تہ اُهي سڀ جن جي دل ۾ خدا وڌو هو تہ وڃي خداوند جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، سو جوڙين، سي اُٿيا.</verse>
				<verse number="6">۽ ٻيا جيڪي انهن جي آس پاس هئا، تن چانديءَ جي باسڻن، ۽ سون، ۽ مال متاع، ۽ جانورن ۽ قيمتي شين سان هنن کي مدد ڏيئي مضبوط ڪيو، ۽ انهيءَ کانسواءِ دل جي خوشيءَ جا نذرانا بہ ڏنائون.</verse>
				<verse number="7">خورس بادشاهہ بہ خداوند جي گهر جا اُهي باسڻ، جي نبوڪدنضر يروشلم مان ڪڍي آندا هئا؛ ۽ پنهنجن معبودن جي گهر ۾ رکيا هئائين، سي ڪڍي آندا؛</verse>
				<verse number="8">اهي فارس جي بادشاهہ خورس متردات خزانچيءَ جي هٿان ڪڍائي آندا، ۽ يهوداہ جي سردار شيس بضر کي ڳڻي ڏياريائين:</verse>
				<verse number="9">۽ انهن جو شمار هي آهي: ٽيهہ سون جا ٿالهہ، هڪ هزار چانديءَ جا ٿالهہ، ۽ اوڻٽيهہ ڪاتيون؛</verse>
				<verse number="10">ٽيهہ سون جا پيالا، چار سؤ ڏهہ ٻئي قسم جا چانديءَ جا پيالا، ۽ هڪ هزار ٻيا باسڻ.</verse>
				<verse number="11">سون ۽ چانديءَ جا سڀ باسڻ پنج هزار ۽ چار سؤ هئا. اهي سڀ شيس بضر انهيءَ وقت آندا، جڏهن قيدي بابل مان يروشلم ۾ موٽائي آندا ويا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">هاڻي انهيءَ پرڳڻي جا ماڻهو، جي قيد ٿي ويلن مان موٽي ويا، ۽ جن کي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر بابل ۾ وٺي ويو هو، ۽ جي سڀ موٽي يروشلم ۾ يهوداہ ۾ پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آيا؛</verse>
				<verse number="2">جي زربابل، يشوع، نحمياہ، سرايا، رعلاياہ، مردڪي، بلشان، مسفار، بگوي، رحوم، ۽ بعنہ سان آيا. اسرائيل جي قوم جي ماڻهن جو تعداد:</verse>
				<verse number="3">بني پرعوس، ٻہ هزار هڪ سؤ ٻاهتر.</verse>
				<verse number="4">بني سفطياہ، ٽي سؤ ٻاهتر.</verse>
				<verse number="5">بني ارخ، ست سؤ پنجهتر.</verse>
				<verse number="6">بني پخت موآب، جي يشوع ۽ يوآب جي اولاد مان هئا، ٻہ هزار اٺ سؤ ٻارنهن.</verse>
				<verse number="7">بني عيلام، هڪ هزار ٻہ سؤ چوونجاهہ.</verse>
				<verse number="8">بني زتو، نوَ سؤ پنجيتاليهہ.</verse>
				<verse number="9">بني زڪي، ست سؤ سٺ.</verse>
				<verse number="10">بني باني، ڇهہ سؤ ٻائيتاليهہ.</verse>
				<verse number="11">بني ببي، ڇهہ سؤ ٽيويهہ.</verse>
				<verse number="12">بني عزجاد، هڪ هزار ٻہ سؤ ٻاويهہ.</verse>
				<verse number="13">بني ادونقام، ڇهہ سؤ ڇاهٺ.</verse>
				<verse number="14">بني بگوي، ٻہ هزار ڇاونجاهہ.</verse>
				<verse number="15">بني عدين، چار سؤ چوونجاهہ.</verse>
				<verse number="16">بني اطير، حزقياہ وارا، اٺانوي.</verse>
				<verse number="17">بني بضي، ٽي سؤ ٽيويهہ.</verse>
				<verse number="18">بني يورہ، هڪ سؤ ٻارهن.</verse>
				<verse number="19">بني حاشوم، ٻہ سؤ ٽيويهہ.</verse>
				<verse number="20">بني جبار، پنجانوي.</verse>
				<verse number="21">بني بيت الحم، هڪ سؤ ٽيويهہ.</verse>
				<verse number="22">نطوفہ جا ماڻهو، ڇاونجاهہ.</verse>
				<verse number="23">عنتوت جا ماڻهو، هڪ سؤ اٺاويهہ.</verse>
				<verse number="24">بني عزماوت، ٻائيتاليهہ.</verse>
				<verse number="25">قريت عريم، ڪفرہ ۽ بيروت جا ماڻهو ست سؤ ٽيتاليهہ.</verse>
				<verse number="26">رامہ ۽ جبع جا ماڻهو ڇهہ سؤ ايڪيهہ.</verse>
				<verse number="27">مڪماس جا ماڻهو هڪ سؤ ٻاويهہ.</verse>
				<verse number="28">بيت ايل ۽ عيءَ جا ماڻهو، ٻہ سؤ ٽيويهہ.</verse>
				<verse number="29">بني نبو، ٻاونجاهہ.</verse>
				<verse number="30">بني مجبيس، هڪ سؤ ڇاونجاهہ.</verse>
				<verse number="31">ٻئي عيلام جو اولاد، هڪ هزار ٻہ سؤ چوونجاهہ.</verse>
				<verse number="32">بني حارم، ٽي سؤ ويهہ.</verse>
				<verse number="33">لود، حاديد ۽ اونو جو اولاد، ست سؤ پنجويهہ.</verse>
				<verse number="34">بني يريحو، ٽي سؤ پنجيتاليهہ.</verse>
				<verse number="35">بني سناآہ، ٽي هزار ڇهہ سؤ ٽيهہ.</verse>
				<verse number="36">ڪاهن: بني يدعياہ، يشوع جي گهراڻي وارا، نوَ سؤ ٽيهتر.</verse>
				<verse number="37">بني اِمير، هڪ هزار ٻاونجاهہ.</verse>
				<verse number="38">بني فشحور، هڪ هزار ٻہ سؤ ستيتاليهہ.</verse>
				<verse number="39">بني حارم، هڪ هزار سترهن.</verse>
				<verse number="40">لاوي: بني يشوع ۽ قدي ايل، بني هوداوياہ وارا، چوهتر.</verse>
				<verse number="41">ڳائڻ وارا: بني آسف، هڪ سؤ اٺاويهہ.</verse>
				<verse number="42">دربانن جو اولاد: بني سلوم، بني اطير، بني طلمون، بني عقوب، بني خطيطا، بني سوبي، ڪل هڪ سؤ اوڻيتاليهہ.</verse>
				<verse number="43">نتينيم: بني ضيحا، بني حسوفا، بني طبعوت؛</verse>
				<verse number="44">بني قروس، بني سيعها، بني فدون؛</verse>
				<verse number="45">بني لبانہ، بني حجابہ، بني عقوب؛</verse>
				<verse number="46">بني حجاب، بني شملي، بني حنان؛</verse>
				<verse number="47">بني جديل، بني جحر، بني رآياہ؛</verse>
				<verse number="48">بني رصين، بني نقودا، بني جزام.</verse>
				<verse number="49">بني عزا، بني فاسيخہ، بني بسي؛</verse>
				<verse number="50">بني اسناہ، بني معونيم، بني نفي سيم؛</verse>
				<verse number="51">بني بقبوق، بني حقوفا، بني حرحور؛</verse>
				<verse number="52">بني بضلوت، بني محيدا، بني حرشا؛</verse>
				<verse number="53">بني برقوس، بني سيسرا، بني تامحہ؛</verse>
				<verse number="54">بني نضياح، بني خطيفا.</verse>
				<verse number="55">سليمان جي نوڪرن جو اولاد: بني سوطي، بني حسوفرت، بني فرودا؛</verse>
				<verse number="56">بني يعلہ، بني درقون، بني جديل؛</verse>
				<verse number="57">بني سفطياہ، بني خطيل، بني فوڪرت ضبائم، بني امي.</verse>
				<verse number="58">سڀ نتينيم، ۽ سليمان جي نوڪرن جو اولاد ٽي سؤ ٻيانوي هو.</verse>
				<verse number="59">۽ هي اُهي هئا جي تل ملحہ، تل حرسا، ڪروب، ادان ۽ امير مان چڙهي آيا: پر اُهي پنهنجن ابن جا گهراڻا، ۽ پنهنجو نسل، تہ هو اسرائيل مان هئا، سو ثابت ڪري نہ سگهيا:</verse>
				<verse number="60">بني دلاياہ، بني طوبياہ، بني نقودا، ڇهہ سؤ ٻاونجاهہ.</verse>
				<verse number="61">۽ ڪاهنن جي اولاد مان: بني حباياہ، بني هقوص، بني برزلي، جنهن برزلي جلعاديءَ جي ڌيئرن مان هڪڙيءَ سان شادي ڪئي، ۽ انهي جي پٺيان نالو مليو هوس.</verse>
				<verse number="62">انهن پنهنجي سند اُنهن ۾ ڳولي، جي نسب نامي موجب شمار ڪيا ويا هئا، پر اها نہ لڌائون: تنهنڪري اُهي ناپاڪ سمجهيا ويا ۽ ڪهانت کان رد ڪيا ويا.</verse>
				<verse number="63">۽ حاڪم انهن کي چيو تہ اوهين متان تمام پاڪ شين مان کائو، جيستائين ڪو ڪاهن اوريم ۽ تميم سان اتي کڙو نہ ٿئي.</verse>
				<verse number="64">سڄي جماعت گڏجي ٻائيتاليهہ هزار ٽي سؤ سٺ ٿي،</verse>
				<verse number="65">تنهن کانسواءِ، انهن جا ٻانها ۽ ٻانهيون، جي ست هزار ٽي سؤ ستٽيهہ ماڻهو هئا: ۽ انهن وٽ ٻہ سؤ ڳائيندڙ مرد ۽ ڳائيندڙ زالون هيون.</verse>
				<verse number="66">انهن جا گهوڙا، ست سؤ ڇٽيهہ هئا؛ انهن جا خچر، ٻہ سؤ پنجيتاليهہ؛</verse>
				<verse number="67">انهن جا اُٺ، چار سؤ پنجٽيهہ؛ انهن جا گڏهہ، ڇهہ هزار ست سؤ ويهہ.</verse>
				<verse number="68">۽ اباڻن گهراڻن جي رئيسن مان جڏهن ڪي يروشلم ۾ خداوند جي گهر آيا، تڏهن انهن پنهنجي خوشيءَ سان خدا جي گهر لاءِ نذرانا ڏنا؛ انهيءَ لاءِ تہ اُهو پنهنجي جاءِ تي کڙو ڪيو وڃي:</verse>
				<verse number="69">انهن پنهنجي وسعت آهر، ڪم واري خزاني ۾، سون جا ايڪهٺ هزار درهم، ۽ چانديءَ جا اڍائي هزار سير، ۽ هڪ سؤ ڪاهنن جا وڳا ڏنا.</verse>
				<verse number="70">انهيءَ طرح ڪاهن، ۽ لاوي، ۽ ڪي ٻيا ماڻهو، ۽ ڳائڻ وارا، ۽ دربان، ۽ نتينيم، پنهنجن شهرن ۾ ۽ سڀ اسرائيلي پنهنجن شهرن ۾ اچي رهيا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">۽ جڏهن ستون مهينو آيو، ۽ بني اسرائيل شهرن ۾ رهيل هئا، تڏهن ماڻهو يڪ مُشت ٿي يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا.</verse>
				<verse number="2">تڏهن يشوع بن يوصدق ۽ سندس ڀائر جي ڪاهن هئا ۽ زربابل بن سالتي ايل ۽ سندس ڀائر اُٿي بيٺا، ۽ اسرائيل جي خدا جي قربانگاهہ جوڙيائون، انهيءَ لاءِ تہ اُنهيءَ تي سوختني قربانيون چاڙهين، جيئن ڪ خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي.</verse>
				<verse number="3">۽ اُنهن قربانگاهہ کي انهي جي بنياد تي بيهاريو؛ ڇالاءِ جو کين انهن ملڪن جي ماڻهن جو ڊپ هو: ۽ انهن اُنهيءَ تي خداوند جي لاءِ سوختنيون قربانيون چاڙهيون، يعني صبح ۽ شام جي ساڙڻ واريون قربانيون.</verse>
				<verse number="4">۽ جيئن لکيل آهي تيئن هنن تنبن جي عيد ڪئي، ۽ دستور موجب روزمرہ جون سوختني قربانيون شمار موافق چاڙهيائون، جيئن ڪ هر روز جو فرض مقرر هو؛</verse>
				<verse number="5">۽ تنهن کانپوءِ ساندهہ سوختنيون قربانيون ۽ نئين چنڊ جون قربانيون، ۽ اهي سڀ خداوند جون مقرر ڪيل عيدون، جي پاڪ ڪيل هيون، ۽ جن خوشيءَ سان خداوند جي قرباني ڪرڻ ٿي گهري، تن جون قربانيون چاڙهيون.</verse>
				<verse number="6">ستين مهيني جي پهرين تاريخ کان وٺي هو خداوند جي لاءِ سوختني قربانيون پيش ڪرڻ لڳا: پر خداوند جي هيڪل جو بنياد اڃا نہ وڌو هئائون.</verse>
				<verse number="7">هنن رازن ۽ واڍن کي پئسا بہ ڏنا؛ ۽ صيدون ۽ صور جي ماڻهن کي کائڻ پيئڻ جون شيون، ۽ تيل ڏنو، انهيءَ لاءِ تہ لبنان مان سرو جا وڻ سمنڊ تائين يافا ۾ آڻين، جيئن ڪ فارس جي بادشاهہ خورس عطا ڪيو هون.</verse>
				<verse number="8">هاڻي انهن جي يروشلم ۾ ۽ خدا جي گهر ۾ اچڻ کانپوءِ، ٻئي سال جي ٻئي مهيني ۾، زربابل بن سالتي ايل، ۽ يشوع بن يوصدق، ۽ انهن جا باقي ٻيا ڀائر، ڪاهن ۽ لاوي، ۽ اهي سڀ جي قيد مان نڪري يروشلم ۾ آيا هئا، تن ڪم شروع ڪيو؛ ۽ جيڪي لاوي ويهن ورهين ۽ انهيءَ کان مٿي عمر جا هئا، تن کي خداوند جي گهر جي ڪم جي نظرداري ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيائون.</verse>
				<verse number="9">تنهن کانسواءِ يشوع پنهنجن پٽن، ۽ ڀائرن سميت، ۽ قدمي ايل ۽ سندس پٽ، جي يهوداہ جي نسل مان هئا، سي خدا جي گهر ۾ ڪم ڪندڙن جي نظرداريءَ لاءِ گڏجي بيٺا: بني حنداد ۽ سندس ڀائر ۽ پٽ بہ گڏجي بيٺا.</verse>
				<verse number="10">۽ جڏهن رازن خداوند جي هيڪل جو بنياد وڌو، تڏهن هنن ڪاهنن کي سندن پوشاڪ ۾ قرنائن سان، ۽ آسف جي پٽن لاوين کي جهانجهن سان بيهاريو، تہ اسرائيل جي بادشاهہ دائود جي حڪم موجب، خداوند جي تعريف ڪن.</verse>
				<verse number="11">۽ هنن واري واري خداوند جي تعريف، ۽ شڪرگذاريءَ جا گيت ڳايا، ۽ چوڻ لڳا تہ هو چڱو آهي، ڇالاءِ جو هن جي رحمت اسرائيل تي هميشہ جٽاءُ ڪرڻ واري آهي، ۽ سڀني ماڻهن خداوند جي تعريف ڪرڻ وقت وڏي سڏ رڙيون ڪيون، ڇالاءِ جو خداوند جي گهر جو بنياد وڌو ويو.</verse>
				<verse number="12">پر گهڻا ئي ڪاهن، ۽ لاوي، ۽ ابن جي گهراڻن جا رئيس، يعني اُهي پير مرد، جن پنهنجين اکين سان اڳئين گهر جو بنياد پوندو ڏٺو هو، سي وڏي آواز سان روئڻ لڳا:</verse>
				<verse number="13">ايتري قدر جو ماڻهن کي خبر پئجي نہ سگهي تہ خلق جي خوشي جو آواز ڪهڙو آهي، ۽ روئڻ جو آواز ڪهڙو آهي: ڇالاءِ جو ماڻهن وڏيون رڙيون ڪيون، ۽ اُهي پري پري ٻڌڻ ۾ آيون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">هاڻي جڏهن يهوداہ ۽ بنيمين جي دشمنن ٻڌو، تہ قيدين خداوند اسرائيل جي خدا لاءِ هيڪل جوڙي آهي؛</verse>
				<verse number="2">تڏهن هو زربابل، ۽ اباڻي گهراڻن جي رئيسن وٽ آيا، ۽ انهن کي چيائون تہ اسان کي بہ پاڻ سان جوڙڻ ۾ همراهہ ٿيڻ ڏيو: ڇالاءِ جو اسين بہ اوهان جو خدا ٿا ڳوليون، جيئن اوهين ٿا ڳوليو، ۽ اسور جو بادشاهہ اسرحدون، جنهن اسان کي هتي آندو، تنهن جي ڏينهن کان وٺي اسين بہ قربانيون ڪندا آيا آهيون.</verse>
				<verse number="3">پر زربابل ۽ يشوع، ۽ اسرائيل جي اباڻن گهراڻن جي باقي ٻين رئيسن، انهن کي چيو تہ اسان جي خدا لاءِ گهر جوڙڻ ۾ اوهان جو ڪوبہ واسطو ڪونهي؛ پر اسين پاڻ گڏجي خداوند اسرائيل جي خدا لاءِ گهر جوڙينداسين، جيئن فارس جي بادشاهہ خورس اسان کي حڪم ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="4">تڏهن انهيءَ ملڪ جي ماڻهن يهوداہ جي ماڻهن جا هٿ ضعيف ڪيا، ۽ انهن کي گهر جوڙڻ ۾ تڪليف ڏيڻ لڳا،</verse>
				<verse number="5">۽ انهن جي برخلاف مشير ڀاڙي ڪيائون، انهيءَ لاءِ تہ فارس جي بادشاهہ خورس جي سڀني ڏينهن ۾، بلڪ فارس جي بادشاهہ دارا جي بادشاهيءَ تائين، انهن جو ارادو باطل ڪري ڇڏين.</verse>
				<verse number="6">۽ اخسويرس جي بادشاهيءَ جي شروع ۾، هنن يهوداہ ۽ يروشلم جي ماڻهن جي برخلاف هڪڙي فرياد لکي.</verse>
				<verse number="7">۽ ارتخششتا جي ڏينهن ۾ بشلام، متردات، طابئيل ۽ ان جي ٻين سنگتين فارس جي بادشاهہ ارتخششتا کي لکيو؛ ۽ اهو خط ارامي اکرن ۾ ۽ ارامي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو.</verse>
				<verse number="8">رحوم ديوان، ۽ شمسيءَ ڪاتب، هڪڙو خط يروشلم جي برخلاف ارتخششتا بادشاهہ ڏانهن هن طرح لکيو:</verse>
				<verse number="9">تنهن کانپوءِ رحوم ديوان، ۽ شمسي ڪاتب، ۽ انهن جي ٻين سنگتين لکيو؛ يعني دينہ ۽ افارستڪ، طرفيلہ، فارس، ارڪ، بابل، سوسن، دہ، عيلام،</verse>
				<verse number="10">۽ باقي ٻين انهن قومن، جن کي عالي جناب معزز اسنفر آڻي سامريہ جي شهر ۾، ۽ نديءَ جي هن ڀر واري باقي ملڪ ۾، ۽ ٻين هنڌن تي ويهاريو هو.</verse>
				<verse number="11">جيڪو خط هنن ارتخششتا بادشاهہ کي لکيو، تنهن جو نقل هي آهي: تنهنجا ٻانها، جي نديءَ جي هن ڀر رهن ٿا، وغيرہ:</verse>
				<verse number="12">بادشاهہ کي نيڪ روشن هجي تہ جيڪي يهودي تو وٽان آيا، سي اسان وٽ يروشلم ۾ آيا آهن؛ اهي انهي باغي ۽ خراب شهر کي ٿا اڏين؛ ۽ انهن ڀتيون جوڙي بس ڪيون آهن، ۽ بنياد مرمت ڪيا اٿن.</verse>
				<verse number="13">هاڻي بادشاهہ کي معلوم هجي، تہ جيڪڏهن اهو شهر جڙندو ۽ ڀتيون پوريون ٿينديون، تہ هو ڍل، محصول، يا چونگي نہ ڏيندا، ۽ نيٺ بادشاهن کي نقصان پوندو.</verse>
				<verse number="14">هاڻي اسين محلات جا نمڪ خوار آهيون، ۽ اسان کي مناسب نہ آهي تہ بادشاهہ جي بي عزتي ڏسون، تنهنڪري اسان هي خط موڪلي بادشاهہ کي اطلاع ڏنو آهي؛</verse>
				<verse number="15">انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي ابن ڏاڏن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ ڳولا ڪرڻ ۾ اچي: جنهن مان توکي تواريخ جي ڪتاب ۾ ڏسڻ ۾ ايندو، ۽ معلوم ٿيندو، تہ هي شهر هڪڙو باغي شهر آهي، ۽ انهيءَ مان بادشاهن ۽ پرڳڻن کي نقصان آهي، ۽ هنن اڳي بہ انهيءَ ساڳي هنڌ فساد برپا ڪيو آهي: انهيءَ سبب هي شهر ويران ٿي ويو هو.</verse>
				<verse number="16">اسين بادشاهہ کي خاطري ٿا ڏيون تہ جيڪڏهن هي شهر جڙندو، ۽ ڀتيون ٺهي وينديون، تہ انهيءَ ڪري توکي نديءَ جي هن ڀر ڪوبہ حصو نہ ملندو.</verse>
				<verse number="17">تڏهن بادشاهہ، رحوم ديوان، ۽ شمسيءَ ڪاتب، ۽ جيڪي انهن جا ٻيا سنگتي سامريہ ۾، ۽ نديءَ جي هن ڀر واري ملڪ ۾ رهندا هئا، تن وٽ هي جواب موڪليو، تہ سلامت هجو، وغيرہ.</verse>
				<verse number="18">جيڪو خط اوهان اسان وٽ موڪليو، سو منهنجي اڳيان چٽيءَ طرح پڙهيو ويو.</verse>
				<verse number="19">۽ مون حڪم ڪيو، ۽ ڳولا ڪئي ويئي آهي، ۽ معلوم ٿيو آهي تہ هي شهر قديم وقت کان وٺي بادشاهن جي برخلاف باغي پئي ٿيو آهي، ۽ ان ۾ فتنو ۽ فساد ڪرڻ ۾ پئي آيو آهي.</verse>
				<verse number="20">يروشلم تي زور وارا بادشاهہ ٿي گذريا آهن، جن سڄي ملڪ تي، نديءَ جي هن ڀر بادشاهي پئي ڪئي آهي؛ ۽ ڍل، ۽ محصول، ۽ چونگي انهن کي پئي ملي آهي.</verse>
				<verse number="21">هاڻي اوهين حڪم جاري ڪريو تہ اهي ماڻهو ڪم بند ڪن، ۽ هي شهر نہ جُڙي، جيستائين ڪ آءٌ ٻيو فرمان جاري ڪريان.</verse>
				<verse number="22">۽ خبردار ٿجو، متان انهيءَ ۾ ڪا ڍرائي ڪريو: ڇالاءِ ايترو خسارو ٿئي جو بادشاهن کي نقصان پهچي؟</verse>
				<verse number="23">۽ پوءِ جڏهن ارتخششتا بادشاهہ جي خط جو نقل رحوم، ۽ شمسيءَ ڪاتب، ۽ انهن جي سنگتين جي اڳيان پڙهيو ويو، تڏهن هو تڪڙا ٿي يروشلم ۾ يهودين وٽ ويا، ۽ زور زبردستيءَ سان انهن کان ڪم بند ڪرايائون.</verse>
				<verse number="24">تڏهن خدا جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، تنهن جو ڪم بند رهيو؛ ۽ اهو فارس جي بادشاهہ دارا جي بادشاهي جي ٻئي ورهيہ تائين بند هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">هاڻي حجي نبي، ۽ زڪرياہ بن عدو، جيڪي يهودي يهوداہ ۽ يروشلم ۾ هئا، تن جي اڳيان نبوت ڪئي؛ اسرائيل جي خدا جي نالي تي هنن نبوت ڪئي.</verse>
				<verse number="2">تڏهن زربابل بن سالتي ايل، ۽ يشوع بن يوصدق اُٿيا، ۽ خدا جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، سو جوڙڻ لڳا؛ ۽ انهن سان خدا جا نبي شامل هئا، جن انهن کي مدد ڏني.</verse>
				<verse number="3">ساڳئي وقت ۾ تتنيءَ، جو نديءَ جي هن ڀر جو والي هو، ۽ شتربوزني، ۽ انهن جا سنگتي، هنن وٽ آيا ۽ چيائون تہ هن گهر جوڙڻ ۽ هن ڀت پوري ڪرڻ جو ڪنهن اوهان کي حڪم ڏنو آهي؟</verse>
				<verse number="4">تڏهن هنن اسان کي هن طرح چيو تہ، جيڪي ماڻهو هيءَ عمارت ٿا جوڙين، تن جا نالا ڇا آهن؟</verse>
				<verse number="5">پر خدا جي نظر يهودين جي بزرگن تي هئي، ۽ انهن هنن کي نہ روڪيو، جيستائين ڪ اها ڳالهہ دارا تائين نہ پهتي، ۽ انهيءَ بابت خط جي رستي جواب موٽي نہ آيو.</verse>
				<verse number="6">انهيءَ خط جو نقل، جو نديءَ جي هن ڀر جي والي تتني، ۽ شتربوزني، ۽ سندس سنگتين ارفارسڪين، نديءَ جي هن ڀر کان دارا بادشاهہ وٽ موڪليو:</verse>
				<verse number="7">انهن هن وٽ هڪڙو خط موڪليو، جنهن ۾ هن طرح لکيل هو؛ دارا بادشاهہ ڏانهن، سڀ خير سلامتي هجي.</verse>
				<verse number="8">بادشاهہ کي نيڪ روشن هجي تہ اسين يهوداہ جي پرڳڻي ۾، وڏي خدا جي گهر ۾ وياسين، جو وڏن پٿرن سان جڙيل آهي، ۽ ڪاٺ ڀتين تي رکيل آهي، ۽ اهو ڪم ڪوشش سان پيو هلي، ۽ انهن جي هٿن ۾ چڱيءَ طرح وڌندو پيو وڃي.</verse>
				<verse number="9">تڏهن اسان انهن بزرگن کان پڇا ڪئي، تہ هن گهر جوڙڻ لاءِ، ۽ هن ڀت پوري ڪرڻ لاءِ ڪنهن اوهان کي حڪم ڏنو؟</verse>
				<verse number="10">اسان انهن کان سندن نالا بہ پڇيا تہ توکي اطلاع ڪريون، ۽ انهن جي مٿان جيڪي ماڻهو هئا، تن جا نالا لکون.</verse>
				<verse number="11">۽ انهن اسان کي هن طرح ورندي ڏيئي چيو تہ اسين آسمان ۽ زمين جي خدا جا ٻانها آهيون، ۽ اُهو گهر ٿا جوڙيون جو هن کان ڪيترا ورهيہ اڳي جوڙيو ويو هو، ۽ جو اسرائيل جي هڪڙي وڏي بادشاهہ جوڙي پورو ڪيو هو.</verse>
				<verse number="12">پر انهيءَ کانپوءِ جڏهن اسان جي ابن ڏاڏن آسمان جي خدا کي ڪاوڙايو، تڏهن انهيءَ هنن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ڪسديءَ جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو، جنهن هي گهر ناس ڪري ڇڏيو، ۽ ماڻهن کي بابل ۾ وٺي ويو.</verse>
				<verse number="13">پر بابل جي بادشاهہ خورس جي پهرين سال ۾، خورس بادشاهہ خدا جي هن گهر جوڙڻ جو حڪم جاري ڪيو.</verse>
				<verse number="14">۽ خدا جي گهر جا سونا ۽ روپا باسڻ، جي نبوڪدنضر يروشلم واري هيڪل مان ڪڍي بابل واريءَ هيڪل ۾ آندا، سي بہ خورس بادشاهہ بابل جي هيڪل مان ڪڍي، هڪڙي ماڻهوءَ جي حوالي ڪيا، جنهن جو نالو شيسبضر هو، ۽ جنهن کي هن والي ڪيو هو؛</verse>
				<verse number="15">۽ هن انهيءَ کي چيو تہ هي باسڻ کڻي وڃي يروشلم واري هيڪل ۾ رک، ۽ خدا جو گهر ڀلي تہ پنهنجي جاءِ تي جُڙي تيار ٿئي.</verse>
				<verse number="16">تڏهن انهيءَ ساڳئي شيسبضر، يروشلم ۾ خدا جي گهر جو اچي بنياد وڌو: ۽ انهيءَ وقت کان وٺي هن وقت تائين، اهو پئي جڙيو آهي ۽ اڃا پورو نہ ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="17">تنهنڪري هاڻي جيڪڏهن بادشاهہ کي ائين مناسب نظر اچي تہ بادشاهہ جي خزاني ۾، جو بابل ۾ آهي، تنهن ۾ تلاش ڪئي وڃي، ۽ ڏسجي تہ ائين آهي يا نہ، تہ بادشاهہ خورس خداوند جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، تنهن جي جوڙڻ جو حڪم ڪيو هو يا نہ، ۽ پوءِ انهيءَ ڳالهہ بابت جيڪا بادشاهہ جي مرضي هجي، سا اسان کي چوائي موڪلي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">تڏهن دارا بادشاهہ هڪڙو حڪم جاري ڪيو، ۽ بابل ۾ جنهن دفترخاني ۾ خزانا رکيل هئا، تن جي تلاشي ورتي ويئي.</verse>
				<verse number="2">۽ اخمتا ۾ جيڪو محلات، ماديءَ جي پرڳڻي ۾ آهي، تنهن ۾ هڪڙي ڪاغذ جي ويڙهي لڌي، جنهن ۾ هي بيان لکيل هو.</verse>
				<verse number="3">خورس بادشاهہ جي پهرين سال ۾، خورس بادشاهہ هڪڙو حڪم جاري ڪيو؛ يروشلم ۾ جيڪو خدا جو گهر آهي تنهن جي نسبت ۾ حڪم، تہ اهو گهر، ۽ اها جاءِ جتي قربانيون چاڙهڻ ۾ ٿيون اچن، سو ڀلي تہ جُڙي، ۽ انهيءَ جو بنياد پڪيءَ طرح وڌو وڃي؛ انهيءَ جي اوچائي سٺ هٿ، ۽ انهيءَ جي ويڪر سٺ هٿ؛</verse>
				<verse number="4">وڏن پٿرن جي ٽن قطارن، ۽ نئين ڪاٺ جي هڪڙي قطار سان: ۽ انهيءَ جو ڪل خرچ بادشاهہ جي گهر مان ڏجي:</verse>
				<verse number="5">۽ خدا جي گهر جا سونا ۽ روپا باسڻ، جي نبوڪدنضر يروشلم واري هيڪل مان ڪڍي بابل ۾ آندا، سي بہ موٽائي يروشلم واري هيڪل ۾ رکيا وڃن، جيئن سڀڪو باسڻ پنهنجي جاءِ تي رهي، ۽ اُهي تون خداوند جي گهر ۾ رکج.</verse>
				<verse number="6">تنهنڪري هاڻي اي تتني، نديءَ جي هن ڀر جا والي، ۽ شتربوزني، ۽ اوهان جا سنگتي افرسڪين، جي نديءَ جي هن ڀر آهيو، اوهين انهيءَ هنڌ کان پري رهجو:</verse>
				<verse number="7">خدا جي هن گهر جو ڪم ڇڏي ڏيو؛ يهودين جا حاڪم، ۽ يهودين جا بزرگ ڀلي تہ خدا جو گهر پنهنجي جاءِ تي جوڙين.</verse>
				<verse number="8">تنهن کانسواءِ آءٌ هي حڪم ٿو ڪريان، تہ خدا جي هن گهر جوڙڻ لاءِ، يهودين جي بزرگن سان ڪهڙي هلت ڪجو: بادشاهہ جي مال مان، يعني نديءَ جي هن ڀر جي ڍل مان، ڏاڍي ڪوشش سان هنن ماڻهن کي خرچ پهچايو وڃي، تہ هنن کي روڪ نہ ٿئي.</verse>
				<verse number="9">۽ جنهن شيءِ جي گهرج هجين، گابا توڙي گهيٽا، توڙي گهٽا، آسمان جي خدا لاءِ سوختني قربانين واسطي، توڙي ڪڻڪ، لوڻ، شراب ۽ تيل، يروشلم جي ڪاهنن جي حڪم موجب، روز بروز ضرور ڏيڻ ۾ اچي:</verse>
				<verse number="10">انهيءَ لاءِ تہ هو آسمان جي خدا لاءِ چڱين خوشبوين جون قربانيون چاڙهين، ۽ بادشاهہ ۽ سندس پٽن جي حياتيءَ واسطي دعا گهرن.</verse>
				<verse number="11">مون هي حڪم بہ ڪيو آهي تہ جيڪو هي حڪم ڦيرائيندو، تنهن جي گهر مان هڪڙي ڪام ڇڪي ڪڍي وڃي، ۽ انهيءَ تي هو مٿي کڻي ٻڌي قابو ڪيو وڃي؛ ۽ هن جو گهر انهيءَ ڳالهہ لاءِ ٻهر جو ڍير ڪيو وڃي.</verse>
				<verse number="12">۽ جنهن خدا پنهنجو نالو اتي قائم ڪرايو آهي، سو شل انهن سڀني بادشاهن ۽ ماڻهن کي ناس ڪري، جي يروشلم ۾ هن خدا جي گهر جي ناس ڪرڻ لاءِ، هن حڪم ڦيرائڻ واسطي پنهنجو هٿ ڊگهيرين. مون دارا، هي حڪم جاري ڪيو آهي؛ انهيءَ جي گهڻيءَ ڪوشش سان تعميل ڪئي وڃي.</verse>
				<verse number="13">تڏهن نديءَ جي هن ڀر جي واليءَ تتنيءَ، ۽ شستربوزني، ۽ انهن جي سنگتين ڪوشش ڪري ائين ڪيو، ڇالاءِ جو دارا بادشاهہ اهڙو حڪم موڪليو هون.</verse>
				<verse number="14">۽ يهودين جي بزرگن، حجي نبيءَ، ۽ زڪرياہ بن عدو جي نبوت جي وسيلي عمارت شروع ڪئي ۽ فتحياب ٿيا. ۽ اسرائيل جي خدا جي حڪم موجب، ۽ فارس جي بادشاهہ خورس ۽ دارا ۽ ارتخششتا جي فرمان موجب، عمارت جوڙي تيار ڪيائون.</verse>
				<verse number="15">۽ دارا بادشاهہ جي بادشاهيءَ جي ڇهين سال ۾، آدار مهيني جي ٽين تاريخ، اهو گهر پورو ٿيو.</verse>
				<verse number="16">۽ بني اسرائيل ۽ ڪاهنن، ۽ لاوين، ۽ ٻين قيد مان آيل ماڻهن، خوشيءَ سان خدا جي گهر جو تصدق ڪيو.</verse>
				<verse number="17">۽ انهيءَ خدا جي گهر جي تصدق ڪرڻ لاءِ، هنن هڪ سؤ ڍڳا، ٻہ سؤ گهٽا، ۽ چار سؤ گهيٽا قربان ڪيا؛ ۽ سڄي اسرائيل جي طرفان گناهہ جي قربانيءَ لاءِ اسرائيل جي فرقن جي شمار موجب، ٻارهن ٻڪر قرباني ڏنائون.</verse>
				<verse number="18">۽ هنن ڪاهنن کي، پنهنجي پنهنجي حصي ۾، لاوين کي پنهنجي پنهنجي واري تي، يروشلم ۾ خدا جي خدمت لاءِ مقرر ڪيو؛ جيئن ڪ موسيٰ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي.</verse>
				<verse number="19">۽ قيد مان آيل ماڻهن، پهرين مهيني جي چوڏهين ڏينهن فسح جي عيد ڪئي.</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ جو ڪاهنن، ۽ لاوين گڏجي پاڻ کي پاڪ ڪيو هو، اُهي سڀيئي پاڪ هئا: ۽ انهن سڀني قيد مان آيل ماڻهن جي لاءِ، ۽ پنهنجن ڀائرن ڪاهنن جي لاءِ، ۽ پنهنجي لاءِ فسح جون قربانيون ذبح ڪيون.</verse>
				<verse number="21">۽ بني اسرائيل، جي وري بہ قيد مان ڇُٽي آيا هئا، ۽ اُهي ماڻهو جي ملڪ جي غير قومن جي گندگيءَ مان نڪري، پاڻ کي ڌار ڪري، خداوند اسرائيل جي خدا جي ڳولڻ لاءِ هنن وٽ آيا هئا، تن سڀني کاڌو،</verse>
				<verse number="22">۽ هنن ست ڏينهن خوشيءَ سان بي خميري مانيءَ جي عيد ڪئي: ڇالاءِ جو خداوند هنن کي خوش ڪيو هو، ۽ اسور جي بادشاهہ جي دل انهن ڏانهن ڦيرائي هئي، انهيءَ لاءِ تہ اسرائيل جي خدا جي گهر جي ڪم ۾ هنن جي هٿن کي مضبوط ڪري.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">هاڻي انهن ڳالهين کانپوءِ، فارس جي بادشاهہ ارتخششتا جي بادشاهيءَ ۾، عزرا بن سراياہ، بن خلقياہ،</verse>
				<verse number="2">بن سلوم، بن صدوق، بن اخيطوب،</verse>
				<verse number="3">بن امرياہ، بن عزرياہ، بن مرايوت،</verse>
				<verse number="4">بن زراخياہ، بن عزي، بن بقي،</verse>
				<verse number="5">بن ابيسوع، بن فينحاس، بن اليعزر، بن هارون سردار ڪاهن:</verse>
				<verse number="6">اهو عزرا بابل مان نڪتو؛ ۽ موسيٰ جي شريعت، جا خداوند اسرائيل جي خدا ڏني هئي، تنهن ۾ اهو هوشيار استاد هو: ۽ بادشاهہ هن کي، خداوند سندس خدا جو جيڪو مٿس هٿ هو، تنهن موجب، جيڪي گهريائين سو ڏنو.</verse>
				<verse number="7">۽ ارتخششتا بادشاهہ جي ستين ورهيہ ۾، بني اسرائيل، ۽ ڪاهنن، ۽ لاوين، ۽ ڳائڻن، ۽ دربانن، ۽ نتينيم مان ڪي ماڻهو چڙهي يروشلم ڏانهن ويا.</verse>
				<verse number="8">۽ بادشاهہ جي ستين سال جي پنجين مهيني ۾، هو يروشلم ۾ آيو.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو پهرين مهيني جي پهرين تاريخ بابل مان هو نڪتو، ۽ پنجين مهيني جي پهرين تاريخ، سندس خدا جو جيڪو چڱو هٿ مٿس هو، تنهن موجب، هو يروشلم ۾ پهتو.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو عزرا پنهنجي دل ۾، خداوند جي شريعت جو طالب رهڻ لاءِ، ۽ انهيءَ تي عمل ڪرڻ لاءِ، ۽ اسرائيل ۾ قاعدن ۽ حڪمن جي تعليم ڏيڻ لاءِ پڪو ارادو ڪيو هو.</verse>
				<verse number="11">هاڻي عزرا ڪاهن ۽ استاد، يعني خداوند جي اسرائيل کي ڏنل حڪمن جي ڪلام، ۽ قاعدن جي اُستاد کي جيڪو خط ارتخششتا بادشاهہ ڏنو، تنهن جو نقل هي آهي.</verse>
				<verse number="12">ارتخششتا شهنشاهہ وٽان عزرا ڪاهن، آسمان جي خدا جي شريعت جي استاد ڏانهن جو ڪامل آهي، وغيرہ:</verse>
				<verse number="13">آءٌ حڪم ٿو ڪريان، تہ جيڪي بني اسرائيلي، ۽ سندن ڪاهن لاوي، جي منهنجي بادشاهت ۾ آهن، ۽ جن جي مرضي آهي تہ يروشلم ۾ وڃن، سي سڀ ڀلي تو سان گڏجي وڃن.</verse>
				<verse number="14">هاڻي تو کي بادشاهہ ۽ سندس ست مشير روانو ٿا ڪن، تہ جيڪا تنهنجي خدا جي شريعت تنهنجي هٿ ۾ آهي، تنهن موجب تون يهوداہ ۽ يروشلم بابت پڇا ڪرين؛</verse>
				<verse number="15">۽ جيئن اسرائيل جي خدا جو گهر يروشلم ۾ آهي، تنهن جي لاءِ جيڪو سون ۽ روپو، بادشاهہ ۽ سندس مشيرن خوشيءَ سان نذرانو ڪري پيش ڪيو آهي، سو کڻي وڃين،</verse>
				<verse number="16">۽ ٻيو جيڪو بہ سون ۽ روپو بابل جي پرڳڻي ۾ توکي ملي، ۽ ماڻهن، ۽ ڪاهنن جي خوشيءَ جي قربانيءَ سميت، جا هنن يروشلم ۾ پنهنجي خدا جي گهر لاءِ خوشيءَ سان ڏني هجي، سو بہ کڻي وڃين؛</verse>
				<verse number="17">تنهنڪري تون گهڻي ڪوشش ڪري، اُنهن پئسن سان، ڍڳا، ۽ گهٽا ۽ گهيٽا، سندن کاڌي جي قربانين، ۽ پيئڻ جي قربانين سميت، خريد ڪج، ۽ اُهي يروشلم ۾ پنهنجي خدا جي گهر جي قربانگاهہ تي چاڙهج.</verse>
				<verse number="18">۽ باقي جيڪو سون ۽ روپو بچي سو پنهنجي خدا جي مرضيءَ موجب، ۽ جيئن توکي ۽ تنهنجن ڀائرن کي مناسب نظر اچي تيئن ڪم آڻج.</verse>
				<verse number="19">۽ جيڪي باسڻ تنهنجي خدا جي عبادت لاءِ توکي ڏنا ويا آهن، سي تون يروشلم جي خدا جي اڳيان پيش ڪج.</verse>
				<verse number="20">۽ ٻيو بہ جيڪي وڌيڪ تنهنجي خدا جي گهر لاءِ گهربل هجي، ۽ جو توکي ڏيڻو هجي، سو بادشاهہ جي خزاني جي گهر مان ڪڍي ڏج.</verse>
				<verse number="21">۽ آءٌ، يعني ارتخششتا بادشاهہ، جيڪي خزانچي نديءَ جي هن ڀر آهن، تن سڀني ڏانهن حڪم جاري ٿو ڪريان تہ جيڪي بہ عزرا ڪاهن، آسمان جي خدا جي شريعت جو استاد اوهان کي ڪرڻ لاءِ چوي، سو اوهين گهڻي سعيي سان ڪجو.</verse>
				<verse number="22">چانديءَ جي هڪ سؤ قنطارن، ۽ ڪڻڪ جي هڪ سؤ ماڻن، ۽ شراب جي هڪ سؤ مٽن، ۽ تيل جي هڪ سؤ دٻن تائين، ۽ لوڻ بي انداز ڏجو.</verse>
				<verse number="23">جيڪي بہ آسمان جو خدا حڪم ڪري، سو سندس گهر جي لاءِ بلڪل پوريءَ طرح ڪرڻ ۾ اچي؛ ڇالاءِ جو بادشاهہ جي بادشاهت، ۽ سندس پٽن تي ڇو غضب نازل ٿئي؟</verse>
				<verse number="24">۽ اسين اوهان کي هي تاڪيد بہ ٿا ڪريون تہ ڪاهنن، لاوين، ڳائڻن، دربانن، نتينيم، يا خدا جي هن گهر جي خدمتگارن مان ڪنهن تي بہ ڍل، يا محصول، يا چونگي، رکڻ جائز نہ آهي.</verse>
				<verse number="25">۽ اي عزرا، تنهنجي خدا جي حڪمت جا تنهنجي هٿ ۾ آهي، تنهن موجب تون حاڪم ۽ قاضي مقرر ڪر، تہ اُهي نديءَ جي هن ڀر جيڪي ماڻهو آهن، تن جي عدالت ڪن، اُهي سڀ اهڙا هجن جي تنهنجي خدا جي شريعت ڄاڻندا هجن، ۽ جيڪو نہ ڄاڻندو هجي، تنهن کي اوهين سيکاريو.</verse>
				<verse number="26">۽ جيڪو تنهنجي خدا جي شريعت موجب، ۽ بادشاهہ جي قاعدي موجب هلت نہ ڪري، تنهن تي ضرور سزا جاري ٿئي، پوءِ موت هجي، يا شهر نيڪالي هجي، يا مال متاع جي ضبطي هجي، يا قيد هجي.</verse>
				<verse number="27">خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جو خدا شل برڪت وارو هجي، جنهن بادشاهہ جي دل ۾ اهڙي ڳالهہ وڌي آهي، تہ يروشلم ۾ جيڪو خداوند جو گهر آهي، سو سينگارجي؛</verse>
				<verse number="28">۽ جنهن، بادشاهہ ۽ سندس مشيرن ۽ سڀني زور وارن اميرن جي اڳيان مون تي رحم ڪيو. ۽ منهنجي خدا جو هٿ جو مون تي هو، تنهن موجب مون کي طاقت ملي، ۽ مون اسرائيل مان مکيہ ماڻهو گڏ ڪيا، تہ مون سان گڏجي هلن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">هاڻي هنن جي اباڻي گهراڻن جا رئيس هي آهن، جيڪي ارتخششتا بادشاهہ جي بادشاهيءَ ۾ مون سان گڏجي بابل مان نڪري هليا، تن جو نسب نامو هي آهي.</verse>
				<verse number="2">فينحاس جي پٽن مان؛ جيرسوم: اتمر جي پٽن مان، داني ايل: دائود جي پٽن مان، حطوش.</verse>
				<verse number="3">سڪنياہ جي پٽن مان؛ پرعوس جي پٽن مان، زڪرياہ: ۽ انهيءَ سان گڏ مردن جي نسب نامي موجب، ڏيڍ سؤ ماڻهو شمار ڪيا ويا.</verse>
				<verse number="4">پخت موآب جي پٽن مان، اليهو عيني بن زراخياہ؛ ۽ انهيءَ سان ٻہ سؤ مرد.</verse>
				<verse number="5">سڪنياہ جي پٽن مان، يحزي ايل جو پٽ، ۽ انهيءَ سان ٽي سؤ مرد.</verse>
				<verse number="6">۽ عدين جي پٽن مان، عبد بن يونتن؛ ۽ انهيءَ سان پنجاهہ مرد.</verse>
				<verse number="7">۽ عيلام جي پٽن مان، يسعياہ بن عتلياہ؛ ۽ انهيءَ سان ستر مرد.</verse>
				<verse number="8">۽ سفطياہ جي پٽن مان، زبدياہ بن ميڪاايل؛ ۽ انهيءَ سان اسي مرد.</verse>
				<verse number="9">يوآب جي پٽن مان، عبدياہ بن يحي ايل؛ ۽ انهيءَ سان ٻہ سؤ ارڙهن مرد.</verse>
				<verse number="10">۽ سلوميت جي پٽن مان يوسفياہ جو پٽ؛ ۽ انهيءَ سان هڪ سؤ سٺ مرد.</verse>
				<verse number="11">۽ ببي جي پٽن مان، زڪرياہ بن ببي؛ ۽ انهيءَ سان اٺاويهہ مرد.</verse>
				<verse number="12">۽ عزجاد جي پٽن مان، يوحنان بن هقاطان؛ ۽ انهيءَ سان هڪ سؤ ڏهہ مرد.</verse>
				<verse number="13">۽ ادونقام جي پٽن مان، جي سڀ کان پويان هئا؛ تن جا نالا هي آهن، اليفلط، يعي ايل، ۽ سمعياہ؛ ۽ انهن سان سٺ مرد.</verse>
				<verse number="14">۽ بگوي جي پٽن مان عوطي ۽ زبود؛ ۽ انهن سان ستر مرد.</verse>
				<verse number="15">۽ مون انهن کي انهيءَ نديءَ وٽ آڻي گڏ ڪيو، جا اهوا ڏانهن وهيو ٿي وڃي؛ ۽ اتي اسان ٽي ڏينهن منزل ڪئي: ۽ مون ماڻهن ۽ ڪاهنن تي نظر ڪئي، ۽ انهن ۾ لاويءَ جي پٽن مان مون کي ڪوبہ ڏسڻ ۾ نہ آيو.</verse>
				<verse number="16">تڏهن مون اليعزر ۽ اريئيل ۽ سمعياہ، ۽ الناتن، ۽ يريب، ۽ الناتن، ۽ ناتن، ۽ زڪرياہ، ۽ مسلام کي گهرايو، جي رئيس هئا؛ ۽ يريب ۽ الناتن کي بہ، جي استاد هئا.</verse>
				<verse number="17">۽ مون انهن کي عيدو سردار ڏانهن، ڪسيفيا نالي مڪان ۾ ڏياري موڪليو؛ ۽ جيڪي عيدو، ۽ سندس ڀائرن نتينيم کي، انهيءَ ڪسيفيا مڪان ۾ چوڻو هو، سو ٻڌايومان، ۽ چيومان تہ اسان جي خدا جي گهر لاءِ خدمتگار اسان وٽ وٺي اچن.</verse>
				<verse number="18">۽ اسان تي جو خدا جو چڱو هٿ هو، تنهنڪري محلي بن لاوي بن اسرائيل جي پٽن مان هڪڙو سمجهو ماڻهو هو اسان وٽ وٺي آيا؛ ۽ سربياہ، سندس پٽن ۽ ڀائرن سميت، ڪل ارڙهن ڄڻا؛</verse>
				<verse number="19">۽ حسبياہ، ۽ انهيءَ سان گڏ يسعياہ، جو مراري جي پٽن مان هو، سندس ڀائر ۽ سندس پٽ، ڪل ويهہ ڄڻا؛</verse>
				<verse number="20">۽ نتينيم، جن کي دائود ۽ اميرن، لاوين جي خدمت لاءِ ڏيئي ڇڏيو هو، تن مان ٻہ سؤ ويهہ نتينيم: سڀني جا نالا صاف طرح ڏنا ويا.</verse>
				<verse number="21">تنهن کانپوءِ، اهوا نديءَ وٽ مون روزو رکڻ جو اشتهار ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين پاڻ کي پنهنجي خدا جي اڳيان نماڻا ڪريون، ۽ انهيءَ کان پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجن ٻارن لاءِ، سنئون رستو گهرون، ۽ پنهنجي مال ملڪيت لاءِ بہ سوال ڪريون.</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ جو مون کي شرم ٿي آيو تہ بادشاهہ کان سپاهين ۽ گهوڙي سوارن جي ڪا ٽولي گهران، تہ اهي رستي ۾ دشمنن سان وڙهڻ لاءِ اسان کي مدد ڪن: هن ڪري جو اسان بادشاهہ کي چيو هو تہ جيڪي خدا کي ڳولين ٿا، تن سڀني تي هميشہ خدا جو هٿ چڱائيءَ لاءِ ٿو رهي؛ پر جيڪي انهيءَ کي ڇڏي ٿا ڏين، تن سڀني تي هو پنهنجي قدرت ۽ غضب نازل ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="23">تنهنڪري اسان روزو رکيو، ۽ پنهنجي خدا کي عرض ڪيوسين؛ ۽ هن اسان جو عرض قبول ڪيو.</verse>
				<verse number="24">تنهن کانپوءِ مون ڪاهنن جي سردارن مان ٻارهن ڄڻا ڌار ڪيا، يعني سربياہ، حسبياہ، ۽ انهن سان گڏ سندن ڀائرن مان ٻيا ڏهہ ڄڻا،</verse>
				<verse number="25">۽ انهن کي چاندي ۽ سون ۽ باسڻ توري ڏنم، يعني جيڪو نذرانو بادشاهہ، ۽ سندس مشيرن، ۽ سندس اميرن، ۽ جيڪي اسرائيلي اتي حاضر هئا، تن اسان جي خدا جي گهر لاءِ ڏنو هو:</verse>
				<verse number="26">مون ساڍا ڇهہ سؤ قنطار چاندي، ۽ هڪ سؤ قنطارن جا چانديءَ جا باسڻ؛ ۽ هڪ سؤ قنطار سون جا توري ڏنا؛</verse>
				<verse number="27">۽ ويهہ سونا پيالا، هڪ هزار درهمن جا؛ ۽ ٻہ باسڻ عمدا چمڪندڙ پتل جا، جي سون جهڙا قيمتي هئا.</verse>
				<verse number="28">۽ مون انهن کي چيو تہ اوهين خداوند جي لاءِ پاڪ آهيو، ۽ باسڻ بہ پاڪ آهن؛ ۽ روپو ۽ سون، خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا لاءِ خوشيءَ جو نذرانو آهي.</verse>
				<verse number="29">اوهين انهن جي سنڀال ڪريو، ۽ خبردار رهو، جيستائين ڪ اهي يروشلم ۾ خداوند جي گهر جي ڪوٺين ۾، ڪاهنن جي سردارن، ۽ لاوين جي اڳيان، توري انهن جي حوالي ڪريو.</verse>
				<verse number="30">تڏهن ڪاهنن ۽ لاوين اها چاندي، ۽ سون، ۽ اهي باسڻ توري ورتا تہ اهي کڻي يروشلم ۾ خدا جي گهر ۾ آڻين.</verse>
				<verse number="31">تنهن کانپوءِ اسين پهرين مهيني جي ٻارهين تاريخ يروشلم ۾ وڃڻ لاءِ، اهوا نديءَ کان روانا ٿياسين؛ ۽ اسان جي خدا جو هٿ اسان تي هو، ۽ انهيءَ اسان کي دشمنن جي هٿان، ۽ رستي تي ڌاڙيلن جي هٿان بچائي ورتو.</verse>
				<verse number="32">۽ اسين يروشلم ۾ پهتاسين، ۽ ٽي ڏينهن اتي رهياسين.</verse>
				<verse number="33">۽ چوٿين ڏينهن اسان روپو، ۽ سون، ۽ باسڻ، اسان جي خدا جي گهر ۾ توري، مريموت بن اورياہ ڪاهن جي هٿ ۾ ڏنا؛ ۽ هن سان گڏ اليعزر بن فينحاس هو؛ ۽ انهن سان گڏ يوزباد بن يشوع، ۽ نوعيدياہ بن بنوي، لاوي هئا:</verse>
				<verse number="34">سڀ شيون شمار ۽ تور موجب ڏنيون ويون: ۽ انهن جي ڪل تور بروقت لکي ويئي.</verse>
				<verse number="35">جيڪي قيدي، شهر نيڪاليءَ کان موٽي آيا هئا، تن اسرائيل جي خدا لاءِ هي سوختني قربانيون چاڙهيون، ٻارنهن ڍڳا سڄي اسرائيل لاءِ، ڇهانوي گهٽا، ستهتر گهيٽا، ۽ ٻارنهن ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ: اهي سڀ خداوند جي لاءِ سوختني قربانيءَ لاءِ هئا.</verse>
				<verse number="36">۽ هنن بادشاهہ جا پروانا، بادشاهہ جي نائبن، ۽ نديءَ جي هن ڀر وارن والين کي پهچائي ڏنا: ۽ انهن قوم جي، ۽ خدا جي گهر جي مدد ڪئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">هاڻي جڏهن هي ڪم پورا ٿيا، تڏهن امير مون وٽ آيا، ۽ چوڻ لڳا تہ، اسرائيل جي ماڻهن، ۽ ڪاهنن، ۽ لاوين پاڻ کي ماڻهن کان ڌار نہ ڪيو آهي، ۽ انهن جي ڪراهت وارن دستورن موجب هليا آهن، يعني ڪنعانين، ۽ حتين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين، ۽ عمونين، ۽ موآبين، ۽ مصرين، ۽ امورين جي دستورن موجب:</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو هنن انهن جون ڌيئرون پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجن پٽن جي لاءِ ورتيون آهن؛ جنهن ڪري پاڪ نسل وارا، ملڪن جي ٻين قومن سان گڏجي پيا آهن: هائو، انهيءَ گناهہ ۾ اميرن ۽ حاڪمن جو هٿ زيادہ آهي.</verse>
				<verse number="3">۽ جڏهن مون اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن مون پنهنجا ڪپڙا ۽ پنهنجي قبا ڦاڙي، ۽ پنهنجي مٿي ۽ پنهنجي ڏاڙهيءَ جا وار نوچيا، ۽ حيران ٿي ويهي رهيس.</verse>
				<verse number="4">تڏهن انهن قيدين جي گناهہ ڪري، جيڪي اسرائيل جي خدا جي حڪمن کان ڏڪيا ٿي، سي سڀ مون وٽ اچي گڏ ٿيا؛ ۽ آءٌ شام جي قربانيءَ تائين ماٺ ڪيو حيران ٿيو ويٺو هوس.</verse>
				<verse number="5">۽ شام جي قربانيءَ وقت، آءٌ پنهنجي شرمندگيءَ ۾، ڦاٽل ڪپڙن ۽ قبا سميت اُٿيس، ۽ گوڏن ڀر ڪِري، خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان هٿ ڊگهيريم؛</verse>
				<verse number="6">۽ چيم تہ اي منهنجا خدا آءٌ شرمندو آهيان، ۽ اي منهنجا خدا، آءٌ تو ڏانهن پنهنجي منهن کڻڻ کان لڄي ٿيو آهيان، ڇالاءِ جو اسان جا گناهہ اسان جي مٿي تي گهڻا ٿي ويا آهن، ۽ اسان جو ڏوهہ وڌي آسمان تائين چڙهي ويو آهي.</verse>
				<verse number="7">اسان جي ابن ڏاڏن جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين اسين وڏا ڏوهاري ٿيا آهيون؛ ۽ پنهنجن گناهن ڪري اسين، ۽ اسان جا بادشاهہ، ۽ اسان جا ڪاهن، ملڪن جي بادشاهن جي هٿن ۾، ترار، ۽ قيد، ۽ ڦرلٽ، ۽ شرمندگيءَ جي لاءِ ڏنا ويا آهن، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.</verse>
				<verse number="8">۽ هاڻي ٿوري وقت لاءِ خداوند اسان جي خدا اسان کي مهرباني ڏيکاري آهي، جو اسان مان باقي بچيلن کي ڇڏيو اٿس، ۽ پنهنجي پاڪ مڪان ۾ اسان کي هڪڙي ڪلي ڏني اٿس، انهيءَ لاءِ تہ اسان جو خدا اسان جون اکيون روشن ڪري، ۽ اسان جي غلاميءَ ۾ اسان کي ٿورو تازو ڪري.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو اسين غلام آهيون؛ انهيءَ هوندي بہ اسان جي خدا اسان کي غلاميءَ ۾ بہ ڇڏي نہ ڏنو آهي، پر فارس جي بادشاهن جي نظر ۾ اسان کي رحم عطا ڪيو اٿس، جو اسان کي تازو ڪيو اٿس، تہ پنهنجي خدا جو گهر کڙو ڪريون، ۽ ان جي ڀڳل ڀريل حصن جي مرمت ڪريون، ۽ اسان کي يهوداہ ۽ يروشلم ۾ ڀت ڏني اٿس.</verse>
				<verse number="10">۽ هاڻي، اي اسان جا خدا، هن کانپوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇالاءِ جو اسان تنهنجا حڪم ڇڏي ڏنا آهن،</verse>
				<verse number="11">جي تو پنهنجن ٻانهن نبين جي معرفت ڏنا، ۽ تو فرمايو تہ جنهن زمين جي قبضي وٺڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، سا غير قومن جي ناپاڪيءَ ڪري، ۽ جن نفرت جهڙن ڪمن سبب اُها هڪڙي پاسي کان وٺي ٻئي پاسي تائين گندگيءَ سان ڀريل آهي، تن ڪري ناپاڪ زمين آهي؛</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجون ڌيئرون هنن جي پٽن کي نہ ڏجو، نڪي پنهنجن پٽن لاءِ هنن جون ڌيئرون وٺجو، ۽ نہ ڪڏهن هنن جي سلامتي ۽ هنن جو سک ڳولجو: تہ اوهين مضبوط ٿيو، ۽ انهيءَ زمين جي چڱي پيدائش کائو، ۽ پنهنجي اولاد لاءِ هميشہ واسطي ورثو ڪري اُها ڇڏي وڃو.</verse>
				<verse number="13">۽ جيڪي اسانجن بڇڙن ڪمن ڪري، ۽ اسان جي وڏي گناهہ ڪري اسان تي آيو آهي، تنهن کانپوءِ جڏهن تو اسان جي خدا، اسان کي ايتري گهٽ سزا ڏني، جنهن جا اسين پنهنجن گناهن ڪري لائق هئاسين، ۽ اسان مان هيترا باقي بچيا اٿيئي،</verse>
				<verse number="14">تڏهن اسين وري تنهنجا حڪم ڀڃنداسين ڇا، ۽ جي قومون اهڙا ڪراهت جهڙا ڪم ٿيون ڪن، تن سان مٽي مائٽي ڳنڍينداسين ڇا؟ تون اسان تي ايترو نہ ڪاوڙبين ڇا، جو اسان کي اهڙو ناس ڪري ڇڏين جو اسان مان ڪوبہ باقي نہ بچي ۽ ڪوبہ ڀڄي نہ ڇُٽي؟</verse>
				<verse number="15">اي خداوند، اسرائيل جا خدا، تون سچو آهين؛ ڇالاءِ جو اسين جي ڀڄي ڇُٽا آهيون، سي باقي بچيا آهيون، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي: ڏس، اسين پنهنجي گنهگاريءَ ۾ تنهنجي اڳيان حاضر آهيون؛ ڇالاءِ جو انهيءَ جي ڪري ڪوبہ تنهنجي اڳيان بيهي نہ سگهندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">هاڻي جيستائين عزرا خدا جي گهر اڳيان اونڌو ٿي روئي دعا پئي گهري، ۽ گناهہ پئي قبول ڪيائين، ايتري ۾ هن وٽ اسرائيل جي مردن ۽ زالن ۽ ٻارن جي هڪڙي جماعت اچي گڏ ٿي: ڇالاءِ جو ماڻهن ڏاڍو رُنو.</verse>
				<verse number="2">۽ عيلام جي پٽن مان هڪڙي، سڪنياہ بن يحئيل، ورندي ڏيئي عزرا کي چيو تہ، اسان پنهنجي خدا جي برخلاف گناهہ ڪيو آهي، ۽ ملڪ جي غير قومن مان ڌاريون زالون پرڻيا آهيون: تڏهن بہ انهيءَ ڳالهہ جي نسبت ۾ اڃا اسرائيل جي لاءِ اُميد آهي.</verse>
				<verse number="3">تنهن ڪري هاڻي اچو تہ پنهنجي خدا سان عهد اقرار ڪريون، تہ سڀ زالون ۽ جيڪو اولاد انهن مان ڄائو آهي، سو پنهنجي ڌڻيءَ جي، ۽ جيڪي اسان جي خدا جي حڪم کان ڊڄن ٿا، تن جي صلاح موجب ڪڍي ڇڏيون؛ ۽ اهو ڪم شريعت موجب ڪيو وڃي.</verse>
				<verse number="4">اُٿ، ڇالاءِ جو اهو ڪم تنهنجو آهي، ۽ اسين تو سان آهيون: همت جهلي اهو ڪر.</verse>
				<verse number="5">تڏهن عزرا اُٿيو، ۽ ڪاهنن جي سردارن، ۽ لاوين، ۽ سڀني اسرائيلين کان قسم کڻايائين، تہ هو انهيءَ حڪم موجب عمل ڪندا. ان موجب هنن قسم کنيو.</verse>
				<verse number="6">تڏهن عزرا خدا جي گهر جي اڳيان اُٿيو، ۽ يهوحانا بن الياسب جي ڪوٺيءَ ۾ آيو: ۽ جڏهن هو اتي آيو تڏهن نڪا ماني کاڌائين، نڪو پاڻي پيتائين: ڇالاءِ جو قيد مان آيلن جي گناهہ ڪري هن کي گهڻو ڏک هو.</verse>
				<verse number="7">۽ هنن يهوداہ ۽ يروشلم ۾، ۽ سڀني قيدين ۾ اشتهار ڪرايو تہ يروشلم ۾ اچي گڏ ٿين؛</verse>
				<verse number="8">۽ جيڪو اميرن ۽ بزرگن جي صلاح موجب ٽن ڏينهن جي اندر نہ ايندو، تنهن جو سڀ مال ملڪيت ضبط ٿيندو، ۽ اهو پاڻ قيد مان آيلن جي جماعت کان ڌار ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="9">تڏهن يهوداہ ۽ بنيمين جا سڀ ماڻهو ٽن ڏينهن جي اندر يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا؛ اُهو نائون مهينو هو ۽ اها مهيني جي ويهين تاريخ هئي: سڀ ماڻهو خدا جي گهر جي اڳيان ميدان ۾ اچي ويٺا ۽ انهيءَ ڳالهہ ۽ مينهن جي ڪري پئي ڏڪيا.</verse>
				<verse number="10">۽ عزرا ڪاهن اُٿي بيٺو ۽ هنن کي چوڻ لڳو تہ اوهان گناهہ ڪيو آهي، ۽ ڌاريون زالون پرڻجي اسرائيل جو ڏوهہ وڌايو اٿوَ.</verse>
				<verse number="11">تنهنڪري هاڻي خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا وٽ پنهنجا ڏوهہ قبول ڪريو، ۽ هن جي مرضيءَ تي هلو: ۽ ملڪ جي ماڻهن کان، ۽ ڌارين زالن کان پاڻ کي ڌار ڪريو.</verse>
				<verse number="12">تڏهن سڄي جماعت وڏي آواز سان ورندي ڏيئي چيو تہ جيئن تو اسان جي نسبت ۾ چيو آهي، تيئن ئي اسين ڪنداسين.</verse>
				<verse number="13">پر ماڻهو گهڻا آهن، ۽ گهڻي مينهن جو وقت آهي، ۽ اسين ٻاهر بيهي نٿا سگهون، نڪي وري هي ڪم هڪڙي ٻن ڏينهن جو آهي: ڇالاءِ جو اسان انهيءَ ڳالهہ ۾ وڏو گناهہ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="14">هاڻي سڄيءَ جماعت لاءِ اسان جا سردار مقرر ٿين، ۽ اسانجن شهرن ۾ جن جن ماڻهن ڌاريون زالون پرڻيون آهن، سي ٺهرايل وقتن تي اچن، ۽ ساڻن گڏ سڀ ڪنهن شهر جا بزرگ ۽ قاضي بہ اچن، جيستائين اسان جي خدا جي ڪاوڙ اسان تان ٽري وڃي، ۽ هي ڪم پورو ٿئي.</verse>
				<verse number="15">رڳو يونتن بن عساهيل، ۽ يحازياہ بن تقوہ، انهيءَ ڪم جي برخلاف اُٿي بيٺا: ۽ مسلام ۽ شبتي لاوين انهن جي مدد ڪئي.</verse>
				<verse number="16">پر قيد مان آيلن ائين ئي ڪيو، ۽ عزرا ڪاهن اباڻي گهراڻن جي ڪن رئيسن سان گڏ، سندن ابن جي گهراڻن موجب، ناليوار انهن کي ڌار ڪيو؛ ۽ اُهي هن ڳالهہ جي چڪاس ڪرڻ لاءِ ڏهين مهيني جي پهرين تاريخ ويٺا.</verse>
				<verse number="17">۽ پهرين مهيني جي پهرين تاريخ تائين انهن سڀني ماڻهن جو فيصلو ڪيائون، جن ڌاريون زالون پرڻيون هيون.</verse>
				<verse number="18">۽ ڪاهنن جي پٽن مان ڪي لڌا، جي ڌاريون زالون پرڻيا هئا: اُهي هئا بني يشوع مان يوصدق جو پٽ ۽ ان جا ڀائر، معسياہ، ۽ اليعزر، ۽ يارب، ۽ جدلياہ.</verse>
				<verse number="19">۽ انهن پنهنجو هٿ ڏنو تہ پنهنجون زالون ڪڍي ڇڏيندا، ۽ ڏوهاري هئڻ ڪري، پنهنجي ڏوهہ لاءِ ڌڻ مان هڪڙو گهٽو قرباني ڪيائون.</verse>
				<verse number="20">۽ امير جي پٽن مان؛ حناني ۽ زبدياہ.</verse>
				<verse number="21">۽ حارم جي پٽن مان؛ معسياہ، ۽ الياہ، ۽ سمعياہ، ۽ يحي ايل ۽ عزياہ.</verse>
				<verse number="22">۽ فشحور جي پٽن مان؛ اليوعيني، معسياہ، اسماعيل، نتني ايل، يوزباد، ۽ العسہ.</verse>
				<verse number="23">۽ لاوين مان؛ يوزباد ۽ سمعي ۽ قلاياہ (جو قليتاہ آهي)، فتحياہ، يهوداہ، ۽ اليعزر.</verse>
				<verse number="24">۽ ڳائڻن مان: الياسب: ۽ دربانن مان؛ سلوم، ۽ طلم ۽ اوري.</verse>
				<verse number="25">۽ اسرائيلين مان؛ پرعوس جي پٽن مان؛ رمياہ، ۽ يزياہ، ۽ ملڪياہ، ۽ ميامين، ۽ اليعزر، ۽ ملڪياہ، ۽ بناياہ.</verse>
				<verse number="26">۽ عيلام جي پٽن مان؛ متنياہ، زڪرياہ، ۽ يحي ايل، ۽ عبدي، ۽ يريموت، ۽ الياہ.</verse>
				<verse number="27">۽ زتو جي پٽن مان؛ اليوعيني، الياسب، متنياہ، ۽ يريموت، ۽ زاباد، ۽ عزيزا.</verse>
				<verse number="28">۽ ببي جي پٽن مان؛ يهوحانان، حننياہ، زبي، عطلي.</verse>
				<verse number="29">۽ باني جي پٽن مان؛ مسلام، ملوڪ، ۽ عداياہ، ياسوب، ۽ سيال، ۽ يراموت.</verse>
				<verse number="30">پخت موآب جي پٽن مان؛ عدنا، ڪلال، بناياہ، معسياہ، متنياہ، بضلي ايل، ۽ بنوي، ۽ منسي.</verse>
				<verse number="31">۽ حارام جي پٽن مان؛ اليعزر، يشياہ، ملڪياہ، سمعياہ، شمعون؛</verse>
				<verse number="32">بنيمين، ملوڪ، سمرياہ.</verse>
				<verse number="33">حاشوم جي پٽن مان؛ متني، متتاہ، زاباد، اليفلط، يريمي، منسي، سمعي.</verse>
				<verse number="34">بانيءَ جي پٽن مان؛ معدئي، عمرام ۽ اوايل؛</verse>
				<verse number="35">بناياہ، بدياہ، ڪلوہ؛</verse>
				<verse number="36">ونياہ، مريموت، الياسب.</verse>
				<verse number="37">متنياہ، متنئي، ۽ يعسو؛</verse>
				<verse number="38">۽ باني، ۽ بنوي، سمعي؛</verse>
				<verse number="39">۽ سليماہ، ۽ ناتن، ۽ عداياہ؛</verse>
				<verse number="40">مڪندبي، ساسي، ساري؛</verse>
				<verse number="41">عزرئيل ۽ سلمياہ، سمرياہ؛</verse>
				<verse number="42">سلوم، امرياہ، يوسف.</verse>
				<verse number="43">نبو جي پٽن مان؛ يعي ايل، متتياہ، زاباد، زبينا، يدو، ۽ يوايل، بناياہ.</verse>
				<verse number="44">اهي سڀيئي ڌاريون زالون پرڻيا هئا: ۽ ڪن کي اهڙيون زالون هيون جن مان اولاد هونِ.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="16">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">نحمياہ بن حڪلياہ جو ڪلام. ويهين ورهيہ جي ڪسليو واري مهيني ۾، هيئن ٿيو تہ جڏهن آءٌ سوسن واري محلات ۾ هوس،</verse>
				<verse number="2">تڏهن منهنجن ڀائرن مان حناني نالي هڪڙو ماڻهو ڪن ماڻهن سان يهوداہ مان آيو؛ ۽ مون انهن کان انهن يهودين بابت پڇا ڪئي، جي بچي نڪتا هئا، يعني قيد ٿيڻ کان بچيا هئا؛ ۽ يروشلم بابت بہ پڇا ڪئي.</verse>
				<verse number="3">۽ انهن مون کي چيو تہ جيڪي انهيءَ پرڳڻي ۾ قيد ٿيڻ کان باقي بچيا آهن، سي ڏاڍي ڏک ۽ مصيبت ۾ آهن: يروشلم جي ڀت بہ ڀڄي پيئي آهي، ۽ انهيءَ جا در باهہ سان سڙي ويا آهن.</verse>
				<verse number="4">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن مون اهي ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن ويهي روئڻ لڳس، ۽ ڪي ڏينهن پئي ماتم ڪيم، ۽ آسمان جي خدا جي اڳيان دعا گهريم.</verse>
				<verse number="5">۽ مون چيو تہ اي خداوند، آسمان جا خدا، عظيم ۽ هيبت وارا خدا، تون جو انهن سان عهد پورو ڪرين ٿو، ۽ انهن تي رحم ڪرين ٿو، جي تو سان محبت ٿا رکن، ۽ تنهنجا حڪم بجاءِ ٿا آڻين، سو تون منهنجو عرض ٻڌ:</verse>
				<verse number="6">هاڻي ڌيان سان ڪن ڏي، ۽ تنهنجيون اکيون کليل هجن، تہ پنهنجي ٻانهي جي دعا ٻڌين، جا آءٌ هن وقت، ڏينهن ۽ رات، تنهنجن ٻانهن، بني اسرائيل جي لاءِ ٿو گهران، ۽ ساڳئي وقت ۾ آءٌ بني اسرائيل جا اُهي گناهہ قبول ٿو ڪريان، جي اسان تنهنجي برخلاف ڪيا آهن: هائو، مون ۽ منهنجي پيءُ جي گهراڻي گناهہ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="7">اسان تنهنجي برخلاف تمام خراب هلت ڪئي آهي، ۽ جيڪي حڪم، ۽ قاعدا، ۽ فيصلا، تو پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي ڏنا هئا، سي بجاءِ نہ آندا اٿئون.</verse>
				<verse number="8">آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جيڪو ڪلام تو پنهنجي ٻانهي موسيٰ سان ڪيو هو سو ياد رک، ۽ تو چيو هو تہ جي اوهين گناهہ ڪندا تہ آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ پکيڙي ڇڏيندس:</verse>
				<verse number="9">پر جي اوهين مون ڏانهن موٽندا، ۽ منهنجا حڪم مڃيندا، ۽ انهن تي هلندا، تہ اوهان مان جيڪي ٽڙي پکڙي آسمان جي تمام پرانهين ڀاڱي تائين ويا هوندا، تن کي آءٌ اتان آڻي انهيءَ هنڌ گڏ ڪندس، جو پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ مون پسند ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="10">هاڻي اهي تنهنجا ٻانها، ۽ تنهنجي قوم آهن، جن کي تو پنهنجي وڏي طاقت، ۽ پنهنجي مضبوط هٿ سان ڇڏايو آهي.</verse>
				<verse number="11">اي خداوند، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان، تہ تون پنهنجي ٻانهي جي دعا ڏانهن، ۽ پنهنجن انهن ٻانهن جي دعا ڏانهن ڌيان سان ڪن ڏي، جي تنهنجي نالي کان ڊڄڻ ڪري خوش ٿين ٿا: ۽ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ اڄوڪي ڏينهن پنهنجي ٻانهي کي فتحياب ڪر، ۽ هن ماڻهوءَ جي اڳيان اُنهيءَ تي رحم ڪر. (هاڻي آءٌ بادشاهہ جو پيالا بردار هوس.)</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">۽ ارتخششتا بادشاهہ جي ويهين سال ۾، نيسان مهيني ۾، هيئن ٿيو تہ جڏهن شراب هن جي اڳيان هو، تڏهن مون شراب کڻي بادشاهہ کي ڏنو. هاڻي آءٌ اڳي ڪڏهن بہ سندس حضور ۾ غمگين نہ ٿيو هوس.</verse>
				<verse number="2">تڏهن بادشاهہ مون کي چيو تہ تنهنجو چهرو ڇو غمگين آهي، جيتوڻيڪ تون بيمار نہ آهين؟ هي دل جي ڏک کانسواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين آهي. تڏهن آءٌ ڏاڍو ڊنس.</verse>
				<verse number="3">۽ مون بادشاهہ کي چيو تہ شل بادشاهہ سدائين سلامت هجي: منهنجو چهرو ڇو نہ غمگين ٿئي، جڏهن اهو شهر، جنهن ۾ منهنجي ابن ڏاڏن جون قبرون آهن، سو ويران ٿي ويو آهي، ۽ ان جا دروازا باهہ سان سڙي ويا آهن؟</verse>
				<verse number="4">تڏهن بادشاهہ مون کي چيو تہ تنهنجو مطلب ڪهڙو آهي؟ تڏهن مون آسمان جي خدا کان دعا گهري.</verse>
				<verse number="5">۽ بادشاهہ کي چيم تہ جي بادشاهہ جي مرضي هجي، ۽ جي تنهنجي ٻانهي تنهنجي نظر ۾ مانُ لڌو آهي، تہ تون مون کي يهوداہ ۾ موڪلي ڏي، تہ جنهن شهر ۾ منهنجي ابن ڏاڏن جون قبرون آهن، انهيءَ کي وڃي اڏايان.</verse>
				<verse number="6">تڏهن بادشاهہ مون کي چيو (انهيءَ مهل ملڪہ بہ سندس ڀرسان ويٺي هئي) تہ تنهنجي مسافري ڪيترو وقت هلندي؟ ۽ تون ڪڏهن موٽندين؟ پوءِ بادشاهہ راضي ٿيو، ۽ مون کي موڪل ڏنائين؛ ۽ مون هن کي وقت مقرر ڪري ٻڌايو.</verse>
				<verse number="7">تنهن کانسواءِ مون بادشاهہ کي چيو، تہ بادشاهہ مهرباني فرمائي مون کي نديءَ جي هن ڀر وارن حاڪمن ڏانهن پروانا ڏئي، تہ هو مون کي لنگهڻ ڏين، جيستائين ڪ آءٌ يهوداہ ۾ وڃي پهچان؛</verse>
				<verse number="8">۽ هڪڙو خط آسف بادشاهہ جي ٻيلي جي نگهبان ڏانهن ڏئي، تہ هو مون کي ڪاٺ ڏئي، تہ جيڪو قلعو گهر سان تعلق ٿو رکي، تنهن جي دروازن جا ۽ شهر جي ڀت جا، ۽ انهيءَ گهر جا شهتير جوڙيان، جنهن ۾ آءٌ وڃڻو آهيان. تڏهن، ڇالاءِ جو منهنجي خدا جو مون تي چڱائيءَ لاءِ هٿ هو، تنهنڪري بادشاهہ منهنجو عرض قبول ڪيو.</verse>
				<verse number="9">پوءِ آءٌ نديءَ جي هن ڀر وارن حاڪمن وٽ آيس، ۽ بادشاهہ جا پروانا ڏنامان. هاڻي بادشاهہ مون سان لشڪر جا سردار، ۽ گهوڙي سوار موڪليا هئا.</verse>
				<verse number="10">۽ جڏهن سنبلط حوروني، ۽ طوبياہ نالي عموني غلام، اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو ڏاڍا رنج ٿيا تہ ڪو ماڻهو بني اسرائيل جي ڀلائي ڪرڻ لاءِ آيو هو.</verse>
				<verse number="11">پوءِ آءٌ يروشلم ۾ آيس، ۽ ٽي ڏينهن اتي هوس.</verse>
				<verse number="12">۽ رات جو آءٌ اُٿيس، ۽ ڪي ٻيا ٿورا ماڻهو بہ مون سان هئا؛ مون ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي نہ ٻڌايو تہ خدا منهنجي دل ۾ يروشلم جي اڏائڻ لاءِ ڇا وڌو آهي: جنهن وهٽ تي آءٌ چڙهيل هوس، تنهن کانسواءِ ڪو ٻيو وهٽ بہ مون سان ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="13">۽ آءٌ رات جو واديءَ واري دروازي کان نڪري، ٻاهر ازدها واري کوهہ، ۽ ڇيڻن واري دروازي ڏانهن ويس، ۽ يروشلم جون ڀتيون، جي ڀڳيون ڊٺيون پيون هيون، ۽ اُن جا دروازا، جي باهہ سان سڙيا پيا هئا، سي ڏٺم.</verse>
				<verse number="14">تڏهن آءٌ چشمي واري دروازي ۽ بادشاهہ جي ڍنڍ ڏانهن وڌي ويس: پر جيڪو وهٽ منهنجي هيٺان هو، تنهن جي لنگهڻ جي جاءِ ڪانہ هئي.</verse>
				<verse number="15">پوءِ آءٌ رات جو چڙهي نهر جي پاسي کان ويس، ۽ ڀت ڏٺم، ۽ اتان موٽي واديءَ واري دروازي کان اندر گهڙي، وري هليو آيس.</verse>
				<verse number="16">۽ حاڪمن کي اها خبر ڪانہ پيئي تہ آءٌ ڪيڏانهن ويس، ۽ ڇا ڪيم: ۽ نہ اها ڳالهہ مون يهودين کي، يا ڪاهنن کي يا اميرن کي يا حاڪمن کي، يا ٻين ڪم ڪندڙن کي ٻڌائي هئي.</verse>
				<verse number="17">تڏهن مون هنن کي چيو تہ اوهين ڏسو ٿا تہ اسان جو ڪهڙو بڇڙو حال آهي ۽ ڪيئن يروشلم ويران ٿيو پيو آهي، ۽ ان جا دروازا باهہ سان سڙيا پيا آهن: اچو تہ يروشلم جي ڀت اڏيون، تہ اڳتي خوار خراب نہ ٿيون.</verse>
				<verse number="18">۽ مون هنن کي ٻڌايو تہ منهنجي خدا جو هٿ مون تي چڱائيءَ لاءِ آهي؛ ۽ جيڪي بادشاهہ مون کي چيو هو سو بہ ٻڌايومان. تڏهن هنن چيو تہ اُٿو تہ هلي اڏايون. انهيءَ طرح هنن انهيءَ چڱي ڪم لاءِ پنهنجا هٿ مضبوط ڪيا.</verse>
				<verse number="19">پر جڏهن سنبلط حوروني، ۽ طوبياہ نالي عموني غلام، ۽ جشم عربي، اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اسان تي کلون ۽ ٺٺوليون ڪيائون، ۽ اسان کي ڌڪارڻ لڳا، ۽ چيائون تہ هي ڪهڙو ڪم آهي جو اوهين ڪريو ٿا؟ اوهين بادشاهہ کان باغي ٿيندا ڇا؟</verse>
				<verse number="20">تڏهن مون هنن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ آسمان جو خدا اسان کي ڪامياب ڪندو؛ تنهنڪري اسين سندس ٻانها اُٿي اڏينداسين: پر اوهان جو يروشلم ۾ نڪو حصو آهي، نہ حق، نہ يادگار.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">تڏهن الياسب سردار ڪاهن پنهنجي ڀائرن ڪاهنن سميت اُٿيو، ۽ انهن رڍن وارو دروازو جوڙيو؛ ۽ هنن انهيءَ کي پاڪ ڪيو، ۽ انهيءَ جا در کڙا ڪيائون؛ همياہ جي ٺلهہ، بلڪ حنن ايل جي ٺلهہ تائين انهيءَ کي پاڪ ڪيائون.</verse>
				<verse number="2">۽ انهيءَ جي پاسي کان، يريحو جي ماڻهن اڏڻ جو ڪم ڪيو. ۽ انهن جي پاسي کان زڪور بن امريءَ اڏڻ جو ڪم ڪيو.</verse>
				<verse number="3">۽ مڇيءَ وارو دروازو، هسناہ جي پٽن جوڙيو؛ هنن انهيءَ تي ڪامون رکيون، ۽ انهيءَ جا طاق کڙا ڪيائون، ۽ انهيءَ جون تاڙيون، ۽ انهيءَ جا گز بيهاريائون.</verse>
				<verse number="4">۽ انهن جي پاسي کان مريموت بن اورياہ بن هقوص مرمت ڪئي. ۽ انهن جي پاسي کان مسلام بن برڪياہ بن مشيزبيل مرمت جو ڪم ڪيو. ۽ انهن جي پاسي کان صدوق بن بعنہ مرمت جو ڪم ڪيو.</verse>
				<verse number="5">۽ انهن جي پاسي کان تقوعين مرمت جو ڪم ڪيو؛ پر انهن جي اميرن پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪم ۾ پنهنجا ڪنڌا نہ وڌا.</verse>
				<verse number="6">۽ پراڻي دروازي جي مرمت يهويدع بن فاسيخہ، ۽ مسلام بن بسودياہ ڪئي، انهيءَ تي ڪامون رکيائون، ۽ انهيءَ جا طاق کڙا ڪيائون، ۽ انهيءَ ۾ تاڙيون ۽ گز وڌائون.</verse>
				<verse number="7">۽ انهن جي پاسي کان ملطياہ جبعوني ۽ يدون ميرونوتي، جي جبعون ۾ مصفاہ جي ماڻهن مان هئا، جن جو نديءَ جي هن ڀر واري واليءَ جي تخت سان تعلق هو، تن مرمت جو ڪم ڪيو.</verse>
				<verse number="8">انهيءَ جي پاسي کان مرمت جو ڪم عزيئيل بن حرهياہ ڪيو، جي سونارا هئا. ۽ انهيءَ جي پاسي کان حننياہ مرمت جو ڪم ڪيو، جو عطرين مان هڪڙو هو، ۽ انهن يروشلم کي ڪشادي ڀت تائين مضبوط ڪيو.</verse>
				<verse number="9">۽ انهن جي پاسي کان مرمت جو ڪم رفاياہ بن حور ڪيو، جو يروشلم جي اڌ ضلعي جو حاڪم هو.</verse>
				<verse number="10">۽ انهن جي پاسي کان يداياہ بن حرومف، پنهنجي گهر جي اڳ تائين مرمت جو ڪم ڪيو. ۽ انهيءَ جي پاسي کان حطوش بن حسبنياہ مرمت ڪئي.</verse>
				<verse number="11">ملڪياہ بن حارم ۽ حسوب بن پخت موآب ٻئي حصي جي، ۽ کُورن واري ٺلهہ جي مرمت ڪئي.</verse>
				<verse number="12">۽ انهيءَ جي پاسي کان مرمت جو ڪم سلوم بن هلوحيش، يروشلم جي اڌ ضلعي جي حاڪم، ۽ سندس ڌيئرن ڪيو.</verse>
				<verse number="13">واديءَ وارو دروازو، وري حنون ۽ زنواح جي رهاڪن مرمت ڪيو؛ هنن اُهو اڏي انهيءَ ۾ طاق ۽ تاڙيون، ۽ گز وڌا، ۽ ڀت جا هڪ هزار هٿ ڇيڻن واري دروازي تائين جوڙيائون.</verse>
				<verse number="14">۽ ڇيڻن واري در جي ملڪياہ بن ريڪاب مرمت ڪئي، جو بيت هڪرم جي ضلعي جو حاڪم هو؛ انهيءَ اهو اڏيو، ۽ انهيءَ جا طاق، ۽ انهيءَ جون تاڙيون، ۽ انهيءَ جا گز وڌائين.</verse>
				<verse number="15">۽ حوض واري دروازي جي مرمت سلوم بن ڪل حوزہ ڪئي، جو مصفاہ جي ضلعي جو حاڪم هو؛ انهيءَ اهو جوڙايو ۽ ڍڪيو، ۽ انهيءَ جا طاق، ۽ انهيءَ جون تاڙيون، ۽ انهيءَ جا گز بيهاريائين، ۽ شيلوخ جي ڍنڍ جي ڀت، جا بادشاهہ جي باغ جي ڀرسان آهي، ۽ انهيءَ ڏاڪڻ تائين جا دائود جي شهر کان هيٺ لهي ٿي وڃي سا جوڙيائين.</verse>
				<verse number="16">انهيءَ کانپوءِ جيڪا جڳهہ دائود جي قبرستان جي سامهون آهي تنهن تائين، ۽ جيڪا ڍنڍ جُڙي هئي تنهن تائين، ۽ بهادر مردن جي گهر تائين، نحمياہ بن عزبوق مرمت جو ڪم ڪيو، جو بيت سور جي اڌ ضلعي جو حاڪم هو.</verse>
				<verse number="17">انهيءَ کانپوءِ لاوين مان رحوم بن باني مرمت ڪئي. انهيءَ کانپوءِ حسبياہ، جو قعيلاہ جي اڌ ضلعي جو حاڪم هو، تنهن پنهنجي ضلعي جي طرفان مرمت ڪئي.</verse>
				<verse number="18">انهيءَ کانپوءِ انهن جي ڀائرن بوي بن حنداد مرمت ڪئي، جو قعيلاہ جي ٻئي اڌ ضلعي جو حاڪم هو.</verse>
				<verse number="19">۽ انهيءَ جي پاسي کان عيزر بن يشوع، مصفاہ جي حاڪم، ٻئي ڀاڱي جي مرمت ڪئي، جو ڀت جي در وٽ سلاح خاني جي چاڙهيءَ جي سامهون هو.</verse>
				<verse number="20">انهيءَ کانپوءِ باروڪ بن زبي ٻيو حصو ڀت جي در کان وٺي الياسب سردار ڪاهن جي گهر جي در تائين ڏاڍي سعيي سان مرمت ڪيو.</verse>
				<verse number="21">انهيءَ کانپوءِ جو حصو الياسب جي گهر جي در کان وٺي الياسيب جي گهر جي پڄاڻيءَ تائين، مريموت بن اورياہ بن هقوص مرمت ڪيو.</verse>
				<verse number="22">انهيءَ کانپوءِ ميدان وارن ڪاهنن، مرمت جو ڪم ڪيو.</verse>
				<verse number="23">انهن کانپوءِ بنيمين ۽ حسوب پنهنجي گهر جي سامهون مرمت ڪئي. انهن کانپوءِ عزرياہ بن معسياہ، بن عننياہ پنهنجي گهر جي پاسي سان مرمت ڪئي.</verse>
				<verse number="24">انهيءَ کانپوءِ بنوي بن حنداد ٻيو حصو، عزرياہ جي گهر کان وٺي ڀت جي در تائين ۽ ڪنڊ تائين مرمت ڪيو.</verse>
				<verse number="25">ڀت جي در جي سامهون جيڪو ٺلهہ پهري وارن جي ايوان جي ڀر ۾ بادشاهہ جي مٿين گهر کان نڪتو بيٺو آهي، تنهن جي سامهون، فلال بن اوزي مرمت ڪئي. انهيءَ کانپوءِ فداياہ بن پرعوس مرمت ڪئي.</verse>
				<verse number="26">(هاڻي نتينيم عوفل ۾، پاڻيءَ واري دروازي جي اُڀرندي ڏانهن آهن، ۽ ٺلهہ، جو نڪتو بيٺو آهي، تنهن جي سامهون رهندا هئا.)</verse>
				<verse number="27">انهيءَ کانپوءِ تقوعين ٻئي حصي جي مرمت ڪئي جو وڏي ٻاهر نڪتل ٺلهہ جي سامهون عوفل جي ڀت تائين آهي.</verse>
				<verse number="28">گهوڙن واري دروازي جي مٿان وري ڪاهنن مرمت ڪئي، هرهڪ پنهنجي پنهنجي گهر جي سامهون مرمت ڪئي.</verse>
				<verse number="29">انهن کانپوءِ صدوق بن امير پنهنجي گهر جي سامهون مرمت ڪئي. ۽ انهيءَ کانپوءِ سمعياہ بن سڪنياہ، اُڀرندي واري دروازي جي نگهبان، مرمت ڪئي.</verse>
				<verse number="30">انهيءَ کانپوءِ ٻيو حصو، حننياہ بن سلمياہ ۽ حنون، جو صلف جو ڇهون پٽ هو، تن مرمت ڪئي. انهيءَ کانپوءِ مسلام بن برڪياہ پنهنجي ڪوٺيءَ جي سامهون مرمت ڪئي.</verse>
				<verse number="31">انهيءَ کانپوءِ ملڪياہ، هڪڙي سوناري، نتينيم ۽ سوداگرن جي گهر تائين، همفقاد جي دروازي جي سامهون، ۽ ڪنڊ واريءَ چاڙهيءَ تائين، مرمت ڪئي.</verse>
				<verse number="32">۽ انهيءَ ڪنڊ واريءَ چاڙهيءَ، ۽ رڍن واري دروازي جي وچ ۾، سونارن ۽ سوداگرن مرمت ڪئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">پر هيئن ٿيو تہ جڏهن سنبلط ٻڌو تہ اسين ڀت پيا جوڙيون، تڏهن هو ڪاوڙيو، ۽ ڏاڍي چڙ ڏيکاريائين، ۽ يهودين تي ٺٺوليون ڪيائين،</verse>
				<verse number="2">۽ پنهنجن ڀائرن ۽ سامريا جي لشڪر جي اڳيان، بيهي چوڻ لڳو تہ هي ضعيف يهودي ڇا ٿا ڪن؟ هو پنهنجي لاءِ قلعا جوڙيندا ڇا؟ هو قربانيون چاڙهيندا ڇا؟ هو هڪڙي ڏينهن ۾ ڪم پورو ڪندا ڇا؟ ڪچري جي ڍڳن مان جيڪي پٿر سڙي ويا آهن، سي ڪڍي هو وري بيهاريندا ڇا؟</verse>
				<verse number="3">هاڻي طوبياہ عموني انهيءَ جي پاسي هو، انهيءَ چيو تہ جيڪي هو جوڙين ٿا، تنهن تي جيڪڏهن ڪو لومڙ چڙهي ويندو تہ اها سندن ڀت ڀڃي ڪيرائي وجهندو.</verse>
				<verse number="4">اي اسان جا خدا ٻڌ؛ ڇالاءِ جو اسين ڌڪاريل آهيون: هنن جو طعنو ڦيرائي هنن جي مٿي تي آڻ، ۽ هنن کي قيد جي ملڪ ۾ ڦرلٽ ۾ ڏيئي ڇڏ:</verse>
				<verse number="5">۽ هنن جو قصور نہ ڍڪ، هنن جو گناهہ پنهنجي اڳيان ميٽي ڇڏڻ نہ ڏي: ڇالاءِ جو هنن توکي، اڏڻ وارن جي اڳيان، ڪاوڙايو آهي.</verse>
				<verse number="6">انهيءَ طرح اسان ڀت جوڙي؛ ۽ سڄي ڀت ان جي اڌ اوچائيءَ تائين ڳنڍجي ويئي؛ ڇالاءِ جو ماڻهن جي مرضي هئي تہ ڪم ڪن.</verse>
				<verse number="7">پر هيئن ٿيو تہ جڏهن سنبلط، ۽ طبياہ، ۽ عربن، ۽ عمونين، ۽ اشدودين ٻڌو تہ يروشلم جي ڀتين جي مرمت جو ڪم وڌندو ٿو وڃي، ۽ جيڪي حصا انهيءَ ۾ ڀڳل هئا سي بند ٿي ٺهي ويا آهن، تڏهن هو ڏاڍا ڪاوڙيا؛</verse>
				<verse number="8">۽ هنن پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي تہ اچي يروشلم سان وڙهن، ۽ ان ۾ گڙٻڙ وجهن.</verse>
				<verse number="9">پر اسان پنهنجي خدا کان دعا گهري، ۽ هنن جي ڪري، ڏينهن رات هنن جي سامهون پهرو بيهاريوسين.</verse>
				<verse number="10">۽ يهوداہ چيو تہ بار کڻڻ وارن جو زور گهٽجي ويو آهي، ۽ گهڻو ڪچرو گڏ ٿي ويو آهي، جنهنڪري اسين ڀت جوڙي نٿا سگهون.</verse>
				<verse number="11">۽ اسانجن دشمنن چيو تہ جيستائين اسين لنگهي سندن وچ ۾ نہ وينداسين، ۽ کين نہ ڪُهنداسين، ۽ ڪم بند نہ ڪنداسين، تيستائين هو نہ ڄاڻندا، ۽ نہ ڏسندا.</verse>
				<verse number="12">۽ هيئن ٿيو تہ جيڪي يهودي سندن ويجهو رهندا هئا سي جڏهن آيا، تڏهن هنن سڀني جاين تان ڏهہ ڀيرا اسان کي چيو تہ اوهين ضرور موٽي اسان وٽ اچجو.</verse>
				<verse number="13">تنهنڪري آءٌ ڀت جي پٺيان پيل وٿيءَ جي تمام هيٺانهن ڀاڱن تي، کليل جاين تي، ماڻهن کي ترارن ۽ نيزن ۽ ڪمانن سان سندن قبيلن موجب ويهاري ويس.</verse>
				<verse number="14">۽ آءٌ نهاري نهاري اُٿيس، ۽ اميرن، ۽ حاڪمن، ۽ باقي ٻيءَ خلق کي چيم تہ هنن کان نہ ڊڄو: خداوند کي ياد ڪريو، جو وڏو ۽ هيبت وارو آهي، ۽ پنهنجن ڀائرن، پنهنجن پٽن، ۽ ڌيئرن، ۽ زالن، ۽ پنهنجن گهرن لاءِ وڙهو.</verse>
				<verse number="15">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسان جن دشمنن ٻڌو تہ اسان کي انهيءَ جي خبر پيئي آهي، ۽ خدا هنن جي صلاح مشورت برباد ڪري ڇڏي آهي، تڏهن اسين سڀ موٽي ڀت وٽ آياسين، ۽ سڀڪو پنهنجي ڪم کي لڳي ويو.</verse>
				<verse number="16">۽ انهيءَ وقت کان وٺي اڳتي منهنجن نوڪرن مان اڌ جيترن ڪم ٿي ڪيو، ۽ اڌ جيترا نيزا، سپرون، ۽ ترارون، ۽ زرهون کنيو بيٺا هئا؛ ۽ حاڪم يهوداہ جي سڄي گهراڻي جي پٺيان بيٺا رهندا هئا.</verse>
				<verse number="17">جن ڀت ٿي جوڙي، ۽ جن بار ٿي کنيو، تن مان هر ڪنهن هڪڙي هٿ سان ڪم ٿي ڪيو، ۽ ٻئي هٿ سان پنهنجو هٿيار ٿي کنيو.</verse>
				<verse number="18">۽ سڀ ڪنهن رازي جي چيلهہ سان ترار ٻڌي پيئي هئي، ۽ ائين اڏڻ جو ڪم پئي ڪيائين. ۽ جنهن قرناءِ ٿي وڄائي سو منهنجي پاسي کان بيٺو هو.</verse>
				<verse number="19">۽ مون اميرن، ۽ حاڪمن، ۽ ٻين ماڻهن کي چيو تہ ڪم وڏو ۽ گهڻو آهي، ۽ اسين ڀت تي هڪ ٻئي کان ڌار ٿيو بيٺا آهيون:</verse>
				<verse number="20">جنهن بہ هنڌ اوهين قرناءِ جو آواز ٻڌو، تہ اسان وٽ اچي گڏ ٿجو؛ اسان جو خدا اسان جي پاران جنگ ڪندو.</verse>
				<verse number="21">انهيءَ طرح اسان ڪم پئي ڪيو: ۽ انهن مان اڌ جيترا پرهہ ڦٽيءَ کان وٺي تارن نڪرڻ تائين نيزا کنيو بيٺا هئا.</verse>
				<verse number="22">ساڳئي وقت ۾ مون ماڻهن کي بہ چيو تہ سڀڪو پنهنجي نوڪر سان يروشلم ۾ رهيو پيو هجي، تہ رات جو هو اسان جي لاءِ پهري وارا ٿين، ۽ ڏينهن جو پورهيو ڪن.</verse>
				<verse number="23">انهيءَ طرح نڪي مون، نڪي منهنجن ڀائرن، نڪي منهنجن نوڪرن، نڪي جيڪي پهري وارا منهنجي پٺيان هئا، تن مان ڪنهن بہ پنهنجا ڪپڙا لاٿا، سڀڪو پنهنجي هٿيار سان پاڻيءَ وٽ ٿي ويو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">تنهن کانپوءِ ماڻهن ۽ سندن زالن جي طرفان، سندن يهودي ڀائرن تي وڏي شڪايت ٿيڻ لڳي.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو انهن مان ڪي اهڙا هئا، جن چيو تہ اسين ۽ اسان جا پٽ، ۽ اسان جون ڌيئرون، پاڻ ۾ گهڻا ماڻهو آهيون: اچو تہ اَن هٿ ڪريون تہ کائون ۽ جيئرا رهون.</verse>
				<verse number="3">ڪي اهڙا بہ هئا، جن چيو تہ اسين پنهنجون ٻنيون ۽ پنهنجا ڊاک جا منهہ ۽ پنهنجا گهر گروي ٿا رکون: ڏڪار جي ڪري اسان کي اَن موجود ڪرڻ کپي.</verse>
				<verse number="4">ڪي وري اهڙا بہ هئا، جن چيو تہ، اسان بادشاهہ جي ڍل ڏيڻ لاءِ پنهنجين ٻنين ۽ ڊاک جي منهہ تي پئسا اُڌارا کنيا آهن.</verse>
				<verse number="5">انهيءَ هوندي بہ اسان جو جسم اسان جي ڀائرن جي جسم جهڙو آهي، ۽ اسان جا ٻار هنن جي ٻارن جهڙا آهن: ۽ ڏسو، اسين پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئرن کي غلام ٿيڻ لاءِ بند ۾ ٿا وجهون، ۽ ڪي اسان جون ڌيئرون تہ اڳيئي غلاميءَ ۾ ويون آهن؛ ۽ اسان جو ڪو وس ڪونہ ٿو هلي، ڇالاءِ جو اسان جون ٻنيون ۽ اسان جا ڊاک جا منهہ ٻين هٿ ڪيا آهن.</verse>
				<verse number="6">۽ جڏهن مون اُنهن جو فرياد ۽ اهي ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن آءٌ ڏاڍو ڪاوڙيس.</verse>
				<verse number="7">تڏهن مون پنهنجي دل ۾ ويچار ڪيو، ۽ اميرن ۽ حاڪمن سان بحث هلايم، ۽ چيومان تہ اوهان مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ کان وياج ٿو وٺي، ۽ مون انهن جي برخلاف هڪڙي وڏي جماعت گڏ ڪئي.</verse>
				<verse number="8">۽ انهن کي چيم تہ اسان پنهنجي وسعت آهر انهن پنهنجن يهودي ڀائرن کي پئسا ڏيئي ڇڏايو آهي، جي غير قومن وٽ وڪيا ويا هئا؛ ۽ اوهين ائين گهرو ٿا ڇا تہ پنهنجا ڀائر وڪڻو، ۽ اهي اسان وٽ وڪامن؟ تڏهن هو ماٺ ڪري ويهي رهيا ۽ هڪڙو لفظ بہ نہ ڪُڇيائون.</verse>
				<verse number="9">مون هي بہ چيو تہ جيڪو ڪم اوهين ڪريو ٿا، سو چڱو نہ آهي: اوهان کي اسان جي خدا جي ڊپ ۾ هلڻ نہ گهرجي ڇا: ڇالاءِ اسان جا دشمن، غير قومون اسان کي طعنو ٿا ڏين؟</verse>
				<verse number="10">۽ آءٌ بہ، ۽ منهنجا ڀائر ۽ منهنجا نوڪر بہ هنن کي پئسا ۽ اَن، وياج تي اُڌارو ڏيون ڇا؟ آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ اچو تہ اهو وياج وٺڻ ڇڏي ڏيون.</verse>
				<verse number="11">ڀلائي ڪري اڄوڪي ڏينهن اوهين هنن کي سندن ٻنيون، ڊاک جا منهہ، زيتونن جا باغ، ۽ گهر، موٽائي ڏيو، ۽ پئسن، ۽ اَن، ۽ شراب، ۽ تيل جو ستون حصو، جو هنن کان اُڳاڙيو ٿا، سو بہ موٽائي ڏيو.</verse>
				<verse number="12">تڏهن هنن چيو، تہ اسين اهي موٽائي ڏينداسين، ۽ هنن کان ڪي بہ ڪين گهرنداسين؛ جيئن تون چئين ٿو، تيئن ئي اسين ڪنداسين. تڏهن مون، ڪاهنن کي سڏيو، ۽ هنن کي اهو قسم کڻايم، تہ هو انهيءَ انجام موجب هلت ڪندا.</verse>
				<verse number="13">۽ مون پنهنجي جهول بہ ڇنڊي چيو، تہ شل خداوند هن طرح سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي گهر کان، ۽ پنهنجي ڪمائيءَ کان ڇنڊي اُڇلائي ڇڏي، جو هن انجام موجب هلت نہ ڪري؛ شل اهو هن طرح ڇنڊجي خالي ٿي وڃي. ۽ سڄيءَ جماعت چيو تہ آمين، ۽ خداوند جي تعريف ڪيائون. پوءِ ماڻهن انهيءَ انجام موجب هلت ڪئي.</verse>
				<verse number="14">تنهن کان سواءِ، جنهن وقت مان يهوداہ جي ملڪ ۾ هنن جو حاڪم مقرر ٿيس، تنهن وقت کان وٺي، يعني ارتخششتا بادشاهہ جي ويهين سال کان وٺي، ٻٽيهين سال تائين، يعني ٻارهن سال، مون ۽ منهنجن ڀائرن، حاڪم جي ماني نہ کاڌي آهي.</verse>
				<verse number="15">پر اڳيان حاڪم، جي مون کان اڳي هئا، تن کي ماڻهن کان ڪجهہ ملندو هو، ۽ انهن کان هو شراب، ۽ ماني وٺندا هئا، ۽ انهيءَ کانسواءِ چانديءَ جا چاليهہ شيڪل؛ هائو، انهن جا نوڪر بہ ماڻهن تي حڪم هلائيندا هئا: پر مون خدا جي ڊپ کان ائين نہ ڪيو.</verse>
				<verse number="16">هائو، آءٌ انهيءَ ڀت جو ڪم ڪندو رهيس، ۽ اسان ڪابہ زمين خريد نہ ڪئي: ۽ منهنجا سڀ نوڪر اتي ڪم ۾ رڌل رهندا هئا.</verse>
				<verse number="17">تنهن کان سواءِ يهودي ۽ سردار، جي منهنجي دسترخاني تي کائيندا هئا، ڏيڍ سؤ ماڻهو هئا، ۽ انهن کانسواءِ آس پاس جيڪي غير قومون رهنديون هيون، تن مان بہ ڪي ماڻهو هوندا هئا.</verse>
				<verse number="18">هاڻي هڪڙو ڍڳو، ۽ ڇهہ چونڊيل رڍون هڪ ڏينهن لاءِ تيار ٿينديون هيون، ۽ ڪڪڙ بہ منهنجي لاءِ تيار ڪيا ويندا هئا، ۽ هر ڏهين ڏينهن سڀ ڪنهن قسم جي شراب جو انداز تيار ٿيندو هو: انهيءَ هوندي بہ مون حاڪم جي ماني نہ گهري، ڇالاءِ جو انهن ماڻهن تي اڳيئي ٻانهپ ڳري هئي.</verse>
				<verse number="19">اي منهنجا خدا، جيڪي مون هنن ماڻهن جي لاءِ ڪيو آهي، سو سڀ منهنجي چڱائيءَ لاءِ ياد ڪج.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن سنبلط، ۽ طوبياہ، ۽ جشم عربي، ۽ ٻين دشمنن کي خبر پيئي تہ مون ڀت جوڙائي آهي، ۽ انهيءَ ۾ ڪوبہ حصو ڀڳل رهجي نہ ويو آهي؛ (جيتوڻيڪ انهيءَ وقت تائين مون درن ۾ طاق نہ وڌا هئا)</verse>
				<verse number="2">تڏهن سنبلط، ۽ جشم، مون کي چوائي موڪليو تہ اچ تہ اونو جي ميدان ۾ هڪڙي ڳوٺ ۾ گڏجون. پر هنن مون کي نقصان پهچائڻ جو ارادو ڪيو هو.</verse>
				<verse number="3">۽ مون هنن کي قاصدن جي هٿان چوائي موڪليو تہ آءٌ هڪڙو وڏو ڪم پيو ڪريان، تنهنڪري اچي نٿو سگهان: ڇالاءِ آءٌ ڪم ڇڏي اوهان وٽ لهي اچان، ۽ اهو ڇو بند رهي؟</verse>
				<verse number="4">۽ هنن چار ڀيرا انهيءَ طرح مون کي گهرايو؛ ۽ مون بہ ساڳيو جواب ڏنومان.</verse>
				<verse number="5">تڏهن سنبلط پنهنجو نوڪر ساڳيءَ طرح پنجون ڀيرو بہ مون وٽ موڪليو، ۽ انهيءَ جي هٿ ۾ هڪڙو کليل خط هو؛</verse>
				<verse number="6">انهيءَ ۾ لکيل هو تہ قومن ۾ افواهہ آهي، ۽ جشم چوي ٿو تہ تون ۽ يهودي فساد ڪرڻ وارا آهيو؛ انهيءَ ڪري اوهين ڀت ٿا جوڙايو: ۽ انهيءَ افواهہ موجب تون انهن جو بادشاهہ ٿيڻ ٿو گهرين.</verse>
				<verse number="7">۽ تو نبي بہ مقرر ڪيا آهن، تہ تنهنجي نسبت ۾ يروشلم ۾ منادي ڪن، ۽ چون تہ يهوداہ ۾ هڪڙو بادشاهہ آهي: ۽ هاڻي انهن ڳالهين موجب بادشاهہ کي خبر ڏني ويندي. تنهنڪري هاڻي اچ تہ گڏجي پاڻ ۾ صلاح ڪريون.</verse>
				<verse number="8">تڏهن مون هن کي چوائي موڪليو تہ جيڪي ڳالهيون تون ڪرين ٿو، انهن ۾ ڪوبہ سچ ڪونهي، بلڪ اهي تون پنهنجيءَ دل مان ٿو ٺاهين.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو هنن جي مرضي هئي تہ اسان کي ڊيڄارين، ۽ چيائون تہ هنن جا هٿ ڪم کان ضعيف ٿيندا، جنهنڪري اهو ڪم نہ ڪيو ويندو. پر هاڻي، اي خدا، تون منهنجا هٿ مضبوط ڪر.</verse>
				<verse number="10">پوءِ آءٌ سمعياہ بن دلاياہ بن مهيطبيل جي گهر ويس، جو بند پيو هو؛ ۽ هن چيو تہ اچو تہ هيڪل ۾ يعني تہ خدا جي گهر ۾ گڏ ٿيون، ۽ هيڪل جا در بند ڪري ڇڏيون: ڇالاءِ جو هو توکي ڪُهڻ ايندا؛ هائو؛ رات جو هو توکي ڪُهڻ لاءِ ايندا.</verse>
				<verse number="11">۽ مون چيو تہ مون جهڙي ماڻهوءَ کي ڪو ڀڄڻ گهرجي؟ ۽ ٻيو ڪير آهي جو مون جهڙو هجي، ۽ پنهنجو ساهہ بچائڻ لاءِ هيڪل ۾ وڃڻ گهري؟ آءٌ انهيءَ ۾ ڪين ويندس.</verse>
				<verse number="12">۽ مون معلوم ڪيو ۽ ڏس، خدا هن کي نہ موڪليو هو: پر هن هيءَ پيشنگوئي منهنجي برخلاف ڪئي هئي: ۽ طوبياہ ۽ سنبلط هن کي ڀاڙي ڪيو هو.</verse>
				<verse number="13">هو انهيءَ لاءِ ڀاڙي ڪيو ويو هو، تہ آءٌ ڊڄان، ۽ ائين ڪريان، ۽ گناهہ ڪريان، تہ هنن کي بدنامي ڪرڻ جو وجهہ ملي، ۽ هو مون کي طعنا هڻن.</verse>
				<verse number="14">اي منهنجا خدا، طوبياہ ۽ سنبلط کي سندن ڪمن موافق ياد ڪر، ۽ نوعيدياہ نبياڻي، ۽ باقي ٻين نبين کي بہ، جن مون کي ڊيڄارڻ ٿي گهريو.</verse>
				<verse number="15">انهيءَ طرح اِلول مهيني جي پنجويهين تاريخ، ٻاونجاهہ ڏينهن ۾ ڀت جُڙي تيار ٿي.</verse>
				<verse number="16">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسانجن سڀني دشمنن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن جيڪي غير قوم وارا اسان جي آس پاس هئا، سي ڊنا ۽ خود پنهنجي نظر ۾ تمام ذليل ٿيا: ڇالاءِ جو هنن سهي ڪيو تہ اهو ڪم اسان جي خدا جو ڪيل آهي.</verse>
				<verse number="17">تنهن کانسواءِ انهن ڏينهن ۾، يهوداہ جي اميرن گهڻا ئي خط طوبياہ وٽ موڪليا هئا، ۽ طوبياہ جا خط انهن وٽ آيا هئا.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو يهوداہ ۾ گهڻن ئي هن سان قسم کنيو هو، ڇو جو هو سڪنياہ بن ارخ جو ناٺي هو؛ ۽ هن جو پٽ يهوحانان، مسلام بن برڪياہ جي ڌيءَ سان پرڻيل هو.</verse>
				<verse number="19">هنن منهنجي اڳيان سندس چڱن ڪمن جو بہ ذڪر ڪيو هو، ۽ منهنجون ڳالهيون کيس ٻڌائيندا هئا، ۽ طوبياہ منهنجي ڊيڄارڻ لاءِ خط موڪليا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن ڀت جُڙي تيار ٿي، ۽ مون در بيهاريا؛ ۽ دربان، ۽ ڳائيندڙ، لاوي مقرر ٿي ويا،</verse>
				<verse number="2">تڏهن مون پنهنجي ڀاءُ حناني، ۽ قلعي جي حاڪم حننياہ کي يروشلم حوالي ڪري ڏنو: ڇالاءِ جو هو ايماندار ماڻهو هو ۽ گهڻن ماڻهن کان وڌيڪ خدا ترس هو.</verse>
				<verse number="3">۽ مون هنن کي چيو تہ جيستائين اُس تيز نہ ٿئي، تيستائين يروشلم جا در نہ پٽجو؛ ۽ جيستائين هو پهري تي بيٺل هجن، تيستائين در بند رهن، ۽ انهن کي تاڙيون لڳل هجن: ۽ يروشلم جي رهاڪن مان پهري وارا مقرر ڪريو، جيئن سڀڪو پنهنجو پنهنجو پهرو ڏئي، ۽ سڀڪو پنهنجي گهر جي سامهون هجي.</verse>
				<verse number="4">هاڻي شهر ڪشادو ۽ وڏو هو: پر انهيءَ ۾ ماڻهو ٿورا هئا ۽ گهر جڙيل نہ هئا.</verse>
				<verse number="5">۽ منهنجي خدا منهنجي دل ۾ وڌو تہ اميرن، ۽ حاڪمن، ۽ ماڻهن کي گڏ ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ هو نسب نامي موجب شمار ٿين. ۽ مون انهن جي نسب نامي جو ڪتاب لڌو، جي پهرين آيا هئا ۽ انهيءَ ۾ مون لکيل ڏٺو:</verse>
				<verse number="6">تہ پرڳڻي جا ماڻهو هي آهن، جي قيد ۾ کڄي ويل ماڻهن مان موٽي آيا هئا، جن کي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر کڻي ويو هو، ۽ جيڪي پوءِ موٽي يروشلم ۽ يهوداہ ۾ آيا، ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي شهر ۾ ويو؛</verse>
				<verse number="7">جي زربابل، يشوع، نحمياہ، عزرياہ، رعمياہ، نحماني، مردڪئي، بلشان، مسفرت، بگوي، نحوم، ۽ بعنہ سان آيا هئا. اسرائيل جي قوم جي ماڻهن جو تعداد:</verse>
				<verse number="8">بني پرعوس، ٻہ هزار هڪ سؤ ٻاهتر.</verse>
				<verse number="9">بني سفطياہ، ٽي سؤ ٻاهتر.</verse>
				<verse number="10">بني ارخ، ڇهہ سؤ ٻاونجاهہ.</verse>
				<verse number="11">بني پخت موآب، جي يشوع ۽ يوآب جي اولاد مان هئا، ٻہ هزار اٺ سؤ ارڙهن.</verse>
				<verse number="12">بني عيلام، هڪ هزار ٻہ سؤ چوونجاهہ.</verse>
				<verse number="13">بني زتو، اٺ سؤ پنجيتاليهہ.</verse>
				<verse number="14">بني زڪي، ست سؤ سٺ.</verse>
				<verse number="15">بني بنوي، ڇهہ سؤ اٺيتاليهہ.</verse>
				<verse number="16">بني ببي، ڇهہ سؤ اٺاويهہ.</verse>
				<verse number="17">بني عزجاد، ٻہ هزار ٽي سؤ ٻاويهہ.</verse>
				<verse number="18">بني ادونقام، ڇهہ سؤ ستهٺ.</verse>
				<verse number="19">بني بگوي ٻہ هزار ستهٺ.</verse>
				<verse number="20">بني عدين، ڇهہ سؤ پنجونجاهہ.</verse>
				<verse number="21">بني اطير، حزقياہ جي اولاد مان، اٺانوي.</verse>
				<verse number="22">بني حشوم، ٽي سؤ اٺاويهہ.</verse>
				<verse number="23">بني بضي، ٽي سؤ چوويهہ.</verse>
				<verse number="24">بني خارف، هڪ سؤ ٻارنهن.</verse>
				<verse number="25">بني جبعون، پنجانوي.</verse>
				<verse number="26">بيت الحم ۽ نطوفہ جا ماڻهو، هڪ سؤ اٺاسي.</verse>
				<verse number="27">عنتوت جا ماڻهو، هڪ سؤ اٺاويهہ.</verse>
				<verse number="28">بيت عزماوت جا ماڻهو، ٻائيتاليهہ.</verse>
				<verse number="29">قريت يعريم، ڪفيرہ ۽ بيروت جا ماڻهو، ست سؤ ٽيتاليهہ.</verse>
				<verse number="30">رامہ ۽ جبعہ جا ماڻهو، ڇهہ سؤ ايڪيهہ.</verse>
				<verse number="31">مڪماس جا ماڻهو، هڪ سؤ ٻاويهہ.</verse>
				<verse number="32">بيت ايل ۽ عيءَ جا ماڻهو، هڪ سؤ ٽيويهہ.</verse>
				<verse number="33">ٻئي نبوءَ جا ماڻهو، ٻاونجاهہ.</verse>
				<verse number="34">ٻئي عيلام جو اولاد هڪ هزار ٻہ سؤ چوونجاهہ.</verse>
				<verse number="35">بني حارم، ٽي سؤ ويهہ.</verse>
				<verse number="36">بني يريحو، ٽي سؤ پنجيتاليهہ.</verse>
				<verse number="37">لود ۽ حاديد ۽ اونو جو اولاد، ست سؤ ايڪيهہ.</verse>
				<verse number="38">بني سناآہ، ٽي هزار نوَ سؤ ٽيهہ.</verse>
				<verse number="39">ڪاهن: بني يدعياہ، يشوع جي گهراڻي مان، نوَ سؤ ٽيهتر.</verse>
				<verse number="40">بني امير، هڪ هزار ٻاونجاهہ.</verse>
				<verse number="41">بني فشحور، هڪ هزار ٻہ سؤ ستيتاليهہ.</verse>
				<verse number="42">بني حارم، هڪ هزار سترهن.</verse>
				<verse number="43">لاوي: يعني يشوع، ۽ قدمي ايل وارا، بني هوداوہ، چوهتر.</verse>
				<verse number="44">ڳائڻ وارا: بني آسف، هڪ سؤ اٺيتاليهہ.</verse>
				<verse number="45">دربان: بني سلوم، بني اطير، بني طلمون، بني عقوب، بني خطيطا، بني سوبي، هڪ سؤ اٺٽيهہ.</verse>
				<verse number="46">نتينيم: بني ضيحا، بني حسوفا، بني طبعوت؛</verse>
				<verse number="47">بني قروس، بني سيحا، بني فدون؛</verse>
				<verse number="48">بني لبانہ، بني حجابہ، بني شلمي؛</verse>
				<verse number="49">بني حنان، بني جديل، بني حجار؛</verse>
				<verse number="50">بني رياياہ، بني رصين، بني نقودا؛</verse>
				<verse number="51">بني جزام، بني عزا، بني فاسخہ؛</verse>
				<verse number="52">بني بسي، بني معونيم، بني نفوشسيم؛</verse>
				<verse number="53">بني بقبوق، بني حقوفہ، بني حرحور؛</verse>
				<verse number="54">بني بضليت، بني محيدا، بني حرشا؛</verse>
				<verse number="55">بني برقوس، بني سيسرا، بني تامح؛</verse>
				<verse number="56">بني نضياہ، بني خطيفا.</verse>
				<verse number="57">سليمان جي نوڪرن جو اولاد؛ بني سوتي، بني سوفرت، بني فريدا؛</verse>
				<verse number="58">بني يعلہ، بني درقون، بني جديل؛</verse>
				<verse number="59">بني سفطياہ، بني خطيل، بني فوڪرت ضبائم، بني امون.</verse>
				<verse number="60">ڪل نتينيم ۽ سليمان جي نوڪرن جو اولاد، ٽي سؤ ٻيانوي هئا.</verse>
				<verse number="61">۽ جيڪي تل ملحہ، تل حرسا، ڪروب، ادون ۽ امير مان مٿي ويا، سي اهي هئا پر اُهي ثابت نہ ڪري سگهيا تہ سندن ابن جا گهراڻا يا سندن اولاد اسرائيل مان آهن يا نہ:</verse>
				<verse number="62">بني دلاياہ، بني طوبياہ، بني نقودا، ڇهہ سؤ ٻائيتاليهہ.</verse>
				<verse number="63">۽ ڪاهنن مان: بني حباياہ، بني هقوص، بني برزلي، جنهن برزلي جلعاديءَ جي هڪڙي ڌيءَ پرڻي هئي ۽ انهن جي نالي پٺيان سڏبو هو.</verse>
				<verse number="64">انهن پنهنجي داخلا اُنهن ۾ ڳولي، جي نسب نامي موجب شمار ڪيا ويا هئا، پر اُها ان ۾ نہ لڌي: تنهنڪري اُهي ناپاڪ سمجهيا ويا ۽ ڪهانت کان برطرف ڪيا ويا.</verse>
				<verse number="65">۽ اُنهن کي چيائون تہ اوهان کي پاڪ ترين شين مان نہ کائڻ کپي، جيسين ڪ ڪو ڪاهن اوريم ۽ تميم سان نہ بيهي.</verse>
				<verse number="66">ڪل جماعت جملي ٻائيتاليهہ هزار ٽي سؤ سٺ هئي.</verse>
				<verse number="67">اُنهن کانسواءِ سندن ٻانها ۽ سندن ٻانهيون، جي ست هزار ٽي سؤ ستٽيهہ هئا: ۽ هنن وٽ ٻہ سؤ پنجيتاليهہ ڳائيندڙ مرد ۽ ڳائيندڙ زالون هيون.</verse>
				<verse number="68">انهن جا گهوڙا، ست سؤ ڇٽيهہ هئا؛ اُنهن جا خچر، ٻہ سؤ پنجيتاليهہ؛</verse>
				<verse number="69">انهن جا اُٺ، چار سؤ پنجٽيهہ؛ انهن جا گڏهہ، ڇهہ هزار ست سؤ ويهہ.</verse>
				<verse number="70">۽ ابن جي گهراڻن جي رئيسن مان ڪن ڪم جي لاءِ نذرانا ڏنا. ترشاتا، خزاني ۾ سون جا هڪ هزار درهم، پنجاهہ ٿالهيون، پنج سؤ ٽيهہ ڪاهنن جون پوشاڪون ڏنيون.</verse>
				<verse number="71">۽ ابن جي گهراڻن جي رئيسن مان ڪن ڪم جي خزاني ۾ سون جا ويهہ هزار درهم ۽ چانديءَ جا ٻہ هزار ٻہ سؤ مَنا ڏنا.</verse>
				<verse number="72">۽ باقي ٻين ماڻهن جيڪي ڏنو سو هو ويهہ هزار درهم سون جا ۽ ويهہ هزار مَنا چانديءَ جا ۽ ستهٺ ڪاهنن جون پوشاڪون.</verse>
				<verse number="73">انهيءَ طرح ڪاهن، ۽ لاوي، ۽ دربان، ۽ ڳائڻ وارا، ۽ ماڻهن مان ڪي، ۽ نتينيم، ۽ سڀ اسرائيلي، پنهنجن شهرن ۾ رهڻ لڳا. ۽ جڏهن ستون مهينو آيو، تڏهن بني اسرائيل پنهنجن شهرن ۾ هئا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">۽ سڄي قوم يڪ مُشت ٿي پاڻيءَ واري دروازي جي اڳيان جيڪو ڪشادو ميدان آهي، تنهن ۾ گڏ ٿي؛ ۽ اُنهن عزرا استاد کي چيو تہ موسيٰ جي شريعت جو ڪتاب، جنهن جو خداوند اسرائيل کي حڪم ڏنو هو، سو کڻي اچ.</verse>
				<verse number="2">۽ عزرا ڪاهن ستين مهيني جي پهرين تاريخ سڄيءَ جماعت جي اڳيان، يعني مردن، توڙي زالن، ۽ جيڪي ٻڌي ۽ سمجهي ٿي سگهيا، تن جي اڳيان اهو شريعت جو ڪتاب آندو.</verse>
				<verse number="3">۽ جيڪو ڪشادو ميدان پاڻيءَ واري دروازي جي اڳيان هو، اُتي سوير صبح کان وٺي ٻنپهرن تائين مردن، ۽ زالن، ۽ سمجهہ وارن جي اڳيان، اُنهيءَ ڪتاب مان هن پڙهيو؛ ۽ سڀني ماڻهن ڌيان سان ڪن ڏيئي اُهو شريعت جو ڪلام پئي ٻڌو.</verse>
				<verse number="4">۽ عزرا اُستاد ڪاٺ جي هڪڙي منبر تي اُٿي بيٺو، جو انهيءَ ڪم لاءِ هنن جوڙيو هو؛ ۽ اُن جي پاسي ۾، سڄي پاسي، متتياہ، ۽ سمع، ۽ عناياہ، ۽ اورياہ، ۽ خلقياہ ۽ معسياہ بيٺا؛ ۽ کٻي پاسي، فداياہ، ۽ مساايل، ۽ ملڪياہ، ۽ حاشوم، ۽ حسبدانہ، زڪرياہ، ۽ مسلام بيٺا.</verse>
				<verse number="5">۽ عزرا سڀني ماڻهن جي اڳيان ڪتاب پڙهيو؛ (ڇالاءِ جو هو سڀني ماڻهن کان مٿي هو؛) ۽ جڏهن هن اهو پٽيو، تڏهن سڀ ماڻهو اُٿي بيٺا:</verse>
				<verse number="6">۽ عزرا، خداوند، عظيم خدا کي مبارڪ چيو، ۽ سڀني ماڻهن ورندي ڏيئي، پنهنجا هٿ مٿي کڻي چيو تہ آمين: پوءِ ڪنڌ جهڪائي زمين تي منهن رکي خداوند کي سجدو ڪيائون.</verse>
				<verse number="7">۽ يشوع، ۽ باني، ۽ سربياہ، يامن، عقوب، سبتي، هودياہ، معسياہ، قليطا، عزرياہ، يوزبد، حنان، فلاياہ، ۽ لاوين بہ ماڻهن کي شريعت جي سمجهاڻي ڏني: ۽ ماڻهو پنهنجي جاءِ تي بيٺا هئا.</verse>
				<verse number="8">۽ اُنهن انهيءَ ڪتاب مان، يعني خدا جي شريعت مان، صاف آواز سان پڙهيو؛ ۽ اُنهن انهيءَ جو مطلب بيان ڪري ٻڌايو، جنهنڪري جيڪي پڙهيو ويو، سو هنن سمجهيو.</verse>
				<verse number="9">۽ نحمياہ، جو ترشاتا هو، سو ۽ عزرا ڪاهن ۽ اُستاد، ۽ لاوي، جي ماڻهن کي تعليم ڏيندا هئا، تن سڄيءَ قوم کي چيو تہ اڄوڪو ڏينهن خداوند، اوهان جي خدا جي لاءِ پاڪ آهي؛ ڪوبہ ڏک نہ ڪريو، نڪي روئو. ڇالاءِ جو جڏهن ماڻهن شريعت جو ڪلام ٻڌو، تڏهن سڀيئي روئڻ لڳا.</verse>
				<verse number="10">تڏهن هنن انهن کي چيو تہ هليا وڃو، وڃي سڻڀا طعام کائو، ۽ مٺا پاڻي پيئو، ۽ جنهن جي لاءِ ڪجهہ بہ تيار ٿيل نہ آهي، تنهن کي بہ ڪجهہ ڏيو: ڇالاءِ جو اڄوڪو ڏينهن اسان جي خداوند لاءِ پاڪ آهي: غمگين نہ ٿيو؛ ڇالاءِ جو خداوند جي خوشي اوهان جو زور آهي.</verse>
				<verse number="11">تڏهن لاوين ماڻهن کي ماٺ ڪرائي چيو تہ صبر ڪريو، ڇالاءِ جو اڄوڪو ڏينهن پاڪ آهي؛ غمگين نہ ٿيو.</verse>
				<verse number="12">۽ سڀ ماڻهو پنهنجي منهن هليا ويا، تہ وڃي کائن پيئن، ۽ ٻين کي ڪجهہ موڪلين، ۽ گهڻي خوشي ڪن، ڇالاءِ جو جيڪو ڪلام کين پڙهي ٻڌايو ويو هو، سو هنن سمجهيو هو.</verse>
				<verse number="13">ٻئي ڏينهن سڄيءَ قوم جي ابن جي گهراڻن جا رئيس ۽ ڪاهن ۽ لاوي، عزرا استاد وٽ اچي گڏ ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ شريعت جون ڳالهيون ڌيان ڏيئي ٻڌن.</verse>
				<verse number="14">۽ هنن شريعت ۾ لکيل ڏٺو تہ خداوند موسيٰ جي معرفت فرمايو هو تہ ستين مهيني واريءَ عيد تي لانڍين ۾ رهن:</verse>
				<verse number="15">۽ پنهنجن سڀني شهرن ۾، ۽ يروشلم ۾، اشتهار ڪن، ۽ پڌرائي ڪرائين، ۽ چون تہ نڪري جبل ڏانهن وڃو ۽ زيتون جون ٽاريون ۽ جهنگلي زيتون جون ٽاريون، ۽ مر جي وڻن جون ٽاريون، ۽ کجيءَ جون ٽاريون، ۽ گهاٽن وڻن جون ٽاريون لانڍين جوڙڻ لاءِ آڻيو، جيئن ڪ لکيل آهي.</verse>
				<verse number="16">تڏهن ماڻهو نڪري ويا ۽ اُهي کڻي آيا، ۽ پنهنجي لاءِ لانڍيون جوڙيائون، سڀني پنهنجن گهرن جي مٿان، ۽ پنهنجن ايوانن ۾، ۽ خدا جي گهر جي ايوانن ۾، ۽ پاڻيءَ واري دروازي جي ڪشادي ميدان تي، ۽ افرائيم واري دروازي جي ڪشادي ميدان تي لانڍيون جوڙيون.</verse>
				<verse number="17">۽ جيڪي ماڻهو قيد مان وري نڪري آيا هئا، تن جي سڄي جماعت لانڍيون جوڙيون، ۽ انهن لانڍين ۾ رهڻ لڳا: ڇالاءِ جو يشوع بن نون جي ڏينهن کان وٺي انهيءَ ڏينهن تائين بني اسرائيل ائين نہ ڪيو هو. ۽ ڏاڍي خوشي ٿي.</verse>
				<verse number="18">روز بروز، پهرين ڏينهن کان وٺي پوئين ڏينهن تائين، هو خدا جي شريعت جي ڪتاب مان پڙهندو هو. ۽ هنن ست ڏينهن برابر عيد ڪئي؛ ۽ اٺين ڏينهن، دستور موجب هنن هڪڙي وڏي جماعت گڏ ڪئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">هاڻي انهيءَ مهيني جي چوويهين تاريخ بني اسرائيل روزو رکي، ۽ کٿا ڍڪي، ۽ پاڻ تي مٽي وجهي اچي گڏ ٿيا.</verse>
				<verse number="2">۽ اسرائيل جي نسل وارن پاڻ کي ٻين سڀني غير قومن کان ڌار ڪيو، ۽ بيهي پنهنجا گناهہ ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن جا ڏوهہ قبول ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="3">۽ هنن پنهنجي جاءِ تي بيهي خداوند پنهنجي خدا جي شريعت جو ڪتاب ڏينهن جي هڪڙي پهر تائين پڙهيو؛ ۽ ٻئي پهر ۾ هنن پنهنجا گناهہ قبول ڪيا، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪيائون.</verse>
				<verse number="4">تنهن کانپوءِ يشوع، ۽ باني، قدمي ايل، سبنياہ، بني، سربياہ، باني، ۽ ڪنعاني، لاوين جي ڏاڪڻ تي اُٿي بيٺا، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان وڏي سڏ دانهون ڪيائون.</verse>
				<verse number="5">تنهن کانپوءِ لاوين، يعني يشوع، ۽ قدمي ايل، باني، حسبنياہ، سربياہ، هودياہ، سبنياہ، ۽ فتحياہ چيو تہ اُٿي بيهو، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي هميشہ کان وٺي هميشہ تائين مبارڪ چئو: تہ شل تنهنجو سڳورو نالو مبارڪ هجي، جو سڀ حمد ۽ تعريف کان اعليٰ آهي.</verse>
				<verse number="6">تون ئي تون خدا آهين: تو آسمان، ۽ آسمانن جو آسمان، اُن جي سڄي لشڪر سميت، ۽ زمين ۽ ٻيون جيڪي شيون اُتي آهن، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي انهن ۾ آهي، سو سڀ تو پيدا ڪيو آهي، ۽ انهن سڀني کي تون ئي قائم رکين ٿو؛ ۽ آسمان جو لشڪر توکي سجدو ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="7">تون ئي خداوند خدا آهين، جنهن ابرام کي پسند ڪيو، ۽ جنهن کي تو ڪسدين جي اور مان ڪڍي آندو، ۽ انهيءَ کي ابرهام جو نالو ڏنو؛</verse>
				<verse number="8">۽ هن جي دل تو پنهنجي اڳيان سچي ڏٺي، ۽ هن سان اهو عهد اقرار ڪيو تہ تون ڪنعانين، حتين، امورين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين، ۽ جرجاسين جي زمين انهيءَ جي اولاد کي ڏيندين ۽ تو پنهنجو انجام پورو ڪيو؛ ڇالاءِ جو تون سچو آهين.</verse>
				<verse number="9">۽ تو اسانجن ابن ڏاڏن جي مصيبت ڏٺي ۽ ڳاڙهي سمنڊ وٽ تو هنن جي دانهن ٻڌي؛</verse>
				<verse number="10">۽ فرعون تي، ۽ سندس سڀني نوڪرن تي، ۽ سندس ملڪ جي سڀني ماڻهن تي تو نشان ۽ عجيب ڪم ڏيکاريا؛ ڇالاءِ جو توکي خبر هئي تہ هو انهن سان مغروريءَ جي هلت ٿا ڪن؛ ۽ تو پنهنجو نالو مشهور ڪيو، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ تو اُنهن جي اڳيان سمنڊ چيريو، جنهنڪري هو سمنڊ جي وچان سڪي زمين تان لنگهيا؛ ۽ هنن جي پٺيان پوڻ وارن کي تو ائين اونهي سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو، جيئن ڪو پٿر کڻي پاڻيءَ ۾ اُڇلائبو آهي.</verse>
				<verse number="12">تنهن کانسواءِ تون انهن کي ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀ سان وٺي هلئين؛ ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀ سان، انهيءَ لاءِ تہ جنهن رستي تي اُنهن کي هلڻو هجي، انهيءَ تي هنن کي روشنائي ڏين.</verse>
				<verse number="13">تون سينا جبل تي بہ آئين، ۽ تو انهن سان آسمان مان ڳالهايو، ۽ انهن کي چڱا فيصلا ۽ سچا قاعدا، عمدا قانون ۽ حڪم ڏنا:</verse>
				<verse number="14">۽ تو پنهنجو پاڪ سبت انهن کي ڄاڻايو، ۽ پنهنجي ٻانهي موسيٰ جي هٿان هنن کي حڪم، ۽ قاعدا، ۽ شريعت ڏني.</verse>
				<verse number="15">۽ هنن جي بک لاهڻ لاءِ تو آسمان مان هنن کي ماني ڏني، ۽ اُنهن جي اُڃ لاهڻ لاءِ هنن جي واسطي ٽڪر مان پاڻي ڪڍي آندو، ۽ هنن کي حڪم ڏنو تہ اُنهيءَ زمين جي هٿ ڪرڻ لاءِ وڃن، جنهن جي کين ڏيڻ لاءِ تو قسم کنيو هو.</verse>
				<verse number="16">پر هنن ۽ اسان جي ابن ڏاڏن مغروريءَ سان هلت ڪئي، ۽ پنهنجي گردن سخت ڪيائون، ۽ تنهنجا حڪم نہ ٻڌائون،</verse>
				<verse number="17">۽ انهن جي مڃڻ کان انڪار ڪيائون، ۽ جيڪي عجيب ڪم تو هنن ۾ ڪيا سي هنن ياد نہ ڪيا؛ پر پنهنجي گردن سخت ڪيائون، ۽ باغي ٿي هڪڙو سردار مقرر ڪيائون، تہ موٽي پنهنجي ٻانهپ ۾ وڃي پون: پر تون اهڙو خدا آهين جو بخشڻ لاءِ تيار، ۽ مهربان، ۽ رحم ڀريو، ۽ ڪاوڙ ۾ ڍرو، ۽ گهڻي رحم وارو آهين، ۽ تو هنن کي ڦٽو ڪري ڇڏي نہ ڏنو.</verse>
				<verse number="18">هائو، جڏهن هنن پنهنجي لاءِ پلٽيل گابو جوڙيو، ۽ چوڻ لڳا تہ اهو اسان جو خدا آهي، جنهن اسان کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ وڏا ڪاوڙ ڏيارڻ جهڙا ڪم ڪيائون؛</verse>
				<verse number="19">تڏهن بہ تو پنهنجي نهايت گهڻي رحم جي ڪري، هنن کي بيابان ۾ ڇڏي نہ ڏنو: اهو ڪڪر جو ٿنڀو ڏينهن جو هنن کي رستي ڏيکارڻ کان ڇڏي هليو نہ ويو؛ نڪي باهہ جو ٿنڀو جنهن رستي تي هنن کي هلڻو هو، تنهن جي ڏيکارڻ ۽ روشنائي ڪرڻ کان هنن کي ڇڏي ويو.</verse>
				<verse number="20">تو هنن کي تعليم ڏيڻ لاءِ پنهنجو چڱو روح بہ ڏنو، ۽ هنن جي وات کان من بہ بند ڪري نہ ڇڏيو، ۽ اُڃ لاهڻ لاءِ تو هنن کي پاڻي ڏنو.</verse>
				<verse number="21">هائو، چاليهہ سال برابر تو هنن کي بيابان ۾ پاليو، ۽ هنن کي ڪنهن بہ شيءِ جي گهرج نہ ٿي؛ هنن جا ڪپڙا پراڻا نہ ٿيا، ۽ هنن جا پير نہ سُڄيا.</verse>
				<verse number="22">تنهن کانسواءِ تو هنن کي بادشاهتون، ۽ قومون ڏنيون، جي تو هنن کي حصن موجب ورهائي ڏنيون: جنهنڪري هنن کي سيحون جو ملڪ، يعني حسبون جي بادشاهہ جو ملڪ، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جو ملڪ، ورثي ۾ مليو.</verse>
				<verse number="23">هنن جو اولاد بہ تو آسمان جي تارن جيترو وڌايو، ۽ هنن کي اُنهيءَ ملڪ ۾ آندو، جنهن جي نسبت ۾ تو هنن جي ابن ڏاڏن کي چيو تہ وڃي اُهو پنهنجي قبضي ۾ آڻيو.</verse>
				<verse number="24">تڏهن انهن جو اولاد ويو ۽ اُهو ملڪ وڃي هٿ ڪيائون، ۽ تو انهن جي اڳيان انهيءَ ملڪ جي رهاڪن کي، يعني ڪنعانين کي، شڪست ڏني، ۽ انهن کي سندن بادشاهن ۽ ملڪ جي ماڻهن سميت هنن جي هٿن ۾ ڏنو، تہ جيئن وڻين تيئن هنن سان ڪن.</verse>
				<verse number="25">۽ هنن قلعن وارا شهر ورتا، ۽ ڀلي زمين، ۽ هر قسم جي شين سان ڀريل گهر، ۽ ٽڪيل حوض، ۽ انگورن ۽ زيتونن جا باغ، ۽ بيشمار ميوي دار وڻ هٿ ڪيائون: انهيءَ طرح هنن کائي ڍءُ ڪيو، ۽ ٿلها متارا ٿيا، ۽ تنهنجيءَ وڏي ڀلائيءَ جي ڪري ڏاڍا سرها ٿيا.</verse>
				<verse number="26">انهيءَ هوندي بہ هو نافرمان ٿيا ۽ تنهنجي برخلاف بغاوت ڪيائون، ۽ تنهنجي شريعت پنهنجي پٺ جي پٺيان اُڇلائي ڇڏيائون، ۽ جن تنهنجن نبين اُنهن کي تو ڏانهن موٽي اچڻ لاءِ نصيحت ڪئي، تن کي ڪُٺائون، ۽ وڏي ڪاوڙ ڏيارڻ جهڙا ڪم ڪيائون.</verse>
				<verse number="27">تنهنڪري تو هنن کي سندن دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن هنن کي عذاب ڏنا: ۽ مصيبت جي وقت جڏهن هنن تو وٽ دانهون ڪيون، تڏهن اُهي تو آسمان مان ٻڌيون؛ ۽ پنهنجي بي انداز رحم سان تو هنن کي بچائڻ وارا ڏنا، جن هنن کي سندن دشمنن جي هٿان بچايو.</verse>
				<verse number="28">پر جڏهن هنن کي آرام آيو، تڏهن وري بہ هو تنهنجي اڳيان بڇڙائي ڪرڻ لڳا: تنهنڪري تو هنن کي سندن دشمن جي هٿن ۾ ڇڏي ڏنو، جي مٿن غالب ٿيا: انهيءَ هوندي بہ جڏهن هو موٽيا، ۽ تو وٽ دانهون ڪيائون، تڏهن تو اُهي آسمان مان ٻڌيون؛ ۽ ڪيترائي دفعا تو پنهنجي گهڻي رحم سان هنن کي ڇڏايو؛</verse>
				<verse number="29">۽ کين خبردار ڪيو، تہ تون کين پنهنجي شريعت ڏانهن موٽائي آڻين: انهيءَ هوندي بہ هو مغروريءَ سان هليا، ۽ تنهنجا حڪم نہ مڃيائون پر تنهنجن فيصلن جي برخلاف گناهہ ڪيائون، (جن تي جيڪڏهن انسان تعميل ڪري تہ اُنهن جي ڪري جيئندو رهي)، ۽ هنن پنهنجو ڪلهو ڪڍيو، ۽ پنهنجي گردن سخت ڪيائون، ۽ ٻڌڻ نہ گهريائون.</verse>
				<verse number="30">انهيءَ هوندي بہ گهڻائي سال تون سندن برداشت ڪندو رهين، ۽ تو پنهنجي روح سان پنهنجن نبين جي وسيلي، هنن جي برخلاف شاهدي پئي ڏني: تڏهن بہ هنن ڪَن نہ ڏنو: تنهنڪري تو هنن کي انهن ملڪن جي ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="31">پوءِ بہ پنهنجي بي انداز رحمت سان تو هنن کي اصل نيست نابود نہ ڪري ڇڏيو، نڪي هنن کي ڇڏي ڏنو، ڇالاءِ جو تون فضل ۽ رحم وارو خدا آهين.</verse>
				<verse number="32">تنهنڪري هاڻي، اي اسان جا خدا، عظمت، ۽ طاقت ۽ هيبت وارا خدا، جو عهد اقرار ۽ رحم قائم رکندو اچين، سو هيءَ جيڪا مصيبت اسان تي، ۽ اسانجن بادشاهن تي، ۽ اسانجن اميرن تي، ۽ اسانجن ڪاهنن تي، ۽ اسانجن نبين تي، ۽ اسانجن ابن ڏاڏن تي، ۽ تنهنجي سڄيءَ قوم تي، اسور جي بادشاهن جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آئي آهي، سا تنهنجي اڳيان ٿوري نظر نہ اچي.</verse>
				<verse number="33">انهيءَ هوندي بہ جيڪي اسان تي آيو آهي، تنهن جي ڪري تون انصاف وارو آهين؛ ڇالاءِ جو تون سچائيءَ سان هليو آهين، پر اسان بڇڙا ڪم ڪيا آهن:</verse>
				<verse number="34">نڪي اسانجن بادشاهن، اسانجن اميرن، اسانجن ڪاهنن، نڪي اسانجن ابن ڏاڏن، تنهنجي شريعت تي عمل ڪيو آهي، ۽ نہ تنهنجا حڪم، ۽ تنهنجون شاهديون ٻڌيون اٿن، جن سان تو هنن جي برخلاف شاهدي ڏني.</verse>
				<verse number="35">ڇالاءِ جو هنن پنهنجيءَ بادشاهت ۾، ۽ جيڪو وڏو احسان تو هنن سان ڪيو، ۽ جا وڏي ۽ پيدائش واري زمين تو هنن کي ڏني، تنهن هوندي بہ هنن تنهنجي عبادت نہ ڪئي، ۽ نہ هو پنهنجن بڇڙن ڪمن کان باز آيا.</verse>
				<verse number="36">ڏس، اڄ اسين غلام آهيون، ۽ جيڪا زمين تو اسان جي ابن ڏاڏن کي انهيءَ لاءِ ڏني تہ اُنهيءَ جو ڦر ۽ انهيءَ مان جيڪي شيون پيدا ٿين سي کائين، تنهن ۾ اسين غلام آهيون.</verse>
				<verse number="37">۽ اُها زمين انهن بادشاهن کي گهڻو فائدو ٿي ڏئي، جن کي تو اسان جن گناهن سبب اسان تي مقرر ڪيو آهي: هنن کي تو اسانجن جسمن تي ۽ اسان جي چوپائي مال تي اختيار ڏنو آهي، تہ جيئن وڻين تيئن ڪن، ۽ اسين ڏاڍيءَ مصيبت ۾ آهيون.</verse>
				<verse number="38">۽ انهن سڀني ڳالهين جي ڪري اسين پڪو عهد اقرار ٿا ڪريون، ۽ لکي ٿا ڏيون: ۽ اسان جا امير، ۽ اسان جا لاوي، ۽ اسان جا ڪاهن، انهيءَ تي مهر ٿا هڻن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">هاڻي جن مهر هنئي هئي سي هئا، نحمياہ بن حڪلياہ جو حاڪم هو، ۽ صدقياہ؛</verse>
				<verse number="2">سراياہ، عزرياہ، يرمياہ؛</verse>
				<verse number="3">فشحور، امرياہ، ملڪياہ؛</verse>
				<verse number="4">حطوش، سبنياہ، ملوڪ؛</verse>
				<verse number="5">حارم، مريموت، عبدياہ؛</verse>
				<verse number="6">داني ايل، جنتون، باروڪ؛</verse>
				<verse number="7">مسلام، ابياہ، ميامين؛</verse>
				<verse number="8">معزياہ، بلجي، سمعياہ: اهي هئا ڪاهن.</verse>
				<verse number="9">۽ لاوي هي هئا: يشوع بن ازيناہ، بنوي، جو حنداد جي پٽن مان هو، ۽ قدمي ايل؛</verse>
				<verse number="10">۽ انهن جا ڀائر، سبنياہ، هودياہ، قليطا؛ فلاياہ، حنان؛</verse>
				<verse number="11">ميڪا، رحوب، حسابياہ؛</verse>
				<verse number="12">زڪور، سربياہ، سبنياہ؛</verse>
				<verse number="13">هودياہ، باني، بنينو.</verse>
				<verse number="14">قوم جا سردار: پرعوس، پخت موآب، عيلام، زتو، باني؛</verse>
				<verse number="15">بني، عزجاد، ببي؛</verse>
				<verse number="16">ادونياہ، بگوي، عدين؛</verse>
				<verse number="17">اطير، حزقياہ، عزور؛</verse>
				<verse number="18">هودياہ، حاشوم، بضي؛</verse>
				<verse number="19">خاريف، عنتوت، نوبي؛</verse>
				<verse number="20">مگفيعاس، مسلام، حزير؛</verse>
				<verse number="21">مشيزبيل، صدوق، يدوع؛</verse>
				<verse number="22">فلطياہ، حنان، عناياہ؛</verse>
				<verse number="23">هوسيع، حننياہ، حسوب؛</verse>
				<verse number="24">هلوحيس، فلحا، سوبيق؛</verse>
				<verse number="25">رحوم، حسبناہ، معسياہ؛</verse>
				<verse number="26">اخياہ، حنان، عنان؛</verse>
				<verse number="27">ملوڪ، حارم، بعناہ.</verse>
				<verse number="28">۽ باقي ٻيا ماڻهو، ڪاهن، لاوي، دربان، ڳائڻ وارا، نتينيم، ۽ اُهي سڀ جن پاڻ کي خدا جي شريعت لاءِ اُنهن ملڪن جي قومن کان ڌار ڪيو هو، سندن زالون، سندن پٽ ۽ سندن ڌيئرون، اُهي سڀ جن کي عقل ۽ علم هو؛</verse>
				<verse number="29">اُهي پنهنجن ڀائرن ۽ پنهنجن اميرن سان شامل ٿيا، ۽ لعنت، ۽ قسم ۾ شامل ٿيا، تہ خدا جي انهيءَ شريعت تي هلنداسين، جا خدا جي ٻانهي موسيٰ ڏني هئي، ۽ خداوند اسان جي خدا جي سڀني حڪمن، ۽ فيصلن ۽ قاعدن کي مڃينداسين ۽ انهن تي هلنداسين؛</verse>
				<verse number="30">۽ اسين هن ملڪ جي ماڻهن کي پنهنجون ڌيئون نہ ڏينداسين، ۽ نہ هنن جون ڌيئرون پنهنجن پٽن لاءِ وٺنداسين:</verse>
				<verse number="31">۽ جيڪڏهن هن ملڪ جون قومون، ڪي بہ شيون، يا ڪي بہ طعام، سبت جي ڏينهن وڪڻڻ ايندا، تہ اسين سبت جي ڏينهن يا ٻئي ڪنهن سڳوري ڏينهن اُهي خريد نہ ڪنداسين: ۽ اسين ستون سال، ۽ سڀ قرض جي ڪوشش، ڇڏي ڏينداسين.</verse>
				<verse number="32">اسان پنهنجي لاءِ قانون بہ مقرر ڪري ڇڏيا آهن، تہ هر سال پنهنجي خداوند جي گهر جي خدمت لاءِ پنهنجي مال مان شيڪل جي ٽين پتي ڏينداسين؛</verse>
				<verse number="33">يعني نذر جي مانيءَ لاءِ، ۽ هميشہ جي کاڌي جي قربانيءَ، ۽ هميشہ جي سوختني قربانيءَ لاءِ، سبت جي ڏينهن، ۽ نئين چنڊ تي، مقرر عيدن لاءِ، ۽ پاڪ شين لاءِ، ۽ اسرائيل جو ڪفارو ڪرڻ واسطي گناهہ جي قربانين لاءِ، ۽ اسان جي خدا جي گهر جي هر قسم جي ڪم لاءِ.</verse>
				<verse number="34">۽ اسان يعني ڪاهنن، لاوين، ۽ باقي قوم ڪُڻا وڌا، انهيءَ لاءِ تہ ڪاٺين جي قرباني، سال بسال ٺهرايل وقتن تي پنهنجن ابن جي گهراڻن موجب پنهنجي خدا جي گهر ۾ آڻيون، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي قربانگاهہ تي ساڙيون، جيئن شريعت ۾ لکيل آهي:</verse>
				<verse number="35">۽ پنهنجيءَ زمين جي پهرين پيدائش، ۽ هر قسم جي وڻن جي ميون مان پهريان ميوا، سال بسال خداوند جي گهر ۾ آڻيون:</verse>
				<verse number="36">پنهنجن پٽن ۽ پنهنجي چوپائي مال مان پهريان ڄاول بہ، جيئن شريعت ۾ لکيل آهي، ۽ پنهنجن ڌڻن ۽ گلن جا پهريان ڄاول ڦر بہ، پنهنجي خدا جي گهر ۾، اُنهن ڪاهنن وٽ آڻيون، جي اسان جي خدا جي گهر ۾ خدمت ٿا ڪن:</verse>
				<verse number="37">۽ اسين پنهنجي ڳوهيل اٽي جي پهرين مُٺ، پنهنجون کڻڻ واريون قربانيون، ۽ هر قسم جي وڻن جو ميوو، شراب ۽ تيل، ڪاهنن وٽ، پنهنجي خدا جي گهر جي ڪوٺين ۾ آڻينداسين؛ ۽ پنهنجي زمين جي پيدائش جو ڏهون حصو لاوين وٽ آڻينداسين: ڇالاءِ جو اسانجن پوک وارن سڀني شهرن ۾ لاوي ڏهون حصو وٺندا آهن.</verse>
				<verse number="38">۽ ڪاهن، جو هارون جو پٽ آهي، سو لاوين جي ڏهين حصي اُڳاڙڻ وقت ساڻن حاضر رهندو: ۽ لاوي انهيءَ ڏهين حصي جو ڏهون حصو، اسان جي خدا جي گهر جي ڪوٺين ۾، خزاني جي گهر ۾ آڻيندا.</verse>
				<verse number="39">ڇالاءِ جو بني اسرائيل، ۽ بني لاوي اَن ۽ شراب، ۽ تيل جي کڻڻ واري قرباني ڪوٺين ۾ آڻيندا، جتي پاڪ مڪان جا باسڻ، ۽ خدمت ڪرڻ وارا ڪاهن، ۽ دربان، ۽ ڳائڻ وارا آهن: ۽ اسين پنهنجي خدا جو گهر ڇڏي نہ ڏينداسين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">۽ قوم جا امير يروشلم ۾ رهندا هئا: باقي ٻين ماڻهن بہ ڪُڻا وڌا تہ ڏهن ماڻهن مان هڪڙو يروشلم جي پاڪ شهر ۾ اچي رهي، ۽ نوَ حصا ٻين شهرن ۾.</verse>
				<verse number="2">۽ جن ماڻهن خوشيءَ سان يروشلم ۾ رهڻ قبول ڪيو، تن سڀني کي ماڻهن برڪت جي دعا ڏني.</verse>
				<verse number="3">هاڻي جيڪي پرڳڻي جا سردار يروشلم ۾ رهندا هئا، سي هي آهن: (پر يهوداہ جي شهرن ۾ هرڪو ماڻهو پنهنجي شهر ۽ پنهنجي جائيداد ۾ رهندو هو، يعني اسرائيلي، ڪاهن، ۽ لاوي، ۽ نتينيم، ۽ سليمان جي نوڪرن جو اولاد.</verse>
				<verse number="4">۽ يروشلم ۾ ڪي بني يهوداہ مان، ۽ ڪي بني بنيمين مان رهندا هئا.) بني يهوداہ مان: عتاياہ، بن عزياہ، بن زڪرياہ، بن امرياہ، بن سفطياہ، بن مهلل ايل، بن فارص.</verse>
				<verse number="5">۽ معسياہ بن باروڪ، بن ڪلحوزہ، بن حزاياہ، بن عداياہ، بن يويريب، بن زڪرياہ، جو شلونيءَ جو پٽ هو.</verse>
				<verse number="6">فارص جا پٽ، جي يروشلم ۾ رهندا هئا، سي ڪل چار سؤ اٺهٺ بهادر مرد هئا.</verse>
				<verse number="7">بني بنيمين هي آهن: سلو بن مسلام، بن يوعيد، بن فداياہ، بن قولاياہ، بن معسياہ، بن ايتي ايل، بن يسعياہ.</verse>
				<verse number="8">۽ انهيءَ کانپوءِ جبي، ۽ سلي، ڪل نوَ سؤ اٺاويهہ.</verse>
				<verse number="9">۽ يوايل بن زڪري، انهن جي مٿان نظر ڪندڙ هو: ۽ يهوداہ بن هسنوہ، شهر جي حاڪم جو نائب هو.</verse>
				<verse number="10">ڪاهنن مان: يدعياہ، بن يويريب، ۽ ياڪين،</verse>
				<verse number="11">شراياہ بن خلقياہ، بن مسلام، بن صدوق، بن مرايوت، بن اخيطوب، جو خدا جي گهر جو عملدار هو،</verse>
				<verse number="12">۽ انهن جا ڀائر، جي هيڪل جو ڪم ڪار ڪندا هئا، سي اٺ سؤ ٻاويهہ هئا: ۽ عداياہ بن يروحام، بن فللياہ، بن امضي، بن زڪرياہ، بن فشحور، بن ملڪياہ.</verse>
				<verse number="13">۽ ان جا ڀائر، جي ابن جي گهراڻن جا سردار هئا، ٻہ سؤ ٻائيتاليهہ: ۽ امشي بن عزرايل، بن اخسي، بن مسيلموت، بن امير،</verse>
				<verse number="14">۽ انهن جا ڀائر، جي همت وارا بهادر مرد هئا، هڪ سؤ اٺاويهہ: ۽ انهن جي مٿان سردار زيدي ايل بن هجدوليم.</verse>
				<verse number="15">۽ لاوي: سمعياہ، بن حسوب، بن عزريقام، بن حسبياہ، بن بني؛</verse>
				<verse number="16">۽ سبتي ۽ يوزباد، اِهي لاوين جي سردارن مان هئا، جي خدا جي گهر جي ٻاهرين ڪم ڪار تي نظر ڪندا هئا؛</verse>
				<verse number="17">۽ متنياہ، بن ميڪا، بن زبدي، بن آسف، جو شڪرگذاريءَ جي عبادت شروع ڪرڻ وقت پيشوا هوندو هو، ۽ بقبوقياہ جو ان جي ڀائرن مان ٻيو هو؛ ۽ عبدا بن سموع، بن جلال، بن يدوتون.</verse>
				<verse number="18">انهيءَ پاڪ شهر ۾، ڪل لاوي، ٻہ سؤ چوراسي هئا.</verse>
				<verse number="19">تنهن کانسواءِ، دربان، عقوب، طلمون ۽ انهن جا ڀائر، جي درن جي نگهباني ڪندا هئا، سي هڪ سؤ ٻاهتر هئا.</verse>
				<verse number="20">۽ باقي اسرائيلي، ڪاهنن ۽ لاوين مان، يهوداہ جي سڀني شهرن ۾ هئا، هرڪو پنهنجي پنهنجي موروثي حصي ۾.</verse>
				<verse number="21">پر نتينيم، عوفل ۾ رهندا هئا: ۽ ضيحا ۽ جسفا، نتينيم جي مٿان هوندا هئا.</verse>
				<verse number="22">پر يروشلم ۾ لاوين جي مٿان نظر ڪندڙ عزي بن باني، بن حسبياہ، بن متنياہ، بن ميڪا بہ هوندو هو، جو آسف جي پٽن مان هو، جي ڳائيندڙ هئا، ۽ خدا جي گهر تي ڪم ڪار تي مقرر هو.</verse>
				<verse number="23">ڇالاءِ جو انهن جي نسبت ۾ بادشاهہ جو حڪم جاري ٿيل هو، ۽ ڳائيندڙن جي لاءِ هر روز جي گهرج موجب، ڀتو مقرر ٿيل هو.</verse>
				<verse number="24">۽ فتحياہ بن مشيزبيل، جو زارح بن يهوداہ جي اولاد مان هو، سو قوم جي هر طرح جي ڪم ڪار لاءِ بادشاهہ وٽ حاضر هوندو هو.</verse>
				<verse number="25">۽ ڳوٺن ۽ انهن جي ٻنين لاءِ، بني يهوداہ مان ڪي قريت اربع ۽ ان جي شهرن ۾، ديبون، ۽ ان جي شهرن ۾، ۽ يقبضي ايل، ۽ ان جي ڳوٺن ۾ رهندا هئا؛</verse>
				<verse number="26">۽ يشوع ۾، ۽ مولاداہ ۾، ۽ بيت فلط ۾؛</verse>
				<verse number="27">۽ حصرسوعال ۾، ۽ بيرسبع ۽ اُن جي شهرن ۾؛</verse>
				<verse number="28">۽ صقلاج ۾، ۽ مقوناہ ۽ ان جي شهرن ۾؛</verse>
				<verse number="29">۽ عين رمون ۾، ۽ صارعاہ ۾، يارموت ۾؛</verse>
				<verse number="30">زانواح، عدلام ۽ انهن جي ڳوٺن ۾، لڪيس ۽ ان جي ٻنين ۾، عزيقہ ۽ ان جي شهرن ۾. انهيءَ طرح هو بيرسبع کان وٺي، هنوم جي واديءَ تائين منزل ڪري ويا.</verse>
				<verse number="31">بني بنيمين بہ جبع کان وٺي اڳتي، مڪماس، ۽ عياہ ۾، ۽ بيت ايل، ۽ ان جي شهرن ۾ رهڻ لڳا؛</verse>
				<verse number="32">عنتوت، نوب، عننياہ؛</verse>
				<verse number="33">حاصور، رامہ، جتيم؛</verse>
				<verse number="34">حاديد، ضبوعيم، نبلاط؛</verse>
				<verse number="35">لود ۽ اونو ۾، جا ڪاريگرن جي وادي آهي.</verse>
				<verse number="36">۽ لاوين مان ڪي حصا جي يهوداہ ۾ هئا، بنيمين سان شامل ٿيا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">هاڻي جيڪي ڪاهن ۽ لاوي، زربابل بن سالتي ايل، ۽ يشوع سان گڏ موٽي آيا، سي هي آهن، سراياہ، يرمياہ، عزرا؛</verse>
				<verse number="2">امرياہ، ملوڪ، حطوش؛</verse>
				<verse number="3">سڪنياہ، رحوم، مريموت؛</verse>
				<verse number="4">عدو، جنتو، ابياہ؛</verse>
				<verse number="5">ميامين، معدياہ، بلجہ؛</verse>
				<verse number="6">سمعياہ، ۽ يويريب، يدعياہ؛</verse>
				<verse number="7">سلو، عموق، خلقياہ، يدعياہ. اهي هئا يشوع جي ڏينهن ۾ ڪاهنن ۽ انهن جي ڀائرن جا سردار.</verse>
				<verse number="8">انهن کانسواءِ لاوي: يشوع، بنوي، قدمي ايل، سيربياہ، يهوداہ، متنياہ، جو پنهنجن ڀائرن سميت، شڪرگذاريءَ جي عبادت جي مٿان هو.</verse>
				<verse number="9">۽ بقبوقياہ ۽ عنو، انهن جا ڀائر، انهن جي سامهون مقرر جاين ۾ هئا.</verse>
				<verse number="10">۽ يشوع مان يويقيم ڄائو، ۽ يويقيم مان الياسب ڄائو، ۽ الياسب مان يدوع ڄائو،</verse>
				<verse number="11">۽ يدوع مان يونتن، ۽ يونتن مان يدوع ڄائو.</verse>
				<verse number="12">۽ يويقيم جي ڏينهن ۾ ڪي ڪاهن، ابن جي گهراڻن جا رئيس هئا: سراياہ مان مراياہ؛ يرمياہ مان حننياہ؛</verse>
				<verse number="13">عزرا مان مسلام؛ امرياہ مان يهوحنان؛</verse>
				<verse number="14">ملڪو مان يونتن: سبنياہ مان يوسف؛</verse>
				<verse number="15">حارم مان عدنا؛ مرايوت مان خلقي؛</verse>
				<verse number="16">عدو مان زڪرياہ؛ جنتون مان مسلام؛</verse>
				<verse number="17">ابياہ مان زڪري؛ منيمن مان، موعدياہ مان فلطي؛</verse>
				<verse number="18">بلجہ مان سموع، سمعياہ مان يهونتن؛</verse>
				<verse number="19">۽ يويريب مان متني؛ يدعياہ مان عزي؛</verse>
				<verse number="20">سلي مان قلي؛ عموق مان عبر؛</verse>
				<verse number="21">خلقياہ مان حسبياہ؛ يدعياہ مان نتني ايل.</verse>
				<verse number="22">الياسب، يويدع، يوحنان ۽ يدوع جي ڏينهن ۾، لاوين جي ابن جي گهراڻن جا رئيس داخل ڪيا ويا هئا: ۽ دارا فارسيءَ جي بادشاهت ۾ ڪاهن بہ.</verse>
				<verse number="23">لاويءَ جا پٽ، جي ابن جي گهراڻن جا رئيس هئا، سي تواريخ جي ڪتاب ۾، يوحنان بن الياسب جي ڏينهن تائين لکيل هئا.</verse>
				<verse number="24">۽ لاوين جا سردار هي هئا: حسبياہ، سيربياہ ۽ يشوع بن قدمي ايل سندن ڀائرن سميت، جي خداوند جي مرد دائود جي حڪم موجب، تعريف ۽ شڪرگذاريءَ جي عبادت ۾ هڪ ٻئي جي سامهون مقرر هئا.</verse>
				<verse number="25">متنياہ، بقبوقياہ، عبدياہ، مسلام، طلمون، عقوب، دربان هئا، جي دروازي وارن انبارخانن جي ڪوٺين تي پهرو ڏيندا هئا.</verse>
				<verse number="26">يويقيم بن يشوع، بن يوصدق جي ڏينهن ۾، ۽ نحمياہ حاڪم، ۽ عزرا ڪاهن ۽ اُستاد جي ڏينهن ۾ اهي هوندا هئا.</verse>
				<verse number="27">۽ يروشلم جي ڀت جي وقف ڪرڻ وقت سڀني جاين تان لاوين کي ڳوليائون، انهيءَ لاءِ تہ انهن کي وٺي يروشلم ۾ آڻين، تہ اها وقف ڪرڻ جي رسم خوشيءَ سان، ۽ شڪرگذاري ڪرڻ سان، ۽ جهانجهن، سنطورن، ۽ بربطن تي ڳائڻ سان بجا آڻين.</verse>
				<verse number="28">۽ ڳائڻ وارن جا پٽ، يروشلم جي آس پاس واري ميدان مان، توڙي نطوفاتين جي ڳوٺن مان اچي گڏ ٿيا؛</verse>
				<verse number="29">۽ بيت جلجال مان، ۽ جبع، ۽ عزماوت جي ٻنين مان بہ: ڇالاءِ جو ڳائڻ وارن يروشلم جي آس پاس پنهنجا ڳوٺ ٻڌا هئا.</verse>
				<verse number="30">۽ ڪاهنن ۽ لاوين پاڻ کي پاڪ ڪيو؛ ۽ هنن ماڻهن کي، ۽ درن کي، ۽ ڀت کي بہ پاڪ ڪيو.</verse>
				<verse number="31">تنهن کان پوءِ مون يهوداہ جي اميرن کي ڀت تي آندو، ۽ ٻہ وڏيون ٽوليون مقرر ڪيم، جن شڪرگذاري ادا ڪئي، ۽ قطار ٻڌي جلوس ۾ هليا؛ انهن مان هڪڙي ٽولي ڀت تي سڄي هٿ پاسي ڇيڻن واري دروازي ڏانهن ويئي:</verse>
				<verse number="32">۽ انهن جي پٺيان هوسعياہ، ۽ يهوداہ جي اميرن مان اڌ جيترا هليا،</verse>
				<verse number="33">۽ عزرياہ، عزرا، ۽ مسلام،</verse>
				<verse number="34">يهوداہ، ۽ بنيمين ۽ سمعياہ، ۽ يرمياہ.</verse>
				<verse number="35">۽ ڪاهنن جي پٽن مان ڪي قرنائين سان ويا: زڪرياہ بن يونتن، بن سمعياہ، بن متنياہ، بن ميڪاياہ، بن زڪور، بن آسف؛</verse>
				<verse number="36">۽ ان جا ڀائر سمعياہ، ۽ عزرايل، مللي، جللي، ماعي، نتني ايل ۽ يهوداہ، ۽ حناني، خدا جي مرد دائود جي ڳائڻ وارن سازن سان؛ ۽ عزرا اُستاد انهن جي اڳيان هو:</verse>
				<verse number="37">۽ چشمي واري در جي ڀرسان، ۽ سڌو انهن جي اڳيان، هو دائود جي شهر جي ڏاڪڻ تان ڀت جي چاڙهيءَ وٽ، دائود جي گهر جي مٿان، اُڀرندي ڏانهن پاڻيءَ واري دروازي تائين، چڙهي هليا ويا.</verse>
				<verse number="38">۽ انهن جي ٻي ٽولي، جنهن شڪرگذاري ادا ٿي ڪئي سا هنن کي گڏجڻ ويئي، ۽ انهن جي پٺيان آءٌ باقي ماڻهن جي اڌ سان، ڀت تي کورن واري ٺلهہ جي مٿان، ڪشاديءَ ڀت تائين هليو ويس؛</verse>
				<verse number="39">۽ افرائيم واري دروازي جي مٿان، ۽ پراڻي دروازي، ۽ مڇيءَ واري دروازي، ۽ حنن ايل جي ٺلهہ، ۽ همياہ جي ٺلهہ جي پاسي کان، رڍن واري دروازي تائين: ۽ پهري واري دروازي وٽ هو ماٺ ڪري بيهي رهيا.</verse>
				<verse number="40">انهيءَ طرح شڪرگذاري ڪندڙن جون ٻئي ٽوليون خدا جي گهر ۾ بيهي رهيون، ۽ آءٌ بہ، ۽ اميرن مان اڌ جيترا، جي مون سان هئا:</verse>
				<verse number="41">۽ ڪاهن الياقيم، معسياہ، منيمين، ميڪاياہ، اليوعيني، زڪرياہ ۽ حننياہ، قرنائين سان؛</verse>
				<verse number="42">۽ معسياہ، ۽ سمعياہ، ۽ اليعزر، ۽ عزي، ۽ يهوحنان، ۽ ملڪياہ، ۽ عيلام، ۽ عزر، پنهنجي سردار ازرخياہ سميت زور سان ڳايو.</verse>
				<verse number="43">۽ انهيءَ ڏينهن هنن وڏيون قربانيون چاڙهيون، ۽ خوشيون ڪيون، ڇالاءِ جو خدا هنن کي وڏي خوشي ڪرائي هئي؛ ۽ زالن ۽ ٻارن بہ خوشي ڪئي: جنهنڪري يروشلم جي خوشيءَ جو آواز پري تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو.</verse>
				<verse number="44">انهيءَ ڏينهن خزاني وارين ڪوٺين تي، کڻڻ وارين قربانين لاءِ، پهرين ڦرن لاءِ، ۽ ڏهاڪيءَ لاءِ، ماڻهو مقرر ڪيا ويا، انهيءَ لاءِ تہ شهرن جي ٻنين موجب، جيڪي حصا شريعت موجب ڪاهنن ۽ لاوين لاءِ مقرر ڪيل هئا، سي انهن ۾ آڻي گڏ ڪن: ڇالاءِ جو يهوداہ ڪاهنن لاءِ، ۽ خدمت ڪندڙ لاوين لاءِ بہ خوشيون ڪيون.</verse>
				<verse number="45">۽ هنن پنهنجي خدا جو فرض، ۽ پاڪ ڪرڻ جو فرض بجاءِ آندو، ۽ ڳائڻن ۽ دربانن بہ ائين ئي ڪيو، جهڙيءَ طرح دائود جو، ۽ سندس پٽ سليمان جو حڪم هو.</verse>
				<verse number="46">ڇالاءِ جو قديم زماني ۾، يعني دائود، ۽ آسف جي ڏينهن ۾، ڳائڻ وارن جو هڪڙو سردار هوندو هو، ۽ خدا جي تعريف ۽ شڪرگذاريءَ جا راڳ ڳايا ويندا هئا.</verse>
				<verse number="47">۽ زربابل جي ڏينهن ۾، ۽ نحمياہ جي ڏينهن ۾، سڀ اسرائيلي ڳائڻ وارن، ۽ دربانن جي لاءِ روزمرہ جي گهرج موجب حصا ڏيندا هئا؛ ۽ هو لاوين جي لاءِ ڌار ڪندا هئا، ۽ لاوي هارون جي پٽن لاءِ ڌار ڪندا هئا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">انهيءَ ڏينهن ماڻهن جي ٻڌندي هنن موسيٰ جو ڪتاب پڙهيو؛ ۽ انهيءَ ۾ لکيل ڏسڻ ۾ آيو تہ عموني ۽ موآبي خدا جي جماعت ۾ ڪڏهن بہ داخل نہ ٿين؛</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو هو مانيءَ ۽ پاڻيءَ سان بني اسرائيل جي استقبال لاءِ نہ آيا، پر اُٽلندو هنن کي لعنت وجهڻ لاءِ بلعام کي ڀاڙي ڪيائون؛ انهيءَ هوندي بہ خداوند انهيءَ لعنت کي ڦيرائي برڪت ڪيو.</verse>
				<verse number="3">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن شريعت ٻڌي، تڏهن انهن انهي مليل جليل قوم کي اسرائيل کان ڌار ڪيو.</verse>
				<verse number="4">هاڻي هن کان اڳي، الياسب ڪاهن، جو خدا جي گهر جي ڪوٺين تي مقرر هو، تنهن طوبياہ جو مائٽ هئڻ ڪري،</verse>
				<verse number="5">سندس لاءِ هڪڙي وڏي ڪوٺي تيار ڪئي هئي، جتي اڳي کاڌي جون قربانيون، لوبان ۽ باسڻ ۽ اَن جون ڏهاڪيون، شراب ۽ تيل، جو حڪم موجب لاوين ۽ ڳائڻن ۽ دربانن کي ڏبو هو، ۽ ڪاهنن جي لاءِ کڻڻ جون قربانيون، رکڻ ۾ اينديون هيون.</verse>
				<verse number="6">پر اُهو سڄو وقت آءٌ يروشلم ۾ نہ هوس: ڇالاءِ جو بابل جي بادشاهہ ارتخششتا جي ٻٽيهين سال ۾ آءٌ انهيءَ بادشاهہ وٽ موٽي ويس، ۽ ڪن ڏينهن کانپوءِ بادشاهہ کان موڪل گهريم:</verse>
				<verse number="7">پوءِ آءٌ يروشلم ۾ آيس، ۽ خدا جي گهر جي ايوانن ۾ طوبياہ لاءِ ڪوٺي تيار ڪرڻ سان جيڪا خرابي الياسب ڪئي هئي سا معلوم ڪيم.</verse>
				<verse number="8">۽ انهيءَ ڪري آءٌ ڏاڍو رنج ٿيس: ۽ طوبياہ جو جيڪو گهرو سامان هو، سو ڪوٺيءَ مان ڪڍي اُڇلائي ڇڏيم.</verse>
				<verse number="9">پوءِ منهنجي حڪم موجب هنن ڪوٺيون صاف ڪيون: ۽ اتي وري مون خدا جي گهر جا باسڻ، کاڌي جي قربانين ۽ لوبان سميت آڻي رکيا.</verse>
				<verse number="10">۽ مون کي معلوم ٿيو تہ لاوين جا حصا هنن کي نہ ڏنا ويا هئا؛ جنهنڪري سڀيئي لاوي ۽ ڳائڻ وارا، جي ڪم ڪندا هئا سي پنهنجين ٻنين ڏانهن ڀڄي ويا هئا.</verse>
				<verse number="11">تڏهن آءٌ حاڪمن سان جهيڙو ڪرڻ لڳس، ۽ چيومان تہ ڇو خداوند جو گهر ڇڏي ڏنو ويو آهي؟ ۽ مون انهن ماڻهن کي گڏ ڪري سندن جاءِ تي ويهاريو.</verse>
				<verse number="12">پوءِ سڄي يهوداہ، اَن، ۽ شراب، ۽ تيل جي ڏهاڪي خزانن ۾ آندي.</verse>
				<verse number="13">۽ انهن خزانن تي مون سلمياہ ڪاهن، ۽ صدوق محرر، ۽ لاوين مان فداياہ کي خزانچي مقرر ڪيو: ۽ انهن کانپوءِ حنان بن زڪور، بن متنياہ کي مقرر ڪيم: ڇالاءِ جو اُهي ايماندار شمار ڪيل هئا، ۽ انهن جو ڪم هو تہ پنهنجن ڀائرن کي حصا ورهائي ڏين.</verse>
				<verse number="14">اي منهنجا خدا، انهيءَ جي ڳالهہ جي نسبت ۾ مون کي ياد ڪج ۽ جيڪي چڱا ڪم مون پنهنجي خدا جي گهر لاءِ ۽ اُن جي رسمن راهن پورين ڪرڻ لاءِ ڪيا، سي ميٽي نہ ڇڏج.</verse>
				<verse number="15">انهن ڏينهن ۾ مون يهوداہ منجهہ سبت جي ڏينهن ڪن ماڻهن کي شراب جي چيچڙن کي لتاڙيندو، ۽ اَن جا سنگ آڻي گڏهن تي لڏيندو ڏٺو؛ تنهن کانسواءِ شراب، انگور ۽ انجير ۽ ٻيو هر طرح جو بار سبت جي ڏينهن يروشلم ۾ ٿي آندائون: ۽ جنهن ڏينهن هنن اهي کاڌي جون شيون ٿي وڪڻيون، انهيءَ ڏينهن مون مٿن عتاب آندو.</verse>
				<verse number="16">انهيءَ ۾ صور جا ماڻهو بہ رهندا هئا، جي مڇي، ۽ ٻيو هر قسم جو سامان آڻي سبت جي ڏينهن بني يهوداہ کي، يروشلم ۾ وڪڻندا هئا.</verse>
				<verse number="17">تڏهن مون يهوداہ جي اميرن سان تڪرار ڪيو، ۽ چيومان تہ اوهين هي ڪهڙو خراب ڪم ٿا ڪريو، جو سبت جو ڏينهن پليت ٿا ڪريو؟</verse>
				<verse number="18">اوهان جي ابن ڏاڏن ڪين ائين ڪيو، ۽ انهيءَ ڪري اسان جي خدا اسان تي ۽ هن شهر تي هيءَ سڀ خرابي آندي؟ اڃا بہ سبت جي ڏينهن پليت ڪرڻ سان اوهين اسرائيل تي وڌيڪ ڪاوڙ ٿا آڻيو.</verse>
				<verse number="19">۽ هيئن ٿيو تہ سبت جي ڏينهن کان اڳي، جڏهن يروشلم جي دروازن ۾ اونداهي ٿيڻ لڳي، تڏهن مون حڪم ڏنو تہ دروازا بند ڪريو، ۽ اهو بہ حڪم ڏنو تہ جيستائين سبت لنگهي نہ وڃي، تيستائين اُهي نہ کوليو: ۽ پنهنجن نوڪرن مان ڪن کي مون دروازن جي نظرداريءَ لاءِ ويهاريو، تہ متان سبت جي ڏينهن ڪو بار اندر کڄي اچي.</verse>
				<verse number="20">انهيءَ ڪري هر قسم جي سامان جا سوداگر ۽ وڪري ڪندڙ هڪڙو يا ٻہ ڀيرا يروشلم جي ٻاهران رات رهي پيا.</verse>
				<verse number="21">تڏهن مون هنن کي عتاب ڏيئي چيو تہ ڀت جي آس پاس ڇو ٿا رات رهو؟ جيڪڏهن اوهين وري ائين ڪندا تہ اوهان کي پڪڙيندس. انهيءَ وقت کان وٺي هو وري سبت جي ڏينهن نہ آيا.</verse>
				<verse number="22">۽ مون لاوين کي حڪم ڏنو تہ پاڻ کي پاڪ ڪري اچي دروازن جي نگهباني ڪن، تہ سبت جو ڏينهن پاڪ رهي. اي منهنجا خدا، اهو بہ منهنجي حق ۾ ياد رکج، ۽ پنهنجيءَ وڏيءَ رحمت موجب مون کي معاف ڪج.</verse>
				<verse number="23">انهن ڏينهن ۾ مون ڪي يهودي ڏٺا، جن اشدود ۽ عمون، ۽ موآب جون زالون پرڻيون هيون:</verse>
				<verse number="24">۽ انهن جا ٻار اڌ اشدودي ٻولي ڳالهائيندا هئا، ۽ يهودين جي ٻولي ڳالهائي نہ سگهندا هئا، پر هرڪا قوم پنهنجي ٻولي ڳالهائيندي هئي.</verse>
				<verse number="25">۽ مون انهن سان جهيڙو ڪيو، ۽ پٽيومان، ۽ منجهان ڪن کي ڌڪ هنيم، ۽ سندن وار پَٽيم، ۽ خدا جو قسم کڻائي چيومان تہ اوهين پنهنجون ڌيئرون هنن جي پٽن کي متان ڏيو، نڪي هنن جون ڌيئرون پنهنجن پٽن لاءِ يا پاڻ لاءِ وٺجو.</verse>
				<verse number="26">اسرائيل جي بادشاهہ سليمان انهن ڳالهين جي ڪري گناهہ نہ ڪيو هو ڇا؟ جيتوڻيڪ هن جهڙو بادشاهہ گهڻين قومن ۾ ڪونہ هو، ۽ هو پنهنجي خدا جو پيارو هو، ۽ خدا هن کي سڄي اسرائيل جو بادشاهہ ڪيو: انهيءَ هوندي بہ هن کان ڌارين زالن گناهہ ڪرائي وڌو.</verse>
				<verse number="27">تڏهن اسين اوهان جي ڳالهہ مڃي هيءَ سڀ کان وڏي خرابي ڪريون ڇا، ۽ ڌاريون زالون پرڻجي خدا جو گناهہ ڪريون ڇا؟</verse>
				<verse number="28">يويدع بن الياسب سردار ڪاهن جي پٽن مان هڪڙو سنبلط حورونيءَ جو ناٺي هو: تنهنڪري مون هن کي پاڻ وٽان هڪلي ڪڍيو.</verse>
				<verse number="29">اي منهنجا خدا، انهن جي يادگيري ڪج، ڇالاءِ جو انهن ڪهانت کي، ۽ ڪاهنن جي، ۽ لاوين جي عهد اقرار کي ناپاڪ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="30">انهيءَ طرح مون هنن کي سڀني غير قومن کان پاڪ ڪيو، ۽ ڪاهنن ۽ لاوين مان هر ڪنهن جي لاءِ فرض، ۽ ڪم مقرر ڪري ڇڏيم؛</verse>
				<verse number="31">۽ ٺهرايل وقتن تي ڪاٺين جي نذراني، ۽ پهرين ڦر لاءِ بہ انهن کي مقرر ڪيم. اي منهنجا خدا، منهنجي يادگيري چڱائيءَ لاءِ ڪج.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="17">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">هاڻي اخسويرس (هي اهو اخسويرس آهي جنهن هندوستان کان وٺي ڪوش تائين هڪ سؤ ستاويهن پرڳڻن تي بادشاهي ڪئي) تنهن جي ڏينهن ۾ هيئن ٿيو:</verse>
				<verse number="2">تہ جڏهن انهن ڏينهن ۾ بادشاهہ اخسويرس پنهنجي بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو، جو سوسن جي محلات ۾ هو،</verse>
				<verse number="3">تڏهن، سندس بادشاهيءَ جي ٽئين سال ۾، هن پنهنجن سڀني اميرن ۽ ملازمن جي مهماني ڪئي؛ فارس ۽ مادي جا زور وارا ماڻهو، ۽ پرڳڻن جا امير ۽ والي، اچي وٽس حاضر ٿيا:</verse>
				<verse number="4">تڏهن هن گهڻن ڏينهن تائين، يعني هڪ سؤ اسي ڏينهن تائين، وڏي بادشاهت جي دولت، ۽ پنهنجي وڏي عظمت ۽ عزت پئي ڏيکاري.</verse>
				<verse number="5">جڏهن اهي ڏينهن پورا ٿيا، تڏهن جيڪي ماڻهو، وڏا توڙي ننڍا، سوسن جي محلات ۾ حاضر هئا، تن جي بادشاهہ جي محلات جي باغ جي ايوان ۾ هن ستن ڏينهن تائين مهماني ڪئي؛</verse>
				<verse number="6">اڇي ڪپڙي، ۽ سائي ۽ نيري رنگ جا پردا، عمدي سڻيءَ ۽ واڱڻائي رنگ جي رسن سان، چانديءَ جي ڇلن ۽ سنگ مرمر جي ٿنڀن سان ٻڌل هئا: ڳاڙهي، ۽ اڇي، ۽ پيلي، ۽ ڪاري سنگ مرمر جي فرش تي سون ۽ چانديءَ جا پلنگ رکيل هئا.</verse>
				<verse number="7">۽ انهن کي سونن باسڻن ۾ (جي باسڻ هڪ ٻئي کان علحدي قسم جا هئا) ٿي پياريائون؛ ۽ شاهي شراب، بادشاهہ جي سخاوت موجب، بي انداز هو.</verse>
				<verse number="8">۽ اُهو پيئڻ بہ قاعدي موجب هو؛ ڪوبہ زور ڪري نہ ٿي سگهيو؛ ڇالاءِ جو بادشاهہ پنهنجي گهر جي سڀني عملدارن کي اهڙو حڪم ڏنو هو تہ سڀ ڪم هر ڪنهن ماڻهوءَ جي مرضيءَ موجب ڪن.</verse>
				<verse number="9">ساڳيءَ طرح راڻي وشتي، جيڪو شاهي گهر بادشاهہ اخسويرس جو هو، تنهن ۾ زالن جي مهماني ڪئي.</verse>
				<verse number="10">ستين ڏينهن جڏهن بادشاهہ جي دل شراب جي ڪري خوش ٿي، تڏهن هن مهومان، بزتا، خربوناہ، بگتا، ۽ ابگتا، ۽ زتار، ۽ ڪرڪس کي حڪم ڏنو، جي ست ناظر اخسويرس بادشاهہ جي اڳيان خدمت ڪندا هئا،</verse>
				<verse number="11">تہ راڻيءَ وشتيءَ کي شاهي تاج سان وٺي اچو، تہ عام ماڻهن کي، ۽ اميرن کي پنهنجو حسن ڏيکاري، ڇالاءِ جو اُها خوبصورت هئي.</verse>
				<verse number="12">پر راڻيءَ وشتيءَ بادشاهہ جي حڪم تي ناظرن سان اچڻ کان انڪار ڪيو: تنهنڪري بادشاهہ ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ ڪاوڙ منجهس ڏاڍي جوش واري ٿيڻ لڳي.</verse>
				<verse number="13">تڏهن بادشاهہ انهن ڏاهن ماڻهن کي چيو، جي وقت کي سڃاڻندا هئا، (ڇالاءِ جو جيڪي ماڻهو قاعدو ۽ حڪم ڄاڻندا هئا، تن سان بادشاهہ جي هلت اهڙي ئي هوندي هئي؛</verse>
				<verse number="14">۽ جن جو بادشاهہ کان ٻيو درجو هو، ۽ ڪارشينا، ستار، ادماتا، ترسيس، مرس، مرسنا ۽ مموڪان، جي فارس ۽ مادي جا ست امير، جي بادشاهہ جو منهن ڏسندا هئا، ۽ بادشاهت ۾ اول درجي تي ويهندا هئا:)</verse>
				<verse number="15">تہ اسين راڻيءَ وشتيءَ سان قاعدي موجب ڇا ڪريون، ڇالاءِ جو هن بادشاهہ اخسويرس جو حڪم ناظرن جي وسيلي، بجاءِ نہ آندو آهي؟</verse>
				<verse number="16">تڏهن مموڪان بادشاهہ جي ۽ اميرن جي اڳيان ورندي ڏيئي چيو تہ راڻيءَ وشتيءَ نہ رڳو بادشاهہ جو قصور ڪيو آهي، پر سڀني اميرن جو ۽ سڀني ماڻهن جو بہ، جي بادشاهہ اخسويرس جي سڀني پرڳڻن ۾ آهن.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو راڻيءَ جي انهي ڪم جي خبر سڀني زالن کي پوندي، ۽ انهيءَ ڪري اُنهن جا مڙس سندن نظر ۾ حقارت جهڙا ٿيندا، ۽ انهيءَ وقت ائين چوڻ ۾ ايندو تہ جڏهن بادشاهہ اخسويرس راڻيءَ وشتيءَ کي حڪم ڏنو تہ سندس اڳيان اچي، تڏهن هوءَ نہ آئي.</verse>
				<verse number="18">۽ اڄوڪي ڏينهن فارس ۽ مادي جي جن اميرزادين راڻيءَ جي انهيءَ ڪم جي ڳالهہ ٻڌي آهي، سي بادشاهہ جي اميرن کي بہ ائين ئي چونديون. انهيءَ ڪري گهڻي نفرت ۽ ڪاوڙ پيدا ٿيندي.</verse>
				<verse number="19">جيڪڏهن بادشاهہ جي مرضي هجي تہ هڪڙو شاهي اشتهار جاري ڪيو وڃي ۽ فارسين ۽ مادين جي قاعدن ۾ اهو لکيو وڃي ۽ وري نہ بدلي، تہ وشتي وري ڪڏهن بہ بادشاهہ اخسويرس جي اڳيان نہ اچي: ۽ بادشاهہ ان جو شاهي درجو ڪنهن ٻيءَ زال کي ڏئي، جا کانئس بهتر هجي.</verse>
				<verse number="20">۽ جڏهن بادشاهہ جو اهو جاري ڪيل حڪم سندس سڄيءَ بادشاهت ۾ پڌرو ڪيو ويندو (ڇالاءِ جو اُها بادشاهت وڏي آهي) تڏهن سڀ زالون پنهنجن مڙسن کي عزت ڏينديون، وڏيون توڙي ننڍيون.</verse>
				<verse number="21">۽ اها ڳالهہ بادشاهہ ۽ اميرن کي پسند آئي؛ ۽ بادشاهہ، مموڪان جي چوڻ موجب ڪيو:</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ جو هن بادشاهہ جي سڀني پرڳڻن مان هرهڪ ۾، اُتي جي اکرن موجب ۽ هرهڪ قوم کي اُن جي ٻوليءَ ۾ خط لکيا تہ سڀ ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهر ۾ حڪم هلائي، ۽ پنهنجي قوم جي ٻوليءَ ۾ اهڙو اشتهار ڪرائي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">انهن ڳالهين کانپوءِ جڏهن بادشاهہ اخسويرس جي ڪاوڙ جهَڪي ٿي، تڏهن هن کي وشتي ياد پيئي، ۽ جيڪي ڪيو هئائين، ۽ جيڪو حڪم سندس برخلاف جاري ڪيو ويو هو سو بہ.</verse>
				<verse number="2">تڏهن بادشاهہ جا نوڪر، جي سندس خدمت ڪندا هئا، تن چيو تہ بادشاهہ جي لاءِ خوبصورت جوان ڪنواريون زالون ڳولجن:</verse>
				<verse number="3">۽ بادشاهہ پنهنجي بادشاهت جي سڀني پرڳڻن ۾ عملدار مقرر ڪري تہ اُهي سڀ خوبصورت جوان ڪنواريون ڇوڪريون سوسن محلات ۾، ۽ زالن واري گهر ۾، آڻي گڏ ڪن، ۽ بادشاهہ جي ناظر ۽ زالن جي نگهبان هيجا جي حوالي ڪن؛ ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ کين شيون ڏنيون وڃن:</verse>
				<verse number="4">۽ جيڪا جوان زال بادشاهہ کي وڻي، سا وشتيءَ جي جاءِ تي راڻي ٿئي. ۽ اها ڳالهہ بادشاهہ کي پسند آئي؛ ۽ ائين ئي ڪيائين.</verse>
				<verse number="5">سوسن جي محلات ۾ هڪڙو يهودي هوندو هو، جنهن جو نالو مردڪئي بن يائر، بن سمعي، بن قيس هو؛ ۽ هو بنيمين جو هو؛</verse>
				<verse number="6">جو يروشلم مان انهن قيدين سان گڏ کڄي ويو هو، جي يهوداہ جي بادشاهہ يڪونياہ سان کڄي ويا هئا، جنهن کي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر قيد ڪري وٺي ويو هو.</verse>
				<verse number="7">۽ هو هدساہ کي، يعني پنهنجي چاچي جي ڌيءَ آستر کي وٺي آيو: ڇالاءِ جو هن جو نڪو پيءُ هو نڪا ماءُ هئي، ۽ ڇوڪري خوبصورت ۽ حسين هئي؛ ۽ جڏهن هن جا پيءُ ماءُ مري ويا، تڏهن مردڪئي هن کي پنهنجي ڌيءَ ڪري پاليو.</verse>
				<verse number="8">پوءِ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ جو حڪم ۽ جاري ٿيل فرمان ماڻهن ٻڌو، ۽ جڏهن گهڻيون ئي ڪنواريون ڇوڪريون سوسن جي محلات ۾ اچي گڏ ٿيون، ۽ هيجا جي حوالي ٿيون، تڏهن آستر بہ بادشاهہ جي گهر ۾، زالن جي سنڀاليندڙ هيجا جي حوالي ڪئي ويئي.</verse>
				<verse number="9">۽ اها ڇوڪري هن کي وڻي ۽ هو مٿس مهربان ٿيو؛ ۽ سگهو ئي هن کي سندس شيون پاڪ ٿيڻ لاءِ ڏنائين، ۽ سندس ڏاج بہ، ۽ ست سهيليون بہ، جي بادشاهہ جي گهر مان هن کي ڏيڻ جي لائق هيون: ۽ هن انهيءَ کي، ۽ اُن جي سهيلين کي زنانخاني جي سڀ کان سٺي جاءِ ۾ آندو.</verse>
				<verse number="10">آستر پنهنجي قوم، ۽ پنهنجي مٽي مائٽي ظاهر نہ ڪئي هئي: ڇالاءِ جو مردڪئيءَ تاڪيد ڪري ڇڏيو هوس تہ اُها ظاهر نہ ڪج.</verse>
				<verse number="11">۽ مردڪئي هر روز زنانخاني جي ايوان اڳيان پيو ايندو ويندو هو، انهيءَ لاءِ تہ معلوم ڪري تہ آستر ڪيئن آهي، ۽ سندس ڪهڙو حال ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="12">هاڻي جڏهن سڀ ڪنهن ڇوڪريءَ جو وارو بادشاهہ اخسويرس وٽ اندر وڃڻ جو آيو، جنهن کان اڳي زالن جي قاعدي موجب ٻارهن مهينن تائين هن سان جيڪي ڪرڻو هو، سو ڪيو ويو، (ڇالاءِ جو زالن جي پاڪ ڪرڻ جا ڏينهن هن طرح پورا ٿيندا هئا، يعني ڇهہ مهينا مر جي تيل سان، ۽ ڇهہ مهينا چڱين خوشبوين ۽ زالن جي پاڪ ڪرڻ وارين شين سان)،</verse>
				<verse number="13">تڏهن ڇوڪري بادشاهہ وٽ هن طرح ايندي هئي، تہ جيڪي گهرندي هئي، تہ زنانخاني مان بادشاهہ جي گهر تائين وڃڻ لاءِ کيس ملي، سو کيس ڏنو ويندو هو.</verse>
				<verse number="14">شام جو هوءَ ويندي هئي ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو ٻئي زنانخاني ۾ موٽي اچي شعشجز جي حوالي ڪئي ويندي هئي، جو بادشاهہ جو ناظر هو، ۽ سريتن جي نگهباني ڪندو هو: هوءَ وري ٻيو ڀيرو بادشاهہ وٽ نہ ايندي هئي، سواءِ ان جي تہ اُها بادشاهہ کي پسند اچي، ۽ اُهو نالي سان کيس وري گهرائي.</verse>
				<verse number="15">هاڻي جڏهن مردڪئيءَ جي چاچي ابيخيل جي ڌيءَ آستر، جنهن کي مردڪئي پنهنجي ڌيءَ ڪري پاليو هو، تنهن جو بادشاهہ وٽ وڃڻ جو وارو آيو، تڏهن جيڪي بادشاهہ جي ناظر، ۽ زالن جي نگهبان، هيجا، مقرر ڪري ڇڏيو هو، تنهن کانسواءِ هن ٻيو ڪي بہ ڪين گهريو. ۽ آستر، جنهن مٿس نظر ٿي ڪئي، تنهن کي ٿي وڻي.</verse>
				<verse number="16">نيٺ آستر کي بادشاهہ اخسويرس جي شاهي گهر ۾، سندس بادشاهيءَ جي ستين سال جي ڏهين مهيني، يعني طيبت مهيني ۾ وٽس وٺي آيا.</verse>
				<verse number="17">۽ بادشاهہ آستر کي ٻين سڀني زالن کان زيادہ پيار ڪيو، ۽ ٻين سڀني ڪنوارين زالن کان هن بادشاهہ جي نظر ۾ وڌيڪ مانُ ۽ شانُ لڌو؛ ايتري قدر جو هن شاهي ڇٽ کڻي سندس مٿي تي رکيو، ۽ کيس وشتيءَ جي جاءِ تي کڻي راڻي ڪيائين.</verse>
				<verse number="18">پوءِ بادشاهہ پنهنجن سڀني اميرن ۽ ملازمن جي هڪڙي وڏي مهماني ڪئي، يعني آستر جي مهماني؛ ۽ پرڳڻن کي ڍل جي معافي ڏنائين ۽ پنهنجي سخاوت موجب انعام ڏنائين.</verse>
				<verse number="19">۽ جڏهن ٻيو ڀيرو ڪنواريون زالون گڏ ٿيون، تڏهن مردڪئي بادشاهہ جي دروازي تي ويٺو هو.</verse>
				<verse number="20">آستر اڃا تائين پنهنجي مٽي مائٽي ۽ قوم ظاهر نہ ڪئي هئي؛ جيئن ڪ مردڪئي تاڪيد ڪري ڇڏيو هوس: ڇالاءِ جو آستر مردڪئيءَ جو اڃا بہ اهڙو چيو مڃيندي هئي، جهڙو اڳي مڃيندي هئي، جڏهن وٽس پلي هئي.</verse>
				<verse number="21">انهن ڏينهن ۾، جڏهن مردڪئي بادشاهہ جي دروازي تي ويٺو هو، تہ بادشاهہ جا ٻہ ناظر، بگتان ۽ ترش، جي دروازي جي نگهبانن مان هئا، سي ڪاوڙيا، ۽ ارادو ڪيائون تہ بادشاهہ اخسويرس سان دست درازي ڪن.</verse>
				<verse number="22">پر اها ڳالهہ مردڪئيءَ کي معلوم ٿي ويئي، جنهن وڃي راڻي آستر کي اُها ٻڌائي؛ ۽ آستر انهيءَ بابت مردڪئي جي نالي سان بادشاهہ کي خبر ڏني.</verse>
				<verse number="23">۽ جڏهن انهيءَ ڳالهہ جي جاچ ڪئي ويئي، ۽ معلوم ٿيو تہ اها سچي آهي، تڏهن انهن ٻنهي کي هڪڙي وڻ تي لٽڪائي ڇڏيائون: ۽ اها ڳالهہ بادشاهہ جي روبرو تواريخ جي ڪتاب ۾ لکي ويئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">انهن ڳالهين کانپوءِ بادشاهہ اخسويرس، هامان بن همداتا اجاجيءَ کي درجي ۾ وڌايو ۽ چاڙهي مٿي ڪيائينس، ۽ جيڪي امير وٽس هوندا هئا، تن سڀني کان هن جي جاءِ مٿي ڪيائين.</verse>
				<verse number="2">۽ بادشاهہ جا سڀ ملازم جي بادشاهہ جي دروازي تي هوندا هئا، سي هامان جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي سلام ڪندا هئا ۽ تعظيم ڏيندا هئس، ڇالاءِ جو اهو بادشاهہ جو حڪم هو، پر مردڪئي نڪو ڪنڌ جهڪايو، نڪا هن کي تعظيم ڏنائين.</verse>
				<verse number="3">تڏهن بادشاهہ جا ملازم، جي بادشاهہ جي دروازي تي هوندا هئا، تن مردڪئيءَ کي چيو تہ ڇو تون بادشاهہ جي حڪم کان ٻاهر ٿو وڃين؟</verse>
				<verse number="4">هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن هن کي ڏهاڙي ائين چيو، ۽ هن انهن جي ڳالهہ نہ ٻڌي، تڏهن هنن هامان کي ٻڌايو، انهيءَ لاءِ تہ ڏسن تہ مردڪئي جي ڳالهہ بيهي ٿي يا نہ: ڇالاءِ جو هن چيو هون تہ آءٌ يهودي آهيان.</verse>
				<verse number="5">۽ جڏهن هامان ڏٺو تہ مردڪئي سندس اڳيان نہ جهڪيو ۽ نہ کيس تعظيم ڏنائين، تڏهن هامان ڏاڍو ڪاوڙيو.</verse>
				<verse number="6">پر رڳو مردڪئي سان دست درازي ڪرڻ هن حقارت جهڙي ڳالهہ ٿي ڄاتي؛ ڇالاءِ جو هنن ٻڌايو هوس تہ مردڪئي جي قوم ڪهڙي آهي: تنهنڪري هامان جي مرضي هئي تہ جيڪي بہ يهودي اخسويرس جي سڄيءَ بادشاهت ۾ آهن تن سڀني کي، يعني مردڪئي جي قوم کي، ناس ڪري.</verse>
				<verse number="7">بادشاهہ اخسويرس جي بادشاهت جي ٻارهين سال جي پهرين مهيني ۾، جو نيسان جو مهينو آهي، هنن هامان جي روبرو پور يعني ڪُڻو وڌو، ۽ اُهو روز بروز، ۽ ماهہ بماهہ، ٻارهين مهيني تائين، جو ادار جو مهينو آهي، وجهندا رهيا.</verse>
				<verse number="8">۽ هامان بادشاهہ اخسويرس کي چيو تہ هڪڙي قوم آهي، جا بادشاهت جي سڀني پرڳڻن ۾ ۽ ٻين قومن ۾، گڏيل ۽ پري پري پکڙيل آهي؛ ۽ انهن جا قاعدا ٻين سڀني قومن جي قاعدن کان علحدا آهن؛ هو بادشاهہ جي قاعدن تي نٿا هلن: تنهنڪري انهن کي ائين ڇڏي ڏيڻ مان بادشاهہ کي ڪوبہ فائدو ڪونهي.</verse>
				<verse number="9">جيڪڏهن بادشاهہ جي مرضي هجي تہ اهڙو حڪم لکيو وڃي تہ انهن کي ناس ڪري ڇڏجي: ۽ آءٌ چانديءَ جا ڏهہ قنطار انهن ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيندس، جي بادشاهہ جو ڪم ڪار ٿا ڪن، تہ اُهي بادشاهہ جي خزانن ۾ پهچائي ڏين.</verse>
				<verse number="10">تڏهن بادشاهہ پنهنجي هٿ مان منڊي لاهي يهودين جي دشمن هامان بن همداتا اجاجيءَ کي ڏني.</verse>
				<verse number="11">۽ بادشاهہ هامان کي چيو تہ اها چاندي بہ توکي ڏني ٿي وڃي ۽ اُهي ماڻهو بہ، جيئن توکي وڻي تيئن انهن سان ڪر.</verse>
				<verse number="12">تڏهن پهرين مهيني جي تيرهين تاريخ بادشاهہ جا محرر سڏيا ويا، ۽ جيئن هامان حڪم ڏنو تيئن بادشاهہ جي نائبن ۽ سڀني پرڳڻن جي والين ۽ سڀني قومن جي سردارن ڏانهن لکيو ويو؛ سڀ ڪنهن پرڳڻي ڏانهن اُن جي اکرن ۾، ۽ سڀ ڪنهن قوم ڏانهن ان جي ٻوليءَ ۾؛ اُهو بادشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيو ويو، ۽ انهيءَ تي بادشاهہ جي منڊيءَ سان مهر ڪئي ويئي.</verse>
				<verse number="13">۽ ٽپال جي رستي بادشاهہ جي سڀني پرڳڻن ڏانهن بہ لکيو ويو، تہ سڀني يهودين، ننڍن وڏن، ننڍن ٻارن توڙي زالن کي هڪڙي ئي ڏينهن ۾، يعني ٻارهون مهينو، جو ادار جو مهينو آهي، تنهن جي تيرهين تاريخ، ناس ڪري، ڪُهي، چٽ ڪرائي ڇڏين، ۽ انهن جو مال ملڪيت پنهنجي لاءِ کڻن.</verse>
				<verse number="14">انهيءَ حڪم جو نقل، تہ اهو پروانو هرهڪ پرڳڻي ۾ ڏنو وڃي، سو سڀني قومن ۾ پڌرو ڪرايو ويو، انهيءَ لاءِ تہ اُنهيءَ ٺهرايل ڏينهن لاءِ تيار رهن.</verse>
				<verse number="15">بادشاهہ جي حڪم موجب ٽپالي سعيي سان روانا ٿيا، ۽ اهو حڪم سوسن جي محلات ۾ بہ پڌرو ڪيو ويو: ۽ بادشاهہ ۽ هامان گڏجي شراب پيئڻ ويٺا؛ پر سوسن جو شهر حيران ٿي ويو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">هاڻي جيڪي هي سڀ ڪيو ويو، تنهن جي خبر جڏهن مردڪئيءَ کي پيئي، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا، ۽ خاڪ ملي کٿو ڍڪيائين، ۽ نڪري شهر جي وچ ۾ ويو، ۽ دانهون ڪري زار زار روئڻ لڳو:</verse>
				<verse number="2">بلڪ هو بادشاهہ جي دروازي جي اڳيان بہ آيو: ڇالاءِ جو ڪنهن کي کٿو ڍڪي بادشاهہ جي دروازي اندر لنگهي اچڻ جو حڪم نہ هو.</verse>
				<verse number="3">۽ سڀ ڪنهن پرڳڻي ۾، جتي جتي بادشاهہ جو حڪم ۽ پروانو آيو، اُتي بہ ڏاڍو ماتم پئجي ويو، ۽ انهن روزا رکيا، ۽ رُنو، ۽ دانهون ڪيون؛ ۽ گهڻا کٿن ۾ ۽ خاڪ تي ويهڻ لڳا.</verse>
				<verse number="4">۽ آستر جي سهيلين ۽ سندس ناظرن کيس اها ڳالهہ اچي ٻڌائي؛ ۽ راڻي کي ڏاڍو ڏک ٿيڻ لڳو: ۽ هن ڪپڙا موڪليا تہ مردڪئي تان کٿو لهرائي اُهي ڍڪائينس؛ پر هن اُهي نہ ورتا.</verse>
				<verse number="5">تڏهن بادشاهہ جي ناظرن مان هڪڙو، هتاڪ، جنهن کي بادشاهہ راڻيءَ جي خدمت ۾ حاضر رهڻ لاءِ مقرر ڪيو هو، تنهن کي آستر سڏائي حڪم ڏنو تہ مردڪئي وٽ وڃي کانئس خبر وٺ تہ هي ڇا آهي، ۽ انهيءَ جو ڪهڙو سبب آهي؟</verse>
				<verse number="6">اُن موجب هتاڪ شهر جي ڪشادي ميدان ۾، ۽ بادشاهہ جي دروازي جي اڳيان، مردڪئي وٽ ويو.</verse>
				<verse number="7">۽ مردڪئي جيڪي ٿي گذريو هو، سو هن کي ٻڌايو، ۽ يهودين کي ناس ڪرڻ جي لاءِ انهن جي بِلي جيترن پئسن جي رقم بادشاهہ جي خزانن ۾ پهچائي ڏيڻ جو هامان انجام ڪيو هو، سو بہ پوريءَ طرح ٻڌايائينس.</verse>
				<verse number="8">بلڪ لکيل حڪم، جو هنن کي ناس ڪرڻ جي لاءِ سوسن ۾ پڌرو ڪيو ويو هو، تنهن جو نقل بہ ڏنائينس تہ آستر کي ڏيکاري ۽ احوال بيان ڪري ٻڌائي؛ ۽ تاڪيد ڪريس تہ بادشاهہ وٽ وڃي منٿ آزي ڪري، ۽ پنهنجي قوم جي پاران سندس حضور ۾ عرض احوال ڪري.</verse>
				<verse number="9">پوءِ هتاڪ اچي آستر کي مردڪئي جون ڳالهيون ٻڌايون.</verse>
				<verse number="10">تڏهن آستر هتاڪ کي مردڪئي ڏانهن پيغام ڏيئي موڪليو تہ:</verse>
				<verse number="11">بادشاهہ جا سڀ ملازم، ۽ بادشاهہ جي پرڳڻن جا ماڻهو، چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا، تہ ڪوبہ مرد يا زال، جو بنا ڪوٺ اندرينءَ جاءِ ۾ بادشاهہ وٽ لنگهي ايندو، تنهن جي لاءِ هڪڙو ئي قاعدو آهي، تہ قتل ڪيو ويندو، سواءِ اُنهيءَ جي، جنهن ڏانهن پاڻ بادشاهہ پنهنجي سوني لٺ ڪڍي جهلي تہ انهيءَ کي جيئدان ملي: پر هنن ٽيهن ڏينهن ۾ بادشاهہ اندر اچڻ لاءِ مون کي نہ سڏيو آهي.</verse>
				<verse number="12">۽ آستر جي اها ڳالهہ مردڪئي کي وڃي ٻڌايائون.</verse>
				<verse number="13">تڏهن مردڪئي انهن ماڻهن کي چيو تہ آستر کي هيءَ ورندي وڃي ڏيو، تہ تون پاڻ اهڙو ڀروسو متان ڪرين، تہ جيڪي ٻين يهودين سان ٿيڻو آهي، تنهن کان بادشاهہ جي گهر ۾ تون ڇُٽي ويندينءَ.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو جيڪڏهن هن وقت تون اصل ماٺ ڪري ويهندينءَ، تہ يهودين جو ڇوٽڪارو ۽ بچاءُ ٻئي هنڌان پيدا ٿيندو، پر تون ۽ تنهنجي پيءُ جو گهراڻو چٽ ٿي ويندو: ڪنهن کي خبر تہ تون ههڙي وقت جي لاءِ بادشاهت ۾ نہ آئي آهين؟</verse>
				<verse number="15">تڏهن آستر هنن کي چيو تہ مردڪئي کي هيءَ ورندي ڏجو تہ</verse>
				<verse number="16">جيڪي يهودي هن وقت سوسن ۾ آهن سي سڀ گڏ ٿيو، ۽ منهنجي لاءِ روزو رکو، ۽ ٽن ڏينهن تائين، رات جو توڙي ڏينهن جو، نڪي کائو نڪي پيئو: آءٌ ۽ منهنجون سهيليون بہ ساڳيءَ طرح روزو رکنديونسين؛ پوءِ اُنهيءَ حال ۾ آءٌ بادشاهہ وٽ وينديس، جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ قاعدي موجب نہ آهي: پوءِ جي آءٌ مُيس، تہ ڀلي مران.</verse>
				<verse number="17">تڏهن مردڪئي هليو ويو ۽ جيئن آستر حڪم ڏنو هوس، تيئن ڪيائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">هاڻي ٽئين ڏينهن هيئن ٿيو تہ آستر شاهاڻي پوشاڪ ڍڪي، ۽ بادشاهہ جي گهر جي سامهون، بادشاهہ جي گهر جي اندرين ايوان ۾ وڃي بيٺي: ۽ بادشاهہ پنهنجي شاهي محلات ۾، گهر جي در جي سامهون پنهنجي شاهي تخت تي ويٺو هو.</verse>
				<verse number="2">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ راڻي آستر کي ايوان ۾ بيٺل ڏٺو، تڏهن هن سندس نظر ۾ ڏاڍو مانُ لڌو: ۽ بادشاهہ سوني لٺ، جا هٿ ۾ هيس سا کڻي آستر ڏانهن جهليائين. تڏهن آستر ويجهو اچي لٺ جي چوٽيءَ کي هٿ لاتو.</verse>
				<verse number="3">تڏهن بادشاهہ چيس تہ راڻي آستر، تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي؟ جي اڌ بادشاهت کڻي گهرين تہ بہ توکي ڏني ويندي.</verse>
				<verse number="4">آستر چيو تہ جي بادشاهہ جي نظر ۾ مناسب هجي، تہ اڄ جيڪا مهماني سندس لاءِ مون تيار ڪئي آهي، تنهن تي بادشاهہ ۽ هامان اچن.</verse>
				<verse number="5">تڏهن بادشاهہ چيو تہ هامان کي سعيو ڪريو تہ جلدي ڪري، ۽ جيئن آستر چيو آهي تيئن ڪري. نيٺ بادشاهہ ۽ هامان انهيءَ مهمانيءَ تي آيا جا آستر تيار ڪئي هئي:</verse>
				<verse number="6">۽ بادشاهہ شراب پيئڻ مهل آستر کي چيو تہ تنهنجو عرض ڪهڙو آهي تہ اهو قبول ڪيو وڃي: ۽ تنهنجو سوال ڪهڙو آهي؟ بادشاهت جي اڌ تائين بہ اُهو پورو ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="7">تڏهن آستر ورندي ڏيئي چيو تہ منهنجو عرض ۽ منهنجو سوال هي آهي؛</verse>
				<verse number="8">تہ جي مون بادشاهہ جي نظر ۾ مانُ لڌو آهي، ۽ جي بادشاهہ منهنجو عرض قبول ڪرڻ ۽ منهنجو مطلب پورو ڪرڻ ٿو گهري، تہ جيڪا مهماني آءٌ بادشاهہ ۽ هامان جي لاءِ تيار ڪنديس تنهن تي اُهي اچن، ۽ جيئن بادشاهہ فرمايو آهي تيئن آءٌ سڀاڻي ڪنديس.</verse>
				<verse number="9">تڏهن انهيءَ ڏينهن هامان سرهو ۽ خوش دل ٿي هليو ويو: پر جڏهن هامان مردڪئي کي بادشاهہ جي دروازي تي ڏٺو، ۽ هو کيس ڏسي نڪي اُٿيو نڪي چُريو، تڏهن هو مٿس ڏاڍو ڪاوڙيو.</verse>
				<verse number="10">انهيءَ هوندي بہ هامان پاڻ کي روڪيو، ۽ گهر هليو ويو؛ ۽ ماڻهو موڪلي پنهنجن دوستن کي، ۽ پنهنجيءَ زال زرش کي گهرايائين.</verse>
				<verse number="11">۽ هامان انهن کي پنهنجي وڏي دولت، ۽ گهڻي اولاد، ۽ جن سڀني ڳالهين ڪري بادشاهہ هن جو درجو وڌايو هو تن جو، ۽ ڪيئن هن کي چاڙهي ٻين اميرن، ۽ بادشاهہ جي ملازمن کان مٿي ڪيو هئائين، تنهن جو بيان ڪري ٻڌايو.</verse>
				<verse number="12">۽ هامان هيترو بہ وڌيڪ چيو تہ، جيڪا مهماني راڻي آستر ڪئي آهي، تنهن تي بادشاهہ سان گڏ ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ کي نہ سڏيو اٿس؛ پر اُنهيءَ سڀاڻي بہ مون کي بادشاهہ سان گڏ سڏيو آهي.</verse>
				<verse number="13">تڏهن بہ ايتري مان مون کي ڪجهہ بہ حاصل نہ آهي، جيستائين آءٌ مردڪئي يهوديءَ کي بادشاهہ جي در تي ويٺل ٿو ڏسان.</verse>
				<verse number="14">تڏهن سندس زال زرش ۽ ٻين سڀني دوستن چيس تہ پنجاهہ هٿن جي هڪڙي وڏي سوري جوڙاءِ، ۽ سڀاڻي صبح جو بادشاهہ کي چئُہ تہ مردڪئي کي اُنهيءَ تي لٽڪائي ڇڏي: پوءِ خوشيءَ سان بادشاهہ سان گڏجي مهماني تي وڃج. اها ڳالهہ هامان کي وڻي؛ ۽ هن سوري ٺهرائي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">انهيءَ رات بادشاهہ کي ننڊ نہ آئي؛ ۽ هن حڪم ڏنو تہ تواريخ جا ڪتاب کڻي اچو، ۽ اُهي بادشاهہ جي اڳيان پڙهيا ويا.</verse>
				<verse number="2">انهيءَ ۾ لکيل هو تہ بادشاهہ جا ٻہ ناظر، بگتانا ۽ ترش، جي در جي نگهباني ڪندا هئا، ۽ جن بادشاهہ اخسويرس سان دست درازي ڪرڻ ٿي گهري، تن جي مردڪئي خبر ڏني هئي.</verse>
				<verse number="3">۽ بادشاهہ چيو تہ اهڙي ڪم جي عيوض مردڪئي کي ڪهڙي عزت ۽ ڪهڙو درجو ڏنو ويو آهي؟ تڏهن جيڪي بادشاهہ جا ملازم سندس خدمت ڪندا هئا، تن چيو تہ اُنهيءَ جي لاءِ ڪي بہ ڪين ڪيو ويو آهي.</verse>
				<verse number="4">۽ بادشاهہ چيو تہ ايوان ۾ ڪير آهي؟ هاڻي بادشاهہ جي گهر جي ٻاهرين پاسي ايوان ۾ هامان آيو هو، انهيءَ لاءِ تہ بادشاهہ کي چوي تہ جيڪا سوري مردڪئي جي لاءِ ٺهرائي هئائين، تنهن تي انهيءَ کي چاڙهي.</verse>
				<verse number="5">۽ بادشاهہ جي نوڪرن کيس چيو تہ ڏس، ايوان ۾ هامان بيٺو آهي. ۽ بادشاهہ چيو تہ ڀلي هو اچي.</verse>
				<verse number="6">تڏهن هامان اندر آيو. ۽ بادشاهہ چوڻ لڳس تہ جنهن ماڻهوءَ کي بادشاهہ عزت ڏيڻ گهري، تنهن جي لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ هاڻي هامان پنهنجي دل ۾ چيو تہ مون کان وڌيڪ ٻيو ڪير آهي جنهن کي بادشاهہ عزت ڏيڻ گهرندو هوندو؟</verse>
				<verse number="7">۽ هامان بادشاهہ کي چيو تہ جنهن ماڻهوءَ کي بادشاهہ عزت ڏيڻ گهري،</verse>
				<verse number="8">تنهن جي لاءِ شاهي پوشاڪ، جا بادشاهہ ڍڪيندو آهي، ۽ جنهن گهوڙي تي بادشاهہ چڙهندو آهي، ۽ جنهن جي مٿي تي بادشاهي ڇٽ رکڻ ۾ ايندو آهي، سو آڻجي:</verse>
				<verse number="9">۽ اُها پوشاڪ ۽ اُهو گهوڙو بادشاهہ جي ڪنهن تمام وڏي امير جي هٿن ۾ ڏجي تہ اُهو اُنهيءَ ماڻهوءَ کي پهرائي، جنهن کي بادشاهہ عزت ڏيڻ ٿو گهري، ۽ انهيءَ کي گهوڙي تي چاڙهي، شهر جي رستي تان گهمارائي، ۽ سندس اڳيان منادي ڪرائي، تہ جنهن ماڻهوءَ کي بادشاهہ عزت ڏيڻ ٿو گهري، تنهن سان هيئن ڪرڻ ۾ ايندو.</verse>
				<verse number="10">تڏهن بادشاهہ هامان کي چيو تہ جلدي ڪر ۽ جيئن تو چيو آهي، تيئن اها پوشاڪ ۽ گهوڙو وٺي وڃي مردڪئي يهوديءَ کي ڏي، جو بادشاهہ جي در تي ويٺو آهي: جيڪي تو چيو آهي تنهن مان ذرو بہ گهٽ نہ ڪجانءِ.</verse>
				<verse number="11">تڏهن هامان پوشاڪ ۽ گهوڙو وٺي وڃي مردڪئي کي پهرايو، ۽ سوار ڪري شهر جي رستي تان گهمارايائينس، ۽ سندس اڳيان منادي ڪرايائين، تہ جنهن ماڻهوءَ کي بادشاهہ عزت ڏيڻ ٿو گهُري، تنهن سان هيئن ڪرڻ ۾ ايندو.</verse>
				<verse number="12">۽ مردڪئي وري بہ بادشاهہ جي در تي آيو. پر هامان تڪڙو ٿي ڏک ۾ مٿو ڍڪي گهر هليو ويو.</verse>
				<verse number="13">۽ هامان پنهنجي زال زرش ۽ پنهنجن دوستن کي جيڪي بہ ٿي گذريو هو سو سڀ بيان ڪري ٻڌايو. تڏهن سندس ڏاهن ماڻهن ۽ سندس زال زرش کيس چيو، تہ مردڪئي، جنهن جي اڳيان تون ڪِرڻ لڳو آهين، سو جي يهودين جي نسل جو آهي تہ تون هن تي غالب نہ ايندين، پر ضرور هن جي اڳيان ڪِرندين.</verse>
				<verse number="14">اڃا اُنهن هن سان پئي ڳالهايو تہ بادشاهہ جا ناظر آيا ۽ جيڪا مهماني آستر تيار ڪئي هئي، تنهن تي هامان کي وٺي وڃڻ لاءِ تڪڙ ڪرڻ لڳا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">پوءِ بادشاهہ ۽ هامان راڻيءَ آستر سان گڏ ماني کائڻ جي لاءِ آيا.</verse>
				<verse number="2">۽ ٻئي ڏينهن بہ شراب پيئڻ مهل بادشاهہ وري آستر کي چيو تہ راڻي آستر، تنهنجو ڪهڙو عرض آهي؟ ٻڌاءِ تہ اُهو قبول ڪيو وڃي: ۽ تنهنجو سوال ڪهڙو آهي؟ ٻڌاءِ تہ بادشاهت جي اڌ تائين اُهو پورو ڪيو وڃي.</verse>
				<verse number="3">تڏهن راڻيءَ آستر ورندي ڏيئي چيو، تہ اي بادشاهہ جي مون تنهنجي نظر ۾ مانُ لڌو آهي، ۽ جي تنهنجي اهڙي مرضي هجي، تہ منهنجي جان منهنجي عرض ڪرڻ تي، ۽ منهنجي قوم منهنجي سوال ظاهر ڪرڻ تي مون کي ڏني وڃي:</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو آءٌ ۽ منهنجي قوم وڪيا ويا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ ناس ٿيون، ۽ مارجي چٽ ٿي وڃون. پر جي اسين ٻانها ۽ ٻانهيون ٿي وڪامون ها تہ آءٌ ماٺ ڪري ويهان ها، جيتوڻيڪ دشمن بادشاهہ جي نقصان جو ڪوبہ عيوضو ڏيئي نہ سگهي ها.</verse>
				<verse number="5">تڏهن بادشاهہ اخسويرس راڻي آستر کي چيو تہ اُهو ڪير آهي، ۽ ڪٿي آهي، جو جرئت ڪري پنهنجي دل ۾ ائين ڪرڻ گهري ٿو؟</verse>
				<verse number="6">۽ آستر چيو تہ دشمن ۽ ويري هي شرير هامان آهي. تڏهن هامان بادشاهہ ۽ راڻيءَ جي اڳيان ڊڄي ويو.</verse>
				<verse number="7">۽ بادشاهہ شراب جي مجلس مان ڪاوڙ ۾ اُٿيو ۽ محلات جي باغ ۾ ويو، ۽ هامان اُٿي راڻيءَ آستر کي پنهنجي جيئدان ملڻ لاءِ عرض ڪرڻ لڳو؛ ڇالاءِ جو هن ڏٺو تہ بادشاهہ کيس نقصان پهچائڻ جو ارادو ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="8">پوءِ بادشاهہ محلات واري باغ مان موٽي شراب جي مجلس واري هنڌ آيو: ۽ جنهن پلنگ تي آستر هئي، انهيءَ تي هامان ڪِريو پيو هو. تڏهن بادشاهہ چيو تہ هو گهر ۾، منهنجي روبرو راڻيءَ سان زور زبردستي ڪرڻ ٿو گهُري ڇا؟ بادشاهہ جي واتان انهن لفظن نڪرڻ تي هنن هامان جو منهن کڻي ڍڪيو.</verse>
				<verse number="9">تڏهن بادشاهہ جي اڳيان بيٺل ناظرن مان هڪڙي خربوناہ چيو تہ ڏس، تہ پنجاهہ هٿ ڊگهي سوري، جا هامان مردڪئيءَ جي لاءِ جوڙائي آهي، جنهن مردڪئي بادشاهہ جي لاءِ چڱائيءَ جي ڳالهہ ڪئي، سا هامان جي گهر ۾ بيٺي آهي. ۽ بادشاهہ چيو تہ انهيءَ تي هن کي وڃي لٽڪايو.</verse>
				<verse number="10">تڏهن هنن هامان کي انهيءَ سوريءَ تي وڃي چاڙهيو، جا هن مردڪئي جي لاءِ تيار ڪئي هئي. تڏهن بادشاهہ جي ڪاوڙ ڍري ٿي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">انهيءَ ڏينهن بادشاهہ اخسويرس، يهودين جي دشمن هامان جو گهر راڻي آستر کي ڏيئي ڇڏيو. ۽ مردڪئي بادشاهہ جي حضور ۾ آيو؛ ڇالاءِ جو آستر ٻڌايو هوس تہ هو سندس ڇا ٿئي.</verse>
				<verse number="2">۽ بادشاهہ پنهنجي مُنڊي، جيڪا هامان کان ورتي هئائين، سا لاهي مردڪئي کي ڏني. ۽ آستر مردڪئي کي هامان جي گهر تي رکيو.</verse>
				<verse number="3">۽ آستر وري بہ بادشاهہ جي اڳيان، سندس پيرن تي ڪِري، ڳوڙها ڳاڙي عرض ڪيو تہ هامان اجاجي جيڪا شرارت ڪئي هئي، ۽ جيڪا رٿ هن يهودين جي برخلاف ڪئي هئي، سا بادشاهہ برطرف ڪري.</verse>
				<verse number="4">تڏهن بادشاهہ سوني لٺ آستر ڏانهن جهلي. تنهن تي آستر اُٿي بادشاهہ جي اڳيان بيهي رهي.</verse>
				<verse number="5">۽ چوڻ لڳي تہ جي بادشاهہ راضي هجي، ۽ جي مون سندس نظر ۾ مانُ لڌو هجي، ۽ جي اها ڳالهہ بادشاهہ مناسب ڄاڻي، ۽ آءٌ سندس نظر ۾ پسند هجان، تہ اهڙو حڪم لکيو وڃي تہ جيڪي خط هامان بن همداتا اجاجيءَ تجويز ڪري لکيا هئا، تہ جيڪي يهودي بادشاهہ جي سڀني پرڳڻن ۾ آهن، سي ناس ٿين، سي رد ڪيا وڃن:</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو جيڪا مصيبت منهنجي قوم تي ايندي، سا ڀلا آءٌ ڪهڙيءَ طرح ڏسي سگهنديس؟ ۽ جيڪا تباهي منهنجي مٽن مائٽن تي ايندي، سا آءٌ ڪيئن برداشت ڪري سگهنديس؟</verse>
				<verse number="7">تڏهن بادشاهہ اخسويرس راڻي آستر ۽ مردڪئي يهوديءَ کي چيو تہ ڏس، مون هامان جو گهر آستر کي ڏنو آهي، ۽ انهيءَ کي هنن سوريءَ تي چاڙهيو آهي، ڇالاءِ جو هن يهودين تي زبردستي ڪئي.</verse>
				<verse number="8">اوهان کي جيئن وڻي تيئن اوهين بہ يهودين کي بادشاهہ جي نالي سان لکو، ۽ اُنهيءَ تي بادشاهہ جي مهر هڻو: ڇالاءِ جو جيڪو لکيو بادشاهہ جي نالي سان لکيو ويو آهي، ۽ جنهن تي بادشاهہ جي مُنڊيءَ جي مهر هنئي ويئي آهي، تنهن کي ڪوبہ ماڻهو رد ڪري نٿو سگهي.</verse>
				<verse number="9">تڏهن اُتي جو اُتي، ٽئين مهيني، يعني سيوان مهيني جي ٽيويهين تاريخ، بادشاهہ جا محرر سڏيا ويا؛ ۽ جيڪو حڪم مردڪئي يهودين جي نالي، ۽ نائبن، ۽ هندوستان کان وٺي حبش تائين جيڪي ستاويهہ پرڳڻا هئا، تن جي لاوين، ۽ سردارن جي نالي ڪڍيو، سو سڀ ڪنهن پرڳڻي ڏانهن ان جي اکرن ۾، ۽ سڀ ڪنهن قوم ڏانهن اُن جي ٻوليءَ ۾، ۽ يهودين ڏانهن سندن اکرن ۽ سندن ٻوليءَ ۾ لکيو ويو.</verse>
				<verse number="10">۽ هن بادشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيو، ۽ انهيءَ تي بادشاهہ جي مُنڊيءَ سان مهر ڪيائين، ۽ پوءِ گهوڙي سوار ٽپالين جي هٿان خط موڪليائين، جي اُنهن تکن گهوڙن تي چڙهي ويا جي بادشاهہ جي خدمت ۾ ڪم ايندا هئا:</verse>
				<verse number="11">انهن خطن ۾ بيان هو تہ بادشاهہ سڀ ڪنهن شهر جي يهودين کي اجازت ڏني آهي تہ اچي گڏ ٿين، ۽ پنهنجي حياتيءَ لاءِ کڙا ٿين، ۽ پرڳڻي مان، ۽ ماڻهن مان جيڪي طاقت وارا شخص مٿن، ۽ سندن ننڍن ٻارن، ۽ زالن تي ڪاهہ ڪن، تن کي ناس ڪن، ۽ ڪُهن، ۽ چٽ ڪرائين، ۽ اُنهن جو مال متاع لٽي ڦري وڃن.</verse>
				<verse number="12">بادشاهہ اخسويرس جي سڀني پرڳڻن ۾، يعني ٻارهون مهينو، جو آدار جو مهينو آهي، تنهن جي تيرهين تاريخ هڪڙي ئي ڏينهن، ائين ڪيو وڃي.</verse>
				<verse number="13">انهيءَ لکئي جو نقل تہ هي حڪم هرهڪ پرڳڻي ۾ پڌرو ڪيو وڃي، تنهن جو سڀني قومن ۾ اشتهار ڪيو ويو، تہ يهودي انهيءَ ڏينهن تيار رهن، ۽ پنهنجن دشمنن کان وير وٺن.</verse>
				<verse number="14">انهيءَ طرح بادشاهہ جي خدمت ۾ ڪم ايندڙ تکن گهوڙن تي جيڪي ٽپالي چڙهيل هئا، سي بادشاهہ جي حڪم جي تاڪيد ۾ تڪڙ ڪري روانا ٿيا؛ ۽ اهڙو حڪم سوسن جي محلات ۾ پڌرو ڪيو ويو.</verse>
				<verse number="15">۽ مردڪئي بادشاهہ جي حضور مان آسماني ۽ اڇي رنگ جي شاهي پوشاڪ ۾، ۽ هڪڙي وڏي سوني ڇٽ، ۽ هڪڙي عمدي سڻيءَ جي ۽ واڱڻائي رنگ جي قبا سان نڪري آيو: ۽ سوسن جو شهر نعرا هڻي خوش ٿيو.</verse>
				<verse number="16">يهودين کي روشنائي، ۽ سرهائي، ۽ خوشي، ۽ عزت حاصل ٿي.</verse>
				<verse number="17">۽ سڀ ڪنهن شهر ۾ ۽ سڀ ڪنهن پرڳڻي ۾ جتي ڪٿي بادشاهہ جو حڪم ۽ سندس فرمان پهتو هو، اُتي خوشي ۽ خورمي ۽ مجلس ۽ وڏو ڏينهن ملهايو ويو. ۽ انهيءَ ملڪ جي ماڻهن مان گهڻا يهودي ٿيا؛ ڇالاءِ جو يهودين جو خوف هنن تي غالب ٿيو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">هاڻي ٻارهين مهيني، يعني آدار مهيني جي تيرهين تاريخ جڏهن بادشاهہ جي حڪم ۽ فرمان جي تعميل ٿيڻ جو وقت اچي ويجهو ٿيو، جنهن ڏينهن يهودين جي دشمنن کي اُميد هئي تہ انهن تي غالب ٿيندا؛ ۽ ڳالهہ انهيءَ جي اُبتڙ ٿي پيئي، جو يهودي پنهنجن دشمنن تي غالب پيا،</verse>
				<verse number="2">تڏهن يهودي، بادشاهہ اخسويرس جي سڀني پرڳڻن جي شهرن ۾ گڏ ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ جن ماڻهن کين نقصان پهچائڻ ٿي چاهيو، تن تي هٿ کڻن: ۽ ڪوبہ ماڻهو هنن کي روڪي ڪين سگهيو؛ ڇالاءِ جو هنن جو خوف سڀني قومن تي پيل هو.</verse>
				<verse number="3">۽ پرڳڻن جي سڀني سردارن، ۽ نائبن، ۽ والين، ۽ بادشاهہ جي ڪامورن يهودين کي مدد ڏني؛ ڇالاءِ جو مردڪئيءَ جو خوف مٿن پيل هو.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو مردڪئي بادشاهہ جي گهر ۾ وڏو هو، ۽ هن جي ناموس سڀني پرڳڻن ۾ پکڙجي ويئي هئي: انهي لاءِ جو اهو شخص مردڪئي وڌندو ويو.</verse>
				<verse number="5">۽ يهودين پنهنجن سڀني دشمنن کي ترار جي ڌار سان، ۽ ڪوس ڪرڻ سان ماري مات ڪيو، ۽ جن جي ساڻن دشمني هئي، تن کي جيئن وڻين تيئن ڪيائون.</verse>
				<verse number="6">۽ سوسن جي محلات ۾ بہ يهودين پنج سؤ ماڻهو ڪُهي چٽ ڪري ڇڏيا.</verse>
				<verse number="7">۽ پرشنداتا، ۽ دلفون، ۽ اسپاتا.</verse>
				<verse number="8">۽ پورتا، ادلياہ ۽ اردتا،</verse>
				<verse number="9">۽ پرمشتا، ۽ اريسئي، ۽ اريدئي، ۽ ويزاتا،</verse>
				<verse number="10">جي هامان بن همداتا، يهودين جي دشمن جا ڏهہ پٽ هئا، تن کي هنن قتل ڪيو؛ پر لٽ جي مال کي هنن هٿ نہ لاتو.</verse>
				<verse number="11">اُنهيءَ ڏينهن جيڪي ماڻهو سوسن جي محلات ۾ قتل ڪيا ويا، تن جو شمار بادشاهہ جي حضور ۾ آندو ويو.</verse>
				<verse number="12">۽ بادشاهہ آستر راڻيءَ کي چيو تہ يهودين سوسن جي محلات ۾ پنج سؤ ماڻهو، ۽ هامان جا ڏهہ پٽ ڪُهي چٽ ڪيا آهن؛ تڏهن هنن بادشاهہ جي ٻين پرڳڻن ۾ ڇا ڪيو هوندو؟ هاڻي تنهنجو عرض ڪهڙو آهي؟ تہ اُهو قبول ڪيو وڃي: يا تنهنجو وڌيڪ ٻيو سوال ڪهڙو آهي؟ تہ اُهو پورو ڪيو وڃي.</verse>
				<verse number="13">تڏهن آستر چيو تہ جي بادشاهہ جي مرضي هجي تہ جيڪي يهودي سوسن ۾ آهن، تن کي موڪل ملي تہ اڄوڪي ڏينهن جي حڪم موجب سڀاڻي بہ ڪن، ۽ هامان جا ڏهہ پٽ سوريءَ تي چاڙهيا وڃن.</verse>
				<verse number="14">۽ بادشاهہ ائين ڪرڻ جو حڪم ڏنو؛ ۽ سوسن ۾ اهڙو فرمان جاري ٿي ويو؛ ۽ هامان جا ڏهہ پٽ سوريءَ تي چاڙهيا ويا.</verse>
				<verse number="15">پوءِ جيڪي يهودي سوسن ۾ هئا، سي آدار مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ گڏ ٿيا، ۽ ٽي سؤ ماڻهو سوسن ۾ ڪُٺائون؛ پر لٽ جي مال کي هنن هٿ نہ لاتو.</verse>
				<verse number="16">۽ بادشاهہ جي پرڳڻن ۾ ٻيا جيڪي يهودي هئا سي گڏ ٿيا، ۽ پنهنجي ساهہ بچائڻ لاءِ کڙا ٿيا، ۽ پنهنجن دشمنن کان آزاد ٿي آرام ورتائون، ۽ پنجهتر هزار دشمن ماريائون؛ پر لٽ جي مال کي هنن هٿ نہ لاتو.</verse>
				<verse number="17">اهو سڀ ادار مهيني جي تيرهين تاريخ ڪيو ويو، ۽ ساڳئي مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ هنن آرام ورتو، ۽ اُهو ڏينهن مانيءَ جي مجلس ۽ خوشيءَ جو ڪيائون.</verse>
				<verse number="18">پر جيڪي يهودي سوسن ۾ هئا سي اُن جي تيرهين تاريخ، ۽ چوڏهين تاريخ گڏ ٿيا؛ ۽ ساڳئي مهيني جي پندرهين تاريخ هنن آرام ورتو، ۽ اُهو ڏينهن مانيءَ جي مجلس ۽ خوشيءَ جو ڪيائون.</verse>
				<verse number="19">تنهنڪري جيڪي ڳوٺن جا يهودي بنا ڀتين شهرن ۾ ٿا رهن، سي ادار مهيني جي چوڏهين تاريخ خوشيءَ ۽ مانيءَ جي مجلس جو ڏينهن ۽ وڏو ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن، ۽ هڪ ٻئي ڏانهن تحفا موڪليندا آهن.</verse>
				<verse number="20">پوءِ مردڪئي هي ڳالهيون لکيون، ۽ بادشاهہ اخسويرس جي سڀني پرڳڻن ۾ جيڪي يهودي هئا، تن سڀني ڏانهن، ويجهو توڙي پري، خط لکي موڪليائين،</verse>
				<verse number="21">جن ۾ انهن کي تاڪيد ڪيائين تہ آدار مهيني جي چوڏهين تاريخ، ۽ پندرهين تاريخ وارا ڏينهن هر سال عيد ڪن،</verse>
				<verse number="22">جو اُهي ڏينهن آهن جن ۾ يهودين کي پنهنجن دشمنن کان آرام مليو، ۽ انهيءَ مهيني ۾ سندن لاءِ ڏک ڦري سک ٿيو، ۽ ماتم بدلجي خوشيءَ جو ڏينهن ٿيو: ۽ اهي مانيءَ جي مجلس ۽ خوشيءَ جا ڏينهن مقرر ڪن، ۽ هڪ ٻئي ڏانهن تحفا موڪلين ۽ غريبن کي بخششون ڏين.</verse>
				<verse number="23">۽ يهودين قبول ڪيو تہ جيئن شروع ڪيو هئائون، ۽ جيئن مردڪئي هنن کي لکيو هو، تيئن ڪندا رهندا؛</verse>
				<verse number="24">ڇالاءِ جو هامان بن همداتا اجاجي، ۽ سڀني يهودين جي دشمنن رٿ ڪئي هئي تہ سڀني يهودين کي ناس ڪن، ۽ پور يعني ڪُڻو وڌو هئائون، تہ انهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏين؛</verse>
				<verse number="25">پر جڏهن اها ڳالهہ بادشاهہ جي اڳيان پيش ٿي، تڏهن هن خطن لکڻ سان حڪم ڏيئي هن جي شرارت واري رٿ، جا يهودين جي برخلاف سٽي هئائين، سا خود سندس گردن تي موٽائي آندي؛ ۽ هن کي سندس پٽن سميت سوريءَ تي چاڙهيو.</verse>
				<verse number="26">انهيءَ ڪري پور جي نالي سبب انهن ڏينهن کي پوريم سڏيندا هئا. تنهنڪري انهيءَ خط جي سڀني لفظن سبب، ۽ جيڪي هنن انهيءَ ڳالهہ بابت ڏٺو، ۽ جيڪي وٽن آيو هو، تنهن جي سبب،</verse>
				<verse number="27">يهودين ٺهراءُ ڪيو، ۽ پاڻ تي، ۽ پنهنجي اولاد تي، ۽ جيڪي ساڻن گڏ ٿيا تن سڀني تي، اهو فرض هموار ڪيو، تہ ضرور ان جي لکئي موجب، ۽ ان جي ٺهرايل وقت تي، هر سال اهي ٻہ ڏينهن عيد ڪندا رهن؛</verse>
				<verse number="28">۽ سڀ ڪنهن پيڙهيءَ ۾، ۽ سڀ ڪنهن قبيلي ۾، ۽ سڀ ڪنهن پرڳڻي، ۽ سڀ ڪنهن شهر ۾، اهي ڏينهن ياد رکيا وڃن، ۽ ملهايا وڃن؛ ۽ اهي پوريم جا ڏينهن يهودين مان وسري نڪري نہ وڃن، ۽ نہ انهن جي يادگيري سندن اولاد مان اصل گم ٿي وڃي.</verse>
				<verse number="29">تنهن کانپوءِ ابيخيل جي ڌيءَ راڻيءَ آستر ۽ مردڪئي يهوديءَ وڏي اختياريءَ سان لکيو تہ پوريم جو اهو ٻيو خط قائم رهي.</verse>
				<verse number="30">۽ هن اخسويرس جي بادشاهت جي هڪ سؤ ستاويهن پرڳڻن ڏانهن سلامتيءَ ۽ سچائيءَ جي لفظن ۾ سڀني يهودين ڏانهن خط موڪليا،</verse>
				<verse number="31">انهيءَ لاءِ تہ اهي پوريم جا ڏينهن، ٺهرايل وقتن تي، جيئن مردڪئي يهوديءَ ۽ راڻي آستر کين حڪم ڪيو هو، ۽ جيئن هنن پاڻ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي اولاد لاءِ، روزن رکڻ، ۽ ماتم ڪرڻ جي نسبت ۾ ٺهراءُ ڪيو هو، تيئن قائم رکندا اچن.</verse>
				<verse number="32">۽ آستر جي حڪم، پوريم جون اهي ڳالهيون پڪيون ڪيون، ۽ اُهو ڪتاب ۾ لکيو ويو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">بادشاهہ اخسويرس انهيءَ زمين تي، ۽ سمنڊ جي ٻيٽن تي، ڍل مقرر ڪئي.</verse>
				<verse number="2">۽ سندس طاقت ۽ زور جا ڪم، ۽ مردڪئي جي بزرگيءَ جو احوال، جنهن تائين بادشاهہ هن جو درجو وڌايو، تنهن جو پورو بيان مادي ۽ فارس جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو مردڪئي يهودي، بادشاهہ اخسويرس کانپوءِ، ٻئي درجي جو هو، ۽ يهودين ۾ وڏو هو، ۽ پنهنجن سڀني ڀائرن وٽ قبول پيو هو؛ ۽ پنهنجي قوم جو ڀلو گهرندڙ هو، ۽ پنهنجي سڄي نسل سان سلامتيءَ جون ڳالهيون ڪندو هو.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="18">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">عوض جي ملڪ ۾ هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جو نالو ايوب هو؛ اهو ڪامل ۽ سچو هو، ۽ خدا کان ڊڄندو هو، ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪندو هو.</verse>
				<verse number="2">۽ هن کي ست پٽ ۽ ٽي ڌيئرون هيون.</verse>
				<verse number="3">هن جو مال ملڪيت ست هزار رڍون، ۽ ٽي هزار اُٺ، ۽ پنج سؤ ڏاندن جا جوڙا، ۽ پنج سؤ گڏهيون، ۽ تمام وڏو ڪٽنب هو؛ انهي ڪري اهو ماڻهو اُڀرندي جي سڀني رهندڙن مان سڀ کان وڏو هو.</verse>
				<verse number="4">۽ هنجا پٽ، هر ڪنهن جي جنم ڏينهن تي، انهيءَ جي گهر ۾ وڃي مجلس ڪندا هئا؛ ۽ پنهنجن ٽنهي ڀينرن کي بہ سڏي پاڻ سان گڏ کارائيندا پياريندا هئا.</verse>
				<verse number="5">۽ هيئن ٿيندو هو تہ جڏهن انهن جي مجلس ڪرڻ جا ڏينهن لنگهي ويندا هئا تڏهن ايوب هنن کي پاڪ ڪندو هو، ۽ هو سوير اُٿي انهن سڀني جي شمار موجب سوختني قربانيون چاڙهندو هو: ڇالاءِ جو ايوب چوندو هو تہ متان منهنجن پٽن گناهہ ڪيو هجي، ۽ پنهنجي دل ۾ خدا کي ڇڏي ڏنو هجي. انهيءَ طرح هميشہ ايوب ڪندو هو.</verse>
				<verse number="6">هاڻي هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو تہ جڏهن خدا جا پٽ خداوند جي اڳيان حاضري ڏيڻ آيا، تڏهن شيطان بہ ساڻن گڏجي آيو.</verse>
				<verse number="7">۽ خداوند شيطان کي چيو تہ تون ڪٿان ٿو اچين؟ تڏهن شيطان خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ زمين تان هيڏي هوڏي گشت ڪندو، ۽ انهيءَ تي هيٺ مٿي گهمندو ٿو اچان.</verse>
				<verse number="8">۽ خداوند شيطان کي چيو تہ منهنجي ٻانهي ايوب بنسبت ڪو ويچار ڪيو اٿيئي؟ ڇالاءِ جو زمين تي انهيءَ جهڙو ڪامل ۽ سچو ماڻهو ٻيو ڪونهي جو خدا کان ڊڄي، ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري.</verse>
				<verse number="9">تڏهن شيطان کي ورندي ڏيئي چيو تہ ايوب ڪو مفت خدا کان ٿو ڊڄي ڇا؟</verse>
				<verse number="10">تو هن جي چوڌاري، ۽ هن جي گهر جي چوڌاري، ۽ جيڪي وٽس آهي تنهن سڀ جي چوڌاري، سڀ ڪنهن پاسي کان پناهہ جي لاءِ لوڙهو نہ ڏيئي ڇڏيو آهي ڇا؟ تو هن جي هٿن جي ڪم ۾ برڪت وڌي آهي، ۽ هن جو مال متاع زمين تي وڌي ويو آهي.</verse>
				<verse number="11">پر هاڻي پنهنجو هٿ ڊگهير، ۽ جيڪي وٽس آهي تنهن کي ڇهہ، تہ پوءِ پاڻيهي هو تنهنجي منهن تي توکي ڇڏي ڏيندو.</verse>
				<verse number="12">۽ خداوند شيطان کي چيو تہ ڏس، جيڪي هن وٽ آهي سو سڀ تنهنجي اختيار ۾ آهي؛ رڳو هن جي جان تي تون پنهنجو هٿ نہ کڻج، تڏهن شيطان خداوند جي حضور مان هليو ويو.</verse>
				<verse number="13">۽ هڪڙي ڏينهن هيئن ٿو جڏهن هن جي پٽن منجهان وڏي جي گهر ۾ هنن ويٺي ماني کاڌي ۽ شراب پيتو،</verse>
				<verse number="14">تہ هڪڙو قاصد ايوب وٽ آيو ۽ اچي چيائينس تہ، ڏاندن هر پئي ڪاهيا، ۽ گڏهہ انهن جي ڀرسان پئي چريا:</verse>
				<verse number="15">تہ سبا جا ماڻهو ڪاهي اچي انهن تي پيا، ۽ انهن کي وٺي ويا؛ هائو، انهن تنهنجي نوڪرن کي ترار جي ڌار سان ڪهي ڇڏيو آهي؛ ۽ رڳو آءٌ بچي نڪتو آهيان جو توکي اچي خبر ڏني اٿم.</verse>
				<verse number="16">۽ اڃا هنن ائين ئي پئي ڳالهايو تہ ٻيو بہ هڪڙو آيو ۽ چوڻ لڳو تہ، خدا جي باهہ آسمان مان ڪري آهي، ۽ رڍن کي ۽ نوڪرن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيو اٿس؛ ۽ رڳو آءٌ بچي نڪتو آهيان جو توکي اچي خبر ڏني اٿم.</verse>
				<verse number="17">اڃا هن ائين ئي پي ڳالهايو تہ، ٻئي بہ هڪڙي اچي چيو تہ ڪسدي ٽي ٽوليون ڪري ڪاهي اچي اُٺن تي پيا، ۽ انهن کي وٺي ويا آهن، ۽ نوڪرن کي ترار جي ڌار سان ڪهي ڇڏيو اٿن؛ ۽ رڳو آءٌ بچي نڪتو آهيان جو توکي اچي خبر ڏني اٿم.</verse>
				<verse number="18">اڃا هن ائين ئي پئي ڳالهايو تہ ٻيو بہ هڪڙو آيو ۽ چوڻ لڳو تہ، تنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن پنهنجي وڏي ڀاءُ جي گهر ۾ ماني پئي کاڌي ۽ شراب پئي پيتو.</verse>
				<verse number="19">تہ ڏس بيابان جي پاسي کان سخت واءُ آيو، ۽ گهر جي چئني ڪنڊن کي اهڙو لڳو جو اهو انهن جوانن تي ڪري پيو ۽ اهي مري ويا؛ ۽ رڳو آءٌ بچي نڪتو آهيان جو توکي اچي خبر ڏني اٿم.</verse>
				<verse number="20">تڏهن ايوب اُٿيو ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيائين، ۽ پنهنجو مٿو ڪوڙيائين، ۽ زمين تي ڪري سجدو ڪرڻ لڳو؛</verse>
				<verse number="21">۽ چوڻ لڳو تہ آءٌ پنهنجي ماءُ جي پيٽ مان اگهاڙو آيس، ۽ وري بہ اوڏي اُگهاڙو موٽي ويندس: خداوند ڏنو، ۽ خداوند موٽائي ورتو آهي؛ شل خداوند جو نالو برڪت وارو هجي.</verse>
				<verse number="22">انهيءَ سڀ ۾ ايوب گناهہ نہ ڪيو، نڪي بي عقلي ڪري خدا کي مهڻو ڏنائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">وري بہ هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو، جڏهن خدا جا پٽ خداوند جي اڳيان حاضري ڏيڻ آيا، ۽ شيطان بہ انهن سان گڏ خداوند جي اڳيان حاضري ڏيڻ آيو.</verse>
				<verse number="2">۽ خداوند شيطان کي چيو تہ تون ڪٿان ٿو اچين؟ ۽ شيطان خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ زمين تي هيڏي هوڏي گشت ڪندو، ۽ انهيءَ تي هيٺ مٿي گهمندو ٿو اچان.</verse>
				<verse number="3">۽ خداوند شيطان کي چيو تہ تو منهنجي ٻانهي ايوب جي بابت ڪو ويچار ڪيو آهي؟ ڇالاءِ جو زمين تي انهيءَ جهڙو ڪامل ۽ سچو ٻيو ڪونهي، اهڙو جو خدا کان ڊڄي ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري: ۽ هو اڃا تائين پنهنجي سچائي وٺيو اچي، جيتوڻيڪ تو مون کي انهيءَ جي برخلاف چوريو، تہ بي سبب هن کي ناس ڪريان.</verse>
				<verse number="4">تڏهن شيطان خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ، کل جي بدران کل، بلڪ جيڪي بہ ڪنهن انسان وٽ آهي سو هو پنهنجي حياتيءَ جي عيوض ڏيندو.</verse>
				<verse number="5">پر هاڻي تون پنهنجو هٿ ڊگهير، ۽ هن جي هڏ ۽ ماس کي ڇهہ، تہ پوءِ هو پاڻيهي توکي تنهنجي منهن تي ڇڏي ڏيندو.</verse>
				<verse number="6">۽ خداوند شيطان کي چيو تہ ڏس، هو تنهنجي هٿ ۾ آهي؛ رڳو هن جي حياتي بچيل رهي.</verse>
				<verse number="7">تڏهن شيطان خداوند جي حضور مان نڪري هليو ويو، ۽ ايوب کي پيرن جي ترين کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين سخت ڦرڙين جي تڪليف ڏنائين.</verse>
				<verse number="8">۽ هن پنهنجي لاءِ هڪڙي ٺڪري کنئي، جنهن سان پاڻ کي پيو کرڙيندو هو؛ ۽ هو خاڪ ۾ ويٺو هوندو هو.</verse>
				<verse number="9">تڏهن سندس زال چيس تہ، اڃا بہ تون پنهنجي سچائيءَ تي قابو رهندين ڇا؟ خدا کي ڇڏي ڏي ۽ مري وڃ.</verse>
				<verse number="10">پر هن چيس تہ تون ائين ٿي ڳالهائين جيئن ڪا بي عقل زال ڳالهائي. ڇا، اسين خدا جي هٿان چڱائي قبول ڪريون، ۽ بڇڙائي قبول نہ ڪريون؟ انهيءَ هوندي بہ ايوب پنهنجن چپن سان گناهہ نہ ڪيو.</verse>
				<verse number="11">هاڻي جڏهن ايوب جي ٽن دوستن انهيءَ سڄيءَ خرابيءَ جو ذڪر ٻڌو، تڏهن انهن مان هرڪو پنهنجي پنهنجي جاءِ تان آيو؛ اليفز تيماني، ۽ بلدد سوخي ۽ ضوفر نعماتي: ۽ انهن گڏجي پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪيو تہ اچي هن سان ڏک ونڊين، ۽ هنکي تسلي ڏين.</verse>
				<verse number="12">۽ جڏهن هنن پنهنجون اکيون مٿي کنيون، ۽ هن کي نہ سڃاتائون، تڏهن رڙيون ڪري روئڻ لڳا: ۽ سڀني پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا، ۽ آسمان ڏانهن پنهنجن مٿن تي مٽي وڌائون.</verse>
				<verse number="13">پوءِ ست ڏينهن ۽ ست راتيون هن وٽ ويهي رهيا، ۽ منجهائن هڪڙي بہ هن سان ڪجهہ ڪين ڳالهايو: ڇالاءِ جو هنن ڏٺو تہ هنکي تمام وڏو اهنج هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">تنهن کان پوءِ ايوب پنهنجو وات پٽيو ۽ پنهنجي ڄمڻ جي ڏينهن کي پٽڻ لڳو.</verse>
				<verse number="2">۽ ايوب ورندي ڏيئي چوڻ لڳو تہ:</verse>
				<verse number="3">جنهن ڏينهن آءٌ ڄائو هوس سو ڀلي تہ ناس ٿي وڃي، ۽ اها رات بہ جنهن ۾ چيو ويو تہ ڪو پٽ ڄائو آهي.</verse>
				<verse number="4">ڀلي تہ اُهو ڏينهن اونداهي ٿئي؛ ڀلي تہ خدا مٿان انهيءَ تي ڌيان نہ ڏئي، ۽ نہ روشنائي انهيءَ تي چمڪي.</verse>
				<verse number="5">ڀلي تہ اونداهي ۽ موت جو پاڇو انهيءَ کي پنهنجو ڪن؛ ڀلي تہ انهيءَ تي ڪڪر ڇانيل رهي؛ ڀلي تہ جيڪي ڏينهن کي ڪارو ٿو ڪري سو انهيءَ کي ڊيڄاري.</verse>
				<verse number="6">۽ انهيءَ رات کي بہ ڀلي تہ اونداهي مٿان اچي پڪڙي: ڀلي تہ اها سال جي ڏينهن ۾ خوشي نہ ڪري؛ ڀلي تہ اها مهينن جي شمار ۾ نہ اچي.</verse>
				<verse number="7">ڏس، ڀلي تہ اها رات سڃي سکڻي ٿئي؛ ڀلي تہ انهي ۾ ڪو خوشيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ نہ اچي.</verse>
				<verse number="8">جيڪي انهيءَ ڏينهن تي لعنت وجهن ٿا سي انهيءَ تي بہ لعنت وجهن، يعني اُهي جي واڳونءَ کي جاڳائڻ لاءِ تيار آهن.</verse>
				<verse number="9">ڀلي تہ انهيءَ جي شفق جا تارا بہ ڪارا ٿين؛ ڀلي تہ اُها روشنائيءَ جي لاءِ نهاري پر اها نہ مليس؛ نڪي اها صبح جي ڇپرن کي ڏسي:</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو انهيءَ منهنجي ماءُ جي پيٽ جا دروازا بند ڪري نہ ڇڏيا، ۽ نہ سور منهنجن اکين کان لڪايائين</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ آءٌ ماءُ جي پيٽ ۾ ئي نہ مئس؟ ڇالاءِ جڏهن آءٌ پيٽ مان نڪتس تڏهن ساهہ نہ ڏنم؟</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ گوڏن مون کي پاڻ تي ويهارڻ قبول ڪيو؟ يا ڇالاءِ ڇاتين قبول ڪيو تہ آءٌ کير پيان؟</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو هينئر جيڪر آءٌ هيٺ ليٽيو پيو هجان ها ۽ ماٺ ۾ هجان ها: آءٌ ننڊ پيو ڪريان ها ۽ آرام ۾ هجان ها:</verse>
				<verse number="14">زمين جي بادشاهن ۽ مشيرن سان گڏ، جن پنهنجي لاءِ ويران جايون اڏايون؛</verse>
				<verse number="15">يا انهن اميرن سان جن وٽ سون هو، جن پنهنجا گهر چانديءَ سان ڀري ڇڏيا:</verse>
				<verse number="16">يا لڪل ڪچي ويم وانگر آءٌ نہ هجان ها؛ انهن ٻارن وانگر جي ڪڏهن بہ روشنائي نٿا ڏسن.</verse>
				<verse number="17">اتي شرير ماڻهو تڪليف پهچائڻ کان بس ٿا ڪن؛ ۽ اتي ٿڪل ماڻهو آرام ٿا وٺن.</verse>
				<verse number="18">اتي قيدي گڏ فرحت ۾ ٿا گذارين؛ اهي ڪم وٺندڙ مقدم جو آواز نٿا ٻڌن.</verse>
				<verse number="19">ننڍا توڙي وڏا اتي آهن؛ ۽ ٻانهو پنهنجي ڌڻيءَ کان آزاد آهي.</verse>
				<verse number="20">جيڪو ڏک ۾ آهي تنهن کي ڇو روشنائي ڏني ٿي وڃي، ۽ جنهن جو روح کٽو آهي تنهن کي ڇو حياتي ڏني ٿي وڃي؛</verse>
				<verse number="21">جي موت جي لاءِ منتظر آهن، پر موت نٿو اچي؛ ۽ اهي انهيءَ جي لاءِ ايترو ڳولي کوٽين ٿا جو لڪل خزانن جي لاءِ بہ نٿا کوٽين؛</verse>
				<verse number="22">جي نهايت شادمان ٿا ٿين، ۽ خوشي ٿا ڪن، جڏهن هو قبر کي لهن ٿا.</verse>
				<verse number="23">جنهن ماڻهوءَ جو رستو لڪل آهي تنهن کي روشني ڇو ٿي ڏيڻ ۾ اچي؟ ۽ جن کي خدا چوڌاري لوڙهو ڏيئي بند ڪري ڇڏيو آهي،</verse>
				<verse number="24">ڇالاءِ تہ منهنجي کاڌي جي لاءِ آهون آهن، ۽ منهنجو رڙيون پاڻيءَ وانگر وهن ٿيون.</verse>
				<verse number="25">ڇالاءِ جو جنهن شيءِ کان آءٌ ڊڄان ٿو سا مون تي اچي ٿي، ۽ جنهن شيءِ کان مونکي ڊپ ٿو ٿئي سا مون ڏانهن اچي ٿي.</verse>
				<verse number="26">آءٌ سک ۾ ڪين آهيان، نڪي ماٺ ۾ آهيان، نڪو آرام اٿم؛ پر ڏک اچي ٿو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">تڏهن اليفز تيمانيءَ، ورندي ڏيئي چيو تہ،</verse>
				<verse number="2">جيڪڏهن ڪو تو سان ڪوشش ڪري گفتگو ڪري، تہ تون رنج ٿيندين ڪيئن؟ پر ڪير پاڻ کي ڳالهائڻ کان روڪي سگهندو؟</verse>
				<verse number="3">ڏس تو گهڻن کي تعليم ڏني آهي ۽ ضعيف هٿن کي مضبوط ڪيو اٿيئي.</verse>
				<verse number="4">تنهنجي ڪلام انهي کي جهلي ورتو آهي جو ڪرڻ تي هو، ۽ تو ضعيف گوڏن کي مضبوط ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="5">پر هاڻي اهو حال توتي آيو آهي، ۽ تون ماندو ٿو ٿين؛ اهو توکي ڇهي ٿو، ۽ توکي تڪليف ٿي رسي.</verse>
				<verse number="6">توکي جيڪو خدا جو ڊپ آهي سو تنهنجو ڀروسو ناهي ڇا، ۽ تنهنجن رستن جي سچائي تنهنجي اُميد ناهي ڇا؟</verse>
				<verse number="7">آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان، تہ ياد رک، تہ بي گناهہ بہ ڪڏهن ڪو ناس ٿيو آهي؟ يا سچار بہ ڪٿي وڍجي ويا آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="8">جيئن مون ڏٺو آهي، تيئن جيڪي ظلم ٿا کيڙين، ۽ فساد ٿا پوکين، سي لڻن بہ اهو ئي ٿا.</verse>
				<verse number="9">خدا جي دم سان هو چٽ ٿي وڃن ٿا، ۽ انجي ڪاوڙ جي جهوٽي سان هو مري کپي وڃن ٿا.</verse>
				<verse number="10">شينهن جي گجگوڙ، ۽ خوفناڪ شينهن جو آواز، ۽ ننڍن شينهن جا ڏند ڀڄي پيا آهن.</verse>
				<verse number="11">ٻڍو شينهن شڪار نہ ملڻ ڪري مري ٿو، ۽ شينهڻ جا ٻچا پري پکڙي ويا آهن.</verse>
				<verse number="12">هاڻي هڪڙي ڳالهہ ڳجهيءَ طرح مون وٽ آندي ويئي، ۽ منهنجي ڪن انهيءَ جو ڀڻڪو ٻڌو.</verse>
				<verse number="13">رات جي رويائن جي خيالن جي وچ ۾، جڏهن ماڻهن تي گهاٽي ننڊ غالب ٿئي ٿي،</verse>
				<verse number="14">تڏهن مونکي ڊپ ۽ ڏڪڻيءَ اچي ورتو، جنهنڪري منهنجا سڀ هڏا ڏڪڻ لڳا.</verse>
				<verse number="15">تڏهن هڪڙو روح منهنجي منهن جي اڳيان اچي لنگهيو؛ منهنجي بت جا وار کڙا ٿي بيٺا.</verse>
				<verse number="16">اهو ماٺ ڪري بيٺو، پر انهيءَ کي آءٌ چٽيءَ طرح ڏسي نہ سگهيس؛ فقط هڪڙي شڪل منهنجن اکين اڳيان هئي، ماٺ لڳي پيئي هئي، ۽ مون هڪڙو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ،</verse>
				<verse number="17">فاني انسان بہ ڪو خدا کان وڌيڪ انصاف وارو ٿيندو ڇا؟ ماڻهو پنهنجي خالق کان ڪو وڌيڪ پاڪ ٿيندو ڇا؟</verse>
				<verse number="18">ڏس، هو پنهنجن ٻانهن ۾ ڪو بہ ويساهہ نٿو رکي؛ ۽ پنهنجن فرشتن کي هو بي عقليءَ جي تهمت ٿو ڏئي:</verse>
				<verse number="19">تنهنجو انهيءَ کان وڌيڪ ڪهڙو حال هوندو، جيڪي مٽيءَ جي گهرن ۾ رهن ٿا، جن جو بنياد خاڪ آهي، جي پتنگ وانگر چپجي ٿا پون!</verse>
				<verse number="20">صبح ۽ شام جي وچ ۾ هو ناس ٿي وڃن ٿا: هو هميشہ لاءِ چٽ ٿي وڃن ٿا، ۽ ڪو بہ انهن ڏانهن ڌيان ڪونہ ٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="21">هنن جي تنبوءَ جو رسو سندن اندر ۾ پٽجي نہ پيو آهي ڇا؟ هو ڏاهپ کان سواءِ مري وڃن ٿا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">هاڻي سڏ ڪر؛ آهي ڪو جو توکي جواب ڏئي؟ ۽ پاڪ شخصن مان ڪهڙي ڏانهن تون ڦرندين؟</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو چڙ بي عقل ماڻهوءَ کي ماري ٿي ۽ حسد نادان ماڻهوءَ کي ڪهي ٿو.</verse>
				<verse number="3">مون بي عقل ماڻهوءَ کي پاڙ هڻندو ڏٺو آهي: پر اوچتو مون هن جي رهڻ جي جاءِ کي لعنت ڪئي.</verse>
				<verse number="4">هن جا ٻار سلامتيءَ کان پري آهن، ۽ اُهي دروازي ۾ چپيا پيا آهن، ۽ ڪو بہ هنن کي ڇڏائڻ وارو ڪونهي.</verse>
				<verse number="5">هن جي فصل جي پيدائش بکايل کائي ٿو، ۽ انهي کي ڪنڊن مان ڪڍي وٺي ٿو، ۽ هن جي مال ملڪيت کي ڳڙڪائڻ لاءِ اُڃايل وات پٽيو ويٺو آهي.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو مصيبت مٽيءَ مان نٿي نڪري، نڪي تڪليف زمين مان اُڀري ٿي؛</verse>
				<verse number="7">پر ماڻهو تڪليف جي لاءِ ڄائو آهي، جيئن ڪي چڻنگون مٿي اُڏامنديون آهن.</verse>
				<verse number="8">پر آءٌ خدا کي ڳولڻ ٿو گهران، ۽ پنهنجو معاملو خدا جي حوالي ڪرڻ ٿو گهران:</verse>
				<verse number="9">جو اهڙا وڏا وڏا ڪم ٿو ڪري، جي تپاس ڪرڻ کان ٻاهر آهن، عجيب غريب ڪم، جي شمار ڪرڻ کان ٻاهر آهن:</verse>
				<verse number="10">جو زمين تي مينهن وسائي ٿو. ۽ ٻنين تي پاڻي موڪلي ٿو:</verse>
				<verse number="11">اهڙو جو جيڪي هيٺ آهن تن کي مٿي ويهاري ٿو، ۽ جيڪي ڏک ڪن ٿا سي چڙهي وڃي سلامتيءَ کي پهچن ٿا.</verse>
				<verse number="12">هو ٺڳن جون رٿون برباد ڪري ڇڏي ٿو، جنهن ڪري هنن جا هٿ پنهنجا رٿيل ڪم ڪري نٿا سگهن.</verse>
				<verse number="13">هو ڏاهن کي خود سندن هوشياريءَ ۾ پڪڙي ٿو، ۽ ڏنگن جي صلاح مصلحت اونڌي ڪري ڇڏي ٿو.</verse>
				<verse number="14">هنن کي ڏينهن جي وقت اونداهي اچي گڏجي ٿي، ۽ ٻن پهرن جو هو ائين هٿوراڙيون ٿا هڻن، جيئن رات جو هڻبيون آهن.</verse>
				<verse number="15">پر هو گهرج وارن کي سندن وات جي ترار کان، بلڪ زور وارن جي هٿ کان بچائي ٿو:</verse>
				<verse number="16">تنهنڪري غريب کي اُميد آهي، ۽ بي انصافي پنهنجو وات بند ڪري ٿي.</verse>
				<verse number="17">ڏس، سڀاڳو آهي اهو ماڻهو جنهن کي خدا تاب ٿو ڏئي: تنهنڪري قادر مطلق جي سيکت کي نہ ڌڪار.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو هو زخمي ڪري ٿو، ۽ پٽي ٻڌي ٿو، هو ڦٽي ٿو، ۽ هن جا هٿ ڇُٽائي چڱو ڀلو ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="19">هو ڇهن مصيبتن مان ڇڏائيندو، هائو، ستن ۾ بہ ڪا خرابي توکي نقصان نہ رسائيندي.</verse>
				<verse number="20">ڏڪار ۾ هو توکي موت کان ڇڏائيندو، ۽ جنگ ۾ ترار جي طاقت کان.</verse>
				<verse number="21">تون زبان جي چهبڪ کان لڪي ويندين، نڪي جڏهن ناس ٿيڻ جو وقت ايندو تڏهن انهيءَ کان ڊڄندين.</verse>
				<verse number="22">موت ۽ ڏڪار تي تون کلندين، نڪي تون زمين جي جانورن کان ڊڄندين.</verse>
				<verse number="23">ڇالاءِ جو تون ميدان جي پٿرن سان ٻڌيءَ ۾ هوندين، ۽ جنگ جا مرون تو سان صلح ۾ هوندا.</verse>
				<verse number="24">۽ تون ڄاڻيندين تہ تنهنجو تنبو سلامتيءَ ۾ آهي؛ ۽ تون پنهنجو واڙو اچي ڏسندين تہ ڪي بہ گم نہ ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="25">تون اهو بہ ڄاڻيندين تہ تنهنجو اولاد وڏو ٿيندو، ۽ تنهنجو اولاد زمين جي گاهہ جيترو ٿيندو.</verse>
				<verse number="26">تون وڏيءَ عمر ۾ پنهنجي قبر ۾ ايندين، جيئن ڪ اَن جو گڏو پنهنجي پوري وقت تي ايندو آهي.</verse>
				<verse number="27">هي ڏس، اسان انهيءَ جي ڳولا ڪئي آهي، ۽ ائين ئي آهي؛ اُهو ٻڌ، ۽ اُهو پنهنجي چڱائيءَ جي لاءِ ڄاڻ.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">تڏهن ايوب ورندي ڏئي چيو تہ،</verse>
				<verse number="2">اڙي جي منهنجو رنج رڳو تورڻ ۾ اچي، ۽ منهنجي مصيبت ساهميءَ ۾ گڏ رکي وڃي تہ ڪهڙو نہ چڱو!</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو اهو سمنڊن جي واريءَ کان بہ ڳرو ٿي ويندو، تنهنڪري منهنجي ڳالهہ اُٻري ٿي پيئي آهي.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو قادر مطلق جا تير منهنجي اندر ۾ چُڀيل آهن، جن جو زهر منهنجو روح پيو پيئي: خدا جون ڊيڄاريندڙ ڳالهيون منهنجي سامهون قطار ٻڌي بيهن ٿيون.</verse>
				<verse number="5">جڏهن خچر کي گاهہ آهي تڏهن هو هينگي ٿو ڇا؟ يا ڪو ڏاند پنهنجي چاري تي رنڀي ٿو ڇا؟</verse>
				<verse number="6">جنهن ۾ ڪابہ لذت ڪانهي، سا لوڻ کان سواءِ کائبي آهي ڇا؟ يا بيدي جي اڇاڻ ۾ ڪو سواد آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="7">منهنجو روح انهن کي ڇهڻ کان انڪار ڪري ٿو؛ اهي منهنجي لاءِ نفرت جهڙو کاڌو آهن.</verse>
				<verse number="8">اڙي، جي منهنجو مطلب پورو ٿئي، ۽ جنهن شيءِ جي لاءِ آءٌ خواهشمند آهيان سا جيڪر خدا مون کي ڏئي!</verse>
				<verse number="9">شل خدا جي مرضي ٿئي تہ مون کي چپي ڇڏي، ۽ پنهنجو هٿ ڊگهو ڪري مونکي اصل وڍي ڦٽو ڪري!</verse>
				<verse number="10">تڏهن بہ جيڪر مونکي دلاسو ٿئي، هائو، جيڪو سور مون کي نٿو ڇڏي، تنهن ۾ بہ جيڪر ڏاڍو خوش ٿيان، ڇالاءِ جو مون انهيءَ پاڪ وجود جو ڪلام رد نہ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="11">مون ۾ ڪهڙي طاقت آهي جو ترسي ويهان؟ ۽ منهنجي پڇاڙي ڪهڙي آهي جو آءٌ صبر ڪريان؟</verse>
				<verse number="12">منهنجي طاقت ڪا پٿرن جي طاقت آهي ڇا؟ يا منهنجو بت ڪو پتل جو آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="13">ائين نہ آهي ڇا تہ مون کي ڪو بہ چارو ڪونهي، ۽ اثر واري ڪم ڪرڻ جي طاقت مون مان بلڪل نڪري ويئي آهي؟</verse>
				<verse number="14">جيڪو ماندي ٿيڻ تي آهي تنهن جي لاءِ سندس دوست کي مهرباني ڏيکارڻ لازم آهي، انهي لاءِ بہ جو قادر مطلق جو خوف ڇڏي ڏئي ٿو.</verse>
				<verse number="15">منهنجن ڀائرن هڪڙيءَ نهر وانگر ٺڳي ڪئي آهي، بلڪ انهن بيانن جي نهرن، وانگر، جي سڪي ٿيون وڃن.</verse>
				<verse number="16">جي نهرون برف جي ڪري ڪاريون آهن، جن ۾ برف لڪي پيئي آهي،</verse>
				<verse number="17">جنهن وقت اهي گرم ٿين ٿيون، انهيءَ وقت گم ٿيو وڃن: جڏهن گرمي ٿئي ٿي تڏهن اهي پنهنجي جاءِ تان نڪريو کپيو وڃن.</verse>
				<verse number="18">جيڪي قافلا سندن پاسي کان لنگهن ٿا سي ڦري پاسو ڪن ٿا، هو سڃ ڏانهن وڃي ناس ٿيو وڃن.</verse>
				<verse number="19">تيما جي قافلن نهاريو، ۽ سبا جون ٽوليون انهن جي لاءِ منتظر ٿي ويٺيون.</verse>
				<verse number="20">اهي شرمندا ٿيا آهن، ڇالاءِ جو انهن اُميد رکي هئي، اهي اتي آيا ۽ سندن متيون منجهي ويون.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو اوهين هاڻي ڪي ڪين آهيو؛ اوهين خوف ڏسو ٿا ۽ ڊڄو ٿا.</verse>
				<verse number="22">مون ڪو چيو ڇا تہ ڪجهہ مون کي ڏيو؟ يا پنهنجي مال ملڪيت مان ڪا سوکڙي مون کي ڏيو؟</verse>
				<verse number="23">يا مون کي دشمن جي هٿان ڇڏايو؟ يا ظالمن جي هٿان منهنجي جند آزاد ڪرايو؟</verse>
				<verse number="24">مون کي سيکاريو تہ آءٌ ماٺ ڪري ويهان: ۽ جن ڳالهين ۾ مون ڀل ڪئي هجي سي مون کي سمجهايو.</verse>
				<verse number="25">سچائيءَ جو ڪلام ڪهڙو نہ زور ڀريو آهي! پر اوهانجي حجت ڪنهن کي ٿي فهمائش ڪري؟</verse>
				<verse number="26">اوهان جو اهو خيال آهي ڇا تہ ڳالهين جي فهمائش ڏجي؟ ڇالاءِ جو جيڪو اُميد ڇڏي ٿو، تنهن جون ڳالهيون هوا جهڙيون آهن.</verse>
				<verse number="27">هائو، اوهين يتيمن تي ڪڻا وجهڻ ٿا گهرو، ۽ پنهنجي دوست کي واپاري مال بنائي واپار ٿا ڪريو.</verse>
				<verse number="28">تنهنڪري هاڻي مهرباني ڪري مون ڏي نهاريو، ڇالاءِ جو آءٌ اوهان جي منهن تي ڪوڙ ڪين ڳالهائيندس.</verse>
				<verse number="29">آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ موٽي وڃو، ڪابہ بي انصافي ٿيڻ نہ ڏيو، هائو، موٽي وڃو منهنجي دعويٰ سچي آهي.</verse>
				<verse number="30">منهنجي زبان تي ڪا بي انصافي آهي ڇا؟ مون کي چکڻ سان نقصان وارين شين جي خبر پئجي نٿي سگهي ڇا؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">ماڻهوءَ جي لاءِ زمين تي جهيڙو جهڳڙو نہ آهي ڇا؟ ۽ هن جا ڏينهن مزور جي ڏينهن جهڙا نہ آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="2">جيئن ڪو ٻانهو ڏاڍي شوق سان ڇانوَ جو ڳولائو هجي، ۽ جيئن ڪو مزور پنهنجي مزوري لاءِ آيو هجي:</verse>
				<verse number="3">تيئن مون کي اجايا مهينا ورثي ۾ ڏنا اٿن، ۽ تڪليف جهڙيون راتيون منهنجي لاءِ مقرر ڪيون اٿن.</verse>
				<verse number="4">جڏهن آءٌ سمهندو آهيان تڏهن چوندو آهيان تہ ڪڏهن وري اُٿندس؟ پر رات ڊگهي آهي، ۽ آءٌ پرهہ ڦٽي تائين رڳو پيو اُٿلندو پٿلندو آهيان.</verse>
				<verse number="5">منهنجو بت ڪينئن ۽ مٽيءَ جي ڳوڙهن سان ڍڪيو پيو آهي؛ منهنجي کل پورجيو وڃي ٿي ۽ وري نئين سر ڦٽيو ڦاٽيو پوي.</verse>
				<verse number="6">منهنجا ڏينهن ڪوريءَ جي نڙي کان بہ تکا آهن، ۽ اُميد کانسواءِ گذريو وڃن.</verse>
				<verse number="7">اڙي، ياد ڪريو تہ منهنجي حياتي هوا وانگر آهي: منهنجي اک وري چڱائي نہ ڏسندي.</verse>
				<verse number="8">جيڪو مون کي ڏسي ٿو، تنهن جي اک وري مون کي نہ ڏسندي. تنهن جون اکيون مون تي هونديون پر آءٌ ڪونہ هوندس.</verse>
				<verse number="9">جيئن ڪو ڪڪر کپيو گم ٿيو وڃي، تيئن جيڪو هيٺ قبر ۾ ٿو وڃي سو وري مٿي نٿو اچي.</verse>
				<verse number="10">اهو پنهنجي گهر وري موٽي نہ ايندو، ۽ نہ سندس جاءِ کيس وري سڃاڻيندي.</verse>
				<verse number="11">تنهنڪري آءٌ پنهنجو وات ڪين روڪيندس؛ آءٌ پنهنجي روح جي رنج ۾ ڳالهائيندس؛ آءٌ پنهنجي روح جي ڪَڙائيءَ ۾ دانهن ڪندس.</verse>
				<verse number="12">آءٌ ڪو سمنڊ يا مانگرمڇ آهيان ڇا، جو تون مون تي پهرو ويهارين ٿو.</verse>
				<verse number="13">جڏهن آءٌ چوان تہ منهنجو هنڌ مون کي آرام ڏيندو ۽ منهنجو بستر منهنجي دانهن لاهيندو؛</verse>
				<verse number="14">تڏهن تون مون کي خوابن سان ڊيڄارين ٿو ۽ رويائن سان خوف ڏيارين ٿو:</verse>
				<verse number="15">جنهنڪري منهنجو روح گهٽجي مرڻ پسند ٿو ڪري، ۽ هنن منهنجن هڏن کان موت پسند ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="16">آءٌ پنهنجي حياتيءَ کي ڌڪاريان ٿو؛ آءٌ هميشہ جيئڻ نٿو گهران، مون کي ڇڏي ڏي ڇالاءِ جو منهنجا ڏينهن اجايا آهن.</verse>
				<verse number="17">ماڻهو ڇا آهي جو تون انهيءَ کي پڏائين ٿو، ۽ انهيءَ سان پنهنجي دل ٿو لائين.</verse>
				<verse number="18">۽ ڏهاڙي صبح جو انهيءَ کي ڏسڻ وڃين ٿو، ۽ هر وقت انهيءَ جي آزمائش وٺين ٿو؟</verse>
				<verse number="19">ڪيستائين تون مون کان منهن ڦيرائي ٻئي پاسي نہ نهاريندين، ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي نہ ڏيندين تہ پنهنجي ٿُڪ ڳهي وڃان؟</verse>
				<verse number="20">مون گناهہ ڪيو آهي، تہ اي ماڻهن جا سنڀاليندڙ، آءٌ توکي ڇا ڪريان؟ ڇو تو مون کي پنهنجي لاءِ هڪڙو نشان ٺهرايو آهي. جنهن ڪري آءٌ پاڻ تي بار ٿي پيو آهيان؟</verse>
				<verse number="21">۽ ڇالاءِ تون منهنجو قصور معاف نٿو ڪرين، ۽ منهنجو گناهہ پاسي ڪري نٿو ڇڏين؟ ڇالاءِ جو آءٌ هيٺ مٽيءَ ۾ وڃي سمهندس، ۽ تون مون کي گهڻو ئي ڳولهيندين پر آءٌ ڪونہ هوندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">تڏهن بلدد سوخيءَ ورندي ڏيئي چيو تہ:</verse>
				<verse number="2">ڪيستائين تون اهي ڳالهيون پيو ڪندين؟ ۽ ڪيستائين تنهنجي وات جا لفظ ڏاڍا واءُ جهڙا هوندا؟</verse>
				<verse number="3">خدا ڪو عدالت جو خون ڪري ٿو ڇا؟ يا قادر مطلق ڪو انصاف کي ڦيرائي ٿو ڇا؟</verse>
				<verse number="4">جيڪڏهن تنهنجي اولاد هن جي خلاف گناهہ ڪيو آهي ۽ هن انهن کي، انهن گناهن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي:</verse>
				<verse number="5">جيڪڏهن تون ڪوشش ڪري خدا کي ڳولڻ گهرندين ۽ قادر مطلق وٽ منٿ آزي ڪندين؛</verse>
				<verse number="6">جيڪڏهن تون پاڪ ۽ سچو هوندين؛ تہ پوءِ يقين آهي تہ هو تو لاءِ اُٿندو، ۽ تنهنجي سچائيءَ جي جاءِ کي سڀاڳو ڪندو.</verse>
				<verse number="7">۽ جيڪڏهن تنهنجي شروعات ننڍي هجي تہ بہ تنهنجي پڇاڙي نيٺ وڌي وڏي ٿيندي.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ اڳئين زماني کان پڇا ڪر، ۽ جيڪي هن جي ابن ڏاڏن ڳولي لڌو آهي تنهن تي عمل ڪر:</verse>
				<verse number="9">(ڇالاءِ جو اسين رڳو ڪالهوڪا آهيون ۽ ڪجهہ نٿا ڄاڻون؟ هن ڪري جو اسان جا ڏينهن زمين تي هڪڙو پاڇو آهن:)</verse>
				<verse number="10">اهي توکي نہ سيکاريندا ۽ نہ چوندا ڇا، ۽ پنهنجي دل مان لفظ نہ ڪڍندا ڇا؟</verse>
				<verse number="11">ڪو ڪانو گپ کانسواءِ اُڀري سگهندو ڇا؟ بانس جو ڪانو ڪو پاڻيءَ کانسواءِ اُڀري سگهندو ڇا؟</verse>
				<verse number="12">جيسين اهو اڃا سائو آهي ۽ وڍيو نہ ويو آهي، تہ بہ اهو ٻين ٻوٽن کان اڳي ڪومائجي وڃي ٿو.</verse>
				<verse number="13">جيڪي خدا کي وسارين ٿا تن سڀني جا رستا اهڙا ئي آهن؛ ۽ بي دين ماڻهوءَ جي اُميد نابود ٿي ويندي:</verse>
				<verse number="14">جنهن جو ويساهہ ويندو رهندو ۽ جنهن جو اعتبار ڪوريئڙي جي ڄار آهي.</verse>
				<verse number="15">هو پنهنجي گهر تي ٽيڪ ڏيندو، پر اهو نہ بيهندو: هو انهيءَ کي قابو جهلي بيهندو پر اهو جٽاءُ نہ ڪندو.</verse>
				<verse number="16">هو سج جي اڳيان سائو آهي، ۽ هن جون شاخون هن جي باغ ڏي وڃن ٿيون.</verse>
				<verse number="17">هن جون پاڙون ڍير ۾ ويڙهيل آهن، ۽ هو پٿرن جي جاءِ ڏسي ٿو.</verse>
				<verse number="18">جيڪڏهن هو پنهنجي جاءِ تان ناس ٿي ويندو، تہ اها هنجو انڪار ڪندي ۽ چوندي تہ مون توکي ڪونہ ڏٺو آهي.</verse>
				<verse number="19">ڏس هيءَ هن جي راهہ جي خوشي آهي، ۽ مٽيءَ مان ٻيا ڦٽي نڪرندا.</verse>
				<verse number="20">ڏس، خدا سچي ماڻهوءَ کي ڪڏهن بہ ڇڏي نہ ڏيندو، نڪي هو شرارت ڪندڙن کي قائم رکندو.</verse>
				<verse number="21">هو اڃا بہ تنهنجو وات کل سان ڀريندو، ۽ تنهنجا چپ ٽهڪن سان.</verse>
				<verse number="22">جيڪي توکي ڌڪارين ٿا سي شرم سان ڍڪجي ويندا، ۽ شريرن جو تنبو نابود ٿي ويندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ:</verse>
				<verse number="2">آءٌ سچ پچ ڄاڻان ٿو تہ ائين آهي: پر ڪهڙيءَ طرح ماڻهو خدا اڳيان سچو ٿي سگهندو؟</verse>
				<verse number="3">جيڪڏهن هن جي مرضي ساڻس وڙهڻ جي هوندي تہ هزار مان هڪڙيءَ ڳالهہ جو بہ هن کي جواب ڏيئي نہ سگهندو.</verse>
				<verse number="4">هو دل ۾ ڏاهو آهي ۽ طاقت ۾ زوراور آهي: ڪنهن پاڻ کي هن جي سامهون سخت ڪيو آهي ۽ فتحياب ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="5">جو جبلن کي هٽائي ڇڏي ٿو ۽ انجي هنن کي خبر ئي نٿي پوي، ۽ انهيءَ مهل هو ڪاوڙ ۾ انهن کي اونڌو ڪيو رکي.</verse>
				<verse number="6">جو زمين کي پنهنجي جاءِ تان لوڏيو ڇڏي، ۽ ان جا ٿنڀ ڏڪن ٿا.</verse>
				<verse number="7">جو سج کي حڪم ڏئي ٿو تہ اُهو اُڀري ئي نٿو؛ ۽ جو تارن کي مُهر ڪيو ڇڏي.</verse>
				<verse number="8">جو اڪيلو ئي اڪيلو آسمان کي پکيڙي ٿو، ۽ سمنڊ جي لهرن تي سير ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="9">جو کٽ، ۽ جبار، ۽ ڪتيون، ۽ ڏکڻ وارا برج جوڙي ٿو.</verse>
				<verse number="10">جو اهڙا وڏا ڪم ڪري ٿو جي سمجهہ کان ٻاهر آهي، هائو، بيشمار عجيب ڪم.</verse>
				<verse number="11">ڏس، هو منهنجي پاسي کان هلي ٿو تہ بہ آءٌ ان کي نٿو ڏسان: هو اڳتي لنگهي ويو پر هن جي مون کي خبر نٿي پوي.</verse>
				<verse number="12">ڏس، هو شڪار پڪڙي ٿو، ڪير هن کي روڪيندو؟ ڪير هن کي چوندو تہ تون ڇا ٿو ڪرين؟</verse>
				<verse number="13">خدا پنهنجي ڪاوڙ کي نہ موٽائيندو؛ رهب جا مددگار هن هيٺ جهڪن ٿا.</verse>
				<verse number="14">پوءِ مون کي ڪهڙي طاقت آهي جو آءٌ هن کي جواب ڏيئي سگهان، ۽ هن سان حجت دليل ڪرڻ لاءِ پنهنجا لفظ چونڊي سگهان؟</verse>
				<verse number="15">جي کڻي آءٌ سچو بہ هجان تہ بہ جيڪر جواب ڏيڻ نہ گهران؛ آءٌ جيڪر پنهنجي دشمن کي بہ منٿ زاري ڪريان.</verse>
				<verse number="16">جي آءٌ کڻي سڏ ڪريان ها ۽ هو ورندي ڏئي ها؛ تہ بہ آءٌ جيڪر ويساهہ نہ ڪريان تہ ڪو هن منهنجو آواز ٻڌو آهي.</verse>
				<verse number="17">هو مون کي طوفان سان ڀڃي ٿو، ۽ سبب کان سواءِ زخم وڌائي ٿو.</verse>
				<verse number="18">هو مون کي ساهہ کڻڻ نہ ڏيندو، پر مون کي ڪَڙاڻ سان ڀري ڇڏي ٿو.</verse>
				<verse number="19">جيڪڏهن اسين طاقت وارن جي زور جو ذڪر ڪنداسين تہ ڏسو، هو اتي موجود آهي! ۽ جي عدالت جو، تہ ڪير مون کي وقت مقرر ڪري ڏيندو؟</verse>
				<verse number="20">جيتوڻيڪ آءٌ سچو ئي هجان، تہ بہ منهنجو وات مون کي قصور وار ٺهرائيندو: ۽ جي آءٌ ڪامل هجان، تہ بہ اهو مون کي ڏنگو ثابت ڪندو.</verse>
				<verse number="21">آءٌ ڪامل آهيان: تہ بہ آءٌ پاڻ کي ڪي ڪين ٿو سمجهان؛ آءٌ پنهنجي حياتيءَ کي ڌڪاريان ٿو.</verse>
				<verse number="22">اها سڀ هڪڙي ڳالهہ آهي؛ تنهن ڪري آءٌ چوان ٿو تہ هو ڪامل توڙي شريرن کي ناس ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="23">جيڪڏهن وبا اوچتو ماري وجهندي تہ بہ هو بيگناهن جي آزمائش تي کلندو.</verse>
				<verse number="24">زمين شريرن جي هٿ ۾ ڏني ويئي آهي: هو انهنجي منصفن جا منهن ڍڪي ڇڏي ٿو. جي اُهو ناهي تہ تڏهن ٻيو ڪير آهي؟</verse>
				<verse number="25">هاڻي منهنجا ڏينهن ٽپالي قاصد کان بہ تکا آهن: اُهي ڀڄندا وڃن ۽ اُهي ڪابہ چڱائي نٿا ڏسن.</verse>
				<verse number="26">هو تکن جهازن وانگر لنگهي ويا آهن: انهيءَ باز وانگر جو شڪار تي لامارو ڏئي ٿو.</verse>
				<verse number="27">جيڪڏهن آءٌ چوندس تہ آءٌ پنهنجي غمگين شڪل ڦيري ڇڏيندس ۽ خوش گذاريندس:</verse>
				<verse number="28">تہ آءٌ پنهنجن سڀني ڏکن کان ڊڄان ٿو مون کي خبر آهي تہ تون مون کي بيگناهہ نہ ڄاڻندين.</verse>
				<verse number="29">مون تي ڏوهہ ثابت ٿيندو؛ تڏهن ڇالاءِ آءٌ اجائي محنت ڪريان؟</verse>
				<verse number="30">جيڪڏهن آءٌ پاڻ کي برف جي پاڻيءَ سان ئي کڻي ڌوئان ۽ پنهنجا هٿ تمام صاف ڪريان؛</verse>
				<verse number="31">تہ بہ تون مون کي کڏ ۾ اُڇلائي وجهندين، ۽ خود منهنجا ڪپڙا مون کان بيزار ٿيندا.</verse>
				<verse number="32">ڇالاءِ جو هو مون جهڙو ماڻهو ناهي جو هن کي ورندي ڏيان، ۽ عدالت جي لاءِ هن سان گڏ حاضر ٿيان.</verse>
				<verse number="33">اسان جي وچ ۾ ڪو امين ڪونهي جو اسان ٻنهي تي پنهنجو هٿ رکي.</verse>
				<verse number="34">ڀلي تہ هو پنهنجي لٺ مون تان پري ڪري، ۽ هنجو خوف مونکي نہ ڊڄاري:</verse>
				<verse number="35">تہ پوءِ آءٌ ڳالهايان ۽ هن کان نہ ڊيڄاري؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي لاءِ پاڻ اهڙو نہ آهيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">منهنجو روح منهنجي حياتيءَ کان بيزار آهي ۽ آءٌ پنهنجي فرياد آزاديءَ سان ڪندس؛ آءٌ پنهنجي ڏکي روح سان ڳالهائيندس.</verse>
				<verse number="2">آءٌ خدا کي چوندس تہ مون کي ڏوهاري نہ ٺهراءِ؛ مون کي ڏيکار تہ ڇالاءِ تون مون سان وڙهين ٿو؟</verse>
				<verse number="3">اهو ڪو تنهنجي لاءِ چڱو آهي ڇا تہ تون ظلم ڪرين، ۽ پنهنجن هٿن جي ڪم کي ڌڪارين، ۽ شريرن جي صلاح مصلحت کي روشن ڪرين؟</verse>
				<verse number="4">توکي جسماني اکيون آهن ڇا يا تون ماڻهوءَ وانگر ڏسين ٿو ڇا؟</verse>
				<verse number="5">تنهنجا ڏينهن ڪي ماڻهوءَ جي ڏينهن جهڙا آهن ڇا، يا تنهنجا ورهيہ ڪي ماڻهوءَ جي ورهين جهڙا آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="6">جو تون منهنجن ڏوهن جي جاچ ٿو ڪرين، ۽ منهنجن گناهن جي ڳولا ٿو ڪرين،</verse>
				<verse number="7">جيتوڻيڪ تون ڄاڻين ٿو تہ آءٌ شرير نہ آهيان؛ ۽ ٻيو ڪو بہ ڪونهي جو تنهنجي هٿان ڇڏائي سگهي؟</verse>
				<verse number="8">تنهنجن هٿن چوڌاري گڏي مونکي جوڙيو آهي ۽ بنايو آهي؛ تڏهن بہ تون مونکي ناس ڪرين ٿو.</verse>
				<verse number="9">آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ ياد ڪر تہ تو مون کي ڳوهيل مٽيءَ وانگر جوڙيو آهي؛ ۽ وري مونکي خاڪ ۾ آڻي وجهندين ڇا؟</verse>
				<verse number="10">تو مون کي کير وانگر اوتي نہ ڇڏيو آهي ڇا، ۽ پنير وانگر نہ ڄمايو اٿيئي ڇا؟</verse>
				<verse number="11">تو مون کي کل ۽ ماس سان ڍڪيو آهي، ۽ هڏن ۽ نسن سان ڳنڍي ڍڪيو اٿيئي.</verse>
				<verse number="12">تو مون کي حياتي ۽ مهرباني عطا ڪئي آهي، ۽ تنهنجي حضوريءَ منهنجو روح بچايو آهي.</verse>
				<verse number="13">انهيءَ هوندي بہ اهي ڳالهيون تو پنهنجي دل ۾ لڪايون؛ مون کي خبر آهي تہ اهو تنهنجو ڪم آهي:</verse>
				<verse number="14">جيڪڏهن آءٌ گناهہ ٿو ڪريان تہ تون مون کي سهي ڪري وٺين ٿو، ۽ مون کي پنهنجي ڏوهہ کان آزاد ڪري نہ ڇڏيندين.</verse>
				<verse number="15">جي آءٌ شرير هوندس تہ منهنجي حال تي افسوس آهي؛ ۽ جي آءٌ سچو هوندس تہ بہ آءٌ پنهنجو منهن مٿي نہ کڻندس؛ جو شرمندگيءَ سان ڀريل آهيان، ۽ پنهنجي مصيبت تي نظر اٿم.</verse>
				<verse number="16">۽ جي منهنجو ڪنڌ پاڻ کي مٿي ڪري ٿو، تہ تون شينهن وانگر منهنجي پٺيان ڪاهيو پوين: ۽ وري عجيب طرح مون کي پاڻ ڏيکارين ٿو.</verse>
				<verse number="17">تون نئين سر پنهنجا شاهد منهنجي برخلاف پيدا ڪرين ٿو، ۽ پنهنجي ڪاوڙ مون تي وڌائين ٿو؛ نوان لشڪر مون تي چڙهي ٿا اچن.</verse>
				<verse number="18">تڏهن ڇو تو ماءُ جي پيٽ مان مون کي ٻاهر آندو آهي؟ آءٌ ساهہ ڏيان ها، تہ ڪنهن بہ اک مون کي نہ ڏٺو هجي ها.</verse>
				<verse number="19">آءٌ اهڙو هجان ها جهڙو ڄڻ تہ هوس ئي ڪونہ؛ آءٌ جيڪر ماءُ جي پيٽ مان ئي قبر ۾ کڄي وڃان ها.</verse>
				<verse number="20">منهنجا ڏينهن ٿورا نہ آهن ڇا؟ تڏهن بس ڪر ۽ مون کي ڇڏي ڏي تہ آءٌ ٿورو آرام ڪريان.</verse>
				<verse number="21">جو پوءِ آءٌ اوڏي ويندس جتان وري نہ موٽندس، يعني اونداهيءَ واري ۽ موت جي پاڇي واري زمين ۾ ويندس؛</verse>
				<verse number="22">جنهن زمين ۾ اونداهي بلڪ گهاٽي اونداهي آهي، ۽ جنهن زمين ۾ موت جو پاڇو بي ترتيب آهي، ۽ جتي سوجهرو اونداهيءَ جهڙو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">پوءِ ضوفر نعماتيءَ ورندي ڏيئي چيو تہ:</verse>
				<verse number="2">گهڻين ڳالهين جو جواب نہ ڏجي ڇا؟ ۽ گهڻي ڳالهائڻ وارو ماڻهو سچو سمجهيو ويندو ڇا؟</verse>
				<verse number="3">تنهنجون ٻٽاڪون ٻڌي ماڻهن کي ماٺ ڪري ويهڻ گهرجي ڇا؟ ۽ جڏهن تون چرچا ڪرين تڏهن ڪو ماڻهو توکي شرمندو نہ ڪري ڇا؟</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو تون چوين ٿو تہ منهنجي تعليم پاڪ آهي، ۽ آءٌ تنهنجي نظر ۾ صاف آهيان.</verse>
				<verse number="5">پر ڪهڙو نہ چڱو ٿئي جي خدا ڳالهائي ۽ پنهنجا چپ تنهنجي برخلاف کولي؛</verse>
				<verse number="6">۽ پنهنجي حڪمت جا ڳجهہ توکي ڏيکاري تہ اها پوري طرح ڪم ڪرڻ ۾ گهڻن قسمن جي آهي! تنهنڪري ڄاڻ تہ جيترو حساب تنهنجي ڏوهہ جو لائق آهي تنهن کان گهٽ خدا توکان وٺي ٿو.</verse>
				<verse number="7">تون ڳولڻ سان ڪو خدا کي لهندين ڇا؟ تون ڪو قادر مطلق کي ڪامل طرح معلوم ڪري سگهندين ڇا؟</verse>
				<verse number="8">اها ڳالهہ آسمان جهڙي مٿانهين آهي؛ تون ڇا ڪري سگهندين؟ قبر کان بہ اونهي آهي؛ تون ڇا ڄاڻي سگهندين؟</verse>
				<verse number="9">انهيءَ جي ماپ زمين کان ڊگهي آهي، ۽ سمنڊ کان ويڪري آهي.</verse>
				<verse number="10">جيڪڏهن هو انهيءَ مان لنگهي بند ڪري ڇڏي، ۽ عدالت لاءِ سڏي تہ پوءِ ڪير هنکي روڪي سگهندو؟</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو هو بيهودن ماڻهن کي سڃاڻي ٿو: هو گناهہ ڏسي ٿو، اگرچہ انهيءَ کي خيال ۾ نہ بہ آڻجي.</verse>
				<verse number="12">پر بيهودو ماڻهو سمجهہ کان خالي آهي؛ هائو، انسان خچر جي ٻچي وانگر ڄمي ٿو.</verse>
				<verse number="13">جيڪڏهن تون پنهنجي دل سنئين رکندين، ۽ پنهنجا هٿ هن ڏي ڊگهيريندين</verse>
				<verse number="14">جيڪڏهن گناهہ تنهنجي هٿ ۾ هجي تہ اُهو اُڇلائي ڇڏ، ۽ شرارت کي پنهنجي تنبن ۾ رهڻ نہ ڏي.</verse>
				<verse number="15">پوءِ يقين آهي تہ تون پنهنجو منهن داغ کان سواءِ مٿي ڪندين؛ هائو، تون قائم رهندين ۽ ڊڄندين ڪين:</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو تون پنهنجي مصيبت کي وساري ڇڏيندين؛ تون انهيءَ کي وهي ويل پاڻيءَ وانگر ياد ڪندين:</verse>
				<verse number="17">۽ تنهنجي حياتي ٻن پهرن کان بہ زيادہ روشن ٿيندي؛ اونداهيءَ هوندي بہ اُها صبح جهڙي ٿيندي.</verse>
				<verse number="18">۽ تون امن ۾ هوندين، ڇالاءِ تہ اُميد آهي؛ هائو، تون پنهنجي آس پاس ڳولا ڪندين ۽ صحيح سلامت وڃي آرام وٺندين.</verse>
				<verse number="19">تون وڃي سمهي رهندين ۽ ڪوبہ توکي نہ ڊيڄاريندو؛ هائو، گهڻيئي توکي عرض ڪندا.</verse>
				<verse number="20">پر شرير جون اکيون انڌيون ٿينديون ۽ انهن کي ڀڄڻ جو رستو ڪونہ ملندو، ۽ انهن جي اُميد رڳي اها هوندي تہ پنهنجو ساهہ ڇڏين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ:</verse>
				<verse number="2">انهي ۾ شڪ ڪونهي تہ اوهين اهي ماڻهو آهيو ۽ ڏاهپ اوهان سان گڏ مري ويندي.</verse>
				<verse number="3">پر مون کي بہ اهڙي سمجهہ آهي جهڙي اوهان کي آهي؛ آءٌ اوهان کان گهٽ نہ آهيان: هائو، ڪير ههڙين شين کي نٿو ڄاڻي؟</verse>
				<verse number="4">آءٌ انهيءَ ماڻهو جهڙو آهيان جنهن تي سندس پاڙيسري کل ٺٺولي ٿو ڪري، اهڙو ماڻهو جنهن خدا کي سڏيو پر هن ورندي نہ ڏنيس: انصاف واري ۽ ڪامل انسان تي کل ٺٺولي ٿئي ٿي.</verse>
				<verse number="5">جيڪو آرام ۽ سک ۾ آهي تنهن جي خيال ۾ مصيبت جي لاءِ نفرت آهي؛ اها انهن جي لاءِ تيار آهي جن جو پير ترڪي ٿو.</verse>
				<verse number="6">چورن جا تنبو آسائش ۾ آهن، ۽ جيڪي خدا کي ڪاوڙائين ٿا سي صحيح سلامت آهن؛ انهن جي هٿن ۾ خدا گهڻو ئي موجود ڪري ڏئي ٿو.</verse>
				<verse number="7">هاڻي تون جانورن کان پڇ تہ هو توکي سيکارين؛ ۽ هوا جي پکين کان پڇ تہ هو توکي ٻڌائين:</verse>
				<verse number="8">يا زمين سان ڳالهاءِ تہ اُها توکي سيکاري، ۽ سمنڊ جي مڇين کان پڇ تہ اهي توکي بيان ڪري ٻڌائين.</verse>
				<verse number="9">انهن سڀني ۾ ڪير نٿو ڄاڻي تہ خداوند جي هٿ ائين ڪيو آهي؟</verse>
				<verse number="10">جنهن جي هٿ ۾ سڀ ڪنهن سان واري شيءِ جو روح آهي، ۽ ساري آدم ذات جو پساهہ آهي.</verse>
				<verse number="11">ڪَن لفظن جي آزمائش نٿو وٺي ڇا، جهڙيءَ طرح تارون پنهنجو کاڌو چکي ٿو؟</verse>
				<verse number="12">ڏاهپ ٻڍن ماڻهن وٽ آهي، ۽ سمجهہ وڏيءَ عمر ۾ آهي.</verse>
				<verse number="13">هن وٽ ڏاهپ ۽ طاقت آهي؛ هن وٽ مشورت ۽ سمجهہ آهي.</verse>
				<verse number="14">ڏس، هو ڊاهي ٿو تہ اهو وري اڏجي نٿو سگهي؛ هو ڪنهن ماڻهوءَ کي بند ڪري ٿو تہ اهو کلي نٿو سگهي.</verse>
				<verse number="15">ڏس، هو پاڻيءَ کي روڪي ٿو تہ پاڻي سڪيو وڃي؛ وري هو انهيءَ کي روانو ڪري ٿو تہ اُهو زمين کي ريج ڪيو ڇڏي.</verse>
				<verse number="16">هن وٽ زور ۽ پوري ڪم ڪرڻ جي تجويز آهي؛ ٺڳيل ۽ ٺڳيندڙ هن جا آهن.</verse>
				<verse number="17">هو صلاحڪارن کي ڦري لٽي قيد ٿو ڪري، ۽ منصفن کي هو بي عقل ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="18">هو بادشاهن جو بند کولي ٿو، ۽ انهن جي چيلهہ تي ڪمربند ٻڌي ٿو.</verse>
				<verse number="19">هو ڪاهنن کي ڦري لٽي قيد ڪري ٿو، ۽ زور وارن کي اونڌو ڪري ڇڏي ٿو.</verse>
				<verse number="20">هو اعتبار وارن جو ڳالهائڻ بند ڪري ٿو، ۽ بزرگن جي سمجهہ ڪڍي ڇڏي ٿو.</verse>
				<verse number="21">هو اميرن تي حقارت هاري وجهي ٿو، ۽ طاقت وارن جو ڪمربند کولي ٿو.</verse>
				<verse number="22">هو اونداهيءَ مان اونهيون شيون ڳولي ظاهر ڪري ٿو، ۽ موت جي پاڇي کي روشنائيءَ ۾ آڻي ٿو.</verse>
				<verse number="23">هو قومن کي وڌائي ٿو ۽ انهن کي ناس ڪري ٿو: هو قومن کي پري پري پکيڙي ڇڏي ٿو ۽ وري موٽائي آڻي ٿو.</verse>
				<verse number="24">هو زمين جي قومن جي سردارن جو عقل ڪڍي وٺي ٿو، ۽ اهڙي بيابان ۾ انهن کي گهمائي ٿو جتي ڪو بہ رستو ڪونهي.</verse>
				<verse number="25">هو روشنائيءَ کان سواءِ اونداهيءَ ۾ هٿوراڙيون هڻن ٿا، ۽ هو انهن کي نشئيءَ ماڻهوءَ وانگر آٿڙائي ٿو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">ڏسو، منهنجي اک هي سڀ ڏٺو آهي، منهنجي ڪن اُهو ٻڌو ۽ سمجهيو آهي.</verse>
				<verse number="2">جيڪي اوهين ڄاڻو ٿا، سو آءٌ بہ ڄاڻان ٿو: آءٌ اوهان کان گهٽ نہ آهيان.</verse>
				<verse number="3">يقيناً آءٌ قادر مطلق سان ڳالهائڻ ٿو چاهيان، ۽ خدا سان بحث ڪرڻ جي خواهش ٿو رکان.</verse>
				<verse number="4">پر اوهين ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهيندڙ آهيون، اوهين سڀيئي نڪما طبيب آهيو.</verse>
				<verse number="5">اڙي جي، اوهين اصل ماٺ ڪري ويهو تہ چڱو! جيڪر اها اوهان جي ڏاهپ هجي.</verse>
				<verse number="6">هي منهنجو دليل ٻڌو، ۽ منهنجن چپن جي حجتن ڏي ڌيان ڏيو.</verse>
				<verse number="7">اوهين خدا سان ڪي بڇڙيون ڳالهيون ڪندا ڇا؟ ۽ انهيءَ جي لاءِ ٺڳيءَ جي گفتگو ڪندا ڇا؟</verse>
				<verse number="8">هن جي طرفداري ڪندا ڇا؟ خدا لاءِ اوهين جهيڙو ڪندا ڇا؟</verse>
				<verse number="9">اهو ڪو چڱو آهي ڇا تہ هو اوهان جي حقيقت جاچي معلوم ڪري؟ يا جيئن هڪڙو ماڻهو ٻئي کي ٺڳي پيو ائين هن کي ٺڳيندا ڇا؟</verse>
				<verse number="10">هو ضرور اوهان کي ڇينڀيندو، جيڪڏهن اوهين ڳجهيءَ طرح ماڻهن جي طرفداري ڪندا.</verse>
				<verse number="11">هن جي وڏائي اوهان کي نہ ڊيڄاريندي ڇا؟ ۽ هن جو خوف اوهان تي نہ پوندو ڇا؟</verse>
				<verse number="12">اوهان جا ياد رکڻ جهڙا قول خاڪ جا پهاڪا آهن، ۽ اوهان جا مورچا مٽيءَ جا مورچا آهن.</verse>
				<verse number="13">ماٺ ڪري ويهو، مون کي ڇڏي ڏيو تہ آءٌ ڳالهايان، پوءِ جيڪي مون تي اچي سو ڀلي اچي.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ آءٌ پنهنجو ماس پنهنجي ڏندن ۾ جهليان، ۽ پنهنجي حياتي پنهنجي هٿ ۾ وجهان؟</verse>
				<verse number="15">جيتوڻيڪ هو مون کي کڻي ڪهندو تہ بہ آءٌ هن جي لاءِ منتظر رهندس: انهيءَ هوندي بہ آءٌ هن جي اڳيان پنهنجن رستن جي تائيد ڪندس.</verse>
				<verse number="16">هو منهنجو ڇوٽڪارو ٿيندو؛ ڇالاءِ جو بيدين ماڻهو هن جي اڳيان نہ ايندو.</verse>
				<verse number="17">ڪوشش ڪري منهنجي ڳالهہ ٻڌو، ۽ منهنجو بيان پنهنجي ڪنن تائين پهچڻ ڏيو.</verse>
				<verse number="18">هاڻي ڏسو مون پنهنجي حقيقت جو احوال ڏنو آهي؛ مون کي خبر آهي تہ آءٌ سچو آهيان.</verse>
				<verse number="19">ڪير آهي جو مون سان جهيڙو ڪندو؟ ڇالاءِ جو آءٌ ماٺ ڪري ويهندس ۽ ساهہ ڏيندس.</verse>
				<verse number="20">رڳو ٻہ ڳالهيون مون سان نہ ڪر، پوءِ آءٌ پنهنجو منهن تو کان نہ لڪائيندس:</verse>
				<verse number="21">پنهنجو هٿ مون کان پري ڪر؛ پنهنجي خوف سان مون کي نہ ڊيڄار.</verse>
				<verse number="22">پوءِ تون سڏ ڪر ۽ آءٌ جواب ڏيندس؛ يا ڇڏ تہ آءٌ ڳالهايان ۽ تون مون کي ورندي ڏي.</verse>
				<verse number="23">منهنجا قصور ۽ گناهہ ڪيترا آهن؟ مون کي پنهنجي خطا ۽ پنهنجو گناهہ ڄاڻاءِ.</verse>
				<verse number="24">تون ڇو ٿو منهن لڪائين، ۽ مون کي پنهنجو دشمن سمجهين؟</verse>
				<verse number="25">تون اُڏايل پن کي ستائيندين ڇا؟ ۽ تون سڪل ٻٿ جي پٺيان پوندين ڇا؟</verse>
				<verse number="26">ڇالاءِ جو تون منهنجي برخلاف ڪَڙيون ڳالهيون ٿو لکين، ۽ مون کي پنهنجي جوانيءَ جي قصورن جو وارث ٿو ڪرين:</verse>
				<verse number="27">تون منهنجون ٽنگون ڪاٺ ۾ ٿو وجهين، ۽ منهنجا سڀ رستا جاچي ڇڏين ٿو؛ تون منهنجن پيرن جي ترين جي چوڌاري ليڪو ڪڍين ٿو؛</verse>
				<verse number="28">جيتوڻيڪ آءٌ ڪنهن سڙيل ڳريل شيءِ جهڙو آهيان، ۽ جيت کاڌل ڪپڙي جهڙو آهيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">انسان جو زال جي پيٽ مان ڄمي ٿو ٿورن ڏينهن لاءِ آهي ۽ تڪليف سان ڀريو پيو آهي.</verse>
				<verse number="2">هو گل وانگر پيدا ٿئي ٿو ۽ وڍيو وڃي ٿو، ۽ پاڇي وانگر لنگهي وڃي ٿو ۽ بيهي نٿو.</verse>
				<verse number="3">اهڙي شخص تي تون پنهنجون اکيون پٽين ٿو، ۽ مون کي پاڻ سان گڏ عدالت ۾ وٺي اچين ٿو ڇا؟</verse>
				<verse number="4">ناپاڪ شيءِ مان ڪير پاڪ شيءِ ڪڍي سگهندو؟ ڪوبہ نہ.</verse>
				<verse number="5">جڏهن هن جا ڏينهن ٿورا آهن، تڏهن بہ هن جي مهينن جو شمار تو وٽ آهي، ۽ تو هن جون حدون اهڙيون ٻڌي ڇڏيون آهن جو هو اُهي لنگهي نٿو سگهي؛</verse>
				<verse number="6">تون هن کان ٻئي پاسي نهار تہ هن کي آرام اچي، جيستائين هو مزور وانگر پنهنجا ڏينهن پورا نہ ڪري.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو جيڪڏهن ڪو وڻ وڍجي ٿو تہ اها اُميد رهي ٿي تہ هو وري ڦٽندو، ۽ انجي نرم ٽاري نڪرڻ کان بند ٿي نہ ويندي.</verse>
				<verse number="8">جيتوڻيڪ ان جي پاڙ زمين ۾ پراڻي ٿي ويندي، ۽ ان جو ٿُڙ ڌرتيءَ ۾ سڪي ويندو،</verse>
				<verse number="9">تہ بہ پاڻيءَ جي بانس تي هو وري ڦٽندو، ۽ ٻوٽي وانگر ٽاريون ڪڍندو.</verse>
				<verse number="10">پر ماڻهو مري ٿو ۽ ڳريو وڃي: هائو، ماڻهو ساهہ ڏئي ٿو، پوءِ ڪٿي آهي؟</verse>
				<verse number="11">جيئن سمنڊ مان پاڻي گهٽجي وڃي ٿو ۽ ندي لهي سڪي وڃي ٿي،</verse>
				<verse number="12">تيئن ماڻهو بہ سمهي ٿو ۽ وري اُٿي نٿو، جيستائين آسمان نابود ٿي نہ ويندو تيستائين هو نہ جاڳندا ۽ ننڊ مان اُٿاريا ويندا.</verse>
				<verse number="13">ڪهڙو نہ چڱو جي تون مون کي قبر ۾ لڪائين ۽ جيسين تنهنجي ڪاوڙ لهي وڃي تيسين مون کي لڪائي رکين، ۽ منهنجي لاءِ ڪو وقت مقرر ڪري ڇڏين ۽ مونکي ياد ڪرين!</verse>
				<verse number="14">جي ڪو ماڻهو مري وڃي تہ اهو ڪو وري جيئندو ڇا؟ پنهنجي جنگ جهيڙي جا سڀ ڏينهن آءٌ منتظر رهندس، جيستائين منهنجو ڇوٽڪارو اچي.</verse>
				<verse number="15">تون سڏ ڪندين تہ آءٌ تو کي جواب ڏيندس: تو کي پنهنجن هٿن جي جڙيل شيءِ جي لاءِ خواهش هوندي.</verse>
				<verse number="16">پر هاڻي تون منهنجون وکون ڳڻين پيو، تون منهنجي گناهہ جي سنڀال نٿو ڪرين ڇا؟</verse>
				<verse number="17">منهنجو گناهہ ڳوٿريءَ ۾ بند ٿيل ۽ مهر ڪيل آهي، ۽ تون منهنجو گناهہ قابو ڪري رکين ٿو.</verse>
				<verse number="18">تحقيق جيڪو جبل ڪري ٿو سو نابود ٿيو وڃي، ۽ ٽڪر پنهنجي جاءِ تان پاسي ڪيو وڃي ٿو،</verse>
				<verse number="19">پاڻي پٿر کي گسائي ٿو؛ ان جي اُٿل زمين جي مٽي وهائي ڇڏي ٿي؛ ۽ تون ماڻهوءَ جي اُميد ناس ڪرين ٿو.</verse>
				<verse number="20">تون هميشہ هن تي غالب پوين ٿو ۽ هو لنگهيو وڃي؛ تون هن جي شڪل ڦيرائي ڇڏين ٿو ۽ هن کي روانو ڪيو ڇڏين.</verse>
				<verse number="21">هن جا پٽ عزت حاصل ڪن ٿا ۽ انهيءَ جي هن کي خبر نٿي پوي؛ ۽ هنن جو درجو گهٽايو وڃي ٿو پر هنن جو حال کيس معلوم نٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="22">پر مٿس جيڪو ماس آهي تنهن ۾ درد رهي ٿو، ۽ هن جو روح هن منجهہ غمگين آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="15">
				<verse number="1">تڏهن اليفز تيمانيءَ ورندي ڏئي چيو تہ:</verse>
				<verse number="2">ڏاهي ماڻهوءَ کي ڪو مناسب آهي ڇا تہ اجائي علميت سان جواب ڏئي، ۽ پنهنجو پيٽ اُڀرندي جي واءُ سان ڀري؟</verse>
				<verse number="3">بي فائدي گفتگو سان حجت دليل ڏئي، ۽ اهڙيون ڳالهيون ڪري جن مان ڪا بہ چڱائي نہ نڪري.</verse>
				<verse number="4">هائو، تون ڊپ کي هڪلي ٿو ڪڍين، ۽ خدا جي اڳيان دينداريءَ کي روڪين ٿو.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو تنهنجو گناهہ تنهنجي وات کي تعليم ڏئي ٿو، ۽ تون ٺڳن جي زبان پسند ڪرين ٿو.</verse>
				<verse number="6">خود تنهنجو وات تو کي گنهگار ڪري ٿو، نہ آءٌ؛ هائو خود تنهنجا چپ توتي شاهدي ڏين ٿا.</verse>
				<verse number="7">تون پهريون ئي ڄاول ٻار آهين ڇا؟ يا تون ٽڪرين کان اڳي پيدا ٿيو هئين ڇا؟</verse>
				<verse number="8">تو خدا جو راز معلوم ڪيو آهي ڇا؟ ۽ تو ڏاهپ کي پاڻ وٽ روڪي رکيو آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="9">تون ڇا ٿو ڄاڻين، جو اسين نٿا ڄاڻون؟ تو ۾ ڪهڙي سمجهہ آهي جا اسان ۾ نہ آهي؟</verse>
				<verse number="10">اسان سان اڇي مٿي وارا ۽ تمام ڪراڙا ماڻهو آهن، جي تنهنجي پيءُ کان بہ عمر ۾ وڏا آهن.</verse>
				<verse number="11">خدا جا دلاسا تنهنجي لاءِ تمام خسيس آهن ڇا؟ ڪي مروت جون ڳالهيون تو سان ڪيون ويون آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ تنهنجي دل تو کي کنيو ٿي وڃي؟ ۽ ڇو تون پنهنجون اکيون ڇنڀين ٿو؟</verse>
				<verse number="13">جو تون پنهنجو روح ڦيرائي خدا جي برخلاف ڪرين ٿو، ۽ اهڙيون ڳالهيون پنهنجي واتان ٿو ڪڍين.</verse>
				<verse number="14">ماڻهو ڇا آهي جو پاڪ رهي سگهي؟ ۽ جيڪو زال جي پيٽ مان ڄاول آهي سو ڪو سچو ٿي سگهندو ڇا؟</verse>
				<verse number="15">ڏس، هو پنهنجن پاڪ شخصن ۾ ڀروسو نٿو رکي؛ هائو؛ هن جي نظر ۾ آسمان بہ پاڪ نہ آهن.</verse>
				<verse number="16">سو اُهو ڪيترو نہ گهٽ پاڪ هوندو جيڪو ڪراهت جهڙو ۽ خراب آهي، اهڙو ماڻهو جو گناهہ کي پاڻيءَ وانگر پي وڃي ٿو.</verse>
				<verse number="17">آءٌ توکي ڏيکاريندس، تون منهنجي ڳالهہ ٻڌ؛ ۽ جيڪي مون ڏٺو آهي سو آءٌ بيان ڪندس:</verse>
				<verse number="18">(جيڪي ڏاهن ماڻهن پنهنجن ابن ڏاڏن کان ٻڌي ٻين کي ٻڌايو آهي، ۽ لڪايو نہ اٿن؛</verse>
				<verse number="19">۽ رڳو انهن کي زمين ڏني ويئي هئي، ۽ ڪو بہ ڌاريو ماڻهو هنن ۾ لنگهي نہ ويو:)</verse>
				<verse number="20">شرير ماڻهو پنهنجا سڀ ڏينهن سور سان دانهون ڪري ٿو، بلڪ ظالم جي لاءِ جيڪي ورهيہ مقرر ڪيا ويا آهن تن ۾ بہ.</verse>
				<verse number="21">خوف جو آواز هنن جي ڪنن ۾ آهي، سک ۾ ڦرلٽ ڪرڻ وارو هن تي ڪاهي ايندو.</verse>
				<verse number="22">هن کي ويساهہ نٿو اچي تہ هو اونداهيءَ مان موٽي نڪري ايندو، بلڪ ترار هن جي لاءِ منتظر آهي:</verse>
				<verse number="23">هو مانيءَ جي لاءِ ٻاهر گهمي ڦري ٿو، ۽ چوي ٿو تہ ڪٿي آهي؟ هو ڄاڻي ٿو تہ اونداهيءَ جو ڏينهن تمام ويجهو آهي.</verse>
				<verse number="24">مصيبت ۽ ڏک هن کي ڊيڄارين ٿا، اهي هن تي غالب پون ٿا جيئن ڪو بادشاهہ جنگ لاءِ تيار هجي:</verse>
				<verse number="25">ڇالاءِ جو هن خدا جي برخلاف پنهنجو هٿ ڊگهيريو آهي، ۽ قادر مطلق جي برخلاف هو مغروريءَ سان هليو آهي؛</verse>
				<verse number="26">هو مغروريءَ سان هن تي ڊوڙي ٿو ۽ سپرن جي ٿلهن بونبن سان:</verse>
				<verse number="27">ڇالاءِ جو هن پنهنجو منهن پنهنجي ٿولهہ سان ڍڪيو آهي، ۽ پنهنجن پاسن تي چرٻي ڀري اٿس.</verse>
				<verse number="28">۽ هو ويران شهرن ۾ رهيو آهي، انهن ۾ جن ۾ ڪو بہ ماڻهو نٿو رهي، جي ڊهي ڍير ٿيڻ لاءِ هئا.</verse>
				<verse number="29">هو دولتمند نہ ٿيندو، نڪي هن جو مال ملڪيت جٽاءُ ڪندو، نڪي انهن جي ملڪيت زمين تي وڌندي.</verse>
				<verse number="30">هو اونداهيءَ مان نڪري ٻاهر نہ ويندو؛ شعلو هن جون ٽاريون سڪائي ڇڏيندو، ۽ پنهنجي وات جي پساهہ سان هو هليو ويندو.</verse>
				<verse number="31">هو پاڻ کي گمراہ ڪري بيهودگيءَ تي ڀروسو نہ ڪري، ڇالاءِ جو بيهودگي هن جو عيوضو ٿيندي.</verse>
				<verse number="32">اهو سڀ هن جي وقت کان اڳي پورو ٿيندو، ۽ هن جي ٽاري سائي نہ ٿيندي.</verse>
				<verse number="33">هو ڊاک وانگر پنهنجو ڪچو انگور ڇاڻي ڇڏيندو، ۽ زيتون وانگر پنهنجو ٻور اُڇلائي ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="34">ڇالاءِ جو بيدينن جي جماعت سڃي سکڻي ٿيندي، ۽ رشوت جي تنبن کي باهہ ساڙي ناس ڪري ڇڏيندي.</verse>
				<verse number="35">شرارت هنن جي پيٽ ۾ آهي ۽ هو بدڪاري ڄڻين ٿا، ۽ هنن جي پيٽ ۾ ٺڳي پيئي نسري.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="16">
				<verse number="1">تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ:</verse>
				<verse number="2">مون اهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌيون آهن: اوهين سڀ نڪما تسلي ڏيندڙ آهيو.</verse>
				<verse number="3">اجاين ڳالهين جي ڪا پڄاڻي ٿيندي يا نہ؟ يا ڪهڙي ڳالهہ اوهان کي خفو ٿي ڏئي جو تون اهڙو جواب ٿو ڏين؟</verse>
				<verse number="4">آءٌ بہ اوهان وانگر ڳالهائي ٿي سگهيس؛ جيڪڏهن اوهان جي جان منهنجي جان جي جاءِ تي هجي تہ جيڪر آءٌ لفظ ڳنڍي اوهان جي سامهون ڪريان، ۽ پنهنجو مٿو اوهان تي لوڏيان.</verse>
				<verse number="5">پر جيڪر اوهان کي پنهنجي وات سان مضبوط ڪريان، ۽ منهنجن چپن جي تسلي جيڪر اوهان جو ڏک هلڪو ڪري ڇڏي.</verse>
				<verse number="6">جيتوڻيڪ آءٌ ڳالهايان ٿو تہ بہ منهنجو ڏک هلڪو نہ ٿيو آهي: ۽ جيتوڻيڪ آءٌ صبر ٿو ڪريان تہ بہ مون کي ڪهڙو آرام ٿو اچي؟</verse>
				<verse number="7">پر هاڻي هن مون کي ٿڪائي ڇڏيو آهي: تو منهنجي ساري سنگت سڃي ڪري ڇڏي آهي.</verse>
				<verse number="8">۽ تو مون کي پڪڙي قابو ڪيو آهي جا ڳالهہ منهنجي برخلاف شاهد آهي: ۽ منهنجي ڏٻرائي منهنجي برخلاف اٿي بيٺي آهي.</verse>
				<verse number="9">هن مون کي پنهنجي غضب ۾ ڦاڙيو آهي ۽ ستايو اٿس، هن پنهنجا ڏند مون تي ڪرٽيا آهن؛ منهنجي دشمن پنهنجون اکيون مون تي تيز ڪيون آهن.</verse>
				<verse number="10">هن پنهنجو وات پساري مون ڏانهن نهاريو آهي، هنن منهنجن ڳٽن تي ڌڪار سان چماٽون هنيون آهن، هو منهنجي برخلاف گڏ ٿيا آهن.</verse>
				<verse number="11">خدا مون کي بيدينن جي هٿ ۾ ڏنو آهي، ۽ شريرن جي هٿ ۾ اُڇلي ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="12">آءٌ آرام ۾ هوس پر هن مون کي ڇني ڦٽو ڪيو، هائو، هن مون کي ڳچيءَ کان جهلي اُڇلائي پرزا پرزا ڪيو آهي، هن مون کي پنهنجي لاءِ نشان ٺهرايو آهي.</verse>
				<verse number="13">هن جا تير انداز منهنجي چوڌاري ڦري وڃن ٿا، هو منهنجون بڪيون چيري ڇڏي ٿو ۽ قياس ڪونہ ٿو ڪري؛ هو منهنجو پتو زمين تي هاري وجهي ٿو.</verse>
				<verse number="14">هو شڪست تي شڪست ڏيڻ سان مون کي ڀڃي وجهي ٿو؛ هو مون تي هڪڙي راڪاس وانگر ڊوڙي ٿو.</verse>
				<verse number="15">مون پنهنجي کل تي کٿو سبيو آهي، ۽ پنهنجو سڱ مٽيءَ ۾ رکيو اٿم.</verse>
				<verse number="16">منهنجو منهن روئڻ ڪري سڄي پيو آهي، ۽ منهنجن ڇپرن تي موت جو پاڇو آهي:</verse>
				<verse number="17">جيتوڻيڪ منهنجي هٿن ۾ ظلم ڪونهي ۽ منهنجي دعا پاڪ آهي.</verse>
				<verse number="18">اي زمين، تون منهنجو رت نہ ڍڪ ۽ منهنجي دانهن کي جاءِ نہ ڏي.</verse>
				<verse number="19">پر هينئر بہ منهنجو شاهد آسمان ۾ آهي، ۽ جيڪو منهنجي پاران بدلو ٿو وٺي سو مٿانهين عالم ۾ آهي.</verse>
				<verse number="20">منهنجا دوست منهنجي حقارت ٿا ڪن: پر منهنجي اک خدا جي اڳيان زار زار روئي ٿي.</verse>
				<verse number="21">تہ هو ماڻهوءَ جي سچائي خدا جي اڳيان ثابت ڪري، ۽ آدم زاد جي سچائي سندس پاڙيسريءَ سان قائم رکي.</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ جو جڏهن ٿورا سال گذري ويندا تڏهن آءٌ انهيءَ راهہ تي ويندس جتان موٽڻ جو نہ آهيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="17">
				<verse number="1">منهنجو روح فنا ٿي ويو آهي، منهنجا ڏينهن پورا ٿي ويا آهن، منهنجي لاءِ قبر تيار آهي.</verse>
				<verse number="2">مون کي يقين آهي تہ ٺٺولي ڪندڙ مون سان آهن، ۽ منهنجي اک هنن جي چيڙائڻ ۾ رهي ٿي.</verse>
				<verse number="3">هاڻي ڪو پڪو انجام ڏي، منهنجي لاءِ پاڻ وٽ ضامن پؤ؛ ڪير آهي جو مون کي تاڙي ڏيندو؟</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو تو هنن جي دل سمجهہ کان لڪائي آهي: تنهن ڪري تون هنن کي مٿي نہ چاڙهيندين.</verse>
				<verse number="5">جيڪو پنهنجي دوستن کي لٽ جي لاءِ ڇڏي ڏئي ٿو، تنهن جي اولاد جون بہ اکيون انڌيون ٿينديون.</verse>
				<verse number="6">هن مون کي ماڻهن جو هڪڙو پهاڪو ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ آءٌ اهڙو تہ ٿي پيو آهيان جو ماڻهو منهنجي منهن تي ٿُڪون ٿا هڻن.</verse>
				<verse number="7">منهنجي اک ڏک جي ڪري ڌنڌ واري ٿي پيئي آهي، ۽ منهنجا سڀ عضوا پاڇي جهڙا ٿي پيا آهن.</verse>
				<verse number="8">سچار ماڻهو انهيءَ ڳالهہ تي حيران ٿيندا، ۽ بي ڏوهي پنهنجو پاڻ کي بيدينن جي برخلاف کڙو ڪندا.</verse>
				<verse number="9">تنهن هوندي بہ سچار پنهنجي راهہ تي قائم رهندو، ۽ راستباز وڌيڪ مضبوط ٿيندو ويندو.</verse>
				<verse number="10">پر هاڻي اوهين سڀ موٽي اچو، ڇالاءِ جو آءٌ اوهان ۾ هڪڙو بہ ڏاهو ماڻهو نٿو ڏسان.</verse>
				<verse number="11">منهنجا ڏينهن گذري ويا آهن ۽ منهنجا ارادا ڀڄي پيا آهن، بلڪ منهنجي دل جا خيال بہ.</verse>
				<verse number="12">اهي رات کي ڦيرائي ڏينهن ڪن ٿا: چوندا آهن تہ روشني اونداهيءَ کي ويجهي آهي.</verse>
				<verse number="13">جيڪڏهن آءٌ قبر کي پنهنجو گهر ڄاڻي منتظر ٿو رهان؛ جي مون پنهنجو هنڌ اونداهيءَ ۾ وڇايو آهي؛</verse>
				<verse number="14">جي مون موت کي چيو آهي تہ تون منهنجو پيءُ آهين، ۽ ڪينئين کي چيو اٿم تہ تون منهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ آهين؛</verse>
				<verse number="15">تہ تڏهن منهنجي اُميد ڪٿي آهي؟ ۽ منهنجي اُميد کي ڪير ڏسندو؟</verse>
				<verse number="16">اها قبر جي گزن تائين هيٺ لهي ويندي، ۽ پوءِ اتي آخر مٽيءَ ۾ آرام هوندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="18">
				<verse number="1">تڏهن بلدد سوخيءَ ورندي ڏيئي چيو تہ:</verse>
				<verse number="2">ڪيستائين تون لفظن جا ڄار وجهندين؟ ويچار ڪر تہ پوءِ اسين ڳالهائينداسين.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ اسين جانور سمجهيا وڃون ٿا، ۽ تنهنجي نظر ۾ ناپاڪ ٿيا آهيون؟</verse>
				<verse number="4">تون جو پاڻ کي پنهنجي ڪاوڙ ۾ ڦاڙين ڏارين ٿو، تنهنجي لاءِ ڪا زمين خالي ٿي ويندي ڇا؟ يا ٽڪر پنهنجي جاءِ تان هٽي ويندو ڇا؟</verse>
				<verse number="5">هائو، شريرن جي روشني وسائي ويندي، ۽ هنن جي باهہ جو شعلو نہ چمڪندو.</verse>
				<verse number="6">روشني هن جي تنبوءَ ۾ اوندهہ ٿيندي، ۽ هن جو ڏيئو هن جي مٿان اُجهايو ويندو.</verse>
				<verse number="7">هن جي زور جا قدم سوڙها ڪيا ويندا، ۽ خود هن جي صلاح مشورت کيس هيٺ ڪيرائي ڇڏيندي.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو هو خود پنهنجن پيرن سان اُڇلجي اچي ڄار ۾ پيو آهي، ۽ هو ڦندن جي مٿان هلي ٿو.</verse>
				<verse number="9">دام هن کي کڙين کان جهليندو، ۽ ڦندو هن کي پڪڙي قابو ڪندو.</verse>
				<verse number="10">هڪڙي ڦاهي هن جي لاءِ زمين ۾ لڪي پيئي آهي، ۽ هڪڙو ڪوڙڪو هن جي رستي ۾ رکيل آهي.</verse>
				<verse number="11">سڀ ڪنهن پاسي کان خوف هن کي ڊيڄاريندا، ۽ هن جي پٺيان پئي کيس ڀڄائيندا.</verse>
				<verse number="12">هن جو زور بک جي ڪري گهٽ ٿي ويندو، ۽ مصيبت هن کي بيهارڻ جي لاءِ تيار ٿيندي.</verse>
				<verse number="13">اُها هن جي بت جا عضوا ڳهي ويندي، هائو، موت جو پهريون ڄاول ٻار هن جا عضوا ڳهي ويندو.</verse>
				<verse number="14">جنهن تنبوءَ جو هن کي ڀروسو آهي انهيءَ مان هو اُکيڙيو ويندو؛ ۽ هن کي خوف جي بادشاهہ وٽ وٺي ايندا.</verse>
				<verse number="15">هن جي تنبوءَ ۾ ڌاريا اچي رهندا: ۽ گندرفي باهہ هن جي جاءِ جي مٿان پکيڙي ويندي.</verse>
				<verse number="16">هن جون پاڙون هن جي هيٺيان سڪي وينديون، ۽ مٿي هن جي ٽاري وڍي ويندي.</verse>
				<verse number="17">هن جي يادگار زمين تان نابود ٿي ويندي، ۽ گهٽيءَ ۾ هن جو ڪو نالو نہ رهندو.</verse>
				<verse number="18">هن کي روشنيءَ مان هڪالي اونداهيءَ ۾ آندو ويندو، ۽ هو دنيا مان هڪاليو ويندو.</verse>
				<verse number="19">هن جا قوم ۾ نہ پٽ نہ پوٽا رهندا، ۽ نہ سندس رهڻ جي جاءِ تي ڪو باقي رهندو.</verse>
				<verse number="20">جيڪي پوءِ ايندا سي هن جي ڏينهن تي حيران ٿيندا، جيئن ڪ جيڪي اڳي لنگهي ويا سي ڊپ ۾ رهندا هئا.</verse>
				<verse number="21">بيشڪ بدڪارن جا گهر اهڙا ئي آهن، ۽ اهڙي انهيءَ جي جاءِ آهي، جو خدا کي نٿو سڃاڻي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="19">
				<verse number="1">تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ:</verse>
				<verse number="2">ڪيستائين اوهين منهنجي روح کي هلاڪ ڪندا ۽ ڳالهين سان مون کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندا؟</verse>
				<verse number="3">هي ڏهہ ڀيرا اوهان مون کي طعنا هنيا آهن: اوهان کي شرم نٿو اچي جو مون سان سختيءَ جي هلت ٿا ڪريو.</verse>
				<verse number="4">جي سچ پچ مون خطا ڪئي آهي، تہ ڀلي منهنجي خطا مون وٽ ئي رهي.</verse>
				<verse number="5">جيڪڏهن اوهين منهنجي سامهون پنهنجي وڏائي پيا ڪندا، ۽ منهنجي خواريءَ جي منهنجي سامهون حجت ڪندا:</verse>
				<verse number="6">تہ ڄاڻو، تہ خدا منهنجي معاملي ۾ مون کي اُڇلائي ڇڏيو آهي، ۽ منهنجي چوڌاري ڄار وڌي اٿس.</verse>
				<verse number="7">ڏسو، آءٌ ظلم جي خلاف پڪاريان ٿو پر منهنجي ٻڌي نٿي وڃي: آءٌ مدد لاءِ پڪاريان ٿو پر ڪو انصاف ڪونهي.</verse>
				<verse number="8">هن منهنجي راهہ اهڙي روڪي آهي جو آءٌ لنگهي نٿو سگهان، ۽ منهنجن رستن ۾ اونداهي ڪئي اٿس.</verse>
				<verse number="9">هن منهنجو جلال مون تان لاهي ورتو آهي، ۽ منهنجي مٿي تان ڇٽ کڻي ورتو اٿس.</verse>
				<verse number="10">هن مون کي هر طرف کان ڀڃي هيٺ ڪيرائي ڇڏيو آهي، ۽ آءٌ ناس ٿي ويو آهيان: ۽ منهنجي اُميد هن وڻ وانگر پٽي ڪڍي آهي.</verse>
				<verse number="11">هن مون تي پنهنجي ڪاوڙ بہ تيز ڪئي آهي، ۽ هو مون کي پنهنجن مخالفن مان هڪڙو شمار ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="12">هن جا لشڪر گڏ هليا اچن، ۽ اُهي مون ڏي پنهنجو رستو ڪڍن ٿا، ۽ منهنجي تنبوءَ جي چوڌاري منزل ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="13">هن منهنجن ڀائرن کي مون کان پري ڪيو آهي، ۽ منهنجا واقف مون کان اصل ڌار ڪيا اٿس.</verse>
				<verse number="14">منهنجا مٽ مائٽ مون کي ڇڏي ويا آهن، ۽ منهنجن گهاٽن دوستن مون کي وساري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="15">جيڪي منهنجي گهر ۾ رهن ٿا سي، ۽ منهنجون ٻانهيون، مون کي ڌاريو ٿيون شمار ڪن: هنن جي نظر ۾ آءٌ هڪڙو پرديسي آهيان.</verse>
				<verse number="16">آءٌ پنهنجي ٻانهي کي سڏ ٿو ڪريان پر هو مون کي جواب نٿو ڏي، جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي وات سان هن جي منٿ ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="17">منهنجي زال کي مون مان بانس ٿي اچي، ۽ منهنجي ماءُ جو اولاد مون کي ڌڪاري ٿو.</verse>
				<verse number="18">ويندي ننڍا ٻار بہ مون کي ڌڪارين ٿا؛ جڏهن آءٌ اُٿان ٿو تہ هو منهنجي برخلاف ڳالهائين ٿا.</verse>
				<verse number="19">سڀ منهنجا دلي دوست مون سان نفرت ٿا ڪن: ۽ جن سان منهنجي محبت هئي سي مون کان ڦري ويا آهن.</verse>
				<verse number="20">منهنجو هڏو منهنجي کل ۽ ماس کي چنبڙيو ٿو پوي، ۽ آءٌ ذري گهٽ بچي ويو آهيان.</verse>
				<verse number="21">اي منهنجا عزيزو، مون تي رحم ڪريو، مون تي رحم ڪريو؛ ڇالاءِ جو خدا جو هٿ مون تي ڳورو آهي.</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ اوهين مون کي خدا وانگر ستايو ٿا، ۽ منهنجي بت تي رحم نٿا ڪريو.</verse>
				<verse number="23">اڙي، جي هاڻي منهنجون ڳالهيون لکيون وڃن تہ چڱو! اڙي جي اُهي ڪنهن ڪتاب ۾ لکيون وڃن تہ چڱو!</verse>
				<verse number="24">جي اُهي لوهہ جي قلم ۽ شيشي سان هميشہ لاءِ ٽڪر تي اُڪريون وڃن تہ چڱو!</verse>
				<verse number="25">پر مون کي خبر آهي تہ منهنجو نجات بخشيندڙ جيئرو آهي، ۽ اهو پڇاڙيءَ جي ڏينهن زمين تي اٿي بيهندو.</verse>
				<verse number="26">۽ منهنجي کل جي انهيءَ طرح ناس ٿيڻ کان پوءِ بہ پنهنجي جسم ۾ آءٌ خدا کي ڏسندس:</verse>
				<verse number="27">جنهن کي آءٌ پاڻ ڏسندس ۽ منهنجون ئي اکيون ڏسنديون نہ ٻيون. منهنجا آنڊا منهنجي اندر ۾ سڙي ڳري ويا آهن.</verse>
				<verse number="28">جيڪڏهن اوهين چوندا تہ اسين هن کي ڪيئن نہ ستائينداسين، ڇالاءِ جو ڳالهہ جو بنياد مون ۾ موجود آهي؛</verse>
				<verse number="29">تہ اوهين ترار جو خوف ڪريو: ڇالاءِ جو غضب ترار جي مار آڻي ٿو، تہ ڀلي اوهين ڄاڻو تہ هڪڙي عدالت ٿيندي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="20">
				<verse number="1">پوءِ ضوفر نعماتيءَ ورندي ڏيئي چيو تہ:</verse>
				<verse number="2">انهيءَ ڪري منهنجا خيال مون کي جواب سيکارين ٿا، انهيءَ جلديءَ جي ڪري جا مون ۾ آهي.</verse>
				<verse number="3">مون اهو طعنو ٻڌو آهي جو مون کي شرمندو ٿو ڪري، پر منهنجي عقل جو روح مون کي جواب ٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="4">تون قديم وقت کان وٺي نٿو ڄاڻين ڇا، جنهن وقت ماڻهوءَ کي زمين تي پيدا ڪيو ويو هو،</verse>
				<verse number="5">تہ شريرن جي فتحيابي ٿوري، ۽ بيدينن جي خوشي هڪڙي لحظي جي آهي؟</verse>
				<verse number="6">جيتوڻيڪ هن جي وڏائي چڙهي آسمانن تائين وڃي پهچي، ۽ هن جو مٿو ڪڪرن تائين وڃي رسي؛</verse>
				<verse number="7">تہ بہ هو پنهنجي گونهن وانگر هميشہ لاءِ ناس ٿي ويندو: جن هن کي ڏٺو آهي سي چوندا تہ هو ڪٿي آهي؟</verse>
				<verse number="8">هو خواب وانگر اُڏامي ويندو، ۽ لڀندو ئي ڪين: هائو، هو رات جي رويائن وانگر ڀڄايو ويندو.</verse>
				<verse number="9">جنهن اک هن کي ڏٺو آهي سا وري نہ ڏسنديس؛ نڪا سندس جاءِ کيس وري ڏسندي.</verse>
				<verse number="10">هن جا ٻار غريبن جي مهرباني ڳوليندا وتندا، ۽ هن جا هٿ سندس دولت موٽائي ڏيندا.</verse>
				<verse number="11">هن جا هڏا جوانيءَ سان ڀريل آهن، پر اها ساڻس گڏ مٽيءَ ۾ ليٽندي.</verse>
				<verse number="12">جيتوڻيڪ شرارت هن جي وات ۾ مٺي هوندي، جيتوڻيڪ هو اها پنهنجي ڄڀ هيٺيان لڪائيندو.</verse>
				<verse number="13">جيتوڻيڪ هو انهيءَ کي بچائيندو ۽ وڃڻ نہ ڏيندو، پر پنهنجي وات منجهہ سنڀاليو رکيو ايندو:</verse>
				<verse number="14">تڏهن بہ هن جو کاڌو سندس آنڊن ۾ بدلجي ويندو، ۽ منجهس ڦري سپن جو زهر ٿي پوندو.</verse>
				<verse number="15">هو دولت ڳهي ويو آهي ۽ اها هو وري اُلٽي ڪري ڪڍندو: اها خدا هن جي پيٽ مان ڪڍي ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="16">هو سپن جو زهر چوسيندو: نانگ جي زبان هن کي ماري وجهندي.</verse>
				<verse number="17">هو ندين کي نہ ڏسندو، يعني اهي جن ۾ ماکي ۽ مکڻ وهن ٿا.</verse>
				<verse number="18">جنهن جي لاءِ هن پورهيو ٿي ڪيو سو هو موٽائي ڏيندو ۽ ڳهي نہ ويندو؛ جيڪو مال ملڪيت وٽس آهي تنهن موجب هو خوشيون نہ ڪندو.</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ جو هن غريبن تي ظلم ڪيو آهي ۽ انهن کي ڇڏي ڏنو اٿس؛ هن زور زبردستيءَ سان جيڪو گهر ورتو آهي سو هو نہ اڏيندو.</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ جو هن پنهنجي اندر ۾ ڪوبہ آرام نہ ڏٺو، ۽ جنهن شيءِ مان هن کي خوشي حاصل ٿي ٿئي تنهن مان ڪجهہ نہ بچائيندو.</verse>
				<verse number="21">اهڙي ڪا بہ شيءِ نہ بچي جا هن ڳڙڪائي نہ ڇڏي؛ تنهن ڪري هن جو سک جٽاءُ نہ ڪندو.</verse>
				<verse number="22">هو پنهنجي جهجهي ملڪيت هوندي بہ تنگيءَ سان گذاريندو: سڀ ڪنهن مصيبت ماريءَ جو هٿ هن جي مٿان رهندو.</verse>
				<verse number="23">جڏهن هو پنهنجي پيٽ ڀرڻ تي هوندو، تڏهن خدا پنهنجو خوفناڪ غضب هن تي اُڇلائي وجهندو، ۽ اڃا ويٺو کائيندو تہ مٿانئس اهو مينهن وانگر وسائيندو.</verse>
				<verse number="24">هو لوهہ جي هٿيار کان ڀڄندو، ۽ پتل جي ڪمان جو تير هن کي چُڀي ماري ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="25">هو انهيءَ کي ڇڪي ڪڍي ٿو ۽ اهو سندس بدن مان نڪري اچي ٿو: هائو چمڪندڙ چهنب هن جي پتي مان نڪري اچي ٿي؛ خوف هن تي غالب آهن.</verse>
				<verse number="26">ساري اونداهي هن جي لاءِ خزانو ٿي رکيل آهي، جا باهہ ماڻهوءَ نہ ٻاري آهي سا هن کي ساڙي کائي ڇڏيندي؛ جيڪي هن جي تنبوءَ ۾ باقي بچيو آهي سو اُها ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.</verse>
				<verse number="27">آسمان هن جو گناهہ ظاهر ڪندا، ۽ زمين هن جي برخلاف اُٿندي.</verse>
				<verse number="28">سندس گهر جي برڪت هلي ويندي، ۽ هنجو مال متاع سندس ڪاوڙ جي ڏينهن، وهي هليو ويندو.</verse>
				<verse number="29">اهو آهي هڪڙي شرير ماڻهوءَ جو خدا وٽان آيل حصو، ۽ اهو ورثو جو خدا سندس لاءِ مقرر ڪيو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="21">
				<verse number="1">تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ:</verse>
				<verse number="2">منهنجي ڳالهہ ڌيان ڏيئي ٻڌو ۽ انهيءَ مان ڀلي تہ اوهان کي تسلي ٿئي.</verse>
				<verse number="3">مون کي ڇڏيو تہ آئون بہ ڳالهايان؛ ۽ جڏهن ڳالهائي بس ڪريان تڏهن پيا ٺٺوليون ڪجو.</verse>
				<verse number="4">پر منهنجي دانهن ڪا ماڻهوءَ وٽ آهي ڇا؟ ۽ ڇو آءٌ بي صبر نہ ٿيان.</verse>
				<verse number="5">مون تي نظر ڪريو ۽ عجب ۾ پئو، ۽ پنهنجا هٿ پنهنجي وات تي رکو.</verse>
				<verse number="6">بلڪ جڏهن مون کي يادگيري پوي ٿي تڏهن آءٌ بي آرام ٿو ٿيان، ۽ خوف کان منهنجو بت ڏڪيو وڃي.</verse>
				<verse number="7">شرير ماڻهو ڇو ٿا جيئن ۽ ٻڍا ٿين، هائو، ۽ طاقت ۾ وڌيڪ زور وارا ٿيندا وڃن؟</verse>
				<verse number="8">هنن جو نسل سندن ڏسندي ساڻن گڏ قائم ٿو ٿئي، ۽ هنن جو اولاد سندن اکين اڳيان.</verse>
				<verse number="9">هنن جا گهر ڊپ کان بچيا پيا آهن، نڪا خدا جي لٺ هنن تي آهي.</verse>
				<verse number="10">هنن جو ڏاند چڙهي ٿو ۽ بس نٿو ڪري، هنن جي ڳئون ڦر ڏئي ٿي ۽ ٻچو ڪيرائي نٿي.</verse>
				<verse number="11">هو پنهنجا ٻار ٻچا مال جي ڌڻ وانگر ٻاهر موڪلي ڏين ٿا، ۽ هنن جا نينگر نچن ٿا.</verse>
				<verse number="12">هو دف ۽ بربط تي ڳائين ٿا، ۽ شرنائي جي آواز تي خوشيون ڪن ٿا.</verse>
				<verse number="13">هو پنهنجا ڏينهن سک ۾ گذارين ٿا، ۽ هڪڙي لحظي ۾ هو هيٺ قبر ۾ لهيو وڃن.</verse>
				<verse number="14">انهيءَ هوندي بہ هنن خدا کي چيو تہ اسان وٽان هليو وڃ، ڇالاءِ جو اسين تنهنجا رستا ڄاڻڻ نہ ٿا گهرون.</verse>
				<verse number="15">قادر مطلق ڪير آهي جو اسين انهي جي عبادت ڪريون، ۽ جي اسين انهيءَ کان دعا گهرون تہ اسان کي ڪهڙو فائدو پهچندو.</verse>
				<verse number="16">ڏسو هنن جو سک سندن هٿن ۾ نہ آهي، شريرن جي صلاح مصلحت مون کان پري آهي.</verse>
				<verse number="17">ڪيترا نہ ڀيرا ائين ٿيندو آهي تہ شريرن جو ڏيئو وسايو ٿو وڃي؟ ۽ هنن جي آفت هنن جي مٿان اچي ڪڙڪي ٿي؟ خدا پنهنجي ڪاوڙ ۾ هنن تي ڏک موڪلي ٿو.</verse>
				<verse number="18">۽ اهي واءُ جي سامهون سڪل ٻٿ وانگر آهن، ۽ انهيءَ بهہ وانگر، جنهن کي طوفان اُڏائي ڇڏي ٿو.</verse>
				<verse number="19">اوهين چئو ٿا تہ خدا هن جو گناهہ هن جي اولاد لاءِ گڏ ڪيو رکيو ڇڏي؛ ڀلي تہ هو انهيءَ کي بدلو ڏئي تہ خبر پويس.</verse>
				<verse number="20">ڀلي تہ خود سندس اکيون سندس تباهي ڏسن، ۽ ڀلي تہ هو قادر مطلق جي ڪاوڙ پيئي.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو هن کي پاڻ کان پوءِ پنهنجي گهر ۾ ڪهڙي خوشي آهي، جڏهن سندس مهينن جو شمار وچ ۾ ئي وڍيو ويو آهي؟</verse>
				<verse number="22">ڪو خدا کي علم سيکاريندو ڇا؟ جيڪي وڏا آهن تن تي هو فتويٰ جاري ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="23">هڪڙو تمام گهڻي زور ۾ مري ٿو، ۽ نهايت آرام ۽ فرحت ۾:</verse>
				<verse number="24">هن جون ڇاتيون کير سان ڀريل آهن ۽ هن جي هڏن جي مِک آلي آهي.</verse>
				<verse number="25">۽ ٻيو ساهہ جي ساڙ ۾ مري ٿو، ۽ چڱائيءَ جو ذرو بہ نٿو چکي.</verse>
				<verse number="26">اهي ٻئي هڪ جهڙا مٽيءَ ۾ سمهن ٿا، ۽ ڪينئان هنن کي ڍڪيو ڇڏين.</verse>
				<verse number="27">ڏسو، آءٌ اوهان جا خيال معلوم ڪريان ٿو، ۽ جيڪي رٿون مون سان ظلم ڪرڻ لاءِ اوهين منهنجي برخلاف رٿيو ٿا.</verse>
				<verse number="28">ڇالاءِ جو اوهين چئو ٿا تہ امير جو گهر ڪٿي آهي: ۽ تنبوءَ ۾ جيڪي شرير رهندا هئا سي ڪٿي آهن؟</verse>
				<verse number="29">جيڪي رستو وٺيو وڃن انهن کان اوهان پڇيو آهي ڇا؟ ۽ اوهين انهن جا نشان نٿا ڄاڻو؟</verse>
				<verse number="30">تہ خراب ماڻهو مصيبت جي ڏينهن لاءِ رکيو ويو آهي؟ ۽ غضب جي ڏينهن لاءِ اُهي بچايا ٿا وڃن؟</verse>
				<verse number="31">ڪير سندس رستو سندس منهن تي ظاهر ڪري ٻڌائيندو؟ ۽ جيڪي ڪيو اٿس تنهن جو ڪير هن کي بدلو ڏيندو؟</verse>
				<verse number="32">انهيءَ هوندي بہ هن کي قبر ڏي کڻي ويندا، ۽ هن جي قبر تي پهرو ڏيندا.</verse>
				<verse number="33">واديءَ جا ڀتر هن کي مٺا لڳندا، ۽ سڀ ماڻهو هن جي پٺيان لڳندا، جيئن ڪ بيشمار ماڻهو سندس اڳيان هئا.</verse>
				<verse number="34">تڏهن ڪيئن اوهين مون کي اجايو تسلي ڏيو ٿا، جڏهن اوهان جن جوابن ۾ رڳو ڪوڙ آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="22">
				<verse number="1">پوءِ اليفز تيمانيءَ ورندي ڏيئي چيو تہ:</verse>
				<verse number="2">ڪو انسان خدا کي ڪمائتو ٿي سگهندو ڇا؟ يقين آهي تہ اهو جو ڏاهو آهي سو پنهنجي لاءِ ئي ڪمائتو آهي.</verse>
				<verse number="3">تنهنجي سچار هئڻ مان قادر مطلق کي ڪا خوشي حاصل ٿئي ٿي ڇا؟ يا جي تون پنهنجا رستا ڪامل ڪندين تہ هن کي ڪو فائدو پهچندو ڇا؟</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو توکي ڊپ رهي ٿو تنهن ڪري هو توکي ڇينڀي ٿو ڇا؟ ۽ توکي عدالت ۾ آڻي ٿو ڇا؟</verse>
				<verse number="5">تنهنجي شرارت وڏي نہ آهي ڇا؟ نڪا تنهنجن گناهن جي ڪا پڄاڻي آهي.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو تو ناحق پنهنجي ڀاءُ کان گروي شيون ورتيون آهن، ۽ اُگهاڙن جا ڪپڙا لاهي ورتا اٿيئي.</verse>
				<verse number="7">تو ٿڪلن کي پيئڻ لاءِ پاڻي نہ ڏنو آهي، ۽ تو بکايلن جي ماني روڪي ڇڏي آهي.</verse>
				<verse number="8">پر زور واري ماڻهوءَ کي زمين ملي، ۽ آبروءَ وارو ماڻهو انهيءَ ۾ رهڻ لڳو.</verse>
				<verse number="9">تو بيوہ زالن کي خالي هٿين ڪڍي ڇڏيو آهي، ۽ يتيمن جون ٻانهون ڀڃي ڇڏيون اٿيئي.</verse>
				<verse number="10">تنهن ڪري تنهنجي چوڌاري ڦندا آهن، ۽ اوچتو ڊپ توکي هلاڪ ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="11">يا اهڙي اونداهي، جا تون ڏسي نٿو سگهين، ۽ بي انداز پاڻي توکي ڍڪيو ڇڏي.</verse>
				<verse number="12">آسمان جي بلنديءَ تي خدا ناهي ڇا؟ ۽ تارن جي اوچائي تہ ڏس، اُهي ڪيترو نہ مٿي آهن!</verse>
				<verse number="13">۽ تون چوين ٿو تہ خدا ڇا ٿو ڄاڻي؟ هو گهاٽي اونداهيءَ ۾ ڪو انصاف ڪري سگهندو ڇا؟</verse>
				<verse number="14">گهاٽا ڪڪر هن جو پردو آهن، جنهن ڪري هو ڏسي نٿو سگهي؛ ۽ هو آسمان جي چوڌاري گهمي ٿو.</verse>
				<verse number="15">تون قديم رستي تان هلندين ڇا جنهن تان شرير ماڻهو هليا آهن؟</verse>
				<verse number="16">جي پنهنجي وقت کان اڳي گهلجي نڪري ويا آهن، ۽ جن جو بنياد نديءَ وانگر وهي ويو.</verse>
				<verse number="17">ڪنهن خدا کي چيو تہ اسان وٽان هليو وڃ؛ ۽ قادر مطلق اسان جي لاءِ ڇا ڪري سگهندو؟</verse>
				<verse number="18">تنهن هوندي بہ هن انهن جا گهر چڱين شين سان ڀري ڇڏيا: پر شريرن جي صلاح مصلحت مون کان پري آهي.</verse>
				<verse number="19">سچا اُنهيءَ کي ڏسن ٿا؛ ۽ بي گناهہ انهن تي ٺٺوليون ڪن ٿا:</verse>
				<verse number="20">۽ چون ٿا تہ بيشڪ جيڪي اسان جي برخلاف اُٿيا سي وڍيا ويا آهن، ۽ جيڪي منجهائن باقي بچيا آهن تن کي باهہ ساڙي ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="21">هاڻي پاڻ کي هن سان واقف ڪر ۽ سلامت رهہ، انهيءَ ڪري توکي چڱائي پهچندي.</verse>
				<verse number="22">آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ هن جي واتان شريعت قبول ڪر، ۽ هن جون ڳالهيون پنهنجي دل ۾ سانڍ.</verse>
				<verse number="23">جيڪڏهن تون بدڪاريءَ کي پنهنجن تنبن کان پري رکندين، ۽ قادر مطلق وٽ موٽندين تہ پوءِ تون اڏجي پوندين.</verse>
				<verse number="24">۽ پنهنجو خزانو مٽيءَ ۾ رک، ۽ اوفير جو سون نديءَ جي پٿرن منجهہ اُڇلائي ڇڏ؛</verse>
				<verse number="25">۽ قادر مطلق تنهنجو خزانو ٿيندو، ۽ تنهنجي لاءِ قيمتي چاندي ٿيندو.</verse>
				<verse number="26">ڇالاءِ جو تڏهن تون قادر مطلق ۾ خوش رهندين، ۽ پنهنجو منهن خدا جي اڳيان کڻندين.</verse>
				<verse number="27">تون هن کان دعا گهرندين تہ هو تنهنجي ٻڌندو؛ ۽ تون پنهنجا نذرانا ادا ڪندين.</verse>
				<verse number="28">تون ڪنهن ڳالهہ جو ذڪر ڪندين تہ اُها تنهنجي لاءِ قائم ٿي ويندي؛ ۽ تنهنجن رستن تي روشني چمڪندي.</verse>
				<verse number="29">جڏهن هو توکي هيٺ اُڇلائي وجهندو تڏهن تون چوندين تہ مٿي کڻڻ اِهو آهي؛ ۽ هو نماڻي شخص کي بچائيندو.</verse>
				<verse number="30">هو انهيءَ کي بہ ڇڏائيندو جو بي گناهہ نہ آهي: هائو، هو تنهنجن هٿن جي پاڪيزگيءَ ڪري ڇڏايو ويندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="23">
				<verse number="1">تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ:</verse>
				<verse number="2">اڄ بہ منهنجي فرياد ڏک سان ڀريل آهي: منهنجي مار منهنجي چيچلائڻ کان ڳري آهي.</verse>
				<verse number="3">اڙي جي مون کي خبر پوي تہ هو ڪٿي لڀندو، تہ جيڪر ان جي مسند تائين بہ وڃي نڪران!</verse>
				<verse number="4">۽ آءٌ پنهنجو معاملو هن جي اڳيان ترتيب وار پيش ڪريان، ۽ پنهنجو وات حجتن ۽ دليلن سان ڀريان.</verse>
				<verse number="5">۽ آءٌ جيڪر معلوم ڪريان تہ ڪهڙن لفظن ۾ هو مونکي جواب ڏيندو، ۽ جيڪي هو مونکي چوندو سو جيڪر سمجهان.</verse>
				<verse number="6">هو پنهنجي وڏي طاقت هوندي مون سان جهيڙو ڪندو ڇا؟ نہ، بلڪ هو مون ڏانهن ڌيان ڪندو.</verse>
				<verse number="7">اتي سچو انهيءَ سان بحث ڪري سگهندو؛ انهيءَ طرح آءٌ پنهنجي منصف کان هميشہ لاءِ ڇٽي ويندس.</verse>
				<verse number="8">ڏس، آءٌ اڳتي وڃان ٿو پر هو اتي ناهي؛ ۽ پٺتي ٿو وڃان، پر هن کي ڏسي نٿو سگهان:</verse>
				<verse number="9">جڏهن هو ڪم ڪري ٿو تڏهن آءٌ کٻي پاسي ٿو وڃان پر هو منهنجي نظر ۾ نٿو اچي؛ هو پاڻ کي سڄي پاسي لڪائي ٿو جنهن ڪري آءٌ هن کي ڏسي نٿو سگهان.</verse>
				<verse number="10">پر جيڪو رستو آءٌ وٺان ٿو سو هو ڄاڻي ٿو؛ جڏهن هو مون کي پرکيندو تڏهن آءٌ سون وانگر ظاهر ٿيندس.</verse>
				<verse number="11">منهنجو پير هن جي قدمن ۾ قابو رهيو آهي؛ هن جو رستو آءٌ سنڀاليو ويٺو اچان ۽ ڪنهن پاسي مڙي نہ ويو آهيان.</verse>
				<verse number="12">آءٌ هن جي چپن جي حڪمن کان ڦري نہ ويو آهيان: مون هن جي ڪلام کي پنهنجي ضروري کاڌي کان بہ وڌيڪ سانڍي رکيو آهي.</verse>
				<verse number="13">پر هو هڪڙي خيال جو آهي ۽ ڪير هن کي ڦيرائي سگهندو؟ جيڪي سندس روح ٿو چاهي اهو ئي هو ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو هو اُهو ٿو ڪري جو هن منهنجي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي: ۽ اهڙيون گهڻيون شيون هن وٽ آهن.</verse>
				<verse number="15">تنهن ڪري آءٌ سندس حضوريءَ ۾ بي آرام ٿو ٿيان؛ جڏهن ويچار ٿو ڪريان، تڏهن هن کان ڊڄان ٿو.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو خدا منهنجي دل کي سست ڪري ڇڏيو آهي، ۽ قادر مطلق مون کي بي آرام ڪيو آهي:</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو آءٌ اونداهيءَ سان ڍڪجي نہ ويو آهيان، ۽ هن گهاٽي اونداهي سان منهنجو منهن ڍڪي نہ ڇڏيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="24">
				<verse number="1">ڇالاءِ قادر مطلق زمانن کي لڪائي رکي نہ ڇڏيو، ۽ ڇالاءِ جيڪي هن کي ڄاڻن ٿا سي هن جا ڏينهن نہ ٿا ڏسن؟</verse>
				<verse number="2">ڪي اهڙا بہ آهن جي حد جي نشانن کي سرڪايو ڇڏين؛ هو زور زبردستيءَ سان مال جا گلا وٺيو ٿا وڃن ۽ انهن کي چارين ٿا.</verse>
				<verse number="3">هو يتيم جو گڏهہ ڪاهيو وڃن، ۽ بيوہ زال جو ڏاند پاڻ وٽ ڳهہ ٿا رکن.</verse>
				<verse number="4">هو گهرج واري کي رستي تان ڦيرايو ڇڏين: زمين جا غريب سڀ گڏجي وڃيو لڪن.</verse>
				<verse number="5">ڏسو هو بيابان جي خچر وانگر پنهنجي ڪم جي پٺيان نڪريو وڃن، ۽ کاڌي جي ڏاڍي ڳولا ۾ ٿا رهن؛ ۽ بيابان سندن ٻارن لاءِ کاڌو ٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="6">هو ٻنيءَ ۾ پنهنجو چارو ڪپين ٿا، ۽ شريرن جي ڊاک جي بچت چونڊين ٿا.</verse>
				<verse number="7">هو سڄي رات ڪپڙي کان سواءِ اُگهاڙا سمهن ٿا، ۽ سيءَ جي وقت هنن کي مٿان وجهڻ لاءِ ڪجهہ ڪونهي.</verse>
				<verse number="8">هو جبلن جي وسڪارن ۾ پُسيل رهن ٿا، ۽ پناهہ نہ هئڻ سبب ٽڪر کي چنبڙي بيهن ٿا.</verse>
				<verse number="9">ڪي اهڙا آهن جي يتيم کي ڇاتيءَ تان ڇنيو وٺن، ۽ غريبن کان ڳهہ وٺن.</verse>
				<verse number="10">جنهن ڪري هو بي ڪپڙي اُگهاڙا گهمندا وتن، ۽ بکيل هئڻ ڪري هو سنگ ڍوئين ٿا؛</verse>
				<verse number="11">هو انهن ماڻهن جي حاطن ۾ تيل ڪڍن ٿا، هو انهن جي چيچڙن کي لتاڙين ٿا تہ بہ اُڃ مرن ٿا.</verse>
				<verse number="12">آباد شهر مان ماڻهو دانهون ڪن ٿا، ۽ ڦٽيلن جو روح رڙيون ڪري ٿو: تنهن هوندي بہ خدا انهيءَ بي عقليءَ کي خيال ۾ نٿو آڻي.</verse>
				<verse number="13">اهي اُهي آهن جي روشنائيءَ جي برخلاف باغي ٿين ٿا؛ هو انهيءَ جا رستا نہ ٿا ڄاڻين، نڪي انهيءَ جي راهن ۾ رهن ٿا.</verse>
				<verse number="14">خوني پرهہ ڦٽيءَ جو اٿي ٿو ۽ هو غريب محتاج کي ڪهي ٿو؛ ۽ رات جي وقت هو چور وانگر آهي.</verse>
				<verse number="15">زنا ڪندڙ جي اک بہ نما شام جي لاءِ منتظر ٿي رهي، ۽ هو چوي ٿو تہ ڪابہ اک مونکي نہ ڏسندي؛ ۽ هو پنهنجو منهن بدلائي ٿو.</verse>
				<verse number="16">اونداهيءَ ۾ هو گهرن کي کاٽ هڻن ٿا: ۽ ڏينهن جو هو پاڻ کي لڪايو ڇڏين؛ هو روشنائيءَ کي ڄاڻن ئي نہ ٿا.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو انهن سڀني جي لاءِ صبح ڄڻ تہ موت جو پاڇو آهي؛ ڇالاءِ جو هنن کي موت جي پاڇي جي خوفن جي خبر آهي.</verse>
				<verse number="18">هو پاڻيءَ جي سطح تي تکو آهي؛ هن جو نصيب زمين ۾ لعنت ڪيل آهي: هو ڊاک جي منهہ واري رستي وٽان نٿو هلي.</verse>
				<verse number="19">خشڪي ۽ گرمي برف جي پاڻيءَ کي کپايو ڇڏي: تيئن قبر بہ گنهگارن کي.</verse>
				<verse number="20">ماءُ جو پيٽ هن کي وساري ڇڏيندو؛ ۽ ڪينئون مزي سان هن کي کائيندو؛ هن کي وري ڪوبہ ياد نہ ڪندو: ۽ بدڪاري وڻ وانگر ڀڃي ڇڏڻ ۾ ايندي.</verse>
				<verse number="21">سنڍ زال جا پيٽ سان نٿي ٿئي، تنهن کي هو ڳڙڪايو ڇڏي؛ ۽ رن زال کي ڪابہ چڱائي نٿو رسائي.</verse>
				<verse number="22">هو زور وارن کي بہ پنهنجي طاقت سان گهليو وڃي: هو اُٿي ٿو ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي ساهہ جو ڀروسو ناهي.</verse>
				<verse number="23">خدا انهن کي ايترو ڏئي ٿو جو هو صحيح سلامت رهن ٿا، ۽ انهن تي ڀروسو رکن ٿا؛ ۽ هن جون اکيون هنن جي راهن تي آهن.</verse>
				<verse number="24">هو سرفراز ٿين ٿا پر پوءِ سگهو ئي هو گم ٿيو وڃن؛ هائو، هو ذليل ٿيو وڃن، ۽ ٻين وانگر رستي کان پري ڪيا ٿا وڃن، ۽ اَن جي سنگن وانگر وڍجيو ٿا وڃن.</verse>
				<verse number="25">جيڪڏهن ائين نہ هجي تہ ڪير مون کي ڪوڙو ثابت ڪندو ۽ منهنجي ڳالهہ نڪمي ٺهرائيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="25">
				<verse number="1">پوءِ بلدد سوخي ورندي ڏيئي چيو تہ:</verse>
				<verse number="2">حڪومت ۽ هيبت هن سان آهي؛ هو پنهنجن مٿانهن مڪانن ۾ امن رکي ٿو.</verse>
				<verse number="3">هن جي لشڪرن جو ڪو شمار آهي ڇا؟ ۽ ڪنهن تي هن جي روشنائي نہ ٿي اُڀري؟</verse>
				<verse number="4">تڏهن ڪهڙيءَ طرح ماڻهو خدا وٽ سچو ٿي سگهندو؟ جيڪو ماءُ جي پيٽ مان ڄائو آهي سو ڪهڙيءَ طرح پاڪ ٿي سگهندو؟</verse>
				<verse number="5">ڏسو، چنڊ ۾ بہ روشنائي ڪانهي، ۽ تارا بہ هن جي نظر ۾ پاڪ نہ آهن:</verse>
				<verse number="6">تڏهن انسان، جو ڪينئون آهي، ۽ آدمزاد، جو فقط ڪينئون آهي سو ڪيترو نہ گهٽ!</verse>
			</chapter>
			<chapter number="26">
				<verse number="1">تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ:</verse>
				<verse number="2">تو ڪيئن نہ اُنهيءَ جي مدد ڪئي آهي، جنهن کي طاقت ڪانهي! تو ڪيئن نہ اُنهيءَ کي بچايو آهي، جنهن ۾ ڪوبہ زور ڪونهي!</verse>
				<verse number="3">تو ڪيئن نہ اُنهيءَ کي صلاح ڏني آهي، جنهن کي عقل ڪونهي، ۽ سچي علميت هن کي ٻڌائي آهي.</verse>
				<verse number="4">تو اهي ڳالهيون ڪنهن کي ٻڌايون آهن؟ ۽ ڪنهن جو روح تو وٽان نڪتو آهي؟</verse>
				<verse number="5">جيڪي مري ويا آهن سي ڏڪن ٿا، ۽ جيڪي پاڻيءَ جي هيٺان رهن ٿا سي بہ.</verse>
				<verse number="6">هن جي اڳيان قبر جو منهن اُگهاڙو آهي، ۽ جهنم بہ کليل آهي.</verse>
				<verse number="7">هو خالي جاءِ تي اُتر کي پکيڙي ٿو، ۽ زمين کي خال تي ٽنگي ڇڏي ٿو.</verse>
				<verse number="8">هو پاڻيءَ کي پنهنجن گهاٽن ڪڪرن ۾ بند ڪري ڇڏي ٿو، ۽ ڪڪر انهيءَ هيٺان ڦاٽي نٿو پوي.</verse>
				<verse number="9">هو پنهنجي تخت جو منهن بند ڪري ڇڏي ٿو، ۽ پنهنجو ڪڪر انهيءَ تي پکيڙي ڇڏي ٿو.</verse>
				<verse number="10">هن پاڻيءَ جي سطح تي حد ٻڌي ڇڏي آهي، انهيءَ هنڌ تائين جتي سوجهري ۽ اونداهيءَ پڄاڻي ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="11">آسمان جا ٿنڀ ڏڪن ٿا، ۽ هن جي تاب تان حيران ٿيا آهن.</verse>
				<verse number="12">هو سمنڊ کي پنهنجي طاقت سان اُٿلائي ٿو، ۽ پنهنجي حڪمت سان مغروريءَ تي ڌڪ هڻي ٿو.</verse>
				<verse number="13">هنن جي روح سان آسمان زينت وٺن ٿا؛ هن جي هٿ تکي ڀڄندڙ نانگ کي ونڌي ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="14">ڏسو، اهي تہ فقط هن جي رستن جا پاسا ۽ ڪنڊون آهن، اسين هن جو آواز ڪهڙو نہ ماٺيڻو ٻڌون ٿا! پر هن جي زبردست ڪمن جي گجگوڙ ڪير سمجهي ٿو سگهي؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="27">
				<verse number="1">۽ ايوب وري بہ پنهنجو مثل شروع ڪيو ۽ چيو تہ:</verse>
				<verse number="2">جيئري خدا جو قسم آهي جنهن منهنجو حق کسي ورتو آهي؛ ۽ قادر مطلق منهنجي روح کي ستايو آهي؛</verse>
				<verse number="3">(اڃا تائين منهنجي حياتي مون ۾ ثابت آهي؛)</verse>
				<verse number="4">يقين آهي تہ منهنجا چپ سچ کانسواءِ ٻيو ڪجهہ نہ ڳالهائيندا، نڪي منهنجي زبان ٺڳيءَ جي ڪا ڳالهہ ڪندي.</verse>
				<verse number="5">خدا نہ ڪري تہ آئون اوهان کي سچو چوان؛ جيستائين آءٌ مرندس تيستائين پنهنجي سچائي ڇڏي نہ ڏيندس.</verse>
				<verse number="6">آئون پنهنجي سچائيءَ تي قائم آهيان ۽ انهيءَ کي ڇڏي نہ ڏيندس: جيستائين آءٌ جيئندس تيستائين منهنجي دل مون کي مهڻو نہ ڏيندي.</verse>
				<verse number="7">ڀلي تہ منهنجو دشمن شرير ماڻهوءَ جهڙو ٿئي، ۽ جيڪو منهنجي برخلاف اٿي ٿو سو بدڪار ماڻهوءَ جهڙو ٿئي!</verse>
				<verse number="8">بيدين ماڻهو پنهنجي لاءِ ڪيتري بہ دولت حاصل ڪري تہ بہ انهيءَ جي اُميد ڪهڙي آهي، جڏهن خدا هن جو روح ٿو ڪڍي؟</verse>
				<verse number="9">خدا ڪو هن جي دانهن ٻڌندو ڇا، جڏهن هن تي مصيبت ايندي؟</verse>
				<verse number="10">هو قادر مطلق مان ڪا خوشي حاصل ڪندو ڇا، ۽ هر وقت خدا کي سڏيندو ڇا؟</verse>
				<verse number="11">آءٌ خدا جي هٿ جي ڪمن ۾ اوهان کي تعليم ڏيندس؛ ۽ قادر مطلق جي ڳالهہ نہ لڪائيندس.</verse>
				<verse number="12">ڏسو، سڀ اوهان پاڻ ڏٺو آهي؛ تڏهن ڇو اوهين بلڪل بيهودا ٿي پيا آهيو؟</verse>
				<verse number="13">شرير ماڻهوءَ جو خدا وٽ اهو حصو آهي، ۽ قادر مطلق وٽان ظالمن کي اهو ئي ورثو ٿو ملي.</verse>
				<verse number="14">جي هن جو اولاد گهڻو ٿي پئي تہ اهو ترار جي لاءِ آهي؛ ۽ هن جي نسل جو مانيءَ سان ڍءُ نہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="15">هن مان جيڪي باقي بچندا سي مري دفن ٿي ويندا، ۽ انهن جون بيوہ زالون ماتم نہ ڪنديون.</verse>
				<verse number="16">جيتوڻيڪ هو چاندي ڌوڙ وانگر کڻي ڍير ڪندو، ۽ ڪپڙا مٽيءَ وانگر تيار ڪندو؛</verse>
				<verse number="17">هو رڳو اهي تيار ڪندو پر سچا اهي ڍڪيندا، ۽ اها چاندي بيگناهہ ورهائي کڻندا.</verse>
				<verse number="18">هو پتنگ وانگر پنهنجو گهر جوڙي ٿو، ۽ انهيءَ ڀُونگيءَ جهڙو، جا نگهباني ڪندڙ جوڙي ٿو.</verse>
				<verse number="19">هو تونگر ٿي سمهي ٿو، پر هو قبر ۾ پوريو نہ ويندو؛ هو پنهنجون اکيون پٽي ٿو، مگر جيئرو ڪين آهي.</verse>
				<verse number="20">هن کي خوف پاڻيءَ وانگر وڪوڙي وڃن ٿا، ۽ طوفان هن کي رات جو لڪائي کڻي وڃي ٿو.</verse>
				<verse number="21">اُڀرندي جو واءُ هن کي کڻي ٿو ۽ هو هليو وڃي؛ ۽ اهو هن کي پنهنجي جاءِ تان ٻهاري ڇڏي ٿو.</verse>
				<verse number="22">ڇا لاءِ جو خدا هن کي ڌڪ هڻندو ۽ ڇڏي نہ ڏيندس: هو پنهنجي خدا جي هٿ مان نڪري ڀڄڻ ٿو گهري.</verse>
				<verse number="23">ماڻهو هن تي تاڙيون وڄائيندا، ۽ هش هش ڪري هن کي پنهنجي جاءِ تان ڀڄائي ڪڍندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="28">
				<verse number="1">يقيناً چاندي جي هڪڙي کاڻ هوندي آهي، ۽ سون جي لاءِ بہ هڪڙي جاءِ آهي جتي اُنهيءَ کي صاف ڪندا آهن.</verse>
				<verse number="2">لوهہ زمين مان ڪڍندا آهن، ۽ پتل پٿرن مان پگهاري ڪڍن ٿا.</verse>
				<verse number="3">ماڻهو اونداهيءَ جي حد ٻڌي ٿو، ۽ گهاٽي اونداهيءَ جا نشان ۽ موت جي پاڇي جي سرحد ڳولي ڪڍي ٿو.</verse>
				<verse number="4">۽ هو آباديءَ کان پري سرنگ ڀڃي کولي ٿو، اُهي راهہ لنگهندڙن جا وساريل آهن؛ هو ماڻهن کان پري رهن ٿا، ۽ هيڏي هوڏي لڏن ٿا.</verse>
				<verse number="5">زمين مان ماني نڪري ٿي: ۽ انهي جو هيٺيون پاسو ائين اُٿلجي ٿو جيئن تہ باهہ سان.</verse>
				<verse number="6">انهيءَ جي پٿرن ۾ نيلم آهي، ۽ انهيءَ ۾ سون جي ڀور آهي.</verse>
				<verse number="7">اهو رستو ڪو بہ شڪاري پکي نٿو ڄاڻي، ۽ نہ باز جي اک انهيءَ کي ڏسي سگهي ٿي.</verse>
				<verse number="8">۽ مغرور جانور انهيءَ تي نٿا هلن، نہ شوخ شينهن انهيءَ پاسي کان لنگهيو آهي.</verse>
				<verse number="9">هو چقمق جي پٿر تي پنهنجو هٿ رکي ٿو؛ ۽ جبلن کي پاڙن کان اونڌو ڪري ڇڏي ٿو.</verse>
				<verse number="10">هو ٽڪرن جي وچ مان نهرون وڍي ڪڍي ٿو؛ ۽ هن جي اک سڀ ڪا قيمتي شيءِ ڏسي ٿي.</verse>
				<verse number="11">هو نهرن کي قابو ڪري ٿو ۽ اُهي اُٿلي نہ ٿيون پون؛ ۽ لڪل شيءِ کي بہ هو روشنائيءَ ۾ آڻي ٿو.</verse>
				<verse number="12">پر حڪمت ڪٿي ملندي؟ ۽ دانائيءَ جي جاءِ ڪٿي آهي؟</verse>
				<verse number="13">نہ ماڻهو انهيءَ جي قيمت ڄاڻي ٿو؛ نہ اها جيئرن جي زمين ۾ ملي ٿي.</verse>
				<verse number="14">اونهائي چئي ٿي تہ اُها مون ۾ نہ آهي ۽ سمنڊ چئي ٿو تہ اها مون وٽ ڪانهي.</verse>
				<verse number="15">اها سون جي بدلي نٿي ملي سگهي، نڪا چاندي توري ان جي قيمت ۾ ڏيئي سگهجي ٿي.</verse>
				<verse number="16">اوفير جي سون سان بہ ان جو ملهہ نٿو ڪٿي سگهجي، ۽ نہ قيمتي سليماني پٿر يا نيلم سان.</verse>
				<verse number="17">نہ سون نہ شيشو ان جي برابري ڪري سگهن ٿا: نڪي اُچي سون جا زيور انهيءَ جي بدلي ۾ ٿيندا.</verse>
				<verse number="18">مرجان ۽ بلور جو نالو بہ نہ ورتو ويندو: هائو، حڪمت لعلن جي قيمت کان بہ وڌيڪ آهي.</verse>
				<verse number="19">نہ حبش جا پکراج انهيءَ جي برابري ڪندا، نڪي سچي سون سان ان جي قيمت ڪٿي ويندي.</verse>
				<verse number="20">تڏهن حڪمت ڪٿان ٿي اچي؟ ۽ دانائيءَ جي جاءِ ڪٿي آهي؟</verse>
				<verse number="21">جيئن تہ اها سڀني ساهہ وارن جي اکين کان لڪل آهي، ۽ اُڏامندڙ پکين کان ڳجهي آهي.</verse>
				<verse number="22">تباهي ۽ موت چون ٿا، اسان پنهنجي ڪنن سان هن جو افواهہ ٻڌو آهي.</verse>
				<verse number="23">خدا انهيءَ جي راهہ کي سمجهي ٿو، ۽ انهيءَ جي جاءِ ڄاڻي ٿو.</verse>
				<verse number="24">ڇالاءِ جو هو زمين جي پڇاڙيءَ تائين نظر ڊوڙائي ٿو، ۽ سڄي آسمان جي هيٺان ڏسي ٿو؛</verse>
				<verse number="25">تہ هو هوا جي تور مقرر ڪري ٿو هائو، هو پاڻيءَ جو پيمانو ماپي ڏئي ٿو.</verse>
				<verse number="26">جڏهن هن مينهن لاءِ قانون ٺاهيو، ۽ گجگوڙ ۽ وڄ لاءِ رستو مقرر ڪيو.</verse>
				<verse number="27">تڏهن هن ڏٺو ۽ ٻڌايو؛ هن مقرر ڪيو، يعني ڳولي ڪڍيائين.</verse>
				<verse number="28">۽ هن انسان کي چيو، ڏس خدا جو خوف، اها ئي حڪمت آهي؛ ۽ برائيءَ کان پري رهڻ دانائي آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="29">
				<verse number="1">۽ ايوب وري بہ پنهنجو مثل شروع ڪيو ۽ چيائين تہ:</verse>
				<verse number="2">اڙي جيڪڏهن آءٌ اهڙو هجان ها جهڙو اڳين مهينن ۾ هوس، يعني انهن ڏينهن ۾ جڏهن خدا منهنجي حفاظت ڪندو هو.</verse>
				<verse number="3">جڏهن هن جو ڏيئو منهنجي مٿان چمڪندو هو، ۽ هن جي سوجهري تي آءٌ اونداهيءَ مان هليو ويندو هوس؛</verse>
				<verse number="4">جيئن آءٌ پنهنجي رسيدگي جي ڏينهن ۾ هوندو هوس، جڏهن خدا جي ٻاجهہ منهنجي تنبوءَ تي هوندي هئي؛</verse>
				<verse number="5">جڏهن قادر مطلق اڃا مون ساڻ هو، ۽ منهنجا ٻار منهنجي چوڌاري هوندا هئا؛</verse>
				<verse number="6">جڏهن منهنجا قدم مکڻ سان ڌوپندا هئا، ۽ ٽڪر مون کي تيل جون نديون وهائي ڏيندو هو!</verse>
				<verse number="7">جڏهن آءٌ شهر جي دروازي ڏي نڪري ويندو هوس، ۽ جڏهن آءٌ گهٽيءَ ۾ پنهنجو مسند تيار ڪندو هوس.</verse>
				<verse number="8">تڏهن جوان ماڻهو مون کي ڏسي وڃي پاڻ کي لڪائيندا هئا، ۽ ٻڍا اُٿي بيهي رهندا هئا؛</verse>
				<verse number="9">امير ڳالهائڻ بند ڪندا هئا، ۽ پنهنجو هٿ پنهنجي وات تي رکندا هئا؛</verse>
				<verse number="10">رئيسن جو آواز بند ٿي ويندو هو، ۽ انهن جي زبان سندن تارونءَ کي چنبڙي پوندي هئي.</verse>
				<verse number="11">ڇا لاءِ جو جڏهن ڪن منهنجي ٻڌندو هو تڏهن مون کي دعا ڪندو هو؛ جڏهن اک مون کي ڏسندي هئي تڏهن مون تي شاهدي ڏيندي هئي.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو جيڪي غريب دانهون ڪندا هئا، تن کي آءٌ ڇڏائيندو هوس، ۽ يتيم بہ، جن کي ڪو بہ واهر ڪرڻ وارو ڪو نہ هو.</verse>
				<verse number="13">جيڪو مرڻ لاءِ تيار هو تنهن جي دعا مون تي ايندي هئي، ۽ آءٌ بيوہ جي دل خوشيءَ سان سرهي ڪندو هوس.</verse>
				<verse number="14">آءٌ سچائي پهريندو هوس، ۽ اُها مون کي ڍڪيندي هئي، منهنجي عدالت هڪڙو جبو ۽ هڪڙو ڇٽ هوندي هئي.</verse>
				<verse number="15">آءٌ انڌن جي لاءِ اکيون هوس، ۽ منڊن جي لاءِ پير هوس.</verse>
				<verse number="16">آءٌ محتاجن جي لاءِ پيءُ هوس، ۽ جنهن کي آءٌ اصل نہ سڃاڻندو هوس تنهنجي معاملي جي جاچ ڪندو هوس.</verse>
				<verse number="17">آءٌ شريرن جون ڄاڙيون ڀڃندو هوس، ۽ هنن جي ڏندن مان شڪار ڇڪي ڪڍي وٺندو هوس.</verse>
				<verse number="18">تڏهن آءٌ چوندو هوس تہ آءٌ پنهنجي آکيري ۾ مري ويندس، ۽ آءٌ پنهنجا ڏينهن واريءَ وانگر وڌائيندس.</verse>
				<verse number="19">منهنجي پاڙ پکڙي پاڻيءَ تائين ويئي آهي، ۽ ساري رات ماڪ منهنجي ٽاريءَ تي پوي ٿي.</verse>
				<verse number="20">منهنجو مان شان مون ۾ تازو آهي، ۽ منهنجي ڪمان نئين سر منهنجي هٿ ۾ آئي آهي.</verse>
				<verse number="21">ماڻهو منهنجي ڳالهہ ڪن ڏيئي ٻڌندا هئا، ۽ منتظر ٿي بيهندا هئا، ۽ منهنجي صلاح مشورت لاءِ ماٺ ڪري بيهندا هئا.</verse>
				<verse number="22">منهنجي ڳالهائڻ کانپوءِ هو وري نہ ڳالهائيندا هئا؛ ۽ منهنجي گفتگو انهن تي پيئي ٽمڪندي هئي.</verse>
				<verse number="23">۽ هو منهنجي لاءِ اهڙا منتظر هوندا هئا جهڙا مينهن جي لاءِ؛ ۽ هو پنهنجو وات اهڙو وڏو پٽيندا هئا، جهڙو پڇاڙيءَ جي مينهن لاءِ.</verse>
				<verse number="24">جيڪڏهن آءٌ هنن تي کلندو هوس تہ هو انهيءَ تي اعتبار نہ ڪندا هئا؛ ۽ منهنجي منهن جي روشنائي، هنن ڪڏهن نہ بگاڙي.</verse>
				<verse number="25">آءٌ هنن جو رستو چونڊي ڪڍندو هوس ۽ سردار وانگر ويهندو هوس، ۽ ائين رهندو هوس جيئن ڪو بادشاهہ لشڪر ۾ رهي ٿو، يا جيئن ڪو ماتم ڪندڙن کي دلاسو ڏئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="30">
				<verse number="1">پر هاڻي جيڪي مون کان ننڍا آهن سي مون تي ٺٺوليون ٿا ڪن، جن جي ابن ڏاڏن کي نفرت کان آءٌ پنهنجي ڌڻ جي ڪتن سان گڏ ويهاريندو هوس.</verse>
				<verse number="2">هائو، هنن جي هٿن جي زور مان مون کي ڪهڙو فائدو پهچندو؟ اهڙا ماڻهو، جن ۾ عمر جو زور ضايع ٿي ويو آهي.</verse>
				<verse number="3">هو گهرج ۽ ڏڪر جي ڪري ڏٻرا ٿي ويا آهن؛ هو سڃ ۽ ويرانيءَ جي اُداسيءَ ۾ بک جا چڪ ٿا هڻن.</verse>
				<verse number="4">هو ٻوڙن جي پاسن مان لوڻڪ ٿا پٽين؛ ۽ ٻوٽن جون پاڙون هنن جو قوت آهن.</verse>
				<verse number="5">هو ماڻهن جي وچ مان هڪليا ويا آهن؛ اُهي هنن جي پٺيان ائين رڙيون ٿا ڪن جيئن ڪنهن چور جي پٺيان.</verse>
				<verse number="6">تمام اونداهين وادين ۾، ۽ ٽڪرن ۽ زمين جي چرن ۾ هنن جو رهڻ ضرور ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="7">هو جهنگ جي ٻوڙن ۾ هينگندا وتن؛ ڪنڊن هيٺان هو وڃي گڏ ٿيو ٿا ويهن.</verse>
				<verse number="8">هو بي عقلن جو اولاد آهن، هائو، نيچ ماڻهن جو اولاد آهن؛ هنن کي ملڪ مان چهبڪ هڻي هڪلي ڪڍيو هئائون.</verse>
				<verse number="9">۽ هاڻي آءٌ انهن جو راڳ ٿي پيو آهيان، هائو، آءٌ انهن جي لاءِ هڪڙو پهاڪو ٿي پيو آهيان.</verse>
				<verse number="10">هو مون کان نفرت ٿا ڪن، هو مون کان پري ڀڄيو ٿا بيهن، ۽ منهنجي منهن تي ٿُڪ هڻڻ کان نٿا رهن.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو هن پنهنجي واڳ ڍري ڪئي آهي ۽ مون کي ڏک ڏنو اٿس، ۽ هو منهنجي اڳيان پاڻ کي روڪين نٿا.</verse>
				<verse number="12">منهنجي سڄي پاسي لچا لفنگا اُٿن ٿا؛ هو منهنجو پير هٽائي پاسي ڪيو ڇڏين، ۽ پنهنجا ناس ڪرڻ جا اُپاءَ منهنجي برخلاف اُڇلائين ٿا.</verse>
				<verse number="13">اهڙا ماڻهو جو ڪو بہ مددگار ڪونهي، سي منهنجي واٽ بگاڙين ٿا، ۽ منهنجي مصيبت وڌائين ٿا.</verse>
				<verse number="14">هو ڄڻ تہ هڪڙي ڪشادي ڦاٽ مان هليا ٿا اچن: ويرانيءَ سان هو مون تي ڪاهيندا اچن.</verse>
				<verse number="15">خوف لڙي مون تي موٽي آيا آهن، هو منهنجي عزت جي پٺيان هوا وانگر ڪاهي پون ٿا؛ ۽ منهنجي خير سلامتي ڪڪر وانگر لنگهي وئي آهي.</verse>
				<verse number="16">۽ هاڻي منهنجو ساهہ منهنجي اندر ۾ سڪي ويو آهي؛ مصيبت جي ڏينهن مون کي آڻي ورايو آهي.</verse>
				<verse number="17">رات جي وقت مون ۾ منهنجون هڏيون ونڌجي وڃن ٿيون، ۽ سورن ڪري مون کي آرام ڪونهي.</verse>
				<verse number="18">منهنجي مرض جي زور ڪري منهنجي ڪپڙن جي شڪل ئي ڦري وئي آهي: اُهو منهنجي گڊلي جي ڳچيءَ وانگر مون کي چوڌاري تنگ ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="19">هن مون کي گپ ۾ اُڇلائي وڌو آهي، ۽ آءٌ مٽيءَ ۽ رک وانگر ٿي پيو آهيان.</verse>
				<verse number="20">آءٌ توکي رڙيون ڪري سڏيان ٿو ۽ تون مون کي جواب نٿو ڏين: آءٌ اُٿي ٿو بيهان ۽ تون مون ڏي نهارين ٿو.</verse>
				<verse number="21">تون ڦري مون تي ظلم ڪرڻ لڳو آهين: پنهنجي هٿ جي زور سان تون مون کي ستائين ٿو.</verse>
				<verse number="22">تون مون کي کڻي واءُ جي سامهون جهلين ٿو، ۽ انهيءَ تي چاڙهي سوار ڪرين ٿو؛ ۽ تون مون کي طوفان ۾ ڳاريو چٽ ڪيو ڇڏين.</verse>
				<verse number="23">ڇالاءِ جو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون نيٺ مون کي ماريندين، ۽ جيڪو گهر سڀني جيئرن جي لاءِ ٺهرايل آهي اتي آڻيندين.</verse>
				<verse number="24">تڏهن بہ تباهيءَ جي وقت ڪير پنهنجو هٿ نہ ڊگهيريندو؟ يا مصيبت جي وقت مدد لاءِ نہ پڪاريندو؟</verse>
				<verse number="25">جيڪو تڪليف ۾ هو، تنهنجي لاءِ مون نہ رنو ڇا؟ محتاجن جي لاءِ منهنجي روح کي ڏک نہ ٿيو ڇا؟</verse>
				<verse number="26">جڏهن مون چڱائيءَ لاءِ نهاريو تڏهن بڇڙائي آئي؛ ۽ جڏهن مون سوجهري جي لاءِ انتظار ڪيو تڏهن اونداهي آئي.</verse>
				<verse number="27">منهنجا آنڊا ٽهڪن ٿا ۽ انهن کي آرام ڪونهي؛ مصيبت جا ڏينهن مون تي اچي پيا آهن.</verse>
				<verse number="28">سج کان سواءِ آءٌ ڪارو ٿي ويو آهيان: آءٌ جماعت جي وچ ۾ بيهي مدد لاءِ دانهون ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="29">آءٌ گدڙن جو ڀاءُ آهيان، ۽ اٺ پکين جو سنگتي آهيان.</verse>
				<verse number="30">منهنجي کل ڪاري آهي، ۽ مون تان لهيو ٿي پوي، ۽ منهنجا هڏا گرميءَ جي ڪري سڙي ويا آهن.</verse>
				<verse number="31">تنهن ڪري منهنجي بربط مان ڦري غم جو آواز ٿو نڪري، ۽ منهنجي بانسريءَ مان روئڻ جو آواز ٿو نڪري.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="31">
				<verse number="1">مون پنهنجن اکين سان عهد اقرار ڪيو؛ تڏهن ڪيئن آءٌ ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ ڏي نهاريان؟</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو مٿان خدا وٽان ڪهڙو حصو آهي، قادر مطلق وٽان ورثو ڪهڙو آهي؟</verse>
				<verse number="3">اهو بدڪارن جي لاءِ آفت نہ آهي ڇا؟ ۽ گناهہ ڪندڙن جي لاءِ مصيبت ناهي ڇا؟</verse>
				<verse number="4">هو منهنجا رستا نٿو ڏسي ڇا، ۽ منهنجا سڀ قدم نٿو ڳڻي ڇا؟</verse>
				<verse number="5">جيڪڏهن آءٌ مغروريءَ سان هليو آهيان، ۽ منهنجو پير ٺڳيءَ ڏانهن تڪڙو ٿيو آهي؛</verse>
				<verse number="6">(ڀلي تہ مون کي پوريءَ ساهميءَ ۾ تورين، تہ خدا کي منهنجي سچائي معلوم ٿئي؛)</verse>
				<verse number="7">جيڪڏهن منهنجو قدم رستي کان لڙي ٻاهر ويو آهي، ۽ منهنجي دل منهنجن اکين جي پٺيان لڳي هلي آهي، ۽ جيڪڏهن ڪو داغ منهنجن هٿن کي لڳو آهي؛</verse>
				<verse number="8">تہ پوءِ ڀلي آءٌ پوکيان ۽ ٻيو کائي؛ هائو، ڀلي منهنجي ٻنيءَ جي پيدائش پاڙؤن پٽجي وڃي.</verse>
				<verse number="9">جيڪڏهن منهنجي دل ڪنهن زال ڏانهن ڌتارجي ويئي آهي، ۽ آءٌ پنهنجي پاڙيسري جي در وٽ لڪي ويٺو هجان:</verse>
				<verse number="10">تہ پوءِ ڀلي منهنجي زال ٻئي جي لاءِ جنڊ پيهي، ۽ ڀلي تہ ٻيا ماڻهو هن تي جهڪن.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو اهو جيڪر وڏو گناهہ هجي؛ هائو، اُهو جيڪر اهڙو ڏوهہ هجي جنهن جي قاضي سزا ڏين:</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو اها هڪڙي باهہ آهي جا ساڙيو چٽ ڪيو ڇڏي. ۽ منهنجي ساري پيدائش جيڪر پاڙؤن پٽي ڇڏي.</verse>
				<verse number="13">جي مون پنهنجي ٻانهي يا ٻانهيءَ جو حق ماريو آهي، جڏهن هو مون سان جهڳڙيا ٿي:</verse>
				<verse number="14">تہ جڏهن خدا اُٿي بيهندو تڏهن آءٌ ڇا ڪندس؟ ۽ جڏهن هو روبرو اچي پڇا ڪندو تڏهن هن کي ڪهڙو جواب ڏيندس؟</verse>
				<verse number="15">جنهن مون کي ماءُ جي پيٽ ۾ جوڙيو، تنهن هن کي نہ جوڙيو ڇا؟ ۽ هڪڙي ئي سڀني کي ماءُ جي پيٽ ۾ نہ بنايو ڇا؟</verse>
				<verse number="16">جيڪڏهن مون مسڪينن کي سندن خواهشن کان روڪيو آهي، يا بيواهہ جي اکين کي سڪايو اٿم؛</verse>
				<verse number="17">يا جي پنهنجو ٽڪر اڪيلو پاڻ کاڌو اٿم، ۽ انهيءَ مان ڪنهن يتيم بہ نہ کاڌو آهي؛</verse>
				<verse number="18">(نہ، بلڪ ننڍپڻ کان هو مون وٽ رهي وڏو ٿيو جيئن ڪو پيءُ وٽ رهي، ۽ ماءُ جي پيٽ مان ڄمڻ کان وٺي آءٌ بيواهہ جو رهبر ٿي رهيو آهيان؛)</verse>
				<verse number="19">جيڪڏهن ڪپڙن نہ هئڻ ڪري ڪنهن کي مرندو ڏٺو اٿم، يا جي ڪنهن محتاج کي ڪنهن بہ ڪپڙي کان سواءِ ڏٺو اٿم؛</verse>
				<verse number="20">جيڪڏهن انهيءَ جي چيلهہ مون کي دعا نہ ڪئي آهي، ۽ جيڪڏهن منهنجن رڍن جي اُن انهيءَ کي گرم نہ رکيو آهي؛</verse>
				<verse number="21">جيڪڏهن مون پنهنجو هٿ ڪنهن يتيم کي هڻڻ لاءِ کنيو آهي، ڇالاءِ جو مون پنهنجي مدد در ۾ ڏٺي:</verse>
				<verse number="22">تہ تڏهن ڀلي منهنجو ڪلهو ڦڻيءَ کان ڪري پئي، ۽ منهنجي ٻانهن هڏي کان ڀڄي پوي.</verse>
				<verse number="23">ڇالاءِ جو مون کي خدا وٽان آيل آفت جي لاءِ خوف هو، ۽ هن جي جلال جي ڪري آءٌ ڪجهہ نہ ڪري سگهيس.</verse>
				<verse number="24">جيڪڏهن مون سون کي پنهنجو آسرو ڪيو آهي، ۽ خالص سون کي چيو اٿم تہ تون منهنجو ڀروسو آهين؛</verse>
				<verse number="25">جيڪڏهن گهڻي دولت هئڻ ڪري مون خوشي ڪئي هوندي، ۽ انهيءَ ڪري تہ منهنجي هٿ ۾ گهڻو ئي ڪي هو؛</verse>
				<verse number="26">جڏهن مون سج کي چمڪڻ وقت ڏٺو، يا چنڊ کي روشنائيءَ ۾ هلندو ڏٺم؛</verse>
				<verse number="27">تہ منهنجي دل ڳجهہ ڳوهہ ۾ ڦري ويئي ۽ منهنجي وات منهنجي هٿ کي چُميو آهي:</verse>
				<verse number="28">تہ اهو بہ اهڙو ڏوهہ آهي جنهن جي لاءِ قاضي سزا ڏين ها: ڇالاءِ جو ائين خدا، جو مٿي آهي تنهن وٽ ڪوڙ ڳالهايان ها.</verse>
				<verse number="29">جيڪڏهن آءٌ پنهنجي دشمن جي ناس ٿيڻ تي خوش ٿيس، يا جڏهن هن کي ڪا خرابي پهتي تڏهن پاڻ کي خوش ڪيم؛</verse>
				<verse number="30">(هائو، پٽڻ سان هن جي ساهہ وٺڻ لاءِ، مون پنهنجي وات کي گناهہ ڪرڻ نہ ڏنو؛)</verse>
				<verse number="31">جيڪڏهن منهنجي تنبوءَ جي ماڻهن ائين نہ چيو هجي، تہ ڪير اهڙو ماڻهو آهي جنهن هن وٽان گوشت سان ڍءُ نہ ڪيو آهي؟</verse>
				<verse number="32">پرديسي گهٽيءَ ۾ نہ ٽڪيو؛ پر مون پنهنجا در پٽي مسافر کي اندر آندو؛</verse>
				<verse number="33">جيڪڏهن آدم وانگر مون پنهنجا گناهہ ڍڪيا، جو پنهنجو ڏوهہ پنهنجي دل ۾ لڪايم:</verse>
				<verse number="34">ڇالاءِ جو آءٌ وڏيءَ جماعت کان ڊنس، ۽ قبيلن جي ڌڪار مون کي ڊيڄاريو آهي، جنهن ڪري آءٌ ماٺ ڪري ويٺس ۽ در کان ٻاهر نہ نڪتس.</verse>
				<verse number="35">شل ڪو منهنجي ٻڌڻ وارو هجي ها تہ چڱو! (ڏسو، اِجهو منهنجو دستخط، ڀلي تہ قادر مطلق مون کي ورندي ڏئي؛) ۽ جيڪا تهمت منهنجي دشمن لکي آهي سا جي مون وٽ هجي تہ چڱو!</verse>
				<verse number="36">يقيناً آءٌ جيڪر اها پنهنجي ڪلهي تي کڻان؛ اها آءٌ جيڪر پاڻ تي ڇٽ وانگر ٻڌان.</verse>
				<verse number="37">آءٌ جيڪر هن کي پنهنجن قدمن جو شمار ٻڌايان؛ هڪڙي شهزادي وانگر جيڪر آءٌ هن وٽ وڃان</verse>
				<verse number="38">جيڪڏهن منهنجي زمين منهنجي برخلاف پڪاري، ۽ انهيءَ جون کيڙون گڏجي روئن.</verse>
				<verse number="39">جيڪڏهن مون انهيءَ جا ميوا پئسن کان سواءِ کاڌا آهن، يا انهن جي مالڪن جو ساهہ منهنجي معرفت نڪتو آهي:</verse>
				<verse number="40">تہ ڀلي ڪڻڪ جي بدران ڪانڊيرا ڄمن، ۽ جون جي بدران ڪڙا داڻا. ايوب جو ڪلام پورو ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="32">
				<verse number="1">انهيءَ طرح هنن ٽنهي ماڻهن ايوب کي جواب ڏيڻ کان بس ڪئي، ڇالاءِ جو هو پنهنجي نظر ۾ سچو هو.</verse>
				<verse number="2">تڏهن اليهو، بن براڪيل بوزي، رام جي قبيلي واري جي ڪاوڙ دکڻ لڳي: هن جي ڪاوڙ ايوب تي دکي، ڇالاءِ جو هن پاڻ کي خدا کان زيادہ سچو ٿي سمجهيو.</verse>
				<verse number="3">هن جي ڪاوڙ سندس ٽن دوستن تي بہ دکي، ڇالاءِ جو هنن کي جواب ڪو نہ ٿي سُجهيو، ۽ انهيءَ هوندي بہ ايوب کي ڏوهاري ٿي سمجهيائون.</verse>
				<verse number="4">هاڻي الهيو ايوب سان ڳالهائڻ لاءِ انهيءَ ڪري ترسيل هو جو هو ٻيا کانئس وڏا هئا.</verse>
				<verse number="5">سو جڏهن اليهو ڏٺو تہ انهن ٽنهي ماڻهن جي واتان ورندي ڪانہ نڪتي، تڏهن هو ڪاوڙيو.</verse>
				<verse number="6">تڏهن اليهو بن براڪيل بوزيءَ ورندي ڏئي چيو تہ، آءٌ ننڍو آهيان ۽ اوهين تمام وڏا آهيو، انهيءَ ڪري مون ماٺ ڪئي هئي ۽ پنهنجي راءِ ڏيڻ جي جرئت نٿي ڪيم.</verse>
				<verse number="7">مون چيو تہ بزرگن کي ئي ڳالهائڻ گهرجي، ۽ وڏيءَ عمر وارن کي ئي حڪمت سيکارڻ لازم آهي.</verse>
				<verse number="8">پر انسان ۾ روح آهي، ۽ قادر مطلق جو دم انهي کي سمجهہ ڏئي ٿو.</verse>
				<verse number="9">وڏي مرتبي وارا ضرور نہ آهي تہ ڏاها هجن، نڪي وڏي عمر وارا انصاف جي سمجهہ رکندا آهن.</verse>
				<verse number="10">تنهن ڪري مون چيو تہ منهنجي ڳالهہ ڌيان ڏيئي ٻڌو؛ آءٌ پنهنجي راءِ بہ ٻڌائيندس.</verse>
				<verse number="11">ڏسو، آءٌ اوهان جي ڳالهائڻ لاءِ ترسيو ويٺو هوس، مون اوهان جا دليل پئي ٻڌا، جيستائين اوهان پئي خيال ڪيو تہ ڇا ڳالهايون.</verse>
				<verse number="12">هائو، منهنجو ڌيان اوهان ڏي هو، ۽ ڏسو اوهان مان ڪو بہ اهڙو ڪو نہ هو جو ايوب کي قائل ڪري، يا، جو سندس ڳالهين جو جواب ڏئي.</verse>
				<verse number="13">خبردار، متان اوهين چئو تہ اسان ڏاهپ لڌي آهي؛ خدا هن کي جيتي سگهي ٿو، نہ انسان:</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو هن جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن سي منهنجي برخلاف نہ ڪيون اٿس؛ نڪي آءٌ اوهانجن حجتن دليلن سان هن کي ورندي ڏيندس.</verse>
				<verse number="15">هو حيران ٿي ويا آهن، هو وڌيڪ ڪو جواب نٿا ڏين: هنن کي ڪجهہ بہ چوڻ لاءِ ڪونهي.</verse>
				<verse number="16">۽ آءٌ ترسي بيهان ڇا، ڇالاءِ جو هو نٿا ڳالهائين، ۽ ڪو جواب نہ ڏيان ڇا، ڇالاءِ جو هو چپ چاپ بيٺا آهن.</verse>
				<verse number="17">آءٌ بہ پنهنجي سمجهہ آهر جواب ڏيندس، آءٌ بہ اوهان کي پنهنجي راءِ ٻڌائيندس.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو مون کي گهڻو ئي ڪجهہ چوڻو آهي؛ مون منجهہ جيڪو روح آهي سو مون کي زور ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="19">ڏسو، منهنجو پيٽ انهيءَ شراب جي سانداريءَ جهڙو آهي جنهن کي ڪو ٽُنگ ڪونهي؛ نئين ساندارين وانگر اهو ڦاٽڻ تي آهي.</verse>
				<verse number="20">آءٌ ڳالهائيندس تہ من مون کي آرام اچي؛ آءٌ پنهنجا چپ کوليندس ۽ ورندي ڏيندس.</verse>
				<verse number="21">آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان، تہ مون کي ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي پاس خاطري ڪرڻ نہ ڏيو؛ نڪو آءٌ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي خوشامد جهڙو لقب ڏيندس.</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ جو آءٌ خوشامد جا لقب ڏيڻ ڄاڻان ئي نٿو؛ نہ تہ جيڪر خالق سگهو ئي مون کي کڻي وٺي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="33">
				<verse number="1">انهيءَ هوندي بہ، اي ايوب، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ منهنجي ڳالهہ ٻڌ ۽ جيڪي بہ آءٌ چوان تنهن ڏانهن ڪن ڏي،</verse>
				<verse number="2">هاڻي ڏس، مون پنهنجو وات پٽيو آهي، منهنجي زبان منهنجي وات ۾ ڳالهايو آهي.</verse>
				<verse number="3">منهنجا لفظ منهنجي دل جي سچائي ظاهر ڪندا؛ ۽ جيڪي منهنجا چپ ڄاڻن ٿا سو هو سچائيءَ سان ڳالهائيندا.</verse>
				<verse number="4">خدا جي روح مونکي جوڙيو آهي، ۽ قادر مطلق جي دم مون کي حياتي ڏني آهي.</verse>
				<verse number="5">جي تو کان ٿي سگهي تہ مون کي جواب ڏي؛ منهنجي اڳيان پنهنجون ڳالهيون ترتيب وار بيهار ۽ نڪري ٻاهر ٿي بيهہ.</verse>
				<verse number="6">ڏس آءٌ خدا جي حضوريءَ ۾ تنهنجي برابر آهيان: آءٌ بہ مٽيءَ مان جڙيل آهيان.</verse>
				<verse number="7">ڏس منهنجي هيبت تو کي نہ ڊيڄاريندي نڪي منهنجو دٻاءُ تو تي ڳرو ٿيندو.</verse>
				<verse number="8">يقيناً، تو منهنجي ٻڌندي ڳالهايو آهي، ۽ مون تنهنجو راز ٻڌو آهي تہ،</verse>
				<verse number="9">آءٌ پاڪ آهيان ۽ گناهہ کان آجو آهيان؛ آءٌ بي گناهہ آهيان، مون ۾ ڪا بہ برائي ڪانهي:</verse>
				<verse number="10">ڏس، هو منهنجي برخلاف وجهہ پيو ڳولي، هو مون کي پنهنجو دشمن شمار ٿو ڪري؛</verse>
				<verse number="11">هو منهنجون ٽنگون ڪاٺ ۾ ٿو وجهي، هو منهنجا سڀ رستا جاچي ڇڏي ٿو.</verse>
				<verse number="12">ڏس، آءٌ توکي جواب ڏيندس، انهيءَ ڳالهہ ۾ تون انصاف وارو نہ آهين؛ ڇالاءِ جو خدا ماڻهوءَ کان وڏو آهي.</verse>
				<verse number="13">ڇو تون هن جي برخلاف وڙهين ٿو؟ ڇالاءِ جو هو پنهنجي ڪنهن بہ ڳالهہ جو حساب نٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو خدا هڪڙو ڀيرو ٿو ڳالهائي، هائو، ٻہ ڀيرا، جيتوڻيڪ آءٌ انهيءَ ڏي ڌيان ٿو ڏيان.</verse>
				<verse number="15">خواب ۾ يا رات جو رويا ۾، جڏهن ماڻهو گهاٽي ننڊ ۾ آهن، ۽ هنڌ تي سُتا پيا آهن؛</verse>
				<verse number="16">تڏهن هو ماڻهن جا ڪن کولي ٿو، ۽ هنن جي تعليم تي مهر هڻي ٿو ڇڏي،</verse>
				<verse number="17">انهيءَ لاءِ تہ هو ماڻهوءَ کي پنهنجي ارادي کان روڪي، ۽ انسان کان مغروري پري ڪري ڇڏي؛</verse>
				<verse number="18">هو انهيءَ جي روح کي کڏ ۾ ڪرڻ کان سنڀالي ٿو، ۽ انهيءَ جي حياتيءَ کي ترار سان مرڻ کان.</verse>
				<verse number="19">هو پنهنجي هنڌ تي بہ سور سان سيکت حاصل ڪري ٿو، جڏهن هن جي هڏن ۾ گهڻي وقت تائين درد رهي ٿو:</verse>
				<verse number="20">جنهنڪري هن جي جيءَ کي ماني نٿي وڻي، ۽ هن جي روح کي عمدو طعام پسند نٿو اچي.</verse>
				<verse number="21">هنجو ماس اهڙو ڳري ٿو وڃي جو اهو ڏسڻ ۾ نٿو اچي؛ ۽ هنجا هڏا جي ڏسڻ ۾ نٿي آيا، سي نڪري ٻاهر ٿا بيهن.</verse>
				<verse number="22">هائو، هنجو روح کڏ کي ويجهو ٿو اچي، ۽ هن جي حياتي ناس ڪرڻ وارن کي نزديڪ ٿي وڃي.</verse>
				<verse number="23">جيڪڏهن هن سان ڪو فرشتو هجي، يا ڪو ترجمان هجي، پوءِ ڀلي هزار ۾ هڪڙو هجي، جو ماڻهوءَ کي سمجهائي تہ سندس لاءِ ڇا درست آهي؛</verse>
				<verse number="24">تہ پوءِ هو انهيءَ تي مهربان ٿئي ٿو ۽ چوي ٿو تہ، هن کي هيٺ کڏ ۾ وڃڻ کان بچاءِ، جو مون کي هن جو عيوضو مليو آهي.</verse>
				<verse number="25">هن جو بت ٻار جي بت کان بہ تازو ٿيندو؛ هو موٽي پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن تي اچي ٿو:</verse>
				<verse number="26">هو خدا کان دعا گهري ٿو، ۽ اهو هن تي مهربان آهي؛ جنهنڪري اُهو خوشيءَ سان هنجو منهن ڏسي ٿو: ۽ اهو ماڻهوءَ کي سندس سچائي موٽائي ڏئي ٿو.</verse>
				<verse number="27">هو ماڻهن جي اڳيان ڳائي ٿو ۽ چوي ٿو، تہ مون گناهہ ڪيو آهي، ۽ جيڪي سنئون هو تنهن کي ڏنگو ڪيو اٿم، ۽ انهيءَ مان مون کي ڪوبہ فائدو حاصل نہ ٿيو:</verse>
				<verse number="28">هن منهنجي روح کي کڏ ۾ پوڻ کان بچائي ورتو آهي، ۽ منهنجي حياتي روشنائي ڏسندي.</verse>
				<verse number="29">ڏس، اهي سڀ ڪم خدا انسان جي لاءِ ڪري ٿو، ٻہ ڀيرا بلڪ ٽي ڀيرا.</verse>
				<verse number="30">انهيءَ لاءِ تہ هن جي روح کي کڏ مان ڪڍي اچي، تہ هن کي جيئرن جي روشنائي ملي.</verse>
				<verse number="31">اي ايوب، چڱيءَ طرح ڌيان ڏي ۽ منهنجي ڳالهہ ڪن ڏئي ٻڌ: ماٺ ڪري ويهہ تہ آءٌ ڳالهايان.</verse>
				<verse number="32">جيڪڏهن توکي ڪي چوڻو آهي، تہ مون کي ورندي ڏي: ڀلي ڳالهاءِ، جو منهنجي مرضي آهي تہ توکي سچو ٺهرايان.</verse>
				<verse number="33">جي نہ تہ منهنجي ڳالهہ ڌيان ڏئي ٻڌ: تون ماٺ ڪري ويهہ تہ آءٌ توکي ڏاهپ سيکاريان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="34">
				<verse number="1">هيترو وڌيڪ بہ اليهو ورندي ڏئي چيو تہ:</verse>
				<verse number="2">اي عقلمند مردو، منهنجون ڳالهيون ٻڌو؛ اي علم وارو، مون ڏي ڪن ڏيو.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو ڪن ڪلام کي پرکي ٿو، جيئن تارون طعام کي چکي ڏسندو آهي.</verse>
				<verse number="4">اسان کي گهرجي تہ جيڪي درست هجي سو پنهنجي لاءِ پسند ڪريون: اچو تہ جيڪي چڱو هجي سو پنهنجو پاڻ ۾ معلوم ڪريون.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو ايوب چيو آهي تہ آءٌ سچو آهيان، ۽ خدا منهنجو حق کسي ورتو آهي:</verse>
				<verse number="6">منهنجي سچار هوندي آءٌ ڪوڙو شمار ڪيو ويو آهيان؛ منهنجو ڦٽ ڇٽڻ جو ناهي، جيتوڻيڪ آءٌ گناهہ کان آزاد آهيان.</verse>
				<verse number="7">ڪهڙو ماڻهو ايوب جهڙو آهي، جو ڌڪار کي پاڻيءَ وانگر پي ٿو وڃي؟</verse>
				<verse number="8">جو بدڪارن جي سنگت ۾ وڃي ٿو، ۽ شرير ماڻهن سان گهمي ٿو.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو هن چيو آهي تہ ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڪوبہ فائدو ڪونهي تہ خدا سان پاڻ کي خوش رکي.</verse>
				<verse number="10">تنهنڪري اي سمجهہ وارو، اوهين منهنجي ٻڌو: خدا کان هرگز ائين نہ ٿيندو تہ هو شرارت جهڙو ڪم ڪري؛ قادر مطلق هرگز گناهہ جهڙو ڪم نہ ڪندو.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو هو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي عمل موافق بدلو ٿو ڏئي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس ڪمن جو نتيجو ٿو رسائي.</verse>
				<verse number="12">هائو، يقين آهي تہ خدا شرارت جهڙو ڪم نہ ڪندو، نڪي قادر مطلق انصاف کي اُبتو ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="13">ڪنهن هن کي زمين تي اختيار ڏنو آهي؟ يا ڪنهن ساريءَ دنيا جو ڪارخانو هلايو آهي؟</verse>
				<verse number="14">جي هو ماڻهوءَ تي پنهنجو خيال رکندو، جي هو انهيءَ جو روح ۽ انهيءَ جو ساهہ پاڻ وٽ آڻي گڏ ڪندو.</verse>
				<verse number="15">تہ سڀ جسم وارا گڏ فنا ٿي ويندا، ۽ ماڻهو وري بہ مٽيءَ ڏي موٽندو.</verse>
				<verse number="16">هاڻي جيڪڏهن توکي ڪا سمجهہ آهي تہ هي ٻڌ: منهنجي ڪلام جي آواز ڏي ڪن ڏي.</verse>
				<verse number="17">جيڪو شخص حق کي ڌڪاري ٿو سو ڪو حڪمراني ڪندو ڇا؟ ۽ جيڪو انصاف وارو ۽ طاقتمند آهي تنهن کي تون الزام ڏيندين ڇا؟</verse>
				<verse number="18">اهو ڪو مناسب آهي ڇا تہ بادشاهہ کي چئجي تہ تون ڪميڻو آهين؟ يا اميرن کي چئجي تہ اوهين شرير آهيو؟</verse>
				<verse number="19">تڏهن ڪيترو نہ گهٽ انهيءَ کي ائين چوڻ مناسب آهي، جو نہ شهزادن جي پاسداري ٿو ڪري، ۽ نہ دنيادارن کي غريبن کان زيادہ مان ٿو ڏئي؟ ڇالاءِ جو اُهي سڀ سندس هٿن جا جڙيل آهن.</verse>
				<verse number="20">هڪڙي لحظي ۾، اڌ رات جو بہ هو مري پون ٿا؛ ماڻهو ڏڪي گذاري وڃن ٿا، ۽ زور وارا بنا هٿ لڳائڻ جي کڄيو ٿا وڃن.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو هن جون اکيون ماڻهوءَ جي واٽن تي آهن، ۽ هو انهيءَ جو اچڻ وڃڻ ڏسي ٿو.</verse>
				<verse number="22">اهڙي ڪابہ اونداهي يا اهڙو ڪوبہ موت جو پاڇو ڪونهي، جتي بدڪاري ڪرڻ وارا پاڻ کي لڪائي سگهن.</verse>
				<verse number="23">ڇالاءِ جو هن کي ڪنهن ماڻهوءَ جي نسبت ۾ انهيءَ لاءِ وڌيڪ ويچار ڪرڻ جو ضرور ئي ڪونهي. تہ هو عدالت جي لاءِ خدا جي اڳيان وڃي.</verse>
				<verse number="24">هو زور ڀرين ماڻهن کي اهڙن رستن سان ڀڃيو پرزا پرزا ڪريو ڇڏي، جن جي معلوم ڪرڻ جو امڪان ڪونهي، ۽ ٻين کي انهن جي جاءِ تي مقرر ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="25">تنهنڪري هو انهن جي خبر وٺي ٿو؛ ۽ رات جو انهن کي اونڌو ڪيو ڇڏي، جنهن ڪري هو ناس ٿيو وڃن.</verse>
				<verse number="26">هو ظاهر ظهور ٻين جي ڏسندي، هنن کي شريرن وانگر ڌڪ هڻي ٿو؛</verse>
				<verse number="27">ڇالاءِ جو هو سندس پٺ ڇڏي ٻئي پاسي هليا ويا، ۽ هن جي ڪنهن بہ رستي جو ڌيان نہ رکيائون.</verse>
				<verse number="28">جنهن ڪري هنن غريبن جي دانهن هن تائين پهچائي، ۽ هن ڏکويلن جي دانهن ٻڌي.</verse>
				<verse number="29">جڏهن هو آرام ڏئي ٿو تڏهن ڪير الزام آڻي ٿو سگهي؟ ۽ جڏهن هو پنهنجو منهن لڪائي ٿو تڏهن ڪير هن کي ڏسي ٿو سگهي؟ قوم سان ائين ڪرڻ ۾ اچي، يا فقط هڪڙي ماڻهو سان، ٻنهي لاءِ هڪڙي ڳالهہ آهي:</verse>
				<verse number="30">انهيءَ لاءِ تہ بي دين ماڻهو حڪومت نہ ڪري، ۽ ڪوبہ ماڻهو خلق کي ڦندي ۾ نہ ڦاسائي.</verse>
				<verse number="31">ڇالاءِ جو ڪنهن ماڻهوءَ خدا کي چيو آهي ڇا؟ تہ مون سزا سٺي آهي، اڳتي وري قصور ڪونہ ڪندس:</verse>
				<verse number="32">جيڪي آءٌ نہ ٿو ڏسان سو تون مون کي سيکار: جيڪڏهن مون ڪو ڏوهہ ڪيو آهي تہ آءٌ اُهو وري ڪين ڪندس.</verse>
				<verse number="33">انهي جو بدلو اهڙو ٿيندو ڇا جهڙي تنهنجي مرضي هوندي، تہ تون اهو نامنظور ڪرين؟ ڇالاءِ جو فيصلو توکي ڪرڻو آهي نہ مون کي: تنهنڪري ڳالهہ اُها ڪر جا تون ڄاڻين.</verse>
				<verse number="34">هائو سڀ ڏاها ماڻهو جي منهنجي ڳالهہ ٻڌندا؛ ۽ سمجهہ وارا ماڻهو مون کي چوندا:</verse>
				<verse number="35">تہ ايوب سمجهہ کانسواءِ ڳالهائي ٿو، ۽ جيڪي هو چوي ٿو تنهن ۾ ڪابہ ڏاهپ ڪانهي.</verse>
				<verse number="36">جي ايوب جي پڇاڙيءَ تائين آزمائش ٿئي تہ چڱو، ڇالاءِ جو هو شرير ماڻهن جهڙو جواب ڏئي ٿو.</verse>
				<verse number="37">ڇالاءِ جو هو پنهنجي گناهہ سان بغاوت گڏي ٿو، ۽ اسان جي وچ ۾ تاڙيون وڄائي ٿو، ۽ خدا جي برخلاف پنهنجون ڳالهيون زيادہ ڪري ٿو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="35">
				<verse number="1">انهيءَ کان وڌيڪ اليهو، هي بہ ورندي ڏيئي چيو تہ،</verse>
				<verse number="2">اهو تون پنهنجو حق ٿو سمجهين ڇا، يا تون ائين چوين ٿو ڇا تہ منهنجي سچائي خدا جي سچائيءَ کان وڌيڪ آهي،</verse>
				<verse number="3">۽ تون ائين چئين ٿو تہ انهيءَ مان توکي ڪهڙو فائدو آهي؟ ۽ جي آءٌ گناهہ ڪريان ها تہ انهيءَ کان وڌيڪ مون کي ڪهڙو اجر ملي ها؟</verse>
				<verse number="4">آءٌ توکي جواب ڏيندس، ۽ تو سان گڏ تنهنجن سنگتين کي بہ،</verse>
				<verse number="5">آسمان ڏانهن نظر ڪري نهار، ۽ ڏس؛ تہ آسمان توکان ڪيترو نہ مٿي آهي.</verse>
				<verse number="6">جيڪڏهن تو گناهہ ڪيو آهي، تہ تون هن کي ڇا ٿو ڪري سگهين؟ ۽ جي تنهنجا ڏوهہ گهڻا ٿيندا، تہ تون هن کي ڇا ٿو ڪري سگهين؟</verse>
				<verse number="7">جيڪڏهن تون سچو هوندين، تہ تون هن کي ڇا ٿو ڏين؟ يا هن کي تنهنجي هٿان ڇا ٿو حاصل ٿئي؟</verse>
				<verse number="8">تنهنجي شرارت تو جهڙي انسان کي نقصان پهچائي سگهندي؛ ۽ تنهنجي سچائي ڪنهن آدمزاد کي فائدو رسائي سگهندي.</verse>
				<verse number="9">گهڻن ظلمن جي ڪري هو دانهون ٿا ڪن؛ ڏاڍي جي زبردستيءَ ڪري هو مدد لاءِ رڙيون ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="10">پر ڪوبہ ڪو نہ ٿو چوي، تہ منهنجو خالق خدا ڪٿي آهي، جو رات جو راڳ ڏئي ٿو؛</verse>
				<verse number="11">جو اسان کي زمين جي جانورن کان وڌيڪ تعليم ڏئي ٿو، ۽ اسان کي هوا جي پکين کان زيادہ عقل عطا ڪري ٿو؟</verse>
				<verse number="12">اُهي دانهون ڪن ٿا پر هو جواب نٿو ڏئي، اهو خراب ماڻهوءَ جي مغروري جي سبب آهي.</verse>
				<verse number="13">يقين آهي تہ خدا مغرور جي نہ ٻڌندو، نڪي قادر مطلق انهيءَ ڏي ڪو خيال ڏيندو.</verse>
				<verse number="14">جڏهن تون چئين ٿو تہ هن کي نٿو ڏسين تڏهن تہ پاڻ هو گهٽ تو ڏي خيال ڪندو، جو حقيقت هن جي پيش آهي ۽ تون هن لاءِ منتظر آهين!</verse>
				<verse number="15">پر هاڻي ڇالاءِ جو هن پنهنجي ڪاوڙ نازل نہ ڪئي آهي، تنهنڪري تون چئين ٿو تہ هو گستاخيءَ ڏي گهڻو ڌيان نٿو ڏئي؛</verse>
				<verse number="16">تنهنڪري ايوب پنهنجو وات گهمنڊ ۾ ٿو پٽي؛ ۽ هو سمجهہ کانسواءِ گهڻو ٿو ڳالهائي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="36">
				<verse number="1">اليهو هيترو بہ وڌيڪ چوڻ لڳو تہ،</verse>
				<verse number="2">مون کي ٿورو ڇڏ، تہ آءٌ توکي ڏيکاريان؛ ڇالاءِ جو مون کي اڃا بہ خدا جي طرفان ڪي ڪجهہ چوڻو آهي.</verse>
				<verse number="3">آءٌ پنهنجي سياڻپ پري کان آڻيندس، ۽ سچائي پنهنجي خالق جي نالي تي ليکيندس.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو سچ پچ منهنجون ڳالهيون ڪوڙيون نہ آهن: جيڪو علم ۾ ڪامل آهي سو تو سان آهي.</verse>
				<verse number="5">ڏس، خدا قدرت وارو آهي ۽ ڪنهن کي بہ ڌڪاري نٿو: هو سمجهہ جي ڪري طاقتمند آهي.</verse>
				<verse number="6">هو شريرن جي حياتي نٿو بچائي: پر ڏکويلن کي پنهنجو حق ڏئي ٿو.</verse>
				<verse number="7">هو سچن تان پنهنجون اکيون نٿو کڻي: برابر انهن کي هميشہ لاءِ تخت تي بادشاهن سان گڏ ويهاري ٿو، ۽ هو وڏو درجو حاصل ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="8">۽ جي هو زنجيرن ۾ ٻڌجن ٿا، ۽ مصيبت جي رسن ۾ پڪڙجن ٿا؛</verse>
				<verse number="9">تہ هو انهن کي سندن ڪم ۽ سندن گناهہ ڏيکاري ٿو، جي هنن پنهنجي مغروريءَ سان ڪيا آهن.</verse>
				<verse number="10">هو انهنجا ڪن تعليم لاءِ بہ کولي ٿو، ۽ حڪم ڏئين ٿو تہ بدڪاريءَ کان موٽن.</verse>
				<verse number="11">جيڪڏهن هو ٻڌندا ۽ سندس عبادت ڪندا، تہ هو پنهنجا ڏينهن سک ۾ گذاريندا، ۽ پنهنجا سال خوشين ۾.</verse>
				<verse number="12">پر جي هو نہ ٻڌندا تہ ترار سان چٽ ٿيندا، ۽ بيعقليءَ ۾ مري ويندا.</verse>
				<verse number="13">پر جيڪي دل ۾ بيدين آهن سي غضب گڏ ٿا ڪن: تن کي جڏهن هو ٻڌي قابو ٿو ڪري تڏهن هو مدد لاءِ رڙيون نٿا ڪن.</verse>
				<verse number="14">هو جوانيءَ ۾ مري وڃن ٿا، ۽ هنن جي حياتي ناپاڪن جي وچ ۾ پوري ٿي وڃي ٿي.</verse>
				<verse number="15">هو مصيبت زدن کي سندن مصيبت سان ڇڏائي ٿو، ۽ ظلم جي وقت هنن جا ڪن کولي ٿو.</verse>
				<verse number="16">هائو، هو توکي مصيبت مان ڪڍي اهڙيءَ ڪشادي جاءِ ۾ پهچائي ها؛ جتي سوڙهہ نہ آهي ۽ تنهنجي دسترخاني تي جيڪي هجي سو جيڪر سڻڀ سان ڀريل هجي ها.</verse>
				<verse number="17">پر تون شريرن جي مقدمي سان ڀريل آهين: تنهنڪري عدالت ۽ انصاف توکي پڪڙين ٿا.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ تہ غضب آهي، تنهنڪري خبردار ٿج متان تنهنجي آسودگي توکي گهلي وڃي؛ نڪي وڏو عيوضو توکي گمراهہ ڪري ڇڏي.</verse>
				<verse number="19">تنهنجي دولت ۽ تنهنجي زور جي طاقت ڪافي آهي ڇا، تہ تون ڏک ۾ نہ پوين؟</verse>
				<verse number="20">انهيءَ رات جي خواهش نہ ڪر، جڏهن ماڻهو پنهنجي جاءِ تي وڍجي وڃن ٿا.</verse>
				<verse number="21">سنڀال ڪر. بدڪاري جو خيال نہ رک: ڇالاءِ جو تو انهيءَ کي مصيبت کان زيادہ پسند ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="22">ڏس، خدا پنهنجي طاقت سان وڏا ڪم ڪري ٿو: انهيءَ جهڙو اُستاد ٻيو ڪير آهي؟</verse>
				<verse number="23">ڪنهن هن کي رستو ڏيکاريو آهي؟ يا ڪير چئي سگهندس تہ تو بي انصافيءَ جو ڪم ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="24">ياد رک تہ هن جي ڪمن جي وڏائي ڏيکارين، جنهن جي بابت ماڻهن راڳ ڳايا آهن.</verse>
				<verse number="25">سڀني ماڻهن انهيءَ ڏي نهاريو آهي؛ انسان انهيءَ کي پري کان ڏسي ٿو.</verse>
				<verse number="26">ڏس، خدا وڏو آهي، ۽ اسين انهيءَ کي نٿا ڄاڻون: هن جي سالن جو شمار معلوم ٿيڻ جو نہ آهي.</verse>
				<verse number="27">ڇالاءِ جو هو پاڻيءَ جا ڦڙا ڇڪي وٺي ٿو، ۽ اهي سندس بخار مان مينهن ۾ ٽمن ٿا:</verse>
				<verse number="28">اهي ڪڪرن کي هيٺ اوتين ٿا ۽ ماڻهوءَ تي گهڻي انداز ۾ وسن ٿا.</verse>
				<verse number="29">هائو، ڪو ماڻهو ڪڪرن جو پکڙڻ، ۽ هن جي شامياني جو گجڻ سمجهي سگهندو ڇا؟</verse>
				<verse number="30">ڏس، هو پنهنجي روشنائي پنهنجي چوڌاري پکيڙي ٿو؛ ۽ هو سمنڊ جو ترو ڍڪي ڇڏي ٿو.</verse>
				<verse number="31">ڇالاءِ جو انهيءَ سان هو ماڻهن جي عدالت ڪري ٿو؛ هو بي انداز کاڌو ڏئي ٿو.</verse>
				<verse number="32">هو وڄ پنهنجي هٿ ۾ کڻي ٿو؛ ۽ انهيءَ کي حڪم ٿو ڏئي تہ وڃي نشان کي لڳي.</verse>
				<verse number="33">انهيءَ جو ڪڙڪو هن جي خبر ٻڌائي ٿو، ۽ چوپايو مال بہ هن جي خبر ڏئي ٿو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="37">
				<verse number="1">انهيءَ تي بہ منهنجي دل ڏڪي ٿي، ۽ پنهنجي جاءِ تان ٿڙڪي وڃي ٿي.</verse>
				<verse number="2">اوهين هن جي هڪل جو هل ۽ جيڪو آواز هن جي وات مان نڪري ٿو سو ڌيان ڏيئي ٻڌو.</verse>
				<verse number="3">هو انهيءَ کي آسمان جي هيٺان موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي روشني زمين جي ڪنارن تائين موڪلي ٿو.</verse>
				<verse number="4">انهيءَ کان پوءِ گوڙ جهڙو آواز اچي ٿو؛ هو پنهنجي جلال جي آواز سان گجي ٿو: ۽ جڏهن هنجو آواز ٻڌجي ٿو تڏهن هو انهي کي روڪي نٿو.</verse>
				<verse number="5">خدا پنهنجي آواز سان حيرت جهڙي گجگوڙ ڪري ٿو؛ هو وڏا وڏا ڪم ڪري ٿو، جي اسين سمجهي نٿا سگهون.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو هو برف کي چوي ٿو تہ تون زمين تي ڪري پئُہ؛ ساڳيءَ طرح مينهن جي وسڪاري کي، ۽ پنهنجي وڏي مينهن جي وسڪارن کي بہ ائين چوي ٿو.</verse>
				<verse number="7">هو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي هٿ تي مهر هڻي ڇڏي ٿو؛ انهيءَ لاءِ تہ سڀ ماڻهو جن کي هن خلقيو آهي، تن کي انهيءَ جي خبر پوي.</verse>
				<verse number="8">تڏهن جانور چرن ۾ وڃن ٿا، ۽ پنهنجن غارن ۾ وڃي لڪن ٿا.</verse>
				<verse number="9">ڏکڻ جي ڪوٺيءَ مان طوفان اچي ٿو: ۽ اُتر مان ٿڌ.</verse>
				<verse number="10">خدا جي دم سان برف ڄمي ٿي وڃي: ۽ پاڻيءَ جو وهڪرو سڪي ٿو وڃي.</verse>
				<verse number="11">هائو، هو گهاٽن ڪڪرن کي ٻاڦ سان ڍڪي ٿو؛ ۽ پنهنجي روشنيءَ وارن ڪڪرن کي پري پري پکيڙي ٿو:</verse>
				<verse number="12">۽ اُهي سندس اشارن سان چوڌاري ڦرن ٿا، تہ جيڪي هو فرمائي ٿو تنهن موجب آباديءَ جي مٿان ڪن.</verse>
				<verse number="13">پوءِ خواہ سيکت لاءِ هجي چاهي پنهنجي ملڪ لاءِ، خواہ رحمت لاءِ، هو انهيءَ کي آڻي ٿو.</verse>
				<verse number="14">اي ايوب، هي ڌيان ڏئي ٻڌ: ماٺ ڪري بيهہ ۽ خدا جي عجيب غريب ڪمن تي ويچار ڪر.</verse>
				<verse number="15">توکي ڪا اها خبر آهي ڇا تہ خدا ڪيئن پنهنجو حڪم انهن تي رکي ٿو، ۽ پنهنجي ڪڪر جي وڄ چمڪائي ٿو؟</verse>
				<verse number="16">توکي ڪڪرن جي اُڏامڻ جي ڪا خبر آهي، ۽ جيڪو علم ۾ ڪامل آهي تنهن جي عجيب ڪم جي ڄاڻ اٿيئي ڇا؟</verse>
				<verse number="17">جڏهن زمين ڏکڻ جي واءُ ڪري آرام ۾ آهي، تڏهن ڪيئن تنهنجا ڪپڙا گرم ٿا ٿين؟</verse>
				<verse number="18">آسمان، جو پلٽيل آرسيءَ جهڙو مضبوط آهي، تنهن کي تون هن سان گڏ پکيڙي سگهندين ڇا؟</verse>
				<verse number="19">اسان کي سيکار تہ هن کي ڇا چئون؛ ڇالاءِ جو اونداهيءَ جي ڪري اسين ڳالهائي نٿا سگهون.</verse>
				<verse number="20">هن کي ٻڌايو ويندو ڇا تہ آءٌ ڳالهائڻ ٿو گهران؟ يا ماڻهو ائين گهرندو ڇا تہ ڳڙڪايو وڃي؟</verse>
				<verse number="21">۽ هاڻي ماڻهو اها روشنائي نٿا ڏسن جا آسمان ۾ چمڪي ٿي: پر هوا لنگهي وڃي ٿي ۽ انهن کي صاف ڪري ٿي.</verse>
				<verse number="22">اُتر مان سوني چمڪ اچي ٿي: خدا هيبت واري جلال سان ڍڪيل آهي.</verse>
				<verse number="23">قادر مطلق کي اسين معلوم ڪري نٿا سگهون؛ طاقت جي ڪري هو نهايت چڱو آهي: ۽ عدالت ۽ گهڻي انصاف ڪري هو ظلم نہ ڪندو.</verse>
				<verse number="24">تنهنڪري ماڻهو هن کان ڊڄن ٿا: جيڪي عقلمند آهن تن جي هو پرواهہ نٿو ڪري.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="38">
				<verse number="1">تڏهن خداوند ايوب کي واچوڙي منجهان ورندي ڏئي چيو تہ،</verse>
				<verse number="2">هي ڪير آهي جو سمجهہ کان سواءِ ڳالهين ڪرڻ سان، صلاح مشورت تي پردو ٿو وجهي؟</verse>
				<verse number="3">هاڻي مڙس ٿي پنهنجي چيلهہ ٻڌ؛ ڇالاءِ جو آءٌ توکان پڇندس ۽ تون مون کي بيان ڪري ٻڌاءِ.</verse>
				<verse number="4">جڏهن مون زمين جا بنياد وڌا تڏهن تون ڪٿي هئين؟ جي توکي سمجهہ آهي تہ ٻڌاءِ.</verse>
				<verse number="5">جيڪڏهن توکي خبر آهي تہ چئُہ تہ ڪنهن انهيءَ جي ماپ ڪئي؟ يا ڪنهن انهيءَ تي ڏور ڇڪي؟</verse>
				<verse number="6">ڇا تي انهيءَ جو بنياد ٻڌي قابو ڪيو ويو؟ يا ڪنهن انهيءَ جي ڪنڊ وارو پٿر رکيو؛</verse>
				<verse number="7">جڏهن صبح جي تارن گڏجي ڳايو، ۽ خدا جي سڀني پٽن خوشيءَ جا نعرا هنيا؟</verse>
				<verse number="8">يا جڏهن سمنڊ اُٿلي پيو، ڄڻ تہ ماءُ جي پيٽ مان نڪتو آهي، تڏهن ڪنهن انهيءَ کي دروازا ڏئي بند ڪيو؛</verse>
				<verse number="9">جڏهن مون ڪڪر کي انهيءَ جي پوشاڪ ڪيو، ۽ گهاٽي اونداهيءَ کي انهيءَ کي ويڙهڻ جو ڪپڙو ڪيو،</verse>
				<verse number="10">۽ انهيءَ جي لاءِ پنهنجي حڪم موجب مون حد ٺهرائي، ۽ انهيءَ کي در ۽ تاڙيون وڌم،</verse>
				<verse number="11">۽ چيم تہ تون هيستائين ايندين پر اڳتي نہ ويندين؛ ۽ هتي تنهنجون مغرور لهرون بيهي وينديون؟</verse>
				<verse number="12">تنهنجي پيدا ٿيڻ کان وٺي، تو صبح تي حڪم هلايو آهي ڇا، ۽ سج کي اُڀرڻ جي جاءِ تو سڃاڻائي آهي ڇا؛</verse>
				<verse number="13">تہ هو زمين جي حد تائين قبضو ڪري، ۽ شرير ماڻهو انهيءَ مان ڇنڊجي نڪري وڃن؟</verse>
				<verse number="14">اُها ائين بدلجي وڃي ٿي جيئن مٽي مهر هيٺ؛ ۽ سڀ شيون ڪپڙي وانگر نڪري ظاهر ٿيون ٿين:</verse>
				<verse number="15">۽ شريرن کان سندن روشنائي روڪي ٿي وڃي، ۽ مغرور ٻانهن ڀڃي ڇڏڻ ۾ ٿي اچي.</verse>
				<verse number="16">تون سمنڊ جي چشمن ۾ گهڙيو آهين ڇا؟ يا وڏي سمنڊ جي ڳجهين جاين ۾ هليو آهين ڇا؟</verse>
				<verse number="17">موت جا دروازا تو تي ظاهر ڪري ڏيکاريا ويا آهن ڇا؟ يا تو موت جي پاڇي جا دروازا ڏٺا آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="18">تو زمين جي ويڪرائي پروڙي آهي ڇا؟ جي سڀ ڳالهيون تون ڄاڻين ٿو تہ ٻڌاءِ.</verse>
				<verse number="19">روشنائيءَ جي رهڻ جي جاءِ جو رستو ڪٿي آهي، ۽ اونداهيءَ جي ڪهڙي جاءِ آهي؛</verse>
				<verse number="20">تہ تون اُها انهيءَ جي حد تائين وٺي وڃين ۽ انهيءَ جي گهر ڏي وڃڻ وارا رستا معلوم ڪرين؟</verse>
				<verse number="21">بيشڪ تون اهي ڄاڻين ٿو ڇالاءِ جو تون تڏهن ڄائو هئين، ۽ تنهنجن ڏينهن جو شمار وڏو آهي!</verse>
				<verse number="22">تون برف جي خزانن ۾ گهڙيو آهين ڇا؟ يا تو ڳڙن جا خزانا ڏٺا آهن ڇا،</verse>
				<verse number="23">جي مون تڪليف جي وقت لاءِ سانڍي رکي ڇڏيا آهن، ۽ لڙائي ۽ جنگ جي ڏينهن لاءِ؟</verse>
				<verse number="24">ڪهڙيءَ طرح روشنائي ورهائجي ڌار ٿئي ٿي، يا اُڀرندي جو واءُ زمين تي اچي ٿو؟</verse>
				<verse number="25">ڪنهن پاڻيءَ جي ليٽ لاءِ وهڻ جي جاءِ ڀڃي ڪڍي آهي، ۽ وڄ جي چمڪاٽ لاءِ رستو ڪڍيو آهي؛</verse>
				<verse number="26">انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ زمين تي مينهن پوي جا غيرآباد آهي؛ ۽ انهيءَ بيابان تي، جنهن ۾ ڪو بہ انسان ڪونهي؛</verse>
				<verse number="27">انهيءَ لاءِ تہ غيرآباد ۽ سڃيءَ زمين کي ڍءُ ڏئي؛ ۽ نازڪ گاهہ ڄمائي؟</verse>
				<verse number="28">مينهن کي ڪو پيءُ آهي ڇا؟ يا ڪنهن ماڪ جا ڦڙا ڄڻيا آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="29">ڪنهن جي پيٽ مان برف آئي؟ ۽ آسمان جو سفيد پارو ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟</verse>
				<verse number="30">پاڻي پٿر وانگر ڄمي وڃي ٿو، ۽ وڏي سمنڊ جي سطح ڄمي ٿي وڃي.</verse>
				<verse number="31">تون ڪتين جو ڇڳو ڪو ٻڌي سگهندين، يا جبار جا بند کولي سگهندين ڇا؟</verse>
				<verse number="32">تون منطقتہ اُلبروج کي سندس وقت تي ڪڍي سگهندين ڇا؟ يا کٽ ۽ انجي پٺيان هلندڙن تارن کي گهمائي سگهندين ڇا؟</verse>
				<verse number="33">آسمانن جي قانونن جي ڪا توکي خبر آهي ڇا؟ انهن جو حڪم ڪو تون زمين تي قائم ڪري سگهندين ڇا؟</verse>
				<verse number="34">تون پنهنجو آواز ڪڪرن تائين پهچائي سگهندين ڇا، تہ گهڻو پاڻي توکي ڍڪي ڇڏي؟</verse>
				<verse number="35">تون ڪو وڄ کي موڪلي سگهندين ڇا تہ نڪري وڃي، ۽ توکي چوي تہ آءٌ هتي آهيان؟</verse>
				<verse number="36">اندرين عضون ۾ عقل ڪنهن وڌو آهي؟ يا ڪنهن دل کي سمجهہ ڏني آهي؟</verse>
				<verse number="37">ڪير پنهنجي عقل جي زور تي ڪڪرن جو شمار ڪري سگهندو؟ يا ڪير آسمان جا ساندارا هاري سگهندو،</verse>
				<verse number="38">جڏهن مٽي بدلجي گپ ٿي پوي ٿي، ۽ ڀتر گڏجي ڳوڙها ٿين ٿا؟</verse>
				<verse number="39">تون ڪو شينهڻ جي لاءِ شڪار ڪري سگهندين؟ يا شينهن جي ٻچن جي بک لاهي سگهندين،</verse>
				<verse number="40">جڏهن اُهي پنهنجن غارن ۾ لڪن ٿا، ۽ جهنگ جي ٻوڙن ۾ لڪي ويهن ٿا؟</verse>
				<verse number="41">ڪانگ جي لاءِ ڪير کاڌو موجود ڪري ٿو، جڏهن ان جا ٻچا خدا کي دانهون ڪري سڏين ٿا، ۽ کاڌي نہ هئڻ ڪري رلن ٿا؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="39">
				<verse number="1">توکي خبر آهي ڇا تہ ٽڪر جون جهنگلي ٻڪريون ڪڏهن ٻچا ڄڻينديون؟ يا تون ڪو معلوم ڪري سگهندين ڇا تہ ڪڏهن هرڻيون ڦر ڏينديون؟</verse>
				<verse number="2">جيڪي مهينا هو پورا ڪن ٿيون سي تون شمار ڪري سگهندين ڇا؟ يا تون ڄاڻي سگهندين تہ ڪهڙي وقت هو ويامنديون؟</verse>
				<verse number="3">هو پاڻ کي جهڪائين ٿيون ۽ پنهنجا ٻچا ڄڻين ٿيون، ۽ پنهنجن سورن کان ڇٽن ٿيون.</verse>
				<verse number="4">انهن جا ٻچا چڱا وڻندڙ آهن ۽ اُهي کليل ميدان ۾ وڌي وڏا ٿين ٿا؛ هو نڪري پري وڃن ٿا ۽ وري موٽن نٿا.</verse>
				<verse number="5">ڪنهن خچر کي آزاد ڇڏي ڏنو آهي؟ يا ڪنهن خچر جا بند کولي ڇڏيا آهن؟</verse>
				<verse number="6">انهيءَ جو گهر مون بيابان ڪيو آهي، ۽ کاري زمين کي اُن جي رهڻ جو هنڌ بنايو اٿم.</verse>
				<verse number="7">هو شهر جي گند گوڙ کي ڌڪاري ٿو، ۽ هو هڪلڻ واري جون رڙيون نٿو ٻڌي.</verse>
				<verse number="8">جبلن جي قطار هن جي چاري جي جاءِ آهي، ۽ هو هر قسم جي سائي شيءِ جي ڳولا ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="9">جهنگلي ڏاند ڪو تنهنجي تابعداري ڪرڻ ۾ راضي رهندو ڇا؟ يا هو ڪو تنهنجي آهر جي ڀرسان رهندو ڇا؟</verse>
				<verse number="10">تون ڪو جهنگلي ڏاند کي رسي کان وٺي کيڙيءَ ۾ هلائي سگهندين ڇا؟ يا هو تنهنجي پٺيان وادين ۾ ڏانداري هلائيندو ڇا؟</verse>
				<verse number="11">هن جي گهڻي زور جي ڪري تون هن تي ڀروسو رکندين ڇا؟ يا تون پنهنجو ڪم هن تي ڇڏي ڏيندين ڇا؟</verse>
				<verse number="12">توکي ڪا هن تي خاطري ٿي سگهندي ڇا تہ هو تنهنجو فصل گهر کڻي ايندو، ۽ تنهنجي ڳاهڻ واري پڙ جو ان گڏ ڪندو؟</verse>
				<verse number="13">اٺ پکيءَ جو کنڀ خوش ڪري ٿو: پر سندس پر ۽ کنڀ ڪي مهرباني ڪندڙ آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو هوءَ پنهنجا بيدا زمين تي ڇڏي ٿي، ۽ مٽيءَ ۾ انهن کي گرم ڪري ٿي،</verse>
				<verse number="15">۽ اها ڳالهہ وساري ڇڏي ٿي تہ متان ڪو پير انهن کي چپي ڇڏي، يا ڪو جهنگلي جانور انهن کي لتاڙي وڃي.</verse>
				<verse number="16">هوءَ پنهنجن ٻچن تي سختي ڪري ٿي، ڄڻ تہ اُهي سندس نہ آهن: جيتوڻيڪ ان جو پورهيو ضايع ٿو ٿئي تہ بہ ان کي فڪر ڪونہ ٿو ٿئي؛</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو خدا ان جو عقل کسيو آهي، ۽ ان کي ڪابہ سمجهہ نہ ڏني اٿس.</verse>
				<verse number="18">جنهن وقت هوءَ پاڻ کي چاڙهي مٿي ڪري ٿي، تڏهن گهوڙي ۽ ان جي سوار تي نفرت ڪري ٿي.</verse>
				<verse number="19">گهوڙي کي تو زور ڏنو آهي ڇا؟ يا تو ان جي ڳچيءَ کي ڏڪندڙ بشڪن سان ڍڪيو آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="20">تو هن کي مڪڙ وانگر ٽپايو آهي ڇا؟ هن جي ڦوڪارڻ جو شان خوفناڪ آهي.</verse>
				<verse number="21">هو واديءَ ۾ سنب هڻي ٿو ۽ پنهنجي زور ڪري خوش آهي: هو هٿيارن وارن ماڻهن کي گڏجڻ لاءِ نڪري وڃي ٿو.</verse>
				<verse number="22">هو ڊپ تي کلي ٿو ۽ ڊڄي نٿو، نڪي هو ترار کان منهن ٿو موڙي.</verse>
				<verse number="23">تيرن جي بٿي هن جي سامهون کڙڪي ٿي، ۽ چمڪندڙ نيزو ۽ بڙڇي بہ.</verse>
				<verse number="24">هو خوشي ۽ ڪاوڙ سان زمين ڳهي وڃي ٿو؛ هو مڃي نٿو تہ اهو قرناءِ جو آواز آهي.</verse>
				<verse number="25">جڏهن ڪڏهن قرناءِ جو آواز ٿئي ٿو تڏهن هو چوي ٿو تہ واہ واہ! ۽ هن کي جنگ جي پري کان بانس اچي ٿي. ۽ سردارن جي هڪل ۽ رڙين جي بہ.</verse>
				<verse number="26">باز ڪو تنهنجي ڏاهپ سان اُڏامي ٿو؛ ۽ پنهنجا پر ڏکڻ ڏي پکيڙي ٿو ڇا؟</verse>
				<verse number="27">عقاب ڪو تنهنجي حڪم پٺيان مٿي چڙهي وڃي ٿو، ۽ مٿانهينءَ جاءِ تي پنهنجو آکيرو جوڙي ٿو ڇا؟</verse>
				<verse number="28">هو ٽڪر تي رهي ٿو ۽ انجي رهڻ جي جاءِ اتي آهي، يعني ٽڪر جي چوٽيءَ ۽ مضبوط ڳڙهہ تي.</verse>
				<verse number="29">اتان هو پنهنجو شڪار ڏسي ٿو؛ انهيءَ تي پري کان سندس نظر پوي ٿي.</verse>
				<verse number="30">انجا ٻچا بہ رت چوسين ٿا: ۽ جتي ڪي ڪُٺل پيا آهن، اتي هو پاڻ بہ آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="40">
				<verse number="1">هيترو بہ وڌيڪ خداوند ايوب کي ورندي ڏئي چيو تہ،</verse>
				<verse number="2">جيڪو اجايو اعتراض ٿو آڻي سو ڪو قادر مطلق سان تڪرار ڪندو ڇا؟ جيڪو خدا سان بحث ڪري ٿو، تنهن کي ان جو جواب ڏيڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="3">تڏهن ايوب خداوند کي ورندي ڏئي چيو تہ:</verse>
				<verse number="4">ڏس آءٌ ڪي ڪين آهيان: توکي ڪهڙو جواب ڏيان؟ آءٌ پنهنجو هٿ پنهنجي وات تي ٿو رکان.</verse>
				<verse number="5">مون هڪڙو ڀيرو ڳالهايو آهي، هاڻي آءٌ ورندي ڪانہ ڏيندس؛ هائو ٻہ ڀيرا، پر وڌيڪ ٻيو ڪي بہ ڪين چوندس.</verse>
				<verse number="6">تڏهن خداوند واچوڙي منجهان ايوب کي ورندي ڏئي چيو تہ،</verse>
				<verse number="7">هاڻي مڙس ٿي چيلهہ ٻڌ: آءٌ تو کان سوال پڇندس ۽ تون مون کي بيان ڪري ٻڌائج.</verse>
				<verse number="8">تون منهنجي عدالت کي بہ رد ڪرڻ ٿو گهرين ڇا؟ تون مون کي ڏوهاري ٺهرائيندين ڇا تہ تون سچو ثابت ٿين؟</verse>
				<verse number="9">يا تنهنجي ٻانهن ڪا خدا جهڙي آهي ڇا؟ ۽ تون ڪو هن وانگر آواز سان گجگوڙ ڪري سگهندين ڇا؟</verse>
				<verse number="10">هاڻي پاڻ کي شان شوڪت سان سينگار؛ ۽ پاڻ کي عزت ۽ جلال سان تيار ڪر.</verse>
				<verse number="11">پنهنجي ڪاوڙ جو جوش هاري وجهہ: ۽ جيڪو مغرور آهي انهيءَ ڏي نهار ۽ انهيءَ کي ذليل ڪر.</verse>
				<verse number="12">جيڪو مغرور آهي تنهن ڏي نظر ڪر ۽ انهيءَ کي لاهي هيٺ ڪر؛ ۽ جتي شرير بيٺا آهن اُتي هنن کي لتاڙي ڇڏ.</verse>
				<verse number="13">انهن کي گڏي مٽيءَ ۾ لڪائي ڇڏ؛ ڳجهيءَ جاءِ ۾ هنن جا منهن ٻڌي ڇڏ.</verse>
				<verse number="14">تڏهن آءٌ بہ تنهنجي نسبت ۾ قبول ڪندس تہ تنهنجو ساڄو هٿ توکي بچائي سگهندو.</verse>
				<verse number="15">هاڻي هپوپوٽيمس کي ڏس، جنهن کي مون تو سان بنايو آهي؛ هو ڏاند وانگر گاهہ کائي ٿو.</verse>
				<verse number="16">هاڻي ڏس، هن جو زور هن جي چيلهہ ۾ آهي، ۽ هن جي طاقت هن جي پيٽ جي مشڪن ۾ آهي.</verse>
				<verse number="17">هو سرو جي وڻ وانگر پنهنجو پڇ چوري ٿو: هن جي رانن جون نسون سوڙهيون بنيل آهن.</verse>
				<verse number="18">هن جا هڏا پتل جي نالين جهڙا آهن؛ هن جا عضوا لوهہ جي گزن جهڙا آهن.</verse>
				<verse number="19">هو خدا جي خاص ڪاريگري آهي: جنهن هن کي جوڙيو، انهيءَ هن کي ترار بخشي آهي.</verse>
				<verse number="20">يقين آهي تہ جبل هن جي لاءِ کاڌو پيدا ڪن ٿا؛ جتي جهنگ جا سڀ جانور رانديون ڪن ٿا.</verse>
				<verse number="21">هو پٻڻ جي وڻ هيٺ ليٽي ٿو، يعني ڪانن جي آڙ ۽ ڌٻڻ ۾</verse>
				<verse number="22">پٻڻ جا وڻ هن کي پنهنجي پاڇي سان ڍڪين ٿا؛ نهر جون نليون هن کي چوڌاري وڪوڙين ٿيون.</verse>
				<verse number="23">ڏس، جي ڪا ندي اُٿل ڪري ٿي تہ هو ڏڪي نٿو: جي يردن ندي هن جي وات تائين چڙهي اچي تہ بہ هن کي پرواهہ ڪانهي.</verse>
				<verse number="24">جڏهن هو خبردار ٿو رهي تڏهن ڪو هن کي پڪڙي سگهندو ڇا، يا ڪو ڦندو هن جي نڪ مان لنگهائي سگهندو ڇا؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="41">
				<verse number="1">تون مانگرمڇ کي ڪو ڪنڍي سان ڇڪي ٻاهر ڪڍي سگهندين ڇا؟ يا هن جي زبان ڏور سان هيٺ دٻائي سگهندين ڇا؟</verse>
				<verse number="2">تون هن جي نڪ ۾ ڪو رسو وجهي سگهندين ڇا؟ يا هن جي ڄاڙ مان ڪنڍي لنگهائي سگهندين ڇا؟</verse>
				<verse number="3">هو توکي ڪو گهڻيون منٿون ڪندو ڇا؟ يا تو سان نرم ڳالهيون ڪندو ڇا؟</verse>
				<verse number="4">هو تو سان ڪو عهد اقرار ڪندو ڇا، تہ تون هن کي هميشہ لاءِ پاڻ وٽ ٻانهو ڪري رکين؟</verse>
				<verse number="5">تون هن سان پکيءَ وانگر راند ڪندين ڇا؟ يا هن کي پنهنجن ٻانهين لاءِ ٻڌي ويهاريندين ڇا؟</verse>
				<verse number="6">مڇي مارڻ وارن جون ٽوليون هن جو واپار هلائينديون ڇا؟ اهي هن کي سوداگرن ۾ ورهائي ڏيئي ڇڏينديون ڇا؟</verse>
				<verse number="7">تون هن جي کل ڪَنڊر تار سان، يا هن جو مٿو ڇتين سان ڀري سگهندين ڇا؟</verse>
				<verse number="8">پنهنجو هٿ هن تي رک؛ پوءِ لڙائي ياد رکندين ۽ وري اڳتي ائين ڪين ڪندين.</verse>
				<verse number="9">ڏس، هن جي بابت اُميد اجائي آهي: رڳو هن کي ڏسڻ شرط ماڻهو هيٺ ڪري ڪين پوندو ڇا؟</verse>
				<verse number="10">اهڙو ڪوبہ جرئت وارو ڪونهي جو هن کي چوري سگهي: تڏهن ڪير آهي جو منهنجي اڳيان بيهي سگهندو؟</verse>
				<verse number="11">ڪنهن مون کي شروع ۾ ڪجهہ ڏنو آهي جو آءٌ هن کي اُن جي عيوض موٽائي ڏيان؟ ساري آسمان هيٺان جيڪي بہ آهي سو منهنجو آهي.</verse>
				<verse number="12">آءٌ هن جي عضون بابت ماٺ نہ ڪندس، نہ هن جي گهڻي طاقت ۽ هن جي سهڻي ڊول بابت.</verse>
				<verse number="13">ڪير هن جي ٻاهرين پوشاڪ لاهي سگهندو؟ ڪير هن جو ٻٽو لغام جهلي سگهندو؟</verse>
				<verse number="14">ڪير هن جي وات جون ڄاڙيون کوليندو؟ هن جي ڏندن جي چوڌاري خوف آهي.</verse>
				<verse number="15">هن جا مضبوط ڇلر هن جو فخر آهن، ڄڻ تہ تنگ مهر سان ڳتيل ۽ بند ڪيل آهن.</verse>
				<verse number="16">هڪڙو ٻئي کي اهڙو ويجهو آهي، جو انهن جي وچ مان هوا بہ نٿي لنگهي سگهي.</verse>
				<verse number="17">اُهي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن؛ اُهي اهڙا ڳنڍيل آهن جو ڌار ڪري ڪين سگهبا.</verse>
				<verse number="18">هن جي نڇن مان روشنائيءَ جي چمڪاٽ نڪري ٿي، ۽ هن جون اکيون صبح جي روشني وانگر آهن.</verse>
				<verse number="19">هن جي وات مان ٻرندڙ مشعل نڪرن ٿا، ۽ باهہ جون چڻنگون نڪريو ٻاهر پون.</verse>
				<verse number="20">هن جي ناسن مان دونهون نڪري ٿو، جيئن ڪ رجهندڙ ديڳ ۽ ٻرندڙ ڪانهن مان نڪرندو آهي.</verse>
				<verse number="21">هن جي دم سان آڱر ٻريو پون، ۽ هن جي وات مان شعلو نڪري ٿو.</verse>
				<verse number="22">هن جي ڳچيءَ ۾ زور ٿو رهي، ۽ هن جي اڳيان هيبت نچي ٿي.</verse>
				<verse number="23">هن جي ماس جا پردا پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن، اهي هن تي مضبوط ڄميل آهن؛ اهي چُرڻ جا نہ آهن.</verse>
				<verse number="24">هن جي دل اهڙي مضبوط آهي جهڙو پٿر: هائو، اهڙي مضبوط آهي جهڙو جنڊ جو هيٺيون پڙ.</verse>
				<verse number="25">جڏهن هو اُٿي کڙو ٿو ٿئي تڏهن زور وارا ڊڄيو وڃن: خوف جي ڪري هو بي هوش ٿيو وڃن.</verse>
				<verse number="26">جي ڪو هن کي ترار هڻي ٿو تہ انهيءَ جو هن تي ڪو بہ اثر نٿو اچي؛ نڪي نيزي يا تير يا چهنبياري بڻڇي جو.</verse>
				<verse number="27">هو لوهہ کي ڪک وانگر ٿو ڄاڻي، ۽ پتل کي ڳريل ڪاٺيءَ وانگر.</verse>
				<verse number="28">تير هن کي ڀڄائي نٿو سگهي: کانڀاڻيءَ جا پٿر هن وٽ ڦري ٻٿ ٿين ٿا.</verse>
				<verse number="29">لٺيون ٻٿن وانگر ليکجن ٿيون: بڻڇيءَ جي اُڇلائڻ تي هو کلي ٿو.</verse>
				<verse number="30">هن جا هيٺيان عضوا تکن ٺڪرن جهڙا آهن: هو پاڻ ائين پکيڙي ٿو جيئن اَن ڳاهڻ جو گاڏو.</verse>
				<verse number="31">هو وڏي سمنڊ کي ديڳڙي وانگر ٽهڪائي ٿو: ننڍي سمنڊ کي هو مرهم جهڙو ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="32">هو پنهنجي پٺيان هڪڙو پيچرو چمڪائي ٿو؛ ڪو ڀائيندو تہ سمنڊ اڇو ٿي پيو آهي.</verse>
				<verse number="33">زمين تي انهيءَ جهڙو ٻيو مثال ڪونهي جو ڊپ کان سواءِ جوڙيل آهي.</verse>
				<verse number="34">جيڪا شيءِ مٿانهين آهي تنهن کي هو ڏسي ٿو: هو سڀني مغرورن جو بادشاهہ آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="42">
				<verse number="1">تڏهن ايوب خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ،</verse>
				<verse number="2">مون کي خبر آهي تہ تون سڀ ڪجهہ ڪري سگهين ٿو، ۽ تنهنجو ڪو بہ ارادو روڪجي نٿو سگهي.</verse>
				<verse number="3">اهو ڪير آهي جو ناداني ڪري صلاح مصلحت کي لڪائي ٿو؟ تنهن ڪري مون اهي ڳالهيون ڪيون آهن جي مون نہ سمجهيون، اهي ڳالهيون جي منهنجي لاءِ تمام حيرت جهڙيون هيون ۽ جي مون نٿي ڄاتيون.</verse>
				<verse number="4">آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ ٻڌ تہ آءٌ ڳالهايان؛ ۽ تو کان سوال پڇندس ۽ تون مون کي بيان ٻڌائج.</verse>
				<verse number="5">مون ڪنن جي ٻڌڻ سان تنهنجي بابت ٻڌو هو؛ پر هاڻي منهنجون اکيون توکي ڏسن ٿيون،</verse>
				<verse number="6">جنهن ڪري آءٌ پاڻ کي ڌڪاريان ٿو، ۽ مٽيءَ ۽ رک ۾ پڇتايان ٿو.</verse>
				<verse number="7">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خداوند ايوب کي اهي ڳالهيون چئي چڪو، تڏهن خداوند اليفز تيماني کي چيو تہ منهنجي ڪاوڙ توتي ۽ تنهنجي ٻن دوستن تي ڀڙڪي آهي؛ ڇالاءِ جو اوهان منهنجي نسبت ۾ اها ڳالهہ نہ ڪئي آهي جا درست آهي، جيئن ڪ منهنجي ٻانهي ايوب ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="8">تنهن ڪري اوهين ست ڍڳا ۽ ست گهٽا وٺي منهنجي ٻانهي ايوب وٽ وڃو، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني چاڙهيو؛ ۽ منهنجو ٻانهو ايوب اوهان جي حق ۾ دعا گهرندو؛ ۽ انهيءَ جي خاطر آءٌ اُها قبول ڪندس، ۽ اوهان جي بي عقليءَ موافق اوهان سان هلت نہ ڪندس؛ ڇالاءِ جو اوهان منهنجي نسبت اُها ڳالهہ نہ ڪئي آهي جا درست آهي، جيئن ڪ منهنجي ٻانهي ايوب ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="9">تڏهن اليفز تيماني، ۽ بلدد سوخي، ۽ سوفر نعماتي ويا، ۽ جيئن خداوند فرمايو هون تيئن ڪيائون: ۽ خداوند ايوب کي قبول ڪيو.</verse>
				<verse number="10">۽ جڏهن ايوب پنهنجن دوستن جي لاءِ دعا گهري تڏهن خداوند ايوب جي قيد کي ڦيرائي ڇڏيو: ۽ خداوند جيڪي ايوب کي اڳي ڏنو هو تنهن کان ٻيڻو ڏنائينس.</verse>
				<verse number="11">تڏهن سندس سڀ ڀائر ۽ اهي سڀ ماڻهو جن جي اڳي ساڻس واقفيت هئي ۽ جن سندس گهر ۾ ساڻس ماني کاڌي هئي، سي وٽس آيا ۽ وٽس اچي افسوس ظاهر ڪيائون ۽ جيڪا بہ مصيبت خداوند مٿس نازل ڪئي هئي تنهن جي نسبت ۾ کيس تسلي ڏنائون: هر هڪ ماڻهوءَ هن کي هڪڙو سڪو بہ ڏنو ۽ هر هڪ هڪڙي سوني منڊي بہ ڏنيس.</verse>
				<verse number="12">انهيءَ طرح خداوند ايوب جي پڇاڙي سندس شروعات کان زيادہ برڪت واري ڪئي: ۽ هن وٽ چوڏهن هزار رڍون ۽ ڇهہ هزار اُٺ ۽ هڪ هزار جوڙا ڏاندن جا ۽ هڪ هزار گڏهيون ٿيون.</verse>
				<verse number="13">هن کي ست پٽ ۽ ٽي ڌيئرون بہ ٿيون.</verse>
				<verse number="14">۽ هن پهرين جو نالو يميمہ رکيو؛ ۽ ٻيءَ جو نالو قصياہ رکيو؛ ۽ ٽين جو نالو قرن هپوڪ رکيو.</verse>
				<verse number="15">۽ سڄي ملڪ ۾ اهڙيون خوبصورت زالون ڏسڻ ۾ نٿي آيون جهڙيون ايوب جون ڌيئرون هيون: ۽ انهن جي پيءُ کين پنهنجن پٽن سان گڏ ورثو ڏنو.</verse>
				<verse number="16">۽ انهيءَ کان پوءِ ايوب هڪ سؤ چاليهہ ورهيہ جيئرو هو ۽ پنهنجا پٽ ۽ پوٽا، بلڪ چار پيڙهيون ڏٺائين.</verse>
				<verse number="17">پوءِ ايوب ڪراڙو ٿي وڏيءَ عمر ۾ وفات ڪئي.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="19">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جو بڇڙن جي صلاح تي نٿو هلي، ۽ گنهگارن جي رستي تي نٿو بيهي، ۽ گلا خورن جي محفل ۾ نٿو ويهي.</verse>
				<verse number="2">پر انهي جي خوشي خداوند جي شريعت ۾ آهي؛ ۽ رات ڏينهن سندس شريعت تي غور ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="3">هو انهي وڻ وانگي ٿيندو جو پاڻيءَ جي نهرن جي ڪنڌي تي لڳايل آهي، ۽ پنهنجيءَ مند تي ميوو ٿو ڏئي، انهي جا پن بہ سڙي نٿا وڃن؛ سو جيڪي هو ڪري ٿو، تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو.</verse>
				<verse number="4">پر بڇڙن جو حال اهڙو نہ آهي؛ اهي بهہ وانگي آهن جنهن کي واءُ اڏايو ڇڏي.</verse>
				<verse number="5">تنهن ڪري بڇڙا عدالت ۾ قائم ڪين رهندا، نڪي گنهگار راستبازن جي محفل ۾.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو خداوند، راستبازن جي واٽ ڄاڻي ٿو: پر بڇڙن جي واٽ نابود ٿي ويندي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">قومون ڇو ٿيون ڪاوڙجن، ۽ ماڻهو اجايا خيال ڇو ٿا ڪن؟</verse>
				<verse number="2">خداوند ۽ سندس مسيح جي برخلاف زمين جا بادشاهہ کڙا ٿيا آهن، ۽ حاڪم پاڻ ۾ صلاح ڪري چون ٿا تہ،</verse>
				<verse number="3">اچو تہ اسين هنن جا بند ڀڃي ڇڏيون، ۽ هنن جا رسا پاڻ تان اُڇلائي ڇڏيون.</verse>
				<verse number="4">جو آسمان ۾ ويٺو آهي، سو کلندو: خداوند انهن تي ٺٺوليون ڪندو.</verse>
				<verse number="5">تڏهن هو ڪاوڙجي ساڻن ڳالهائيندو، ۽ ڏاڍو ناراض ٿي کين پريشان ڪندو.</verse>
				<verse number="6">۽ چوندو تہ مون پنهنجي بادشاهہ کي پاڪ جبل صيون تي ويهاريو آهي.</verse>
				<verse number="7">سو آءٌ اهو حڪم ٻڌائيندس: جو خداوند مون کي فرمايو تہ تون منهنجو پٽ آهين؛ مون اڄوڪي ڏينهن توکي پيدا ڪيو.</verse>
				<verse number="8">مون کان گهر ۽ آءٌ قومون تنهنجي ورثي لاءِ، ۽ زمين جون سرحدون تنهنجيءَ ملڪيت لاءِ ڏيندس.</verse>
				<verse number="9">تون انهن کي لوهہ جي لٺ سان ڀڃندين؛ ۽ کين ڪنڀر جي ٿانوَ وانگر ٽڪر ٽڪر ڪندين.</verse>
				<verse number="10">تنهن ڪري اي بادشاهو، هاڻي اوهين ڏاها ٿيو: ۽ اي ملڪ جا قاضي، اوهين هدايت وٺو.</verse>
				<verse number="11">ڊڄندي ڊڄندي خداوند جي عبادت ڪريو، ڏڪندي ڏڪندي خوشي ملهايو.</verse>
				<verse number="12">پٽ کي چُمو، متان هو غصي ٿئي، ۽ اوهين واٽ ۾ ئي نابود ٿي وڃو، ڇو تہ هن جي ڪاوڙ جلد ڀڙڪو کائيندي. مبارڪ آهن اهي سڀيئي، جن جو ڀروسو هن تي آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">اي خداوند، منهنجا دشمن ڪيئن نہ وڌي ويا آهن! ۽ جيڪي منهنجي برخلاف اُٿيا آهن، سي گهڻا ئي آهن.</verse>
				<verse number="2">گهڻيئي منهنجيءَ جان جي بابت چون ٿا تہ هن کي خدا وٽان مدد ڪانہ ملندي.</verse>
				<verse number="3">پر اي خداوند، تون منهنجي چوڌاري ڍال آهين؛ تون ئي منهنجو جلال ۽ منهنجو سرفراز ڪندڙ آهين.</verse>
				<verse number="4">مون خداوند کي پڪاريو، ۽ هن پنهنجي پاڪ جبل تان مون کي جواب ڏنو.</verse>
				<verse number="5">آءٌ ليٽي پيس ۽ سمهي رهيس؛ آءٌ جاڳي اُٿيس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي سنڀالي ٿو.</verse>
				<verse number="6">لکين ماڻهو، جن منهنجي برخلاف گهيرو ڪيو آهي، تن کان آءٌ ڪين ڊڄندس.</verse>
				<verse number="7">اي خداوند، اُٿ، اي منهنجا خدا مون کي بچاءِ؛ ڇالاءِ جو تو منهنجن سڀني دشمنن جي ڳلن تي لپاٽون هنيون آهن؛ ۽ بڇڙن جا ڏند ڀڃي ڇڏيا اٿيئي.</verse>
				<verse number="8">نجات خداوند وٽان آهي؛ شل تنهنجي برڪت تنهنجي اُمت تي هجي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">اي منهنجيءَ راستبازيءَ جا خدا، جڏهن آءٌ پڪاريان، تڏهن مون کي جواب ڏي؛ تو مونکي مشڪلات جي وقت ڇڏايو آهي: مون تي رحم ڪر ۽ منهنجي دعا ٻڌ.</verse>
				<verse number="2">اي آدمزادا، اوهين ڪيستائين منهنجي جلال جي بيعزتي ڪندا؟ ڪيستائين بيهودگيءَ کي چاهيندا، ۽ ڪوڙ کي ڳوليندا؟</verse>
				<verse number="3">پر ڄاڻي وٺو تہ خداوند ديندار کي پنهنجي لاءِ چونڊي رکيو آهي؛ جڏهن آءٌ خداوند کي پڪاريندس، تڏهن هو منهنجي ٻڌندو.</verse>
				<verse number="4">ڊڄندا رهو، ۽ گناهہ نہ ڪريو؛ پنهنجي هنڌ تي ليٽي دل ۾ هنڊايو، ۽ ماٺ ۾ رهو.</verse>
				<verse number="5">راستبازيءَ جون قربانيون چاڙهيو، ۽ خداوند تي ڀروسو رکو.</verse>
				<verse number="6">گهڻيئي آهن جي چون ٿا تہ ڪير اسان سان ڀلائي ڪندو؛ اي خداوند تون پنهنجي چهري جو نور اسان تي چمڪاءِ.</verse>
				<verse number="7">جيڪا خوشي انهن کي سندن اَن ۽ مئي جي واڌاري مان حاصل ٿي ٿئي، تنهن کان وڌيڪ خوشي تو منهنجي دل ۾ وڌي آهي.</verse>
				<verse number="8">آءٌ بي فڪر ٿي ليٽندس ۽ ننڊ ڪندس ڇالاءِ جو رڳو تون ئي، اي خداوند، مونکي سلامتيءَ ۾ ٿو رکين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">اي خداوند منهنجي ڳالهہ تي ڪن ڏي، ۽ منهنجي آهن تي نگاهہ ڪر.</verse>
				<verse number="2">اي منهنجا بادشاهہ منهنجا خدا، منهنجي پڪار ٻڌ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو کان دعا ٿو گهران.</verse>
				<verse number="3">اي خداوند، صبح جو تون منهنجو عرض ٻڌندين؛ صبح سان آءٌ تياري ڪري دعا گهري، تنهنجو انتظار ڪندس.</verse>
				<verse number="4">ڇو جو تون اهو خدا نہ آهين، جو بڇڙائيءَ مان خوش ٿين، بدڪاري تو وٽ رهي ڪين سگهندي.</verse>
				<verse number="5">مغرور تنهنجي اڳيان بيهي ڪين سگهندا؛ توکي سڀني بدڪارن کان نفرت آهي.</verse>
				<verse number="6">جيڪي ڪوڙ ٿا ڳالهائين، تن کي تون برباد ڪندين؛ خداوند کي خوني ۽ دغاباز ماڻهوءَ کان نفرت آهي.</verse>
				<verse number="7">پر آءٌ تنهنجي بيحد رحم جي ڪري تنهنجي گهر ۾ ايندس؛ آءٌ تنهنجي پاڪ هيڪل ڏانهن منهن ڪري ڊپ سان توکي سجدو ڪندس.</verse>
				<verse number="8">اي خداوند، مون کي منهنجي دشمنن جي سببان پنهنجي راستبازيءَ ۾ هلاءِ؛ منهنجي اڳيان پنهنجي واٽ پڌري ڪر.</verse>
				<verse number="9">ڇو تہ انهن جي وات ۾ ڪا سچائي ڪانهي؛ انهنجو اندر تمام بڇڙو آهي: انهن جي نڙي کليل قبر آهي؛ اُهي پنهنجيءَ زبان سان خوشامد ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="10">اي خدا انهن کي ڏوهي ٺهراءِ؛ هي پنهنجن منصوبن ۾ پاڻ ڦاسن؛ انهن کي سندن گناهن جي گهڻائيءَ ڪري ڌڪي ڪڍ؛ ڇو جو تنهنجي برخلاف فساد ڪيو اٿن.</verse>
				<verse number="11">پر جيڪي توتي ڀروسو ٿا رکن سي خوشيون ڪن، اهي سدائين خوشيءَ سان پڪارين، ڇو جو تون انهن کي بچائين ٿو: جيڪي تنهنجي نالي کي پيار ٿا ڪن، سي تون ۾ خوشحال رهن.</verse>
				<verse number="12">ڇو جو تون راستباز کي برڪت ڏيندين؛ اي خداوند، تون هن کي ڍال وانگي مهربانيءَ سان ڍڪي ڇڏيندين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">اي خدا، مونکي پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ نہ ڇينڀ، نڪي پنهنجي سخت ناراضپي سان مونکي سزا ڏي.</verse>
				<verse number="2">اي خداوند، مون تي رحم ڪر؛ ڇو جو آءٌ هيڻو ٿي ويو آهيان: اي خداوند، مونکي چڱو ڀلو ڪر؛ ڇو جو منهنجن هڏن ۾ بي آرامي آهي.</verse>
				<verse number="3">منهنجو روح بہ گهڻو بيچين آهي؛ پر تون اي خداوند، ڪيستائين؟</verse>
				<verse number="4">اي خداوند موٽ، اچي منهنجيءَ جان کي ڇڏاءِ؛ پنهنجيءَ ٻاجهہ سان مونکي بچاءِ.</verse>
				<verse number="5">ڇو جو موت کان پوءِ تنهنجي يادگيري ڪانهي؛ قبر ۾ ڪير تنهنجا ٿورا مڃيندو؟</verse>
				<verse number="6">آءٌ آهون ڀري ڀري ٿڪجي پيو آهيان؛ سڄي رات ڳوڙها ڳاڙي پنهنجو هنڌ اهڙو ٿو ڀڄايان، جو ڄڻ تہ پاڻيءَ ۾ پيو تري.</verse>
				<verse number="7">روئندي، روئندي، منهنجن اکين ۾ ڌنڌ ٿي پيو آهي؛ اهي منهنجي سڀني دشمنن جي ڪري هيڻيون ٿي پيون آهن.</verse>
				<verse number="8">اي سڀ بدڪارو مون کان پري ٿيو؛ ڇو جو خداوند منهنجي روئڻ جو آواز ٻڌو آهي.</verse>
				<verse number="9">خداوند منهنجو عرض ٻڌو آهي؛ خداوند منهنجي دعا قبول ڪندو.</verse>
				<verse number="10">منهنجا سڀ دشمن ڦڪا ۽ پشيمان ٿيندا؛ اهي موٽي ويندا ۽ اوچتو شرمندا ٿيندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">اي خداوند، منهنجا خدا، منهنجو ڀروسو تو تي آهي: جيڪي منهنجي پٺيان پيا آهن تن سڀني کان مون کي بچاءِ ۽ ڇڏاءِ.</verse>
				<verse number="2">ائين نہ ٿئي تہ جڏهن ڪو بچائڻ وارو نہ هجي، تڏهن هو شينهن وانگي مونکي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪري.</verse>
				<verse number="3">اي خداوند، منهنجا خدا، جيڪڏهن مون هي ڪيو آهي؛ جيڪڏهن منهنجي هٿان ڪا بڇڙائي ٿي آهي؛</verse>
				<verse number="4">جيڪڏهن مون ڪنهن سان نيڪيءَ جي عيوض بدي ڪئي آهي. (پر مون تہ پاڻ انهي کي بچايو آهي جو بي سبب منهنجو دشمن هو:)</verse>
				<verse number="5">تہ ڀلي دشمن منهنجيءَ جان جي پٺيان پوي، ۽ مون کي جهلي؛ هائو، ڀلي تہ هو منهنجيءَ حياتي کي لتاڙي ۽ منهنجي وڏائيءَ کي مٽيءَ ۾ ملائي.</verse>
				<verse number="6">اي خداوند، پنهنجي غصي ۾ اُٿ، منهنجي دشمن جي جوش جي برخلاف اُٿي کڙو ٿيءُ؛ ۽ مون لاءِ جاڳ؛ تو انصاف جو حڪم ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="7">تنهنجي چوڌاري ماڻهن جي جماعت گڏ ٿئي: ۽ تون انهن تان آسمان ۾ موٽي وڃ.</verse>
				<verse number="8">خداوند ماڻهن جي عدالت ٿو ڪري: اي خداوند، منهنجي راستبازيءَ ۽ منهنجي سچائيءَ موجب منهنجو انصاف ڪر.</verse>
				<verse number="9">شل بڇڙن جي بڇڙائي بند ٿي وڃي، پر تون راستبازن کي قائم ڪر: ڇالاءِ جو سچو خدا دل ۽ دماغ جو جاچيندڙ آهي.</verse>
				<verse number="10">منهنجي ڍال خدا وٽ آهي؛ هو دل جي سچارن کي بچائي ٿو.</verse>
				<verse number="11">خدا سچو منصف آهي؛ بلڪ اهڙو خدا جو هر روز غصي ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="12">جيڪڏهن ماڻهو نہ پڇتائيندو، تہ هو پنهنجي ترار تيز ڪندو؛ هن پنهنجي ڪمان چاڙهي تيار ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="13">هن انهي جي لاءِ موت جا هٿيار بہ تيار ڪيا آهن؛ هو پنهنجن تيرن کي باهہ جهڙا ٿو بنائي.</verse>
				<verse number="14">ڏس، هن کي بدڪاريءَ جا سور ٿيا آهن؛ ۽ بڇڙائي پيٽ ۾ اٿس، ۽ ڪوڙ کي ٿو ڄڻي.</verse>
				<verse number="15">هن کڏ کوٽي اونهي ڪئي، پر جا کڏ هن کوٽي، تنهن ۾ پاڻ ئي ڪري پيو.</verse>
				<verse number="16">هنن جي لچائي خود سندس مٿي تي اچي پوندي، ۽ هنن جو ظلم خود سندس ڪاپار تي ڪڙڪندو.</verse>
				<verse number="17">آءٌ تہ خداوند جي سچائيءَ موجب سندس ٿورا مڃيندس؛ ۽ خداوند تعاليٰ جي نالي جي تعريف پيو ڳائيندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">اي خداوند، اسان جا رب، تنهنجو نالو ساري زمين تي ڪهڙو نہ سربلند آهي! جنهن پنهنجو جلال آسمان ۾ قائم ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="2">تو پنهنجي دشمنن جي ڪري، ٻارڙن ۽ کير پياڪن جي واتان، پنهنجو زور قائم ڪيو آهي؛ انهيءَ لاءِ تہ تون دشمن ۽ وير وٺڻ واري کي ماٺ ڪرائين.</verse>
				<verse number="3">جڏهن آءٌ آسمانن تي، جي تنهنجي هٿ جي ڪاريگري آهن، ۽ چنڊ ۽ تارا، جي تو مقرر ڪيا آهن، تن تي غور ٿو ڪريان؛</verse>
				<verse number="4">تہ پوءِ انسان ڇا آهي. جو تون هن جي يادگيري ڪرين؟ ۽ آدمزاد ڪير آهي، جو تون سندس سار لهين؟</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو تو هن کي خدا کان ٿورو ئي گهٽ بنايو آهي، ۽ کيس جلال ۽ عزت جو تاج پهرايو اٿيئي.</verse>
				<verse number="6">تو هن کي پنهنجي ڪاريگريءَ تي حڪومت بخشي آهي ۽ سڀ شيون سندس پيرن هيٺ ڪيون اٿيئي.</verse>
				<verse number="7">سڀ رڍون ۽ ڏاند، بلڪ جهنگ جا سڀ جانور؛</verse>
				<verse number="8">هوا جا پکي، ۽ سمنڊ جون مڇيون، ۽ جيڪي سمنڊ ۾ چُري ڦري ٿو سو سڀ.</verse>
				<verse number="9">اي خداوند، اسانجا رب، تنهنجو نالو ساري زمين تي ڪهڙو نہ سربلند آهي!</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">آءٌ پنهنجي سڄيءَ دل سان خداوند جا ٿورا مڃيندس؛ آءٌ تنهنجي سڀني عجيب ڪمن جو بيان ڪندس.</verse>
				<verse number="2">آءٌ تو ۾ خوشي ڪندس ۽ سرهو ٿيندس؛ اي خدا تعاليٰ آءٌ تنهنجي نالي جي تعريف ڳائيندس.</verse>
				<verse number="3">جڏهن منهنجا دشمن پٺ تي ٿا هٽن، تڏهن اهي تنهنجي اڳيان ڪري نابود ٿا ٿين.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو تو منهنجو حق ۽ منهنجي دعويٰ قائم ڪئي آهي؛ تو تخت تي ويهي سچو انصاف ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="5">تو قومن کي ڇينڀيو آهي، تو بڇڙن کي برباد ڪيو آهي، ۽ انهن جو نالو هميشہ جي لاءِ مٽائي ڇڏيو اٿيئي.</verse>
				<verse number="6">دشمنن جي پڇاڙي ٿي آهي، اهي هميشہ جي لاءِ فنا ٿي ويا آهن؛ ۽ جن شهرن کي تو ڦٽائي ڇڏيو آهي، تن جي يادگيري بہ ميٽجي ويئي آهي.</verse>
				<verse number="7">پر خداوند هميشہ جي لاءِ تخت نشين آهي؛ هن پنهنجو تخت انصاف ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="8">هو راستبازيءَ سان دنيا جي عدالت ڪندو، ۽ سچائيءَ سان قومن جو انصاف ڪندو.</verse>
				<verse number="9">خداوند مظلومن جي لاءِ اوچو ٺلهہ، ۽ مصيبت جي وقت انهن جو قلعو ٿيندو؛</verse>
				<verse number="10">جن کي تنهنجي نالي جي خبر آهي سي توتي ڀروسو رکندا؛ ڇو جو اي خداوند، جيڪي توکي ڳولين ٿا، تن کي ٿو ڇڏي ڪين ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="11">خداوند جي تعريف ڳايو، جو صيون ۾ ٿو رهي؛ ۽ ماڻهن ۾ سندس ڪمن جو بيان ڪريو.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو خون جي جانچ ڪرڻ وارو انهن کي ياد ٿو ڪري؛ هو غريبن جي دانهن کي وساري نہ ٿو.</verse>
				<verse number="13">اي خداوند، تون جو مونکي موت جي دروازن تان اُٿاريندڙ آهين، مون تي رحم ڪر؛ ۽ نفرت ڪرڻ وارا مون کي جيڪو ڏک ٿا ڏين، تنهن تي نظر ڪر.</verse>
				<verse number="14">تہ آءٌ صيون جي ڌيءَ جي دروازن ۾ تنهنجي سڀ تعريف ظاهر ڪريان؛ آءٌ تنهنجيءَ نجات جي ڪري سرهو ٿيندس.</verse>
				<verse number="15">قومن جيڪا کڏ کوٽي آهي، تنهن ۾ اهي پاڻ ڪري پيون آهن؛ جو ڄار انهن لڪائي رکيو آهي، تنهن ۾ سندن ئي پير ڦاٿا آهن.</verse>
				<verse number="16">خداوند پاڻ کي ظاهر ڪيو آهي، هن انصاف ڪيو آهي، بڇڙو پنهنجي ئي هٿن جي ڪم ۾ ڦاٿل آهي.</verse>
				<verse number="17">بدڪار وڃي قبر ۾ پوندا، يعني اهي سڀ قومون جي خدا کي وسارين ٿيون.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو محتاج هميشہ وساريا نہ ويندا، نڪي غريبن جي اُميد هميشہ جي لاءِ تباهہ ٿيندي.</verse>
				<verse number="19">اي خداوند، اُٿ، انسان غالب نہ ٿئي؛ ڀلي تہ تنهنجي حضور ۾ قومن جي عدالت ٿئي.</verse>
				<verse number="20">اي خداوند، انهن کي ڊپ ۾ وجهہ: تہ قومون پاڻ کي انسان سمجهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">اي خداوند، تون ڇو پري ٿي بيٺو آهين؟ ۽ ڏکيءَ ويل تون پاڻ کي ڇو ٿو لڪائين؟</verse>
				<verse number="2">بڇڙا پنهنجيءَ مغروريءَ ۾ غريب جي پٺيان پيا آهن؛ ۽ جيڪي رِٿون رٿيون اٿن، تن ۾ پاڻ ئي ڦاسي پون.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو بدڪار پنهنجيءَ دل جي خواهش تي ٻٽاڪ ٿو هڻي، ۽ لالچي ماڻهو خداوند کي ڇڏي ٿو ڏئي، بلڪ هن تي لعنت ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="4">بدڪار پنهنجي مغرور چهري سان ظاهر ٿو ڪري تہ هو نٿو ڳولي؛ هن جا سڀ خيال هي آهن، تہ خدا آهي ئي ڪونہ.</verse>
				<verse number="5">هو پنهنجن واٽن ۾ هر وقت قائم ٿو رهي؛ تنهنجو انصاف هن جي نظر کان ٻاهر ۽ گهڻو مٿي آهي، هو پنهنجن سڀني دشمنن تي ڦوڪي ٿو.</verse>
				<verse number="6">هو پنهنجيءَ دل ۾ چوي ٿو تہ مونکي لوڏو ئي ڪين ايندو: سڀني پيڙهين تائين مون تي ڪڏهن مصيبت ڪانہ پوندي.</verse>
				<verse number="7">هن جو وات لعنت، ۽ دغا، ۽ ظلم سان ڀريل آهي: هن جي زبان تي ٺڳي ۽ برائي آهي.</verse>
				<verse number="8">هو ڳوٺ جي ڳجهين جاين ۾ ويهي ٿو: ۽ لڪل جاين ۾ بي گناهہ کي قتل ٿو ڪري: هن جون اکيون ڳجهيءَ طرح لاچار تي کُتل آهن.</verse>
				<verse number="9">جيئن شينهن پنهنجي غار ۾ ڄڪ هڻي ويهندو آهي، تيئن هو ڳجهيءَ جاءِ ۾ لڪي ٿو ويهي: هو غريب کي جهلڻ جي انتظار ۾ ٿو رهي: ۽ غريب کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي جهلي ٿو وٺي.</verse>
				<verse number="10">هو ڇپ هڻي جهڪي ٿو ويهي، ۽ لاچار زوراورن جي هٿ سان ڪريو پون.</verse>
				<verse number="11">هو پنهنجيءَ دل ۾ چوي ٿو تہ خدا ڀلجي ويو آهي: هو پنهنجو منهن لڪائي ٿو؛ هو انهي کي ڪڏهن ڪين ڏسندو.</verse>
				<verse number="12">اي خداوند، اُٿ: اي خداوند، پنهنجو هٿ مٿي کڻ: غريبن کي نہ وسار.</verse>
				<verse number="13">ڇو بدڪار خدا تي لعنت ٿو ڪري، ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چوي ٿو تہ تون انهي جو بدلو ڪونہ وٺندين؟</verse>
				<verse number="14">تو ڏٺو آهي: ڇو جو تون دغا ۽ بغض تي نگاهہ ٿو رکين، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي هٿ سان انهي جو بدلو ڏين: لاچار پاڻ کي تنهنجي حوالي ٿو ڪري؛ تون ئي يتيمن جو مددگار آهين.</verse>
				<verse number="15">بدڪار جي ٻانهن کي ڀڃي ڇڏ؛ ۽ بڇڙي ماڻهوءَ جي بڇڙائيءَ کي اهڙو نابود ڪر، جو وري ڳوليو نہ لڀي.</verse>
				<verse number="16">خداوند هميشہ تائين بادشاهہ آهي: غير قومون سندس ملڪ مان نابود ٿي ويون آهن.</verse>
				<verse number="17">اي خداوند، تو نماڻن جي خواهش ٻڌي آهي: تون انهن جي دل کي تيار ڪندين، تون ڪن ڏيئي ٻڌندين:</verse>
				<verse number="18">انهي لاءِ تہ تون يتيمن ۽ مظلومن جو انصاف ڪرين، تہ انسان جو مٽيءَ مان ٺهيل آهي سو وري ڪڏهن ظلم نہ ڪري.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">منهنجو ڀروسو خداوند تي آهي، اوهين منهنجيءَ جان کي ڪيئن ٿا چئو تہ پکيءَ وانگي پنهنجي جبل ڏانهن اُڏامي وڃ؟</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو ڏس، بڇڙا پنهنجي ڪمان ڪشي تير زهہ تي چاڙهين ٿا، تہ سچيءَ دل وارن کي اوندهہ ۾ هڻن.</verse>
				<verse number="3">جيڪڏهن بنياد ڊهي پوندو، تہ پوءِ سچار ڇا ڪندو؟</verse>
				<verse number="4">خداوند پنهنجيءَ پاڪ هيڪل ۾ آهي، خداوند جو تخت آسمان ۾ آهي؛ سندس اکيون ڏسن ٿيون، هن جا ڇپر بني آدم کي آزمائين ٿا.</verse>
				<verse number="5">خداوند راستباز کي آزمائي ٿو؛ پر بدڪار ۽ ظلم کي پسند ڪندڙ کان هن کي نفرت آهي.</verse>
				<verse number="6">بڇڙن تي هو ڦندا وسائيندو؛ باهہ ۽ گندرف ۽ جهولو انهن جي پيالي جو حصو ٿيندو.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو خداوند راست آهي؛ ۽ راستيءَ کي چاهي ٿو: سچار سندس منهن ڏسندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">اي خداوند، مدد ڪر، ڇو جو ڪوبہ ديندار ماڻهو ڪونہ رهيو آهي؛ بني آدم منجهان ايماندار ماڻهو گهٽجي ويا آهن.</verse>
				<verse number="2">انهن مان سڀڪو پنهنجي پاڙيسريءَ سان اجايون ڳالهيون پيو ڪري، اهي منهن جا مٺا ٿي، دل ۾ ٻيائي رکي ٿا ڳالهائين.</verse>
				<verse number="3">جيڪي چاپلوس آهن، ۽ جن جي واتان ٻٽاڪ ٿي نڪري؛ تن سڀني کي خداوند تباهہ ڪري ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="4">انهن چيو آهي تہ اسين پنهنجيءَ زبان سان غالب پونداسين؛ اسان جا چپ اسان جا ئي آهن: ڪير اسان جو مالڪ آهي؟</verse>
				<verse number="5">خداوند چوي ٿو تہ غريبن جو لٽجڻ، ۽ محتاجن جي دانهن ڪري، هاڻي آءٌ اُٿندس؛ ۽ جنهن تي اهي ٺٺوليون ٿا ڪن، تنهن کي سلامت رکندس.</verse>
				<verse number="6">خداوند جو ڪلام خالص آهي، انهيءَ چاندي وانگر جا کوري ۾ آزمايل هجي، ۽ ست ڀيرا صفا ڪيل هجي.</verse>
				<verse number="7">اي خداوند، تون ئي انهن کي سنڀاليندين، تون ئي انهن کي هن زماني جي ماڻهن کان هميشہ جي لاءِ بچائيندين.</verse>
				<verse number="8">جڏهن بني آدم ۾ ڪميڻائيءَ جو قدر ٿو ٿئي، تڏهن بڇڙا ماڻهو هر طرف ٿا گهمن ڦرن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">اي خداوند، تون ڪيستائين مونکي وساريندين، هميشہ لاءِ وساري ڇڏيندين ڇا؟ ڪيستائين تون پنهنجو منهن مون کان لڪائي ڇڏيندين؟</verse>
				<verse number="2">ڪيستائين آءٌ سڄو ڏينهن پنهنجي دل ۾ غمگين ٿي، پنهنجي جيءَ ۾ خيال ڪندو رهندس؟ ڪيستائين منهنجو دشمن مون تي سربلند رهندو؟</verse>
				<verse number="3">اي خداوند منهنجا خدا، مون ڏانهن نظر ڪري منهنجي ٻڌ: منهنجين اکين کي روشن ڪر، متان موت جي ننڊ اچي وڃيم.</verse>
				<verse number="4">ائين نہ ٿئي جو منهنجو دشمن چوي تہ آءٌ هن تي غالب پيو آهيان: ۽ منهنجا دشمن منهنجي لوڏي کائڻ ڪري خوش ٿين.</verse>
				<verse number="5">پر مون تنهنجي رحم تي ڀروسو رکيو آهي: منهنجي دل تنهنجيءَ نجات ۾ سرهي ٿيندي:</verse>
				<verse number="6">آءٌ خداوند جي تعريف ڳائيندس، ڇالاءِ جو هن مون سان گهڻي ڀلائي ڪئي آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">احمق پنهنجي دل ۾ چيو آهي تہ خدا آهي ئي ڪونہ. اهي خراب ٿيا آهن، انهن ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن؛ نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي.</verse>
				<verse number="2">خداوند آسمان مان بني آدم تي نگاهہ ڪئي، تہ ڏسي تہ ڪو سمجهو ماڻهو آهي جو خدا جو طالب هجي.</verse>
				<verse number="3">اهي سڀ گمراهہ ٿيا آهن، ۽ سڀ گڏجي ڪنا ٿيا آهن، نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي، نہ هڪڙو بہ ڪونهي.</verse>
				<verse number="4">سڀني بدڪارن کي ڪوبہ علم ڪونهي ڇا؟ اهي منهنجن ماڻهن کي ائين ٿا کائين، جيئن ماني کائبي آهي ۽ خداوند کي نٿا سڏين.</verse>
				<verse number="5">اهي گهڻي ڊپ ۾ پيا: ڇو جو خدا راستبازن جي پيڙهيءَ سان آهي.</verse>
				<verse number="6">اوهين غريب جي صلاح کي لڄايو ٿا، ڇو جو خداوند هنجي پناهہ آهي.</verse>
				<verse number="7">شل اسرائيل جي نجات صيون مان اچي! جڏهن خداوند پنهنجيءَ اُمت کي بند مان موٽائي آڻيندو، تڏهن يعقوب خوشي ڪندو، ۽ اسرائيل سرهو ٿيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="15">
				<verse number="1">اي خداوند، ڪير تنهنجي خيمي ۾ ٽڪندو؟ ڪير تنهنجي پاڪ جبل تي رهندو؟</verse>
				<verse number="2">اهو جو سچائيءَ سان ٿو هلي، ۽ راستيءَ جا ڪم ٿو ڪري، ۽ دل سان سچ ٿو ڳالهائي.</verse>
				<verse number="3">جو پنهنجيءَ زبان سان گلا نٿو ڪري، نڪي پنهنجي دوست سان برائي ٿو ڪري، نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي بدنامي ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="4">جنهن جي نظر ۾ ڪميڻو ماڻهو نفرتي آهي؛ پر جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا، تن جي عزت ٿو ڪري، ۽ جڏهن قسم ٿو کڻي، تڏهن پنهنجي نقصان هوندي بہ ڦري نٿو وڃي.</verse>
				<verse number="5">جو پنهنجا پئسا وياج تي اُڌارا نٿو ڏئي، نڪي بي گناهہ جي برخلاف رشوت ٿو وٺي. جيڪو اهو ڪم ٿو ڪري تنهن کي ڪڏهن لوڏو ڪين ايندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="16">
				<verse number="1">اي خدا، مون کي سنڀال ڇو جو آءٌ توتي ئي ڀروسو ٿو رکان.</verse>
				<verse number="2">مون خداوند کي چيو آهي، تہ تون منهنجو خدا آهين: توکانسواءِ منهنجي ڪا ڀلائي ڪانهي.</verse>
				<verse number="3">ملڪ ۾ جيڪي پاڪ آهن، اُهي ئي وڏا آهن، انهن ۾ ئي منهنجي پوري خوشي آهي.</verse>
				<verse number="4">جيڪي خداوند کي ڇڏي ڪنهن ٻئي معبود کي ٿا مڃين، تن جا ڏک وڌندا ويندا: آءٌ انهن جي لاءِ رت واريون پيئڻ جون قربانيون ڪين چاڙهيندس، نڪي پنهنجيءَ زبان سان انهن جا نالا وٺندس.</verse>
				<verse number="5">خداوند منهنجي ميراث ۽ منهنجي پيالي جو حصو آهي؛ تون ئي منهنجي حصي جو نگهبان آهين.</verse>
				<verse number="6">منهنجي ميراث دلپسند جاءِ ۾ اچي پيئي آهي؛ هائو، منهنجي ميراث عمدي آهي.</verse>
				<verse number="7">آءٌ چوندس تہ خداوند مبارڪ آهي، جنهن مون کي صلاح ڏني آهي: منهنجي دل بہ رات جي وقت مون کي نصيحت ٿي ڪري.</verse>
				<verse number="8">مون خداوند کي هميشہ پنهنجي سامهون رکيو آهي: هو منهنجي ساڄي پاسي آهي، تنهن ڪري مون کي ڪڏهن لوڏو ڪين ايندو.</verse>
				<verse number="9">انهي ڪري منهنجي دل سرهي آهي، ۽ منهنجو روح بہ خوش ٿو رهي: منهنجو جسم بہ صحيح سلامت رهندو.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو تون منهنجيءَ جان کي قبر ۾ ڪين ڇڏيندين؛ نڪي تون پنهنجي پاڪ شخص کي سڙڻ ڏيندين.</verse>
				<verse number="11">تون مون کي زندگيءَ جي واٽ ڏيکاريندين، تنهنجي حضور ۾ خوشيءَ جي ڀرپوري آهي: تنهنجي ساڄي هٿ ۾ مدامي سرهائي آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="17">
				<verse number="1">اي خداوند، حق جي ڳالهہ ٻڌ، منهنجيءَ دانهن تي ڌيان ڏي؛ منهنجي دعا، جا ڪوڙ واري وات مان نٿي نڪري، تنهن تي ڪن ڏي.</verse>
				<verse number="2">ڀلي تہ منهنجو فيصلو تنهنجي حضور مان ٿئي؛ تنهنجون اکيون انصاف تي نظر ڪن.</verse>
				<verse number="3">تو منهنجيءَ دل کي آزمايو آهي؛ ۽ رات جو مون تي نظر ڪئي اٿيئي؛ تو مون کي جاچيو آهي، پر مون ۾ ڪا خرابي ڪانہ ڏٺي اٿيئي؛ مون ارادو ڪيو آهي تہ منهنجي واتان برائي نہ ٿئي.</verse>
				<verse number="4">انساني ڪمن بابت، تنهنجي وات جي ڪلام سان، مون پاڻ کي ظالم جي واٽن کان بچايو آهي.</verse>
				<verse number="5">منهنجا قدم تنهنجين واٽن تي قائم رهيا آهن، منهنجا پير ترڪيا نہ آهن.</verse>
				<verse number="6">اي خدا، مون توکي سڏيو آهي، ڇو جو تون منهنجي ٻڌندين: مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي، ۽ منهنجي ڳالهہ ٻُڌ.</verse>
				<verse number="7">تون جو پنهنجي ساڄي هٿ سان انهن کي سندن دشمنن کان بچائين ٿو جي توتي ڀروسو ٿا رکن؛ پنهنجي عجيب مهرباني ڏيکار.</verse>
				<verse number="8">اک جي پتلي وانگر مون کي سنڀال، ۽ مون کي پنهنجي پرن جي پاڇي هيٺ لڪاءِ،</verse>
				<verse number="9">انهن شريرن کان، جي مون سان ظلم ٿا ڪن، ۽ منهنجن جاني دشمنن کان، جي مون کي چوڌاري ويڙهي ويا آهن.</verse>
				<verse number="10">انهن پنهنجي دل کي سخت ڪيو آهي: اهي پنهنجي واتان مغروري سان ٿا ڳالهائين.</verse>
				<verse number="11">انهن اسان کي قدم قدم تي اچي گهيريو آهي: ۽ اسان کي زمين تي ڪيرائڻ لاءِ پنهنجون اکيون لڳايون اٿن.</verse>
				<verse number="12">هو انهي شينهن وانگر آهي، جنهن کي شڪار جي لالچ هجي، ۽ جو جوان شينهن وانگر ڳجهي هنڌ ڇپ هڻي ويهي ٿو.</verse>
				<verse number="13">اي خداوند، اُٿ، هن جي سامهون ٿي، هن کي هيٺ ڪيراءِ: پنهنجيءَ ترار جي زور سان منهنجي جان کي شرير کان بچاءِ.</verse>
				<verse number="14">اي خداوند، پنهنجي هٿ سان مونکي انهن ماڻهن کان ڇڏاءِ، يعني هن دنيا جي ماڻهن کان، جن جو حصو دنيوي آهي. شل هنن جو پيٽ انهن شين سان ڀرجي جي تو سندن لاءِ تيار ڪيون آهن؛ ڀلي تہ سندن اولاد کي گهرج کان وڌيڪ ملي؛ ڀلي تہ هو پنهنجن ٻارن لاءِ بہ ڪجهہ ڇڏي وڃن.</verse>
				<verse number="15">باقي آءٌ، سو سچائيءَ سان تنهنجو منهن ڏسندس: جڏهن آءٌ جاڳندس تڏهن تنهنجي صورت ڏسي ڍءُ ڪندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="18">
				<verse number="1">اي خداوند، منهنجي طاقت، آءٌ توکي پيار ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="2">خداوند منهنجو ٽڪر، ۽ منهنجو قلعو، ۽ منهنجو نجات ڏيندڙ آهي؛ منهنجو خدا، منهنجو مضبوط ٽڪر آهي، اُنهيءَ تي آءٌ ڀروسو رکندس: هو منهنجي ڍال ۽ منهنجيءَ نجات جو سڱ، ۽ منهنجو مٿانهون ٺلهہ آهي.</verse>
				<verse number="3">آءٌ خداوند کي جو تعريف جي لائق آهي پڪاريندس: ۽ ائين آءٌ پنهنجن دشمنن کان بچي ويندس.</verse>
				<verse number="4">موت جون رسيون مون کي ويڙهي ويون، ۽ بي دينيءَ جي لهرن مونکي ڊيڄاري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="5">منهنجي چوڌاري قبر جون رسيون هيون: ۽ موت جا ڦندا اچي مون تي پيا.</verse>
				<verse number="6">مون پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو، ۽ پنهنجي خدا کان دعا گهريم: هن منهنجو آواز پنهنجيءَ هيڪل مان ٻڌو، ۽ منهنجون دانهون هن جي حضور ۾ سندس ڪنن تائين پهتيون.</verse>
				<verse number="7">تڏهن زمين ڌڏي ۽ ڏڪي ويئي، ۽ جبلن جون پاڙون چُرڻ ۽ لڏڻ لڳيون ڇو جو هو ڪاوڙيو هو.</verse>
				<verse number="8">هن جي ناسن مان دونهون نڪتو، ۽ سندس وات مان باهہ نڪري ڀسم ڪرڻ لڳي: جنهن جي ڪري ڪوئلا ٻري پيا.</verse>
				<verse number="9">هو آسمان کي بہ جهڪائي هيٺ لهي آيو، هن جي پيرن هيٺ ڀڀ اوندهہ هئي.</verse>
				<verse number="10">هو ڪروبيءَ تي سوار تي اُڏاڻو: هائو هو هوا جي پرن تي تکو اُڏاڻو.</verse>
				<verse number="11">هن اوندهہ کي، يعني برسات جي اوندهہ کي، ۽ آسمان جي گهاٽن ڪڪرن کي، پنهنجي لڪڻ جي جاءِ، ۽ پنهنجي چوڌاري شاميانو ڪيو.</verse>
				<verse number="12">هن جي اڳيان جو تجلو هو تنهن جي ڪري گهاٽا ڪڪر ڦاٽي پيا، ۽ ڳڙا، ۽ ٽانڊا وسڻ لڳا.</verse>
				<verse number="13">خداوند آسمان مان گجگار ڪئي، ۽ خدا تعاليٰ پنهنجو آواز ڪڍيو، تہ ڳڙا ۽ ٽانڊا وسيا.</verse>
				<verse number="14">هن پنهنجا تير هڻي اُنهن کي ڇڙوڇڙ ڪيو، بلڪ وِڄون وسائي اُنهن کي بند ڪيائين.</verse>
				<verse number="15">تڏهن پاڻيءَ جا وهڪرا ڏسڻ ۾ آيا، ۽ زمين جا بنياد ظاهر ٿيا: خداوند جي ڇينڀ تي، ۽ هن جي ناسن مان نڪتل واچوڙي جي ڪري.</verse>
				<verse number="16">هن مٿان وٺي مون کي جهليو ۽ وڏي پاڻيءَ منجهان ڇڪي ڪڍيائين.</verse>
				<verse number="17">هن مون کي منهنجي زبردست دشمن ۽ جن کي مون کان نفرت هئي تن کان ڇڏايو.</verse>
				<verse number="18">ڇو جو اُهي مون کان وڌيڪ طاقت وارا هئا.</verse>
				<verse number="19">منهنجي مصيبت جي ڏينهن اهي مون تي ڪاهي آيا: پر خداوند منهنجو آسرو هو.</verse>
				<verse number="20">هن مون کي ڪڍي هڪڙي ڪشاديءَ جاءِ ۾ آندو؛ هن مون کي ڇڏايو، ڇالاءِ جو هو مون مان خوش هو. خداوند مون کي منهنجي راستبازيءَ موجب انعام ڏنو؛ ۽ منهنجي هٿن جي صفائيءَ موجب مونکي عيوضو ڏنائين.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو آءٌ خداوند جي واٽ تي هليو آهيان، ۽ بڇڙو ٿي پنهنجي خدا کان ڦريو نہ آهيان.</verse>
				<verse number="22">ڇو جو هن جا سڀ فيصلا منهنجي سامهون هئا، ۽ سندس قانون مون رد نہ ڪيا.</verse>
				<verse number="23">آءٌ هن سان ڪامل ٿي رهيس، ۽ پاڻ کي بڇڙائيءَ کان بچائي رکيم.</verse>
				<verse number="24">تنهن ڪري خداوند منهنجي راستبازي، ۽ منهنجي هٿن جي صفائي ڏسي، اُنهيءَ موجب مون کي عيوضو ڏنو.</verse>
				<verse number="25">رحم ڪندڙ سان تون رحيم آهين: ۽ ڪامل انسان سان تون ڪامل آهين.</verse>
				<verse number="26">پاڪ ماڻهن سان تون پاڪ آهين؛ ۽ ڏنگي سان تون ڏنگو آهين.</verse>
				<verse number="27">ڇالاءِ جو تون ڏکويل ماڻهن کي بچائيندين؛ پر مغرورن جون اکيون هيٺ ڪندين.</verse>
				<verse number="28">ڇالاءِ جو تون منهنجو ڏيئو روشن ڪندين: خداوند منهنجو خدا منهنجي اوندهہ کي سوجهرو ڪندو.</verse>
				<verse number="29">ڇالاءِ جو تنهنجي مدد سان آءٌ لشڪر جي مٿان ڊوڙي ٿو اچان؛ ۽ پنهنجي خدا جي وسيلي آءٌ ڀت ٽپي ٿو وڃان.</verse>
				<verse number="30">خدا جو رستو تہ ڪامل آهي: خداوند جو ڪلام آزمايل آهي؛ جيڪي مٿس ڀروسو ٿا رکن تن سڀني جي لاءِ هو ڍال آهي.</verse>
				<verse number="31">ڇالاءِ جو خداوند کان سواءِ ٻيو ڪير خدا آهي؟ ۽ اسان جي خدا کان سواءِ ٻيو ڪير ٽڪر آهي.</verse>
				<verse number="32">اهو خدا آهي جو طاقت سان منهنجي ڪمر ٿو ٻڌي، ۽ منهنجي واٽ ڪامل ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="33">هو منهنجا پير هرڻ جهڙا ٿو ڪري؛ ۽ مون کي مٿانهين جاين تي ٿو بيهاري.</verse>
				<verse number="34">هو منهنجن هٿن کي جنگ ڪرڻ ٿو سيکاري؛ ايتري قدر جو پتل جي ڪمان کي منهنجون ٻانهون موڙيو ڇڏين.</verse>
				<verse number="35">تو مون کي پنهنجي نجات جي ڍال ڏني آهي: ۽ تنهنجي ساڄي هٿ منهنجي سنڀال ڪئي آهي، ۽ تنهنجيءَ مروت مون کي عظمت ڏني آهي.</verse>
				<verse number="36">تو منهنجي هيٺان منهنجي قدمن جي واٽ ڪشادي ڪئي آهي، جنهن ڪري منهنجا پير ڪين ترڪيا آهن.</verse>
				<verse number="37">آءٌ پنهنجي دشمنن جي پٺيان پوندس، ۽ وڃي کين پهچندس: ۽ جيستائين اُنهن کي نابود نہ ڪندس تيستائين ڪين موٽندس.</verse>
				<verse number="38">آءٌ انهن کي اهڙو ماريندس جو هو اُٿي ڪين سگهندا: اُهي منهنجي پيرن هيٺ ڪري پوندا.</verse>
				<verse number="39">ڇالاءِ جو تو منهنجيءَ چيلهہ کي جنگ جي لاءِ طاقت سان ٻڌو آهي: ۽ جيڪي منهنجي برخلاف کڙا ٿيا تن کي منهنجي تابع ڪيو اٿيئي.</verse>
				<verse number="40">تو منهنجي دشمنن جي پٺ مون ڏانهن ورائي آهي، تہ جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا تن کي آءٌ تباهہ ڪري ڇڏيان.</verse>
				<verse number="41">اُنهن دانهون ڪيون پر بچائيندڙ ڪونہ هون؛ اُنهن خداوند کي بہ پڪاريو، پر هن جواب ڪونہ ڏنن.</verse>
				<verse number="42">پوءِ مون اُنهن کي ماري هوا ۾ اُڏامندڙ مٽيءَ جهڙو ڪري ڇڏيو: ۽ گهٽيءَ جي گپ وانگر کين اُڇلائي ڦٽو ڪيم.</verse>
				<verse number="43">تو مون کي ماڻهن جي جهيڙن کان ڇڏايو آهي؛ تو مون کي قومن جو سردار ڪيو آهي. جنهن قوم کان آءٌ ناواقف هوس سا منهنجي خدمت ڪندي.</verse>
				<verse number="44">منهنجو نالو ٻڌندي ئي، اُهي منهنجي فرمانبرداري ڪندا: پرديسي بہ اچي منهنجي پيش پوندا.</verse>
				<verse number="45">پرديسي هيڻا ٿي ويندا، ۽ ڏڪندا ڏڪندا پنهنجن قلعن مان نڪرندا.</verse>
				<verse number="46">خداوند جيئرو آهي؛ شل منهنجو ٽڪر مبارڪ هجي؛ ۽ منهنجو نجات ڏيندڙ خدا سرفراز ٿئي.</verse>
				<verse number="47">يعني اُهو خدا جو منهنجو وير ٿو وٺي، ۽ قومن کي منهنجي تابع ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="48">هو مونکي منهنجي دشمنن کان ڇڏائي ٿو، هائو جيڪي منهنجي برخلاف کڙا ٿا ٿين تن تي تون مون کي سرفراز ٿو ڪرين: تون ئي مون کي ظالم کان ڇوٽڪارو ٿو ڏين.</verse>
				<verse number="49">تنهنڪري اي خداوند، آءٌ قومن ۾ تنهنجا ٿورا مڃيندس، ۽ تنهنجي نالي جي تعريف ڳائيندس.</verse>
				<verse number="50">هو پنهنجي بادشاهہ کي وڏو ڇوٽڪارو ٿو ڏئي؛ ۽ پنهنجي مسح ڪيل کي، يعني دائود ۽ سندس اولاد تي هميشہ لاءِ مهرباني ٿو ڪري.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="19">
				<verse number="1">آسمان خدا جو جلال ظاهر ٿا ڪن؛ ۽ فضا سندس هٿ جا ڪم پڌرا ٿي ڪري.</verse>
				<verse number="2">ڏينهن ڏينهن سان ڳالهيون ٿو ڪري، ۽ رات رات کي حڪمت ٿي سيکاري.</verse>
				<verse number="3">نہ ڪا ٻولي آهي نہ ڪو ڪلام؛ نڪي انهن جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.</verse>
				<verse number="4">اُنهن جو سر ساري زمين ۾ هلي ويو آهي، اُنهن جو ڪلام دنيا جي ڇيڙي تائين وڃي پهتو آهي. اُنهن ۾ هن سج جي لاءِ تنبو هنيو آهي.</verse>
				<verse number="5">اُهو گهوٽ وانگر پنهنجي ڪمري کان نڪري ٿو، ۽ پهلوان وانگي پنهنجي پنهنجي ڊوڙ ۾ خوش ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="6">هو آسمان جي هڪڙي ڇيڙي کان نڪري ٿو ۽ هن جو گشت ٻئي ڇيڙي تائين ٿو ٿئي: هن جي گرميءَ کان ڪابہ شيءِ لڪل ڪانهي.</verse>
				<verse number="7">خداوند جي شريعت ڪامل آهي، جا جان کي تازگي ٿي ڏئي: ۽ خداوند جي شاهدي سچي آهي، جا نادان کي دانائي ٿي بخشي.</verse>
				<verse number="8">خداوند جا قاعدا صحيح آهن، جي دل کي خوش ٿا ڪن: خداوند جو حڪم پاڪ آهي، جو اکين کي روشن ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="9">خداوند جو خوف پاڪ آهي، جو هميشہ قائم ٿو رهي: خداوند جا فيصلا سچا، ۽ بلڪل راست آهن.</verse>
				<verse number="10">اهي سون کان، بلڪ ڪُندن کان بہ وڌيڪ دلپسند آهن: اهي ماکيءَ کان ۽ ان جي ماناري کان بہ مٺا آهن.</verse>
				<verse number="11">۽ انهيءَ ڪري تنهنجي ٻانهي کي اطلاع ٿو ملي: انهن جي مڃڻ ۾ وڏو اجر آهي.</verse>
				<verse number="12">ڪنهن کي پنهنجي ڀل جي ڪل ٿي پوي؟ تون مون کي ڳجهن ڏوهن کان پاڪ ڪر.</verse>
				<verse number="13">پنهنجي ٻانهي کي گستاخيءَ جي گناهن کان بہ روڪ؛ اُهي مون تي غالب نہ پون: تڏهن آءٌ ڪامل ٿيندس، ۽ وڏي گناهہ کان ڇٽي ويندس.</verse>
				<verse number="14">منهنجي وات جون ڳالهيون ۽ منهنجيءَ دل جا خيال تو وٽ قبول پون، اي خداوند، منهنجي طاقت، ۽ منهنجا ڇڏائيندڙ.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="20">
				<verse number="1">شل مصيبت جي ڏينهن خداوند تنهنجي ٻڌي؛ يعقوب جي خدا جو نالو توکي مٿانهين هنڌ قائم ڪري؛</verse>
				<verse number="2">شل پاڪ مڪان مان هو توکي مدد موڪلي، ۽ صيون منجهان توکي زور بخشي.</verse>
				<verse number="3">شل تنهنجا سڀ نذرانا ياد رکي، ۽ تنهنجون سوختني قربانيون قبول ڪري؛</verse>
				<verse number="4">شل تنهنجيءَ دل جون مرادون پوريون ڪري، ۽ تنهنجا سڀ مطلب پورا ڪري.</verse>
				<verse number="5">اسين تنهنجي نجات ۾ خوشيون ڪنداسين ۽ پنهنجي خدا جي نالي تي جهنڊا کوڙينداسين: شل خداوند تنهنجا مڙيئي عرض اگهائي.</verse>
				<verse number="6">آءٌ ڄاڻان ٿو تہ خداوند پنهنجي مسح ڪيل کي بچائي ٿو: هو پنهنجي ساڄي هٿ جي بچائڻ واري طاقت سان، پنهنجي پاڪ آسمان مان هن جي ٻڌندو.</verse>
				<verse number="7">ڪي جنگي گاڏين تي ڪي گهوڙن تي ڀروسو ٿا رکن: پر اسين خداوند پنهنجي خدا جو نالو ياد ڪنداسين.</verse>
				<verse number="8">اهي جهڪايا ويا آهن ۽ ڪري پيا آهن: پر اسين اُٿيا آهيون ۽ سنوان ٿي بيٺا آهيون.</verse>
				<verse number="9">اي خداوند، بچاءِ: جڏهن اسين پڪاريون تڏهن بادشاهہ اسان جي ٻڌي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="21">
				<verse number="1">اي خداوند، تنهنجي طاقت ۾ بادشاهہ خوش ٿيندو؛ ۽ تنهنجيءَ نجات ۾ هو ڪيترو نہ سرهو ٿيندو!</verse>
				<verse number="2">تو هن جي دل جي مراد پوري ڪئي آهي، ۽ سندس زبان جو عرض رد نہ ڪيو اٿيئي.</verse>
				<verse number="3">تون هن کي چڱائيءَ جون برڪتون ڏيئي هن جي اڳيان اچي ٿو رسين: ۽ تون هن جي مٿي تي نج سون جو تاج ٿو رکين.</verse>
				<verse number="4">هن توکان حياتي گهري، ۽ تو کيس اها بخشي؛ بلڪ هميشہ لاءِ وڏي ڄمار ڏني.</verse>
				<verse number="5">تنهنجيءَ نجات ۾ هن جو وڏو جلال آهي: تون هن کي شان ۽ شوڪت عطا ٿو ڪرين.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو تون هن کي هميشہ سراسر مبارڪ ٿو ڪرين: ۽ کيس پنهنجي حضور خوش ٿو رکين.</verse>
				<verse number="7">ڇو جو بادشاهہ جو ڀروسو خداوند تي آهي، ۽ خدا تعاليٰ جي ٻاجهہ ڪري هن کي ڪڏهن لوڏو ڪين ايندو.</verse>
				<verse number="8">تنهنجو هٿ تنهنجا سڀيئي دشمن ڳولي ڪڍندو: تنهنجو ساڄو هٿ انهن کي ڳولي لهندو جن کي تو کان نفرت آهي.</verse>
				<verse number="9">تون اُنهن کي پنهنجي غصي وقت ٻرندڙ تنور جهڙو ڪندين. خداوند پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ اُنهن کي ڳهي ويندو، ۽ باهہ اُنهن کي کائي ويندي.</verse>
				<verse number="10">تون اُنهن جي اولاد کي زمين تان، ۽ اُنهن جي نسل کي بني آدم منجهان نابود ڪري ڇڏيندين.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو اُنهن تنهنجي برخلاف برائي جو ارادو ڪيو: ۽ تجويز رٿيائون جا اُهي پوري ڪري نہ سگهيا.</verse>
				<verse number="12">ڇو تہ جڏهن تون پنهنجا تير زهہ تي چاڙهي اُنهنجي سامهون ٿيندين، تڏهن تون کين پٺ ڏياريندين.</verse>
				<verse number="13">اي خداوند، شل تون پنهنجي طاقت جي ڪري سرفراز ٿين: ۽ اسين گيت ڳائي تنهنجي قدرت جي تعريف ڪنداسين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="22">
				<verse number="1">اي منهنجا خدا، اي منهنجا خدا، تو مونکي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ تون منهنجي مدد ڪرڻ کان ۽ منهنجون دانهون ٻڌڻ کان ڇو پاسي ٿيو آهين؟</verse>
				<verse number="2">اي منهنجا خدا، آءٌ ڏينهن رات دانهون پيو ڪريان، ۽ ماٺ نٿو ڪريان؛ پر تون جواب نٿو ڏين.</verse>
				<verse number="3">پر تون پاڪ آهين، تون جو اسرائيل جي تعريف تي تخت نشين آهين.</verse>
				<verse number="4">اسان جي ابن ڏاڏن توتي ڀروسو رکيو: اُنهن ايمان آندو، ۽ تو اُنهن کي ڇڏايو.</verse>
				<verse number="5">اُنهن توکي دانهن ڏني، ۽ ڇوٽڪارو ملين: اُنهن توتي ڀروسو رکيو، ۽ ڦڪا نہ ٿيا.</verse>
				<verse number="6">پر آءٌ ڪينئون آهيان، ۽ ماڻهو نہ آهيان: ماڻهن ۾ ۽ قومن ۾ حقير آهيان.</verse>
				<verse number="7">جيڪي مون کي ڏسن ٿا سي کلن ٿا: ۽ وات ڦاڙي ۽ ڪنڌ ڌوڻي چون ٿا،</verse>
				<verse number="8">تہ هن خداوند تي ڀاڙيو آهي؛ ڀلي تہ اُهو ڇڏائيس: اُهو جو منجهانئس خوش آهي ۽ سو ڀلي تہ ڇڏائيس.</verse>
				<verse number="9">پر تون ئي اُهو آهين، جنهن مون کي پيٽ مان ڪڍيو: جڏهن اڃا آءٌ پنهنجيءَ ماءُ جي ٿڻن تي هوس تڏهن تو مونکي ڀروسو رکڻ سيکاريو.</verse>
				<verse number="10">آءٌ ڄمندي ئي توکي سونپيو ويس: آءٌ ماءُ جي پيٽ ۾ هوس تڏهن کان ئي تون منهنجو خدا آهين.</verse>
				<verse number="11">مون کان پري نہ ٿيءُ؛ ڇو جو مصيبت ويجهي آهي، ۽ مددگار ڪوبہ ڪونهي.</verse>
				<verse number="12">گهڻن ڏاندن مونکي گهيريو آهي: ۽ بسن جا زوراور ڏاند منهنجي چوڌاري ڦري آيا آهن.</verse>
				<verse number="13">اهي ڦاڙيندڙ ۽ گجندڙ شينهن وانگي مون تي پنهنجا وات پيا ڦاڙين.</verse>
				<verse number="14">آءٌ پاڻيءَ وانگي پيو هارجان، ۽ منهنجون سڀ هڏيون سنڌن مان نڪري ويون آهن: منهنجي دل ميڻ وانگر منهنجي اندر ۾ پگهري ويئي آهي.</verse>
				<verse number="15">منهنجي طاقت سڪو ٺڪر ٿي پيئي آهي؛ منهنجي ڄڀ تارونءَ سان اچي لڳي آهي؛ ۽ تو مون کي موت جي مٽيءَ ۾ آڻي ويهاريو آهي.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو ڪتن مونکي اچي گهيريو آهي: ۽ بدڪارن جي ٽولي مونکي ورائي ويئي آهي؛ اُنهن منهنجا هٿ ۽ پير وڍيا آهن.</verse>
				<verse number="17">آءٌ پنهنجون سڀ هڏيون ڳڻي ٿو سگهان؛ اُهي مون ڏانهن اکيون ڦاڙي پيا نهارين.</verse>
				<verse number="18">اهي منهنجا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائين ٿا ۽ منهنجي پوشاڪ تي پُکا ٿا وجهن.</verse>
				<verse number="19">پر اي خداوند، تون مون کان پري نہ ٿيءُ؛ اي منهنجي طاقت سگهو اچي مون کي مدد ڏي.</verse>
				<verse number="20">منهنجيءَ جان کي ترار کان؛ ۽ منهنجي پياري جان ڪتي جي چنبي کان ڇڏاءِ.</verse>
				<verse number="21">مون کي شينهن جي وات کان بچاءِ؛ بلڪ جڏهن آءٌ سانن جي سڱن تي هوس تڏهن تو مونکي بچايو.</verse>
				<verse number="22">آءٌ پنهنجن ڀائرن ۾ تنهنجو نالو پڌرو ڪندس: ۽ جماعت جي وچ ۾ تنهنجي تعريف ڪندس.</verse>
				<verse number="23">اوهين جي خداوند کان ڊڄو ٿا، سندس تعريف ڪريو؛ اي يعقوب جو اولاد، اوهين سڀيئي هن جو جلال ظاهر ڪريو؛ اي اسرائيل جو اولاد، اوهين سڀيئي هن جي ڊپ ۾ رهو.</verse>
				<verse number="24">ڇالاءِ جو هن ڏکويل جي ڏک تي حقارت ۽ نفرت نہ ڪئي؛ ۽ نڪي اُنهيءَ کان پنهنجو منهن لڪايائين؛ پر جڏهن هن کيس پڪاريو تڏهن اُنهيءَ جي ٻڌائين.</verse>
				<verse number="25">وڏيءَ جماعت ۾ آءٌ تنهنجي ئي تعريف ٿو ڪريان؛ ۽ جيڪي هن کان ڊڄن ٿا تن جي اڳيان آءٌ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪندس.</verse>
				<verse number="26">جيڪي نماڻا آهن سي کائي ڍءُ ڪندا: خداوند جا طالب سندس تعريف ڪندا: اوهان جي دل سدائين جيئري رهي.</verse>
				<verse number="27">سارو جهان خداوند کي ياد ڪندو ۽ ڏانهنس ڦرندو: ۽ قومن جا سڀ گهراڻا تنهنجي اڳيان سجدو ڪندا.</verse>
				<verse number="28">ڇو جو بادشاهت خداوند جي آهي: ۽ اهو ئي قومن جو حاڪم آهي.</verse>
				<verse number="29">دنيا جا سڀ آسودا ماڻهو کائيندا ۽ سجدو ڪندا: ۽ جيڪي مٽيءَ ۾ وڃڻ وارا هوندا، بلڪ جيڪو پنهنجيءَ جان کي جيئرو نہ رکي سگهندو، سي سڀ هن جي اڳيان سجدو ڪندا.</verse>
				<verse number="30">هڪڙو نسل هن جي عبادت ڪندو؛ ۽ ٻيءَ پيڙهيءَ کي خداوند بابت ٻڌايو ويندو.</verse>
				<verse number="31">اُهي ايندا ۽ سندس سچائي ظاهر ڪندا: ۽ جيڪا قوم پيدا ٿيندي تنهن کي چوندا تہ هن ائين ڪيو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="23">
				<verse number="1">خداوند منهنجو ريڍار آهي؛ مون کي ڪابہ گهرج ڪانہ ٿيندي.</verse>
				<verse number="2">هو مون کي ساين ويئن ۾ ويهاري ٿو: هو مون کي راحت جي چشمن وٽ وٺي وڃي ٿو.</verse>
				<verse number="3">هو منهنجي جان کي بحال ڪري ٿو: ۽ پنهنجي نالي جي خاطر مون کي سچائيءَ جي واٽن تي وٺي ٿو هلي.</verse>
				<verse number="4">هائو، جيتوڻيڪ آءٌ موت جي پاڇي جي واديءَ مان لنگهندس، تہ بہ آءٌ ڪنهن بڇڙائيءَ کان ڪين ڊڄندس؛ ڇو جو تون مون سان آهين: تنهنجو لڪڻ ۽ تنهنجي لٺ مون کي دلجاءِ ٿي ڏئي.</verse>
				<verse number="5">تو منهنجي دشمنن جي ڏسندي مون لاءِ دسترخانو وڇايو آهي: تو منهنجي مٿي تي تيل مکيو آهي؛ منهنجو پيالو ٽمٽار آهي.</verse>
				<verse number="6">بيشڪ ڀلائي ۽ رحمت منهنجي سڄي حياتي مون سان لڳي رهندي: ۽ آءٌ سدائين خداوند جي گهر ۾ رهندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="24">
				<verse number="1">زمين ۽ اُن جي ڀرپورائي خداوند جي آهي؛ جهان ۽ اُن جا رهاڪو بہ هن جا ئي آهن.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو هن اُنهي جو بنياد سمنڊ تي رکيو آهي، ۽ پاڻي جي مٿان اُنهن کي قائم ڪيو اٿس.</verse>
				<verse number="3">ڪير خداوند جي جبل تي چڙهندو؟ ۽ ڪير سندس پاڪ مڪان ۾ بيهندو؟</verse>
				<verse number="4">اهو ئي جنهن جا هٿ صاف آهن، ۽ جنهن جي دل پاڪ آهي؛ جنهن پنهنجي دل اجاين ڳالهين ۾ نہ لڳائي آهي، ۽ جنهن ڪوڙو قسم نہ کنيو آهي.</verse>
				<verse number="5">اهو ئي خداوند کان برڪت لهندو، ۽ پنهنجي نجات ڏيندڙ خدا کان سچائي حاصل ڪندو.</verse>
				<verse number="6">اي يعقوب جا خدا، هيءَ اها پيڙهي آهي، جا تنهنجي طالب آهي، ۽ جنهن کي تنهنجي ديدار جي سڪ آهي.</verse>
				<verse number="7">اي دروازا، اوهين پنهنجا سردر مٿي ڪريو؛ اي قديم در، اوهين مٿانهان ٿيو: تہ جلال وارو بادشاهہ اندر ايندو.</verse>
				<verse number="8">اهو جلال وارو بادشاهہ ڪير آهي؟ اهو خداوند آهي جو زوراور ۽ قادر آهي، اهو خداوند آهي جو جنگ ۾ زبردست آهي.</verse>
				<verse number="9">اي دروازا، اوهين پنهنجا سردر مٿي ڪريو؛ اي قديم در، اوهين مٿانهان ٿيو: تہ جلال وارو بادشاهہ اندر ايندو.</verse>
				<verse number="10">اهو جلال وارو بادشاهہ ڪير آهي؟ لشڪرن جو خداوند، اُهوئي جلال وارو بادشاهہ آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="25">
				<verse number="1">اي خداوند، آءٌ پنهنجي جان کي توسان لڳايان ٿو.</verse>
				<verse number="2">اي منهنجا خدا، آءٌ توتي ڀروسو ٿو رکان، مونکي شرمندو ٿيڻ نہ ڏي؛ ۽ منهنجا دشمن مون تي فتحياب نہ ٿين.</verse>
				<verse number="3">هاڻي جيڪي تنهنجي انتظار ۾ آهن، تن مان ڪوبہ شرمندو نہ ٿيندو: پر جيڪي بي سبب دغا ٿا ڪن سي ئي شرمندا ٿيندا.</verse>
				<verse number="4">اي خداوند، مونکي پنهنجا رستا ڏيکار؛ ۽ مون کي پنهنجون واٽون سيکار.</verse>
				<verse number="5">مون کي پنهنجيءَ سچائيءَ ۾ هلاءِ، ۽ مون کي تعليم ڏي؛ ڇالاءِ جو تون ئي منهنجي ڇوٽڪاري جو خدا آهين؛ آءٌ سڄو ڏينهن تنهنجي انتظار ۾ آهيان.</verse>
				<verse number="6">اي خداوند، پنهنجن رحمتن ۽ مهربانين کي ياد ڪر؛ ڇو جو اهي ازل کان آهن.</verse>
				<verse number="7">منهنجيءَ جوانيءَ جي ڏوهن، ۽ منهنجن گناهن کي ياد نہ ڪر: پر پنهنجي ٻاجهہ سارو ڀلائي ڪري مون کي ياد ڪر.</verse>
				<verse number="8">خداوند نيڪ ۽ سچو آهي: تنهن ڪري هو گنهگارن کي سچائيءَ جي واٽ سيکاريندو.</verse>
				<verse number="9">هو حليمن کي انصاف سان هلائيندو: ۽ نماڻن کي پنهنجي واٽ ڏيکاريندو.</verse>
				<verse number="10">جيڪي خداوند جي عهد ۽ سندس شاهدين کي مڃين ٿا: تن لاءِ هن جون سڀ واٽون ٻاجهہ ۽ سچائي آهن.</verse>
				<verse number="11">اي خداوند، پنهنجي نالي جي واسطي منهنجو ڏوهہ معاف ڪر، ڇالاءِ جو اُهو وڏو آهي.</verse>
				<verse number="12">اهو ڪهڙو ماڻهو آهي جو خداوند کان ڊڄي ٿو؟ هو ان کي اهو رستو ڏيکاريندو جو کيس پسند آهي.</verse>
				<verse number="13">انهي جي جان سکي رهندي؛ ۽ انهي جو اولاد زمين جو وارث ٿيندو.</verse>
				<verse number="14">جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا سي ئي سندس ڳجهہ کان واقف آهن؛ ۽ اُنهن کي هو پنهنجو عهد سمجهائيندو.</verse>
				<verse number="15">منهنجون اکيون هميشہ خداوند ڏانهن آهن؛ ڇالاءِ جو هو منهنجا پير ڄار مان ڇڏائيندو.</verse>
				<verse number="16">تون مون ڏانهن نظر ڪر، ۽ مون تي رحم ڪر؛ ڇو جو آءٌ اڪيلو ۽ ڏکي آهيان.</verse>
				<verse number="17">منهنجيءَ دل جا ڏک وڌي ويا آهن: مون کي منهنجين مصيبتن کان ڇڏاءِ.</verse>
				<verse number="18">منهنجي ڏک ۽ مصيبت ڏانهن نگاهہ ڪر؛ ۽ منهنجا سڀ گناهہ معاف ڪر.</verse>
				<verse number="19">منهنجن دشمنن کي ڏس، ڇالاءِ جو اُهي گهڻا آهن؛ ۽ اُهي مون سان سخت نفرت ٿا رکن.</verse>
				<verse number="20">منهنجيءَ جان کي سنڀال، ۽ مون کي ڇڏاءِ: ائين نہ ٿئي جو آءٌ شرمندو ٿيان، ڇالاءِ جو منهنجو ڀروسو توتي ئي آهي.</verse>
				<verse number="21">شل ايمانداري ۽ سچائي منهنجي نگهباني ڪن، ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي ئي انتظار ۾ آهيان.</verse>
				<verse number="22">اي خدا، اسرائيل کي سندس سڀني ڏکن کان ڇڏاءِ.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="26">
				<verse number="1">اي خداوند، منهنجو انصاف ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ ايمانداريءَ سان هليو آهيان: مون خداوند تي پڪو ڀروسو رکيو آهي.</verse>
				<verse number="2">اي خداوند، منهنجو امتحان وٺ ۽ مون کي آزماءِ؛ منهنجي دل ۽ دماغ کي پرک.</verse>
				<verse number="3">ڇو جو تنهنجي ٻاجهہ منهنجين اکين اڳيان آهي؛ ۽ آءٌ تنهنجيءَ سچائيءَ تي هليو آهيان.</verse>
				<verse number="4">آءٌ بيهودن ماڻهن سان نہ ويٺو آهيان؛ نڪي ڪوڙ ڪندڙن سان گڏ ڪيڏانهن ويندس.</verse>
				<verse number="5">مون کي بدڪارن جي جماعت کان نفرت آهي، ۽ بڇڙن سان گڏ ڪين ويهندس.</verse>
				<verse number="6">آءٌ بيگناهيءَ ۾ پنهنجا هٿ ڌوئيندس؛ اي خداوند، آءٌ تنهنجيءَ قربانگاهہ کي گهيري رهندس.</verse>
				<verse number="7">تہ آءٌ تنهنجا ٿورا ظاهر ڪريان، ۽ تنهنجن عجيب ڪمن جو بيان ڪريان.</verse>
				<verse number="8">اي خداوند، آءٌ تنهنجي رهڻ جي گهر، ۽ تنهنجي جلال واريءَ جاءِ کي پيار ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="9">منهنجي جان کي گنهگارن سان شامل نہ ڪر، نڪي منهنجي زندگيءَ کي خوني ماڻهن سان گڏ ڪر:</verse>
				<verse number="10">جنهن جي هٿن ۾ شرارت آهي، ۽ سندن ساڄو هٿ رشوتن سان ڀرپور آهي.</verse>
				<verse number="11">پر آءٌ پنهنجي سچائيءَ ۾ هلندس: مون کي ڇڏاءِ، ۽ مون تي رحم ڪر.</verse>
				<verse number="12">منهنجا پير سنئين هنڌ تي بيٺل آهن: آءٌ جماعتن ۾ خداوند کي مبارڪ چوندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="27">
				<verse number="1">خداوند منهنجي روشني ۽ منهنجي نجات آهي؛ آءٌ ڪنهن کان ڊڄان؟ خداوند منهنجيءَ حياتيءَ جو زور آهي؛ آءٌ ڪنهن جو ڊپ رکان؟</verse>
				<verse number="2">جڏهن بدڪار ماڻهو، جي منهنجا دشمن ۽ ويري آهن، منهنجو ماس کائڻ لاءِ مون تي ڪاهي آيا، تڏهن اهي ٿاٻا کائي ڪري پيا.</verse>
				<verse number="3">جيتوڻيڪ ڪو لشڪر منهنجي برخلاف تنبو کوڙيندو، تڏهن بہ منهنجي دل کي ڊپ ڪونہ ٿيندو: جيتوڻيڪ مون تي جنگ اچي ڪڙڪندي، تڏهن بہ منهنجو ڀروسو قائم رهندو.</verse>
				<verse number="4">مون خداوند کي هڪڙو سوال ڪيو آهي، ۽ انهي جو آءٌ طالب رهندس؛ تہ آءٌ سڄي ڄمار خداوند جي گهر ۾ گذاريان، ۽ خداوند جو جمال ڏسان، ۽ سندس هيڪل ۾ ڌيان ڪريان.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو مصيبت جي ڏينهن هو مون کي پنهنجي تنبوءَ ۾ پناهہ ڏيندو: ۽ مون کي پنهنجي خيمي جي پڙدي ۾ لڪائيندو؛ هو مون کي ٽڪر تي چاڙهي بيهاريندو.</verse>
				<verse number="6">منهنجي چوڌاري جيڪي منهنجا دشمن آهن، تن تي هاڻي منهنجو ڪنڌ مٿي ٿيندو؛ ۽ آءٌ هن جي خيمي ۾ خوشيءَ جون قربانيون چاڙهيندس؛ آءٌ ڳائيندس، هائو آءٌ خداوند جي تعريف ڳائيندس.</verse>
				<verse number="7">اي خداوند، جڏهن آءٌ توکي پڪاريان تڏهن تون منهنجي ٻڌ: ۽ مون تي رحم ڪري مون کي جواب ڏي.</verse>
				<verse number="8">جڏهن تو فرمايو تہ منهنجي ديدار جا طالب ٿيو؛ تڏهن منهنجيءَ دل توکي چيو تہ اي خداوند، آءٌ تنهنجي ديدار جو طالب رهندس.</verse>
				<verse number="9">مون کان پنهنجو منهن نہ لڪاءِ؛ ۽ غصي ۾ پنهنجي ٻانهي کي لوڌي نہ ڪڍ: تون ئي منهنجو مددگار آهين؛ اي منهنجي نجات جا خدا، مون کي پري نہ ڪر، نڪي مونکي ڇڏي ڏي.</verse>
				<verse number="10">منهنجي ماءُ پيءُ مون کي ڇڏي ڏنو آهي، پر خداوند منهنجي سنڀال ڪندو.</verse>
				<verse number="11">اي خداوند، مونکي پنهنجو رستو ڏيکار: ۽ منهنجن دشمنن جي سببان مون کي سنئينءَ واٽ تي هلاءِ.</verse>
				<verse number="12">مون کي منهنجي دشمنن جي مرضيءَ تي نہ ڇڏ: ڇو جو ڪوڙا شاهد، ۽ ظلم جا ڦوڪارا هڻندڙ منهنجي برخلاف اُٿيا آهن.</verse>
				<verse number="13">جيڪڏهن مون کي يقين نہ هجي ها تہ آءٌ جيئرن جي زمين تي خداوند جي ڀلائي ڏسندس، تہ هوند آءٌ بيهوش ٿيءُ وڃان ها:</verse>
				<verse number="14">خداوند جو انتظار ڪر: زوراور ٿي ۽ همت جهل؛ هائو خداوند جو انتظار ڪر.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="28">
				<verse number="1">اي خداوند، آءٌ توکي پڪاريندس؛ اي منهنجا ٽڪر، منهنجي ٻڌي اڻٻڌي نہ ڪر: متان ائين ٿئي تہ جڏهن تون مون ڏانهن خاموش رهين، تہ پوءِ آءٌ انهن جهڙو ٿيان جي قبر ۾ ٿا پون.</verse>
				<verse number="2">جڏهن آءٌ تنهنجي پاڪ حجري ڏانهن پنهنجا هٿ کڻي توکي پڪاريان، تڏهن تون منهنجي دعا جو آواز ٻڌ.</verse>
				<verse number="3">بڇڙا ۽ بدڪار ماڻهو پنهنجن پاڙيسرين سان مٺيون مٺيون ڳالهيون ٿا ڪن، پر انهن جي دلين ۾ دغا آهي: اهڙن سان گڏ مون کي ڇڪي نہ ڪڍ.</verse>
				<verse number="4">انهن کي سندن ڪمن ۽ افعالن جي برائيءَ موجب بدلو ڏي: اُنهن کي سندن هٿن جو ڪيتو لوڙاءِ؛ ۽ کين جوڳي سزا ڏي.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو اُهي خداوند جي ڪمن ۽ سندس دستڪاريءَ تي غور نہ ٿا ڪن، تنهن ڪري هو اُنهن کي ڊاهيندو ۽ وري کڙو ڪين ڪندن.</verse>
				<verse number="6">خداوند مبارڪ هجي، ڇالاءِ جو هن منهنجو عرض ٻڌو آهي.</verse>
				<verse number="7">خداوند منهنجي طاقت ۽ منهنجي ڍال آهي؛ انهيءَ تي منهنجيءَ دل جو ڀروسو آهي، ۽ مون کي مدد ملي آهي: تنهن ڪري منهنجي دل ڏاڍي خوش آهي؛ ۽ آءٌ گيت ڳائي سندس تعريف ڪندس.</verse>
				<verse number="8">خداوند انهن جي طاقت آهي، هو پنهنجي مسح ڪيل لاءِ نجات جو قلعو آهي.</verse>
				<verse number="9">پنهنجيءَ اُمت کي بچاءِ، پنهنجيءَ ميراث کي برڪت ڏي: انهن جي پرورش ڪر، ۽ کين هميشہ تائين محفوظ رک.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="29">
				<verse number="1">اوهين جي طاقتور آهيو، خداوند جي جلال ۽ تعظيم جي تعريف ڪريو.</verse>
				<verse number="2">خداوند جي اهڙي تعريف ڪريو جا سندس نالي جي لائق آهي؛ پاڪيزگيءَ جي جمال سان خداوند جي عبادت ڪريو.</verse>
				<verse number="3">خداوند جو آواز پاڻين تي آهي: جلال وارو خدا گجڪار ٿو ڪري، هائو خداوند گهڻن پاڻين تي گجڪار ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="4">خداوند جو آواز قدرت وارو آهي؛ خداوند جو آواز شاهي شان وارو آهي.</verse>
				<verse number="5">خدا جو آواز ديودارن کي ڀڃي ٿو؛ هائو، لبنان جي ديودارن کي ڀڃي ٽڪر ٽڪر ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="6">هو اُنهن کي گابي وانگر ٿو ڪُڏائي؛ ۽ لبنان ۽ سريون کي جهنگلي پاڏي وانگر ٽپا ٿو ڏياري.</verse>
				<verse number="7">خداوند جو آواز باهہ جي شعلن کي چيري ٿو.</verse>
				<verse number="8">خداوند جو آواز بيابان کي لوڏي ٿو؛ خداوند قاديس جي بيابان کي لوڏي ٿو ڇڏي.</verse>
				<verse number="9">خداوند جي آواز ڪري هرڻين جا پيٽ ڪريو پون، ۽ ٻيلن جا وڻ ٻٽا ٿيو پون: ۽ هن جي هيڪل ۾ سڀڪو جلال ئي جلال پيو پڪاري.</verse>
				<verse number="10">خداوند ٻوڏ جي وقت تخت نشين هو؛ هائو خداوند هميشہ جي لاءِ تخت نشين آهي.</verse>
				<verse number="11">خداوند پنهنجيءَ اُمت کي طاقت ڏيندو؛ خداوند پنهنجيءَ اُمت کي سلامتيءَ جي برڪت ڏيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="30">
				<verse number="1">اي خداوند، آءٌ تنهنجي تمجيد ڪندس؛ ڇالاءِ جو تو مونکي سرفراز ڪيو آهي، ۽ منهنجن دشمنن کي مون تي خوش ٿيڻ نہ ڏنو اٿيئي.</verse>
				<verse number="2">اي خداوند منهنجا خدا، مون توکي پڪاريو، ۽ تو مون کي شفا ڏني آهي.</verse>
				<verse number="3">اي خداوند، تو منهنجيءَ جان کي قبر مان ڪڍي آندو آهي: تو مونکي جيئرو رکيو آهي، تہ آءٌ قبر ۾ نہ پوان.</verse>
				<verse number="4">اي خداوند جا پاڪ بندا، اوهين هن جي تعريف ڳايو، ۽ سندس پاڪ نالي جي شڪر گذاري ڪريو.</verse>
				<verse number="5">ڇو جو هن جو غصو رڳو هڪڙي پل جو آهي؛ ۽ سندس ٻاجهہ ۾ زندگي آهي: سڄي رات شايد روئڻ هجي، پر صبح جو سرهائي ٿيندي.</verse>
				<verse number="6">مون پنهنجيءَ خوشحاليءَ جي وقت چيو، تہ مون کي ڪڏهن لوڏو ڪين ايندو.</verse>
				<verse number="7">اي خداوند، تو پنهنجي مهربانيءَ سان منهنجي جبل کي قائم رکيو هو: پر جڏهن تو پنهنجو منهن لڪايو، تڏهن آءٌ منجهي پيس.</verse>
				<verse number="8">اي خداوند، مون توکي پڪاريو؛ هائو، مون خداوند کي عرض ڪيو:</verse>
				<verse number="9">جي آءٌ قبر ۾ وڃي پوان تہ پوءِ منهنجي مرڻ مان ڪهڙو فائدو؟ مٽي تنهنجي تعريف ڪندي ڇا؟ اها تنهنجي سچائي پڌري ڪندي ڇا؟</verse>
				<verse number="10">اي خداوند، ٻڌ ۽ مون تي رحم ڪر: اي خداوند تون منهنجو مددگار ٿيءُ.</verse>
				<verse number="11">تو منهنجي ماتم کي مٽائي نچڻ ڪيو آهي؛ تو مون تان کٿو لاهي مون کي خوشيءَ جو ڪمربند ٻڌو آهي:</verse>
				<verse number="12">انهيءَ لاءِ تہ منهنجو روح تنهنجي تعريف ڳائڻ کان ماٺ نہ ڪري. اي خداوند منهنجا خدا، آءٌ هميشہ تنهنجو شڪرانو مڃيندو رهندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="31">
				<verse number="1">اي خداوند منهنجو ڀروسو توتي آهي؛ مون کي ڪڏهن شرمندو ٿيڻ نہ ڏي: تون پنهنجيءَ راستبازيءَ خاطر مونکي بچاءِ.</verse>
				<verse number="2">پنهنجو ڪن مون ڏانهن ڪري سگهو مون کي ڇڏاءِ: تون مون لاءِ مضبوط ٽڪر ۽ منهنجي پناهہ جو گهر ٿيءُ.</verse>
				<verse number="3">ڇو جو تون ئي منهنجو ٽڪر ۽ قلعو آهين: تنهن ڪري پنهنجي نالي جي واسطي منهنجو سونهون ٿيءُ ۽ منهنجي رهبري ڪر.</verse>
				<verse number="4">مون کي اُنهيءَ ڄار مان ڪڍي وٺ جو انهن مون لاءِ ڳجهيءَ طرح پکيڙيو آهي؛ ڇو جو تون ئي منهنجو مضبوط ڪوٽ آهين.</verse>
				<verse number="5">اي خداوند سچائيءَ جا خدا، آءٌ پنهنجو روح تنهنجن هٿن ۾ ٿو سونپيان: توئي مونکي ڇوٽڪارو ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="6">جيڪي اجاين ڪوڙين ڳالهين کي ٿا مڃين، تن کان مون کي نفرت آهي: پر منهنجو ڀروسو خدا تي آهي.</verse>
				<verse number="7">آءٌ تنهنجي رحم جي ڪري خوشي ڪندس ۽ سرهو ٿيندس: ڇالاءِ جو تو منهنجي مصيبت تي نظر ڪئي، ۽ تون منهنجيءَ جان جي ڏکن کان واقف آهين:</verse>
				<verse number="8">تو مون کي دشمن جي هٿ ۾ قيدي نہ ڇڏيو آهي؛ تو منهنجا پير ڪشاديءَ جاءِ تي رکيا آهن.</verse>
				<verse number="9">اي خداوند مون تي رحم ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ ڏکن ۾ آهيان: منهنجي اک، بلڪ منهنجي جان ۽ جسم سڀ رنج جي ڪري ڳري ويا آهن.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو منهنجي حياتي غم ۾، ۽ منهنجي عمر آهون ڀريندي گذري ويئي آهي: منهنجي طاقت منهنجي گناهہ جي ڪري گهٽجي ويئي آهي، ۽ منهنجون هڏيون سڙي سڪي ويون آهن.</verse>
				<verse number="11">آءٌ پنهنجن سڀني دشمنن جي ڪري پنهنجن پاڙيسرين ۾ خوار ٿيو آهيان، جيڪي منهنجا واقف آهن سي مون کان ڊڄن ٿا: ۽ جيڪي مون کي واٽ تي ٿا ڏسن سي مون کان پاسو ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="12">مون کي مردي وانگر دل تان لاهي ڇڏيو اٿن: آءٌ ڀڳل ٿانوَ وانگر آهيان.</verse>
				<verse number="13">ڇو جو مون گهڻن کان پنهنجي گلا ٻڌي آهي، هر ڪنهن پاسي مون کي ڊپ آهي: جڏهن اُنهن پاڻ ۾ گڏجي منهنجي برخلاف صلاح ڪئي، تڏهن منهنجي ساهہ ڪڍڻ جو منصوبو رٿيائون.</verse>
				<verse number="14">پر اي خداوند مون توتي ڀروسو رکيو: ۽ چيم تہ تون ئي منهنجو خدا آهين.</verse>
				<verse number="15">منهنجيءَ حياتيءَ جا ڏينهن تنهنجي هٿ ۾ آهن: مون کي منهنجي دشمنن ۽ ستائيندڙن کان ڇڏاءِ.</verse>
				<verse number="16">پنهنجي ٻانهي تي پنهنجو منهن چمڪاءِ: ۽ پنهنجيءَ ٻاجهہ جي ڪري مون کي بچائي وٺ.</verse>
				<verse number="17">اي خداوند ائين نہ ٿئي جو آءٌ شرمندو ٿيان، ڇالاءِ جو مون تو کان دعا گهري آهي: پر اُٽلو بڇڙا ماڻهو شرمندا ٿين، ۽ ماٺ ڪري قبر ۾ پيا هجن.</verse>
				<verse number="18">جن جي واتن مان ڪوڙيون ڳالهيون ٿيون نڪرن، ۽ جيڪي راستباز ماڻهوءَ جي برخلاف گستاخيءَ سان، مغروريءَ ۽ نفرت جون ڳالهيون ٿا ڪن، تن کي ماٺ ڪراءِ.</verse>
				<verse number="19">جن کي تنهنجو ڊپ آهي، تن لاءِ ڪهڙي نہ وڏي ڀلائي تو گڏ ڪري رکي آهي، جا تو بني آدم جي اڳيان پنهنجي ايماندارن لاءِ ظاهر ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="20">تون انهن کي پنهنجيءَ حضوريءَ جي تنبوءَ ۾ انسان جي ٻڌين کان ڍڪيندين: تون ئي اُنهن ماڻهن جي جهيڙن کان تنبوءَ ۾ لڪائي رکندين.</verse>
				<verse number="21">خداوند مبارڪ هجي، ڇو جو هن هڪڙي مضبوط شهر ۾ مون تي عجيب مهرباني ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="22">مون تڙ تڪڙ ۾ چيو تہ تو مونکي پنهنجيءَ نظر کان پري ڪيو آهي: پر جڏهن مون توکي پڪاريو تڏهن تو منهنجو عرض ٻڌو.</verse>
				<verse number="23">اي خداوند جا بندا اوهين کيس پيار ڪريو: خداوند ايماندارن کي بچائي ٿو، ۽ مغرورن کي پورو پورو بدلو ڏئي ٿو.</verse>
				<verse number="24">اوهين سڀ جي خداوند ۾ اُميد ٿا رکو، همت جهليو ۽ پنهنجين دلين کي مضبوط ڪريو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="32">
				<verse number="1">مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جنهن جي خطا معاف ٿي آهي، ۽ جنهن جو گناهہ ڍڪيو ويو آهي.</verse>
				<verse number="2">مبارڪ آهي اهو ماڻهو جنهن جي بڇڙائين جو خداوند حساب نٿو ڪري، ۽ جنهن جي دل ۾ ٺڳي ڪانهي.</verse>
				<verse number="3">جڏهن مون ماٺ ڪئي، تڏهن سڄو ڏينهن دانهون ڪندي منهنجون هڏيون ڳري ويون.</verse>
				<verse number="4">ڇو جو رات ڏينهن تنهنجو هٿ مون تي ڳورو هو: ۽ منهنجي تراوٽ مٽجي اونهاري جي سوڪ ٿي پيئي.</verse>
				<verse number="5">مون تو وٽ پنهنجا گناهہ باسيا، ۽ مون پنهنجي برائي ڪين لڪائي: مون چيو تہ آءٌ خداوند وٽ پنهنجن گناهن جو اقرار ڪندس؛ ۽ تو منهنجن گناهن جي برائي معاف ڪئي.</verse>
				<verse number="6">انهي ڪري هرڪو ديندار تنهنجي ملڻ وقت توکان دعا گهرندو: ۽ سچ پچ جڏهن وڏا پاڻي چڙهندا تڏهن انهيءَ تائين ڪين پهچندا.</verse>
				<verse number="7">تون منهنجي لڪڻ جي جاءِ آهين: تون مون کي تڪليفن کان بچائيندين؛ تون منهنجي چوڌاري نجات جا گيت ڳارائيندين.</verse>
				<verse number="8">آءٌ توکي تعليم ڏيندس، ۽ جنهن رستي تي توکي هلڻ گهرجي سو ڏيکاريندس: آءٌ توکي صلاح ڏيندس ۽ منهنجي نظر توتي رهندي.</verse>
				<verse number="9">اوهين گهوڙي يا خچر وانگي بي سمجهہ نہ ٿيو: جنهن کي قابوءَ ۾ رکڻ لاءِ لغام ۽ واڳ وجهبي آهي، نہ تہ اُهي تو وٽ ڪين ايندا.</verse>
				<verse number="10">بڇڙي ماڻهوءَ تي گهڻيئي مصيبتون اينديون: پر جنهن جو ڀروسو خداوند تي آهي تنهن کي رحمت چوڌاري گهيري ويندي.</verse>
				<verse number="11">اوهين جي راستباز آهيو سي خداوند ۾ خوشي ڪريو، ۽ سرها ٿيو، ۽ اوهين جي دل جا سچا آهيو خوشيءَ سان پڪاريو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="33">
				<verse number="1">اوهين جي راستباز آهيو سي خداوند ۾ خوشي ڪريو: تعريف ڪرڻ سچارن جي سونهن آهي.</verse>
				<verse number="2">بربط سان خداوند جو شڪر ڪريو: ڏهن تارن جي تنبوري تي هن جي تعريف ڳايو.</verse>
				<verse number="3">انهيءَ لاءِ نئون گيت ڳايو؛ وڏو آواز ڪڍي اُستاديءَ سان وڄايو.</verse>
				<verse number="4">ڇو جو خداوند جو ڪلام صحيح آهي؛ ۽ سندس سڀ ڪم سچائيءَ سان ٿا ٿين.</verse>
				<verse number="5">هن کي راستبازي ۽ انصاف پسند آهن: زمين خداوند جي ٻاجهہ سان ڀرپور آهي.</verse>
				<verse number="6">خداوند جي ڪلام سان آسمان جڙيا؛ ۽ انهن جي ساري خلقت سندس وات جي وائيءَ سان پيدا ٿي.</verse>
				<verse number="7">هو سمنڊ جي پاڻيءَ کي گڏي ڍڳ ڪري ٿو رکي: ۽ اونهن پاڻين کي انبار خانن ۾ رکي ٿو ڇڏي.</verse>
				<verse number="8">سڄي زمين خداوند کان ڊڄندي رهي: ۽ جهان جا سڀ رهاڪو سندس ڊپ ۾ ٿا رهن.</verse>
				<verse number="9">جو اڃا هن فرمايو تہ اُها پيدا ٿي؛ هن حڪم ڏنو ۽ اُها قائم ٿي بيٺي.</verse>
				<verse number="10">خداوند قومن جي صلاح کي باطل ٿو ڪري: ۽ ماڻهن جون رِٿون بي اثر ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="11">خداوند جي صلاح هميشہ تائين قائم رهندي، ۽ سندس دل جا خيال پيڙهين تائين.</verse>
				<verse number="12">جنهن قوم جو خدا خداوند آهي، ۽ جنهن اُمت کي هن پنهنجي ميراث ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي، سا مبارڪ آهي.</verse>
				<verse number="13">خداوند آسمان مان ڏسي ٿو؛ هو بني آدم تي نظر ٿو رکي.</verse>
				<verse number="14">هو پنهنجي رهڻ واري مڪان تان زمين جي سڀني رهاڪن کي ڏسي ٿو.</verse>
				<verse number="15">هو جو سڀني جي دلين جو ٺاهڻ وارو آهي، سو انهن جي سڀني ڪمن کي پروڙي ٿو وٺي.</verse>
				<verse number="16">اهڙو ڪوبہ بادشاهہ ڪونهي جو پنهنجي گهڻي لشڪر جي ڪري بچي وڃي: ۽ نڪو اهڙو بهادر آهي جو پنهنجي گهڻيءَ طاقت جي ڪري ڇٽي وڃي.</verse>
				<verse number="17">گهوڙو بچاءُ جي لاءِ اجائي شيءِ آهي: هو پنهنجي گهڻي زور جي ڪري ڪنهن کي ڪونہ بچائيندو.</verse>
				<verse number="18">ڏسو جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا، ۽ هن جي رحمت ۾ اميد ٿا رکن، تن تي سندس نظر آهي؛</verse>
				<verse number="19">اُنهيءَ لاءِ تہ هو سندن جان کي موت کان ڇڏائي، ۽ ڏڪار ۾ کين جيئرو رکي.</verse>
				<verse number="20">اسان جي جان کي خداوند جو انتظار آهي: هو اسان جو مددگار ۽ اسان جي ڍال آهي.</verse>
				<verse number="21">اسان جي دل هن ۾ خوشي ڪندي، ڇالاءِ جو اسان سندس پاڪ نالي تي ڀروسو رکيو آهي.</verse>
				<verse number="22">اي خداوند جيئن اسان جي اُميد تو ۾ آهي، تيئن تنهنجو رحم شل اسان تي هجي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="34">
				<verse number="1">آءٌ هر وقت خداوند کي مبارڪ چوندو رهندس: منهنجو وات سدائين سندس تعريف ڪندو.</verse>
				<verse number="2">منهنجي جان خداوند تي فخر ڪندي: نماڻا اهو ٻڌي خوش ٿيندا.</verse>
				<verse number="3">مون سان گڏجي خداوند جي وڏائي ڪريو، اچو تہ سندس نالي جي تعظيم ڪريون.</verse>
				<verse number="4">مون خداوند کي ڳوليو ۽ هن منهنجي ٻڌي، ۽ مون کي منهنجن سڀني خوفن کان ڇڏايائين.</verse>
				<verse number="5">هنن انهي ڏانهن نهاريو ۽ روشنائي حاصل ڪيائون: ۽ سندن منهن ڪڏهن ڦڪا ڪين ٿيندا.</verse>
				<verse number="6">غريب دانهون ڪيون، ۽ خداوند هن جي ٻڌي، ۽ کيس سڀني مصيبتن کان بچايائين.</verse>
				<verse number="7">جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا تن جي چوڌاري سندس فرشتو تنبو ٿو هڻي، ۽ اُنهن کي ڇڏائي ٿو.</verse>
				<verse number="8">آزمائي ڏسو تہ خداوند ڀلو آهي: مبارڪ آهي اهو ماڻهو جنهن جو ڀروسو مٿس آهي.</verse>
				<verse number="9">اي خداوند جي پاڪ قوم، خداوند کان ڊڄو: ڇو تہ جيڪي کانئس ڊڄن ٿا تن کي ڪابہ گهرج ڪانهي.</verse>
				<verse number="10">شينهن جا ٻچا حاجت مند ۽ بکيا ٿين ٿا: پر جيڪي خداوند جا طالب آهن تن کي ڪنهن بہ نعمت جي گهرج ڪانہ رهندي.</verse>
				<verse number="11">اي ٻارو اچو منهنجي ڳالهہ ٻڌو، آءٌ اوهان کي خداوند جو ڊپ سيکاريندس.</verse>
				<verse number="12">اهو ڪهڙو ماڻهو آهي جو حياتيءَ جي خواهش رکي وڏي عمر ٿو چاهي، انهيءَ لاءِ تہ ڀلائي ڏسي؟</verse>
				<verse number="13">پنهنجيءَ زبان کي بڇڙائي کان، ۽ پنهنجي وات کي ٺڳي ڪرڻ کان سنڀال.</verse>
				<verse number="14">بڇڙائيءَ کان پاسو ڪر، ۽ ڀلائي ڪر، صلح جو طالب ٿيءُ، ۽ انهي جي پٺيان لڳو رهہ.</verse>
				<verse number="15">خداوند جون اکيون راستبازن تي آهن، ۽ سندس ڪن اُنهن دانهن جي لاءِ کليل آهن.</verse>
				<verse number="16">خداوند جو منهن بدڪارن جي برخلاف آهي، تہ انهن جي يادگيري زمين تان مٽائي ڇڏي.</verse>
				<verse number="17">راستبازن پڪاريو ۽ خداوند ٻڌو، ۽ انهن کي سندن سڀني تڪليفن کان ڇڏايائين.</verse>
				<verse number="18">جيڪي دل شڪستا آهن تن کي خداوند ويجهو آهي، ۽ جيڪي توبهہ ٿا ڪن تن کي بچائي ٿو.</verse>
				<verse number="19">راستباز جا ڏک گهڻا ئي آهن: پر خداوند هن کي انهن سڀني کان ڇڏائي ٿو.</verse>
				<verse number="20">هو انهي جي سڀني هڏين کي سنڀالي ٿو: تہ متان انهن مان ڪا ڀڄي نہ پوي.</verse>
				<verse number="21">بڇڙائي بدڪار کي قتل ڪندي: ۽ جن کي راستباز کان نفرت آهي سي ڏوهي ٺهرايا ويندا.</verse>
				<verse number="22">خداوند پنهنجي ٻانهن جي جان بچائي ٿو: ۽ جيڪي مٿس ڀروسو ٿا رکن تن مان ڪوبہ ڏوهي نہ ٺهرائبو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="35">
				<verse number="1">اي خداوند جيڪي مون سان جهيڙو ٿا ڪن تن سان تون جهيڙو ڪر: ۽ جيڪي مون سان وڙهن ٿا تن سان وڙهہ.</verse>
				<verse number="2">ڍال ۽ سپر جهلي منهنجي مدد لاءِ اُٿي بيهہ.</verse>
				<verse number="3">ڀالو بہ ڪڍ، ۽ جيڪي منهنجي پٺيان ٿا پون تن جو رستو روڪ: ۽ منهنجيءَ جان کي چئُہ تہ آءٌ تنهنجي نجات آهيان.</verse>
				<verse number="4">جيڪي منهنجو ساهہ ڪڍڻ ٿا گهرن سي شرمندا ۽ خوار ٿين: ۽ جيڪي منهنجا مٺ گهرا آهن سي پٺ تي هٽجي ڦڪا ٿين.</verse>
				<verse number="5">اُهي اهڙا ٿين جيئن واءُ جي اڳيان باهہ، ۽ خداوند جو فرشتو اُنهن کي ڌڪيندو رهي.</verse>
				<verse number="6">انهن جي واٽ اونداهي ۽ ترڪڻي ٿئي، ۽ خداوند جو فرشتو سندن پٺيان پوي.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو اُنهن بي سبب مون لاءِ کڏ ۾ ڄار لڪايو آهي، ۽ بنا سبب منهنجيءَ جان جي لاءِ کڏ کوٽي اٿن.</verse>
				<verse number="8">شل هو اوچتو ئي برباد ٿئي؛ ۽ جيڪو ڄار هن لڪايو آهي تنهن ۾ پاڻ پوي: ۽ اُنهيءَ ۾ ڦاسي برباد ٿئي.</verse>
				<verse number="9">پر منهنجي جان خداوند ۾ خوش رهندي: ۽ انهي جي نجات ۾ سرهي ٿيندي.</verse>
				<verse number="10">منهنجون سڀ هڏيون چونديون تہ اي خداوند تو جهڙو ڪير آهي، جو غريب کي زوراور جي هٿن مان، بلڪ غريب ۽ محتاج کي ڦر مار ڪندڙ کان ڇڏائي ٿو؟</verse>
				<verse number="11">ڪوڙا شاهد کڙا ٿا ٿين؛ ۽ جنهن ڳالهہ جي مون کي خبر ئي ڪانهي تنهن بابت مون کان پڇا ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="12">اُهي مون سان نيڪيءَ جي بدران بدي ٿا ڪن، جنهن ڪري منهنجي جان لاچار ٿيو پوي.</verse>
				<verse number="13">پر جڏهن اهي بيمار هئا، تڏهن مون کٿو ڍڪيو: ۽ مون روزا رکي پنهنجيءَ جان کي ڏک ڏنو؛ پر منهنجي دعا ڦري منهنجي سيني ۾ موٽي آئي.</verse>
				<verse number="14">مون هن سان اهڙي هلت ڪئي جو ڄڻ تہ هو منهنجو دوست يا ڀاءُ هو؛ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجيءَ ماءُ لاءِ ماتم ڪري، تيئن مون ڪنڌ هيٺ ڪري غم ڪيو.</verse>
				<verse number="15">پر جڏهن آءٌ ڪرڻ تي هوس، تڏهن اهي سرها ٿي اچي گڏ ٿيا: اهي ڪميڻا مون تي ميڙ ڪري آيا ۽ مون کي خبر ئي ڪانہ هئي: ۽ اُهي مون کي ڦاڙڻ کان ڪين رهيا.</verse>
				<verse number="16">جيڪي بي دين ماڻهو مجلس ۾ ويهي چرچا ڪندا آهن، تن وانگر اُنهن مون تي پنهنجا ڏند ڪرٽيا.</verse>
				<verse number="17">اي خداوند ڪيستائين تون ڏسندو رهندين؟ منهنجيءَ جان کي انهن جي برباديءَ کان، ۽ منهنجي پياريءَ جان کي شينهن کان بچاءِ.</verse>
				<verse number="18">آءٌ وڏيءَ جماعت ۾ تنهنجي شڪر گذاري ادا ڪندس: ۽ گهڻن ماڻهن جي وچ ۾ تنهنجي تعريف ڪندس.</verse>
				<verse number="19">ائين نہ ٿئي تہ جيڪي ناحق منهنجا دشمن آهن سي مون تي خوش ٿين: ۽ جيڪي بي سبب مون سان نفرت ٿا رکن سي مون تي اکيون ڀڃن.</verse>
				<verse number="20">ڇو جو اهي صلح جون ڳالهيون نٿا ڪن: پر جيڪي ملڪ ۾ صلح پسند آهن تن تي ٺڳيءَ جون رٿون ٿا رٿين.</verse>
				<verse number="21">اهي منهنجي برخلاف وات ڦاڙي چوڻ لڳا تہ آها، آها؛ اسان پنهنجين اکين سان اهو ڏٺو.</verse>
				<verse number="22">اي خداوند تو پاڻ اهو ڏٺو آهي؛ خاموش نہ رهہ: اي خداوند مون کان پري نہ رهہ.</verse>
				<verse number="23">اي منهنجا خداوند، اي منهنجا خدا، اُٿ ۽ منهنجي انصاف لاءِ، بلڪ منهنجي معاملي لاءِ سجاڳ ٿي.</verse>
				<verse number="24">اي خداوند منهنجا خدا، پنهنجيءَ راستبازيءَ موجب منهنجو انصاف ڪر؛ ۽ انهن کي مون تي خوش ٿيڻ نہ ڏي.</verse>
				<verse number="25">ائين نہ ٿئي تہ اهي پنهنجي دل ۾ چون تہ واهہ واهہ، اسان اهو ئي ٿي گهريو: ۽ ائين نہ چون تہ اسان هن کي ڳڙڪائي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="26">جيڪي منهنجي نقصان ڪري خوش ٿا ٿين سي سڀ گڏجي شرمائجن ۽ منجهي پون: ۽ جيڪي منهنجي برخلاف پاڻ کي پڏائين ٿا، سي شرم ۽ خواريءَ ۾ ٻڏن.</verse>
				<verse number="27">جيڪي منهنجي سچي معاملي جو پاسو ٿا وٺن، سي خوشيءَ سان پڪارين ۽ سرها ٿين: ۽ سدائين چوندا رهن تہ خداوند جي تمجيد هجي، جو پنهنجي ٻانهي جي ڀلائيءَ ۾ خوش آهي.</verse>
				<verse number="28">۽ منهنجي زبان سڄو ڏينهن تنهنجيءَ راستبازيءَ ۽ تنهنجيءَ تعريف جو بيان ڪندي رهندي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="36">
				<verse number="1">بڇڙي ماڻهوءَ جي بڇڙائيءَ ڪري منهنجي دل چوي ٿي، تہ سندس نظر ۾ خدا جو ڊپ ڪونهي.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو هو پنهنجيءَ دل ۾ ٻٽاڪ ٿو هڻي، تہ منهنجي بڇڙائي پڌري ڪانہ ٿيندي نڪي ڌڪاربي.</verse>
				<verse number="3">انهي جي وات ۾ برائي ۽ دغا جون ڳالهيون آهن: ۽ هن سياڻپ ۽ نيڪيءَ کي ڇڏي ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="4">هو پنهنجي هنڌ تي ليٽي بڇڙائيءَ جون رِٿون ٿو رٿي: ۽ خراب رستي تي وڃي ٿو بيهي: ۽ برائيءَ کان نفرت نٿو ڪري.</verse>
				<verse number="5">اي خداوند تنهنجي ٻاجهہ آسمانن ۾ آهي: ۽ تنهنجي سچائي جهان ۾ پکڙيل آهي.</verse>
				<verse number="6">تنهنجي راستبازي خدا جي جبلن جهڙي آهي؛ ۽ تنهنجا فيصلا تمام اونها آهن: اي خداوند، تون ماڻهن ۽ جانورن جو سنڀاليندڙ آهين.</verse>
				<verse number="7">اي خدا تنهنجي ٻاجهہ ڪهڙي نہ قيمتي آهي! ۽ بني آدم تنهنجن پرن جي هيٺ اَجهو ٿا وٺن.</verse>
				<verse number="8">اهي تنهنجي گهر جون نعمتون کائي ڍءُ ڪندا: ۽ تون اُنهن کي پنهنجين خوشين جي نديءَ مان پياريندين.</verse>
				<verse number="9">ڇو جو تو وٽ زندگيءَ جو چشمو آهي: ۽ اسين تنهنجي سوجهري ۾ سوجهرو ڏسنداسين.</verse>
				<verse number="10">جيڪي توکي سڃاڻن ٿا تن تي پنهنجي ٻاجهہ ڪندو رهہ: ۽ جيڪي دل جا سچار آهن تن کي پنهنجي راستبازي ڏيندو رهہ.</verse>
				<verse number="11">ائين نہ ٿئي جو مغرور ماڻهو مون تي لت کڻي، ۽ بڇڙن جو هٿ مون کي لوڌي ڪڍي.</verse>
				<verse number="12">بدڪار اُتي ئي ڪِريا پيا آهن: اهي ڌڪجي ويا آهن ۽ وري اُٿي ڪين سگهندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="37">
				<verse number="1">بدڪارن جي ڪري تون پاڻ کي خفي نہ ڪر، نڪي بڇڙائي ڪندڙ سان ريس ڪر.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو اُهي گاهہ وانگي سگهو ئي وڍجي ويندا، ۽ سائي ٻوٽي وانگر ڪومائجي ويندا.</verse>
				<verse number="3">تون خداوند تي ڀروسو رکي ڀلائي ڪر؛ ۽ ملڪ ۾ رهي ايمانداريءَ سان هل.</verse>
				<verse number="4">خداوند ۾ خوش رهہ؛ ۽ هو تنهنجي دل جون مرادون پوريون ڪندو.</verse>
				<verse number="5">پنهنجون واٽون خداوند جي حوالي ڪر؛ ۽ مٿس ڀروسو رک، هو پاڻيهي تنهنجو مطلب پورو ڪندو.</verse>
				<verse number="6">هو تنهنجي راستبازي سوجهري وانگي ظاهر ڪندو، ۽ تنهنجو انصاف ٻنپهرن جي روشنيءَ وانگر چمڪندو.</verse>
				<verse number="7">خداوند جي حضور ۾ راضي رهہ، ۽ صبر سان سندس انتظار ڪر: جيڪو ماڻهو پنهنجين واٽن ۾ ڪامياب ٿو ٿئي ۽ بڇڙا منصوبا ٻڌي پورا ٿو ڪري، تنهنجي ڪري پاڻ کي خفي نہ ڪر.</verse>
				<verse number="8">۽ غصي کان پاسو ڪر، ۽ ڪاوڙ کي ڇڏي ڏي: پاڻ کي خفي نہ ڪر. انهيءَ ۾ برائي آهي.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو بدڪار تباهہ ٿي ويندا: پر جيڪي خداوند جا منتظر آهن سي زمين جا وارث ٿيندا.</verse>
				<verse number="10">ڇو جو ٿوري دير کان پوءِ بدڪار هوندو ئي ڪونہ: تون انهي جي جاءِ ۾ چتائي نهاريندين پر هو هوندو ئي ڪين.</verse>
				<verse number="11">پر حليم ماڻهو زمين جا وارث ٿيندا؛ ۽ ججهي سلامتيءَ جي ڪري سرها ٿيندا.</verse>
				<verse number="12">بدڪار ماڻهو سچار جي برخلاف منصوبو ٿو رِٿي، ۽ مٿس ڏند ٿو ڪرٽي.</verse>
				<verse number="13">خداوند اُنهي تي کلندو: ڇو جو هو ڏسي ٿو تہ انهي جو ڏينهن اچي پهتو آهي.</verse>
				<verse number="14">بدڪارن ترار ڪڍي آهي، ۽ پنهنجون ڪمانون ڪشيون اٿن؛ انهي لاءِ تہ غريبن ۽ محتاجن کي ڪيرائي ڇڏين، ۽ چڱيءَ چال وارن کي قتل ڪن.</verse>
				<verse number="15">انهن جي ترار سندين ئي دلين ۾ گهڙي ويندي، ۽ انهن جون ڪمانون ڀڄي پونديون.</verse>
				<verse number="16">راستباز ماڻهوءَ وٽ جيڪي ٿورو آهي سو بڇڙن جي گهڻي دولت کان چڱو آهي.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو بدڪارن جون ٻانهون ڀڄي پونديون: پر خداوند راستباز کي سنڀالي ٿو.</verse>
				<verse number="18">خداوند کي ڪامل ماڻهوءَ جي ڏينهن جي خبر آهي: ۽ انهن جي ميراث هميشہ لاءِ رهندي.</verse>
				<verse number="19">اهي ڏکئي وقت شرمندا ڪين ٿيندا ۽ ڏڪار جي ڏينهن ۾ ڍاول رهندا.</verse>
				<verse number="20">پر بڇڙا ماڻهو برباد ٿي ويندا، ۽ خداوند جا دشمن ساوڪ ۽ گاهہ وانگر نابود ٿي ويندا؛ اهي دونهين وانگر اُڏامي ويندا.</verse>
				<verse number="21">بدڪار اُڌارو وٺي وري موٽائي نٿو ڏئي، پر راستباز رحمدل ٿي ڏئي ٿو.</verse>
				<verse number="22">ڇو تہ جن تي هن جي برڪت آهي سي زمين جا وارث ٿيندا؛ ۽ جن تي سندس لعنت آهي سي تباهہ ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="23">جڏهن ماڻهوءَ جي واٽ خداوند کي وڻي ٿي: تڏهن هو انهي جي چال کي قائم ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="24">جيتوڻيڪ هو ڪري پوي تڏهن بہ هو اُتيئي پيو ڪين رهندو: ڇالاءِ جو خداوند هن کي هٿ ڏيئي سنڀالي وٺندو.</verse>
				<verse number="25">آءٌ جوان هوس ۽ هاڻي ٻڍو ٿيو آهيان؛ پر تڏهن بہ راستباز کي بيوس، ۽ سندس اولاد کي ٽڪر پنندو ڪونہ ڏٺو اٿم.</verse>
				<verse number="26">هو سارو ڏينهن رحم ڪري قرض ٿو ڏئي؛ ۽ هن جي اولاد کي برڪت ٿي ملي.</verse>
				<verse number="27">بڇڙائيءَ کان پري ٿيءُ، ۽ نيڪي ڪر؛ تہ تون سدائين قائم رهندين.</verse>
				<verse number="28">ڇو جو خداوند کي انصاف وڻي ٿو، ۽ هو پنهنجن مقدسن کي ڇڏي نٿو ڏئي؛ اهي هميشہ مضبوط آهن؛ پر بڇڙن جو نسل تباهہ ٿي ويندو.</verse>
				<verse number="29">راستباز ماڻهو زمين جا وارث ٿيندا، ۽ سدائين منجهس رهندا.</verse>
				<verse number="30">راستباز جي واتان ڏاهپ ٿي نڪري، ۽ سندس زبان انصاف جي ڳالهہ ٿي ڪري.</verse>
				<verse number="31">هنجي خدا جي شريعت سندس دل ۾ آهي؛ هن جو پير ڪڏهن ڪين ترڪندو.</verse>
				<verse number="32">بڇڙو ماڻهو سچار جو وجهہ پيو ڳولي تہ کيس قتل ڪري.</verse>
				<verse number="33">خداوند هن کي انهي جي هٿ ۾ ڪين ڇڏيندو، ۽ جڏهن هنجي عدالت ٿيندي تڏهن کيس ڏوهي ڪين ٺهرائيندو.</verse>
				<verse number="34">خداوند جي انتظار ۾ رهہ، ۽ هن جي واٽ تي هل، ۽ هو توکي زمين جي وارث ٿيڻ لاءِ سرفراز ڪندو: ۽ جڏهن بڇڙا تباهہ ٿيندا، تڏهن تون اُهو ڏسندين.</verse>
				<verse number="35">مون بدڪار کي ڏاڍو زور وٺندو ڏٺو، جهڙو ڀليءَ زمين ۾ لڳل سائو وڻ؛</verse>
				<verse number="36">پر جڏهن ڪو ماڻهو اتان لنگهيو، تڏهن اُهو هو ئي ڪين؛ مون سندس ڳولا ڪئي، پر هو لڌو ئي ڪونہ.</verse>
				<verse number="37">ڪامل ماڻهوءَ تي نظر ڪر، ۽ سچار کي ڏس: ڇو تہ هن جي پڇاڙيءَ ۾ سلامتي آهي.</verse>
				<verse number="38">پر بدڪار هيڪاندا برباد ٿيندا؛ بڇڙن جي پڇاڙيءَ ۾ تباهي آهي.</verse>
				<verse number="39">راستبازن جي نجات خداوند جي طرفان آهي: ۽ مصيبت جي وقت اهو ئي سندس مضبوط قلعو آهي.</verse>
				<verse number="40">خداوند انهن جي مدد ٿو ڪري، ۽ کين بچائي ٿو: هو کين بڇڙن کان بچائي ڇوٽڪارو ٿو ڏئين، ڇالاءِ جو انهن منجهس پناهہ ورتي آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="38">
				<verse number="1">اي خداوند پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ مونکي نہ ڇينڀ: نڪي پنهنجي غصي ۾ مون کي سزا ڏي.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو مون کي تنهنجا تير لڳا آهن، ۽ تنهنجو هٿ مون کي زور سان ٿو دٻائي.</verse>
				<verse number="3">تنهنجي غصي جي ڪري منهنجي جسم ۾ صحت ڪانهي؛ نڪي منهنجي گناهہ جي ڪري منهنجي هڏن ۾ آرام آهي.</verse>
				<verse number="4">ڇو تہ منهنجون برايون مون تي چڙهي ويون آهن؛ ۽ اُهي ڳوري بار وانگر آهن جو آءٌ کڻي نٿو سگهان.</verse>
				<verse number="5">منهنجي بيوقوفيءَ جي ڪري، منهنجا ڦٽ ڪنا ٿي پيا آهن، ۽ منجهانئن بانس ٿي اچي.</verse>
				<verse number="6">آءٌ ڏکي آهيان، ۽ ڏاڍو جهڪي پيو آهيان؛ ۽ سڄو ڏينهن روئندو وتان.</verse>
				<verse number="7">ڇو جو منهنجي چيلهہ پيئي ٻري؛ ۽ منهنجي جسم ۾ صحت ڪانهي.</verse>
				<verse number="8">آءٌ هيڻو ۽ بلڪل چٿيل آهيان: ۽ دل جي بيچينيءَ جي ڪري دانهون پيو ڪريان.</verse>
				<verse number="9">اي خداوند منهنجون سڀ مرادون تنهنجي اڳيان آهن؛ ۽ منهنجي ڪنجهڪار تو کان لڪل نہ آهي.</verse>
				<verse number="10">منهنجي دل ڌڪ ڌڪ ٿي ڪري، ۽ طاقت گهٽبي ٿي وڃي؛ منهنجين اکين جو سوجهرو بہ مون وٽان هليو ويو آهي.</verse>
				<verse number="11">منهنجا پيارا ۽ دوست منهنجيءَ آفت جي وقت مون کان پري ٿي بيٺا آهن؛ ۽ منهنجا مٽ مائٽ ڏور ٿي بيٺا آهن.</verse>
				<verse number="12">جيڪي منهنجيءَ جان جي پٺيان آهن، سي مون لاءِ ڦندا ٿا وڇائين، ۽ جيڪي منهنجو نقصان ٿا چاهين سي حرڪت جهڙيون ڳالهيون ٿا ڪن، ۽ سڄو ڏينهن ٺڳيءَ جا پهہ پيا پچائين.</verse>
				<verse number="13">پر آءٌ ٻوڙي ماڻهوءَ وانگر انهن جي نٿو ٻڌان؛ ۽ گونگي وانگيان پنهنجو وات نٿو پٽيان.</verse>
				<verse number="14">بلڪ آءٌ انهي ماڻهوءَ وانگي آهيان جو نٿو ٻڌي، ۽ جو ڏوراپا نٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو اي خداوند مون کي تو ۾ اُميد آهي؛ ۽ اي خداوند منهنجا خدا تون منهنجي ٻڌندين.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جون مون چيو تہ ائين نہ ٿئي تہ اهي مون تي کلن؛ ۽ جڏهن منهنجو پير ترڪي تڏهن اهي مون تي پاڻ کي پڏائين.</verse>
				<verse number="17">جو آءٌ ڪرڻ تي آهيان، ۽ منهنجو غم هميشہ منهنجي سامهون آهي.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي بڇڙائي ظاهر ڪندس؛ ۽ پنهنجي گناهہ ڪري پشيمان ٿيندس.</verse>
				<verse number="19">پر منهنجا دشمن چالاڪ ۽ زوراور آهن: ۽ جيڪي ناحق مون سان عداوت ٿا رکن سي وڌي ويا آهن.</verse>
				<verse number="20">جيڪي نيڪيءَ جي بدران بدي ٿا ڪن سي منهنجا دشمن آهن، ڇو جو آءٌ نيڪيءَ جي پيروي ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="21">اي خداوند مونکي ڇڏي نہ ڏي: اي منهنجا خدا مون کان پري نہ ٿيءُ.</verse>
				<verse number="22">اي خداوند، اي منهنجي نجات، جلد منهنجي مدد ڪر.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="39">
				<verse number="1">مون چيو تہ آءٌ پنهنجين واٽن جي خبرداري ڪندس، تہ منهنجيءَ زبان سان ڪو گناهہ نہ ٿئي: جيسين بدڪار منهنجي اڳيان هوندو، تيسين آءٌ پنهنجو وات ڄڻ لغام سان روڪيندس.</verse>
				<verse number="2">آءٌ گونگو ٿي ماٺ ڪري ويٺس، چڱي ڳالهہ چوڻ کان بہ بس ڪيم؛ تہ بہ منهنجو غم وري تازو ٿيو.</verse>
				<verse number="3">منهنجي دل اندر ئي اندر تپي ويئي؛ ۽ خيال ڪندي ڪندي منهنجي اندر ۾ اچي باهہ ٻري؛ تڏهن مون پنهنجيءَ زبان سان چيو تہ:</verse>
				<verse number="4">اي خداوند مون کي ٻڌاءِ تہ منهنجي پڄاڻي ڪڏهن ٿيندي، ۽ باقي منهنجا ڏينهن ڪيترا آهن؛ مون کي سمجهاءِ تہ آءٌ ڪهڙو نہ بي بقا آهيان.</verse>
				<verse number="5">ڏس، تو منهنجي عمر گرانٺ جيڏي ڪئي آهي؛ ۽ منهنجي حياتي تنهنجي اڳيان ڪين جهڙي آهي: سچ سڀڪو ماڻهو ڪهڙي بہ چڱيءَ حالت ۾ هجي تہ بہ ٻاڦ وانگر آهي.</verse>
				<verse number="6">بيشڪ هرڪو ماڻهو اجائي ڏيک سان ٿو هلي: ۽ اجايو بي آرام ٿو ٿئي: هو مال گڏ ٿو ڪري ۽ خبر ڪانہ اٿس تہ اُهو ڪنهن کي ملندو.</verse>
				<verse number="7">هاڻي اي خداوند آءٌ ڪنهن جي واٽ نهاريان ۽ انتظار ڪريان؟ مون کي تنهنجي ئي اميد آهي.</verse>
				<verse number="8">مون کي منهنجن سڀني گناهن کان ڇڏاءِ، ائين نہ ڪر تہ بي عقل مونکي طعنا هڻن.</verse>
				<verse number="9">آءٌ گونگو ٿي رهيس، مون پنهنجو وات نہ پٽيو؛ ڇو جو تو ئي ائين ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="10">پنهنجي آفت مون کان پري ڪر؛ آءٌ تنهنجي هٿ جي ڌڪ کان نابود ٿو ٿيان.</verse>
				<verse number="11">جڏهن تون ماڻهوءَ کي بڇڙائيءَ جي ڪري ڇينڀي سيکت ٿو ڏين، تڏهن تون انهي جي سونهن پتنگ وانگر نابود ڪريو ڇڏين: سچ پچ سڀڪو ماڻهو فاني آهي.</verse>
				<verse number="12">اي خداوند منهنجي دعا ٻڌ، ۽ منهنجي دانهن تي ڪن ڏي، منهنجي روئڻ تي ماٺ نہ ڪر؛ ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي حضور ۾ پرديسي ۽ پنهنجن سڀني ابن ڏاڏن وانگر مسافر آهيان.</verse>
				<verse number="13">پنهنجو هٿ مون کان جهل تہ آءٌ ساهہ پٽيان، انهي کان اڳي تہ آءٌ هتان هليو وڃان ۽ فنا ٿي وڃان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="40">
				<verse number="1">مون صبر ڪري خداوند جو انتظار ڪيو. ۽ هو مون ڏانهن مائل ٿيو، ۽ منهنجي دانهن ٻڌائين.</verse>
				<verse number="2">هن مون کي خوفناڪ کڏ ۽ ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍيو؛ ۽ منهنجا پير ٽڪر تي رکيا، ۽ منهنجيءَ چال کي قائم ڪيائين.</verse>
				<verse number="3">هن منهنجي وات ۾ اسان جي خدا جي تعريف جو هڪڙو نئون گيت وڌو آهي؛ اهو ڏسي گهڻا ئي ڊڄندا، ۽ خداوند تي ڀروسو رکندا.</verse>
				<verse number="4">مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جو خداوند تي ڀروسو ٿو رکي، ۽ جيڪي مغرور آهن ۽ ڪوڙ تي سندرو ٿا ٻڌن، تن ڏانهن مائل نٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="5">اي خداوند منهنجا خدا جيڪي عجيب ڪم تو ڪيا آهن، ۽ اسان ڏانهن جيڪي تنهنجا خيال آهن سي گهڻيئي آهن: اهي تنهنجي اڳيان ترتيب وار شمار ڪري ڪين سگهبا؛ جيڪڏهن آءٌ اهي ظاهر ڪريان ۽ انهن جو بيان ڪريان، تہ اهي ڳاڻاٽي کان ٻاهر آهن.</verse>
				<verse number="6">تون قربانيءَ ۽ نذراني کان خوش نٿو ٿين ۽ تو منهنجا ڪن کوليا آهن؛ تو سوختني قرباني ۽ گناهہ جي قرباني ڪانہ طلبي آهي.</verse>
				<verse number="7">تڏهن مون چيو تہ ڏس، آءٌ حاضر آهيان؛ ڪتاب جي ورق ۾ مون بابت هيئن لکيل آهي.</verse>
				<verse number="8">اي منهنجا خدا، تنهنجيءَ مرضيءَ موجب هلڻ تي آءٌ ڏاڍو خوش آهيان؛ هاڻي تنهنجي شريعت منهنجيءَ دل جي اندر آهي.</verse>
				<verse number="9">مون وڏي جماعت ۾ تنهنجيءَ راستبازيءَ کي ظاهر ڪيو آهي؛ اي خداوند، تون ڄاڻين ٿو تہ آءٌ پنهنجو منهن بند نہ ڪندس.</verse>
				<verse number="10">مون تنهنجي سچائي پنهنجيءَ دل ۾ لڪائي نہ رکي آهي؛ مون تنهنجيءَ وفاداريءَ ۽ نجات کي ظاهر ڪيو آهي: ۽ تنهنجي ٻاجهہ ۽ سچائي وڏيءَ جماعت کان ڳجهي ڪانہ رکي اٿم.</verse>
				<verse number="11">اي خداوند تون پنهنجي رحم جي نظر مون تان نہ هٽاءِ ۽ تنهنجي ٻاجهہ ۽ سچائي هميشہ منهنجي حفاظت ڪن.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو بي شمار برايون مون کي چوڌاري ويڙهي ويون آهن، ۽ منهنجي خطائن مونکي اهڙو قابو ڪيو آهي جو آءٌ اکيون مٿي کڻي نٿو سگهان: هي منهنجي مٿي جي وارن کان بہ وڌيڪ آهن، تنهن ڪري آءٌ دل لٿل ٿي پيو آهيان.</verse>
				<verse number="13">اي خداوند مهرباني ڪري مون کي ڇڏاءِ: اي خداوند سيگهہ سان منهنجي مدد ڪر.</verse>
				<verse number="14">جيڪي منهنجيءَ جان کي برباد ڪرڻ ٿا چاهين سي سڀ شرمندا ٿين ۽ منجهي پون: جيڪي منهنجي نقصان ۾ راضي آهن سي هٽي وڃن ۽ بدنام ٿين.</verse>
				<verse number="15">جيڪي مون کي ايهو ايهو ٿا ڪن، سي پنهنجي بدناميءَ جي ڪري اُجاڙ ٿي وڃن.</verse>
				<verse number="16">شل تنهنجا طالب تو ۾ خوشي ڪن ۽ سرها ٿين؛ جيڪي تنهنجيءَ نجات کي چاهين ٿا سي سدائين چوندا رهن تہ خداوند جي تمجيد ٿئي.</verse>
				<verse number="17">آءٌ تہ غريب ۽ محتاج آهيان؛ پر خداوند مون لاءِ فڪر ٿو ڪري؛ اي منهنجا خدا، تون ئي منهنجو مددگار ۽ ڇڏائيندڙ آهين، دير نہ ڪر.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="41">
				<verse number="1">مبارڪ آهي اهو ماڻهو جيڪو غريب جو خيال ٿو رکي: خداوند ان کي مصيبت جي وقت ڇڏائيندو.</verse>
				<verse number="2">خداوند انهي جي سنڀال ڪندو، ۽ کيس جيئرو رکندو، هو زمين تي مبارڪ ٿيندو؛ تون انهي کي سندس دشمنن جي مرضيءَ تي نہ ڇڏ.</verse>
				<verse number="3">خداوند بيماريءَ جي وقت سندس سار لهندو: تون انهي جي بيماريءَ جي بستري کي بدلي برابر ڪندين.</verse>
				<verse number="4">مون چيو تہ اي خداوند، مون تي رحم ڪر: منهنجيءَ جان کي شفا ڏي؛ ڇو جو مون تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="5">منهنجا دشمن منهنجي ڳولا ٿا ڪن، ۽ چون ٿا، تہ هيءُ ڪڏهن مرندو، ۽ هن جو نالو ڪڏهن ميٽجي ويندو.</verse>
				<verse number="6">جيڪڏهن اهو مون کي گڏجڻ ٿو اچي، تہ اجايون ڳالهيون ٿو ڪري؛ هو پنهنجيءَ دل ۾ بڇڙائي ٿو گڏ ڪري: ۽ ٻاهر وڃي انهيءَ جو ذڪر ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="7">جن کي مون سان عداوت آهي سي پاڻ ۾ سُس پُس ٿا ڪن: ۽ مون کي نقصان رسائڻ لاءِ رِٿون پيا رِٿين.</verse>
				<verse number="8">۽ چون ٿا تہ هن کي بري بيماري لڳي آهي: هينئر هو ليٽيو آهي سو وري ڪين اُٿندو.</verse>
				<verse number="9">منهنجو گهرو دوست، جنهن تي منهنجو ڀروسو هو، ۽ جنهن منهنجي ماني کاڌي، تنهن منهنجي برخلاف لت کنئي آهي.</verse>
				<verse number="10">پر اي خداوند تون مون تي رحم ڪري مون کي اُٿاري کڙو ڪر، تہ آءٌ انهن کان بدلو وٺان.</verse>
				<verse number="11">منهنجو دشمن مون تي فتح نٿو پائي، تنهن مان آءٌ سمجهان ٿو تہ تون مون کان خوش آهين.</verse>
				<verse number="12">تون ئي مون کي منهنجيءَ سچائيءَ ۾ قائم ٿو رکين، ۽ مون کي هميشہ پنهنجي حضور ۾ ٿو رکين.</verse>
				<verse number="13">شل خداوند اسرائيل جو خدا، ازل کان وٺي ابد تائين مبارڪ هجي. آمين. آمين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="42">
				<verse number="1">اي خدا جيئن هرڻي پاڻيءَ جي چشمن لاءِ سڪي ٿي، تيئن منهنجي جان بہ تو لاءِ پيئي سڪي.</verse>
				<verse number="2">منهنجي جان خدا لاءِ يعني زندہ خدا لاءِ اُڃايل آهي: آءٌ ڪڏهن وڃي خدا جي حضور ۾ حاضر ٿيندس.</verse>
				<verse number="3">منهنجا لڙڪ ڏينهن رات منهنجو کاڌو ٿي رهيا آهن، ۽ هو مون کي سڄو ڏينهن پيا چون تہ تنهنجو خدا ڪٿي آهي؟</verse>
				<verse number="4">جڏهن آءٌ اهي ڳالهيون ياد ٿو ڪريان، تہ ڪيئن جماعت خوشيءَ ۽ تعريف جي آواز سان وڏو ڏينهن ٿي ملهايو، جنهن جماعت سان گڏجي آءٌ خدا جي گهر ۾ ويندو هوس، تڏهن منهنجي جان فڪرمند ٿي ٿئي.</verse>
				<verse number="5">اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون مون ۾ اهڙي بي آرام ڇو ٿي آهين؟ خدا ۾ اُميد رک: ڇو جو هن جي نجات بخش ديدار لاءِ آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس.</verse>
				<verse number="6">اي منهنجا خدا منهنجي جان مون ۾ ڍرڪي پيئي آهي: تنهن ڪري آءٌ يردن جي ملڪ مان، ۽ حرمون ۽ مصغار جي جبل تان توکي ياد پيو ڪريان.</verse>
				<verse number="7">تنهنجي آبشار جي آواز تي اونهائي اونهائيءَ کي ٿي سڏي: تنهنجون سڀ لهرون ۽ ڇوليون مون تي چڙهي ويون آهن.</verse>
				<verse number="8">تڏهن بہ خداوند ڏينهن جو پنهنجي ٻاجهہ فرمائيندو، ۽ رات جو آءٌ سندس گيت يعني پنهنجيءَ حياتيءَ جي خدا کان دعا گهرندس.</verse>
				<verse number="9">خدا جو منهنجو ٽڪر آهي، تنهن کي آءٌ چوندس تہ تو مون کي ڇو وساري ڇڏيو آهي؟ ڇو آءٌ پنهنجي دشمن جي ظلم جي ڪري ماتم پيو ڪريان؟</verse>
				<verse number="10">جڏهن منهنجا دشمن مون کي طعنا هڻي سڄو ڏينهن پيا چون تہ تنهنجو خدا ڪٿي آهي؟ تڏهن ڄڻ تہ منهنجين هڏين ۾ ترار ٿي چُڀي.</verse>
				<verse number="11">اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون مون ۾ اهڙي بي آرام ڇو ٿي آهين؟ خدا ۾ اميد رک: آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس، هو منهنجي چهري جي رونق، ۽ منهنجو خدا آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="43">
				<verse number="1">اي خدا منهنجو انصاف ڪر، ۽ بي دين قوم جي مقابلي ۾ منهنجي وڪالت ڪر: دغاباز ۽ بي انصاف ماڻهوءَ کان مون کي ڇڏاءِ.</verse>
				<verse number="2">ڇو جو تون ئي منهنجي طاقت جو خدا آهين؛ تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ ڇو آءٌ پنهنجي دشمن جي ظلم جي ڪري ماتم ڪندو وتان؟</verse>
				<verse number="3">پنهنجو سوجهرو ۽ سچائي موڪل، تہ اهي منهنجي رهبري ڪن: ۽ مون کي تنهنجي پاڪ جبل ۽ تنهنجي تنبن تائين پهچائين.</verse>
				<verse number="4">تڏهن آءٌ خدا جي قربان گاهہ وٽ ويندس، يعني انهيءَ خدا وٽ جو منهنجي ڪمال خوشي آهي: اي خدا، منهنجا خدا، آءٌ بربط وڄائي تنهنجي تعريف ڪندس.</verse>
				<verse number="5">اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون اندر ۾ ڇو اهڙي بي آرام آهين؟ خدا ۾ اميد رک: آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس، هو منهنجي چهري جي رونق ۽ منهنجو خدا آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="44">
				<verse number="1">اي خدا اسان پنهنجن ڪنن سان ٻڌو آهي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن اسان کي ٻڌايو آهي، تہ سندن ڏينهن ۾، ۽ قديم زماني ۾ تو ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا آهن.</verse>
				<verse number="2">تو پنهنجي هٿ سان ڌارين قومن کي هڪالي ڪڍيو ۽ کين آباد ڪيو؛ تو قومن کي تباهہ ڪيو، ۽ انهن کي پکيڙي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ترار سان ملڪ قبضي ۾ نہ آندو، نڪي پنهنجيءَ ٻانهن سان پاڻ کي بچايائون؛ پر تنهنجي ساڄي هٿ، ۽ تنهنجيءَ ٻانهن، ۽ تنهنجي منهن جي سوجهري ائين ڪيو، ڇو جو تون مٿن مهربان هئين.</verse>
				<verse number="4">اي خدا، تون منهنجو بادشاهہ آهين: يعقوب جي ڇوٽڪاري لاءِ حڪم جاري ڪر.</verse>
				<verse number="5">تنهنجيءَ مدد سان اسين پنهنجن دشمنن کي ڌڪي ڪيرائينداسين: جيڪي اسان جي برخلاف کڙا ٿا ٿين تن کي تنهنجي نالي جي ڪري لتاڙي ڇڏينداسين.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي ڪمان تي ڀروسو نہ رکندس، نڪي منهنجي ترار مون کي بچائيندي.</verse>
				<verse number="7">پر تو اسان کي اسان جي دشمنن کان بچايو آهي، ۽ جيڪي اسان سان عداوت ٿا رکن تن کي شرمندو ڪيو اٿيئي.</verse>
				<verse number="8">اسين سڄو ڏينهن خدا تي فخر ٿا ڪريون، ۽ هميشہ تنهنجي نالي جا ٿورا مڃينداسين.</verse>
				<verse number="9">پر هاڻي تو اسان کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ اسان کي ذليل ڪيو اٿيئي، ۽ اسان جي لشڪرن سان نٿو هلين.</verse>
				<verse number="10">تون اسان کي دشمنن جي اڳيان ڀڄائي ٿو ڇڏين: ۽ جيڪي اسان سان دشمني ٿا رکن سي اسان کي پنهنجي لاءِ پيا لٽين.</verse>
				<verse number="11">تو اسان کي ڪاسائيءَ جي رڍن وانگي ڪيو آهي، ۽ قومن ۾ اسان کي دربدر ڪيو اٿيئي.</verse>
				<verse number="12">تون پنهنجيءَ اُمت کي مفت ۾ ٿو وڪڻين، ۽ سندن قيمت مان پنهنجي دولت ڪانہ وڌائي اٿيئي.</verse>
				<verse number="13">تو اسان جي پاڙيسرين کان اسان کي طعنا هڻايا آهن، ۽ جيڪي اسان جي آس پاس ٿا رهن سي اسان تي چٿرون ۽ ٺٺوليون ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="14">تو اسان کي قومن ۾ پهاڪي جو سبب ڪيو آهي، ۽ ماڻهو اسان تي ڪنڌ پيا ڌوڻين.</verse>
				<verse number="15">منهنجي بدنامي سڄو ڏينهن منهنجي سامهون آهي، ۽ منهنجو منهن شرم ۾ ٻڏي ويو آهي.</verse>
				<verse number="16">هي حال طعنن هڻڻ ۽ لعنت ڪرڻ واري جي ڪري، ۽ دشمن ۽ وير وٺڻ واري جي سبب ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="17">جيتوڻيڪ اسان جو هي حال ٿيو آهي، تڏهن بہ اسان توکي ڪين وساريو آهي، نڪي تنهنجي عهد ۾ ڪا بيوفائي ڪئي اٿئون.</verse>
				<verse number="18">اسان جي دل تو کان ڦري ڪانہ ويئي آهي، نڪي اسان جا پير تنهنجيءَ واٽ کان هٽيا آهن.</verse>
				<verse number="19">تڏهن بہ تو اسان کي گدڙن جي جاءِ ۾ ڀڃي ڀوري ڇڏيو آهي، ۽ موت جي پاڇي ۾ اسان کي ڍڪي ڇڏيو اٿيئي.</verse>
				<verse number="20">جيڪڏهن اسان پنهنجي خدا جو نالو وساريو آهي، يا ڪنهن ٻئي معبود ڏانهن پنهنجا هٿ ڊگهيريا اٿئون؛</verse>
				<verse number="21">تہ خدا انهيءَ جو حساب نہ وٺندو ڇا؟ ڇالاءِ جو هو دلين جا ڳجهہ ڄاڻي ٿو.</verse>
				<verse number="22">بلڪ اسين تہ سڄو ڏينهن تو لاءِ پيا مارجون؛ ۽ ڪوس جي رڍن وانگي پيا ڳڻجون.</verse>
				<verse number="23">اي خداوند جاڳ، تون ڇو ننڊ ۾ آهين؟ اُٿ، هميشہ جي لاءِ اسان کي ڇڏي نہ ڏي.</verse>
				<verse number="24">تون پنهنجو منهن ڇو ٿو لڪائين، ۽ اسان جي مصيبت ۽ ظلم کي ڇو ٿو وسارين؟</verse>
				<verse number="25">ڇالاءِ جو اسان جي جان جهڪي وڃي مٽيءَ سان ملي آهي: ۽ اسان جو جسم وڃي پٽ سان لڳو آهي.</verse>
				<verse number="26">اُٿي اسان جي مدد ڪر، ۽ پنهنجيءَ ٻاجهہ جي ڪري اسان کي ڇوٽڪارو ڏي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="45">
				<verse number="1">منهنجي دل هڪڙي چڱي مضمون سان ٽمٽار آهي: جيڪي مون بادشاهہ جي بابت ٺاهيو آهي تنهنجو آءٌ بيان ٿو ڪريان: منهنجي زبان هڪڙي قابل ڪاتب جو قلم آهي.</verse>
				<verse number="2">بني آدم ۾ تون سڀ کان سهڻو آهين؛ تنهنجا چپ فضل سان ڀرپور آهن: تنهن ڪري خدا تو کي هميشہ جي لاءِ برڪت ڏني آهي.</verse>
				<verse number="3">اي پهلوان، تنهنجي ترار جا تنهنجي حشمت ۽ تنهنجو شان آهي، سا پنهنجيءَ چيلهہ سان ٻڌ.</verse>
				<verse number="4">سچائي، حلم، ۽ راستبازي جي شوڪت سان سواري ڪري اقبال مند ٿيءُ: ۽ تنهنجو ساڄو هٿ توکي هيبتناڪ ڪم سيکاريندو.</verse>
				<verse number="5">تنهنجا تير تکا آهن؛ اهي بادشاهہ جي دشمنن جي دلين ۾ لڳن ٿا، ۽ قومون تنهنجي تابع ٿينديون.</verse>
				<verse number="6">اي خدا تنهنجو تخت هميشہ تائين قائم آهي: صداقت جو عصو تنهنجي بادشاهيءَ جو عصو آهي.</verse>
				<verse number="7">تو سچائيءَ کي پسند ڪيو آهي، پر بڇڙائي کان نفرت ڪئي اٿيئي: تنهن ڪري خدا، تنهنجي خدا، توکي تنهنجي سنگتين کان وڌيڪ خوشيءَ جي تيل سان مسح ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="8">تنهنجي سڀني ڪپڙن مان، مُر ۽ عود، ۽ املداس جي خوشبوءِ پيئي اچي: عاج جي محلاتن ۾ تنبورن جي وڄڻ ڪري تون خوش آهين.</verse>
				<verse number="9">شهزاديون تنهنجين آبرودار زالن ۾ آهن: ۽ اوفير جي سون سان سينگاريل راڻي تنهنجي ساڄي پاسي بيٺي آهي.</verse>
				<verse number="10">اي ڌيءَ ڪن ڏيئي منهنجي ٻڌ ۽ غور ڪر؛ پنهنجي قوم ۽ پنهنجي پيءُ جو گهر وساري ڇڏ.</verse>
				<verse number="11">پوءِ بادشاهہ تنهنجيءَ سونهن تي سڪندو: هو تنهنجو ڌڻي آهي؛ تون کيس سجدو ڪر.</verse>
				<verse number="12">صور جي ڌيءَ نذرانو آڻي اتي حاضر ٿيندي؛ ۽ قوم جا دولتمند ماڻهو تنهنجي نوازش گهرندا.</verse>
				<verse number="13">بادشاهہ جي ڌيءَ محلات ۾ بلڪل شان واري آهي: سندس ڪپڙن تي سون جو ڀرت آهي.</verse>
				<verse number="14">هن کي ڀرت واري پوشاڪ ڍڪائي بادشاهہ وٽ آڻيندا: ۽ هن جون ڪنواريون سهيليون جي سندس پٺيان پٺيان ٿيون هلن تن کي تو وٽ وٺي ايندا.</verse>
				<verse number="15">هو انهن کي ڏاڍي خوشيءَ ۽ سرهائيءَ سان آڻيندا: اُهي بادشاهہ جي محلات ۾ داخل ٿينديون.</verse>
				<verse number="16">تنهنجا ٻار تنهنجي ابن ڏاڏن جي جاءِ تي ايندا، تون انهن کي ساري زمين تي سردار مقرر ڪندين.</verse>
				<verse number="17">منهنجي وسيلي سڀني پيڙهين ۾ تنهنجو نالو ياد رهندو: انهي ڪري قومون هميشہ تنهنجا ٿورا مڃينديون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="46">
				<verse number="1">خدا اسان جي پناهہ ۽ زور آهي، ۽ مصيبت جي وقت ڏاڍو هڪيو مددگار آهي.</verse>
				<verse number="2">تنهن ڪري اسان کي ڪو خوف ڪونهي. جيتوڻيڪ زمين اُٿلي پوي، ۽ جبل سمنڊ جي تهہ ۾ وڃي پون.</verse>
				<verse number="3">جيتوڻيڪ ان جو پاڻي گجگوڙ ڪري ۽ لهرون هڻي ۽ ان جي چڙهڻ ڪري جبل لڏي وڃن.</verse>
				<verse number="4">هڪڙي ندي آهي، جنهن جون نهرون خدا جي شهر کي خوش ٿيون ڪن يعني خدا تعاليٰ جي خيمن جي پاڪ هنڌ کي.</verse>
				<verse number="5">خدا انهي جي وچ ۾ آهي؛ ان کي لوڏو ئي ڪين ايندو؛ صبح جو سوير خدا انهي جي مدد ڪندو.</verse>
				<verse number="6">قومون ڪاوڙيون، بادشاهتن کي لوڏو اچي ويو: اڃا هن پنهنجو آواز ڪڍيو تہ زمين ڳري ويئي.</verse>
				<verse number="7">لشڪرن جو خداوند اسان سان آهي: يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.</verse>
				<verse number="8">اچو خداوند جا ڪم ڏسو، تہ زمين تي ڪهڙي نہ تباهي ڪئي اٿس.</verse>
				<verse number="9">هو زمين جي ڇيڙي تائين جنگيون بند ٿو ڪرائي: هو ڪمان کي ڀڃي ٿو ۽ ڀالي کي ٽڪر ٽڪر ٿو ڪري: هو جنگي گاڏين کي باهہ ۾ ساڙيو ڇڏي.</verse>
				<verse number="10">ماٺ ڪريو ۽ ڄاڻو تہ آءٌ خدا آهيان؛ آءٌ قومن ۾ اقبال مند ٿيندس، آءٌ ساري زمين تي سربلند ٿيندس.</verse>
				<verse number="11">لشڪرن جو خداوند اسان سان آهي؛ ۽ يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="47">
				<verse number="1">اي سڀ قومون تاڙيون وڄايو، فتح جي آواز سان خدا لاءِ خوشي ڪريو.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو خداوند تعاليٰ هيبتناڪ آهي؛ هو ساري زمين جو شهنشاهہ آهي.</verse>
				<verse number="3">هو قومن کي اسان جي تابع ڪندو، ۽ ملڪن کي اسان جي پيرن هيٺ آڻيندو.</verse>
				<verse number="4">هو اسان لاءِ اسان جو ورثو چونڊي ڪڍندو، جو سندس محبوب يعقوب جي حشمت آهي.</verse>
				<verse number="5">خداوند بلند آواز سان، ۽ خداوند تريءَ جي آواز سان مٿي چڙهيو آهي.</verse>
				<verse number="6">خدا جي تعريف ڳايو، تعريف ڳايو: اسان جي بادشاهہ جي تعريف ڳايو.</verse>
				<verse number="7">ڇو جو خدا سڄي زمين جو بادشاهہ آهي: عقل سان سندس تعريف ڳايو.</verse>
				<verse number="8">خدا قومن تي حڪومت ٿو ڪري: خدا پنهنجي پاڪ تخت تي ويٺو آهي:</verse>
				<verse number="9">قومن جا سردار گڏ ٿيا آهن تہ ابرهام جي خدا جي اُمت ٿين: ڇو جو زمين جون ڍالون خدا جون آهن؛ هو وڏي اقبال وارو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="48">
				<verse number="1">اسان جي خدا جي شهر ۾، ۽ پنهنجي پاڪ جبل تي، خداوند عظيم آهي، ۽ وڏيءَ تعريف جي لائق آهي.</verse>
				<verse number="2">اُتر پاسي صيون جبل، جو وڏي بادشاهہ جو شهر آهي، سو بلند، خوشنما ۽ ساريءَ زمين جي خوشي جو سبب آهي.</verse>
				<verse number="3">انهيءَ جي محلاتن ۾ خدا هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي آهي، تہ آءٌ پناهہ آهيان.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو ڏس بادشاهہ گڏ ٿيا، اهي گڏجي لنگهي ويا.</verse>
				<verse number="5">اُهي ڏسي حيران ٿي ويا، اهي ڊڄي ڀڄي ويا.</verse>
				<verse number="6">اتي هو ڏڪڻ لڳا، ۽ ويم واريءَ زال جهڙا سور اچي ٿين.</verse>
				<verse number="7">تون اڀرندي جي هوا سان ترسيس جي جهازن کي ڀڃيو ڇڏين.</verse>
				<verse number="8">جيئن اسان ٻڌو هو، تيئن ئي لشڪرن جي خداوند جي شهر ۾، يعني اسان جي خدا جي شهر ۾ ڏٺو اٿئون: خدا انهي کي هميشہ تائين قائم رکندو.</verse>
				<verse number="9">اي خدا اسان تنهنجيءَ هيڪل ۾، تنهنجيءَ ٻاجهہ تي غور ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="10">اي خداوند جهڙو تنهنجو نالو آهي، تهڙي ئي تنهنجي تعريف زمين جي ڇيڙي تائين پيئي ٿئي: تنهنجو ساڄو هٿ سچائيءَ سان ڀرپور آهي.</verse>
				<verse number="11">تنهنجن فيصلن جي ڪري ڀلي تہ صيون جبل خوشيون ڪري، ۽ يهوداهہ جون ڌيئرون خوش ٿين.</verse>
				<verse number="12">صيون جي آس پاس گهمو، ۽ ان جي چوڌاري ڦري ڏسو، ۽ سندس ٺلهہ ڳڻيو.</verse>
				<verse number="13">اوهين انهي جي ڪوٽ جي ڀت کي جاچي ڏسو، ۽ انهيءَ جي محلاتن تي غور ڪريو تہ اوهين پنهنجن پويَن کي اها ڳالهہ ٻڌايو.</verse>
				<verse number="14">ڇو تہ هي خدا هميشہ تائين اسان جو خدا آهي: هو موت تائين اسان جو سونهون ٿيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="49">
				<verse number="1">اي سڀ قومون هيءَ ڳالهہ ٻڌو؛ اي دنيا جا سڀ رهاڪو اوهين ڪن ڏيو.</verse>
				<verse number="2">ننڍا ۽ وڏا، امير ۽ غريب، سڀ گڏجي ٻڌو.</verse>
				<verse number="3">منهنجي واتان دانائيءَ جي ڳالهہ نڪرندي ۽ منهنجي دل جا خيال سمجهہ سان ڀرپور ٿيندا.</verse>
				<verse number="4">آءٌ هڪڙي مثال تي ڪن ڏيندس: آءٌ بربط وڄائي پنهنجي ڳجهارت ڀڃندس.</verse>
				<verse number="5">مصيبت جي ڏينهن ۾ آءٌ ڊپ ڇو ڪريان؟ يا جڏهن بڇڙائي منهنجي پٺيان پئي مون کي گهيريندي؟</verse>
				<verse number="6">جيڪي پنهنجيءَ دولت تي ڀروسو ٿا رکن، ۽ پنهنجي گهڻيءَ ملڪيت تي ٿا ڪُڏن؛</verse>
				<verse number="7">تن مان ڪنهن کي بہ طاقت نہ آهي جو پنهنجي ڀاءُ کي ڇڏائي سگهي، يا خدا کي انهي جو عيوضو ڀري ڏئي.</verse>
				<verse number="8">(ڇالاءِ جو ان جي جان جو صدقو مهانگو آهي، ۽ ڪڏهن بہ ڏنو نہ ويندو:)</verse>
				<verse number="9">تہ هو سدائين جيئرو رهي، ۽ قبر ۾ نہ وڃي.</verse>
				<verse number="10">ڇو جو هو ڏسي ٿو تہ داناءُ ماڻهو مريو ٿا وڃن، ۽ بيوقوف ۽ وحشي بہ فنا ٿا ٿين، ۽ پنهنجي ملڪيت ٻين لاءِ ڇڏي ٿا وڃن.</verse>
				<verse number="11">اهي پنهنجيءَ دل ۾ سمجهن ٿا تہ اسان جا گهر سٺا ۽ جٽاءُ ڪندا، ۽ اسان جي رهڻ جون ماڙيون پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ قائم رهنديون: اهي پنهنجين زمينن تي پنهنجا نالا ٿا رکن.</verse>
				<verse number="12">پر ماڻهو عزت جي حالت ۾ جٽاءُ نٿو ڪري: هو جانورن وانگر فنا ٿيو ٿا وڃن.</verse>
				<verse number="13">انهن جي هيءَ واٽ بيوقوفي آهي: تڏهن بہ انهن کان پوءِ سندن ڳالهيون ماڻهن کي وڻن ٿيون.</verse>
				<verse number="14">اهي قبر ۾ ويندڙ ڌڻ وانگي ٺهرايل آهن، ۽ موت انهن جو ڌنار ٿيندو: سچار انهن تي صبح جو حڪومت ڪندو؛ ۽ انهن جي سونهن قبر جو قوت ٿي ويندي، تہ انهن جي لاءِ ڪا جاءِ نہ رهي.</verse>
				<verse number="15">پر خدا منهنجيءَ جان کي قبر جي هٿ مان ڇڏائيندو: ڇو جو اهو ئي مون کي قبول ڪندو.</verse>
				<verse number="16">جڏهن ڪو ماڻهو دولتمند ٿئي، ۽ سندس گهراڻي جو شان وڌي، تڏهن بہ تون ڊپ نہ ڪج.</verse>
				<verse number="17">ڇو تہ جڏهن هو مرندو تڏهن ڪي کڻي ڪين ويندو؛ سندس شوڪت ساڻس گڏ ڪين ويندي.</verse>
				<verse number="18">جيتوڻيڪ هو پنهنجي جيئري پنهنجيءَ جان کي مبارڪ چوندو هو، (۽ جڏهن تون پنهنجو ڀلو ٿو ڪرين تڏهن ماڻهو تنهنجي تعريف ٿا ڪن،)</verse>
				<verse number="19">تہ بہ هو پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي گڏبو؛ اهي سوجهرو ڪڏهن ڪين ڏسندا.</verse>
				<verse number="20">جنهن ماڻهوءَ کي وڏو مرتبو آهي، پر سمجهہ نہ اٿس، اُهو جانورن وانگر آهي جي فنا ٿي ٿا وڃن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="50">
				<verse number="1">خدا، هائو، خداوند خدا فرمايو آهي، ۽ اُڀرندي کان اُلهندي تائين دنيا کي سڏيو اٿس.</verse>
				<verse number="2">صيون جو سونهن ۾ ڪامل آهي، تنهن مان خدا جو جلوو ظاهر ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="3">اسان جو خدا ايندو ۽ ماٺ ڪري ڪين ويهندو: باهہ سندس اڳيان اڳيان ڀسم ڪندي ويندي، ۽ سندس چوڌاري ڏاڍو طوفان پيو لڳندو.</verse>
				<verse number="4">هو پنهنجن ماڻهن جي عدالت ڪرڻ لاءِ، مٿئين آسمان کي ۽ زمين کي سڏيندو:</verse>
				<verse number="5">تہ منهنجي پاڪ بندن کي مون وٽ گڏ ڪريو؛ جن قرباني ڪري مون سان عهد ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="6">۽ آسمان سندس راستبازي ظاهر ڪندا؛ ڇالاءِ جو خدا پاڻ منصف آهي.</verse>
				<verse number="7">اي منهنجي اُمت ٻڌ، آءٌ فرمائيندس؛ اي اسرائيل آءٌ توتي شاهدي ڏيندس؛ آءٌ خدا آهيان، يعني تنهنجو خدا آهيان.</verse>
				<verse number="8">آءٌ توکي تنهنجن قربانين جي ڪري ڏوراپو نہ ڏيندس؛ ۽ تنهنجون سوختني قربانيون سدائين منهنجي سامهون آهن.</verse>
				<verse number="9">آءٌ تنهنجي گهر مان ڍڳو ڪين وٺندس، نڪي تنهنجي واڙي مان ٻڪر.</verse>
				<verse number="10">ڇو تہ جهنگ جو هرڪو جانور منهنجو آهي ۽ هزارين ٽڪرين جا ڍور منهنجا ئي آهن.</verse>
				<verse number="11">آءٌ جبلن جي سڀني پکين کي سڃاڻان ٿو: ۽ ميدان جا سڀ جانور منهنجا آهن.</verse>
				<verse number="12">جيڪڏهن آءٌ بکايل هجان ها تہ توکي ڪين ٻڌايان ها: ڇو جو دنيا ۽ انهيءَ جي ڀرپوري منهنجي آهي.</verse>
				<verse number="13">ڇا آءٌ ڍڳن جو گوشت کائيندس، يا ٻڪرن جو رت پيئندس؟</verse>
				<verse number="14">خدا جي حضور ۾ شڪرگذاريءَ جون قربانيون چاڙهہ؛ ۽ خدا تعاليٰ جي اڳيان پنهنجون مڃتائون پوريون ڪر.</verse>
				<verse number="15">مصيبت جي ڏينهن مونکي پڪار، آءٌ توکي ڇڏائيندس، ۽ تون منهنجو جلال ظاهر ڪندين.</verse>
				<verse number="16">پر بدڪار کي خدا چوي ٿو، تہ تنهنجو ڪهڙو ڪم جو منهنجا قانون پڌرا ڪرين، ۽ پنهنجي واتان منهنجي عهد جو بيان ڪرين.</verse>
				<verse number="17">ڇو جو توکي منهنجيءَ تعليم کان نفرت آهي، ۽ منهنجو ڪلام پنهنجي پٺيان اُڇلايو ڇڏين.</verse>
				<verse number="18">جڏهن تو چور کي ڏٺو، تڏهن تون انهيءَ سان ملي وئين، ۽ زناڪارن سان شريڪ ٿئين.</verse>
				<verse number="19">تنهنجي وات مان بڇڙائي ٿي نڪري، ۽ تنهنجي زبان ٺڳيءَ جون ڳالهيون ٿي رٿي.</verse>
				<verse number="20">تون ويهي پنهنجي ڀاءُ جي برخلاف ٿو ڳالهائين؛ ۽ تون پنهنجي سڳي ڀاءُ جي گلا ٿو ڪرين.</verse>
				<verse number="21">تو اُهي ڪم ڪيا ۽ آءٌ ماٺ ۾ رهيس؛ تو ڀانئيو تہ آءٌ بلڪل تو جهڙو آهيان: پر آءٌ توکي سيکت ڏيندس، تنهنجا ڪم تنهنجين اکين اڳيان آڻيندس.</verse>
				<verse number="22">هاڻي اوهين جي خدا کي وساريو ٿا سي هن ڳالهہ تي غور ڪريو، متان آءٌ، اوهان کي چيري ٽڪر ٽڪر ڪريان، ۽ ڪو بہ ڇڏائڻ وارو نہ هجي:</verse>
				<verse number="23">جيڪو شڪرگذاريءَ جي قرباني پيش ٿو ڪري سو منهنجو جلال ظاهر ٿو ڪري؛ ۽ جيڪو پنهنجي چال چلن برابر ٿو رکي تنهن کي آءٌ خداوند جي نجات ڏيکاريندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="51">
				<verse number="1">اي خدا پنهنجيءَ ٻاجهہ موجب مون تي رحم ڪر: پنهنجي گهڻي رحم موجب منهنجا گناهہ مٽائي ڇڏ.</verse>
				<verse number="2">منهنجيءَ بڇڙائيءَ کان مون کي چڱيءَ طرح ڌوءِ، ۽ منهنجي گناهہ کان مونکي صاف ڪر.</verse>
				<verse number="3">ڇو جو آءٌ پنهنجا ڏوهہ باسيان ٿو: ۽ منهنجا گناهہ هميشہ منهنجي سامهون آهن.</verse>
				<verse number="4">مون رڳو تنهنجو ئي گناهہ ڪيو آهي، ۽ جيڪي تنهنجي نظر ۾ خراب آهي سو ڪيو اٿم: تہ جڏهن تون ڳالهائين تڏهن سچار ثابت ٿين، ۽ جڏهن انصاف ڪرين تڏهن بي عيب هجين.</verse>
				<verse number="5">ڏس بڇڙائيءَ ۾ مون کي صورت ملي، ۽ گناهہ ۾ آءٌ پنهنجيءَ ماءُ جي پيٽ ۾ ٿيس.</verse>
				<verse number="6">ڏس تون اندر جي سچائي ٿو چاهين: اندر ۾ ئي مونکي دانائي سيکار.</verse>
				<verse number="7">زوفا سان مون کي صاف ڪر تہ آءٌ پاڪ ٿيان: مون کي ڌوءِ آءٌ برف کان بہ اڇو ٿي پوان.</verse>
				<verse number="8">مون کي خوشيءَ ۾ سرهائيءَ جي خبر ٻڌاءِ؛ تہ اهي هڏيون جي تو ڀڳيون آهن سي خوش ٿين.</verse>
				<verse number="9">منهنجن گناهن کان پنهنجو منهن ڦيراءِ، ۽ منهنجون سڀ بڇڙايون مٽائي ڇڏ.</verse>
				<verse number="10">اي خدا منهنجي اندر ۾ پاڪ دل پيدا ڪر؛ ۽ مون ۾ نئين سر مستقيم روح پيدا ڪر.</verse>
				<verse number="11">مون کي پنهنجي حضور مان لوڌي نہ ڪڍ؛ ۽ پنهنجو پاڪ روح مون کان پري نہ ڪر.</verse>
				<verse number="12">پنهنجيءَ نجات جي خوشي مون کي وري عطا ڪر: ۽ آزاد روح سان مون کي سنڀال.</verse>
				<verse number="13">پوءِ آءٌ ڏوهارين کي تنهنجون واٽون سيکاريندس؛ ۽ گنهگار تو ڏانهن ڦرندا.</verse>
				<verse number="14">اي خدا، منهنجيءَ نجات جا خدا مون کي خون جي گناهہ کان ڇڏاءِ، تہ منهنجي زبان تنهنجيءَ سچائيءَ جو گيت ڳائيندي.</verse>
				<verse number="15">اي خداوند تون منهنجن چپن کي کول؛ تہ منهنجو وات تنهنجي تعريف ڪندو.</verse>
				<verse number="16">ڇو جو تون قربانيءَ مان خوش نٿو ٿين، نہ تہ آءٌ اها پيش ڪريان: سوختني قربانيءَ ۾ بہ توکي خوشي ڪانهي.</verse>
				<verse number="17">شڪستہ روح خدا جي قرباني آهي: اي خدا تون شڪستہ دل کي حقير ڪين سمجهندين.</verse>
				<verse number="18">پنهنجي مهربانيءَ ڪري صيون سان ڀلائي ڪر؛ ۽ يروشلم جون ڀتيون اڏ.</verse>
				<verse number="19">پوءِ تون سچائيءَ جي قربانين، ۽ سوختني قرباني، ۽ پوري سوختني قربانيءَ ڪري خوش ٿيندين: ۽ هو تنهنجي قربانگاهہ تي ڍڳا چاڙهيندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="52">
				<verse number="1">اي زوراور ماڻهو، تون بڇڙائيءَ تي پاڻ کي ڇو ٿو پڏائين؟ خدا جي رحمت دائمي آهي.</verse>
				<verse number="2">تنهنجي زبان بڇڙائي ٿي رٿي؛ ۽ تکي پاڻيءَ وانگر ٺڳيءَ سان پئي هلي.</verse>
				<verse number="3">تون برائيءَ کي ڀلائيءَ کان، ۽ ڪوڙ کي سچ کان وڌيڪ پسند ٿو ڪرين.</verse>
				<verse number="4">اي دغاباز زبان، تون موتمار لفظن کي پسند ٿي ڪرين.</verse>
				<verse number="5">خدا بہ توکي هميشہ جي لاءِ برباد ڪندو، هو توکي جهلي تنهنجي تنبوءَ مان ڇڪي ڪڍندو، ۽ دنيا مان تنهنجي پاڙ پٽي ڪڍندو.</verse>
				<verse number="6">راستباز اهو حال ڏسي ڊڄي ويندا، ۽ هن تي کلي چوندا،</verse>
				<verse number="7">تہ ڏس هي اهو ماڻهو آهي جنهن خدا کي پنهنجي پناهہ نہ سمجهيو؛ پر پنهنجيءَ گهڻيءَ دولت تي پنهنجو ڀروسو رکيائين، ۽ پنهنجيءَ بڇڙائيءَ ۾ پاڻ کي پڪو ڪيائين.</verse>
				<verse number="8">پر آءٌ تہ خدا جي گهر ۾ زيتون جي هڪڙي سائي وڻ وانگي آهيان: منهنجو ڀروسو هميشہ تائين خدا جي رحم تي آهي.</verse>
				<verse number="9">آءٌ هميشہ تنهنجو شڪرگذار رهندس، ڇو جو تو ائين ڪيو آهي: آءٌ تنهنجي پاڪ بندن جي اڳيان تنهنجي نالي جو منتظر رهندس ڇالاءِ جو اُهو چڱو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="53">
				<verse number="1">بيوقوف پنهنجي دل ۾ چيو آهي تہ خدا ڪونهي. اُهي بگڙي ويا آهن، اُنهن ڪراهت جهڙي برائي ڪئي آهي؛ نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي.</verse>
				<verse number="2">خدا آسمان مان بني آدم ڏانهن نهاريو، تہ ڏسي تہ ڪو اهڙو سمجهو آهي جو خدا جي ڳولا ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="3">انهن مان هرڪو گمراهہ ٿيو آهي؛ اهي سڀ گڏجي ڪنا ٿيا آهن؛ نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي، نہ هڪڙو بہ ڪونهي.</verse>
				<verse number="4">بدڪارن کي سمجهہ ڪانهي ڇا؟ ۽ اُهي منهنجن ماڻهن کي ائين ٿا کائي وڃن جيئن ماني کائبي آهي، ۽ خدا کان دعا نٿا گهرن.</verse>
				<verse number="5">جتي خوف ڪونہ هو، اُتي هو ڏاڍا ڊڄي ويا: ڇالاءِ تہ جيڪي توکي گهيرو ٿا ڪن تن جي هڏين کي خدا ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي؛ تو انهن کي شرمندو ڪيو، ڇو تہ خدا کين رد ڪري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="6">شل اسرائيل جي نجات صيون مان اچي! جڏهن خدا پنهنجيءَ اُمت جي قيدين کي موٽائي آڻيندو، تڏهن يعقوب خوشي ڪندو، ۽ اسرائيل سرهو ٿيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="54">
				<verse number="1">اي خدا پنهنجي نالي جي وسيلي مون کي بچاءِ، ۽ پنهنجيءَ قدرت سان منهنجو انصاف ڪر.</verse>
				<verse number="2">اي خدا منهنجي دعا ٻڌ، ۽ منهنجي وات جي لفظن ڏانهن ڪن ڏي.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو پرديسي منهنجي برخلاف کڙا ٿيا آهن، ۽ غضبناڪ ماڻهو منهنجي جان جي پٺيان پيا آهن: اُنهن خدا کي پنهنجي سامهون نہ رکيو آهي.</verse>
				<verse number="4">ڏسو خدا منهنجو مددگار آهي: خداوند انهن مان آهي جي منهنجي ساهہ جا سنڀاليندڙ آهن.</verse>
				<verse number="5">هو منهنجن دشمنن کي سندن بڇڙائي جو بدلو ڏيندو: تون پنهنجي سچائيءَ موجب اُنهن کي برباد ڪر.</verse>
				<verse number="6">اي خداوند آءٌ تنهنجي حضور ۾ خوشيءَ جي قرباني چاڙهيندس: آءٌ تنهنجي نالي جي شڪر گذاري ڪندس، ڇو جو اهو چڱو آهي.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو هن مون کي سڀني ڏکن کان ڇڏايو آهي؛ ۽ منهنجين اکين منهنجيءَ خواهش موجب پنهنجي دشمنن جو حال ڏٺو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="55">
				<verse number="1">اي خدا منهنجيءَ دعا تي ڪن ڏي؛ ۽ منهنجي منٿ کان منهن نہ موڙ.</verse>
				<verse number="2">مون ڏانهن ڌيان ڏي، ۽ مون کي جواب ڏي: آءٌ پنهنجي غم ۾ بي آرام آهيان، ۽ ڪنجهان پيو.</verse>
				<verse number="3">دشمن جي واڪي، ۽ بدڪار جي ظلم ڪري؛ ڇو جو اُهي مون سان بڇڙائي ٿا ڪن، ۽ غصي ۾ مونکي ستائين ٿا.</verse>
				<verse number="4">منهنجيءَ دل ۾ ڏاڍو ڏک آهي: ۽ موت جو ڊپ مون کي ويڙهي ويو آهي.</verse>
				<verse number="5">خوف ۽ ڏڪڻي مون تي اچي پيئي آهي، ۽ هيبت مون تي غالب پيئي آهي.</verse>
				<verse number="6">مون چيو تہ شل مون کي ڪبوتر جهڙا کنڀ هجن ها، تہ جيڪر اُڏامي وڃي آرام ڪريان ها.</verse>
				<verse number="7">پوءِ جيڪر آءٌ گهڻو پري نڪري وڃان ها، ۽ بيابان ۾ وڃي رهان ها.</verse>
				<verse number="8">آءٌ جيڪر سخت طوفان ۽ واچوڙي کان ڀڄي ڪنهن هنڌ وڃي پناهہ وٺان ها.</verse>
				<verse number="9">اي خداوند انهن کي برباد ڪر، ۽ انهن جي ٻوليءَ ۾ رولو وجهہ: ڇو جو مون شهر ۾ ظلم ۽ جهيڙو ڏٺو آهي.</verse>
				<verse number="10">هو رات ڏينهن انهي جي ڀتين تي پيا گهمن: ۽ اُنهيءَ ۾ بڇڙائي ۽ ٺڳي بہ موجود آهي.</verse>
				<verse number="11">انهي منجهہ بدڪاري آهي: ۽ ظلم ۽ دغا انهي جي گهٽين مان نٿا نڪرن.</verse>
				<verse number="12">جنهن مون کي طعنا هنيا سو دشمن ڪونہ هو: هوند آءٌ اهو سهي وڃان ها: ۽ جنهن پاڻ کي منهنجي برخلاف پڏايو تنهن کي مون سان دشمني ڪانہ هئي؛ هوند ۽ آءٌ پاڻ کي انهي کان لڪايان ها.</verse>
				<verse number="13">پر اهو تون هئين، جو منهنجو رفيق، منهنجو سنگتي، ۽ منهنجو گهرو دوست هئين.</verse>
				<verse number="14">اسين پاڻ ۾ مٺيون ڳالهيون ڪندا هئاسين، ۽ جماعت سان گڏجي خدا جي گهر ۾ ويندا هئاسين.</verse>
				<verse number="15">ڀلي تہ انهن تي اوچتو موت اچي، ۽ ڀلي تہ اهي جيئري ئي وڃي قبر ۾ پون: ڇو جو بڇڙائي انهن جي گهرن ۾، بلڪ خود منجهن آهي.</verse>
				<verse number="16">پر آءٌ تہ خدا کي پڪاريندس: ۽ خداوند مون کي بچائيندو.</verse>
				<verse number="17">سانجهيءَ جو، ۽ صبح جو، ۽ ٻنپهرن جو. آءٌ روئي فرياد ڪندس: ۽ هو منهنجو آواز ٻڌندو.</verse>
				<verse number="18">منهنجي برخلاف جيڪا جنگ جوٽي هئائون، تنهن مان هن منهنجيءَ جان کي سلامت بچايو: ڇو جو مون سان وڙهڻ وارا گهڻا هئا.</verse>
				<verse number="19">خدا، جو قديم وقت کان قائم آهي، سو ٻڌندو ۽ انهن کي جواب ڏيندو، اُهي اهڙا ماڻهو آهن جن ۾ ڦير ڦار نٿي ٿئي، ۽ اهي خدا کان نٿا ڊڄن.</verse>
				<verse number="20">هن اهڙن تي پنهنجا هٿ کنيا آهن جي ساڻس ٺهي ٿي هليا: هن پنهنجو عهد ڀڳو آهي.</verse>
				<verse number="21">هن جي وات جون ڳالهيون تہ مکڻ جهڙيون ملائم هيون، پر سندس دل ۾ جنگ هئي: هن جون ڳالهيون تيل کان بہ سڻڀيون هيون، پر حقيقت ۾ اُگهاڙيون ترارون هيون.</verse>
				<verse number="22">پنهنجو بار خداوند تي رک، تہ هو توکي سنڀاليندو: هو راستبازن کي ڪڏهن بہ لوڏو کائڻ ڪين ڏيندو.</verse>
				<verse number="23">پر اي خدا تون انهن کي برباديءَ جي کڏ ۾ ڪيرائيندين: خوني ۽ ٺڳ ماڻهو پنهنجي اڌ ڄمار تائين بہ جيئرا ڪين رهندا؛ پر آءٌ توتي ڀروسو رکندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="56">
				<verse number="1">اي خدا مون تي رحم ڪر؛ ڇو جو انسان مون کي ڳيهڻ ٿو گهري: هو سڄو ڏينهن وڙهي وڙهي مون کي پيو ستائي.</verse>
				<verse number="2">منهنجا دشمن مون کي سڄو ڏينهن ڳهي وڃڻ ٿا گهرن: ۽ جيڪي مغروريءَ ۾ مون سان وڙهن ٿا سي گهڻيئي آهن.</verse>
				<verse number="3">جڏهن مون کي ڊپ ٿيندو تڏهن آءٌ توتي ڀروسو رکندس.</verse>
				<verse number="4">خدا جي مدد سان آءٌ سندس ڪلام جي تعريف ڪندس: مون پنهنجو ڀروسو خدا تي رکيو آهي، سو آءٌ اصل ڪين ڊڄندس؛ انسان مون کي ڇا ڪري سگهندو؟</verse>
				<verse number="5">اهي سڄو ڏينهن منهنجن لفظن جي اُبتي معنيٰ پيا ڪڍن: ۽ انهن جا سڀ خيال مون سان بڇڙائي ڪرڻ جا آهن.</verse>
				<verse number="6">اهي گڏجي لڪي ٿا ويهن، ۽ منهنجا پير پيا جاچين، ڄڻ تہ منهنجو ساهہ ڪڍڻ جي انتظار ۾ آهن.</verse>
				<verse number="7">اُهي بڇڙائي ڪري ڇٽي ويندا ڇا؟ اي خدا غصي ۾ قومن کي ڪيرائي ڇڏ.</verse>
				<verse number="8">تون منهنجي رُلڻ جو حساب ٿو رکين: منهنجا لڙڪ پنهنجيءَ ٻاٽليءَ ۾ وجهي رک؛ اُهي تنهنجي دفتر ۾ داخل نہ آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="9">جنهن ڏينهن آءٌ پڪاريندس تنهن ڏينهن منهنجا دشمن پٺ تي هٽندا: اها مون کي خبر آهي تہ خدا منهنجي پاسي آهي.</verse>
				<verse number="10">خدا جي مدد سان آءٌ سندس ڪلام جي تعريف ڪندس: خداوند جي مدد سان آءٌ سندس ڪلام جي تعريف ڪندس.</verse>
				<verse number="11">مون پنهنجو ڀروسو خدا تي رکيو آهي آءٌ اصل ڪين ڊڄندس؛ انسان مون کي ڇا ڪري سگهندو؟</verse>
				<verse number="12">اي خدا مون تنهنجون مڃتائون مڃيون آهن: آءٌ تنهنجي حضور ۾ شڪرگذاريءَ جون قربانيون چاڙهيندس.</verse>
				<verse number="13">ڇو جو تو منهنجيءَ جان کي موت کان ڇڏايو آهي: تو منهنجن پيرن کي ترڪڻ کان بچايو آهي؛ انهيءَ لاءِ تہ آءٌ خدا جي حضور ۾ زندگيءَ جي نور ۾ هلان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="57">
				<verse number="1">مون تي رحم ڪر، اي خدا، مون تي رحم ڪر؛ ڇالاءِ جو منهنجي جان تنهنجي پناهہ ۾ آهي: هائو جيستائين هي آفتون ٽري نہ وڃن تيستائين آءٌ تنهنجن کنڀن جي پاڇي هيٺ پناهہ وٺندس.</verse>
				<verse number="2">آءٌ خدا تعاليٰ کي پڪاريندس؛ انهيءَ خدا کي جو منهنجي لاءِ سڀ ڪجهہ ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="3">جيڪو مون کي ڳهي وڃڻ ٿو گهري تنهنجي طعنن کان بچائڻ لاءِ، هو آسمان مان موڪليندو؛ هائو خدا پنهنجو رحم ۽ سچائي موڪليندو.</verse>
				<verse number="4">منهنجي جان شينهن جي وچ ۾ آهي؛ آءٌ اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ ليٽيل آهيان جن ۾ باهہ پيئي ٻري، جن جا ڏند ڀالا ۽ تير آهن، ۽ جن جي زبان تکي ترار آهي.</verse>
				<verse number="5">اي خدا تون آسمان تي سرفراز ٿيءُ؛ ۽ ساريءَ زمين تي تنهنجو جلال ظاهر ٿئي.</verse>
				<verse number="6">انهن منهنجي پيرن لاءِ ڄار وڌو آهي؛ منهنجي جان جهڪي ويئي آهي: انهن منهنجي اڳيان کڏ کوٽي آهي؛ جنهن ۾ پاڻ ڪِريا آهن.</verse>
				<verse number="7">منهنجي دل قائم آهي، اي خدا، منهنجي دل قائم آهي: آءٌ گيت ڳائي تعريف ڪندس.</verse>
				<verse number="8">اي منهنجي جان جاڳ؛ منهنجا تنبورا ۽ بربط اوهين جاڳو: آءٌ پاڻ سويرو اُٿندس.</verse>
				<verse number="9">اي خداوند آءٌ ماڻهن ۾ تنهنجا ٿورا ڳائيندس: آءٌ قومن ۾ تنهنجي تعريف ڳائيندس.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو تنهنجو رحم آسمانن تائين وڏو آهي، ۽ تنهنجي سچائي افلاڪ ۾ پکيڙيل آهي.</verse>
				<verse number="11">اي خدا تون آسمان تي سرفراز ٿيءُ؛ ۽ ساريءَ زمين تي تنهنجو جلال ظاهر ٿئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="58">
				<verse number="1">اي بزرگو، اوهين برابر سچ ڳالهايو ٿا ڇا؟ اي بني آدم، اوهين سچو انصاف ڪريو ٿا ڇا؟</verse>
				<verse number="2">اوهين دل ۾ بڇڙائي ٿا رٿيو؛ ۽ زمين تي پنهنجن هٿن جو ظلم توري ويٺا ڏيو.</verse>
				<verse number="3">بدڪار پنهنجي ماءُ جي پيٽان ئي گمراهہ ٿين ٿا: اُهي ڄمندي ئي ڪوڙ ڳالهائيندا وتن.</verse>
				<verse number="4">انهن جو زهر سپ جي زهر جهڙو آهي: اهي ٻوڙي کپر وانگر آهن جن پنهنجا ڪن بند ڪري ڇڏيا آهن.</verse>
				<verse number="5">مانڊي ڪيڏي بہ کيڏ ڪري منڊ پڙهن، پر هو سندن آواز نہ ٻڌندا.</verse>
				<verse number="6">اي خدا انهن جا ڏند سندن وات ۾ ڀڃي ڇڏ: اي خداوند جوان شينهن جون ڏاٺون ڀڃي ڇڏ.</verse>
				<verse number="7">ڀلي تہ اهي وهندڙ پاڻيءَ وانگر هليو وڃن: جڏهن هو تير هڻڻ لاءِ ڪمان ڪشي، تڏهن اُهي مردارن وانگر ٿي پون.</verse>
				<verse number="8">جيئن گهونگهو ڳري فنا ٿيو وڃي؛ ۽ جيئن ڪنهن زال جو ڪچو ٻار ٿو ڪري ۽ روشني نٿو ڏسي، تيئن اهي سڀ فنا ٿي وڃن.</verse>
				<verse number="9">اوهان جي ديڳڙن کي ڪنڊن جي باهہ جو سيڪ اچي، تنهن کان اڳي هو انهن ساون ۽ سڪن کي واچوڙي سان اُڏائي کڻي ويندو.</verse>
				<verse number="10">راستباز جڏهن هي بدلو ڏسندو، تڏهن خوش ٿيندو: هو بدڪار جي رت سان پنهنجا پير ڌوئيندو.</verse>
				<verse number="11">تڏهن ماڻهو چوندا تہ سچ پچ راستباز جي واسطي اجر آهي: بيشڪ اهو خدا آهي جو زمين تي انصاف ٿو ڪري.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="59">
				<verse number="1">اي منهنجا خدا مون کي منهنجن دشمنن کان ڇڏاءِ: جيڪي منهنجي برخلاف کڙا ٿيا آهن تن تي مون کي سرفراز ڪر.</verse>
				<verse number="2">مون کي خطاڪارن کان ڇڏاءِ، ۽ خونين کان مونکي بچاءِ.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو ڏس اهي منهنجي جان جي لاءِ ڇپ ماري ويٺا آهن؛ اي خداوند منهنجي ڪنهن بہ ڏوهہ يا گناهہ کانسواءِ، زبردست ماڻهو منهنجي برخلاف اچي گڏ ٿيا آهن.</verse>
				<verse number="4">بنا ڪنهن ڏوهہ جي اهي مون تي ڊوڙي سنبريو اچن: تون منهنجي مدد جي لاءِ جاڳ ۽ نظر ڪر.</verse>
				<verse number="5">اي خداوند، لشڪرن جا خدا، اسرائيل جا خدا، تون سڀني قومن جو حساب وٺڻ لاءِ اُٿ: ۽ ڪنهن بہ بڇڙي گنهگار تي رحم نہ ڪر.</verse>
				<verse number="6">اهي سانجهيءَ جو موٽن ٿا، ۽ ڪتي وانگي پيا ڀونڪن، ۽ شهر ۾ پيا گهمن.</verse>
				<verse number="7">ڏس اهي وات مان اوڳرايون پيا ڪڍن؛ سندن چپن ۾ تراريون آهن: ڇو جو هو چون ٿا تہ ڪير ٿو ٻڌي؟</verse>
				<verse number="8">پر اي خداوند تون مٿن کلندين؛ تون سڀني غير قومن تي ٺٺوليون ڪندين.</verse>
				<verse number="9">اي منهنجي طاقت آءٌ تنهنجي انتظار ۾ رهندس؛ ڇو جو خدا منهنجو اوچو ٺلهہ آهي.</verse>
				<verse number="10">منهنجو خدا پنهنجي رحم سان منهنجي سنڀال ڪندو: خدا منهنجي دشمنن تي منهنجي مراد پوري ڪندو.</verse>
				<verse number="11">انهن کي قتل نہ ڪر، متان منهنجا ماڻهو وساري ڇڏين: اي خداوند اسان جي سپر پنهنجي قدرت سان انهن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڪيرائي ڇڏ.</verse>
				<verse number="12">ڀلي تہ اهي پنهنجي وات جي گناهہ، ۽ پنهنجي چپن جي ڳالهين سبب، ۽ پاراتن ڏيڻ، ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪري، پنهنجي مغروريءَ ۾ جهليا وڃن.</verse>
				<verse number="13">ڪاوڙ ۾ انهن کي فنا ڪر، فنا ڪرين تہ اهي نابود ٿي وڃن: ۽ کين معلوم ٿئي تہ خدا يعقوب تي، بلڪ زمين جي ڇيڙي تائين حڪم ٿو هلائي.</verse>
				<verse number="14">ڀلي تہ اهي سانجهيءَ جو موٽن ۽ ڀلي تہ ڪتي وانگر ڀونڪن ۽ شهر ۾ گهمن.</verse>
				<verse number="15">اهي کاڌي جي لاءِ هيڏانهن هوڏانهن رلندا، ۽ جي ڍءُ نہ ٿيندن تہ سڄي رات پيا هوندا.</verse>
				<verse number="16">پر آءٌ تنهنجي طاقت جو گيت ڳائيندس؛ هائو صبح جو تنهنجي رحم جو گيت وڏي آواز سان ڳائيندس؛ ڇو تہ منهنجي مصيبت جي ڏينهن تون منهنجو اوچو ٺلهہ ۽ پناهہ هئين.</verse>
				<verse number="17">اي منهنجي طاقت آءٌ تنهنجي تعريف ڳائيندس: ڇو تہ خدا، منهنجو رحيم خدا، منهنجو اوچو ٺلهہ آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="60">
				<verse number="1">اي خدا تو اسان کي ڇڏي ڏنو آهي، تو اسان کي پائمال ڪري ڇڏيو آهي؛ تون ناراض ٿيو آهين؛ تون وري اسان کي بحال ڪر.</verse>
				<verse number="2">تو زمين کي ڏڪائي ڇڏيو آهي؛ تو اُنهيءَ کي چيري ڇڏيو آهي: تون انهيءَ جون چيرون بند ڪر ڇو جو اُها لڏي ٿي.</verse>
				<verse number="3">تو پنهنجي قوم کي سختي ڏيکاري آهي: تو اسان کي آٿڙائڻ وارو شراب پياريو آهي.</verse>
				<verse number="4">جيڪي توکان ڊڄن ٿا تن کي، هڪڙو جهنڊو ڏنو اٿيئي، تہ اهو سچائيءَ جي خاطر مٿي ڪيو وڃي.</verse>
				<verse number="5">پنهنجي ساڄي هٿ سان اسان کي بچاءِ، ۽ اسان کي جواب ڏي: تہ تنهنجا محبوب ڇڏايا وڃن.</verse>
				<verse number="6">خدا پنهنجي پاڪيزگيءَ ۾ فرمايو آهي، آءٌ خوشيون ڪندس: آءٌ سڪيم جا ڀاڱا ڪندس، ۽ سڪات جي وادي ورهائي ڏيندس.</verse>
				<verse number="7">جلعاد منهنجو آهي، ۽ منسي بہ منهنجو آهي: افرائيم منهنجي مٿي جي بچاءُ آهي؛ ۽ يهوداہ منهنجو عصو آهي.</verse>
				<verse number="8">موآب منهنجي ڌوئڻ جو ٿانو آهي؛ ۽ ادوم تي آءٌ پنهنجي جتي اُڇلائيندس: اي فلستين، تون منهنجي ڪري خوشيءَ سان للڪار.</verse>
				<verse number="9">ڪير مون کي انهي مضبوط شهر ۾ وٺي ويندو؟ ڪير مون کي ادوم تائين پهچائيندو؟</verse>
				<verse number="10">اي خدا تو اسان کي ڇڏي نہ ڏنو آهي ڇا؟ اي خدا تون اسان جي لشڪرن سان نٿو هلين.</verse>
				<verse number="11">اسان کي مدد ڏيئي دشمن کان بچاءِ ڇو تہ انسان جي مدد اجائي آهي.</verse>
				<verse number="12">خدا جي مدد سان اسين بهادري ڪنداسين: ڇو جو اهو ئي اسان جي دشمنن کي لتاڙي ڇڏيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="61">
				<verse number="1">اي خدا منهنجي دانهن ٻڌ، ۽ منهنجي دعا تي ڪن ڏي.</verse>
				<verse number="2">جڏهن آءٌ دلگير ٿيندس، تڏهن زمين جي ڇيڙي کان توکي پڪاريندس: مون کي انهيءَ ٽڪر تي وٺي هل جو مون کان مٿانهون آهي.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو تون منهنجي پناهہ آهين، ۽ دشمن کان بچڻ جي لاءِ مضبوط ٺلهہ آهين.</verse>
				<verse number="4">آءٌ هميشہ تنهنجي خيمي ۾ رهندس: آءٌ تنهنجن پرن جي هيٺ پناهہ وٺندس.</verse>
				<verse number="5">ڇو تہ اي خدا تو منهنجون مڃتائون ٻڌيون آهن: ۽ جيڪي تنهنجي نالي کان ڊڄن ٿا تن جهڙي ميراث مون کي ڏني اٿيئي.</verse>
				<verse number="6">تون بادشاهہ جي حياتي وڌائيندين: هن جي عمر گهڻين پيڙهين تائين رهندي.</verse>
				<verse number="7">هو هميشہ تائين خدا جي حضور ۾ قائم رهندو: تون پنهنجي ٻاجهہ ۽ سچائيءَ کي هن جي حفاظت لاءِ تيار ڪر.</verse>
				<verse number="8">سو آءٌ هميشہ تنهنجي نالي جي تعريف ڳائيندس، تہ آءٌ هر روز پنهنجون مڃتائون پوريون ڪريان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="62">
				<verse number="1">منهنجي جان کي رڳو خدا جي آس آهي: انهي کان ئي منهنجي نجات آهي.</verse>
				<verse number="2">رڳو اهو ئي منهنجو ٽڪر ۽ منهنجي نجات آهي: اهو ئي منهنجو اوچو ٺلهہ آهي؛ سو مون کي لوڏو ئي ڪين ايندو.</verse>
				<verse number="3">اوهين سڀيئي ڪيستائين اهڙي ماڻهوءَ کي مارڻ لاءِ مٿس ڪاهہ ڪندا، جو جهڪيل ڀت ۽ ڪريل واڙ وانگي آهي؟</verse>
				<verse number="4">اهي رڳو هن کي سندس مرتبي کان ڪيرائڻ لاءِ پيا صلاحون ڪن؛ اهي ڪوڙ کان خوش ٿا ٿين: اهي پنهنجي وات سان برڪت ٿا ڏين پر اندر ۾ لعنت ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="5">اي منهنجي جان رڳو خدا جي انتظار ۾ رهہ؛ ڇو جو انهي کان مون کي اميد آهي.</verse>
				<verse number="6">رڳو اُهو ئي منهنجو ٽڪر ۽ منهنجي نجات آهي: اهو ئي منهنجو اوچو ٺلهہ آهي؛ سو مون کي لوڏو ئي ڪين ايندو.</verse>
				<verse number="7">خدا کان منهنجي نجات ۽ منهنجي شوڪت آهي: خدا ئي منهنجي طاقت جو قلعو ۽ منهنجي نجات آهي.</verse>
				<verse number="8">اي قومون هر وقت انهي تي ڀروسو رکو؛ پنهنجي دل انهي جي اڳيان کوليو: خدا اسان جي پناهہ آهي.</verse>
				<verse number="9">بيشڪ ڪميڻا ماڻهو بيهودا آهن، ۽ معتبر ماڻهو ڪوڙا آهن. جيڪڏهن انهن کي ساهميءَ ۾ توربو تہ اهي هوا کان بہ هلڪا آهن.</verse>
				<verse number="10">ظلم تي ڀروسو نہ رکو، ۽ ڦرمار ڪري مغرور نہ ٿيو: جيڪڏهن ملڪيت وڌي تہ انهي تي دل نہ لڳايو.</verse>
				<verse number="11">خدا هڪ وار فرمايو آهي، ۽ مون ٻہ ڀيرا هي ٻڌو آهي، تہ قدرت خدا جي اختيار آهي.</verse>
				<verse number="12">اي خداوند رحم بہ تنهنجي اختيار آهي: ڇالاءِ جو تون هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس ڪمن موجب بدلو ٿو ڏين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="63">
				<verse number="1">اي خدا، تون منهنجو خدا آهين؛ آءٌ سويرو ئي توکي ڳوليندس: خشڪ ۽ ويران زمين ۾ جتي پاڻي ڪونهي، منهنجي جان تو لاءِ سِڪايل ۽ منهنجو بدن تو لاءِ مشتاق آهي.</verse>
				<verse number="2">اهڙي طرح مون پاڪ مڪان ۾ تو لاءِ نهاريو، تہ تنهنجي قدرت ۽ جلال ڏسان.</verse>
				<verse number="3">ڇو جو تنهنجي ٻاجهہ حياتيءَ کان بہ چڱي آهي؛ منهنجو وات تنهنجي تعريف ڪندو.</verse>
				<verse number="4">انهي ڪري جيسين آءٌ جيئندس، تيسين توکي مبارڪ چوندس: ۽ تنهنجو نالو وٺي پنهنجا هٿ مٿي کڻندس.</verse>
				<verse number="5">منهنجي جان ڄڻ تہ گودي ۽ چرٻي کائي ڍءُ ڪندي؛ ۽ منهنجو وات مشڪندڙ چپن سان تنهنجي تعريف ڪندو؛</verse>
				<verse number="6">جڏهن آءٌ پنهنجي هنڌ تي توکي ياد ڪندس، ۽ رات جي هر ڪنهن پهر ۾ تنهنجو ڌيان ڪندس.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو تون منهنجو مددگار رهيو آهين، ۽ آءٌ تنهنجي پرن جي پاڇي ۾ خوشيون ڪندس.</verse>
				<verse number="8">منهنجي جان تنهنجي ئي ڌيان ۾ لڳل آهي: تنهنجو ساڄو هٿ مون کي سنڀالي ٿو.</verse>
				<verse number="9">پر جيڪي منهنجي جان کي برباد ڪرڻ ٿا گهرن، سي قبر ۾ وڃي پوندا.</verse>
				<verse number="10">اهي ترار جي حوالي ٿيندا: ۽ لومڙن جو کاڄ ٿيندا.</verse>
				<verse number="11">پر بادشاهہ خداوند ۾ خوش ٿيندو: جيڪو ڪو هن جو قسم ٿو کڻي سو فخر ڪندو؛ ڇو جو ڪوڙ ڳالهائڻ وارن جو وات بند ٿيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="64">
				<verse number="1">اي خدا منهنجي فرياد جو آواز ٻڌ: دشمن جي ڊپ کان منهنجي جان بچاءِ.</verse>
				<verse number="2">بدڪارن جي ڳجهيءَ صلاح کان، ۽ خطاڪارن جي فساد کان مون کي لڪائي ڇڏ:</verse>
				<verse number="3">جن پنهنجي زبان ترار جهڙي تکي ڪئي آهي، ۽ پنهنجن سخت لفظن جا تير هڻڻ لاءِ ڪمانون ڪشيون آهن.</verse>
				<verse number="4">تہ ڪامل ماڻهوءَ کي لڪي تير هڻن، اهي اوچتا تير ٿا هڻن ۽ ڊڄن نٿا.</verse>
				<verse number="5">اهي بڇڙي ڪم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي همتائين ٿا؛ ۽ ڳجهيءَ طرح ڦندي وجهڻ لاءِ منصوبو ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="6">اهي بڇڙايون ڳولي ٿا ڪڍن؛ ۽ چون ٿا تہ اسان هڪڙي پڪي رٿ ڳولي آهي: انهن جا اندريان خيال ۽ دل ٻئي اونها آهن.</verse>
				<verse number="7">پر خدا انهن کي تير هڻندو؛ ۽ اهي اوچتو ڦٽجي پوندا.</verse>
				<verse number="8">اهي پنهنجي زبان جي ڪري پاڻ ڌڪو کائيندا: ۽ جيڪي کين ڏسندا سي سڀ ڪنڌ ڌوڻيندا.</verse>
				<verse number="9">۽ سڀ ماڻهو ڊڄندا؛ ۽ خدا جي ڪمن جو بيان ڪندا، ۽ هن جي ڪمن کي چڱيءَ طرح سمجهندا.</verse>
				<verse number="10">راستباز ماڻهو خداوند ۾ خوشيون ڪندا، ۽ مٿس ڀروسو رکندا؛ ۽ جيڪي دل جا سچار آهن سي سڀ فخر ڪندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="65">
				<verse number="1">اي خدا صيون ۾ تنهنجي تعريف جو انتظار آهي: ۽ تنهنجي مڃتا پوري ڪئي ويندي.</verse>
				<verse number="2">اي دعا جا ٻڌڻ وارا، سڀ انسان تو وٽ ايندا.</verse>
				<verse number="3">گناهہ مون تي اچي غالب ٿيا آهن: پر تون اسان جي گناهن جو ڪفارو ڏيندين.</verse>
				<verse number="4">مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جنهن کي تون چونڊي پاڻ وٽ اچڻ ٿو ڏين، تہ اهو تنهنجيءَ درگاهہ ۾ رهي: اسين تنهنجي گهر، يعني تنهنجيءَ پاڪ هيڪل جي چڱين شين سان آسودا ٿينداسين.</verse>
				<verse number="5">اي اسان جي نجات جا خدا، تون زمين جي سڀني حدن جو، ۽ جيڪي پري سمنڊ تي آهن تن جو آسرو آهين: تون اسان کي خوفناڪ ڳالهيون ڏيکاري سچائيءَ سان جواب ٿو ڏين.</verse>
				<verse number="6">تون پنهنجيءَ قدرت جو سندرو ٻڌي، پنهنجيءَ طاقت سان جبلن کي قائم ٿو رکين.</verse>
				<verse number="7">تون سمنڊن جي گجگوڙ کي ۽ لهرن جي گوڙ کي، ۽ ماڻهن جي گڙٻڙ کي بس ٿو ڪرائين.</verse>
				<verse number="8">زمين جي سرحدن جا رهاڪو تنهنجي معجزن کان ڊڄن ٿا: تون صبح ۽ شام جي نڪرڻ وارن هنڌن کي خوشي ٿو بخشين.</verse>
				<verse number="9">تون مهر جي نظر ڪري زمين کي ريج ٿو ڏين، تون انهي کي سائو ٿو ڪرين؛ خدا جي ندي پاڻيءَ سان ڀرپور آهي: تون اهڙيءَ طرح زمين کي تيار ڪري انهن کي ان ٿو پهچائين.</verse>
				<verse number="10">تون زمين جي مٿانهين کي گهڻو ريج ٿو ڏين؛ ۽ انهيءَ جي هيٺانهين کي سنئون ٿو ڪرين: ۽ مينهن وسائي انهيءَ کي ڪونئرو ٿو ڪرين؛ ۽ انهيءَ جي پيداوار ۾ برڪت ٿو وجهي.</verse>
				<verse number="11">تون سڄي سال تي پنهنجيءَ مهربانيءَ جو ڇٽ ٿو رکين؛ ۽ تنهنجن واٽن ۾ سڻڀ ٿو وسي.</verse>
				<verse number="12">اُهو بيابان جي چراگاهن ۾ پيو ڪري: ۽ سڀ ڪنهن پاسي ٽڪريون خوشيون ٿيون ڪن.</verse>
				<verse number="13">چراگاهہ ڌڻن سان ڇانئجي ويا آهن؛ ۽ واديون اَن سان ڍڪجي ويون آهن؛ اهي خوشيءَ جو آواز ڪڍي ڳائين ٿيون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="66">
				<verse number="1">اي زمين جا سڀ رهاڪو، خدا جي حضور ۾ خوشيءَ سان للڪاريو.</verse>
				<verse number="2">هن جي نالي جي جلال جو گيت ڳايو: سندس تعريف جو جلال ظاهر ڪريو.</verse>
				<verse number="3">خدا کي چئو تہ تنهنجا ڪم ڪهڙا نہ هيبتناڪ آهن! تنهنجي عظيم قدرت جي سبب تنهنجا دشمن تنهنجي تابع ٿيندا.</verse>
				<verse number="4">سڄي ڌرتي توکي سجدو ڪندي، ۽ تنهنجي حضور ۾ ڳائيندي؛ اُهي تنهنجي نالي جا گيت ڳائيندا.</verse>
				<verse number="5">اچو ۽ خدا جا ڪم ڏسو؛ بني آدم جي حق ۾ سندس ڪم هيبتناڪ آهن.</verse>
				<verse number="6">هن سمنڊ کي ڦيرائي سُڪي زمين ڪيو: اهي درياهہ مان پنڌ هليا ويا: هن جي ڪري اسان اتي خوشيون ڪيون.</verse>
				<verse number="7">هو پنهنجيءَ قدرت سان هميشہ جي لاءِ حڪمراني ٿو ڪري: هن جون اکيون قومن کي ڏسن ٿيون: فسادي پاڻ کي نہ پڏائين.</verse>
				<verse number="8">اي قومون، اسان جي خدا کي مبارڪ چئو، ۽ هن جي تعريف جو آواز ٻڌايو:</verse>
				<verse number="9">هو اسان جي جان کي جيئرو ٿو رکي، ۽ اسان جي پيرن کي ترڪڻ نٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو اي خدا تو اسان کي آزمايو آهي: جيئن چانديءَ کي پرکبو آهي تيئن تو اسان کي پرکيو آهي.</verse>
				<verse number="11">تو اسان کي ڄار ۾ وڌو؛ تو اسان جي پٺيءَ تي ڳورو بار رکيو آهي.</verse>
				<verse number="12">تو سوارن کي اسان جي مٿي تان لنگهايو: اسين باهہ ۽ پاڻيءَ مان لنگهياسين؛ پر تو اسان کي ڪڍي آباد هنڌ تي آندو.</verse>
				<verse number="13">آءٌ سوختني قربانيون کڻي تنهنجي گهر ايندس، ۽ تو وٽ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪندس.</verse>
				<verse number="14">جي مصيبت جي وقت منهنجن چپن مان نڪتيون، ۽ مون پنهنجي وات سان مڃيون.</verse>
				<verse number="15">آءٌ تنهنجي حضور ۾ متارن جانورن جون سوختني قربانيون، گهٽن جي خوشبوءِ سان گڏي چاڙهيندس؛ آءٌ ڍڳا ۽ ٻڪر پيش ڪندس.</verse>
				<verse number="16">اوهين سڀيئي جن کي خدا جو ڊپ آهي سي اچي ٻڌو؛ جيڪي هن منهنجيءَ جان لاءِ ڪيو آهي تنهن جو آءٌ بيان ڪندس.</verse>
				<verse number="17">مون پنهنجي وات سان هن کي پڪاريو، ۽ پنهنجيءَ زبان سان هن جي تعريف ڪيم.</verse>
				<verse number="18">جيڪڏهن منهنجيءَ دل ۾ بڇڙائي هجي ها، تہ خداوند منهنجي ڪين ٻڌي ها:</verse>
				<verse number="19">پر خدا سچ پچ منهنجي ٻڌي آهي؛ هن منهنجي دعا جي آواز تي ڪن ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="20">مبارڪ هجي خدا جنهن منهنجي دعا رد نہ ڪئي آهي، نڪي پنهنجو رحم مون تان هٽايو اٿس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="67">
				<verse number="1">شل خدا اسان تي رحم ڪري، ۽ اسان کي برڪت ڏئي، ۽ پنهنجو چهرو اسان تي چمڪائي:</verse>
				<verse number="2">تہ تنهنجي واٽ زمين تي ظاهر ٿئي، ۽ سڀني قومن کي تنهنجي نجات جي خبر پوي.</verse>
				<verse number="3">اي خدا ڀلي تہ ماڻهو تنهنجي تعريف ڪن؛ ۽ سڀيئي ماڻهو تنهنجي تعريف ڪن.</verse>
				<verse number="4">ڀلي تہ قومون خوشيون ڪن ۽ سرهائي جا گيت ڳائين: ڇو جو تون سچائيءَ سان ماڻهن جو انصاف ڪندين، ۽ زمين جي سڀني قومن تي حڪومت ڪندين.</verse>
				<verse number="5">اي خدا ڀلي تہ ماڻهو تنهنجي تعريف ڪن، ۽ سڀيئي ماڻهو تنهنجي تعريف ڪن.</verse>
				<verse number="6">زمين پنهنجي پيداوار وڌائي آهي: خدا، اسان جو ئي خدا، اسان کي برڪت ڏيندو.</verse>
				<verse number="7">خدا اسان کي برڪت ڏيندو؛ ۽ زمين جي ڇيڙي تائين سڀيئي ماڻهو کانئس ڊڄندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="68">
				<verse number="1">ڀلي تہ خدا اُٿي، ۽ سندس دشمن ڇڙوڇڙ ٿين؛ ۽ جيڪي ساڻس نفرت ٿا رکن سي سندس اڳيان ڀڄي وڃن.</verse>
				<verse number="2">جيئن دونهون اُڏاميو وڃي تيئن انهن کي اُڏائي ڇڏ: جيئن ميڻ باهہ تي پگهريو وڃي، تيئن بدڪار خدا جي سامهون فنا ٿي وڃن.</verse>
				<verse number="3">پر راستباز ڀلي تہ خوشيون ڪن؛ ۽ خدا جي حضور ۾ سرها ٿين: هائو، اهي ڀلي تہ بيحد خوشيون ڪن.</verse>
				<verse number="4">خدا جي حضور ۾ گيت ڳايو، هن جي نالي جي تعريف ڳايو: جو رڻ پٽ مان سواري ڪري ٿو لنگهي تنهن لاءِ سڙڪ تيار ڪريو؛ هن جو نالو يهوواہ آهي؛ اوهين خدا جي حضور ۾ سرها ٿيو.</verse>
				<verse number="5">خدا پنهنجيءَ پاڪ جاءِ ۾ يتيمن جو پيءُ، ۽ بيوہ زالن جو منصف آهي.</verse>
				<verse number="6">خدا اڪيلن کي خاندانن وارو ٿو ڪري: هو قيدين کي ڇڏائي آسودو ٿو ڪري: پر فسادي سڪيءَ زمين ۾ ٿا رهن.</verse>
				<verse number="7">اي خدا جڏهن تون پنهنجيءَ اُمت جي اڳيان هئين، ۽ جڏهن تون بيابان مان لنگهئين؛</verse>
				<verse number="8">تڏهن ڌرتي ڌٻي، ۽ آسمان خدا جي حضور ۾ وهي ويا: ۽ سينا جبل بہ خدا جي حضور ۾ ڏڪڻ لڳو.</verse>
				<verse number="9">اي خدا تو گهڻو مينهن موڪليو، ۽ تنهنجي ميراث جا سڪي ويئي آهي، تنهن کي تو تازگي بخشي.</verse>
				<verse number="10">تنهنجي جماعت انهيءَ ۾ اچي رهڻ لڳي: اي خدا تو پنهنجي مهر سان غريبن لاءِ انهيءَ کي تيار ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="11">خداوند حڪم ڏئي ٿو: ۽ خوشخبري ٻڌائڻ وارين جي جماعت هڪڙي وڏي فوج ٿي ويئي.</verse>
				<verse number="12">لشڪرن جا بادشاهہ ڀڄي ويا، اهي جلد ڀڳا: ۽ جا زال گهر ۾ ويٺي هئي تنهن لٽ جو مال ورهايو.</verse>
				<verse number="13">جڏهن اوهين رڍن جي واڙي ۾ ليٽي آرام ڪندا، تڏهن ڪبوتر وانگي ٿيندا، جنهن جا پر چانديءَ وانگر، ۽ جنهن جا کنڀ پيلي سون وانگر ڍڪيل آهن.</verse>
				<verse number="14">جڏهن قادر مطلق، بادشاهن کي اُتان ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو، تڏهن اهڙو حال ٿيو جو ڄڻ تہ سلمون جبل برف سان ڇانئجي ويو.</verse>
				<verse number="15">بسن جو جبل خدا جو جبل آهي؛ بسن جو جبل اُتانهون جبل آهي.</verse>
				<verse number="16">اوهين جي اتانهان جبل آهيو ۽ جنهن کي خدا پنهنجي رهڻ لاءِ پسند ڪيو آهي، سي ٽيڏيءَ اک سان ڇو ٿا نهاريو؟ هائو، خداوند اُنهي ۾ هميشہ تائين رهندو.</verse>
				<verse number="17">خدا جا رٿ ويهہ هزار آهن، بلڪ هزارن جا هزار: ۽ جيئن خداوند سينا جبل تي پاڪ مڪان ۾ آهي، تيئن انهن ۾ آهي.</verse>
				<verse number="18">تون مٿي چڙهي ويو آهين، ۽ قيدين کي ساڻ وٺي ويو آهين؛ توکي ماڻهن کان، بلڪ فسادين کان نذرانا مليا آهن؛ تہ خداوند خدا انهن منجهہ رهي.</verse>
				<verse number="19">خداوند مبارڪ هجي، جو هر روز اسان جو بار ٿو کڻي، اهو ئي اسان جي نجات جو خدا آهي.</verse>
				<verse number="20">خدا اسان جي لاءِ ڇوٽڪارو ڏيندڙ خدا آهي؛ ۽ موت کان بچڻ جا رستا بہ خداوند خدا جا آهن.</verse>
				<verse number="21">پر خداوند پنهنجي دشمنن جو مٿو ڀڃندو، ۽ جيڪو گناهہ ڪندو ٿو رهي تنهنجي وارن واري کوپراٽي چيري ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="22">خداوند فرمايو تہ آءٌ انهن کي بسن مان وٺي ايندس، ۽ وري سمنڊ جي اونهائين مان ڪڍي ايندوسان.</verse>
				<verse number="23">تان تہ تون پنهنجو پير رت ۾ ٻوڙين، ۽ تنهنجا دشمن ڪتن جي لاءِ قوت ٿين.</verse>
				<verse number="24">اي خدا انهن تنهنجي آمد ڏٺي آهي. بلڪ انهن منهنجي خدا، منهنجي بادشاهہ کي پاڪ مڪان ۾ ويندو ڏٺو آهي.</verse>
				<verse number="25">اڳيان ڳائڻ وارا هئا، ۽ پٺيان وڄائڻ وارا هئا؛ ۽ وچ ۾ ڪنواريون هيون جن دف پئي وڄايا.</verse>
				<verse number="26">اوهين جماعت ۾ خدا کي مبارڪ چئو، اوهين جي اسرائيل جي چشمي جا آهيو، سي خداوند کي مبارڪ چئو.</verse>
				<verse number="27">اتي ننڍو بنيمين انهن جو حاڪم آهي، ۽ يهوداہ جا سردار پنهنجيءَ ٽوليءَ سان، ۽ زبولون جا سردار ۽ نفتاليءَ جا سردار آهن.</verse>
				<verse number="28">تنهنجي خدا حڪم ڏنو آهي تہ توکي مضبوطي ملي؛ اي خدا جيڪي تو اسان جي واسطي ڪيو آهي تنهن کي قائم ڪر.</verse>
				<verse number="29">تنهنجي هيڪل جا يروشلم ۾ آهي، تنهنجي ڪري بادشاهہ تو وٽ نذرانا آڻيندا.</verse>
				<verse number="30">تون سَرن ۾ رهندڙ جهنگلي جانورن کي ۽ سانن جي ٽوليءَ کي، ۽ اُمتن جي گابن کي ڌمڪايو، جي چانديءَ جي سڪن کي پائمال ٿا ڪن؛ جن قومن کي جنگ ڪرڻ ۾ خوشي ٿي ٿئي، تن کي هن ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="31">مصر مان سردار ايندا؛ ۽ حبش جا ماڻهو سگهو ئي پنهنجا هٿ خدا ڏانهن ڊگهيريندا.</verse>
				<verse number="32">اي زمين جون بادشاهتون خدا جي حضور ۾ گيت ڳايو؛ ۽ خداوند جي تعريف ڳايو؛</verse>
				<verse number="33">انهيءَ جي، جو مدامي آسمانن جي آسمان تي سواري ٿو ڪري؛ ڏس، هو پنهنجو آواز ٿو ٻڌائي، جو قدرت وارو آواز آهي.</verse>
				<verse number="34">اوهين خدا کي ئي تعظيم ڏيو، هن جي شوڪت اسرائيل ۾ آهي، ۽ سندس قدرت آسمانن ۾ آهي.</verse>
				<verse number="35">اي خدا تون پنهنجي پاڪ مڪانن ۾ هيبتناڪ آهين: اسرائيل جو خدا پنهنجي ماڻهن کي زور ۽ طاقت ٿو بخشي. شل خدا مبارڪ هجي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="69">
				<verse number="1">اي خدا مون کي بچاءِ؛ ڇو جو پاڻي منهنجيءَ جان تائين اچي پهتو آهي.</verse>
				<verse number="2">آءٌ اونهيءَ گپ ۾ گپندو ٿو وڃان، جنهن ۾ بيهڻ جي ڪا جاءِ ڪانهي: آءٌ اونهي پاڻيءَ ۾ اچي پيو آهيان، ۽ پاڻيءَ جي اُٿل منهنجي مٿان لنگهيو ٿي وڃي.</verse>
				<verse number="3">آءٌ دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان؛ ۽ نڙي سڪي ويئي اٿم: ۽ خدا جو انتظار ڪندي منهنجون اکيون ضعيف ٿي ويون آهن.</verse>
				<verse number="4">جيڪي بنا سبب مون سان دشمن ٿا رکن سي منهنجي مٿي جي وارن کان بہ گهڻا آهن: جيڪي ناحق مون سان دشمني ڪري مون کي تباهہ ڪرڻ ٿا گهرن سي زوراور آهن: انهي ڪري جيڪي مون کسيو ڪونہ هو، سو مون ڀري ڏنو.</verse>
				<verse number="5">اي خدا، منهنجي بي عقلي تون ڄاڻين ٿو؛ ۽ منهنجا گناهہ تو کان ڳجها نہ آهن.</verse>
				<verse number="6">اي خدا لشڪرن جا خدا جيڪي تو ۾ اُميد ٿا رکن، سي منهنجي ڪري شرمندا نہ ٿين: اي اسرائيل جا خدا، جيڪي تنهنجا طالب آهن سي منهنجي ڪري بدنام نہ ٿين.</verse>
				<verse number="7">ڇو جو تنهنجي خاطر مون طعنا سٺا آهن، ۽ منهنجو منهن شرم ۾ ٻڏي ويو آهي.</verse>
				<verse number="8">آءٌ پنهنجن ڀائرن وٽ ڌاريو، پنهنجيءَ ماءُ جي اولاد وٽ پرديسي ٿي پيو آهيان.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو تنهنجي گهر جي غيرت مون کي کائي ويئي آهي؛ ۽ تنهنجي گلا خورن جون گلائون مون تي اچي پيون آهن.</verse>
				<verse number="10">جڏهن مون روئي ۽ روزو رکي پنهنجيءَ جان کي ڏک ڏنو، تڏهن انهيءَ لاءِ بہ مون کي مهڻا مليا.</verse>
				<verse number="11">جڏهن مون کٿو ڍڪيو تڏهن آءٌ انهن وٽ هڪڙو پهاڪو ٿيس.</verse>
				<verse number="12">جيڪي شهر جي دروازي تي ٿا ويهن سي منهنجون ئي ڳالهيون ٿا ڪن؛ ۽ نشئي مون تي راڳ ٿا ڳائين.</verse>
				<verse number="13">پر اي خدا تنهنجي رضامنديءَ جي وقت ۾ منهنجي دعا تو وٽ ايندي: اي خدا پنهنجي بيحد گهڻي رحم سان، پنهنجيءَ نجات جي سچائيءَ ۾ مون کي جواب ڏي.</verse>
				<verse number="14">مون کي گپ ۾ ٻڏڻ نہ ڏي پر مون کي ڪڍي وٺ ۽ جيڪي مون سان دشمني ٿا رکن تن کان مون کي ڇڏاءِ، ۽ اونهي پاڻيءَ مان مون کي ڪڍي وٺ.</verse>
				<verse number="15">پاڻيءَ جي اُٿل مون کي نہ ٻوڙي، نڪي اونهي پاڻيءَ ۾ آءٌ ٻڏي وڃان؛ ۽ قبر منهنجي مٿان پنهنجو منهن پوري نہ ڇڏي.</verse>
				<verse number="16">اي خداوند مون کي جواب ڏي، ڇو جو تنهنجي ٻاجهہ چڱي آهي: تون پنهنجيءَ گهڻيءَ رحمت جي ڪري مون ڏانهن نظر ڪر.</verse>
				<verse number="17">۽ پنهنجي ٻانهي کان پنهنجو منهن نہ لڪاءِ؛ ڇو تہ آءٌ مصيبت ۾ آهيان؛ جلد مون کي جواب ڏي.</verse>
				<verse number="18">منهنجي ويجهو اچي منهنجيءَ جان کي ڇڏاءِ: منهنجي دشمنن کان مون کي ڇوٽڪارو ڏي.</verse>
				<verse number="19">توکي منهنجي مهڻي ۽ شرم ۽ بدناميءَ جي خبر آهي: منهنجا سڀيئي دشمن تنهنجي اڳيان آهن.</verse>
				<verse number="20">طعنن منهنجي دل ڀڃي ڇڏي آهي؛ آءٌ ڏاڍو غمگين ۽ ڏکي آهيان: مون پئي نهاريو تہ من ڪو مون تي ڪهل ڪري، پر ڪو ڪونہ هو؛ من ڪو مون کي دلاسو ڏي، پر ڪوبہ ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو.</verse>
				<verse number="21">اُنهن مون کي کائڻ لاءِ پت ڏنو؛ ۽ منهنجي اُڃ لاهڻ لاءِ مون کي سرڪو پياريائون.</verse>
				<verse number="22">شل انهن جو دسترخانو انهن لاءِ ڦندو ٿئي؛ ۽ جڏهن اهي سلامتيءَ ۾ هجن تڏهن اها سندن لاءِ ڦندو ٿي پوي.</verse>
				<verse number="23">انهن جون اکيون انڌيون ٿي پون، تہ ڏسي نہ سگهن؛ ۽ سندن چيلهہ سدائين ڏڪندي رهي.</verse>
				<verse number="24">انهن تي پنهنجو غضب نازل ڪر، ۽ تنهنجي غصي جو جوش کين وڪوڙي وڃي.</verse>
				<verse number="25">انهن جي رهڻ جي جاءِ اُجاڙ ٿئي؛ ۽ سندن تنبو سڃا ٿي وڃن.</verse>
				<verse number="26">ڇالاءِ تہ جنهن کي تو ڌڪ هنيو آهي تنهن کي اهي ستائين ٿا، ۽ جنهن کي تو ڦٽيو آهي تنهن جي غم بابت ڳالهيون ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="27">انهن جي خطا تي خطا چاڙهہ: ۽ کين پنهنجيءَ راستبازيءَ ۾ اچڻ نہ ڏي.</verse>
				<verse number="28">اُنهن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب مان مٽائي ڇڏ، اُهي راستبازن سان گڏ ليکيا نہ وڃن.</verse>
				<verse number="29">پر آءٌ غريب ۽ غمگين آهيان: اي خدا پنهنجيءَ نجات سان مون کي سربلند ڪر.</verse>
				<verse number="30">آءٌ خدا جي نالي جو گيت ڳائي سندس تعريف ڪندس، ۽ شڪرگذاريءَ سان هن جي تمجيد ڪندس.</verse>
				<verse number="31">اهو خداوند کي ڍڳي ۽ ڏاند کان وڌيڪ پسند آهي، جنهن کي سڱ ۽ کُر ٿا ٿين.</verse>
				<verse number="32">نماڻا اهو ڏسي خوش ٿا ٿين: اوهين جي خدا جا طالب آهيو، اوهان جي دل جيئري رهي.</verse>
				<verse number="33">ڇو جو خداوند محتاجن جي ٻڌي ٿو، ۽ پنهنجي قيدين سان نفرت نٿو رکي.</verse>
				<verse number="34">آسمان، ۽ زمين، ۽ سمنڊ، ۽ جيڪي انهن ۾ گهمي ڦري ٿو، سي سڀ هن جي تعريف ڪن.</verse>
				<verse number="35">ڇو تہ خدا صيون کي بچائيندو؛ ۽ يهوداہ جا شهر جوڙيندو؛ ۽ اُهي اُتي رهندا ۽ قبضو ڪندا.</verse>
				<verse number="36">هن جي بندن جو اولاد بہ انهيءَ جو وارث ٿيندو؛ ۽ جيڪي هن جي نالي کي پيار ٿا ڪن سي اتي رهندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="70">
				<verse number="1">اي خدا منهنجي ڇڏائڻ لاءِ سيگهہ ڪر؛ اي خدا منهنجي مدد ڪرڻ واسطي جلدي ڪر.</verse>
				<verse number="2">جيڪي منهنجو ساهہ ڪڍڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيا آهن سي شرمندا ٿين، ۽ منجهي پون: جيڪي منهنجي نقصان ۾ خوش ٿا ٿين سي پٺ تي هٽن ۽ بدنام ٿين.</verse>
				<verse number="3">جيڪي اهو، اهو، ٿا ڪن، سي شرمندا ٿي پٺ تي هٽن.</verse>
				<verse number="4">جيڪي توکي ڳولين ٿا سي تو ۾ خوشي ڪن ۽ سرها ٿين؛ ۽ جيڪي تنهنجي نجات کي پسند ٿا ڪن سي هميشہ چوندا رهن تہ خدا جي تمجيد هجي.</verse>
				<verse number="5">پر آءٌ غريب ۽ محتاج آهيان؛ اي خدا، جلد مون وٽ اچ: اي خداوند تون منهنجو مددگار ۽ بچائيندڙ آهين؛ دير نہ ڪر.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="71">
				<verse number="1">اي خداوند منهنجو ڀروسو توتي آهي: مون کي ڪڏهن بہ شرمندو ٿيڻ نہ ڏي.</verse>
				<verse number="2">پنهنجيءَ راستبازيءَ جي ڪري، مون کي ڇوٽڪارو ڏي، ۽ مون کي ڇڏاءِ: مون ڏانهن ڪن ڏي ۽ مون کي بچاءِ.</verse>
				<verse number="3">تون منهنجي رهڻ لاءِ قلعو ٿيءُ، جتي آءٌ هميشہ پيو اچان وڃان: تو منهنجي بچائڻ واسطي حڪم ڏنو آهي؛ ڇو جو تون منهنجو ٽڪر ۽ منهنجو قلعو آهين.</verse>
				<verse number="4">اي منهنجا خدا مون کي بدڪار ماڻهو جي هٿان، ۽ ناراست ۽ ظالم ماڻهوءَ جي هٿان ڇڏاءِ.</verse>
				<verse number="5">ڇو جو اي خداوند خدا، تو ۾ منهنجي اُميد آهي؛ ننڍپڻ کان منهنجو توتي ئي ڀروسو آهي.</verse>
				<verse number="6">منهنجي ڄمڻ کان وٺي تو مونکي سنڀاليو آهي: تو مون کي منهنجيءَ ماءُ جي پيٽان ڪڍيو: آءٌ هميشہ تنهنجي تعريف ڪندس.</verse>
				<verse number="7">آءٌ گهڻن جي نظر ۾ حيرانيءَ جو سبب ٿيو آهيان؛ پر تون منهنجي مضبوط پناهہ آهين.</verse>
				<verse number="8">منهنجو وات سڄو ڏينهن تنهنجي تعريف، ۽ تنهنجي شان جي ڳالهين سان ڀرپور رهندو.</verse>
				<verse number="9">ٻڍاپي ۾ مون کي ڇڏي نہ ڏي؛ ۽ هيڻائي جي وقت ۾ مون کي پاسي نہ ڪر.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو منهنجا دشمن مون بابت ڳالهيون ٿا ڪن، ۽ جيڪي مون کي مارڻ جي انتظار ۾ آهن سي پاڻ ۾ صلاحون پيا ڪن.</verse>
				<verse number="11">اهي چون ٿا تہ خدا هن کي ڇڏي ڏنو آهي: هن جي پٺيان پئو؛ ۽ جهليوس؛ ڇو تہ ڪوبہ ڇڏائڻ وارو ڪونهيس.</verse>
				<verse number="12">اي خدا مون کان پري نہ ٿي: اي منهنجا خدا، منهنجي مدد لاءِ جلدي ڪر.</verse>
				<verse number="13">جيڪي منهنجيءَ جان جا دشمن آهن سي شرمندا ٿين، ۽ فنا ٿي وڃن؛ جيڪي منهنجا مٺگهرا آهن سي مهڻن ۽ بدناميءَ سان ڍڪجي وڃن.</verse>
				<verse number="14">پر آءٌ سدائين اُميد رکندس، ۽ توکي وڌيڪ ساراهيندو رهندس.</verse>
				<verse number="15">منهنجو وات سڄو ڏينهن تنهنجيءَ راستبازيءَ ۽ نجات جو بيان ڪندو، ڇالاءِ جو انهي جي شمار جي مون کي خبر ڪانهي.</verse>
				<verse number="16">آءٌ خداوند خدا جي قدرت وارن ڪمن جو بيان ڪندو رهندس: آءٌ رڳو تنهنجي راستبازيءَ جو ذڪر ڪندس.</verse>
				<verse number="17">اي خدا، منهنجي ننڍپڻ کان وٺي تو مونکي سيکاريو آهي؛ ۽ مون تنهنجن عجيب ڪمن جو اظهار ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="18">جڏهن آءٌ ٻڍو ۽ اچي مٿي وارو ٿيان، تڏهن بہ تون مون کي ڇڏي نہ ڏج؛ جيسين ڪ آءٌ ٻي پيڙهيءَ کي تنهنجي قدرت، ۽ جيڪي انهن کان پوءِ ايندا تن کي تنهنجي طاقت جي بابت نہ ٻڌايان.</verse>
				<verse number="19">اي خدا تنهنجي سچائي ڏاڍي بلند آهي؛ تو وڏا وڏا ڪم ڪيا آهن، اي خدا، تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟</verse>
				<verse number="20">تو جنهن اسان کي گهڻيون ۽ سخت تڪليفون ڏيکاريون آهن، تون وري اسان کي جيئرو ڪندين، ۽ زمين جي تري مان اسان کي ڪڍي مٿي آڻيندين.</verse>
				<verse number="21">تون منهنجي عظمت کي وڌاءِ، ۽ موٽي مون کي تسلي ڏي.</verse>
				<verse number="22">اي منهنجا خدا آءٌ ساز وڄائي تنهنجي سچائيءَ جي ساراهہ ڪندس: اي اسرائيل جا قدوس، آءٌ بربط وڄائي تنهنجي تعريف ڳائيندس.</verse>
				<verse number="23">جنهن مهل آءٌ تنهنجي تعريف ڳائيندس تنهن مهل منهنجا چپ ڏاڍا خوش ٿيندا، ۽ منهنجي جان جنهن کي تو ڇڏايو آهي سا بہ خوشي ڪندي.</verse>
				<verse number="24">منهنجي زبان بہ سڄو ڏينهن تنهنجي راستبازيءَ جو بيان ڪندي رهندي: ڇو تہ جيڪي منهنجا مٺگهرا هئا سي شرمندا ٿيا، ۽ منجهي پيا آهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="72">
				<verse number="1">اي خدا بادشاهہ کي پنهنجي حڪم، ۽ شهزادي کي پنهنجي راستبازي عطا ڪر.</verse>
				<verse number="2">هو تنهنجيءَ اُمت جي راستبازيءَ سان، ۽ تنهنجي غريبن جي انصاف سان عدالت ڪندو.</verse>
				<verse number="3">تنهنجي اُمت جي لاءِ جبلن مان سلامتي، ۽ ٽڪرين مان راستبازي پيدا ٿيندي.</verse>
				<verse number="4">هو اُمت جي غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ محتاجن جي ٻارن کي بچائيندو، ۽ ظالم کي وڍي ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="5">جيسين سج ۽ چنڊ قائم رهندا، تيسين سڀني پيڙهين جا ماڻهو توکان ڊڄندا رهندا.</verse>
				<verse number="6">جيئن ڪپيل گاهہ تي برسات پوندي آهي، ۽ مينهن جي وسڪار زمين کي ڀڄائيندي آهي، تيئن هو نازل ٿيندو.</verse>
				<verse number="7">هن جي ڏينهن ۾ راستباز ماڻهو زور وٺندا؛ ۽ جيسين چنڊ قائم آهي تيسين پوري سلامتي هوندي.</verse>
				<verse number="8">۽ هڪڙي سمنڊ کان ٻئي سمنڊ تائين، ۽ نديءَ کان زمين جي ڇيڙي تائين، هن جي حڪومت هلندي.</verse>
				<verse number="9">بيابان جا رهاڪو وٽس اچي سجدو ڪندا؛ ۽ سندس دشمن مٽي چٽيندا.</verse>
				<verse number="10">ترسيس ۽ ٻيٽن جا بادشاهہ سوغاتون آڻيندا؛ ۽ صبا ۽ شيبا جا بادشاهہ نذرانا پيش ڪندا.</verse>
				<verse number="11">هائو سڀيئي بادشاهہ هن جي اڳيان سجدو ڪندا: ۽ سڀ قومون سندس خدمت ڪنديون.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ تہ جڏهن محتاج ۽ غريب ۽ لاچار دانهون ڪندا، تڏهن هو کين ڇڏائيندو.</verse>
				<verse number="13">هو غريب ۽ محتاج تي ڪهل ڪندو، ۽ محتاجن جي جان بچائيندو.</verse>
				<verse number="14">هو انهن جي جان ظلم ۽ زبردستيءَ کان بچائيندو؛ انهن جو رت سندس نظر ۾ قيمتي ٿيندو:</verse>
				<verse number="15">هو جيئندا ۽ شيبا جو سون کيس ڏنو ويندو: ماڻهو هن کي سدائين دعائون ڪندا؛ ۽ سڄو ڏينهن کيس مبارڪ پيا چوندا.</verse>
				<verse number="16">ملڪ ۾ جبلن جي چوٽيءَ تائين ججهو اَنُ ٿيندو؛ جنهن جا سنگ لبنان جي وڻن وانگي پيا لڏندا: ۽ شهر جا ماڻهو زمين جي گاهہ وانگيان وڌندا ويجهندا.</verse>
				<verse number="17">هن جو نالو هميشہ تائين قائم رهندو؛ جيسين سج هوندو تيسين سندس نالو پيو هلندو: ماڻهن کي هن جي ڪري برڪت ملندي؛ ۽ سڀيئي قومون هن کي خوش نصيب چونديون.</verse>
				<verse number="18">شل خداوند خدا، اسرائيل جو خدا، مبارڪ هجي، جو ئي عجيب ڪم ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="19">هن جو جلال وارو نالو هميشہ تائين مبارڪ هجي؛ شل سارو جهان هن جي جلال سان ڀرپور ٿئي. آمين ۽ آمين.</verse>
				<verse number="20">هتي دائود ولد يسيءَ جون دعائون پوريون ٿيون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="73">
				<verse number="1">بيشڪ خدا اسرائيل تي مهربان آهي. يعني انهن تي جيڪي پاڪ دل آهن.</verse>
				<verse number="2">پر منهنجا پير تہ ذري گهٽ ترڪي ويا هئا، ۽ آءٌ وِک کڻندي ئي ٿاٻو کائڻ تي هوس.</verse>
				<verse number="3">ڇو تہ جڏهن مون بڇڙن جي اقبالمندي ڏٺي، تڏهن مغرورن تي مون کي ريس آئي.</verse>
				<verse number="4">ڇو تہ انهن کي مرڻ مهل سور نہ آهي: ۽ انهن جو زور قائم ٿو رهي.</verse>
				<verse number="5">اهي ٻين ماڻهن وانگر مصيبت ۾ نٿا پون؛ نڪا ٻين ماڻهن وانگر مٿن آفت ٿي اچي.</verse>
				<verse number="6">تنهن ڪري هٺ سندن گلي جو هار ٿي پيو آهي؛ ۽ ظلم کي پنهنجي پوشاڪ ڪري پاتو اٿن.</verse>
				<verse number="7">انهن جون اکيون چرٻيءَ جي ڪري ٻاهر نڪتل آهن: سندن دل جا خيال حد کان ٻاهر ٿا نڪرن.</verse>
				<verse number="8">اهي ٺٺوليون ڪري ظلم جون ڳالهيون ٿا ڪن: ۽ ٻٽاڪون ٿا هڻن.</verse>
				<verse number="9">اُهي پنهنجو وات آسمان ڏانهن ڪري بيٺا آهن، ۽ سندن زبان زمين تي پيئي گهمي.</verse>
				<verse number="10">تنهن ڪري ماڻهو انهي پاسي ٿا ڦرن: ۽ پاڻيءَ جا پيالا ڀري ٿا پيئن.</verse>
				<verse number="11">اهي چون ٿا تہ خدا ڪيئن ٿو ڄاڻي؟ خدا تعاليٰ کي ڪو علم آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="12">انهن بڇڙن کي ڏسو؛ اهي سدائين آرام ۾ ٿا رهن، ۽ خزانو پيا وڌائين.</verse>
				<verse number="13">سچ تہ مون اجايو پنهنجي دل کي صاف ڪيو آهي، ۽ پنهنجن هٿن کي پاڪ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو آءٌ سڄو ڏينهن آفتن ۾ ٿو گذاريان، ۽ روز صبح جو سيکت ٿي مليم.</verse>
				<verse number="15">جيڪڏهن آءٌ چوان ها تہ هيئن چوندس؛ تہ ڏس جيڪر تنهنجي نسل سان بيوفائي ڪريان ها.</verse>
				<verse number="16">جڏهن مون خيال ڪيو تہ ڪيئن هن ڳالهہ کي سمجهان، تڏهن اها مون لاءِ ڏاڍي ڏکي هئي؛</verse>
				<verse number="17">جيسين ڪ آءٌ خدا جي پاڪ مڪان ۾ ويس، ۽ انهن جي آخر تي ويچار ڪيم.</verse>
				<verse number="18">سچ پچ تون انهن کي ترڪڻين جاين ۾ ٿو رکين: ۽ کين ڪيرائي برباد ٿو ڪرين.</verse>
				<verse number="19">اهي اک ڇنڀ ۾ ڪيئن نہ چٽ ٿي ويا آهن! ۽ ڊپ ۾ ئي فنا ٿي ويا آهن.</verse>
				<verse number="20">جيئن ڪو ماڻهو جاڳي خواب کي ڀلجيو وڃي، تيئن جڏهن تون جاڳندين تڏهن انهن جي شڪل کي حقير ڄاڻيندين.</verse>
				<verse number="21">ڇو جو منهنجي دل کي ارمان ٿيو، ۽ منهنجي اندر ۾ ڄڻ تہ سئي چُڀي ويئي؛</verse>
				<verse number="22">آءٌ بي عقل ۽ نادان هوس؛ تنهنجي اڳيان حيوان جهڙو هوس.</verse>
				<verse number="23">تڏهن بہ آءٌ هميشہ تو سان ٿو رهان: تو منهنجو ساڄو هٿ جهليو آهي.</verse>
				<verse number="24">تون پنهنجيءَ صلاح سان منهنجي هدايت ڪندين، ۽ نيٺ مون کي جلال ۾ قبول ڪندين.</verse>
				<verse number="25">آسمان ۾ تو ڌاران منهنجو ٻيو ڪير آهي؟ ۽ زمين تي توکان سواءِ مون کي ٻئي ڪنهن جي بہ خواهش ڪانهي.</verse>
				<verse number="26">منهنجو جسم ۽ منهنجي دل لهي ويئي آهي: پر خدا هميشہ جي لاءِ منهنجي دل جو زيور ۽ منهنجي ميراث آهي.</verse>
				<verse number="27">ڇالاءِ جو ڏس، جيڪي تو کان پري رهن ٿا سي فنا ٿي ويندا: ۽ جيڪي توکان ڦري بي وفا ٿيا آهن، تن کي تو برباد ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="28">پر مون لاءِ اهو چڱو آهي تہ خدا کي ويجهو ٿيان: مون خداوند خدا کي پنهنجي پناهہ جي جاءِ ڪيو آهي، تہ تنهنجي سڀني ڪمن جو بيان ڪريان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="74">
				<verse number="1">اي خدا تو اسان کي هميشہ جي لاءِ ڇو ڇڏي ڏنو آهي ۽ پنهنجي چراگاهہ جي رڍن تي ڇو تنهنجي ڪاوڙ جو دونهون دکيو آهي؟</verse>
				<verse number="2">پنهنجيءَ جماعت کي ياد ڪر، جنهن کي تو قديم زماني کان خريد ڪيو آهي، جنهن کي تو ميراث جو قبيلو ٿيڻ لاءِ ڇڏايو آهي؛ ۽ صيون جبل کي ياد ڪر جنهن تي رهندو هئين.</verse>
				<verse number="3">تون انهن قديم ويرانين ڏانهن وِک کڻي ڏس، تہ تنهنجي پاڪ مڪان ۾ دشمن ڪيڏي نہ خرابي ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="4">تنهنجن دشمنن تنهنجي جماعت جي وچ ۾ اچي هل مچايو؛ ۽ نشانن لاءِ پنهنجا جهنڊا کڙا ڪيا اٿن.</verse>
				<verse number="5">اُهي انهن ماڻهن وانگي پئي لڳا جي ٻيلي ۾ ڪهاڙن سان وڻن جون ٽاريون ٿا وڍن،</verse>
				<verse number="6">۽ هاڻي اهي ڪهاڙين ۽ مترڪين سان انهيءَ جي ساري نقشڪاريءَ کي بہ ڀڃي پرزا پرزا پيا ڪن.</verse>
				<verse number="7">انهن تنهنجي پاڪ مڪان کي باهہ ڏني آهي؛ ۽ تنهنجي نالي جي جاءِ کي ڊاهي زمين تي پليت ڪيو اٿن.</verse>
				<verse number="8">۽ انهن پنهنجي دل ۾ چيو تہ، اچو تہ هنن سڀني کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيون: انهن ملڪ ۾ خدا جي سڀني عبادتخانن کي ساڙي ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="9">اسين پنهنجا نشان نٿا ڏسون: اسان وٽ ڪو نبي بہ ڪونہ بچيو آهي؛ نڪو ڪو اهڙو ماڻهو آهي جنهن کي خبر هجي تہ هي حال ڪيستائين هلندو.</verse>
				<verse number="10">اي خدا ڪيستائين دشمن طعنا هڻندو رهندو؟ دشمن تنهنجي نالي تي هميشہ تائين ڪفر بڪندو ڇا؟</verse>
				<verse number="11">تو پنهنجي هٿ کي، هائو پنهنجي ساڄي هٿ کي ڇو روڪيو آهي؟ اهو پنهنجي بغل مان ڪڍي انهن کي فنا ڪر.</verse>
				<verse number="12">خدا قديم وقت کان وٺي منهنجو بادشاهہ آهي، جو زمين تي نجات ٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="13">تو پنهنجيءَ قدرت سان سمنڊ کي چيري ڌار ڪيو، ۽ تو درياهہ ۾ واڳن جا مٿا ڀڃي ڇڏيا.</verse>
				<verse number="14">تو مانگر مڇ جي سسيءَ کي ٽڪر ٽڪر ڪيو، ۽ تو اهو بيابان جي رهاڪن کي کاڌي لاءِ ڏنو.</verse>
				<verse number="15">تو چشما ۽ ٻوڏ جاري ڪيا: تو وڏا وڏا درياهہ سڪائي ڇڏيا.</verse>
				<verse number="16">ڏينهن تنهنجو آهي، ۽ رات بہ تنهنجي آهي: تو سج ۽ سوجهري کي تيار ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="17">تو زمين جون سڀ حدون قائم ڪيون آهن: اونهارو ۽ سيارو تو ئي مقرر ڪيا آهن.</verse>
				<verse number="18">اي خداوند ياد ڪر تہ دشمن طعنا هنيا آهن، ۽ بيوقوف قوم تنهنجي نالي ڪفر بڪيو آهي.</verse>
				<verse number="19">پنهنجي ڳيري جي جان مرن جي حوالي نہ ڪر: ۽ پنهنجي غريبن جي حياتيءَ کي هميشہ جي لاءِ نہ وسار.</verse>
				<verse number="20">پنهنجي عهد جو خيال رک: ڇو جو جهان جون اونداهيون جايون ظلم سان ڀرپور آهن.</verse>
				<verse number="21">ائين نہ ٿئي تہ ڏکويل ڦڪا ٿي موٽي وڃن: ڀلي تہ غريب ۽ محتاج تنهنجي نالي جي تعريف ڪن.</verse>
				<verse number="22">اي خدا اُٿ، پاڻ پنهنجي وڪالت ڪر: ۽ ياد ڪر تہ بيوقوف ماڻهو ڪيئن نہ سڄو ڏينهن توکي طعنا ٿو هڻي.</verse>
				<verse number="23">پنهنجي دشمنن جو آواز نہ وسار: جيڪي تنهنجي برخلاف کڙا ٿيا آهن تن جو گوڙ هر وقت جاري آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="75">
				<verse number="1">اي خدا اسين تنهنجي شڪر گذاري ٿا ڪريون؛ تنهنجا ٿورا ٿا مڃيون، ڇو جو تنهنجو نالو ويجهو آهي: ماڻهو تنهنجي عجيب ڪمن جو بيان ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="2">جڏهن ٺهرايل وقت ايندو، تڏهن آءٌ سچائيءَ سان عدالت ڪندس.</verse>
				<verse number="3">زمين ۽ انهيءَ جا سڀ رهاڪو ڳري ويا آهن: مون انهيءَ جي ٿنڀن کي قائم ڪيو اهي.</verse>
				<verse number="4">مون هٺيلن کي چيو تہ هٺ نہ ڪريو: ۽ بڇڙن کي چيم تہ سڱ مٿي نہ کڻو:</verse>
				<verse number="5">پنهنجا سڱ مٿي نہ کڻو؛ ۽ مغروريءَ سان نہ ڳالهايو.</verse>
				<verse number="6">ڇو جو سرفرازي نہ اُڀرندي کان ٿي اچي نہ اُلهندي کان، نڪي ڏکڻ کان ٿي اچي.</verse>
				<verse number="7">پر خدا ئي منصف آهي: هو هڪڙي کي ڪيرائي ٿو، ٻئي کي چاڙهي ٿو.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو خداوند جي هٿ ۾ هڪڙو پيالو آهي، جنهن ۾ ڳاڙهو شراب آهي، اُهو گڏيل شراب آهي: هو اُنهيءَ مان اوتي ٿو ڪڍي؛ ۽ زمين جا سڀيئي بڇڙا ماڻهو انهي جي تري جو نچوڙ پيئندا.</verse>
				<verse number="9">پر آءٌ تہ هميشہ بيان ڪندو رهندس، ۽ يعقوب جي خدا جي تعريف ڳائيندس.</verse>
				<verse number="10">آءٌ بڇڙن جا سڀيئي سڱ بہ وڍي ڇڏيندس؛ پر راستبازن جا سڱ بلند ڪيا ويندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="76">
				<verse number="1">خدا يهوداہ ۾ مشهور آهي: ۽ سندس نالو اسرائيل ۾ عظيم آهي.</verse>
				<verse number="2">سالم ۾ هن جو خيمو آهي، ۽ صيون ۾ هن جي رهڻ جي جاءِ آهي.</verse>
				<verse number="3">اتي هن ڪمان جا تير، ۽ ڍال، ۽ ترار، ۽ جنگ جو سامان ڀڃي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="4">تون جلال وارو آهين، تون شڪار سان ڀريل جبلن کان وڌيڪ شان وارو آهين.</verse>
				<verse number="5">مضبوط دل وارن جو مال لٽجي ويو، هو غفلت جي ننڊ ۾ سمهي رهيا؛ ۽ زور وارن مان ڪنهن هڪڙي بہ هٿ نہ ڊگهيريو.</verse>
				<verse number="6">اي يعقوب جا خدا تنهنجيءَ ڇينڀ جي ڪري، جنگي گاڏي ۽ گهوڙو گهريءَ ننڊ ۾ پئجي ويا.</verse>
				<verse number="7">رڳو تو کان ئي ڊڄڻ گهرجي: جڏهن تون ڪاوڙبين تڏهن ڪير تنهنجي اڳيان بيهي سگهندو.</verse>
				<verse number="8">تو آسمان مان پنهنجي فتويٰ ڏني؛ تہ زمين ڊڄي ويئي، ۽ ماٺ ڪري بيٺي.</verse>
				<verse number="9">جڏهن خدا عدالت ڪرڻ اُٿيو، تہ زمين جي سڀني نماڻن کي بچائي.</verse>
				<verse number="10">بيشڪ انسان جو غضب تنهنجي تعريف جو سبب ٿيندو؛ ۽ باقي رهيل غضب سان تون پنهنجي ڪمر ٻڌندين.</verse>
				<verse number="11">اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ مڃتائون مڃي پوريون ڪريو: ۽ اوهين سڀيئي جي هن جي چوڌاري بيٺا آهيو، انهي جي لاءِ، جنهن کان ڊڄڻ گهرجي، نذرانا آڻيو.</verse>
				<verse number="12">هو سردارن جو ساهہ سڪائي ڇڏيندو: هو زمين جي بادشاهن لاءِ هيبتناڪ آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="77">
				<verse number="1">آءٌ بلند آواز سان خدا جي حضور فرياد ڪندس؛ يعني خدا جي حضور ۾ پڪاريندس، ۽ هو مون ڏانهن ڪن ڏيندو.</verse>
				<verse number="2">مون پنهنجي مصيبت جي ڏينهن خداوند کي ڳوليو: مون رات جو پنهنجا هٿ ڊگهيريا ۽ ڍرا ڪين ڪيم؛ پر منهنجيءَ جان کي تسلي ڪانہ آئي.</verse>
				<verse number="3">آءٌ خدا کي ياد پيو ڪريان پر ڏکي آهيان: آءٌ دانهون پيو ڪريان پر منهنجو روح غم ۾ ٻڏيو وڃي.</verse>
				<verse number="4">تون منهنجين اکين کي کليل ٿو رکين: آءٌ اهڙو منجهي پيو آهيان جو ڳالهائي نٿو سگهان.</verse>
				<verse number="5">مون گذريل ڏينهن ۽ قديم زماني جي سالن تي غور ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="6">رات جو مون کي پنهنجو گيت ياد ٿو اچي: آءٌ پنهنجي دل ۾ خيال ٿو ڪريان؛ ۽ منهنجو روح چڱيءَ طرح غور ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="7">خداوند مون کي هميشہ جي لاءِ رد ڪري ڇڏيندو ڇا؟ وري مون تي مهربان ڪين ٿيندو ڇا؟</verse>
				<verse number="8">هن جو رحم هميشہ جي لاءِ هليو ويو آهي ڇا؟ هن جو قول اقرار هميشہ جي لاءِ باطل رهندو ڇا؟</verse>
				<verse number="9">خدا رحم ڪرڻ ڀلجي ويو آهي ڇا؟ هن غصي ۾ پنهنجي ٻاجهہ کي روڪي ڇڏيو آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="10">پوءِ مون چيو تہ اها منهنجي ڪمزوري آهي؛ پر آءٌ تہ خدا تعاليٰ جي قدرت جا ڏينهن ياد ڪندس.</verse>
				<verse number="11">آءٌ خداوند جي ڪمن جو ذڪر ڪندس؛ ڇو جو آءٌ تنهنجا گذريل عجيب ڪم ياد ڪندس.</verse>
				<verse number="12">آءٌ تنهنجن سڀني ڪمن تي ڌيان ڪندس، ۽ تنهنجي عملن تي غور ڪندس.</verse>
				<verse number="13">اي خدا، تنهنجي واٽ پاڪ مڪان ۾ آهي: ڪهڙو معبود اسان جي خدا جهڙو عظيم آهي؟</verse>
				<verse number="14">تون اهو خدا آهين جو عجيب ڪم ٿو ڪرين: تو قومن ۾ پنهنجي قدرت پڌري ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="15">تو پنهنجي اُمت کي يعني يعقوب ۽ يوسف جي اولاد کي ڇڏايو آهي.</verse>
				<verse number="16">اي خدا پاڻيءَ توکي ڏٺو؛ هائو پاڻي توکي ڏسي ڊڄي ويو: ۽ اونهو سمنڊ ڏڪڻ لڳو.</verse>
				<verse number="17">ڪڪرن مينهن وسايو، آسمان مان آواز آيو: تنهنجا تير بہ چئني پاسي ڇُٽا.</verse>
				<verse number="18">واچوڙي ۾ تنهنجي گجڻ جو آواز ٿيو؛ وڄ جهان کي روشن ڪيو: ڌرتي ڌٻي ۽ ڏڪي ويئي.</verse>
				<verse number="19">تنهنجي واٽ سمنڊ ۾ هئي، ۽ تنهنجو رستو وڏن پاڻين ۾ آهي، تنهنجي پيرن جا نشان ڏسڻ ۾ نہ آيا.</verse>
				<verse number="20">تو پنهنجي اُمت جي ڌڻ وانگي موسيٰ ۽ هارون جي معرفت رهبري ڪئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="78">
				<verse number="1">اي منهنجي قوم منهنجي شريعت ٻڌ: ۽ منهنجي وات جي ڪلام تي ڪن ڏي.</verse>
				<verse number="2">آءٌ مثلن ۾ ڪلام ڪندس؛ ۽ قديم زماني جون ڳجهارتون ٻڌائيندس.</verse>
				<verse number="3">اسان اهي ڳالهيون ٻڌيون آهن ۽ انهي جي خبر اٿئون، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن اسان کي اُهي ٻڌايون.</verse>
				<verse number="4">اُهي اسين انهن جي اولاد کان ڪين لڪائينداسين، بلڪ ايندڙ پيڙهيءَ کي بہ خداوند جي تعريف ۽ سندس قدرت، ۽ جيڪي عجيب ڪم هن ڪيا آهن سي ٻڌائينداسين.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو هن يعقوب ۾ هڪڙي شاهدي قائم ڪئي آهي، ۽ اسرائيل ۾ شريعت مقرر ڪئي اٿس، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي فرمايائين تہ اوهين پنهنجي اولاد کي اهي ڳالهيون سيکارجو.</verse>
				<verse number="6">تہ ايندڙ پيڙهيءَ ۾ جيڪي ٻار ڄمن تن کي انهيءَ جي خبر پوي، ۽ اهي وري پنهنجن ٻارن کي ٻڌائين.</verse>
				<verse number="7">انهي لاءِ تہ اهي خدا ۾ پنهنجي اُميد رکن، ۽ خدا جي ڪمن کي نہ وسارين، ۽ سندس حڪم کي مڃين:</verse>
				<verse number="8">۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جهڙا ضدي فسادي نسل نہ ٿين: جن پنهنجي دل کي برابر نہ ڪيو ۽ جن جو روح خدا جي حضور وفادار نہ رهيو.</verse>
				<verse number="9">بني افرائيم هٿيار ٻڌا ۽ ڪمانون کنيون، پر جنگ جي ڏينهن پٺ ڏيئي ڀڳا.</verse>
				<verse number="10">انهن خدا جي عهد کي قائم نہ رکيو، ۽ سندس شريعت تي هلڻ کان انڪار ڪيائون:</verse>
				<verse number="11">۽ اُهي ڪم ۽ معجزا جي هن انهن کي ڏيکاريا هئا، سي وساري ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="12">هن مصر جي ملڪ ۾ ضعن جي علائقي ۾ سندن ابن ڏاڏن جي روبرو عجيب ڪم ڪيا.</verse>
				<verse number="13">هن سمنڊ کي چيري انهن کي پار لنگهايو: ۽ پاڻيءَ کي ڍڳ ڪري بيهاريائين.</verse>
				<verse number="14">۽ ڏينهن جي وقت ڪڪر سان، ۽ رات جو باهہ جي سوجهري سان، انهن جي رهبري ڪيائين.</verse>
				<verse number="15">هن بيابان ۾ ٽڪرين کي چيريو، ۽ انهن کي ڄڻ تہ پاتال مان پاڻي پياريائين.</verse>
				<verse number="16">هن ٽڪرين مان نهرون ڪڍي نديءَ وانگي پاڻي وهايو.</verse>
				<verse number="17">تڏهن بہ اهي هن جي خلاف گناهہ ڪندا رهيا، ۽ بيابان ۾ خدا تعاليٰ جي برخلاف فساد ڪندا رهيا.</verse>
				<verse number="18">انهن پنهنجي دل ۾ خدا کي آزمايو، ڇو تہ پنهنجي خواهش موجب کاڌو گهريائون.</verse>
				<verse number="19">خدا جي برخلاف چوڻ لڳا، تہ خدا بيابان ۾ دسترخانو تيار ڪري ٿو سگهي ڇا؟</verse>
				<verse number="20">ڏسو هن ٽڪر کي ڌڪ هنيو، ۽ پاڻي نڪري آيو، ۽ نهرون وهڻ لڳيون؛ هو ماني بہ ڏيئي سگهندو ڇا؟ هو پنهنجيءَ اُمت لاءِ گوشت موجود ڪري سگهندو ڇا؟</verse>
				<verse number="21">تنهن ڪري خداوند اهو ٻڌي ڪاوڙيو: ۽ يعقوب جي برخلاف باهہ ٻري، ۽ اسرائيل جي برخلاف کيس غصو آيو؛</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ جو انهن خدا تي ايمان نہ آندو، ۽ هن جي نجات تي ڀروسو نہ رکيائون.</verse>
				<verse number="23">تڏهن بہ هن مٿان ڪڪرن کي حڪم ڏنو، ۽ آسمان جا در کوليائين؛</verse>
				<verse number="24">۽ انهن جي لاءِ من وسايائين، ۽ کين آسمان جي خوراڪ ڏنائين.</verse>
				<verse number="25">ماڻهن فرشتن جي ماني کاڌي: هن کاڌو موڪلي کين ڍءُ ڪرايو.</verse>
				<verse number="26">هن آسمان ۾ اُڀرندي جو واءُ موڪليو: ۽ پنهنجي قدرت سان ڏکڻ کان هوا لڳايائين.</verse>
				<verse number="27">هن اُنهن تي مٽيءَ وانگي گوشت وسايو، ۽ سمنڊ جي واريءَ وانگر پکي ڪيرايائين:</verse>
				<verse number="28">هن اهي انهن منزل گاهن ۾ سندن تنبن جي آس پاس ڪيرايا.</verse>
				<verse number="29">سو انهن کائي چڱو ڍءُ ڪيو؛ ۽ هن کين سندن سَڌ موجب ڏنو.</verse>
				<verse number="30">پر اڃا انهن جي سَڌ پوري ڪانہ ٿي، ۽ سندن کاڌو سندن وات ۾ ئي هو.</verse>
				<verse number="31">تہ خدا کي انهن تي غصو آيو، ۽ سندن ٿلهن متارن ماڻهن مان گهڻن کي قتل ڪيائين، ۽ اسرائيل جي جوانن کي ماري ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="32">تنهن هوندي بہ وري انهن گناهہ ڪيو، ۽ هن جي عجيب ڪمن تي ايمان نہ آندائون.</verse>
				<verse number="33">تنهن ڪري هن انهن جا ڏينهن اجايا وڃايا، ۽ سندن ورهيہ خوف ۾ پورا ڪيائين.</verse>
				<verse number="34">جڏهن هن کين قتل ڪيو، تڏهن هو کيس ڳولڻ لڳا: ۽ خدا ڏانهن ڦري جلدي جلدي سندس طالب ٿيا.</verse>
				<verse number="35">۽ ياد ڪيائون تہ خدا اسان جو ٽڪر آهي، ۽ خدا تعاليٰ اسان جو ڇڏائيندڙ آهي.</verse>
				<verse number="36">پر اُنهن پنهنجي وات سان هن جي خوشامد ڪئي، ۽ پنهنجيءَ زبان سان هن جي اڳيان ڪوڙ ڳالهايائون.</verse>
				<verse number="37">ڇو جو انهن جي دل هن سان برابر نہ هئي، نڪي اهي سندس عهد تي وفادار رهيا.</verse>
				<verse number="38">پر ڇالاءِ جو هو رحيم آهي، تنهن ڪري سندن ڏوهہ معاف ڪيائين: هائو ڪيترائي ڀيرا پنهنجي غصي کي روڪي ڇڏيائين، ۽ پنهنجيءَ ڪاوڙ کي وڌڻ تہ ڏنائين.</verse>
				<verse number="39">هن ياد ڪيو تہ هي رڳو انسان آهن؛ انهيءَ هوا جهڙا آهن جا هليو وڃي ۽ وري نٿي اچي.</verse>
				<verse number="40">انهن ڪيترائي ڀيرا بيابان ۾ هن جي برخلاف فساد ڪيو، ۽ رڻ پٽ ۾ کيس رنجيدو ڪيو!</verse>
				<verse number="41">پوءِ بہ انهن موٽي خدا کي آزمايو، ۽ اسرائيل جي قدوس کي ناراض ڪيائون.</verse>
				<verse number="42">انهن هن جي هٿ کي ياد نہ رکيو، نڪي انهيءَ ڏينهن کي جڏهن هن کين دشمن کان ڇڏايو.</verse>
				<verse number="43">تہ ڪيئن هن مصر ۾ پنهنجا نشان ڏيکاريا، ۽ ضعن جي علائقي ۾ عجيب ڪم ڪيائين؛</verse>
				<verse number="44">۽ ڪيئن هن انهن جي ندين جو پاڻي ڦيرائي رت ڪري ڇڏيو، ۽ اهي پنهنجن چشمن جو پاڻي بہ پي ڪين سگهيا.</verse>
				<verse number="45">ڪيئن هن انهن منجهہ مکين جا ميڙ موڪليا، جي کين کائي ويون؛ ۽ ڏيڏر موڪيائين، جن انهن کي برباد ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="46">هن انهن جي زمين جي پيدائش سوٻٽن کي ڏني، ۽ سندن محنت جو ڦل مڪڙن کي ڏيئي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="47">هن انهن جي ڊاک جي منهہ کي ڳڙا وسائي برباد ڪيو، ۽ سندن انجيرن جي وڻن تي پارو وجهي چٽ ڪيائين.</verse>
				<verse number="48">هن انهن جي ڍورن تي ڳڙا وسايا، ۽ سندن ڌڻن تي وڄ ڪيرايائين.</verse>
				<verse number="49">هن انهن تي مصيبت جا ملائڪ موڪليا، ۽ پنهنجي سخت غصي، ۽ ڏمر ۽ ڪاوڙ جي ڪري کين تڪليف ۾ وڌائين.</verse>
				<verse number="50">هن پنهنجي غصي کي نہ روڪيو؛ نڪي سندن جان کي موت کان بچايائين، پر سندن حياتي طاعون جي حوالي ڪيائين؛</verse>
				<verse number="51">۽ مصر جي پهريتن کي ماريائين، يعني جيڪي حام جي تنبن ۾ سندن طاقت جو پهريون ڦل هئا.</verse>
				<verse number="52">هو پنهنجي اُمت کي رڍن وانگي وٺي هليو، ۽ بيابان ۾ ڌڻ وانگيان سندن رهبري ڪيائين.</verse>
				<verse number="53">هن انهن کي صحيح سلامت هلايو، ۽ ڪو ڊپ ڪونہ ٿين: پر سندن دشمن سمنڊ ۾ ٻڏي ويا.</verse>
				<verse number="54">هن انهن کي پنهنجي پاڪ مڪان جي حد تائين پهچايو، يعني انهيءَ جبل تائين جو پنهنجي ساڄي هٿ سان خريد ڪيو هئائين.</verse>
				<verse number="55">هن ڌارين قومن کي انهن جي اڳيان ڪڍي ڇڏيو، ۽ زمين ماپي اسرائيل جي قبيلن کي ميراث ڪري ڏنائين، ۽ کين انهن جي خيمن ۾ رهايائين.</verse>
				<verse number="56">تڏهن بہ انهن خدا تعاليٰ کي آزمايو ۽ هن جي برخلاف فساد ڪيائون، ۽ هن جي شاهدين کي نہ مڃيائون.</verse>
				<verse number="57">پر ڦري پنهنجي ابن ڏاڏن وانگي بيوفا ٿيا: ۽ دغاباز ڪوڙيءَ ڪمان وانگيان هڪڙي پاسي هٽي ويا.</verse>
				<verse number="58">انهن پنهنجين مٿانهين جاين جي ڪري کيس غصو ڏياريو، ۽ پنهنجين اُڪريلن مورتن جي ڪري کيس غيرت ڏياريائون.</verse>
				<verse number="59">خدا اهو ٻڌي ڪاوڙيو، ۽ اسرائيل تي ڏاڍي نفرت آيس:</verse>
				<verse number="60">سو هن سيلا جي خيمي کي ڇڏي ڏنو، يعني انهي تنبوءَ کي جو هن ماڻهن ۾ کڙو ڪيو هو؛</verse>
				<verse number="61">هن پنهنجيءَ طاقت کي قيد ۾، ۽ پنهنجي جلال کي دشمن جي هٿ ۾ ڏنو.</verse>
				<verse number="62">هن پنهنجيءَ اُمت کي ترار جي حوالي ڪيو؛ ۽ پنهنجيءَ ميراث تي ڏاڍو ڪاوڙيو.</verse>
				<verse number="63">انهن جي جوانن کي باهہ کائي ويئي؛ ۽ سندن ڪنوارين لاءِ شاديءَ جا گيت ڪونہ ڳايا ويا.</verse>
				<verse number="64">انهن جا ڪاهن ترار سان مارجي ويا؛ ۽ سندن بيوہ زالن ماتم نہ ڪيو.</verse>
				<verse number="65">تڏهن خدا ڄڻ تہ ننڊ مان جاڳيو، جيئن ڄڻ تہ ڪو پهلوان شراب پي ڏاڍيان پڪاري.</verse>
				<verse number="66">هن پنهنجي دشمن کي ماري هٽايو: ۽ کين هميشہ لاءِ خراب خوار ڪيائين.</verse>
				<verse number="67">هن يوسف جو تنبو رد ڪيو، ۽ افرائيم جي قبيلي کي ڪين چونڊيائين؛</verse>
				<verse number="68">پر يهوداہ جي قبيلي کي چونڊي، صيون جبل کي پسند ڪيائين.</verse>
				<verse number="69">هن پنهنجي پاڪ مڪان کي گهڻو بلند ڪري ٺاهيو، ۽ زمين وانگي هميشہ جي لاءِ قائم ڪيائين.</verse>
				<verse number="70">هن پنهنجي ٻانهي دائود کي رڍن جي واڙي مان چونڊي ڪڍيو:</verse>
				<verse number="71">هن کي ڦر وارين رڍن چارڻ کان آندائين، تہ سندس اُمت يعقوب، ۽ سندس ميراث اسرائيل جي نگهباني ڪري.</verse>
				<verse number="72">سو هن پنهنجي دل جي سچائيءَ موجب انهن جي نگهباني ڪئي؛ ۽ پنهنجي هٿ جي هوشياريءَ سان سندن رهبري ڪيائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="79">
				<verse number="1">اي خدا ڌاريون قومون تنهنجيءَ ميراث ۾ گهڙي آيون آهن: انهن تنهنجي پاڪ هيڪل کي ناپاڪ ڪيو آهي، ۽ يروشلم کي ڊاهي دڙا ڪري ڇڏيو اٿن.</verse>
				<verse number="2">انهن تنهنجي ٻانهن جا لاشا آسمان جي پکين کي کائڻ لاءِ ڏنا آهن، ۽ تنهنجي مقدسن جو ماس زمين جي مرن کي ڏنو اٿن.</verse>
				<verse number="3">انهن جو رت پاڻيءَ وانگي يروشلم جي چوڌاري وهايو اٿن؛ ۽ انهن کي دفن ڪرڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="4">اسان جا پاڙيسري اسان کي طعنا ٿا هڻن، ۽ جيڪي اسان جي آس پاس آهن سي اسان تي چٿرون ۽ ٺٺوليون ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="5">اي خداوند تون هميشہ تائين غصي رهندين ڇا؟ ۽ تنهنجي غيرت باهہ وانگي پيئي ٻرندي ڇا؟</verse>
				<verse number="6">جن قومن توکي نہ سڃاتو، ۽ جن بادشاهن تنهنجو نالو نہ ورتو، تن تي پنهنجي ڪاوڙ لاهي وجهہ.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو اهي يعقوب کي کائي ويا آهن، ۽ انهي جي رهڻ جي هنڌ کي ويران ڪيو اٿن.</verse>
				<verse number="8">اسان جي ابن ڏاڏن جون خطائون اسان جي برخلاف ياد نہ ڪر: تنهنجو رحم جلد اسان تائين پهچي: ڇو جو ڏاڍا لاچار ٿي دٻجي ويا آهيون.</verse>
				<verse number="9">اي اسان جي نجات جا خدا تون پنهنجي نالي جي جلال جي واسطي اسان جي مدد ڪر: تون پنهنجي نالي جي صدقي اسان کي ڇڏاءِ، ۽ اسان جي گناهہ جو ڪفارو ڏي.</verse>
				<verse number="10">ڌاريون قومون ڇو چون تہ انهن جو خدا ڪٿي آهي؟ هيئن ڪر تہ تنهنجي ٻانهن جي رت جو بدلو ڌارين قومن ۾ اسان جي ڏسندي ظاهر ٿئي.</verse>
				<verse number="11">ڀلي تہ قيدين جون آهون تنهنجي حضور ۾ پهچن؛ ۽ جن تي موت جو حڪم ٿيو آهي تن کي پنهنجيءَ عظيم قدرت سان بچائي وٺ؛</verse>
				<verse number="12">اي خداوند اسان جي پاڙيسرين جي گلا جا هو تنهنجي برخلاف ٿا ڪن، سا ستوڻي ڪري مٿن آڻ.</verse>
				<verse number="13">تڏهن اسين جي تنهنجي اُمت ۽ تنهنجي چراگاهہ جون رڍون آهيون، سي هميشہ تائين تنهنجي شڪر گذاري ڪنداسين، ۽ پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ تنهنجي تعريف ڪنداسين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="80">
				<verse number="1">اي اسرائيل جا ڌنار، تون جو ڌڻ وانگي يوسف جي رهبري ٿو ڪرين، ڪن ڏيئي ٻڌ: تون جو ڪروبين تي ويٺو آهين، پنهنجو نور چمڪاءِ.</verse>
				<verse number="2">افرائيم ۽ بنيمين ۽ منسيءَ جي اڳيان پنهنجي قدرت ڏيکار، ۽ اچي اسان کي بچاءِ.</verse>
				<verse number="3">اي خدا اسان کي وري بحال ڪر؛ پنهنجو چهرو چمڪاءِ تہ اسين بچي پونداسين.</verse>
				<verse number="4">اي خداوند لشڪرن جا خدا، ڪيستائين پنهنجي اُمت جي دعا تي ناراض رهندين؟</verse>
				<verse number="5">تو انهن کي ڳوڙهن جي ماني کارائي آهي، ۽ بيشمار لڙڪن جو پاڻي ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="6">تو اسان کي پاڙي وارن ۾ جهيڙي جو سبب ڪيو آهي: اسان جا دشمن پاڻ ۾ اسان تي چرچا ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="7">اي لشڪرن جا خدا، اسان کي وري بحال ڪر، پنهنجو چهرو چمڪاءِ تہ اسين بچي پونداسين.</verse>
				<verse number="8">تو مصر مان هڪڙو ڊاک جو تاڪ آندو: تو ڌارين قومن کي هڪالي ڪڍيو ۽ انهيءَ کي لڳايو.</verse>
				<verse number="9">تو انهيءَ جي واسطي جاءِ تيار ڪئي، ۽ انهيءَ جي پاڙ چڱيءَ طرح لڳي ۽ ملڪ کي ڀري ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="10">جبل انهيءَ جي پاڇي ۾ ڍڪجي ويا، ۽ انهيءَ جا ڏار خدا جي ديوارن جهڙا هئا.</verse>
				<verse number="11">انهيءَ پنهنجون ٽاريون سمنڊ تائين، ۽ پنهنجون شاخون درياهہ تائين پکيڙيون.</verse>
				<verse number="12">هاڻي تو انهيءَ جي واڙ ڇو ڀڃي ڇڏي آهي، جو جيڪي اتان لنگهن ٿا سي سڀ کيس پيا ڇنن؟</verse>
				<verse number="13">جهنگلي سوئر اچيو هن کي خراب ڪن، ۽ جهنگ جا جانور کيس کايو وڃن.</verse>
				<verse number="14">اي لشڪرن جا خدا، اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ موٽي اچ آسمان مان نهاري ڏس ۽ هن ڊاک تي نظر ڪر.</verse>
				<verse number="15">هي ٻوٽو جو تنهنجي ساڄي هٿ لڳايو آهي، ۽ هيءَ شاخ جا تو پنهنجي لاءِ مضبوط ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="16">اها باهہ ۾ سڙي ويئي آهي، ۽ وڍجي ويئي آهي: اُهي تنهنجي منهن جي ڇينڀ ڪري تباهہ ٿا ٿين.</verse>
				<verse number="17">جو ماڻهو تنهنجي ساڄي هٿ آهي، يعني ابن آدم جنهن کي تو پنهنجي لاءِ مضبوط ڪيو آهي، تنهن تي هٿ رک.</verse>
				<verse number="18">پوءِ اسين تو کان ڪين ڦرنداسين: تون اسان کي جيئار ۽ اسين تنهنجو نالو وٺندا رهنداسين.</verse>
				<verse number="19">اي خداوند، لشڪرن جا خدا، اسان کي وري بحال ڪر؛ پنهنجو چهرو چمڪاءِ تہ اسين بچي پونداسين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="81">
				<verse number="1">خدا جو اسان جي طاقت آهي تنهن جي حضور ۾ بلند آواز سان ڳايو: ۽ يعقوب جي خدا جي حضور ۾ خوشيءَ سان للڪاريو.</verse>
				<verse number="2">زبور ڳايو ۽ دف آڻيو، خوش آواز بربط ۽ ساز وڄايو.</verse>
				<verse number="3">چنڊ ۽ چوڏس تي، يعني اسان جي پاڪ عيد جي ڏينهن تري وڄايو.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو اهو اسرائيل جي لاءِ قانون آهي، ۽ يعقوب جي خدا جو حڪم آهي.</verse>
				<verse number="5">جڏهن هو مصر جي ملڪ تي چڙهي ويو؛ تڏهن هن اهو يوسف ۾ شاهديءَ جي لاءِ مقرر ڪيو: اُتي مون هڪڙي ٻولي ٻڌي جا آءٌ نہ ڄاڻندو هوس.</verse>
				<verse number="6">مون سندس ڪلهن تان بار لاٿو: ۽ هن جا هٿ کارين کڻڻ کان ڇُٽا.</verse>
				<verse number="7">تو مصيبت جي وقت پڪاريو، ۽ مون توکي ڇڏايو؛ گجگار جي ڳجهي پردي مان توکي جواب ڏنم: ۽ مريباهہ جي چشمي تي توکي آزمايم.</verse>
				<verse number="8">اي منهنجي اُمت ٻڌ، اي اسرائيل جيڪڏهن تون منهنجي ٻڌندين، تہ آءٌ توکي تاڪيد ٿو ڪريان،</verse>
				<verse number="9">تہ تو وٽ ڪو ٻيو معبود نہ هجي؛ نڪي تون ڪنهن ٻئي معبود کي سجدو ڪج.</verse>
				<verse number="10">آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جنهن توکي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو: تون پنهنجو وات چڱيءَ طرح پٽ تہ آءٌ انهيءَ کي ڀري ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="11">پر منهنجي اُمت منهنجو آواز نہ ٻڌو؛ ۽ اسرائيل مون کي نہ مڃيو.</verse>
				<verse number="12">سو مون کين ڇڏي ڏنو تہ ڀلي تہ پنهنجي دل جي هوڏ تي، ۽ صلاح تي هلن.</verse>
				<verse number="13">شل منهنجي اُمت منهنجو آواز ٻڌي، ۽ اسرائيل منهنجن واٽن تي هلي!</verse>
				<verse number="14">تہ آءٌ سندن دشمنن کي سگهو ئي مغلوب ڪريان، ۽ سندن ويرين جي برخلاف پنهنجو هٿ ڊگهيريان.</verse>
				<verse number="15">تہ جيڪي خداوند سان دشمني ٿا رکن، سي اچي سندس پيش پون: ۽ انهن جو زمانو هميشہ تائين هلي.</verse>
				<verse number="16">هو جيڪر کين چڱي ۾ چڱي ڪڻڪ کارائي: آءٌ هوند توکي ٽڪر جي ماکيءَ مان ڍءُ ڪرايان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="82">
				<verse number="1">خدا جي جماعت ۾ خدا موجود آهي، هو معبودن جو انصاف ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="2">اوهين ڪيستائين بي انصافي ڪندا، ۽ بڇڙن جي پاسخاطري ڪندا؟</verse>
				<verse number="3">غريبن ۽ يتيمن جو انصاف ڪريو: ڏکويلن ۽ لاچارن کي سندن حق ڏياريو.</verse>
				<verse number="4">مسڪينن ۽ محتاجن کي ڇڏايو، بلڪ بڇڙن جي هٿان آزاد ڪرايو.</verse>
				<verse number="5">هو نہ ڪجهہ ڄاڻن ٿا ۽ نہ سمجهن ٿا؛ ۽ اونداهيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن پيا گهمن: زمين جون سڀ پيڙهيون پيون ڌڏن.</verse>
				<verse number="6">مون چيو تہ اوهين خدا آهيو، اوهين سڀيئي خدا تعاليٰ جا فرزند آهيو.</verse>
				<verse number="7">تڏهن بہ اوهين ماڻهن وانگي مرندا، ۽ سردارن مان هڪڙي وانگي ڪري پوندا.</verse>
				<verse number="8">اي خدا تون اُٿي زمين جي عدالت ڪر: ڇو جو سڀ قومون تنهنجي ميراث ٿينديون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="83">
				<verse number="1">اي خدا تون ماٺ نہ ڪر: اي خدا تون بس ڪري نہ ويهہ، ۽ چپ نہ ٿيءُ.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو ڏس، تنهنجا دشمن هل ٿا مچائين: ۽ جيڪي تو سان عداوت ٿا رکن تن ڪنڌ مٿي کنيو آهي.</verse>
				<verse number="3">اهي تُنهنجي اُمت جي برخلاف چالاڪيءَ جون صلاحون ٿا ڪن، ۽ جن تُنهنجي پناهہ ورتي آهي، تن جي برخلاف منصوبا ٿا رٿين.</verse>
				<verse number="4">انهن چيو آهي تہ اچو تہ هنن کي تباهہ ڪريون تہ هو هڪڙي قوم نہ سڏجن؛ ۽ اڳتي اسرائيل جو نالو ياد نہ رهي.</verse>
				<verse number="5">ڇو جو انهن يڪمشت ٿي صلاح ڪئي آهي؛ ۽ تنهنجي برخلاف پاڻ ۾ عهد ڪيو اٿن:</verse>
				<verse number="6">يعني ادوم جي رهندڙن ۽ اسماعيلين؛ موآب ۽ هاجري.</verse>
				<verse number="7">جبل، ۽ امون، ۽ عماليق؛ فلستين ۽ صور جي رهاڪن:</verse>
				<verse number="8">اسور بہ اچي ساڻن گڏيو آهي انهن بني لوط جي مدد ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="9">تون انهن سان بہ مديان وانگر ڪر؛ ۽ جيئن قيسون جي نهر وٽ سيسرا ۽ يابين سان ڪيو هوءِ:</verse>
				<verse number="10">جي عين دور ۾ تباهہ ٿي ويا؛ اهي ڄڻ تہ زمين جو ڀاڻ ٿي پيا.</verse>
				<verse number="11">انهن جي اميرن کي عوريب ۽ زئيب جهڙو ڪر؛ بلڪ انهن جي شهزادن کي ۽ سندن سڀني سردارن کي زيباہ ۽ ضلمنع جهڙو ڪر.</verse>
				<verse number="12">جن چيو اچو تہ خدا جون بستيون پنهنجي قبضي ۾ آڻيون.</verse>
				<verse number="13">اي منهنجا خدا انهن کي واچوڙي جي مٽيءَ جهڙو ڪر؛ جيئن واءُ بهہ کي اُڏائي ٿو ڇڏي تيئن انهن کي اُڏاءِ.</verse>
				<verse number="14">جيئن باهہ ٻيلي کي ساڙيو ڇڏي، ۽ جيئن شعلي جي ڪري جبلن کي باهہ ٿي لڳي؛</verse>
				<verse number="15">تيئن پنهنجي واچوڙي سان انهن جي پٺيان پئُہ، ۽ پنهنجي طوفان سان کين هيبت ۾ وجهہ.</verse>
				<verse number="16">اي خداوند انهن کي شرمندو ڪر؛ تہ اُهي تنهنجي نالي جا طالب ٿين.</verse>
				<verse number="17">ڀلي تہ اهي هميشہ لاءِ شرمندا ۽ پريشان ٿين: ۽ بدنام ٿي تباهہ ٿي وڃن:</verse>
				<verse number="18">تہ اهي سمجهن تہ رڳو تون، جنهن جو نالو يهوواہ آهي، سو ساريءَ زمين جو خدا تعاليٰ آهين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="84">
				<verse number="1">اي لشڪرن جا خداوند، تنهنجا خيما ڪهڙا نہ دل پسند آهن!</verse>
				<verse number="2">منهنجي جان خداوند جي درگاهہ لاءِ ڏاڍي پيئي سڪي، هائو، هن لاءِ بيحال آهي؛ منهنجي دل ۽ منهنجو جسم ٻئي زندہ خدا کي پيا پڪارين.</verse>
				<verse number="3">اي لشڪرن جا خداوند، اي منهنجا بادشاهہ، ۽ منهنجا خدا، تنهنجي ئي گهر ۾ يعني قربانگاهہ وٽ جهرڪيءَ پنهنجو گهر، ۽ ابابيل پنهنجو آکيرو جوڙيو آهي، جتي پنهنجا ٻچا رکي.</verse>
				<verse number="4">مبارڪ آهن اهي جيڪي تنهنجي گهر ۾ ٿا رهن: اهي سدائين تنهنجي تعريف ڪندا رهندا.</verse>
				<verse number="5">مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جنهن کي توکان طاقت ٿي ملي؛ ۽ جنهن جي دل ۾ صيون جا شاهي رستا آهن.</verse>
				<verse number="6">اُهي ماتم جي واديءَ مان لنگهندي انهيءَ کي چشمن جي جاءِ ٿا بنائين؛ بلڪ آڳاٽو مينهن انهيءَ کي برڪتن سان ڀريو ڇڏي.</verse>
				<verse number="7">اهي طاقت ۾ وڌندا ٿا وڃن، انهن مان هرڪو صيون ۾ خدا جي حضور ۾ حاضر ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="8">اي خداوند لشڪرن جا خدا منهنجي دعا ٻڌ: اي يعقوب جا خدا، تون ڪن ڏي.</verse>
				<verse number="9">اي خدا، اي اسان جي ڍال، تون نظر ڪر، ۽ پنهنجي مسح ڪيل جي منهن ڏانهن نهار.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو تنهنجيءَ درگاهہ ۾ هڪڙو ڏينهن هزار ڏينهن کان بهتر آهي. بڇڙن جي تنبن ۾ رهڻ کان مون کي پنهنجي خدا جي گهر جو دربان ٿيڻ پسند آهي.</verse>
				<verse number="11">ڇو جو خداوند خدا سج ۽ ڍال آهي: خداوند فضل ۽ جلال ٿو بخشي: جيڪي سچائيءَ تي ٿا هلن تن کان هو ڪابہ چڱي شيءِ روڪي ڪين رکندو.</verse>
				<verse number="12">اي لشڪرن جا خداوند، جنهن ماڻهوءَ جو ڀروسو توتي آهي سو مبارڪ آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="85">
				<verse number="1">اي خداوند تون پنهنجي ملڪ تي مهربان ٿيو آهين؛ ۽ يعقوب جي قيدين کي موٽائي آندو اٿيئي.</verse>
				<verse number="2">تو پنهنجيءَ اُمت جي خطا معاف ڪئي آهي، ۽ انهن جا سڀ گناهہ ڍڪي ڇڏيا اٿيئي.</verse>
				<verse number="3">تو پنهنجي غضب کي کڻي ورتو آهي: ۽ پنهنجي سخت ڪاوڙ کي ٽاري ڇڏيو اٿيئي.</verse>
				<verse number="4">اي اسان جي نجات جا خدا، اسان کي بحال ڪر، ۽ پنهنجو ڏمر اسان تان لاهي ڇڏ.</verse>
				<verse number="5">تون هميشہ تائين اسان سان غصي رهندين ڇا؟ تنهنجو غصو سڀني پيڙهين تي پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ جاري رهندو ڇا؟</verse>
				<verse number="6">تون وري اسان کي جيئرو نہ ڪندين ڇا: تہ تنهنجي اُمت تو ۾ خوشي ڪري؟</verse>
				<verse number="7">اي خداوند پنهنجو رحم اسان کي ڏيکار، ۽ پنهنجي نجات اسان کي بخش.</verse>
				<verse number="8">جيڪي خداوند خدا فرمائيندو سو آءٌ ٻڌندس: ڇو جو هو پنهنجي اُمت ۽ پنهنجن مقدسن سان سلامتيءَ جي ڳالهہ ڪندو: پر اهي وري بيوقوفي نہ ڪن.</verse>
				<verse number="9">يقيناً جيڪي هن کان ڊڄن ٿا، تن کي نجات ويجهي آهي؛ تہ اسان جي ملڪ ۾ جلال قائم رهي.</verse>
				<verse number="10">رحم ۽ سچ ٻئي اچي گڏ ٿيا آهن؛ راستيءَ ۽ سلامتيءَ هڪ ٻئي کي چُميو آهي.</verse>
				<verse number="11">سچائي زمين مان ٿي اُڀري؛ ۽ راستبازي آسمان مان ٿي نهاري.</verse>
				<verse number="12">هائو، خداوند ضرور چڱيون شيون ڏيندو؛ ۽ اسان جي زمين پيداوار ڏيندي.</verse>
				<verse number="13">راستبازي هن جي اڳيان اڳيان هلندي؛ ۽ سندس پير جي نشانن کي اسان لاءِ واٽ بنائيندي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="86">
				<verse number="1">اي خداوند ڪن لائي مون کي جواب ڏي؛ ڇالاءِ جو آءٌ غريب ۽ محتاج آهيان.</verse>
				<verse number="2">منهنجيءَ جان کي سنڀال، ڇو جو آءٌ ديندار آهيان: اي منهنجا خدا پنهنجي بندي کي بچاءِ جنهن جو ڀروسو توتي ئي آهي.</verse>
				<verse number="3">اي خداوند مون تي رحم ڪر؛ ڇو جو آءٌ سڄو ڏينهن توکي پيو پڪاريان.</verse>
				<verse number="4">اي خداوند پنهنجي بندي جي جان کي خوش ڪر؛ ڇو جو اي خداوند، آءٌ پنهنجي جان کي تو ڏانهن رجوع ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="5">ڇو جو تون اي خداوند نيڪ آهين، ۽ معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهين ۽ جيڪي توکي پڪارين ٿا تن تي تون ڏاڍو رحيم آهين.</verse>
				<verse number="6">اي خداوند، منهنجي دعا ڏانهن ڪن ڏي؛ ۽ منهنجي عرض جو آواز ٻڌ.</verse>
				<verse number="7">آءٌ پنهنجيءَ مصيبت جي ڏينهن توکي پڪاريندس؛ ڇو تہ تون منهنجي اونائيندين.</verse>
				<verse number="8">اي خداوند، معبودن ۾ ٻيو تو جهڙو ڪونهي؛ نڪي تنهنجي ڪمن جهڙا ڪنهن ٻئي جا ڪم آهن.</verse>
				<verse number="9">اي خداوند جيڪي قومون تو پيدا ڪيون آهن سي سڀ اچي تنهنجي حضور ۾ سجدو ڪنديون؛ ۽ تنهنجي نالي جي تمجيد ڪنديون.</verse>
				<verse number="10">ڇو جو تون عظيم آهين، ۽ عجيب ڪم ٿو ڪرين: فقط تون ئي خدا آهين.</verse>
				<verse number="11">اي خداوند مون کي پنهنجي واٽ سيکار؛ آءٌ تنهنجي سچائيءَ تي هلندس. منهنجي دل هڪ پاسي ڪر تہ تنهنجي نالي کان ڊڄندو رهان.</verse>
				<verse number="12">اي خداوند منهنجا خدا، آءٌ پنهنجي سڄيءَ دل سان تنهنجي تعريف ڪندس؛ ۽ هميشہ تائين تنهنجي نالي جي تمجيد ڪندو رهندس.</verse>
				<verse number="13">ڇو جو مون تي تنهنجي گهڻي ٻاجهہ آهي؛ تو منهنجي جان کي اوڙاهہ جي تري مان ڪڍيو آهي.</verse>
				<verse number="14">اي خدا مغرور منهنجي برخلاف کڙا ٿيا آهن، ۽ ظالمن جي جماعت منهنجي جان جي پٺيان پيئي آهي، ۽ توکي پنهنجي سامهون نہ رکيو اٿن.</verse>
				<verse number="15">پر اي خداوند تون رحيم ۽ ڪريم خدا آهين، تون غصي ڪرڻ ۾ ڍرو، ۽ رحم ۽ سچائيءَ سان ڀرپور آهين.</verse>
				<verse number="16">مون ڏانهن ڦري نگاهہ ڪر، ۽ مون تي رحم ڪر؛ پنهنجي بندي کي پنهنجي طاقت ڏي، ۽ پنهنجيءَ ٻانهيءَ جي پٽ کي بچاءِ.</verse>
				<verse number="17">اي خداوند مون کي ڀلائيءَ جو ڪو نشان ڏيکار؛ تہ جن کي مون سان نفرت ۽ عداوت آهي سي اهو ڏسي شرمندا ٿين، ڇو جو تو منهنجي مدد ڪئي آهي، ۽ مون کي دلاسو ڏنو اٿيئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="87">
				<verse number="1">هن جو بنياد پاڪ جبلن ۾ آهي.</verse>
				<verse number="2">يعقوب جي سڀني رهڻ جي جاين کان صيون جا دروازا خداوند کي وڌيڪ پيارا آهن.</verse>
				<verse number="3">اي خدا جا لشڪر، تو بابت جلال واريون ڳالهيون ڪيون ٿيون وڃن.</verse>
				<verse number="4">آءٌ رهب ۽ بابل جو ذڪر ڪندس تہ اهي منهنجي واقفڪارن مان آهن: فلستين ۽ سور ۽ حبش کي ڏسو؛ هي اتي پيدا ٿيو هو.</verse>
				<verse number="5">۽ صيون بابت چيو ويندو تہ هي ۽ هو ماڻهو اتي ڄائو هو؛ ۽ خدا تعاليٰ پاڻ انهي کي قائم ڪندو.</verse>
				<verse number="6">جڏهن خداوند قومن جو شمار ڪندو تڏهن لکندو تہ هي ماڻهو اتي ڄائو هو.</verse>
				<verse number="7">ڳائيندڙ ۽ ناچ ڪندڙ چوندا تہ منهنجا سڀ چشما تو منجهہ آهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="88">
				<verse number="1">اي خداوند، اي منهنجي نجات جا خدا، مون رات ڏينهن تنهنجي حضور ۾ دانهون ڪيون آهن.</verse>
				<verse number="2">شل منهنجي دعا تنهنجي حضور ۾ پهچي؛ تون منهنجي دانهن تي پنهنجو ڪن ڏي:</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو منهنجي جان ڏکن سان ڀرجي ويئي آهي، ۽ منهنجي ڄمار قبر کي ويجهي پوندي وڃي.</verse>
				<verse number="4">آءٌ انهن جي شمار ۾ ٿو ليکجان جيڪي قبر ۾ ٿا پون؛ آءٌ انهي ماڻهوءَ وانگي آهيان جنهن جو ڪو چاڙهو ڪونهي:</verse>
				<verse number="5">آءٌ انهن مئلن ۾ ڇڏيو ويو آهيان جن کي قتل ڪري قبر ۾ وڌو اٿن. جن کي تون ياد نٿو ڪرين، ۽ جيڪي تنهنجي هٿ مان تباهہ ٿيا آهن.</verse>
				<verse number="6">تو مون کي اونهيءَ کڏ ۾، بلڪ اونداهيءَ جي اوڙاهہ ۾ وڌو آهي.</verse>
				<verse number="7">مون تي تنهنجي ڏاڍي ڪاوڙ آهي، تو مون کي مصيبتن جي لهرن ۾ دٻائي ڏکي ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="8">تو منهنجي واقفڪارن کي مون کان پري ڪيو آهي: ۽ انهن جي نظر ۾ ڪراهت جهڙو ڪيو اٿيئي: آءٌ بند ۾ آهيان، ۽ ٻاهر نڪري نٿو سگهان.</verse>
				<verse number="9">ڏک جي ڪري منهنجين اکين ۾ ڌنڌ ٿي پيو آهي: اي خداوند، آءٌ هر روز تو ڏانهن پنهنجا هٿ کڻي توکي پيو پڪاريان.</verse>
				<verse number="10">تون مئلن کي پنهنجا عجيب ڪم ڏيکاريندين ڇا؟ مردا جيئرا ٿي تنهنجي تعريف ڪندا ڇا؟</verse>
				<verse number="11">قبر ۾ ماڻهو تنهنجي ٻاجهہ جو بيان ڪندا ڇا؟ يا جهنم ۾ تنهنجي وفاداريءَ جو ذڪر ٿيندو ڇا؟</verse>
				<verse number="12">اوندهہ ۾ تنهنجا عجيب ڪم پڌرا ٿيندا ڇا؟ يا ويسر جي ملڪ ۾ تنهنجي راستبازي ياد رهندي ڇا؟</verse>
				<verse number="13">پر اي خداوند مون تو وٽ پڪاريو آهي، ۽ صبح جو منهنجي دعا تنهنجي حضور ۾ پهچندي.</verse>
				<verse number="14">اي خداوند تون ڇو منهنجي جان کي ڇڏي ٿو ڏين؟ ۽ مون کان پنهنجو منهن ڇو ٿو موڙين؟</verse>
				<verse number="15">آءٌ ننڍپڻ کان ئي ڏکي ۽ موت جي ڪنڌيءَ تي رهيو آهيان. تنهنجي ڊپ جي ڪري حيران پريشان آهيان.</verse>
				<verse number="16">تنهنجي سخت ڪاوڙ مون تي آئي آهي: تنهنجي خوف مون کي تباهہ ڪري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="17">اهي سڄو ڏينهن مون کي ٻوڏ وانگي اچيو گهيرين؛ ۽ اهي گڏجي مون کي ورائي ويا آهن.</verse>
				<verse number="18">تو منهنجي دوستن کي ۽ عزيزن کي مون کان پري ڪيو آهي، ۽ منهنجي واقفڪارن کي اوندهہ ۾ رکيو اٿيئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="89">
				<verse number="1">آءٌ هميشہ خداوند جي رحمتن جا گيت ڳائيندس: ۽ سڀني پيڙهين ۾ منهنجو وات تنهنجي وفاداري ظاهر ڪندو.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو مون چيو تہ رحم هميشہ تائين هلندو رهندو؛ ۽ تون پنهنجي وفاداري آسمانن ۾ بہ قائم ڪندين.</verse>
				<verse number="3">مون پنهنجي چونڊيلن سان عهد ڪيو آهي، ۽ پنهنجي بندي دائود سان قسم کنيو اٿم.</verse>
				<verse number="4">تہ آءٌ تنهنجي نسل کي هميشہ تائين قائم رکندس، ۽ تنهنجو تخت پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ ٺاهيندس.</verse>
				<verse number="5">اي خداوند آسمان تنهنجي عجيب ڪم جي تعريف ڪندا؛ ۽ پاڪ ماڻهن جي جماعت ۾ تنهنجي وفاداريءَ جي تعريف ٿيندي.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو آسمان ۾ اهڙو ڪير آهي جنهن جو خداوند سان مقابلو ڪري سگهبو؟ ۽ فرشتن مان ڪير خداوند جهڙو آهي؟</verse>
				<verse number="7">هو اهڙو خدا آهي جو پاڪ ماڻهن جي جماعت ۾ تعظيم جي لائق آهي؛ ۽ جيڪي سندس آس پاس آهن تن سڀني کان هو وڌيڪ هيبتناڪ آهي.</verse>
				<verse number="8">اي خداوند، لشڪرن جا خدا، اي يهوواہ، تو جهڙو قادر خداوند ڪير آهي؟</verse>
				<verse number="9">سمنڊ جي گجگوڙ تي تنهنجو حڪم ٿو هلي: جڏهن هن جون لهرون چڙهن ٿيون تڏهن تون ئي انهن کي ماٺ ٿو ڪرائين.</verse>
				<verse number="10">تو مصر کي ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪيو آهي، جيئن ڪنهن قتل ٿيل کي ڪندا آهن؛ تو پنهنجي زوراور ٻانهن سان پنهنجن دشمنن کي ڇڙوڇڙ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="11">آسمان تنهنجا آهن، ۽ زمين بہ تنهنجي آهي تو ئي جهان ۽ انهي جي جوڙ جوڙي آهي.</verse>
				<verse number="12">اُتر ۽ ڏکڻ تو پيدا ڪيا آهن: تبور ۽ حرمون تنهنجي نالي ڪري خوش ٿا ٿين.</verse>
				<verse number="13">تنهنجي ٻانهن زوراور آهي: تنهنجو هٿ مضبوط آهي، ۽ تنهنجو ساڄو هٿ مٿانهون آهي.</verse>
				<verse number="14">تنهنجو تخت سچائيءَ ۽ انصاف تي بيٺل آهي: رحم ۽ سچ تنهنجي اڳيان ٿا هلن.</verse>
				<verse number="15">مبارڪ آهي اها اُمت جا خوشيءَ جي آواز کي سمجهي ٿي: اي خداوند اهي تنهنجي چهري جي نور ۾ ٿا هلن.</verse>
				<verse number="16">اهي سڄو ڏينهن تنهنجي نالي جي ڪري خوشيون ٿا ڪن: ۽ تنهنجيءَ راستبازيءَ ڪري سرفراز ٿا ٿين.</verse>
				<verse number="17">ڇو جو تون انهن جي طاقت جو شان آهين: ۽ تنهنجي مهربانيءَ جي ڪري اسان جو سڱ مٿي ٿيندو.</verse>
				<verse number="18">ڇو تہ اسان جي ڍال خداوند وٽان آهي؛ ۽ اسان جو بادشاهہ اسرائيل جي قدوس جي طرفان آهي.</verse>
				<verse number="19">تڏهن تو پنهنجي مقدسن کي رويا ۾ فرمايو، ۽ چيو تہ مون هڪڙي زور واري کي مددگار ٺهرايو آهي؛ ۽ اُمت مان هڪڙي کي چونڊي سرفراز ڪيو اٿم.</verse>
				<verse number="20">مون کي پنهنجو بندو دائود ملي ويو آهي؛ ۽ انهي کي پنهنجي پاڪ تيل سان مسح ڪيو اٿم:</verse>
				<verse number="21">منهنجو هٿ سدائين مٿس رهندو؛ ۽ منهنجي ٻانهن کيس طاقت بخشيندي.</verse>
				<verse number="22">ڪو دشمن مٿس ظلم نہ ڪندو؛ ۽ بڇڙو ماڻهو کيس ڪين ڏکوئيندو.</verse>
				<verse number="23">آءٌ هن جي دشمنن کي سندس اڳيان پائمال ڪندس ۽ جيڪي ساڻس عداوت ٿا رکن تن کي ماريندس.</verse>
				<verse number="24">پر منهنجي وفاداري ۽ منهنجو رحم ساڻس رهندو؛ ۽ منهنجي نالي ڪري هن جو سڱ مٿي ٿيندو.</verse>
				<verse number="25">آءٌ هن جو هٿ سمنڊ تي، ۽ سندس ساڄو هٿ ندين تي قائم ڪندس.</verse>
				<verse number="26">هو مون کي پڪاري چوندو تہ تون منهنجو پيءُ، ۽ منهنجو خدا، ۽ منهنجي نجات جو ٽڪر آهين.</verse>
				<verse number="27">آءٌ هن کي پنهنجو پهريتو ڪندس، ۽ زمين جي بادشاهن ۾ سڀني کان اعليٰ ڪندوسانس.</verse>
				<verse number="28">آءٌ هن تي پنهنجو رحم هميشہ قائم رکندس، ۽ منهنجو عهد ساڻس محڪم ٿيندو.</verse>
				<verse number="29">آءٌ هن جي نسل کي هميشہ تائين قائم رکندس، ۽ جيستائين آسمان آهي تيستائين سندس تخت قائم رهندو.</verse>
				<verse number="30">جيڪڏهن هن جو اولاد منهنجيءَ شريعت کي ڇڏي ڏيندو، ۽ منهنجن فيصلن تي نہ هلندو؛</verse>
				<verse number="31">جيڪڏهن اهي منهنجا قانون ڀڃندا، ۽ منهنجن حڪمن کي نہ مڃيندا؛</verse>
				<verse number="32">تہ پوءِ آءٌ انهن کي سندن ڏوهن جي سببان لٺ سان، ۽ سندن خطا جي لاءِ چهبڪن سان سزا ڏيندس.</verse>
				<verse number="33">پر آءٌ انهن تان پنهنجو رحم هميشہ لاءِ ڪين هٽائيندس، ۽ پنهنجي وفاداريءَ کي باطل ٿيڻ نہ ڏيندس.</verse>
				<verse number="34">آءٌ پنهنجو عهد ڪين ڀڃندس، ۽ جيڪو ڪلام منهنجي واتان نڪتو آهي تنهن کي ڪين ڦيرائيندس.</verse>
				<verse number="35">مون هڪڙو ڀيرو پنهنجيءَ پاڪيزگيءَ جو قسم کنيو آهي؛ آءٌ ماڻهن سان ڪوڙ ڪين ڳالهائيندس؛</verse>
				<verse number="36">هن جو نسل هميشہ تائين قائم هوندو، ۽ سندس تخت سج وانگي منهنجي اڳيان رهندو.</verse>
				<verse number="37">اهو هميشہ چنڊ وانگي، ۽ آسمان جي سچي شاهد وانگر قائم رهندو.</verse>
				<verse number="38">پر تو انهيءَ کي رد ڪري ڇڏي ڏنو آهي، ۽ پنهنجي مسح ڪيل تي ڪاوڙيو آهين.</verse>
				<verse number="39">جو عهد تو پنهنجي بندي سان ڪيو هو تنهن کان نفرت ڪئي اٿيئي؛ ۽ منهنجو ڇٽ لاهي پٽ تي هنيو اٿيئي؛</verse>
				<verse number="40">تو هن جي سڀني واڙين کي ڀڃي ڇڏيو آهي؛ ۽ سندس قلعن کي ڊاهي ڇڏيو اٿيئي.</verse>
				<verse number="41">جيڪي اتان لنگهن ٿا سي انهن کي پيا لٽين: ۽ هو پنهنجي پاڙيوارن لاءِ طعنن جو سبب آهي.</verse>
				<verse number="42">تو منهنجي دشمنن جو ساڄو هٿ بلند ڪيو آهي، ۽ سندس سڀني ويرين کي خوش ڪيو اٿيئي.</verse>
				<verse number="43">هائو، تو هن جي ترار جي ڌار کي موڙيو آهي، ۽ کيس جنگ ۾ بيهڻ نہ ڏنو اٿيئي.</verse>
				<verse number="44">تو هن جي رونق اُڏائي ڇڏي آهي، ۽ سندس تخت کي پٽ تي اُڇلايو اٿيئي.</verse>
				<verse number="45">تو هن جي جوانيءَ جا ڏينهن گهٽائي ڇڏيا آهن: ۽ کيس شرم سان ڍڪي ڇڏيو اٿيئي.</verse>
				<verse number="46">اي خداوند ڪيستائين، تون هميشہ تائين پاڻ لڪائي ڇڏيندين ڇا؟ ڪيستائين تنهنجي ڪاوڙ باهہ وانگي پيئي ٻرندي؟</verse>
				<verse number="47">ياد ڪر تہ منهنجو وقت ڪيترو نہ ٿورو آهي: تو ڪهڙيءَ بيهودگيءَ لاءِ بني آدم کي پيدا ڪيو آهي!</verse>
				<verse number="48">اهو ڪهڙو ماڻهو اهي جو پيو جيئندو ۽ موت کي ڪين ڏسندو، ڪير پنهنجيءَ جان کي قبر کان بچائيندو؟</verse>
				<verse number="49">اي خداوند تنهنجون اڳيون رحمتون ڪٿي آهن، جن بابت تو دائود سان پنهنجيءَ وفاداريءَ جو قسم کنيو هو؟</verse>
				<verse number="50">اي خداوند تنهنجي بندن جي جيڪا بدنامي ٿي آهي سا ياد ڪر: آءٌ تہ پنهنجي سيني ۾ زوراور قومن جا طعنا پيو سهان.</verse>
				<verse number="51">اي خداوند تنهنجي دشمنن ڪيئن نہ طعنا هنيا آهن، بلڪ جنهن کي تو مسح ڪيو اهي تنهن کي قدم قدم تي طعنا ٿا هڻن.</verse>
				<verse number="52">شل خداوند سدائين مبارڪ هجي. آمين آمين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="90">
				<verse number="1">اي خداوند تون سڀني پيڙهين ۾ اسان جي پناهہ گاهہ ٿيو آهين.</verse>
				<verse number="2">جبل پيدا ٿيا، يا تو زمين ۽ جهان کي جوڙيو، تنهن کان اڳي بلڪ ازل کان وٺي ابد تائين تون ئي خدا آهين.</verse>
				<verse number="3">تون انسان کي موٽائي مٽيءَ سان ٿو ملائين، ۽ چوين ٿو تہ اي بني آدم موٽي اچو.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو تنهنجي نظر ۾ هزار ورهيہ اهڙا آهن جهڙو ڪالهوڪو ڏينهن جو گذري ويو، ۽ جهڙو رات جو هڪڙو پهر.</verse>
				<verse number="5">تون انهن کي اُٿل جي پاڻيءَ وانگي وهائي ٿو ڇڏين؛ اهي ننڊ جي جهوٽي وانگر آهن: هو انهي گاهہ جهڙا آهن جو صبح جو اُڀري ٿو.</verse>
				<verse number="6">هو صبح جو وڌي وڏو ٿئي ٿو؛ پر سانجهيءَ جو وڍجي ٿو وڃي ۽ ڪومائجي ٿو وڃي.</verse>
				<verse number="7">اسين تنهنجي غصي جي ڪري فنا ٿا ٿيون، ۽ تنهنجيءَ ڪاوڙ جي ڪري حيران پريشان آهيون.</verse>
				<verse number="8">تو اسان جون خطائون پنهنجي سامهون رکيون آهن، ۽ اسان جا ڳجها گناهہ تنهنجي چهري جي سوجهري ۾ پڌرا ٿيا آهن.</verse>
				<verse number="9">ڇو تہ اسان جا سڀ ڏينهن تنهنجي غضب ۾ ٿا گذرن: ۽ اسان جا ورهيہ آکاڻيءَ وانگي پورا ٿيو وڃن.</verse>
				<verse number="10">اسان جي ڄمار جا ڏينهن ستر ورهيہ آهن يا طاقت جي ڪري کڻي اسي ورهيہ ٿين، تڏهن بہ انهيءَ جي رونق فقط محنت ۽ غم آهي؛ ڇو جو اها جلد گذريو وڃي ۽ اسين اُڏامي ٿا وڃون.</verse>
				<verse number="11">تنهنجي غصي جي جوش جي ڪنهن کي خبر آهي، ۽ ڪنهن کي تنهنجيءَ ڪاوڙ جو پورو ڊپ آهي؟</verse>
				<verse number="12">تون اسان کي اهڙيءَ طرح اسان جا ڏينهن ڳڻڻ سيکار جو اسين داناءُ دل حاصل ڪريون.</verse>
				<verse number="13">اي خداوند، باز اچ ڪيستائين؟ ۽ پنهنجن بندن تي رحم ڪر.</verse>
				<verse number="14">صبح جو پنهنجي رحم سان اسان کي ڍءُ ڪراءِ؛ تہ اسين پنهنجي ساري عمر خوش رهون ۽ سرها ٿيون.</verse>
				<verse number="15">جيترا ڏينهن تو اسان کي ڏکن ۾ رکيو، ۽ جيترا ورهيہ اسان آفتن ۾ گذاريا، اوتري خوشي اسان کي عطا ڪر.</verse>
				<verse number="16">پنهنجي بندن کي پنهنجو ڪم ڏيکار، ۽ سندن اولاد تي پنهنجو جلال ظاهر ڪر.</verse>
				<verse number="17">شل خداوند اسان جي خدا جو جمال اسان تي هجي: تون اسان جي هٿن جي ڪم کي قائم ڪر؛ هائو، تون ئي اسان جي هٿن جي ڪم کي قائم ڪر.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="91">
				<verse number="1">جيڪو خدا تعاليٰ جي پردي ۾ ٿو رهي سو قادر مطلق جي پاڇي ۾ رهندو.</verse>
				<verse number="2">آءٌ خداوند جي بابت چوندس تہ هو منهنجي پناهہ ۽ منهنجو قلعو آهي؛ هو منهنجو خدا آهي، ۽ انهي تي منهنجو ڀروسو آهي.</verse>
				<verse number="3">ڇو جو هو توکي ماريءَ جي ڦندي کان، ۽ موتمار مريءَ کان ڇڏائيندو.</verse>
				<verse number="4">هو توکي پنهنجن کنڀن سان ڍڪيندو، ۽ سندس پرن هيٺ توکي پناهہ ملندي: هن جي سچائي ڍال ۽ سپر آهي.</verse>
				<verse number="5">تون رات جي هيبت کان ڪين ڊڄندين، نڪي انهي تير کان جو ڏينهن جو هلايو ويندو،</verse>
				<verse number="6">نہ انهيءَ مريءَ کان جا اوندهہ ۾ پيئي گهمي، نڪي وبا کان جا ڏينهن ڏٺي جو برباد ٿي ڪري.</verse>
				<verse number="7">تنهنجي پاسي ۾ هزار ڪري پوندا، بلڪ تنهنجي ساڄي هٿ وٽ ڏهہ هزار؛ پر اُها تو تائين ڪين پهچندي.</verse>
				<verse number="8">تون رڳو پنهنجن اکين سان نهاريندين، ۽ بڇڙن جو نتيجو ڏسندين.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو اي خداوند، تون منهنجي پناهہ آهين! تو خدا تعاليٰ کي پنهنجي رهڻ جي جاءِ ڪيو آهي؛</verse>
				<verse number="10">تنهن ڪري توتي ڪا مصيبت ڪانہ پوندي، نڪي ڪا آفت وري تنهنجي تنبوءَ جي ويجهو ايندي.</verse>
				<verse number="11">ڇو جو هو پنهنجن فرشتن کي حڪم ڏيندو، تہ اهي تنهنجن سڀني واٽن ۾ تنهنجي سنڀال ڪن.</verse>
				<verse number="12">اهي توکي پنهنجي هٿن تي جهلي وٺندا تہ متان تنهنجي پير کي پٿر سان جهري لڳي.</verse>
				<verse number="13">تون شينهن ۽ سپ کي لتاڙيندين: تون شينهن جي ٻچي ۽ نانگ کي پائمال ڪندين.</verse>
				<verse number="14">ڇو جو هن مون سان دل لڳائي آهي، تنهن ڪري آءٌ کيس ڇڏائيندس: هن منهنجو نالو سڃاتو آهي، تنهن ڪري آءٌ کيس سرفراز ڪندس.</verse>
				<verse number="15">هو مون کي پڪاريندو ۽ آءٌ کيس جواب ڏيندس؛ مصيبت جي وقت آءٌ سندس ساڻي ٿيندس: آءٌ کيس ڇڏائيندس، ۽ کيس عزت ڏيندس.</verse>
				<verse number="16">آءٌ هن کي وڏيءَ ڄمار سان آسودو ڪندس، ۽ پنهنجي نجات کيس ڏيکاريندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="92">
				<verse number="1">اي خدا تعاليٰ، خداوند جي شڪر گذاري ڪرڻ، ۽ تنهنجي نالي جي تعريف ڪرڻ چڱو ڪم آهي:</verse>
				<verse number="2">صبح جو تنهنجي ٻاجهہ جو، ۽ ڏهاڙي رات جو تنهنجي وفاداريءَ جو بيان ڪرڻ،</verse>
				<verse number="3">ڏهن تارن واري ساز سان، بربط سان، ۽ ستار جي مٺي آواز سان ڪهڙو نہ چڱو آهي.</verse>
				<verse number="4">ڇو تہ اي خداوند تو مون کي پنهنجن ڪمن سان خوش ڪيو آهي: آءٌ تنهنجيءَ دستڪاريءَ جي سبب سرهو ٿيندس.</verse>
				<verse number="5">اي خداوند تنهنجا ڪم ڪهڙا نہ عظيم آهن! تنهنجا خيال تمام اونها آهن.</verse>
				<verse number="6">وحشي ماڻهوءَ کي انهن جي سڌ ڪانهي؛ نڪي بيوقوف اهي سمجهي ٿو.</verse>
				<verse number="7">جڏهن بڇڙا ماڻهو گاهہ وانگي اُسرن ٿا، ۽ سڀ خطاڪار وڌن ويجهن ٿا؛ تڏهن اهو انهيءَ لاءِ ٿو ٿئي تہ اهي هميشہ جي لاءِ برباد ٿي وڃن.</verse>
				<verse number="8">پر تون اي خداوند، سدائين سربلند آهين.</verse>
				<verse number="9">ڇو جو اي خداوند، ڏس، تنهنجا دشمن تباهہ ٿي ويندا؛ ۽ سڀ خطاڪار ڇڙوڇڙ ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="10">پر تو منهنجو سڱ سان جي سڱ وانگي مٿي ڪيو آهي: آءٌ تازي تيل سان مسح ٿيو آهيان.</verse>
				<verse number="11">منهنجين اکين منهنجي مرضيءَ موجب دشمنن جو حال ڏٺو آهي، ۽ جيڪي بدڪار منهنجي برخلاف کڙا ٿيا هئا، تن جو حال منهنجيءَ مرضيءَ موجب منهنجن ڪنن ٻڌو آهي.</verse>
				<verse number="12">راستباز ماڻهو کجيءَ وانگي وڌندو ويجهندو: هو لبنان جي ديودار وانگيان وڌندو.</verse>
				<verse number="13">جيڪي خداوند جي گهر ۾ لڳايا ويا آهن، سي اسان جي خدا جي ايوان ۾ وڌندا ويجهندا.</verse>
				<verse number="14">اهي پيريءَ ۾ بہ ڦل پيا ڏيندا؛ اهي رس سان ڀريل ۽ تازا رهندا.</verse>
				<verse number="15">تہ ظاهر ٿئي تہ خداوند سچو آهي؛ هو منهنجو ٽڪر آهي، ۽ منجهس ڪا ناراستي ڪانهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="93">
				<verse number="1">خداوند بادشاهي ٿو ڪري؛ هو حشمت سان پهريل آهي؛ خداوند طاقت سان ڍڪيل آهي، جا هن پنهنجيءَ چيلهہ سان ٻڌي آهي: جهان بہ اهڙو قائم ڪيل آهي جو ڪوبہ انهي کي مٽائي نٿو سگهي.</verse>
				<verse number="2">تنهنجو تخت قديم زماني کان قائم آهي: تون پاڻ ازل کان آهين.</verse>
				<verse number="3">اي خداوند پاڻين گوڙ شور ڪيو آهي، پاڻين پنهنجو آواز وڌايو آهي؛ پاڻي گجگوڙ ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="4">خداوند گهڻن پاڻين جي گوڙ شور کان، بلڪ سمنڊ جي وڏين لهرن کان مٿي، ۽ قادر آهي.</verse>
				<verse number="5">اي خداوند هميشہ جي لاءِ تنهنجيون شاهديون بلڪل سچيون آهن: ۽ پاڪيزگي هميشہ تنهنجي گهر جي لائق آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="94">
				<verse number="1">اي خداوند، اي انتقام وٺڻ وارا خدا! اي خدا، جنهن جو ڪم بدلو وٺڻ آهي، پنهنجو جلوو ڏيکار.</verse>
				<verse number="2">اي جهان جا انصاف ڪرڻ وارا اُٿ: مغرورن کي بدلو ڏي.</verse>
				<verse number="3">اي خداوند بڇڙا ماڻهو ڪيستائين، هائو ڪيستائين، پاڻ کي پڏائيندا؟</verse>
				<verse number="4">اهي بڪ بڪ ٿا ڪن، ۽ مغروريءَ سان ٿا ڳالهائين: ۽ سڀ خطاڪار ٻٽاڪون پيا هڻن.</verse>
				<verse number="5">اي خداوند اهي تنهنجيءَ اُمت کي پيڙين ٿا، ۽ تنهنجيءَ ميراث کي ڏکوئين ٿا.</verse>
				<verse number="6">اهي بيوہ زالن ۽ پرديسين کي قتل ٿا ڪن، ۽ يتيمن جو خون ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="7">۽ چون ٿا تہ خداوند ڏسندو ئي ڪين، يعقوب جو خدا خيال ڪونہ ڪندو.</verse>
				<verse number="8">اوهين جي اُمت ۾ وحشي آهيو سي ويچار ڪريو؛ ۽ اي بيوقوفو اوهين ڪڏهن سياڻا ٿيندا؟</verse>
				<verse number="9">جنهن ڪن جوڙيو آهي سو نہ ٻڌندو ڇا؟ جنهن اک جوڙي آهي سو ڪين ڏسندو ڇا؟</verse>
				<verse number="10">هو جو قومن کي سيکت ٿو ڏئي، ۽ ماڻهن کي علم ٿو سيکاري، سو سزا ڪين ڏيندو ڇا؟</verse>
				<verse number="11">خداوند انسان جا خيال ڄاڻي ٿو، تہ اُهي اجايا آهن.</verse>
				<verse number="12">اي خداوند مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جنهن کي تون سيکت ٿو ڏين، ۽ پنهنجي شريعت ٿو سيکارين؛</verse>
				<verse number="13">انهيءَ لاءِ تہ تون کيس مصيبت جي ڏينهن کان آرام بخشين، جيسين ڪ بڇڙي جي قبر کوٽجي.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي اُمت کي ڪڍي ڪين ڇڏيندو، نڪي پنهنجي ميراث کي ڇڏي ڏيندو.</verse>
				<verse number="15">ڇو تہ انصاف سچائيءَ ڏانهن موٽندو: ۽ سڀ سچيءَ دل وارا انهيءَ جي پيروي ڪندا.</verse>
				<verse number="16">منهنجي بدران ڪير بدڪارن جي برخلاف کڙو ٿيندو؟ ۽ ڪير منهنجي لاءِ خطاڪارن جي سامهون ٿيندو؟</verse>
				<verse number="17">جيڪڏهن خداوند منهنجو مددگار نہ هجي ها، تہ منهنجي جان جلد ئي خاموش ٿي وڃي ها.</verse>
				<verse number="18">اي خداوند جنهن مهل مون چيو تہ منهنجو پير ترڪي ٿو؛ تنهن مهل تنهنجي رحم مون کي سنڀالي ورتو.</verse>
				<verse number="19">جڏهن منهنجي دل ۾ گهڻو فڪر ٿو ٿئي، تڏهن تنهنجي دلاسي جي ڪري منهنجي جان خوش ٿي ٿئي.</verse>
				<verse number="20">بڇڙائيءَ جي تخت سان، جو ٺڳيءَ جا قانون ٿو جوڙي، تنهنجو ڪو رشتو ٿيندو ڇا؟</verse>
				<verse number="21">اهي راستباز جي جان وٺڻ لاءِ گڏ ٿا ٿين، ۽ بيگناهہ کي ڏوهاري ٿا ٺهرائين.</verse>
				<verse number="22">پر خداوند منهنجو اوچو ٺلهہ آهي؛ ۽ منهنجو خدا منهنجي پناهہ جو ٽڪر آهي.</verse>
				<verse number="23">هن انهن کي سندن خطائن جو بدلو ڏنو، ۽ کين سندن بڇڙائيءَ ۾ تباهہ ڪندو؛ خداوند اسان جو خدا انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="95">
				<verse number="1">اچو تہ خداوند جي حضور ۾ گيت ڳايون: ۽ پنهنجي نجات جي ٽڪر جي لاءِ خوشيءَ سان للڪاريون.</verse>
				<verse number="2">شڪرگذاري ڪري سندس حضور ۾ حاضر ٿيون، ۽ گيت ڳائي سندس حضور ۾ خوشيءَ جو آواز ڪريون.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو خداوند خدا ئي عظيم آهي، ۽ سڀني معبودن جي مٿان بادشاهہ آهي.</verse>
				<verse number="4">زمين جون اونهايون سندس هٿ ۾ آهن؛ ۽ جبلن جون چوٽيون بہ هنجون ئي آهن.</verse>
				<verse number="5">سمنڊ بہ سندس آهي. ۽ هن انهي کي جوڙيو؛ ۽ سڪي زمين بہ هن جي ئي هٿن تيار ڪئي.</verse>
				<verse number="6">اچو تہ اسين جهڪي سجدو ڪريون؛ ۽ پنهنجي خالق خداوند جي اڳيان گوڏا کوڙيون.</verse>
				<verse number="7">ڇو جو هو اسان جو خدا آهي، ۽ اسين سندس چراگاهہ جي اُمت، ۽ سندس هٿ جون رڍون آهيون. شل اڄوڪي ڏينهن اوهين سندس آواز ٻڌو!</verse>
				<verse number="8">اوهين پنهنجين دلين کي سخت نہ ڪريو، جيئن ڪہ اوهان مريباہ ۽ بيابان ۾، مساہ جي ڏينهن ڪيو:</verse>
				<verse number="9">جڏهن اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي آزمايو، منهنجو امتحان ورتو، ۽ منهنجي ڪم کي بہ ڏٺو.</verse>
				<verse number="10">چاليهن ورهين تائين آءٌ اُنهيءَ پيڙهيءَ کان بيزار رهيس، تڏهن مون چيو تہ هي اهي ماڻهو آهن جي پنهنجين دلين ۾ گمراهہ ٿا ٿين، ۽ انهن منهنجين واٽن کي نہ سمجهيو آهي:</verse>
				<verse number="11">سو مون پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ اهي منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="96">
				<verse number="1">خداوند جي حضور ۾ نئون گيت ڳايو: اي زمين جا سڀ رهاڪو، خداوند جي حضور ۾ گيت ڳايو.</verse>
				<verse number="2">خداوند جي حضور ۾ گيت ڳايو، ۽ هن جي نالي کي مبارڪ چئو؛ ۽ روزبروز سندس نجات جو بيان ڪريو.</verse>
				<verse number="3">قومن ۾ هن جو جلال ظاهر ڪريو، ۽ سڀني ماڻهن ۾ سندس عجيب ڪم جو بيان ڪريو.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو خداوند عظيم آهي، ۽ تعريف جي لائق آهي: هو سڀني معبودن کان وڌيڪ تعظيم جي لائق آهي.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو قومن جا سڀ معبود بت آهن: پر خداوند آسمانن کي بنايو.</verse>
				<verse number="6">مان ۽ شان هنجي حضور ۾ آهن: قدرت ۽ جمال سندس پاڪ مڪان ۾ آهن.</verse>
				<verse number="7">اي اُمت جا قبيلا، خداوند جي، فقط خداوند جي تمجيد ۽ تعظيم ڪريو.</verse>
				<verse number="8">خداوند جي نالي جي لائق سندس جلال جي تعريف ڪريو: نذرانا کڻي سندس درگاهہ ۾ اچو.</verse>
				<verse number="9">پاڪيزگيءَ جي جمال سان خداوند کي سجدو ڪريو: اي زمين جا سڀ رهاڪو هن جي اڳيان ڏڪندا رهو.</verse>
				<verse number="10">قومن ۾ ٻڌايو تہ خداوند بادشاهي ٿو ڪري: دنيا اهڙي قائم آهي جو اُنهيءَ کي لوڏو ڪونهي: سچائيءَ سان هو قومن جي عدالت ڪندو.</verse>
				<verse number="11">ڀلي تہ آسمان خوشي ڪن، ۽ زمين سرهي ٿئي، ڀلي تہ سمنڊ ۽ سندس معموري گوڙ شور ڪن.</verse>
				<verse number="12">ميدان ۽ جيڪي منجهس آهي سو خوش ٿئي، تڏهن ٻيلي جا سڀيئي وڻ خوشيءَ سان ڳائيندا؛</verse>
				<verse number="13">خداوند جي حضور ۾، ڇو جو هو اچي ٿو؛ هو زمين جي رهاڪن جي عدالت ڪرڻ ٿو اچي: هو راستيءَ سان جهان جي، ۽ پنهنجي سچائيءَ سان قومن جي عدالت ڪندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="97">
				<verse number="1">خداوند بادشاهي ٿو ڪري؛ ڀلي تہ زمين خوشي ڪري؛ ۽ ڀلي تہ بيشمار ٻيٽ سرها ٿين.</verse>
				<verse number="2">هن جي چوڌاري ڪڪر ۽ اونداهي آهي: ۽ سندس تخت راستيءَ ۽ انصاف تي بيٺل آهي.</verse>
				<verse number="3">هن جي اڳيان اڳيان باهہ ٿي وڃي، ۽ سندس دشمنن کي چوڌاري ساڙيو ڇڏي.</verse>
				<verse number="4">هن جي وڄ چمڪي جهان کي روشن ڪيو: زمين اها ڏسي ڏڪي ويئي.</verse>
				<verse number="5">خداوند جي حضور ۾، يعني ساريءَ زمين جي خداوند جي حضور ۾ جبل ميڻ وانگي پگهري ويا.</verse>
				<verse number="6">آسمان هن جي سچائي ظاهر ٿا ڪن، ۽ سڀني قومن سندس جلال ڏٺو آهي.</verse>
				<verse number="7">جيڪي گهڙيل مورتن کي سجدو ڪري پوڄا ٿا ڪن، ۽ جيڪي بتن جي ڪري پاڻ کي پڏائين ٿا، سي سڀ شرمندا ٿين: اي سڀ معبودو اوهين هن جي اڳيان سجدو ڪريو.</verse>
				<verse number="8">اي خداوند، صيون اهو ٻڌي سرهو ٿيو، ۽ يهوداہ جون ڌيئرون تنهنجن فيصلن جي ڪري خوشيون ڪرڻ لڳيون.</verse>
				<verse number="9">ڇو جو اي خداوند تون ساريءَ زمين جو خدا تعاليٰ آهين: ۽ سڀني معبودن کان گهڻو اعليٰ آهين.</verse>
				<verse number="10">اوهين جيڪي خداوند کي پيار ٿا ڪريو، سي بڇڙائيءَ کان نفرت ڪريو: هو پنهنجي مقدسن جي جان کي سنڀالي ٿو؛ هو انهن کي بڇڙن جي هٿان ڇڏائي ٿو.</verse>
				<verse number="11">راستبازن لاءِ روشني، ۽ سچيءَ دل وارن لاءِ سرهائي پوکي ويئي آهي.</verse>
				<verse number="12">اوهين جي راستباز آهيو، سي خداوند ۾ خوشي ڪريو: ۽ سندس پاڪ نالي جو شڪر ڪريو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="98">
				<verse number="1">خداوند جي حضور ۾ نئون گيت ڳايو؛ ڇو جو هن عجيب ڪم ڪيا آهن: هن جي ساڄي هٿ ۽ پاڪ ٻانهن هنجي لاءِ فتح حاصل ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="2">خداوند پنهنجي نجات پڌري ڪئي آهي: ۽ پنهنجي راستبازي قومن جي سامهون ظاهر ڪري ڏيکاري اٿس.</verse>
				<verse number="3">هن اسرائيل جي گهراڻي لاءِ پنهنجو رحم ۽ پنهنجي وفاداري ياد ڪئي آهي: ۽ زمين جي سڀني ڇيڙن اسان جي خدا جي نجات ڏٺي آهي.</verse>
				<verse number="4">اي زمين جا سڀ رهاڪو خداوند جي حضور ۾ خوشيءَ جو آواز ڪريو: شوق سان خوشيءَ جا گيت ۽ تعريف ڳايو.</verse>
				<verse number="5">بربط وڄائي خداوند جي تعريف ڳايو؛ هائو بربط وڄائي مٺي آواز سان ڳايو.</verse>
				<verse number="6">بادشاهہ، يعني خداوند جي حضور ۾، تري ۽ شرنائي وڄائي خوشيءَ جو آواز ڪريو.</verse>
				<verse number="7">سمنڊ ۽ انهي جي معموري گجگوڙ ڪري: جهان ۽ سندس سڀ رهاڪو بہ ائين ئي ڪن.</verse>
				<verse number="8">ڀلي تہ سيلاب تاڙيون وڄائين؛ ۽ جبل خوشيءَ وچان خداوند جي حضور ۾ گڏجي گيت ڳائين:</verse>
				<verse number="9">خداوند جي حضور، ڇو جو هو زمين جي رهاڪن جي عدالت ڪرڻ ٿو اچي: هو راستيءَ سان جهان جي، ۽ سچائيءَ سان قومن جي عدالت ڪندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="99">
				<verse number="1">خداوند بادشاهي ٿو ڪري؛ ڀلي تہ قومون ڏڪن: هو ڪروبين تي ويٺو آهي؛ ڀلي تہ زمين لڏي.</verse>
				<verse number="2">خداوند صيون ۾ عظيم آهي؛ هو سڀني قومن کان گهڻو مٿي آهي.</verse>
				<verse number="3">ڀلي تہ اهي تنهنجي عظيم ۽ هيبتناڪ نالي جي تعريف ڪن: ڇو جو هو پاڪ آهي.</verse>
				<verse number="4">بادشاهہ جي طاقت انصاف کي پسند ٿي ڪري. تون سچائيءَ کي قائم ٿو رکين، تون ئي يعقوب ۾ انصاف ۽ راستيءَ کي عمل ۾ ٿو آڻين.</verse>
				<verse number="5">اوهين خداوند اسان جي خدا جي تعظيم ڪريو، ۽ سندس پيرن جي صندليءَ وٽ سجدو ڪريو: ڇو جو هو پاڪ آهي.</verse>
				<verse number="6">هن جي ڪاهنن مان موسيٰ ۽ هارون، ۽ سندس نالو وٺي دعا گهرڻ وارن مان سموئيل، انهن سڀني خداوند کي پڪاريو ۽ هن کين جواب ڏنو.</verse>
				<verse number="7">هن ڪڪر جي ٿنڀ مان انهن سان ڳالهايو: ۽ جيڪي شاهديون ۽ قانون کين ڏنائين تن کي هنن مڃيو.</verse>
				<verse number="8">اي خداوند اسان جا خدا، تو انهن کي جواب ڏنو: جيتوڻيڪ تو انهن کي سندن ڪمن جو بدلو ڏنو، تڏهن بہ تون اُهو خدا آهين جنهن کين معاف ڪيو.</verse>
				<verse number="9">خداوند اسان جي خدا جي تعظيم ڪريو، ۽ سندس پاڪ جبل تي سجدو ڪريو؛ ڇو جو خداوند اسان جو خدا پاڪ آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="100">
				<verse number="1">اي زمين جي سڀ رهاڪو، خداوند جي حضور ۾ خوشيءَ جو آواز ڪريو.</verse>
				<verse number="2">خوشيءَ سان خداوند جي عبادت ڪريو: ۽ گيت ڳائيندا سندس حضور ۾ اچو.</verse>
				<verse number="3">اوهين پڪ ڄاڻو تہ خداوند ئي خدا آهي؛ هن ئي اسان کي پيدا ڪيو، ۽ اسين سندس ئي آهيون: اسين سندس اُمت ۽ سندس چراگاهہ جون رڍون آهيون.</verse>
				<verse number="4">شڪر گذاري ڪندا هن جي دروازن ۾، ۽ تعريف ڪندا سندس درگاهہ ۾ داخل ٿيو: هن جا ٿورا مڃيو، ۽ سندس نالي کي مبارڪ چئو.</verse>
				<verse number="5">ڇو جو خداوند مهربان آهي؛ ۽ هن جو رحم هميشہ تائين آهي؛ ۽ سندس وفاداري سڀني پيڙهين تائين قائم رهندي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="101">
				<verse number="1">آءٌ رحم ۽ انصاف جو گيت ڳائيندس: اي خداوند آءٌ تنهنجي تعريف ڳائيندس.</verse>
				<verse number="2">آءٌ دانائيءَ سان سنئين واٽ وٺندس: تون مون وٽ ڪڏهن ايندين؟ آءٌ پنهنجي گهر ۾ ڪامل دل سان هلندس.</verse>
				<verse number="3">آءٌ ڪنهن خراب ڳالهہ کي پنهنجي سامهون ڪين رکندس: جيڪي خراب رستي تي ٿا هلن تن جي ڪمن کان مون کي نفرت آهي؛ انهن سان منهنجو ڪوبہ لاڳاپو ڪونهي.</verse>
				<verse number="4">ڏنگي دل مون کان پري رهندي، آءٌ ڪنهن بڇڙائيءَ سان واقفيت نہ رکندس.</verse>
				<verse number="5">جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي پرپٺ گلا ٿو ڪري تنهن کي آءٌ برباد ڪندس: آءٌ بلند نظر ۽ مغرور دل جي برداشت ڪين ڪندس.</verse>
				<verse number="6">ملڪ جي ايماندارن تي منهنجي نگاهہ رهندي، تہ اهي مون سان گڏ رهن: جيڪو سنئين واٽ تي ٿو هلي سو ئي منهنجي خدمت ڪندو.</verse>
				<verse number="7">جيڪو ٺڳي ٿو ڪري سو منهنجي گهر ۾ ڪين رهندو: ۽ جيڪو ڪوڙ ٿو ڳالهائي سو منهنجي سامهون جٽاءُ ڪين ڪندو.</verse>
				<verse number="8">آءٌ هر روز صبح جو ملڪ جي سڀني بڇڙن کي برباد ڪندس؛ انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي شهر مان سڀني خطاڪارن کي تباهہ ڪري ڇڏيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="102">
				<verse number="1">اي خداوند منهنجي دعا ٻڌ، ۽ منهنجون دانهون تنهنجي حضور ۾ پهچن.</verse>
				<verse number="2">منهنجي مصيبت جي ڏينهن مون کان پنهنجو منهن نہ لڪاءِ: ۽ مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي: جڏهن آءٌ توکي پڪاريان، تڏهن مون کي جلد جواب ڏي.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو منهنجا ڏينهن دونهين وانگي اُڏاميو وڃن، ۽ منهنجون هڏيون اُماڙيءَ وانگيان سڙي ٿيون وڃن.</verse>
				<verse number="4">منهنجي دل گاهہ وانگي ڪومائجي ۽ سڪي ويئي آهي؛ ۽ آءٌ پنهنجي ماني کائڻ بہ ڀلجيو وڃان.</verse>
				<verse number="5">ڪنجهندي ڪنجهندي منهنجون هڏيون ماس سان وڃي لڳيون آهن.</verse>
				<verse number="6">آءٌ جهنگ جي پيڻ وانگي، ۽ ويران هنڌ تي جي چٻري جهڙو ٿي پيو آهيان.</verse>
				<verse number="7">آءٌ اوجاڳا پيو ڪڍان، آءٌ انهيءَ جهرڪيءَ وانگي آهيان جا کڏ تي اڪيلي ويٺي هجي.</verse>
				<verse number="8">منهنجا دشمن سڄو ڏينهن مون کي طعنا پيا هڻن، ۽ جيڪي مون تي ڇتا ٿي پيا آهن سي مون تي لعنت پيا ڪن.</verse>
				<verse number="9">ڇو جو آءٌ خاڪ مانيءَ وانگر ٿو کاوان، ۽ لڙڪ گڏيل پاڻي ٿو پيئان.</verse>
				<verse number="10">اهو تنهنجي ڏمر ۽ ڪاوڙ جي ڪري ٿيو آهي: ڇو جو تو مون کي مٿي چاڙهيو ۽ ڪيرائي ڦٽو ڪيو آهي:</verse>
				<verse number="11">منهنجي ڄمار پاڇي وانگي گذرندي وڃي؛ آءٌ گاهہ وانگيان ڪومائجي ويو آهيان.</verse>
				<verse number="12">پر اي خداوند تون سدائين جٽاءُ ڪندين. ۽ تنهنجي يادگيري پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ رهندي.</verse>
				<verse number="13">تون اُٿي صيون تي رحم ڪندين: ڇو تہ انهيءَ تي قياس ڪرڻ جو وقت آيو آهي، هائو مقرر وقت اچي پهتو آهي.</verse>
				<verse number="14">ڇو جو تنهنجا بندا انهيءَ جا پٿر بہ پسند ٿا ڪن، ۽ سندس مٽيءَ تي بہ ڪهل ٿي اچين.</verse>
				<verse number="15">تنهن ڪري قومون خداوند جي نالي کان ڊڄنديون، ۽ زمين جا سڀ بادشاهہ تنهنجي جلال کان ڊڄندا رهندا:</verse>
				<verse number="16">ڇو جو خداوند صيون کي اڏايو آهي، ۽ هو پنهنجي جلال ۾ ظاهر ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="17">هن بيوسن جي دعا ڏانهن ڌيان ڏنو آهي، ۽ انهن جي دعا کي حقير نہ سمجهيو اٿس.</verse>
				<verse number="18">هيءَ ڳالهہ ايندڙ پيڙهيءَ جي لاءِ لکبي: ۽ جيڪا اُمت پيدا ٿيندي سا خداوند جي تعريف ڪندي.</verse>
				<verse number="19">ڇو جو هن پنهنجي پاڪ مڪان تان هيٺ نهاريو آهي؛ خداوند آسمان تان زمين تي نظر ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="20">تہ قيدين جون آهون ٻڌي؛ ۽ جيڪي موت جي منهن ۾ آهن تن کي ڇڏائي.</verse>
				<verse number="21">انهي لاءِ تہ ماڻهو صيون ۾ خداوند جو نالو پڌرو ڪن، ۽ يروشلم ۾ سندس تعريف ڪن.</verse>
				<verse number="22">يعني جڏهن قومون، ۽ بادشاهتون، خداوند جي عبادت ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿين.</verse>
				<verse number="23">هن واٽ تي ئي منهنجي زور کي گهٽائي ڇڏيو، هن منهنجي عمر گهٽائي ڇڏي.</verse>
				<verse number="24">مون چيو تہ اي خدا منهنجي اڌ عمر ۾ مون کي کڻي نہ وٺ: تنهنجا ورهيہ تہ سڀني پيڙهين تائين پيا هلن.</verse>
				<verse number="25">تو قديم زماني ۾ زمين جو بنياد وڌو ۽ آسمان تنهنجي هٿ جي ڪاريگري آهن.</verse>
				<verse number="26">اهي نابود ٿي ويندا پر تون قائم رهندين: اهي سڀيئي پوشاڪ وانگي پراڻا ٿي ويندا؛ تون انهن کي ڪپڙن وانگي مٽائيندين ۽ اهي بدلجي ويندا:</verse>
				<verse number="27">پر تون بدلجڻ جو نہ آهين، ۽ تنهنجن ڏينهن جي پڄاڻي ڪانہ ٿيندي.</verse>
				<verse number="28">تنهنجن بندن جا ٻار هليا هلندا، ۽ سندن نسل تنهنجي حضور ۾ قائم رهندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="103">
				<verse number="1">اي منهنجي جان خداوند کي مبارڪ چئُہ؛ ۽ جيڪي منهنجي اندر آهي سو سڀ هن جي پاڪ نالي کي مبارڪ چوي.</verse>
				<verse number="2">اي منهنجي جان خداوند کي مبارڪ چئُہ، ۽ هن جي ڪابہ نعمت نہ وسار.</verse>
				<verse number="3">هو تنهنجا سڀيئي گناهہ بخشي ٿو؛ ۽ تنهنجا مڙيئي مرض مٽائي ٿو؛</verse>
				<verse number="4">هو تنهنجيءَ حياتيءَ کي برباديءَ کان ٿو ڇڏائي؛ هو توکي ٻاجهہ ۽ رحم جو ڇٽ ٿو ڍڪائي.</verse>
				<verse number="5">هو توکي ساري عمر چڱين شين سان ڍءُ ٿو ڪرائي؛ ۽ تون عقاب وانگر نئين سر جوان ٿو ٿين.</verse>
				<verse number="6">خداوند سڀني ستايلن لاءِ راستي ۽ انصاف عمل ۾ ٿو آڻي.</verse>
				<verse number="7">هن پنهنجون واٽون موسيٰ کي ڏيکاريون، ۽ پنهنجا ڪم بني اسرائيل تي پڌرا ڪيا.</verse>
				<verse number="8">خداوند رحيم ۽ ڪريم آهي، غصي ڪرڻ ۾ ڍرو، ۽ رحم سان ڀرپور آهي.</verse>
				<verse number="9">هو سدائين ڪين پيو ڇينڀيندو؛ نيڪي پنهنجو غصو هميشہ جي لاءِ رکندو.</verse>
				<verse number="10">هن اسان جي گناهن موافق اسان سان هلت ڪين ڪئي آهي، نڪي اسان جين خطائن موجب اسان کي بدلو ڏنو اٿس.</verse>
				<verse number="11">ڇو تہ جيئن آسمان زمين کان گهڻو مٿي آهي، تيئن هن جو رحم انهن تي ججهو ئي آهي جي کانئس ڊڄن ٿا.</verse>
				<verse number="12">جيترو اُڀرندو الهندي کان پري آهي، اوترو ئي هن اسان جا گناهہ اسان کان پري ڪيا آهن.</verse>
				<verse number="13">جيئن پيءُ پنهنجي ٻارن تي ڪهل ٿو ڪري، تيئن خداوند انهن تي ڪهل ٿو ڪري جي کانئس ڊڄن ٿا.</verse>
				<verse number="14">ڇو جو هن کي اسان جي طبيعت جي خبر آهي؛ ۽ ياد اٿس تہ اسين خاڪ آهين.</verse>
				<verse number="15">انسان جي حياتي گاهہ جي مثل آهي؛ هو جهنگلي گل وانگي وڌي ٿو.</verse>
				<verse number="16">پر جڏهن مٿس واءُ ٿو لڳي تڏهن هو گم ٿيو وڃي؛ ۽ وري انهي جي جاءِ جي بہ خبر نٿي پوي.</verse>
				<verse number="17">پر جن کي خداوند جو ڊپ آهي، تن تي سندس رحم ازل کان ابد تائين آهي، ۽ سندس راستبازي انهن جي اولاد جي اولاد تي هلندي اچي.</verse>
				<verse number="18">يعني انهن تي جيڪي هن جي عهد کي مڃين ٿا، ۽ سندس حڪمن کي ياد رکي انهن تي عمل ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="19">خداوند پنهنجو تخت آسمان ۾ قائم ڪيو آهي؛ ۽ سندس حڪومت سڀني تي ٿي هلي.</verse>
				<verse number="20">اي خداوند جا فرشتا، اوهين جي طاقتوارا آهيو، ۽ هن جي ڪلام جو آواز ٻڌي مٿس عمل ٿا ڪريو، سي کيس مبارڪ چئو.</verse>
				<verse number="21">اي خداوند جا لشڪر، اوهين جي سندس خدمت ڪرڻ وارا آهيو ۽ هن جي مرضيءَ تي ٿا هلو، سي خداوند کي مبارڪ چئو.</verse>
				<verse number="22">اي خداوند جي ساري خلقت، هن جي بادشاهت ۾ سڀ ڪنهن هنڌ کيس مبارڪ چئُہ: اي منهنجي جان خداوند کي مبارڪ چئُہ.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="104">
				<verse number="1">اي منهنجي جان تون خداوند کي مبارڪ چئو. اي خداوند منهنجا خدا تون تمام عظيم آهين؛ تون شان ۽ شوڪت سان ڍڪيل آهين.</verse>
				<verse number="2">تون نور کي پوشاڪ وانگر ٿو پهرين: ۽ آسمان کي پردي وانگي ٿو پکيڙين:</verse>
				<verse number="3">تون پنهنجي بالاخاني جا شهتير پاڻيءَ تي ٿو رکين؛ ۽ ڪڪرن کي پنهنجو رٿ ٿو ڪرين؛ ۽ واءُ جي پرن تي ٿو رهين.</verse>
				<verse number="4">تون پنهنجن فرشتن کي هوا وانگر ٿو بنائين؛ ۽ پنهنجن خادمن کي باهہ جا شعلا:</verse>
				<verse number="5">تو زمين کي انهي جي بنياد تي قائم ڪيو، تہ هو ڪڏهن بہ مٽجي نہ وڃي.</verse>
				<verse number="6">تو انهيءَ کي اونهي سمنڊ سان لباس وانگر ڍڪي ڇڏيو؛ ۽ پاڻي جبلن کان بہ مٿي هئا.</verse>
				<verse number="7">تنهنجيءَ ڇينڀ تي اهي ڀڄي ويا؛ ۽ تنهنجيءَ گجگوڙ جي آواز تي اهي جلدي ويا هليا؛</verse>
				<verse number="8">اُهي انهيءَ جاءِ تي پهچي ويا جا تو انهن لاءِ تيار ڪئي هئي؛ ۽ جبل وري مٿي آيا، ۽ واديون ويهي ويون.</verse>
				<verse number="9">تو انهن جي لاءِ هڪڙي حد ٺهرائي آهي تہ انهيءَ کان ٻاهر نہ نڪرن؛ ۽ وري زمين کي ڍڪي نہ ڇڏين.</verse>
				<verse number="10">هو وادين ۾ چشما جاري ٿو ڪري؛ جي جبلن مان ٿا نڪرن:</verse>
				<verse number="11">انهن مان جهنگ جا سڀ جانور پاڻي ٿا پيئن، ۽ جهنگ جا گڏهہ بہ اچيو اُڃ لاهين.</verse>
				<verse number="12">انهن ڪنڌين تي آسمان جا پکي آکيرا ڪري ٿا ويهن، ۽ ٽارين ۾ لاتيون پيا ڳائين.</verse>
				<verse number="13">هو پنهنجي بالاخانن مان جبلن تي مينهن ٿو وسائي: تنهنجيءَ ڪاريگريءَ جي ڦل سان زمين ڍءُ ٿي ڪري.</verse>
				<verse number="14">هو ڍورن لاءِ گاهہ، ۽ انسانن جي ڪم لاءِ ڀاڄي ٿو اُڀرائي؛ تہ زمين مان خوراڪ پيدا ڪري.</verse>
				<verse number="15">۽ شراب جو ماڻهن جي دل کي خوش ٿو ڪري، ۽ تيل جو سندن چهري کي چمڪائي ٿو ۽ ماني جا ماڻهوءَ کي طاقت ٿي ڏئي.</verse>
				<verse number="16">خداوند جي وڻن کي پورو پاڻي ٿو ملي؛ يعني لبنان جا ديودار جي هن پوکيا آهن؛</verse>
				<verse number="17">جن ۾ پکي پنهنجا آکيرا ٿا جوڙين: ۽ صنوبر جي وڻن ۾ لقلق پنهنجو گهر جوڙيو آهي.</verse>
				<verse number="18">وڏا جبل جهنگلي ٻڪرن جي لاءِ آهن؛ ۽ ٽڪريون سهن جي پناهہ آهن.</verse>
				<verse number="19">هن چنڊ کي مندن جي لاءِ مقرر ڪيو: ۽ سج کي پنهنجي لهڻ جي مهل معلوم آهي.</verse>
				<verse number="20">تون اونداهي ٿو ڪرين تہ رات ٿي ٿئي؛ جنهن ۾ جهنگ جا سڀيئي جانور ٻاهر نڪري ٿا اچن.</verse>
				<verse number="21">جوان شينهن شڪار جي پٺيان گجگار ٿا ڪن، ۽ خدا کان پنهنجو کاڌو ٿا گهرن.</verse>
				<verse number="22">سج نڪرڻ مهل اهي هليا ٿا وڃن، ۽ پنهنجين غارن ۾ وڃي سمهي ٿا پون.</verse>
				<verse number="23">انسان پنهنجي ڪم تي ٿو نڪري ۽ سانجهيءَ تائين پورهئي ۾ لڳو ٿو رهي.</verse>
				<verse number="24">اي خداوند تنهنجا ڪم ڪهڙا نہ بيحد آهن! تو انهن سڀني کي دانائيءَ سان جوڙيو آهي: زمين تنهنجي خزانن سان ڀرپور آهي.</verse>
				<verse number="25">ڏسو هو وڏو ۽ ويڪرو سمنڊ، جنهن ۾ سرندڙ شيون ۽ ننڍا توڙي وڏا بيشمار جانور آهن.</verse>
				<verse number="26">انهي تي جهاز ٿا هلن؛ ۽ منجهس مانگر مڇ بہ آهن، جن کي تو انهيءَ ۾ راند ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="27">انهن سڀني کي تنهنجو آسرو آهي، تہ تون کين وقت تي کاڌو ڏين.</verse>
				<verse number="28">جيڪي تون انهن کي ڏين ٿو سو اهي وٺن ٿا؛ تون پنهنجي مٺ ٿو کولين تہ اهي چڱين شين سان ڍءُ ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="29">تون پنهنجو منهن لڪائين ٿو، تہ اهي پريشان ٿا ٿين؛ تون انهن جو ساهہ ٿو ڪڍين تہ اهي مريو وڃن، ۽ وري مٽيءَ ۾ وڃيو ملن.</verse>
				<verse number="30">تون پنهنجو روح ٿو موڪلين تہ اهي پيدا ٿا ٿين؛ ۽ تون زمين جي سطح کي نئين سر آباد ٿو ڪرين.</verse>
				<verse number="31">شل خداوند جو جلال هميشہ تائين رهي؛ شل خداوند پنهنجي ڪمن کان خوش ٿئي:</verse>
				<verse number="32">هو زمين ڏانهن نهاري ٿو تہ اُها ڏڪيو وڃي، هو جبلن کي ڇهي ٿو تہ انهن مان دونهون ٿو نڪري.</verse>
				<verse number="33">جيسين آءٌ جيئرو رهندس تيسين خداوند جي حضور ۾ گيت ڳائيندس: جيسين آءٌ حيات آهيان تيسين خدا جي تعريف ڳائيندو رهندس.</verse>
				<verse number="34">شل منهنجا خيال کيس پسند اچن: آءٌ خداوند ۾ خوش رهندس.</verse>
				<verse number="35">شل گنهگار زمين تان فنا ٿي وڃن، ۽ بدڪار باقي نہ رهن. اي منهنجي جان خداوند کي مبارڪ چئُہ. خداوند جي تعريف ڪريو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="105">
				<verse number="1">خداوند جي شڪرگذاري ڪريو، سندس نالو وٺي دعا گهرو؛ ۽ قومن ۾ هنجا ڪم پڌرا ڪريو.</verse>
				<verse number="2">هن جي حضور ۾ گيت ڳايو، ۽ سندس تعريف ڳايو؛ هن جي سڀني عجيب ڪمن جو ذڪر ڪريو.</verse>
				<verse number="3">هن جي پاڪ نالي تي فخر ڪريو: خداوند جي طالبن جون دليون خوش ٿين.</verse>
				<verse number="4">خداوند ۽ سندس قدرت جا طالب رهو؛ سدائين سندس ديدار جا طالب رهو.</verse>
				<verse number="5">هن جيڪي عجيب ڪم ڪيا آهن سي ياد ڪريو: سندس معجزن ۽ وات جي فيصلن کي ياد رکو.</verse>
				<verse number="6">اوهين جي هن جي بندي ابراهيم جو نسل، ۽ يعقوب جو اولاد، ۽ سندس چونڊيل آهيو.</verse>
				<verse number="7">اِهو خداوند اسان جو خدا آهي: ۽ سندس فيصلا ساريءَ زمين تي آهن.</verse>
				<verse number="8">هن پنهنجو عهد هميشہ تائين ياد رکيو آهي، يعني اهو قول جو هزار پيڙهين جي لاءِ فرمايو اٿس؛</verse>
				<verse number="9">جو عهد ابرهام سان ڪيو هئائين، ۽ جو قسم اسحاق سان کنيو هئائين؛</verse>
				<verse number="10">تنهن کي يعقوب جي لاءِ قانون، ۽ اسرائيل جي لاءِ هميشہ جو عهد ٺهرايائين:</verse>
				<verse number="11">۽ چيائين تہ آءٌ توکي ڪنعان جو ملڪ ڏيندس، تہ تنهنجي ميراث ٿئي.</verse>
				<verse number="12">انهي وقت اهي شمار ۾ ٿورا هئا؛ بلڪ تمام ٿورا، ۽ انهي ملڪ ۾ مسافر هئا.</verse>
				<verse number="13">اهي هڪڙي قوم مان ٻيءَ ۾، ۽ هڪڙيءَ بادشاهت مان ٻيءَ ۾ پئي گهميا.</verse>
				<verse number="14">هن ڪنهن کي بہ مٿن ظلم ڪرڻ نہ ڏنو؛ بلڪ انهن جي خاطر بادشاهن کي ڇينڀيائين.</verse>
				<verse number="15">۽ چيائين تہ منهنجي مسح ٿيل کي هٿ نہ لائيو، ۽ منهنجي نبين کي نقصان نہ رسايو.</verse>
				<verse number="16">وري هن انهيءَ ملڪ ۾ ڏڪار موڪليو؛ ۽ سندن روزيءَ کي ڀڃي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="17">هن انهن کان اڳ ۾ هڪڙو شخص موڪليو، يعني يوسف، جو غلاميءَ ۾ وڪاڻو.</verse>
				<verse number="18">انهن هن جي پيرن ۾ ٻيڙيون وجهي ڏک ڏنس، ۽ لوهہ جي زنجيرن ۾ قابو ڪيائونس:</verse>
				<verse number="19">جيستائين هن جو سخن پورو نہ ٿيو؛ تيستائين خداوند جو ڪلام کيس آزمائيندو رهيو.</verse>
				<verse number="20">پوءِ بادشاهہ ماڻهو موڪلي هن کي ڇڏايو؛ هائو، قومن جي حاڪم کيس آزاد ڪيو.</verse>
				<verse number="21">هن کيس پنهنجي گهر جو مختيار، ۽ پنهنجيءَ ساريءَ ملڪيت تي حاڪم مقرر ڪيو:</verse>
				<verse number="22">تہ هن جي سردارن کي پنهنجيءَ مرضيءَ موجب بند ۾ رکي، ۽ هن جي بزرگن کي دانائي سيکاري.</verse>
				<verse number="23">پوءِ اسرائيل بہ مصر ۾ آيو؛ ۽ يعقوب حام جي ملڪ ۾ مسافر ٿي رهيو.</verse>
				<verse number="24">هن پنهنجيءَ اُمت کي گهڻو وڌايو، ۽ کين سندن دشمن کان وڌيڪ زور وارو ڪيائين.</verse>
				<verse number="25">هن انهن جي دلين کي ڦيرايو جنهن ڪري اهي هن جي اُمت سان دشمني ڪرڻ لڳا، ۽ سندس بندن سان دغابازي ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="26">هن پنهنجي بندي موسيٰ ۽ پنهنجي چونڊيل هارون کي موڪليو.</verse>
				<verse number="27">انهن اتي جي ماڻهن ۾، يعني حام جي ملڪ ۾ هن جا نشان ۽ عجيب ڪم ڏيکاريا.</verse>
				<verse number="28">هن اوندهہ کي موڪليو، ۽ اونداهي ٿي پيئي؛ ۽ انهن هن جي ڪلام جي مخالفت ڪئي.</verse>
				<verse number="29">هن انهن جي پاڻيءَ کي ڦيرائي رت ڪيو، ۽ سندن مڇيون ماري ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="30">انهن جو ملڪ ڏيڏرن سان ڀرجي ويو، ۽ اهي بادشاهہ جي ڪوٺين ۾ گهڙي ويا.</verse>
				<verse number="31">هن فرمايو، ۽ انهن جي سڀني سرحدن ۾ مکين جا ميڙ اچي گڏ ٿيا، ۽ جُوئون اچي پيون.</verse>
				<verse number="32">هن انهن تي مينهن جي بدران ڳڙا وسايا، ۽ سندن زمين مان باهہ جا ڀڙڪا نڪتا.</verse>
				<verse number="33">هن انهن جي ڊاک جا منهہ، ۽ انجيرن جا وڻ برباد ڪيا؛ ۽ سندن سرحدن جا وڻ ڀڃي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="34">هن فرمايو تہ بيشمار مڪڙ ۽ سوٻٽ اچي پيا.</verse>
				<verse number="35">۽ انهن جي ملڪ جو سڀڪو وڻ ٻوٽو کائي ويا، ۽ سندن زمين جا سڀ ميوا کائي کپائي ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="36">هن انهن جي ملڪ جي پهريتن کي، يعني سندن طاقت جي پهرئين ڦل کي ماري وڌو.</verse>
				<verse number="37">هو اسرائيلين کي چاندي ۽ سون سوڌو ٻاهر ڪڍي آيو: ۽ انهن جي قبيلن ۾ هڪڙو بہ ڪمزور ماڻهو ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="38">جڏهن اهي هليا ويا تڏهن مصر جا ماڻهو ڏاڍا خوش ٿيا؛ ڇو تہ انهن جي ڪري هو ڏاڍا ڊڄي ويا هئا.</verse>
				<verse number="39">هن ڇانوَ ڪرڻ لاءِ آسمان ۾ هڪڙو ڪڪر موڪليو؛ ۽ رات جو سوجهري لاءِ باهہ موڪيائين.</verse>
				<verse number="40">انهن کاڌو گهريو تہ ٻٽيرا موڪليائين، ۽ کين آسمان جي مانيءَ سان ڍءُ ڪرايائين.</verse>
				<verse number="41">هن ٽڪر کي چيريو ۽ پاڻي وهي آيو؛ ۽ سڪيءَ زمين ۾ نديءَ وانگي وهڻ لڳو.</verse>
				<verse number="42">ڇالاءِ تہ جيڪو پاڪ قول پنهنجي بندي ابرهام سان ڪيو هئائين، تنهن کي ياد ڪيائين.</verse>
				<verse number="43">هو پنهنجي اُمت کي خوشي ڪندي، ۽ پنهنجي چونڊيلن کي گيت ڳائيندي، ٻاهر ڪڍي آيو.</verse>
				<verse number="44">هن انهن کي قومن جا ملڪ ڏنا؛ ۽ هنن قومن جي ڪمائيءَ تي قبضو ڪيو.</verse>
				<verse number="45">تہ اُهي هن جي قانون کي مڃين، ۽ سندس شريعت تي عمل ڪن. اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="106">
				<verse number="1">خداوند جي تعريف ڪريو، خداوند جا ٿورا مڃيو؛ ڇو جو هو نيڪ آهي: ۽ هن جو رحم هميشہ تائين آهي.</verse>
				<verse number="2">ڪير خداوند جي قدرت جي ڪمن جو بيان ڪري سگهندو، يا هن جي پوري تعريف ڪري سگهندو؟</verse>
				<verse number="3">مبارڪ آهن اهي جي انصاف ٿا ڪن ۽ سدائين سچائيءَ تي ٿا هلن.</verse>
				<verse number="4">اي خداوند تنهنجي مهرباني جيڪا تنهنجيءَ اُمت تي آهي تنهن جي ڪري مون کي بہ ياد ڪر؛ پنهنجي نجات مون کي عطا ڪر.</verse>
				<verse number="5">تہ آءٌ تنهنجي چونڊيلن جي اقبالمندي ڏسان، ۽ آءٌ تنهنجيءَ قوم جي خوشيءَ ۾ خوش ٿيان، ۽ تنهنجي ميراث سان گڏ فخر ڪريان.</verse>
				<verse number="6">اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن گناهہ ڪيا آهن، اسان خطا ڪئي آهي، ۽ بڇڙائي ڪئي اٿئون.</verse>
				<verse number="7">اسان جي ابن ڏاڏن مصر جي ملڪ ۾ تنهنجي عجيب ڪمن کي ڪين سمجهيو؛ انهن تنهنجي بيحد رحمتن کي ياد نہ ڪيو؛ پر سمنڊ وٽ، يعني ڳاڙهي سمنڊ وٽ، فساد ڪيائون.</verse>
				<verse number="8">پر تڏهن بہ هن کين پنهنجي نالي جي خاطر بچايو، تہ پنهنجي وڏي قدرت ظاهر ڪري.</verse>
				<verse number="9">هن ڳاڙهي سمنڊ کي بہ جهڻڪيو ۽ اُهو سڪي ويو: پوءِ هو انهن کي اونهائيءَ مان ائين پار لنگهائي ويو، جو ڄڻ تہ هو بيابان مان لنگهي ويا.</verse>
				<verse number="10">هن انهن کي عداوت رکڻ واري جي هٿان بچايو، ۽ کين دشمن جي هٿان ڇڏايائين.</verse>
				<verse number="11">پاڻيءَ انهن جي دشمن کي ڍڪي ڇڏيو ۽ انهن مان هڪڙو بہ ڪونہ بچيو.</verse>
				<verse number="12">تڏهن انهن هن جي ڪلام تي ايمان آندو: ۽ سندس تعريف ڳائڻ لڳا.</verse>
				<verse number="13">پر انهن جلد ئي هنجي ڪمن کي وساري ڇڏيو؛ ۽ سندس صلاح لاءِ ڪين ترسيا:</verse>
				<verse number="14">پر اهي بيابان ۾ ڏاڍيون سَڌون ڪرڻ لڳا، ۽ رڻ پٽ ۾ خدا کي آزمايائون.</verse>
				<verse number="15">سو هن سندن عرض تہ اگهايو؛ پر سندن جان کي سڪائي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="16">انهن منزلگاهہ ۾ موسيٰ سان، ۽ خداوند جي مقدس هارون سان حسد ڪيو.</verse>
				<verse number="17">تڏهن زمين ڦاٽي ۽ داتن کي ڳهي ويئي، ۽ ابيرام جي ٽوليءَ کي کائي ويئي.</verse>
				<verse number="18">۽ انهن جي ٽوليءَ ۾ باهہ اچي ٻري؛ جنهن جي شعلن ڪري بدڪار سڙي ويا.</verse>
				<verse number="19">انهن حورب ۾ هڪڙو گابو جوڙيو، ۽ پلٽيل مورت کي سجدو ڪيائون.</verse>
				<verse number="20">انهيءَ طرح انهن پنهنجي جلال کي بدلائي گاهہ چرندڙ ڏاند جي شڪل جهڙو ڪيو.</verse>
				<verse number="21">۽ پنهنجي نجات ڏيندڙ خدا کي وساري ڇڏيائون، جنهن مصر ۾ وڏا وڏا ڪم ڪيا؛</verse>
				<verse number="22">۽ حام جي ملڪ ۾ عجيب ڪم ڪيائين ۽ ڳاڙهي سمنڊ وٽ هيبتناڪ ڪم ڏيکاريائين.</verse>
				<verse number="23">تنهن ڪري هن چيو تہ آءٌ هنن کي برباد ڪندس، پر سندس چونڊيل موسيٰ اچي وچ ۾ سندس حضور ۾ بيٺو تہ هن جي ڪاوڙ کي ٽاري تہ متان هو انهن کي برباد ڪري ڇڏي.</verse>
				<verse number="24">هائو هو انهي دلپسند ملڪ کي ڌڪارڻ لڳا ۽ هن جي ڪلام تي اعتبار نہ ڪيائون؛</verse>
				<verse number="25">۽ پنهنجي تنبن ۾ ويهي ڪرڪر ڪرڻ لڳا، ۽ خداوند جو آواز نہ ٻڌائون.</verse>
				<verse number="26">تنهن ڪري هن انهن بابت قسم کڻي چيو تہ، آءٌ هن کي بيابان ۾ ڪيرائي چٽ ڪندس:</verse>
				<verse number="27">۽ انهن جي نسل کي غير قوم منجهہ ڪيرائيندس، ۽ ملڪن ۾ ڇڙوڇڙ ڪندس.</verse>
				<verse number="28">پوءِ اهي بعل فغور جي پوڄا ۾ شامل ٿيا، ۽ مئلن جون قربانيون کائڻ لڳا.</verse>
				<verse number="29">انهيءَ طرح انهن پنهنجي ڪمن جي ڪري کيس غصو ڏياريو؛ ۽ منجهن طاعون اچي پيو.</verse>
				<verse number="30">تڏهن فينحاس اٿي انصاف ڪيو: پوءِ طاعون بند ٿي ويو.</verse>
				<verse number="31">۽ اهو ڪم هن جي لاءِ سڀني پيڙهين ۾ هميشہ تائين راستبازي ليکيو ويو.</verse>
				<verse number="32">انهن هن کي مريباہ جي چشمن وٽ بہ غصو ڏياريو، جنهن ڪري انهن جي سببان موسيٰ کي نقصان رسيو.</verse>
				<verse number="33">ڇالاءِ جو انهن هن جي روح کي رنج ڪيو، ۽ موسيٰ بي سوچي ڳالهايو.</verse>
				<verse number="34">وري جن قومن کي برباد ڪرڻ جو خدا کين حڪم ڏنو هو، تن کي برباد نہ ڪيائون،</verse>
				<verse number="35">اُٽلندو انهن قومن ۾ ملي ويا، ۽ انهن جا ڪم سکڻ لڳا:</verse>
				<verse number="36">۽ انهن جي بتن جي عبادت ڪيائون جي انهن جي لاءِ ڦندو ٿي پيا.</verse>
				<verse number="37">هائو، انهن پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن کي ڀوتن جي اڳيان قربان ڪيو.</verse>
				<verse number="38">۽ بيگناهن جو، يعني پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن جو رت وهايائون، جن کي انهن ڪنعان جي بتن جي اڳيان قربان ڪيو؛ ۽ ملڪ کي رت سان پليت ڪيائون.</verse>
				<verse number="39">انهيءَ طرح اهي پنهنجي ڪمن جي ڪري پليت ٿيا، ۽ پنهنجي افعالن جي ڪري زناڪار ٿي پيا.</verse>
				<verse number="40">تڏهن خداوند کي پنهنجيءَ اُمت تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ هو پنهنجيءَ ميراث جي حقارت ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="41">۽ هُن انهن کي قومن جي حوالي ڪيو؛ ۽ جن کي انهن سان نفرت هئي سي مٿن حڪومت هلائڻ لڳا.</verse>
				<verse number="42">۽ انهن جي دشمنن کين ستايو، ۽ هو انهن جا تابعدار ٿيا.</verse>
				<verse number="43">هن گهڻا ئي ڀيرا کين ڇڏايو؛ پر اهي پنهنجين صلاحن تي هلي فسادي ٿي پيا، ۽ پنهنجيءَ بدڪاريءَ جي ڪري دٻجي ويا.</verse>
				<verse number="44">انهيءَ هوندي بہ جڏهن هن سندن دانهون ٻڌيون، تڏهن انهن جي تڪليفن تي نظر ڪيائين.</verse>
				<verse number="45">۽ انهن جي لاءِ پنهنجي عهد کي ياد ڪيائين. ۽ پنهنجي بيحد رحم جي ڪري پنهنجو ارادو ڦيرايائين.</verse>
				<verse number="46">۽ جن انهن کي قيد ڪيو هو، تن جي دل ۾ قياس وڌائين.</verse>
				<verse number="47">اي خداوند اسان جا خدا اسان کي بچاءِ، ۽ ڌارين قومن مان اسان کي ڪڍي گڏ ڪر. تہ اسين تنهنجي پاڪ نالي جي شڪرگذاري، ۽ تنهنجي تعريف ۾ فخر ڪريون.</verse>
				<verse number="48">خداوند اسرائيل جو خدا، ازل کان وٺي ابد تائين مبارڪ هجي، ۽ سڄي اُمت چوي، آمين. اوهين خدا جي تعريف ڪريو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="107">
				<verse number="1">خداوند جي شڪرگذاري ڪريو؛ ڇو جو هو نيڪ آهي: ۽ هن جو رحم هميشہ تائين آهي.</verse>
				<verse number="2">جن کي خداوند ڇوٽڪارو ڏنو آهي سي بہ ائين چون، ڇو جو انهن کي دشمن جي هٿان ڇڏايو اٿس؛</verse>
				<verse number="3">۽ انهن کي ملڪ ملڪ مان، يعني اُڀرندي مان، ۽ اُلهندي مان، ۽ اُتر مان، ۽ ڏکڻ مان آڻي گڏ ڪيو اٿس.</verse>
				<verse number="4">اهي رڻ پٽ جي رستي تي بيابان ۾ پئي رُليا، ۽ ڪوبہ شهر رهڻ لاءِ نٿي ملين.</verse>
				<verse number="5">اهي بکايل ۽ اُڃايل هئا، انهن جي جان ماندي ٿي ويئي.</verse>
				<verse number="6">تڏهن انهن پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو، ۽ هن کين سندن تڪليفن کان ڇڏايو.</verse>
				<verse number="7">هن انهن کي سنئين واٽ ۾ هلايو، تہ اهي رهڻ لاءِ ڪنهن شهر ۾ وڃن.</verse>
				<verse number="8">شل ماڻهو خداوند جي ڀلائيءَ خاطر، ۽ انسان لاءِ جيڪي عجيب ڪم ڪيا اٿس تن جي خاطر سندس تعريف ڪن.</verse>
				<verse number="9">ڇو جو هو منتظر جان کي ڍءُ ٿو ڪرائي، ۽ بکي جان کي چڱين شين سان ڀريو ڇڏي.</verse>
				<verse number="10">اهي جيڪي اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي ۾ ويٺا هئا، ۽ مصيبت ۽ لوهہ جي ٻيڙين ۾ ٻڌل هئا؛</verse>
				<verse number="11">ڇو جو انهن خدا جي ڪلام جي برخلاف فساد ڪيو، ۽ خدا تعاليٰ جي صلاح جي حقارت ڪيائون:</verse>
				<verse number="12">تنهن ڪري هن سندن دليون پورهئي سان عاجز ڪيون؛ ۽ اهي ڪري پيا ۽ ڪوبہ مددگار ڪونہ هون.</verse>
				<verse number="13">تڏهن انهن پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو، ۽ هن کين سندن تڪليفن کان ڇڏايو.</verse>
				<verse number="14">هن کين اونداهيءَ مان ۽ موت جي پاڇي مان ڪڍي ٻاهر آندو، ۽ سندن بند ڀڃي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="15">شل ماڻهو خداوند جي ڀلائيءَ خاطر، ۽ انسان لاءِ جيڪي عجيب ڪم ڪيا اٿس، تن جي خاطر سندس تعريف ڪن.</verse>
				<verse number="16">ڇو جو هن پتل جا دروازا ڀڃي ڇڏيا آهن، ۽ لوهہ جون تارون ڪپي ڇڏيون اٿس.</verse>
				<verse number="17">بيوقوف ماڻهو پنهنجين خطائن ۽ بدڪارين جي ڪري ڏکن ۾ پيا آهن.</verse>
				<verse number="18">انهن جي جان کي ڪنهن بہ قسم جو کاڌو نٿو وڻي؛ اهي موت جي ڪنڌيءَ تي اچي پهتا آهن.</verse>
				<verse number="19">تڏهن اهي پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي ٿا پڪارين، ۽ هو کين سندن تڪليفن کان ڇڏائي ٿو.</verse>
				<verse number="20">هو پنهنجو ڪلام موڪلي انهن کي شفا ٿو بخشي، ۽ کين سندن برباديءَ کان ڇڏائي ٿو.</verse>
				<verse number="21">شل ماڻهو خداوند جي ڀلائيءَ خاطر، ۽ انسان لاءِ جيڪي عجيب ڪم ڪيا اٿس، تن جي خاطر سندس تعريف ڪن.</verse>
				<verse number="22">ڀلي تہ اهي شڪرگذاريءَ جون قربانيون چاڙهين، ۽ گيت ڳائي سندس ڪمن جو بيان ڪن.</verse>
				<verse number="23">جيڪي جهازن ۾ چڙهي سمنڊ تي ٿا وڃن، ۽ وڏن سمنڊن تي پنهنجو واپار ٿا ڪن؛</verse>
				<verse number="24">سي خداوند جا ڪم، ۽ اونهي سمنڊ ۾ سندس عجيب ڪم ٿا ڏسن.</verse>
				<verse number="25">ڇو جو هو حڪم ٿو ڏئي تہ طوفان ٿو لڳي، جنهن ڪري لهرون ٿيون چڙهن.</verse>
				<verse number="26">اُهي آسمان تائين چڙهيو وڃن، ۽ وري وڃيو ترو وٺن: تڪليفن جي ڪري انهن جو ساهہ سڪيو وڃي.</verse>
				<verse number="27">اهي نشئيءَ وانگي پيا آٿڙن ۽ هيڏانهن هوڏانهن پيا لڏن، ۽ سندن هوش گم ٿيو وڃي.</verse>
				<verse number="28">تڏهن اهي پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي ٿا پڪارين، ۽ هو کين سندن تڪليفن کان ڇڏائي ٿو.</verse>
				<verse number="29">هو طوفان کي ماٺو ٿو ڪري، جنهن ڪري لهرون بس ٿيون ڪن.</verse>
				<verse number="30">سو انهن جي بس ٿيڻ ڪري اهي خوش ٿا ٿين؛ ۽ هو کين سندن بندرگاهہ تي پهچائي ٿو.</verse>
				<verse number="31">شل خداوند جي ڀلائيءَ خاطر، ۽ انسان لاءِ جيڪي ڪم ڪيا اٿس، تنهن جي خاطر هو سندس تعريف ڪن.</verse>
				<verse number="32">ڀلي تہ اهي اُمت جي جماعت ۾ هن جي تعظيم ڪن، ۽ بزرگن جي مجلس ۾ سندس تعريف ڪن.</verse>
				<verse number="33">هو درياهن کي ڦيرائي بيابان ٿو ڪري، ۽ پاڻيءَ جي چشمن کي سڪي زمين ڪريو ڇڏي؛</verse>
				<verse number="34">هو ماڻهن جي بڇڙائيءَ ڪري، آباد زمين کي ڪلر بنايو ڇڏي.</verse>
				<verse number="35">هو بيابان کي ڦيرائي تلاءُ ٿو ڪري، ۽ سڪيءَ زمين کي پاڻيءَ جا چشما ڪريو ڇڏي.</verse>
				<verse number="36">اتي هو بکايلن کي رهائي ٿو، تہ پنهنجي رهڻ لاءِ شهر اڏين.</verse>
				<verse number="37">۽ ٻنيون پوکين، ۽ ڊاک جا منهہ لڳائين تہ ججهو ڦل ملين.</verse>
				<verse number="38">۽ هو انهن کي برڪت ٿو ڏئي، تہ اهي گهڻو وڌندا وڃن؛ ۽ سندن ڍورن کي گهٽجڻ نٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="39">وري اهي ظلم، ۽ غم، ۽ تڪليف، جي ڪري گهٽجيو وڃن، ۽ ڪري ٿا پون.</verse>
				<verse number="40">هو سردارن تي بي عزتي ٿو موڪلي ۽ کين رڻ پٽ ۾ ٿو رلائي، جتي ڪابہ واهہ ڪانهي.</verse>
				<verse number="41">تہ بہ هو محتاج کي ڏکن کان ڇڏائي سرفراز ٿو ڪري، ۽ سندن خاندان کي ڌڻ وانگر ٿو وڌائي.</verse>
				<verse number="42">سچار اهو ڏسي خوش ٿيندا، ۽ سڀني بدڪارن جو وات بند ٿي ويندو.</verse>
				<verse number="43">جيڪو عقلمند آهي سو هنن ڳالهين تي ڌيان ڏيندو، ۽ اهڙا ماڻهو خداوند جي رحمتن تي غور ڪندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="108">
				<verse number="1">اي خدا منهنجي دل قائم آهي، آءٌ گيت ڳائيندس، هائو آءٌ دل سان تعريف جا گيت ڳائيندس.</verse>
				<verse number="2">اي منهنجا تنبورا ۽ بربط اوهين جاڳو آءٌ پاڻ سويرو اُٿندس.</verse>
				<verse number="3">اي خداوند آءٌ ماڻهن ۾ تنهنجو شڪر ڪندس، آءٌ قومن ۾ تنهنجي تعريف ڳائيندس.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو تنهنجو رحم آسمانن تائين آهي، ۽ تنهنجي سچائي ڪڪرن تائين پهتي آهي.</verse>
				<verse number="5">اي خدا تون آسمانن تي سرفراز ٿيءُ: ۽ ساريءَ زمين تي تنهنجو جلال ظاهر ٿئي.</verse>
				<verse number="6">تون پنهنجي ساڄي هٿ سان بچاءِ ۽ اسان کي جواب ڏي، تہ تنهنجا محبوب ڇٽي پون.</verse>
				<verse number="7">خدا پنهنجيءَ پاڪيزگيءَ ۾ فرمايو آهي، آءٌ خوشي ڪندس: آءٌ سڪم کي ورهائي ڀاڱا ڪندس ۽ سڪات جي واديءَ کي ماپي ڏيندس.</verse>
				<verse number="8">جلعاد منهنجو آهي، منسي بہ منهنجو آهي؛ افرائيم بہ منهنجي مٿي جو بچاءُ آهي؛ ۽ يهوداهہ منهنجو عصو آهي.</verse>
				<verse number="9">موآب منهنجي ڌوئڻ جو ٿانءُ آهي؛ ادوم تي آءٌ پنهنجي جتي اُڇلائيندس: فلستين تي آءٌ للڪاريندس.</verse>
				<verse number="10">ڪير مون کي انهيءَ ڪوٽ واري شهر ۾ وٺي ويندو؟ ڪير مون کي ادوم تائين وٺي ويو آهي؟</verse>
				<verse number="11">اي خدا تو اسان کي ڪڍي نہ ڇڏيو آهي ڇا؛ اي خدا تون اسان جي لشڪرن سان نٿو هلين.</verse>
				<verse number="12">دشمن جي مقابلي ۾ اسان جي مدد ڪر: ڇو تہ انسان جي مدد اجائي آهي.</verse>
				<verse number="13">خدا جي مدد سان اسين بهادري ڪنداسين: ڇو جو اهو ئي اسان جي دشمن کي پائمال ڪندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="109">
				<verse number="1">اي منهنجي تعريف جا خدا، تون ماٺ نہ ڪر.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو بڇڙن ۽ دغابازن منهنجي برخلاف وات پٽيو آهي: انهن مون سان ڪوڙيون ڳالهيون ڪيون آهن.</verse>
				<verse number="3">اهي عداوت جي ڳالهين سان مون کي ويڙهي ويا آهن، ۽ بي سبب مون سان وڙهيا آهن.</verse>
				<verse number="4">اُهي منهنجي پيار جي عيوض مون سان دشمني ٿا ڪن، پر آءٌ دعا ۾ مشغول ٿو رهان.</verse>
				<verse number="5">انهن ڀلائيءَ جي عيوض مون سان برائي ڪئي آهي، ۽ پيار جي عيوض نفرت ڪئي اٿن.</verse>
				<verse number="6">تون ڪنهن بڇڙي ماڻهوءَ کي انهي جي مٿان مقرر ڪر: ۽ ڀلي تہ ڪو دشمن سندس ساڄي هٿ بيٺو رهي.</verse>
				<verse number="7">جڏهن انهي جي عدالت ٿئي تڏهن ڏوهاري ٺهرايو وڃي؛ ۽ سندس دعا گناهہ ليکجڻ ۾ اچي.</verse>
				<verse number="8">شل انهي جي عمر گهٽ ٿئي؛ ۽ سندس عهدو ڪو ٻيو کسي وٺي.</verse>
				<verse number="9">ڀلي تہ انهي جا ٻار يتيم ٿين، ۽ سندس زال بيوهہ ٿئي.</verse>
				<verse number="10">شل انهي جا ٻچا رُلندا پنندا وتن، ۽ پنهنجي اُجاڙ هنڌ کان پري وڃي مانيءَ ٽڪر لاءِ ڌڪا کائين.</verse>
				<verse number="11">شل انهي جو قرض خواہ سندس سمورو مال ڦري وٺي؛ ۽ ڌاريا ماڻهو سندس ڪمائي لٽين.</verse>
				<verse number="12">شل انهي تي ڪو بہ رحم نہ ڪري؛ نڪي سندس يتيم ٻارن تي ڪنهن کي ڪهل اچي.</verse>
				<verse number="13">شل انهيءَ جو نسل تباهہ ٿي وڃي؛ ۽ سندس نالو ٻيءَ پيڙهيءَ ۾ ميٽجي وڃي.</verse>
				<verse number="14">شل انهي جي ابن ڏاڏن جي بدڪاري خداوند کي ياد هجي، ۽ سندس ماءُ جو گناهہ ميسارجي نہ وڃي.</verse>
				<verse number="15">شل اهي سدائين خداوند جي نظر ۾ هجن، تہ هو زمين تان سندن نالو ئي مٽائي ڇڏي.</verse>
				<verse number="16">انهي لاءِ جو هن رحم ڪرڻ جي يادگيري نہ رکي، پر غريبن ۽ محتاجن ۽ دل شڪستن کي ستايائين، تہ کين قتل ڪري.</verse>
				<verse number="17">هائو، هو ٻئي کي لعنت ڪرڻ ۾ خوش هو، سو مٿس لعنت آئي؛ ۽ ٻئي کي برڪت ڏيڻ ۾ خوش ڪونہ هو، سو کيس برڪت ڪانہ ملي.</verse>
				<verse number="18">هن لعنت کي پوشاڪ وانگي پاتو، ۽ اها لعنت هن جي اندر ۾ پاڻيءَ وانگر، ۽ سندس هڏن ۾ تيل وانگيان پئجي ويئي.</verse>
				<verse number="19">ڀلي تہ اها مٿس پوشاڪ وانگي پيئي هجي، ۽ سندس چيلهہ ۾ سدائين سندري وانگيان ٻڌي پيئي هجي.</verse>
				<verse number="20">جيڪي منهنجا دشمن آهن، ۽ منهنجيءَ جان جي برخلاف پيا ڳالهائين، تن کي خداوند وٽان اهو بدلو ٿو ملي.</verse>
				<verse number="21">پر اي خداوند خدا، تون پنهنجي نالي جي ڪري مون تي ٻاجهہ ڪر: مون کي ڇڏاءِ ڇو جو تنهنجو رحم چڱو آهي.</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ جو آءٌ غريب ۽ محتاج آهيان، منهنجي دل منهنجي اندر ۾ ڦٽيل آهي.</verse>
				<verse number="23">آءٌ لهندڙ پاڇي وانگي گهٽبو وڃان: آءٌ مڪڙ وانگيان هيٺ مٿي پيو ڌڪا کانوان.</verse>
				<verse number="24">روزن ڪري منهنجا گوڏا هيڻا ٿي پيا آهن؛ ۽ منهنجو وات سڻڀ نہ هئڻ ڪري سڪي ويو آهي.</verse>
				<verse number="25">آءٌ هنن جي نظر ۾ طعني جوڳو ٿيو آهيان: اهي مون کي ڏسي ڪنڌ ٿا لوڏين.</verse>
				<verse number="26">اي خداوند منهنجا خدا منهنجي مدد ڪر؛ ۽ پنهنجي رحم موجب مون کي بچاءِ:</verse>
				<verse number="27">تہ انهن کي خبر پوي تہ اهو تنهنجو هٿ آهي؛ ۽ تو اي خداوند ائين ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="28">اهي ڀلي تہ لعنت ڪن، پر تون برڪت ڏي؛ جڏهن اهي اُٿندا تڏهن شرمندا ٿيندا، پر تنهنجو بندو خوش ٿيندو.</verse>
				<verse number="29">شل منهنجا دشمن بي عزتيءَ جي پوشاڪ پائين، ۽ پنهنجيءَ شرمندگيءَ کي چادر وانگي ڍڪين.</verse>
				<verse number="30">آءٌ پنهنجي وات سان خداوند جي گهڻي شڪر گذاري ڪندس؛ ۽ وڏيءَ جماعت جي اڳيان سندس تعريف ڪندس.</verse>
				<verse number="31">ڇو جو هو مسڪين جي ساڄي هٿ وٽ بيهندو، تہ جيڪي سندس جان تي فتويٰ ٿا ڏين تن کان کيس بچائي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="110">
				<verse number="1">خداوند منهنجي خداوند کي فرمايو تہ جيسين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن جي صندلي نہ ڪريان، تيسين منهنجي ساڄي پاسي ويٺو رهہ.</verse>
				<verse number="2">خداوند صيون مان تنهنجي زور جي لٺ موڪليندو: سو تون پنهنجي دشمنن تي حڪومت هلاءِ.</verse>
				<verse number="3">تنهنجا ماڻهو تنهنجي قدرت جي ڏينهن خوشيءَ سان پاڻ کي پيش ڪندا: تنهنجا جوان پاڪيزگيءَ جي جمال سان، ۽ صبح جي پيٽ مان نڪتل ماڪ وانگي تو وٽ آهن.</verse>
				<verse number="4">خداوند قسم کنيو آهي، هو ڦرندو ڪين، تہ تون ملڪ صدق جي طريقي جو هميشہ لاءِ ڪاهن آهين.</verse>
				<verse number="5">خداوند تنهنجي ساڄي هٿ وٽ، پنهنجي غضب جي ڏينهن بادشاهن کي ماريندو.</verse>
				<verse number="6">هو قومن جي عدالت ڪندو، ۽ ميدان کي لاشن سان ڀري ڇڏيندو؛ هو گهڻن ملڪن جي رئيسن جا مٿا ڀڃي وجهندو.</verse>
				<verse number="7">هو واٽ ۾ نهر مان پاڻي پيئندو: تنهن ڪري هو پنهنجو ڪنڌ مٿي کڻندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="111">
				<verse number="1">اوهين خداوند جي تعريف ڪريو، آءٌ سچارن جي مجلس ۾ ۽ جماعت جي وچ ۾ پنهنجي ساريءَ دل سان خداوند جي شڪر گذاري ڪندس.</verse>
				<verse number="2">خداوند جا ڪم عظيم آهن، ۽ جن کي اُهي پسند آهن سي انهن جي ڳولا ۾ ٿا رهن:</verse>
				<verse number="3">هن جا ڪم شان ۽ شوڪت وارا آهن ۽ سندس راستبازي هميشہ تائين قائم آهي.</verse>
				<verse number="4">هن پنهنجي عجيب ڪمن جي يادگيري قائم ڪئي آهي: خداوند رحيم ۽ ٻاجهارو آهي.</verse>
				<verse number="5">جيڪي کانئس ڊڄن ٿا تن کي هو کاڌو ٿو ڏئي: هو پنهنجي عهد کي هميشہ ياد رکندو.</verse>
				<verse number="6">هن پنهنجيءَ اُمت کي ڌارين قومن جي ميراث ڏيئي، پنهنجي ڪمن جي قدرت ڏيکاري آهي.</verse>
				<verse number="7">هن جي هٿن جا ڪم سچائي ۽ انصاف وارا آهن؛ ۽ سندس سڀ حڪم سچا آهن.</verse>
				<verse number="8">اهي هميشہ تائين قائم ٿا رهن، اهي سچائيءَ ۽ حق تي ٻڌل آهن.</verse>
				<verse number="9">هن پنهنجي اُمت جي لاءِ ڇوٽڪارو موڪليو؛ ۽ پنهنجو عهد هميشہ جي لاءِ مقرر ڪيو اٿس: هن جو نالو پاڪ ۽ ادب جي لائق آهي.</verse>
				<verse number="10">خداوند جي ڊپ دانائيءَ جي شروعات آهي؛ جيڪي هن جي حڪمن کي مڃين ٿا سي سمجهو آهن: سندس تعريف هميشہ تائين ٿيندي رهندي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="112">
				<verse number="1">اوهين خداوند جي تعريف ڪريو، مبارڪ آهي اهو ماڻهو جنهن کي خداوند جو ڊپ آهي، اهو سندس حڪمن جي ڪري گهڻو خوش ٿو رهي.</verse>
				<verse number="2">هن جو نسل زمين تي زوراور ٿيندو: ۽ راستبازن جي اولاد مبارڪ ٿيندو.</verse>
				<verse number="3">هن جي گهر ۾ مال ۽ دولت ٿيندي: ۽ سندس سچائي هميشہ تائين قائم رهندي.</verse>
				<verse number="4">سچارن لاءِ اوندهہ ۾ سوجهرو ٿو نڪري: هو رحيم، ٻاجهارو، ۽ راستباز آهي.</verse>
				<verse number="5">جيڪو ماڻهو رحم ڪري اُڌارو ٿو ڏئي تنهن جو ڀلو ٿيندو؛ هو پنهنجو ڪم ڪار سچائيءَ سان ڪندو.</verse>
				<verse number="6">هن کي ڪڏهن لوڏو ڪين ايندو؛ ڇو جو راستباز جي يادگيري هميشہ تائين رهندي.</verse>
				<verse number="7">هو خراب خبر ٻڌي ڪين ڊڄندو، سندس دل قائم آهي، ڇو جو خداوند تي ڀروسو رکيو اٿس.</verse>
				<verse number="8">هن جي دل قائم آهي، تنهن ڪري هو ڪين ڊڄندو، ايترو جو هو پنهنجي دشمنن کي ڏسي وٺندو.</verse>
				<verse number="9">هن سخاوت سان محتاجن کي ڏنو آهي؛ سندس راستبازي هميشہ تائين قائم رهندي: هن جو سڱ عزت سان مٿي ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="10">بدڪار اهو ڏسي سڙي ويندو؛ هو اهو ڏسي ڏند ڪرٽيندو، ۽ ڳري ويندو. بڇڙن جي مراد تباهہ ٿي ويندي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="113">
				<verse number="1">اوهين خداوند جي تعريف ڪريو. اي خداوند جا بندا، اوهين تعريف ڪريو، خداوند جي نالي جي تعريف ڪريو.</verse>
				<verse number="2">شل خداوند جو نالو هينئر کان وٺي هميشہ تائين مبارڪ هجي.</verse>
				<verse number="3">سج جي اُڀرڻ کان وٺي انهي جي لهڻ تائين، خداوند جي تعريف ٿئي.</verse>
				<verse number="4">خداوند سڀني قومن تي بلند آهي، ۽ سندس جلال آسمانن تي بہ عظيم آهي.</verse>
				<verse number="5">خداوند اسان جو خدا، جو آسمانن ۾ تخت نشين آهي، تنهن جهڙو ٻيو ڪير آهي،</verse>
				<verse number="6">جو پاڻ کي نماڻو ٿو ڪري تہ آسمان ۽ زمين جي شين تي نظر ڪري؟</verse>
				<verse number="7">هو مسڪين کي مٽيءَ مان اُٿاري کڙو ٿو ڪري، ۽ محتاج کي ڪچري جي ڍير تان مٿي ٿو کڻي؛</verse>
				<verse number="8">انهي لاءِ تہ کيس اميرن سان، بلڪ پنهنجي قوم جي سردارن سان گڏ ويهاري.</verse>
				<verse number="9">هو سنڍ جو گهر آباد ٿو ڪري، ۽ کيس ٻارن جي سرهي ماءُ ٿو ڪري، خداوند جي تعريف ڪريو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="114">
				<verse number="1">جڏهن اسرائيل مصر مان، ۽ يعقوب جو گهراڻو ڌاريءَ ٻوليءَ ڳالهائيندڙ ماڻهن مان نڪري آيو:</verse>
				<verse number="2">تڏهن يهوداهہ سندس پاڪ مڪان ٿيو، ۽ اسرائيل هن جي بادشاهت بڻيو.</verse>
				<verse number="3">سمنڊ اهو ڏسي ڀڄي ويو؛ ۽ يردن ندي بہ پٺ تي هٽجي ويئي.</verse>
				<verse number="4">جبل گهٽن وانگر ٽپڻ لڳا، ۽ ٽڪريون ننڍين رڍن وانگر ٽپڻ لڳيون.</verse>
				<verse number="5">اي سمنڊ توکي ڇا ٿيو جو تون ڀڄي وئين؟ ۽ اي يردن ندي توکي ڇا ٿيو جو تون پٺ تي ٿي هٽينءَ؟</verse>
				<verse number="6">اي جبل اوهان کي ڇا ٿيو جو اوهين گهٽن وانگي ٽپيا؛ ۽ اي ٽڪريون اوهان کي ڇا ٿيو جو اوهين ننڍين رڍن وانگر ٽپا ڏيڻ لڳيون؟</verse>
				<verse number="7">اي زمين تون خداوند جي حضور، ۽ يعقوب جي خدا جي حضور ڏڪي وڃ.</verse>
				<verse number="8">هن ٽڪريءَ کي ڦيرائي پاڻيءَ جو تلاءُ ڪيو، ۽ چقمق مان پاڻيءَ جو چشمو پيدا ڪيائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="115">
				<verse number="1">اسان کي نہ، اي خداوند، اسان کي نہ، پر تون پنهنجي نالي کي جلال ڏي، پنهنجي رحم ۽ پنهنجي سچائيءَ جي خاطر.</verse>
				<verse number="2">ڌاريون قومون ڇو چون تہ هاڻي هنن جو خدا ڪٿي آهي؟</verse>
				<verse number="3">اسان جو خدا آسمان ۾ آهي: هن کي جيڪي وڻيو سو سڀ ڪيائين.</verse>
				<verse number="4">انهن جا بت چانديءَ ۽ سون جا آهن، ۽ ماڻهن جي هٿ جي ڪاريگري آهن.</verse>
				<verse number="5">انهن کي وات آهي پر ڳالهائين نٿا، اکيون اٿن پر ڏسن نٿا؛</verse>
				<verse number="6">ڪن اٿن پر ٻڌن نٿا؛ نڪ اٿن پر سنگهن نٿا؛</verse>
				<verse number="7">هٿ اٿن پر جهلين نٿا؛ نڪي پنهنجيءَ نڙيءَ مان آواز ٿا ڪڍن.</verse>
				<verse number="8">جيڪي انهن کي جوڙين ٿا، ۽ جيڪي انهن تي ڀروسو ٿا رکن، سي سڀ انهن جهڙا ٿيندا.</verse>
				<verse number="9">اي اسرائيل تون خداوند تي ڀروسو رک: اهو ئي انهن جو مددگار ۽ انهن جي ڍال آهي.</verse>
				<verse number="10">اي هارون جا گهراڻا اوهين خداوند تي ڀروسو رکو: اهو ئي انهن جو مددگار ۽ انهن جي ڍال آهي.</verse>
				<verse number="11">اوهين جيڪي خداوند کان ڊڄو ٿا، سي خداوند تي ڀروسو رکو، اهو ئي اوهان جو مددگار ۽ اوهان جي ڍال آهي.</verse>
				<verse number="12">خداوند اسان جي سار لڌي آهي، ۽ هو اسان کي برڪت ڏيندو: هو اسرائيل جي گهراڻي کي برڪت ڏيندو: هو هارون جي گهراڻي کي برڪت ڏيندو.</verse>
				<verse number="13">جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا، ننڍا توڙي وڏا، تن کي هو برڪت ڏيندو.</verse>
				<verse number="14">شل خداوند اوهان کي، ۽ اوهان جي اولاد کي وڌائيندو وڃي.</verse>
				<verse number="15">شل خداوند جي برڪت اوهان تي هجي، جو آسمان ۽ زمين جو خالق آهي.</verse>
				<verse number="16">آسمان تہ خداوند جو آسمان آهي؛ پر زمين هن انسان کي ڏني آهي.</verse>
				<verse number="17">مُردا خداوند جي تعريف نٿا ڪن، نڪي اهي جي هيٺ ماٺ جي عالم ۾ ٿا وڃن.</verse>
				<verse number="18">پر اسين هن وقت کان وٺي هميشہ تائين خداوند کي مبارڪ چونداسين. خداوند جي تعريف ڪريو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="116">
				<verse number="1">آءٌ خداوند کي پيار ٿو ڪريان. ڇو جو هن منهنجي دانهن ۽ منهنجا عرض ٻڌا آهن.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو هن مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏنو آهي، سو جيسين آءٌ جيئرو رهندس تيسين کيس پڪاريندو رهندس.</verse>
				<verse number="3">موت جون رسيون مون کي ويڙهي ويون ۽ قبر جا درد مون تي اچي پيا: آءٌ ڏک ۽ غم ۾ جهلجي ويس.</verse>
				<verse number="4">تڏهن مون خداوند جي نالي کي پڪاريو؛ تہ اي خداوند آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏاءِ.</verse>
				<verse number="5">خداوند رحيم ۽ سچار آهي؛ هائو اسان جو خدا رحم ڪرڻ وارو آهي.</verse>
				<verse number="6">خداوند ڀورڙن جي حفاظت ٿو ڪري؛ آءٌ دٻجي ويو هوس پر هن مون کي بچائي ورتو.</verse>
				<verse number="7">اي منهنجي جان تون پنهنجي آرامگاهہ ۾ موٽي اچ؛ ڇو جو خداوند تو سان ڏاڍي ڀلائي ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="8">تو منهنجي جان کي موت کان، ۽ منهنجين اکين کي لڙڪن کان، ۽ منهنجن پيرن کي ترڪڻ کان ڇڏايو آهي.</verse>
				<verse number="9">آءٌ جيئرن جي ملڪ ۾ خداوند جي حضور ۾ هلندو رهندس.</verse>
				<verse number="10">مون کي يقين آهي، تنهن ڪري آءٌ ڳالهائيندس: آءٌ ڏاڍي ڏک ۾ هوس:</verse>
				<verse number="11">مون تڪڙ ڪري چيو، تہ سڀيئي ماڻهو ڪوڙا آهن.</verse>
				<verse number="12">خداوند مون کي جيڪي نعمتون ڏنيون آهن تن جي عيوض آءٌ هن کي ڇا ڏيان؟</verse>
				<verse number="13">آءٌ نجات جو پيالو کڻي ۽ خداوند جو نالو وٺي دعا گهرندس.</verse>
				<verse number="14">آءٌ هاڻي سندس اُمت جي روبرو خداوند جي حضور ۾ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪندس.</verse>
				<verse number="15">خداوند جي نظر ۾ سندس مقدسن جو موت تمام قيمتي آهي.</verse>
				<verse number="16">اي خداوند سچ پچ آءٌ تنهنجو ٻانهو آهيان: آءٌ تنهنجو ٻانهو، ۽ تنهنجي ٻانهيءَ جو اولاد آهيان؛ تو منهنجا بند کوليا آهن.</verse>
				<verse number="17">آءٌ تنهنجي حضور ۾ شڪرگذاريءَ جي قرباني پيش ڪندس، ۽ خداوند جو نالو وٺي دعا گهرندس.</verse>
				<verse number="18">آءٌ هاڻي سندس اُمت جي روبرو، خداوند جي حضور ۾ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪندس.</verse>
				<verse number="19">خداوند جي گهر جي درگاهہ ۾، ۽ اي يروشلم تو منجهہ اهي پوريون ڪندس. خداوند جي تعريف ڪريو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="117">
				<verse number="1">اي سڀ قومون خداوند جي تعريف ڪريو؛ اي سڀ اُمتون سندس ساراهہ ڪريو.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو اسان تي هن جو گهڻو رحم آهي؛ ۽ خداوند جي سچائي هميشہ تائين آهي. خداوند جي تعريف ڪريو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="118">
				<verse number="1">خداوند جي شڪرگذاري ڪريو، ڇو جو هو نيڪ آهي: ۽ سندس رحم هميشہ تائين قائم آهي.</verse>
				<verse number="2">ڀلي تہ اسرائيل هاڻي چوي، تہ هن جو رحم هميشہ تائين آهي.</verse>
				<verse number="3">ڀلي تہ هارون جو گهراڻو هاڻي چوي، تہ هن جو رحم هميشہ تائين آهي.</verse>
				<verse number="4">جن کي خداوند جو ڊپ آهي سي ڀلي تہ چون، تہ هن جو رحم هميشہ تائين آهي.</verse>
				<verse number="5">مون پنهنجي مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو: خداوند منهنجي اونائي ۽ مون کي ڪشاديءَ جاءِ ۾ ويهاريائين.</verse>
				<verse number="6">خداوند منهنجي پاسي آهي ۽ آءٌ ڪين ڊڄندس: انسان مون کي ڇا ڪندو؟</verse>
				<verse number="7">خداوند منهنجي پاسي منهنجي مددگارن ۾ آهي: تنهن ڪري آءٌ پنهنجيءَ مرضيءَ موجب پنهنجي دشمنن جو برو حال ڏسندس.</verse>
				<verse number="8">خداوند تي ڀروسو رکڻ انسان تي آس رکڻ کان چڱو آهي.</verse>
				<verse number="9">خداوند تي ڀروسو رکڻ سردارن تي آس رکڻ کان چڱو آهي.</verse>
				<verse number="10">سڀ ڌاريون قومون مون کي چوڌاري ويڙهي ويون آهن: پر آءٌ خداوند جي نالي انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="11">اهي مون کي ويڙهي ويون آهن؛ هائو اهي مون کي ويڙهي ويون آهن: پر آءٌ خداوند جي نالي انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="12">اهي مون کي ماکيءَ جي مکين وانگي ويڙهي ويون؛ پر ڪنڊن جي باهہ وانگيان وسامي ويون: آءٌ خداوند جي نالي انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="13">تو مون کي زور سان ڌڪو ڏنو تہ آءٌ ڪري پوان: پر خداوند منهنجي مدد ڪئي.</verse>
				<verse number="14">خداوند منهنجي طاقت ۽ منهنجو گيت آهي؛ ۽ اهو ئي منهنجي نجات ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="15">راستبازن جي تنبن ۾ نجات ۽ خوشيءَ جو آواز آهي: خداوند جو ساڄو هٿ قدرت جا ڪم ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="16">خداوند جو ساڄو هٿ بلند آهي، خداوند جو ساڄو هٿ قدرت جا ڪم ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="17">آءٌ مرندس ڪين پر جيئرو رهندس، ۽ خداوند جي ڪمن جو بيان ڪندس.</verse>
				<verse number="18">خداوند مون کي گهڻي سيکت ڏني آهي: پر مون کي موت جي حوالي نہ ڪيو اٿس.</verse>
				<verse number="19">راستبازيءَ جا دروازا مون لاءِ کولي ڇڏيو: آءٌ انهن ۾ داخل ٿي خداوند جي شڪر گذاري ڪندس.</verse>
				<verse number="20">خداوند جو دروازو اهو آهي؛ راستباز انهيءَ ۾ داخل ٿيندا</verse>
				<verse number="21">آءٌ تنهنجا ٿورا مڃيندس، ڇو جو تو منهنجي اونائي، ۽ پاڻ منهنجي نجات ٿيو آهين.</verse>
				<verse number="22">جنهن پهڻ کي اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو سو ئي ڪنڊ جو پٿر يعني مکيہ ڪيو ويو.</verse>
				<verse number="23">هي خداوند جي طرفان ٿيو؛ ۽ اسان جي نظر ۾ عجيب آهي.</verse>
				<verse number="24">هي اهو ڏينهن آهي جو خداوند مقرر ڪيو آهي؛ اسين منجهس خوشي ڪنداسين ۽ سرها ٿينداسين.</verse>
				<verse number="25">اي خداوند اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ اسان کي بچاءِ: اي خداوند اسين توکي عرض ٿا ڪريون تون اسان کي خوشحال رک.</verse>
				<verse number="26">مبارڪ آهي اهو جو، خداوند جي نالي اچي ٿو: اسان خداوند جي هيڪل مان اوهان کي برڪت ڏني آهي.</verse>
				<verse number="27">خداوند ئي خدا آهي، ۽ هن اسان کي سوجهرو ڏنو آهي: اوهين قربانيءَ کي قربانگاهہ تي رسين سان ٻڌو، يعني قربانگاهہ جي سڱن سان.</verse>
				<verse number="28">تون ئي منهنجو خدا آهين، آءٌ تنهنجا ٿورا مڃيندس: تون منهنجو خدا آهين، آءٌ تنهنجي تعظيم ڪندس.</verse>
				<verse number="29">خداوند جي شڪر گذاري ڪريو، ڇو جو هو نيڪ آهي: ۽ سندس رحم هميشہ تائين آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="119">
				<verse number="1">مبارڪ آهن اهي جي سنئين واٽ ٿا وٺن، ۽ خداوند جي شريعت تي عمل ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="2">مبارڪ آهن اهي جي هن جون شاهديون ٿا مڃين، ۽ پوريءَ دل سان سندس ڳولا ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="3">هائو، اهي ڪابہ بڇڙائي نٿا ڪن؛ پر هن جي واٽن تي ٿا هلن.</verse>
				<verse number="4">تو پنهنجا قاعدا ڏنا آهن، تہ اسين خبرداريءَ سان اُنهن تي عمل ڪريون.</verse>
				<verse number="5">شل منهنجي چال اهڙي قائم ٿئي جو آءٌ تنهنجي قانونن تي عمل ڪريان!</verse>
				<verse number="6">جڏهن آءٌ تنهنجي سڀني حڪمن تي نظر ڪندس، تڏهن شرمندو ڪين ٿيندس.</verse>
				<verse number="7">جڏهن آءٌ تنهنجا سچا فيصلا سکندس، تڏهن آءٌ دل جي سچائيءَ سان تنهنجي شڪرگذاري ڪندس.</verse>
				<verse number="8">آءٌ تنهنجي قانونن تي عمل ڪندس: مون کي بلڪل ڇڏي نہ ڏي.</verse>
				<verse number="9">جوان ماڻهو ڀلا ڪهڙيءَ طرح پنهنجي چال صاف رکندو؟ تنهنجي ڪلام موجب انهي جي خبرداري ڪرڻ سان.</verse>
				<verse number="10">مون پنهنجي پوريءَ دل سان تنهنجي ڳولا ڪئي آهي: مون کي پنهنجي حڪمن کان ڀٽڪڻ نہ ڏي.</verse>
				<verse number="11">مون تنهنجو ڪلام پنهنجيءَ دل ۾ رکيو آهي، تہ آءٌ تنهنجي برخلاف گناهہ نہ ڪريان.</verse>
				<verse number="12">اي خداوند تون مبارڪ آهين: مون کي پنهنجا قانون سيکار.</verse>
				<verse number="13">تنهنجي سڀني فيصلن جو مون پنهنجي زبان سان ذڪر ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="14">مون کي تنهنجي شاهدين جي واٽ تي اهڙي خوشي ٿي آهي، جهڙي بيحد دولت جي ڪري ٿيندي آهي.</verse>
				<verse number="15">آءٌ تنهنجن قاعدن تي غور ڪندس، ۽ تنهنجين واٽن تي نظر رکندس.</verse>
				<verse number="16">آءٌ تنهنجي قانونن کان خوش رهندس: ۽ تنهنجو ڪلام ڪين وساريندس.</verse>
				<verse number="17">پنهنجي بندي سان ججهي ڀلائي ڪر، تہ آءٌ جيئرو رهان؛ ۽ تنهنجي ڪلام تي عمل ڪندو رهان.</verse>
				<verse number="18">منهنجيون اکيون کول، تہ آءٌ تنهنجيءَ شريعت جا عجيب ڪم ڏسان.</verse>
				<verse number="19">آءٌ هن زمين تي مسافر آهيان: تون مون کان پنهنجا حڪم نہ لڪاءِ.</verse>
				<verse number="20">منهنجي جان تنهنجي فيصلن جي انتظار ۾ هميشہ بيقرار آهي.</verse>
				<verse number="21">جيڪي مغرور ۽ لعنتي آهن، ۽ تنهنجن حڪمن کان ڀٽڪي ويا آهن، تن کي تو ڇينڀيو آهي.</verse>
				<verse number="22">مون تان طعنو ۽ حقارت لاهي ڇڏ؛ ڇو جو مون تنهنجين شاهدين کي مڃيو آهي.</verse>
				<verse number="23">سردار ويهي منهنجي برخلاف ڳالهيون ڪرڻ لڳا: پر تنهنجي بندي جو ڌيان تنهنجن قانونن تي هو.</verse>
				<verse number="24">تنهنجيون شاهديون منهنجي خوشي ۽ منهنجيون صلاح ڪار آهن.</verse>
				<verse number="25">منهنجي جان مٽيءَ ۾ ملي ويئي آهي: تون مونکي پنهنجي ڪلام پٽاندر جيار.</verse>
				<verse number="26">مون پنهنجين واٽن جو بيان ڪيو، ۽ تو مون کي جواب ڏنو: مون کي پنهنجا قانون سيکار.</verse>
				<verse number="27">مون کي پنهنجن قاعدن جي واٽ سمجهاءِ: ۽ آءٌ تنهنجن عجيب ڪمن تي غور ڪندو رهندس.</verse>
				<verse number="28">غم جي ڪري منهنجي جان ڳرندي ٿي وڃي: تون پنهنجي ڪلام موجب مون کي طاقت ڏي.</verse>
				<verse number="29">ڪوڙ جي واٽ کان مون کي پري رک: ۽ ٻاجهہ ڪري مون کي پنهنجي شريعت ڏي.</verse>
				<verse number="30">مون وفاداريءَ جي واٽ پسند ڪئي آهي: ۽ تنهنجن فيصلن کي پنهنجي سامهون رکيو اٿم.</verse>
				<verse number="31">اي خداوند آءٌ تنهنجين شاهدين تي قائم رهيو آهيان: مون کي شرمندو ٿيڻ نہ ڏي.</verse>
				<verse number="32">جڏهن تون منهنجي همت وڌائيندين، تڏهن آءٌ تنهنجن حڪمن جي واٽ تي ڊوڙندس.</verse>
				<verse number="33">اي خداوند مون کي پنهنجي قانونن جي واٽ سيکار، تہ آءٌ توڙ تائين انهن کي مڃيندو رهندس.</verse>
				<verse number="34">مون کي سمجهہ ڏي تہ آءٌ تنهنجي شريعت کي مڃيندو رهندس؛ ۽ پنهنجيءَ ساريءَ دل سان انهيءَ تي عمل ڪندس.</verse>
				<verse number="35">مون کي پنهنجن حڪمن جي واٽ تي هلاءِ؛ ڇو جو انهيءَ ۾ منهنجي خوشي آهي.</verse>
				<verse number="36">منهنجيءَ دل کي پنهنجين شاهدين ڏانهن مائل ڪر، نہ لالچ ڏانهن.</verse>
				<verse number="37">منهنجين اکين کي اجاين شين تان ڦيراءِ؛ ۽ مون کي پنهنجيءَ واٽ ۾ جيار.</verse>
				<verse number="38">تون پنهنجي بندي جي واسطي پنهنجو ڪلام قائم ڪر، جنهن مان تنهنجو ڊپ پيدا ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="39">جنهن طعني کان آءٌ ڊڄان ٿو سو مون تان ٽاري ڇڏ؛ ڇو جو تنهنجا فيصلا چڱا آهن.</verse>
				<verse number="40">ڏس، مون تنهنجن حڪمن جو انتظار ڪيو آهي: پنهنجي راستبازيءَ جي ڪري مون کي جيار.</verse>
				<verse number="41">اي خداوند تنهنجي رحمت بہ مون تي نازل ٿئي. بلڪ پنهنجي ڪلام موجب مون کي نجات عطا ڪر.</verse>
				<verse number="42">تہ پوءِ جيڪو مون کي مهڻو ڏيندو تنهن کي آءٌ جواب ڏيئي سگهندس؛ ڇو جو منهنجو ڀروسو تنهنجي ڪلام تي آهي.</verse>
				<verse number="43">منهنجي وات مان سچائيءَ جو ڪلام اصل ڪڍي نہ وٺ؛ ڇو تہ منهنجي اُميد تنهنجن فيصلن تي آهي.</verse>
				<verse number="44">اهڙيءَ طرح آءٌ هميشہ تائين تنهنجيءَ شريعت تي عمل ڪندو رهندس.</verse>
				<verse number="45">۽ آءٌ آزاديءَ سان هلندو رهندس؛ ڇو جو آءٌ تنهنجن قاعدن جو طالب آهيان.</verse>
				<verse number="46">آءٌ بادشاهن جي اڳيان تنهنجين شاهدين جو بيان ڪندس، ۽ ڦڪو ڪين ٿيندس.</verse>
				<verse number="47">مون تنهنجن حڪمن کي پيار ڪيو آهي، آءٌ انهن جي ڪري خوشي ڪندس.</verse>
				<verse number="48">مون تنهنجن حڪمن کي پيار ڪيو آهي، سو آءٌ انهن ڏانهن پنهنجا هٿ کڻندس، ۽ تنهنجن قانونن تي غور ڪندس.</verse>
				<verse number="49">جيڪو ڪلام تو پنهنجي بندي سان ڪيو آهي، انهي کي ياد ڪر، ڇالاءِ جو تو مون کي اميد ڏني آهي.</verse>
				<verse number="50">منهنجن ڏکن ۾ مون کي اها ئي تسلي آهي: تہ تنهنجي ڪلام مون کي جياريو آهي.</verse>
				<verse number="51">مغرورن مون سان ڏاڍيون ٺٺوليون ڪيون آهن: پر آءٌ تنهنجيءَ شريعت کان ڪين ڦريو آهيان.</verse>
				<verse number="52">اي خداوند مون تنهنجا قديمي فيصلا ياد ڪيا آهن، ۽ مون کي تسلي ملي آهي.</verse>
				<verse number="53">جيڪي بدڪار تنهنجيءَ شريعت کان ڦري ٿا وڃن، تن جي ڪري منهنجي ڪاوڙ ڀڙڪا پيئي کائي.</verse>
				<verse number="54">پنهنجيءَ مسافريءَ ۾ آءٌ تنهنجن قانونن جو گيت ٿو ڳايان.</verse>
				<verse number="55">اي خداوند مون رات جو تنهنجو نالو ياد ڪيو آهي، ۽ تنهنجي شريعت تي عمل ڪيو اٿم.</verse>
				<verse number="56">اهو مون کي مليو آهي، ڇو جو آءٌ تنهنجن قاعدن کي مڃيان ٿو.</verse>
				<verse number="57">خداوند منهنجو حصو آهي: مون چيو آهي تہ آءٌ تنهنجي ڪلام تي عمل ڪندس.</verse>
				<verse number="58">مون پنهنجيءَ ساري دل سان توکي منٿ ڪئي تہ مون تي مهربان ٿيءُ: تون پنهنجي ڪلام پٽاندر مون تي رحم ڪر.</verse>
				<verse number="59">مون پنهنجين واٽن تي غور ڪيو، ۽ پنهنجا پير تنهنجين شاهدين ڏانهن ورايم.</verse>
				<verse number="60">مون تنهنجن حڪمن تي عمل ڪرڻ ۾ سيگهہ ڪئي، ۽ دير ڪانہ ڪيم.</verse>
				<verse number="61">بدڪارن جون رسيون مون کي چوڌاري ويڙهي ويون آهن؛ پر مون تنهنجي شريعت کي ڪين وساريو.</verse>
				<verse number="62">آءٌ آڌيءَ رات جو اُٿي، تنهنجن سچن فيصلن جي لاءِ تنهنجو شڪر ڪندس.</verse>
				<verse number="63">جيڪي توکان ڊڄن ٿا، ۽ تنهنجن قاعدن تي عمل ٿا ڪن، تن سڀني جو آءٌ ساٿي آهيان.</verse>
				<verse number="64">اي خداوند زمين تنهنجي رحم سان ڀرپور آهي: مون کي پنهنجا قانون سيکار.</verse>
				<verse number="65">اي خداوند تو پنهنجي ڪلام موجب پنهنجي بندي سان ڀلائي ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="66">مون کي سچي عدالت ۽ دانائي سيکار؛ ڇو جو مون تنهنجن حڪمن تي ايمان آندو آهي.</verse>
				<verse number="67">مون تي مصيبتون آيون تنهن کان اڳي آءٌ گمراهہ هوس؛ پر هاڻي تنهنجي ڪلام تي عمل ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="68">تون نيڪ آهين، ۽ نيڪي ٿو ڪرين، مون کي پنهنجا قانون سيکار.</verse>
				<verse number="69">مغرورن مون تي ڪوڙي تهمت آندي آهي: آءٌ پنهنجيءَ سڄيءَ دل سان تنهنجن قاعدن کي مڃيندو رهندس.</verse>
				<verse number="70">انهن جي دل چرٻيءَ وانگر سڻڀي ٿي پيئي آهي؛ پر آءٌ تنهنجيءَ شريعت ۾ خوش ٿو ٿيان.</verse>
				<verse number="71">چڱو ٿيو جو مون ڏک سٺا؛ تہ آءٌ تنهنجا قانون سکان.</verse>
				<verse number="72">تنهنجي وات جي شريعت مون لاءِ هزارن مهرن ۽ چانديءَ کان بهتر آهي.</verse>
				<verse number="73">تنهنجن هٿن مون کي ٺاهيو ۽ جوڙيو آهي: مون کي سمجهہ عطا ڪر تہ آءٌ تنهنجا حڪم سکان.</verse>
				<verse number="74">جيڪي تو کان ڊڄن ٿا سي مون کي ڏسي خوش ٿيندا؛ ڇالاءِ جو منهنجي اُميد تنهنجي ڪلام تي آهي.</verse>
				<verse number="75">اي خداوند مون کي خبر آهي تہ تنهنجا فيصلا سچا آهن، ۽ تو پنهنجيءَ وفاداريءَ جي ڪري مون کي ڏک ڏنا آهن.</verse>
				<verse number="76">جو ڪلام تو پنهنجي بندي سان ڪيو آهي تنهن موجب پنهنجيءَ ٻاجهہ سان مون کي تسلي ڏي.</verse>
				<verse number="77">شل تنهنجون رحمتون مون تي نازل ٿين، تہ آءٌ جيئرو رهان: ڇو جو تنهنجيءَ شريعت ۾ منهنجي خوشي آهي.</verse>
				<verse number="78">ڀلي تہ مغرور شرمندا ٿين؛ ڇو جو هنن مون کي ڪوڙ سان ڪيرايو آهي: پر آءٌ تنهنجن قاعدن تي غور ڪندو رهندس.</verse>
				<verse number="79">جيڪي توکان ڊڄن ٿا سي شل مون ڏانهن ڦري اچن، تہ اهي تنهنجين شاهدين کي سمجهندا.</verse>
				<verse number="80">شل منهنجي دل تنهنجن قاعدن بابت ڪامل ٿئي، تہ آءٌ شرمندو نہ ٿيان.</verse>
				<verse number="81">منهنجي جان تنهنجي نجات جي لاءِ بيحال آهي: پر مون کي تنهنجي ڪلام تي ڀروسو آهي.</verse>
				<verse number="82">تنهنجي ڪلام جو انتظار ڪندي منهنجي اکين ۾ ڌنڌ ٿي پيو آهي، ۽ آءٌ ائين پيو چوان تہ ڪڏهن تون مون کي تسلي ڏيندين؟</verse>
				<verse number="83">منهنجو حال انهيءَ سانداريءَ جهڙو ٿيو آهي جا دونهين ۾ رکيل هجي؛ پر مون تنهنجن قانونن کي ڪين وساريو آهي.</verse>
				<verse number="84">تنهنجي بندي جا ڏينهن ڪيترا آهن؟ تون ڪڏهن منهنجي ستائيندڙن جي عدالت ڪندين؟</verse>
				<verse number="85">مغرور جي تنهنجيءَ شريعت جي پيروي نٿا ڪن، تن مون لاءِ کڏون کوٽيون.</verse>
				<verse number="86">اهي مون کي ناحق ٿا ستائين؛ تون منهنجي مدد ڪر. تنهنجا سڀ حڪم سچا آهن.</verse>
				<verse number="87">اهي مون کي زمين تان ذري گهٽ فنا ڪرڻ تي هئا، پر مون تنهنجن قاعدن کي ڇڏي نہ ڏنو.</verse>
				<verse number="88">تون پنهنجيءَ ٻاجهہ سان مون کي جيار؛ تہ آءٌ تنهنجي وات جي شاهدين تي عمل ڪريان.</verse>
				<verse number="89">اي خداوند تنهنجو ڪلام آسمان ۾ سدائين قائم آهي.</verse>
				<verse number="90">تنهنجي وفاداري سڀني پيڙهين تائين رهي ٿي: تو زمين کي قائم ڪيو، ۽ اها قائم آهي.</verse>
				<verse number="91">اهي تنهنجي حڪم موجب اڄوڪي ڏينهن تائين قائم آهن؛ ڇو جو سڀ شيون تنهنجيءَ خدمت لاءِ آهن.</verse>
				<verse number="92">جيڪڏهن منهنجي خوشي تنهنجيءَ شريعت ۾ نہ هجي ها، تہ هوند آءٌ پنهنجن ڏکن ۾ تباهہ ٿي وڃان ها.</verse>
				<verse number="93">آءٌ تنهنجا قاعدا ڪڏهن ڪين وساريندس؛ ڇو جو انهن جي وسيلي تو مون کي جياريو آهي.</verse>
				<verse number="94">آءٌ تنهنجو ئي آهيان، تون مون کي بچاءِ؛ ڇو تہ آءٌ تنهنجن قاعدن جو طالب رهيو آهيان.</verse>
				<verse number="95">بدڪار مون کي برباد ڪرڻ جي انتظار ۾ آهن؛ پر آءٌ تنهنجن شاهدين تي غور ڪندو رهندس.</verse>
				<verse number="96">مون ڏٺو آهي تہ هر ڪنهن ڪماليت جي حد آهي؛ پر تنهنجي حڪم جي ڪابہ حد ڪانهي.</verse>
				<verse number="97">اوهہ، مون کي تنهنجي شريعت ڪهڙي نہ پياري آهي! آءٌ سڄو ڏينهن مٿس غور پيو ڪريان.</verse>
				<verse number="98">تنهنجا حڪم مون کي منهنجن دشمنن کان وڌيڪ داناءُ ٿا بنائين؛ ڇو جو اهي هميشہ مون سان آهن.</verse>
				<verse number="99">مون کي پنهنجن سڀني استادن کان وڌيڪ سمجهہ آهي؛ ڇو جو آءٌ تنهنجين شاهدين تي غور ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="100">مون کي پير مردن کان بہ وڌيڪ سمجهہ آهي، ڇو تہ آءٌ تنهنجن قاعدن کي مڃيان ٿو.</verse>
				<verse number="101">مون پنهنجا پير سڀ ڪنهن بريءَ واٽ کان پري رکيا آهن، تہ آءٌ تنهنجي ڪلام تي عمل ڪريان.</verse>
				<verse number="102">آءٌ تنهنجن فيصلن کان ڪين ڦريو آهيان: ڇو جو تو مون کي تعليم ڏني آهي.</verse>
				<verse number="103">تنهنجو ڪلام منهنجي لاءِ ڪهڙو نہ مٺو آهي! هائو منهنجي وات کي ماکيءَ کان بہ مٺو ٿو لڳي.</verse>
				<verse number="104">تنهنجن قاعدن جي وسيلي مون کي سمجهہ ٿي ملي؛ تنهن ڪري آءٌ هر ڪنهن ڪوڙيءَ واٽ کان نفرت ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="105">تنهنجو ڪلام منهنجي واٽ لاءِ روشني، ۽ منهنجي پيرن لاءِ ڏيئو آهي.</verse>
				<verse number="106">مون قسم کنيو آهي، ۽ انهي تي قائم آهيان، تہ آءٌ تنهنجن سچن فيصلن تي عمل ڪندو رهندس.</verse>
				<verse number="107">آءٌ ڏاڍي ڏک ۾ آهيان: اي خداوند پنهنجي ڪلام موجب مون کي جيار.</verse>
				<verse number="108">اي خداوند منهنجي وات جي خوشيءَ جون قربانيون قبول ڪر، ۽ مون کي پنهنجا فيصلا سيکار.</verse>
				<verse number="109">منهنجو ساهہ هميشہ منهنجي مٺ ۾ آهي؛ تڏهن بہ آءٌ تنهنجي شريعت کي نٿو وساريان.</verse>
				<verse number="110">بدڪارن منهنجي لاءِ ڦندو وڌو، پر تڏهن بہ آءٌ تنهنجن قاعدن کان ڪين ڦريس.</verse>
				<verse number="111">مون تنهنجين شاهدين کي هميشہ لاءِ پنهنجو ورثو ڪيو آهي؛ ڇو تہ اهي منهنجيءَ دل جي خوشي آهن.</verse>
				<verse number="112">مون پنهنجي دل تنهنجي قانونن سان لڳائي آهي، تہ آءٌ هميشہ، بلڪ توڙ تائين انهن تي هلان.</verse>
				<verse number="113">مون کي ٻيائي ڪندڙن سان نفرت آهي؛ پر آءٌ تنهنجيءَ شريعت کي پيار ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="114">تون منهنجي لڪڻ جي جاءِ، ۽ منهنجي ڍال آهين: منهنجي اُميد تنهنجي ڪلام ۾ آهي.</verse>
				<verse number="115">اي بدڪارو، مون کان پري ٿيو؛ تہ آءٌ پنهنجي خدا جي حڪمن کي مڃيندو رهان.</verse>
				<verse number="116">تون پنهنجي ڪلام موجب مون کي سنڀال تہ آءٌ جيئرو رهان؛ ۽ پنهنجيءَ اُميد کان شرمندو نہ ٿيان.</verse>
				<verse number="117">مون کي سنڀالي وٺ، تہ آءٌ سلامت رهندس؛ ۽ هميشہ تنهنجي قانونن تي غور ڪندو رهندس.</verse>
				<verse number="118">جيڪي تنهنجي قانونن کان ڦري ويا آهن تن کي تو حقير ڪيو آهي: ڇو جو انهن جي دغابازي اجائي آهي.</verse>
				<verse number="119">تو زمين جي سڀني بدڪارن کي مَٺ وانگي ڪڍي ڦٽو ڪيو آهي: تنهن ڪري آءٌ تنهنجين شاهدين کي پيار ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="120">تنهنجي ڊپ کان منهنجا لڱ ٿا ڪانڊارجن، ۽ آءٌ تنهنجن فيصلن کان ڊڄان ٿو.</verse>
				<verse number="121">عدالت ۽ انصاف مون ڪيو آهي: مون کي منهنجي ستائيندڙن جي حوالي نہ ڪر.</verse>
				<verse number="122">ڀلائيءَ جي لاءِ پنهنجي بندي جو ضامن ٿيءُ: تہ مغرور مون تي ظلم نہ ڪن.</verse>
				<verse number="123">تنهنجيءَ نجات، ۽ تنهنجي سچي ڪلام جي انتظار ۾، منهنجون اکيون ڌنڌلائجي ويون آهن.</verse>
				<verse number="124">پنهنجي رحم موجب پنهنجي بندي سان سلوڪ ڪر، ۽ مون کي پنهنجا قانون سيکار.</verse>
				<verse number="125">آءٌ تنهنجو بندو آهيان، مون کي سمجهہ ڏي؛ تہ آءٌ تنهنجن شاهدين کي ڄاڻان.</verse>
				<verse number="126">وقت آيو آهي تہ خداوند ڪم ڪري؛ ڇو جو انهن تنهنجيءَ شريعت کي رد ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="127">تنهن ڪري آءٌ تنهنجن حڪمن کي، سون کان بلڪ نج سون کان بہ وڌيڪ پيار ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="128">آءٌ تنهنجن سڀني قاعدن کي سچو ٿو سمجهان؛ ۽ هر ڪنهن ڪوڙيءَ واٽ کان مون کي نفرت آهي.</verse>
				<verse number="129">تنهنجا فرمان عجيب آهن: تنهن ڪري منهنجي جان انهن کي مڃي ٿي.</verse>
				<verse number="130">تنهنجي ڪلام جو مطالعو سوجهرو ٿو ڏئي؛ ۽ ڀورڙن کي سمجهہ ٿو بخشي.</verse>
				<verse number="131">آءٌ پنهنجو وات پٽي پئي سهڪيس؛ ڇو جو آءٌ تنهنجن حڪمن جي انتظار ۾ هوس.</verse>
				<verse number="132">تون مون ڏانهن نظر ڪر، ۽ مون تي رحم ڪر، جيئن تو سان محبت ڪندڙن جو حق آهي.</verse>
				<verse number="133">پنهنجي ڪلام موجب منهنجيءَ چال کي درست ڪر، ائين نہ ٿئي جو ڪا برائي مون تي غالب پئجي وڃي.</verse>
				<verse number="134">انسان جي ظلم کان مون کي ڇڏاءِ، تہ آءٌ تنهنجن قاعدن تي عمل ڪريان.</verse>
				<verse number="135">پنهنجي بندي تي پنهنجو منهن چمڪاءِ؛ ۽ مون کي پنهنجا قانون سيکار.</verse>
				<verse number="136">منهنجن اکين مان پاڻيءَ جون نديون پيون وهن، ڇو جو هو تنهنجيءَ شريعت تي عمل نٿا ڪن.</verse>
				<verse number="137">اي خداوند تون صادق آهين، ۽ تنهنجا فيصلا سچا آهن:</verse>
				<verse number="138">تو راستبازيءَ سان ۽ پوري وفاداريءَ سان، پنهنجون شاهديون فرمايون آهن.</verse>
				<verse number="139">منهنجن دشمنن تنهنجي ڪلام کي وساري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري منهنجي غيرت مون کي کائي ويئي آهي.</verse>
				<verse number="140">تنهنجو ڪلام بلڪل خالص آهي؛ تنهن ڪري تنهنجو بندو هن کي پيار ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="141">آءٌ خسيس ۽ حقير آهيان: تڏهن بہ تنهنجا قاعدا نٿو وساريان.</verse>
				<verse number="142">تنهنجي راستبازي هميشہ جٽاءُ ڪندڙ آهي، ۽ تنهنجي شريعت سچي آهي.</verse>
				<verse number="143">تڪليف ۽ رنج اچي مون کي ورايو آهي: تڏهن بہ تنهنجن حڪمن ۾ منهنجي خوشي آهي.</verse>
				<verse number="144">تنهنجون شاهديون هميشہ جي لاءِ راست آهن: مون کي سمجهہ ڏي تہ آءٌ جيئرو رهان.</verse>
				<verse number="145">آءٌ پنهنجي سالم دل سان دعا ٿو ڪريان؛ اي خداوند مون کي جواب ڏي: آءٌ تنهنجن قانونن تي عمل ڪندس.</verse>
				<verse number="146">مون توکان دعا گهري آهي؛ مون کي بچاءِ، ۽ آءٌ تنهنجن شاهدين کي مڃيندس.</verse>
				<verse number="147">مون پرهہ ڦٽڻ کان اڳي اٿي پڪاريو: ۽ تنهنجي ڪلام ۾ اُميد رکيم.</verse>
				<verse number="148">رات جي هر ڪنهن پهر ۾ منهنجي اک کلي رهي، تہ آءٌ تنهنجي ڪلام تي غور ڪريان.</verse>
				<verse number="149">تون پنهنجيءَ ٻاجهہ پٽاندر منهنجي ٻڌ: اي خداوند پنهنجي فيصلن موجب مون کي جيار.</verse>
				<verse number="150">جيڪي بڇڙائيءَ جي پٺيان لڳا آهن سي ويجها پوندا ٿا وڃن؛ پر اهي تنهنجيءَ شريعت کان پري آهن.</verse>
				<verse number="151">تون اي خداوند ويجهو آهين؛ ۽ تنهنجا سڀ حڪم سچا آهن.</verse>
				<verse number="152">مون گهڻي وقت کان تنهنجين شاهدين جي وسيلي سمجهيو آهي، تہ تو انهن کي هميشہ جي لاءِ قائم ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="153">منهنجي مصيبت تي نظر ڪر، ۽ مون کي ڇڏاءِ؛ ڇو جو آءٌ تنهنجي شريعت نٿو وساريان.</verse>
				<verse number="154">تون منهنجي طرفان وڪالت ڪر، ۽ منهنجو بدلو ڏي؛ ۽ پنهنجي ڪلام موجب مون کي جيار.</verse>
				<verse number="155">نجات بدڪارن کان پري آهي؛ ڇو جو اهي تنهنجي قانونن کي نٿا ڳولين.</verse>
				<verse number="156">اي خداوند تنهنجون رحمتون گهڻيون آهن: پنهنجن فيصلن موجب مون کي جيار.</verse>
				<verse number="157">مون کي ستائڻ وارا ۽ منهنجا دشمن گهڻيئي آهن، تڏهن بہ آءٌ تنهنجين شاهدين کان ڪين هٽيو آهيان.</verse>
				<verse number="158">آءٌ دغابازن کي ڏسي ڏاڍو دلگير ٿيس؛ ڇالاءِ جو اهي تنهنجي ڪلام تي عمل نٿا ڪن.</verse>
				<verse number="159">خيال ڪر تہ آءٌ تنهنجن قاعدن کي ڪهڙو نہ پيار ٿو ڪريان: اي خداوند پنهنجيءَ ٻاجهہ موجب مون کي جيار.</verse>
				<verse number="160">تنهنجي ڪلام جو مطلب سچ آهي؛ ۽ تنهنجيءَ راستبازيءَ جا سڀ فيصلا هميشہ تائين قائم رهندا.</verse>
				<verse number="161">شهزادن مون کي بي سبب ستايو آهي؛ پر منهنجيءَ دل ۾ تنهنجي ڪلام جو ڊپ آهي.</verse>
				<verse number="162">آءٌ تنهنجي ڪلام جي ڪري اهڙو خوش آهيان، جو ڄڻ تہ وڏيءَ لٽ جو مال مليو اٿم.</verse>
				<verse number="163">مون کي ڪوڙ کان نفرت ۽ حقارت آهي؛ پر تنهنجيءَ شريعت کي پيار ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="164">آءٌ تنهنجيءَ راستبازي جي فيصلن جي لاءِ، ڏينهن ۾ ست ڀيرا تنهنجي تعريف ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="165">جيڪي تنهنجي شريعت کي پيار ٿا ڪن، تن جي لاءِ ججهي سلامتي آهي؛ ۽ اُهي ڪڏهن بہ ٿاٻو نٿا کائين.</verse>
				<verse number="166">اي خداوند مون تنهنجيءَ نجات جي اميد رکي آهي، ۽ تنهنجن حڪمن تي هليو آهيان.</verse>
				<verse number="167">منهنجيءَ جان تنهنجن شاهدين تي عمل ڪيو آهي؛ ۽ آءٌ انهن کي ڏاڍو پيار ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="168">مون تنهنجن قاعدن ۽ تنهنجين شاهدين تي عمل ڪيو آهي؛ ڇو جو منهنجون سڀ واٽون تنهنجي سامهون آهن.</verse>
				<verse number="169">اي خداوند شل منهنجو فرياد تنهنجي حضور ۾ پهچي: پنهنجي ڪلام موجب مون کي سمجهہ ڏي.</verse>
				<verse number="170">شل منهنجو عرض تنهنجي حضور ۾ پهچي: پنهنجي ڪلام موجب مون کي ڇڏاءِ:</verse>
				<verse number="171">شل منهنجي واتان تنهنجي تعريف ٿئي؛ ڇالاءِ جو تون مون کي پنهنجا قانون ٿو سيکارين.</verse>
				<verse number="172">شل منهنجي زبان تنهنجي ڪلام جو گيت ڳائي؛ ڇو جو تنهنجا سڀ حڪم راست آهن.</verse>
				<verse number="173">شل تنهنجو هٿ منهنجي مدد لاءِ تيار رهي؛ ڇو جو مون تنهنجن قاعدن کي پسند ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="174">اي خداوند آءٌ تنهنجيءَ نجات جو مشتاق آهيان؛ ۽ تنهنجيءَ شريعت ۾ منهنجي خوشي آهي.</verse>
				<verse number="175">شل منهنجي جان جيئري رهي، ۽ اها تنهنجي تعريف ڪندي؛ شل تنهنجا فيصلا منهنجي مدد ڪن.</verse>
				<verse number="176">آءٌ گم ٿيل رڍ وانگي گمراهہ ٿي ويو آهيان؛ تون پنهنجي بندي کي ڳولي لهہ؛ ڇو جو آءٌ تنهنجن حڪمن کي نٿو وساريان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="120">
				<verse number="1">مون پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو، ۽ هن مون کي جواب ڏنو.</verse>
				<verse number="2">اي خداوند تون مون کي ڪوڙي وات ۽ ٺڳيندڙ زبان کان ڇڏاءِ.</verse>
				<verse number="3">اي دغاباز زبان توکي ڇا ملندو، ۽ توکي ٻيو ڇا ڪيو ويندو؟</verse>
				<verse number="4">اها زبردست ماڻهوءَ جن تکن تيرن جهڙي، ۽ آهو ٻير جي ٽانڊن جهڙي آهي.</verse>
				<verse number="5">مون تي افسوس جو آءٌ مسڪ ۾ ٿو گذاريان، ۽ قيدار جي تنبن ۾ ٿو رهان.</verse>
				<verse number="6">جيڪي صلح سان دشمني ٿا رکن تن سان رهندي مون کي گهڻي مدت ٿي ويئي آهي.</verse>
				<verse number="7">آءٌ تہ صلح جو ڪوڏيو آهيان: پر جڏهن آءٌ ڳالهايان ٿو، تہ اهي وڙهڻ ٿا اچن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="121">
				<verse number="1">آءٌ پنهنجون اکيون جبلن ڏانهن کڻي نهاريندس: منهنجي مدد ڪٿان ايندي؟</verse>
				<verse number="2">خداوند وٽان مون کي مدد ملندي، جنهن آسمان ۽ زمين کي پيدا ڪيو.</verse>
				<verse number="3">هو تنهنجي پير کي ترڪڻ نہ ڏيندو: جيڪو توکي سنڀالي ٿو سو جهوٽو بہ ڪين کائيندو.</verse>
				<verse number="4">ڏسو، اسرائيل جو سنڀاليندڙ نڪي جهوٽو کائيندو نڪي ننڊ ڪندو.</verse>
				<verse number="5">خداوند تنهنجو سنڀاليندڙ آهي: خداوند تنهنجي ساڄي پاسي تنهنجي ڇانوَ آهي.</verse>
				<verse number="6">ڏينهن جو سج توکي ايذاءُ ڪين رسائيندو، نڪي رات جو چنڊ.</verse>
				<verse number="7">خداوند توکي سڀ ڪنهن برائيءَ کان سنڀاليندو؛ هو تنهنجي جان جي سنڀال ڪندو.</verse>
				<verse number="8">خداوند توکي ايندي ۽ ويندي، هن مهل کان وٺي هميشہ تائين تنهنجي سنڀال ڪندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="122">
				<verse number="1">جڏهن هنن مون کي چيو تہ هلو تہ خداوند جي گهر هلون، تڏهن آءٌ خوش ٿيس.</verse>
				<verse number="2">اي يروشلم، اسان جا پير تنهنجن دروازن جي اندر اچي پهتا آهن؛</verse>
				<verse number="3">يروشلم اهڙو اڏيل آهي جهڙو ڪو ڳتيل شهر ٿيندو آهي:</verse>
				<verse number="4">اتي قبيلا، بلڪ خداوند جا قبيلا، چڙهي ٿا وڃن، تہ اسرائيل جي شاهديءَ لاءِ خداوند جي نالي جي شڪر گذاري ڪن.</verse>
				<verse number="5">ڇو تہ اتي عدالت جا تخت، يعني دائود جي گهراڻي جا تخت رکيل آهن.</verse>
				<verse number="6">يروشلم جي سلامتيءَ لاءِ دعا گهرو، جيڪي توکي پيار ٿا ڪن سي سرفراز ٿيندا.</verse>
				<verse number="7">تنهنجن ڀتين جي اندر سلامتي هجي، ۽ تنهنجن محلاتن ۾ آسودگي هجي.</verse>
				<verse number="8">آءٌ پنهنجن ڀائرن ۽ سنگتين جي سبب هاڻي چوندس، تہ تو منجهہ سلامتي هجي.</verse>
				<verse number="9">خداوند اسان جي خدا جي گهر جي سببان آءٌ تنهنجو خير گهرندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="123">
				<verse number="1">تون جو آسمانن ۾ ويٺو آهين، تو ڏانهن آءٌ پنهنجون اکيون کڻي ٿو نهاريان.</verse>
				<verse number="2">ڏسو، جيئن غلامن جون اکيون پنهنجي مالڪ جي هٿ ڏانهن، ۽ جيئن ٻانهين جون اکيون پنهنجي سائڻ جي هٿ ڏانهن پيون نهارين؛ تيئن اسان جون اکيون خداوند اسان جي خدا ڏانهن پيون نهارين، جيسين ڪہ هو اسان تي رحم ڪري.</verse>
				<verse number="3">اسان تي رحم ڪر، اي خداوند، اسان تي رحم ڪر: ڇو جو اسين حقارت سهي سهي ٿڪجي پيا آهيون.</verse>
				<verse number="4">جيڪي آرام ۾ آهن تن جون ٺٺوليون، ۽ جيڪي مغرور آهن تن جي حقارت سهي، اسان جي جان ٿڪجي پيئي آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="124">
				<verse number="1">هاڻي اسرائيل هيئن چوي، تہ جيڪڏهن خداوند اسان جي پاسي نہ هجي ها؛</verse>
				<verse number="2">جڏهن ماڻهو اسان جي برخلاف کڙا ٿيا هئا، تڏهن جي خداوند اسان جي پاسي نہ هجي ها:</verse>
				<verse number="3">تہ جڏهن انهن جي ڪاوڙ اسان تي ڀڙڪو کاڌو، تڏهن اهي اسان کي جيئرو ئي ڳڙڪائي وڃن ها:</verse>
				<verse number="4">انهيءَ مهل پاڻيءَ جي اُٿل اسان جي مٿان لنگهي وڃي ها، ۽ اسان جي جان وهڪري ۾ وهي وڃي ها:</verse>
				<verse number="5">۽ تکيون لهرون اسان جي جان تان لنگهي وڃن ها.</verse>
				<verse number="6">شل خداوند مبارڪ هجي، جنهن اسان کي انهن جي ڏندن جو شڪار ٿيڻ نہ ڏنو.</verse>
				<verse number="7">اسان جي جان ائين ڇٽي ويئي آهي جيئن ڪو پکي ماريءَ جي ڦانڌي مان ڇٽي: ڦانڌي ڇڄي پيئي آهي، ۽ اسين ڇٽي ويا آهيون.</verse>
				<verse number="8">اسان جي مدد خداوند جي نالي ۾ آهي، جنهن آسمان ۽ زمين کي جوڙيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="125">
				<verse number="1">جن جو ڀروسو خداوند تي آهي سي صيون جبل جهڙا آهن، جو هٽجي نٿو سگهي، پر هميشہ قائم آهي.</verse>
				<verse number="2">جيئن يروشلم جي چوڌاري جبل آهن، تيئن خداوند پنهنجيءَ اُمت جي چوڌاري، هن وقت کان وٺي هميشہ تائين آهي.</verse>
				<verse number="3">ڇو جو بدڪاريءَ جو عصو راستبازن جي ميراث تي رهي ڪين سگهندو؛ متان راستباز پنهنجا هٿ بڇڙائيءَ ڏانهن وڌائين.</verse>
				<verse number="4">اي خداوند جيڪي نيڪ ۽ سچيءَ دل وارا آهن، تن سان تون ئي ڀلائي ڪر.</verse>
				<verse number="5">پر جيڪي پنهنجي ڏنگيءَ واٽ ڏانهن ٿا ڦرن، تن کي خداوند خطاڪارن سان گڏ وٺي ويندو. شل اسرائيل تي سلامتي هجي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="126">
				<verse number="1">جڏهن خداوند صيون جي قيدين کي موٽائي آندو، تڏهن اسين انهن جهڙا هئاسين جي خواب ٿا لهن.</verse>
				<verse number="2">تنهن مهل اسان جو وات کل خوشيءَ سان ڀرجي ويو، ۽ اسان جي زبان گيت ڳائڻ لڳي: تڏهن اهي ڌارين قومن ۾ چوڻ لڳا تہ خداوند هن لاءِ وڏا ڪم ڪيا آهن.</verse>
				<verse number="3">خداوند اسان لاءِ وڏا ڪم ڪيا آهن؛ جنهن ڪري اسين خوش آهيون.</verse>
				<verse number="4">جهڙيءَ طرح ڏکڻ واريون نديون پاڻيءَ سان ڀرجي ٿيون اچن، تهڙيءَ طرح اي خداوند اسان جي قيدين کي موٽائي وٺي اچ.</verse>
				<verse number="5">جيڪي ڳوڙها ڳاڙيندي پوکين ٿا سي خوشي ڪندي لڻندا.</verse>
				<verse number="6">جيڪو روئندي روئندي ٻج کڻي پوکڻ ٿو وڃي؛ سو خوشيءَ سان گڏا کڻي موٽي ايندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="127">
				<verse number="1">جيڪڏهن خداوند پاڻ گهر نہ اڏي، تہ اڏيندڙن جي محنت اجائي آهي: جيڪڏهن خداوند پاڻ شهر جي سنڀال نہ ڪري، تہ چوڪيدار جو جاڳڻ اجايو آهي.</verse>
				<verse number="2">اوهين جي صبح جو سوير ٿا اُٿو، ۽ رات جو دير سان ٿا سمهو، ۽ سخت پورهيو ڪري ماني ٿا کائو، سو بہ اجايو آهي: ڇو جو هو پنهنجن پيارن کي ننڊ ۾ ئي ٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="3">ڏسو اولاد خداوند وٽان ورثو آهي: ۽ پيٽ جو ڦر هنجي طرفان انعام آهي.</verse>
				<verse number="4">جوانيءَ جا ٻار اهڙا آهن، جهڙا زوراور جي هٿ ۾ تير.</verse>
				<verse number="5">مبارڪ آهي اهو ماڻهو جنهن جي بٿي انهن سان ڀريل آهي: اهڙا ماڻهو جڏهن شهر جي دروازي تي پنهنجن دشمنن سان ڳالهائيندا، تڏهن شرمندا ڪين ٿيندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="128">
				<verse number="1">مبارڪ آهي اهو جو خداوند کان ڊڄي ٿو ۽ سندس واٽن تي ٿو هلي.</verse>
				<verse number="2">تون پنهنجي هٿن جي ڪمائي کائيندين؛ تون سکي رهندين، ۽ تنهنجو ڀلو ٿيندو.</verse>
				<verse number="3">تنهنجي زال تنهنجي گهر جي اندر ميويدار ڊاک وانگي ٿيندي: تنهنجا ٻار تنهنجي دسترخاني جي چوڌاري زيتون جي وڻن جهڙا ٿيندا.</verse>
				<verse number="4">ڏسو، جو ماڻهو خداوند کان ڊڄي ٿو سو انهيءَ طرح مبارڪ ٿيندو.</verse>
				<verse number="5">خداوند توکي صيون منجهان برڪت ڏيندو: ۽ تون پنهنجي سڄي ڄمار يروشلم جي ڀلائي ڏسندين.</verse>
				<verse number="6">هائو تون پنهنجي ٻارن جا ٻار ڏسندين. اسرائيل تي سلامتي هجي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="129">
				<verse number="1">هاڻي اسرائيل هيئن چوي، تہ انهن مون کي ننڍي هوندي کان وٺي ڪيترائي ڀيرا ڏک ڏنا آهن؛</verse>
				<verse number="2">هائو، انهن مون کي ننڍي هوندي کان وٺي ڪيترائي ڀيرا ڏک ڏنا آهن: تڏهن بہ اهي مون تي غالب نہ پيا.</verse>
				<verse number="3">هارين منهنجي پٺيءَ تي هر کيڙيو؛ ۽ ڊگهيون اوڙون ڪيائون.</verse>
				<verse number="4">خداوند سچو آهي: هن بڇڙن جون نوڙيون وڍي ڇڏيون.</verse>
				<verse number="5">جيڪي صيون سان عداوت ٿا رکن، سي سڀيئي شل ڦڪا ٿي پٺ تي هٽجن.</verse>
				<verse number="6">شل اهي انهيءَ گاهہ وانگي ٿين جو کڏ تي اُڀري ٿو، ۽ وڌڻ کان اڳي سڪيو وڃي:</verse>
				<verse number="7">جنهن سان نڪي لاهياري جي مٺ ڀربي، نڪي گڏا ٻڌڻ واري جو پلوُ ڀربو.</verse>
				<verse number="8">نڪي واٽهڙو ٿا چون، تہ خداوند جي برڪت اوهان تي هجي؛ يا اسين خداوند جي نالي اوهان کي برڪت ٿا ڏيون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="130">
				<verse number="1">اي خداوند مون توکي اونهائين منجهان پڪاريو آهي.</verse>
				<verse number="2">اي خداوند، منهنجو آواز ٻڌ: منهنجيءَ منٿ جي آواز ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي.</verse>
				<verse number="3">اي خداوند جيڪڏهن تون خطائن جو حساب ڪندين، تہ اي خداوند ڪير بيهي سگهندو؟</verse>
				<verse number="4">پر تو وٽ معافي آهي، انهيءَ لاءِ تہ ماڻهو توکان ڊڄن.</verse>
				<verse number="5">آءٌ خداوند جي انتظار ۾ آهيان، منهنجي جان مشتاق آهي ۽ سندس ڪلام ۾ منهنجي اميد آهي.</verse>
				<verse number="6">جيئن چوڪيدار صبح لاءِ اکيون پائي ويٺا ٿا رهن، هائو، جيئن چوڪيدار پرهہ ڦٽيءَ جي انتظار ۾ ٿا رهن، تيئن منهنجي جان انهي کان بہ وڌيڪ خداوند جي لاءِ منتظر آهي.</verse>
				<verse number="7">اي اسرائيل خداوند ۾ اميد رک؛ ڇو جو خداوند وٽ رحم آهي، ۽ وٽس ججهو ڇوٽڪارو آهي.</verse>
				<verse number="8">هو اسرائيل کي سندس سڀني ڏوهن کان ڇوٽڪارو ڏيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="131">
				<verse number="1">اي خداوند منهنجي دل ۾ مغروري ڪانهي، نڪي منهنجون اکيون آسمان ۾ آهن؛ نڪي جيڪي ڳالهيون وڏيون ۽ منهنجيءَ سمجهہ کان ٻاهر آهن، تن ۾ آءٌ پاڻ کي پتوڙيان ٿو.</verse>
				<verse number="2">سچ پچ مون پنهنجيءَ جان کي صابر ۽ ماٺيڻو ڪيو آهي؛ جيئن ڪو ٿڻن ڇڏايل ٻار ماءُ جي هنج ۾ هجي، تيئن منهنجي جان ٿڻن ڇڏايل ٻار وانگي مون ۾ آهي.</verse>
				<verse number="3">اي اسرائيل هن وقت کان وٺي هميشہ تائين خداوند ۾ اميد رک.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="132">
				<verse number="1">اي خداوند، دائود جي خاطر سندس سڀني ڏکن کي ياد ڪر.</verse>
				<verse number="2">تہ ڪيئن هن خداوند جو قسم کنيو، ۽ يعقوب جي قادر لاءِ مڃتا مڃيائين:</verse>
				<verse number="3">تہ آءٌ پنهنجي تنبوءَ ۾ داخل ڪين ٿيندس، نڪي پنهنجي هنڌ تي سمهندس؛</verse>
				<verse number="4">۽ نہ پنهنجن اکين ۾ ننڊ، ۽ نڪي پنهنجن ڇپرن ۾ پنڪي اچڻ ڏيندس؛</verse>
				<verse number="5">جيسين ڪہ خداوند جي واسطي ڪو مڪان، ۽ يعقوب جي قادر لاءِ ڪو خيمو نہ ملندو.</verse>
				<verse number="6">ڏسو، افراتا ۾ اسان انهي جي خبر ٻڌي: ۽ جهنگ جي ميدان ۾ هو اسان کي مليو.</verse>
				<verse number="7">اسين هن جي خيمن ۾ وڃي، سندس پيرن جي صندليءَ وٽ سجدو ڪنداسين.</verse>
				<verse number="8">اي خداوند اُتي پنهنجيءَ آرامگاهہ ۾ اچ؛ تون ۽ تنهنجي قدرت جي صندوق.</verse>
				<verse number="9">ڀلي تہ تنهنجا ڪاهن راستبازيءَ جي پوشاڪ ڍڪين؛ ۽ تنهنجا مقدس خوشيءَ سان پڪارين.</verse>
				<verse number="10">پنهنجي بندي دائود جي خاطر پنهنجي مسح ڪيل جي دعا منظور ڪر.</verse>
				<verse number="11">خداوند دائود سان سچائيءَ ۾ قسم کنيو آهي؛ هو انهي کان ڪين ڦرندو: تہ آءٌ تنهنجي اولاد مان هڪڙي کي تنهنجي تخت تي ويهاريندس.</verse>
				<verse number="12">جيڪڏهن تنهنجا ٻار منهنجي عهد کي مڃيندا، ۽ جيڪا شاهدي آءٌ کين سيکاريندس تنهن تي هلندا، تہ پوءِ انهن جا پٽ بہ هميشہ تائين تنهنجي تخت تي ويهندا.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو خداوند صيون کي چونڊيو آهي؛ ۽ انهن کي پنهنجي رهڻ لاءِ پسند ڪيو اٿس.</verse>
				<verse number="14">هيءَ هميشہ جي لاءِ منهنجي آرامگاهہ آهي؛ آءٌ هتي رهندس؛ ڇو جو مون انهي کي پسند ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="15">آءٌ هن جي رزق ۾ ججهي برڪت وجهندس؛ ۽ سندس محتاجن کي ماني کارائي ڍءُ ڪرائيندس.</verse>
				<verse number="16">آءٌ هن جي ڪاهنن کي نجات جي پوشاڪ ڍڪائيندس: ۽ سندس مقدس خوشيءَ سان پڪاريندا.</verse>
				<verse number="17">اتي آءٌ دائود جي لاءِ هڪڙو سڱ کڙو ڪندس؛ مون پنهنجي مسح ڪيل لاءِ هڪڙو ڏيئو تيار ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="18">آءٌ هن جي دشمنن کي شرم جي پوشاڪ ڍڪائيندس: پر هن تي سندس تاج رونق افروز ٿيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="133">
				<verse number="1">ڏسو اها ڪهڙي نہ چڱي ۽ وڻندڙ ڳالهہ آهي، تہ ڀائر پاڻ ۾ هڪ ٿي رهن!</verse>
				<verse number="2">اهو انهي قيمتي تيل جهڙو آهي جو هارون جي مٿي تي وڌو ويو، ۽ سندس کاڏيءَ جي وارن تان يعني هارون جي ڏاڙهيءَ تان وهي سندس ڪپڙن جي دامن تائين اچي پهتو؛</verse>
				<verse number="3">۽ حرمون جي ماڪ وانگي آهي جا صيون جي جبلن تي ٿي پوي: ڇو جو اتي خداوند برڪت جو يعني هميشہ جي زندگيءَ جو حڪم ڏنو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="134">
				<verse number="1">اي خداوند جا سڀ بندا، جي رات جو خداوند جي گهر ۾ ٿا بيهو، هاڻي خداوند کي مبارڪ چئو.</verse>
				<verse number="2">اوهين پاڪ مڪان ڏانهن پنهنجا هٿ کڻو، ۽ خداوند کي مبارڪ چئو.</verse>
				<verse number="3">خداوند توکي صيون مان برڪت ڏيندو؛ يعني اُهو جنهن آسمان ۽ زمين کي جوڙيو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="135">
				<verse number="1">خداوند جي تعريف ڪريو، اوهين خداوند جي نالي جي تعريف ڪريو؛ اي خداوند جا بندا اوهين خداوند جي تعريف ڪريو:</verse>
				<verse number="2">اوهين جي خداوند جي گهر ۾ ٿا بيهو، بلڪ اسان جي خدا جي گهر جي اڱڻ ۾ ٿا بيهو،</verse>
				<verse number="3">خداوند جي تعريف ڪريو؛ ڇو جو خداوند ڀلو آهي: هن نالي جي تعريف ڳايو؛ ڇو جو اها وڻندڙ آهي.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو خداوند يعقوب کي پنهنجي واسطي، ۽ اسرائيل کي پنهنجي خاص ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.</verse>
				<verse number="5">ڇو جو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ خداوند عظيم آهي؛ اسان جو خدا سڀني معبودن جي مٿان عظيم آهي.</verse>
				<verse number="6">جيڪي خداوند کي وڻيو سو سڀ هن آسمان، ۽ زمين، ۽ سمنڊ، ۽ اونهائين ۾ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="7">هو زمين جي ڇيڙن کان بخار جا بادل ٿو اُٿاري؛ ۽ مينهن لاءِ وڄ پيدا ٿو ڪري؛ ۽ واءُ کي پنهنجي خزانن مان ٿو ڪڍي.</verse>
				<verse number="8">هن مصر جا پهريان ڄاول ٻار ماري وڌا، انسان جا توڙي حيوان جا.</verse>
				<verse number="9">اي مصر، هن تو منجهہ فرعون تي، ۽ سندس سڀني نوڪرن تي، نشان ۽ عجيب ڪم پڌرا ڪيا.</verse>
				<verse number="10">هن گهڻين قومن کي ماريو، ۽ زبردست بادشاهن کي قتل ڪيائين؛</verse>
				<verse number="11">امورين جي بادشاهہ صيون کي ۽ بسن جي بادشاهہ عوج کي، ۽ ڪنعان جي سڀني بادشاهتن کي.</verse>
				<verse number="12">۽ انهن جو ملڪ هن پنهنجي قوم اسرائيل کي ميراث ڪري ورثي ۾ ڏنو.</verse>
				<verse number="13">اي خداوند تنهنجو نالو هميشہ تائين قائم آهي؛ ۽ تنهنجي يادگيري سڀني پيڙهين تائين قائم رهندي.</verse>
				<verse number="14">ڇو جو خداوند پنهنجيءَ اُمت جو انصاف ڪندو، ۽ پنهنجن بندن تي قياس ڪندو.</verse>
				<verse number="15">ڌارين قومن جا بت چاندي ۽ سون آهن، اهي ماڻهن جي هٿ جا جوڙيل آهن،</verse>
				<verse number="16">انهن کي وات آهي پر ڳالهائين نٿا؛ اکيون اٿن پر ڏسن نٿا؛</verse>
				<verse number="17">انهن کي ڪن آهن پر ٻڌن نٿا؛ ۽ نڪي وات سان ساهہ ٿا کڻن.</verse>
				<verse number="18">جيڪي انهن کي جوڙين ٿا، ۽ جيڪي مٿن ڀروسو ٿا رکن، سي سڀ انهن جهڙا ٿيندا.</verse>
				<verse number="19">اي اسرائيل جا گهراڻا خداوند کي مبارڪ چئو: اي هارون جا گهراڻا خداوند کي مبارڪ چئو:</verse>
				<verse number="20">اي لاويءَ جا گهراڻا خداوند کي مبارڪ چئو: اوهين جي خداوند کان ڊڄو ٿا سي خداوند کي مبارڪ چئو.</verse>
				<verse number="21">خداوند جو يروشلم ۾ ٿو رهي، سو شل صيون ۾ مبارڪ هجي. اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="136">
				<verse number="1">خداوند جو شڪر ڪريو؛ ڇو جو هو نيڪ آهي: ۽ هن جو رحم هميشہ تائين آهي:</verse>
				<verse number="2">خدائن جي خدا جو شڪر ڪريو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي:</verse>
				<verse number="3">خداوندن جي خداوند جو شڪر ڪريو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي:</verse>
				<verse number="4">انهي جو ئي جو اڪيلو وڏا وڏا ۽ عجيب ڪم ٿو ڪري: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.</verse>
				<verse number="5">انهي جو جنهن دانائيءَ سان آسمان جوڙيا: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.</verse>
				<verse number="6">انهي جو جنهن زمين کي پاڻي تي پکيڙيو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.</verse>
				<verse number="7">انهي جو جنهن وڏيون روشنيون جوڙيون: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين اهي.</verse>
				<verse number="8">ڏينهن تي حڪومت هلائڻ لاءِ سج جوڙيائين: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي:</verse>
				<verse number="9">رات تي حڪومت هلائڻ لاءِ چنڊ ۽ تارا جوڙيائين: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.</verse>
				<verse number="10">انهي جو جنهن مصر جي پهريتن کي ماريو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ اسرائيل کي انهن منجهان ڪڍي آيو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.</verse>
				<verse number="12">هائو، پنهنجي زوراور هٿ، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.</verse>
				<verse number="13">انهي جو جنهن ڳاڙهي سمنڊ کي چيري ٻہ ڀاڱا ڪيو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.</verse>
				<verse number="14">۽ اسرائيل کي انهي جي وچ مان پار لنگهايائين: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.</verse>
				<verse number="15">پر فرعون ۽ سندس لشڪر کي ڳاڙهي سمنڊ ۾ اُڇلائي ڇڏيائين: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.</verse>
				<verse number="16">انهي جو جنهن بيابان ۾ پنهنجي اُمت جي رهبري ڪئي: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.</verse>
				<verse number="17">انهي جو جنهن وڏن وڏن بادشاهن کي ماريو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي:</verse>
				<verse number="18">۽ ناليرن بادشاهن کي قتل ڪيائين: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي:</verse>
				<verse number="19">امورين جي بادشاهہ سيحون کي: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.</verse>
				<verse number="20">۽ بسن جي بادشاهہ عوج کي: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي:</verse>
				<verse number="21">۽ انهن جو ملڪ ورثو ڪري ڏنائين: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي:</verse>
				<verse number="22">يعني پنهنجي بندي اسرائيل کي ميراث ڪري ڏنائين: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.</verse>
				<verse number="23">جنهن اسان جي ڏک ۾ اسان جي سار لڌي: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي:</verse>
				<verse number="24">۽ اسان جي دشمنن کان اسان کي ڇڏايائين: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.</verse>
				<verse number="25">جو سڀني ساهہ وارن کي روزي ٿو رسائي: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.</verse>
				<verse number="26">آسمان جي خدا جو شڪر ڪريو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="137">
				<verse number="1">اسان بابل جي ندين جي ڪپ تي ويهي، صيون کي ياد ڪري رُنو.</verse>
				<verse number="2">اتي بيد جي وڻ تي اسان پنهنجا بربط ٽنگي ڇڏيا.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو اتي اسان جي قيد ڪرڻ وارن اسان کي راڳ ڳائڻ جو حڪم ڏنو، ۽ جن اسان کي تباهہ ڪيو هو تن جي مرضي هئي تہ اسين خوشيون ڪريون، ۽ چيائون تہ اسان کي صيون جو ڪو راڳ ڳائي ٻڌايو.</verse>
				<verse number="4">اسين ڪيئن پرديس ۾ خداوند جو راڳ ڳايون؟</verse>
				<verse number="5">اي يروشلم جيڪڏهن آءٌ توکي وساريان، تہ شل منهنجو ساڄو هٿ پنهنجو هنر ڀلجي وڃي.</verse>
				<verse number="6">جيڪڏهن آءٌ توکي ياد نہ ڪريان، ۽ يروشلم کي پنهنجي وڏيءَ خوشيءَ کان بہ وڌيڪ نہ سمجهان، تہ منهنجي ڄڀ تارونءَ سان وڃي لڳي.</verse>
				<verse number="7">اي خداوند يروشلم جي ڏينهن کي بني ادوم جي برخلاف ياد رک، جن چيو ٿي تہ انهيءَ کي ڊاهيو، ۽ انهي جي پاڙ پٽي ڪڍو.</verse>
				<verse number="8">اي بابل جي ڌيءَ جا برباد ٿيڻ واري آهين؛ مبارڪ اُهو ٿيندو جو جهڙي هلت تو اسان سان ڪئي آهي تهڙي توسان ڪندو.</verse>
				<verse number="9">مبارڪ اُهو ٿيندو جو تنهنجي ٻارن کي وٺي پٿرن تي هڻندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="138">
				<verse number="1">آءٌ پوري دل سان تنهنجو شڪر ڪندس؛ آءٌ معبودن جي روبرو تنهنجي تعريف ڳائيندس.</verse>
				<verse number="2">آءٌ تنهنجي پاڪ هيڪل ڏانهن منهن ڪري توکي سجدو ڪندس، آءٌ تنهنجيءَ ٻاجهہ ۽ سچائيءَ جي ڪري تنهنجي نالي جو شڪر ڪندس: ڇو جو تو پنهنجي ڪلام کي پنهنجي هر ڪنهن نالي کان مٿي ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="3">جنهن ڏينهن مون توکي پڪاريو تنهن ڏينهن تو مون کي جواب ڏنو، ۽ تو منهنجي جان کي طاقت بخشي، ۽ مون کي همت ڏياري.</verse>
				<verse number="4">اي خداوند، زمين جا سڀ بادشاهہ تنهنجو شڪر ڪندا، ڇو جو انهن تنهنجي وات جو ڪلام ٻڌو آهي.</verse>
				<verse number="5">هائو، اهي خداوند جي واٽن جو گيت ڳائيندا؛ ڇو جو خداوند جو جلال عظيم آهي.</verse>
				<verse number="6">ڇو تہ جيتوڻيڪ خداوند بلند آهي، تڏهن بہ نماڻن تي نظر ٿو ڪري: پر مغرورن کي پري کان ئي سڃاڻيو وٺي.</verse>
				<verse number="7">جيتوڻيڪ آءٌ تڪليفن مان لنگهندس، تڏهن بہ تون مون کي بحال ڪندين؛ تون منهنجي دشمن جي ڪاوڙ جي برخلاف پنهنجو هٿ ڊگهيريندين، ۽ تنهنجو ساڄو هٿ مون کي بچائيندو.</verse>
				<verse number="8">خداوند منهنجي واسطي سڀ ڪجهہ پورو ڪندو: اي خداوند، تنهنجو رحم هميشہ قائم آهي: پنهنجي هٿن جي ڪمن کي ڇڏي نہ ڏي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="139">
				<verse number="1">اي خداوند تو مون کي چڪاسيو آهي ۽ مون کي ڄاڻي ورتو اٿيئي.</verse>
				<verse number="2">منهنجي ويهڻ ۽ اُٿڻ جي توکي خبر آهي، تون منهنجي خيالن کي پري کان ئي سمجهيو وٺين.</verse>
				<verse number="3">تون منهنجيءَ واٽ هلڻ ۽ منهنجي سمهڻ کي چڪاسين ٿو، ۽ منهنجن سڀني واٽن کان واقف آهين.</verse>
				<verse number="4">ڇو جو اي خداوند منهنجي وات ۾ اهڙو ڪو لفظ ڪونهي، جنهن جي توکي پوري خبر نہ هجي.</verse>
				<verse number="5">تو مون کي اڳيان پٺيان گهيري ڇڏيو آهي، ۽ مون تي پنهنجو هٿ رکيو اٿيئي.</verse>
				<verse number="6">اهڙو علم منهنجي لاءِ تمام عجيب آهي؛ اهو بلند آهي، ۽ آءٌ انهي کي پهچي نٿو سگهان.</verse>
				<verse number="7">آءٌ تنهنجي روح وٽان ڀڄي ڪيڏانهن وڃان؟ يا تنهنجي نظر کان بچي ڪٿي وڃي لڪان؟</verse>
				<verse number="8">جي مٿي آسمان ۾ چڙهي وڃان، تہ اتي تون آهين: جي قبر ۾ پنهنجو بسترو وڇايان، تہ اتي بہ تون آهين.</verse>
				<verse number="9">جي آءٌ صبح جا کنڀ پائي، سمنڊ جي تمام ڏورانهين ڀاڱن ۾ وڃي رهان؛</verse>
				<verse number="10">تہ اتي بہ تنهنجو هٿ منهنجي رهبري ڪندو، ۽ تنهنجو ساڄو هٿ مون کي سنڀاليندو.</verse>
				<verse number="11">جيڪڏهن آءٌ چوان تہ اوندهہ مون کي ضرور لڪائيندي، ۽ جيڪو سوجهرو منهنجي چوڌاري آهي سو رات ٿي پوندو؛</verse>
				<verse number="12">تہ بہ اوندهہ توکان ڪين لڪائيندي، بلڪ رات بہ ڏينهن وانگر روشن آهي: تنهنجي اڳيان اوندهہ توڙي سوجهرو ٻئي برابر هڪ جهڙا آهن.</verse>
				<verse number="13">ڇو جو منهنجي دل کي تو ئي جوڙيو آهي: منهنجيءَ ماءُ جي پيٽ ۾ تو ئي مون کي بنايو.</verse>
				<verse number="14">آءٌ تنهنجو شڪر ڪندس؛ ڇو جو آءٌ عجيب غريب طرح جڙيو آهيان: تنهنجا ڪم عجيب آهن؛ ۽ منهنجيءَ جان کي انهي جي خبر آهي.</verse>
				<verse number="15">جڏهن آءٌ پوشيدگيءَ ۾ پئي جڙيس، ۽ زمين جي اندرئين ڀاڱي ۾ عجيب طرح پئي ٺهيس، تڏهن منهنجو پتلو توکان ڳجهو ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="16">جڏهن منهنجي عضون مان اڃا ڪوبہ تيار ڪونہ ٿيو هو، ۽ اهي روزبروز پئي ٺهيا، تڏهن منهنجو ڪچو مادو تنهنجن اکين اڳيان هو، ۽ منهنجا سڀ عضوا تنهنجي ڪتاب ۾ لکيل هئا.</verse>
				<verse number="17">اي خدا تنهنجا خيال مون لاءِ ڪهڙا نہ قيمتي آهن! انهن جو شمار ڪيڏو نہ وڏو آهي!</verse>
				<verse number="18">جيڪڏهن آءٌ انهن کي ڳڻيان تہ اهي شمار ۾ ريتيءَ کان بہ گهڻا آهن: جنهن مهل آءٌ جاڳان ٿو تنهن مهل آءٌ پاڻ کي تو ساڻ ٿو لهان.</verse>
				<verse number="19">اي خدا، تون ضرور بڇڙن کي قتل ڪندين: سو اي خوني ماڻهو مون وٽان هليا وڃو.</verse>
				<verse number="20">ڇو تہ اهي لچائيءَ سان تنهنجي برخلاف ڳالهيون ٿا ڪن، ۽ تنهنجا دشمن تنهنجو نالو اجايو ٿا وٺن.</verse>
				<verse number="21">اي خداوند جيڪي تو سان عداوت ٿا رکن، تن سان آءٌ عداوت نٿو رکان ڇا؟ ۽ جيڪي تنهنجي برخلاف کڙا ٿا ٿين تن سان آءٌ ناراض نٿو ٿيان ڇا؟</verse>
				<verse number="22">مون کي انهن سان پوري نفرت آهي: ۽ آءٌ انهن کي پنهنجا دشمن ڪري ٿو ليکيان.</verse>
				<verse number="23">اي خدا مون کي چڪاس ۽ منهنجي دل کي ڄاڻ: مون کي آزماءِ ۽ منهنجا خيال پروڙ:</verse>
				<verse number="24">۽ ڏس تہ مون ۾ ڪا خراب چال تہ ڪانهي، ۽ مون کي ابدي راهہ ۾ وٺي هل.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="140">
				<verse number="1">اي خداوند مون کي خراب ماڻهوءَ کان ڇڏاءِ؛ ۽ ظالم ماڻهوءَ کان بچائيم.</verse>
				<verse number="2">جي پنهنجي دل ۾ ٺڳيءَ جا پهہ پيا پچائين؛ ۽ هميشہ جنگ ڪرڻ لاءِ پيا گڏ ٿين.</verse>
				<verse number="3">انهن پنهنجيءَ زبان کي سپ وانگي تکو ڪيو آهي؛ سندن چپن هيٺ کپر جو زهر آهي.</verse>
				<verse number="4">اي خداوند مون کي بڇڙي جي هٿ کان بچاءِ؛ ۽ ظالم ماڻهوءَ کان محفوظ رک جن جو ارادو آهي تہ ڌڪا ڏيئي منهنجا پير کسڪائين.</verse>
				<verse number="5">مغرورن مون لاءِ ڦندو ۽ رسيون لڪائي رکيون آهن؛ ۽ واٽ جي ڀرسان ڄار پکيڙيو اٿن؛ انهن مون لاءِ ڦاهي وڇائي آهي.</verse>
				<verse number="6">مون خداوند کي چيو تہ تون منهنجو خدا آهين: اي خداوند، تون منهنجي منٿ جي آواز تي ڪن ڏي.</verse>
				<verse number="7">اي خداوند خدا، اي منهنجيءَ نجات جي طاقت، تو جنگ جي ڏينهن منهنجو مٿو ڍڪي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="8">اي خداوند بدڪار جون خواهشون پوريون نہ ڪر؛ ۽ سندس بڇڙن منصوبن کي وڌڻ نہ ڏي؛ متان اهي پاڻ کي پڏائين.</verse>
				<verse number="9">جيڪي پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪري مون کي چوڌاري گهيرو ٿا ڪن، تن جي وات جي بڇڙائي شل سندن مٿان پوي.</verse>
				<verse number="10">شل انهن تي ٽانڊا وسن: ڀلي تہ اهي باهہ ۾ وڃي پون؛ ۽ اونهيءَ کڏ ۾ جتان وري نہ نڪرن.</verse>
				<verse number="11">ڪوبہ بد زبان ماڻهو زمين تي قائم ڪين رهندو: ظالم کي بڇڙائي ڦاسائي ڪيرائيندي.</verse>
				<verse number="12">مون کي خبر آهي تہ خداوند ڏکين جو انصاف ڪندو، ۽ محتاجن کي حق ڏياريندو.</verse>
				<verse number="13">بيشڪ راستباز تنهنجي نالي جو شڪر ڪندا: ۽ سچار تنهنجي حضور ۾ رهندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="141">
				<verse number="1">اي خداوند آءٌ توکي پڪاريان ٿو؛ جلد مون وٽ اچ: جڏهن آءٌ توکي منٿ ڪريان تڏهن ڪن ڏيئي ٻڌ.</verse>
				<verse number="2">شل منهنجي دعا تنهنجي حضور ۾ لوبان وانگي ٿئي؛ ۽ منهنجي هٿن جو مٿي کڻڻ سانجهيءَ جي قربانيءَ وانگر ٿئي.</verse>
				<verse number="3">اي خداوند منهنجي وات تي نگهبان بيهار: ۽ منهنجن چپن جي دروازي کي سنڀال.</verse>
				<verse number="4">منهنجيءَ دل کي ڪنهن خراب ڳالهہ ڏانهن مائل ٿيڻ نہ ڏي، متان آءٌ بدڪارن سان گڏجي بڇڙائي ڪريان ۽ انهن جي لذيذ طعام مان ڪجهہ کاوان.</verse>
				<verse number="5">ڀلي تہ راستباز ماڻهو مون کي ماري، اها مهرباني ٿيندي؛ ۽ ڀلي تہ اهو مون کي جهڻڪي، اهو ڄڻ تہ منهنجي مٿي تي تيل وڌائين؛ شل منهنجو مٿو انهي کان انڪار نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو انهن بڇڙائين ۾ بہ آءٌ دعا گهرندس.</verse>
				<verse number="6">انهن جا منصف ٽڪرين تان ڪيرايا ويا آهن؛ ۽ اُهي منهنجون ڳالهيون ٻڌندا؛ ڇو جو اهي مٺيون آهن.</verse>
				<verse number="7">جيئن ڪو هر ڏيئي زمين کي چيريندو آهي، تيئن اسان جون هڏيون قبر جي منهن تي پکڙيل آهن.</verse>
				<verse number="8">اي خداوند خدا، منهنجون اکيون تو ڏانهن آهن: تو تي ئي منهنجو ڀروسو آهي؛ منهنجيءَ جان کي نڌڻڪو ٿيڻ نہ ڏي.</verse>
				<verse number="9">انهن جيڪو ڦندو مون لاءِ پکيڙيو آهي، ۽ بدڪارن جيڪا ڦاهي مون لاءِ ٺاهي آهي، تنهن کان مون کي بچاءِ.</verse>
				<verse number="10">ڀلي تہ بڇڙا پنهنجي ڄار ۾ پاڻ ڦاسن، تہ آءٌ ڀڄي ڇُٽان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="142">
				<verse number="1">آءٌ پنهنجي آواز سان خداوند کي ٿو پڪاريان؛ آءٌ پنهنجي آواز سان خداوند کي منٿون ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="2">آءٌ هن جي حضور ۾ پنهنجي فرياد ٿو ڪريان؛ ۽ سندس حضور ۾ پنهنجي ڏکن جو بيان ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="3">جڏهن منهنجو روح مون منجهہ غم ۾ ٻڏل هو، تڏهن بہ توکي منهنجي واٽ جي خبر هئي. جنهن واٽ ۾ آءٌ هلان ٿو تنهن ۾ انهن ڦندا لڪايا آهن.</verse>
				<verse number="4">منهنجي ساڄي هٿ ڏانهن نهار ۽ ڏس؛ ڇو جو اهڙو ڪوئي ڪونهي جو مون کي سڃاڻي: مون لاءِ ڪا پناهہ ڪانهي؛ ڪنهن کي منهنجي جان جو فڪر ڪونهي.</verse>
				<verse number="5">اي خداوند مون توکي پڪاريو؛ مون چيو تہ تون منهنجي پناهہ آهين، ۽ دنيا ۾ منهنجو ورثو آهين.</verse>
				<verse number="6">منهنجيءَ دانهن تي ڌيان ڏي؛ ڇو جو آءٌ ڏاڍو ذليل ٿيو آهيان: مون کي منهنجي ستائيندڙن کان ڇڏاءِ؛ ڇو جو اهي مون کان وڌيڪ زور وارا آهن.</verse>
				<verse number="7">منهنجيءَ جان کي قيد مان ٻاهر ڪڍ، تہ آءٌ تنهنجي نالي جي شڪر گذاري ڪريان: راستباز منهنجي آسپاس گڏ ٿيندا؛ ڇو جو تون مون سان ڏاڍي ڀلائي ڪندين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="143">
				<verse number="1">اي خداوند منهنجي دعا ٻڌ، ۽ منهنجين منٿن تي ڪن ڏي: پنهنجي وفاداريءَ ۽ راستبازيءَ ۾ مون کي جواب ڏي.</verse>
				<verse number="2">پنهنجي بندي کي عدالت ۾ نہ آڻ؛ ڇو جو تنهنجيءَ نظر ۾ ڪوبہ ماڻهو سچار ڪين ٺهربو.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو دشمن منهنجيءَ جان کي ڏاڍو ستايو آهي؛ هن منهنجيءَ حياتيءَ کي پٽ پڇاڙيو آهي: جيڪي گهڻيءَ مدت کان مري ويا آهن تن وانگي مون کي اونداهين جاين ۾ رهايو اٿس.</verse>
				<verse number="4">تنهن ڪري منهنجو روح مون منجهہ غم ۾ ٻڏي ويو آهي؛ ۽ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ ڏاڍي لهي ويئي آهي.</verse>
				<verse number="5">آءٌ آڳاٽن ڏينهن کي ياد ٿو ڪريان: آءٌ تنهنجن سڀني حڪمن تي ڌيان ٿو ڪريان: آءٌ تنهنجي هٿ جي ڪمن تي غور ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="6">آءٌ پنهنجا هٿ تو ڏانهن ٿو ڊگهيريا: منهنجي جان سڪي زمين وانگي تنهنجي اُڃايل آهي.</verse>
				<verse number="7">اي خداوند مون کي جلد جواب ڏي؛ منهنجو روح ماندو ٿو ٿئي، مون کان پنهنجو منهن نہ لڪاءِ؛ متان آءٌ انهن جهڙو ٿيان جيڪي قبر ۾ ٿا پون.</verse>
				<verse number="8">صبح جو مون کي پنهنجي ٻاجهہ جي ڳالهہ ٻڌاءِ؛ ڇو تہ منهنجو ڀروسو توتي ئي آهي: جنهن واٽ تي مون کي هلڻ گهرجي سا مون کي ڏيکار: ڇو جو آءٌ پنهنجيءَ جان کي تو سان ٿو لڳايان.</verse>
				<verse number="9">اي خداوند مون کي منهنجي دشمنن کان ڇڏاءِ: آءٌ پناهہ جي لاءِ تو وٽ ڊوڙي آيو آهيان.</verse>
				<verse number="10">مون کي پنهنجيءَ مرضيءَ تي هلڻ سيکار؛ ڇو جو تون منهنجو خدا آهين: تنهنجو نيڪ روح مون کي سچارن جي ملڪ ۾ هلائي.</verse>
				<verse number="11">اي خداوند پنهنجي نالي جي خاطر مون کي جيئرو ڪر: پنهنجيءَ راستبازيءَ جي ڪري منهنجي جان کي تڪليفن مان ڪڍي ٻاهر ڪر.</verse>
				<verse number="12">پنهنجيءَ ٻاجهہ جي ڪري منهنجن دشمنن کي تباهہ ڪر، ۽ جيڪي منهنجيءَ جان کي ڏک ٿا ڏين تن کي برباد ڪر؛ ڇو جو آءٌ تنهنجو بندو آهيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="144">
				<verse number="1">خداوند منهنجو ٽڪر مبارڪ هجي، هو منهنجن هٿن کي جنگ ڪرڻ ۽ منهنجن آڱرين کي وڙهڻ ٿو سيکاري.</verse>
				<verse number="2">هو مون تي ٻاجهہ ڪندڙ ۽ منهنجو قلعو آهي، هو منهنجو اوچو ٺلهہ ۽ منهنجو نجات ڏيندڙ آهي: هو منهنجي ڍال آهي، انهي تي ئي منهنجو ڀروسو آهي؛ هو منهنجن ماڻهن کي منهنجي تابع ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="3">اي خداوند انسان ڇا آهي جو تون انهي جي سار ٿو لهين؟ يا آدم زاد ڪير آهي جو تون انهي جو ليکو ٿو ڪرين؟</verse>
				<verse number="4">انسان اجائي شيءِ آهي: هن جي حياتي پاڇي وانگر گذريو وڃي.</verse>
				<verse number="5">اي خداوند آسمانن کي جُهڪاءِ ۽ هيٺ لهي اچ: جبلن کي ڇُهہ ۽ انهن مان دونهون نڪرندو.</verse>
				<verse number="6">وڄ ڪيرائي انهن کي ڇڙوڇڙ ڪر؛ پنهنجا تير هڻي کين منجهائي ڇڏ.</verse>
				<verse number="7">مٿان پنهنجو هٿ ڊگهيري مون کي بچاءِ؛ ۽ وڏن وڏن پاڻين، يعني پرديسين جي هٿان مون کي ڇڏاءِ.</verse>
				<verse number="8">انهن جي واتان اجايون ڳالهيون ٿيون نڪرن، ۽ انهن جو ساڄو هٿ ڪوڙ جو ساڄو هٿ آهي.</verse>
				<verse number="9">اي خدا آءٌ تنهنجي حضور ۾ هڪڙو نئون گيت ڳائيندس: ڏهہ تارو تنبورو وڄائي تنهنجي تعريف ڳائيندس.</verse>
				<verse number="10">اُهو ئي آهي جو بادشاهن کي نجات ٿو ڏئي: هو پنهنجي بندي دائود کي ڏکوئيندڙ ترار کان بچائي ٿو.</verse>
				<verse number="11">مون کي بچاءِ، ۽ پرديسين جي هٿان مون کي ڇڏاءِ، جن جي واتان اجايون ڳالهيون ٿيون نڪرن، ۽ انهن جو ساڄو هٿ ڪوڙ جو ساڄو هٿ آهي.</verse>
				<verse number="12">جڏهن اسان جا پٽ جوانيءَ ۾ قداور وڻن جهڙا ٿين؛ ۽ اسان جون ڌيئرون محلات جي ڪنڊن جي گهڙيل پٿرن جهڙيون ٿين؛</verse>
				<verse number="13">جڏهن اسان جا ڀانڊا سڀ ڪنهن قسم جي شين سان ڀريل هجن، ۽ اسان جون رڍون اسان جن واڙن ۾ هزارين ۽ لکين ٻچا ڏين،</verse>
				<verse number="14">جڏهن اسان جا ڍڳا بار سان لڏيل هجن؛ ۽ نہ روڪ هجي نہ ڌڪجن، ۽ نہ ڪا گهٽين ۾ دانهن ڪوُڪ ٿئي؛</verse>
				<verse number="15">تڏهن انهيءَ اُمت جي حالت مبارڪ آهي: هائو، مبارڪ آهي اُها اُمت جنهن جو خدا خداوند آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="145">
				<verse number="1">اي منهنجا خدا، اي بادشاهہ، آءٌ تنهنجي تعظيم ڪندس؛ ۽ آءٌ سدائين تنهنجي نالي کي مبارڪ چوندس.</verse>
				<verse number="2">هر روز آءٌ توکي مبارڪ چوندس؛ ۽ سدائين تنهنجي نالي جي تعريف ڪندس.</verse>
				<verse number="3">خداوند عظيم آهي، ۽ گهڻيءَ تعريف جي لائق آهي؛ ۽ سندس عظمت دريافت ڪرڻ کان ٻاهر آهي.</verse>
				<verse number="4">هڪڙي پيڙهيءَ جا ماڻهو ٻيءَ پيڙهيءَ کي تنهنجن ڪمن جي تعريف ٻڌائيندا، ۽ تنهنجي قدرت وارن ڪمن جو بيان ڪندا.</verse>
				<verse number="5">آءٌ تنهنجي جلال واري شان ۽ شوڪت تي، ۽ تنهنجي عجيب ڪمن تي غور ڪندو رهندس.</verse>
				<verse number="6">۽ ماڻهو تنهنجي قدرت جي خوفناڪ ڪمن جو ذڪر ڪندا؛ ۽ آءٌ تنهنجي عظمت جو بيان ڪندس.</verse>
				<verse number="7">اُهي تنهنجي وڏي ڀلائيءَ جي يادگيري ڪندا، ۽ تنهنجي راستبازيءَ جا گيت ڳائيندا؛</verse>
				<verse number="8">خداوند رحيم ۽ ڪريم آهي، غصي ڪرڻ ۾ ڍرو، ۽ ڏاڍو رحيم آهي.</verse>
				<verse number="9">خداوند سڀني سان ڀلو آهي؛ ۽ هن جو رحم سندس سڀني مخلوقن تي آهي.</verse>
				<verse number="10">اي خداوند تنهنجي سڄي مخلوق تنهنجو شڪر ڪندي؛ ۽ تنهنجا مقدس توکي مبارڪ چوندا،</verse>
				<verse number="11">اهي تنهنجيءَ بادشاهت جي جلال جو ذڪر ڪندا، ۽ تنهنجي قدرت جون ڳالهيون ڪندا؛</verse>
				<verse number="12">تہ بني آدم تي تنهنجا قدرت جا ڪم، ۽ تنهنجي شان واريءَ بادشاهت جو جلال ظاهر ڪن.</verse>
				<verse number="13">تنهنجي بادشاهت ابدي بادشاهت آهي، ۽ تنهنجي حڪومت سڀني پيڙهين تائين قائم ٿي رهي.</verse>
				<verse number="14">خداوند انهن سڀني کي جيڪي ڪرن ٿا سنڀالي ٿو، ۽ جيڪي جهڪي ٿا پون تن سڀني کي اُٿاري کڙو ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="15">سڀني جون اکيون تنهنجو انتظار ٿيون ڪن؛ ۽ تون کين وقت تي کاڌو ٿو پهچائين.</verse>
				<verse number="16">تون پنهنجي مٺ ٿو کولين، ۽ هر ڪنهن جاندار جي خواهش پوري ٿو ڪرين.</verse>
				<verse number="17">خداوند پنهنجي سڀني واٽن ۾ راستباز آهي، ۽ پنهنجين سڀني ڪمن ۾ رحيم آهي.</verse>
				<verse number="18">خداوند انهن سڀني جي ويجهو آهي جي کانئس دعا ٿا گهرن، يعني انهن سڀني کي جي سچائيءَ سان دعا ٿا گهرن.</verse>
				<verse number="19">جيڪي کانئس ڊڄن ٿا هو انهن جي مراد پوري ڪندو؛ ۽ انهن جي دعا ٻڌي کين بچائيندو.</verse>
				<verse number="20">خداوند انهن سڀني کي سنڀالي ٿو جيڪي کيس پيار ٿا ڪن؛ پر سڀني بڇڙن کي برباد ڪري ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="21">منهنجو وات خداوند جي تعريف جو ذڪر ڪندو؛ ڀلي تہ سڀيئي سدائين هن جي پاڪ نالي کي مبارڪ چون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="146">
				<verse number="1">اوهين خداوند جي تعريف ڪريو. اي منهنجي جان خداوند جي تعريف ڪر.</verse>
				<verse number="2">جيسين آءٌ جيئرو رهندس تيسين خداوند جي تعريف ڪندس: جيسين منهنجو وجود آهي تيسين آءٌ خداوند جي حضور ۾ تعريف ڳائيندو رهندس.</verse>
				<verse number="3">اوهين پنهنجو ڀروسو سردارن تي نہ رکو، نڪي بني آدم تي، جي بچائي نٿا سگهن.</verse>
				<verse number="4">انهن جو ساهہ نڪري ٿو، هو وڃيو مٽيءَ ۾ ملن؛ انهي ڏينهن سندن خيال فنا ٿيو وڃن.</verse>
				<verse number="5">اهو ماڻهو مبارڪ آهي جنهن جو مددگار يعقوب جو خدا آهي، جنهن جي اميد خداوند سندس خدا ۾ آهي:</verse>
				<verse number="6">جنهن آسمان ۽ زمين، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي منجهن آهي سو پيدا ڪيو؛ جو سچ کي سدائين قائم ٿو رکي:</verse>
				<verse number="7">جو ستايلن جو انصاف ٿو ڪري؛ ۽ بکايلن کي کاڌو ٿو ڏئي: خداوند قيدين کي ڇڏائي ٿو.</verse>
				<verse number="8">خداوند انڌن جون اکيون ٿو کولي، خداوند جهڪيلن کي اُٿاري کڙو ٿو ڪري خداوند راستبازن کي پيار ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="9">خداوند پرديسين کي سنڀالي ٿو؛ هو يتيمن ۽ بيوهن جي سنڀال ٿو ڪري؛ پر بڇڙن جي واٽ آڏي اُبتي ڪريو ڇڏيو.</verse>
				<verse number="10">خداوند هميشہ تائين بادشاهي ڪندو، اي صيون تنهنجو خدا سڀني پيڙهين تائين بادشاهي ڪندو، اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="147">
				<verse number="1">اوهين خداوند جي تعريف ڪريو؛ ڇو جو اسان جي خدا جي لاءِ تعريف ڳائڻ چڱو ۽ دلپسند ڪم آهي؛ تعريف ڪرڻ چڱي ڳالهہ آهي.</verse>
				<verse number="2">خداوند پاڻ يروشلم کي اڏيو آهي؛ هو اسرائيل جي دربدر ٿيلن کي گڏ ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="3">هو دل شڪستن کي شفا ٿو ڏئي، ۽ سندن زخمن کي پٽيون ٿو ٻڌي.</verse>
				<verse number="4">هو تارن جو شمار ٿو ڪري، ۽ انهن سڀني تي نالا ٿو رکي.</verse>
				<verse number="5">اسان جو خداوند عظيم آهي، ۽ وڏي قدرت وارو آهي؛ هن جي سمجهہ بيحد آهي.</verse>
				<verse number="6">خداوند نماڻن کي سنڀالي ٿو: ۽ بڇڙن کي پٽ سان ٿو هڻي.</verse>
				<verse number="7">خداوند جي حضور ۾ شڪرگذاريءَ سان ڳايو؛ اسان جي خدا جي حضور ۾ بربط وڄائي تعريف ڳايو:</verse>
				<verse number="8">جو آسمان کي ڪڪرن سان ڍڪي ٿو، جو زمين لاءِ مينهن تيار ٿو ڪري، ۽ جبلن تي گاهہ ٿو اُڀرائي.</verse>
				<verse number="9">هو جانورن کي، ۽ ڪانگن جي ٻچن کي جي پڪارين ٿا، کاڌو ٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="10">هو گهوڙن جي طاقت مان خوش نٿو ٿئي: نڪي ماڻهن جي ڄنگهن کان راضي ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="11">خداوند انهن کان راضي ٿو ٿئي جيڪي کانئس ڊڄن ٿا، ۽ سندس رحم تي اُميد ٿا رکن.</verse>
				<verse number="12">اي يروشلم خداوند جي تعريف ڪر؛ اي صيون پنهنجي خدا جي تعريف ڪر.</verse>
				<verse number="13">ڇو جو هن تنهنجي دروازن جون تاڙيون مضبوط ڪيون آهن، ۽ تو منجهہ تنهنجي اولاد کي برڪت ڏني اٿس.</verse>
				<verse number="14">هو تنهنجين سرحدن ۾ سلامتي ٿو آڻي؛ ۽ توکي تمام عمدي ڪڻڪ سان ڀرپور ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="15">هو پنهنجو حڪم زمين تي موڪلي ٿو، انجو ڪلام گهڻو تيز رفتار آهي.</verse>
				<verse number="16">هو پشم وانگي برف ٿو ڏئي؛ ۽ رک وانگيان پارو ٿو پکيڙي.</verse>
				<verse number="17">هو لقمن وانگي برف ٿو وسائي: ڪير هن جي سرديءَ کي سهي سگهندو؟</verse>
				<verse number="18">هو پنهنجو ڪلام ٿو موڪلي، ۽ اهي ڳري ٿا وڃن؛ هو واءُ ٿو لڳائي ۽ پاڻي وهن ٿا.</verse>
				<verse number="19">هو يعقوب کي پنهنجو ڪلام ۽ اسرائيل کي پنهنجا قانون ۽ فيصلا ٿو ڏيکاري.</verse>
				<verse number="20">هن ڪنهن بہ قوم سان اهڙو سلوڪ نہ ڪيو آهي: هن جي فيصلن جي انهن کي خبر ڪانهي. اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="148">
				<verse number="1">اوهين خداوند جي تعريف ڪريو، آسمانن مان خداوند جي تعريف ڪريو: مٿانهين جاين تان سندس تعريف ڪريو.</verse>
				<verse number="2">هن جا سڀ فرشتا، اوهين سندس تعريف ڪريو: هن جا سڀ لشڪر، اوهين سندس تعريف ڪريو.</verse>
				<verse number="3">سج ۽ چنڊ، اوهين سندس تعريف ڪريو: سڀيئي چمڪندڙ تارا، اوهين سندس تعريف ڪريو.</verse>
				<verse number="4">آسمانن جا آسمان، اوهين سندس تعريف ڪريو، ۽ پاڻي بہ جي آسمان جي مٿان آهيو، اوهين سندس تعريف ڪريو.</verse>
				<verse number="5">ڀلي تہ اهي خداوند جي نالي جي تعريف ڪن: ڇو جو هن حڪم ڏنو ۽ اهي پيدا ٿيا.</verse>
				<verse number="6">هن انهن کي هميشہ جي لاءِ قائم ڪيو آهي: هن هڪڙو قانون جاري ڪيو جو ڪڏهن زمين تان مٽجڻ جو نہ آهي.</verse>
				<verse number="7">سڀيئي واگهو، ۽ سمنڊ، اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.</verse>
				<verse number="8">باهہ ۽ ڳڙا، برف ۽ بخارا؛ ۽ واچوڙا جي هن جي ڪلام تي عمل ٿا ڪريو؛</verse>
				<verse number="9">سڀ جبل ۽ ٽڪريون؛ سڀ ميويدار ۽ سرو جا وڻ:</verse>
				<verse number="10">سڀ مرون ۽ ڍور؛ سرندڙ شيون ۽ اُڏامندڙ پکي:</verse>
				<verse number="11">زمين جا بادشاهہ ۽ سڀيئي اُمتون: زمين جا سڀيئي سردار ۽ منصف:</verse>
				<verse number="12">جوان مرد ۽ ڪنواريون ڇوڪريون: پير مرد توڙي ننڍڙا ٻار:</verse>
				<verse number="13">ڀلي تہ اهي خداوند جي نالي جي تعريف ڪن؛ ڇالاءِ جو فقط هن جو ئي نالو سرفراز آهي: هن جو جلال آسمان ۽ زمين کان بہ مٿي عظيم آهي.</verse>
				<verse number="14">هن پنهنجن سڀني مقدسن، يعني پنهنجي ويجهي اُمت بني اسرائيل جي وڏائيءَ جي لاءِ سندن سڱ مٿي ڪيو آهي. اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="149">
				<verse number="1">اوهين خداوند جي تعريف ڪريو، خداوند جي حضور ۾ نئون گيت ڳايو، ۽ مقدسن جي جماعت ۾ سندس تعريف ڳايو.</verse>
				<verse number="2">ڀلي تہ اسرائيل پنهنجي خالق ۾ خوش رهي: ۽ بني صيون پنهنجي بادشاهہ ۾ سرها ٿين.</verse>
				<verse number="3">ڀلي تہ اهي نچندي هن جي نالي جي تعريف ڪن: ۽ هن جي حضور ۾ دف ۽ بربط وڄائي تعريف ڳائين.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت کان راضي آهي: هو نماڻن کي نجات سان سينگاريندو.</verse>
				<verse number="5">ڀلي تہ مقدس جلال جي ڪري خوش ٿين: ۽ هو پنهنجن هنڌن تي خوشيءَ جا گيت ڳائين.</verse>
				<verse number="6">ڀلي تہ انهن جي وات ۾ خداوند جي وڏي تعريف هجي، ۽ سندن هٿن ۾ ٻہ ڌاري ترار هجي؛</verse>
				<verse number="7">تہ قومن کان وير وٺن، ۽ ماڻهن کي سزا ڏين.</verse>
				<verse number="8">انهن جي بادشاهن کي زنجيرن سان ٻڌن، ۽ سندن اميرن کي زنجير وجهن.</verse>
				<verse number="9">انهن تي لکيل فيصلي جي تعميل ڪن: اها عزت هن جي سڀني مقدسن لاءِ آهي. اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="150">
				<verse number="1">اوهين خداوند جي تعريف ڪريو، خدا جي پاڪ مڪان ۾ سندس تعريف ڪريو، هن جي قدرت جي آسمان ۾ سندس تعريف ڪريو.</verse>
				<verse number="2">هن جي قدرت وارن ڪمن ڪري سندس تعريف ڪريو: هن جي وڏيءَ عظمت موجب سندس تعريف ڪريو.</verse>
				<verse number="3">تريءَ جي آواز سان سندس تعريف ڪريو: تنبوري ۽ بربط سان سندس تعريف ڪريو.</verse>
				<verse number="4">دف ۽ ناچ سان سندس تعريف ڪريو: تار وارن سازن ۽ توتاريءَ سان سندس تعريف ڪريو.</verse>
				<verse number="5">جهانجهہ وڄائي سندس تعريف ڪريو: وڏي آواز جهانجهہ وڄائي سندس تعريف ڪريو.</verse>
				<verse number="6">ڀلي تہ سڀڪو ساهہ وارو خداوند جي تعريف ڪري. اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="20">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">اسرائيل جي بادشاهہ سليمان بن دائود جا مثل:</verse>
				<verse number="2">ڏاهپ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ؛ سمجهہ جهڙين ڳالهين معلوم ڪرڻ لاءِ؛</verse>
				<verse number="3">عقل جي وهنوار ۾، ۽ سچائي ۽ عدالت ۽ انصاف ۾ تعليم ملڻ لاءِ؛</verse>
				<verse number="4">ڀورڙن ماڻهن کي هوشياري ڏيڻ لاءِ، جوان ماڻهوءَ کي علم ۽ سياڻپ ڏيڻ لاءِ:</verse>
				<verse number="5">انهيءَ لاءِ تہ ڏاهو ماڻهو ٻڌي ۽ علم ۾ وڌي؛ ۽ سمجهہ وارو ماڻهو فائدي جهڙيون نصيحتون حاصل ڪري:</verse>
				<verse number="6">پهاڪي ۽ اشاري سمجهڻ لاءِ؛ ڏاهن جون ڳالهيون، ۽ انهن جون ڳجهيون چوڻيون.</verse>
				<verse number="7">خداوند جو خوف علم جو منڍ آهي: پر بي عقل، ڏاهپ ۽ تعليم کي ڌڪارين ٿا.</verse>
				<verse number="8">اي منهنجا پٽ، پنهنجي پيءُ جي تعليم ٻڌ، ۽ پنهنجي ماءُ جو قاعدو ڇڏي نہ ڏي:</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو اهي تنهنجي مٿي جي لاءِ زينت جو ڇٽ، ۽ تنهنجي ڳچيءَ جا طوق ٿيندا.</verse>
				<verse number="10">اي منهنجا پٽ، جيڪڏهن گنهگار توکي ڌتارين، تہ تون هنن جي ڳالهہ متان مڃين.</verse>
				<verse number="11">جيڪڏهن هو چون تہ اسان سان هل تہ خونريزيءَ جي لاءِ منتظر ٿي ويهون، ۽ سبب کانسواءِ بي گناهہ جي لاءِ ڳجهيءَ طرح لڪي ويهون؛</verse>
				<verse number="12">هل تہ هلي انهن کي قبر وانگر سڄا سارا جيئرو ئي ڳهي وڃون، انهن ماڻهن وانگر جي هيٺ کڏ ۾ ڪرن ٿا؛</verse>
				<verse number="13">۽ اسان کي هر طرح جو قيمتي مال هٿ ايندو، ۽ اسين پنهنجا گهر لٽ جي مال سان ڀرينداسين؛</verse>
				<verse number="14">تون اسان منجهہ پنهنجو ڪڻو وجهندين؛ ۽ اسان سڀني وٽ هڪڙي همياڻي رهندي:</verse>
				<verse number="15">اي منهنجا پٽ، تون انهن سان گڏ رستي تي نہ هل؛ هنن جي واٽ کان پنهنجو پير پري ڪر؛</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو هنن جا پير برائيءَ ڏانهن ٿا ڊوڙن، ۽ هو رت هارڻ لاءِ تڪڙ ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو ڄار پکيءَ جي ڏسندي اجايو پکيڙيو ويو آهي:</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو اُهي پنهنجي ئي خون جي لاءِ منتظر ٿي ٿا ويهن، ۽ پنهنجين ئي حياتين لاءِ ڳجهيءَ طرح لڪي ٿا ويهن.</verse>
				<verse number="19">جيڪو ماڻهو نفعي جي لالچ ٿو رکي تنهنجا رستا اهڙا ئي آهن؛ اهو سندس ئي ساهہ ٿو ڪڍي.</verse>
				<verse number="20">ڏاهپ سڙڪ تي وڏي سڏ رڙيون ڪري ٿي؛ هوءَ ڪشادين جاين تي پڪاري ٿي؛</verse>
				<verse number="21">هوءَ انهيءَ هنڌ رڙيون ڪري ٿي جتي خاص طرح گهڻا ماڻهو گڏ ٿين ٿا؛ شهر ۾ دروازن جي لنگهہ تي هوءَ پنهنجون ٻوليون ٻڌائي ٿي.</verse>
				<verse number="22">اي ڀورڙا، ڪيستائين اوهين ڀورڙائيءَ کي پيار ڪندا؟ ۽ ڪيستائين ٺٺولي ڪندڙن کي ٺٺولي ڪرڻ ۾ خوشي حاصل ٿيندي، ۽ بي عقل علم کي ڌڪاريندا؟</verse>
				<verse number="23">اوهين منهنجي عتاب تي ڦرو: ڏسو آءٌ پنهنجو روح اوهان تي اوتي وجهندس، آءٌ اوهان کي پنهنجون ڳالهيون سمجهائيندس.</verse>
				<verse number="24">ڇالاءِ جو مون سڏيو آهي، ۽ اوهان انڪار ڪيو آهي؛ مون پنهنجو هٿ ڊگهيريو ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ ڌيان ڪونہ ڏنو؛</verse>
				<verse number="25">پر اوهان منهنجي سڀ صلاح مصلحت باطل ڪري ڇڏي، ۽ منهنجو عتاب ٻڌڻ نہ گهريو:</verse>
				<verse number="26">اوهان جي مصيبت جي ڏينهن ۾ آءٌ بہ کلندس؛ جڏهن اوهان تي ڊپ ايندو تڏهن آءٌ ٺٺوليون ڪندس؛</verse>
				<verse number="27">جڏهن اوهان تي ڊپ طوفان وانگر ايندو، ۽ اوهان جي مصيبت واچوڙي وانگر ايندي؛ جڏهن تنگي ۽ ڏک اوهان تي ايندو؛</verse>
				<verse number="28">تڏهن هو مون کي پڪاريندا پر آءٌ جواب نہ ڏيندس؛ هو سعيو ڪري مون کي ڳوليندا پر هو مون کي نہ لهندا:</verse>
				<verse number="29">ڇالاءِ جو جن علم کي ڌڪاريو ۽ خدا جي خوف کي پسند نہ ڪيو:</verse>
				<verse number="30">انهن کي منهنجي نصيحت وٺڻ جي خواهش نہ هئي؛ انهن منهنجي عتاب کي خسيس سمجهيو.</verse>
				<verse number="31">تنهن ڪري هو خود پنهنجي راهہ جو ڦل ڀوڳيندا، ۽ پنهنجين تجويزن سان ڍءُ ڪندا.</verse>
				<verse number="32">ڇالاءِ جو ڀورڙن جي گمراهي هنن کي ڪهندي، ۽ بي عقلن جي اقبال مندي هنن کي ناس ڪندي.</verse>
				<verse number="33">پر جيڪو منهنجي ٻڌندو سو صحيح سلامت رهندو، ۽ خرابيءَ جي ڊپ کان آزاد رهندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">اي منهنجا پٽ، جيڪڏهن تون منهنجون ڳالهيون قبول ڪندين، ۽ منهنجا حڪم پاڻ وٽ سانڍي رکندين؛</verse>
				<verse number="2">جيڪڏهن تون پنهنجا ڪن ڏاهپ ڏانهن ڦيرائيندين، ۽ پنهنجي دل سمجهہ تي لڳائيندين؛</verse>
				<verse number="3">هائو، جيڪڏهن تون سياڻپ کي سڏيندين، ۽ سمجهہ کي پڪاريندين؛</verse>
				<verse number="4">جيڪڏهن تون انهيءَ کي چانديءَ وانگر ڳوليندين، ۽ لڪلن خزانن وانگر انهيءَ جي ڳولا ڪندين؛</verse>
				<verse number="5">تہ پوءِ تون خدا جو خوف سمجهندين، ۽ خدا جي سياڻپ حاصل ڪندين.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو خداوند ڏاهپ ڏئي ٿو؛ هن جي وات مان علم ۽ سمجهہ اچن ٿا:</verse>
				<verse number="7">هو سچن جي لاءِ پوري ڏاهپ رکي ڇڏي ٿو، ۽ انهن جي سپر آهي، جي سچائيءَ تي هلن ٿا؛</verse>
				<verse number="8">انهيءَ لاءِ تہ هو عدالت جي رستن جي سنڀال ڪري، ۽ پنهنجي مقدسن جو رستو قائم رکي.</verse>
				<verse number="9">تڏهن تون سچائي ۽ عدالت ۽ انصاف،، هائو سڀڪا چڱي واٽ سمجهندين.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو ڏاهپ تنهنجي دل ۾ داخل ٿيندي، ۽ علم تنهنجي روح کي پسند ايندو؛</verse>
				<verse number="11">سياڻپ تنهنجي نگهباني ڪندي، سمجهہ تنهنجي سنڀال ڪندي:</verse>
				<verse number="12">انهيءَ لاءِ تہ توکي خرابيءَ جي رستي کان، ۽ جيڪي ماڻهو بيهوديون ڳالهيون ٿا ڪن تن کان بچائي؛</verse>
				<verse number="13">جي سچائيءَ جا رستا ڇڏين ٿا، تہ اونداهيءَ جي رستن تي هلن؛</verse>
				<verse number="14">جي برائي ڪرڻ ڪري خوش ٿين ٿا، ۽ بري ماڻهوءَ جي اڳرائيءَ ڪري خوشي ڪن ٿا:</verse>
				<verse number="15">جن جا رستا ڏنگا آهن، ۽ جن جون واٽون اُبتيون آهن:</verse>
				<verse number="16">انهيءَ لاءِ تہ توکي ڌاريءَ زال کان بچائي، يعني انهيءَ ڌاريءَ زال کان جا پنهنجين ٻولين سان تنهنجي خوشامد ڪري ٿي؛</verse>
				<verse number="17">جا پنهنجي جوانيءَ جو سنگتي ڇڏي ڏئي ٿي، ۽ پنهنجي خدا جو عهد اقرار وساري ڇڏي ٿي:</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو هن جو گهر موت ڏانهن ڦريل آهي، ۽ هن جون واٽون اونداهيءَ ڏانهن:</verse>
				<verse number="19">جيڪي هن وٽ وڃن ٿا تن مان ڪوبہ ڪونہ ٿو موٽي؛ نڪي اهي حياتيءَ جي واٽن کي پهچن ٿا:</verse>
				<verse number="20">انهيءَ لاءِ تہ تون چڱن ماڻهن جي رستي تي هلين، ۽ سچن جون واٽون سنڀالي وٺي اچين.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو سچا ماڻهو انهيءَ زمين ۾ رهندا، ۽ ڪامل انهيءَ ۾ وڃي بچندا.</verse>
				<verse number="22">پر شرير انهيءَ زمين تان وڍجي ويندا، ۽ جيڪي دغابازيءَ جي هلت ٿا ڪن تن جي پاڙ انهيءَ مان پٽجي ويندي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">اي منهنجا پٽ، منهنجي تعليم متان وسارين؛ پر تنهنجي دل ڀلي تہ منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪري:</verse>
				<verse number="2">ڇا لاءِ جو اُهي، ڏينهن جي ڊگهائي، ۽ عمر جا ورهيہ، ۽ سلامتي تو ۾ وڌائيندا.</verse>
				<verse number="3">ائين نہ ڪر تہ رحم ۽ سچ توکي ڇڏي وڃن: انهن کي پنهنجي ڳچيءَ سان ٻڌي ڇڏ: انهن کي پنهنجي دل جي تختي تي لکي ڇڏ:</verse>
				<verse number="4">ائين ڪرڻ سان تون خدا ۽ ماڻهوءَ جي نظر ۾ قبوليت ۽ چڱي سمجهہ حاصل ڪندين.</verse>
				<verse number="5">پنهنجي سموريءَ دل سان خداوند تي ڀروسو رک، ۽ پنهنجي سمجهہ تي ٽيڪ نہ ڏي:</verse>
				<verse number="6">پنهنجن سڀني رستن ۾ هن کي مڃ، ۽ هو توکي سنئون رستو ڏيکاريندو.</verse>
				<verse number="7">پنهنجيءَ نظر ۾ ڏاهو نہ ٿيءُ: خداوند کان ڊڄ ۽ خرابيءَ کان پري ڀڄ:</verse>
				<verse number="8">اها تنهنجي دُن لاءِ تندرستي، ۽ تنهنجن هڏن لاءِ مک آهي.</verse>
				<verse number="9">خداوند کي پنهنجي مال ملڪيت ۽ پنهنجي پيدائش جي پهرين ڦرن سان تعظيم ڏي:</verse>
				<verse number="10">تہ پوءِ تنهنجا ڀانڊا گهڻي مال سان ڀربا، ۽ تنهنجا مٽ نئين شراب سان آڦر ڪندا.</verse>
				<verse number="11">اي منهنجا پٽ، خداوند جي سيکت کي نہ ڌڪار؛ نڪي هن جي فهمائش، کان بيزار ٿيءُ:</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو جنهن کي خداوند پيار ڪري ٿو تنهن کي فهمائش ڏئي ٿو؛ جيئن ڪو پيءُ پٽ کي ڪري، جو هن کي وڻي ٿو.</verse>
				<verse number="13">سڀاڳو آهي اهو ماڻهو جو ڏاهپ لهي ٿو، ۽ اُهو ماڻهو جو سمجهہ حاصل ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو انهيءَ جو واپار چانديءَ جي واپار کان بهتر آهي، ۽ انهيءَ جو نفعو خالص سون کان بهتر آهي.</verse>
				<verse number="15">اُها لعلن کان زيادہ قيمتي آهي، ۽ جن شين جي توکي خواهش ٿي سگهي ٿي تن مان ڪابہ ان سان مقابلو ڪري نہ سگهندي.</verse>
				<verse number="16">عمر جي درازي اُن جي سڄي هٿ ۾ آهي، ۽ دولت ۽ عزت اُن جي کٻي هٿ ۾ آهي.</verse>
				<verse number="17">اُن جا رستا خوشيءَ جا رستا آهن، ۽ اُن جون سڀ واٽون سلامتيءَ جون آهن.</verse>
				<verse number="18">جيڪي ان کي هٿ وجهي جهلين ٿا تن جي لاءِ اُها حياتيءَ جو وڻ آهي: ۽ جيڪو اُن کي وٺي جهلي ٿو سو سڀاڳو آهي.</verse>
				<verse number="19">خداوند ڏاهپ سان زمين جو بنياد وڌو؛ سمجهہ سان هن آسمان قائم ڪيا.</verse>
				<verse number="20">هن جي علم سان سمنڊ ڦاٽي نڪتا، ۽ آسمان مان ماڪ پوي ٿي.</verse>
				<verse number="21">اي منهنجا پٽ، انهن کي پنهنجين اکين کان پري وڃڻ نہ ڏي؛ پوري ڏاهپ ۽ سياڻپ جي سنڀال رکج؛</verse>
				<verse number="22">جو اُهي تنهنجي روح جي حياتي ٿيندا، ۽ تنهنجي ڳچيءَ جو سينگار ٿيندا.</verse>
				<verse number="23">تڏهن تون پنهنجي رستي تي صحيح سلامت هلندين، ۽ تنهنجو پير نہ آٿڙندو.</verse>
				<verse number="24">جڏهن تون ليٽندين تڏهن ڊڄندين ڪين: هائو، تون ليٽندين تہ تنهنجي ننڊ مٺي ٿيندي.</verse>
				<verse number="25">اوچتي خوف کان متان ڊڄين، نڪي شريرن جي خرابيءَ جي اچڻ کان:</verse>
				<verse number="26">ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو ڀروسو ٿيندو، ۽ تنهنجي پير کي پڪڙجڻ کان سنڀاليندو.</verse>
				<verse number="27">جن سان ڀلائي ڪرڻ حق آهي، تن کان اُها متان روڪين، جڏهن اها تنهنجي هٿ وسيڪي آهي.</verse>
				<verse number="28">پنهنجي پاڙيسريءَ کي نہ چئُہ تہ وڃ ۽ وري اچ، ۽ سڀاڻي آءٌ ڏيندس؛ جڏهن اها تو وٽ موجود آهي.</verse>
				<verse number="29">پنهنجي پاڙيسريءَ جي برخلاف ڪنهن برائيءَ جي رٿ نہ ڪر، جڏهن ڏسين ٿو تہ هو تنهنجي پاسي ۾ بي خوف رهي ٿو.</verse>
				<verse number="30">ڪنهن بہ ماڻهوءَ سان سبب کان سواءِ نہ وڙهہ، بشرطيڪ هن توکي ڪو نقصان نہ پهچايو هجي.</verse>
				<verse number="31">ظلم ڪندڙ ماڻهوءَ تي ريس نہ ڪر، ۽ هن جو ڪوبہ رستو پسند نہ ڪر.</verse>
				<verse number="32">ڇالاءِ جو ڏنگي ماڻهوءَ کان خدا کي نفرت ٿي اچي: پر انهيءَ جو ڳجهہ سچن وٽ آهي.</verse>
				<verse number="33">خداوند جي لعنت شريرن جي گهر ۾ آهي؛ پر سچن جي رهڻ جي جاءِ تي هو برڪت وجهي ٿو.</verse>
				<verse number="34">يقين آهي تہ هو ٺٺولي ڪندڙن تي ٺٺولي ٿو ڪري، پر هو نماڻن تي فضل ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="35">ڏاهن کي جلال ورثي ۾ ملندو، پر بي عقلن جي ترقي شرمندگي ٿيندي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">اي منهنجا پٽ، پيءُ جي تعليم ٻڌو، ۽ سمجهہ حاصل ڪرڻ لاءِ ڌيان ڏيو:</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو آءٌ اوهان کي چڱي تعليم ٿو ڏيان؛ اوهين منهنجو قاعدو نہ ڇڏجو.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو آءٌ بہ پنهنجي پيءُ جو هڪڙو پٽ هوس، ۽ پنهنجي ماءُ جي نظر ۾ نازڪ ۽ اڪيلو ئي اڪيلو پيارو هوس.</verse>
				<verse number="4">۽ منهنجي پيءُ مون کي تعليم ڏني ۽ مون کي چيائين تہ، جيڪي آءٌ چوان ٿو سو پنهنجي دل تي ڄمائي ڇڏ: منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪر ۽ جيئندو رهہ:</verse>
				<verse number="5">ڏاهپ هٿ ڪر، سمجهہ هٿ ڪر؛ انهيءَ کي وسار نہ، نڪي منهنجي وات جي ڳالهين کان منهن موڙ.</verse>
				<verse number="6">ڏاهپ کي ڇڏي نہ ڏي، اُها توکي بچايو ايندي؛ انهيءَ کي پيار ڪر، جو اُها تنهنجي سنڀال ڪندي.</verse>
				<verse number="7">ڏاهپ مکيہ شيءِ آهي، تنهن ڪري ڏاهپ هٿ ڪر: جيڪي بہ ٻيو تو وٽ هجي تنهن هوندي بہ سمجهہ هٿ ڪر.</verse>
				<verse number="8">انهيءَ کي مانُ ڏي ۽ هوءَ توکي وڌائيندي: جڏهن تون انهيءَ کي ڀاڪر وجهندين تڏهن اها توکي عزت وارو ڪندي.</verse>
				<verse number="9">هوءَ تنهنجي مٿي کي زينت جو زيور بخشيندي: هوءَ توکي سونهن جو ڇٽ ڏيندي.</verse>
				<verse number="10">اي منهنجا پٽ ٻڌ، ۽ منهنجون چوڻيون قبول ڪر؛ تہ تنهنجي عمر جا ورهيہ گهڻا ٿين.</verse>
				<verse number="11">مون توکي ڏاهپ جي رستي جي تعليم ڏني آهي؛ مون تنهنجي سچائيءَ جي واٽن تي رهنمائي ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="12">جڏهن تون هلندين تڏهن تنهنجا قدم تنگ نہ ٿيندا؛ ۽ جي تون ڊوڙندين تہ ٿاٻو نہ کائيندين.</verse>
				<verse number="13">تعليم کي قابو ڪري جهل؛ ۽ وڃڻ نہ ڏينس؛ سنڀاليو اچينس؛ ڇالاءِ جو اها تنهنجي حياتي آهي.</verse>
				<verse number="14">شريرن جي رستي ۾ نہ گِهڙ، ۽ خراب ماڻهن جي واٽ تي نہ هل.</verse>
				<verse number="15">انهيءَ کان گوشو ڪر، انهيءَ وٽان لنگهہ ئي نہ؛ انهيءَ کان ڦري اڳتي لنگهي وڃ.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو حرڪت ڪرڻ کان سواءِ هو سمهن نٿا؛ ۽ جيستائين هو ڪنهن کي نٿا ڪيرائين تيستائين هنن کي ننڊ نٿي اچي.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو هو شرارت جي ماني ٿا کائين؛ ۽ ظلم جو شراب ٿا پيئن.</verse>
				<verse number="18">پر سچن جي واٽ چمڪندڙ روشنائيءَ وانگر آهي، جا وڌيڪ چمڪندي چمڪندي ڪامل ڏينهن تائين پهچي ٿي.</verse>
				<verse number="19">شريرن جو رستو اونداهيءَ جهڙو آهي؛ هنن کي خبر نٿي پوي تہ ڇا تي ٿا آٿڙجن.</verse>
				<verse number="20">اي منهنجا پٽ، جيڪي آءٌ چوان ٿو تنهن تي ڌيان ڏي؛ منهنجين ڳالهين ڏانهن ڪن ڪر.</verse>
				<verse number="21">انهن کي پنهنجي نظر کان نڪري وڃڻ نہ ڏي؛ انهن کي پنهنجي دل ۾ سنڀاليو اچ.</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ جو جن کي اهي لڀن ٿيون تن جي لاءِ اُهي حياتي آهن، ۽ انهن جي سڄي جسم لاءِ تندرستي آهن.</verse>
				<verse number="23">ڏاڍي ڪوشش سان دل جي سنڀال رک؛ ڇالاءِ جو حياتيءَ جا نتيجا انهيءَ مان ٿا نڪرن.</verse>
				<verse number="24">بيهودو وات پاڻ کان پري ڪر، ۽ ڏنگا چپ پاڻ کان پري اُڇلاءِ.</verse>
				<verse number="25">ڇڏ تہ تنهنجون اکيون سڌو اڳتي نهارين، ۽ تنهنجا ڇپر تنهنجي اڳيان سنئين نظر ڪن.</verse>
				<verse number="26">پنهنجن پيرن جي واٽ سنئين رک، پوءِ تنهنجا سڀ رستا قائم ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="27">نڪي سڄي پاسي ڦر نڪي کٻي پاسي؛ پنهنجو پير بديءَ کان پري ڪر.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">اي منهنجا پٽ، منهنجي ڏاهپ تي ڌيان ڏي؛ منهنجي سمجهہ ڏانهن ڪن ڪر:</verse>
				<verse number="2">تہ تون عقل قائم رکين، ۽ تنهنجا چپ علم جي سنڀال رکن.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو ڌاريءَ زال جي چپن مان ماکي وهي ٿي، ۽ ان جو وات تيل کان وڌيڪ سڻڀو آهي.</verse>
				<verse number="4">پر ان جي پڇاڙي زهر جهڙي ڪَڙي، ۽ ٻہ منهين ترار جهڙي تکي آهي.</verse>
				<verse number="5">ان جا پير موت ۾ لاهين ٿا؛ ۽ ان جا قدم قبر تي وڃيو ٿا کپن؛</verse>
				<verse number="6">جنهن ڪري هوءَ حياتيءَ جو سنئون رستو نٿي لهي: هن جون واٽون پڪيون نہ آهن، ۽ انهيءَ جي هن کي خبر ڪانہ ٿي پوي.</verse>
				<verse number="7">تنهن ڪري هاڻي، اي منهنجا پٽ، منهنجي ڳالهہ ٻڌو، ۽ منهنجي وات جي ڪلام کان ٻاهر نہ وڃو.</verse>
				<verse number="8">انهيءَ زال کان پنهنجو رستو پري ڪريو، ۽ ان جي گهر جي در کي ويجها نہ وڃو؛</verse>
				<verse number="9">تہ متان پنهنجي عزت ٻين کي ڏيئي ڇڏيو، ۽ پنهنجا ورهيہ ظالمن کي:</verse>
				<verse number="10">متان ڌاريا ماڻهو اوهان جي طاقت تي ڀرجي وڃن؛ ۽ اوهان جا پورهيا ڪنهن اجنبيءَ جي گهر ۾ وڃن؛</verse>
				<verse number="11">۽ تون پنهنجي پڇاڙيءَ تي افسوس ڪرين، جڏهن تنهنجو ماس ۽ جسم فنا ٿي وڃن،</verse>
				<verse number="12">۽ تون چوين تہ ڪيئن مون تعليم کي ڌڪاريو آهي، ۽ منهنجي دل فهمائش کي خسيس ڄاتو؛</verse>
				<verse number="13">نڪي مون پنهنجن استادن جو چيو مڃيو آهي، ۽ نہ پنهنجي تعليم ڏيندڙن ڏانهن مون پنهنجو ڪن ڏنو!</verse>
				<verse number="14">آءٌ ذري گهٽ انهيءَ جماعت ۽ مجلس جي وچ ۾، هر قسم جي خرابيءَ ۾ وڃي پيس.</verse>
				<verse number="15">پاڻي خود پنهنجي چشمي مان پيءُ ۽ وهندڙ پاڻيءَ جو خود تنهنجي کوهہ مان ٿو نڪري،</verse>
				<verse number="16">تنهنجا چشما پري پکڙي وڃن ڇا، ۽ پاڻيءَ جون نديون گهٽين ۾ وهي وڃن ڇا؟</verse>
				<verse number="17">ڀلي تہ اُهي رڳو تنهنجي لاءِ هجن ۽ نہ انهن ڌارين لاءِ جي تو سان آهن.</verse>
				<verse number="18">ڀلي تہ تنهنجو چشمو برڪت وارو هجي، ۽ تون پنهنجي جوانيءَ جي زال سان خوش رهہ.</verse>
				<verse number="19">پيار ڪندڙ هرڻي ۽ وڻندڙ ڦاڙهيءَ وانگر ڀلي تہ انهيءَ جا ٿڻ هر وقت توکي خوش رکن؛ تون هميشہ انهيءَ جي محبت ۾ مست رهہ.</verse>
				<verse number="20">اي منهنجا پٽ، ڇو تون پرائيءَ زال تي مست ٿو ٿين، ۽ ڌاريءَ زال جي سيني کي ڀاڪر ٿو وجهين؟</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو ماڻهوءَ جا رستا خداوند جي اکين اڳيان آهن، ۽ هو انهيءَ جون سڀ واٽون سڌيون ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="22">شرير کي خود پنهنجيون بڇڙايون پڪڙينديون، ۽ هو پنهنجي گناهہ جي رسن سان ٻڌو ويندو.</verse>
				<verse number="23">هو تعليم نہ ملڻ ڪري مري ويندو؛ ۽ پنهنجي وڏيءَ بي عقليءَ جي ڪري هو گمراهہ ٿي ويندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">اي منهنجا پٽ، جيڪڏهن تون پنهنجي پاڙيسريءَ جو ضامن پيو آهين، جيڪڏهن تو ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ لاءِ تاڙي هنئي آهي،</verse>
				<verse number="2">تہ تون پنهنجي وات جي ٻولين ڪري ڦاٿو آهين، تون پنهنجي وات جي ٻولين ڪري گرفتار ٿيو آهين.</verse>
				<verse number="3">اي منهنجا پٽ، هاڻي تون هيئن ڪر ۽ پاڻ کي بچاءِ، جڏهن تون ڏسين ٿو تہ پنهنجي پاڙيسريءَ جي چنبي ۾ آيو آهين؛ تڏهن وڃي نياز ڪر، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ کي منٿ آزي ڪر.</verse>
				<verse number="4">پنهنجين اکين کي ننڊ نہ ڏي، ۽ نہ پنهنجن ڇپرن کي بند ٿيڻ ڏي.</verse>
				<verse number="5">پاڻ کي ائين ڇڏاءِ جيئن ڪا هرڻي پاڻ کي شڪاريءَ جي هٿان ڇڏائي، ۽ جيئن ڪو پکي ماريءَ جي هٿان.</verse>
				<verse number="6">اي سست، تون ماڪوڙيءَ وٽ وڃ؛ هن جي رستن تي ويچار ڪر، ۽ ڏاهو ٿيءُ:</verse>
				<verse number="7">جنهن کي اگرچہ ڪو سردار، يا نگهبان يا حاڪم ڪونهي.</verse>
				<verse number="8">تہ بہ پنهنجي لاءِ آرڙهہ ۾ کاڌو موجود ڪري ٿي، ۽ فصل لهڻ جي وقت پنهنجي خوراڪ گڏ ڪري ٿي.</verse>
				<verse number="9">اڙي سست، تون ڪيترو سمهندين؟ ڪڏهن تون پنهنجي ننڊ مان اُٿندين؟</verse>
				<verse number="10">اڃا بہ ٿوري ننڊ، ٿوري پنڪي، سمهڻ لاءِ ٿورو ٻانهون سوڙهيون ڪرڻ:</verse>
				<verse number="11">ائين ڪرڻ سان تنهنجي غريبي چور وانگر ايندي، ۽ تنهنجي محتاجي هٿيار ٻڌل ماڻهوءَ وانگر ايندي.</verse>
				<verse number="12">نڪمو آدمي، بدڪار ماڻهو؛ هو بيهودي وات سان هلي ٿو؛</verse>
				<verse number="13">هو اکيون ڀڃي ٿو، ۽ هو پنهنجن پيرن سان ڳالهائي ٿو، هو پنهنجين آڱرين سان اشارا ڏئي ٿو.</verse>
				<verse number="14">بيهودگي هنن جي دل ۾ آهي، هو هميشہ خراب رِٿون پيو ڪري؛ هو فتنو فساد پيو پوکي.</verse>
				<verse number="15">تنهن ڪري هن جي آفت اوچتي ايندي؛ اوچتو ئي اوچتو هو ڀڄي ڀري ويندو ۽ ڪوبہ علاج ڪونہ ٿيندس.</verse>
				<verse number="16">ڇهہ شيون آهن جن کي خداوند ڌڪاري ٿو؛ هائو ست آهن، جن کان هن کي نفرت ٿي اچي.</verse>
				<verse number="17">مغرور اکيون، ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان، ۽ بي گناهہ رت وهائيندڙ هٿ؛</verse>
				<verse number="18">خراب خيالي رٿون رٿيندڙ دل، خرابيءَ ڏانهن تکا ڊوڙندڙ پير؛</verse>
				<verse number="19">ڪوڙ ڳالهائيندڙ ڪُساکي شاهد، ۽ ڀائرن ۾ جهيڙو وجهندڙ ماڻهو.</verse>
				<verse number="20">اي منهنجا پٽ، پنهنجي پيءُ جي حڪمن جي سنڀال رک، ۽ پنهنجي ماءُ جو قاعدو ڇڏي نہ ڏي.</verse>
				<verse number="21">انهن کي هميشہ پنهنجيءَ دل تي ٻڌي ڇڏ، ۽ پنهنجي ڳچيءَ جي چوڌاري ڳنڍ ڏيئي ڇڏين.</verse>
				<verse number="22">جڏهن هلندين تڏهن اُهو تنهنجي هدايت ڪندو؛ جڏهن تون سمهندين تڏهن اُهو تنهنجي مٿان پهرو ڏيندو؛ ۽ جڏهن تون جاڳندين تڏهن اهو تو سان ڳالهائيندو.</verse>
				<verse number="23">ڇالاءِ جو حڪم هڪڙو ڏيئو آهي؛ ۽ قاعدو نور آهي؛ ۽ تعليم جون فهمائشون حياتيءَ جو رستو آهن:</verse>
				<verse number="24">انهيءَ لاءِ تہ توکي خراب زال کان، ۽ ڌارين جي خوشامد کان بچائين.</verse>
				<verse number="25">انهيءَ جي سونهن جي پٺيان پنهنجي دل ۾ خواهش نہ رک؛ ۽ نہ هن کي ڇڏ تہ توکي پنهنجين اکين جي ڇپرن سان گرفتار ڪري.</verse>
				<verse number="26">ڇالاءِ جو هڪڙي ڪسبياڻيءَ زال جي ڪري ماڻهو لهي اچي مانيءَ جي ٽڪر تي ٿو بيهي: ۽ زناڪار زال قيمتي حياتيءَ جو شڪار ٿي ڪري.</verse>
				<verse number="27">ماڻهو ڪو باهہ پنهنجي سيني ۾ کڻي سگهندو ڇا، ۽ سندس ڪپڙا نہ سڙندا؟</verse>
				<verse number="28">يا ڪو ٻرندڙ ٽانڊن تي هلندو ڇا، ۽ سندس پير نہ سڙندا؟</verse>
				<verse number="29">ساڳيءَ طرح جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال سان صحبت ڪري ٿو؛ جيڪو اُن کي هٿ لائي ٿو، سو سزا جي لائق ٿيندو.</verse>
				<verse number="30">جيڪو چور بک جي ڪري پنهنجي روح کي راضي رکڻ لاءِ چوري ٿو ڪري، تہ ماڻهو انهيءَ کي ڌڪارين نٿا:</verse>
				<verse number="31">پر جي هو هٿ اچي ويندو تہ هو ستوڻو مال ڀري ڏيندو؛ هو پنهنجي گهر جو سمورو مال ڏيندو.</verse>
				<verse number="32">جيڪو ڪنهن زال سان زنا ڪري ٿو سو سمجهہ کان خالي آهي؛ جيڪو اهو ڪندو سو پنهنجي جان ناس ڪندو.</verse>
				<verse number="33">هن کي زخم رسندا ۽ بي عزت ٿيندو؛ ۽ هن جي خواري گم ٿي نہ ويندي.</verse>
				<verse number="34">ڇالاءِ جو غيرت ماڻهوءَ جو جوش آهي؛ ۽ وير وٺڻ واري ڏينهن هو ڪوبہ قياس نہ ڪندو.</verse>
				<verse number="35">هو ڪنهن بہ عيوضي تي ڌيان نہ ڏيندو؛ جيتوڻيڪ تون هن کي گهڻيون سوکڙيون ڏيندين تہ بہ هو راضي نہ رهندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">اي منهنجا پٽ، منهنجين ڳالهين جي سنڀال ڪج، ۽ منهنجا حڪم پاڻ وٽ سانڍي رکج.</verse>
				<verse number="2">منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪر ۽ جيئندو رهہ؛ ۽ منهنجي قاعدي کي پنهنجي اک جي ماڻڪيءَ وانگر سنڀال.</verse>
				<verse number="3">انهن کي پنهنجين آڱرين تي ٻڌي ڇڏ؛ انهن کي پنهنجي دل جي تختيءَ تي لکي ڇڏ.</verse>
				<verse number="4">ڏاهپ کي چئُہ تہ تون منهنجي ڀيڻ آهين؛ ۽ سمجهہ کي پنهنجي مائٽياڻي سڏ:</verse>
				<verse number="5">تہ اُهي توکي ڌارين زالن کان بچائين، اها ڌاري زال جا پنهنجي ٻولن سان تنهنجي خوشامد ڪري ٿي.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو پنهنجي گهر جي دريءَ مان، مون ڳڙکين مان ٻاهر نهاريو؛</verse>
				<verse number="7">۽ مون ڀورڙن ماڻهن منجهہ ڏٺو ۽ جوانن منجهہ بہ ڏٺم، ۽ هڪڙو بي سمجهہ جوان سهي ڪيم،</verse>
				<verse number="8">جو گهٽيءَ مان هن جي ڪنڊ جي ڀرسان لنگهيو ٿي ويو، ۽ هو اُهو رستو ڏيئي انهيءَ جي گهر ۾ ويو؛</verse>
				<verse number="9">ڏينهن لهڻ مهل شام جو شفق ۾، رات جي ڪارنهن ۽ اونداهيءَ ۾،</verse>
				<verse number="10">۽ ڏس، هن کي هڪڙي زال گڏي، جنهن کي ڪڃريءَ جهڙي پوشاڪ پيئي هئي ۽ دل جي مڪار هئي.</verse>
				<verse number="11">هوءَ بڪ بڪ ڪندڙ ۽ خود خيال آهي؛ هن جا پير پنهنجي گهر ۾ نٿا ٽڪن:</verse>
				<verse number="12">ڪڏهن هوءَ گهٽين ۾ آهي، ڪڏهن ڪشادن ميدانن ۾، ۽ سڀ ڪنهن ڪنڊ تي ڇپ هڻي ويهي ٿي.</verse>
				<verse number="13">ائين هن زال انهيءَ ماڻهوءَ کي پڪڙي چُمي ڏني، ۽ بي حيا منهن سان هن کي چوڻ لڳي:</verse>
				<verse number="14">تہ سلامتيءَ جي نذرانن جون قربانيون مون سان آهن؛ اڄوڪي ڏينهن مون پنهنجون مڃتائون پوريون ڪيون آهن.</verse>
				<verse number="15">تنهن ڪري آءٌ توکي گڏجڻ لاءِ نڪري آئي آهيان، ڏاڍيءَ ڪوشش سان تنهنجي منهن جي تلاش پئي ڪيم ۽ هاڻ مون توکي لڌو آهي.</verse>
				<verse number="16">مون پنهنجي پلنگ تي نقشدار غاليچا، ۽ مصر جا سوٽي پٽاپٽي ڪپڙا وڇايا آهن.</verse>
				<verse number="17">مون پنهنجي هنڌ کي مر ۽ عود ۽ دالچينيءَ سان خوشبوءِ دار ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="18">اچ تہ هلي صبح تائين پيٽ ڀري پاڻ ۾ محبت ونڊيون؛ پاڻ کي پيار سان تسلي ڏيون.</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ جو منهنجو مڙس گهر ڪونهي؛ پر وڏي پنڌ جي سفر تي ويو آهي:</verse>
				<verse number="20">هو پاڻ سان ناڻي جي ڳوٿري کڻي ويو آهي؛ هو ڀرئي چنڊ گهر ايندو.</verse>
				<verse number="21">ڏاڍيءَ مٺيءَ ٻوليءَ سان هوءَ هن کي قبول ڪرائي ٿي، ۽ پنهنجن چپن جي چاپلوسيءَ سان هن کي زور ڪري وٺي وڃي ٿي.</verse>
				<verse number="22">هو سڌو هن جي پٺيان هليو وڃي ٿو، جيئن ڪو ڏاند ڪوس تي وڃي يا جيئن زنجيرن ۾ بي عقل سزا لاءِ وڃن؛</verse>
				<verse number="23">تان جو هڪڙو تير هن جي جگر مان لنگهي وڃي ٿو؛ جيئن ڪو پکي ڊوڙي وڃي دام ۾ پوي، ۽ خبر نہ پويس تہ اهو سندس ساهہ لاءِ آهي.</verse>
				<verse number="24">تنهن ڪري هاڻي اي منهنجا پٽ، منهنجي ڳالهہ ٻڌو ۽ جيڪي لفظ منهنجي واتان نڪرن ٿا تن تي ڌيان ڏيو.</verse>
				<verse number="25">پنهنجي دل کي هن جي رستن ڏي ڦرڻ متان ڏين، گمراهہ ٿي هن جي واٽن ۾ متان وڃين.</verse>
				<verse number="26">ڇالاءِ جو هن گهڻن کي ڦٽي اُڇلائي ڇڏيو آهي: هائو جن سڀني کي هن ڪهي ڇڏيو آهي سي هڪڙو وڏو لشڪر آهن.</verse>
				<verse number="27">هن جو گهر قبر ۾ وڃڻ جو رستو آهي، جو لهي موت جي ڪوٺين ڏانهن ٿو وڃي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">ڏاهپ رڙيون نٿي ڪري ڇا، ۽ سمجهہ وڏي سڏ نٿي پڪاري ڇا؟</verse>
				<verse number="2">رستي جي ڀرسان مٿانهين جاين تي، جتي واٽون اچيو ٿيون گڏ ٿين، اتي هوءَ بيهي ٿي؛</verse>
				<verse number="3">شهر جي لنگهہ تي دروازن جي ڀرسان، جتان ماڻهو درن مان لنگهي اندر اچن ٿا، اُتي هوءَ وڏي سڏ پڪاري ٿي:</verse>
				<verse number="4">تہ اي انسان، اوهان کي آءٌ سڏيان ٿي، ۽ منهنجو آواز بني انسان لاءِ آهي.</verse>
				<verse number="5">اڙي ڀورڙا، اوهين هوشياري پروڙيو؛ ۽ اڙي بيوقوف، اوهين سمجهو دل وارا ٿيو.</verse>
				<verse number="6">ٻڌو جو آءٌ تمام عمديون ڳالهيون ٻڌائينديس؛ ۽ منهنجن چپن جي کلڻ سان سچيون ڳالهيون نڪرن ٿيون.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو منهنجو وات سچ ڳالهائيندو، ۽ شرارت منهنجي چپن جي لاءِ نفرت جهڙي شيءِ آهي.</verse>
				<verse number="8">منهنجي وات جون سڀ ڳالهيون سچائيءَ واريون آهن؛ ۽ انهن ۾ ڪوبہ ڏنگ يا ڏانوَ ڪونهي.</verse>
				<verse number="9">جيڪو سمجهي ٿو تنهنجي لاءِ اُهي سڀ صاف آهن، ۽ جن کي علم حاصل آهي تن جي لاءِ اهي سچيون آهن.</verse>
				<verse number="10">منهنجي تعليم وٺو ۽ نہ چاندي؛ ۽ خالص سون کي ڇڏي بہ علم وٺو.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو ڏاهپ لعلن کان بهتر آهي؛ ۽ اُهي سڀ شيون جي خواهش ڪرڻ جهڙيون آهن، سي انهيءَ سان مقابلي ڪرڻ جون نہ آهن.</verse>
				<verse number="12">مون ڏاهپ، هوشياريءَ کي پنهنجو گهر ڪيو آهي، ۽ آءٌ علم ۽ سياڻپ کي ڳولي لهان ٿي.</verse>
				<verse number="13">خدا جو خوف بديءَ کي ڌڪارڻ ۾ آهي: مغروريءَ، هٺ، ۽ بڇڙي واٽ، ۽ بيهودي وات کي آءٌ ڌڪاريان ٿي.</verse>
				<verse number="14">مصلحت ۽ پوري ڄاڻپ منهنجي آهي؛ آءٌ سمجهہ آهيان؛ مون کي طاقت آهي.</verse>
				<verse number="15">منهنجي وسيلي بادشاهہ راڄ ٿا ڪن، ۽ حاڪم انصاف جو فيصلو ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="16">منهنجي وسيلي حاڪم ۽ امير، بلڪ زمين جا سڀ منصف حڪم ٿا هلائين.</verse>
				<verse number="17">جيڪي مون کي پيار ڪن ٿا تن کي آءٌ بہ پيار ڪريان ٿي، ۽ جيڪي مون کي محنت ڪري ڳولين ٿا سي مون کي لهندا.</verse>
				<verse number="18">دولت ۽ عزت مون وٽ آهي، هائو بقا ڪندڙ دولت ۽ سچائي.</verse>
				<verse number="19">منهنجو ميوو سون کان، هائو عمدي سون کان بهتر آهي؛ ۽ منهنجي پيدائش عمديءَ چانديءَ کان بهتر آهي.</verse>
				<verse number="20">آءٌ سچائيءَ جي رستي تي، ۽ عدالت جي واٽن جي وچان هلان ٿي:</verse>
				<verse number="21">انهيءَ لاءِ تہ جيڪي مون سان محبت رکن ٿا تن کي مال ملڪيت ورثي ۾ ڏيان، ۽ انهن جا خزانا ڀريان.</verse>
				<verse number="22">خداوند عالم جي شروعات ۾، قديم وقت ۾ پنهنجن ڪمن کان اڳي مون کي ٿي رکيو.</verse>
				<verse number="23">آءٌ ازل کان، شروعات کان وٺي، ۽ زمين جي پيدا ٿيڻ کان اڳي، مقرر ڪئي ويئي هيس.</verse>
				<verse number="24">جڏهن اڃا وڏا سمنڊ ڪين هئا تڏهن آءٌ پيدا ڪئي ويئي هيس؛ جڏهن اڃا چشما پاڻيءَ سان ڀريل نہ هئا.</verse>
				<verse number="25">جبلن جي قائم ٿيڻ کان اڳي، ۽ ٽڪرن کان اڳي آءٌ پيدا ڪئي ويئي هيس:</verse>
				<verse number="26">جڏهن اڃا نہ زمين جوڙي ويئي هئي، نہ ميدان، ۽ نہ دنيا جي شروعات واري مٽي.</verse>
				<verse number="27">جڏهن هن آسمان بنايا تڏهن آءٌ اُتي هيس: جڏهن هن سمنڊ جي سطح تي گهيرو ڪيو:</verse>
				<verse number="28">جڏهن مٿي هن آسمانن کي مضبوط ڪيو: جڏهن اونهائيءَ جا چشما مضبوط ٿيا:</verse>
				<verse number="29">جڏهن هن سمنڊ جي حد ٺهرائي، تہ پاڻي هن جي حڪم کان ٻاهر نہ وڃي: جڏهن هن زمين جي بنياد جو نشان ڪڍيو:</verse>
				<verse number="30">تڏهن آءٌ استاد ڪاريگر وانگر ساڻس هيس: ۽ ڏهاڙي هو مون مان خوش ٿيندو هو، ۽ آءٌ هميشہ هن جي اڳيان خوش رهندي هيس؛</verse>
				<verse number="31">هن جي زمين جي وسندڙ ڀاڱي ۾ آءٌ خوشيون ڪندي هيس، ۽ انسانن جي صحبت ۾ مون کي خوشي حاصل ٿيندي هئي.</verse>
				<verse number="32">تنهن ڪري هاڻي، اي منهنجا پٽ، منهنجي ڳالهہ ڌيان ڏيئي ٻڌو؛ ڇالاءِ جو سڀاڳا آهن اهي جي منهنجن رستن جي سنڀال ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="33">تعليم ٻڌو، ۽ ڏاها ٿيو، ۽ انهيءَ کان انڪار نہ ڪريو.</verse>
				<verse number="34">سڀاڳو آهي اُهو ماڻهو جو منهنجي ٻڌي ٿو، ۽ هر روز منهنجن دروازن تي خبردار ٿي بيهي ٿو، ۽ منهنجن درن جي چانئٺ تي منتظر ٿي بيهي ٿو.</verse>
				<verse number="35">ڇالاءِ جو جيڪو مون کي لهي ٿو سو حياتي لهي ٿو، ۽ اهو خداوند جو فضل حاصل ڪندو.</verse>
				<verse number="36">پر جيڪو منهنجي برخلاف گناهہ ڪري ٿو سو پنهنجي روح تي ظلم ٿو ڪري: جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا سي سڀ موت کي پيار ٿا ڪن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">ڏاهپ پنهنجو گهر جوڙيو آهي، هن پنهنجا ست ٿنڀ ٽڪي ڪڍيا آهن؛</verse>
				<verse number="2">هن پنهنجا جانور ذبح ڪيا آهن؛ هن پنهنجو شراب گڏيو آهي؛ هن پنهنجو دسترخانو بہ وڇايو آهي.</verse>
				<verse number="3">هن پنهنجون ٻانهيون موڪليون آهن، هوءَ شهر جي تمام مٿانهين جاين تي پڪاري چوي ٿي تہ</verse>
				<verse number="4">جيڪو ڀورڙو آهي سو ڀلي تہ هتي اچي: جنهن کي سمجهہ ڪانهي تنهن کي هوءَ چوي ٿي، تہ</verse>
				<verse number="5">اچي منهنجي مانيءَ مان کاءُ، ۽ جيڪو شراب مون گڏيو آهي تنهن مان پيءُ.</verse>
				<verse number="6">بي عقلي ڇڏي ڏيو ۽ جيئندا رهو؛ ۽ سمجهہ جي رستي تي هلو.</verse>
				<verse number="7">جيڪو ٺٺولي ڪندڙ کي سيکت ڏئي ٿو سو پنهنجي لاءِ شرم حاصل ڪري ٿو، ۽ جيڪو شرير ماڻهوءَ کي ملامت ڪري ٿو سو پاڻ تي داغ آڻي ٿو.</verse>
				<verse number="8">ٺٺولي ڪندڙ کي ملامت نہ ڪر تہ متان هو توکي ڌڪاري: ڪنهن ڏاهي ماڻهوءَ کي ملامت ڪر تہ اُهو توکي پيار ڪندو.</verse>
				<verse number="9">ڏاهي ماڻهوءَ کي تعليم ڏي تہ هو اڃا بہ وڌيڪ ڏاهو ٿيندو: سچي ماڻهوءَ کي سيکار تہ هن جو علم زيادہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="10">خداوند جو خوف ڏاهپ جو منڍ آهي، ۽ پاڪ خدا جي سياڻپ سمجهہ آهي.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو منهنجي وسيلي تنهنجا ڏينهن وڌندا، ۽ تنهنجي حياتيءَ جا ورهيہ زيادہ ٿيندا.</verse>
				<verse number="12">جيڪڏهن تون ڏاهو آهين تہ پنهنجي لاءِ ڏاهو آهين: ۽ جيڪڏهن تون ٺٺوليون ڪندين تہ تون ئي انهيءَ جو بار کڻندين.</verse>
				<verse number="13">بي عقل زال بڪ بڪ ڪندڙ آهي: هوءَ ڀورڙي آهي ۽ ڪجهہ نٿي ڄاڻي.</verse>
				<verse number="14">هوءَ پنهنجي گهر جي در تي ويهي ٿي. شهر جي مٿانهين جاين ۾ هڪڙيءَ ڪرسيءَ تي.</verse>
				<verse number="15">انهيءَ لاءِ تہ جيڪي اتان لنگهن ۽ پنهنجو رستو ڏيئي وڃن تن کي سڏي چوي تہ،</verse>
				<verse number="16">جيڪو ڀورڙو هجي سو ڦري هيڏانهن اچي؛ ۽ جنهن کي سمجهہ ڪانهي تنهن کي هو چوي ٿي تہ،</verse>
				<verse number="17">چورايل پاڻي مٺو ٿو ٿئي، ۽ جيڪا ماني لڪي ٿي کائجي سا چڱي ٿي لڳي.</verse>
				<verse number="18">پر هو نہ ٿو ڄاڻي تہ مئل اتي آهن؛ ۽ ان جا مهمان قبر جي تري ۾ آهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">سليمان جا مثل. ڏاهو پٽ پيءُ کي خوش ڪري ٿو: پر بي عقل پٽ پنهنجي ماءُ جي دل جو بار آهي.</verse>
				<verse number="2">شرارت جا خزانا ڪوبہ فائدو نٿا رسائين؛ پر سچائي موت کان ڇڏائي ٿي.</verse>
				<verse number="3">خداوند سچن جي روح کي بک مرڻ، نہ ڏيندو: پر هو شريرن جي خواهش برباد ڪيو ڇڏي.</verse>
				<verse number="4">جيڪو ڍري هٿ سان ڪم ڪري ٿو سو ڪنگال ٿئي ٿو: پر محنتيءَ جو هٿ مالدار ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="5">جيڪو اونهاري ۾ گڏ ڪري رکي ٿو سو ڏاهو پٽ آهي: پر جيڪو لابارن جي موسم ۾ سمهي ٿو سو پٽ شرمندگي پيدا ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="6">سچي جي مٿي تي برڪتون آهن: پر شرير جي وات کي ظلم ڍڪي ڇڏي ٿو.</verse>
				<verse number="7">انصاف واري جي يادگيري برڪت واري آهي: پر شرير جو نالو سڙي ڪِنو ٿيندو.</verse>
				<verse number="8">ڏاهي دل وارو حڪم قبول ڪندو: پر بڪ بڪيو بيوقوف ڪرندو.</verse>
				<verse number="9">جيڪو سنئون سڌو هلي ٿو سو سلامتيءَ سان هلي ٿو: پر جيڪو ڏنگا رستا وٺي ٿو سو سڃاتو ويندو.</verse>
				<verse number="10">جيڪو اک ڇنڀي ٿو سو ڏک پيدا ڪري ٿو؛ پر بڪ بڪيو بيوقوف ڪرندو.</verse>
				<verse number="11">سچي جو وات حياتيءَ جو چشمو آهي: پر شريرن جي وات کي ظلم ڍڪي ڇڏي ٿو.</verse>
				<verse number="12">ڌڪار جهيڙا جهڳڙا پيدا ڪري ٿي: پر پيار سڀ گناهہ ڍڪي ڇڏي ٿو.</verse>
				<verse number="13">سياڻپ واري جي چپن ۾ ڏاهپ لڀي ٿي: پر جنهن کي سمجهہ ڪانهي تنهنجي پٺن لاءِ لڪڻ آهي.</verse>
				<verse number="14">ڏاها ماڻهو علم گڏ ڪن ٿا: پر بي عقل جو وات هڪڙو ترت موت آهي.</verse>
				<verse number="15">دولتمند ماڻهوءَ جي دولت سندس مضبوط شهر آهي: پر غريب ماڻهوءَ جي غريبي سندس ناس ٿيڻ جو سبب آهي.</verse>
				<verse number="16">سچي جو پورهيو حياتيءَ جو سبب آهي؛ پر شرير جو وڌڻ گناهہ جو سبب آهي.</verse>
				<verse number="17">جيڪو تعليم تي ڌيان ڏئي ٿو سو حياتيءَ جي رستي تي آهي: پر جيڪو ملامت کي ڇڏي ڏئي ٿو سو گمراهہ ٿئي ٿو.</verse>
				<verse number="18">جيڪو ڌڪار لڪائي ٿو، تنهن جا چپ ڪوڙ ڳالهائيندڙ آهن؛ ۽ جيڪو گلا غيبت ٿو ڪري سو بيوقوف آهي.</verse>
				<verse number="19">گهڻي ڳالهائڻ ۾ گناهہ جي ڪوتاهي ڪانهي: پر جيڪو پنهنجن چپن کي روڪي ٿو سو ڏاهپ جو ڪم ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="20">سچي جي زبان عمدي چاندي آهي: شرير جي دل جو ڪوبہ ملهہ ڪونهي.</verse>
				<verse number="21">سچن جا چپ گهڻن کي کاڌو ڏين ٿا ۽ بي عقل سمجهہ نہ ڌارڻ ڪري مرن ٿا.</verse>
				<verse number="22">خداوند جي برڪت دولتمند ڪري ٿي، ۽ هو انهيءَ تي ڏک نٿو وڌائي.</verse>
				<verse number="23">شرارت ڪرڻ بي عقل جي لاءِ هڪڙي راند آهي: ۽ سمجهہ واري جي لاءِ ڏاهپ بہ ائين ئي آهي.</verse>
				<verse number="24">شرير جو ڊپ سندس سر تي ايندو: ۽ سچي جي مراد پوري ڪئي ويندي.</verse>
				<verse number="25">جڏهن واچوڙو لنگهي ٿو، تڏهن شرير گم ٿي وڃي ٿو: پر سچي جو بنياد سدائين قائم آهي.</verse>
				<verse number="26">جيئن سرڪو ڏند لاءِ دونهون اکين لاءِ، تيئن سست ماڻهو انهن لاءِ جي هن کي موڪلين ٿا.</verse>
				<verse number="27">خدا جو خوف حياتيءَ جا ڏينهن وڌائي ٿو: پر شرير جا ورهيہ گهٽايا ويندا.</verse>
				<verse number="28">سچي جي اُميد خوشي ٿيندي: پر شرير جي آس چٽ ٿي ويندي.</verse>
				<verse number="29">خداوند جو رستو سچي جي لاءِ هڪڙو مضبوط ڪوٽ آهي: پر گناهہ ڪندڙن جي لاءِ موت آهي.</verse>
				<verse number="30">سچا ڪڏهن بہ چوريا نہ ويندا: پر شرير ملڪ ۾ ڪڏهن بہ نہ رهندا.</verse>
				<verse number="31">سچن جي وات مان ڏاهپ ٿي نڪري: پر بيهودي زبان وڍي ويندي.</verse>
				<verse number="32">سچن جا چپ ڄاڻن ٿا تہ ڪهڙي ڳالهہ قبول پوڻ جهڙي آهي: پر شريرن جي وات مان بيهودي بڪ نڪري ٿي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">ڪوڙيءَ ساهميءَ کان خداوند کي نفرت اچي ٿي: پر سچيءَ تور ڪري هو خوش ٿئي ٿو.</verse>
				<verse number="2">جڏهن مغروري اچي ٿي تڏهن شرمندگي بہ اچي ٿي: پر ڏاهپ نماڻن وٽ آهي.</verse>
				<verse number="3">سچن جي سچائي هنن کي هدايت ڪري ٿي: پر دغابازن جي ڏنگائي کين ناس ڪندي.</verse>
				<verse number="4">دولت غضب جي ڏينهن ڪنهن بہ ڪم نہ ٿي اچي: پر سچائي موت کان ڇڏائي ٿي.</verse>
				<verse number="5">ڪامل جي سچائي ان جي رهنمائي ڪري ٿي: پر شرير پنهنجي ئي شرارت جي ڪري ڪري پوندو.</verse>
				<verse number="6">سچن جي سچائي کين ڇڏائيندي: پر جيڪي دغابازيءَ جي هلت ٿا ڪن سي خود پنهنجي ئي حرڪت ۾ ڦاسي پوندا.</verse>
				<verse number="7">جڏهن ڪو شرير ماڻهو مري ٿو، تڏهن اُنهي جي مراد بہ مرندي: ۽ ظالم ماڻهوءَ جي اُميد چٽ ٿي وڃي ٿي.</verse>
				<verse number="8">سچو تڪليف کان بچايو وڃي ٿو: ۽ شرير انهيءَ جي جاءِ تي اچي پوي ٿو.</verse>
				<verse number="9">بيدين ماڻهو پنهنجي وات سان پنهنجي پاڙيسريءَ کي ناس ڪري ٿو: پر سچو ماڻهو علم جي وسيلي بچايو ويندو.</verse>
				<verse number="10">جڏهن سچا چڱي حال ۾ آهن تڏهن شهر خوش ٿو رهي: ۽ جڏهن شرير مرن ٿا تڏهن خوشي ٿي ٿئي.</verse>
				<verse number="11">سچن جي دعا سان شهر جي ترقي ٿئي ٿي: پر شريرن جي ڳالهين ڪري اهو ناس ٿيو وڃي.</verse>
				<verse number="12">جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڌڪاري ٿو سو بي عقل آهي: پر سمجهہ وارو ماڻهو ماٺ ۾ گذاري ٿو.</verse>
				<verse number="13">جيڪو چغل خور آهي سو ڳجهہ ظاهر ڪري وجهي ٿو: پر جيڪو ايماندار روح وارو آهي سو ڳالهہ لڪائي ٿو.</verse>
				<verse number="14">جتي ڪا ڏاهپ جهڙي هدايت ڪانهي اتي خلق کي ڌڪو ٿو اچي: پر گهڻن صلاح مصلحت ڪندڙن ڪري سلامتي آهي.</verse>
				<verse number="15">جيڪو ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ جو ضامن آهي سو انهيءَ ڪري سور سهندو: پر جيڪو ضمانت کي ڌڪاري ٿو سو امن ۾ آهي.</verse>
				<verse number="16">مروت واري زال عزت واري رهي ٿي: پر ظالم دولتمند رهن ٿا.</verse>
				<verse number="17">رحم وارو ماڻهو خود پنهنجي جان سان ڀلائي ڪري ٿو: پر جيڪو ظالم آهي سو پنهنجي جسم کي تڪليف ۾ وجهي ٿو.</verse>
				<verse number="18">شرير ماڻهو ٺڳيءَ جي ڪمائي ڪمائي ٿو: پر جيڪو سچائي پوکي ٿو تنهن کي سچو انعام ملي ٿو.</verse>
				<verse number="19">جيڪو سچائيءَ تي پڪو آهي سو حياتي حاصل ڪندو: ۽ جيڪو برائيءَ جي پٺيان ٿو لڳي سو خود پنهنجي موت لاءِ ائين ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="20">جيڪي ڏنگيءَ دل وارا آهن تن کان خداوند کي نفرت ٿي اچي: پر جيڪي ڪامل رستي وارا آهن، تن مان هو خوش ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="21">جيتوڻيڪ هٿ هٿ سان گڏبو تہ بہ خراب ماڻهو بي سزا رهجي نہ ويندو: پر سچي جو اولاد بچايو ويندو.</verse>
				<verse number="22">جيئن ڪو سونو زيور سوئر جي نڪ ۾، تيئن اُها خوبصورت زال جنهن کي تميز ڪونهي:</verse>
				<verse number="23">سچي جي خواهش رڳي نيڪي آهي: پر شرير جي اميد غضب آهي.</verse>
				<verse number="24">ڪو اهڙو آهي جو گهڻو خرچي ٿو تہ بہ وڃي ترقي ڪندو؛ ۽ ڪو اهڙو آهي جو مناسب حد کان وڌيڪ ڪنجوسائي ڪري ٿو تہ بہ وڃي ڪنگال ٿيندو.</verse>
				<verse number="25">سخي دل وارو ٿلهو متارو ڪيو ويندو: ۽ جيڪو ٻئي کي پاڻي ڏئي ٿو تنهن کي پنهنجي لاءِ بہ پاڻي ڏنو ويندو.</verse>
				<verse number="26">جيڪو اَنُ گڏ ڪري روڪي رکي ٿو تنهن کي خلق پِٽيندي: پر جيڪو اُهو وڪڻي ٿو تنهنجي سر تي دعا نازل ٿيندي.</verse>
				<verse number="27">جيڪو ڪوشش ڪري نيڪي ڳولي ٿو سو مقبوليت ٿو ڳولي: پر جيڪو ڪنهن خرابيءَ جي ڳولا ۾ آهي، تنهن تي اُها پوندي.</verse>
				<verse number="28">جيڪو پنهنجي دولت تي ڀروسو ٿو رکي سو ڪرندو: پر سچو سائي وڻ وانگر وڌندو ويندو.</verse>
				<verse number="29">جيڪو خود پنهنجي گهراڻي کي تڪليف ٿو ڏئي، تنهن کي ورثي ۾ واءُ ملندو: ۽ بي عقل ڏاهي دل واري جو غلام ٿيندو.</verse>
				<verse number="30">سچي جو ڦل حياتيءَ جو وڻ آهي؛ ۽ جيڪو ڏاهو آهي سو دلين کي موهي وجهي ٿو.</verse>
				<verse number="31">ڏس، سچي کي زمين تي بدلو ڏنو ويندو: تڏهن شرير ۽ گنهگار کي ڪيترو نہ زيادہ ڏنو ويندو:</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">جيڪو سڌاري کي پيار ڪري ٿو سو علم کي پيار ڪري ٿو: پر جيڪو عتاب کي ڌڪاري ٿو سو حيوان آهي.</verse>
				<verse number="2">چڱو ماڻهو خداوند جي مهرباني حاصل ڪندو: پر خراب تجويزن واري ماڻهوءَ کي هو ڏوهي ٺهرائيندو.</verse>
				<verse number="3">ماڻهو شرارت جي ڪري قائم نہ رهندو: پر سچي جي پاڙ ڪڏهن بہ چورڻ جي ناهي.</verse>
				<verse number="4">نيڪ زال پنهنجي مڙس جو ڇٽ آهي: پر جيڪا شرمندگي ٿي آڻي سا اُن جي هڏن ۾ ساڙ وانگر آهي.</verse>
				<verse number="5">سچن جا خيال انصاف جهڙا آهن: پر شريرن جون مصلحتون ٺڳي آهن.</verse>
				<verse number="6">شريرن جون ڳالهيون خون ڪرڻ جي لاءِ لڪي ويهڻ جهڙيون آهن: پر سچن جو وات انهن کي ڇڏائي ٿو.</verse>
				<verse number="7">شرير اونڌا اُڇلايا وڃن ٿا ۽ هستيءَ ۾ ناهن: پر سچن جو گهر قائم بيٺو رهندو.</verse>
				<verse number="8">ماڻهو پنهنجي ڏاهپ آهر ساراهيو ويندو: پر جيڪو ڏنگيءَ دل وارو آهي سو ڌڪاريو ويندو.</verse>
				<verse number="9">اُهو ماڻهو جو گهٽ قدر وارو آهي ۽ جنهن کي ڪو نوڪر آهي سو انهيءَ کان بهتر آهي، جو پاڻ کي عزت ٿو ڏئي پر ماني ڪانہ اٿس.</verse>
				<verse number="10">سچو ماڻهو پنهنجي جانور جي ساهہ جي سنڀال رکي ٿو: پر شريرن جون رحم جهڙيون مهربانيون بہ ظلم جهڙيون آهن.</verse>
				<verse number="11">جيڪو پنهنجي زمين پوکي ٿو تنهن کي ججهي ماني ملندي: پر جيڪو اجاين شين جي پٺيان لڳي ٿو سو سمجهہ کان خالي آهي.</verse>
				<verse number="12">شرير خراب ماڻهن جو ڄار چاهي ٿو: پر سچي جي پاڙ ڦر پيدا ڪري ٿي.</verse>
				<verse number="13">چپن جي گنهگاريءَ ۾ خراب ڦانڌو آهي: پر سچو ماڻهو تڪليف مان نڪري ايندو.</verse>
				<verse number="14">ماڻهو پنهنجي ڪلام جي وسيلي چڱائيءَ سان ڍءُ ڪندو: ۽ هن جي هٿن جو ڪيتو کيس ڏنو ويندو.</verse>
				<verse number="15">بي عقل جو رستو سندس نظر ۾ سنئون آهي: پر جيڪو ڏاهو آهي سو مصلحت ٻڌي ٿو.</verse>
				<verse number="16">بي عقل جي چڙ هڪدم معلوم ٿي وڃي ٿي: پر سياڻو ماڻهو خواري لڪائي ڇڏي ٿو.</verse>
				<verse number="17">جيڪو سچ چوي ٿو سو سچائي ظاهر ڪري ٿو، پر ڪوڙو شاهد ٺڳي ظاهر ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="18">ڪو اهڙو بہ آهي جو اُٻهرو ڳالهائي ترار وانگر گهائل ٿو ڪري: پر ڏاهي جي زبان صحت بخش آهي.</verse>
				<verse number="19">سچ جي ڳالهہ هميشہ قائم رهندي: پر ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان رڳو هڪڙي لحظي لاءِ آهي.</verse>
				<verse number="20">جيڪي خرابيءَ جون رٿون ڪن ٿا تن جي دل ۾ ٺڳي آهي: پر صلح جي مصلحت ڪرڻ وارن لاءِ خوشي آهي.</verse>
				<verse number="21">سچي کي ڪوبہ نقصان نہ رسندو: پر شرير خرابيءَ سان ڀرجي ويندو.</verse>
				<verse number="22">ڪوڙ ڳالهائيندڙ چپن کان خداوند کي نفرت ٿي اچي: پر جي سچائيءَ سان هلت ٿا ڪن تن مان هن کي خوشي ٿئي ٿي.</verse>
				<verse number="23">سياڻو ماڻهو علم لڪائي ٿو: پر بي عقلن جي دل بي عقليءَ جو ڍنڍورو ڏئي ٿي.</verse>
				<verse number="24">محنتي ماڻهوءَ جو هٿ حڪمراني ڪندو: پر سست ماڻهوءَ کان زور سان سخت ڪم ورتو ويندو.</verse>
				<verse number="25">دل جو فڪر ماڻهوءَ کي جهڪائي ڇڏي ٿو، پر چڱي گفتگو انهيءَ کي خوش ڪري ٿي.</verse>
				<verse number="26">سچو پنهنجي پاڙيسريءَ جو رهنما آهي: پر شريرن جو رستو انهن کي گمراهہ ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="27">سست ماڻهو جيڪو شڪار پڪڙي ٿو سو ڪباب نٿو ڪري: پر ماڻهن جو قيمتي مال محنتيءَ جي لاءِ آهي.</verse>
				<verse number="28">سچائيءَ جي رستي ۾ حياتي آهي؛ ۽ ان جي دڳ تي موت ڪونهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">ڏاهو پٽ پنهنجي پيءُ جي تعليم ٻڌي ٿو: پر ٺٺولي ڪندڙ ملامت نٿو ٻڌي.</verse>
				<verse number="2">ماڻهو پنهنجي وات جي ڦل جي ڪري چڱائي کائيندو: پر دغابازن جي روح لاءِ ظلم زبردستي آهي.</verse>
				<verse number="3">جيڪو پنهنجو وات سنڀالي ٿو سو پنهنجي حياتي سنڀالي ٿو: پر جيڪو پنهنجا چپ وڏا ٿو پٽي سو ناس ٿي ويندو.</verse>
				<verse number="4">سست ماڻهو خواهش ڪري ٿو، ۽ حاصل ڪجهہ بہ نٿو ٿئيس: پر محنتي ماڻهوءَ جي جان ٿلهي ٿي ٿئي.</verse>
				<verse number="5">سچو ماڻهو ڪوڙ ڳالهائڻ کي ڌڪاري ٿو: پر شرير ماڻهو نفرت جهڙو آهي، ۽ نيٺ شرمندو ٿئي ٿو.</verse>
				<verse number="6">سچائي انهيءَ جي نگهباني ڪري ٿي جو پنهنجي رستي ۾ سچو آهي: پر شرارت گنهگار کي اونڌو اُڇلايو ڇڏي.</verse>
				<verse number="7">ڪو اهڙو بہ آهي جو پاڻ کي دولتمند ڪري ٿو، تہ بہ وٽس ڪي ڪين آهي: ڪو اهڙو بہ آهي جو پاڻ کي غريب ڪري ٿو، تہ بہ وٽس گهڻي دولت آهي.</verse>
				<verse number="8">دولتمند جي حياتيءَ جو عيوضو سندس دولت آهي: پر غريب ڪوبہ دڙڪو ڪونہ ٿو ٻڌي.</verse>
				<verse number="9">سچن جي روشني چمڪي ٿي: پر شريرن جو ڏيئو اُجهامي ويندو.</verse>
				<verse number="10">مغروريءَ مان فقط تڪرار پيدا ٿئي ٿو: پر چڱي صلاح مصلحت ڪرڻ وارن وٽ ڏاهپ آهي.</verse>
				<verse number="11">اجائي هلت سان حاصل ڪيل دولت گهٽجي ويندي: پر جيڪو پورهيو ڪري اُها گڏ ڪري ٿو تنهنجي وڌندي ويندي.</verse>
				<verse number="12">ترسايل اُميد دل کي بيمار ڪري ٿي: پر جڏهن مراد پوري ٿئي ٿي تڏهن اُها حياتيءَ جو وڻ آهي.</verse>
				<verse number="13">جيڪو ڪلام کي ڌڪاري ٿو سو پاڻ کي ناس ڪري ٿو: پر جيڪو حڪم کان ڊڄي ٿو تنهن کي انعام ملندو.</verse>
				<verse number="14">ڏاهن جي تعليم حياتيءَ جو چشمو آهي، جنهن ڪري موت جي ڦانڌن مان ڇُٽجي ٿو.</verse>
				<verse number="15">چڱي سمجهہ قبوليت ٿي بخشي: پر دغابازن جو رستو ڏکيو آهي.</verse>
				<verse number="16">سڀڪو سياڻو ماڻهو علم سان ڪم ڪري ٿو: پر بي عقل بي عقلي پکيڙي ٿو.</verse>
				<verse number="17">شرير قاصد خرابيءَ ۾ ڦاسي پوي ٿو: پر ايماندار ايلچي تندرستي آڻيندڙ آهي.</verse>
				<verse number="18">جيڪو سيکت قبول نٿو ڪري تنهن کي غريبي ۽ شرمندگي حاصل ٿيندي: پر جيڪو عتاب تي ڌيان ڏئي ٿو سو عزت حاصل ڪندو.</verse>
				<verse number="19">حاصل ٿيل مراد دل کي مٺي ٿي لڳي: پر برائيءَ کان پري ڀڄڻ بي عقلن جي لاءِ نفرت جهڙي ڳالهہ آهي.</verse>
				<verse number="20">ڏاهن سان گهم ڦر تہ تون بہ ڏاهو ٿين: پر بي عقلن جو سنگتي انهيءَ لاءِ هلاک ٿيندو.</verse>
				<verse number="21">بدي گنهگارن جي پٺيان پوي ٿي: پر سچن کي چڱو بدلو ملي ٿو.</verse>
				<verse number="22">چڱو ماڻهو پنهنجي اولاد جي اولاد لاءِ بہ ورثو ڇڏي ٿو؛ پر گنهگارن جي دولت سچن جي لاءِ سانڍي رکيل آهي.</verse>
				<verse number="23">غريبن جي ٻنيءَ ۾ گهڻو اَنُ آهي: پر اهڙا بہ ڪي آهن جي بي انصافيءَ جي ڪري ناس ٿا ٿين.</verse>
				<verse number="24">جيڪو پنهنجو لڪڻ نٿو ڪم آڻي سو پنهنجي پٽ کي ڌڪاري ٿو: پر جيڪو انهيءَ کي پيار ڪري ٿو سو بروقت انهيءَ کي سيکت ڏئي ٿو.</verse>
				<verse number="25">سچو پيٽ ڀري کائي خوش ٿئي ٿو: پر بي عقل جو پيٽ ڀرجڻ جو ناهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">سڀڪا ڏاهي زال پنهنجو گهر اڏي ٿي: پر بي عقل زال انهيءَ کي پنهنجن هٿن سان ڊاهي ڇڏي ٿي.</verse>
				<verse number="2">جيڪو سنئون سڌو هلڻ وارو آهي سو خداوند کان ڊڄي ٿو: پر جيڪو ڏنگن رستن وارو آهي سو ان کي ڌڪاري ٿو.</verse>
				<verse number="3">بي عقلن جي وات ۾ مغروريءَ جي لٺ آهي: پر ڏاهن جا چپ انهن کي بچائين ٿا.</verse>
				<verse number="4">جتي ڏاند ناهن اتي آهرو صاف ٿو رهي: پر اَن جي زيادہ پيدائش ڏاند جي مضبوطائيءَ جي ڪري آهي.</verse>
				<verse number="5">ايماندار شاهد ڪوڙ ڪين ڳالهائيندو: پر ڪوڙو شاهد ڪوڙ ڳالهائي ٿو.</verse>
				<verse number="6">ٺٺولي ڪندڙ ماڻهو ڏاهپ کي ڳولي ٿو پر انهيءَ کي لهي نٿو: مگر جنهن کي سمجهہ آهي تنهن کي علم آسانيءَ سان ملي ٿو.</verse>
				<verse number="7">بي عقل ماڻهوءَ جي روبرو ويندين تہ هن ۾ علم وارا چپ نہ ڏسندين.</verse>
				<verse number="8">سياڻي ماڻهوءَ جي ڏاهپ اها آهي تہ پنهنجو رستو سمجهي: پر بي عقلن جي بي عقلي ٺڳي آهي.</verse>
				<verse number="9">بي عقل گناهہ تي ٺٺولي ڪن ٿا: پر سچن ۾ چڱي نيت آهي.</verse>
				<verse number="10">دل پنهنجي ڪَڙاڻ پاڻ ڄاڻي ٿي: ۽ ڪو ڌاريو انهيءَ جي خوشيءَ ۾ دست اندازي نٿو ڪري.</verse>
				<verse number="11">شرير جو گهر ڪري پوندو: پر سچي جو تنبو آباد رهندو ايندو.</verse>
				<verse number="12">هڪڙو رستو آهي جو ماڻهوءَ کي سنئون ٿو ڏسجي، پر اُن جي پڇاڙيءَ ۾ موت جا رستا آهن.</verse>
				<verse number="13">کلڻ مهل بہ دل غمگين ٿي رهي؛ ۽ خوشيءَ جي پڇاڙي غم آهي.</verse>
				<verse number="14">گمراهہ دل وارو پنهنجن رستن سان ڀريل رهندو: ۽ چڱو ماڻهو پاڻ منجهان ئي راضي رهندو.</verse>
				<verse number="15">ڀورڙو ماڻهو سڀ ڪنهن ڳالهہ تي ويساهہ ڪري ٿو: پر سياڻو ماڻهو پنهنجي هلڻ ڏي چڱيءَ طرح نهاري ٿو.</verse>
				<verse number="16">ڏاهو ماڻهو ڊڄي ٿو، ۽ بديءَ کان پري ڀڄي ٿو: پر بي عقل بي حيا ٿي هلي ٿو، ۽ يقين وارو ڏسجي ٿو.</verse>
				<verse number="17">جيڪو جلد ڪاوڙجي ٿو سو بي عقليءَ جي هلت ڪري ٿو: ۽ خراب رٿن ڪرڻ وارو ماڻهو ڌڪارڻ ۾ اچي ٿو.</verse>
				<verse number="18">ڀورڙن کي ورثي ۾ بي عقلي ملي ٿي: پر سياڻن کي علم جو ڇٽ ملي ٿو.</verse>
				<verse number="19">بڇڙا چڱن جي اڳيان ڪنڌ جهڪائين ٿا؛ ۽ شرير سچن جي درن تي.</verse>
				<verse number="20">غريب کي خود سندس پاڙيسري بہ ڌڪاري ٿو: پر دولت مند جا گهڻا ئي دوست آهن.</verse>
				<verse number="21">جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڌڪاري ٿو سو گناهہ ڪري ٿو: پر جيڪو غريبن تي رحم ٿو ڪري سو سڀاڳو آهي.</verse>
				<verse number="22">جي برائيءَ جي رٿ ڪن ٿا سي گمراهہ نہ آهن ڇا؟ پر رحم ۽ سچ انهن لاءِ هوندو جي چڱائيءَ جي رٿ ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="23">سڀ ڪنهن پورهئي مان فائدو آهي: پر چپن جي بڪ بڪ مان ڪنگالپڻ ٿو پيدا ٿئي.</verse>
				<verse number="24">ڏاهن جي دولت سندن ڇٽ آهي: پر بي عقلن جي بي عقلي رڳي بي عقلي آهي.</verse>
				<verse number="25">سچو شاهد ماڻهن جا ساهہ بچائي ٿو: پر ڪوڙ ڳالهائيندڙ دغا بازي ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="26">خدا جي خوف ۾ پڪو يقين آهي: ۽ ان جي اولاد کي پناهہ جي جاءِ ملندي.</verse>
				<verse number="27">خدا جو خوف حياتيءَ جو چشمو آهي، جنهن ڪري ماڻهو موت جي ڦانڌن کان ڇٽي ٿو.</verse>
				<verse number="28">رعيت جي گهڻائيءَ ۾ بادشاهہ جو فخر آهي: پر رعيت جي گهٽتائيءَ ۾ بادشاهہ جي هلاڪت آهي.</verse>
				<verse number="29">جيڪو دير سان ٿو چڙي سو وڏيءَ سمجهہ وارو آهي: جيڪو تڪڙي طبيعت وارو آهي سو بي عقليءَ جو درجو وڌائي ٿو.</verse>
				<verse number="30">سالم دل جسم جي حياتي آهي، پر حسد هڏن جو ساڙ آهي.</verse>
				<verse number="31">جيڪو غريبن تي ظلم ٿو ڪري سو پنهنجي خالق کي ملامت ٿو ڪري؛ پر جيڪو محتاجن تي رحم ٿو ڪري سو انهيءَ کي عزت ٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="32">شرير برائيءَ ڪرڻ سان هيٺ ڪيرايو وڃي ٿو: پر سچي کي پنهنجي مرڻ کان پوءِ بہ اميد رهي ٿي.</verse>
				<verse number="33">ڏاهپ انهيءَ جي دل ۾ ٿي رهي جنهن کي سمجهہ آهي: پر جيڪي بي عقلن جي دل ۾ آهي سو ظاهر ٿيو پوي.</verse>
				<verse number="34">سچائي قوم کي مٿي چاڙهي ٿي: پر گناهہ قوم جي لاءِ خواري آهي.</verse>
				<verse number="35">بادشاهہ انهيءَ نوڪر تي مهربان ٿو رهي جو ڏاهپ سان هلي ٿو: پر اُن جي ڪاوڙ انهيءَ تي ٿي رهي جو شرم جهڙا ڪم ڪري ٿو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="15">
				<verse number="1">نرم جواب ڪاوڙ وڃايو ڇڏي: پر ڏکوئيندڙ ڳالهہ ڪاوڙ پيدا ڪري ٿي.</verse>
				<verse number="2">ڏاهن جي زبان علم جو پوريءَ طرح بيان ڪري ٿي: پر بي عقلن جو وات بي عقليءَ ڪڍيو وجهي.</verse>
				<verse number="3">خداوند جون اکيون سڀ ڪنهن هنڌ آهن، ۽ بڇڙن توڙي چڱن تي نظر ٿيون رکن.</verse>
				<verse number="4">نيڪ زبان حياتيءَ جو هڪڙو وڻ آهي: پر انهيءَ جي ڏنگائي روح جي شڪست آهي.</verse>
				<verse number="5">بي عقل ماڻهو پنهنجي پيءُ جي سيکت کي ڌڪاري ٿو: پر جيڪو عتاب تي ڌيان ڏئي ٿو تنهن کي سياڻپ حاصل ٿي ٿئي.</verse>
				<verse number="6">سچي جي گهر ۾ گهڻو خزانو آهي: پر شرير جي پيدائش ۾ خرابي آهي.</verse>
				<verse number="7">ڏاهي جا چپ علم پکيڙين ٿا: پر بي عقل جي دل ائين نٿي ڪري.</verse>
				<verse number="8">شريرن جي قرباني خداوند جي لاءِ ڪراهت جهڙي شيءِ آهي: پر سچن جي دعا اُن جي خوشي آهي.</verse>
				<verse number="9">شرير جو رستو خداوند جي لاءِ ڪراهت جهڙو آهي: پر هو انهيءَ سان محبت رکي ٿو جو سچائيءَ تي هلي ٿو.</verse>
				<verse number="10">جيڪو رستو ڇڏي ڏئي ٿو تنهن جي لاءِ تڪليف جهڙي سيکت آهي: ۽ جيڪو عتاب کي ڌڪاري ٿو سو مرندو.</verse>
				<verse number="11">قبر ۽ ويراني خداوند جي اڳيان آهي: تڏهن انسانن جون دليون ڪيترو نہ وڌيڪ هونديون!</verse>
				<verse number="12">ٺٺولي ڪندڙ پسند نٿو ڪري تہ ڪو کيس عتاب ڏئي: هو ڏاهي وٽ ويندو ئي ڪين.</verse>
				<verse number="13">دل جي خوشي شڪل کي خوش ڪري ٿي: پر دل جي ڏک کان روح شڪستو ٿي پوي ٿو.</verse>
				<verse number="14">سمجهہ واري ماڻهوءَ جي دل علم جي طلب ۾ رهي ٿي: پر بي عقلن جو وات بي عقليءَ تي گذران ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="15">ڏکويل ماڻهوءَ جا سڀ ڏينهن خراب آهن: پر خوش مزاج لاءِ هميشہ عيد آهي.</verse>
				<verse number="16">خداوند جي ڊپ سان ٿورو بہ بهتر آهي: انهيءَ گهڻي خزاني کان جنهن سان گڏ تڪليف هجي.</verse>
				<verse number="17">جتي محبت آهي اتي ڀاڄين جو کاڌو بہ بهتر آهي: انهيءَ ٻوڙ پلاهہ کان جنهن سان نفرت شامل هجي.</verse>
				<verse number="18">ڪاوڙيل ماڻهو تڪرار اُٿاري ٿو: پر جيڪو جلدي نٿو ڪاوڙجي سو جهيڙي کي اُجهايو ڇڏي.</verse>
				<verse number="19">سست ماڻهو جو رستو ڪنڊن جو هڪڙو لوڙهو آهي: پر سچي جي واٽ شاهي سڙڪ ڪئي ٿي وڃي.</verse>
				<verse number="20">ڏاهو پٽ پيءُ کي خوش ڪري ٿو: پر بي عقل ماڻهو پنهنجي ماءُ کي ڌڪاري ٿو.</verse>
				<verse number="21">جنهن ۾ ڏاهپ ڪانهي تنهن جي لاءِ بي عقلي خوشي آهي: پر سمجهہ وارو ماڻهو پنهنجي رفتار سنئين ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="22">جتي ڪا صلاح مصلحت ڪانهي، اتي سڀ ارادا پريشان ٿيو وڃن: پر صلاح ڏيندڙن جي گهڻائيءَ ڪري اُهي قائم ٿا رهن.</verse>
				<verse number="23">ماڻهوءَ کي پنهنجي وات جي جواب سان خوشي ٿي رسي: ۽ پوري وقت تي ڪيل ڳالهہ ڪهڙي نہ چڱي ٿي لڳي!</verse>
				<verse number="24">ڏاهي جي لاءِ حياتيءَ جو رستو مٿي چڙهندو وڃي، انهيءَ لاءِ تہ هو پاتال کان پري وڃي ٿو.</verse>
				<verse number="25">خداوند مغرورن جو گهر پٽي ڪڍندو: پر هو بيوہ زال جي حد قائم رکندو.</verse>
				<verse number="26">خراب تجويزن کان خداوند کي ڪراهت اچي ٿي: پر وڻندڙ لفظ پاڪ آهن.</verse>
				<verse number="27">جنهن کي نفعي جي لالچ ٿي رهي سو خود پنهنجي گهر کي تڪليف ۾ وجهي ٿو: پر جيڪو رشوت کي ڌڪاري ٿو سو جيئرو رهندو.</verse>
				<verse number="28">سچي جي دل جواب ڏيڻ لاءِ ويچار ڪري ٿي: پر شرير جو وات خراب ڳالهيون وهايو ڇڏي.</verse>
				<verse number="29">خداوند شريرن کان پري آهي: پر هو سچن جي دعا ٻڌي ٿو.</verse>
				<verse number="30">اکين جي روشنائي دل کي خوش ڪري ٿي: ۽ خوشخبري هڏن کي ٿلهو ٿي ڪري.</verse>
				<verse number="31">جيڪو ڪن حياتيءَ جي فهمائش ٻڌي ٿو سو ڏاهن منجهہ رهندو.</verse>
				<verse number="32">جيڪو عتاب قبول نٿو ڪري سو خود پنهنجي روح کي ڌڪاري ٿو: پر جيڪو فهمائش ڌيان ڏيئي ٻڌي ٿو تنهن کي سمجهہ حاصل ٿئي ٿي.</verse>
				<verse number="33">خداوند جو خوف ڏاهپ جي تعليم آهي؛ ۽ عزت جي اڳيان نماڻائي هلي ٿي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="16">
				<verse number="1">دل جون تياريون ماڻهوءَ جي بِلي آهن: پر زبان جو جواب خداوند وٽان آهي.</verse>
				<verse number="2">ماڻهوءَ جا سڀ رستا سندس نظر ۾ صاف آهن: پر خداوند روح کي توري ٿو.</verse>
				<verse number="3">پنهنجا ڪم خداوند جي حوالي ڪر تہ پوءِ تنهنجا ارادا قائم رهندا.</verse>
				<verse number="4">خداوند سڀڪا شيءِ پنهنجي مطلب لاءِ جوڙي آهي: هائو، بلڪ شريرن کي برائيءَ جي ڏينهن لاءِ بہ.</verse>
				<verse number="5">جيڪو پنهنجي دل ۾ مغرور آهي تنهن کان خداوند کي نفرت ٿي اچي: بيشڪ هو اڻ سزا ڏنل رهجي نہ ويندو.</verse>
				<verse number="6">رحم ۽ سچ سان بي انصافي دفع ٿي وڃي ٿي! ۽ خداوند جي خوف سان ماڻهو بديءَ کان پري رهن ٿا.</verse>
				<verse number="7">جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جا رستا خداوند کي راضي ڪن ٿا، تڏهن هو انهي جي دشمنن کي بہ هن سان صلح ۾ رهائي ٿو.</verse>
				<verse number="8">ٿوري پيدائش سچائيءَ سان گڏ بهتر آهي، انهيءَ گهڻيءَ آمدنيءَ کان جا بي انصافيءَ سان گڏي ڪيل آهي.</verse>
				<verse number="9">ماڻهو جي دل سندس رستو رٿي ٿي: پر خداوند ان جي قدمن کي هلائي ٿو.</verse>
				<verse number="10">بادشاهہ جي چپن ۾ خدائي فيصلو آهي: هن جو وات عدالت ۾ خطا نہ ڪندو.</verse>
				<verse number="11">پوري ساهمي ۽ پڙ خداوند جا آهن: ڳوٿريءَ جا سڀ تورا سندس ڪم آهن.</verse>
				<verse number="12">شرارت جو ڪم ڪرڻ بادشاهن جي لاءِ ڪراهت جهڙي ڳالهہ آهي: ڇالاءِ جو تخت سچائيءَ سان قائم ٿو رهي.</verse>
				<verse number="13">سچا چپ بادشاهن جي خوشي آهن: ۽ جيڪو سچ ڳالهائيندو آهي تنهن کي هو پيار ڪندا آهن.</verse>
				<verse number="14">بادشاهہ جي ڪاوڙ موت جي قاصدن وانگر آهي: پر ڏاهو ماڻهو انهيءَ کي جهڪو ڪندو.</verse>
				<verse number="15">بادشاهہ جي شڪل جي روشنائيءَ ۾ حياتي آهي: ۽ هن جي مهرباني پڇاڙيءَ واري مينهن جي ڪڪر جهڙي آهي.</verse>
				<verse number="16">ڏاهپ هٿ ڪرڻ سون کان ڪيترو نہ گهڻو بهتر آهي! هائو، سمجهہ حاصل ڪرڻ چانديءَ کان زيادہ پسند ڪرڻ جي لائق آهي.</verse>
				<verse number="17">سچي جو شاهي رستو آهي بديءَ کان پري ڀڄڻ؛ جيڪو پنهنجو رستو سنڀالي ٿو، سو پنهنجو ساهہ بچائي ٿو.</verse>
				<verse number="18">مغروري موت کان اڳي ٿي هلي، ۽ هٺيلي دل ڪرڻ کان اڳي.</verse>
				<verse number="19">دل جو نماڻو ٿي غريبن سان گذارن بهتر آهي: انهيءَ کان تہ مغرور ماڻهن سان لٽ جو مال ورهائي وٺجي.</verse>
				<verse number="20">جيڪو ڪلام تي ڌيان ڏئي ٿو سو چڱائي لهندو: ۽ جيڪو خداوند تي ڀروسو ٿو رکي سو سڀاڳو آهي.</verse>
				<verse number="21">ڏاهپ واري دل سياڻي سڏبي: ۽ چپن جو مٺاڻ علم وڌائي ٿو.</verse>
				<verse number="22">جنهن کي سمجهہ آهي تنهنجي لاءِ اُها حياتيءَ جو هڪڙو چشمو آهي: پر بي عقلن کي فهمائش ڏيڻ انهن جي بي عقلي آهي.</verse>
				<verse number="23">ڏاهي جي دل سندس وات کي تعليم ڏئي ٿي، ۽ سندس چپن ۾ علميت زيادہ ڪري ٿي.</verse>
				<verse number="24">وڻندڙ ڳالهيون ماکيءَ جي ماناري جهڙيون آهن، روح جي لاءِ مٺيون آهن ۽ هڏن جي لاءِ تندرستي آهن.</verse>
				<verse number="25">هڪڙو رستو آهي جو ماڻهوءَ کي سنئون ڏسڻ ۾ ٿو اچي، پر ان جي پڇاڙيءَ ۾ موت جا رستا آهن.</verse>
				<verse number="26">پورهئي ڪندڙ ماڻهوءَ جي اشتها ان جي لاءِ پورهيو ٿي ڪرائي؛ ڇالاءِ جو هن جو وات اهو هن کان گهري ٿو.</verse>
				<verse number="27">نالائق ماڻهو شرارت جون رٿون ڪري ٿو: ۽ هن جي چپن ۾ ساڙيندڙ باهہ آهي.</verse>
				<verse number="28">بيهودو ماڻهو جهيڙو جهڳڙو پکيڙي ٿو: ۽ چغل خور خاص دوستن کي دشمن ڪري ڇڏي ٿو.</verse>
				<verse number="29">ظالم ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڌتاري وٺي وڃي ٿو، ۽ انهيءَ رستي تي وٺي ٿو وڃيس جو چڱو ناهي.</verse>
				<verse number="30">جيڪو پنهنجون اکيون بند ٿو ڪري سو انهيءَ لاءِ ٿو ڪري تہ بيهوديون ڳالهيون رٿي: جيڪو پنهنجا چپ ڀيڙي ٿو سو خرابيءَ پيدا ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="31">اڇو مٿو فخر جو ڇٽ آهي، اُهو سچائيءَ جي رستي ۾ لڀندو.</verse>
				<verse number="32">جيڪو جلدي نٿو ڪاوڙجي سو زور واري ماڻهوءَ کان بهتر آهي؛ ۽ جيڪو پنهنجي کي روح قبضي ۾ رکي ٿو سو انهيءَ کان بهتر آهي جو شهر ٿو وٺي.</verse>
				<verse number="33">ڪڻو جهوليءَ ۾ اُڇلايو ٿو وڃي؛ پر انهيءَ جو انتظام خدا وٽان آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="17">
				<verse number="1">سڪل گرهہ صلح سان گڏ بهتر آهي، انهيءَ گهر کان جو عمدن طعامن سان ڀريل آهي، مگر جهيڙو اُن سان شامل آهي.</verse>
				<verse number="2">جيڪو نوڪر ڏاهپ سان ڪم ڪار ڪري ٿو سو انهيءَ پٽ تي حڪم هلائيندو جو خواري پيدا ٿو ڪري، ۽ انهيءَ کي ڀائرن سان گڏ ورثي جو حصو ملندو.</verse>
				<verse number="3">صاف ڪرڻ جو بوتو چانديءَ لاءِ آهي ۽ کورو سون جي لاءِ آهي: پر خداوند دلين جو پرکڻ وارو آهي.</verse>
				<verse number="4">بدڪار ماڻهو خراب ڳالهين تي ڌيان ڏئي ٿو، ۽ ڪوڙو ماڻهو شرارتي زبان ڏانهن ڪن ڏئي ٿو.</verse>
				<verse number="5">جيڪو غريبن تي ٺٺوليون ٿو ڪري سو خالق جي حقارت ٿو ڪري: ۽ جيڪو آفت تي خوش ٿو ٿئي سو اڻ سزا ڏنل رهجي نہ ويندو.</verse>
				<verse number="6">اولاد جو اولاد ٻڍن ماڻهن جو ڇٽ آهي؛ ۽ ٻارن جو فخر سندن ابا آهن.</verse>
				<verse number="7">عمدي تقرير بي عقل کي نٿي سونهين: بادشاهہ کي ڪوڙ ڳالهائيندڙ چپ انهيءَ کان بہ گهٽ.</verse>
				<verse number="8">سوکڙي جنهن کي ملي ٿي تنهن جي نظر ۾ هڪڙو جواهر آهي: جيڏانهن هو ڦري ٿو اوڏانهن هو فتحياب ٿئي ٿو.</verse>
				<verse number="9">جيڪو ڪو قصور لڪائي ٿو سو محبت ڳولي ٿو: پر جيڪو هڪڙيءَ ڳالهہ تي پيو پتوڙي سو گهاٽا دوست جدا ڪري ڇڏي ٿو.</verse>
				<verse number="10">جنهن کي سمجهہ آهي تنهن تي ڇڙٻ اهڙو اونهو اثر ٿي ڪري جهڙو ڪنهن بي عقل کي سؤ چهبڪ نٿا ڪن.</verse>
				<verse number="11">خراب ماڻهو رڳو فساد ڳولي ٿو؛ جنهن ڪري انهيءَ جي برخلاف هڪڙو سخت قاصد موڪليو ويندو.</verse>
				<verse number="12">مادي رڇ، جنهن جا ٻچا چورايا ويا هجن، سا ڪنهن ماڻهوءَ کي گڏجي تہ ڀلي گڏجي، پر بي عقل پنهنجي بي عقليءَ ۾ هن کي نہ گڏجي.</verse>
				<verse number="13">جيڪو چڱائيءَ جي بدران بڇڙائي ڪري ٿو، تنهن جي گهر کان بڇڙائي ڪڏهن بہ پري نہ ويندي.</verse>
				<verse number="14">جهيڙي جو شروع ٿيڻ اهڙو آهي جهڙو پاڻي ڇوڙي ڇڏڻ: تنهن ڪري جهيڙو ٿئي تنهن کان اڳي تڪرار ڇڏي ڏي.</verse>
				<verse number="15">جيڪو شرير کي سچو ٺهرائي ۽ جيڪو سچي کي شرير ٺهرائي. تن ٻنهي کان خداوند کي نفرت ٿي اچي.</verse>
				<verse number="16">ڪهڙي سبب ڏاهپ کي خريد ڪرڻ لاءِ بيوقوف جي هٿ ۾ قيمت موجود آهي، جڏهن هن کي ڪا سمجهہ ڪانهي؟</verse>
				<verse number="17">دوست هر وقت پيار ڪري ٿو، ۽ ڀاءُ مصيبت جي وقت لاءِ ڄائو آهي.</verse>
				<verse number="18">جيڪو ماڻهو سمجهہ کان خالي آهي سو تاڙي ڏي ٿو ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ جي روبرو ضامن پوي ٿو.</verse>
				<verse number="19">جيڪو جهيڙي جهڳڙي کي پيار ڪري ٿو سو گناهہ کي پيار ڪري ٿو: جيڪو پنهنجو دروازو بلند ٿو ڪري سو پنهنجي خرابي ٿو ڳولي.</verse>
				<verse number="20">جنهن جي دل بيهودي آهي تنهن کي ڪابہ چڱائي حاصل نہ ٿي ٿئي: ۽ جنهن جي زبان ڏنگي آهي سو نقصان ۾ ٿو پوي.</verse>
				<verse number="21">جيڪو بيوقوف ٻار ٿو ڄڻي سو پنهنجي لاءِ ڏک ٿو پيدا ڪري: ۽ بيوقوف جي پيءُ کي ڪابہ خوشي حاصل ڪانهي.</verse>
				<verse number="22">خوشيءَ واري دل چڱي دوا آهي: پر شڪستو روح هڏا سڪائي ڇڏي ٿو.</verse>
				<verse number="23">شرير ماڻهو بغل مان رشوت ڪڍي ڏئي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ عدالت جا رستا اُبتا ڪري ڇڏي.</verse>
				<verse number="24">ڏاهپ انهيءَ جي منهن جي اڳيان آهي جنهن کي سمجهہ آهي: پر بي عقل جون اکيون زمين جي ڪنارن تي آهن.</verse>
				<verse number="25">بي عقل پٽ پنهنجي پيءُ جي لاءِ ڏک آهي، ۽ جنهن ڄڻيو اٿس تنهنجي لاءِ ڪَڙاڻ آهي.</verse>
				<verse number="26">سچن کي سزا ڏيڻ بہ چڱو نہ آهي، نڪي شريفن کي سندن سچائيءَ لاءِ مارڻ.</verse>
				<verse number="27">جيڪو علم وارو آهي سو ٿورو ٿو ڳالهائي: ۽ جيڪو ٿڌي طبيعت وارو آهي سو سمجهو آهي.</verse>
				<verse number="28">بي عقل بہ جڏهن ماٺ ڪري ٿو تڏهن ڏاهو شمار ڪيو وڃي ٿو: جڏهن هو پنهنجا چپ بند ڪري ٿو تڏهن سياڻو سمجهيو ٿو وڃي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="18">
				<verse number="1">جيڪو پاڻ کي سڀني کان ڌار ٿو ڪري سو پنهنجي مراد ڳولي ٿو، ۽ سالم ڏاهپ سان بگڙيل رهي ٿو.</verse>
				<verse number="2">بي عقل کي سمجهہ مان ڪابہ خوشي حاصل نٿي ٿئي، سواءِ هن جي تہ سندس دل پنهنجو حال ظاهر ڪري.</verse>
				<verse number="3">جڏهن شرير اچي ٿو تڏهن اُتي نفرت بہ اچي ٿي، ۽ بدناميءَ سان گڏ ملامت اچي ٿي.</verse>
				<verse number="4">ماڻهوءَ جي وات جون ڳالهيون اونهي پاڻيءَ وانگر آهن: ڏاهپ جو چشمو وهندڙ نديءَ وانگر آهي.</verse>
				<verse number="5">شرير جي پاسداري ڪرڻ چڱي ڳالهہ ناهي، نڪي عدالت ۾ سچي کي هڪالي ڪڍڻ.</verse>
				<verse number="6">بي عقل جا چپ جهيڙي ۾ گهڙن ٿا، ۽ ان جو وات چهبڪ گهريو وٺي.</verse>
				<verse number="7">بي عقل جو وات سندس موت آهي، ۽ سندس چپ سندس روح جو ڦانڌو آهن.</verse>
				<verse number="8">چغل خور جون ڳالهيون لذيذ لقمن جهڙيون آهن، ۽ اهي پيٽ جي تمام اندرين ڀاڱن ۾ لهيو وڃن.</verse>
				<verse number="9">جيڪو پنهنجي ڪم ۾ ڍرو آهي سو بہ انهيءَ جو ڀاءُ آهي جو ناس ڪندڙ آهي.</verse>
				<verse number="10">خداوند جو نالو مضبوط ٺلهہ وانگر آهي؛ سچو ڊوڙي انهيءَ ۾ وڃي ٿو ۽ صحيح سلامت رهي ٿو.</verse>
				<verse number="11">دولت مند ماڻهوءَ جي دولت سندس مضبوط شهر آهي، ۽ سندس خيال ۾ هڪڙي وڏي ڀت آهي.</verse>
				<verse number="12">ناس ٿيڻ کان اڳي ماڻهوءَ جي دل مغرور ٿي ٿئي، پر عزت جي اڳيان نماڻائي هلي ٿي.</verse>
				<verse number="13">جيڪو ٻڌڻ کان اڳي جواب ڏئي ٿو تنهنجي لاءِ اهو بي عقلي ۽ شرمندگي آهي.</verse>
				<verse number="14">ماڻهو جو روح پنهنجي ضعيفائي کڻي وٺندو؛ پر شڪستو روح ڪير کڻي سگهندو؟</verse>
				<verse number="15">سياڻي جي دل علم حاصل ڪري ٿي، ۽ ڏاهي جو ڪن علم ڳولي ٿو.</verse>
				<verse number="16">ماڻهوءَ جو تحفو هن جي لاءِ جاءِ ڪري ٿو، ۽ هن کي وڏن ماڻهن جي اڳيان آڻي ٿو.</verse>
				<verse number="17">جيڪو پنهنجي دعويٰ جو پهرين حجت دليل ڏئي ٿو سو سچو ڏسڻ ۾ ٿو اچي: پر هن جو پاڙيسري اچي هن جي حقيقت ظاهر ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="18">ڪڻي وجهڻ ڪري تڪرار بند ٿي وڃن ٿا، ۽ زور وارن جي وچ ۾ فيصلو ٿئي ٿو.</verse>
				<verse number="19">رنج ٿيل ڀاءُ کي راضي ڪرڻ مضبوط شهر کي فتح ڪرڻ کان مشڪل آهي: ۽ اهڙا جهيڙا ڪوٽ جي گزن وانگر آهن.</verse>
				<verse number="20">ماڻهوءَ جو پيٽ سندس وات جي ڦر سان ڀربو؛ پنهنجن چپن جي پيدائش مان هو ڍءُ ڪندو.</verse>
				<verse number="21">حياتي ۽ موت زبان جي وس آهن؛ ۽ جيڪي انهيءَ کي پيار ڪن ٿا سي انهيءَ جو ڦر کائيندا.</verse>
				<verse number="22">جنهن کي زال ملي ٿي تنهن کي هڪڙي چڱي شيءِ ملي ٿي، ۽ اهو خداوند جو فضل حاصل ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="23">غريب منٿون آزيون ٿو ڪري: پر دولتمند کهرو جواب ڏئي ٿو.</verse>
				<verse number="24">جيڪو گهڻا دوست ٿو ڪري سو خود پنهنجي ناس ٿيڻ لاءِ ٿو ڪري: پر اهڙو بہ ڪو دوست ٿيندو آهي جو ڀاءُ کان بہ وڌيڪ پيار ٿو ڪري.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="19">
				<verse number="1">اُهو غريب ماڻهو جو پنهنجي سچائيءَ ۾ هلي ٿو سو بهتر آهي، انهيءَ ماڻهو کان جو پنهنجن چپن ۾ ڏنگو آهي ۽ بي عقل آهي.</verse>
				<verse number="2">روح علم ڌاران رهي، سو بہ چڱو ناهي؛ ۽ جيڪو پنهنجن پيرن سان تڪڙ ڪري ٿو سو گمراهہ ٿئي ٿو.</verse>
				<verse number="3">ماڻهوءَ جي بي عقلي هن کي گمراهہ ڪيو ڇڏي؛ ۽ اُن جي دل خداوند جي برخلاف بيزار ٿئي ٿي.</verse>
				<verse number="4">دولت گهڻا دوست پيدا ڪري ٿي: پر غريب ماڻهو پنهنجي دوست کان ڌار ٿئي ٿو.</verse>
				<verse number="5">ڪوڙو شاهد اڻ سزا ڏنل رهجي نہ ويندو؛ ۽ جيڪو ڪوڙ ڳالهائي ٿو اُهو بچي نہ ويندو.</verse>
				<verse number="6">سخي ماڻهوءَ جي مهرباني حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻا ئي خوشامد ڪندا: ۽ جيڪو بخششون ٿو ڏئي تنهن جو سڀ ڪو ماڻهو دوست ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="7">غريب جا سڀ ڀائر کيس ڌڪارين ٿا؛ سندس دوست کانئس ڪيترو نہ وڌيڪ پري وڃن ٿا! هو ڳالهائيندو هنن جي پٺيان وڃي ٿو پر هو هليا وڃن ٿا.</verse>
				<verse number="8">جنهن کي ڏاهپ حاصل ٿئي ٿي سو پنهنجي روح کي پيار ڪري ٿو: جيڪو سمجهہ جي سنڀال ٿو ڪري سو چڱائي لهندو.</verse>
				<verse number="9">ڪوڙو شاهد اڻ سزا ڏنل رهجي نہ ويندو؛ ۽ جيڪو ڪوڙ ڳالهائي ٿو سو ناس ٿي ويندو.</verse>
				<verse number="10">نازڪئي وارو گذران بي عقل جو لائق ناهي؛ ڪنهن نوڪر جو شهزادن جي مٿان حڪم هلائڻ انهيءَ کان بہ گهٽ لائق آهي.</verse>
				<verse number="11">ماڻهوءَ جي سياڻپ هن کي ڪاوڙجڻ ۾ ڍرو ٿي ڪري؛ چُڪ تي گذر ڪرڻ کي هو پنهنجو فخر ٿو سمجهي.</verse>
				<verse number="12">بادشاهہ جي ڪاوڙ شينهن جي گجڻ وانگر آهي؛ پر هن جي مهرباني اهڙي آهي جهڙي گاهہ تي ماڪ.</verse>
				<verse number="13">بي عقل پٽ پنهنجي پيءُ جي آفت آهي: ۽ زال جا جهيڙا جهڳڙا هميشہ ٽمندڙ پاڻيءَ وانگر آهن.</verse>
				<verse number="14">گهر ۽ دولت ابن کان ملڻ واري ميراث آهي: پر سياڻي زال خداوند کان ٿي ملي.</verse>
				<verse number="15">سستي گهاٽيءَ ننڊ ۾ غرق ٿي ڪري؛ ۽ سست جيءَ بک ڪڍندو.</verse>
				<verse number="16">جيڪو حڪم جي سنڀال ٿو ڪري سو پنهنجي جان جي سنڀال ٿو ڪري: پر جيڪو پنهنجن رستن کان بي پرواهہ ٿو رهي اهو مرندو.</verse>
				<verse number="17">جنهن کي مسڪين تي رحم ٿو اچي سو خداوند کي اُڌارو ٿو ڏئي، ۽ انهيءَ جي چڱي ڪم جو بدلو هو کيس پاڻيهي وري ڏيندو.</verse>
				<verse number="18">جڏهن اُميد آهي تڏهن پنهنجي پٽ کي سيکت ڏي؛ پنهنجي دل هن جي برباد ٿيڻ لاءِ نہ ڇڏ.</verse>
				<verse number="19">گهڻي ڪاوڙ وارو ماڻهو نيٺ سزا کائيندو: ڇالاءِ جو جي تون هن کي ڇڏائيندين تہ توکي وري وري ائين ڪرڻو پوندو.</verse>
				<verse number="20">صلاح مصلحت ٻڌ ۽ تعليم قبول ڪر، تہ پڇاڙيءَ ۾ تون ڏاهو ٿين.</verse>
				<verse number="21">ماڻهوءَ جي دل ۾ گهڻيون ئي تجويزون آهن؛ پر قائم فقط خداوند جي رٿ رهندي.</verse>
				<verse number="22">ماڻهوءَ جي خواهش سندس مهربانيءَ جو ماڻ آهي: ۽ غريب ماڻهو ڪوڙ ڳالهائيندڙ کان بهتر آهي.</verse>
				<verse number="23">خداوند جو خوف حياتيءَ جو سبب آهي: ۽ جنهن کي اُهو آهي سو هميشہ راضي رهندو؛ انهيءَ کي ڪابہ خرابي ڪانہ رسندي.</verse>
				<verse number="24">سست ماڻهو پنهنجو هٿ رڪابيءَ ۾ ٻوڙي ٿو، پر ايترو بہ نہ ڪندو جو هو وري وات تائين آڻي.</verse>
				<verse number="25">ٺٺولي ڪندڙ کي ڌڪ هڻ تہ ڀورڙو عقل سکي: سمجهہ واري کي عتاب ڏي ۽ هو علم سکندو.</verse>
				<verse number="26">جيڪو پنهنجي پيءُ کي هلاڪ ڪري ٿو، ۽ پنهنجي ماءُ کي پٺيان پئي ڀڄائي ٿو، سو اهڙو پٽ آهي جو شرمندگي پيدا ٿو ڪري ۽ خواري آڻي ٿو.</verse>
				<verse number="27">اي منهنجا پٽ، اهڙي تعليم سکڻ کان بس ڪر، جا علم جي ڳالهين کان توکي ڀلائي ٿي.</verse>
				<verse number="28">نڪمو شاهد عدالت تي ٺٺوليون ڪري ٿو: ۽ شرير جو وات گناهہ ڳهي وڃي ٿو.</verse>
				<verse number="29">سزا جا فيصلا ٺٺوليون ڪندڙن جي لاءِ تيار ڪيا ويندا آهن، ۽ چهبڪ بي عقلن جي پٺن لاءِ</verse>
			</chapter>
			<chapter number="20">
				<verse number="1">شراب ٺٺولي ڪندڙ آهي، نشيدار پيئڻ جي شيءِ جهيڙا ڪندڙ آهي؛ جيڪو انهن جي ڪري مست ٿئي ٿو سو ڏاهو نہ آهي.</verse>
				<verse number="2">بادشاهہ جي ڪاوڙ شينهن جي گجڻ وانگر آهي: جيڪو انهيءَ کي چيڙائي ڪاوڙ ڏياري ٿو سو پنهنجي ئي حياتيءَ جي برخلاف گناهہ ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="3">جهيڙي کان پري رهڻ ماڻهوءَ جي لاءِ عزت آهي: پر سڀڪو بيوقوف جهڙا ڪندو رهندو.</verse>
				<verse number="4">سست ماڻهو سياري جي ڪري هر نہ ڏيندو؛ تنهن ڪري فصل لهڻ وقت هو پنندو ۽ ڪجهہ بہ نہ ملندس.</verse>
				<verse number="5">ماڻهوءَ جي دل ۾ صلاح مصلحت اونهي پاڻيءَ وانگر آهي؛ پر سمجهو ماڻهو اُها ڇڪي ڪڍي ٿو.</verse>
				<verse number="6">گهڻو ڪري هرڪو ماڻهو پنهنجي مهربانيءَ جي خبر ڏيندو: پر وفادار ماڻهو ڪير لهي سگهندو؟</verse>
				<verse number="7">انصاف پسند ماڻهو، جو پنهنجي سچائيءَ تي هلي ٿو، تنهن جو اولاد کانئس پوءِ برڪت وارو ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="8">بادشاهہ جو عدالت جي تخت تي ويهي ٿو، سو پنهنجين اکين سان سڀ خرابي پرکي ٿو.</verse>
				<verse number="9">ڪير چئي سگهندو تہ مون پنهنجي دل پاڪ ڪئي آهي، ۽ آءٌ گناهہ کان پاڪ آهيان.</verse>
				<verse number="10">ٻن قسمن جا تورا ۽ ٻن قسمن جا ماڻ، ٻنهي کان خداوند کي نفرت آهي.</verse>
				<verse number="11">هڪڙو ٻار بہ پنهنجن ڪمن مان سڃاڻي سگهبو ۽ هن جو ڪم پاڪ ۽ درست آهي يا نہ.</verse>
				<verse number="12">ٻڌندڙ ڪن ۽ ڏسندڙ اک، انهن ٻنهي کي خداوند جوڙيو آهي.</verse>
				<verse number="13">ننڊ کي پيار نہ ڪر تہ متان ڪنگال ٿي پوين، پنهنجيون اکيون کول تہ مانيءَ جو ڍءُ ٿئيئي.</verse>
				<verse number="14">خريد ڪندڙ چوي ٿو تہ اهو ڪم جو نہ آهي؛ پر جڏهن هو هليو وڃي ٿو تڏهن ٻٽاڪ هڻي ٿو.</verse>
				<verse number="15">سون آهي ۽ گهڻيون لعلون بہ: پر علم وارا چپ هڪڙو قيمتي جواهر آهن.</verse>
				<verse number="16">جيڪو ڌارئي ماڻهوءَ جو ضامن آهي تنهنجو ڪپڙو جهل، ۽ جيڪو ڌارين جو ضامن آهي تنهن کي پاڻ وٽ ڳهہ ۾ رک.</verse>
				<verse number="17">دغا جي ماني ماڻهوءَ کي مٺي ٿي لڳي؛ پر پوءِ هن جو وات ڪڪريءَ سان ڀرجي ٿو.</verse>
				<verse number="18">سڀڪو ڪم صلاح مصلحت سان قائم ٿئي ٿو: ۽ تون سياڻي صلاح وٺي پوءِ جنگ ڪر.</verse>
				<verse number="19">جيڪو هيڏي هوڏي گلا غيبت ڪندو وتي سو ڳجهہ ظاهر ڪري ٿو: تنهن ڪري جيڪو پنهنجا چپ وڏا پٽي ٿو تنهن سان واسطو نہ رک.</verse>
				<verse number="20">جيڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي لعنت ڪري ٿو تنهنجو ڏيئو سخت اونداهيءَ ۾ وسايو ويندو.</verse>
				<verse number="21">ميراث تڪڙ سان شروعات ۾ هٿ ڪري ٿي سگهجي؛ مگر ان جي پڇاڙي برڪت واري نٿي ٿئي.</verse>
				<verse number="22">تون ائين نہ چئُہ تہ آءٌ بديءَ جو بدلو وٺندس: خداوند تي آس رک تہ هو پاڻيهي توکي بچائيندو.</verse>
				<verse number="23">ٻن قسمن جا تورا خداوند جي لاءِ نفرت جهڙي شيءِ آهن؛ ۽ کوٽي ساهمي چڱي نہ آهي.</verse>
				<verse number="24">ماڻهوءَ جو گهمڻ گهتڻ خداوند جي وس آهي، تڏهن هو ڪهڙيءَ طرح پنهنجو رستو سمجهي سگهندو؟</verse>
				<verse number="25">تڪڙو ٿي چوڻ تہ اهو پاڪ آهي، سو ماڻهوءَ جي لاءِ هڪ ڦانڌو آهي، ۽ مڃتائن کان پوءِ جاچ ۽ پڇا ڪرڻ بہ.</verse>
				<verse number="26">ڏاهو بادشاهہ شريرن کي اُڏايو ڇڏي ۽ انهن جي مٿان ڳاهڻ جو ڦيٿو گهمائي ٿو.</verse>
				<verse number="27">ماڻهوءَ جو روح خداوند جو ڏيئو آهي، جو سڀني اندرين ڳجهن حصن جي جاچ ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="28">رحم ۽ سچ بادشاهہ کي بچائين ٿا: ۽ ان جو تخت رحم قائم ڪيو اچي.</verse>
				<verse number="29">جوان ماڻهن جو فخر سندن زور آهي: ۽ ٻڍن ماڻهن جي سونهن سندن اڇو مٿو.</verse>
				<verse number="30">چهبڪ جا ڦٽ بڇڙائي ڪڍيو ڇڏين: مار کائڻ سان دل صاف ٿئي ٿي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="21">
				<verse number="1">بادشاهہ جي دل خداوند جي هٿ ۾ پاڻيءَ جي نهرن وانگي آهي: هو انهيءَ کي جيڏانهن وڻيس ٿو تيڏانهن ڦيرائي ٿو.</verse>
				<verse number="2">ماڻهوءَ جو سڀڪو رستو پنهنجي نظر ۾ چڱو آهي: پر خداوند دلين کي توري ٿو.</verse>
				<verse number="3">انصاف ۽ عدالت ڪرڻ خداوند وٽ قربانيءَ کان زيادہ قبول پوڻ جوڳو آهي.</verse>
				<verse number="4">مٿانهين نظر ۽ مغرور دل، جا شريرن جي ڏيئي وانگر آهي سا گناهہ آهي.</verse>
				<verse number="5">محنتيءَ جا خيال گهڻائيءَ جي پيدا جو سبب آهن: پر جيڪو تڪڙو آهي سو جلد ڪنگال ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="6">ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان جي وسيلي خزانا هٿ ڪرڻ اُها ٻاڦ آهي، جا هيڏي هوڏي اُڏامي ٿي، جيڪي انهن کي ڳولين ٿا سي موت کي ڳولين ٿا.</verse>
				<verse number="7">شريرن جي زبردستي انهن کي ٻهاري کڻي ويندي؛ ڇالاءِ جو اُهي انصاف ڪرڻ کان انڪار ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="8">جنهن ماڻهو تي گناهہ جو بار پيل آهي تنهنجو رستو تمام ڏنگو آهي: پر جيڪو پاڪ آهي، تنهنجو ڪم سنئون سڌو آهي.</verse>
				<verse number="9">گهر جي ڇت تي ڪنڊ ۾ ويهڻ، ڪشادي گهر ۾ جهيڙي ڪندڙ زال سان گڏ رهڻ کان بهتر آهي.</verse>
				<verse number="10">شرير جو روح بڇڙائي چاهيندو آهي: اُن جو پاڙيسري سندس نظر ۾ ڪوبہ مان نٿو لهي.</verse>
				<verse number="11">جڏهن ٺٺولي ڪندڙ کي سزا ملندي آهي، تڏهن ڀورڙو عقل سکندو آهي: ۽ جڏهن ڏاهي کي تعليم ملندي آهي، تڏهن ان کي علم حاصل ٿيندو آهي.</verse>
				<verse number="12">سچو ماڻهو شرير جي گهر تي ويچار ڪندو آهي، تہ ڪيئن شرير اونڌا ٿي ڪري چٽ ٿين ٿا.</verse>
				<verse number="13">جيڪو غريب جي دانهن تي پنهنجا ڪن بند ڪندو، سو پاڻ بہ دانهون ڪندو پر ٻڌندس ڪوبہ ڪونہ.</verse>
				<verse number="14">ڳجهي پالهي سوکڙي ڪاوڙ ڍري ڪري ڇڏي ٿي، ۽ بغل ۾ انعام سخت ڪاوڙ ڍري ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="15">عدالت ڪرڻ سچي جي لاءِ خوشي آهي، پر بي انصافي ڪندڙن لاءِ اهو هڪڙو موت آهي.</verse>
				<verse number="16">جيڪو ماڻهو سمجهہ جي رستي کان نڪري ٻاهر وڃي ٿو، سو مئلن جي جماعت ۾ وڃي رهندو.</verse>
				<verse number="17">جيڪو عيش عشرت سان محبت رکي ٿو سو ڪنگال ٿيندو: جيڪو شراب ۽ سڻڀ سان پيار ٿو رکي سو دولتمند نہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="18">شرير ماڻهو سچي جو بدلو آهي؛ ۽ دغاباز ماڻهو ايماندار جي عيوض.</verse>
				<verse number="19">چيڙاڪ ۽ ڪُرڪڻي زال سان گڏ رهڻ کان ويران زمين ۾ رهڻ بهتر آهي.</verse>
				<verse number="20">ڏاهي جي گهر ۾ قيمتي خزانو ۽ تيل آهي؛ پر بي عقل ماڻهو اُهو ڳهي ڇڏي ٿو.</verse>
				<verse number="21">جيڪو سچائي ۽ رحم جي پٺيان هلي ٿو، سو حياتي، سچائي ۽ عزت لهي ٿو.</verse>
				<verse number="22">ڏاهو ماڻهو ڏاڍن جي شهر تي چڙهي وڃي ٿو، ۽ انهن جي ويساهہ جو زور ڪيرائي وجهي ٿو.</verse>
				<verse number="23">جيڪو پنهنجي وات ۽ پنهنجي زبان جي سنڀال ڪري ٿو، سو پنهنجي جان تڪليفن کان بچائي ٿو.</verse>
				<verse number="24">مغرور ۽ هٺيلي ماڻهوءَ جو نالو ٺٺولي ڪندڙ آهي، اهو مغروريءَ جي بي حيائيءَ سان ڪم ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="25">سست ماڻهوءَ جي خواهش کيس ڪهي ٿي؛ ڇالاءِ جو اُن جا هٿ پورهئي ڪرڻ کان انڪار ڪن ٿا.</verse>
				<verse number="26">هڪڙو اهڙو بہ آهي جو سڄو ڏينهن هٻڇ ڪري لالچ رکي ٿو: پر سچو ڏئي ٿو ۽ رکي نٿو ڇڏي.</verse>
				<verse number="27">شرير جي قرباني هڪڙي ڪراهت جهڙي شيءِ آهي؛ پر جڏهن هو اُها خراب دل سان آڻي ٿو تڏهن ڪيترو نہ وڌيڪ اُها ڪراهت جهڙي آهي!</verse>
				<verse number="28">ڪوڙو شاهد ناس ٿيندو: پر جنهن ڳالهہ ٻڌي آهي سو ڳالهہ تي قائم رهندو.</verse>
				<verse number="29">شرير ماڻهو پنهنجو منهن سخت ڪري ٿو: پر سچو پنهنجي راهہ تي ويچار ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="30">ڪابہ ڏاهپ، يا سمجهہ، يا صلاح مصلحت نہ آهي، جا خداوند جي برخلاف بيهي.</verse>
				<verse number="31">گهوڙو جنگ جي ڏينهن لاءِ تيار ڪجي ٿو، پر فتح خداوند جي وس آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="22">
				<verse number="1">چڱو نالو گهڻيءَ دولت کان وڌيڪ پسند ڪرڻ گهرجي، ۽ محبت واري مهرباني چاندي ۽ سون کان وڌيڪ پسند ڪرڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="2">شاهوڪار ۽ غريب پاڻ ۾ گڏبا آهن: خداوند انهن سڀني جو خالق آهي.</verse>
				<verse number="3">سياڻو ماڻهو بڇڙائي ڏسي ٿو ۽ پاڻ کي لڪائي ٿو، پر ڀورڙا ماڻهو لنگهيو اڳتي وڃن ۽ انهيءَ ڪري نقصان سهن ٿا.</verse>
				<verse number="4">نماڻائيءَ جو انعام ۽ خداوند جو خوف دولت ۽ عزت ۽ حياتي آهي.</verse>
				<verse number="5">بيهودي ماڻهوءَ جي رستي ۾ ڪنڊا ۽ ڦندا آهن: جيڪو پنهنجي ساهہ جي سنڀال ٿو ڪري سو ان کان پري رهندو.</verse>
				<verse number="6">ٻار کي اهو رستو سيکار جنهن تي هن کي هلڻ کپي، ۽ جڏهن هو ٻڍو ٿيندو تڏهن بہ اهو نہ ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="7">شاهوڪار غريب تي حڪم هلائي ٿو، ۽ اُڌار کڻندڙ اُڌاري ڏيندڙ جو نوڪر آهي.</verse>
				<verse number="8">جيڪو ظلم ٿو پوکي سو مصيبت لڻندو: ۽ هن جي ڪاوڙ جي لٺ نڪمي ٿيندي.</verse>
				<verse number="9">جنهن جي اک سخا واري آهي سو برڪت وارو ٿيندو: ڇالاءِ جو هو پنهنجي مانيءَ مان غريبن کي ٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="10">ٺٺولي ڪندڙ کي ڪڍي ڇڏ تہ جهيڙو نڪري ويندو؛ هائو، فساد ۽ بدنامي بند ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="11">جيڪو دل جي صفائي پسند ٿو ڪري، تنهن جي چپن جي سونهن ڪري بادشاهہ سندس دوست ٿيندو.</verse>
				<verse number="12">خداوند جون اکيون علم واري کي بچائين ٿيون، پر هو دغاباز ماڻهوءَ جي ڳالهين کي اونڌو ڪيو ڇڏي.</verse>
				<verse number="13">سست ماڻهو چوي ٿو تہ ٻاهر شينهن آهي؛ آءٌ گهٽين ۾ مارجي ويندس.</verse>
				<verse number="14">ڌاريءَ زال جو وات هڪڙي اونهي کڏ آهي: جنهن مان خداوند کي نفرت ٿي اچي سو انهيءَ ۾ ڪرندو.</verse>
				<verse number="15">بي عقلي ٻار جي دل ۾ ٻڌي پيئي آهي؛ پر سيکت جو لڪڻ انهيءَ کي پري ڪيو ڇڏي.</verse>
				<verse number="16">جيڪو پنهنجي فائدي وڌائڻ لاءِ غريب تي ظلم ٿو ڪري، ۽ جيڪو دولتمند کي ڏئي ٿو سو ضرور ڪنگال ٿيندو.</verse>
				<verse number="17">پنهنجو ڪن ڏي ۽ ڏاهن جا قول ٻڌ، ۽ منهنجي تعليم ڏانهن پنهنجي دل لڳاءِ.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو جي تون انهن کي پنهنجي اندر ۾ سانڍيندين تہ اها چڱي ڳالهہ آهي: ۽ اُهي تنهنجن چپن تي ڄمي وڃن.</verse>
				<verse number="19">اُهي اڄوڪي ڏينهن مون توکي ٻڌايا آهن، انهيءَ لاءِ تہ تنهنجو ڀروسو خداوند تي ٿئي.</verse>
				<verse number="20">مون تو ڏانهن تمام عمديون ڳالهيون نصيحتن ۽ علم بابت نہ لکيون آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="21">تہ توکي سچ جي ڳالهين جي حقيقت معلوم ٿئي، ۽ جن توکي موڪليو آهي تن وٽ تون سچ جون ڳالهيون موٽي کڻي وڃين؟</verse>
				<verse number="22">ڪنهن غريب کي انهيءَ ڪري نہ ڦر تہ هو غريب آهي. نڪي ڪنهن ڏکويل کي دروازي تي ستاءِ:</verse>
				<verse number="23">ڇالاءِ جو خداوند هنن جي طرفان حجت دليل ڪندو، ۽ انهن جي حياتي ڦري وٺندو جي هنن جي ڦرين ٿا.</verse>
				<verse number="24">جنهن کي ڪاوڙجڻ جي عادت آهي تنهن سان دوستي نہ رک؛ ڪاوڙ واري ماڻهوءَ سان گڏ نہ گهم:</verse>
				<verse number="25">تہ متان تون هنن جون عادتون سکين، ۽ پنهنجي جان جي لاءِ هڪڙو ڦانڌو پيدا ڪرين.</verse>
				<verse number="26">جيڪي شرط لاءِ هٿ ٿا ٺوڪين تن مان هڪڙو نہ ٿيءُ، نڪي انهن مان ٿيءُ جي قرض جا ضامن آهن:</verse>
				<verse number="27">جيڪڏهن ڏيڻ لاءِ تو وٽ ڪجهہ بہ ڪونهي، تہ پوءِ ڇو هو تنهنجي هيٺان تنهنجو هنڌ ئي ڪڍي وڃي؟</verse>
				<verse number="28">انهيءَ قديم حد جي نشان کي نہ چور، جو تنهنجن ابن ڏاڏن هڻي ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="29">تون اهو ماڻهو ڏسين ٿو جو پنهنجي ڪم ڪار ۾ محنتي آهي؟ اهو بادشاهن جي حضور ۾ بيهندو؛ هو خسيس ماڻهن جي اڳيان نہ بيهندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="23">
				<verse number="1">جڏهن تون ڪنهن حاڪم سان گڏ ماني کائڻ ويهين، تڏهن جيڪي تنهنجي اڳيان هجي تنهن ڏانهن ڌيان سان نهار ۽ دل ۾ ويچار ڪر؛</verse>
				<verse number="2">۽ جي تون گهڻي اشتها وارو ماڻهو آهين، تہ پنهنجي نڙي تي ڪاتي رک.</verse>
				<verse number="3">هن جي لذيذ طعامن جو خواهشمند نہ ٿيءُ؛ جو اُهي دغابازيءَ جو کاڌو آهن.</verse>
				<verse number="4">دولتمند ٿيڻ لاءِ پاڻ کي هلاڪ نہ ڪر؛ پنهنجي اها ڏاهپ ڇڏي ڏي.</verse>
				<verse number="5">جيڪي اصل هستيءَ ۾ نہ آهي تنهن تي پنهنجون اکيون وجهندين ڇا؟ ڇالاءِ جو جيئن عقاب آسمان ڏانهن اُڏامي ٿو وڃي، تيئن دولت بہ ضرور اُڏامي ويندي.</verse>
				<verse number="6">بد نظر واري ماڻهوءَ جي ماني نہ کاءُ، ۽ نہ انهيءَ جي عمدن طعامن جي خواهش رک:</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو جيئن هو پنهنجي دل ۾ خيال ڪري ٿو تيئن ئي هو آهي: هو توکي چوي ٿو تہ کاءُ ۽ پيءُ؛ پر هن جي دل تو سان نہ آهي.</verse>
				<verse number="8">جيڪو گرهہ تو کاڌو آهي سو تون اُلٽي ڪري ڪڍندين، ۽ پنهنجون مٺيون ٻوليون ضايع ڪندين.</verse>
				<verse number="9">بيوقوف جي ٻڌندي ڪجهہ بہ نہ ڳالهاءِ؛ ڇالاءِ جو هو تنهنجين ڳالهين جي ڏاهپ کي ڌڪاريندو.</verse>
				<verse number="10">قديم حد جا نشان اصلوڪي جاءِ تان نہ چور؛ ۽ يتيمن جي ٻنين ۾ دخل نہ ڪر:</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو انهن جو ڇڏائيندڙ زور وارو آهي؛ هو اُنهن جي طرفان تنهنجي برخلاف حجت دليل آڻيندو.</verse>
				<verse number="12">پنهنجي دل تعليم تي لڳاءِ، ۽ پنهنجا ڪن علم تي.</verse>
				<verse number="13">ٻار کي سيکت ڏيڻ بند نہ ڪر: ڇالاءِ جو جيڪڏهن تون هن کي لڪڻ سان ماريندين تہ هو مري ڪين ويندو.</verse>
				<verse number="14">تون هن کي ڀلي لڪڻ سان مار ڏي، ۽ هن جو روح قبر کان بچاءِ.</verse>
				<verse number="15">اي منهنجا پٽ، جيڪڏهن تنهنجي دل عقل واري ٿيندي تہ منهنجي دل، هائو منهنجي دل خوش ٿيندي:</verse>
				<verse number="16">هائو، جڏهن تنهنجا چپ درست ڳالهيون ڳالهائيندا، تڏهن منهنجا گردا خوش ٿيندا.</verse>
				<verse number="17">پنهنجي دل کي گنهگارن تي ريس ڪرڻ نہ ڏي: پر تون سڄو ڏينهن خداوند جي خوف ۾ رهہ:</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو انعام جي پڪ آهي؛ ۽ تنهنجي اميد وڍجي نہ ويندي.</verse>
				<verse number="19">اي منهنجا پٽ، ٻڌ ۽ ڏاهو ٿيءُ، ۽ پنهنجيءَ دل کي سنئين رستي تي آڻ.</verse>
				<verse number="20">شراب خورن مان؛ ۽ گهڻي گوشت کائيندڙن مان نہ ٿي:</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو شرابي ۽ هٻڇي نيٺ ڪنگالپڻ کي وڃي پهچندا: ۽ ڳِهر ماڻهوءَ کي ٿڳڙي پوش ڪندي.</verse>
				<verse number="22">جنهن پيءُ مان تون ڄائو آهين تنهنجي ڳالهہ ڌيان ڏيئي ٻڌ، ۽ جڏهن تنهنجي ماءُ ڪراڙي ٿئي تڏهن انهيءَ کي ڌڪار نہ.</verse>
				<verse number="23">سچ کي خريد ڪر ۽ انهيءَ کي وڪڻي نہ ڇڏ؛ هائو، ڏاهپ کي ۽ تعليم کي ۽ سمجهہ کي.</verse>
				<verse number="24">سچي جو پيءُ نهايت خوش رهندو: ۽ جيڪو ڏاهو ٻار ٿو ڄڻي تنهن کي انهيءَ مان خوشي حاصل ٿيندي.</verse>
				<verse number="25">ڀلي تہ تنهنجو پيءُ ۽ تنهنجي ماءُ خوش رهن، ۽ ڀلي تہ جنهن توکي پيٽ ۾ سانڍيو آهي، سا خوشيون ڪري.</verse>
				<verse number="26">اي منهنجا پٽ، مون کي پنهنجي دل ڏي، ۽ پنهنجين اکين کي منهنجن رستن جي ڪري خوش ٿيڻ ڏي.</verse>
				<verse number="27">ڇالاءِ جو ڪسبياڻي هڪڙي اونهي کڏ آهي؛ ۽ ڌاري زال هڪڙي سوڙهي کوهي آهي.</verse>
				<verse number="28">هائو هوءَ هڪڙي چور وانگر ڇپ هڻي ويهي ٿي، ۽ ماڻهن ۾ دغابازن جو شمار وڌائي ٿي.</verse>
				<verse number="29">ڪنهن کي غم آهي؟ ڪنهن کي ڏک آهي؟ ڪير جهيڙا ٿو ڪري؟ ڪير شڪايتون ٿو ڪري؟ ڪنهن کي سبب کان سواءِ زخم آهن؟ ڪنهن کي اکين جي ڳاڙهاڻ آهي؟</verse>
				<verse number="30">اهي جي شراب پيئڻ ۾ گهڻو وقت گذارين ٿا؛ اُهي جي گڏيل شراب ڳولي لهڻ لاءِ وڃن ٿا.</verse>
				<verse number="31">جڏهن شراب ڳاڙهو آهي تڏهن اُن ڏانهن نہ نهار، يا جڏهن اُهو پيالي ۾ پنهنجو رنگ ظاهر ڪري ٿو، ۽ جڏهن اهو لسو ڳسيو وڃي ٿو:</verse>
				<verse number="32">ڇالاءِ جو پڇاڙيءَ ۾ اُهو نانگ وانگر چڪ هڻي ٿو، ۽ کپر وانگر ڏنگي ٿو.</verse>
				<verse number="33">تنهنجون اکيون پرايون شيون ڏسنديون، ۽ تنهنجي دل بيهوديون ڳالهيون ڪندي.</verse>
				<verse number="34">هائو تون انهيءَ جهڙو ٿيندين جو سمنڊ جي وچ ۾ سمهي ٿو، يا انهيءَ جهڙو، جو جهاز جي کوهي جي چوٽيءَ تي سمهي ٿو.</verse>
				<verse number="35">تون چوندين تہ هنن مون کي ڌڪ هنيو آهي پر مون کي ايذاءُ ڪونہ پهتو آهي؛ هنن مون کي ماريو آهي، پر مون تي انهيءَ جو اثر ئي ڪونہ ٿيو: آءٌ ڪڏهن سجاڳ ٿيندس؟ آءٌ وري انهيءَ کي ڳوليندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="24">
				<verse number="1">خراب ماڻهن تي ريس نہ ڪر؛ نڪي هنن سان گڏ گذارڻ جي خواهش ڪر:</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو هنن جي دل ظلم زبردستيءَ جي خيال ۾ ٿي رهي، ۽ هنن جا چپ نقصان جون ڳالهيون ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="3">ڏاهپ جي وسيلي گهر جُڙي ٿو؛ ۽ سمجهہ جي وسيلي اُهو قائم ٿئي ٿو؛</verse>
				<verse number="4">۽ علم جي وسيلي هر طرح جي قيمتي ۽ وڻندڙ مال سان ڪوٺيون ڀربيون آهن؟</verse>
				<verse number="5">ڏاهو ماڻهو مضبوط آهي؛ هائو، علم واري ماڻهوءَ جي طاقت وڌندي ٿي وڃي.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو ڏاهپ واري هدايت سان تون پنهنجي جنگ ڪندين: ۽ گهڻن جي صلاح مصلحت جي ڪري سلامتي آهي.</verse>
				<verse number="7">ڏاهپ بي عقل جي پهچ کان گهڻو مٿي آهي: هو چونڪ ۾ پنهنجو وات نٿو پٽي.</verse>
				<verse number="8">جيڪو برائي ڪرڻ جون رٿون ڪري ٿو، تنهن کي ماڻهو فسادي شخص سڏيندا.</verse>
				<verse number="9">بي عقل جو خيال گناهہ آهي: ۽ ٺٺولي ڪندڙ مان ماڻهن کي نفرت ٿي اچي.</verse>
				<verse number="10">جيڪڏهن تون مصيبت جي ڏينهن بي حواس ٿي ويندين، تہ تنهنجو زور ٿورو آهي.</verse>
				<verse number="11">جيڪي موت ڏي کڄيو ٿا وڃن تن کي ڇڏاءِ، ۽ جيڪي قتل ٿيڻ لاءِ تيار آهن تن کي پٺ تي هٽائڻ جي ڪوشش ڪر.</verse>
				<verse number="12">جيڪڏهن تون چوندين تہ ڏس اسين هي نٿا ڄاڻون: تہ جيڪو دليون توري ٿو سو انهيءَ جو ويچار نہ ڪندو ڇا؟ ۽ جيڪو تنهنجي ساهہ جي سنڀال ٿو ڪري سو اهو نہ ڄاڻندو ڇا؟ ۽ اهو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ڪيتي موافق عيوضو نہ ڏيندو ڇا؟</verse>
				<verse number="13">اي منهنجا پٽ، تون ماکي کاءُ، ڇالاءِ جو اُها چڱي آهي؛ ۽ مانارو بہ، جو توکي مٺو ٿو لڳي:</verse>
				<verse number="14">انهيءَ طرح ڏاهپ کي پنهنجي روح لاءِ ڄاڻ؛ جيڪڏهن تو اها لڌي، تہ تو کي انعام ملندو، ۽ تنهنجي اميد وڍجي نہ ويندي.</verse>
				<verse number="15">اي شرير شخص، سچي جي گهر ۾ گهڙڻ لاءِ ڇپ هڻي لڪي نہ ويهہ؛ هن جي آرام جي جاءِ خراب نہ ڪر:</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو سچو ماڻهو ست ڀيرا ڪري ٿو ۽ وري اُٿي ٿو: پر شريرن کي آفت اونڌو ڪري ڪيرايو وجهي.</verse>
				<verse number="17">جڏهن تنهنجو دشمن ڪري ٿو، تڏهن خوشي نہ ڪر، ۽ جڏهن هو اُبتو ڪري ٿو تڏهن پنهنجي دل کي خوش ٿيڻ نہ ڏ ي:</verse>
				<verse number="18">متان خداوند اهو ڏسي ۽ انهيءَ ڪري رنج ٿئي، ۽ هن تان پنهنجي ڪاوڙ لاهي ڇڏي.</verse>
				<verse number="19">بدي ڪندڙن جي ڪري ڪُرڪندو نہ وت؛ نڪي شريرن تي حسد ڪر.</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ جو خراب ماڻهوءَ کي ڪوبہ انعام نہ ملندو؛ شرير جو ڏيئو اُجهامي ويندو.</verse>
				<verse number="21">اي منهنجا پٽ، تون خداوند ۽ بادشاهہ کان ڊڄندو رهہ؛ ۽ جيڪي چنچل آهن تن سان ڪوبہ واسطو نہ رکو:</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ جو انهن جي آفت اوچتو اُٿندي؛ ۽ انهن ٻنهي جي ناس ٿيڻ جي ڪنهن کي خبر آهي؟</verse>
				<verse number="23">هي بہ ڏاهن جا قول آهن. عدالت ۾ پاسخاطري ڪرڻ چڱي ڳالهہ نہ آهي.</verse>
				<verse number="24">جيڪو شرير کي چوي ٿو تہ تون سچو آهين؛ انهيءَ تي ماڻهو لعنت ڪندا ۽ قومون انهيءَ کي ڌڪارينديون:</verse>
				<verse number="25">پر جيڪي هن کي ملامت ڪن ٿا انهن جي لاءِ خوشي ٿيندي، ۽ انهن تي چڱي برڪت نازل ٿيندي.</verse>
				<verse number="26">جيڪو برابر جواب ڏئي ٿو سو چپن سان چُمي ٿو.</verse>
				<verse number="27">پنهنجو ڪم ٻاهر تيار ڪر، ۽ پنهنجي لاءِ ٻنيءَ کي تيار رک؛ ۽ پوءِ پنهنجو گهر اڏاءِ</verse>
				<verse number="28">سبب کان سواءِ پنهنجي پاڙيسريءَ جي برخلاف شاهد نہ ٿيءُ؛ ۽ پنهنجن چپن سان ٺڳي نہ ڪر.</verse>
				<verse number="29">ائين نہ چئُہ تہ جيئن هن مون سان ڪيو آهي تيئن آءٌ بہ هن سان ڪندس؛ آءٌ هن ماڻهوءَ کي سندس ڪيتي موجب بدلو ڏيندس.</verse>
				<verse number="30">آءٌ سست ماڻهوءَ جي ٻنيءَ وٽان لنگهيس، ۽ بي سمجهہ ماڻهو جي ڊاک جي منهہ وٽان بہ؛</verse>
				<verse number="31">۽ ڏس، چوڌاري انهيءَ تي ڪنڊا چڙهي ويا هئا، ۽ اُهو ڪانڊيرن سان ڍڪجي ويو هو ۽ انهيءَ جي پڪي ڀت بہ ڀڳي ڊٺي پيئي هئي.</verse>
				<verse number="32">تڏهن مون نهاري چڱيءَ طرح ويچار ڪيو: اُنهيءَ کي ڏسي مون سمجهيو.</verse>
				<verse number="33">اڃا بہ ٿوري ننڊ، ٿوري پنڪي، سمهڻ لاءِ ٿوريون ٻانهون سوڙهيون ڪرڻ:</verse>
				<verse number="34">ائين ڪرڻ سان تنهنجي غريبي چور وانگر ايندي؛ ۽ تنهنجي محتاجي هٿيار ٻڌل ماڻهوءَ وانگي ايندي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="25">
				<verse number="1">هي بہ سليمان جا مثل آهن، جي يهوداهہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ماڻهن نقل ڪيا.</verse>
				<verse number="2">اهو خدا جو جلال آهي تہ ڪا شيءِ لڪائي: پر بادشاهن جو فخر انهيءَ ۾ آهي تہ ڳالهہ ڳولي ظاهر ڪن.</verse>
				<verse number="3">آسمان جي بلندي ۽ زمين جي اونهائي، ۽ بادشاهن جي دل جو حال ڳولي لهڻ جو ئي نہ آهي.</verse>
				<verse number="4">چانديءَ جو مٺ ڪڍي ڇڏڻ سان، سوناري لاءِ هڪڙو باسڻ نڪري ظاهر ٿئي ٿو.</verse>
				<verse number="5">شرير ماڻهوءَ کي بادشاهہ جي حضور مان ڪڍي وڃ، تہ سندس تخت سچائيءَ جي ڪري قائم رهندو.</verse>
				<verse number="6">بادشاهہ جي حضور ۾ اڳرائي ڪري پاڻ کي پيش نہ ڪر، ۽ وڏن ماڻهن جي جاءِ تي نہ بيهہ:</verse>
				<verse number="7">بهتر ائين آهي تہ توکي چون تہ اڳيان وڌي اچ، انهيءَ کان تہ جنهن بادشاهہ کي تنهنجن اکين ڏٺو آهي تنهنجي حضور ۾ توکي هيٺ ويهارين.</verse>
				<verse number="8">تڪڙ ڪري وڙهڻ لاءِ نہ وڃ، متان جڏهن تنهنجو پاڙيسري توکي شرمندو ڪري، تڏهن توکي خبر نہ پوي تہ پڇاڙيءَ ۾ ڇا ڪجي.</verse>
				<verse number="9">پنهنجي دعويٰ بابت خود پنهنجي پاڙيسريءَ سان بحث هلاءِ، ۽ ٻئي جو ڳجهہ ظاهر نہ ڪر.</verse>
				<verse number="10">متان جيڪو اُهو ٻڌي سو تنهنجي گلا ڪري، ۽ تنهنجي بدنامي ٽري نہ وڃي.</verse>
				<verse number="11">مناسب وقت تي هڪڙو لفظ اهڙو آهي جهڙا سون جا صوف چانديءَ جي ٽوڪرين ۾،</verse>
				<verse number="12">جيئن سونو در ۽ خالص سون جا زيور، تيئن مڃيندڙ ڪن جي لاءِ ڏاهو نصيحت ڪندڙ.</verse>
				<verse number="13">جيئن لاباري جي موسم ۾ برف جي سردي، تيئن ايماندار قاصد انهن جي لاءِ جي اُن کي موڪلين ٿا، ڇالاءِ جو هو پنهنجن مالڪن جي روح کي تازو توانو ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="14">جيئن ڪڪر ۽ واءُ مينهن کان سواءِ، تيئن اُهو ماڻهو جو پنهنجن بخششن جي ڪوڙي ٻٽاڪ ٿو هڻي.</verse>
				<verse number="15">گهڻي تائين تحمل ڪرڻ ڪري حاڪم کي آڻي مطلب تي بيهارجي ٿو، ۽ نرم زبان هڏ ڀڃيو وجهي.</verse>
				<verse number="16">تو ماکي لڌي آهي ڇا؟ ايتري کاءُ جيتري تنهنجي لاءِ ڪافي آهي، متان تنهنجو پيٽ انهيءَ سان ڀرجي پوي ۽ تون اُها قئي ڪري ڪڍي ڇڏين.</verse>
				<verse number="17">بار بار پنهنجي پاڙيسريءَ جي گهر ۾ پير نہ وجهندو ڪر، متان هو تو مان ڪڪ ٿي پوي ۽ توکي ڌڪاري.</verse>
				<verse number="18">جيڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي ڏئي ٿو، سو هڪڙو ميخ مار، ۽ هڪڙي ترار ۽ تکو تير آهي.</verse>
				<verse number="19">تڪليف جي وقت بي ايمان ماڻهوءَ ۾ ويساهہ رکڻ، اهڙو آهي جهڙو ڀڳل ڏند، ۽ سنڌ کان نڪتل پير.</verse>
				<verse number="20">جيڪو غمگين دل واري جي اڳيان گيت ڳائي ٿو سو انهيءَ ماڻهو وانگر آهي جو سياري ۾ ڄڻ تہ ڪنهن جا ڪپڙا لاهي، ۽ شوري تي سرڪو ٿو وجهي.</verse>
				<verse number="21">جيڪڏهن تنهنجو دشمن بکايل هجي تہ انهيءَ کي کائڻ لاءِ ماني ڏي، ۽ جي هو اُڃايل هجي تہ پيئڻ لاءِ پاڻي ڏينس.</verse>
				<verse number="22">انهيءَ طرح تون هن جي مٿي تي ٽانڊا رکندين، ۽ خداوند توکي اجر ڏيندو.</verse>
				<verse number="23">اُتر جو واءُ مينهن آڻيندو آهي: ساڳئي طرح گلا غيبت ڪندڙ زبان ڪاوڙ واري صورت آڻي ٿي.</verse>
				<verse number="24">گهر جي ڇت جي ڪنڊ تي ويهڻ، ڪشادي گهر ۾ جهيڙي ڪندڙ زال سان گڏ رهڻ کان بهتر آهي.</verse>
				<verse number="25">جيئن ٿڌو پاڻي اُڃايل جان جي لاءِ، تيئن اها خوشخبري جا پرانهين ملڪ کان اچي.</verse>
				<verse number="26">جيئن لتڙيل پاڻي وارو چشمو ۽ ڪِنو ٿيل کوهہ، تيئن اُهو سچو ماڻهو جو شرير جي ڳالهہ قبول ڪري.</verse>
				<verse number="27">گهڻي ماکي کائڻ چڱي ناهي، انهي طرح ماڻهن جي لاءِ خود پنهنجي عزت ڳولڻ عزت ناهي.</verse>
				<verse number="28">جنهن جي طبيعت روڪڻ جي ناهي، سو انهي شهر وانگر آهي جو ڀڄي پيو هجي ۽ ڀت ڪانہ هجيس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="26">
				<verse number="1">جيئن برف اونهاري ۾، ۽ جيئن مينهن فصلن لهڻ جي موسم ۾، تيئن عزت بيعقل جي لاءِ سهائيندي ناهي.</verse>
				<verse number="2">جيئن جهرڪي رلڻ ۾، ۽ جيئن ابابيل اُڏامڻ ۾، تيئن جيڪا لعنت بي سبب آهي سا لهي نٿي.</verse>
				<verse number="3">چهبڪ گهوڙي لاءِ، لغام گڏهہ لاءِ، ۽ لڪڻ بي عقلن جي پٺيءَ لاءِ.</verse>
				<verse number="4">بي عقل کي سندس بيعقليءَ موجب جواب نہ ڏي، تہ متان تون بہ انهيءَ جهڙو ٿي پوين.</verse>
				<verse number="5">بي عقل کي سندس بي عقليءَ موجب جواب ڏي، متان هو پاڻ کي پنهنجي خيال موجب ڏاهو سمجهي.</verse>
				<verse number="6">جيڪو ڪنهن بيعقل جي هٿان پيغام موڪلي ٿو، سو پنهنجو پير وڍي ڇڏي ٿو ۽ نقصان پي وڃي ٿو.</verse>
				<verse number="7">منڊي جون ٽنگون ڍريون لڙڪن ٿيون، تيئن مثل بيعقلن جي وات ۾ آهي.</verse>
				<verse number="8">جيئن جواهرن جي ڳوٿري پهڻن جي ڍڳ ۾، تيئن اهو ماڻهو آهي جو ڪنهن بي عقل کي عزت ٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="9">جيئن ڪو ڪنڊو ڪنهن نشئيءَ جي هٿ ۾ چڙهي وڃي ٿو، تيئن مثل بي عقلن جي وات ۾ آهي.</verse>
				<verse number="10">جيئن ڪو تير انداز سڀني کي زخمي ڪري ٿو، تيئن اهو ماڻهو آهي جو بي عقل کي ڀاڙي ڪري ٿو، ۽ اُهو جو رستي تان لنگهندڙن کي ڀاڙي ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="11">جيئن ڪو ڪتو پنهنجي ڪيل قئي تي موٽي اچي ٿو، تيئن اُهو بي عقل آهي جو وري وري پنهنجي بي عقلي ظاهر ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="12">تون اهو ماڻهو ڪي ڏسين ٿو جو پنهنجي خيال ۾ پاڻ کي ڏاهو ٿو سمجهي؟ انهي کان بي عقل ۾ زيادہ اميد آهي.</verse>
				<verse number="13">سست چوي ٿو تہ رستي ۾ هڪڙو شينهن آهي، هڪڙو شينهن گهٽين ۾ آهي.</verse>
				<verse number="14">جيئن در پنهنجن چوڙن تي ڦري ٿو، تيئن سست پنهنجي هنڌ تي ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="15">سست پنهنجو هٿ رڪابيءَ ۾ ٻوڙي ٿو، پر اُتان کڻي اُهو پنهنجي وات تائين آڻڻ بہ هن کي ٿڪايو وجهي.</verse>
				<verse number="16">سست پاڻ کي انهن ستن ماڻهن کان ڏاهو ٿو سمجهي، جي پورو دليل ڏيئي سگهن ٿا.</verse>
				<verse number="17">جيڪو راهہ لنگهندي جنهن جهيڙي سان سندس ڪوبہ واسطو ڪونهي تنهن سان پاڻ کي هلاڪ ٿو ڪري، سو اُنهيءَ ماڻهو جهڙو آهي جو ڪتي کي ڪنن کان ٿو وٺي.</verse>
				<verse number="18">جيئن ڪو ديوانو ماڻهو اُماڙيون، ۽ تير ۽ موت جا هٿيار اُڇلائي.</verse>
				<verse number="19">تيئن اُهو ماڻهو آهي جو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ٺڳي ٿو، ۽ چوي ٿو تہ آءٌ رونشو نٿو ڪريان ڇا؟</verse>
				<verse number="20">ڪاٺي نہ هئڻ ڪري باهہ اُجهامي وڃي ٿي، جتي ڪو سُس پُس ڪرڻ وارو ڪونهي اُتي جهيڙو فساد بند ٿي وڃي ٿو.</verse>
				<verse number="21">جيئن اڱر ٽانڊن لاءِ، ۽ ڪاٺيون باهہ لاءِ، تيئن جهيڙاڪ ماڻهو جهيڙي پيدا ڪرڻ لاءِ آهي.</verse>
				<verse number="22">چغلخور جون ٻوليون لذيذ لقمن وانگي آهن، ۽ اُهي پيٽ جي تمام اندرين ڀاڱن ۾ وڃيو ٿيون پهچن.</verse>
				<verse number="23">شوق وارا چپ ۽ خراب دل انهي ٺڪر جي ٿانوَ جهڙا آهن، جنهن مٿان چانديءَ جو مٺ چڙهيل هجي.</verse>
				<verse number="24">جيڪو دشمني ٿو رکي سو پنهنجن چپن سان ڍونگ ڪري ٿو، مگر پنهنجي اندر ۾ دغا رکي ٿو:</verse>
				<verse number="25">جڏهن هو چڱيءَ طرح ڳالهائي ٿو، تڏهن هن تي ويساهہ نہ ڪر، ڇالاءِ جو هن جي دل ۾ ست نفرتون آهن.</verse>
				<verse number="26">جيتوڻيڪ هن جو ڪينو ٺڳيءَ سان ڍڪيو پيو آهي، تہ بہ هن جي شرارت جماعت جي اڳيان کلي ظاهر ٿي پوندي.</verse>
				<verse number="27">جيڪو کڏ کڻندو سو انهيءَ ۾ پوندو: ۽ جيڪو ڇپ ليٽائي ٿو تنهن تي اها موٽي اچي پوندي.</verse>
				<verse number="28">ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان انهن کي ڌڪاري ٿي جن کي ڦٽي ٿي، ۽ خوشامد ڪندڙ وات موت پيدا ٿو ڪري.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="27">
				<verse number="1">سڀاڻي جي بابت ٻٽاڪ نہ هڻ، ڇالاءِ توکي خبر ناهي تہ ڏينهن جي اندر ڇا ٿيندو.</verse>
				<verse number="2">ڀلي تہ ڪو ٻيو تنهنجي تعريف ڪري ۽ نہ خود تنهنجو وات، ڪو ڌاريو ڪري ۽ نہ خود تنهنجا چپ.</verse>
				<verse number="3">پٿر ڳرو ٿو ٿئي ۽ واري وزني آهي، پر بي عقل جي چڙ انهن ٻنهي کان ڳري آهي.</verse>
				<verse number="4">ڪاوڙ ظلم جهڙي آهي ۽ غصو جوش جهڙو آهي، پر ريس جي اڳيان ڪير بيهي سگهندو؟</verse>
				<verse number="5">لڪل محبت کان ظاهر ظهور ملامت بهتر آهي.</verse>
				<verse number="6">دوست جا زخم وفائي آهي، پر دشمن جون چميون گهڻيون آهن.</verse>
				<verse number="7">ڍاول کي ماکيءَ جي ماناري کان بہ نفرت ٿي اچي، پر بکايل جان کي سڀڪا ڪَڙي شيءِ بہ مٺي ٿي لڳي.</verse>
				<verse number="8">جيئن ڪو پکي پنهنجي آکيري مان نڪري رلڻ وڃي ٿو، تيئن اُهو ماڻهو آهي جو پنهنجي جاءِ تان نڪري رُلڻ ٿو وڃي.</verse>
				<verse number="9">سرهو تيل ۽ عطر، دل کي خوش ڪن ٿا، انهي طرح دوست جي ڏنل دلي صلاح مٺي آهي.</verse>
				<verse number="10">پنهنجي دوست کي ۽ پنهنجي پيءُ جي دوست کي ڇڏي نہ ڏي، ۽ پنهنجي مصيبت جي ڏينهن پنهنجي ڀاءُ جي گهر ڏي نہ وڃ، ڇالاءِ جو انهيءَ ڀاءُ کان جو پري آهي ويجهو پاڙيسري بهتر آهي.</verse>
				<verse number="11">اي منهنجا پٽ ڏاهو ٿيءُ منهنجي دل خوش ڪر، تہ جيڪو مون کي طعنو ٿو هڻي تنهن کي جواب ڏيئي سگهان.</verse>
				<verse number="12">سياڻو ماڻهو خرابي ڏسي پاڻ کي لڪائي ٿو، پر ڀورڙا لنگهيو اڳتي وڃن ۽ نقصان ٿا سهن.</verse>
				<verse number="13">جيڪو ڌارئي جو ضامن ٿو پوي تنهن جو ڪپڙو وٺ، ۽ جيڪو ڪنهن ڌاريءَ زال جو ضامن آهي تنهن کي پاڻ وٽ ڳهہ ۾ رک.</verse>
				<verse number="14">جيڪو صبح جو سوير اٿي وڏي آواز سان پنهنجي دوست کي دعا ٿو ڪري تنهنجي اُها دعا هن لاءِ پٽ شمار ۾ ايندي.</verse>
				<verse number="15">مينهن واري ڏينهن ساندهہ ڦڙن جو ڪرڻ، ۽ جهيڙاڪ زال ٻئي هڪجهڙا آهن.</verse>
				<verse number="16">جيڪو انهي زال کي روڪيندو سو واءُ کي روڪيندو، ۽ انهي جو ساڄو هٿ تيل کي جهلي ٿو.</verse>
				<verse number="17">لوهہ لوهہ کي تکو ٿو ڪري، ساڳي طرح ماڻهو پنهنجي دوست جي شڪل کي تکو ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="18">جيڪو انجير جو وڻ ٿو سنڀالي سو انهي جو ميوو کائيندو، ۽ جيڪو پنهنجي ڌڻيءَ جي خدمت لاءِ تيار رهي ٿو سو مان پائيندو.</verse>
				<verse number="19">جيئن پاڻيءَ ۾ منهن منهن سان موافق ٿو ڏسجي، تيئن ماڻهوءَ جي دل ماڻهوءَ سان.</verse>
				<verse number="20">قبر ۽ پاتال ڪڏهن بہ ڍاپجڻ جا ناهن، تيئن ماڻهوءَ جون اکيون بہ ڪڏهن ڍاول نہ رهنديون.</verse>
				<verse number="21">بوتو چانديءَ لاءِ آهي، ۽ کورو سون لاءِ، ۽ ماڻهو سندس تعريف سان پرکبو آهي.</verse>
				<verse number="22">جيتوڻيڪ تون ڪنهن بي عقل کي ڪٽيل اَن سان گڏ اکريءَ مهريءَ ۾ کڻي ڪُٽيندين، تہ بہ ان جي بي عقلي منجهانئس نڪري نہ ويندي.</verse>
				<verse number="23">تون پنهنجي مال جي گلن جي سنڀال ڪر، ۽ پنهنجن ڌڻن کي چڱي طرح ڏسندو رهہ.</verse>
				<verse number="24">ڇالاءِ جو دولت هميشہ لاءِ ناهي، ۽ ڇٽ سڀني پيڙهين تائين جٽاءُ ڪري ٿو ڇا؟</verse>
				<verse number="25">سڪل گاهہ کڄي ويندو آهي ۽ سائو گاهہ پاڻيهي پيدا ٿيندو آهي، ۽ جبل جي ساوڪ لڻي گڏ ڪبي آهي.</verse>
				<verse number="26">گهيٽا تنهنجي پوشاڪ لاءِ آهن، ۽ ٻڪريون تنهنجي ٻنيءَ جو ملهہ آهن:</verse>
				<verse number="27">۽ ٻڪرين جو کير تنهنجي ۽ تنهنجي گهر وارن جي کائڻ لاءِ، ۽ تنهنجين ٻانهين جي گذران لاءِ ڪافي ٿيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="28">
				<verse number="1">شرير ڀڄندا آهن، جڏهن ڪوبہ سندن پٺيان نٿو پوي، پر سچا شينهن وانگي بهادر آهن.</verse>
				<verse number="2">ملڪ ۾ ڏوهن هئڻ ڪري انهي جا گهڻائي بادشاهہ آهن، مگر سمجهہ ۽ علم وارن ماڻهن جي ڪري انهي جو انتظام گهڻي تائين هلندو.</verse>
				<verse number="3">ڪنگال ماڻهو جو غريبن تي ظلم ڪري ٿو، سو انهي طوفان واري مينهن وانگي آهي جو اَن جو داڻو کاڌي لاءِ نٿو ڇڏي،</verse>
				<verse number="4">جيڪي شريعت کي ترڪ ٿا ڪن سي شريرن جي تعريف ٿا ڪن، پر جيڪي شريعت تي هلن ٿا سي انهن سان وڙهن ٿا.</verse>
				<verse number="5">خراب ماڻهو انصاف نٿا سمجهن، پر جيڪي خداوند جا طالب آهن سي سڀ ڳالهيون سمجهن ٿا.</verse>
				<verse number="6">جيڪو غريب پنهنجي سنوت ۽ سچائي جي رستي تي هلي ٿو، سو انهي کان بهتر آهي جو ڏنگن رستن تي هلي ٿو اگرچہ اُهو ڀلي تونگر هجي.</verse>
				<verse number="7">جيڪو شريعت جي سنڀال رکي ٿو سو ڏاهو پٽ آهي، پر جيڪو پيٽورن جو سنگتي آهي سو پنهنجي پيءُ کي شرمندو ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="8">جيڪو وياج ۽ واڌاري سان پنهنجو مال وڌائي ٿو، سو اُهو انهي لاءِ ٿو گڏ ڪري جنهن کي غريبن تي رحم اچي ٿو.</verse>
				<verse number="9">جيڪو شريعت جي ٻڌڻ کان پنهنجو ڪن ڦيرائي ٿو، تنهنجي دعا بہ نفرت جهڙي آهي.</verse>
				<verse number="10">جيڪو سنئين هلڻ واري کي ڪنهن خراب رستي ڏي ڦيري گمراهہ ڪري ٿو، سو پاڻ پنهنجي کڏ ۾ ڪري پوندو، پر ڪامل ماڻهو نيڪيءَ جا وارث ٿيندا.</verse>
				<verse number="11">دولتمند ماڻهو پنهنجي سمجهہ موجب ڏاهو آهي، پر سمجهہ وارو غريب اُن کي جانچي وٺي ٿو.</verse>
				<verse number="12">جڏهن سچا فتحياب ٿين ٿا تڏهن ڏاڍي خوشي ٿئي ٿي، پر جڏهن شرير اُٿن ٿا تڏهن ماڻهو پاڻ کي وڃيو لڪائين.</verse>
				<verse number="13">جيڪو پنهنجا قصور لڪائي ٿو سو سکيو نہ گذاريندو، پر جيڪو اُهي قبول ڪندو ۽ ڇڏيندو تنهن کي رحم حاصل ٿيندو.</verse>
				<verse number="14">سڀاڳو آهي اُهو ماڻهو جو هميشہ ڊڄي ٿو، پر جيڪو پنهنجي دل سخت ڪري ٿو سو خرابيءَ ۾ ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="15">جيئن گجندڙ شينهن ۽ گهمندڙ رڇ، تيئن اُهو شرير ماڻهو جو غريبن تي حاڪم آهي.</verse>
				<verse number="16">جنهن بادشاهہ کي سمجهہ ڪانهي سو وڏو ظالم بہ ٿئي ٿو، پر جيڪو لالچ کي ڌڪاري ٿو تنهنجا ڏينهن گهڻا ٿيندا.</verse>
				<verse number="17">جنهن ماڻهو جي سر تي ٻئي جو خون آهي، سو ڀڄي وڃي کڏ ۾ پوندو: انهي کي ڪوبہ نہ روڪي.</verse>
				<verse number="18">جيڪو سنئون سڌو هلي ٿو سو ڇڏايو ويندو، پر جيڪو ڏنگن رستن تي هلي ٿو سو هڪدم ڪري پوندو.</verse>
				<verse number="19">جيڪو پنهنجي زمين کي پوکي ٿو تنهن کي مئو ماني ملندي، پر جيڪو اجاين ماڻهن جي پٺيان ٿو لڳي سو گهڻو ڪنگال ٿيندو.</verse>
				<verse number="20">ايماندار ماڻهوءَ کي بي انداز برڪتون حاصل ٿين ٿيون، پر جيڪو دولتمند ٿيڻ لاءِ تڪڙ ڪري ٿو سو بي سزا رهجي نہ ويندو.</verse>
				<verse number="21">پاسداري ڪرڻ چڱي نہ آهي، نڪي ڪنهن ماڻهو کي ٽڪر ڀوري لاءِ ڏوهہ ڪرڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="22">جنهن جي نظر بري آهي سو دولت جي پٺيان تڪڙو ٿي پوي ٿو ۽ اهو سماءُ نٿو پويس تہ ڪنگالپڻ مٿس ڪاهي اچي پوندي.</verse>
				<verse number="23">جيڪو ڪنهن ماڻهو کي ملامت ڪري ٿو، سو انهي کان زيادہ مان لهندو جو زبان سان خوشامد ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="24">جيڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي ڦري ٿو، ۽ چوي ٿو تہ اهو ڪو ڏوهہ ناهي، سو هڪڙي ناس ڪندڙ ماڻهو جو سنگتي آهي.</verse>
				<verse number="25">جيڪو لالچي طبيعت جو ماڻهو آهي سو جهيڙو اُٿاري ٿو، پر جيڪو پنهنجو ويساهہ خداوند ۾ رکي ٿو سو ٿلهو ٿيندو.</verse>
				<verse number="26">جيڪو پنهنجي دل تي ڀروسو ٿو رکي سو بي عقل آهي، پر جيڪو ڏاهپ سان هلي ٿو سو ڇوٽڪارو لهندو.</verse>
				<verse number="27">جيڪو غريبن کي ٿو ڏئي تنهن کي ڪمي نہ ٿيندي، پر جيڪو پنهنجون اکيون لڪائي ٿو تنهن تي گهڻي لعنت پوندي.</verse>
				<verse number="28">جڏهن شرير کڙا ٿين ٿا تڏهن ماڻهو پاڻ کي وڃيو لڪائين، پر جڏهن هو چٽ ٿين ٿا تڏهن سچا وڌن ٿا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="29">
				<verse number="1">جيڪو گهڻي ملامت کان پوءِ بہ پنهنجي گردن سخت ڪري ٿو، سو اوچتو برباد ٿيندو ۽ ڪوبہ علاج ڪونہ ٿيندس.</verse>
				<verse number="2">جڏهن سچا گهڻا ٿين ٿا تڏهن ماڻهو خوش ٿين ٿا، پر جڏهن ڪو شرير ماڻهو حاڪم ٿئي ٿو تڏهن ماڻهو آهون ڪن ٿا.</verse>
				<verse number="3">جنهن جي ڏاهپ سان محبت آهي سو پنهنجي پيءُ کي خوش ڪري ٿو، پر جيڪو ڪسبياڻين سان سنگت ٿو رکي سو پنهنجو مال ملڪيت ضايع ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="4">بادشاهہ عدالت سان ملڪ کي قائم ڪري ٿو، پر جيڪو زور سان نذرانا وٺي ٿو سو ملڪ کي تباهہ ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="5">جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي خوشامد ڪري ٿو، سو پنهنجي پيرن جي لاءِ ڦندو پکيڙي ٿو.</verse>
				<verse number="6">خراب ماڻهوءَ جي ڏوهہ ۾ هڪڙو ڦانڌو آهي، پر سچو ڳائي ٿو ۽ خوشيون ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="7">سچو ماڻهو غريبن جي معاملي جي پوري خبر لهي ٿو، شرير ماڻهوءَ کي انهي جي خبر لهڻ جي سمجهہ ڪانهي.</verse>
				<verse number="8">ٺٺولي ڪندڙ ماڻهو شرير کي باهہ ڏيو ڇڏين، پر ڏاها ماڻهو ڪاوڙ پاسي ورايو ڇڏين.</verse>
				<verse number="9">جيڪڏهن ڪنهن ڏاهي ماڻهوءَ جو تڪرار ڪنهن بي عقل ماڻهوءَ سان ٿيو، پوءِ هو ڪاوڙيل رهي يا کلي، پر آرام ڪونہ ايندس.</verse>
				<verse number="10">خوني ماڻهو ڪامل انسان کي ڌڪاري ٿو، پر سچا ماڻهو هن جي ساهہ بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.</verse>
				<verse number="11">بي عقل پنهنجي سڀ ڪاوڙ ظاهر ڪيو وجهي، پر ڏاهو ماڻهو اُها پٺ تي رکي ڇڏي ۽ انهي کي ماٺو ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="12">جيڪڏهن ڪو حاڪم ڪوڙ کي ڪن ڏيئي ٻڌي ٿو، تہ سندس سڀ نوڪر شرير آهن.</verse>
				<verse number="13">غريب ماڻهو ۽ ظالم ٻئي گڏجن ٿا، خداوند انهن ٻنهي جون اکيون روشن ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="14">جيڪو بادشاهہ ايمانداريءَ سان غريبن جو انصاف ڪري ٿو، تنهنجو تخت هميشہ لاءِ قائم رهندو.</verse>
				<verse number="15">لڪڻ ۽ ڇينڀ ڏاهپ لهن ٿا، پر پنهنجي منهن ڇڏي ڏنل ٻار پنهنجي ماءُ کي شرمندو ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="16">جڏهن شرير وڌن ٿا تڏهن گناهہ وڌي ٿو: پر سچا انهن جي تباهي ڏسندا.</verse>
				<verse number="17">پنهنجي پٽ کي سيکت ڏي تہ هو توکي آرام ڏي؛ هائو هو تنهنجي روح کي راحت ڏيندو.</verse>
				<verse number="18">جتي ڪو رويا ڪونهي اُتي ماڻهو بي لغام ٿيو وڃن، پر اُهو سڀاڳو آهي جو شريعت جي سنڀال ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="19">نوڪر رڳو ڳالهين سان ڪين سڌرندو: ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ هو سمجهندو تہ بہ ڌيان ڪين ڏيندو.</verse>
				<verse number="20">اهو ماڻهو ڪي ڏسين ٿو جو ڳالهائڻ ۾ تڪڙو آهي؟ انهي کان بي عقل ۾ زيادہ اميد آهي.</verse>
				<verse number="21">جيڪو ننڍي هوندي کان پنهنجي نوڪر کي ناز سان پالي ٿو، تنهنجو نيٺ اُهو پٽ ٿي ويهندو.</verse>
				<verse number="22">ڪاوڙ وارو ماڻهو جهيڙو اُٿاري ٿو، ۽ غضبناڪ ماڻهو گناهہ ۾ وڌندو ويندو.</verse>
				<verse number="23">ماڻهوءَ جي مغروري نيٺ هن کي نيچو ڪندي: پر جيڪو نماڻي طبيعت جو آهي، سو عزت حاصل ڪندو.</verse>
				<verse number="24">جيڪو چور جو ڀائيوار آهي سو خود پنهنجي جان کي ڌڪاري ٿو: هو قسم ٻڌي ٿو پر سچو بيان نٿو ڪري.</verse>
				<verse number="25">ماڻهوءَ جو ڊپ هڪڙو ڦانڌو آڻي ٿو، پر جيڪو پنهنجو ڀروسو خداوند تي ٿو رکي سو سلامت رهندو.</verse>
				<verse number="26">گهڻا ئي حاڪم جي مهرباني ڳولين ٿا: پر ماڻهوءَ جي عدالت خداوند وٽان ٿي اچي.</verse>
				<verse number="27">بي انصاف ماڻهو سچي جي لاءِ ڪراهت جهڙو آهي، ۽ جيڪو سنئين سڌي رستي تي آهي سو وري شريرن جي لاءِ ڪراهت جهڙو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="30">
				<verse number="1">اجور بن ياقہ، ميسائيءَ جو ڪلام: اي خدا مون پاڻ کي ٿڪايو آهي، اي خدا مون پاڻ کي ٿڪايو آهي، ۽ آءٌ ڳري سڙي ويو آهيان.</verse>
				<verse number="2">يقيناً آءٌ ٻين ماڻهن کان زيادہ جهنگلي آهيان، ۽ انسان جهڙي سمجهہ ڪانہ اٿم.</verse>
				<verse number="3">آءٌ ڏاهپ نہ سکيو آهيان، ۽ نہ انهي پاڪ وجود کي سڃاڻان ٿو.</verse>
				<verse number="4">ڪير آسمان تي چڙهيو آهي ۽ لٿو اهي؟ ڪنهن پنهنجن مٺين ۾ واءُ گڏ ڪيو آهي؟ ڪنهن پنهنجي ڪپڙي ۾ پاڻين کي ٻڌو آهي؟ ڪنهن ڌرتيءَ جا سڀ ڪنارا قائم ڪيا آهن؟ جي خبر هجيئي تہ ٻڌاءِ تہ انهيءَ جو نالو ڇا آهي؟ ۽ انهي جي پٽ جو نالو ڇا آهي؟</verse>
				<verse number="5">خدا جو هر هڪ لفظ آزمايل آهي، جيڪي مٿس ڀروسو رکن ٿا تن جي لاءِ هو ڍال آهي.</verse>
				<verse number="6">هن جي ڪلام ۾ تون ٻيو ڪي بہ ڪين گڏ، تہ متان هو توکي ملامت ڪري ۽ تون ڪوڙو معلوم ٿين.</verse>
				<verse number="7">مون تو کان ٻہ شيون گهريون آهن، منهنجي مرڻ کان اڳي انهن جي مون کي ڏيڻ کان انڪار نہ ڪر.</verse>
				<verse number="8">بيهودگي ۽ ڪوڙ مون کان پاسي ڪر، نہ مون کي ڪنگالپڻ ڏي نہ دولت، مون کي اهو کاڌو کاراءِ جو منهنجي لاءِ ضروري آهي.</verse>
				<verse number="9">تہ متان آءٌ ڍائجي پوان ۽ توکان منڪر ٿيان، ۽ چوان تہ خداوند ڪير آهي؟ يا متان آءٌ غريب ٿي پوان ۽ چوري ڪريان، ۽ پنهنجي خدا جي نالي جي بي ادبي ڪريان.</verse>
				<verse number="10">ڪنهن بہ نوڪر جي گلا سندس ڌڻي وٽ نہ ڪر، تہ متان هو توکي پٽي ۽ تون ڏوهاري ٿين.</verse>
				<verse number="11">ڪا پيڙهي اهڙي آهي جا پنهنجي پيءُ کي پٽي ٿي، ۽ پنهنجي ماءُ کي دعا نٿي ڪري.</verse>
				<verse number="12">ڪا پيڙهي اهڙي آهي جا پنهنجي نظر ۾ پاڪ آهي، تڏهن بہ پنهنجي گندگي کان ڌوپي صاف نہ ٿي آهي.</verse>
				<verse number="13">ڪا پيڙهي آهي جنهن جون اکيون ڪيترو نہ مٿي آهن، ۽ انهي جا ڇپر مٿي کنيل آهن.</verse>
				<verse number="14">ڪا پيڙهي اهڙي آهي جنهن جا ڏند ترارين جهڙا آهن، ۽ جنهن جون ڏاٺون ڪاتين جهڙيون آهن، انهي لاءِ تہ غريبن کي زمين تان، ۽ محتاجن کي ماڻهن منجهان ڳڙڪائي وڃن.</verse>
				<verse number="15">چور کي ٻہ ڌيئرون آهن جي پڪاري پيون چون تہ ڏي ڏي. ٽي شيون آهن جي ڍاپڻ جون ئي ناهن، بلڪ چار آهن جي ڪڏهن بہ نہ ٿيون چون تہ هاڻ بس:</verse>
				<verse number="16">قبر؛ ۽ سنڍ زال جو پيٽ؛ زمين، جا پاڻي سان ڍاپي ئي نٿي؛ ۽ باهہ جا ڪڏهن بہ نٿي چوي تہ بس.</verse>
				<verse number="17">جا اک پنهنجي پيءُ تي ٺٺولي ڪري ٿي، ۽ پنهنجي ماءُ جي فرمانبرداري ڪرڻ کي پسند نٿي ڪري، تنهن کي واديءَ جا ڪانگ ٺونگا هڻي پٽي ويندا، ۽ ڳجهہ جا ٻچا کائي ويندا.</verse>
				<verse number="18">ٽي شيون آهن جي منهنجي لاءِ نهايت عجيب آهن، بلڪ چار آهن جن جي مون کي خبر ناهي.</verse>
				<verse number="19">عقاب جو رستو هوا ۾، نانگ جو رستو ٽڪر تي، جهاز جو رستو سمنڊ جي وچ ۾، ۽ ماڻهو رستو ڪنواري زال سان.</verse>
				<verse number="20">اهڙو ساڳيو زنا ڪندڙ زال جو رستو آهي، هوءَ کائي ٿي، ۽ پنهنجو وات اُگهي ٿي، ۽ چوي ٿي تہ مون ڪوبہ خراب ڪم نہ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="21">ٽن شين جي ڪري زمين ڏڪي ٿي ۽ چار شيون آهن جي هوءَ کڻي نٿي سگهي:</verse>
				<verse number="22">ٻانهي جي ڪري جڏهن اهو بادشاهہ ٿئي ٿو؛ بي عقل جي ڪري جڏهن انهي جو پيٽ ڀرجي ٿو؛</verse>
				<verse number="23">نفرت جهڙي زال جي ڪري جڏهن اُها پرڻجي ٿي؛ ۽ ٻانهيءَ جي ڪري جا پنهنجي ڌياڻيءَ جي وارث ٿئي ٿي.</verse>
				<verse number="24">چار شيون آهن جي زمين تي ننڍڙيون آهن، پر اُهي نهايت عقل واريون آهن:</verse>
				<verse number="25">ماڪوڙيون جي زور واري مخلوقات ناهن، تڏهن بہ اهي گرميءَ ۾ پنهنجو کاڌو موجود ڪري رکن ٿيون؛</verse>
				<verse number="26">جابلو سها ضعيف جانور آهن، مگر پنهنجا گهر ٽڪرين ۽ جوڙين ٿا؛</verse>
				<verse number="27">مڪڙن کي بادشاهہ ڪونهي، تہ بہ هو سڀ ٽوليون ٽوليون ٿي ٻاهر نڪرن ٿا.</verse>
				<verse number="28">ڪِرڙي، جا تون پنهنجن هٿن سان پڪڙين ٿو، تڏهن بہ اها بادشاهن جي محلاتن ۾ آهي.</verse>
				<verse number="29">ٽي شيون آهن جي هلڻ ۾ شاندار آهن، بلڪ چار آهن جن جو هلڻ شاندار آهي.</verse>
				<verse number="30">شينهن، جو جانورن ۾ تمام زور وارو آهي، ۽ ڪنهن بہ شيءِ ڪري منهن ڦيرڻ وارو ناهي:</verse>
				<verse number="31">تازي ڪتو ۽ ٻڪر، ۽ بادشاهہ جنهن جي برخلاف ڪو بہ فساد برپا نٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="32">جيڪڏهن تو پاڻ کي مٿي کڻڻ ۾ بي عقلي جهڙو ڪم ڪيو آهي، يا ڪنهن خرابيءَ جو ارادو ڪيو آهي، تہ پنهنجو هٿ پنهنجي وات تي رک.</verse>
				<verse number="33">ڇالاءِ جو کير جي ولوڙڻ مان مکڻ نڪري ٿو، ۽ نڪ مروٽڻ سان رت نڪري ٿو. انهي طرح زور ڪري ڪاوڙ ڪرڻ مان جهيڙو پيدا ٿئي ٿو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="31">
				<verse number="1">بادشاهہ لموايل جو ڪلام، جو ان جي ماءُ کيس سيکاريو:</verse>
				<verse number="2">اي منهنجا پٽ، اي منهنجي پيٽ جا پٽ، ۽ اي منهنجن مڃتائن جا پٽ.</verse>
				<verse number="3">پنهنجي طاقت زالن کي نہ ڏي، ۽ نہ پنهنجا رستا انهي کي جو بادشاهن کي ناس ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="4">اي لموايل، اهو بادشاهن جي لائق ناهي، تہ شراب پيئن ۽ نہ ائين چوڻ بادشاهن جي لائق آهي تہ شراب ڪٿي آهي؟</verse>
				<verse number="5">تہ متان هو پيئن ۽ شريعت وساري ڇڏين، ۽ ڪنهن ڏکويل جي اُبتي عدالت ڪن.</verse>
				<verse number="6">نشي واري شيءِ انهيءَ کي پياريو جو مرڻ لاءِ تيار آهي، ۽ شراب انهيءَ کي پياريو جو شڪستہ دل وارو آهي.</verse>
				<verse number="7">ڀلي تہ اهو پيئي ۽ پنهنجي مفلسي وساري ۽ وري پنهنجي مصيبت ياد نہ ڪري.</verse>
				<verse number="8">پنهنجو وات گونگن جي لاءِ پٽ، ۽ انهن سڀني جي وڪالت ۾ جي نڌڻڪا ڇڏيا ويا آهن.</verse>
				<verse number="9">پنهنجو وات پٽ ۽ سچائيءَ سان انصاف ڪر، ۽ غريبن ۽ محتاجن جي عدالت ڪر.</verse>
				<verse number="10">نيڪ زال ڪير لهي سگهندو؟ ڇالاءِ جو ان جي قيمت لعلن کان بہ گهڻو مٿي آهي.</verse>
				<verse number="11">سندس مڙس جي دل جو منجهس گهڻو اعتبار آهي، ۽ انهيءَ کي فائدي جي ڪمي ڪانہ ٿيندي.</verse>
				<verse number="12">هوءَ پنهنجي ساري حياتيءَ جي ڏينهن ۾ هن سان چڱائي ٿي ڪري ۽ نہ بڇڙائي.</verse>
				<verse number="13">هوءَ اُن ۽ سڻي ٿي ڳولي، ۽ خوشيءَ سان پنهنجي هٿن سان ڪم ڪري ٿي.</verse>
				<verse number="14">هوءَ واپاري جهازن وانگي آهي: هو پنهنجو کاڌو پري کان ٿي آڻي.</verse>
				<verse number="15">اڃا رات پيئي آهي تہ هوءَ اُٿي ٿي، ۽ پنهنجي گهر جي ڀاتين کي کاڌو ڏئي ٿي، ۽ ٻانهين کي پنهنجو پنهنجو ڪم ٻڌائي ٿي.</verse>
				<verse number="16">هوءَ ڪنهن ٻنيءَ بابت ويچار ڪري اها خريد ڪري ٿي؛ پنهنجن هٿن جي ڪمائي مان هوءَ ڊاک جو منهہ بنائي ٿي.</verse>
				<verse number="17">هوءَ پنهنجي چيلهہ مضبوط ٻڌي ٿي، ۽ پنهنجون ٻانهون مضبوط ڪري ٿي.</verse>
				<verse number="18">هوءَ صحيح ڪري ٿي تہ سندس سوداگريءَ مان فائدو آهي؛ ۽ هن جو ڏيئو رات جو وسامي نٿو وڃي.</verse>
				<verse number="19">هوءَ پنهنجا هٿ ٽڪ تي رکي ٿي، ۽ چرخيءَ کي پنهنجن هٿن سان قابو ڪري جهلي ٿي.</verse>
				<verse number="20">هوءَ پنهنجو هٿ غريبن ڏي ڊگهيري ٿي: هائو هوءَ پنهنجا هٿ اڳي ڪري محتاجن کي ڏئي ٿي.</verse>
				<verse number="21">هوءَ پنهنجي گهر وارن لاءِ سخت سرديءَ کان نٿي ڊڄي؛ ڇالاءِ سندس گهر جا سڀ ڀاتي کهنبا ڪپڙا ڍڪين ٿا.</verse>
				<verse number="22">هوءَ پنهنجي لاءِ نقشدار غاليچا جوڙي ٿي؛ سندس ڪپڙا عمديءَ ڪتان جا ۽ واڱڻائي رنگ جا آهن.</verse>
				<verse number="23">سندس مڙس شهر جي دروازن تي سڃاتل آهي، جو هو اتي ملڪ جي بزرگن منجهہ ويهي ٿو.</verse>
				<verse number="24">هوءَ ڪتاني ڪپڙا جوڙي وڪڻي ٿي؛ ۽ سوداگر کي ڪمربند ڏئي ٿي.</verse>
				<verse number="25">طاقت ۽ عزت هن جي پوشاڪ آهن؛ ۽ هوءَ ايندڙ وقت تي کلي ٿي.</verse>
				<verse number="26">هوءَ ڏاهپ سان پنهنجو وات پٽي ٿي؛ ۽ مهربانيءَ جو قاعدو سندس زبان تي آهي.</verse>
				<verse number="27">هوءَ پنهنجي گهر ٻار جي رستن ڏي نهاري ٿي، ۽ سستيءَ جي ماني نٿي کائي.</verse>
				<verse number="28">سندس ٻار اُٿن ٿا ۽ کيس برڪت واري ٿا سڏين: سندس مڙس بہ سندس تعريف ڪري ٿو، ۽ چوي ٿو تہ:</verse>
				<verse number="29">گهڻين ئي ڌيئرن نيڪي جا ڪم ڪيا آهن، پر تون سڀني کان گوءِ کڻي ويئي آهين.</verse>
				<verse number="30">سونهن ٺڳيندڙ آهي ۽ خوبصورتي اجائي آهي؛ پر جيڪا زال خداوند کان ڊڄي ٿي سا ساراهي ويندي.</verse>
				<verse number="31">هن کي سندس هٿن جو ڦل ڏي؛ ۽ سندس ڪم ڀلي تہ شهر جي دروازن ۾ کيس ساراهين.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="21">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">يروشلم جي بادشاهہ دائود جي پٽ واعظ جو ڪلام.</verse>
				<verse number="2">واعظ چوي ٿو تہ بيهودگين جي بيهودگي، بيهودگين جي بيهودگي، سڀ ڪجهہ بيهودو آهي.</verse>
				<verse number="3">ماڻهو سج هيٺان جيڪو پورهيو ٿو ڪري تنهن مان هن کي ڪهڙو فائدو آهي؟</verse>
				<verse number="4">هڪڙي پيڙهي وڃي ٿي، ۽ ٻي پيڙهي اچي ٿي؛ ۽ زمين هميشہ قائم هلي ٿي اچي.</verse>
				<verse number="5">سج بہ اُڀري ٿو، ۽ سج وري لهي ٿو، ۽ جنهن هنڌان اُهو اُڀري ٿو، انهي هنڌ ڏانهن وري تڪڙو ٿي هلي ٿو.</verse>
				<verse number="6">واءُ ڏکڻ ڏانهن وڃي ٿو، ۽ وري اُتر ڏانهن ڦري ٿو؛ اُهو پنهنجي دوري ۾ هميشہ پيو ڦري، ۽ واءُ وري پنهنجن گشتن تي موٽي ٿو.</verse>
				<verse number="7">سڀ نديون سمنڊ ۾ پون ٿيون، انهي هوندي بہ سمنڊ ڀرجي نٿو؛ جيڏانهن نديون وڃن ٿيون اوڏانهن وري پيون وڃن.</verse>
				<verse number="8">سڀ شيون ماندائيءَ سان ڀريل آهن؛ ماڻهو اهو ظاهر ڪري نٿو سگهي: اک ڏسڻ سان ڍاول نہ آهي، ۽ ڪن ٻُڌڻ سان ڍاول نہ آهي.</verse>
				<verse number="9">جيڪي ٿي گذريو آهي سو اُهو آهي جو ٿيندو؛ ۽ جيڪي ڪيو ويو آهي سو اُهو آهي جو ڪيو ويندو: ۽ سج هيٺان ڪابہ نئين شيءِ ڪانهي.</verse>
				<verse number="10">اهڙي ڪا شيءِ بہ آهي جنهن جي نسبت ۾ ماڻهو چون ٿا تہ ڏسو هيءَ نئين شيءِ آهي؟ جيڪي زمانا اسان کان اڳي گذري ويا آهن تن ۾ اُها اڳيئي موجود هئي.</verse>
				<verse number="11">اڳين پيڙهين جي ڪابہ يادگيري ڪانهي؛ نڪي پويون پيڙهيون، جي اچڻيون آهن، تن جي ڪا يادگيري هن کان پوءِ ايندڙ پيڙهين ۾ رهندي.</verse>
				<verse number="12">آءٌ واعظ يروشلم ۾ اسرائيل جو بادشاهہ هوس.</verse>
				<verse number="13">۽ منهنجي دل ۾ شوق جاڳيو تہ آسمان هيٺ جيڪي ڪيو ويو آهي، تنهن سڀ جي نسبت ۾ ڏاهپ جي وسيلي ڳولا ۽ جاچ ڪريان: اها هڪڙي سخت تڪليف آهي جا خدا انسان کي ڏني آهي تہ انهي ڳالهہ جو خيال ڪن.</verse>
				<verse number="14">جيڪي ڪم سج هيٺان ڪيا ويا آهن سي سڀ مون ڏٺا آهن؛ ۽ ڏسو سڀ ڪجهہ بيهودگي آهي، ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻو آهي.</verse>
				<verse number="15">جيڪي ڏنگو آهي سو سنئون ڪري نہ سگهبو: ۽ جيڪي موجود ناهي سو شمار ۾ آڻي نہ سگهبو.</verse>
				<verse number="16">مون پنهنجي دل ۾ ويچار ڪيو، ۽ چيم تہ ڏس تہ يروشلم ۾ جيڪي مون کان اڳي ٿي گذاريا آهن، تن سڀني کان وڌيڪ مون ڏاهپ حاصل ڪئي آهي: هائو، عقل ۽ علم جو منهنجي دل کي وڏو آزمودو آهي.</verse>
				<verse number="17">۽ منهنجي دل کي شوق ٿيو، تہ ڏاهپ معلوم ڪريان، ۽ چريائي ۽ بي عقلي پروڙيان: مون کي معلوم ٿيو تہ اهو بہ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو گهڻي سياڻپ ۾ گهڻو ڏک آهي: ۽ جيڪو علم وڌائي ٿو سو ڏک وڌائي ٿو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">مون پنهنجي دل ۾ چيو تہ هاڻي اچ، آءٌ خوشيءَ سان توکي آزمائيندس؛ تنهن ڪري مزا ماڻ: ۽ ڏس اها بہ بيهودگي آهي.</verse>
				<verse number="2">کلڻ بابت مون چيو تہ اها چريائي آهي: ۽ خوشيءَ بابت چيم تہ اها ڇا ڪندي؟</verse>
				<verse number="3">مون پنهنجي دل ۾ ويچار ڪيو تہ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي جسم کي شراب سان خوش رکان، ۽ ساڳئي وقت منهنجي دل ڏاهپ سان منهنجي هدايت ڪري؛ ۽ ڪهڙيءَ طرح آءٌ بي عقليءَ کي قابو ڪريان، جيستائين ڪ ڏسان تہ بني آدم لاءِ ڪهڙو ڪم چڱو آهي، جو هو پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ آسمان جي هيٺان ڪندا رهن.</verse>
				<verse number="4">مون پنهنجي لاءِ وڏا وڏا ڪم ڪيا؛ مون پنهنجي لاءِ گهر جوڙيا: مون پنهنجي لاءِ ڊاک جا منهہ لڳايا؛</verse>
				<verse number="5">مون پنهنجي لاءِ باغ ۽ بستان بنايا، ۽ انهن ۾ هر قسم جي ميون جا وڻ ويهاريم:</verse>
				<verse number="6">مون پنهنجي لاءِ پاڻيءَ جون ڍنڍون جوڙيون، انهي لاءِ تہ انهن مان ٻيلي کي پاڻي اچي، جنهن ۾ وڻ پوکيم:</verse>
				<verse number="7">مون ٻانها ۽ ٻانهيون خريد ڪيون، ۽ گهر ڄاول ٻانها بہ هئم؛ چوپائي مال جا گهڻا گلا ۽ ڌڻ بہ منهنجي ملڪيت ۾ هئا، جي يروشلم ۾ مون کان اڳي جيڪي ماڻهو ٿي گذريا هئا تن کان وڌيڪ هئا؛</verse>
				<verse number="8">مون پنهنجي لاءِ چاندي ۽ سون، ۽ بادشاهن جو، ۽ پرڳڻن جو خاص خزانو بہ گڏ ڪيو: مون پنهنجي لاءِ ڳائڻ وارا مرد ۽ زالون، ۽ انسان جي عيش عشرت جون شيون، ۽ تمام گهڻيون سريتون بہ گڏ ڪيون.</verse>
				<verse number="9">انهي طرح آءٌ وڏو هوس، ۽ يروشلم ۾ مون کان اڳي جيڪي ٿي گذريا هئا تن سڀني کان آءٌ وڌي ويس: ۽ منهنجي ڏاهپ بہ مون ۾ قائم رهندي آئي.</verse>
				<verse number="10">۽ جيڪي منهنجين اکين خواهش ٿي ڪئي سا هنن کان روڪي نٿي رکيم: ۽ نہ پنهنجي دل کان ڪا خوشي روڪي ڇڏيم، ڇالاءِ جو منهنجي دل منهنجي سڄي محنت ڪري ڏاڍي خوش هئي؛ ۽ منهنجي سڄي محنت مان منهنجو حصو اهو هو:</verse>
				<verse number="11">تنهن کان پوءِ جيڪي ڪم منهنجي هٿن ڪيا، ۽ جيڪو پورهيو مون محنت ڪري ڪيو هو، تنهن تي مون نظر ڪئي: ۽ ڏسو سڀ بيهودگي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ هو، ۽ سج جي هيٺان ڪوبہ فائدو ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="12">۽ آءٌ ڦري ڏاهپ ۽ چريائيءَ ۽ بي عقليءَ کي ڏسڻ لڳس: ڇالاءِ جو جيڪو ماڻهو بادشاهہ کان پوءِ ٿو اچي سو ڇا ڪري سگهندو؟ اهو ئي جيڪي اڳي ڪيو ويو آهي.</verse>
				<verse number="13">تنهن کان پوءِ مون ڏٺو تہ ڏاهپ بي عقليءَ کان ايتري قدر بهتر آهي، جيتري قدر روشنائي اونداهيءَ کان بهتر آهي.</verse>
				<verse number="14">ڏاهي ماڻهوءَ جون اکيون سندس مٿي ۾ آهن، ۽ بي عقل اونداهيءَ ۾ هلي ٿو: انهي هوندي بہ مون معلوم ڪيو تہ هڪڙي ئي ڳالهہ سڀني سان ٿي ٿئي.</verse>
				<verse number="15">تڏهن مون پنهنجي دل ۾ چيو تہ جيئن بي عقل سان ٿو ٿئي تيئن مون سان بہ ٿيندو؛ پوءِ ڇو آءٌ وڌيڪ ڏاهو ٿيس؟ تڏهن مون پنهنجي دل ۾ چيو تہ اها بہ بيهودگي آهي.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو جهڙي بي عقل جي تهڙي ڏاهي جي، ڪابہ يادگيري هميشہ لاءِ نہ ٿي رهي؛ جو ڏسجي پيو تہ ايندڙ ڏينهن ۾ سڀيئي وسري ويندا. ڏاهو ماڻهو ڪيئن نہ بي عقل وانگر ٿو مري!</verse>
				<verse number="17">تنهن ڪري آءٌ حياتيءَ کي ڌڪارڻ لڳس: ڇالاءِ جو جيڪو ڪم سج جي هيٺان ڪرڻ ۾ ٿو اچي سو مون کي خراب معلوم ٿيو: ڇالاءِ جو سڀ ڪجهہ بيهودگي ۽ واءُ پٺيان ڊوڙڻ آهي.</verse>
				<verse number="18">۽ جيڪو پورهيو مون محنت سان سج هيٺان ٿي ڪيو تنهن سڀ کي آءٌ ڌڪارڻ لڳس: جو ڏٺم تہ اُهو سڀ آءٌ انهي ماڻهوءَ لاءِ ڇڏي ويندس جو مون کان پوءِ ايندو.</verse>
				<verse number="19">۽ ڪنهن کي خبر تہ اهو ڏاهو هوندو يا بي عقل؟ انهي هوندي بہ منهنجو سڄو پورهيو جو محنت سان ڪيو اٿم، ۽ جنهن ۾ مون سج هيٺان ڏاهپ ڏيکاري آهي، سو انهيءَ جي اختيار ۾ رهندو. اها بہ بيهودگي آهي.</verse>
				<verse number="20">تنهن ڪري جيڪو پورهيو مون محنت ڪري سج هيٺان ڪيو هو تنهنجي نسبت ۾ آءٌ ڦري پنهنجي دل کي نااُميد ڪرڻ لڳس.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو ڪو ماڻهو اهڙو آهي جنهن جو پورهيو ڏاهپ، ۽ علم، ۽ هنر منديءَ سان آهي: انهي هوندي بہ اهو انهي جي حصي جي لاءِ ڇڏيندو جنهن انهي جي ڪرڻ ۾ ڪا بہ محنت نہ ڪئي آهي. اها بہ بيهودگي ۽ هڪڙي وڏي خرابي آهي.</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ جو ماڻهوءَ کي سج هيٺان تمام گهڻي محنت ڪري، ۽ پنهنجي دل جي ڪوشش سان ڇا حاصل ٿيو آهي؟</verse>
				<verse number="23">ڇالاءِ جو اُن جا سڀ ڏينهن نسورو ڏک آهن، ۽ سندس محنت زحمت آهي: هائو، رات جو بہ ان جي دل کي ڪو آرام نٿو اچي. اها بہ بيهودگي آهي.</verse>
				<verse number="24">ماڻهوءَ جي لاءِ انهي کان بهتر ٻي شيءِ ڪانهي تہ هو کائي ۽ پيئي ۽ پنهنجي محنت ۾ پنهنجي روح کي چڱي راحت رسائي. اهو بہ مون ڏٺو تہ سڀ خدا جي طرفان آهي.</verse>
				<verse number="25">ڇالاءِ جو ڪير مون کان وڌيڪ کائيندو يا مزا ماڻيندو؟</verse>
				<verse number="26">ڇالاءِ جو جنهن ماڻهوءَ مان خدا راضي آهي، تنهن کي هو ڏاهپ، ۽ علم، ۽ خوشي ٿو ڏئي: پر گنهگار کي هو تڪليف ٿو ڏئي تہ هو ميڙي ۽ گڏ ڪري، انهي لاءِ تہ جنهن مان خدا راضي هجي تنهن کي ڏياري. اها بہ بيهودگي آهي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">سڀ ڪنهن شيءِ جي لاءِ موسم آهي، ۽ آسمان جي هيٺان سڀ ڪنهن ڪم جي لاءِ هڪڙو وقت مقرر آهي.</verse>
				<verse number="2">ڄمڻ جي لاءِ وقت، ۽ مرڻ جي لاءِ وقت؛ پوکڻ جي لاءِ وقت، ۽ پوکيل کي وري پٽڻ جي لاءِ وقت؛</verse>
				<verse number="3">مارڻ جي لاءِ وقت، ۽ ڇُٽائڻ جي لاءِ وقت؛ ڊاهڻ جي لاءِ وقت، ۽ اڏڻ جي لاءِ وقت؛</verse>
				<verse number="4">روئڻ جي لاءِ وقت، ۽ کلڻ جي لاءِ وقت، ماتم ڪرڻ جي لاءِ وقت، ۽ نچڻ ٽپڻ لاءِ وقت؛</verse>
				<verse number="5">پٿر اُڇلائڻ لاءِ وقت، ۽ پٿر گڏ ڪرڻ لاءِ وقت؛ ڀاڪر پائڻ لاءِ وقت، ۽ ڀاڪر کان پري رهڻ لاءِ وقت؛</verse>
				<verse number="6">ڳولڻ لاءِ وقت، ۽ وڃائڻ لاءِ وقت؛ سانڍي رکڻ لاءِ وقت، ۽ اُڇلائي ڇڏڻ لاءِ وقت؛</verse>
				<verse number="7">ڦاڙڻ لاءِ وقت، ۽ سبڻ لاءِ وقت؛ ماٺ ڪرڻ لاءِ وقت، ۽ ڳالهائڻ لاءِ وقت؛</verse>
				<verse number="8">پيار ڪرڻ لاءِ وقت، ۽ ڌڪارڻ لاءِ وقت؛ جنگ ڪرڻ لاءِ وقت، ۽ صلح ڪرڻ لاءِ وقت.</verse>
				<verse number="9">جيڪو پنهنجي پورهئي ۾ محنت ڪري ٿو تنهن کي ڪهڙو فائدو آهي؟</verse>
				<verse number="10">جيڪا تڪليف خدا انسان کي مشغوليءَ ۾ رهڻ لاءِ ڏني آهي، سا مون ڏٺي آهي.</verse>
				<verse number="11">هن سڀڪا شيءِ پنهنجي پنهنجي وقت تي سهڻي ڪئي آهي: ۽ هن ابديت انهن جي دل ۾ رکي آهي؛ پر اهڙيءَ طرح جو جيڪو ڪم خدا شروع کان پڇاڙيءَ تائين ڪيو آهي سو انسان سمجهي نٿو سگهي.</verse>
				<verse number="12">آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جيستائين انسان جيئرو آهي، تيستائين خوش رهڻ، ۽ چڱائي ڪرڻ کان سواءِ هنن جي لاءِ ٻي ڪابہ شيءِ بهتر ڪانهي.</verse>
				<verse number="13">۽ هيءَ بہ تہ سڀڪو ماڻهو کائي پيئي ۽ پنهنجي سڄي محنت جو فائدو حاصل ڪري، اها خدا جي ڏات آهي.</verse>
				<verse number="14">مون کي خبر آهي تہ جيڪي بہ خدا ڪري ٿو سو هميشہ پيو ٿيندو: انهي ۾ ڪجهہ بہ وڌائي نٿو سگهجي، نڪي ڪجهہ منجهانئس گهٽائي سگهجي ٿو: ۽ خدا ائين ڪيو آهي تہ ماڻهو سندس اڳيان ڊڄن.</verse>
				<verse number="15">جيڪي آهي سو اڳيئي ٿي ويو آهي؛ ۽ جيڪي ٿيڻو آهي سو بہ اڳيئي ٿي ويو آهي: ۽ خدا وري اُهو ڪرڻ ٿو گهري جو اڳيئي ٿي چڪو آهي.</verse>
				<verse number="16">۽ تنهن کان سواءِ، سج هيٺان عدالت جي جاءِ ۾ مون ڏٺو تہ اُتي بہ شرارت هئي؛ ۽ سچائيءَ جي جاءِ ۾ ڏٺم تہ شرارت اُتي بہ هئي.</verse>
				<verse number="17">مون پنهنجي دل ۾ چيو تہ خدا سچن ۽ شريرن جي عدالت ڪندو: ڇالاءِ جو اُتي سڀ ڪنهن مطلب لاءِ ۽ سڀ ڪنهن ڪم ڪرڻ لاءِ هڪڙو وقت آهي.</verse>
				<verse number="18">۽ مون پنهنجي دل ۾ چيو تہ اهو انسانن جي لاءِ آهي، تہ خدا انهن کي آزمائي، ۽ اُهي ڏسن تہ هو پاڻ رڳو جانورن جهڙا آهن.</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ جو جيڪي انسانن تي ٿو اچي سو جانورن تي ٿو اچي؛ ساڳي ئي شيءِ انهن تي اچي ٿي: جيئن هڪڙو ٿو مري تيئن ٻيو ٿو مري: هائو، انهن ٻنهي کي هڪڙو ساهہ آهي؛ ۽ ڪو انسان حيوان کان مٿي ناهي. ڇالاءِ جو سڀ ڪجهہ بيهودگي آهي.</verse>
				<verse number="20">سڀ هڪڙي هنڌ وڃن ٿا؛ سڀ مٽيءَ مان آهن، ۽ سڀ وري بہ مٽيءَ ۾ ويندا.</verse>
				<verse number="21">انسان جي روح جي ڪنهن کي خبر تہ اُهو مٿي ٿو وڃي يا نہ، ۽ جانور جي روح جي ڪنهن کي خبر تہ هو هيٺ زمين ۾ ٿو وڃي يا نہ؟</verse>
				<verse number="22">تنهن ڪري مون ڏٺو تہ انهيءَ کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي تہ ماڻهو پنهنجن ڪمن ۾ خوش رهي؛ ڇالاءِ جو اهو ئي هنجو حصو آهي: ڇالاءِ جو ڪير هن کي موٽائي آڻيندو تہ جيڪي کانئس پوءِ ٿيندو سو ڏسي؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">تنهن کان پوءِ آءٌ موٽي آيس ۽ جيڪي ظلم سج هيٺان پيا ٿين سي ڏٺم: ۽ ڏسو، جن مظلومن ڳوڙها پئي ڳاڙيا تن کي ڪوبہ دلاسي ڏيڻ وارو ڪونہ هو؛ ۽ انهن جي ظالمن جي طرف طاقت هئي، پر هنن کي ڪوبہ دلاسي ڏيڻ وارو ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="2">تنهن ڪري جيڪي اڳيئي مري ويا آهن، تن مئلن جي مون انهن جيئرن کان وڌيڪ تعريف ڪئي؛</verse>
				<verse number="3">بلڪ انهن ٻنهي کان مون کي اهو پسند هو جو اڃا ڄائو ئي ڪونهي، ۽ جنهن اڃا اهو خراب ڪم ڏٺو ئي ڪونهي جو سج هيٺان ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="4">تنهن کان پوءِ مون اُهو سڀ پورهيو، اُهو سڀ هنرمنديءَ جهڙو ڪم ڏٺو، جنهن جي لاءِ ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ تي حسد ٿو ڪري اها بہ بيهودگي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.</verse>
				<verse number="5">بيوقوف پنهنجون ٻانهون ٻڌي ويهي ٿو، ۽ پنهنجو ماس کائي ٿو.</verse>
				<verse number="6">آرام واري هڪڙي مٺ، اُنهن ٻن مٺين کان بهتر آهي جا پورهئي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ سان آهي.</verse>
				<verse number="7">تنهن کان پوءِ مون موٽي اچي سج جي هيٺان بيهودگي ڏٺي.</verse>
				<verse number="8">هڪڙو اڪيلو ماڻهو آهي، جنهن وٽ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ بلڪ هن کي نڪو پٽ آهي، نڪو ڀاءُ آهي؛ انهي هوندي بہ هن جي محنت جي پڄاڻي ڪانهي، نڪي هن جون اکيون دولت سان ڍاول آهن. هو چوي ٿو تہ ڪنهن جي لاءِ آءٌ هيتري محنت ٿو ڪريان، ۽ پنهنجي جيءَ کي جنجال ۾ ٿو وجهان؟ اِها بہ بيهودگي آهي، هائو، نسوري زحمت آهي.</verse>
				<verse number="9">هڪڙي کان ٻہ چڱا آهن؛ ڇالاءِ جو انهن کي سندن پورهئي جو چڱو بدلو ٿو ملي.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو جيڪڏهن هو کڻي ڪرن تہ هڪڙو پنهنجي ٻئي سنگتيءَ کي تہ کڻندو: پر افسوس انهي تي جو اڪيلو آهي ۽ ڪري ٿو، ۽ ٻيو ڪوبہ کڻڻ وارو ڪونہ اٿس.</verse>
				<verse number="11">وري جي ٻہ گڏ سمهن ٿا تہ هو گرم ٿا رهن: پر هڪڙو ڇڙو ڪيئن گرم رهي سگهندو؟</verse>
				<verse number="12">۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن اڪيلي شخص تي غالب پوندو، تہ ٻہ ڄڻا وري بہ انهي کي سامهون ٿيندا؛ ۽ ٽيڻو وٽيل ڌاڳو جلد ڪين ڇڄندو.</verse>
				<verse number="13">غريب ۽ ڏاهو ڇوڪر انهي ٻڍي ۽ بيوقوف بادشاهہ کان بهتر آهي، جو وڌيڪ نصيحت وٺڻ نٿو ڄاڻي.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو هو قيد مان اچي بادشاهہ ٿيو، هائو، بلڪ پنهنجي بادشاهت ۾ هو غريب ڄائو هو.</verse>
				<verse number="15">مون سڀني سج هيٺان هلندڙن ساهہ وارن کي ڏٺو، تہ اُهي هن ٻئي ڇوڪر سان هئا، جو هن جي جاءِ تي اُٿي بيٺو.</verse>
				<verse number="16">اهي سڀيئي ماڻهو، جن جي هو مٿان هو، تن جي پڄاڻي ڪانہ هئي: انهي هوندي بہ جيڪي پوءِ ايندا سي هن مان خوش نہ ٿيندا. يقين آهي تہ هيءَ بہ بيهودگي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">جڏهن تون خدا جي گهر ۾ وڃين تڏهن پنهنجي قدم جي سنڀال رک؛ ڇالاءِ جو بي عقلن جي قرباني ڏيڻ کان، ٻڌڻ جي لاءِ ويجهو وڃڻ بهتر آهي: هن ڪري جو انهن کي اها خبر نہ ٿي پوي تہ هو ڪو بڇڙو ڪم ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="2">پنهنجي وات سان اُٻهرائي نہ ڪر، ۽ نہ پنهنجي دل کي خدا جي اڳيان تڪڙ ڪري ڪجهہ بہ چوڻ ڏي؛ ڇالاءِ جو خدا آسمان ۾ آهي، ۽ تون زمين تي آهين؛ تنهن ڪري ٿورو ڳالهاءِ.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو خواب ڪم جي گهڻائيءَ کان ٿو اچي؛ ۽ بي عقل جو آواز ڳالهين جي گهڻائيءَ کان.</verse>
				<verse number="4">جڏهن تون خدا جي اڳيان ڪا مڃتا مڃين، تڏهن انجي پوري ڪرڻ ۾ دير نہ ڪر؛ جيڪا مڃتا مڃين اُها پوري ڪر، ڇالاءِ جو هو بي عقلن مان خوش نٿو رهي.</verse>
				<verse number="5">بهتر ائين آهي تہ اصل تون ڪا مڃتا نہ مڃين، جو مڃين ۽ پوري نہ ڪرين.</verse>
				<verse number="6">پنهنجي وات کي نہ ڇڏ تہ تنهنجي جسم کان گناهہ ڪرائي؛ نڪي تون فرشتي جي اڳيان چئُہ تہ اها چڪ هئي: ڇالاءِ خدا تنهنجي ڳالهائڻ تي ڪاوڙجي، ۽ تنهنجي هٿن جو ڪم ناس ڪري ڇڏي؟</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو خوابن ۽ اجاين ڳالهين جي گهڻائيءَ مان، ۽ گهڻي ڳالهائڻ جي ڪري ائين ئي ٿي پوي ٿو: پر تون خدا کان ڊڄ.</verse>
				<verse number="8">جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ تون غريبن تي ظلم ٿيندو ڏسين، ۽ ڪنهن زبردست ماڻهوءَ کي انصاف ۽ عدالت کسي ويندو ڏسين، تہ انهي ڳالهہ تي عجب نہ ڪر: ڇالاءِ جو ڪو مٿانهن کان مٿانهون ڏسي ٿو؛ ۽ انهن کان بہ ڪو مٿانهون آهي.</verse>
				<verse number="9">تنهن کان سواءِ زمين جو فائدو سڀني لاءِ آهي، خود بادشاهہ جو ڪم بہ ٻنيءَ مان ٿو نڪري.</verse>
				<verse number="10">جيڪو چانديءَ کي پيار ٿو ڪري سو چانديءَ مان نہ ڍاپندو؛ نڪي جيڪو گهڻي انداز کي پيار ٿو ڪري سو زيادہ پيدائش مان ڍاپندو؛ اها بہ بيهودگي آهي.</verse>
				<verse number="11">جڏهن وکر وڌي ٿو تڏهن کائڻ وارا بہ وڌن ٿا: پوءِ انهي جي مالڪ کي سواءِ اکين سان ڏسڻ جي، ٻيو ڪهڙو فائدو آهي؟</verse>
				<verse number="12">پورهئي ڪندڙ ماڻهوءَ جي ننڊ مٺي آهي، پوءِ هو ٿورو کائي يا گهڻو: پر دولتمند جي پيٽ ڀريائي هن کي سمهڻ نہ ڏيندي.</verse>
				<verse number="13">هڪڙي وڏي خرابي آهي جا مون سج هيٺان ڏٺي آهي، يعني دولت، جيڪا ان جو مالڪ پنهنجي نقصان لاءِ رکي ٿو.</verse>
				<verse number="14">۽ اها دولت ڪنهن خراب اتفاق سان ناس ٿي وڃي ٿي؛ ۽ جي انهي ماڻهو کي ڪو پٽ ڄمي ٿو تہ انهي جي هٿ ۾ ڪجهہ بہ نٿو رهي.</verse>
				<verse number="15">جيئن هو پنهنجي ماءُ جي پيٽان آيو آهي، تيئن هو اگهاڙو ئي اُگهاڙو، جهڙو آيو تهڙو موٽي ويندو، ۽ پنهنجي پورهئي مان ڪجهہ بہ حاصل نہ ٿيندس جو پنهنجي هٿ ۾ کڻي وڃي.</verse>
				<verse number="16">۽ اها بہ هڪڙي وڏي خرابي آهي تہ هر طرح جيئن هو آيو هو تيئن هو ويندو: ۽ انهي کي ڪهڙو فائدو حاصل آهي تہ هو واءُ جي لاءِ پورهيو ڪري؟</verse>
				<verse number="17">پنهنجي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن هو اونداهيءَ ۾ کائي ٿو، ۽ ڏاڍو بيزار آهي، ۽ بيماري ۽ ڪاوڙ ٿي رهيس.</verse>
				<verse number="18">ڏسو، جيڪي مون چڱو ۽ ٺاهوڪو ڏٺو آهي سو هي آهي، تہ ماڻهو کائي ۽ پيئي، ۽ پنهنجي محنت جو چڱو ڦل ڀوڳي، جا محنت هو، جيڪي حياتيءَ جا ڏينهن خدا ڏنا اٿس، تن ۾ سج هيٺان ڪري ٿو: ڇا لاءِ جو اهو ئي هن جو حصو آهي.</verse>
				<verse number="19">سڀڪو ماڻهو جنهن کي خدا مال ۽ دولت ڏني آهي، ۽ انهي مان کائڻ جو، ۽ پنهنجي حصي وٺڻ جو، ۽ پنهنجي پورهئي ۾ خوش رهڻ جو کيس اختيار ڏنو آهي؛ اها خدا جي بخشش آهي.</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ جو هو پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن گهڻو ياد نہ ڪندو؛ هن ڪري جو خدا سندس دل جي خوشيءَ موافق ساڻس هلت ٿو ڪري.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">هڪڙي خرابي آهي جا مون سج هيٺان ڏٺي آهي، ۽ اُها ماڻهن تي ڳري آهي:</verse>
				<verse number="2">ڪنهن ماڻهوءَ کي خدا مال، ۽ دولت، ۽ عزت ڏني آهي، ايتري قدر جو جيڪي هن جي دل گهري ٿي تنهن مان ڪنهن بہ شيءِ جي هن کي ڪمي ڪانهي، انهي هوندي بہ خدا هن کي اها طاقت نٿو ڏئي تہ انهي مان کائي، ۽ هڪڙو ڌاريو ماڻهو اُهو کائي ٿو. اها بيهودگي آهي، ۽ اهو هڪڙو خراب مرض آهي.</verse>
				<verse number="3">جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪ سؤ ٻار کڻي ڄڻي، ۽ گهڻا ورهيہ جيئي، جنهن ڪري هن جي حياتيءَ جا ڏينهن گهڻا ٿين، پر هن جو روح خوش نہ رهي، ۽ نہ هو دفن ڪيو وڃي؛ تہ آءٌ چوان ٿو تہ وقت کان اڳي جو ڪريل ٻار آهي سو انهي کان چڱو آهي:</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو اهو بيهودو ٿو اچي، ۽ اونداهيءَ ۾ هليو وڃي، ۽ انهي جو نالو اونداهيءَ ۾ ڍڪجيو وڃي؛</verse>
				<verse number="5">تنهن کان سواءِ هن سج نہ ڏٺو آهي، ۽ نہ انهي جي خبر پيئي اٿس؛ انهي کي هن ٻئي کان وري بہ آرام آهي:</verse>
				<verse number="6">هائو، جيتوڻيڪ اهو ٻہ ڀيرا هزار سال جيئي، تہ بہ هن ڪا خوشي نہ ڏٺي: سڀيئي هڪڙي هنڌ نٿا وڃن ڇا؟</verse>
				<verse number="7">ماڻهوءَ جي سڀ محنت پنهنجي پيٽ لاءِ آهي، انهي هوندي بہ هن جي اشتها پوري نٿي ٿئي.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو ڏاهي کي بي عقل کان وڌيڪ ڪهڙو فائدو آهي؟ يا انهي غريب ماڻهوءَ وٽ ٻيو ڇا آهي، جو جيئرن جي اڳيان هلي ٿو ڄاڻي؟</verse>
				<verse number="9">اکين جي نظر خواهش جي گهمڻ کان بهتر آهي: اها بہ بيهودگي آهي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.</verse>
				<verse number="10">جيڪي بہ ٿي گذريو آهي، انهي جو نالو گهڻو وقت اڳي ڏنو ويو هو، ۽ معلوم آهي تہ اُهو آدم آهي: ۽ جيڪو هن کان وڌيڪ زور وارو آهي تنهن سان هو وڙهي ڪين سگهندو.</verse>
				<verse number="11">جڏهن ظاهر آهي تہ گهڻيون ئي شيون آهن، جي بيهودگي وڌائين ٿيو، تڏهن انسان کي ڪهڙو فائدو آهي؟</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو ڪنهن کي خبر آهي تہ انسان جي لاءِ سندس حياتيءَ ۾، يعني سندس اجائي حياتي، جا هو پاڇي وانگر گذاري ٿو، تنهن جي سڀني ڏينهن ۾ ڪهڙي شيءِ چڱي آهي؟ ڇالاءِ جو ڪير ڪنهن ماڻهوءَ کي چئي سگهندو تہ کانئس پوءِ سج هيٺان ڇا ٿيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">نيڪنامي قيمتي خوشبودار تيل کان بهتر آهي؛ ۽ مرڻ جو ڏينهن ڄمڻ جي ڏينهن کان بهتر آهي.</verse>
				<verse number="2">ماتم جي گهر ۾ وڃڻ، خوشيءَ جي مجلس واري گهر ۾ وڃڻ کان بهتر آهي: ڇالاءِ جو اُها سڀني ماڻهن جي پڇاڙي آهي؛ ۽ جيئرا اها ڳالهہ پنهنجي دل تي رکندا.</verse>
				<verse number="3">ڏک، کل کان بهتر آهي، ڇالاءِ جو شڪل جي اُداسيءَ ڪري دل سڌري ٿي.</verse>
				<verse number="4">ڏاهي جي دل ماتم جي گهر ۾ آهي؛ پر بيعقلن جي دل چرچي واري گهر ۾ آهي.</verse>
				<verse number="5">ماڻهوءَ جي لاءِ ڏاهي جو طعنو بي عقلن جي راڳ ٻڌڻ کان بهتر آهي.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو جيئن ديڳڙي جي هيٺان ڪنڊن سڙڻ جو ٽڙڪو، تيئن بي عقل جي کل آهي. اها بہ بيهودگي آهي.</verse>
				<verse number="7">يقين آهي تہ ظلم زبردستي ڏاهي ماڻهوءَ کي بي عقل ٿي ڪري؛ ۽ رشوت سمجهہ کي ناس ڪيو ڇڏي.</verse>
				<verse number="8">ڪنهن بہ شيءِ جي پڇاڙي ان جي شروعات کان بهتر آهي: ۽ تحمل وارو روح، مغروريءَ جي روح کان بهتر آهي.</verse>
				<verse number="9">پنهنجي طبيعت ۾ تڪڙو ٿي نہ ڪاوڙج: ڇالاءِ جو ڪاوڙ بي عقلن جي سيني ۾ ٿي رهي.</verse>
				<verse number="10">تون ائين نہ چئُہ تہ ڪهڙي سبب کان اڳيان ڏينهن هنن کان بهتر هئا؟ ڇالاءِ جو تون انهي نسبت ۾ ڏاهپ سان جاچ نٿو ڪرين.</verse>
				<verse number="11">ڏاهپ اهڙي چڱي آهي جهڙو ڪو ورثو: هائو، اُها انهن جي لاءِ چڱي آهي جي سج ڏسن ٿا.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو ڏاهپ هڪڙو بچاءُ آهي، جيئن ناڻو هڪڙو بچاءُ آهي: پر علم جي فضيلت اها آهي، تہ ڏاهپ انهي جي حياتي بچائي ٿي، جنهن وٽ اُها آهي.</verse>
				<verse number="13">خدا جي ڪم تي ويچار ڪر: ڇالاءِ جو جنهن کي هن ڏنگو ڪيو آهي تنهن کي ڪير سڌو ڪري سگهندو؟</verse>
				<verse number="14">سک جي ڏينهن خوش ٿي، ۽ ڏک جي ڏينهن ويچار ڪر: خدا هڪڙي کي ٻئي جي پاسي ۾ بنايو آهي، انهيءَ مطلب لاءِ تہ ماڻهو اهڙي ڪابہ شيءِ معلوم نہ ڪري جا کانئس پوءِ ٿئي.</verse>
				<verse number="15">هي سڀ مون پنهنجي بيهودگيءَ جي ڏينهن ۾ ڏٺو آهي: هڪڙو سچو ماڻهو آهي جو پنهنجي سچائيءَ ۾ مري چٽ ٿو ٿئي، ۽ هڪڙو شرير ماڻهو آهي جو بڇڙن ڪمن ڪرڻ ۾ پنهنجي وڏي عمر گذاري ٿو.</verse>
				<verse number="16">تون حد کان وڌيڪ سچو نہ ٿيءُ، نڪي حد کان وڌيڪ ڏاهو ٿيءُ: پاڻ کي ناس ڪرڻ جو ڪهڙو ضرور آهي؟</verse>
				<verse number="17">تون حد کان وڌيڪ شرير نہ ٿيءُ، نڪي بي عقل ٿيءُ: پنهنجي وقت کان اڳي مرڻ جو ڪهڙو ضرور آهي؟</verse>
				<verse number="18">چڱو ائين آهي تہ تون انهي کي قابو ڪري جهلين؛ هائو. انهي کان پنهنجو هٿ بہ نہ ڪڍي وٺ: ڇالاءِ جو جيڪو خدا کان ڊڄي ٿو، سو انهن سڀني کان جند ڇڏائي نڪري اچي ٿو.</verse>
				<verse number="19">ڏاهپ ڏاهي ماڻهوءَ جي لاءِ هڪڙي اهڙي طاقت آهي جا انهن حاڪمن کان وڌيڪ آهي جي ڪنهن شهر ۾ آهن.</verse>
				<verse number="20">يقين آهي تہ زمين تي اهڙو ڪوبہ سچو ماڻهو ڪونهي جو چڱا ڪم ڪري، ۽ گناهہ ڪونہ ڪري.</verse>
				<verse number="21">جيڪي ڳالهيون ڪرڻ ۾ ٿيون اچن تن سڀني ڏانهن بہ ڌيان نہ ڏي؛ تہ متان پنهنجي نوڪر کي پاڻ تي لعنت ڪندو ٻڌين:</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ جو ڪيترائي ڀيرا تنهنجي دل بہ ڄاڻي ٿي تہ تون پاڻ ٻين تي بہ لعنت ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="23">هي سڀ مون ڏاهپ سان آزمايو آهي: مون چيو تہ آءٌ ڏاهو ٿيندس؛ پر اها ڳالهہ منهنجي لاءِ مشڪل هئي.</verse>
				<verse number="24">جيڪا شيءِ تمام پري آهي، ۽ تمام اونهي آهي، سا ڪير لهي سگهندو؟</verse>
				<verse number="25">آءٌ هيڏي هوڏي ڦريس، ۽ منهنجي دل پڪو ٺهراءُ ڪيو تہ ڄاڻي ۽ ڳولي لهي، ۽ ڏاهپ جي ۽ ڳالهين جي سبب جي تلاش ڪري، ۽ معلوم ڪري تہ شرارت بي عقلي آهي، ۽ بي عقلي چريائي آهي:</verse>
				<verse number="26">۽ مون موت کان بہ ڪَڙي شيءِ لڌي، يعني زال، جنهن جي دل ڦندا ۽ ڄار آهي، ۽ جنهن جا هٿ هٿڪڙيون آهن: جنهن مان خدا راضي هوندو سو ئي انهي کان بچي نڪرندو: پر گنهگار کي هوءَ وٺي ويندي.</verse>
				<verse number="27">ڏسو واعظ ٿو چوي، تہ هڪڙي شيءِ ٻيءَ تي رکي، سبب معلوم ڪرڻ سان مون ايترو معلوم ڪيو آهي:</verse>
				<verse number="28">۽ انهي کي منهنجو روح اڃا پيو ڳولي، پر اهو اڃا نہ لڌو اٿم: هزار ۾ هڪڙو ماڻهو لڌو اٿم، پر انهن سڀني ۾ هڪڙي زال نہ لڌي اٿم.</verse>
				<verse number="29">ڏسو، مون فقط هي معلوم ڪيو آهي تہ خدا ماڻهوءَ کي سنئون بنايو، پر هنن گهڻيون ئي اجايون ڳالهيون ڳولي ڪڍيون آهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">ڏاهي ماڻهوءَ جهڙو ڪير آهي؟ ۽ ڪنهن بہ ڳالهہ جي سمجهاڻي ڪير ٿو ڄاڻي؟ ماڻهوءَ جي ڏاهپ هن جو منهن چمڪائي ٿي، ۽ هن جي منهن جي سختي مٽجي وڃي ٿي.</verse>
				<verse number="2">آءٌ توکي نصيحت ٿو ڏيان تہ بادشاهہ جو حڪم خدا جي قسم وانگر بجاءِ آڻ.</verse>
				<verse number="3">هن جي حضوريءَ مان تڪڙو ٿي نڪري نہ وڃ؛ خراب ڪم وري وري نہ ڪر: ڇالاءِ جو هن کي جيڪي وڻي ٿو سو ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو بادشاهہ جي حڪم کي طاقت آهي؛ ۽ ڪير هن کي چئي سگهندو تہ تون هي ڇا ٿو ڪرين؟</verse>
				<verse number="5">جيڪو حڪم بجاءِ آڻيندو، تنهن کي ڪا خرابي نہ رسندي: ۽ ڏاهي ماڻهوءَ جي دل وقت ۽ انصاف معلوم ڪري ٿي:</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو هر ڪم واسطي وقت ۽ انصاف آهي: ۽ ماڻهوءَ جي مصيبت مٿس وڏي آهي:</verse>
				<verse number="7">هن کي خبر ناهي تہ ڇا ٿيندو؛ ڇالاءِ جو ڪير هن کي چئي سگهندو تہ ڪيئن اهو ٿيندو؟</verse>
				<verse number="8">اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جنهن کي روح تي ايترو اختيار آهي تہ روح کي روڪي؛ يا مرڻ جي ڏينهن تي اختيار رکي؛ انهيءَ جنگ ۾ ڇوٽڪارو ڪونهي: جيڪو موت لاءِ مقرر آهي شرارت انهي کي ڪين ڇڏائيندي.</verse>
				<verse number="9">هي سڀ مون ڏٺو آهي، ۽ جيڪو ڪم سج هيٺان ٿئي ٿو تنهن تي پنهنجي دل لڳائي اٿم: اهڙو بہ وقت آهي جنهن ۾ هڪڙي ماڻهوءَ کي ٻئي تي اختيار ٿو رهي، جنهن مان کيس نقصان ٿو رسي.</verse>
				<verse number="10">۽ انهي سان گڏ مون شريرن کي دفن ٿيندو ڏٺو، ۽ اُهي قبر ۾ ويا؛ ۽ جن چڱا ڪم ڪيا هئا سي پاڪ مڪان مان هليا ويا، ۽ شهر مان ڀلجي ويا: اها بہ بيهودگي آهي.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو خراب ڪم جي سزا جلد تعميل نہ ٿي ٿئي، تنهن ڪري انسان جي دل خراب ڪم ڪرڻ تي پڪيءَ طرح ڄمي ٿي وڃي.</verse>
				<verse number="12">جيتوڻيڪ ڪو گنهگار هڪ سؤ ڀيرا خراب ڪم ڪندو، ۽ هن جي عمر وڏي ٿيندي، تہ بہ يقيناً آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جيڪي خدا کان ڊڄن ٿا، ۽ سندس اڳيان خوف رکن ٿا، تن جو ڀلو ٿيندو:</verse>
				<verse number="13">پر شريرن جو ڀلو نہ ٿيندو، نڪي انهن جي عمر جا ڏينهن گهڻا ٿيندا، جي پاڇي وانگر آهن؛ ڇالاءِ جو هو خدا جي اڳيان خوف نٿو رکي.</verse>
				<verse number="14">هڪڙو بيهودو ڪم آهي جو زمين تي ڪرڻ ۾ ٿو اچي؛ اُهو هي آهي تہ ڪي اهڙا سچا ماڻهو آهن جن جو شريرن جي ڪمن جهڙو حال ٿو ٿئي؛ وري ڪي اهڙا شرير ماڻهو آهن، جن جو سچن جي ڪمن جهڙو حال ٿو ٿئي: مون چيو اها بہ بيهودگي آهي.</verse>
				<verse number="15">تنهن کان پوءِ مون خوشيءَ جي تعريف ڪئي، ڇالاءِ جو ماڻهوءَ جي لاءِ سج هيٺان کائڻ ۽ پيئڻ ۽ خوش ٿيڻ کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي: ڇالاءِ جو سندس حياتيءَ جا سڀ ڏينهن، جي خدا هن کي سج هيٺان ڏنا آهن، تن ۾ اها ئي هن سان رهندي.</verse>
				<verse number="16">جڏهن ڏاهپ معلوم ڪرڻ لاءِ، ۽ جيڪو ڪم ڪار زمين تي هلي ٿو تنهنجي ڏسڻ لاءِ مون پنهنجي دل لڳائي: (تہ ڪيئن نہ ڏينهن ۽ نہ رات انسان جون اکيون ننڊ ڏسن ٿيون):</verse>
				<verse number="17">تڏهن مون خدا جو اُهو سڀ ڪم ڏٺو، ۽ ڄاتم تہ جيڪو ڪم سج هيٺان ڪرڻ ۾ ٿو اچي سو ماڻهو معلوم ڪري نہ سگهندو: ڇالاءِ جو ماڻهو انهي جي معلوم ڪرڻ لاءِ ڪيترو بہ مٿو هڻندو، تہ بہ انهي کي سمجهي نہ سگهندو؛ هائو، جيتوڻيڪ ڏاهو ماڻهو انهي جي ڄاڻڻ جو خيال ڪندو، تہ بہ هو انهي کي معلوم ڪري نہ سگهندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">ڇالاءِ جو هي سڀ ڳالهيون مون پنهنجي دل سان هنڊايون، رڳو انهي لاءِ تہ انهن سڀني جي حقيقت معلوم ڪريان؛ ۽ اها هيءَ آهي تہ سچا ۽ ڏاها ماڻهو، ۽ سندن ڪم، خدا جي هٿ ۾ آهن: اها محبت آهي يا عداوت آهي، تنهن جي ماڻهوءَ کي ڪابہ خبر ڪانهي؛ سڀ ڪجهہ هن جي اڳيان آهي.</verse>
				<verse number="2">سڀ ڳالهيون سڀني تي هڪ جهڙيون اچن ٿيون: ساڳي هڪڙي حالت سچي سان بہ لاڳو آهي، ۽ شريرن سان بہ؛ چڱي سان بہ، ۽ پاڪ سان بہ؛ جيڪو قرباني ڪري ٿو تنهن سان بہ، ۽ جيڪو قرباني نٿو ڪري تنهن سان بہ: جهڙو نيڪ آهي، تهڙو گنهگار: جهڙو قسم کڻندڙ آهي، تهڙو اُهو جو قسم کان ڊڄي ٿو.</verse>
				<verse number="3">سڀني ۾ اها خرابي آهي جا سج هيٺان آهي، تہ سڀني سان هڪڙي حالت لاڳو آهي: هائو، هيءَ بہ تہ انسان جي دل بديءَ سان ڀريل آهي، ۽ جيستائين هو جيئي ٿو تيستائين چريائي سندس دل ۾ آهي، ۽ تنهن کان پوءِ هو مئلن ۾ داخل ٿئي ٿو.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو جيڪو سڀني جيئرن سان گڏيل آهي، تنهن جي لاءِ اُميد آهي: ڇالاءِ جو جيئرو ڪتو مئي شينهن کان بهتر آهي.</verse>
				<verse number="5">جيئرا ڄاڻن ٿا تہ اسين مرنداسين: پر مئل ڪجهہ بہ نٿا ڄاڻن، ۽ نہ اُنهن کي وري ڪو بدلو ملڻو آهي؛ ڇالاءِ جو انهن جي يادگيري بہ ڪانہ ٿي رهي.</verse>
				<verse number="6">انهن جي محبت، توڙي انهن جي عداوت، توڙي انهن جو حسد گم ٿي وڃي ٿو، نڪي جيڪي سج هيٺان ڪرڻ ۾ ٿو اچي تنهن مان ڪڏهن بہ وري اڳتي انهن کي ڪو حصو ملي ٿو.</verse>
				<verse number="7">پنهنجي رستي تي پيو هل ۽ پنهنجي ماني خوشيءَ سان پيو کاءُ، ۽ سرهي دل سان پنهنجو شراب پيو پيءُ؛ ڇالاءِ جو خدا اڳئي تنهنجا ڪم قبول ڪيا آهن.</verse>
				<verse number="8">تنهنجا ڪپڙا هميشہ اڇا هجن؛ ۽ تنهنجي مٿي ۾ تيل جي ڪمي نہ هجي.</verse>
				<verse number="9">جنهن زال سان تنهنجي هن بيهودگيءَ جي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن محبت آهي، جا هن سج هيٺان توکي ڏني وئي آهي، تنهن سان تون هنن بيهودگيءَ جي ڏينهن ۾ خوش پيو گذار: ڇالاءِ جو حياتيءَ ۾ جيڪو پورهيو تون سج هيٺان پيو ڪرين تنهن ۾ اهو ئي تنهنجو حصو آهي.</verse>
				<verse number="10">جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.</verse>
				<verse number="11">آءٌ موٽي آيس ۽ ڏٺم تہ سج هيٺان شرط جلد ڊوڙڻ وارو نٿو کٽي، ۽ نہ جنگ ڏاڍو ٿو کٽي، نڪي وري ماني ڏاهي کي ٿي ملي، نڪي دولت سمجهہ وارن ماڻهن کي ٿي حاصل ٿئي، نڪي عزت هنرمند ماڻهن کي نصيب ٿي ٿئي؛ پر سڀني سان وقت ۽ اتفاق لاڳو ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو ماڻهوءَ کي بہ پنهنجي وقت جي خبر ناهي: جيئن مڇيون خراب ڄار ۾ ڦاسنديون آهن، ۽ جيئن پکي دام ۾ ڦاسائبا آهن، تيئن انسان بہ خراب وقت ۾ ڦاسندا آهن، جڏهن اُهو انهن جي مٿان اوچتو اچيو ڪڙڪي.</verse>
				<verse number="13">مون سج هيٺان ڏاهپ بہ انهي طرح ڏٺي، ۽ اُها مون کي وڏي ڏسڻ ۾ آئي:</verse>
				<verse number="14">هڪڙو ننڍو شهر هو ۽ انهيءَ ۾ ٿورا ماڻهو هئا؛ ۽ هڪڙو وڏو بادشاهہ انهي تي چڙهي آيو، ۽ انهي کي گهيرو ڪيائين، ۽ انهي جي سامهون وڏا دمدما ٻڌائين:</verse>
				<verse number="15">هاڻي انهي ۾ هڪڙو غريب ڏاهو ماڻهوءَ هٿ آيو، ۽ انهي پنهنجي ڏاهپ سان انهي شهر کي بچايو؛ انهي هوندي بہ ڪنهن ماڻهوءَ انهي غريب ماڻهو جي يادگيري ڪانہ ڪئي.</verse>
				<verse number="16">تڏهن مون چيو تہ ڏاهپ زور کان بهتر آهي: انهي هوندي بہ غريب ماڻهوءَ جي ڏاهپ تي حقارت ظاهر ڪرڻ ۾ اچي ٿي، ۽ هن جي ڳالهہ ڪوبہ ڪونہ ٿو ٻڌي.</verse>
				<verse number="17">جيڪو بي عقلن ۾ حڪومت ٿو ڪري تنهنجي هڪل کان، ڏاهي ماڻهوءَ جي آرام سان ڪيل ڳالهہ وڌيڪ ٻڌڻ ۾ ٿي اچي.</verse>
				<verse number="18">ڏاهپ جنگ جي هٿيارن کان بهتر آهي: پر هڪڙو ئي گنهگار گهڻي چڱائي چٽ ڪيو ڇڏي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">مئل مکيون عطار جي سرهي تيل کي بہ اهڙو ڪيو ڇڏين جو انهي مان بدبوءِ پيئي اچي: انهي طرح ٿوري ئي بي عقلي ڏاهپ ۽ عزت کي بي قدر ڪيو ڇڏي.</verse>
				<verse number="2">ڏاهي ماڻهوءَ جي دل سندس سڄي هٿ ۾ آهي؛ پر بي عقل جي دل سندس کٻي هٿ ۾ آهي.</verse>
				<verse number="3">هائو، هيئن بہ آهي تہ جڏهن بي عقل رستو ڏيئي هلي ٿو تڏهن سمجهہ ڇڏيو وڃيس ۽ سڀ ڪنهن کي چوندو وتي تہ آءٌ بي عقل آهيان.</verse>
				<verse number="4">جيڪڏهن حاڪم جي طبيعت تنهنجي برخلاف ٿئي، تہ پنهنجي جاءِ ڇڏي نہ وڃ؛ ڇالاءِ جو تحمل وڏن ڏوهن کي جهڪو ڪيو ڇڏي.</verse>
				<verse number="5">هڪڙي خرابي آهي جا مون سج هيٺان ڏٺي آهي، اُها ڄڻ تہ هڪڙي چڪ آهي جا حاڪم جي ڪيل آهي:</verse>
				<verse number="6">بي عقلي وڏي درجي ۾ رکي ٿي وڃي، ۽ دولتمند هيٺائين جاءِ تي ويهن ٿا.</verse>
				<verse number="7">مون نوڪر گهوڙن تي ڏٺا آهن، ۽ امير نوڪرن وانگر زمين تي هلندا ڏٺا اٿم.</verse>
				<verse number="8">جيڪو کڏ کڻي ٿو سو انهي ۾ پوي ٿو؛ ۽ جيڪو ڪنهن لوڙهي کي لتاڙي لنگهي ٿو تنهن کي نانگ کائيندو.</verse>
				<verse number="9">جيڪو پٿر ٽڪي ٿو تنهن کي انهن مان ايذاءُ بہ ٿو رسي؛ ۽ جيڪو ڪاٺ چيري ٿو، تنهن کي انهي مان خوف بہ آهي.</verse>
				<verse number="10">جيڪڏهن لوهہ مڏو آهي، ۽ ماڻهو انهي جي ڪَنيءَ کي لائي تکو نہ ڪندو، تہ ان کي وڌيڪ زور لائڻو پوندو: پر ڏاهپ هدايت ڪرڻ لاءِ فائدي واري آهي.</verse>
				<verse number="11">جيڪڏهن منڊ لڳڻ کان اڳي نانگ ڏنگيندو تہ پوءِ مانڊيءَ مان ڪوبہ فائدو نہ پهچندو.</verse>
				<verse number="12">ڏاهي ماڻهوءَ جي وات جون ڳالهيون وڻڻ جهڙيون آهن؛ پر بي عقل جا چپ خود کيس بہ ڳهي ويندا.</verse>
				<verse number="13">هن جي وات جي ڳالهين جي شروعات بي عقلي آهي: ۽ هن جي گفتگو جي پڇاڙي نقصان جهڙي چريائي آهي.</verse>
				<verse number="14">بي عقل گهڻو ڳالهائي بہ ٿو، انهي هوندي بہ ماڻهوءَ کي خبر ڪانهي تہ ڇا ٿيندو؛ ۽ جيڪي انهي کان پوءِ ٿيندو سو ڪير چئي سگهندو.</verse>
				<verse number="15">بي عقل جو پورهيو سڀ ڪنهن کي بيزار ڪيو ڇڏي، ڇالاءِ جو هن کي خبر نہ آهي تہ ڪيئن شهر ۾ وڃجي.</verse>
				<verse number="16">اي ملڪ افسوس آهي تنهنجي حال تي، جڏهن تنهنجو بادشاهہ هڪڙو ٻار آهي، ۽ تنهنجا امير صبح جو کائين ٿا!</verse>
				<verse number="17">اي ملڪ، تون سڀاڳو آهين جڏهن تنهنجو بادشاهہ اميرن جو اولاد آهي، ۽ تنهنجا امير پوري وقت تي کائين ٿا، نہ نشي ٿيڻ لاءِ، پر سگهہ لاءِ!</verse>
				<verse number="18">سستيءَ جي ڪري ڇت ڪري پوي ٿي؛ هٿن جي ڍرائيءَ ڪري گهر سمي پوي ٿو.</verse>
				<verse number="19">مجلس کلڻ جي لاءِ ڪبي آهي، ۽ شراب جان کي خوش ڪري ٿو: ۽ ناڻو سڀني ڳالهين کي پورو ٿو پوي.</verse>
				<verse number="20">بادشاهہ تي لعنت نہ وجهہ، پنهنجي خيال ۾ بہ ائين نہ ڪر؛ ۽ پنهنجي سمهڻ جي ڪوٺيءَ ۾ دولتمند تي لعنت نہ وجهہ: ڇالاءِ جو ڪو پکي آواز کڻي ويندو، ۽ جنهن کي پر آهن سو اها ڳالهہ وڃي ٻڌائيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">پنهنجي ماني پاڻيءَ تي اُڇلائي وجهہ: ڇالاءِ جو گهڻن ڏينهن کان پوءِ اُها تون لهندين.</verse>
				<verse number="2">حصو ستن کي بلڪ اٺن کي ڏي؛ ڇالاءِ جو توکي خبر ڪانهي تہ زمين تي ڪهڙي خرابي ٿيندي.</verse>
				<verse number="3">جيڪڏهن ڪڪر مينهن سان ڀريل هوندا، تہ اهي پاڻ کي زمين تي خالي ڪندا: ۽ جيڪڏهن ڪو وڻ ڏکڻ ڏانهن يا اُتر ڏانهن ڪري ٿو پوي، تہ جنهن هنڌ اُهو وڻ ڪري ٿو انهي هنڌ اُهو پيو هوندو.</verse>
				<verse number="4">جيڪو واءُ لاءِ ويٺو نهاريندو اُهو ٻج نہ پوکيندو؛ ۽ جيڪو ڪڪرن ڏانهن ڌيان ڏيندو سو لڻندو ڪين.</verse>
				<verse number="5">جيئن توکي اها خبر ڪانهي تہ واءُ جو رخ ڪهڙو آهي، ۽ نہ اها تہ پيٽ واري زال جي پيٽ ۾ هڏا ڪيئن ٿا وڌن: تيئن توکي خدا جي ڪم جي بہ خبر ڪانهي، جو سڀ ڪجهہ ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="6">صبح جو پنهنجو ٻج پوک ۽ شام جو پنهنجو هٿ نہ جهل: ڇالاءِ جو توکي خبر ڪانهي تہ ڪهڙو ڪمائتو ٿيندو، هي يا هو، يا اُهي ٻئي هڪ جهڙا چڱا ٿيندا.</verse>
				<verse number="7">سچ آهي تہ روشنائي مٺي آهي، ۽ سج کي ڏسڻ اکين جي لاءِ وڻندڙ ڳالهہ آهي.</verse>
				<verse number="8">هائو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو گهڻا سال جيئرو رهي تہ ڀلي هو انهن سڀني ۾ خوشي ڪري، پر هن کي اونداهيءَ جا ڏينهن ياد رکڻ کپن، ڇالاءِ جو اُهي گهڻا ٿيندا، جيڪي اچي ٿو سو سڀ بيهودگي آهي.</verse>
				<verse number="9">اي جوان، پنهنجي جوانيءَ ۾ خوش رهہ؛ ۽ ڀلي تہ جوانيءَ جي ڏينهن ۾ تنهنجي دل توکي خوش رکي، ۽ تون پنهنجي دل جي مرضيءَ تي هل، ۽ پنهنجي اکين جي نظر تي هل: پر تون ڄاڻ تہ انهن سڀني ڳالهين لاءِ خدا توکي عدالت ۾ آڻيندو.</verse>
				<verse number="10">تنهن ڪري پنهنجي دل مان ڏک ڪڍي ڇڏ، ۽ پنهنجي جسم مان بڇڙائي ڪڍي ڦٽي ڪر: ڇالاءِ جو جوانيءَ ۽ حياتيءَ جو ڦوهہ بيهودگي آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">پنهنجي جواني جي ڏينهن ۾ پنهنجي خالق کي ياد ڪر، نہ تہ جڏهن خراب ڏينهن ايندا، ۽ ورهيہ ويجها اچي پوندا، تڏهن تون چوندين تہ انهن مان مون کي ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي؛</verse>
				<verse number="2">يا جڏهن سج، ۽ روشنائي، ۽ چنڊ، ۽ تارا، ڪارا ٿي ويندا، ۽ ڪڪر مينهن کان پوءِ موٽي ايندا:</verse>
				<verse number="3">جنهن ڏينهن گهر جا مالڪ ڏڪندا، ۽ زور ڀريا ماڻهو ڪنڌ جهڪائيندا، ۽ پيهڻ وارا ٿورن هئڻ ڪري بس ڪندا، ۽ درين مان ٻاهر نهارڻ وارا اونداهيءَ ۾ اچي ويندا،</verse>
				<verse number="4">۽ گهڻيئي در بند ٿي ويندا، جڏهن پيهڻ جو آواز ڍرو ٿيندو، ۽ ماڻهو پکيءَ جي ٻوليءَ تي اُٿندو، ۽ سڀ ڳائڻ واريون ڇوڪريون ضعيف ٿي وينديون؛</verse>
				<verse number="5">هائو جيڪو مٿي آهي تنهن کان هو ڊڄنديون، ۽ رستي ۾ خوف هوندا؛ ۽ بادام جو وڻ ٻور ڪندو، مڪڙ بار ٿي پوندا، ۽ ڪرڙ ۾ ڏونئرا نہ ٿيندا: ڇالاءِ جو ماڻهو پنهنجي مدامي گهر ڏانهن هليو ويندو، ۽ ماتم ڪندڙ گهٽين ۾ هيڏي هوڏي پيا گهمندا.</verse>
				<verse number="6">يا جڏهن چانديءَ جي ڏور ڍري ٿيندي، يا سونو پيالو ڀڄي پوندو، يا دلو چشمي تي ڀڄي پوندو، يا نار کوهہ تي ڀڄي پوندو؛</verse>
				<verse number="7">۽ مٽي زمين ۾ موٽندي جيئن اصل هئي، ۽ روح خداوند وٽ موٽندو، جنهن ڏنو هو.</verse>
				<verse number="8">واعظ ٿو چوي تہ اها بيهودگين جي بيهودگي آهي؛ سڀ ڪجهہ بيهودگي آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ وڌيڪ هي بہ تہ واعظ ڏاهو هو تنهن ڪري هن هميشہ ماڻهن کي علم سيکاريو؛ هائو، هن خيال ڪيو ۽ ڳولي ڪڍيائين، ۽ گهڻا ئي پهاڪا ترتيب وار بيهاريائين.</verse>
				<verse number="10">واعظ ڪوشش ڪري پسنديءَ جهڙيون ڳالهيون، ۽ جيڪي سچيءَ طرح لکيل هو، يعني سچ جون ڳالهيون ڳولي لڌيون.</verse>
				<verse number="11">ڏاهي جون ڳالهيون ٻلهين وانگر آهن، ۽ جماعتن جي اُستادن جون ڳالهيون مضبوط لڳل ڪلين جهڙيون آهن، جي هڪڙي ڌنار جون ڏنل آهن.</verse>
				<verse number="12">۽ ٻيو هي بہ تہ اي منهنجا پٽ، نصيحت وٺ: گهڻن ڪتابن لکڻ جي حد ئي ڪانهي: ۽ گهڻو پڙهڻ ماڻهوءَ کي ٿڪايو ڇڏي.</verse>
				<verse number="13">ڳالهہ جي پڇاڙي اها آهي: سڀ مقرر ٿي ويو آهي: خدا کان ڊڄ، ۽ انجا حڪم مڃ، ڇالاءِ جو انسان جو سمورو فرض اهو آهي.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو خدا سڀڪو ڪم، سڀ ڪنهن چڱي يا بڇڙي لڪل ڳالهہ سان گڏ عدالت ۾ آڻيندو.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="22">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">سليمان جي راڳن جو راڳ.</verse>
				<verse number="2">ڀلي تہ هو پنهنجي وات جي چُمين سان مون کي چُمي: ڇالاءِ جو تنهنجي محبت شراب کان بهتر آهي.</verse>
				<verse number="3">تنهنجن تيلن جي سرهي خوشبوءِ آهي؛ تنهنجو نالو وهايل تيل وانگر آهي؛ تنهن ڪري ڪنواريون ڇوڪريون توکي پيار ٿيون ڪن.</verse>
				<verse number="4">مون کي ڇڪي وٺ، اسين تنهنجي پٺيان ڊوڙنديونسين: بادشاهہ مون کي پنهنجن ڪوٺين ۾ وٺي آيو آهي: اسين خوش ٿينديونسين ۽ تنهنجي ڪري خوشيون ڪنديونسين، اسين شراب کان وڌيڪ تنهنجي محبت جو ذڪر ڪنديونسين: هو سچيءَ دل سان تنهنجيون عاشق آهن.</verse>
				<verse number="5">اي يروشلم جون ڇوڪريون، آءٌ ڪاري آهيان، پر سهڻي آهيان، جيئن قيدار جا تنبو آهن، جيئن سليمان جا پردا آهن.</verse>
				<verse number="6">مون ڏانهن نہ نهار، ڇالاءِ جو آءٌ سانوري آهيان؛ سج مون کي ڪارو ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي ماءُ جا پٽ مون تي ڪاوڙيل هئا، هنن مون کي ڊاک جي منهہ جو سنڀاليندڙ ڪيو؛ پر مون پنهنجي ڊاک جو منهہ نہ سنڀاليو آهي.</verse>
				<verse number="7">اڙي منهنجي جان جا محبوب، مون کي ٻڌاءِ تہ تون پنهنجي ڌڻ کي ڪٿي ٿو چارين، ۽ ٻہ پهرن جو آرام لاءِ ڪٿي ٿو وهارين: ڇو جو آءٌ تنهنجن سنگتين جي گلن جي ڀرسان رلندي وتان؟</verse>
				<verse number="8">اي زالن ۾ سڀني کان حسين، جي توکي اها خبر نہ آهي تہ ڌڻ جي پيرن تي پنهنجو رستو ڏيو هلي وڃ، ۽ پنهنجن ڇيلن کي ڌنارن جي تنبن جي پاسي ۾ چار.</verse>
				<verse number="9">اي منهنجي پياري مون، فرعون جي گاڏين جي هڪڙي گهوڙيءَ سان تنهنجي مشابهت ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="10">تنهنجا ڳل وارن جي زلفن سان سهڻا ٿا لڳن، ۽ تنهنجي ڳچي جواهرن جي سرن سان.</verse>
				<verse number="11">اسين توکي سون جون زنجيرون، چانديءَ جي گلن سان جوڙي ڏينداسين.</verse>
				<verse number="12">جيستائين بادشاهہ پنهنجي دسترخاني تي ويٺو رهيو، تيستائين منهنجي سنبل جي گل مان خوشبوءِ پئي نڪتي.</verse>
				<verse number="13">منهنجو محبوب منهنجي لاءِ اهڙو آهي جهڙو مُر جو ڇڳو، جو منهنجن ڇاتين تي وچ ۾ پيو آهي.</verse>
				<verse number="14">منهنجو محبوب منهنجي لاءِ اهڙو آهي، جهڙو مينديءَ جي گلن جو ڇڳو، جو عين جديءَ جي ڊاک جي باغن مان آهي.</verse>
				<verse number="15">ڏس، اي منهنجي پياري، تون سهڻي آهين؛ تون خوبصورت آهين؛ تنهنجون اکيون ڪبوترين جهڙيون آهن.</verse>
				<verse number="16">ڏس، اي منهنجا محبوب، تون حسين آهين، هائو، دلپسند آهين: اسان جو پلنگ سائو آهي.</verse>
				<verse number="17">اسان جي گهر جون ڪامون سرو جون آهن، ۽ اسانجون پٽيون صنوبر جون آهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">آءٌ شارون جو گلاب آهيان، آءٌ وادين جو سوسن آهيان.</verse>
				<verse number="2">جيئن سوسن ڪنڊن ۾ آهي، تيئن منهنجي محبوبہ ڪنوارين ۾ آهي.</verse>
				<verse number="3">جيئن جهنگ جي وڻن ۾ صوف جو وڻ، تيئن منهنجو محبوب نوجوانن ۾ آهي. آءٌ ڏاڍي خوشيءَ سان هن جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيس، ۽ هن جو ميوو مون کي مٺو لڳو.</verse>
				<verse number="4">هن مون کي مجلس جي جاءِ ۾ آندو، ۽ هن جو جهنڊو منهنجي مٿان محبت هو.</verse>
				<verse number="5">اوهين مون کي ڪشمش سان آرام ڏيو، ۽ صوفن سان مونکي تازو توانو ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ محبت جي بيمار آهيان.</verse>
				<verse number="6">هن جو کٻو هٿ منهنجي مٿي هيٺان آهي، ۽ هن جي سڄي هٿ جو مون کي ڀاڪر پيل آهي.</verse>
				<verse number="7">اي يروشلم جون ڌيئرون، آءٌ اوهان کي قسم ٿي ڏيان، انهن هرڻين جو ۽ ميدان جي ڄانگهن جو، تہ اوهين پياري کي نہ اُٿاريو، نہ جاڳايو، جيستائين ڪہ هو پاڻ اُٿڻ گهري.</verse>
				<verse number="8">اِجهو منهنجي محبوب جو آواز! ڏس، هو جبلن تان ٽپندو ۽ ٽڪرن تان ڊوڙندو اچي ٿو.</verse>
				<verse number="9">منهنجو محبوب هڪڙي هرڻ يا جوان ڄانگهي جهڙو آهي: ڏس، هو اسان جي ڀت جي پٺيان بيٺو آهي، هو درين مان جهاتيون پائي ٿو، هو ڳڙکين مان پاڻ ڏيکاري ٿو.</verse>
				<verse number="10">منهنجي محبوب مون سان ڳالهايو ۽ چيائين تہ، اي منهنجي پياري، منهنجي نازنين، اُٿي هلي اچ.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو ڏس، سيارو گذري ويو آهي، مينهن بس ٿي لنگهي ويو آهي؛</verse>
				<verse number="12">زمين تي گل نڪتا آهن؛ پکين جي ڳائڻ جي موسم آئي آهي، ۽ ڳيري جي ٻولي اسان جي ملڪ ۾ پيئي ٻڌجي؛</verse>
				<verse number="13">انجير جو وڻ پنهنجا ساوا انجير پچائي ٿو، ڊاکن ٻور جهليو آهي، ۽ انهن مان خوشبوءِ پيئي اچي. اُٿ، اي منهنجي پياري، منهنجي نازنين، هلي اچ.</verse>
				<verse number="14">اي منهنجي ڪبوتري، تون جا ٽڪر جي ڦاٽن ۾، ۽ اُڀ ڪپري واري جاءِ جي اوٽ ۾ آهين، پنهنجي شڪل ڏيکار. پنهنجو آواز ٻڌاءِ؛ ڇالاءِ جو تنهنجو آواز مٺو آهي، ۽ تنهنجي شڪل سهڻي آهي.</verse>
				<verse number="15">اسان جي لاءِ تون لومڙيون، ننڍيون لومڙيون پڪڙ، جي ڊاک جو منهہ زيان ٿيون ڪن؛ ڇالاءِ جو اسان جي ڊاک جي منهہ ٻوُر ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="16">منهنجو محبوب منهنجو آهي، ۽ آءٌ سنديس آهيان: هو پنهنجو گلو سوسن ۾ ٿو چاري.</verse>
				<verse number="17">جيستائين ڏينهن ٿڌو ٿئي، ۽ پاڇو لهي، تيستائين اي منهنجا محبوب موٽي اچ، بلڪ تون انهيءَ هرڻ يا جوان ڄانگهي جهڙو ٿي، جو باتر جي جبلن تي آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">جنهن سان منهنجي جان جي محبت آهي، تنهن کي رات جو مون پنهنجي هنڌ تي ڳوليو: مون هن کي ڳوليو، پر ڪين لڌومانس.</verse>
				<verse number="2">مون چيو تہ هاڻي آءٌ اُٿنديس، ۽ شهر جي چوڌاري گهمنديس، تہ جنهن سان منهنجي جان جي محبت آهي، تنهن کي گهٽين ۽ چؤسُولن تي ڳوليان: مون هن کي ڳوليو، پر ڪين لڌومانس.</verse>
				<verse number="3">پهري وارا، جي شهر جي چوڌاري پيا گهمن، تن مون کي ڏٺو: انهن کي مون چيو تہ اوهان ڪو هن کي ڏٺو، جنهن سان منهنجي جان جي محبت آهي؟</verse>
				<verse number="4">اڃا آءٌ ٿورو هنن وٽان اڳتي هليس، تہ مون هن کي لڌو، جنهن سان منهنجي جان جي محبت آهي: مون جهليومانس، ۽ وڃڻ ڪين ڏنومانس، جيستائين مون هن کي پنهنجي ماءُ جي گهر ۾ آندو، ۽ اُنهيءَ جي ڪوٺڙيءَ ۾ جنهن مون کي ڄڻيو هو.</verse>
				<verse number="5">اي يروشلم جون ڌيئرون، آءٌ اوهان کي قسم ٿي ڏيان، انهن هرڻين جو ۽ ميدان جي ڄانگهن جو، تہ اوهين پيار کي نہ اُٿاريو، نہ جاڳايو، جيستائين ڪہ هو پاڻ اُٿڻ گهري.</verse>
				<verse number="6">اهو ڪير آهي جو بيابان مان دونهين جي ٿنڀن وانگر، خوشبودار ۽ مر ۽ لوبان سان، سوداگرن جي سڀني شين سان ڀريل ٿو اچي؟</verse>
				<verse number="7">ڏس اها سليمان جي پالڪي آهي؛ انهيءَ جي چوڌاري سٺ اسرائيل جا زور ڀريا ماڻهو آهن.</verse>
				<verse number="8">اُهي سڀ ترار مار ۽ جنگ ۾ هوشيار آهن: سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي رات جي خوف کان سندس ترار سندن ران تي ٻڌل آهي.</verse>
				<verse number="9">بادشاهہ سليمان پنهنجي لاءِ لبنان جي ڪاٺ جي پالڪي جوڙائي،</verse>
				<verse number="10">هن انهيءَ جا ٿنڀ چانديءَ جا جوڙايا، ۽ انهيءَ جو ترو سون جو، انهيءَ جي ويهڻ جي جاءِ واڱڻائي رنگ جي هئي، ۽ انهيءَ جي وچ جي فرشبندي يروشلم جي ڌيئرن جي محبت سان ڪئي ويئي.</verse>
				<verse number="11">اي صيون جون ڌيئون، اوهين ٻاهر وڃي بادشاهہ سليمان ڏسو، جنهن کي اُهو ڇٽ پيو آهي جو سندس مڱڻيءَ جي ڏينهن، ۽ سندس دل جي خوشيءَ جي ڏينهن، ماڻس ڍڪايو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">ڏس، اي منهنجي پياري تون سهڻي آهين؛ ڏس تون حسين آهين؛ تنهنجيون اکيون تنهنجي نقاب جي پٺيان ڪبوترن جهڙيون آهن: تنهنجا وار ٻڪرين جي ڌڻ وانگر آهن، جي جلعاد جبل جي پاسي سان ويٺيون هجن.</verse>
				<verse number="2">تنهنجا ڏند رڍن جي ڌڻ وانگر آهن، جن جي ڏاس تازي ڪتريل هجي، ۽ جي وهنجي نڪري آيون هجن؛ جنهن مان هر هڪ کي جاڙا ٻچا آهن، ۽ ڪا بہ بنا ٻچي ڪانهي.</verse>
				<verse number="3">تنهنجا چپ کهنبي ڌاڳي جهڙا آهن، ۽ تنهنجو وات سهڻو آهي: تنهنجيون لوندڙيون تنهنجي نقاب جي پٺيان ڏاڙهونءَ جي ٽڪر جهڙيون آهن.</verse>
				<verse number="4">تنهنجي ڳچي دائود جي ٺلهہ وانگر آهي، جو هٿيارن جي رکڻ لاءِ جوڙيو ويو هجي جنهن تي هزار سپرون ۽ پهلوان ماڻهن جون سڀ ڍالون ٽنگيل هجن.</verse>
				<verse number="5">تنهنجون ٻہ ڇاتيون هرڻيءَ جي ٻن جاڙن ٻٺڙن جهڙيون آهن، جي سوسن جي گلن ۾ چرندا هجن.</verse>
				<verse number="6">جيسين ڏينهن ٺري ۽ پاڇو لهي، تيستائين، آءٌ مر جي جبل تي ۽ لوبان جي ٽڪري تي وڃي ويهندس.</verse>
				<verse number="7">اي منهنجي پياري، تون بلڪل خوبصورت آهين، ۽ تو ۾ ڪوبہ عيب ڪونهي.</verse>
				<verse number="8">اي منهنجي ڪنوار لبنان مان مون سان اچ، لبنان مان مون سان اچ: امانا جي چوٽي تان، سنير ۽ حرمون جي چوٽيءَ تان، شينهن جي غارن مان، چيتن جي جبلن تان نهار.</verse>
				<verse number="9">اي منهنجي ڀيڻ، اي منهنجي ڪنوار، تو منهنجي دل کيس ورتي آهي؛ تو پنهنجي هڪڙيءَ اک سان، پنهنجي ڳچيءَ جي هڪڙي زنجيريءَ سان، منهنجي دل کسي ورتي آهي.</verse>
				<verse number="10">اي منهنجي ڀيڻ، اي منهنجي ڪنوار، تنهنجي محبت ڪهڙي نہ چڱي آهي! تنهنجي محبت شراب کان ڪيترو نہ بهتر آهي! ۽ تنهنجن تيلن جي خوشبوءِ هر قسم جي مصالحن کان ڪيترو نہ وڌيڪ چڱي آهي!</verse>
				<verse number="11">اي منهنجي ڪنوار، تنهنجن چپن مان ماناري وانگر ماکيءَ جا ڦڙا ڪرن ٿا: ماکي ۽ کير تنهنجي زبان هيٺان آهن؛ ۽ تنهنجن ڪپڙن جي خوشبوءِ لبنان جي خوشبوءِ جهڙي آهي.</verse>
				<verse number="12">منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڪنوار، بند ٿيل باغ، يا بند ٿيل چشمو يا مهر ٿيل حوض آهي.</verse>
				<verse number="13">تنهنجون اوڌون ڏاڙهن جو باغيچو آهن، جن ۾ قيمتي ميوا آهن؛ ميندي، سنبل جي وڻ سان گڏ آهي.</verse>
				<verse number="14">سنبل ۽ زعفران، بيد مشڪ ۽ دالچيني ۽ لوبان جا سڀ وڻ، ۽ مر ۽ عود ۽ ٻيا سڀ مکيہ مصالحہ.</verse>
				<verse number="15">تون باغن جو چشمو، آبِ حيات جو کوهہ، ۽ لبنان مان وهي ايندڙ نهرون آهين.</verse>
				<verse number="16">اي اُتر جا واءُ، جاڳ؛ ۽ اي ڏکڻ، تون اچ؛ منهنجي باغ تي لڳ تہ اُن جي مصالحن جي خوشبوءِ ٻاهر نڪري، ڀلي تہ منهنجو محبوب پنهنجي باغ ۾ اچي ۽ پنهنجا قيمتي ميوا کائي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">اي منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڪنوار، آءٌ پنهنجي باغ ۾ آيو آهيان: مون پنهنجي مر پنهنجي مصالحہ سميت گڏ ڪئي آهي؛ مون پنهنجو مانارو پنهنجي ماکيءَ سميت کاڌو آهي؛ مون پنهنجو شراب پنهنجي کير سان پيتو آهي. اي دوستو کائو؛ هائو، اي محبوب پيءُ، بي انداز پيءُ.</verse>
				<verse number="2">آءٌ ستو پيو هوس، پر منهنجي دل پئي جاڳي: اهو منهنجي محبوب جو آواز آهي جو در کڙڪائي ٿو چوي تہ اي منهنجي ڀيڻ، منهنجي پياري، منهنجي ڪبوتري، منهنجي بي داغ: ڇالاءِ جو منهنجو مٿو ماڪ سان ڀريل آهي، ۽ منهنجا زلف رات جي ڦڙن سان ڀريل آهن.</verse>
				<verse number="3">مون پنهنجو گڊلو لاهي ڇڏيو آهي؛ اُهو آءٌ وري ڪيئن ڍڪيان؟ مون پنهنجا پير ڌوتا آهن؛ انهن کي آءٌ وري ڪيئن پليت ڪريان؟</verse>
				<verse number="4">منهنجي محبوب در جي ٽُنگ مان پنهنجو هٿ اندر لنگهايو، ۽ منهنجي دل هن جي لاءِ ڇڪي کاڌي.</verse>
				<verse number="5">آءٌ پنهنجي محبوب کي در پٽي ڏيڻ لاءِ اُٿيس: ۽ منهنجن هٿن مان مر جا ڦڙا پئي ڪِريا، ۽ منهنجن آڱرين مان پٽڙي مر ڪري تاڙيءَ جي هٿين تي پئي.</verse>
				<verse number="6">مون پنهنجي محبوب کي در پٽي ڏنو؛ پر منهنجو محبوب اڳيئي هليو ويو هو. جڏهن هن ڳالهايو تڏهن منهنجو هانءُ ڊهي پيو؛ مون هن کي ڳوليو، پر لهي نہ سگهي مانس؛ مون سڏ ڪيومانس پر هن جواب ڪونہ ڏنو.</verse>
				<verse number="7">جيڪي پهري وارا شهر جي چوڌاري پيا گهمن تن مون کي ڏٺو، اُنهن مون کي ماريو ۽ مون کي زخمي ڪري وڌائون؛ ڀتين جي رکوالن مون کان منهنجي چادر کسي ورتي.</verse>
				<verse number="8">اي يروشلم جون ڌيئون، آءٌ اوهان کي قسم ٿي ڏيان تہ اوهين جي منهنجو محبوب ڏسو تہ ٻڌائجوس تہ آءٌ محبت جي بيمار آهيان.</verse>
				<verse number="9">اي سڀني زالن کان وڌيڪ خوبصورت، تنهنجو محبوب ٻئي ڪنهن محبوب کان ڪيئن وڌيڪ آهي؟ تنهنجو محبوب ٻئي ڪنهن محبوب کان ڪيئن وڌيڪ آهي جو تون اهڙي طرح اسان کي قسم ٿي وجهين؟</verse>
				<verse number="10">منهنجو محبوب اڇو ۽ ڳاڙهو آهي، ڏهن هزارن مان هو سڀ کان مک آهي.</verse>
				<verse number="11">هن جو مٿو نهايت خالص سون جهڙو آهي، هن جا زلف گهاٽا ۽ ڪانگ جهڙا ڪارا آهن.</verse>
				<verse number="12">هن جون اکيون ڪبوترن جهڙيون آهن، جي پاڻيءَ جي نهرن جي پاسي کان هجن، کير سان ڌوتل ۽ مناسب طرح سينگاريل.</verse>
				<verse number="13">هن جا ڳل مصالحن جي چمن جهڙا، خوشبودار سبزن جي ڪنڌين وانگر آهن: هن جا چپ سوسن وانگر آهن، جن مان پٽڙي مر جا ڦڙا پيا ڪرن.</verse>
				<verse number="14">هن جا هٿ سون جي منڊين وانگر آهن، جن ۾ فيروزا جڙيل هجن: هن جو بدن عاج جي ڪم جهڙو آهي، جنهن تي نيلم لڳل هجن.</verse>
				<verse number="15">هن جون ٽنگون سنگ مرمر جي ٿنڀن جهڙيون آهن، جي خالص سون جي پاين تي رکيل هجن: هن جي صورت لبنان جهڙي آهي، ۽ ديودار وانگر نهايت عمدي آهي.</verse>
				<verse number="16">هن جو وات تمام مٺو آهي؛ هائو هو بلڪل وڻندڙ آهي: اي يروشلم جون ڌيئون، اهو آهي منهنجو محبوب، ۽ اهو آهي منهنجو دوست.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">اي زالن ۾ تمام سهڻي، تنهنجو محبوب ڪيڏانهن ويو آهي؟ تنهنجو محبوب ڪهڙي پاسي وڃي نڪتو آهي، تہ اسين تو سان گڏجي انهي کي ڳوليون؟</verse>
				<verse number="2">منهنجو محبوب پنهنجي باغ ڏانهن، مصالحن جي چمن ڏانهن ويو آهي، تہ باغن ۾ مال چاري، ۽ سوسن گڏ ڪري.</verse>
				<verse number="3">آءٌ پنهنجي محبوب جي آهيان، ۽ منهنجو محبوب منهنجو آهي: هو پنهنجو ڌڻ سوسن ۾ پيو چاري.</verse>
				<verse number="4">اي منهنجي پياري تون ترضاہ جهڙي سهڻي، ۽ يروشلم جهڙي خوبصورت آهين، ۽ خوفناڪ اهڙي آهين جهڙو جهنڊن سان لشڪر.</verse>
				<verse number="5">پنهنجون اکيون مون کان ڦيراءِ، ڇالاءِ جو هنن مون کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. تنهنجا وار ٻڪرين جي ڌڻ وانگر آهن، جي جلعاد جي پاسي سان ويٺل هجن.</verse>
				<verse number="6">تنهنجا ڏند رڍن جي ڌڻ وانگر آهن، جي وهنجي سهنجي آيون هجن؛ ۽ جن مان هر هڪ کي جاڙا ٻچا هجن، ۽ منجهان ڪابہ بنا ٻچي نہ هجي.</verse>
				<verse number="7">تنهنجون لوندڙيون تنهنجي نقاب جي پٺيان ڏاڙهون جي ٽڪر وانگر آهن.</verse>
				<verse number="8">سٺ راڻيون، ۽ اسي سريتون، ۽ بيشمار ڪنواريون ڇوڪريون آهن.</verse>
				<verse number="9">منهنجي ڪبوتري، منهنجي بيداغ، فقط هڪڙي آهي؛ هوءَ پنهنجي ماءُ جي هڪڙيئي هڪڙي آهي؛ جنهن هن کي ڄڻيو تنهنجي هوءَ لاڏلي آهي. ڇوڪرين هن کي ڏٺو، ۽ هن کي برڪت واري سڏيائون؛ هائو، راڻين ۽ سريتن، ۽ انهن هن جي ساراهہ ڪئي.</verse>
				<verse number="10">اها ڪير آهي جا صبح جهڙي ٿي ڏسجي، چنڊ جهڙي سهڻي، سج جهڙي صفا، ۽ اهڙي هيبت واري جهڙو جهنڊن سان لشڪر؟</verse>
				<verse number="11">آءٌ سوپارين جي باغ ۾ ويس، تہ واديءَ جا ساوا وڻ ڏسان، ۽ ڏسان تہ ڊاک ڦٽي آهي يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جهليا آهن يا نہ.</verse>
				<verse number="12">مون کي سماءُ مس پيو تہ منهنجي جان مون کي پنهنجي شاهي قوم جي گاڏين ۾ وڃي وهاريو.</verse>
				<verse number="13">اي شولاميہ، موٽي اچ، موٽي اچ؛ موٽي اچ، موٽي اچ تہ اسين تو تي نظر ڪريون. ڇالاءِ اوهين شولاميہ تي نظر ڪرڻ ٿا گهرو جيئن محنائم جي ناچ تي نظر ڪجي؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">اي شاهزادي، تنهنجا پير چاکڙين ۾ ڪهڙا نہ سهڻا ٿا لڳن! تنهنجن رانن جا سنڌ جواهرن جهڙا آهن، جي ڪنهن اُستاد ڪاريگر جي هٿن جا جُڙيل هجن.</verse>
				<verse number="2">تنهنجو دُن گول پيالي جهڙو آهي، جنهن ۾ گڏيل شراب جي ڪمي ڪانہ هجي: تنهنجو پيٽ ڪڻڪ جي ڍڳ جهڙو آهي، جنهن جي آس پاس سوسن رکيل هجن.</verse>
				<verse number="3">تنهنجون ٻہ ڇاتيون ٻن ٻٺڙن جهڙيون آهن، جي هڪڙي هرڻيءَ جا جاڙا ٻچا هجن.</verse>
				<verse number="4">تنهنجي ڳچي عاج جي ٿنڀ جهڙي آهي؛ تنهنجون اکيون حشبون جي تلائن جهڙيون آهن، جي بيت ربيم جي در وٽ آهن؛ تنهنجو نڪ لبنان جي ٺلهہ وانگر آهي، جنهن جو رخ دمشق ڏي آهي.</verse>
				<verse number="5">تنهنجو مٿو توتي ڪرمل وانگر آهي، ۽ تنهنجي مٿي جا وار واڱڻائي رنگ جهڙا آهن؛ انهن جي زلفن ۾ بادشاهہ قيد ٿيو پيو آهي.</verse>
				<verse number="6">اي پياري، خوشين جي ڪري تون ڪهڙي نہ خوبصورت ۽ دلپسند آهين!</verse>
				<verse number="7">تنهنجو قد کجيءَ جي وڻ وانگر آهي، ۽ تنهنجون ڇاتيون ڊاک جي ڇڳن جهڙيون آهن.</verse>
				<verse number="8">مون چيو تہ آءٌ انهي کجيءَ جي وڻ تي چڙهان، ۽ ان جون ٽاريون جهلي بيهان: ڀلي تہ تنهنجون ڇاتيون ڊاک جي ڇڳن جهڙيون هجن، ۽ تنهنجي پساهہ جي خوشبوءِ صوفن جهڙي آهي؛</verse>
				<verse number="9">۽ تنهنجو وات تمام عمدي شراب جهڙو آهي، جو منهنجي محبوب جي لاءِ لسو وهندو وڃي، ۽ جيڪي سُتا پيا آهن تن جي چپن مان ترڪندو وڃي.</verse>
				<verse number="10">آءٌ پنهنجي محبوب جي آهيان، هن جي خواهش مون ڏانهن آهي.</verse>
				<verse number="11">اي منهنجا محبوب، اچ تہ ٻهراڙيءَ ۾ هلون؛ ۽ ڳوٺن ۾ هلي گذاريون.</verse>
				<verse number="12">هل تہ سوير اُٿي ڊاک جي منهہ ۾ هلون؛ ڏسون تہ ڊاک ڦٽي آهي يا نہ، ۽ ان جا گل کليا آهن يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جهليا آهن يا نہ: اُتي آءٌ توکي پنهنجي محبت ڏينديس.</verse>
				<verse number="13">ست رنگن جي خوشبوءِ پئي اچي، ۽ اسانجن درن تي هر قسم جا قيمتي ميوا، نوان توڙي پراڻا آهن، جي اي منهنجا محبوب، مون تو لاءِ گڏ ڪري رکيا آهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">اڙي شل تون منهنجي ڀاءُ وانگر هجين ها، جنهن منهنجي ماءُ جي ٿڻن جو کير پيتو هو! جڏهن ڪڏهن آءٌ توکي ٻاهر ڏسان ها تڏهن آءٌ توکي چميون ڏيان ها؛ هائو، ۽ انهي ڪري ڪوبہ مون کي ڌڪاري نہ ها.</verse>
				<verse number="2">آءٌ توکي وٺي پنهنجي ماءُ جي گهر اچان ها، تہ تون مون کي تعليم ڏين، آءٌ توکي مصالحدار مئي پياريان ها، جا ڏاڙهن جي رس مان جڙيل آهي.</verse>
				<verse number="3">هن جو کٻو هٿ منهنجي مٿي هيٺ هجي ها، ۽ هن جي سڄي هٿ جو مون کي ڀاڪر هجي ها.</verse>
				<verse number="4">اي يروشلم جون ڌيئون، آءٌ اوهان کي قسم ٿو ڏيان، تہ اوهين محبوبہ کي نہ چوريو ۽ نہ جاڳايو جيستائين هوءَ پاڻهي پنهنجي مرضيءَ تي نہ جاڳي.</verse>
				<verse number="5">اها ڪير آهي جو پنهنجي محبوب تي ٽيڪ ڏيو بيابان مان هلي اچي؟ صوف جي وڻ هيٺ مون توکي جاڳايو: اُتي تنهنجي ماءُ کي تنهنجي ڄڻڻ جا سور ٿيا ۽ اتي جنهن توکي ڄڻيو، تنهن کي سور ٿيا.</verse>
				<verse number="6">مون کي مهر وانگر پنهنجي دل تي هڻ، ۽ مهر وانگر پنهنجي ٻانهن تي رک: ڇالاءِ جو محبت موت وانگر زور واري آهي: حسد قبر وانگر ظلم ڪندڙ آهي: ان جا شعلا باهہ جا شعلا آهن، اُها خود خداوند جو شعلو آهي.</verse>
				<verse number="7">ڪيترو بہ گهڻو پاڻي محبت اُجهائي نہ سگهندو، نڪي ٻوڏيون انهي کي ٻوڙي سگهنديون: جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي گهر جو سڀ مال ۽ ملڪيت محبت جي لاءِ ڏئي ڇڏيندو، تہ هو بلڪل حقارت جوڳو ٿيندو.</verse>
				<verse number="8">اسان جي هڪڙي ننڍڙي ڀيڻ آهي، جنهن کي اڃا ڇاتيون ڪينهن: جنهن ڏينهن اسان جي ڀيڻ بابت ذڪر هلندو تنهن ڏينهن انهي جي لاءِ اسين ڇا ڪنداسين؟</verse>
				<verse number="9">جيڪڏهن هوءَ ڀت هجي تہ جيڪر اسين انهي تي چانديءَ جو هڪڙو ٺلهہ کڻي جوڙيون: ۽ جيڪڏهن هوءَ در هجي تہ اسين جيڪر ديودار جي تختن سان هن کي کڻي قابو ڪريون.</verse>
				<verse number="10">آءٌ هڪڙي ڀت آهيان ۽ منهنجون ڇاتيون انهي جا ٺلهہ آهن: تڏهن آءٌ هن جي نظر ۾ اهڙي هيس جهڙي اها جنهن آرام لڌو هجي.</verse>
				<verse number="11">سليمان تي بعل هامون ۾ هڪڙو ڊاک جو منهہ هو: هن اهو ڊاک جو منهہ سنڀاليندڙن کي ڀاڙي تي ڏئي ڇڏيو: سڀ ڪنهن کي ان جي ميوي جي عيوض چانديءَ جا هزار سڪا آڻڻا هئا.</verse>
				<verse number="12">منهنجو ڊاک جو منهہ، جو منهنجو آهي. سو منهنجي اڳيان آهي، اي سليمان، تون اُهو هزار وٺندين، ۽ جيڪي ان جو ميوو رکندا، تن کي ٻہ سؤ ملندا.</verse>
				<verse number="13">تون جو باغن ۾ رهين ٿو تنهن جو آواز سنگتي ٻڌن ٿا: مون کي بہ اهو ٻڌاءِ.</verse>
				<verse number="14">اي منهنجا محبوب جلدي ڪر، ۽ هرڻ يا ٻٺڙي جهڙو ٿيءُ، جو مصالحن جي جبلن تي هجي.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="23">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">يسعياہ بن آموص جو رويا، جو هن يهوداہ جي بادشاهن عزياہ، يوتام، آخز، حزقياہ جي ڏينهن ۾، يهوداہ ۽ يروشلم بابت ڏٺو.</verse>
				<verse number="2">اي آسمان ٻڌو، ۽ اي زمين ڪن ڏي، ڇالاءِ جو خداوند فرمايو آهي: تہ ٻارن کي مون پالي وڏو ڪيو آهي، پر اهي مون کان باغي ٿيا آهن.</verse>
				<verse number="3">ڍڳو پنهنجي مالڪ کي سڃاڻي ٿو، ۽ گڏهہ پنهنجي ڌڻيءَ جو آهر ڄاڻي ٿو: پر اسرائيل کي اها بہ خبر ڪانهي، منهنجي قوم ويچار نٿي ڪري.</verse>
				<verse number="4">افسوس، گنهگار اُمت، خطائن ڀريل قوم، بدڪارن جو نسل، خراب ڪم ڪندڙ اولاد: هنن خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، اسرائيل جي قدوس کي حقير ڄاتو اٿن، هو ڇڄي ڌار ٿيا آهن، ۽ پٺ تي هليا ويا آهن.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ اڃا بہ اوهين مار کائيندا، جو وڃو وڌيڪ فساد ڪندا؟ سارو مٿو بيمار آهي ۽ سڄي دل ماندي آهي.</verse>
				<verse number="6">پير جي تريءَ کان وٺي مٿي تائين انهي ۾ ڪابہ تندرستي ڪانهي، پر زخم ۽ گهاءَ، ۽ ڪنا ٿيندڙ ڦٽ آهن: اهي نہ بند ٿيا آهن، نہ پٽيءَ سان ٻڌل آهن ۽ نہ تيل سان نرم ڪيا ويا آهن.</verse>
				<verse number="7">اوهان جو ملڪ ويران آهي؛ اوهان جا شهر باهہ سان سڙي ويا آهن؛ اوهان جي زمين کي ڌاريا ماڻهو اوهان جي روبرو ڳهيو ٿا وڃن، ۽ اها سڃي آهي، ۽ ڌارين ماڻهن انهي کي ويران ڪري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="8">۽ صيون جي ڌيءَ ائين ڇڏي ويئي آهي جيئن ڪا ڀُونگي ڊاک جي منهہ ۾، يا جيئن ڪا جهوپڙي ونگن جي واڙي ۾، يا جيئن ڪو گهيري ڪيل شهر.</verse>
				<verse number="9">جي لشڪرن جو خداوند اسان جي لاءِ ڪي ٿورا ماڻهو باقي نہ بچائي ها، تہ اسين جيڪر سدوم جهڙا ٿيون ها، اسين جيڪر عموراہ جهڙا ٿيون ها.</verse>
				<verse number="10">اي سدوم جا حاڪم، خداوند جو ڪلام ٻڌو؛ اي عموراہ جي قوم، اوهين اسان جي خدا جي شريعت ڏي ڪن ڏيو.</verse>
				<verse number="11">خداوند فرمائي ٿو تہ اوهان جون هيتريون گهڻيون قربانيون منهنجي لاءِ ڪهڙي ڪم جون آهن؟ آءٌ گهيٽن جي ساڙڻ وارين قربانين سان ۽ پاليل جانورن جي چرٻيءَ سان ڀريو پيو آهيان؛ ۽ مون کي ڍڳن يا گهيٽن يا ٻڪرن جي رت مان خوشي حاصل نٿي ٿئي.</verse>
				<verse number="12">جڏهن اوهين منهنجي اڳيان اچي پاڻ ڏيکاريو ٿا تڏهن ڪنهن اوهان کي ائين ڪرڻ لاءِ چيو آهي تہ منهنجا ايوان لتاڙيو؟</verse>
				<verse number="13">اڳتي اجايا نذرانا نہ آڻيو؛ لوبان ساڙڻ ڪري مون کي نفرت ٿي اچي؛ نئين چنڊ ۽ سبت ۽ جماعتن جي گڏ ٿيڻ مان بہ، ڇالاءِ جو آءٌ گناهہ سان عيد جي جماعت برداشت ڪري نٿو سگهان.</verse>
				<verse number="14">منهنجو روح اوهان جن نون چنڊن کي ۽ اوهان جن مقرر ڪيل عيدن کي ڌڪاري ٿو: اهي منهنجي لاءِ تڪليف آهن: آءٌ انهن کان بيزار آهيان ۽ اهي برداشت ڪري نٿو سگهان.</verse>
				<verse number="15">۽ جڏهن اوهين پنهنجا هٿ پکيڙيندا تڏهن آءٌ پنهنجون اکيون اوهان کان لڪائيندس: هائو، جڏهن اوهين گهڻيون دعائون گهرندا تڏهن آءٌ اُهي نہ ٻڌندس: اوهان جا هٿ رت سان ڀريل آهن.</verse>
				<verse number="16">اوهين وهنجو، پاڻ کي پاڪ ڪريو؛ پنهنجا بڇڙا ڪم منهنجي اکين جي اڳيان ٽاريو؛ بڇڙائي ڪرڻ کان بس ڪريو:</verse>
				<verse number="17">چڱا ڪم ڪرڻ سکو؛ انصاف ڳوليو، مظلومن جي مدد ڪريو، يتيمن جو انصاف ڪريو، بيوہ زالن جي حمايت ڪريو.</verse>
				<verse number="18">خداوند ٿو فرمائي تہ هاڻي اچو تہ پاڻ ۾ حجت دليل ڪريون: جيتوڻيڪ اوهان جا گناهہ کهنبي جهڙا هوندا تہ بہ اهي برف جهڙا اڇا ٿي ويندا؛ جيتوڻيڪ اهي قرمز جهڙا ڳاڙها هوندا تہ بہ اُن جهڙا ٿي پوندا.</verse>
				<verse number="19">جي اوهين راضي ۽ فرمانبردار ٿيندا تہ اوهين پنهنجي زمين جي چڱي اُپت کائيندا:</verse>
				<verse number="20">پر جي اوهين منڪر ۽ باغي ٿيندا تہ ترار اوهان کي کائي ويندي: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي واتان ائين فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="21">ايماندار شهر جيڪو انصاف سان ڀريل هو ڪيئن نہ زناڪار ٿي پيو آهي! انهي ۾ سچائي رهندي هئي، پر هاڻي انهي ۾ خوني ٿا رهن.</verse>
				<verse number="22">تنهنجي چاندي مٺ تي پئي آهي، تنهنجو شراب پاڻيءَ سان گڏجي پيو آهي.</verse>
				<verse number="23">تنهنجا امير فسادي ۽ چورن جا سنگتي ٿي پيا آهن، سڀڪو رشوتن جو خواهان آهي، ۽ انعامن جي پٺيان پوي ٿو: هو يتيمن جو انصاف نٿا ڪن، نڪي بيوہ زال جو فرياد وٽن اچي ٿو.</verse>
				<verse number="24">تنهن ڪري، خداوند، لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو قادر فرمائي ٿو، تہ آءٌ دشمن کان پنهنجي جند آزاد ڪندس، ۽ پنهنجن ويرين کان وير وٺندس:</verse>
				<verse number="25">۽ آءٌ پنهنجو هٿ توتي ڦيريندس ۽ تنهنجو سمورو مٺ ڪڍي توکي صاف ڪندس، ۽ تنهنجي ساري قلعي ڪڍي ڇڏيندس:</verse>
				<verse number="26">۽ آءٌ تنهنجا قاضي موٽائي آڻيندس، جيئن اڳي هو: ۽ تنهنجا مشير وري آڻيندس، جيئن شروعات ۾ هو، تنهن کان پوءِ تون سچائيءَ وارو ۽ ايماندار شهر سڏبين.</verse>
				<verse number="27">صيون عدالت جي ڪري ڇڏايو ويندو ۽ جيڪي گناهہ کان ڦريا آهن سي سچائيءَ جي ڪري.</verse>
				<verse number="28">پر بدڪار ۽ گنهگار گڏ ناس ٿي ويندا ۽ جيڪي خداوند کي ڇڏي ڏيندا سي چٽ ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="29">ڇالاءِ جو جيڪي شاهہ بلوط اوهان کي پسند آهن تن کان هو شرمندا ٿيندا، ۽ جيڪي باغ اوهان پسند ڪيا آهن تن جي لاءِ اوهين لڄي ٿيندا.</verse>
				<verse number="30">بلڪ اوهين انهيءَ شاهہ بلوط وانگر ٿيندا جنهن جا پن ڪومائجي ڪرن ٿا، ۽ انهي باغ وانگر جنهن کي پاڻي ڪونہ ٿو اچي.</verse>
				<verse number="31">۽ زور وارو اهڙو ٿيندو جهڙو مڙهہ، ۽ ان جو ڪم اهڙو جهڙي چڻنگ؛ ۽ اهي ٻئي گڏ سڙندا، ۽ ڪوبہ انهن کي اُجهائڻ وارو ڪونہ هوندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">جيڪو ڪلام يسعياہ بن آموص يهوداہ ۽ يروشلم جي نسبت ۾ ڏٺو.</verse>
				<verse number="2">۽ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ خداوند جي گهر وارو جبل، جبلن جي چوٽيءَ تي قائم ٿيندو، ۽ ٽڪرين کان مٿي ڪيو ويندو، ۽ سڀ قومون ڏانهس ڊوڙنديون.</verse>
				<verse number="3">۽ گهڻيون قومون وينديون ۽ چونديون تہ اچو تہ خداوند جي جبل ڏانهن، يعني يعقوب جي خدا جي گهر ڏانهن هلون؛ ۽ هو اسان کي پنهنجا رستا سيکاريندو، ۽ اسين انهي جي واٽن تي هلنداسين: ڇالاءِ جو صيون مان شريعت ۽ يروشلم مان خداوند جو ڪلام ظاهر ٿيندو.</verse>
				<verse number="4">۽ اهو قومن جي وچ ۾ عدالت ڪندو، ۽ گهڻن ماڻهن کي ڇينڀيندو: ۽ اهي پنهنجون تراريون ڀڃي انهن مان هر ڦار ڪندا، ۽ پنهنجي نيزن مان انگڙا جوڙيندا: هڪڙي قوم ٻي قوم تي نہ ترار کڻندي، ۽ نہ اهي وري اڳتي جنگ سکندا.</verse>
				<verse number="5">اي يعقوب جا گهراڻا اوهين اچو تہ پاڻ خداوند جي روشنائي ۾ هلون.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو تو پنهنجي قوم، يعني يعقوب جو گهراڻو، ڇڏي ڏنو آهي، جو اُهي اُڀرندي وارين رسمن سان ڀرجي ويا آهن، ۽ فلستين وانگر فالون وجهندڙ ٿيا آهن، ۽ ڌارين ماڻهن سان شرط لاءِ تاڙي ٿا هڻن.</verse>
				<verse number="7">هنن جو ملڪ چاندي، ۽ سون سان ڀرپور آهي، ۽ سندن خزانن جي پڄاڻي ڪانہ آهي؛ انهن جو ملڪ گهوڙن سان ڀريل آهي ۽ سندن گاڏين جي پڄاڻي ڪانهي.</verse>
				<verse number="8">انهن جو ملڪ بتن سان بہ ڀريل آهي، هو پنهنجن هٿن جي ڪم، جو سندن آڱرين جو جڙيل آهي، تنهن جي بندگي ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="9">ذليل ماڻهو ڪنڌ جهڪائي ٿو، ۽ وڏو ماڻهو ذليل ٿئي ٿو: تنهن ڪري انهن کي معاف نہ ڪر.</verse>
				<verse number="10">خداوند جي خوف کان ۽ سندس وڏائي جي جلال کان ٽڪر ۾ گِهڙ، ۽ پاڻ کي مٽيءَ ۾ لڪاءِ.</verse>
				<verse number="11">انسان جي مٿانهين نظر هيٺ آندي ويندي، ۽ ماڻهن جي وڏائي هيٺ جهڪائي ويندي، ۽ رڳو خداوند ئي انهيءَ ڏينهن مٿانهون ٿيندو.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو هڪڙو ڏينهن ايندو، ۽ جيڪو بہ مغرور ۽ وڏائيءَ وارو آهي، ۽ جيڪي بہ مٿي کنيل آهي اُهو هيٺ ڪيو ويندو:</verse>
				<verse number="13">۽ لبنان جا سڀ ديودار جي وڏا ۽ مٿانهان آهن، ۽ بسن جي سڀني شاهہ بلوطن تي:</verse>
				<verse number="14">۽ سڀني وڏن جبلن ۽ سڀني ٽڪرين تي؛</verse>
				<verse number="15">۽ هر ڪنهن اوچي ٺلهہ، ۽ هر ڪنهن ڪوٽ واريءَ ڀت تي؛</verse>
				<verse number="16">۽ ترسيس جي سڀني جهازن ۽ سڀني سهڻين مورتن تي.</verse>
				<verse number="17">۽ انسان جي مغروري جهڪائي ويندي، ۽ ماڻهن جو هٺ هيٺ ڪيو ويندو: ۽ رڳو خداوند ئي انهي ڏينهن مٿانهون ٿيندو.</verse>
				<verse number="18">۽ بت اصل فنا ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="19">۽ ماڻهو ٽڪرن جي غارن ۾، ۽ زمين جي چرن ۾، خداوند جي هيبت جي اڳيان، ۽ سندس وڏائيءَ جي جلال کان وڃي لڪندا، جنهن وقت هو زمين کي سخت لوڏن ڏيڻ لاءِ اُٿندو.</verse>
				<verse number="20">انهي ڏينهن انسان پنهنجا چانديءَ جا بت، جي پوڄڻ واسطي پنهنجي لاءِ جوڙيا هئائين، سي ڇڇوندر ۽ چمڙن جي اڳيان اُڇلائي ڇڏيندو؛</verse>
				<verse number="21">انهيءَ لاءِ تہ جڏهن خداوند زمين کي سخت لوڏن ڏيڻ لاءِ اُٿندو، تڏهن اهو ٽڪرن جي غارن ۾ ۽ ڏونگرن جي ڦاٽن ۾، خداوند جي هيبت جي اڳيان، ۽ سندس وڏائي جي جلال کان وڃي لڪي.</verse>
				<verse number="22">انسان جنهن جي ناکوٽين ۾ پساهہ آهي، تنهن کان اوهين پاسو ڪريو: ڇالاءِ جو ڪهڙي ڳالهہ ڪري هو ليکي ۾ ايندو؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">ڇالاءِ جو ڏسو، خداوند، لشڪرن جو خداوند، يروشلم ۽ يهوداهہ مان سهارو ۽ ٽيڪ، ۽ مانيءَ جي ۽ پاڻيءَ جي اميد کڻي وٺندو؛</verse>
				<verse number="2">يعني پهلوان ۽ جنگي مرد؛ قاضي ۽ نبي، فال وجهڻ وارو ۽ ڪهن سال؛</verse>
				<verse number="3">پنجاهہ جو سردار، ۽ عزت وارو ماڻهو، ۽ مشير ۽ استاد ڪاريگر، ۽ جادوگر.</verse>
				<verse number="4">۽ آءٌ ٻارن کي انهن جا سردار ڪندس، ۽ ننڍڙا ٻار انهن تي حڪومت ڪندا.</verse>
				<verse number="5">۽ ماڻهن مان هڪڙو ٻئي تي ظلم ڪندو، يعني هڪڙو پاڙيسري ٻئي تي: ٻار ٻڍي سان مغروري جي هلت ڪندو ۽ ڪميڻو شريف سان.</verse>
				<verse number="6">جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي اباڻي گهر ۾ پنهنجي ڀاءُ کي چوندو تہ توکي ڪپڙا آهن، تون اچي اسان جو حاڪم ٿيءُ؛ ڀلي تہ هي اُجاڙ ملڪ تنهنجي هٿ هيٺ اچي:</verse>
				<verse number="7">انهي ڏينهن هو وڏي سڏ چوندو تہ آءٌ مشير ٿيڻ نہ ٿو گهران، ڇالاءِ جو منهنجي گهر ۾ نڪا ماني آهي نڪو ڪپڙو: اوهين مون کي قوم جو حاڪم نہ ڪريو.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو يروشلم فنا ٿي ويو آهي، ۽ يهوداهہ ڪري پيو آهي، ڇالاءِ جو سندن زبان ۽ سندس ڪم خداوند جي برخلاف آهن، ۽ هو هن جي جلال جي اکين کي ڪاوڙائين ٿا.</verse>
				<verse number="9">هنن جي چهري جو ڏيک هنن تي شاهدي ٿو ڏئي؛ ۽ هو سدوم وانگي پنهنجو گناهہ ظاهر ڪري ٻڌائين ٿا ۽ لڪائين نٿا. افسوس آهي هنن جي روح تي: ڇالاءِ جو هنن پاڻ پنهنجي سر تي خرابي آندي آهي.</verse>
				<verse number="10">اوهين سچن بابت چئو تہ هنن سان ڀلائي ٿيندي؛ ڇالاءِ جو کين پنهنجو بدلو ملندو.</verse>
				<verse number="11">ٻرحال شرير جا! هن سان برائي ٿيندي: ڇالاءِ جو هن جي ڪمن جو بدلو هن کي ڏنو ويندو.</verse>
				<verse number="12">باقي منهنجي قوم تي ٻار ظلم ڪندا، ۽ زالون انهن تي حڪم هلائينديون. اي منهنجي قوم، جيڪي تنهنجا سردار آهن، سي توکي گمراهہ ٿا ڪن، ۽ تنهنجن واٽن جو رستو گم ڪري ٿا ڇڏين.</verse>
				<verse number="13">خداوند قومن جي پاران حجت دليل ڪرڻ لاءِ ۽ انهن جي عدالت ڪرڻ لاءِ بيهي ٿو.</verse>
				<verse number="14">خداوند پنهنجي قوم جي بزرگن جي، ۽ انهن جي اميرن جي عدالت ڪندو. خداوند، لشڪرن جو خداوند، فرمائي ٿو تہ اهي اوهين آهيو جن ڊاک جو منهہ کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي؛ غريبن جو لٽ جو مال اوهان جن گهرن ۾ آهي:</verse>
				<verse number="15">اوهين ڇو منهنجي قوم کي پيڙيو ٿا، ۽ غريبن جي منهن کي پيهو ٿا؟</verse>
				<verse number="16">هيترو بہ وڌيڪ خداوند فرمايو، ڇالاءِ تہ صيون جون ڌيئرون مغرور آهن، ۽ ڳچيون ڊگهيون ڪري شوخ چشم ٿي هلن ٿيون، ۽ هلندي ناز نخرا ٿيون ڪن ۽ پيرن سان گهنگهرو ٿيون وڄائن:</verse>
				<verse number="17">تنهن ڪري خداوند صيون جي ڌيئن جا مٿا گنجا ۽ سندن بدن اُگهاڙا ڪندو.</verse>
				<verse number="18">انهي ڏينهن خداوند انهن جي نورن ۽ ڄارين ۽ نئين چنڊ جهڙن زيورن جي بي حيائي ڪڍي ڇڏيندو؛</verse>
				<verse number="19">يعني پنڙا ۽ ڪنگڻ ۽ روبند،</verse>
				<verse number="20">تاج ۽ توڙا، ڪمر بند ۽ عطر دانيون ۽ تعويذ؛</verse>
				<verse number="21">منڊيون ۽ نٿون؛</verse>
				<verse number="22">عيد جون پوشاڪون ۽ پهراڻ، شالون ۽ ٿيلهيون</verse>
				<verse number="23">هٿ ۾ کڻڻ جون آرسيون، ۽ سنهو سوٽي ڪپڙو، سربند ۽ برقعا.</verse>
				<verse number="24">۽ هيئن ٿيندو تہ خوشبودار مصالحن جي عيوض گندگي ٿيندي؛ ۽ ڪمر بند جي عيوض رسو ٿيندو؛ ۽ سينگاريل وارن جي عيوض گنجائي؛ ۽ سينہ بند جي عيوض کٿو ٿيندا: سونهن جي عيوض ڏنڀ.</verse>
				<verse number="25">تنهنجا ماڻهو ترار سان ڪرندا، ۽ تنهنجا پهلوان جنگ ۾ ڪرندا.</verse>
				<verse number="26">۽ بازارن ۾ رئندا ۽ پِٽيندا؛ ۽ هوءَ سُڃي سکڻي ٿي زمين تي ويهندي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">انهي ڏينهن ست زالون هڪڙي ماڻهوءَ کي جهلي چونديون تہ اسين پنهنجي ماني کائينديونسين، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڍڪينديونسين: رڳو ايترو ڪر تہ تون اسان کي پنهنجي نالي سڏجڻ ڏي: اسان تان اسان جي خواري لاهہ.</verse>
				<verse number="2">انهي ڏينهن جيڪي اسرائيل مان ڀڄي نڪتا هوندا تن لاءِ خداوند جي ٽاري سهڻي ۽ شاندار ٿيندي، ۽ زمين جي اُپت انهن جي لاءِ تمام عمدي ۽ وڻندڙ ٿيندي.</verse>
				<verse number="3">۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو صيون ۾ بچي ويو هوندو، ۽ جيڪو يروشلم ۾ رهجي ويو هوندو، مطلب تہ جيڪو بہ يروشلم ۾ جيئرن ۾ لکيو ويو هوندو سو پاڪ سڏبو:</verse>
				<verse number="4">يعني تہ جڏهن خداوند عدالت جي روح ۽ باهہ جي روح سان صيون جي ڌيئن جي گندگي ڌوئي ڇڏيندو، ۽ يروشلم جو رت صاف ڪري ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="5">۽ خداوند صيون جبل جي سڀ ڪنهن مڪان تي، ۽ ان جي جماعتن تي، ڏينهن جو ڪڪر ۽ دونهون، ۽ رات جو شعلي وانگر باهہ جو سوجهرو پيدا ڪندو: ڇالاءِ جو انهيءَ ساري جلال تي هڪڙي ڇٽي پکيڙي ويندي.</verse>
				<verse number="6">جا ڏينهن جو گرميءَ کان ڇانوَ لاءِ شاميانو ٿيندي، ۽ طوفان ۽ مينهن کان ڍڪ ۽ پناهہ ٿيندي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">مون کي ڇڏ تہ پنهنجي پياري محبوب لاءِ، پنهنجي محبوب جو راڳ سندس ڊاک جي منهہ بابت ڳايان. منهنجي پياري محبوبہ کي هڪڙي تمام آباد ٽڪريءَ تي هڪڙو ڊاک جو منهہ هو:</verse>
				<verse number="2">۽ هن انهيءَ جي چوڌاري هڪڙي کاهي کنئي، ۽ انهي جا پٿر کوٽي ڪڍيائين، ۽ انهيءَ ۾ تمام عمدي ڊاک لڳايائين، ۽ انهيءَ جي وچ ۾ هڪڙو ٺلهہ جوڙيائين ۽ منجهس هڪڙو شراب ڪڍڻ جو چيچڙو بہ ٽڪي ڪڍيائين: ۽ انتظار ۾ رهيو تہ انهي مان انگور پيدا ٿئي، پر انهي مان جهنگلي انگور پيدا ٿيو.</verse>
				<verse number="3">۽ هاڻي، اي يروشلم جا رهاڪو ۽ يهوداہ جا ماڻهو، آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ منهنجي ۽ منهنجي ڊاک جي منهہ جي وچ ۾ انصاف ڪريو.</verse>
				<verse number="4">منهنجي ڊاک جي منهہ ۾ ٻيو وڌيڪ ڇا ڪري سگهجي ها جو مون انهيءَ ۾ نہ ڪيو آهي؟ انهي ڪري جڏهن مون کي اميد هئي تہ انگور پيدا ڪري تڏهن انهي جهنگلي انگور پيدا ڪيو؟</verse>
				<verse number="5">۽ هاڻي ڏسو، آءٌ اوهان کي ٻڌائيندس تہ آءٌ پنهنجي ڊاک جي منهہ سان ڇا ڪندس: آءٌ انهي جو لوڙهو ڪڍي ڇڏيندس، ۽ اهو کاڄي ويندو؛ آءٌ انهي جي ڀت ڀڃي ڇڏيندس ۽ اهو لتاڙجي ويندو:</verse>
				<verse number="6">۽ آءٌ انهي کي ويران ڪري ڇڏيندس: ۽ نہ انهي جي ڇانگ ڪرڻ ۾ ايندي ۽ نہ گڏ؛ بلڪ اتي ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا پيدا ٿيندا: آءٌ ڪڪرن کي بہ حڪم ڏيندس تہ انهيءَ تي مينهن نہ وسائين.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو ڊاک جو منهہ اسرائيل جو گهراڻو آهي، ۽ يهوداهہ جا ماڻهو انهيءَ جا وڻندڙ ٻوٽا آهن: ۽ هن انصاف جي اُميد رکي، پر ڏس ظلم؛ سچائيءَ جي اميد رکي، پر ڏس دانهن.</verse>
				<verse number="8">افسوس انهن تي جي گهر سان گهر ٿا ملائين ۽ ٻنيءَ سان ٻني، تان جو ڪابہ جاءِ نٿي بچي، تہ هو ملڪ ۾ اڪيلا رهن:</verse>
				<verse number="9">لشڪرن جي خدا منهنجي ڪن ۾ چيو تہ يقيناً گهڻا گهر ويران ٿيندا، بلڪ وڏا ۽ عمدا گهر خالي رهندا.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو ڊاک جي منهہ جي ڏهن ايڪڙن مان هڪڙو بٿ پيدا ٿيندو ۽ ٻج جو هڪ هومر هڪڙو ايفہ مس پيدا ڪندو.</verse>
				<verse number="11">افسوس انهن تي جي صبح جو سوير ٿا اُٿن تہ نشي بازيءَ جي پٺيان پون؛ جي رات جو دير تائين ٿا ترسن، جيسين ڪ انهن کي شراب جو جوش چڙهي!</verse>
				<verse number="12">۽ انهن جي مجلس ۾ بربط ۽ تنبور ۽ دف ۽ بانسري آهن: پر انهن جو خداوند جي ڪم ڏي ڪوبہ ڌيان ڪونهي، نڪي انهن هن جي هٿن جي صفت تي ويچار ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="13">تنهن ڪري منهنجي قوم قيد ۾ ويئي آهي، يعني علم نہ رکڻ ڪري: ۽ انهن جا آبرو وارا ماڻهو بک ٿا مرن، ۽ انهن جا عام ماڻهو اُڃ سان پاهہ ٿا ٿين.</verse>
				<verse number="14">تنهن ڪري دوزخ پنهنجي خواهش وڌائي آهي، ۽ پنهنجو وات انداز کان ٻاهر پٽيو آهي: ۽ سندس شريف ۽ انهن جا رذيل، ۽ انهن جو تجمل، ۽ جيڪو بہ خوش ٿو رهي، سو انهيءَ ۾ پوي ٿو.</verse>
				<verse number="15">۽ گهٽ درجي وارو ماڻهو جهڪي ويو آهي، ۽ وڏي درجي وارو ماڻهو حقير ڪيو ويو آهي، ۽ مٿانهين جاءِ وارن جون اکيون هيٺ ڪيون ويون آهن:</verse>
				<verse number="16">پر لشڪرن جي خداوند جو درجو عدالت جي ڪري مٿي ڪيو ويو آهي.</verse>
				<verse number="17">تڏهن گهيٽا ڄڻ تہ پنهنجي چراگاهہ ۾ چرندا، ۽ دولتمندن جي ويران ٻنين ۾ ڌارين جا ڌڻ چرندا.</verse>
				<verse number="18">افسوس انهن تي جي برائيءَ کي مغروريءَ جي نوڙين سان ڇڪن ٿا، ۽ گناهہ کي ڄڻ تہ گاڏيءَ جي رسي سان تاڻين ٿا:</verse>
				<verse number="19">جي چون ٿا تہ ڀلي تہ هو جلدي ڪري، ڀلي تہ هو تڪڙو ٿي پنهنجو ڪم ڪري تہ اسين اهو ڏسون: ۽ ڀلي تہ اسرائيل جي پاڪ خدا جي عدالت ويجهي ٿئي ۽ اچي پهچي، تہ اسين اها معلوم ڪريون!</verse>
				<verse number="20">افسوس انهن تي جي بڇڙائيءَ کي چڱائيءَ ۽ چڱائي کي بڇڙائي ٿا سڏين؛ جي روشنائيءَ جي بدران اونداهي ۽ اونداهيءَ جي بدران روشنائي ٿا ڪن؛ جي مٺي جي بدران ڪَڙو، ۽ ڪَڙي جي بدران مٺو ٿا رکن!</verse>
				<verse number="21">افسوس انهن تي جي پنهنجي نظر ۾ ڏاها آهن ۽ پنهنجي نگاهہ ۾ سياڻا آهن!</verse>
				<verse number="22">افسوس انهن تي جي شراب پيئڻ ۾ پهلوان آهن، ۽ نشي وارين شين ملائڻ ۾ زور وارا آهن:</verse>
				<verse number="23">جي شريرن کي انعام جو حقدار ٿا ڄاڻن ۽ سچي کان سچائي کسيو ٿا وٺن!</verse>
				<verse number="24">تنهن ڪري جيئن باهہ جو شعلو بت کي کائي وڃي ٿو، ۽ جيئن سڪل گاهہ شعلي ۾ ڳيسجي وڃي ٿو، تيئن هنن جي پاڙ سڙي ڪِني ٿي ويندي، ۽ انهن جو ٻُور مٽيءَ وانگر اُڏامي ويندو: ڇالاءِ جو هنن لشڪرن جي خداوند جي شريعت رد ڪئي آهي، ۽ اسرائيل جي پاڪ وجود جو ڪلام ڌڪاريو آهي.</verse>
				<verse number="25">تنهن ڪري خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي ڀڙڪي آهي، ۽ هن پنهنجو هٿ انهن تي کنيو آهي ۽ انهن کي ماريو اٿس، ۽ انهن جا مڙهہ گهٽين جي وچ ۾ ڪچري وانگر هئا، ۽ ٽڪر ڏڪي ويا، ڇالاءِ جو هن جي ڪاوڙ ڦري نہ ويئي آهي پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.</verse>
				<verse number="26">۽ هو قومن جي لاءِ پري کان جهنڊو کڙو ڪندو، ۽ زمين جي ڪناري کان هنن کي سينڍ وڄائي سڏيندو: ۽ ڏسو، هو جلد هليا ايندا.</verse>
				<verse number="27">انهن مان ڪوبہ ٿڪبو ڪين ۽ نہ ڪو آٿڙندو؛ نڪو جهوٽو کائيندو ۽ نڪو سمهندو، ۽ نہ انهن جي چيلهہ جو ڪمربند ڇُڙندو، ۽ نہ انهن جي جتي جو بند ٽٽندو:</verse>
				<verse number="28">انهن جا تير تکا آهن ۽ انهن جون سڀ ڪمانون چڙهيل آهن: انهن جي گهوڙي جا سنب چقمق وانگر، ۽ انهن جي گاڏين جا ڦيٿا واچوڙي جهڙا ٿيندا:</verse>
				<verse number="29">انهن جي گجگار شينهن جهڙي ٿيندي ۽ اُهي جوان شينهن وانگي گجندا: هائو، هو گجندا، ۽ شڪار جهليندا، ۽ انهي کي بي روڪ ٽوڪ کڻي هليا ويندا، ۽ ڪوبہ ڪونہ ڇڏائيندن.</verse>
				<verse number="30">۽ اُهي انهي ڏينهن انهن تي سمنڊ جي گوڙ وانگي گوڙ ڪندا: جي ڪڏهن ڪو زمين ڏانهن نظر ڪندو تہ اونداهي ۽ مصيبت ڏسندو ۽ روشنائي انهي جي ڪڪرن ڪري اونداهي ٿي ويندي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">جنهن سال ۾ عزياہ بادشاهہ وفات ڪئي انهي سال ۾ مون ڏٺو تہ خداوند هڪڙي اُتانهين ۽ مٿي رکيل تخت تي ويٺو آهي، ۽ هن جي قبا جي دامن هيڪل کي ڀري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="2">هن جي آس پاس سرافيم بيٺا هئا: هر هڪ کي ڇهہ پر هئا؛ ٻن سان هر هڪ پنهنجو منهن ڍڪيو، ۽ ٻن سان هر هڪ پنهنجا پير ڍڪيا، ۽ ٻن سان هر هڪ اُڏاڻو.</verse>
				<verse number="3">۽ هڪڙي ٻئي کي سڏي چيو تہ لشڪرن جو خداوند، قدوس، قدوس، قدوس، آهي: ساري زمين هن جي جلال سان ڀرپور آهي.</verse>
				<verse number="4">۽ انهي پڪارڻ واري جي آواز جي زور تي چانئٺن جا بنياد ٿڙڪي ويا ۽ گهر دونهين سان ڀرجي ويو.</verse>
				<verse number="5">تڏهن مون چيو تہ افسوس آهي منهنجي حال تي! ڇالاءِ جو آءٌ ناس ٿي ويس؛ هن ڪري جو آءٌ ناپاڪ چپن وارو ماڻهو آهيان، ۽ ناپاڪ چپن واري قوم جي وچ ۾ رهان ٿو: ڇالاءِ جو منهنجن اکين بادشاهہ، لشڪرن جو خداوند ڏٺو آهي.</verse>
				<verse number="6">تڏهن سرافيم مان هڪڙو اُڏامي مون وٽ آيو ۽ سندس هٿ ۾ هڪڙو ٽانڊو هو، جو هن چمٽي سان قربانگاهہ تان کنيو هو:</verse>
				<verse number="7">۽ اهو هن منهنجي وات تي رکيو ۽ چوڻ لڳو تہ ڏس، هي تنهنجن چپن کي لڳو آهي ۽ تنهنجو قصور ڪڍيو ويو ۽ تنهنجي گناهہ جو عيوضو ڏنو ويو آهي.</verse>
				<verse number="8">۽ مون خداوند جو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ آءٌ ڪنهن کي موڪليان ۽ ڪير اسان جي لاءِ ويندو! تڏهن مون چئُہ تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان؛ مون کي موڪل.</verse>
				<verse number="9">۽ هن چيو تہ وڃي هن قوم کي چئو تہ اوهين بيشڪ ٻڌو ٿا پر سمجهو نٿا؛ اوهين بيشڪ ڏسو ٿا پر پروڙيو نٿا.</verse>
				<verse number="10">هن قوم جي دل ڦوڦي ڪر، ۽ انهي جا ڪن گهٻرا ڪر، ۽ انهي جون اکيون بند ڪر، متان هو پنهنجن اکين سان ڏسن، ۽ پنهنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پنهنجي دل سان سمجهن ۽ باز اچن، ۽ ڇٽي چڱا ڀلا ٿين.</verse>
				<verse number="11">تڏهن مون چيو تہ اي خداوند، ڪيستائين؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ جيستائين ڪ شهر بنا ڪنهن رهاڪوءَ جي، ۽ گهر بنا ڪنهن ماڻهوءَ جي ويران ٿين؛ ۽ زمين بلڪل غير آباد ٿئي.</verse>
				<verse number="12">۽ خداوند ماڻهن کي پري ڪڍي ڇڏيو آهي، ۽ ملڪ ۾ ويران جايون گهڻيون ٿيون آهن.</verse>
				<verse number="13">۽ جيڪڏهن انهيءَ ۾ ڏهين حصي جيترو رهجي ويندو هوندو، تہ اهو بہ وري کاڄي ويندو: جيئن ڪو تارپين ۽ شاهہ بلوط جو وڻ وڍجي جنهن کي وڍڻ کان پوءِ هن جو ٿُڙ بچيل هجي تيئن پاڪ نسل هن جو ٿُڙ آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">۽ يهوداہ جي بادشاهہ آخز بن عزياہ جي ڏينهن ۾ هيئن ٿيو، تہ ارام جو بادشاهہ رضين، ۽ اسرائيل جو بادشاهہ فقحہ بن رملياہ، يروشلم سان جنگ ڪرڻ لاءِ اوڏي ويا؛ پر انهيءَ تي غالب پئي نہ سگهيا.</verse>
				<verse number="2">۽ دائود جي گهراڻي کي ماڻهن ٻڌايو تہ ارام ۽ افرائيم پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي آهي. تنهن تي هن جي ۽ هن جي ماڻهن جي دل ائين چُرڻ لڳي جيئن ٻيلي جا وڻ واءُ لڳڻ ڪري چرندا آهن.</verse>
				<verse number="3">تڏهن خداوند يسعياہ کي چيو تہ هاڻي تون ۽ تنهنجو پٽ شيارياشوب نڪري وڃي ميٽ جي کاڻ واري شاهي سڙڪ تي، مٿين ڍنڍ جي نهر جي پڇڙيءَ وٽ، آخز کي گڏجو؛</verse>
				<verse number="4">۽ چئوس تہ سنڀال ڪج ۽ صبر ۾ رهج؛ ۽ هنن ٻن دونهين ڪندڙن اماڙين جي پڇڙين جي سبب متان ڊڄين، ۽ رضين، ۽ ارام، ۽ رملياہ جي پٽ جي ڪاوڙ ڪري پنهنجي دل کي بي آرام ٿيڻ نہ ڏي.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو آرام، ۽ افرائيم، ۽ رملياہ جي پٽ، تنهنجي برخلاف خرابي سٽي آهي، ۽ چون ٿا تہ</verse>
				<verse number="6">هلو تہ هلي يهوداہ تي ڪاهي انهن کي ستايون، ۽ انهي ۾ پنهنجي لاءِ ڀڃي رستو ڪريون، ۽ انهي منجهہ طابيل جي پٽ کي بادشاهہ ڪري ويهاريون:</verse>
				<verse number="7">پر خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ اها رِٿ ڪين بيهندي، ۽ ائين ڪين ٿيندو.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو ارام جي گادي جو هنڌ دمشق آهي، ۽ دمشق جو سردار رضين آهي: ۽ پنجهٺ ورهين اندر افرائيم اهڙو ڀڄي پرزا پرزا ٿي ويندو جو هڪڙي قوم ٿي نہ رهندو:</verse>
				<verse number="9">۽ افرائيم جي گاديءَ جو هنڌ سامريہ آهي، ۽ سامريہ جو سردار رملياہ جو پٽ آهي. جيڪڏهن اوهين ايمان نہ آڻيندا تہ ضرور اوهين بہ قائم نہ ٿيندا.</verse>
				<verse number="10">پوءِ خداوند وري بہ آخز سان ڳالهايو ۽ چيائينس، تہ</verse>
				<verse number="11">خداوند پنهنجي خدا کان ڪو نشان گهر؛ اهو هيٺ پاتال ۾ يا مٿي آسمان ۾ گهر.</verse>
				<verse number="12">پر آخز چيو تہ آءٌ ڪين گهرندس ۽ نہ آءٌ خداوند جي آزمائش ڪندس.</verse>
				<verse number="13">۽ هن چيو تہ اي دائود جا گهراڻا، هاڻي اوهين ٻڌو؛ ماڻهن کي ٿڪائڻ اوهان جي لاءِ ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا جو اوهين منهنجي خدا کي بہ ٿڪائيندا؟</verse>
				<verse number="14">تنهن ڪري خداوند پاڻ اوهان کي هڪڙو نشان ڏيندو؛ ڏسو، هڪڙي ڪنواري زال پيٽ سان ٿيندي، ۽ هڪڙو پٽ ڄڻيندي، ۽ انهيءَ جو نالو عمانوايل رکندي.</verse>
				<verse number="15">جيسين ڪہ بدي ڇڏڻ ۽ نيڪي پسند ڪرڻ جي هن کي خبر پوي تيسين هو مکڻ ۽ ماني کائيندو.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو انهي ٻار کي بدي ڇڏي ڏيڻ ۽ نيڪي پسند ڪرڻ جي خبر پوي تنهن کان اڳي جنهن زمين جي ٻن بادشاهن کي تون ڌڪارين ٿو، سا ويران ٿيندي.</verse>
				<verse number="17">خداوند توتي، ۽ تنهنجي قوم تي، ۽ تنهنجي پيءُ جي گهراڻي تي اهڙا ڏينهن آڻيندو جهڙا افرائيم جي يهوداہ مان نڪرڻ واري ڏينهن کان وٺي هيستائين نہ آيا آهن، يعني اسور جي بادشاهہ جا ڏينهن.</verse>
				<verse number="18">۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ خداوند مصر جي ندين جي تمام مٿانهين ڀاڱي مان مکين کي، ۽ اسور جي زمين مان ماکيءَ جي مکين کي سينڍ وڄائي سڏيندو.</verse>
				<verse number="19">۽ اهي سڀ اچي ويران وادين ۾، ۽ ٽڪرن جي چرن ۾ ۽ سڀني ڪنڊين تي، ۽ چراگاهن تي ويهنديون.</verse>
				<verse number="20">انهي ڏينهن جيڪا ڀاڙي ڪيل پاڪي نديءَ جي هن ڀر وارن ڀاڱن ۾ آهي، يعني اسور جي بادشاهہ وٽ، تنهن سان خداوند مٿي ۽ پيرن جا وار ڪوڙيندو: ۽ اها پاڪي ڏاڙهي بہ چٽ ڪري ڇڏيندي.</verse>
				<verse number="21">۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ هڪڙو ماڻهو هڪڙي جوان ڳئون، ۽ ٻہ رڍون پاليندو؛</verse>
				<verse number="22">۽ هيئن ٿيندو تہ انهن جي ڏنل کير جي گهڻائيءَ کان هو مکڻ کائيندا: ڇالاءِ جو جيڪو بہ انهي زمين منجهہ رهجي ويندو سو مکڻ ۽ ماکي کائيندو.</verse>
				<verse number="23">۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ جتي جتي هڪ هزار ڊاک جا وڻ هوندا هئا، جن جي قيمت هڪ هزار چانديءَ جا سڪا هوندي هئي، اتي ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا هوندا.</verse>
				<verse number="24">هڪڙو تير ۽ ڪمان کڻي ايندو؛ ڇالاءِ جو سارو ملڪ ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا هوندا.</verse>
				<verse number="25">۽ سڀ ٽڪريون، جي چنجورن سان کوٽيون ويون آهن، انهن تي ڪانڊيرن ۽ ڪنڊن جي ڊپ کان تون ڪين ايندين، پر اهو هنڌ رڳو ڏاندن جي چرڻ ۽ رڍن جي لتاڙڻ جي لاءِ هوندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">۽ خداوند مون کي فرمايو تہ هڪڙي وڏي تختي کڻ ۽ انهي تي صاف اکرن ۾ لک تہ مهير شالال حاش باز لاءِ:</verse>
				<verse number="2">۽ آءٌ پنهنجي لاءِ شاهدي وجهڻ واسطي ٻہ سچا شاهد، اورياہ ڪاهن ۽ ذڪرياہ بن يبرڪياہ وٺندس.</verse>
				<verse number="3">پوءِ آءٌ نبياڻيءَ وٽ ويس؛ ۽ اها پيٽ سان ٿي ۽ پٽ ڄڻيائين. تڏهن خداوند مون کي چيو تہ انهيءَ جو نالو مهير شالال حاش باز رک.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو اهو ٻار بابا ۽ امان چوڻ سکي، تنهن کان اڳي دمشق جي دولت ۽ سامريہ جو لٽ جو مال، اسور جي بادشاهہ وٽ کڄي ويندو.</verse>
				<verse number="5">۽ خداوند وري بہ مون کي فرمايو ۽ چيائين تہ.</verse>
				<verse number="6">شيلوخ جو پاڻي جو آهستي پيو وهي تنهن کي هن قوم رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اُهي رضين ۽ رملياہ جي پٽ تي فخر ٿا ڪن؛</verse>
				<verse number="7">تنهن ڪري هاڻي ڏس، خداوند انهن تي فرات نديءَ جو زور وارو پاڻي آڻي ٿو، يعني اسور جو بادشاهہ ۽ ان جو سارو جلال، ۽ اهو ان جي سڀني نهرن تي، ۽ ان جي سڀني ڪنڌين تي چڙهي ايندو:</verse>
				<verse number="8">۽ اهو وهندو اڳتي يهوداہ ۾ هليو ويندو؛ اهو اُٿلي پوندو ۽ لنگهيو هليو ويندو اهو ڳچيءَ تائين بہ وڃي پهچندو؛ اي عمانوايل. ان جي کنڀن جي پکڙجڻ سان تنهنجي زمين جو شڪم ڀرجي ويندو.</verse>
				<verse number="9">اي قومون هل مچايو، پر اوهين ڀڄي پرزا پرزا ٿي وينديون؛ ۽ پرانهن ملڪن وارا اوهين سڀيئي ڪن ڏيو: پنهنجي چيلهہ ٻڌو، پر اوهين ڀڄي پرزا پرزا ٿيندا؛ پنهنجي چيلهہ ٻڌو، پر اوهين ڀڃي پرزا پرزا ٿيندا.</verse>
				<verse number="10">گڏجي صلاح مصلحت ڪريو، پر اها ڪنهن ڪم جي نہ ٿيندي؛ ڪا ڳالهہ ڪريو پر اها بيهڪ نہ وٺندي: ڇالاءِ جو خدا اسان سان آهي.</verse>
				<verse number="11">خداوند مضبوط هٿ سان مون سان ڳالهايو، ۽ مون کي سمجهايائين تہ هن قوم جي رستي تي نہ هلان، ۽ فرمايائين تہ</verse>
				<verse number="12">جن سڀني ڳالهين جي نسبت ۾ هيءَ قوم منصوبو ٿي چوي، تنهن کي اوهين منصوبو نہ چئو؛ ۽ نہ انهي جي ڊپ کان اوهين ڊڄو، نڪي انهن جو ڪو خوف ڪريو.</verse>
				<verse number="13">اوهين رڳو لشڪرن جي خداوند کي پاڪ ڄاڻجو؛ ۽ انهيءَ کان ڊڄجو، ۽ انهيءَ جو خوف رکجو.</verse>
				<verse number="14">۽ اهو پاڪ مڪان جي بجاءِ ٿيندو؛ مگر اسرائيل جي ٻنهي گهراڻن لاءِ آٿڙڻ جي پٿر، ۽ ٿاٻي کائڻ جي ٽڪر جي بجاءِ ٿيندو، ۽ يروشلم جي رهاڪن لاءِ ڦندي ۽ دام جي بجاءِ ٿيندو.</verse>
				<verse number="15">۽ انهيءَ تي گهڻا ئي آٿڙندا، ۽ ڪرندا، ۽ ڀڄي پوندا، ۽ ڦاسي پوندا، ۽ گرفتار ٿيندا.</verse>
				<verse number="16">تون اها شاهدي بند ڪر، ۽ شريعت تي مهر هڻي منهنجي شاگردن کي ڏي.</verse>
				<verse number="17">۽ آءٌ خداوند جي لاءِ منتظر رهندس، جو يعقوب جي گهراڻي کان پنهنجو منهن لڪائي ٿو، ۽ آءٌ انهيءَ جي واٽ نهاريندس.</verse>
				<verse number="18">ڏس، آءٌ ۽ جيڪي ٻار خداوند مون کي ڏنا آهن، سي اسرائيل ۾ لشڪرن جي خداوند جا، جو صيون جبل تي ٿو رهي، نشان ۽ معجزا آهيون.</verse>
				<verse number="19">۽ جڏهن هو اوهان کي چون تہ جنن ۽ ڏائڻن کي ڳوليو، جي چر چر ۽ ڀڻ ڀڻ ٿا ڪن؛ تڏهن اوهين چئجو تہ اُمت کي مناسب ناهي ڇا تہ پنهنجي خدا کي ڳولين؟ جيئرن جي بدران مئن کي ڇو ڳوليون؟</verse>
				<verse number="20">شريعت ڏي ۽ شاهديءَ ڏانهن نظر ڪريو! جيڪڏهن اُهي هن ڪلام موافق نہ ڳالهائين، تہ يقيناً هنن جي لاءِ صبح ڪونہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="21">تڏهن هو ملڪ ۾ بکايل ۽ بڇڙي حال گهمندا: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هنن کي بک لڳندي تڏهن ڪنجهندا ڪُرڪندا، ۽ پنهنجي بادشاهہ تي، ۽ پنهنجي خدا تي لعنت ڪندا، ۽ پنهنجا منهن مٿي ڪندا:</verse>
				<verse number="22">۽ وري زمين ڏي نهاريندا، ۽ ڏسو، هو مصيبت، ۽ اونداهي، ۽ ڏک جي پيڙا ۾، ۽ ڀڀ اونداهيءَ ۾ هڪليا ويندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">پر جيڪا اڳي ڏک ۾ هئي تنهن لاءِ اونداهي نہ هوندي. اڳوڻي وقت ۾ هن زبولون جي زمين کي، ۽ نفتالي جي زمين کي حقارت جهڙو ڪيو هو، پر پوئين وقت ۾ هن انهيءَ کي سمنڊ جي رستي کان، يردن جي هن ڀر، يعني قومن جي گليل کي عزت وارو ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="2">جي ماڻهو اونداهيءَ ۾ هلندا هئا تن روشنائي ڏٺي آهي: جيڪي موت جي پاڇي واري زمين تي رهندا هئا، تن تي اها روشنائي چمڪي آهي.</verse>
				<verse number="3">تو قوم کي وڌايو آهي، ۽ انهن جي خوشي بہ زيادہ ڪئي اٿيئي: هو تنهنجي اڳيان اهڙي خوشي ٿا ڪن جهڙي فصل لهڻ مهل ڪبي آهي، يا جهڙي خوشي لٽ جي مال ورهائڻ مهل ماڻهو ڪندا آهن.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو تو مديان جي ڏينهن ۾، هن جي بار جي پاڃاري، ۽ هن جي ڪلهن جي لٺ، ۽ هن تي ظلم ڪندڙ جو لڪڻ ڀڃي ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو جنگ ۾ هٿيارن ٻڌل ماڻهوءَ جا سڀ هٿيار ۽ رت ۾ ڀريل ڪپڙا، ساڙڻ جي لاءِ باهہ جي ڪاٺين جهڙا ٿيندا.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو اسان کي هڪڙو ٻار ڄائو آهي، اسان کي هڪڙو پٽ ڏنو ويو آهي؛ ۽ حڪومت انهيءَ جي ڪلهن تي هوندي: ۽ اُنهيءَ جو نالو عجيب، مشير، قادر خدا، دائم قائم ابو، ۽ سلامتيءَ جو شهزادو رکيو ويندو.</verse>
				<verse number="7">انهيءَ جي بادشاهيءَ جي اقبالمندي ۽ سلامتيءَ جي حد ئي ڪانہ ٿيندي، ۽ هو دائود جي تخت تي ۽ ان جي بادشاهيءَ تي هن وقت کان وٺي هميشہ تائين قائم رهندو؛ ۽ انصاف ۽ سچائيءَ سان انهيءَ کي قائم ڪندو. لشڪرن جي خداوند جي غيرت ائين ڪندي.</verse>
				<verse number="8">خداوند هڪڙو ڪلام يعقوب وٽ موڪليو، ۽ اهو اسرائيل تي نازل ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ سڀ ماڻهو ڄاڻندا، يعني افرائيم ۽ سامريہ جا ماڻهو، جي مغروريءَ ۽ سخت دليءَ سان چون ٿا، تہ</verse>
				<verse number="10">سرون ڪري پيون آهن، پر اسين ٽڪيل پٿرن سان اڏينداسين: گولر جا وڻ وڍجي ويا آهن پر اسين انهن کي بدلائي ديودار ڪنداسين.</verse>
				<verse number="11">تنهن ڪري خداوند رضين جي دشمنن کي مٿي چاڙهي انهن جي برخلاف ڪندو، ۽ هن جي ويرين کي جوش ڏياريندو؛</verse>
				<verse number="12">ارامي اڳيان ۽ فلستي پٺيان؛ ۽ اهي وات پٽي اسرائيل کي ڳهي ويندا. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.</verse>
				<verse number="13">انهيءَ هوندي بہ ماڻهو انهيءَ ڏانهن نہ لڙيا آهن جنهن هنن کي ماريو، نڪي هنن لشڪرن جي خداوند کي ڳوليو آهي.</verse>
				<verse number="14">تنهن ڪري خداوند هڪڙي ڏينهن ۾ اسرائيل جو مٿو ۽ پڇ، کجيءَ جي ٽاري ۽ ڪانو وڍي ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="15">تمام پوڙهو ۽ عزت وارو ماڻهو مٿو آهي؛ ۽ نبي جو ڪوڙيون ڳالهيون سيکاري ٿو سو پڇ آهي.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو جيڪي هن قوم جا سردار آهن سي ئي انهيءَ کي گمراهہ ڪن ٿا؛ ۽ جيڪي انهن جي پيروي ٿا ڪن؛ سي ناس ٿي وڃن ٿا.</verse>
				<verse number="17">تنهن ڪري خداوند انهن جي جوان ماڻهن تي خوش نہ ٿيندو، نڪي هو انهن جي يتيمن ۽ بيوہ زالن تي رحم ڪندو: ڇالاءِ سڀڪو بي دين ۽ بدڪار آهي، ۽ سڀڪو وات بيوقوفيءَ جي ڳالهہ ٿو ڪري. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو شرارت باهہ وانگي ساڙي ٿي، اها ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا کايو وڃي؛ هائو اها ٻيلي جي گهاٽن ٻوڙن کي ڀڙڪائي ٿي، ۽ اهي دونهين جي گهاٽن ڪڪرن ۾ ڦرندا مٿي چڙهي وڃن ٿا.</verse>
				<verse number="19">لشڪرن جي خداوند جي ڪاوڙ ڪري زمين سڙي وئي آهي: ماڻهو بہ باهہ جي ڪاٺين وانگر آهن؛ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي ڀاءُ جي رعايت نٿو رکي.</verse>
				<verse number="20">۽ هڪڙو ماڻهو سڄي هٿ پاسي کسيندو ۽ بکيو رهندو: ۽ هو کٻي هٿ پاسي کائيندو ۽ پيٽ نہ ڀربس: انهن مان سڀڪو ماڻهو پنهنجي ٻانهن جو ماس کائيندو:</verse>
				<verse number="21">منسي ۽ افرائيم؛ ۽ افرائيم ۽ منسي: ۽ اهي ٻئي گڏجي يهوداہ جي برخلاف ٿيندا. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">افسوس آهي انهن تي جي بي انصافيءَ جا حڪم جاري ڪن ٿا، ۽ انهن لکڻ وارن تي جي ڏنگائي لکن ٿا:</verse>
				<verse number="2">انهيءَ لاءِ تہ محتاجن کي عدالت کان برطرف ڪن، ۽ منهنجي قوم جي غريبن جو حق کسي وڃن، ۽ بيوہ زالن کي هو ڦرين لٽين، ۽ يتيمن کي هو پنهنجو شڪار ڪن!</verse>
				<verse number="3">پر مصيبت جي ڏينهن ۽ جيڪا خرابي پري کان ايندي تنهن ۾ اوهين ڇا ڪندا؟ ڪنهن ڏي مدد لاءِ ڊوڙندا؟ ۽ پنهنجي وڏائي ڪٿي ڇڏيندا؟</verse>
				<verse number="4">هو رڳو قيدين هيٺان ڪنڌ جهڪائيندا ۽ قتل ٿيلن هيٺان ڪرندا. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.</verse>
				<verse number="5">اسور جو منهنجي ڪاوڙ جو لڪڻ، ۽ اها لٺ آهي جنهن جي هٿ ۾ منهنجو عصو آهي،</verse>
				<verse number="6">آءٌ انهي کي بي دين قوم تي موڪليندس، ۽ پنهنجي ڪاوڙ واري قوم تي انهي کي حڪم ڏيندس، تہ وڃي ڦري لٽي ۽ شڪار ڪري، ۽ انهن کي وڃي گهٽين جي گپ وانگي لتاڙي.</verse>
				<verse number="7">انهيءَ هوندي بہ هن جو مطلب اهو ناهي، نڪي هن جي دل جو اهو خيال آهي؛ پر هن جي دل ۾ آهي تہ ناس ڪري گهڻين قومن کي وڍي ڇڏي.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو هو چوي ٿو تہ منهنجا سڀ سردار بادشاهہ ناهن ڇا؟</verse>
				<verse number="9">ڪلنو، ڪرڪميس جهڙو ناهي ڇا؟ حمات، ارفاد جهڙو ناهي ڇا؟ سامريہ، دمشق جهڙو ناهي ڇا؟</verse>
				<verse number="10">جيئن منهنجي هٿ انهن بتن جون بادشاهتون حاصل ڪيون، جن جون اُڪريل مورتون يروشلم ۽ سامريہ جي مورتن کان بهتر هيون،</verse>
				<verse number="11">۽ جيئن مون سامريہ ۽ ان جي بتن سان ڪيو آهي، تيئن آءٌ يروشلم ۽ ان جي بتن سان نہ ڪريان ڇا؟</verse>
				<verse number="12">تنهن ڪري هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند صيون جبل تي ۽ يروشلم تي پنهنجو سڄو ڪم ڪري رهندو، تڏهن آءٌ اسور جي بادشاهہ جي گستاخ دل جي ڪم کي، ۽ سندس مٿانهين نگاهہ جي وڏائيءَ کي سزا ڏيندس.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو هن چيو آهي تہ مون پنهنجي هٿ جي زور سان ۽ پنهنجي ڏاهپ سان ائين ڪيو آهي؛ ڇالاءِ جو آءٌ سياڻو آهيان: ۽ مون قومن جون حدون پاسي ڪيون آهن، ۽ انهن جا خزانا ڦريا اٿم، ۽ جيڪي تختن تي ويٺا آهن، تن کي بهادر مرد وانگي هيٺ لاٿو اٿم:</verse>
				<verse number="14">۽ منهنجي هٿ قومن جي دولت کي آکيري وانگي لڌو آهي؛ ۽ جيئن ڪو ڇڏي ڏنل آنا گڏ ڪري، تيئن مون ساري زمين گڏ ڪئي آهي: ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جو کنڀ چوري، يا وات پٽي، يا چون بہ ڪري.</verse>
				<verse number="15">ڪهاڙي، انهيءَ جي اڳيان جيڪو ڪهاڙيءَ سان وڍي ٿو، ٻٽاڪ هڻندي ڇا؟ جيڪو ڪارائي هلائي ٿو تنهن سان ڪارائي ڪا وڏائي بہ ڪندي ڇا؟ ڄڻ تہ ڪو لڪڻ انهيءَ کي لوڏي جو اهو کڻي ٿو، ڄڻ تہ ڪاٺ انهيءَ کي کڻي جو ڪاٺ نہ آهي.</verse>
				<verse number="16">تنهن ڪري خداوند، لشڪرن جو خداوند، پنهنجن ٿلهن متارن ۾ ڏٻرائي موڪليندو؛ ۽ پنهنجي جلال جي بدران باهہ جي ساڙي وانگي هڪڙو ساڙو ڀڙڪائيندو.</verse>
				<verse number="17">۽ اسرائيل جي روشنائي باهہ ٿيندي، ۽ ان جو پاڪ وجود هڪڙو شعلو ٿيندو: ۽ اهو هڪڙي ڏينهن ۾ ان جا ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="18">۽ هو ان جي ٻيلي جو ۽ ان جي اُپت واري ٻنيءَ جو فخر، روح توڙي جسم، ٻئي فنا ڪري ڇڏيندو: ۽ انهيءَ جو حال اهڙو ٿيندو جهڙو ڪو علم بردار ساڻو ٿي ڪري پوي.</verse>
				<verse number="19">۽ ان جي ٻيلي جا باقي ٻيا وڻ ايترا ٿورا ٿيندا جو ڪو ٻار بہ اهي ڳڻي سگهي.</verse>
				<verse number="20">۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ اسرائيل جا باقي رهيل ماڻهو، ۽ يعقوب جي گهراڻي مان جيڪي بچيا هوندا، سي وري انهيءَ تي ٽيڪ نہ ڏيندا جنهن انهن کي ماريو هو؛ پر سچ پچ خداوند، اسرائيل جي پاڪ خدا تي ٽيڪ ڏيندا.</verse>
				<verse number="21">باقي رهيل، يعني يعقوب جا باقي رهيل، قادر خدا ڏي موٽندا.</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تنهنجي قوم اسرائيل سمنڊ جي واريءَ جيتري هوندي تہ بہ انهن مان ڪي ٿورا موٽندا: پوريءَ سچائي سان بربادي ٺهرائي ويئي آهي.</verse>
				<verse number="23">ڇالاءِ جو خداوند، لشڪرن جو خداوند، ساري زمين تي مقرر ڪيل بربادي آڻي پوري ڪندو.</verse>
				<verse number="24">تنهن ڪري خداوند، لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي منهنجي قوم، اوهين جي صيون ۾ ٿا رهو، سي اسور کان ڊڄو: جيتوڻيڪ هو اوهان کي جيئن مصر ۾ دستور هو لڪڻ سان ماريندو ۽ اوهان تي لٺ کڻندو.</verse>
				<verse number="25">ڇالاءِ جو اڃا بہ ٿوري وقت کان پوءِ منهنجي ڪاوڙ ۽ چڙ پوري ٿيندي، ۽ هو ناس ڪيا ويندا.</verse>
				<verse number="26">۽ لشڪرن جو خدا انهيءَ تي هڪڙو چهبڪ کڻندو، جيئن عوريب جي ٽڪر تي مديان جي ڪوس وقت کنيو هئائين: ۽ هن جي لٺ سمنڊ جي مٿان هوندي، ۽ هو اها ائين کڻندو جيئن مصر ۾ کنئي هئائين.</verse>
				<verse number="27">۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ هن جو بار سندس ڪلهي تي لهي پوندو، ۽ منهنجي پاڃاري سندس ڳچيءَ تان، ۽ اُها پاڃاري مسح ڪرڻ سبب ناس ڪئي ويندي.</verse>
				<verse number="28">هو عيات ۾ آيو آهي، هو مجرون مان لنگهي ويو آهي؛ مڪماس ۾ هو پنهنجو سامان رکي ٿو:</verse>
				<verse number="29">هو لنگهہ تان لنگهي ويا آهن؛ هو جبع ۾ رهي پيو آهي: رامہ ڏڪي ٿو؛ سائول جو جبع ڀڄي نڪتو آهي.</verse>
				<verse number="30">اي جليم جي ڌيءَ، وڏي آواز سان دانهن ڪر! اي غريب عنتوت پنهنجو آواز ليس کي ٻڌاءِ!</verse>
				<verse number="31">مدمينہ ڀڳو وتي: جيبيم جا رهاڪو ڀڄڻ لاءِ پيا گڏ ٿين.</verse>
				<verse number="32">اڄوڪي ڏينهن هو نوب ۾ منزل ڪندو: صيون جي ڌيءَ جي جبل تي، ۽ يروشلم جي ٽڪريءَ تي هو پنهنجو هٿ اُلاري ٿو.</verse>
				<verse number="33">ڏس، خداوند، لشڪرن جو خداوند، سخت ڪاوڙ سان ٽاريون وڍيندو: ۽ وڏي قد واريون وڍجي هيٺ ڪرنديون، ۽ مٿانهيون هيٺ آنديون وينديون.</verse>
				<verse number="34">۽ هو ٻيلي جا گهاٽ لوهہ سان وڍيندو، ۽ لبنان کي هڪڙو زبردست ماڻهو ڪيرائي وجهندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">۽ يسيءَ جي ٿُڙ مان هڪڙو ڏار نڪرندو، ۽ ان جي پاڙن مان ڦر نڪرندو:</verse>
				<verse number="2">۽ خداوند جو روح انهيءَ تي لهندو، ڏاهپ ۽ سمجهہ جو روح، مصلحت ۽ طاقت جو روح، علم ۽ خداوند جي خوف جو روح؛</verse>
				<verse number="3">۽ هو خداوند جي ڊپ ڪري خوش ٿيندو: ۽ هو نہ پنهنجن اکين جي نظر موجب انصاف ڪندو، ۽ نہ پنهنجن ڪنن جي ٻڌڻ موجب ملامت ڪندو:</verse>
				<verse number="4">پر سچائيءَ سان هو غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ زمين جي مسڪينن جي خاطر عدالت سان ملامت ڪندو، ۽ هو زمين کي پنهنجي وات جي لٺ سان ماريندو، ۽ پنهنجن چپن جي دم سان شريرن کي ڪهي ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="5">سچائي هن جي چيلهہ جو پٽو ٿيندي، ۽ ايمانداري هن جي گردي جو پٽو ٿيندي.</verse>
				<verse number="6">۽ بگهڙ گهيٽي سان گڏ رهندو، ۽ چيتو ڇيلي سان گڏ سمهندو؛ ۽ گابو ۽ شينهن جو ٻچو ۽ پاليل ڏاند گڏ رهندا؛ ۽ ننڍڙو ٻار انهن کي گهمائيندو.</verse>
				<verse number="7">۽ ڳئون ۽ رڇ گڏ چرندا؛ انهن جا ٻچا گڏ سمهندا: ۽ شينهن ڏاند وانگر بهہ کائيندو.</verse>
				<verse number="8">۽ کير پياڪ ٻار سپ جي ٽُنگ تي راند ڪندو، ۽ کير ڇڏايل ٻار پنهنجو هٿ نانگ جي ٻِر تي رکندو.</verse>
				<verse number="9">منهنجي پاڪ جبل ۾ هو نہ ڪنهن کي ايذاءُ رسائيندا، نہ ماري وجهندا: ڇالاءِ جو زمين خداوند جي علم سان ڀرپور ٿي ويندي، جيئن پاڻي سمنڊ کي ڍڪي ڇڏي ٿو.</verse>
				<verse number="10">۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ يسيءَ جي پاڙ، جا قومن ۾ نشان جي بجاءِ کڙي ٿيندي، تنهن کي قومون ڳولينديون؛ ۽ هن جي آرام جي جاءِ جلال واري ٿيندي.</verse>
				<verse number="11">۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند وري ٻيو ڀيرو پنهنجو هٿ کڻندو انهي لاءِ تہ سندس قوم جا جيڪي اسور مان ۽ مصر ۽ فطروس مان ۽ قوش مان ۽ عيلام ۽ سنعار مان ۽ حمات مان، ۽ سمنڊ جي ٻيٽن مان، باقي بچيا هوندا، تن کي گڏ ڪري.</verse>
				<verse number="12">۽ هو قومن لاءِ هڪڙو جهنڊو کڙو ڪندو، ۽ اسرائيل جا هڪالي ڪڍيل گڏ ڪندو، ۽ يهوداہ جا نڪتل ۽ پکيڙي پيل زمين جي چئني ڪنڊن کان آڻي گڏ ڪندو.</verse>
				<verse number="13">تڏهن افرائيم جو حسد بہ هليو ويندو، ۽ جيڪي يهوداہ کي ستائيندا سي بہ وڍجي ويندا: افرائيم يهوداہ تي حسد نہ ڪندو، ۽ يهوداہ افرائيم کي نہ ستائيندو.</verse>
				<verse number="14">۽ هو الهندي پاسي فلستين جي ڪنڌ تي اُڏامي وڃي لهندا؛ گڏجي اڀرندي جي رهاڪن کي ڦريندا لٽيندا: اهي پنهنجو هٿ ادوم ۽ موآب تي ڊگهيريندا؛ ۽ بني عمون انهن جا تابعدار ٿيندا.</verse>
				<verse number="15">۽ خداوند مصر واري سمنڊ جي ڄڀ اصل ناس ڪري ڇڏيندو؛ ۽ پنهنجي ساڙيندڙ واءُ سان پنهنجو هٿ نديءَ جي مٿان اُلاريندو، ۽ انهي کي ستن نهرن ۾ ورهائيندو، ۽ اتان ماڻهو سڪي جُتيءَ سان پار لنگهائيندو.</verse>
				<verse number="16">۽ سندس قوم مان، جيڪي اسور مان باقي بچندا تن جي لاءِ هڪڙي شاهي سڙڪ ٿيندي جهڙي ڪ اسرائيل جي لاءِ انهيءَ ڏينهن ٿي هئي جڏهن هو مصر جي زمين مان نڪري آيا هئا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">۽ انهيءَ ڏينهن تون چوندين تہ اي خداوند آءٌ تنهنجي شڪر گذاري ڪندس، ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تون مون سان ڪاوڙيل هئين تہ بہ تنهنجي ڪاوڙ بدلجي ويئي آهي ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.</verse>
				<verse number="2">ڏسو، خداوند منهنجي نجات آهي؛ آءٌ ويساهہ ڪندس ۽ ڪين ڊڄندس: ڇالاءِ جو خداوند يهوواہ منهنجي طاقت ۽ منهنجو راڳ آهي؛ ۽ اهو منهنجي نجات ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="3">تنهن ڪري خوشيءَ سان اوهين نجات جي کوهن مان پاڻي ڪڍندا.</verse>
				<verse number="4">۽ انهي ڏينهن اوهين چوندا تہ خداوند جا شڪر بجا آڻيو، هن جو نالو وٺي سڏيو، قومن جي وچ ۾ هن جا ڪم ظاهر ڪريو، ۽ اهو ذڪر ڪريو تہ هن جو نالو بزرگ آهي.</verse>
				<verse number="5">خداوند جي تعريف ڳايو؛ ڇالاءِ جو هن تمام عمدا ڪم ڪيا آهن: ڀلي تہ اها ڳالهہ ساري زمين تي مشهور ٿئي.</verse>
				<verse number="6">اي صيون جا رهاڪو وڏي سڏ پڪار ۽ رڙيون ڪر: ڇالاءِ جو تنهنجي وچ ۾ اسرائيل جو پاڪ خدا عظيم آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">بابل بابت ڪلام جو يسعياہ بن آموص کي رويا ۾ حاصل ٿيو.</verse>
				<verse number="2">اُگهاڙي جبل تي هڪڙو جهنڊو کڙو ڪر، هنن جي لاءِ پنهنجو آواز مٿي ڪر، هٿ لوڏي اشارو ڪر تہ هو اميرن جي درن ۾ گهڙي وڃن.</verse>
				<verse number="3">مون پنهنجن مخصوص ڪيلن ماڻهن کي حڪم ڏنو آهي، هائو، مون پنهنجي ڪاوڙ جي لاءِ پنهنجن بهادرن کي سڏيو آهي، يعني پنهنجي فخر سان خوشي ڪندڙن ماڻهن کي.</verse>
				<verse number="4">جبلن ۾ هڪڙي جماعت جو آواز آهي جو هڪڙي وڏي قوم جي گوڙ جهڙو آهي! گڏ ٿيلن قومن جي بادشاهتن جي جنگ جو آواز! لشڪرن جو خداوند جنگ جي لاءِ لشڪر گڏ ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="5">هو هڪڙي پرانهين ملڪ مان، آسمان جي تمام ٻاهرين ڀاڱي مان اچن ٿا، يعني خداوند ۽ اُن جي ڪاوڙ جا هٿيار، انهيءَ لاءِ تہ ساري زمين ناس ڪن.</verse>
				<verse number="6">اوهين ووءِ ووءِ ڪريو؛ ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن نزديڪ آهي؛ اهو قادر مطلق وٽان موت وانگي ايندو.</verse>
				<verse number="7">تنهن ڪري سڀ هٿ ضعيف ٿيندا، هر ڪنهن ماڻهوءَ جي دل پگهري ويندي؛</verse>
				<verse number="8">۽ هو ڊڄي ويندا؛ عذاب ۽ درد هنن کي وڪوڙي ويندا، سورن واري زال وانگي هنن کي سور ٿيندا: هو هڪ ٻئي جي حال تي حيران ٿيندا؛ هنن جا منهن باهہ جي شعلي جهڙا ٿيندا.</verse>
				<verse number="9">ڏسو، خداوند جو ڏينهن اچي ٿو، جو ڪاوڙ ۽ خوفناڪ غضب جي ڪري ظلم جهڙو ٿيندو؛ انهيءَ لاءِ تہ زمين کي ويران ڪري، ۽ انهيءَ منجهان گنهگار ناس ڪري ڪڍي ڇڏي.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو آسمان جا تارا ۽ ان جا برج پنهنجي روشنائي نہ ڏيندا: سج پنهنجي دوري ۾ ڪارو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشنائي نہ چمڪائيندو.</verse>
				<verse number="11">۽ آءٌ جهان کي سندس خرابيءَ جي لاءِ، ۽ شريرن کي سندن بدڪاريءَ لاءِ سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ مغرورن جي مغروري بند ڪرائيندس، ۽ خوفناڪ ماڻهن جي وڏائي هيٺ ڪري ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="12">آءٌ ماڻهوءَ کي عمدي سون کان بلڪ انسان کي اوفير جي خالص سون کان بہ وڌيڪ ڪامياب ڪندس.</verse>
				<verse number="13">تنهن ڪري آءٌ آسمانن کي ڏڪائيندس، ۽ لشڪرن جي خداوند جي ڪاوڙ ڪري، ۽ سندس خوفناڪ غضب جي ڏينهن ۾، زمين پنهنجي جاءِ تان لوڏي ڪڍندس.</verse>
				<verse number="14">۽ هيئن ٿيندو جو ڀڄايل هرڻ وانگي، ۽ انهن رڍن وانگي جن کي ڪوبہ گڏ نٿو ڪري، هو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي قوم ڏي ورائيندا، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ملڪ ڏي ڀڄائيندا.</verse>
				<verse number="15">جيڪو بہ لڀندو تنهن کي ونڌيندا؛ ۽ جيڪو بہ گرفتار ٿيندو سو ترار سان ماريو ويندو.</verse>
				<verse number="16">انهن جا کير پياڪ ٻار بہ سندن روبرو اُڇلائي پرزا پرزا ڪيا ويندا؛ انهن جا گهر لٽيا ويندا، ۽ انهن جي زالن سان زور زبردستي ٿيندي.</verse>
				<verse number="17">ڏسو، آءٌ مادين کي هنن جي برخلاف اُٿاريندس، جي چانديءَ جي پرواهہ نہ رکندا ۽ سون مان هنن کي ڪابہ خوشي نہ ٿيندي.</verse>
				<verse number="18">۽ انهن جون ڪمانون جوان ماڻهن کي پرزا پرزا ڪري ڇڏينديون، ۽ انهن کي کير پياڪن تي ڪوبہ رحم نہ ايندو؛ انهن جي اک ٻارن کي بہ ڇڏي نہ ڏيندي.</verse>
				<verse number="19">۽ بابل، جو بادشاهن جو فخر، ۽ ڪلدين جي وڏائي جي رونق آهي، تنهن جو اهڙو حال ٿيندو، جهڙو سدوم ۽ عموراہ جو ٿيو هو، جڏهن خدا انهن کي اونڌو ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="20">اهو وري نہ وسندو، نڪي انهيءَ ۾ پيڙهي بہ پيڙهي ڪو رهندو: نڪي ڪو عرب اتي تنبو کوڙيندو؛ نڪي ڌنار پنهنجا ڌڻ اتي ويهاريندا.</verse>
				<verse number="21">پر جهنگلي جانور اتي سمهندا، ۽ انهن جا گهر هلاک ڪندڙ جانورن سان ڀرجي ويندا: ۽ اتي اٺ پکي رهندا ۽ غول نچندا.</verse>
				<verse number="22">۽ انهن جي قلعن ۾ بگهڙ رڙيون ڪندا، ۽ انهن جي فرحت جهڙن محلاتن ۾ گدڙ اونائيندا: ۽ اُن جو وقت ويجهو آيو آهي ۽ ان جا ڏينهن گهڻا نہ ٿيندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">ڇالاءِ جو خداوند کي يعقوب تي رحم ايندو، ۽ هو اڃا بہ اسرائيل کي پسند ڪندو ۽ انهي کي پنهنجي ملڪ ۾ قائم ڪندو: ۽ پرديسي انهن سان وڃي گڏبا ۽ اهي يعقوب جي گهراڻي سان لاڳو رهندا.</verse>
				<verse number="2">۽ ماڻهو انهن کي وٺي پنهنجي جاءِ تي آڻيندا: ۽ اسرائيل جو گهراڻو خداوند جي زمين ۾ انهن جو مالڪ ٿي انهن کي ٻانها ۽ ٻانهيون ڪري رکندو: ۽ جن جا هو قيدي هئا تن کي هو قيد ڪندا؛ ۽ انهن تي حڪم هلائيندا جي مٿن ظلم ڪندا هئا.</verse>
				<verse number="3">۽ اُنهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند توکي تنهنجي ڏک، ۽ تنهنجي تڪليف، ۽ جنهن سخت پورهئي ۾ تون پيو هئين تنهن کان آرام ڏيندو،</verse>
				<verse number="4">انهيءَ لاءِ تہ بابل جي بادشاهہ تي تون اهو مثال لاڳو ڪرين، ۽ چوين تہ ظالم ڪيئن نہ بس ڪئي آهي! سونو شهر ڪيئن نہ بند ٿي ويو آهي!</verse>
				<verse number="5">خداوند شريرن جي لٺ ۽ حاڪمن جي عصا ڀڃي ڇڏي آهي</verse>
				<verse number="6">جي ڪاوڙ ۾ غريبن کي پيا ڌڪ هڻندا هئا، جي غصي ۾ قومن تي حڪومت ڪندا هئا، ۽ اهڙا ظلم ڪندا هئا جو ڪوبہ روڪي نہ سگهندو هون.</verse>
				<verse number="7">ساري زمين آرام ۽ راحت ۾ آهي: اهي گيت ڳائڻ لڳن ٿا.</verse>
				<verse number="8">هائو، صنوبر جا وڻ ۽ لبنان جا ديودار توتي خوشي ظاهر ڪن ٿا، ۽ چون ٿا تہ جڏهن کان تون ڪري پيو آهين تڏهن کان ڪوبہ اسان کي وڍڻ ڪونہ آيو آهي.</verse>
				<verse number="9">هيٺان دوزخ تنهنجي لاءِ چُريو آهي، انهي لاءِ تہ جڏهن تون اچين تڏهن توکي اچي گڏجي: اهو تنهنجي لاءِ مئلن کي، يعني زمين جي سڀني سردارن کي اُٿاري ٿو؛ انهيءَ ملڪن جي سڀني بادشاهن کي سندن تختن تان اُٿاريو آهي.</verse>
				<verse number="10">اهي سڀ توکي ورندي ڏئي چوندا تہ تون اسان وانگر ضعيف ٿي پيو آهين ڇا؟ تون بہ اسان جهڙو ٿيو آهين ڇا؟</verse>
				<verse number="11">تنهنجو تجمل ۽ تنهنجي سازن جي وڄڻ جو آواز آڻي دوزخ ۾ وڌو اٿن: ڪينئون تنهنجي هيٺان پکڙي پيو آهي ۽ ڪينئن توکي ڍڪي ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="12">اي ڏينهن جا تارا، اي صبح جا فرزند، تون ڪيئن آسمان مان ڪري پيو آهين!</verse>
				<verse number="13">۽ تو پنهنجي دل ۾ چيو تہ آءٌ چڙهي آسمان ۾ ويندس، آءٌ پنهنجو تخت خدا جي تارن کان بہ مٿي رکندس؛ ۽ آءٌ جماعت واري جبل تي، اُتر جي تمام پرانهن ڀاڱن ۾ وڃي ويهندس:</verse>
				<verse number="14">آءٌ بادلن جي اوچائيءَ کان بہ مٿي چڙهندس؛ آءٌ خدا تعاليٰ جهڙو ٿيندس.</verse>
				<verse number="15">مگر تون هيٺ دوزخ ۾، پاتال جي تمام پرانهن ڀاڱن ۾ لاٿو ويندين.</verse>
				<verse number="16">جيڪي توکي ڏسندا سي توتي غور سان نظر ڪندا، ۽ توتي ويچار ڪندا، ۽ چوندا تہ هي اهو ماڻهو آهي ڇا جنهن زمين کي ٿي ڏڪايو، ۽ بادشاهتن کي لوڏي ٿي ڇڏيو؛</verse>
				<verse number="17">جنهن دنيا کي ويران ڪري ڇڏيو، ۽ ان جي شهرن کي اونڌو ڪري ڦٽو ڪيو؛ جنهن قيدين کي ڇڏي نہ ڏنو تہ پنهنجي گهر وڃن؟</verse>
				<verse number="18">قومن جي سڀني بادشاهن مان سڀڪو پنهنجي پنهنجي گهر عزت آبرو سان سمهي ٿو.</verse>
				<verse number="19">پر تون پنهنجي قبر مان ائين اُڇلايو ويو آهين، جيئن ڪا ڪراهت جهڙي ٽاري هجي، يا جيئن ڪا ڪُٺلن جي پوشاڪ هجي، جنهن کي ترار سان قتل ڪيو هجين، تہ هيٺ کڏ جي پٿرن ۾ وڃي ڪرن؛ جيئن ڪو ڍونڍ پيرن هيٺ لتاڙبو آهي.</verse>
				<verse number="20">تون دفن ٿي قبر ۾ هنن سان نہ وڃي گڏبين، ڇالاءِ جو تو پنهنجو ملڪ ناس ڪيو آهي، تو پنهنجي قوم ڪهي ڇڏي آهي؛ بدڪارن جي نسل جو ڪڏهن بہ نالو ورتو نہ ويندو.</verse>
				<verse number="21">هنن جي ابن ڏاڏن جي گناهن ڪري، هن جي اولاد جي لاءِ اوهين ڪوس تيار ڪريو؛ تہ نہ هو اُٿن، ۽ نہ زمين هٿ ڪن، ۽ نہ دنيا جي سطح شهرن سان ڀري ڇڏين.</verse>
				<verse number="22">۽ لشڪرن جو خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ هنن جي برخلاف اُٿندس ۽ بابل مان سندن نالو نشان، ۽ جيڪي باقي بچيو آهي سو، ۽ پٽ ۽ پوٽا وڍي ڇڏيندس؛ خداوند ائين ٿو فرمائي.</verse>
				<verse number="23">آءٌ انهيءَ کي سيڙهہ جو ورثو، ۽ پاڻيءَ جون ڍنڍون بہ ڪندس ۽ آءٌ انهي کي موت جي ٻهاريءَ سان ٻهاريندس؛ لشڪرن جو خداوند ائين ٿو فرمائي.</verse>
				<verse number="24">لشڪرن جي خداوند قسم کنيو آهي ۽ فرمائي ٿو، تہ جيئن مون خيال ڪيو آهي تيئن ضرور ٿيندو؛ ۽ جيئن ارادو ڪيو اٿم تيئن ئي ڳالهہ اچي بيهندي:</verse>
				<verse number="25">آءٌ پنهنجي ملڪ ۾ اسورين کي شڪست ڏيندس، ۽ پنهنجن جبلن تي انهيءَ کي پيرن هيٺ لتاڙيندس: تڏهن انهيءَ جي پاڃاري هنن تان لهندي، ۽ هن جو بار هنن جي ڪنڌ تان لهندو.</verse>
				<verse number="26">اهو ارادو آهي جو ساري جهان تي مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ اهو هٿ آهي جو سڀني قومن تي ڊگهيريو ويو آهي.</verse>
				<verse number="27">ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند اهو ارادو ڪيو آهي ۽ ڪير انهيءَ کي باطل ڪندو؟ ۽ اُنهيءَ جو هٿ ڊگهو ٿيو آهي ۽ ڪير انهيءَ کي موٽائيندو؟</verse>
				<verse number="28">جنهن سال ۾ بادشاهہ آخز وفات ڪئي انهيءَ ۾ هيءُ ڪلام نازل ٿيو.</verse>
				<verse number="29">اي فلستين تون سڄي ساري انهيءَ ڪري خوشي نہ ڪر، تہ جنهن لٺ توکي ڌڪ هنيو هو، سا ڀڄي پيئي آهي: ڇالاءِ جو نانگ جي نسل مان هڪڙو سپ نڪرندو، جنهن مان هڪڙو باهہ ڪڍندڙ اُڏامندڙ ازدها پيدا ٿيندو.</verse>
				<verse number="30">تڏهن غريبن جا پهريان ڄاول ٻار کائيندو، ۽ محتاج سلامتيءَ سان سمهي آرام ڪندا: ۽ آءٌ تنهنجي نسل کي ڏڪار سان ماريندس، ۽ جيڪي تنهنجا باقي بچيل هوندا سي قتل ڪيا ويندا.</verse>
				<verse number="31">اي دروازا، تون واويلا مچاءِ؛ اي شهر تون رڙيون ڪر؛ اي فلستين تون سڄي ساري پگهري ويئي آهين؛ ڇالاءِ جو اُتر مان دونهون ٿو اچي، ۽ انهن جي لشڪر مان ڪوبہ پوئتي ڪونہ رهجي ويندو.</verse>
				<verse number="32">تڏهن قوم جي قاصدن کي ڪهڙو جواب ڏيندا؟ هيءُ تہ خداوند صيون جو بنياد وڌو آهي، ۽ انهيءَ ۾ سندس قوم جا ڏکويل ماڻهو پناهہ وٺندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="15">
				<verse number="1">موآب بابت ڪلام. هڪڙي ئي رات ۾ موآب وارو عار ويران ۽ نابود ٿي ويو؛ هڪڙي ئي رات ۾ موآب وارو قير ويران ۽ نابود ٿي ويو.</verse>
				<verse number="2">بيت ۽ ديبون مٿانهين جاين ڏي روئڻ لاءِ ويا: نبو، ۽ ميدبا تي موآب واويلا ٿو ڪري: هنن سڀني جا مٿا ڪوڙيل آهن، ۽ سڀڪا ڏاڙهي ڪتريل آهي.</verse>
				<verse number="3">هو پنهنجن گهٽين ۾ پنهنجي چيلهہ سان کٿو ٻڌن ٿا: هنن جي گهرن جي کڏن تي ۽ هنن جي ڪشادن ميدانن تي سڀڪو دانهون ڪري ٿو ۽ زار زار روئي ٿو.</verse>
				<verse number="4">۽ حسبون ۽ اليعالہ فرياد ڪن ٿا؛ انهن جو آواز يهض تائين پيو ٻڌجي: تنهن ڪري موآب جا هٿيار ٻڌل ماڻهو وڏيون رڙيون ٿا ڪن؛ هن جي جان هن ۾ ڏڪي ٿي.</verse>
				<verse number="5">منهنجي دل موآب لاءِ دانهون ڪري ٿي؛ ان جا سردار ضغر تائين، ۽ عجلت شليشياہ ڏي ڀڄي وڃن ٿا: هو لوحيت جي چاڙهيءَ تائين رئندا مٿي وڃن ٿا؛ هو حورونايم جي رستي تي موت جي دانهن ڪن ٿا.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو نمريم جا پاڻي ويران ٿي ويا آهن، ۽ گاهہ سڪي ويو آهي، ۽ تازو گاهہ ڪومائجي ويو آهي، ۽ ڪابہ سائي شيءِ ڪانهي.</verse>
				<verse number="7">تنهن ڪري جيڪو جهجهو مال هنن وٽ آهي، ۽ جيڪي هنن گڏ ڪري رکيو آهي سو هو بيد واريءَ نهر ڏي کڻي ويندا.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو موآب جي سرحدن جي چوڌاري رڙ پئجي ويئي آهي؛ انهيءَ جي واويلا اجلائم ۽ بيرايليم تائين پهچي وئي آهي.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو ديمون جون نديون رت سان ڀريل آهن: پر آءٌ اڃا بہ ڪي زيادہ ديمون تي آڻيندس؛ جيڪو موآب مان ڀڄي نڪري ٿو تنهن تي، ۽ ملڪ جي باقي بچيلن تي، آءٌ هڪڙو شينهن آڻيندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="16">
				<verse number="1">سلع، جو بيابان جي پاسي آهي، تنهن کان وٺي صيون جي ڌيءَ جي جبل تائين اوهين انهيءَ زمين جي حاڪم لاءِ گهيٽا موڪليو.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو موآب جون نديون ارنون جي لانگهن وٽ اهڙيون ٿينديون جهڙا گهمندڙ پکي، ۽ جهڙو پکيڙي ڇڏيل آکيرو.</verse>
				<verse number="3">صلاح ڏيو، انصاف ڪريو؛ ٻن پهرن وقت پنهنجو پاڇو رات جهڙو ڪريو: هڪالي ڪڍيلن کي لڪايو، گهمندڙن کي ظاهر نہ ڪريو.</verse>
				<verse number="4">ڀلي تہ منهنجا جلاوطن تو سان رهن؛ تون موآب جي لٽيندڙن کان اَجهو ٿيءُ: ڇالاءِ جو ڦرمار ڪرڻ وارو ناس ڪيو ويندو، ڦرلٽ بند ٿي ويندي ۽ ظالم ملڪ مان چٽ ٿي نڪري ويندا.</verse>
				<verse number="5">۽ هڪڙو تخت رحم جي ڪري قائم ڪيو ويندو، ۽ انهيءَ تي دائود جي تنبوءَ مان هڪڙو سچائيءَ سان عدالت لاءِ ويهي انصاف ڪندو ۽ راستبازيءَ تي قائم رهندو.</verse>
				<verse number="6">اسان موآب جي مغروريءَ جو ٻڌو آهي؛ بلڪ هن جي بيحيائي، ۽ هن جي هٺ، ۽ هن جي ڪاوڙ جو؛ هن جون ٻٽاڪون ڪي بہ ڪين آهن.</verse>
				<verse number="7">تنهن ڪري موآب، موآب جي لاءِ واويلا ڪندو، هرڪو ماڻهو واويلا ڪندو: قيرحراست جي ڪشمش جي ٽڪين لاءِ اوهين بلڪل بدحال ٿي ماتم ڪندا.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو حسبون جون ٻنيون ۽ سبماہ جي ڊاک ڪومائجي ٿي؛ قومن جي سردارن انهي جون عمديون عمديون ٽاريون ڀڃي ڇڏيون آهن؛ اهي يعزير تائين بہ اچي پهتا آهن، اهي بيابان ۾ گهميا ڦريا؛ ان جون شاخون هيڏي هوڏي پکڙي ويون، اهي سمنڊ پار بہ لنگهي ويا.</verse>
				<verse number="9">تنهن ڪري آءٌ سبماہ جي ڊاک لاءِ يعزير جي ماتم وانگي رئندس؛ اي حسبون ۽ اليعالہ آءٌ توکي پنهنجن لڙڪن سان پاڻي ڏيندس: ڇالاءِ جو تنهنجن آرڙهہ جي ميون تي جنگ جو نعرو اچي پيو آهي.</verse>
				<verse number="10">۽ ڦر ڪندڙ ٻنيءَ مان خوشي ۽ سرهائي ڪڍي وئي آهي؛ ۽ ڊاک جي منهہ ۾ نڪو راڳ ڳائبو، نڪو خوشيءَ جو آواز ٿيندو: ۽ ڪو چيچڙن مان لتاڙڻ سان شراب نہ ڪڍندو؛ مون ڊاک جي فصل جي خوشي بند ڪرائي ڇڏي آهي.</verse>
				<verse number="11">تنهن ڪري منهنجا آنڊا موآب جي لاءِ بربط وانگي آواز ڪندا، ۽ منهنجا اندريان عضوا قيرحارس لاءِ.</verse>
				<verse number="12">۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن موآب پاڻ کي حاضر ڪندو ۽ جڏهن هو مٿانهين جاءِ تي پاڻ کي ٿڪائيندو، ۽ پنهنجي پاڪ مڪان ۾ دعا گهرڻ لاءِ ايندو تہ هو فتحياب نہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="13">اهو آهي ڪلام جو گذرئي زماني ۾ خداوند موآب جي بابت فرمايو.</verse>
				<verse number="14">پر هاڻي خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مزورن جي سالن جهڙن ٽن سالن جي اندر موآب جي وڏائي، ۽ ان جي وڏي جماعت نفرت جهڙي ڪئي ويندي؛ ۽ جيڪي باقي بچندا سي تمام ٿورا، ۽ ڪين جهڙا ليکيا ويندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="17">
				<verse number="1">دمشق بابت ڪلام. ڏسو، دمشق شهر نہ رهندو پر سڃو ڦٽل ڍير ٿيندو.</verse>
				<verse number="2">عروعير جا شهر ويران ٿي ويا آهن؛ اهي ڌڻن جي لاءِ آهن، جي اتي سمهندا ۽ ڪوبہ انهن کي نہ ڊيڄاريندو.</verse>
				<verse number="3">افرائيم ۾ ڪو ڪوٽ نہ رهندو، ۽ دمشق ۽ ارام جي باقي بچلين وٽ بہ بادشاهت نہ رهندي؛ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ انهن جو حال بہ اهڙو ٿيندو جهڙو بني اسرائيل جي جلال جو.</verse>
				<verse number="4">۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ يعقوب جي وڏائي گهٽ ڪئي ويندي، ۽ سندس چرٻي ۽ بدن ڏٻرا ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="5">۽ اهو اهڙو ٿيندو جهڙو ڪو لاهيارو، بيٺل ان گڏ ڪري، ۽ پنهنجي هٿ سان سنگ سنگ ڪري لڻي؛ هائو، اهو اهڙو ٿيندو جهڙو ڪو ماڻهو رفائيم جي واديءَ ۾ سنگ چونڊي گڏ ڪري.</verse>
				<verse number="6">انهيءَ هوندي بہ خداوند، اسرائيل جو خدا ٿو فرمائي، تہ ڪي داڻا انهن ۾ رهجي ويندا، جيئن ڪي زيتون جي وڻ ۾ رهندا آهن جڏهن ان کي ڌوڻبو آهي، ٻہ يا ٽي داڻا تمام مٿانهين ٽاريءَ جي چوٽيءَ تي، ۽ چار يا پنج ڦردار وڻ جي تمام ٻاهرين ٽارين ۾.</verse>
				<verse number="7">انهي ڏينهن انسان پنهنجي خالق ڏي نظر ڪندو، ۽ ان جون اکيون اسرائيل جي پاڪ خدا ڏانهن نهارينديون.</verse>
				<verse number="8">۽ هو قربانگاهن ڏي نہ نهاريندو جي سندس هٿن جو ڪم آهن، نڪي هو انهيءَ شيءِ کي مان ڏيندو جا هن جي آڱرين جوڙي هوندي، پوءِ اهي آشريم هجن يا سج جون مورتون.</verse>
				<verse number="9">انهي ڏينهن هن جا مضبوط شهر، جهنگ ۾، ۽ جبل جي چوٽيءَ تي ويران ڪيلن جاين جهڙا ٿيندا، جي بني اسرائيل جي اڳيان ويران ٿيا، ۽ اهي ويران رهندا.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو تو پنهنجي نجات ڏيندڙ خدا کي وساري ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي طاقت جي ٽڪر کي ياد نہ ڪيو اٿيئي؛ تنهن ڪري تون مزي جهڙا وڻ پوکين ٿو، ۽ عجيب قلمن سان انهي کي سينگارين ٿو:</verse>
				<verse number="11">وڻن رکڻ واري ڏينهن تون انهيءَ جي چوڌاري لوڙهو ڏين ٿو، ۽ صبح جو تون انهيءَ ۾ ٻور ٿو ڏسين؛ پر فصل جو ڏينهن ڏک ۽ سخت مصيبت جو ڍڳ ٿيندو.</verse>
				<verse number="12">هاءِ، گهڻين قومن جو گوڙ، جي سمنڊ جي گجڻ وانگي گجن ٿيون؛ ۽ گهڻين قومن جو جوش، جو زور واري پاڻيءَ جي وهڪري جهڙو آهي!</verse>
				<verse number="13">قومون گهڻي پاڻيءَ جي وهڪري وانگي ڪاهي اينديون: پر هو انهن کي عتاب ڏيندو، ۽ اهي ڀڄي وينديون، جيئن بُهہ واءُ جي اڳيان جبلن تي ۽ جيئن طوفان واچوڙي ۾ مٽيءَ کي اُڏائي.</verse>
				<verse number="14">شام جي وقت خوف آهي ۽ صبح کان اڳي اهي نابود ٿي ويندا. اهو انهن جو حصو آهي جي اسان کي لٽين ٿا، ۽ انهن جو جي اسان کي ڦرين ٿا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="18">
				<verse number="1">هاءِ، ڦڙ ڦڙ ڪندڙ کنڀن جو ملڪ، جو ڪوش جي ندين جي هن ڀر آهي:</verse>
				<verse number="2">جو سمنڊ جي رستي ايلچي ٿو موڪلي، يعني پاڻي تي هلندڙن ڪانن جي جهازن ۾، ۽ انهن کي چوي ٿو تہ اي تکا قاصد، اوهين زوراور ۽ خوبصورت قوم ڏي وڃو، انهيءَ قوم ڏي، جا شروع کان وٺي برابر خوفناڪ رهندي آئي آهي؛ جا قوم زبردست ۽ فتحياب آهي، جنهن جي زمين کي نديون ورهائين ٿيون!</verse>
				<verse number="3">اي جهان جا رهندڙ، ۽ زمين جا رهاڪو، جڏهن جبلن تي ڪو جهنڊو کڙو ڪيو وڃي، تڏهن اوهين ڏسو؛ ۽ جڏهن قرناءِ وڄائي وڃي تڏهن اوهين ٻڌو.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو خداوند مون کي هيئن فرمايو آهي، تہ آءٌ ماٺ ڪري ويهندس، ۽ پنهنجي رهڻ جي جاءِ تان جيئن اُس ۾ صاف گرمي، ۽ جيئن فصل جي گرميءَ ۾ ماڪ جو ڪڪر ڏسبو آهي، تيئن ڏسندس.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو فصل لهڻ کان اڳي، جڏهن ٻوُر ڇڻي ويو ۽ گل بدلجي ڊاک ٿيا، تڏهن هو ٽاريون ڏاٽن سان وڍيندو، ۽ پکڙندڙ ڏاڙهون وڍي ڇڏيندو. ۽ اهي سڀ ڏاريون ڪپي،</verse>
				<verse number="6">جبلن جي شڪاري پکين ۽ زمين جي مرن لاءِ ڇڏيون وينديون: ۽ اهي شڪاري پکي اونهارو انهن تي گذاريندا ۽ زمين جا مرون سيارو انهن تي گذاريندو.</verse>
				<verse number="7">انهيءَ وقت لشڪرن جي خداوند لاءِ هڪڙي زبردست ۽ خوبصورت قوم وٽان، جا شروعات کان وٺي خوفناڪ آهي، يعني اهڙي قوم جا بدلو وٺي تباهہ ٿي ڪري، ۽ جنهن جي ملڪ کي نديون حصن ۾ ورهائن ٿيون، تنهن وٽان لشڪرن جي خداوند جي نالي واري هنڌ، يعني صيون جبل تي، هڪڙو تحفو آندو ويندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="19">
				<verse number="1">مصر بابت ڪلام. ڏسو خداوند هڪڙي تکي بادل تي سوار ٿي مصر ۾ اچي ٿو: ۽ اُن جي حضور ۾ مصر جا بت بيحال ٿي ويندا ۽ مصر جي دل پگهرجي ويندي.</verse>
				<verse number="2">۽ آءٌ مصرين کي هڪ ٻئي جي برخلاف اُٿاريندس: ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ، ۽ هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ سان وڙهندو؛ شهر شهر سان ۽ بادشاهت بادشاهت سان:</verse>
				<verse number="3">۽ مصر جو روح ان جي اندر ۾ نابود ڪيو ويندو؛ ۽ ان جي صلاح مصلحت ناس ڪري ڇڏيندس: ۽ هو بتن کي، ۽ منڊ هڻڻ وارن کي، ۽ جناين کي، ۽ ڏائڻن کي ڳوليندا وتندا.</verse>
				<verse number="4">۽ آءٌ مصرين کي هڪڙي ظالم حاڪم جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس: ۽ هڪڙو زبردست بادشاهہ انهن تي حڪم هلائيندو؛ خداوند لشڪرن جو خداوند، ائين ٿو فرمائي.</verse>
				<verse number="5">۽ سمنڊ مان پاڻي گهٽ ٿي ويندو، ۽ ندي سڪي خالي ٿي ويندي.</verse>
				<verse number="6">۽ نديون خراب بانس ڪنديون؛ مصر جون نهرون لهي لهي سڪي وينديون: ڪانا ۽ سر سڙي ويندا.</verse>
				<verse number="7">نيل نديءَ جي ڪناري جون پوکون ۽ ويئون سڀ سڪي سڙي نابود ٿي وينديون.</verse>
				<verse number="8">مهاڻا بہ رئندا رڙندا، ۽ جيڪي نيل نديءَ ۾ ڪنڍي ۽ ڄار ٿا وجهن سي حيران پريشان ٿيندا.</verse>
				<verse number="9">تنهن کانسواءِ جيڪي صاف ڪيل سڻيءَ جو ڪم ٿا ڪن ۽ جيڪي اڇو ڪپڙو اُڻن ٿا، سي شرمندا ٿيندا.</verse>
				<verse number="10">۽ ان جا بنياد ڀڄي ڀري ويندا، ۽ مزور غمگين ۽ ملول ٿيندا.</verse>
				<verse number="11">ضعن جا شهزادا بلڪل بي عقل آهن؛ فرعون جي تمام ڏاهن جي صلاح حماقت آهي: فرعون کي اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ آءٌ ڏاهن جو پٽ ۽ شاهاڻي نسل مان آهيان؟</verse>
				<verse number="12">هاڻي تنهنجا ڏاها ماڻهو ڪٿي آهن؟ ۽ ڀلي تہ اهي توکي ٻڌائين؛ ۽ ڀلي تہ اهي ڄاڻن تہ لشڪرن جي خداوند مصر جي نسبت ۾ ڪهڙي رٿ رٿي آهي.</verse>
				<verse number="13">ضعن جا شهزادا بيوقوف ٿي پيا آهن، نوف جا شهزادا ٺڳجي ويا آهن؛ جيڪي مصر جا ڪنڊ وارا بنيادي پٿر آهن، تن ان کي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="14">خداوند ان منجهہ ڏنگائي جو روح وجهي ڇڏيو آهي؛ ۽ انهن مصر کي سندس سڀني ڪمن ۾ گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، جيئن ڪو نشئي ماڻهو پنهنجي قئي ۾ آٿڙي.</verse>
				<verse number="15">نڪي مصر جي لاءِ اهڙو ڪو ڪم رهندو، جو مٿو يا پڇ، يا خاص يا عام ڪري سگهي.</verse>
				<verse number="16">انهيءَ ڏينهن، لشڪرن جو خداوند جيڪو پنهنجو هٿ ان جي مٿان لوڏي ٿو تنهن جي ڊپ کان، مصر جا رهاڪو زالن جهڙا ٿي پوندا.</verse>
				<verse number="17">۽ يهوداهہ جي زمين مصر جي لاءِ خوف جو سبب ٿيندي، جنهن وٽ انهيءَ جو ذڪر ڪيو ويندو سو ڊڄي ويندو، انهيءَ ارادي جي ڪري، جو لشڪرن جي خداوند ان جي برخلاف ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="18">انهيءَ ڏينهن مصر جي زمين ۾ پنج شهر ٿيندا جي ڪنعان جي ٻولي ڳالهائيندا، ۽ لشڪرن جي خداوند جو قسم کڻندا؛ هڪڙي کي برباديءَ جو شهر سڏيندا.</verse>
				<verse number="19">انهيءَ ڏينهن مصر جي زمين جي وچ ۾ هڪڙي قربانگاهہ، ۽ ان جي سرحد تي هڪڙو ٿنڀ خداوند جي لاءِ ٿيندو.</verse>
				<verse number="20">۽ اهو مصر جي زمين ۾ لشڪرن جي خداوند لاءِ هڪڙو نشان، ۽ شاهديءَ جي لاءِ ٿيندو: ڇالاءِ جو ظالمن جي ظلم ڪري هو خداوند وٽ فرياد ڪندا، ۽ هو سندن لاءِ هڪڙو نجات ڏيندڙ ۽ بچائيندڙ موڪليندو.</verse>
				<verse number="21">۽ خداوند مصر ۾ پاڻ کي ظاهر ڪندو، ۽ اُنهي ڏينهن مصري خداوند کي سڃاڻندا؛ هائو هو قربانيءَ سان ۽ نذراني سان سجدو ڪندا، ۽ خداوند جي لاءِ مڃتائون مڃيندا، ۽ اهي پوريون ڪندا.</verse>
				<verse number="22">۽ خداوند مصر کي ماريندو، ماريندو بہ ۽ ڇڏائيندو بہ؛ ۽ هو خداوند ڏي موٽندا، ۽ ان کي منٿون آزيون ڪندا، ۽ هو انهن کي شفا ڏيندو.</verse>
				<verse number="23">انهي ڏينهن مصر مان هڪڙو شاهي رستو اسور ڏي جاري ٿيندو، ۽ اسوري مصر ۾ ايندا ۽ مصري اسورين سان گڏجي عبادت ڪندا.</verse>
				<verse number="24">انهيءَ ڏينهن اسرائيل مصر ۾ اسور سان ٽيون ٿيندو، ۽ ملڪ جي لاءِ برڪت جو وسيلو ٿيندو:</verse>
				<verse number="25">ڇالاءِ جو لشڪرن جو خدا هن کي برڪت وارو ڪندو، ۽ چوندو تہ مصر منهنجي اُمت آهي، ۽ اسور منهنجن هٿن جو ڪم آهي، ۽ اسرائيل منهنجي ميراث آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="20">
				<verse number="1">جنهن سال ۾ اسور جي بادشاهہ سرجون ترتان کي اشدود ۾ موڪليو هو ۽ هو اشدود سان وڙهيو ۽ اهو ورتائين؛</verse>
				<verse number="2">تنهن وقت خداوند يسعياہ بن آموص جي معرفت هيئن فرمايو تہ وڃي پنهنجي چيلهہ تان کٿو لاهہ، ۽ پنهنجن پيرن مان جتي لاهہ، ۽ هن ائين ڪيو، ۽ اگهاڙو ٿي پيرين اگهاڙو هليو.</verse>
				<verse number="3">۽ خداوند فرمايو تہ جيئن منهنجو ٻانهو يسعياہ ٽن ورهين تائين اُگهاڙو ٿي، پيرين اُگهاڙو هليو آهي، تہ مصر ۽ ڪوش جي لاءِ هڪڙي نشاني ۽ عبرت ٿئي؛</verse>
				<verse number="4">تيئن اسور جو بادشاهہ مصر جا قيدي ۽ ڪوش جا جلاوطن، ننڍا توڙي وڏا، اُگهاڙا ڪري ۽ پيرين اُگهاڙا، ۽ اڻ ڍڪلين ٻنڊڙن سان وٺي ويندو، جنهن ڪري مصر جي خواري ٿيندي.</verse>
				<verse number="5">۽ هو ڊڄي ويندا، ۽ شرمندا ٿيندا، ڇالاءِ جو ڪوش کي پنهنجي اُميد جي جاءِ، ۽ مصر کي پنهنجو فخر ٿي سمجهيائون.</verse>
				<verse number="6">۽ انهيءَ ڪناري واري زمين جو رهاڪو چوندو تہ ڏسو جنهن زمين کي اسين اميد گاهہ سمجهي مدد لاءِ ان ڏي ڀڳاسين، تہ اسان کي اسور جي بادشاهہ کان ڇڏائي. تنهنجو هي حال آهي: پوءِ اسين ڪيئن ڀڄي ڇُٽنداسين؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="21">
				<verse number="1">سمنڊ جي بيابان بابت ڪلام. جيئن ڏکن ۾ واچوڙا ملڪ ٻهاريندا لنگهندا وڃن، تيئن هو بيابان مان، ۽ خوفناڪ زمين مان اچي ٿو.</verse>
				<verse number="2">هڪڙو ڏک جهڙو رويا مون کي ڏيکاريو ويو آهي؛ دغاباز واپاري، دغابازيءَ سان واپار ڪري ٿو، ۽ لٽ ڪرڻ وارو لٽي ٿو. اي عيلام مٿي وڃ؛ اي مادي گهيرو ڪر، مون هن جون سڀ آهون بند ڪري ڇڏيون آهن</verse>
				<verse number="3">تنهن ڪري منهنجي ڪمر درد سان ڀريل آهي؛ جيئن ويامندڙ زال کي سور ٿيندا آهن، تيئن مون کي سورن اچي ورايو آهي: مون کي ايترو سور آهي جو آءٌ ٻڌي نٿو سگهان؛ آءٌ اهڙو ڊڄي ويو آهيان جو ڏسي نٿو سگهان.</verse>
				<verse number="4">منهنجي دل سهڪي ٿي، خوف مون کي ڊيڄاري ڇڏيو آهي: شام جي شفق، جنهن جي مون کي خواهش هوندي هئي، سا منهنجي لاءِ بدلجي ڏڪڻي ٿي پيئي آهي.</verse>
				<verse number="5">هو دسترخانو وڇائين ٿا، هو پهرو بيهارين ٿا، هو کائين ٿا، هو پيئن ٿا: اي شهزادا، اوهين اُٿو ۽ سپر کي تيل مکيو.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو خداوند مون کي هيئن فرمايو آهي، تہ وڃ، وڃي ڪو پهري وارو بيهار؛ جيڪي هو ڏسي سو هو ڀلي ظاهر ڪري:</verse>
				<verse number="7">۽ جڏهن هو ڪو لشڪر، يا گهوڙيسوارن جا جوڙا، يا گڏهن جي ٽولي، يا اُٺن جو ميڙ ڏسي تڏهن ڌيان سان ٻڌندو.</verse>
				<verse number="8">۽ هن شينهن وانگي رڙ ڪئي: تہ اي خداوند، آءٌ سڄو ڏينهن پهري واري ٺلهہ تي بيٺو ئي بيٺو آهيان، ۽ پهرو ڏيندي سڄيون راتيون ڪاٽيون اٿم:</verse>
				<verse number="9">۽ ڏس، اِجهو ماڻهن جو لشڪر، ۽ گهوڙي سوار جوڙو جوڙو ٿي اچن ٿا. ۽ هن ورندي ڏئي چيو تہ بابل ڪريو آهي، ڪريو آهي؛ ۽ ان جي معبودن جون سڀ اُڪريل مورتون ڀڄي زمين تي اچي پيون آهن.</verse>
				<verse number="10">اڙي تون، جو منهنجو ڳاهہ ۽ منهنجي پڙ جو اَنُ آهين: جيڪي مون لشڪرن جي خداوند، اسرائيل جي خدا کان ٻڌو آهي، سو مون اوهان کي ٻڌايو آهي.</verse>
				<verse number="11">ادوم بابت ڪلام. شعير مان ڪو مون کي سڏي چوي ٿو تہ اي پهري وارا، رات جي ڪهڙي خبر آهي؟ اي پهري وارا، رات جي ڪهڙي خبر آهي؟</verse>
				<verse number="12">پهري واري چيو تہ صبح اچي ٿو، ۽ رات بہ: جي اوهان کي پڇڻو آهي تہ پڇو: ۽ ڦري اچو.</verse>
				<verse number="13">عرب بابت ڪلام. اي دوان جا قافلا، اوهين عرب جي ٻيلي ۾ ٽڪندا.</verse>
				<verse number="14">جيڪو اُڃيو هو تنهن کي پاڻي آڻي ڏنائون؛ تيما جي ملڪ جا رهاڪو ڀڳلن کي مانيءَ سان اچي گڏيا.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو هو ترارين کان، اُگهاڙين ترارين کان، ۽ موڙيل ڪمان کان، ۽ جنگ جي سختيءَ کان اُٿي ڀڳا هئا.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو خداوند مون کي هيئن فرمايو آهي تہ هڪ سال اندر، مزورن جي سالن جي موجب، قيدار جي سڀ وڏائي گم ٿي ويندي:</verse>
				<verse number="17">۽ تيراندازن جي شمار مان باقي رهيل مرد يعني قيدار جي اولاد مان بهادر ٿورا ٿيندا: ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جي خدا ائين فرمايو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="22">
				<verse number="1">رويا واري واديءَ بابت ڪلام. هاڻي تو سان ڪهڙي ويڌن آهي جو تون گهر جي ڇتين تي چڙهي وئي آهين؟</verse>
				<verse number="2">اڙي تون جا رڙين سان ڀريل، ۽ گوڙ وارو شهر، ۽ خوشي ڪندڙ شهر آهين؛ تنهنجا ڪُٺل ترار سان ڪُٺل ناهن نڪي اهي جنگ ۾ مئا آهن.</verse>
				<verse number="3">تنهنجا سڀ حاڪم ڀڄي هليا ويا ۽ انهن کي تيراندازن کڻي قيد ڪيو: تنهنجا جيڪي بہ ماڻهو لڌا سي سڀ گڏ ٻڌا ويا، اهي تمام پري ڀڄي ويا.</verse>
				<verse number="4">تنهن ڪري مون چيو تہ مون ڏي نہ نهاريو؛ آءٌ زار زار رئندس. مون کي پنهنجيءَ قوم جي ڌيءَ جي لٽجڻ ڪري تسلي ڏيڻ لاءِ تڪليف نہ ڪريو.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو خداوند لشڪرن جي خدا وٽان رويا واريءَ وادي ۾ بي آرامي، ۽ موت، ۽ مونجهاري، ڀتين جي ڀڃڻ، ۽ جبلن تائين رڙين ڪرڻ جو هي ڏينهن آهي.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو عيلام جو جنگي رٿن ۽ گهوڙيسوارن سان تيرن جي بٿي کنئي؛ ۽ قير سپر جو پوش لاٿو.</verse>
				<verse number="7">۽ هيئن ٿيو تہ تنهنجون تمام عمديون واديون جنگي گاڏين سان ڀريل هيون، ۽ گهوڙيسوار در تي قطار ٻڌي بيهي ويا.</verse>
				<verse number="8">۽ هو يهوداہ جو ڍڪ کڻي ويو؛ ۽ انهيءَ ڏينهن تو ٻيلي واري گهر ۾ سلاح خاني تي نگاهہ ڪئي.</verse>
				<verse number="9">۽ اوهان دائود جي شهر جا ڀڳل ڀاڱا ڏٺا، جي گهڻا هئا: اوهان هيٺئين ڍنڍ جو پاڻي گڏ ڪيو.</verse>
				<verse number="10">۽ اوهان يروشلم جي گهرن جو شمار ڪيو، ۽ ڀت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اوهان مڪان ڀڃي ڊاهي وڌا.</verse>
				<verse number="11">۽ پراڻي ڍنڍ جي پاڻيءَ لاءِ اوهان ٻن ڀتين جي وچ ۾ هڪڙو حوض بہ بنايو: پر جنهن اهو حڪم ڪيو تنهن ڏي اوهان نہ نهاريو، نڪي جنهن گهڻا ڏينهن اڳي انهيءَ کي رٿيو هو تنهن ڏانهن اوهين ڦريا.</verse>
				<verse number="12">۽ انهي ڏينهن خداوند، لشڪرن جي خداوند، اوهان کي رئڻ ۽ ماتم ڪرڻ لاءِ، ۽ مٿي ڪوڙائڻ ۽ چيلهہ تي کٿي ٻڌڻ لاءِ سڏيو:</verse>
				<verse number="13">۽ ڏسو، خوشي ۽ سرهائي، ۽ ڏاندن کي ڪهڻ، ۽ رڍن کي ذبح ڪرڻ ۽ گوشت کائڻ ۽ شراب پيئڻ: اچو تہ کائون ۽ پيئون، ڇالاءِ جو سڀاڻي اسين مرنداسين.</verse>
				<verse number="14">۽ لشڪرن جي خداوند پاڻ کي منهنجن ڪنن ۾ ظاهر ڪيو، تہ پڪ آهي تہ جيسين اوهين جيئرا آهيو تيسين هي گناهہ ڌوپي صاف ٿي نہ ويندو؛ خداوند، لشڪرن جو خداوند، ائين ٿو فرمائي.</verse>
				<verse number="15">خداوند لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين هن خزانچيءَ وٽ وڃو، يعني شبناہ وٽ، جو گهر جي مٿان آهي ۽ چئو تہ،</verse>
				<verse number="16">تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟ ۽ تو وٽ هتي ڪير آهي جو تو پنهنجي لاءِ ٽڪي قبر ٺاهي آهي؟ تون جو مٿانهينءَ تي پنهنجي لاءِ قبر ٿو ٽڪين، ۽ ٽڪريءَ تي پنهنجي لاءِ رهڻ جي جاءِ ٿو کوٽين!</verse>
				<verse number="17">اي زبردست ڏس، خداوند توکي سختيءَ سان پري اُڇلائيندو؛ هائو، هو توکي سوڙهو ويڙهي ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="18">يقيناً هو توکي کينهوڙي وانگي وڏي ملڪ ۾ اُڇلائيندو تہ گول گول ڦيرائي؛ ۽ اتي تون، جو پنهنجي ڌڻيءَ جي گهر جي خواري آهين، مرندين، ۽ تنهنجي وڏائيءَ جون جنگي گاڏيون بہ اتي وينديون.</verse>
				<verse number="19">۽ آءٌ توکي تنهنجي عهدي تان برطرف ڪري ڇڏيندس، ۽ هو توکي تنهنجي درجي تان ڇڪي هيٺ آڻيندو.</verse>
				<verse number="20">۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ پنهنجي ٻانهي الياقيم بن خلقياہ کي سڏيندس:</verse>
				<verse number="21">۽ انهيءَ کي تنهنجو وڳو ڍڪائيندس، ۽ تنهنجي ڪمربند سان مضبوط ڪندس، ۽ حڪومت انهيءَ جي هٿ ۾ ڏيندس: ۽ هو يروشلم جي رهاڪن جو، ۽ يهوداہ جي گهراڻي جو ابو ٿيندو.</verse>
				<verse number="22">۽ دائود جي گهراڻي جي ڪنجي آءٌ انهيءَ جي ڪلهي تي رکندس؛ ۽ هو کوليندو، ۽ ٻيو ڪوبہ ڪونہ بند ڪندو؛ ۽ هو پوريندو ۽ ٻيو ڪوبہ ڪونہ کولي سگهندو.</verse>
				<verse number="23">۽ آءٌ هن کي ڪليءَ وانگي مضبوط جاءِ تي قابو ڪندس؛ ۽ هو پنهنجي پيءُ جي گهراڻي لاءِ جلالي تخت ٿيندو.</verse>
				<verse number="24">۽ اهي سندس اباڻي گهراڻي جي سڀ وڏائي، اولاد توڙي نسل، سڀ ننڍا ٿانوَ، پيالن جهڙا، ۽ قرابن جهڙا، هن تي ٽنگي ڇڏيندا.</verse>
				<verse number="25">انهي ڏينهن، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪا ڪلي مضبوط جاءِ تي قابو ڪئي وئي هئي، سا نڪري پوندي؛ ۽ اها وڍي ويندي ۽ ڪري پوندي، ۽ جيڪو بار ان تي هو سو بہ وڍجي ويندو؛ ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="23">
				<verse number="1">صور بابت ڪلام. اي ترسيس جا جهاز، دانهون ڪريو؛ ڇالاءِ جو هو اهڙو ويران ٿي ويو آهي جو اُتي ڪوبہ گهر يا دروازو ڪونهي: ڪتيم جي زمين مان انهي کي اها خبر ملي آهي.</verse>
				<verse number="2">اي ٻيٽ جا رهندڙ، جنهن کي صيدا جي سوداگرن، جي سمنڊ پار لنگهي وڃن ٿا، تن ڀري ڇڏيو آهي، ماٺ ڪري ويهو.</verse>
				<verse number="3">۽ وڏن پاڻين تي سيحور جو اَن ۽ نيل نديءَ جو فصل، اُن جي آمدني هئي؛ ۽ هو قومن جي واپار جو هنڌ هو.</verse>
				<verse number="4">اي صيدا، تون شرمندو ٿيءُ: ڇالاءِ جو سمنڊ، يعني سمنڊ جي مضبوط قلعي، ڳالهايو آهي، ۽ چيو اٿس تہ نہ مون کي سور ٿيا نہ مون ڪي ڄڻيو، ۽ نہ مون جوان مڙس نپايا، ۽ نہ مون ڪنواريون ڇوڪريون پالي وڏيون ڪيون.</verse>
				<verse number="5">جڏهن اها خبر مصر ۾ ايندي تڏهن صور جو احوال ٻڌي هنن کي ڏاڍو درد ٿيندو.</verse>
				<verse number="6">اوهين لنگهي ترسيس ڏي وڃو؛ اي ٻيٽ ۾ رهندڙ، اوهين دانهون ڪريو.</verse>
				<verse number="7">اوهان جو خوشيءَ ڀريو شهر اهو آهي ڇا، جو قديم زماني کان قائم آهي، جنهن جا پير کيس پرديس ۾ رهڻ لاءِ پري پري وٺي ويا؟</verse>
				<verse number="8">ڪنهن صور جي برخلاف هيءَ رٿ رٿي آهي، جو اعليٰ درجي جو شهر آهي، جنهن جا سوداگر شهزادا آهن، جنهن جا واپاري زمين جا معزز ماڻهو آهن؟</verse>
				<verse number="9">لشڪرن جي خداوند اها رٿ رٿي آهي، انهي لاءِ تہ ساري شان شوڪت جي مغروريءَ کي چٽ ڪري ۽ زمين جي سڀني عزت وارن کي ذليل ڪري.</verse>
				<verse number="10">اي ترسيس جي ڌيءَ، تون نيل نديءَ وانگي پنهنجي زمين مان لنگهي وڃ، اڳتي تنهنجي چوڌاري ڪو بند ٻڌل ڪونهي.</verse>
				<verse number="11">هن پنهنجو هٿ سمنڊ جي مٿان ڊگهيريو آهي. هن بادشاهتن کي لوڏي ڇڏيو آهي: خداوند ڪنعان جي نسبت ۾ حڪم جاري ڪيو آهي تہ انهيءَ جا مضبوط قلعا ڊاهي ڇڏجن.</verse>
				<verse number="12">۽ هن چيو تہ اي صيدا جي مظلوم ڪنواري ڌيءَ، تون وري اڳتي خوش نہ رهندينءَ: اُٿ، لنگهي ڪتيم ڏي وڃ؛ پر اتي بہ توکي آرام نہ ملندو.</verse>
				<verse number="13">ڪسدين جي زمين ڏس هيءَ قوم نابود ٿي وئي؛ اسورين انهيءَ کي جهنگ جي مرن لاءِ مقرر ڪيو آهي: هنن پنهنجا ٺلهہ کڙا ڪيا، پر هنن محلاتون ڪيرائي وڌيون: هن انهيءَ کي ويران ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="14">اي ترسيس جا جهازو، دانهون ڪريو؛ ڇالاءِ جو اوهان جو مضبوط قلعو ويران ڪيو ويو آهي.</verse>
				<verse number="15">۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ ڪنهن بادشاهہ جي ڏينهن جهڙن ستر سالن تائين صور وساريو ويندو: ستر سالن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ صور جو اهڙو حال ٿيندو جهڙو ڪڃريءَ جي راڳ جو آهي.</verse>
				<verse number="16">اي ڪڃري، تون جا وساري وئي آهين، سا هڪڙو بربط کڻي شهر ۾ گهم ڦر؛ مٺو آلاپ ڪڍي گهڻا راڳ ڳاءِ، تہ توکي ياد ڪن.</verse>
				<verse number="17">۽ ستر سالن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ هيئن ٿيندو تہ خداوند صور جي خبر لهڻ ايندو، ۽ هوءَ پنهنجي خرچي ڪڍڻ لاءِ موٽندي، ۽ زمين جي سطح تي جيڪي دنيا جون بادشاهتون آهن تن سڀني سان هوءَ زناڪاري ڪندي.</verse>
				<verse number="18">۽ هن جو سوداگري مال، ۽ هن جو اُجورو خداوند جي لاءِ پاڪ ٿيندو: اهو ميڙي گڏ ڪري رکڻ ۾ نہ ايندو؛ ڇالاءِ جو هن جو سوداگري مال انهن جي لاءِ ٿيندو جي خداوند جي اڳيان ٿا رهن، تہ هو ڍءُ ڪري کائين، ۽ شاهاڻي پوشاڪ ڍڪين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="24">
				<verse number="1">ڏسو، خداوند زمين خالي ٿو ڪري، ۽ انهيءَ کي ويران ٿو ڪري، ۽ اُٿلائي اونڌو ٿو ڪريس، ۽ ان جي رهاڪن کي ٽيڙي پکيڙي ڇڏي ٿو.</verse>
				<verse number="2">۽ جهڙو ماڻهن جو حال ٿيندو تهڙو ڪاهن جو؛ جهڙو نوڪر جو تهڙو ڌڻيءَ جو؛ جهڙو ٻانهيءَ جو تهڙو سانئڻ جو؛ جهڙو خريدار جو تهڙو وڪڻندڙ جو؛ جهڙو اُڌاري ڏيندڙ جو تهڙو اُڌاري وٺندڙ جو؛ جهڙو وياج وٺندڙ جو تهڙو وياج ڏيندڙ جو.</verse>
				<verse number="3">زمين بلڪل خالي ٿي ويندي ۽ بلڪل لٽجي ڦرجي وڃي ٿي، ڇالاءِ جو خدا اهڙو ڪلام ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="4">زمين ماتم ڪري ٿي ۽ ڪومائجي وڃي ٿي، دنيا ملول ٿئي ٿي ۽ ڪومائجي وڃي ٿي، ۽ زمين جا اعليٰ درجي وارا ماڻهو زبون ٿين ٿا.</verse>
				<verse number="5">زمين سندس رهاڪن ڪري پليت ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو هو شريعت جون حدون لنگهي ويا آهن، ۽ قانون بدلايو اٿن، ۽ دائمي عهد اقرار ڀڳو اٿن.</verse>
				<verse number="6">تنهن ڪري لعنت زمين کي ڳهي وئي آهي، ۽ جيڪي ان تي رهن ٿا سي ڏوهاري سمجهيا ويا آهن: انهيءَ ڪري زمين جا رهاڪو سڙي ويا آهن، ڪي ٿورا ماڻهو وڃي بچيا آهن.</verse>
				<verse number="7">نئون شراب غمگين آهي، ڊاک جو منهہ ملول آهي، سڀ خوشدل ماڻهو ٿڌا ساهہ کڻن ٿا.</verse>
				<verse number="8">ڍولڪن جي خوشي بند ٿئي ٿي، خوشي ڪندڙ جو آواز پورو ٿئي ٿو، ۽ بربط جي خوشي بند ٿئي ٿي.</verse>
				<verse number="9">هو راڳ سان شراب نہ پيئندا؛ نشي پيئڻ وارن کي نشو ڪَڙو لڳندو.</verse>
				<verse number="10">وڏو شهر ڀڄي ڪري پيو آهي: سڀ گهر بند ٿي ويا آهن، تہ ڪوبہ ماڻهو اندر نہ اچي.</verse>
				<verse number="11">شراب جي ڪري گهٽين ۾ رڙ مچي وئي آهي؛ سڀ خوشي اوندهہ ٿي وئي آهي، زمين جي سرهائي گم ٿي وئي آهي.</verse>
				<verse number="12">شهر ۾ ويراني وڃي بچي آهي، ۽ دروازو ڀڄي ناس ٿي ويو آهي.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو زمين جي وچ ۾ قومن جو حال اهڙو ٿيندو جهڙو ڇنڊڻ کان پوءِ زيتون جو وڻ جو، يا جهڙو ڊاک چوندي گڏ ڪرڻ کان پوءِ منهہ جو.</verse>
				<verse number="14">اُهي وڏو آواز ڪندا، هو رڙيون ڪندا؛ خداوند جي جلال لاءِ هو سمنڊ کان وڏي سڏ پڪاريندا.</verse>
				<verse number="15">تنهن ڪري اوهين اُڀرندي ۾ خداوند جي، بلڪ سمنڊ جي ٻيٽن ۾ خداوند، اسرائيل جي خدا جي نالي جي وڏائي بيان ڪريو.</verse>
				<verse number="16">زمين جي تمام پرانهين ڀاڱي کان اسان راڳ ٻڌا آهن، سچي جي لاءِ وڏائي آهي. پر مون چيو تہ آءٌ ڳرندو وڃان، آءٌ ڳرندو وڃان، افسوس آهي منهنجي حال تي! دغابازي ڪندڙن دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي، هائو، دغابازي ڪندڙن تمام دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="17">اي زمين جا رهاڪو ڊپ ۽ پاتال ۽ ڦانڌو توتي آهن.</verse>
				<verse number="18">۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو ڊپ جي آواز کان ڀڄندو سو پاتال ۾ پوندو؛ ۽ جيڪو پاتال منجهان نڪري ٻاهر ايندو سو ڦندي ۾ ڦاسايو ويندو: ڇالاءِ جو مٿان جون دريون کليون آهن، ۽ زمين جا بنياد لڏن ٿا.</verse>
				<verse number="19">زمين بلڪل ڀڄي پئي آهي، زمين اصل زبون ٿي وئي آهي، زمين تمام گهڻي ڏڪي وئي آهي.</verse>
				<verse number="20">زمين نشئي ماڻهوءَ وانگي آٿڙندي، ۽ ڀُنگيءَ وانگي هيڏي هوڏي لڏندي ۽ ان جو گناهہ مٿس ڳرو ٿيندو، ۽ اها اهڙي ڪرندي جو وري نہ اُٿندي.</verse>
				<verse number="21">۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند مٿي، مٿانهن جي لشڪر کي، ۽ هيٺ زمين تي، زمين جي بادشاهن کي سزا ڏيندو.</verse>
				<verse number="22">۽ هو ائين گڏ ڪيا ويندا جيئن قيدي بهري ۾ گڏ ڪبا آهن، ۽ قيدخاني ۾ بند ڪيا ويندا آهن ۽ پوءِ گهڻن ڏينهن کان پوءِ انهن جي خبر لهندا.</verse>
				<verse number="23">انهي وقت چنڊ لڄي ٿيندو، ۽ سج شرمندو ٿيندو؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند صيون جبل ۾، ۽ يروشلم ۾، ۽ پنهنجي بزرگن جي اڳيان تجمل سان بادشاهي ڪندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="25">
				<verse number="1">اي خداوند تون منهنجو خدا آهين، آءٌ تنهنجي وڏائي بيان ڪندس، آءٌ تنهنجي نالي جي تعريف؛ ڇالاءِ جو تو عجب ۽ غريب ڪم ڪيا آهن، يعني تنهنجون مصلحتون قديم کان وفاداري ۽ سچيون آهن.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو تو شهر کي ڍير ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڪوٽ واري شهر کي ويران بنائي ڇڏيو اٿيئي: ۽ ڌارين جو محلات بہ شهر نہ رهيو آهي، اهو ڪڏهن بہ اڏڻ ۾ نہ ايندو.</verse>
				<verse number="3">تنهن ڪري زوراور ماڻهو تنهنجي تعريف ڪندا، خوفناڪ قومن جو شهر تو کان ڊڄندو.</verse>
				<verse number="4">جڏهن خوفناڪ ماڻهن جو جهوٽو ڀت تي لڳندڙ طوفان وانگي آهي، تڏهن تون غريبن جي لاءِ مضبوط قلعو، ۽ محتاج جي لاءِ سندس مصيبت ۾ آسرو، طوفان کان پناهہ ۽ گرميءَ کان بچائڻ لاءِ پاڇو آهين.</verse>
				<verse number="5">تون پرديسين جي هل کي خشڪ جاءِ جي گرميءَ وانگي هيٺ آڻيندين؛ جيئن ڪڪر جي ڇانوَ هيٺ گرمي گهٽجي وڃي، تيئن خوفناڪ ماڻهن جي راڳ جو آواز گهٽايو ويندو.</verse>
				<verse number="6">۽ هن جبل تي لشڪرن جو خداوند سڀني قومن جي لاءِ ٿلهين شين جي مهماني ڪندو، شرابن جي ڀريل مٽن سان؛ مک سان ڀريل ٿلهين شين سان، ۽ چڱيءَ طرح صاف ٿيل شراب جي مٽن سان.</verse>
				<verse number="7">۽ هو سڀني قومن تي جيڪو پردو پيل آهي، ۽ سڀني قومن تي جيڪو نقاب پکڙيل آهي، سو هن جبل تي ناس ڪندو.</verse>
				<verse number="8">هن هميشہ لاءِ موت کي فنا ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ خداوند خدا سڀني جي منهن تان ڳوڙها اُگهي ڇڏيندو؛ ۽ پنهنجي قوم جي ملامت ساري زمين جي سطح تان ڪڍي ڇڏيندو؛ ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ انهيءَ ڏينهن چوڻ ۾ ايندو تہ ڏسو، هي اسان جو خدا آهي؛ اسان هن جي لاءِ منتظر رهيا آهيون، ۽ هو اسان کي بچائيندو: هي خداوند آهي؛ اسين هن جي لاءِ منتظر رهيا آهيون، اسين هن جي نجات ڪري خوش ۽ سرها ٿينداسين.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو هن جبل تي خداوند جو هٿ رهندو، ۽ موآب پنهنجي جاءِ تي ائين لتاڙيو ويندو، جيئن ڪک لتاڙبا آهن.</verse>
				<verse number="11">هو انهيءَ جي وچ ۾ پنهنجا هٿ پکيڙيندو جيئن تارو ترڻ لاءِ پنهنجا هٿ پکيڙيندو آهي: ۽ هو ان جي مغروريءَ کي ان جي هٿن جي چالاڪيءَ سان گڏ لاهي هيٺ ڪندو.</verse>
				<verse number="12">۽ هو ڀتين جي مٿانهين ڪوٽ جي ٺلهہ کي هيٺ پٽ تي ڪيرائيندو بلڪ مٽيءَ سان ملائي ڇڏيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="26">
				<verse number="1">اُنهي ڏينهن يهوداہ جي ملڪ ۾ هي راڳ ڳايو ويندو: اسان وٽ هڪڙو مضبوط شهر آهي، جنهن جي ڀتين ۽ ٺلهن جي بدران هو نجات مقرر ڪندو.</verse>
				<verse number="2">اوهين دروازا پٽيو تہ جيڪا سچي قوم سچائيءَ جي سنڀال ٿي ڪري سا اندر گهڙي.</verse>
				<verse number="3">جنهن جي دل قائم آهي تنهن کي تون سلامت رکندين: ڇالاءِ جو هن جو توتي ڀروسو آهي.</verse>
				<verse number="4">اوهين هميشہ لاءِ خداوند تي ڀروسو رکو: ڇالاءِ جو خداوند يهوواہ هڪڙو دائمي ٽڪر آهي.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو هن مٿانهينءَ تي رهڻ وارن کي، بلڪ مغرور شهر کي هيٺ ڪيرايو: يعني انهن کي هيٺ ڪيرائي زمين تي هموار ڪري، مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="6">هو پيرن هيٺ لتاڙيو ويندو؛ بلڪ غريبن جي پيرن ۽ محتاجن جي قدمن هيٺ.</verse>
				<verse number="7">سچار جو رستو سنئون آهي: تون جو راستباز آهين، سو سچار کي واٽ ڏيکارين ٿو.</verse>
				<verse number="8">هائو، اي خداوند اسين تنهنجي عدالتن جي رستي تي تنهنجي لاءِ منتظر ٿي رهيا آهيون؛ اسان جي روح جي خواهش تنهنجو نالو ۽ تنهنجي يادگار آهي.</verse>
				<verse number="9">منهنجي جان رات جو تنهنجي مشتاق آهي؛ هائو آءٌ سوير توکي پنهنجي روح سان ڳوليندس: ڇالاءِ جو جڏهن تنهنجون عدالتون زمين تي جاري آهن، تڏهن جهان جا ماڻهو سچائي ٿا سکن.</verse>
				<verse number="10">ڀلي تہ شرير سان مروت ڪرڻ ۾ اچي، انهي هوندي بہ هو سچائي نہ سکندو؛ سچائيءَ جي ملڪ ۾ هو برائي جي هلت ڪندو، ۽ خداوند جي عظمت تي نظر نہ ڪندو.</verse>
				<verse number="11">اي خداوند تنهنجو هٿ مٿي کنيل آهي، انهي هوندي بہ هو نٿا ڏسن: پر هو قوم جي لاءِ تنهنجي غيرت ڏسندا ۽ شرمندا ٿيندا، هائو؛ باهہ تنهنجي دشمن کي ڳڙڪائي ويندي.</verse>
				<verse number="12">اي خداوند تون ئي اسان کي سلامتي بخشيندين: ڇالاءِ جو اسان جا سڀ ڪم بہ تو اسان جي لاءِ ڪيا آهن.</verse>
				<verse number="13">اي خداوند اسان جا خدا، توکان سواءِ ٻين معبودن اسان جي مٿان حڪم پئي هلايو آهي؛ پر تنهنجي ئي مدد سان اسين رڳو تنهنجو نالو وٺنداسين.</verse>
				<verse number="14">هو مئل آهن، ۽ وري جيئرا نہ ٿيندا؛ هو فوت ٿي ويا آهن، ۽ وري نہ اُٿندا: تنهن ڪري تو هنن کي سزا ڏني، ۽ ناس ڪيو، ۽ سندن يادگيري بہ مٽائي ڇڏي.</verse>
				<verse number="15">تو قوم کي وڌايو آهي، اي خداوند، تو قوم کي وڌايو آهي؛ تون جلال وارو آهين، تو ملڪ جون سڀ سرحدون وڌائي وڏيون ڪيون آهن.</verse>
				<verse number="16">اي خداوند، تڪليف جي وقت هو تو وٽ آيا آهن، جڏهن هنن جي مٿان تنهنجي سيکت آئي تڏهن هو دعا گهرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="17">جيئن ڪنهن پيٽ واري زال جي ويم جو وقت ويجهو اچي، ۽ اُن کي سور ٿين ۽ سورن ۾ دانهون ڪري؛ انهيءَ طرح اسين بہ، اي خداوند، تنهنجي اڳيان آهيون.</verse>
				<verse number="18">اسين پيٽ سان ٿيا آهيون، اسان کي سور ٿيا آهن، اسان ڄڻيو ڄڻ تہ رڳو واءُ آهي؛ اسان زمين تي ڪوبہ ڇوٽڪارو نہ پيدا ڪيو آهي؛ نڪي دنيا جا رهاڪو فنا ٿيا آهن.</verse>
				<verse number="19">تنهنجا مئل جيئرا ٿيندا؛ منهنجا مڙهہ جي اُٿندا. اوهين جي مٽيءَ ۾ رهو ٿا، سي جاڳو ۽ ڳايو: ڇالاءِ جو تنهنجي ماڪ انهي ماڪ وانگر آهي جا گاهہ تي پوي ٿي، ۽ زمين مئلن کي ٻاهر ڪڍندي.</verse>
				<verse number="20">اي منهنجي اُمت، اچ، پنهنجن ڪوٺين ۾ گِهڙ، ۽ پنهنجي چوڌاري در بند ڪري ڇڏ: ۽ ٿوري وقت تائين پاڻ کي لڪاءِ جيستائين ڪاوڙ لنگهي وڃي.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو، ڏس، خداوند پنهنجي مڪان مان زمين جي رهاڪن کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏيڻ لاءِ اچي ٿو: زمين بہ اُنهي رت کي ظاهر ڪندي جو منجهس آهي، ۽ جيڪي مٿس قتل ٿيا آهن تن کي نہ لڪائيندي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="27">
				<verse number="1">انهي ڏينهن خداوند پنهنجي سخت، ۽ وڏيءَ، ۽ مضبوط ترار سان ازدها، يعني تکي نانگ کي، ۽ انهي ازدها، يعني ڏنگي نانگ کي، سزا ڏيندو؛ ۽ هو انهيءَ ازدها کي قتل ڪندو جو سمنڊ ۾ آهي.</verse>
				<verse number="2">انهي ڏينهن اوهين ڊاک جي منهہ جي ساراهہ جو گيت ڳائجو.</verse>
				<verse number="3">آءٌ خداوند انهي جي سنڀال ڪريان ٿو، آءٌ هردم انهي کي پاڻي ڏيندس، آءٌ رات ڏينهن انهي جي سنڀال ڪندس، متان ڪو انهي کي نقصان پهچائي.</verse>
				<verse number="4">مون ۾ ڪاوڙ ڪانهي، جنگ ۾ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا منهنجي برخلاف هجن ها تہ آءٌ انهن تي ڪاهہ ڪريان ها، ۽ سڀني کي گڏ ساڙي ڇڏيان ها.</verse>
				<verse number="5">يا جي هو منهنجي طاقت جي آسري هيٺ اچي، تہ مون سان، هائو، ڀلي تہ هو مون سان، صلح ڪري.</verse>
				<verse number="6">ايندڙ ڏينهن ۾ يعقوب پاڙ هڻندو؛ ۽ اسرائيل ٻور جهليندو، ۽ گل ڪندو: اهي ساري دنيا ميون سان ڀري ڇڏيندا.</verse>
				<verse number="7">جيئن هن پنهنجي ماريندڙن کي ماريو هو تيئن انهي کين ماريو آهي ڇا؟ يا جيئن هن قتل ڪيو هو تيئن هو قتل ٿيو آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="8">جڏهن تو هن کي ڪڍيو، تڏهن تو انصاف سان ساڻس حجت ڪئي؛ اُڀرندي واري واءُ جي ڏينهن هن پنهنجي سخت طوفان سان انهي کي ڪڍي ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="9">انهي جي ڪري يعقوب جي خطا ميٽجي ويندي، ۽ اهو سڀ هن جي گناهہ ميٽجڻ جو نتيجو آهي: جڏهن هو قربانگاهہ جا سڀ پٿر چن جي نرم ڳنڍن جهڙا ٿو ڪري، جي ڀڄي ڀري ٿا وڃن، تڏهن اتي يسيرتون ۽ سج جون مورتون وري قائم نہ ٿينديون.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو ڪوٽ وارو شهر خالي آهي، ۽ رهڻ جو هنڌ بيابان جهڙو ويران ۽ سڃو آهي: اتي گابو چرندو، ۽ اتي ئي سمهي رهندو، ۽ انهي جون ٽاريون کائي کپائيندو.</verse>
				<verse number="11">جڏهن هن جا ڏار ڪومائبا، تڏهن اهي ڀڃي ڇڏيا ويندا، ۽ زالون اچي انهن کي باهہ ڏينديون؛ ڇالاءِ جو انهيءَ قوم کي سمجهہ ڪانهي، تنهن ڪري سندن خالق کي مٿن رحم نہ ايندو، ۽ سندن جوڙيندڙ مٿن مهرباني ڪانہ ڏيکاريندو.</verse>
				<verse number="12">۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند فرات نديءَ جي اُٿل کان وٺي مصر جي نهر تائين، انهي جو ڦر سٽي ڇاڻي ڇڏيندو، ۽ اي بني اسرائيل اوهين هڪڙو هڪڙو ڪري گڏ ڪيا ويندا.</verse>
				<verse number="13">۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ هڪڙي وڏي تري وڄائي ويندي، ۽ جيڪي اسور جي ملڪ ۾ تباهہ ٿيڻ تي هئا، ۽ جيڪي مصر جي ملڪ ۾ جلاوطن هئا، سي ايندا؛ ۽ اُهي يروشلم جي پاڪ جبل تي خداوند جي عبادت ڪندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="28">
				<verse number="1">افسوس آهي افرائيم جي نشئين جي مغروريءَ جي تاج تي، ۽ سندس شاندار سونهن جي ڪومائجندڙ گل تي، جو انهن جي آباد ماٿريءَ جي مٿان آهي، جن تي شراب غالب پيو آهي!</verse>
				<verse number="2">ڏسو، خداوند وٽ هڪڙو طاقتور ۽ زبردست شخص موجود آهي، هو انهي کي ڳڙن جي طوفان، ۽ برباد ڪندڙ واچ، ۽ پاڻيءَ جي زور واري اُٿل وانگر زمين تي اُڇلائي وجهندو.</verse>
				<verse number="3">افرائيم جي نشئين جي مغروريءَ جو تاج پيرن هيٺ لتاڙيو ويندو.</verse>
				<verse number="4">۽ هن جي شاندار سونهن جو ڪومائجندڙ گل، جو آباد ماٿريءَ جي مٿان آهي، سو اونهاري کان اڳي پهرئين پڪل انجير وانگي ٿيندو، جنهن تي جڏهن ڪنهن جي نظر ٿي پوي تہ ڏسندي ئي، ۽ هٿ ۾ ايندي ئي، کايو ڇڏي.</verse>
				<verse number="5">انهي ڏينهن لشڪرن جو خداوند پنهنجي اُمت جي باقي بچيلن لاءِ جلال جو تاج، ۽ سونهن جو ڇٽ ٿيندو:</verse>
				<verse number="6">۽ جيڪو عدالت ڪرڻ ويهندو تنهن لاءِ انصاف جو روح، ۽ جيڪي دروازي تي بيهي حملو ڪندڙ کي موٽائيندا تن لاءِ زور ٿيندو.</verse>
				<verse number="7">پر هي بہ شراب جي ڪري ڀلجي ويا آهن، ۽ نشي جي ڪري گمراهہ ٿيا آهن؛ ڪاهن توڙي نبي ٻئي نشي جي ڪري ڀلجي ويا آهن، اهي شراب ۾ غرق ٿي ويا آهن، اهي نشي جي ڪري گمراهہ ٿيا آهن؛ اهي رويا ڏسڻ ۾ ڀلجن ٿا، ۽ انصاف ڪرڻ ۾ ٿاٻڙجن ٿا.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو سڀ دسترخانا اُلٽيءَ ۽ گندگيءَ سان ڀريل آهن، جنهن ڪري ڪابہ جاءِ صاف ڪانهي.</verse>
				<verse number="9">هو ڪنهن کي علم سيکاريندو؟ ۽ ڪنهن کي پيغام سمجهائيندو؟ ڇا انهن کي جن کان کير ڇڏايو ويو آهي، ۽ جي ٿڻن کان پري ڪيا ويا آهن؟</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو حڪم تي حڪم، حڪم تي حڪم آهي، قانون تي قانون، قانون تي قانون آهي؛ ٿورو هِتي، ٿورو هُتي.</verse>
				<verse number="11">نہ بلڪ ڌارين چپن وارن ماڻهن جي وسيلي، ۽ ٻيءَ ٻوليءَ سان هو هن اُمت سان ڳالهائيندو.</verse>
				<verse number="12">جنهن کي هن چيو تہ هيءَ آرام جي جاءِ آهي، جيڪي ٿڪل آهن، تن کي اوهين آرام ڏيو؛ هيءَ فرحت جي جاءِ آهي: تڏهن بہ هنن نہ ٻڌو.</verse>
				<verse number="13">تنهن ڪري خداوند جو ڪلام انهن جي لاءِ حڪم تي حڪم، حڪم تي حڪم ٿيندو؛ قانون تي قانون، قانون تي قانون ٿيندو؛ ٿورو هِتي ٿورو هُتي، انهي لاءِ تہ اهي وڃن ۽ پٺ تي ڪرن، ۽ شڪست کائين، ۽ ڦاسي پون، ۽ گرفتار ٿين.</verse>
				<verse number="14">تنهن ڪري اي ٺٺولي ڪندڙ ماڻهو، جي يروشلم ۾ رهندڙ اُمت تي حڪومت ٿا ڪريو، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو:</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو اوهان چيو آهي تہ اسان موت سان عهد اقرار ڪيو آهي، ۽ دوزخ سان اسان جو انجام آهي؛ جڏهن سزا جي اُٿل ٿيندي، تڏهن اها اسان ڏانهن نہ ايندي؛ ڇالاءِ جو اسان ڪوڙ کي پنهنجي پناهہ ڪيو آهي، ۽ دغا هيٺ اسان پاڻ کي لڪايو آهي:</verse>
				<verse number="16">تنهن ڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ صيون ۾ بنياد جي لاءِ هڪڙو پٿر ٿو رکان، اهو آزمايل پٿر، ۽ پڪي بنياد جو قيمتي پٿر آهي: جيڪو ايمان آڻيندو، سو تڪڙ نہ ڪندو.</verse>
				<verse number="17">آءٌ عدالت کي ڏور ۽ سچائيءَ کي شاهد ڪندس: ۽ ڳڙا ڪوڙ جي پناهہ ٻهاري ويندا، ۽ پناهہ جي جاءِ جي مٿان پاڻي اُٿلي ايندو.</verse>
				<verse number="18">۽ موت سان ٻڌل اوهان جو عهد اقرار رد ٿي ويندو، ۽ دوزخ سان اوهان جو انجام قائم نہ رهندو، جڏهن سزا جي اُٿل ايندي، تڏهن اوهين انهي جي هيٺ لتاڙجي ويندا.</verse>
				<verse number="19">جيترا ڀيرا اها لنگهندي، اوترا ڀيرا اها اوهان کي پڪڙيندي؛ ڇالاءِ جو هر صبح جو، ۽ ڏينهن جو، ۽ رات جو اُها اوهان تي اُٿلندي، ۽ انهي پيغام جو نتيجو رڳو ڊپ ٿيندو.</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ جو کٽولو اهڙو ننڍو آهي جو ان تي ماڻهو ٽنگون ڊگهيون ڪري نہ سگهي، ۽ سوَڙ اهڙي سوڙهي آهي جو ان ۾ ماڻهو پاڻ کي ويڙهي نہ سگهي.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو خداوند اهڙو اُٿلندو جهڙو پراضيم جبل تي، ۽ اهڙو ڪاوڙبو جهڙو جبعون جي واديءَ ۾؛ انهي لاءِ تہ هو پنهنجو ڪم، بلڪ پنهنجو عجيب ڪم ڪري، ۽ پنهنجو عمل، بلڪ پنهنجو عجيب عمل آڻي پورو ڪري.</verse>
				<verse number="22">تنهن ڪري هاڻي اوهين ٺٺولي نہ ڪريو، متان اوهان جا بند مضبوط ڪيا وڃن؛ ڇالاءِ جو مون خداوند، لشڪرن جي خداوند کان ٻڌو آهي، تہ هن ساري ملڪ کي تباهہ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="23">اوهين ڪن ڏيو ۽ منهنجو آواز ٻڌو؛ ڌيان ڏيئي منهنجو چوڻ ٻڌو.</verse>
				<verse number="24">هاري پوک ڪرڻ لاءِ ڪو هميشہ هر ڏئي ٿو ڇا؟ هو ڪو هميشہ پنهنجي زمين جا ڀتر ڀڃي ۽ کوٽي ٿو ڇا؟</verse>
				<verse number="25">جڏهن هو انهيءَ کي مٿان سنئون سڌو ڪري ٿو، تڏهن هو جاڻ نٿو ڇٽي ڇا؟ ۽ ٻج نٿو پکيڙي ڇا؟ ۽ ڪڻڪ اوڙين ۾، ۽ جَوَ مقرر جاءِ تي، ۽ ٻاجهري انهي جي ڪناري تي نٿو ڇاٽاري ڇا؟</verse>
				<verse number="26">۽ هو اُهي پوريءَ طرح پوکي ٿو، ۽ هن جو خدا هن کي سيکاري ٿو.</verse>
				<verse number="27">هو جاڻ کي ڳاهڻ واري تکي اوزار سان نٿو ڳاهي، نڪي زيري تي گاڏي جو ڦيٿو ٿو ڦيرائي؛ جاڻ لٺ سان ڪُٽي ٿو، ۽ زيرو لڪڻ سان.</verse>
				<verse number="28">مانيءَ جو اَن چٿي ڪين ڇڏبو آهي، نڪي هو هميشہ انهي کي ڳاهيندو، ۽ نڪي انهي تي گاڏيءَ جو ڦيٿو ۽ گهوڙا هلائيندو؛ هو انهي کي چٿي ڪين ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="29">اهو بہ لشڪرن جي خداوند وٽان ٿو اچي، جو مصلحت ۾ عجيب، ۽ ڏاهپ ۾ عظيم آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="29">
				<verse number="1">هاءِ اريئيل، اريئيل، جنهن شهر ۾ دائود منزل ڪئي! ڀلي تہ سال پٺيان سال گذرندو وڃي، ۽ ڀلي تہ عيدون ملهايون وڃن.</verse>
				<verse number="2">پوءِ آءٌ اريئيل کي ڏک ڏيندس، ۽ اتي ماتم ۽ نوحو ٿيندو: پوءِ هو منهنجي لاءِ اريئيل جهڙو ٿيندو.</verse>
				<verse number="3">۽ آءٌ تنهنجي برخلاف چوڌاري منزل ڪندس، ۽ دمدمو اڏي توکي گهيريندس، ۽ تنهنجي برخلاف مورچا کڙا ڪندس.</verse>
				<verse number="4">۽ تون ذليل ڪيو ويندين، ۽ زمين تان ڳالهائيندين، تنهنجو ڳالهائڻ مٽيءَ منجهان ڍرو ايندو؛ تنهنجو آواز انهي ماڻهو جهڙو هوندو جنهن کي جن آيو هجي، ۽ زمين منجهان ٻڌڻ ۾ اچي، ۽ تنهنجو ڳالهائڻ مٽيءَ مان آيل ڀڻڪي وانگي هوندو.</verse>
				<verse number="5">پر تنهنجي دشمن جو ڪٽڪ سنهيءَ مٽي وانگر ٿيندو، ۽ انهن خوفناڪ ماڻهن جو ڪٽڪ اُڏامندڙ تُهہ وانگي هوندو: هائو، اهو هڪ لحظي ۾ اوچتو ٿيندو.</verse>
				<verse number="6">لشڪرن جو خداوند، گجگوڙ سان، ۽ زلزلي سان، ۽ وڏي آواز سان، واچوڙي سان، ۽ طوفان سان، ۽ تباهہ ڪندڙ باهہ جي شعلي سان، توکي سزا ڏيڻ ايندو.</verse>
				<verse number="7">۽ انهن سڀني قومن جون ٽوليون جي اريئيل سان وڙهنديون، يعني اهي سڀ، جي انهي سان، ۽ انهي جي قلعي سان وڙهندا، ۽ کيس تڪليف ڏيندا؛ اهو سڀ هڪڙي خواب يا رات جي رويا وانگي ٿيندو.</verse>
				<verse number="8">۽ اهڙو حال ٿيندو، جهڙو ڪو بکايل ماڻهو خواب ۾ ڏسي تہ ماني ويٺو کائي؛ پر جڏهن جاڳي تڏهن ڏسي تہ سندس اندر خالي آهي: يا جهڙو ڪو اُڃايل ماڻهو خواب ۾ ڏسي تہ پاڻي ٿو پئي؛ پر جڏهن جاڳي تڏهن ڏسي تہ ساڻو ٿيو پيو آهي ۽ اندر ۾ اُڃ اٿس: انهيءَ طرح جيڪو قومن جو ڪٽڪ صيون جبل سان وڙهندو، تنهن جو اهڙو حال ٿيندو.</verse>
				<verse number="9">اوهين ترسو ۽ حيران ٿيو؛ خوشيون ڪريو ۽ مست ٿيو: اهي نشي ۾ آهن پر شراب سان نہ، اهي آٿڙن ٿا پر نشي جي ڪري نہ؛</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو خداوند اوهان تي گهاٽيءَ ننڊ جو روح موڪليو آهي، ۽ اوهان جون اکيون بند ڪيون اٿس: ۽ اوهان جي نبين، ۽ سردارن، ۽ غيب ڏسندڙن کي ڍڪي ڇڏيو اٿس.</verse>
				<verse number="11">۽ سڀني جي رويا اوهان لاءِ هڪڙي مهر لڳل بند ڪتاب جي لفظن وانگر ٿيندي، جو ماڻهو ڪنهن عالم شخص کي ڏين ۽ چون تہ مهرباني ڪري هي پڙهہ، ۽ هو چوي تہ آءٌ پڙهي نٿو سگهان؛ ڇو تہ هن تي مهر لڳل آهي:</verse>
				<verse number="12">۽ وري اهو ڪتاب ڪنهن اڻ پڙهيل کي ڏين ۽ چون تہ مهرباني ڪري هي پڙهہ، ۽ هو چوي تہ مون کي پڙهڻ نٿو اچي.</verse>
				<verse number="13">۽ خداوند فرمايو تہ هيءَ اُمت منهنجي ويجهو ٿي اچي، ۽ پنهنجي وات سان، ۽ پنهنجن چپن سان منهنجي تعظيم ٿي ڪري؛ پر پنهنجي دل مون کان پري ڪئي اٿس، ۽ منهنجو ڊپ رڳو ماڻهن جي حڪم ڪري اٿس، جو کين سيکاريو ويو آهي.</verse>
				<verse number="14">تنهن ڪري ڏس، آءٌ هن اُمت ۾ هڪڙو عجيب ڪم ڪندس، بلڪل عجيب ۽ حيرت جهڙو ڪم، ۽ انهن جي ڏاهن ماڻهن جي ڏاهپ چٽ ٿي ويندي، ۽ انهن جي سمجهہ وارن جي سمجهہ گم ٿي ويندي.</verse>
				<verse number="15">انهن تي افسوس آهي، جي پنهنجي مشورت خداوند کان لڪائڻ جي ڪوشش ٿا ڪن، ۽ جن جا ڪم اونداهيءَ ۾ ٿا ٿين، ۽ چون ٿا تہ ڪير اسان کي ڏسي ٿو؟ ڪير اسان کي سڃاڻي ٿو؟</verse>
				<verse number="16">اوهين سنئين شين کي اونڌو ٿا ڪريو! ڇا ڪنڀر مٽيءَ جهڙو ليکيو ويندو؛ ڇا جوڙيل شيءِ پنهنجي جوڙيندڙ بابت چوندي تہ هن مون کي نہ جوڙيو؛ ڇا ٺاهيل شيءِ پنهنجي ٺاهيندڙ بابت چوندي تہ هن کي سمجهہ ڪانهي؟</verse>
				<verse number="17">ڇا باقي ٿوري دير نہ آهي جو لبنان هڪڙي آباد ٻني ٿي پوندو، ۽ آباد ٻني هڪڙو ٻيلو ليکجڻ ۾ ايندي.</verse>
				<verse number="18">۽ انهي ڏينهن ٻوڙا ڪتاب جون ڳالهيون ٻڌندا، ۽ انڌن جون اکيون انڌڪار ۽ اونداهيءَ منجهان ڏسنديون.</verse>
				<verse number="19">مسڪين بہ خداوند ۾ وڌيڪ خوش ٿيندا، ۽ ماڻهن ۾ جيڪي غريب آهن سي اسرائيل جي پاڪ خدا ۾ سرها ٿيندا.</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ جو خوفناڪ ماڻهو نابود ٿي ويندو، ۽ ٺٺولي ڪندڙ فنا ٿي ويندو، ۽ جيڪي بدڪاري ڪرڻ لاءِ اکيون وجهيو ويٺا آهن سي تباهہ ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="21">جيڪي ماڻهوءَ کي مقدمي ۾ ڏوهاري ٿا ٺهرائين، ۽ جيڪو دروازي تي بيهي ملامت ٿو ڪري تنهن لاءِ ڦندو ٿا وجهن: ۽ سچار کي معمولي شيءِ سان ڦيرايو ڇڏين.</verse>
				<verse number="22">تنهن ڪري خداوند، جنهن ابراهيم کي ڇوٽڪارو ڏنو، سو يعقوب جي گهراڻي بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ هاڻي يعقوب شرمندو نہ ٿيندو، نڪي سندس منهن ڦڪو ٿيندو.</verse>
				<verse number="23">پر جڏهن هو پنهنجو اولاد، يعني منهنجن هٿن جي ڪاريگري پنهنجي وچ ۾ ڏسندو، تڏهن هو منهنجي نالي کي پاڪ مڃيندا؛ هائو، اهي يعقوب جي قدوس خدا جي تقديس ڪندا، ۽ اسرائيل جي خدا جي ڊپ ۾ رهندا.</verse>
				<verse number="24">۽ جن جا روح گمراهہ ٿيا آهن تن کي سمجهہ ايندي، ۽ جيڪي ڪُرڪن ٿا، سي تعليم حاصل ڪندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="30">
				<verse number="1">خداوند فرمائي ٿو تہ انهن باغي ٻارن تي افسوس آهي، جيڪي صلاحون ڪن ٿا؛ پر مون سان نہ؛ جيڪي ڍڪ ڍڪين ٿا، پر منهنجي روح جو نہ؛ انهيءَ لاءِ تہ هو گناهہ تي گناهہ ڪندا وڃن.</verse>
				<verse number="2">اهي مون کان پڇڻ کان سواءِ مصر ۾ ٿا وڃن؛ انهيءَ لاءِ تہ فرعون جي زور سان زوراور ٿين، ۽ مصر جي پاڇي تي ڀروسو رکن!</verse>
				<verse number="3">تنهن ڪري مصر جو زور اوهان جي لاءِ شرم ٿيندو، ۽ مصر جي پاڇي جو ڀروسو اوهان لاءِ مونجهارو ٿيندو.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو هن جا سردار ضعن ۾ آهن، ۽ هن جا ايلچي حنيس ۾ آيا آهن.</verse>
				<verse number="5">اهي سڀيئي انهي قوم کان شرمندا ٿيندا، جا انهن کي ڪوبہ فائدو نٿي پهچائي، جنهن ۾ ڪابہ مدد ۽ قاعدو ڪونهي؛ پر فقط شرمندگي ۽ خواري آهي.</verse>
				<verse number="6">ڏکڻ جي جانورن بابت ڪلام تڪليف ۽ مصيبت جو ملڪ، جتان شينهن ۽ شينهڻ، نانگ ۽ اُڏامندڙ آتشي سپ ٿا اچن، تنهن منجهان هو پنهنجي دولت گڏهن جي پٺيءَ تي، ۽ پنهنجا خزانا اُٺن جي ٿوهن تي کڻي انهيءَ اُمت ڏانهن ٿا وڃن، جنهن مان انهن کي ڪوبہ فائدو نہ رسندو.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو مصر جي مدد اجائي ۽ بي فائدي آهي: تنهن ڪري مون انهيءَ کي رهب سڏيو آهي، جا ماٺ ڪري ٿي ويهي.</verse>
				<verse number="8">هاڻي وڃي اهو هن جي اڳيان هڪڙيءَ تختيءَ تي لک، ۽ هڪڙي ڪتاب ۾ داخل ڪر، تہ هو ايندڙ وقت لاءِ، ۽ هميشہ جي واسطي قائم رهي.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو اها باغي اُمت آهي، ۽ ڪوڙا ٻار آهن، اهڙا ٻار جي خداوند جي شريعت نٿا ٻڌن:</verse>
				<verse number="10">اُهي غيب ڏسڻ واري کي چون ٿا تہ غيب نہ ڏسو، ۽ نبين کي چون ٿا تہ اسان کي نبوت جون سچيون ڳالهيون نہ ٻڌايو؛ اسان کي وڻندڙ ڳالهيون ٻڌايو، ۽ ڪوڙي نبوت ڪريو.</verse>
				<verse number="11">رستي کان نڪري ٻاهر ٿيو، واٽ کان ڦري پاسي ٿيو، اسرائيل جي قدوس کي اسان جي اڳ کان پري ڪريو.</verse>
				<verse number="12">تنهن ڪري اسرائيل جو قدوس هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين هن ڪلام جي حقارت ٿا ڪريو، ۽ ظلم ۽ ڏنگائيءَ تي ڀروسو ٿا رکو، ۽ انهي تي ٽيڪ ٿا ڏيو؛</verse>
				<verse number="13">تنهن ڪري هيءَ بڇڙائي اوهان لاءِ اهڙي ٿيندي جهڙي ڦاٽل ڀت جا ڪِرڻ تي هجي، يا وڏي ڀت جنهن جو پيٽ ٻاهر نڪتل هجي، جا هڪڙي ئي لحظي ۾ اوچتو ئي اوچتو ڀڄي ڪري پوي.</verse>
				<verse number="14">هو انهي کي ڪنڀار جي ٿانوَ وانگر ڀڃندو، ۽ انهي کي ڪين ڇڏيندو، پر ڀڃي پرزا پرزا ڪندو؛ ايتري قدر جو انهن ٽڪرن ۾ اهڙو ٺڪر ڪونہ لڀندو، جنهن ۾ چلهہ مان ٽانڊو کڻجي، يا جنهن سان حوض مان پاڻي ڪڍجي.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو خداوند خدا، اسرائيل جو قدوس هيئن ٿو فرمائي، تہ موٽي اچڻ ۽ صبر ۾ رهڻ ڪري اوهان جي سلامتي آهي، خاموشيءَ ۽ ڀروسي ۾ اوهان جي طاقت آهي: پر اوهان ائين ڪرڻ نہ گهريو.</verse>
				<verse number="16">اوهان چيو تہ نہ، اسين گهوڙن تي چڙهي ڀڄي وينداسين؛ اوهين ڀڄندا: بلڪ اسين تکن گهوڙن تي سوار ٿينداسين؛ تنهن ڪري جيڪي اوهان جي پٺيان پوندا سي تکا ٿيندا.</verse>
				<verse number="17">هڪڙي جي ڌمڪيءَ سان هڪ هزار ڀڄندا؛ پنجن جي ڌمڪيءَ سان اوهين سڀ ڀڄي ويندا؛ ۽ اوهين جبل جي چوٽيءَ تي روشنيءَ جي مينار وانگر ۽ ٽڪريءَ تي نشان وانگي رهجي ويندا.</verse>
				<verse number="18">تڏهن بہ خداوند اوهان تي مهرباني ڪرڻ لاءِ ترسندو؛ ۽ اوهان تي رحم ڪرڻ لاءِ سرفراز ٿيندو: ڇالاءِ جو خداوند عادل خدا آهي؛ جيڪي هنجا منتظر آهن سي سڀ مبارڪ آهن.</verse>
				<verse number="19">اي يروشلم ۾ صيون تي رهندڙ اُمت، تون اڳتي نہ رئندينءَ؛ هو تنهنجي دانهن جو آواز ٻڌي ضرور توتي رحم ڪندو؛ هو ٻڌندو ۽ توکي جواب ڏيندو.</verse>
				<verse number="20">جيتوڻيڪ خداوند اوهان کي مصيبت جي ماني ۽ ڏک جو پاڻي ڏيندو، تڏهن بہ اڳتي تنهنجا استاد لڪايا نہ ويندا، بلڪ تنهنجون اکيون تنهنجن اُستادن کي ڏسنديون.</verse>
				<verse number="21">جڏهن اوهين ساڄي يا کاٻي پاسي ڦرندا تڏهن تنهنجا ڪن تنهنجي پٺيان هڪڙو آواز ٻڌندا تہ رستو هي آهي، اوهين انهي تي هلو.</verse>
				<verse number="22">۽ اها چاندي جا اوهانجين اُڪريل مورتن تي چڙهيل آهي، ۽ اهو سون جو اوهانجين پلٽيل مورتن تي چڙهيل آهي، تنهن کي اوهين پليت ڪندا؛ تون انهن کي ناپاڪ شيءِ ڄاڻي اُڇلائي ڇڏيندين؛ تون هنن کي چوندين تہ هتان نڪري وڃو.</verse>
				<verse number="23">۽ جيڪو ٻج تون زمين ۾ پوکيندين، تنهن لاءِ هو مينهن وسائيندو، ۽ زمين جي ڀلي فصل مان ماني ڏيندو، ۽ اها چڱي ۽ ججهي ٿيندي: انهي ڏينهن تنهنجو چوپايو مال وڏين ويئن ۾ چرندو.</verse>
				<verse number="24">ڏاند توڙي جوان گڏهہ، جي زمين ٿا کيڙين، سي ڪوڏر ۽ سپ سان وائريل سوادي چارو کائيندا.</verse>
				<verse number="25">۽ وڏي قتلام جي ڏينهن، جڏهن ٺلهہ ڪري پوندا، تڏهن سڀ ڪنهن مٿانهين جبل تي ۽ سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي پاڻيءَ جون نديون ۽ چشما وهندا.</verse>
				<verse number="26">انهي ڏينهن، جڏهن خداوند پنهنجيءَ اُمت جي ڦٽ تي پٽي ٻڌندو، ۽ انهيءَ جي زخم جو ڌڪ ڇُٽائيندو، تڏهن چنڊ جي روشنائي سج جي روشنائي جهڙي ٿيندي، ۽ سج جي روشنائي ستوڻي، بلڪ ستن ڏينهن جي روشنائيءَ جهڙي ٿيندي.</verse>
				<verse number="27">ڏسو، خداوند جو نالو غصي جي باهہ ۽ گهاٽي دونهين سان، پري کان ٿو اچي: هن جا چپ ڪاوڙ سان ڀريل آهن، ۽ هن جي زبان تباهہ ڪندڙ باهہ وانگي آهي.</verse>
				<verse number="28">هن جو دم نديءَ جي اُٿل وانگي آهي، جا ڳچيءَ تائين ٿي پهچي تہ قومن کي فنا ڪرڻ واري پرڻ سان ڇاڻي ۽ اُمتن جي ڄاڙين ۾ گمراهہ ڪندڙ لغام وجهي.</verse>
				<verse number="29">جيئن عيد جي رات گيت ڳائبا آهن، تيئن اوهين گيت ڳائيندا؛ ۽ جيئن ڪو ماڻهو بانسري وڄائيندي خداوند جي جبل تي، يعني اسرائيل جي ٽڪر تي ويندو آهي تيئن اوهين دل ۾ خوش ٿيندا.</verse>
				<verse number="30">۽ خداوند پنهنجو جلال وارو آواز ٻڌائيندو، ۽ پنهنجي غصي جي جوش سان، ۽ تباهہ ڪندڙ باهہ جي شعلي سان، ۽ واچ ۽ طوفان ۽ ڳڙن سان پنهنجي ٻانهن جو نازل ٿيڻ ڏيکاريندو.</verse>
				<verse number="31">ڇالاءِ جو خداوند جي آواز جي ڪري اسور ڀڄي پرزا پرزا ٿيندو، هو انهي کي لٺ سان ماريندو.</verse>
				<verse number="32">جيڪا مقرر ڪيل لٺ خداوند هن کي هڻندو، تنهنجي هر هڪ ڌڪ سان دف ۽ بربط وڄندا: ۽ سخت لڙاين سان هو انهن سان وڙهندو.</verse>
				<verse number="33">ڇالاءِ جو قديم زماني کان توفت تيار ڪيل آهي؛ هائو، اهو بادشاهہ جي لاءِ تيار ڪيل آهي؛ هن انهي کي اونهو ۽ وڏو ڪيو آهي: انهي ۾ باهہ ۽ گهڻين ڪاٺين جو ڍير آهي؛ خداوند جو دم گندرف جي نهر وانگي انهي کي ٻاري ٿو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="31">
				<verse number="1">انهن تي افسوس آهي جي مدد جي لاءِ مصر ڏانهن ٿا وڃن، ۽ جي گهوڙن تي ۽ گهڻين جنگي گاڏين تي، ۽ زور وارن سوارن تي ڀروسو ٿا رکن؛ پر هو اسرائيل جي قدوس ڏانهن نٿا نهارين، نڪي خداوند کي ٿا ڳولين!</verse>
				<verse number="2">پر هو بہ سياڻو آهي، ۽ مصيبت آڻيندو، ۽ پنهنجو ڪلام رد نہ ڪندو: پر بدڪارن جي گهراڻي تي ۽ خطاڪارن جي مددگارن تي چڙهي ايندو.</verse>
				<verse number="3">مصري انسان آهن، ۽ خدا نہ آهن؛ انهن جا گهوڙا گوشت آهن ۽ روح نہ آهن: جڏهن خداوند پنهنجو هٿ ڊگهيريندو، تڏهن جيڪو مدد ٿو ڪري سو ٿاٻڙندو، ۽ جنهن کي مدد ٿي ملي سو ڪِرندو، ۽ اهي سڀ گڏ چٽ ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو خداوند مون کي هيئن فرمايو آهي، تہ جڏهن شينهن يا سندس ٻچو پنهنجي شڪار تي گوڙ ٿو ڪري، تڏهن جي ڌنارن جي ٽولي انهن سان وڙهڻ جي لاءِ سڏبي تہ انهن جي هل تي هو ڊڄي ڪونہ ويندو، نڪي انهن جي آواز تي دهلجي ويندو: تيئن لشڪرن جو خداوند صيون جبل تي انهيءَ جي ٽڪريءَ تي وڙهڻ لاءِ لهي ايندو.</verse>
				<verse number="5">اُڏامندڙ پکين وانگي، لشڪرن جو خداوند يروشلم کي بچائيندو؛ هو انهي کي بچائيندو ۽ ڇڏائيندو، ۽ اُنهي تي چشم پوشي ڪندو ۽ کيس قائم رکندو.</verse>
				<verse number="6">اي بني اسرائيل اوهين انهي ڏانهن ڦرو، جنهن سان اوهان سخت بغاوت ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو انهي ڏينهن سڀڪو ماڻهو پنهنجون چانديءَ ۽ سون جون مورتون، جي اوهان جن هٿن گناهہ ڪرڻ لاءِ جوڙيون آهن، سي اُڇلائي ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="8">تڏهن اسوري انهيءَ ترار سان ڪِرندا جا انسان جي نہ آهي؛ ۽ اُها ترار جا انسان جي نہ آهي سا هن کي کائي ويندي؛ هو ترار کان ڀڄندو، ۽ هن جا ماڻهو ڍل ڀرو ٿيندا.</verse>
				<verse number="9">هن جو ٽڪر خوف جي ڪري پنهنجيءَ جاءِ تان لنگهي ويندو، ۽ هن جا سردار جهنڊي کان ڊڄي ويندا؛ خداوند فرمايو آهي، جنهن جي باهہ صيون ۾، ۽ کورو يروشلم ۾ آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="32">
				<verse number="1">ڏسو، هڪڙو بادشاهہ راستبازيءَ سان بادشاهي ڪندو، ۽ سردار عدالت سان حڪومت ڪندا.</verse>
				<verse number="2">هڪڙو ماڻهو واءُ کان لڪڻ جي جاءِ، ۽ طوفان کان پناهہ وانگيان ٿيندو؛ سڪيءَ زمين ۾ پاڻيءَ جي ندين وانگي، ۽ ماندائيءَ واري ملڪ ۾ وڏي ٽڪر جي ڇانوَ وانگي ٿيندو.</verse>
				<verse number="3">۽ ڏسندڙن جي اکين ۾ ڌنڌ ڪونہ ٿيندو، ۽ جيڪي ٻڌندا سي اونائيندا.</verse>
				<verse number="4">تڪڙن جي دل علم کي سمجهندي، ۽ هڪڙن جي زبان صاف ڳالهائيندي.</verse>
				<verse number="5">تڏهن ڪميڻو ماڻهو اڳتي سخي نہ سڏبو، نڪي اناڙي سخي سڏجڻ ۾ ايندو.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو ڪميڻو ماڻهو ڪميڻائيءَ جون ڳالهيون ڪندو ۽ انهي جي دل بڇڙائيءَ جا خيال ڪندي، جو هو بي دينيءَ جهڙي هلت ڪندو، ۽ خداوند جي برخلاف ڪوڙ چوندو، تہ بکئي جي جان خالي رهي، ۽ اُڃايل کي پاڻي نہ ملي.</verse>
				<verse number="7">اناڙيءَ جا هٿيار بہ بڇڙا آهن: هو بڇڙائيءَ جون رٿون ٿو رٿي، تہ جڏهن محتاج سچ ڳالهائي، تڏهن بہ ڪوڙين ڳالهين سان کيس برباد ڪري.</verse>
				<verse number="8">پر سخي سخاوت جون رٿون ٿو رٿي؛ ۽ هو سخاوت جا ڪم ڪندو رهندو.</verse>
				<verse number="9">اي آرام طلب زالون اوهين اُٿي منهنجو آواز ٻڌو؛ اي بي پرواهہ ڌيئرون منهنجون ڳالهيون ڪن ڏيئي ٻڌو.</verse>
				<verse number="10">اي بي پرواهہ زالون، سال کان پوءِ ايندڙ ڏينهن ۾ اوهان کي تڪليف رسندي: ڇالاءِ جو ڊاک جو فصل چٽ ٿي ويندو، ۽ ميوي گڏ ڪرڻ جو موقعو ڪونہ ايندو.</verse>
				<verse number="11">اي آرام طلب زالون اوهين ڏڪو؛ اي بي پرواهہ، اوهين ڏک ڪريو: ڪپڙا لاهي اُگهاڙيون ٿيو، ۽ پنهنجيءَ چيلهہ سان کٿو ٻڌو.</verse>
				<verse number="12">هو دلپسند ٻنين، ۽ ڦلدار ڊاک لاءِ پنهنجي ڇاتي ڪُٽينديون.</verse>
				<verse number="13">منهنجيءَ اُمت جي زمين تي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا نڪرندا؛ هائو، خوش وقت شهر جي سڀني خوشيءَ سان ڀريل گهرن ۾ بہ اهي نڪرندا.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو محلات سڃيو ڪيو ويندو؛ آباد شهر ويران ٿي ويندو؛ ٽڪر ۽ پهري وارو ٺلهہ هميشہ غارن وانگي ڪم ايندو، ۽ گورخرن جي خوشي ۽ ڌڻن جو چراگاهہ ٿيندو؛</verse>
				<verse number="15">جيسين ڪ مٿان اسان تي روح نازل ٿئي، ۽ بيابان آباد ٻني ٿي پوي، ۽ آباد ٻني ٻيلي وانگر شمار ٿئي.</verse>
				<verse number="16">تڏهن عدالت بيابان ۾ رهندي، ۽ راستبازي آباد ٻنيءَ ۾ وسندي.</verse>
				<verse number="17">۽ راستبازيءَ جو ڪم سلامتي ٿيندو، ۽ راستبازيءَ جو نتيجو هميشہ لاءِ آرام ۽ تسلي ٿيندو.</verse>
				<verse number="18">۽ منهنجي اُمت سلامتيءَ واري گهر ۾، بي خوف، آرام ۽ فرحت جي جاين ۾ رهندي.</verse>
				<verse number="19">پر ٻيلي جي برباديءَ وقت ڳڙا وسندا؛ ۽ شهر بلڪل ڊهي ويندو.</verse>
				<verse number="20">اوهين جي نهرن جي ڀرسان پوک ٿا ڪريو، ۽ ڏاندن ۽ گڏهن کي اوڏانهن ٿا موڪليو، سي مبارڪ آهيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="33">
				<verse number="1">افسوس آهي توتي جو لٽين ٿو، ۽ پاڻ لٽيو نہ وئين؛ ۽ ٺڳي ٿو ڪرين، پر هنن تو سان ٺڳي نہ ڪئي! جڏهن تون ڦرلٽ ڪري بس ڪندين تڏهن تون لٽبين؛ جڏهن تون ٺڳي ڪري بس ڪندين، تڏهن اهي تو سان ٺڳي ڪندا.</verse>
				<verse number="2">اي خداوند اسان تي فضل ڪر؛ اسين تنهنجا منتظر رهيا آهيون: تون هر روز صبح جو هنن جي ٻانهن جو زور ٿيءُ، ۽ مصيبت جي وقت اسان جو ڇوٽڪارو بہ ٿيءُ.</verse>
				<verse number="3">هنگامي جي گوڙ تي ماڻهو ڀڄي ويا آهن؛ ۽ تنهنجي اُٿڻ تي قومون پکڙجي ويون آهن.</verse>
				<verse number="4">اوهان جي لٽ جو مال ائين گڏ ڪيو ويندو، جيئن سوٻٽ گڏ ڪندا آهن: هو انهي تي ائين ٽپندا جيئن مڪڙ ٽپندا آهن.</verse>
				<verse number="5">خداوند سرفراز آهي؛ ڇالاءِ جو هو بلنديءَ تي ٿو رهي: هن صيون کي انصاف ۽ راستبازيءَ سان ڀري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="6">تنهنجي زماني ۾ پائيداري ٿيندي، نجات، دانائي ۽ علم ججهو ٿيندو: خداوند جو خوف هن جو خزانو آهي.</verse>
				<verse number="7">ڏس، هنن جا پهلوان ٻاهر دانهون ٿا ڪن: ۽ صلح جا ايلچي زار زار ٿا روئن.</verse>
				<verse number="8">شاهي رستا ويران آهن، مٿن لنگهڻ وارو ئي ڪونهي: هن عهد ڀڳو آهي، هو شهرن سان نفرت ٿو ڪري، ۽ انسان جي ڪابہ پرواهہ نٿو ڪري.</verse>
				<verse number="9">زمين ماتم ٿي ڪري ۽ غير آباد ٿي رهي، لبنان شرمندو آهي، ۽ سڪي ٿو وڃي، شارون رڻ پٽ وانگيان آهي؛ ۽ بسن ۽ ڪرمل پنهنجا پن ٿا ڇاڻين.</verse>
				<verse number="10">خداوند فرمائي ٿو تہ هاڻي آءٌ اُٿندس؛ هاڻي آءٌ پاڻ کي سربلند ڪندس؛ هاڻي آءٌ سرفراز ٿيندس.</verse>
				<verse number="11">اوهان کي بهہ جو حمل رهندو، ۽ اوهين ٻٿ ڄڻيندا: اوهان جو پساهہ باهہ آهي، جا اوهان کي کائي ويندي.</verse>
				<verse number="12">۽ قومون سڙندڙ چن وانگي ٿينديون: وڍيل ڪنڊن وانگي، جي باهہ ۾ ساڙيا وڃن.</verse>
				<verse number="13">اوهين جي پري آهيو، سي ٻڌو تہ مون ڇا ڪيو آهي؛ ۽ اوهين جي ويجها آهيو، سي منهنجي طاقت کي مڃو.</verse>
				<verse number="14">صيون ۾ جيڪي گنهگار آهن، سي ڊڄي ويا آهن؛ بي دينن کي اوچتو ڏڪڻي وٺي وئي آهي. اسان مان ڪير تباهہ ڪندڙ باهہ سان رهندو؟ اسان مان ڪير هميشہ جي کورن سان رهندو؟</verse>
				<verse number="15">جيڪو راستيءَ سان هلي ٿو، ۽ سچ ڳالهائي ٿو؛ جيڪو ظلم جي نفعي کي حقير ٿو سمجهي، جيڪو رشوت کان پنهنجا هٿ هٽائي ٿو، جيڪو خونريزيءَ جي ڳالهين ٻڌڻ کان پنهنجا ڪن بند ڪري ٿو، ۽ جيڪو بڇڙائيءَ ڏانهن نهارڻ کان پنهنجون اکيون بند ڪري ٿو؛</verse>
				<verse number="16">اهو بلندي تي رهندو: جابلو قلعا هن جي پناهہ ٿيندا: هن جي ماني کيس ڏني ويندي: ۽ هن کي پاڻي بہ ضرور ملندو.</verse>
				<verse number="17">اوهان جون اکيون بادشاهہ کي سندس سونهن ۾ ڏسنديون: اهي پري تائين پکڙيل ملڪ ڏسنديون.</verse>
				<verse number="18">تنهنجي دل انهيءَ دهشت بابت ويچار ڪندي: اهو ڪٿي آهي جنهن محصول ٿي ڳڻيو؟ اهو ڪٿي آهي جنهن اهو توريو ٿي؟ اهو ڪٿي آهي، جنهن ٺلهن جو شمار ٿي ڪيو؟</verse>
				<verse number="19">تون اها خوفناڪ قوم نہ ڏسندين جنهن جون اونهيون ڳالهيون تون ڪين سمجهندين، جنهن جي ڌاري ٻولي توکي سمجهہ ۾ ڪين ايندي.</verse>
				<verse number="20">صيون ڏانهن نظر ڪر جو اسانجين پاڪ رسمن جو شهر آهي: تنهنجون اکيون يروشلم کي ڏسنديون جو آرام جو گهر، ۽ اهڙو تنبو آهي جو هٽايو نہ ويندو، جنهن جا ڪِلا پٽيا نہ ويندا، ۽ جنهن جي رسن مان ڪوبہ نہ ڇڄندو.</verse>
				<verse number="21">پر جلال وارو خداوند، وڏين ندين ۽ نهرن جي وچ ۾ پاڻ اتي موجود هوندو؛ جن ۾ نہ ڪا ڳنن واري ٻيڙي ويندي، نہ ڪو وڏو جهاز اُتان لنگهندو.</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ جو خداوند اسان جو منصف آهي، خداوند اسان جو شريعت ڏيندڙ آهي، ۽ خداوند اسان جو بادشاهہ آهي؛ اهو اسان کي بچائيندو.</verse>
				<verse number="23">تنهنجون رسيون ڍريون ٿي ويون آهن؛ اهي پنهنجي کوهي جي پاڙ مضبوط ڪري نہ سگهيا، اهي پنهنجو سڙهہ چاڙهي نہ سگهيا: تڏهن وڏيءَ لٽ جو مال ورهايو ويو؛ منڊن کي لٽ جو مال مليو.</verse>
				<verse number="24">اتي جي رهاڪن مان ڪو ڪونہ چوندو تہ آءٌ بيمار آهيان: انهي ۾ رهندڙ ماڻهن جون خطائون معاف ڪيون وينديون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="34">
				<verse number="1">اي قومون اوهين ويجهو اچي ٻڌو، اي امتون اوهين ڪن ڏيو: زمين ۽ جيڪي مٿس آهي، جهان ۽ جيڪي شيون منجهس پيدا ٿين ٿيون، سي ٻڌن.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو خداوند کي سڀني قومن تي ڪاوڙ آهي، ۽ انهن جي سموري لشڪر تي غصو آهي: هن انهن کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيو آهي، هن انهن کي قتل ٿيڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="3">انهن جا ڪُٺل ٻاهر اُڇلايا ويندا، ۽ انهن جي لاشن مان ڪِني بانس نڪرندي، ۽ انهن جي رت سان جبل وهڻ لڳندا.</verse>
				<verse number="4">۽ آسمان جو سارو لشڪر ڳري ويندو، ۽ آسمان ڪاغذ جي ويڙهيءَ وانگيان ويڙهجي ويندا: ۽ انهن جو سارو لشڪر ائين ڪومائجي ڪري پوندو جيئن ڊاک ۽ انجير جو پن ڪومائجي ڪري پوندو آهي.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو منهنجي ترار آسمان ۾ پي ڍائي آهي: ڏسو، اها ادوم تي، ۽ منهنجي لعنت پيل اُمت تي عدالت لاءِ نازل ٿيندي.</verse>
				<verse number="6">خداوند جي ترار رت سان ڀريل آهي، اها سڻڀ سان، گهيٽن ۽ ٻڪرين جي رت سان، ۽ گهٽن جي بڪين جي چرٻيءَ سان سڻڀي ڪيل آهي: ڇالاءِ جو خداوند جي لاءِ بصراہ ۾ هڪڙي قرباني، ۽ ادوم ۾ وڏو قتلام آهي.</verse>
				<verse number="7">۽ انهن سان گڏ سانَ ۽ وهڙا، ۽ ڏاند بہ ذبح ٿيندا؛ ۽ انهن جي زمين رت پي مست ٿيندي، ۽ انهن جي مٽي چرٻيءَ سان سڻڀي ڪئي ويندي.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو اهو خداوند جو وير وٺڻ جو ڏينهن آهي، ۽ صيون سان تڪرار ڪرڻ جو ۽ بدلو وٺڻ جو سال آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ انهي جون نهرون رال ٿي پونديون، ۽ انهي جي مٽي گندرف، ۽ انهي جي زمين سڙندڙ رال ٿي پوندي.</verse>
				<verse number="10">اها نہ رات جو وسامندي نہ ڏينهن جو؛ انهيءَ جو دونهون هميشہ مٿي پيو چڙهندو: اها پيڙهي بہ پيڙهي ويران پيئي هوندي؛ هميشہ تائين انهيءَ مان ڪوبہ ڪونہ لنگهندو.</verse>
				<verse number="11">پر پيڻ پکي ۽ سيڙهہ انهي جون مالڪ ٿينديون؛ چٻرو ۽ ڪانگ انهيءَ ۾ رهندا: اهو انهيءَ جي مٿان مونجهاري جي ڏور ڇڪيندو، ۽ ويرانيءَ جو شاهل رکندو.</verse>
				<verse number="12">اهي سندس سردارن کي بادشاهت لاءِ سڏيندا، پر ڪوبہ ڪونہ ايندو؛ ۽ انهيءَ جا سڀ شهزادا نابود ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="13">انهيءَ جي محلاتن ۾ ڪنڊا، ۽ انهيءَ جي قلعن ۾ ڪنڊيون ۽ ڪانڊيرا اُڀرندا: ۽ اُها گدڙن جي رهڻ جي جاءِ، ۽ اُٺ پکين جو اڱڻ ٿيندي.</verse>
				<verse number="14">رڻ پٽ جا جهنگلي جانور اچي بگهڙن سان گڏبا، ۽ جهنگلي ٻڪر هڪ ٻئي کي سڏيندا: هائو، رات جو راڪاس اتي رهندو، ۽ پنهنجي لاءِ اتي آرام جي جاءِ لهندو.</verse>
				<verse number="15">اتي اُڏامندڙ نانگ پنهنجو آکيرو ٺاهيندو ۽ اُها آنا لاهيندي ۽ انهن تي آرو ڪندي، ۽ پنهنجيءَ ڇانوَ هيٺ هنن کي گڏ ڪندي: هائو، سرڻيون گڏ ٿينديون ۽ هر ڪنهن سان پنهنجو پنهنجو جوڙو هوندو.</verse>
				<verse number="16">اوهين خداوند جي ڪتاب مان ڳولي ڪڍو ۽ پڙهو: هنن ڳالهين مان هڪڙي بہ گهٽ ڪانہ ٿيندي، ۽ ڪا جوڙي کانسواءِ نہ هوندي: ڇالاءِ جو منهنجي وات اهو حڪم ڪيو آهي، ۽ هن جي روح انهن کي گڏ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="17">۽ هن انهن جي لاءِ ڪڻو وڌو آهي، ۽ هن جي هٿ انهيءَ کي سندن لاءِ ڏوريءَ سان ورهايو آهي، اهي هميشہ لاءِ انهيءَ جا مالڪ ٿيندا، ۽ پيڙهي بہ پيڙهي انهي ۾ رهندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="35">
				<verse number="1">بيابان ۽ ويران پٽ سرهو ٿيندو؛ ۽ رڻ پٽ خوشي ڪندو، ۽ گلاب وانگي گل ڪندو.</verse>
				<verse number="2">هو بي انداز گل ڪندو، ۽ هو خوشيءَ سان گيت ڳائي سرهو ٿيندو؛ لبنان جو شان، ۽ ڪرمل ۽ شارون جي سرفرازي هن کي ڏني ويندي: اهي خداوند جو جلال ۽ اسان جي خدا جي سرفرازي ڏسندا.</verse>
				<verse number="3">اوهين ڪمزور هٿن کي زور وارا ڪريو، ۽ نستا گوڏا مضبوط ڪريو.</verse>
				<verse number="4">جيڪي ڊڄڻيءَ دل وارا آهن، تن کي چئو تہ مضبوط ٿيو، ۽ ڊڄو نہ: ڏسو، اوهان جو خدا وير وٺڻ لاءِ ۽ بدلو ڏيڻ لاءِ ايندو؛ هو اچي اوهان کي بچائيندو.</verse>
				<verse number="5">تڏهن انڌن جون اکيون کلنديون، ۽ ٻوڙن جا ڪن کوليا ويندا.</verse>
				<verse number="6">تڏهن منڊو ماڻهو هرڻ وانگي ٽپندو، ۽ گونگي جي زبان ڳائڻ لڳندي: ڇالاءِ جو بيابان ۾ پاڻي، ۽ رڻ پٽ ۾ چشما ڦاٽي نڪرندا.</verse>
				<verse number="7">۽ رڃ بدلجي ڍنڍ ٿي پوندي، ۽ اُڃايل زمين پاڻيءَ جا چشما ٿيندي، ۽ گدڙن جي سمهڻ جي جاءِ ۾ گاهہ سان گڏ ڪانا ۽ ڪنگور اُڀرندا.</verse>
				<verse number="8">اُتي هڪڙو شاهي رستو جاري ٿيندو، هڪڙو رستو جو پاڪيزگيءَ جو رستو سڏجڻ ۾ ايندو؛ ڪوبہ ناپاڪ انهيءَ تان نہ لنگهندو؛ پر اهو انهن مسافرن جي لاءِ ٿيندو، هائو، بي عقل بہ انهي تي نہ ڀلبا.</verse>
				<verse number="9">اتي شينهن ڪونہ هوندو ۽ نہ ڪو ڦاڙيندڙ جانور انهيءَ تي چڙهي ويندو، اهي اتي نہ لڀندا؛ پر جيڪي ڇڏايا ويا آهن سي اتي هلندا.</verse>
				<verse number="10">خداوند جا خريد ڪيل موٽندا، ۽ ڳائيندا صيون ۾ ايندا: ۽ انهن جي مٿن تي هميشہ جي خوشي هوندي: اهي خوشي ۽ سرهائي حاصل ڪندا، ۽ غم ۽ ماتم ڪونہ رهندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="36">
				<verse number="1">هاڻي حزقياہ بادشاهہ جي حڪومت جي چوڏهين ورهيہ ۾ هيئن ٿيو، تہ اسور جو بادشاهہ سنحيرب، يهوداهہ جي سڀني قلعي وارن شهرن تي چڙهي آيو ۽ اهي ورتائين.</verse>
				<verse number="2">۽ اسور جي بادشاهہ، ربشاقيءَ کي لڪيس مان هڪڙي وڏي لشڪر سان، حزقياہ بادشاهہ وٽ يروشلم ڏانهن موڪليو، ۽ هو ميٽ جي کاڻ واري شاهي رستي تي مٿئين تلاءَ جي موريءَ وٽ اچي بيٺو.</verse>
				<verse number="3">تڏهن خلقياہ جو پٽ الياقم، جو گهر جي ڪم ڪار تي مقرر هو، ۽ شبناہ منشي، ۽ آسف جو پٽ يوآخ، جو دفتردار هو، سي نڪري وٽس آيا.</verse>
				<verse number="4">۽ ربشاقيءَ هنن کي چيو تہ هاڻي اوهين حزقياہ کي هيئن چئو، تہ شاهہ عظيم، يعني اسور جو بادشاهہ ٿو چوي تہ تون ڪهڙي اميد تي ڀروسو ٿو رکين؟</verse>
				<verse number="5">آءٌ چوان ٿو تہ تنهنجي مشورت ۽ جنگ جي طاقت سڀ وات جون ڳالهيون آهن: آخر ڪنهن جي ڀروسي تي تو مون سان فساد ڪيو آهي؟</verse>
				<verse number="6">ڏس، تون انهي چٿيل ڪانهي جي لٺ تي، يعني مصر تي ڀروسو ٿو ڪرين، جنهن تي جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٽيڪ ڏئي تہ سندس هٿ ۾ گهڙي ونڌي ڇڏيس: مصر جو بادشاهہ فرعون بہ انهن سڀني لاءِ هڪ اهڙو آهي، جي مٿس ڀروسو ٿا رکن.</verse>
				<verse number="7">پر جيڪڏهن تون مون کي چوندين تہ اسين خداوند پنهنجي خدا تي ڀروسو ٿا رکون، تہ هو اهو ناهي ڇا جنهن جا مٿانهان مڪان ۽ قربانگاهون حزقياہ ڊاهي ڇڏيون آهن، ۽ يهوداہ ۽ يروشلم کي چيو اٿس تہ اوهين هن ٻئي قربانگاهہ جي اڳيان سجدو ڪريو؟</verse>
				<verse number="8">تنهن ڪري هاڻي آءٌ توکي چوان ٿو تہ تون منهنجي مالڪ اسور جي بادشاهہ سان شرط ٻڌ، آءٌ توکي ٻہ هزار گهوڙا ڏيان ٿو، ۽ تون پنهنجي طرفان انهن تي سوار چاڙهي ڏيکار.</verse>
				<verse number="9">تڏهن ڪهڙيءَ طرح تون گاڏين ۽ گهوڙيسوارن لاءِ مصر تي ڀروسو رکي منهنجي مالڪ جي معمولي نوڪرن مان هڪڙي سردار جو منهن ڦيرائي سگهندين.</verse>
				<verse number="10">هاڻي بہ آءٌ خداوند جي چوڻ کان سواءِ هن ملڪ کي برباد ڪرڻ لاءِ مٿس چڙهي آيو آهيان ڇا؟ خداوند مون کي چيو تہ هن ملڪ تي چڙهي وڃ ۽ انهي کي برباد ڪر.</verse>
				<verse number="11">تڏهن الياقيم، ۽ شبناہ، ۽ يوآخ، ربشاقيءَ کي چيو تہ مهرباني ڪري پنهنجن ٻانهن سان ارامي ٻوليءَ ۾ ڳالهاءِ، ڇالاءِ جو اسين اها سمجهون ٿا: پر جيڪي ماڻهو ڀت تي ويٺا آهن، تن جي ٻڌندين، اسان سان يهودين جي ٻوليءَ ۾ نہ ڳالهاءِ.</verse>
				<verse number="12">پر ربشاقيءَ چيو تہ منهنجي مالڪ مون کي هي ڳالهيون چوڻ لاءِ فقط تنهنجي مالڪ ڏانهن ۽ تو ڏانهن موڪليو آهي ڇا؟ هن مون کي هنن ماڻهن ڏانهن ڪونہ موڪليو آهي ڇا؛ جي ڀت تي ويٺا آهن، تہ هو تو سان گڏ پنهنجو گونهن کائين، ۽ پنهنجو پيشاب پيئن.</verse>
				<verse number="13">پوءِ ربشاقي اُٿي بيٺو، ۽ يهودين جي ٻوليءَ ۾ وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ، اوهين شاهہ عظيم، اسور جي بادشاهہ جون ڳالهيون ٻڌو.</verse>
				<verse number="14">بادشاهہ هيئن ٿو فرمائي تہ، حزقياہ کان ٺڳجي نہ وڃو؛ ڇالاءِ جو هو اوهان کي ڇڏائي نہ سگهندو.</verse>
				<verse number="15">نڪي حزقياہ جي چوڻ تي خداوند تي ڀروسو رکو، تہ خداوند اسان کي ضرور ڇڏائيندو، ۽ هي شهر اسور جي بادشاهہ جي حوالي نہ ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="16">حزقياہ جو چوڻ نہ ٻڌو، ڇو جو اسور جو بادشاهہ هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين مون سان صلح ڪريو ۽ مون ڏانهن هليا اچو؛ ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي ڊاک ۽ پنهنجي انجير جي وڻ جو ميوو کائي، ۽ هرڪو پنهنجي حوض جو پاڻي پيئي:</verse>
				<verse number="17">جيسين ڪہ آءٌ اچي اوهان کي انهي ملڪ ۾ وٺي وڃان جو اوهان جي ملڪ وانگي اَن ۽ شراب جو ملڪ، ۽ مانيءَ ۽ ڊاک جو ملڪ آهي.</verse>
				<verse number="18">سنڀالجو، متان حزقياہ هيئن چئي اوهان کي ٺڳي تہ خداوند اسان کي ڇڏائيندو. غير قومن جي معبودن مان ڪنهن بہ پنهنجو ملڪ اسور جي بادشاهہ جي هٿان ڇڏايو آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="19">حمات ۽ ارفاد جا معبود ڪٿي آهن؟ سفرائيم جو معبود ڪٿي آهي؟ انهن سامريہ کي منهنجي هٿان ڇڏايو آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="20">هنن ملڪن جي سڀني معبودن مان ڪهڙن پنهنجو ملڪ منهنجي هٿان ڇڏايو آهي جو خداوند يروشلم کي منهنجي هٿان ڇڏائيندو.</verse>
				<verse number="21">پر هو ماٺ ڪري بيٺا، ۽ جواب ۾ هڪڙو اکر بہ نہ ڪُڇيائون: ڇالاءِ جو بادشاهہ جو حڪم هو تہ هن کي جواب نہ ڏجو.</verse>
				<verse number="22">تنهن کان پوءِ خلقياہ جو پٽ الياقيم، جو گهر جي ڪم ڪار تي مقرر هو، ۽ شبناہ منشي، ۽ آسف جو پٽ يوآخ، جو دفتردار هو، سي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي حزقياہ وٽ آيا، ۽ ربشاقيءَ جون ڳالهيون ٻڌايائونس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="37">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن حزقياہ بادشاهہ اها خبر ٻڌي، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ کٿو ڍڪي خداوند جي گهر ۾ ويو،</verse>
				<verse number="2">۽ محلات جي ناظر الياقيم، ۽ شبناہ منشيءَ، ۽ ڪاهنن جي بزرگن کي کٿا ڍڪائي، آموص جي پٽ يسعياہ نبيءَ ڏانهن موڪليائين.</verse>
				<verse number="3">۽ انهن هن کي چيو تہ حزقياہ هيئن ٿو فرمائي تہ اڄوڪو ڏينهن مصيبت، ۽ ملامت، ۽ نفرت جو ڏينهن آهي؛ ڇالاءِ جو ٻار ڄمڻ تي آهن، پر ڄڻڻ جي طاقت ڪانهي.</verse>
				<verse number="4">شايد خداوند تنهنجو خدا ربشاقيءَ جون ڳالهيون ٻڌي، جنهن کي سندس مالڪ اسور جي بادشاهہ، جيئري خدا جي گلا ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي، ۽ جيڪي ڳالهيون خداوند تنهنجي خدا ٻڌايون آهن، تن لاءِ هو ملامت ڪري: تنهن ڪري جيڪي باقي بچيا آهن، تن لاءِ تون دعا گهر.</verse>
				<verse number="5">تڏهن حزقياہ بادشاهہ جا ملازم يسعياہ وٽ آيا.</verse>
				<verse number="6">۽ يسعياہ انهن کي چيو تہ اوهين پنهنجي مالڪ کي چئجو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي ڳالهيون تو ٻڌيون آهن، ۽ جن سان اسور جي بادشاهہ جي نوڪرن مون لاءِ ڪفر بڪيو آهي، تن کان تون متان ڊڄين.</verse>
				<verse number="7">ڏس، آءٌ هن ۾ هڪڙو روح وجهندس، ۽ هو هڪڙي افواہ ٻڌي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويندو؛ ۽ آءٌ هن کي سندس ملڪ ۾ ترار سان مارائي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="8">تڏهن ربشاقي موٽي ويو، ۽ اسور جي بادشاهہ کي لبناہ سان وڙهندو ڏٺائين: ڇالاءِ جو هن ٻڌو هو تہ هو لڪيس مان هليو ويو آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ هن حبش جي بادشاهہ ترهاقہ بابت ٻڌو تہ هو وڙهڻ لاءِ آيو آهي. ۽ جڏهن اها خبر ٻڌائين، تڏهن قاصدن جي هٿان حزقياہ ڏانهن چوائي موڪليائين، تہ</verse>
				<verse number="10">اوهين يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ کي هيئن چئجو تہ، تنهنجو خدا جنهن تي تنهنجو ڀروسو آهي تنهن کان متان ٺڳجين، جو چوي ٿو تہ يروشلم اسور جي بادشاهہ جي هٿ ۾ نہ ڏنو ويندو.</verse>
				<verse number="11">ڏس، تو ٻڌو آهي تہ اسور جي بادشاهن سڀني ملڪن کي بلڪل برباد ڪري انهن جو ڪهڙو حال ڪيو آهي: سو تون ڪو ڇڏايو ويندين ڇا؟</verse>
				<verse number="12">جن قومن کي منهنجي ابن ڏاڏن برباد ڪيو آهي، يعني جوزان، حاران، رصف، ۽ بني عدن، جي تلسار ۾ هئا، تن کي ڪو انهن جي معبودن ڇڏايو آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="13">حمات جو بادشاهہ، ۽ ارفاد جو بادشاهہ، سفروائيم شهر جو بادشاهہ، ۽ هينع ۽ عواہ جا بادشاهہ ڪٿي آهن؟</verse>
				<verse number="14">۽ حزقياہ قاصدن جي هٿان اُهو خط ورتو ۽ پڙهيائين: ۽ حزقياہ خداوند جي گهر ۾ وڃي، اهو خداوند جي اڳيان کولي رکيو.</verse>
				<verse number="15">۽ حزقياہ خداوند کان دعا گهري، ۽ چيائين تہ</verse>
				<verse number="16">اي لشڪرن جا خداوند، اسرائيل جا خدا، تون جو ڪروبين تي ويٺو آهين؛ تون ئي اڪيلو زمين جي سڀني بادشاهن جو خدا آهين؛ تو زمين ۽ آسمان جوڙيا آهن.</verse>
				<verse number="17">اي خداوند، پنهنجو ڪن ڏيئي ٻڌ، اي خداوند پنهنجون اکيون کولي ڏس، ۽ سنحيرب جون هي سڀيئي ڳالهيون جي هن جيئري خداوند جي ملامت ڪرڻ لاءِ چوائي موڪليون آهن سي ٻڌ.</verse>
				<verse number="18">اي خداوند، حقيقت ڪري اسور جي بادشاهن سڀني قومن ۽ انهن جي ملڪ کي ويران ڪري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="19">۽ انهن جي معبودن کي باهہ ۾ اُڇلايو اٿن: ڇالاءِ جو اُهي خدا نہ هئا، پر ماڻهن جي هٿ جي ڪاريگري، ۽ ڪاٺ، ۽ پهڻ هئا؛ تنهن ڪري هنن انهن کي برباد ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="20">تنهن ڪري هاڻي اي خداوند اسان جا خدا، تون اسان کي هن جي هٿ کان بچاءِ، تہ زمين جون سڀ بادشاهتون ڄاڻن، تہ رڳو تون ئي اڪيلو خداوند آهين.</verse>
				<verse number="21">تڏهن آموص جي پٽ يسعياہ، حزقياہ ڏانهن چوائي موڪليو، تہ خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن تو اسور جي بادشاهہ سنحيرب جي برخلاف دعا گهري آهي،</verse>
				<verse number="22">تڏهن خداوند انهي جي بابت هيئن ٿو فرمائي: تہ صيون جي ڪنواري ڌيءَ تنهنجي حقارت ڪئي آهي ۽ توتي کل ٺٺولي ڪئي اٿس؛ يروشلم جي ڌيءَ توتي پنهنجو مٿو لوڏيو آهي.</verse>
				<verse number="23">تو ڪنهن جي ملامت ڪئي آهي، ۽ ڪنهن جي بابت ڪفر بڪيو اٿيئي؟ تو ڪنهن جي برخلاف پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي، ۽ پنهنجون اکيون مٿي کنيون اٿيئي؟ اسرائيل جي قدوس جي برخلاف!</verse>
				<verse number="24">تو پنهنجن نوڪرن جي هٿان خدا جي ملامت ڪئي آهي، ۽ چيو اٿيئي تہ آءٌ پنهنجين گهڻين جنگي گاڏين سان جبلن جي چوٽيءَ تي، لبنان جي تمام اندرين ڀاڱن ۾ آيو آهيان؛ آءٌ هن جا ڊگها ديودار ۽ عمدا صنوبر جا وڻ وڍي ڇڏيندس: ۽ آءٌ هن جي ڏورانهين چوٽيءَ تي ۽ هن جي آباد ٻنيءَ ۾ گهڙندس.</verse>
				<verse number="25">مون کوٽيو آهي ۽ پاڻي پيتو اٿم، ۽ آءٌ پنهنجن پيرن جي ترين سان مصر جون سڀ نديون سڪائي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="26">تو ٻڌو نہ آهي ڇا تہ اڳوڻي وقت ۾ مون ڇا ڪيو، ۽ قديم زماني ۾ انهي جي رٿ ڪري ڇڏي اٿم؟ هاڻي مون اها پوري ڪئي آهي، تہ تون ڪوٽ وارن شهرن کي ڦٽائي ويرانيءَ جا ڍڳ ڪرين.</verse>
				<verse number="27">تنهن ڪري انهن جا رهاڪو ڪمزور ٿيا، اهي ڊڄي ۽ منجهي ويا؛ جهنگ جي گاهہ جهڙا، ۽ ساون ٻوٽن جهڙا، ۽ ڇتين تي بيٺل گاهہ جهڙا، ۽ اُڀرڻ کان اڳي (ڪومايل) پوک جهڙا ٿيا.</verse>
				<verse number="28">پر مون کي تنهنجي ويهڻ، ۽ تنهنجي اچڻ وڃڻ، ۽ مون تي ڪاوڙجڻ جي خبر آهي.</verse>
				<verse number="29">تون مون تي ڪاوڙيو آهين، ۽ تنهنجي بي ادبي منهنجن ڪنن تائين پهتي آهي؛ تنهنڪري آءٌ پنهنجو ڪنڍو تنهنجي نڪ ۾ وجهندس، ۽ پنهنجو لغام تنهنجي وات ۾ وجهندس، ۽ جنهن رستي تون آيو آهين تنهن رستي توکي پٺ تي موٽائيندس.</verse>
				<verse number="30">۽ تو لاءِ هيءَ نشاني ٿيندي، تہ هن سال اوهين اهو کائيندا، جو پاڻيهي اُڀرندو، ۽ ٻئي سال اهو کائيندا جو انهي جي پاڙ مان ڦٽندو، ٽئين سال اوهين پوکجو ۽ لڻجو؛ ڊاک جا منهہ ٺاهجو ۽ انجو ميوو کائجو.</verse>
				<verse number="31">۽ يهوداہ جي گهراڻي مان جيڪي باقي بچندا سي وري هيٺ پاڙ هڻندا ۽ مٿي ڦر جهليندا.</verse>
				<verse number="32">ڇالاءِ جو باقي بچيل يروشلم مان ۽ ڇٽي ڀڳل صيون جبل مان ايندا، ۽ خداوند جي غيرت جي وسيلي ائين ٿيندو.</verse>
				<verse number="33">سو خداوند اسور جي بادشاهہ بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ هو هن شهر ۾ ڪين ايندو، نڪي هن تي تير هڻندو، نڪي ڍال کڻي هنجي اڳيان ايندو، نڪي هن جي سامهون ڪو بند ٻڌندو.</verse>
				<verse number="34">جنهن رستي کان هو آيو هوندو تنهن ساڳئي رستي کان هو موٽي ويندو، ۽ هن شهر ۾ هو ڪين ايندو، خداوند ائين ٿو فرمائي.</verse>
				<verse number="35">ڇالاءِ جو آءٌ خود پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر هن شهر جي حفاظت ڪري هن کي بچائيندس.</verse>
				<verse number="36">۽ خداوند جي فرشتي اسورين جي لشڪر گاهہ ۾ وڃي هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهو ماريا ۽ جڏهن صبح جو سوير ماڻهو اُٿيا، تڏهن ڏسن تہ سڀيئي مئا مڙهہ ٿيا پيا آهن.</verse>
				<verse number="37">تنهن ڪري اسورين جو بادشاهہ سنحيرب ڪوچ ڪري موٽي ويو، ۽ نينوہ ۾ وڃي رهيو.</verse>
				<verse number="38">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن پنهنجي معبود نسروڪ جي مندر ۾ پوڄا پئي ڪئي، تڏهن سندس پٽن ادرملڪ ۽ شراضر کيس ترار سان قتل ڪري ڇڏيو: ۽ پاڻ اراراط جي ملڪ ۾ ڀڄي ويا. پوءِ هن جو پٽ اسرحدون سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="38">
				<verse number="1">انهن ڏينهن ۾ حزقياہ اهڙو بيمار ٿي پيو جو مرڻ جي ڪنڌيءَ تي اچي پهتو. ۽ آموص جو پٽ يسعياہ نبي وٽس آيو ۽ چيائينس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تون پنهنجي گهراڻي جو پورو بندوبست ڪر؛ ڇالاءِ جو تون جيئرو ڪين رهندين، پر مري ويندين.</verse>
				<verse number="2">تڏهن حزقياہ پنهنجو منهن ڀت ڏانهن ڦيرائي خداوند کان دعا گهرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="3">۽ چيائين تہ اي خداوند آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هاڻي ياد ڪر تہ ڪيئن نہ آءٌ تنهنجي حضور ۾ سچائيءَ ۽ سالم دل سان هليو آهيان، ۽ جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱو هو سو ڪيو اٿم. پوءِ حزقياہ زار زار رئڻ لڳو.</verse>
				<verse number="4">تڏهن خداوند جو ڪلام يسعياہ تي نازل ٿيو، ۽ چيائينس</verse>
				<verse number="5">تہ وڃي حزقياہ کي چئُہ تہ خداوند تنهنجي پيءُ دائود جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي، ۽ تنهنجا لڙڪ ڏٺا اٿم: ڏس، آءٌ تنهنجي عمر پندرهن ورهيہ وڌائيندس.</verse>
				<verse number="6">۽ آءٌ توکي، ۽ هن شهر کي، اسور جي بادشاهہ جي هٿان ڇڏائيندس: ۽ هن شهر کي بچائيندس.</verse>
				<verse number="7">۽ جيڪا هيءَ ڳالهہ خداوند فرمائي آهي سا پوري ڪندو تنهنجي خداوند وٽان تو لاءِ هيءَ نشاني ٿيندي:</verse>
				<verse number="8">ڏس، آءٌ آخز جي ڌوپ گهڙيءَ تي جيڪو سج جو پاڇو هيٺ لهي ويو آهي، تنهن کي ڏهہ درجا پٺتي موٽائيندس. سو ڌوپ گهڙيءَ تي جيڪو سج جو پاڇو هيٺ لهي ويو هو، سو ڏهہ درجا پٺتي موٽي ويو.</verse>
				<verse number="9">يهوداهہ جو بادشاهہ حزقياہ جڏهن بيمار هو ۽ وري بيماريءَ کان ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو، تڏهن هي لکيائين:</verse>
				<verse number="10">مون چيو تہ آءٌ پنهنجيءَ حياتي جي اڌ ۾ ئي قبر جي دروازن ۾ داخل ٿيندس: منهنجا باقي رهيل ورهيہ مون کان کسيا ويا آهن.</verse>
				<verse number="11">مون چيو تہ آءٌ خداوند کي نہ ڏسندس، يعني جيئرن جي زمين ۾ خداوند کي نہ ڏسندس: آءٌ دنيا جي رهاڪن ۽ انسان کي وري نہ ڏسندس.</verse>
				<verse number="12">منهنجي عمر ڌنار جي تنبوءَ وانگر ڊاهي پري ڪئي وئي آهي: مون ڪوريءَ وانگي پنهنجي حياتي ويڙهي ڇڏي آهي؛ ۽ هو مون کي آڏاڻي تان وڍي ڇڏيندو: هڪڙي ڏينهن ۽ رات جي اندر تون مون کي پورو ڪري ڇڏيندين.</verse>
				<verse number="13">آءٌ صبح تائين ماٺ ڪري ويٺس؛ هو شينهن وانگي منهنجا سڀ هڏ گڏ ڀڃي ٿو وجهي: هڪڙي ڏينهن ۽ رات جي اندر تون مون کي پورو ڪري ڇڏيندين.</verse>
				<verse number="14">ابابيل يا ڪنگ وانگي مون ٻوليون ڪيون؛ ڳيري وانگيان مون اوساريو: منهنجون اکيون مٿي نهاري نهاري ساڻيون ٿيون ٿين: اي خداوند آءٌ ستايل آهيان، تون منهنجو ضامن ٿيءُ.</verse>
				<verse number="15">آءٌ ڇا چوان؟ هن مون سان ڳالهايو بہ آهي ۽ پاڻ ائين بہ ڪيو اٿس: آءٌ پنهنجي روح جي ڪَڙائيءَ جي ڪري، پنهنجيءَ عمر جا باقي ورهيہ خبرداريءَ سان گذاريندس.</verse>
				<verse number="16">اي خداوند، انهن ڳالهين ڪري ماڻهو جيئرا ٿا رهن، ۽ منهنجي روح جي حياتي سموري انهن ۾ آهي: تنهن ڪري تون ئي مون کي چڱو ڀلو ڪر ۽ مون کي جيئرو رک.</verse>
				<verse number="17">ڏس، منهنجي سلامتيءَ جي لاءِ مون ايتري تڪليف سٺي: پر منهنجي روح سان محبت هئڻ جي ڪري، تو انهيءَ کي خرابيءَ جي کڏ کان ڇڏايو آهي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجا سڀ گناهہ پنهنجي پٺيان اُڇلائي ڇڏيا آهن.</verse>
				<verse number="18">قبر تنهنجي تعريف نٿي ڪري سگهي، نڪي موت تنهنجي واکاڻ ڪري ٿو سگهي: جيڪي قبر ۾ ٿا لهن سي تنهنجي سچائيءَ جي اميد رکي نٿا سگهن.</verse>
				<verse number="19">جيئرا، هائو جيئرا ئي تنهنجي تعريف ڪندا، جيئن آءٌ اڄ ڪري رهيو آهيان: پيءُ پنهنجي اولاد کي تنهنجي سچائيءَ جي خبر ڏيندو.</verse>
				<verse number="20">خداوند مون کي بچائڻ لاءِ تيار آهي: تنهن ڪري اسين ساري عمر خداوند جي گهر ۾، تار وارن سازن تي پنهنجا راڳ ڳائينداسين.</verse>
				<verse number="21">هاڻي يسعياہ چيو هو تہ انجير جي ٽڪي ٺاهي ڦرڙيءَ تي ليپ وانگي ٻڌن تہ هو ڇٽي پوندو.</verse>
				<verse number="22">حزقياہ ائين بہ چيو هو تہ آءٌ خداوند جي گهر ۾ ويندس انهي جي ڪهڙي نشاني آهي؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="39">
				<verse number="1">انهي وقت بابل جي بادشاهہ مرودڪ بلدان بن بلدان، حزقياہ ڏانهن تحفو ۽ ڪي خط موڪليا: ڇالاءِ جو هن ٻڌو هو تہ هو بيمار هو، ۽ هاڻي ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="2">۽ حزقياہ انهن جي اچڻ ڪري ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ انهن کي پنهنجا خزانا، يعني چاندي، ۽ سون، ۽ مصالحہ ۽ قيمتي تيل، ۽ پنهنجن هٿيارن جو سڄو گهر، ۽ جيڪي بہ سندس خزانن ۾ موجود هو سو سڀ ڏيکاريائين: سندس گهر ۾ اهڙي ڪابہ شيءِ ڪانہ هئي جا حزقياہ هنن کي نہ ڏيکاري.</verse>
				<verse number="3">تڏهن يسعياہ نبي حزقياہ بادشاهہ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ هنن ماڻهن ڇا چيو، ۽ اهي تو وٽ ڪٿان آيا هئا؟ حزقياہ چيو تہ اهي هڪڙي ڏورانهين ملڪ يعني بابل مان مون وٽ آيا هئا.</verse>
				<verse number="4">تڏهن هن پڇيو تہ هنن تنهنجي گهر ۾ ڇا ڇا ڏٺو؟ حزقياہ جواب ڏنو تہ جيڪي منهنجي گهر ۾ آهي، سو سڀ هنن ڏٺو آهي: منهنجي خزانن ۾ اهڙي ڪابہ شيءِ ڪانهي، جا مون هنن کي نہ ڏيکاري آهي.</verse>
				<verse number="5">تڏهن يسعياہ حزقياہ کي چيو تہ لشڪرن جي خداوند جو ڪلام ٻڌ.</verse>
				<verse number="6">ڏس، اهي ڏينهن اچن ٿا، جڏهن جيڪي تنهنجي گهر ۾ آهي، ۽ جيڪي تنهنجي ابن ڏاڏن اڄ تائين گڏ ڪري رکيو آهي، سو بابل ڏانهن کڄي ويندو: خداوند فرمائي ٿو تہ ڪجهہ بہ ڇڏيو نہ ويندو.</verse>
				<verse number="7">۽ جيڪي پٽ تو مان پيدا ٿيندا، ۽ جن کي تون ڄڻندين، تن مان بہ ڪيترائي هو پاڻ سان وٺي ويندا؛ ۽ اهي بابل جي بادشاهہ جي محلات ۾ ناظر ٿيندا.</verse>
				<verse number="8">تنهن تي حزقياہ يسعياہ کي چيو تہ خداوند جو ڪلام جيڪو تو ٻڌايو آهي سو چڱو آهي. هن وڌيڪ هي بہ چيو تہ منهنجن ڏينهن ۾ صلح ۽ سچائي قائم رهندي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="40">
				<verse number="1">اوهان جو خداوند فرمائي ٿو تہ تسلي ڏيو، منهنجي اُمت کي تسلي ڏيو.</verse>
				<verse number="2">اوهين يروشلم سان تسلي سان ڳالهايو، ۽ انهي کي پڪاري چئو تہ سندس جنگ پوري ٿي، ۽ سندس بڇڙائيءَ جي معافي ملي آهي؛ انهي کي خداوند جي هٿان سندس سڀني گناهن جو ٻيڻو بدلو مليو آهي.</verse>
				<verse number="3">هڪڙي پڪارڻ واري جو آواز آهي، تہ اوهين بيابان ۾ خداوند جو رستو تيار ڪريو.</verse>
				<verse number="4">هرڪا ماٿري بلند ٿيندي، ۽ هرڪو جبل ۽ ٽڪري هيٺانهين ڪئي ويندي؛ ۽ ڏنگو سنئون ڪيو ويندو، ۽ کڏون کوٻا سڌا ڪيا ويندا.</verse>
				<verse number="5">۽ خداوند جو جلال ظاهر ٿيندو، ۽ سڀيئي ماڻهو انهي کي گڏ ڏسندا: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي واتان ائين فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="6">هڪڙي جي آواز چيو تہ پڪار، ۽ ٻئي چيو تہ ڇا پڪاريان؟ سڀ ماڻهو گاهہ وانگر آهن، ۽ انهن جي سڀ سونهن ميدان جي گاهہ وانگيان آهي.</verse>
				<verse number="7">گاهہ سڪي وڃي ٿو، ۽ گل ڪومائجي ٿو؛ ڇالاءِ جو خداوند جو واءُ انهي کي لڳي ٿو: يقيناً اُمت گاهہ وانگر آهي.</verse>
				<verse number="8">گاهہ سڪي وڃي ٿو، گل ڪومائجي ٿو: پر اسان جي خدا جو ڪلام هميشہ تائين رهندو.</verse>
				<verse number="9">اڙي تون جو صيون کي خوشخبري ٻڌائين ٿو، مٿانهين جبل تي چڙهي وڃ؛ اڙي تون جو يروشلم کي خوشخبري ٻڌائين ٿو، زور سان پنهنجو آواز بلند ڪر؛ اهو بلند ڪر، ڊڄ نہ، يهوداہ جي شهرن کي چئُہ تہ ڏسو اوهان جو خدا!</verse>
				<verse number="10">ڏسو، خداوند، خدا طاقت مند وانگي ايندو ۽ هن جي ٻانهن سندس لاءِ حڪم هلائيندي: ڏسو، هن جو انجام ساڻس آهي، ۽ هن جو عيوضو سندس اڳيان آهي.</verse>
				<verse number="11">هو پنهنجو ڌڻ ڌنار وانگي چاريندو، ۽ هو گهيٽن کي پنهنجين ٻانهن هيٺ گڏ ڪري پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي هلندو، ۽ جيڪي کير پيارين ٿيون تن کي آهستي آهستي وٺي ويندو.</verse>
				<verse number="12">ڪنهن سمنڊ کي پنهنجي ٻڪ سان ماپيو آهي، ۽ آسمان کي گرانٺ سان ماپيو آهي، ۽ زمين جي مٽي ماڻ سان مئي آهي، ۽ ڪنهن جبلن کي ترازيءَ ۾، ۽ ٽڪرين کي ساهميءَ ۾ توريو آهي؟</verse>
				<verse number="13">ڪنهن خداوند جي روح جي هدايت ڪئي آهي، يا ان جو مشير ٿي کيس تعليم ڏني آهي؟</verse>
				<verse number="14">ڪنهن کان هن صلاح ورتي، ۽ ڪنهن هن کي تعليم ڏني، ۽ انصاف جي واٽ ۽ علم سيکاريو، ۽ کيس سمجهہ جو رستو ڏيکاريو؟</verse>
				<verse number="15">ڏسو، قومون پاڻيءَ جي هڪڙي ڦڙي وانگي آهن، ۽ ساهميءَ جي سنهيءَ مٽي وانگيان شمار ٿيل آهن: ڏسو، هو ٻيٽن کي هڪڙي ذري وانگي ٿو کڻي.</verse>
				<verse number="16">لبنان ٻارڻ جي لاءِ پورو نہ آهي، نڪي انهي جا جانور سوختني قربانيءَ لاءِ پورا آهن.</verse>
				<verse number="17">سڀ قومون هن جي اڳيان ڪين جهڙيون آهن؛ اهي هن جي نظر ۾ ڪين کان بہ گهٽ، بلڪ بي بقا آهن.</verse>
				<verse number="18">سو اوهين ڪنهن سان خدا جي مشابهت ڪندا؟ يا ڪنهن سان هن جو مقابلو ڪندا؟</verse>
				<verse number="19">اُڪريل مورت تہ ڪاريگر پگهاري، ۽ سونارو انهي تي سون مڙهي ٿو، ۽ انهيءَ جي لاءِ چانديءَ جون زنجيرون پلٽي ٺاهي ٿو،</verse>
				<verse number="20">جن کي اهڙي قرباني پيش ڪرڻ جي وسعت ڪانهي سو اهڙو ڪو وڻ پسند ٿو ڪري جو سڙي ڪِنو نہ ٿئي؛ هو پنهنجي لاءِ اهڙو هوشيار ڪاريگر ٿو ڳولي جو اهڙي اُڪريل مورت جوڙي جا قائم رهي سگهي.</verse>
				<verse number="21">اوهين نٿا ڄاڻو ڇا؟ شروع کان وٺي اوهان کي چيو نہ ويو آهي ڇا؟ زمين جي شروع کان وٺي اوهان نہ سمجهيو آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="22">هي اهو ئي آهي جو زمين جي دائري تي ويٺو آهي، ۽ انهيءَ جا رهاڪو تڏين وانگي آهن؛ هو آسمان کي پردي وانگي تاڻي ٿو، ۽ رهڻ لاءِ تنبوءَ وانگي انهن کي پکيڙي ٿو،</verse>
				<verse number="23">هو شهزادن کي نابود ٿو ڪري؛ ۽ زمين جي حاڪمن کي فنا ڪري ٿو ڇڏي.</verse>
				<verse number="24">هائو، اهي ٿڏن وانگي نہ لڳايا ويا آهن؛ هائو، اهي نہ پوکيا ويا آهن؛ هائو، هنن جي ٿُڙ زمين ۾ پاڙ نہ هنئي آهي: تنهن کان سواءِ هو انهن تي ڦوڪي ٿو ۽ اهي ڪومائجي وڃن ٿا، ۽ واچوڙو انهن کي بهہ وانگي کڻي ٿو وڃي.</verse>
				<verse number="25">پاڪ خدا فرمائي ٿو تہ اوهين ڪنهن سان منهنجي مشابهت ڪندا جو آءٌ هن جي برابر ٿيان؟</verse>
				<verse number="26">پنهنجون اکيون مٿي کڻو ۽ ڏسو تہ هنن سڀني کي ڪنهن خلقيو آهي، ۽ ڪير انهن جي لشڪرن کي شمار ڪري آڻي ٿو: هو انهن سڀني کي نالي سان سڏي ٿو؛ هن جي قدرت جي عظمت ۽ سندس گهڻيءَ طاقت جي ڪري هڪڙو بہ گهٽ نٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="27">اي يعقوب تون ڇو ٿو چوين، ۽ اي اسرائيل تون ڇو اهڙي ڳالهہ ٿو ڪرين، تہ منهنجو رستو خداوند کان لڪل آهي، ۽ منهنجي عدالت منهنجي خدا کان لنگهي وئي آهي؟</verse>
				<verse number="28">توکي خبر ناهي ڇا؟ تو ٻڌو ناهي ڇا؟ تہ خداوند، خدا، جو هميشہ قائم آهي، ۽ ساري زمين جو خالق، سو ماندو نٿو ٿئي، نڪي ٿڪجي ٿو؛ هن جي سمجهہ پروڙڻ جي نہ آهي.</verse>
				<verse number="29">هو ماندن کي زور ڏئي ٿو؛ ۽ جنهن کي طاقت ڪانهي تنهن جي سگهہ وڌائي ٿو.</verse>
				<verse number="30">نوجوان ٿڪجي ماندا ٿي پوندا، ۽ جوان ماڻهو بلڪل ڪري پوندا:</verse>
				<verse number="31">پر جيڪي خداوند جا منتظر ٿا رهن، سي نئون زور حاصل ڪندا؛ اهي عقابن وانگي کنڀن سان چڙهندا؛ اهي ڊوڙندا ۽ ٿڪبا ڪين، اهي هلندا ۽ ماندا ڪين ٿيندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="41">
				<verse number="1">اي ٻيٽ، منهنجي اڳيان ماٺ ڪريو؛ ڀلي تہ اُمتون نئين سر زور حاصل ڪن: ڀلي تہ ويجهو اچي ڳالهائين؛ اچو تہ اسين بہ عدالت جي لاءِ گڏجي ويجها ٿيون.</verse>
				<verse number="2">ڪنهن اُڀرندي کان هڪڙي کي کڙو ڪيو آهي، جنهن کي هن راستبازيءَ سان پنهنجن قدمن ۾ سڏيو آهي؟ هو قومن کي هن جي حوالي ٿو ڪري، ۽ هن کي بادشاهن جي مٿان حاڪم ٿو ڪري: هو انهن کي مٽيءَ وانگي هن جي ترار جي، ۽ بهہ وانگي هن جي ڪمان جي حوالي ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="3">هو انهن جي پٺيان پوي ٿو، ۽ سلامتيءَ سان لنگهي وڃي ٿو؛ اهڙي رستي تان جتي اڳي پير ڪونہ رکيو هئائين.</verse>
				<verse number="4">ڪنهن اُهو ڪم ڪيو آهي، ۽ پيڙهين کي شروعات کان سڏيو آهي؟ مون خداوند، جو اول ۽ آخر آهيان، اهو مون ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="5">ٻيٽن ڏٺو ۽ اهي ڊنا؛ ۽ زمين جون سرحدون ڏڪي ويون: اهي ويجها آيا.</verse>
				<verse number="6">انهن مان هر ڪنهن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مدد ڪئي: ۽ هر ڪنهن پنهنجي ڀاءُ کي چيو تہ همت جهل.</verse>
				<verse number="7">انهيءَ طرح واڍي سوناري کي همتايو، ۽ جيڪو مترڪي سان لسو ٿو ڪري تنهن سنداڻ تي ڌڪ هڻندڙ کي همتايو، ۽ چيائين تہ ڳنڍ چڱو ٽاڪيل آهي: ۽ هن انهيءَ کي ڪلين سان سوگهو ڪيو تہ قابو رهي.</verse>
				<verse number="8">پر اي منهنجا بندا اسرائيل! اي منهنجا چونڊيل يعقوب! تون منهنجي دوست ابرهام جي نسل مان آهين.</verse>
				<verse number="9">مون توکي زمين جي سرحدن مان هٿ ڪيو آهي، ۽ انهيءَ جي ڪنڊن مان سڏيو اٿم، مون توکي چيو آهي تہ تون منهنجو بندو آهين، مون توکي چونڊيو آهي ۽ توکي رد ڪونہ ڪيو اٿم.</verse>
				<verse number="10">تون ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان؛ همت نہ هار ڇو تہ آءٌ تنهنجو خدا آهيان: آءٌ توکي طاقت بخشيندس؛ هائو آءٌ تنهنجي مدد ڪندس؛ هائو، آءٌ پنهنجي سچائيءَ جي ساڄي هٿ سان توکي سنڀالي وٺندس.</verse>
				<verse number="11">ڏس، جيڪي تو تي ڪاوڙيل آهن سي سڀ شرمندا ۽ بدنام ٿيندا: جيڪي تو سان وڙهن ٿا سي حقير ۽ تباهہ ٿيندا.</verse>
				<verse number="12">تون انهن کي ڳوليندين ۽ نہ لهندين، يعني جيڪي تو سان وڙهن ٿا: جيڪي تو سان جهيڙو ۽ جنگ ٿا ڪن، سي ڪين جهڙا، ۽ نابود ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو آءٌ خداوند، تنهنجو خدا، تنهنجو ساڄو هٿ جهلي توکي چوندس تہ ڊڄ نہ؛ آءٌ تنهنجي مدد ڪندس.</verse>
				<verse number="14">اي ڪينئين جهڙا يعقوب، ۽ اي اسرائيل جا رهاڪو، اوهين نہ ڊڄو؛ خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ تنهنجي مدد ڪندس، ۽ تنهنجو ڇڏائيندڙ اسرائيل جو پاڪ خدا آهي.</verse>
				<verse number="15">ڏس، آءٌ توکي هڪڙو نئون تکو ڳاهڻ جو ڏاندارو ڪندس ۽ تون جبلن کي ڳاهيندين، ۽ انهن کي ڪُٽي چور چور ڪندين، ۽ ٽڪرين کي تُهن جهڙو ڪندين.</verse>
				<verse number="16">تون انهن کي وائريندين، ۽ واءُ انهن کي کڻي ويندو، ۽ واچوڙو انهن کي پکيڙي ڇڏيندو: ۽ تون خداوند جي ڪري خوشي ڪندين، ۽ اسرائيل جي قدوس جي ڪري وڏائي ڪندين.</verse>
				<verse number="17">غريب ۽ محتاج پاڻي ڳولين ٿا پر اهو نٿو ملين، انهن جي زبان اُڃ جي ڪري خشڪ ٿي وئي آهي؛ آءٌ خداوند انهن کي ورندي ڏيندس، آءٌ اسرائيل جو خدا انهن کي ڇڏي نہ ڏيندس.</verse>
				<verse number="18">آءٌ اُگهاڙين ٽڪرين تي نديون وهائيندس، ۽ وادين جي وچ ۾ چشما کوليندس: آءٌ بيابان کي پاڻيءَ جي ڍنڍ، ۽ سڪيءَ زمين کي پاڻيءَ جون نهرون ڪندس.</verse>
				<verse number="19">آءٌ بيابان ۾ ديودار ۽ ٻٻر جا وڻ، ۽ ميندي ۽ زيتون جا وڻ لڳائيندس؛ آءٌ رڻ پٽ ۾ صنوبر جا وڻ، ديال ۽ سڌا سرو گڏي لڳائيندس.</verse>
				<verse number="20">تہ ڀلي اهي ڏسن، ۽ ڄاڻن، ۽ ويچار ڪن، ۽ گڏجي سمجهن تہ خداوند جي هٿ اهو ڪيو آهي، ۽ اسرائيل جي قدوس انهي کي پيدا ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="21">خداوند، يعقوب جو بادشاهہ، فرمائي ٿو تہ پنهنجي دعويٰ پيش ڪريو؛ ۽ پنهنجا مضبوط دليل آڻيو.</verse>
				<verse number="22">ڀلي تہ اُهي آڻي ظاهر ڪن ۽ اسان کي ٻڌائين تہ ڇا ڇا ٿيڻ وارو آهي: جيڪي ڳالهيون اڳي ٿيون آهن سي اسان کي ٻڌايو تہ اسين انهن تي غور ڪريون ۽ انهن جي پڇاڙي معلوم ڪريون؛ يا اسان کي ايندڙ وقت جون ڳالهيون ٻڌايو.</verse>
				<verse number="23">جيڪي ڳالهيون هن کان پوءِ ٿيڻ واريون آهن، سي اسان کي ٻڌايو، تہ پوءِ اسين ڄاڻون تہ اوهين خدا آهيو: هائو، چڱائي يا بڇڙائي ڪجهہ تہ ڪريو تہ اسين ڊڄون ۽ گڏجي اهي ڏسون.</verse>
				<verse number="24">ڏسو، اوهين ڪي ڪين آهيون ۽ اوهان جو ڪم بہ ڪي ڪين آهي: جيڪو اوهان کي پسند ٿو ڪري سو ڪراهت جهڙو آهي.</verse>
				<verse number="25">مون هڪڙي کي اُتر کان اُٿاريو آهي ۽ اهو اچي پهتو آهي؛ اهو جو سج جي اُڀرڻ واري هنڌان ٿو اچي ۽ منهنجو نالو وٺي ٿو پڪاري: ۽ اُهو حاڪمن جي مٿان ائين ٿو اچي، جيئن ڪو گچ تي اچي، ۽ جيئن ڪو ڪنڀر مٽيءَ کي لتاڙي.</verse>
				<verse number="26">ڪنهن شروع کان اهو ٻڌايو آهي تہ اسان کي انهي جي خبر پوي؟ ۽ ڪنهن وقت کان اڳي ظاهر ڪيو آهي تہ اسين چئون تہ اهو راستباز آهي؟ هائو ڪوبہ ڪونهي جو ٻڌائي، ڪوبہ ڪونهي جو ڏيکاري، هائو، ڪوبہ ڪونهي جو اوهان جون ڳالهيون ٻڌي.</verse>
				<verse number="27">مون ئي پهرين صيون کي چيو تہ ڏس، هن کي ڏس: آءٌ ئي يروشلم کي هڪڙو خوشخبري ڏيندڙ موڪليندس.</verse>
				<verse number="28">جڏهن آءٌ نهاريان ٿو، تڏهن ڪوبہ ماڻهو ڏسڻ ۾ نٿو اچي، انهن ۾ ڪوبہ صلاح ڏيڻ وارو ڪونهي جو جڏهن آءٌ هنن کان پڇان تڏهن ورنديءَ ۾ هڪڙو لفظ بہ ڳالهائي سگهي.</verse>
				<verse number="29">ڏس، هو سڀيئي، ۽ سندن ڪم فاني ۽ حقير آهن: هنن جون پلٽيل مورتون واءُ ۽ مونجهارو آهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="42">
				<verse number="1">ڏسو منهنجو بندو، جنهن کي آءٌ سنڀاليو اچان؛ منهنجو چونڊيل، جنهن مان منهنجي دل راضي آهي: مون پنهنجو روح انهيءَ تي نازل ڪيو آهي؛ هو قومن ۾ عدالت جاري ڪندو.</verse>
				<verse number="2">هو رڙ نہ ڪندو، نڪي هل ڪندو، نڪي هن جو آواز گهٽيءَ ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو.</verse>
				<verse number="3">ڦٿل ڪانو بہ هو ڪين ڀڃندو، ۽ دکيل سڻيءَ کي بہ هو ڪين وسائيندو: هو سچائيءَ سان عدالت جاري ڪندو.</verse>
				<verse number="4">جيسين ڪ هو زمين تي عدالت قائم نہ ڪندو، تيسين هو نڪي ٿڪبو، نڪي بي همت ٿيندو؛ ۽ ٻيٽ هن جي شريعت جو انتظار ڪندا.</verse>
				<verse number="5">خداوند خدا جنهن آسمان پيدا ڪيا ۽ انهن کي پکيڙيو آهي؛ جنهن زمين ۽ جيڪي منجهس نڪري ٿو سڀ پري پکيڙي ڇڏيو آهي؛ ۽ جيڪو انسان کي ساهہ، ۽ جيڪي ڌرتيءَ تي هلن چلن ٿا، تن کي روح ٿو ڏئي، سو فرمائي ٿو تہ،</verse>
				<verse number="6">مون خداوند توکي سچائيءَ سان سڏيو آهي، آءٌ تنهنجو هٿ جهليندس ۽ تنهنجي سنڀال ڪندس، ۽ توکي اُمت جي لاءِ عهد، ۽ قومن جي لاءِ سوجهرو ڪري ڏيندس؛</verse>
				<verse number="7">تہ تون انڌن جون اکيون کولين، قيدين کي قيد مان ڪڍين، ۽ جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺا آهن، تن کي قيد خاني مان ڪڍين.</verse>
				<verse number="8">آءٌ خداوند آهيان؛ اهو منهنجو نالو آهي: آءٌ پنهنجو جلال ڪنهن ٻئي کي ڪين ڏيندس، نڪي پنهنجي تعريف اُڪريل مورتن کي ڏيندس.</verse>
				<verse number="9">ڏسو، اڳوڻيون ڳالهيون اچي پوريون ٿيون آهن، ۽ آءٌ نيون ڳالهيون ظاهر ٿو ڪريان: اهي پوريون ٿين تنهن کان اڳ ۾ آءٌ اوهان کي انهن جي خبر ٿو ڏيان.</verse>
				<verse number="10">اوهين جي سمنڊ ڏانهن لهي ٿا وڃو ۽ جيڪي منجهس آهيو، اي ٻيٽ ۽ انهي جا رهاڪو، خداوند جي لاءِ نئون گيت ڳايو، ۽ زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين سندس تعريف ڳايو،</verse>
				<verse number="11">ڀلي تہ بيابان ۽ ان جا شهر، ۽ قيدار جا آباد ڪيل ڳوٺ پنهنجو آواز مٿي ڪن؛ ڀلي تہ سلع جا رهاڪو ڳائين، ۽ جبلن جي چوٽيءَ تان وڏي سڏ پڪارين.</verse>
				<verse number="12">ڀلي تہ اهي خداوند جو جلال ظاهر ڪن، ۽ ٻيٽن ۾ هن جي تعريف پڌري ڪن.</verse>
				<verse number="13">خداوند بهادر مرد وانگي نڪرندو، هو جنگي مرد وانگي غيرت پيدا ڪندو: هو رڙ ڪندو، هائو، هو وڏا سڏ ڪندو: هو پنهنجي دشمن تي غالب ٿيندو.</verse>
				<verse number="14">آءٌ گهڻو وقت ماٺ ڪري ويٺو آهيان؛ مون صبر ڪري پاڻ کي پئي روڪيو آهي: هاڻي آءٌ سورائتيءَ زال وانگي رڙيون ڪندس؛ آءٌ سهڪندس ۽ اُڀا ساهہ کڻندس.</verse>
				<verse number="15">آءٌ جبلن ۽ ٽڪرين کي ويران ڪندس، ۽ انهن جو سڀ گاهہ ٻوٽو سڪائي ڇڏيندس؛ آءٌ ندين کي ٻيٽ ڪندس، ۽ ڍنڍن کي سڪائي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="16">آءٌ انڌن کي انهيءَ رستي کان آڻيندس، جنهن جي انهن کي خبر ڪانهي؛ آءٌ کين انهن واٽن تان هلائيندس جن جي انهن کي سڌ ڪانهي: آءٌ انهن جي اڳيان اوندهہ کي سوجهرو ڪندس، ۽ ڏنگين جاين کي سنئون ڪندس، آءٌ اهي ڪم ڪندس، ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي نہ ڏيندس.</verse>
				<verse number="17">اهي جي اُڪريل مورتن تي ڀروسو ٿا رکن، ۽ جي پلٽيل مورتن کي چون ٿا تہ اوهين خدا آهيو، سي پٺ تي ڦيريا ويندا، ۽ اهي ڏاڍا شرمندا ٿيندا.</verse>
				<verse number="18">اوهين جي ٻوڙا آهيو سي ٻڌو: اوهين جي انڌا آهيو سي نظر ڪريو تہ ڏسو.</verse>
				<verse number="19">منهنجي بندي کان سواءِ ٻيو ڪير انڌو آهي؟ يا ڪير اهڙو ٻوڙو آهي، جهڙو منهنجو قاصد جنهن کي آءٌ موڪليان ٿو؟ جنهن جو مون سان صلح آهي تنهن جهڙو انڌو ٻيو ڪير آهي؟ ۽ خداوند جي بندي جهڙو ٻيو ڪير انڌو آهي؟</verse>
				<verse number="20">تنهنجي نظر گهڻين شين تي پوي ٿي پر اهي ڏسين نٿو؛ هن جا ڪن کليل آهن، پر هو ٻڌي نٿو.</verse>
				<verse number="21">خداوند کي اهو پسند آيو تہ پنهنجيءَ راستبازيءَ جي خاطر شريعت جو اقبال وڌائي ۽ انهيءَ کي سرفراز ڪري.</verse>
				<verse number="22">پر هيءَ اها اُمت آهي جا ڦرجي ۽ لٽجي ويئي آهي: اهي سڀ چرن ۾ ڦاٿل، ۽ قيد خانن ۾ بند ٿيل آهن: اهي شڪار ٿي ويا آهن ۽ ڪوبہ انهن کي نٿو ڇڏائي؛ اهي لٽجي ويا آهن ۽ ڪوبہ نٿو چوي تہ موٽائي ڏيون.</verse>
				<verse number="23">اوهان مان ڪير آهي جو انهيءَ ڏانهن ڪن ڏيندو؟ جو ايندڙ وقت بابت غور سان ٻڌندو؟</verse>
				<verse number="24">ڪنهن يعقوب کي لٽ جي لاءِ ڏنو ۽ اسرائيل کي ڦورن جي حوالي ڪيو؟ خداوند ائين نہ ڪيو ڇا؟ جنهن جو انسان گناهہ ڪيو آهي، ۽ جنهن جي رستن تي انهن هلڻ نہ گهريو، ۽ جنهن جي شريعت جي انهن تابعداري نہ ڪئي.</verse>
				<verse number="25">تنهن ڪري هن پنهنجيءَ ڪاوڙ جو جوش، ۽ جنگ جو زور انهيءَ تي ليٽائي وڌو؛ جنهن ڪري انهيءَ کي چوڌاري باهہ وڪوڙي وئي، تنهن هوندي بہ انهيءَ کي خبر ڪانہ پئي؛ باهہ ساڙي ڇڏيس تہ بہ هن اها ڳالهہ دل تي نہ رکي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="43">
				<verse number="1">پر هاڻي اي يعقوب، خداوند جنهن توکي پيدا ڪيو آهي، ۽ اسرائيل جنهن توکي جوڙيو آهي، سو هيئن ٿو فرمائي: تہ ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو مون تنهنجو عيوضو ڏنو آهي؛ مون تنهنجو نالو وٺي توکي سڏيو آهي، تون منهنجو آهين.</verse>
				<verse number="2">جڏهن تون پاڻيءَ مان لنگهندين تڏهن آءٌ تو سان هوندس؛ ۽ جڏهن ندين مان لنگهندين، تڏهن اهي توتي اُٿلي نہ پونديون: جڏهن تون باهہ مان لنگهندين، تڏهن نہ سڙندين؛ نڪي تو تي مچ ٻرندو.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، اسرائيل جو پاڪ خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ؛ مون تنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ مصر ڏنو آهي، ۽ ڪوش ۽ سبا تنهنجي لاءِ ڏنا اٿم.</verse>
				<verse number="4">جيئن ڪ تون منهنجي نظر ۾ قيمتي ۽ معزز آهين، ۽ مون توکي پيار ڪيو آهي؛ تنهن ڪري آءٌ تنهنجي بدلي ۾ ماڻهو ۽ تنهنجيءَ حياتيءَ جي عيوض امتون ڏيندس.</verse>
				<verse number="5">ڊڄ نہ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان: آءٌ تنهنجو نسل اُڀرندي کان آڻيندس، ۽ اُلهندي کان توکي گڏ ڪندس؛</verse>
				<verse number="6">آءٌ اُتر کي چوندس تہ ڇڏي ڏي؛ ۽ ڏکڻ کي چوندس تہ رکي نہ ڇڏ؛ منهنجا پٽ پري کان آڻ ۽ منهنجون ڌيئر زمين جي ڇيڙي کان.</verse>
				<verse number="7">جيڪو بہ منهنجي نالي سڏجي ٿو، ۽ جنهن کي مون پنهنجي جلال جي لاءِ پيدا ڪيو آهي؛ تنهن کي مون جوڙيو آهي؛ هائو، انهي کي مون بنايو آهي.</verse>
				<verse number="8">انهن انڌن ماڻهن کي ڪڍي ٻاهر آڻ جن کي اکيون آهن، ۽ انهن ٻوڙن کي جن کي ڪن آهن.</verse>
				<verse number="9">ڀلي تہ سڀ قومون گڏ ڪيون وڃن، ۽ اُمتون اچي گڏ ٿين: انهن مان ڪير اهو ٻڌائي سگهندو، ۽ اسان کي اڳوڻيون ڳالهيون ڏيکاري سگهندو: ڀلي تہ اهي پنهنجا شاهد آڻين، تہ اهي سچا ثابت ٿين: يا ڀلي تہ اهي ٻڌن، ۽ چون تہ اهو سچ آهي.</verse>
				<verse number="10">خداوند فرمائي ٿو تہ اوهين منهنجا شاهد آهيو، ۽ منهنجو بندو جنهن کي مون چونڊيو آهي: انهيءَ لاءِ تہ اوهين ڄاڻو ۽ مون تي ايمان آڻيو، ۽ سمجهو تہ آءٌ اهو آهيان: مون کان اڳي ڪوبہ خدا نہ ٿيو آهي، نڪي مون کان پوءِ ٿيڻو آهي.</verse>
				<verse number="11">آءٌ ئي فقط خداوند آهيان؛ ۽ مون کان سواءِ ڪوبہ نجات بخشيندڙ ڪونهي.</verse>
				<verse number="12">جڏهن اوهان ۾ ٻيو ڪوبہ ڌاريو معبود ڪونہ هو تڏهن مون بيان ڪيو، مون بچايو ۽ مون ڏيکاريو: تنهن ڪري خداوند فرمائي ٿو تہ اوهين منهنجا شاهد آهيو، ۽ آءٌ خدا آهيان.</verse>
				<verse number="13">هائو، جڏهن کان ڏينهن شروع ٿيو تڏهن کان آءٌ ئي آهيان؛ ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو منهنجي هٿان ڇڏائي سگهي: آءٌ ڪم ڪندس، ۽ ڪير آهي جو روڪيندو؟</verse>
				<verse number="14">خداوند اوهان جو نجات ڏيندڙ، اسرائيل جو پاڪ خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ اوهان جي خاطر مون بابل ڏانهن موڪليو آهي، ۽ انهن سڀني کي، يعني ڪسدين کي سندن خوشين جي جهازن تي چاڙهي ڀڄائي آڻيندس.</verse>
				<verse number="15">آءٌ خداوند اوهان جو پاڪ خدا، اسرائيل جو خالق ۽ اوهان جو بادشاهہ آهيان.</verse>
				<verse number="16">خداوند، جو سمنڊ ۾ رستو ۽ وڏن پاڻين ۾ واٽ ٿو جوڙي،</verse>
				<verse number="17">۽ جيڪو جنگي گاڏين ۽ گهوڙن، لشڪرن ۽ بهادرن کي ڪڍي ٿو اچي، سو هيئن ٿو فرمائي تہ اهي سڀ گڏ سمهندا، اهي نہ اُٿندا؛ اُهي معدوم ٿي ويا آهن، اهي سڻيءَ وانگي اُجهامي ويا آهن.</verse>
				<verse number="18">اوهين اڳوڻيون ڳالهيون ياد نہ ڪريو، نڪي قديم زماني جي ڳالهين تي غور ڪريو:</verse>
				<verse number="19">ڏسو، آءٌ هڪڙو نئون ڪم ڪندس؛ اهو هينئر ظاهر ٿيندو ڇا؛ اوهين انهي کان ناواقف رهندا؟ بلڪ آءٌ بيابان ۾ رستو ٺاهيندس، ۽ رڻ پٽ ۾ نديون وهائيندس.</verse>
				<verse number="20">جهنگلي جانور، گدڙ ۽ اٺ پکي بہ منهنجي عزت ڪندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي اُمت، پنهنجي چونڊيلن کي پيئڻ لاءِ بيابان ۾ پاڻي ۽ رڻ پٽ ۾ نديون ٿو ڏيان.</verse>
				<verse number="21">اها اُمت جا مون پنهنجي لاءِ جوڙي، تہ اُهي منهنجي تعريف ڪن.</verse>
				<verse number="22">انهي هوندي بہ اي يعقوب، تو مون کي نہ پڪاريو، بلڪ اي اسرائيل تون مون کان بيزار ٿي پيو آهيان.</verse>
				<verse number="23">تو پنهنجين سوختني قربانين لاءِ ننڍو چوپايو مال منهنجي حضور ۾ نہ آندو آهي؛ نڪي پنهنجين قربانين سان مون کي عزت ڏني اٿيئي. مون توکي نذرانن آڻڻ لاءِ لاچار ڪونہ ڪيو، نڪي لوبان ساڙڻ لاءِ توکي ٿڪايم.</verse>
				<verse number="24">تو منهنجي لاءِ پئسا خرچي لوبان ڪونہ ورتو، نڪي تو مون کي پنهنجي قربانيءَ جي چرٻيءَ سان ڍءُ ڪرايو: پر تو پنهنجن گناهن جو بار مون تي وڌو، ۽ پنهنجن ڏوهن سان مون کي ٿڪائي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="25">آءٌ هائو آءٌ، اهو آهيان جو پنهنجي خاطر تنهنجون خطائون مٽائي ٿو ڇڏيان؛ ۽ آءٌ تنهنجا گناهہ ياد نہ ڪندس.</verse>
				<verse number="26">مون کي ياد ڏيار؛ اچو تہ پاڻ ۾ بحث ڪريون: تون پنهنجو مقدمو بيان ڪر تہ تون سچو ثابت ٿين.</verse>
				<verse number="27">تنهنجي پهرئين پيءُ گناهہ ڪيو، ۽ تفسير ڪندڙن منهنجي برخلاف ڏوهہ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="28">تنهن ڪري آءٌ پاڪ مڪان جي سردارن کي ناپاڪ ڪندس، ۽ آءٌ يعقوب کي لعنت، ۽ اسرائيل کي ملامت ٺهرائيندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="44">
				<verse number="1">انهي هوندي بہ اي منهنجا بندا يعقوب؛ اي منهنجا چونڊيل اسرائيل، هاڻي ٻڌ:</verse>
				<verse number="2">جنهن خداوند توکي بنايو، ۽ ماءُ جي پيٽ کان ئي توکي جوڙيو، ۽ جو تنهنجي مدد ڪندو؛ سو هيئن ٿو فرمائي تہ اي منهنجا بندا يعقوب، اي منهنجا چونڊيل يسورون، ڊڄ نہ.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو آءٌ اُڃايل تي پاڻي هاريندس، ۽ سڪيءَ زمين تي نهرون وهائيندس: آءٌ تنهنجي نسل تي پنهنجو روح، ۽ تنهنجي اولاد تي پنهنجي برڪت نازل ڪندس.</verse>
				<verse number="4">اهي واهن جي ڪناري، گاهن ۾ لئين وانگر نڪرندا.</verse>
				<verse number="5">هڪڙو چوندو تہ آءٌ خداوند جو آهيان؛ ٻيو پاڻ کي يعقوب جي نالي سان سڏيندو؛ تہ ٻيو وري پنهنجي هٿ سان لکندو تہ آءٌ خداوند جي لاءِ آهيان، ۽ پاڻ کي اسرائيل جي نالي جو لقب ڏيندو.</verse>
				<verse number="6">خداوند، اسرائيل جو بادشاهہ، ۽ انهي جو نجات ڏيندڙ، لشڪرن جو خداوند، هيئن ٿو فرمائي: تہ آءٌ اول ۽ آخر آهيان؛ ۽ مون کان سواءِ ٻيو خدا ڪونهي.</verse>
				<verse number="7">جنهن وقت کان مون قديم اُمت کي مقرر ڪيو، تنهن وقت کان ڪير مون وانگي سڏيندو، ۽ اُنهي جو بيان ڪري مون لاءِ ترتيب وار بيهاريندو؟ جيڪي ڳالهيون ٿيڻيون آهن، ۽ جي هن کان پوءِ ٿينديون سي تہ ڀلا هو ظاهر ڪن.</verse>
				<verse number="8">اوهين ڊڄو نہ، ۽ نہ ڪو ڊپ ڪريو: مون توکي اڳيئي اهو نہ ٻڌايو، ۽ نہ ڏيکاريو آهي ڇا؟ ۽ اوهين منهنجا شاهد آهيو. مون کان سواءِ ڪو ٻيو خدا آهي ڇا؟ نہ، ڪو بہ ٽڪر ڪونهي؛ مون کي ڪوبہ ڪونہ سُجهي!</verse>
				<verse number="9">جيڪي اُڪريل مورتون ٿا ٺاهين، سي سڀ بيهودا آهن؛ ۽ انهن جي وڻندڙ شين مان ڪوبہ فائدو ڪونهي: ۽ انهن جا شاهد نڪي ڏسن ٿا، نڪي ڄاڻن ٿا؛ سي ڀلي شرمندا ٿين.</verse>
				<verse number="10">ڪنهن ڪو اهڙو معبود جوڙيو، يا ڪا اُڪريل مورت پلٽي آهي، جنهن مان ڪو فائدو ٿئي؟</verse>
				<verse number="11">ڏس، هن جا سڀ سنگتي شرمندا ٿيندا؛ ۽ ڪاريگر بہ، جي انسان آهن: ڀلي تہ اهي سڀ گڏ ٿي بيهن، اهي ڊڄندا ۽ گڏجي شرمندا ٿيندا.</verse>
				<verse number="12">لوهار ڪهاڙو ٺاهي ٿو، ۽ اَڱرن تي ڪم ڪري ٿو، ۽ مترڪن سان انهي کي جوڙي، ۽ پنهنجن زور ڀرين ٻانهن سان انهي کي گهڙي ٿو: هائو، هو بکائجي ٿو، ۽ ڪمزور ٿو ٿئي؛ هو پاڻي نٿو پيئي، ۽ ساڻو ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="13">واڍو ڏور ڇڪي ٿو ۽ انهيءَ سان نشان ٿو ڪري؛ هو رندن سان انهيءَ کي صاف ٿو ڪري، ۽ پرڪارن سان انهي جا نشان ظاهر ٿو ڪري، ۽ انسان جي صورت موجب، انسان جي سهڻي شڪل بنائي ٿو تہ گهر ۾ رکي.</verse>
				<verse number="14">هو پنهنجي لاءِ ديودار وڍي ٿو، ۽ شمشاد ۽ شاهہ بلوط جا وڻ کڻي ٿو، ۽ ٻيلي جي وڻن مان هڪڙو مضبوط وڻ پنهنجي لاءِ پسند ڪري ٿو: هو صنوبر جو وڻ لڳائي ٿو، ۽ مينهن انهي کي زور وٺائي وڏو ڪري ٿو،</verse>
				<verse number="15">پوءِ اهو باهہ ٻارڻ لاءِ ماڻهوءَ کي ڪم اچي ٿو؛ هو انهي مان ڪجهہ ٻاري پاڻ کي گرم ڪري ٿو؛ بلڪ هو انهي کي ٻاري ماني پچائي ٿو: هو انهي مان هڪڙو معبود ٺاهي ٿو، ۽ انهي جي عبادت ڪري ٿو؛ هو انهي مان هڪڙي اُڪريل مورت ٺاهي انهي جي اڳيان سجدو ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="16">هو انهي جو هڪڙو ٽڪر باهہ ۾ ساڙي ٿو؛ ۽ انهي ٽڪر تي گوشت پچائي کائي ٿو؛ هو ڪباب پچائي ٿو، ۽ کائي ڍءُ ٿو ڪري: هائو، هو پاڻ کي گرم ڪري ٿو، ۽ چوي ٿو تہ واهہ واهہ، آءٌ گرم ٿيو آهيان، مون باهہ ڏٺي آهي:</verse>
				<verse number="17">پوءِ انهي جي بچيل ٽڪرن مان هو هڪڙو معبود يعني پنهنجي اُڪريل مورت ٺاهي ٿو: هو انهيءَ جي اڳيان جهڪي سجدو ٿو ڪري، ۽ انهيءَ کان دعا ٿو گهري، ۽ چوي ٿو تہ مون کي ڇڏاءِ؛ ڇالاءِ جو تون منهنجو خدا آهين.</verse>
				<verse number="18">اهي نٿا ڄاڻن نڪي ويچار ڪن ٿا، جو هن انهن جون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن، جنهن ڪري هو ڏسي نٿا سگهن؛ ۽ هن انهن جون دليون سخت ڪيون آهن جنهن ڪري هو سمجهي نٿا سگهن.</verse>
				<verse number="19">ڪو پنهنجي دل ۾ خيال نٿو ڪري، نہ ڪو ايترو ڄاڻي يا سمجهي ٿو، جو چوي تہ هن جو هڪڙو ٽڪر مون باهہ ۾ ساڙيو، ۽ انهي جي ٽانڊن تي مون ماني بہ پچائي ۽ گوشت بہ ڪباب ڪري کاڌم: ۽ انهي جي بچيل ٽڪر مان آءٌ ڪراهت جهڙي شيءِ جوڙيان ڇا؟ آءٌ هڪڙي وڻ جي بنڊ جي اڳيان سجدو ڪريان ڇا؟</verse>
				<verse number="20">هو رک کائي ٿو: ٺڳيل دل هن کي اهڙو گمراهہ ڪيو آهي جو هو پنهنجو روح ڇڏائي نٿو سگهي، ۽ نڪي چوي ٿو تہ منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڪوڙ ناهي ڇا؟</verse>
				<verse number="21">اي يعقوب، اي اسرائيل، اهي ڳالهيون ياد رک؛ ڇالاءِ جو تون منهنجو بندو آهين: مون توکي جوڙيو آهي؛ تون منهنجو بندو آهين: اي اسرائيل آءٌ توکي ڀلجي نہ ويندس.</verse>
				<verse number="22">مون تنهنجون خطائون گهاٽي ڪڪرن وانگي، ۽ تنهنجا گناهہ بادل وانگي ميساري ڇڏيا آهن: مون ڏانهن ڦر؛ ڇالاءِ جو مون تنهنجو عيوضو ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="23">اي آسمانو ڳايو، ڇالاءِ جو خداوند ائين ڪيو آهي؛ اي پاتال رڙيون ڪر؛ اي جبلو، اي ٻيلا ان جا سڀ وڻو، اوهين ڳائڻ لڳو: ڇو تہ خداوند يعقوب جو عيوضو ڏنو آهي، ۽ اسرائيل ۾ هو پنهنجو جلال ظاهر ڪندو.</verse>
				<verse number="24">خداوند تنهنجو نجات ڏيندڙ، ۽ جنهن توکي تنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ جوڙيو، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ خداوند آهيان جو سڀ شيون ٿو جوڙيان؛ جو اڪيلو آسمان کي تاڻيان ٿو ۽ زمين کي پري پکيڙي ٿو ڇڏيان: ڪير منهنجو شريڪ آهي؟</verse>
				<verse number="25">جو ڪوڙن جا نشان اجايا ٿو ٺهرائي، ۽ فال وجهڻ وارن کي چريو ٿو ڪري، جو سياڻن کي رد ٿو ڪري، ۽ انهن جي علم کي بيوقوفيءَ جهڙو ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="26">جو پنهنجي بندي جو ڪلام ثابت ٿو ڪري، ۽ پنهنجي قاصدن جي مصلحت پوري ٿو ڪري؛ جو يروشلم بابت چوي ٿو تہ اهو آباد ٿيندو؛ ۽ يهوداہ جي شهرن بابت تہ اهي اڏبا، آءٌ هن جا ويران هنڌ آباد ڪندس:</verse>
				<verse number="27">جو اونهي سمنڊ کي چوي ٿو تہ سڪي وڃ، آءٌ تنهنجون نديون سڪائي ڇڏيندس:</verse>
				<verse number="28">جو خورس بابت چوي ٿو تہ هو منهنجو ڌنار آهي، ۽ منهنجي سموري مرضي پوري ڪندو: هو يروشلم جي بابت چوي ٿو تہ اهو وري اڏبو؛ ۽ هيڪل کي چوي ٿو تہ تنهنجو بنياد پوندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="45">
				<verse number="1">خداوند پنهنجي مسح ڪيل خورس بابت فرمائي ٿو، تہ مون هن جو ساڄو هٿ جهليو آهي تہ قومن کي سندس اڳيان مات ڪريان، آءٌ بادشاهن جون چيلهيون ڍريون ڪندس؛ آءٌ هن جي اڳيان در کوليندس، ۽ دروازا بند نہ ٿيندا.</verse>
				<verse number="2">آءٌ تنهنجي اڳيان هلندس ۽ کڙٻڙيا هنڌ سنوان ڪندس: آءٌ پتل جا در ڀڃي پرزا پرزا ڪندس، ۽ لوهہ جا گز وڍي ڌار ڪندس:</verse>
				<verse number="3">آءٌ توکي اوندهہ جا خزانا، ۽ ڳجهين جاين ۾ لڪل دولت ڏيندس، تہ توکي خبر پوي تہ آءٌ اهو خداوند اسرائيل جو خدا آهيان، جو تنهنجو نالو وٺي توکي سڏيان ٿو.</verse>
				<verse number="4">مون پنهنجي بندي يعقوب، ۽ پنهنجي چونڊيل اسرائيل جي خاطر توکي تنهنجو نالو وٺي سڏيو آهي: جيتوڻيڪ تون مون کي نٿو سڃاڻين، تڏهن بہ مون توکي لقب ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="5">آءٌ خداوند آهيان، ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ مون کانسواءِ ٻيو خدا ڪونهي: جيتوڻيڪ تون مون کي نٿو سڃاڻين، تڏهن بہ آءٌ تنهنجي ڪمر ٻڌندس:</verse>
				<verse number="6">انهي لاءِ تہ اُڀرندي کان اُلهندي تائين اهي ڄاڻن تہ مون کان سواءِ ٻيو ڪونهي: آءٌ خداوند آهيان، ۽ ٻيو ڪو بہ ڪونهي.</verse>
				<verse number="7">آءٌ روشنائي جوڙيان ٿو، ۽ اونداهي پيدا ٿو ڪريان؛ آءٌ سلامتي ٿو آڻيان، ۽ مصيبت پيدا ٿو ڪريان؛ آءٌ اهو خداوند آهيان جو اهي سڀ ڪم ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="8">اي آسمان، اوهين مٿان هيٺ ڪري پئو، ۽ ڀلي تہ آسمان راستبازي وسائين: ڀلي تہ زمين کلي پوي، ۽ انهي مان نجات ۽ راستبازيءَ جو ڦل گڏجي نڪري؛ مون خداوند انهيءَ کي پيدا ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="9">افسوس آهي انهي تي جو زمين جي ٺڪرن مان هڪڙو ٺڪر آهي ۽ پنهنجي خالق سان تڪرار ٿو ڪري! مٽي ڪنڀر کي چوندي ڇا تہ تون ڇا ٿو جوڙين؟ يا تنهنجي هٿ جو ڪم چوي تہ هن کي هٿ نہ آهن؟</verse>
				<verse number="10">افسوس آهي انهي تي جو پيءُ کي چوي ٿو تہ تون ڇا ٿو ڄڻين؟ يا ڪنهن زال کي چوي تہ توکي ڇا جا سور ٿيا آهن؟</verse>
				<verse number="11">خداوند اسرائيل جو پاڪ خدا، ۽ ان جو خالق ائين ٿو فرمائي: تہ ايندڙ ڳالهين بابت اوهين مون کان پڇو يعني منهنجن پٽن بابت، ۽ منهنجي هٿ جي ڪمن بابت مون کي حڪم ڏيو.</verse>
				<verse number="12">مون زمين جوڙي آهي، ۽ انهيءَ تي انسان پيدا ڪيو اٿم: مون، يعني منهنجي هٿن، آسمان کي تاڻيو آهي، ۽ انهي جي سموري لشڪر تي حڪم هلايو اٿم.</verse>
				<verse number="13">مون هن کي راستبازيءَ سان اُٿاريو آهي، ۽ آءٌ هن جا سڀ رستا سنوان ڪندس: هو منهنجو شهر اڏيندو، هو منهنجن قيدين کي قيمت ۽ عيوضي وٺڻ کان سواءِ مفت آزاد ڪري ڇڏيندو، لشڪرن جو خداوند ائين ٿو فرمائي.</verse>
				<verse number="14">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مصر جي دولت، ۽ ڪوش جي تجارت، ۽ سبا جا قداور ماڻهو تو وٽ ايندا، ۽ تنهنجا ٿيندا؛ اهي تنهنجي پٺيان هلندا؛ اهي زنجيرن ۾ ٻڌجي ايندا: ۽ اُهي توکي سجدو ڪندا، ۽ توکي عرض ڪري چوندا تہ يقيناً خدا تو ۾ آهي؛ ٻيو ڪوبہ ڪونهي، ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي.</verse>
				<verse number="15">اي اسرائيل جا خدا، اي نجات ڏيڻ وارا، سچ پچ تون ئي هڪڙو خدا آهين، جو پوشيدگيءَ ۾ آهين.</verse>
				<verse number="16">اهي شرمندا ٿيندا، هائو، اهي سڀ پشيمان ٿيندا: جيڪي بتن جوڙڻ وارا آهن، سي سڀ منجهي پوندا.</verse>
				<verse number="17">پر خداوند اسرائيل کي بچائي هميشہ جي نجات ڏيندو: اوهين ابدي زماني تائين ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا، نڪي پشيمان ٿيندا.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو خداوند جنهن آسمان پيدا ڪيا، اهو ئي خدا آهي؛ هن زمين جوڙي ۽ تيار ڪئي؛ هن انهيءَ کي قائم ڪيو، هن انهيءَ کي ويران نہ پيدا ڪيو، بلڪ رهڻ جي لاءِ انهي کي جوڙيائين: هو فرمائي ٿو تہ آءٌ خداوند آهيان؛ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.</verse>
				<verse number="19">مون ڳجهہ ڳوهہ ۾، يا زمين جي ڪنهن اونداهي جاءِ ۾ ڪلام نہ ڪيو آهي؛ مون يعقوب جي اولاد کي ڪونہ چيو تہ مون کي اجايو ڳوليو: آءٌ خداوند سچ ٿو ڳالهايان ۽ راستيءَ جون ڳالهيون ظاهر ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="20">اوهين گڏجي اچو؛ اوهين جي قومن مان بچي نڪتا آهيو سي گڏ ٿي ويجها اچو: جيڪي پنهنجيءَ اُڪريل مورت جو ڪاٺ ٿا کڻن، ۽ انهيءَ معبود کان دعا ٿا گهرن جو بچائي نٿو سگهي، سي بي سمجهہ آهن.</verse>
				<verse number="21">اوهين ظاهر ڪري ٻڌايو ۽ انهي کي ويجهو آڻيو؛ ڀلي تہ اُهي پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪن: ڪنهن قديم زماني کان اهو ڏيکاريو آهي؟ ڪنهن پراڻي وقت کان اهو ظاهر ڪري ٻڌايو؟ مون خداوند ائين نہ ڪيو آهي ڇا؟ ۽ مون کان سواءِ ٻيو خدا ڪونهي؛ يعني عادل خدا ۽ نجات ڏيندڙ؛ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.</verse>
				<verse number="22">اي زمين جا رهاڪو اوهين سڀ مون ڏانهن نهاريو ۽ نجات حاصل ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ خدا آهيان، ۽ ٻيو ڪو بہ ڪونهي.</verse>
				<verse number="23">مون پنهنجو قسم کنيو آهي، منهنجي وات مان سچائيءَ سان ڪلام نڪتو آهي، سو وري نہ ڦرندو، تہ سڀڪو گوڏو منهنجي اڳيان جهڪندو، ۽ هرڪا زبان منهنجو قسم کائيندي.</verse>
				<verse number="24">هرڪو مون بابت چوندو تہ رڳو خداوند ۾ راستبازي ۽ طاقت آهي: انهي وٽ ئي ماڻهو ايندا، ۽ جيڪي کانئس ناراض هئا، سي سڀ شرمندا ٿيندا.</verse>
				<verse number="25">اسرائيل جو سارو نسل انهي ۾ سچو ثابت ٿيندو، ۽ انهي تي فخر ڪندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="46">
				<verse number="1">بيل هيٺ جهڪي ٿو، نبو سجدو ٿو ڪري؛ انهن جون مورتون جانورن ۽ ڍورن تي لڏيل آهن: جيڪي شيون اوهين کڻي پئي گهميا، سي ٿڪل جانورن تي لڏيل بوجهو آهن.</verse>
				<verse number="2">اهي نئڙن ٿا، اهي سڀ گڏ هيٺ جهڪن ٿا؛ اهي بار کان بچائي نہ سگهيا، پر پاڻ قيد ٿي ويا.</verse>
				<verse number="3">اي يعقوب جا گهراڻا، ۽ اسرائيل جي گهراڻي مان جيڪي بچيا آهيو، سي منهنجي ڳالهہ ٻڌو، مون اوهان کي ماءُ جي پيٽ کان ئي سنڀاليو آهي، اوهان کي ننڍپڻ کان ئي هنج ۾ کنيو اٿم:</verse>
				<verse number="4">۽ اوهان جي ٻڍاپي تائين آءٌ اهو ئي رهندس، بلڪ اوهان جي اڇن وارن تائين آءٌ اوهان کي کڻندس: مون ئي جوڙيو آهي ۽ آءٌ ئي سنڀاليندس؛ هائو، آءٌ کڻندس ۽ ڇڏائيندس.</verse>
				<verse number="5">اوهين ڪنهن سان منهنجي مشابهت ڪندا، ڪنهن سان برابري ڪندا، ۽ ڪنهن سان مقابلو ڪندا، تہ اسين هڪ جهڙا ٿيون؟</verse>
				<verse number="6">جيڪي ڳوٿريءَ مان سون ڪڍن ٿا ۽ ساهميءَ ۾ چاندي تورين ٿا، اهي سوناري کي ڪم تي رکن ٿا ۽ هو انهي مان هڪڙو معبود جوڙي ٿو؛ پوءِ اُهي هنجي اڳيان جهڪن ٿا ۽ سجدو ڪن ٿا.</verse>
				<verse number="7">اُهي هن کي ڪلهي تي کڻي سندس جاءِ تي رکن ٿا، ۽ هو بيهي ٿو؛ ۽ هو پنهنجي جاءِ تان نٿو چُري: بلڪ جڏهن ڪو هن کي پڪاريندو تہ بہ هو جواب ڪونہ ڏيندو، نڪي کيس مصيبت کان بچائيندو.</verse>
				<verse number="8">اي ڏوهي اهو ياد رکو، پنهنجي مڙسي ڏيکاريو، اوهين وري بہ اها ڳالهہ دل تي آڻيو.</verse>
				<verse number="9">قديم زماني جون اڳوڻيون ڳالهيون ياد ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ خدا آهيان، ۽ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ آءٌ خدا آهيان ۽ مون جهڙو ٻيو ڪونهي؛</verse>
				<verse number="10">جو شروع کان پڇاڙيءَ جو احوال ٻڌائي، ۽ قديم زماني ۾ انهن ڳالهين جو بيان ڪري، جي اڃا نہ ٿيون آهن؛ منهنجي مصلحت قائم رهندي، ۽ آءٌ پنهنجا سڀ ارادا پورا ڪندس:</verse>
				<verse number="11">آءٌ اُڀرندي يعني ڏورانهين ملڪ کان هڪڙو عقاب، يعني اهڙو شخص سڏيندس جو منهنجي مرضي پوري ڪندو؛ هائو، مون ڳالهايو آهي، ۽ آءٌ ائين ئي ڪندس؛ مون ارادو ڪيو آهي، ۽ آءٌ اهو پورو ڪندس.</verse>
				<verse number="12">اي سخت دل وارو، اوهين جي راستبازي کان پري آهيو سي منهنجي ڳالهہ ٻڌو:</verse>
				<verse number="13">آءٌ پنهنجي راستبازي ويجهي ٿو آڻيان، اها پري نہ ٿيندي، ۽ منهنجي نجات کي اچڻ ۾ دير ڪانہ لڳندي؛ آءٌ صيون ۾ نجات موڪليندس ۽ اسرائيل کي پنهنجو جلال بخشيندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="47">
				<verse number="1">اي بابل جي ڪنواري ڌيءَ، هيٺ لهي مٽيءَ تي ويهہ؛ اي ڪسدين جي ڌيءَ، تخت تان لهي پٽ تي ويهہ: ڇالاءِ جو تون اڳتي نازنين ۽ نازڪ نہ سڏبينءَ.</verse>
				<verse number="2">جنڊ کڻي ويهي اَن پيهہ: پنهنجو نقاب لاهي ڇڏ؛ گهاگهرو ويڙهي ٽَنگ اُگهاڙي ڪري ندين مان لنگهي وڃ.</verse>
				<verse number="3">تنهنجي اوگهڙ پڌري ٿيندي، هائو، تنهنجي شرمندگي ڏسڻ ۾ ايندي: آءٌ وير وٺندس، ۽ ڪوبہ ماڻهو قبول نہ ڪندس.</verse>
				<verse number="4">اسان جي عيوضي ڏيندڙ جو نالو، لشڪرن جو خداوند، ۽ اسرائيل جو پاڪ خدا آهي.</verse>
				<verse number="5">اي ڪسدين جي ڌيءَ تون ماٺ ڪري اوندهہ ۾ ويهہ: ڇالاءِ جو تون اڳتي بادشاهتن جي بيگم نہ سڏبينءَ.</verse>
				<verse number="6">آءٌ پنهنجيءَ اُمت سان ڪاوڙيل هوس، مون پنهنجيءَ ميراث کي پليت ڪيو، ۽ انهن کي تنهنجي حوالي ڪيم: تو انهن تي رحم نہ ڪيو؛ تو ٻڍن تي بہ پنهنجي ڳري پاڃاري رکي.</verse>
				<verse number="7">۽ تو چيو تہ آءٌ هميشہ لاءِ بيگم ٿي رهنديس: جنهن ڪري تو اهي ڳالهيون دل تي نہ رکيون ۽ نہ تو انهن جي پڇاڙي ياد ڪئي.</verse>
				<verse number="8">تنهن ڪري هاڻي هي ٻڌ، تون جا عيش عشرت ۾ ٻڏل آهين، ۽ بي پرواهيءَ سان ٿي گذارين، ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چوين ٿي تہ آءٌ ئي آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ آءٌ بيوہ ٿي ڪانہ ويهنديس، نڪو منهنجا ٻار مرندا:</verse>
				<verse number="9">پر اهي ٻئي ڳالهيون يعني ٻارن جو نقصان ۽ ڏهاڳ، تو تي هڪڙي ئي ڏينهن، بلڪ هڪڙي لحظي ۾ اچي ڪڙڪنديون: تنهنجي گهڻين جادوگرين ۽ بي انداز تعويذن هوندي بہ اهي پوري زور سان توتي اينديون.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو تو پنهنجيءَ شرارت تي ڀروسو رکيو آهي: تو چيو آهي تہ مون کي ڪوبہ ڪونہ ٿو ڏسي؛ تنهنجيءَ دانائيءَ ۽ تنهنجي علم توکي گمراهہ ڪيو آهي: ۽ تو پنهنجيءَ دل ۾ چيو آهي تہ آءٌ ئي آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.</verse>
				<verse number="11">تنهن ڪري توتي آفت ايندي؛ ۽ توکي خبر ڪانہ پوندي تہ ڪهڙي جادوءَ سان انهيءَ کي هٽايان: مصيبت توتي اچي ڪڙڪندي؛ ۽ تون انهيءَ کي ٽاري نہ سگهندينءَ: ويراني اوچتو تنهنجي مٿان اچي پوندي، جنهن جي توکي ڪابہ خبر ڪانهي.</verse>
				<verse number="12">هاڻي تون پنهنجي گهڻين جادوگرين ۽ بي انداز منترن سان اُٿي بيهہ، جن جي تو ننڍپڻ کان مشق پئي ڪئي آهي؛ شايد توکي فائدو رسي، شايد تون غالب پوين.</verse>
				<verse number="13">تون پنهنجين گهڻين مصلحتن منجهہ ٿڪجي پيئي آهين: ڀلي تہ هاڻي نجومي، تارا ڏسندڙ، ۽ ماهواري فالون ويجهندڙ اُٿي بيهن، ۽ جيڪي ڳالهيون توتي اچڻيون آهن، تن کان توکي بچائين.</verse>
				<verse number="14">ڏس، اهي بُهہ جهڙا ٿيندا؛ باهہ انهن کي ساڙي ڇڏيندي؛ اهي باهہ جي زور کان پاڻ کي ڇڏائي نہ سگهندا: اهي اهڙا ٽانڊا نہ هوندا، جن تي پاڻ کي سيڪجي، نڪي اهڙي باهہ هوندين جنهن جي اڳيان ويهجي.</verse>
				<verse number="15">جن ڳالهين لاءِ تو محنت ڪئي آهي سي تنهنجي لاءِ اهڙيون ٿينديون: جن سان تو ننڍپڻ کان واپار پئي ڪيو آهي تن مان هرڪو پنهنجي جاءِ تي هليو ويندو؛ ڪوبہ توکي بچائڻ وارو ڪونہ رهندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="48">
				<verse number="1">اي يعقوب جا گهراڻا، اوهين جي اسرائيل جي نالي سان سڏجو ٿا، ۽ يهوداہ جي چشمي مان نڪتا آهيو سي هيءَ ڳالهہ ٻڌو؛ اوهين خداوند جي نالي تي قسم کڻو ٿا، ۽ اسرائيل جي خدا جو ذڪر ڪريو ٿا، پر سچائيءَ ۽ راستبازيءَ سان نہ.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو اهي پاڻ کي پاڪ شهر جا سڏين ٿا، ۽ اسرائيل جي خدا تي ڀروسو رکن ٿا؛ جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.</verse>
				<verse number="3">مون قديم وقت کان وٺي اڳوڻيون ڳالهيون ظاهر ڪيون آهن؛ هائو، اهي منهنجي وات مان نڪتيون ۽ مون اهي ظاهر ڪيون: مون اوچتو اهي ڪيون ۽ اهي پوريون ٿيون.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو مون کي خبر هئي تہ تون ضدي آهين، تنهنجي ڳچيءَ جون نسون لوهہ جون آهن، ۽ تنهنجي پيشاني پتل جي آهي.</verse>
				<verse number="5">تنهن ڪري مون قديم وقت کان توکي اهو ٻڌايو آهي؛ انهي جي پوري ٿيڻ کان مون توکي اڳي ڏيکاريو آهي: تہ متان تون چوين تہ منهنجي معبود اُهي ڪم ڪيا آهن، ۽ منهنجي اُڪريل مورت ۽ منهنجي پلٽيل مورت جي حڪم سان اهي ڪم ٿيا آهن.</verse>
				<verse number="6">تو اهو ٻڌو آهي؛ هاڻي اهو سڀ ڏس، هاڻي اوهين انهي جو بيان نہ ڪندا ڇا؟ هاڻي آءٌ توکي نيون ۽ پوشيدہ شيون ڏيکاريان ٿو، جن جي توکي ڪابہ خبر ڪانهي.</verse>
				<verse number="7">اهي هاڻي پيدا ڪيون ويون آهن، قديم وقت کان نہ آهن، بلڪ اڄ کان اڳي تو انهن جو ذڪر بہ نہ ٻڌو هو؛ تہ متان تون چوين تہ ڏس، انهن جي مون کي اڳيئي خبر هئي.</verse>
				<verse number="8">هائو، تو نہ ٻڌو؛ هائو تو نہ ڄاتو؛ هائو، قديم وقت کان تنهنجا ڪن کليل نہ هئا: ڇالاءِ جو مون کي خبر هئي تہ تنهنجي هلت تمام دغابازيءَ جي آهي، ۽ ماءُ جي پيٽان تون گنهگار ٿو سڏجين.</verse>
				<verse number="9">پنهنجي نالي جي خاطر آءٌ پنهنجي ڪاوڙ ۾ دير ڪندس، ۽ پنهنجي تعريف جي خاطر آءٌ توکان مڙندس، تہ توکي تباهہ نہ ڪريان.</verse>
				<verse number="10">ڏس، مون توکي صاف ڪيو آهي، پر چانديءَ وانگي نہ؛ مون توکي مصيبت جي کوري ۾ نہ آزمايو آهي.</verse>
				<verse number="11">پنهنجي خاطر، خود پنهنجي خاطر آءٌ ائين ڪندس؛ ڇالاءِ منهنجو نالو ناپاڪ ٿئي؟ ۽ آءٌ پنهنجو جلال ٻئي ڪنهن کي نہ ڏيندس.</verse>
				<verse number="12">اي يعقوب، اي اسرائيل جنهن کي مون سڏيو آهي، منهنجي ڳالهہ ٻڌ: آءٌ اُهو آهيان؛ آءٌ اول آهيان ۽ آءٌ آخر بہ آهيان.</verse>
				<verse number="13">هائو، منهنجي هٿ زمين جو بنياد وڌو آهي، ۽ منهنجي ساڄي هٿ آسمانن کي پکيڙيو آهي: جڏهن آءٌ هن کي سڏيان ٿو تڏهن اهي گڏ ٿي بيهن ٿا.</verse>
				<verse number="14">اوهين سڀ گڏ ٿيو ۽ ٻڌو؛ انهن مان ڪنهن اهي ڳالهيون ظاهر ڪيون آهن؟ جنهن کي خداوند پيار ڪيو آهي، سو ئي بابل تي هن جي مرضي پوري ڪندو، ۽ انهي جي ٻانهن ڪسدين تي غالب پوندي.</verse>
				<verse number="15">مون، هائو، مون ڳالهايو آهي؛ مون هن کي سڏيو آهي: مون هن کي آندو آهي، ۽ هو پنهنجو رستو سجايو ڪندو.</verse>
				<verse number="16">اوهين منهنجي ويجهو اچو، اوهين هي ٻڌو؛ شروعات کان وٺي مون ڳجهہ ڳوهہ ۾ نہ ڳالهايو؛ جنهن وقت کان وٺي اهو هو، تنهن وقت کان آءٌ اتي آهيان: هاڻي خداوند خدا مون کي ۽ پنهنجي روح کي موڪليو آهي.</verse>
				<verse number="17">خداوند خدا تنهنجو ڪفارو ڏيندڙ، اسرائيل جو پاڪ خدا، هيئن ٿو فرمائي: آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جو توکي فائدي جي تعليم ٿو ڏيان، جو توکي انهي رستي تي ٿو هلايان، جنهن تي توکي هلڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="18">شل تون منهنجا حڪم ٻڌين ها تہ چڱو هو، پوءِ جيڪر تنهنجي سلامتي نديءَ وانگي هجي ها، ۽ تنهنجي راستبازي سمنڊ جي لهرن وانگي.</verse>
				<verse number="19">تنهنجو اولاد واريءَ وانگي هجي ها، ۽ تنهنجي پيٽ جو اولاد ان جي ذرن جيترو: انهي جو نالو منهنجي اڳيان تباهہ نہ ٿئي ها، نڪي برباد ٿئي ها.</verse>
				<verse number="20">اوهين بابل مان نڪرو، ڪسدين مان ڀڄي نڪرو؛ ڳائڻ جي آواز سان اوهين ظاهر ڪري ٻڌايو، زمين جي ڇيڙي تائين بيان ڪري ٻڌايو: اوهين چئو تہ خداوند پنهنجي بندي يعقوب کي ڇڏايو آهي.</verse>
				<verse number="21">جڏهن هو انهن کي رڻ پٽ مان وٺي ٿي ويو، تڏهن اهي اُڃيا ڪونہ ٿيا: هن انهن جي لاءِ ٽڪريءَ مان پاڻي وهايو: هن ٽڪريءَ کي چيريو ۽ پاڻي بُڙڪا ڏيئي نڪري آيو.</verse>
				<verse number="22">خداوند فرمائي ٿو تہ شريرن جي لاءِ سلامتي ڪانهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="49">
				<verse number="1">اي ٻيٽ منهنجي ٻڌو؛ اي پري جون قومون ڪن ڏيو: آءٌ پيٽ ۾ هوس، تڏهن کان خداوند مون کي سڏيو آهي؛ آءٌ ماءُ جي پيٽ ۾ هوس تڏهن کان هن منهنجي نالي جو ذڪر ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="2">هن منهنجي وات کي تکي ترار وانگي ڪيو آهي، هن مون کي پنهنجي هٿ جي پاڇي ۾ لڪايو آهي؛ هن مون کي چمڪندڙ تير وانگي ڪيو آهي، ۽ مون کي پنهنجيءَ بٿيءَ ۾ پنهنجي ويجهو رکيو اٿس.</verse>
				<verse number="3">۽ هن مون کي چيو تہ تون منهنجو بندو آهين، اي اسرائيل تنهنجي ڪري منهنجو جلال ظاهر ٿيندو.</verse>
				<verse number="4">پر مون چيو تہ مون اجائي محنت ڪئي آهي، مون پنهنجي طاقت اجائي ۽ ناحق وڃائي آهي: انهي هوندي بہ يقيناً منهنجو انصاف خداوند وٽ آهي، ۽ منهنجو اجر منهنجي خدا وٽ آهي.</verse>
				<verse number="5">هاڻي جنهن خداوند مون کي منهنجي ماءُ جي پيٽ کان ئي پنهنجو بندو ٿيڻ لاءِ جوڙيو آهي، سو فرمائي ٿو تہ يعقوب کي وري هن وٽ وٺي اچان، تہ اسرائيل اچي هن وٽ گڏ ٿئي: (ڇالاءِ جو آءٌ خداوند جي نظر ۾ معزز آهيان ۽ منهنجو خدا منهنجي طاقت آهي.)</verse>
				<verse number="6">هائو، هو فرمائي ٿو تہ اها هڪڙي تمام خسيس ڳالهہ آهي تہ يعقوب جي قبيلن کي اُٿارڻ لاءِ، ۽ اسرائيل جي بچيلن کي قائم ڪرڻ لاءِ تون منهنجو بندو ٿين: آءٌ توکي غير قومن لاءِ روشنائي ڪري ڏيندس، تہ زمين جي ڇيڙي تائين تون منهنجي نجات پهچائين.</verse>
				<verse number="7">جنهن کي ماڻهو حقير ٿا ڄاڻن؛ جنهن کان قوم کي ڪراهت ٿي اچي، جو حاڪمن جو نوڪر آهي، تنهن کي خداوند اسرائيل جو ڪفارو ڏيندڙ، ۽ هن جو قدوس هيئن ٿو فرمائي تہ بادشاهہ ڏسندا ۽ اُٿي بيهندا؛ سردار سجدو ڪندا؛ ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جو پاڪ خدا، جنهن توکي پسند ڪيو آهي سو وفادار آهي.</verse>
				<verse number="8">خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ قبوليت جي وقت مون تنهنجي اونائي، ۽ نجات جي ڏينهن مون تنهنجي مدد ڪئي: آءٌ توکي سنڀاليندس، ۽ اُمت جي لاءِ توکي عهد ٺهرائيندس، تہ ملڪ کي بحال ڪرين، ۽ ويران ٿيل ميراث، وارثن کي وٺي ڏين؛</verse>
				<verse number="9">۽ جيڪي بند ۾ آهن تن کي چوين تہ نڪري اچو، ۽ جيڪي اونداهيءَ ۾ آهن تن کي چوين تہ پاڻ کي ظاهر ڪريو. اهي رستن تي کائيندا ۽ سڀني ويران ٽڪرين تي بہ انهن کي کاڌو ملندو.</verse>
				<verse number="10">انهن کي نہ بک لڳندي نہ اُڃ، نڪي گرمي ۽ اُس انهن کي نقصان رسائيندي: ڇالاءِ تہ جيڪو انهن تي رحم ٿو ڪري سو انهن جو سونهون ٿيندو، بلڪ هو انهن کي پاڻيءَ جي چشمن تي وٺي ويندو.</verse>
				<verse number="11">آءٌ پنهنجي سڀني جبلن تي رستو بنائيندس، ۽ منهنجون شاهي سڙڪون بحال ٿينديون.</verse>
				<verse number="12">ڏس، اُهي پري کان ايندا: ڏس، اهي اُتر کان، ۽ اُلهندي کان، ۽ سينيم جي ملڪ کان ايندا.</verse>
				<verse number="13">اي آسمانو ڳايو؛ اي زمين خوش ٿي، اي جبلو گيت ڳايو: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت کي تسلي ڏني آهي، ۽ پنهنجي ڏکويلن تي رحم ڪندو.</verse>
				<verse number="14">پر صيون چيو تہ يهوواہ مون کي ڇڏي ڏنو آهي، خداوند مون کي وساري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="15">زال پنهنجي کير پياڪ ٻار کي اهڙو وساري ڇڏيندي ڇا جو پنهنجي پيٽ جي پٽ تي بہ رحم نہ اچيس؟ هائو، اُهي وساري بہ ڇڏين، پر آءٌ توکي ڪين وساريندس.</verse>
				<verse number="16">ڏس، مون توکي پنهنجي هٿن جي ترين تي اُڪري ڇڏيو آهي؛ تنهنجي شهرِ پناهہ هميشہ منهنجي سامهون آهي.</verse>
				<verse number="17">تنهنجا ٻار تڪڙ ٿا ڪن؛ تنهنجا برباد ڪندڙ، ۽ جن توکي ويران ڪيو آهي، سي تو مان نڪري ويندا.</verse>
				<verse number="18">پنهنجون اکيون کڻي چئني پاسي نهار، ۽ ڏس، اهي سڀ گڏ ٿي تو وٽ ٿا اچن. خداوند فرمائي ٿو تہ مون کي پنهنجيءَ حياتيءَ جو قسم آهي تہ تون ضرور انهن سڀني کي زيورن وانگي ڍڪيندين، ۽ ڪنوار وانگيان انهن سان پاڻ کي سينگاريندين.</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ جو تنهنجون ويران ۽ سڃيون جايون، ۽ تنهنجو برباد ٿيل ملڪ، هاڻي رهاڪن جي گهڻائيءَ ڪري تنگ ٿيندو، ۽ جي توکي ڳهي ٿي ويا سي پري ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="20">تنهنجا ٻار جي توکان کسيا ويا هئا سي تنهنجي ڪنن ۾ چوندا تہ هيءَ جاءِ تنگ آهي، مون کي رهڻ لاءِ جاءِ ڏي.</verse>
				<verse number="21">تڏهن تون پنهنجيءَ دل ۾ چوندين، تہ ڪنهن مون لاءِ هنن کي ڄڻيو آهي؟ منهنجا ٻار مون کان کسيا ويا هئا، آءٌ تہ اڪيلي ۽ جلاوطن هيس، ۽ هيڏانهن هوڏانهن پيئي ڀٽڪيس: ڪنهن هنن کي پالي وڏو ڪيو؟ ڏس، آءٌ تہ اڪيلي ڇڏيل هيس، هي سڀ ڪٿي هئا؟</verse>
				<verse number="22">خداوند خدا هيئن فرمائي ٿو تہ ڏس، آءٌ قومن تي پنهنجو هٿ کڻندس، ۽ اُمتن تي پنهنجو جهنڊو اُڀو ڪندس: اهي تنهنجن پٽن کي پنهنجيءَ هنج ۾ کڻي ايندا، ۽ تنهنجين ڌيئرن کي پنهنجن ڪلهن تي چاڙهي آڻيندا.</verse>
				<verse number="23">۽ بادشاهہ تنهنجا پاليندڙ ابا، ۽ انهن جون راڻيون تنهنجون پاليندڙ اميون ٿينديون: اهي تنهنجي اڳيان جهڪي پنهنجا منهن پٽ تي رکندا، ۽ تنهنجي پيرن جي مٽي چٽيندا، ۽ تون ڄاڻندينءَ تہ آءٌ خداوند آهيان، ۽ جيڪي منهنجا منتظر آهن سي شرمندا نہ ٿيندا.</verse>
				<verse number="24">زور وارن کان بہ شڪار کسيو ويندو ڇا؟ يا فتويٰ ڏنل قيدي ڇڏايا ويندا ڇا؟</verse>
				<verse number="25">پر خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ زور وارن جا قيدي بہ کسيا ويندا، ۽ زبردستن جو شڪار بہ ڇڏايو ويندو: ڇالاءِ تہ جيڪو تو سان وڙهي ٿو، تنهن سان آءٌ وڙهندس، ۽ آءٌ تنهنجن ٻارن کي بچائيندس.</verse>
				<verse number="26">۽ جيڪي توتي ظلم ٿا ڪن تن کي آءٌ سندن ئي گوشت کارائيندس؛ ۽ اُهي مٺي شراب وانگي پنهنجو رت پي مست ٿيندا: تڏهن سڀني ماڻهن کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند، يعقوب جو قادر خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ آهيان، آءٌ تنهنجو ڇڏائيندڙ آهيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="50">
				<verse number="1">خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جنهن طلاق نامي جي ڪري مون تنهنجيءَ ماءُ کي ڇڏي ڏنو، سو ڪٿي آهي؟ يا منهنجي قرض خواهن مان ڪير آهي جنهن جي هٿ مون اوهان کي وڪڻي ڇڏيو؟ ڏسو، اوهانجين خطائن جي ڪري اوهين وڪاڻا هئا، ۽ اوهان جن ڏوهن جي ڪري اوهان جي ماءُ کي طلاق ڏني ويئي.</verse>
				<verse number="2">جڏهن آءٌ آيس تڏهن ڇو ڪو ماڻهو ڪونہ هو؟ جڏهن مون سڏيو تڏهن ڇو ڪنهن بہ جواب نہ ڏنو؟ منهنجو هٿ اهڙو ننڍو ٿي ويو آهي ڇا جو ڇڏائي نٿو سگهي؟ يا مون کي ڇڏائڻ جي سگهہ ڪانهي ڇا؟ ڏسو، آءٌ پنهنجيءَ ڌمڪيءَ سان سمنڊ کي سڪايان ٿو، ۽ ندين کي بيابان ڪري ٿو ڇڏيان: انهن جي مڇي پاڻي نہ هئڻ جي ڪري ڪِني بانس ڪري ٿي، ۽ اُڃ جي ڪري مري ٿي.</verse>
				<verse number="3">آءٌ آسمانن کي اونداهيءَ جي پوشاڪ ٿو پهرايان، ۽ انهن کي کٿي سان ڍڪيان ٿو.</verse>
				<verse number="4">خداوند خدا مون کي شاگردن جي زبان ڏني آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ٿڪل هجي تنهن کي ڪلام سان مدد ڏيڻ اچيم: هو مون کي هر روز صبح جو جاڳائي ٿو، هو منهنجو ڪن کولي ٿو تہ آءٌ شاگردن وانگي ٻڌان.</verse>
				<verse number="5">خداوند خدا منهنجو ڪن کوليو آهي تنهن ڪري آءٌ فسادي نہ ٿيس، نڪي پٺ تي موٽيس.</verse>
				<verse number="6">مون ماريندڙن کي پنهنجي پٺي ڏني، ۽ وارن پٽيندڙن کي پنهنجا ڳل ڏنا: مون پنهنجو منهن شرم ۽ ٿُڪن جهلڻ کان ڪين لڪايو.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو خداوند خدا مون کي مدد ڏيندو: تنهن ڪري آءٌ لڄي نہ ٿيو آهيان: ۽ مون کي خبر آهي تہ آءٌ شرمندو ڪين ٿيندس، تنهن ڪري مون پنهنجو منهن چقمق جهڙو ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="8">جيڪو مون کي سچو ٿو ٺهرائي سو ويجهو آهي؛ ڪير مون سان وڙهندو؟ اچو تہ گڏ بيهون: ڪير منهنجو مخالف آهي؟ اهو منهنجي ويجهو اچي.</verse>
				<verse number="9">ڏسو خداوند خدا منهنجي مدد ڪندو؛ ڪير مون کي ڏوهاري ٺهرائيندو؟ ڏس، اهي سڀ ڪپڙي وانگي پراڻا ٿي ويندا، اڏوهي انهن کي کائي ويندي.</verse>
				<verse number="10">اوهان ۾ ڪير آهي جو خداوند کان ڊڄي ٿو، ۽ هن جي بندي جو حڪم ٿو مڃي؟ جيڪو اونداهيءَ ۾ هلي ٿو ۽ روشنائي ڪانہ اٿس سو خداوند جي نالي تي ڀروسو رکي، ۽ پنهنجي خدا تي ٽيڪ ڏئي.</verse>
				<verse number="11">ڏسو، اوهين سڀ جي باهہ ٻاريو ٿا، ۽ اُماڙيون چيلهہ سان ٻڌو ٿا: سي پنهنجي باهہ جي شعلي ۾، ۽ جيڪي اُماڙيون ٻاريون اٿوَ تن منجهہ هلو. اهو ئي منهنجي هٿان اوهان کي ملندو ۽ اوهين ڏک ۾ ليٽي رهندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="51">
				<verse number="1">اوهين جي سچائيءَ تي هلو ٿا، ۽ خداوند کي ڳوليو ٿا سي منهنجي ٻڌو: جنهن ٽڪريءَ مان اوهين ٽڪيا ويا، ۽ جنهن کڏ جي ٽُنگ مان اوهين کوٽيا ويا، انهن ڏانهن نهاريو.</verse>
				<verse number="2">پنهنجي پيءُ ابرهام، ۽ تنهنجي ماءُ سارہ ڏانهن نهاريو: ڇالاءِ جو جڏهن مون هن کي سڏيو تڏهن هو اڪيلو هو، پر مون هن کي برڪت ڏني ۽ منجهانئس گهڻا ڪيم.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو خداوند صيون کي تسلي ڏني آهي: ۽ هن اتي جي سڀني ويران جاين کي تسلي ڏني آهي، ۽ انهي جي بيابانن کي عدن جهڙو ڪيو اٿس، ۽ انهي جي رڻ پٽ کي خداوند جي باغ جهڙو ڪيو اٿس؛ انهي ۾ خوشي ۽ سرهائي، ۽ شڪرگذاري، ۽ ڳائڻ جو آواز موجود رهندو.</verse>
				<verse number="4">اي منهنجي اُمت مون ڏانهن ڌيان ڏيو؛ اي منهنجي قوم مون ڏانهن ڪن ڏي: ڇالاءِ جو مون کان شريعت جاري ٿيندي، ۽ آءٌ پنهنجي عدالت قومن جي سوجهري لاءِ قائم ڪندس.</verse>
				<verse number="5">منهنجي راستبازي ويجهي آهي، منهنجي نجات ظاهر ٿي آهي، ۽ منهنجون ٻانهون قومن جي عدالت ڪنديون؛ ٻيٽ منهنجا منتظر رهندا، ۽ منهنجي ٻانهن تي ڀروسو رکندا.</verse>
				<verse number="6">اوهين پنهنجون اکيون مٿي آسمان ڏانهن کڻو، ۽ هيٺ زمين ڏانهن نهاريو: ڇالاءِ جو آسمان دونهين وانگي گم ٿي ويندا، ۽ زمين ڪپڙي وانگي پراڻي ٿي ويندي، ۽ جيڪي انهي تي رهن ٿا سي بہ ساڳيءَ طرح مري ويندا: پر منهنجي نجات سدائين رهندي، ۽ منهنجي راستبازي بند نہ ٿيندي.</verse>
				<verse number="7">اوهين جي سچائيءَ کي سڃاڻو ٿا منهنجي ٻڌو، اي اُمت، جنهن جي دل ۾ منهنجي شريعت آهي؛ ماڻهن جي ملامت کان نہ ڊڄ، نڪي انهن جي طعني جو ڊپ ڪر.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو اڏوهي انهن کي ڪپڙي وانگي کائي ويندي، ۽ ڪينئون انهن کي اُن وانگي کائي ويندو. پر منهنجي راستبازي هميشہ تائين، ۽ منهنجي نجات پيڙهين تائين قائم رهندي.</verse>
				<verse number="9">اي خداوند جي ٻانهن، جاڳ، جاڳ، زور وٺ؛ اڳين ڏينهن ۽ قديم پيڙهين جي وقت وانگي جاڳ. تون اها ناهين ڇا جنهن مصر کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪيو، ۽ ازدها کي ونڌي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="10">تون اها ناهين ڇا جنهن سمنڊ کي، بلڪ وڏي سمنڊ جو پاڻي سڪائي ڇڏيو؟ جنهن ڇڏايلن جي پار لنگهڻ لاءِ سمنڊ جي تري کي رستو بنايو؟</verse>
				<verse number="11">اهي خداوند جا ڇڏايل موٽندا، ۽ ڳائيندي صيون ۾ ايندا؛ ۽ انهن جي مٿان هميشہ جي خوشي ٿيندي: اهي خوشي ۽ سرهائي حاصل ڪندا، غم ۽ رنج ڪونہ رهندا.</verse>
				<verse number="12">آءٌ، هائو آءٌ، اهو آهيان جو اوهان کي تسلي ٿو ڏيان: تون ڪير آهين جو فاني انسان کان ۽ بني آدم کان ڊڄين ٿو، جو گاهہ وانگر ٿي ويندو؛</verse>
				<verse number="13">تو خداوند پنهنجي خالق کي وساري ڇڏيو آهي؛ جنهن آسمان کي پکيڙيو ۽ زمين جو بنياد وڌو؛ ڇالاءِ جو تون سارو ڏينهن انهيءَ ظالم کان، جو برباد ڪرڻ لاءِ تياري ٿو ڪري، ڊڄندو ٿو رهين؟ انهيءَ ظالم جي ڪاوڙ ڪٿي آهي؟</verse>
				<verse number="14">جلاوطن قيدي جلد آزاد ڪيا ويندا؛ هو نہ مرندو، نہ پاتال ۾ ويندو، نڪي هن جي ماني کٽندي.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جو سمنڊ کي اهڙو ٿو ولوڙيان جو هن جون لهرون گجگوڙ ٿيون ڪن: منهنجو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.</verse>
				<verse number="16">مون پنهنجو ڪلام تنهنجي وات ۾ وڌو آهي، ۽ توکي پنهنجي هٿ جي پاڇي سان ڍڪيو اٿم، انهي لاءِ تہ آسمانن کي قائم ڪريان، ۽ زمين جو بنياد وجهان، ۽ صيون کي چوان تہ تون منهنجي اُمت آهين.</verse>
				<verse number="17">اي يروشلم، جاڳ، جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ، تو خداوند جي هٿان سندس ڪاوڙ جو پيالو پيتو آهي؛ تو سخت نشو ڏيندڙ پيالو پي خالي ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="18">جي پٽ هن ڄڻيا آهن تن مان اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو هن جي رهبري ڪري؛ نڪي جيڪي پٽ هن پاليا آهن تن مان ڪو اهڙو آهي جو هن جو هٿ وٺي.</verse>
				<verse number="19">اهي ٻئي شيون توتي اچي پيون آهن، ڪير تنهنجي حال تي افسوس ڪندو؟ سڃ ۽ بربادي، ڏڪار ۽ ترار، ڪيئن آءٌ توکي دلاسو ڏيان؟</verse>
				<verse number="20">تنهنجا پٽ سڀني گهٽين جي منهن تي ائين بيهوش پيا آهن جيئن هرڻ ڄار ۾ ڦاسندو آهي؛ اهي خداوند جي ڪاوڙ، ۽ تنهنجي خدا جي ملامت سان ڀريل آهن.</verse>
				<verse number="21">تنهن ڪري هاڻي اي ڏکويل، تون جا مست ٿي آهين، پر شراب سان نہ، هي ٻڌ:</verse>
				<verse number="22">خداوند، تنهنجو مالڪ ۽ تنهنجو خدا، جو پنهنجيءَ اُمت جي لاءِ حجت دليل ٿو ڪري، سو فرمائي ٿو تہ ڏس، مون تنهنجي هٿ مان سخت نشي جو پيالو، يعني منهنجيءَ ڪاوڙ جو وڏو پيالو ورتو آهي؛ تون وري اهو نہ پيئندينءَ.</verse>
				<verse number="23">آءٌ اهو انهن جي هٿ ۾ ڏيندس، جي توکي ڏکوئين ٿا؛ جن تنهنجي روح کي چيو آهي تہ جهڪ تہ اسين تنهنجي مٿان لنگهي وڃون: تو پنهنجي پٺي زمين وانگي، ۽ انهن جي لنگهڻ لاءِ گهٽيءَ وانگي وڇائي آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="52">
				<verse number="1">اي صيون، جاڳ، جاڳ، زور وٺ؛ اي يروشلم پاڪ شهر پنهنجي سهڻي پوشاڪ ڍڪ؛ ڇالاءِ جو اڄ کان پوءِ تو ۾ اڻ طهريل ۽ ناپاڪ ماڻهو ڪونہ ايندا.</verse>
				<verse number="2">اي يروشلم پاڻ تان مٽي ڇنڊي ڇڏ، اُٿي ويهہ: اي صيون جي قيدي ڌيءَ پنهنجي ڳچيءَ جا بند کولي ڇڏ.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين مفت وڪاڻا هئا، سو بنا پئسن ڇڏيا ويندا.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ منهنجي اُمت پهرين مصر ۾ رهڻ لاءِ ويئي: ۽ اسورين انهيءَ تي بي سبب ظلم ڪيا.</verse>
				<verse number="5">تنهن ڪري هاڻي خداوند فرمائي ٿو، تہ جڏهن منهنجي اُمت کي مفت ۾ وٺي ويا آهن، تڏهن آءٌ هتي ڇا ڪريان؟ خداوند فرمائي ٿو تہ انهن جا حاڪم واڪا ٿا ڪن، ۽ سارو ڏينهن منهنجي نالي تي ڪفر ٿا بڪن.</verse>
				<verse number="6">تنهن ڪري منهنجي اُمت منهنجو نالو ڄاڻيندي: ۽ انهي ڏينهن اهي ڄاڻندا تہ آءٌ اهو آهيان جو ڳالهائي ٿو؛ ڏس، اهو آءٌ آهيان.</verse>
				<verse number="7">انهيءَ جا قدم جبل تي ڪهڙا نہ مبارڪ آهن، جيڪو خوشخبري ٿو آڻي، ۽ جيڪو سلامتيءَ جي پڌرائي ٿو ڪري؛ جيڪو ڀلائيءَ جي خوشخبري ۽ نجات جي پڌرائي ٿو ڪري؛ جيڪو صيون کي چوي ٿو تہ تنهنجو خدا بادشاهي ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="8">تنهنجي پهري وارن جو آواز! اهي گڏجي وڏي سڏ ڳائين ٿا؛ ڇالاءِ تہ جڏهن خداوند صيون ۾ موٽي ايندو، تڏهن اهي کيس روبرو ڏسندا.</verse>
				<verse number="9">اي يروشلم جون ويران جايون اوهين گڏجي خوشيءَ جا گيت ڳايو: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت کي تسلي ڏني آهي، هن يروشلم کي ڇڏايو آهي.</verse>
				<verse number="10">خداوند سڀني قومن جي ڏسندي پنهنجي پاڪ ٻانهن اُگهاڙي ڪئي آهي؛ ۽ زمين جا سڀ ڪنارا اسان جي خدا جي نجات ڏسندا.</verse>
				<verse number="11">اوهين جي خداوند جا ٿانوَ ٿا کڻو، سي روانا ٿيو، روانا ٿيو، اوهين اُتان نڪري وڃو، ڪنهن بہ ناپاڪ شئي کي نہ ڇُهو: انهيءَ منجهان نڪري وڃو، ۽ پاڪ ٿيو.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو اوهين تڙ تڪڙ ۾ نہ نڪرندا، نڪي ڀڄي نڪرندا: ڇو تہ خداوند اوهان جي اڳيان هلندو؛ ۽ اسرائيل جو خدا اوهان جي پٺ سنڀاليندو.</verse>
				<verse number="13">ڏسو منهنجو بندو دانائيءَ سان هلندو، هو سرفراز ۽ سربلند ڪيو ويندو، هو وڏي درجي کي رسندو.</verse>
				<verse number="14">جيئن گهڻا توکي ڏسي حيران ٿي ويا، (هن جي شڪل انسان کان، ۽ هن جي صورت بني آدم کان وڌيڪ بگڙيل هئي،)</verse>
				<verse number="15">تيئن هو گهڻين قومن کي حيران ڪري ڇڏيندو؛ هن جي سامهون بادشاهہ پنهنجا وات بند ڪندا: ڇالاءِ تہ جيڪي انهن کي چيو نہ ويو هو، سو اهي ڏسندا، ۽ جيڪي انهن نہ ٻڌو هو سو اهي سمجهندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="53">
				<verse number="1">جيڪو پيغام اسان کي مليو آهي، تنهن تي ڪنهن ايمان آندو آهي؟ ڪنهن تي خداوند جي ٻانهن ظاهر ٿي آهي؟</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو هو انهي جي سامهون نازڪ ٻوٽي وانگي ۽ سڪيءَ زمين مان نڪتل پاڙ وانگي اُڀريو: هن کي نڪا صورت آهي، نڪا سونهن؛ ۽ جڏهن اسين هن کي ڏسون ٿا تڏهن منجهس ڪا خوبصورتي ڪانهي جنهن ڪري اسين هن جا مشتاق ٿيون.</verse>
				<verse number="3">هو ماڻهن ۾ حقير، ۽ رد ٿيل هو؛ هو ڏکن ڀريو ماڻهو، ۽ غم جو واقف، اهڙو ڌڪاريل ماڻهو هو جنهن کان هو پنهنجو منهن ڦيرائين، اسان هن جو قدر نہ ڪيو.</verse>
				<verse number="4">يقين، هن اسان جا ڏک سٺا آهن، ۽ اسان جا غم کنيا اٿس: انهي هوندي بہ اسان هن کي خدا جو ماريل ڪٽيل ۽ ستايل سمجهيو،</verse>
				<verse number="5">پر هو اسان جي گناهن جي ڪري ڦٽيو ويو، ۽ اسانجين خطائن جي ڪري چٿيو ويو: اسان جي سلامتي لاءِ هن تي سزا آئي؛ هن جي مار کائڻ ڪري اسان شفا حاصل ڪئي.</verse>
				<verse number="6">اسين سڀ رڍن وانگي گمراهہ ٿي ويا آهيون؛ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ويو آهي؛ پر خداوند اسان سڀني جو گناهہ هن جي مٿان رکيو آهي.</verse>
				<verse number="7">هو مظلوم هو، تہ بہ هن پاڻ کي نماڻو ڪيو، ۽ پنهنجو وات نہ پٽيائين؛ جيئن ڪو گهيٽو ڪوس تي ويندو آهي، ۽ جيئن ڪا رڍ اُن ڪترڻ وارن جي اڳيان ماٺ ڪري بيهندي آهي؛ تيئن هن بہ پنهنجو وات نہ پٽيو.</verse>
				<verse number="8">ظلم ڪري ۽ فتويٰ ڏيئي هن کي وٺي ويا؛ پر هن جي زماني جي ماڻهن مان ڪنهن اهڙو خيال ڪيو تہ منهنجي اُمت جي گناهن ڪري هن تي مار پيئي، ۽ هو جيئرن جي زمين مان وڍيو ويو؟</verse>
				<verse number="9">جيتوڻيڪ هن ڪوبہ ظلم نہ ڪيو هو، ۽ هن جي وات ۾ ڪابہ ٺڳي نہ هئي، تہ بہ هنن ان جي قبر شريرن سان مقرر ڪئي، ۽ مرڻ کان پوءِ هو دولتمندن سان گڏ ٿيو.</verse>
				<verse number="10">انهي هوندي بہ خداوند جي مرضي ٿي تہ هن کي چٿي؛ انهيءَ هن کي ڏکي ڪيو: جڏهن هن جي جان گناهہ جي لاءِ قربان ڪئي ويندي، تڏهن هو پنهنجو نسل ڏسندو ۽ هن جي عمر وڏي ٿيندي، ۽ خداوند جي مرضي هن جي هٿان پوري ٿيندي.</verse>
				<verse number="11">هو پنهنجي جان جي ڏکن جو ڦل ڏسي راضي ٿيندو: منهنجو راستباز بندو پنهنجي علم جي ڪري گهڻن کي سچار ٺهرائيندو: هو انهن جون خطائون کڻندو.</verse>
				<verse number="12">تنهن ڪري آءٌ هن کي وڏن جو حصيدار ڪندس، ۽ هو زور وارن کان لٽ جي مال جو حصو ورهائي وٺندو؛ ڇالاءِ جو هن پنهنجي جان موت جي لاءِ اوتي ڏني آهي، ۽ گنهگارن ۾ شمار ڪيو ويو آهي: انهي هوندي بہ هن گهڻن جو گناهہ کنيو، ۽ گنهگارن جي شفاعت ڪيائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="54">
				<verse number="1">اي سنڍ، تون جنهن کي ٻار نٿي ٿيو، سا ڳاءِ؛ تون جنهن ويم جا سور نہ سٺا آهن، سا وڏي آواز سان ڳائڻ شروع ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو تہ ڏهاڳڻ جو اولاد سهاڳڻ جي اولاد کان گهڻو آهي</verse>
				<verse number="2">پنهنجي تنبوءَ جي جاءِ ڪشادي ڪر، ۽ پنهنجي جاءِ جي پردن کي پکيڙ؛ ڍرائي نہ ڪر؛ پنهنجون طنابون ڊگهيون ڪر، ۽ پنهنجا ڪِلا مضبوط ڪر.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو تون ساڄي پاسي ۽ کٻي پاسي پکڙبينءَ؛ ۽ تنهنجو نسل قومن تي قبضو ڪندو ۽ ويران شهرن کي آباد ڪندو.</verse>
				<verse number="4">ڊپ نہ ڪر؛ ڇالاءِ جو تون شرمندي نہ ٿيندينءَ: پريشان نہ ٿي؛ ڇو جو تون بدنام نہ ٿيندينءَ، تون پنهنجي جوانيءَ جي شرمندگي وساري ڇڏيندينءَ، ۽ پنهنجي ڏهاڳ جو مهڻو وري ياد نہ ڪندينءَ.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو جنهن توکي جوڙيو آهي، سو تنهنجو مڙس آهي؛ انهي جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي: اسرائيل جو قدوس تنهنجو ڇڏائيندڙ آهي؛ هو ساري زمين جو خدا سڏيو ويندو.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو خداوند توکي ائين سڏيو آهي جو ڄڻ تہ تون ڇڏي ڏنل ۽ دل جي ڏکي هئين، جنهن کي جواني ۾ ڪڍي ڇڏيو هجيس؛ تنهنجو خدا فرمائي ٿو، تہ</verse>
				<verse number="7">مون توکي هڪڙي لحظي لاءِ ڇڏي ڏنو آهي؛ پر گهڻيءَ ٻاجهہ سان آءٌ توکي گڏ ڪندس.</verse>
				<verse number="8">خداوند تنهنجو ڇڏائيندڙ فرمائي ٿو، تہ تمام گهڻيءَ ڪاوڙ ۾ مون هڪ لحظي واسطي پنهنجو منهن تو کان لڪايو؛ پر هميشہ واري مهربانيءَ سان آءٌ توتي رحم ڪندس،</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو منهنجي لاءِ اهو نوح جي طوفان وانگي آهي: جهڙيءَ طرح مون قسم کنيو آهي تہ نوح جي طوفان وارو پاڻي وري زمين جي مٿان اُٿلي نہ پوندو، تهڙيءَ طرح مون هي بہ قسم کنيو آهي تہ آءٌ وري توتي نہ ڪاوڙبس، ۽ نڪي توکي ملامت ڪندس.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو خداوند جنهن جو رحم توتي آهي، سو فرمائي ٿو تہ جبل هليا وڃن، ۽ ٽڪريون هٽجي وڃن؛ پر منهنجي مهرباني تو تان نہ هٽندي، نڪي منهنجو سلامتيءَ وارو عهد ٽري ويندو.</verse>
				<verse number="11">اي ڏکويل تون جا طوفان جي ستايل ۽ بنا تسليءَ جي آهين سا ڏس، آءٌ تنهنجا پهڻ سهڻن رنگن ۾ جڙيندس، ۽ تنهنجي بنياد ۾ نيلم رکندس.</verse>
				<verse number="12">آءٌ تنهنجا منارا لعلن جا، ۽ تنهنجا دروازا ياقوت جا، ۽ تنهنجون سڀ ديوارون عمدن پٿرن ۽ جواهرن جون جوڙيندس.</verse>
				<verse number="13">۽ تنهنجن سڀني ٻارن کي خداوند جي تعليم ڏني ويندي، ۽ تنهنجي ٻارن کي گهڻي سلامتي ملندي.</verse>
				<verse number="14">تون راستبازيءَ ۾ قائم ڪئي ويندينءَ: تون ظلم کان پري رهندينءَ ڇالاءِ جو تون ڊپ نہ ڪندينءَ؛ تون خوف کان پري رهندينءَ، ڇالاءِ جو اهو توکي ويجهو نہ ايندو.</verse>
				<verse number="15">ڏس، اهي گڏ ٿيندا، پر مُنهنجي طرفان نہ: جيڪي بہ تنهنجي برخلاف گڏ ٿيندا سي تنهنجي ئي سببان ڪري پوندا.</verse>
				<verse number="16">ڏس، مون لوهار خلقيو آهي جو ٽانڊن کي ڦوڪي باهہ ٻاري ٿو، ۽ پنهنجي ڪم لاءِ هڪڙو اوزار ٺاهي ٿو؛ ۽ مون برباد ڪرڻ لاءِ هڪڙو برباد ڪرڻ وارو بہ پيدا ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="17">جيڪو بہ هٿيار تنهنجي برخلاف جڙندو سو ڪامياب نہ ٿيندو؛ ۽ جيڪا زبان عدالت ۾ تنهنجي برخلاف اُٿندي تنهن کي تون ڏوهاري ٺهرائيندينءَ. خداوند فرمائي ٿو تہ اها خداوند جي بندن جي ميراث آهي، ۽ انهن جي راستبازي مون کان آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="55">
				<verse number="1">اوهين سڀ جي اُڃيا آهيو سي پاڻيءَ تي اچو، ۽ اهو بہ، جنهن وٽ پئسو ڪونهي؛ اچو خريد ڪري کائو؛ هائو، اچو؛ شراب ۽ کير اڻ مُلهو ۽ بنا پئسي خريد ڪريو.</verse>
				<verse number="2">جا شيءِ ماني ٺاهي تنهن لاءِ پئسو ڇو ٿا خرچيو؟ جنهن شيءِ مان ڍءُ نٿو ٿئي، تنهن لاءِ پورهيو ڇو ٿا ڪريو؟ ڪن ڏيئي منهنجي ٻڌو، ۽ جيڪي چڱو آهي سو کائو، ۽ ڀلي تہ اوهان جي جان سڻڀ سان خوش ٿئي.</verse>
				<verse number="3">اوهين پنهنجو ڪن ڏيو ۽ مون ڏانهن اچو؛ ٻڌو تہ اوهان جو روح جيئرو رهي: ۽ آءٌ اوهان سان هميشہ لاءِ عهد ڪندس، يعني دائود واريون سچيون رحمتون نازل ڪندس.</verse>
				<verse number="4">ڏسو، مون هن کي اُمتن جي لاءِ شاهد، ۽ انهن جي لاءِ منهندار ۽ سردار مقرر ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="5">ڏس، تون انهيءَ قوم کي سڏيندين جنهن کي تون نٿو سڃاڻين، ۽ اها قوم جا توکي نٿي سڃاڻي سا تو وٽ ڊوڙندي ايندي، اهو خداوند تنهنجي خدا، ۽ اسرائيل جي قدوس جي ڪري ٿيندو؛ ڇالاءِ جو انهي توکي جلال بخشيو آهي.</verse>
				<verse number="6">جيسين خداوند لڀي سگهي تيسين انهي کي ڳوليو؛ جيسين هو ويجهو آهي تيسين انهي کي سڏيو:</verse>
				<verse number="7">شرير ماڻهو پنهنجو رستو ڇڏي، ۽ ناراست پنهنجا خيال ڇڏي ڏئي: اهو خداوند ڏانهن موٽي تہ هو مٿس رحم ڪندو؛ ۽ اسان جي خدا ڏانهن اچي، ڇالاءِ جو هو گهڻي معافي ڏيندو.</verse>
				<verse number="8">خداوند فرمائي ٿو تہ منهنجا خيال اوهان جا خيال نہ آهن، نڪي اوهان جا رستا منهنجا رستا آهن.</verse>
				<verse number="9">جيئن آسمان زمين کان مٿي آهي، تيئن منهنجا رستا اوهان جي رستن کان، ۽ منهنجا خيال اوهان جي خيالن کان مٿي آهن.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ تہ جيئن آسمان مان مينهن وسي ٿو ۽ برف پوي ٿي، ۽ اُهي اوڏانهن موٽي نٿا وڃن، پر زمين کي ريج ٿا ڏين، تہ انهيءَ مان ڪجهہ اُڀري، ۽ ڪليون ڄمن، ۽ پوکڻ واري کي ٻج، ۽ کائڻ واري کي ماني ملي؛</verse>
				<verse number="11">تيئن منهنجو ڪلام جو منهنجي وات مان نڪري ٿو سو بہ ڪندو؛ اهو مون ڏانهن خالي نہ موٽندو، پر جيڪي آءٌ چاهيان ٿو، ۽ جنهن ڳالهہ لاءِ مون هن کي موڪليو هوندو تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو اوهين خوشيءَ سان ٻاهر نڪرندا، ۽ سلامتيءَ سان اوهان کي وٺي ويندا: جبل ۽ ٽڪريون اوهان جي اڳيان ڳائڻ لڳنديون، ۽ جهنگ جا سڀ وڻ تاڙيون وڄائيندا.</verse>
				<verse number="13">ڪنڊيءَ جي بدران صنوبر جو وڻ ڄمندو، ۽ ڪنڊياريءَ جي بدران مر جو وڻ نڪرندو: ۽ اهو خداوند جي نالي لاءِ هميشہ جي نشانيءَ جي واسطي ٿيندو، جا ڪڏهن بہ ٽري نہ ويندي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="56">
				<verse number="1">خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين انصاف کي قائم رکو، ۽ سچائيءَ جا ڪم ڪريو: ڇالاءِ جو منهنجي نجات ويجهي آئي آهي، ۽ منهنجي راستبازي ظاهر ٿيڻ تي آهي.</verse>
				<verse number="2">مبارڪ آهي اهو ماڻهو جو ائين ٿو ڪري، ۽ اهو بني آدم جو انهي کي مڃي ٿو. جو سبت جي ڏينهن کي ناپاڪ ڪرڻ کان بچي ٿو، ۽ سڀ ڪنهن قسم جي برائيءَ کان پنهنجو هٿ روڪي ٿو.</verse>
				<verse number="3">جيڪو پرديسي خداوند سان اچي گڏيو آهي، سو ائين نہ چوي تہ خداوند ضرور مون کي پنهنجي اُمت کان ڌار ڪندو: نڪي نامرد ائين چوي تہ ڏسو آءٌ تہ هڪڙو سڪل وڻ آهيان.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيڪي نامرد منهنجن سبتن کي مڃين ٿا، ۽ منهنجي مرضيءَ کي پسند ٿا ڪن، ۽ منهنجي عهد تي قائم ٿا رهن:</verse>
				<verse number="5">تن کي آءٌ پنهنجي گهر ۾، ۽ پنهنجي ڀتين جي اندر اهڙي يادگار ۽ اهڙو نالو ڏيندس جو پٽن ۽ ڌيئرن کان بہ بهتر آهي؛ آءٌ انهن کي هميشہ جٽاءُ ڪندڙ نالو ڏيندس جو تباهہ ڪين ٿيندو.</verse>
				<verse number="6">۽ اهي پرديسي جي خداوند سان گڏجن ٿا، انهي لاءِ تہ سندس خدمت ڪن، ۽ خداوند جي نالي کي پيار ڪن، ۽ سندس بندا ٿين، اهي سڀيئي جي سبت جي ڏينهن کي ناپاڪ ڪرڻ کان بچي ٿا رهن، ۽ منهنجي عهد تي قائم ٿا رهن؛</verse>
				<verse number="7">تن کي بہ آءٌ پنهنجي پاڪ جبل تي آڻيندس، ۽ پنهنجي عبادتخاني ۾ خوش رکندس؛ انهن جون سوختني قربانيون، ۽ ذبح ڪرڻ واريون قربانيون منهنجيءَ قربانگاهہ تي قبول پونديون: ڇالاءِ جو منهنجو گهر سڀني قومن لاءِ عبادتگاهہ سڏبو.</verse>
				<verse number="8">خداوند خدا، جو اسرائيل جي نيڪالي ڏنلن کي گڏ ٿو ڪري، سو فرمائي ٿو تہ جيڪي هن جي اُمت جا اڳيئي گڏ ٿيل آهن، تن کان سواءِ ٻين کي بہ آءٌ آڻي انهن سان گڏ ڪندس،</verse>
				<verse number="9">اي جهنگ جا سڀ جانورو، ۽ ٻيلي جا سڀ حيوانو، اوهين اچي کائو.</verse>
				<verse number="10">هن جا پهريدار انڌا آهن، اهي سڀ بي علم آهن؛ اهي سڀ گونگا ڪتا آهن، اهي ڀونڪي نٿا سگهن؛ اهي خواب پيا لهن؛ ۽ انهن کي سستي پسند آهي.</verse>
				<verse number="11">هائو، اهي هٻڇي ڪتا آهن، جي ڪڏهن بہ ڍاپن نٿا؛ هي اُهي ڌنار آهن، جن کي ڪابہ سمجهہ ڪانهي: اُهي سڀيئي هر ڪنهن طرفان پنهنجي فائدي جي لاءِ پنهنجي رستي تي موٽي آيا آهن.</verse>
				<verse number="12">اهي چون ٿا تہ اوهين اچو، آءٌ شراب کڻي ٿو اچان، ۽ اسين خوب پي مست ٿينداسين، ۽ سڀاڻي جو ڏينهن بہ اڄوڪي ڏينهن وانگي ٿيندو، بلڪ انهي کان بہ وڌيڪ وڏو ڏينهن ٿيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="57">
				<verse number="1">راستباز تباهہ ٿو ٿئي، ۽ ڪنهن کي بہ اها ڳالهہ دل ۾ نٿي اچي؛ رحم وارا ماڻهو کڄيو وڃن، ۽ ڪنهن کي بہ اهو خيال نٿو اچي تہ راستباز ماڻهوءَ کي خرابيءَ جي ڪري پاسي ڪيو ٿو وڃي.</verse>
				<verse number="2">هو سلامتيءَ ۾ داخل ٿو ٿئي؛ جيڪي بہ پنهنجي سچائيءَ تي هلن ٿا سي پنهنجن بسترن تي آرام ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="3">پر اوهين جي جادوگرن جا پٽ، ۽ زناڪار مرد، ۽ ڪسبياڻيءَ جو اولاد آهيو، سي ويجها اچو.</verse>
				<verse number="4">اوهين ڪنهن تي ٺٺوليون ٿا ڪريو؟ اوهين ڪنهن تي ايڏو وات پٽيو ٿا ۽ زبان ڪڍو ٿا؟ اوهين گناهہ جا ٻار، ۽ ڪوڙ جو نسل نہ آهيو ڇا؟</verse>
				<verse number="5">اوهين، جي شاهہ بلوطن وٽ هر ڪنهن سائي وڻ هيٺ عيش عشرت ۾ گرم ٿا ٿيو؛ جي ماٿرين ۾، ۽ ٽڪرين جي ڦاٽن ۾ ٻار ٿا ڪهو؟</verse>
				<verse number="6">وادين جي لسن پهڻن ۾ تنهنجو حصو آهي؛ اُهي تنهنجي نصيب ۾ آهن: انهن ئي جي لاءِ تو پيئڻ واري قرباني اوتي آهي، ۽ نذرانو پيش ڪيو اٿيئي. انهن ڳالهين هوندي منهنجي ڪاوڙ ٿڌي ٿيندي ڇا؟</verse>
				<verse number="7">مٿانهين ۽ اُتانهين جبل تي تو پنهنجو هنڌ وڇايو آهي: قرباني چاڙهڻ لاءِ بہ تون اتي چڙهي وئين.</verse>
				<verse number="8">تو پنهنجو يادگيريءَ جو نشان درن ۽ ٿنڀن جي پٺيان کوڙيو آهي: ڇالاءِ جو تون مون کي ڇڏي ٻئي جي اڳيان پاڻ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ مٿي چڙهي ويئي آهين؛ تو پنهنجو بسترو پکيڙيو آهي، ۽ هنن سان عهد ڪيو اٿيئي؛ تو هنن جو بسترو جتي ڏٺو اتي پسند ڪيو اٿيئي.</verse>
				<verse number="9">تون تيل مکي بادشاهہ وٽ وئينءَ، ۽ تو وڌيڪ سرهاڻيون مکي پنهنجي ايلچي پري پري موڪليا، ۽ پاڻ کي بي عزت ڪري پاتال تائين پهچايئي.</verse>
				<verse number="10">تون پنهنجي پنڌ جي گهڻائيءَ ڪري ساڻي ٿي پيئينءَ؛ تڏهن بہ تو نہ چيو تہ انهي مان ڪابہ اُميد ڪانهي: تو پنهنجي خواهش وڌندي ڏٺي؛ تنهن ڪري ساڻي نہ ٿينءَ.</verse>
				<verse number="11">تون ڪنهن کان ڊني آهين، ۽ ڪنهن جي ڊپ جي ڪري ڪوڙ ٿي ڳالهائين، ۽ مون کي ياد نہ ڪيو اٿيئي، نڪي اها ڳالهہ دل تي آندي اٿيئي؟ آءٌ گهڻن ڏينهن کان ماٺ ڪندو نہ آيو آهيان ڇا، ۽ انهي ڪري تون مون کان نٿي ڊڄين ڇا؟</verse>
				<verse number="12">آءٌ تنهنجي راستبازي ظاهر ڪندس؛ پر تنهنجن ڪمن مان توکي ڪوبہ فائدو نہ رسندو.</verse>
				<verse number="13">جڏهن دانهن ڪنديئن، تڏهن جيڪي تو گڏ ڪيا آهن، سي ڀلي توکي ڇڏائين؛ پر واءُ انهن کي کڻي ويندو: هڪڙي ڦوڪ انهن سڀني کي اُڏائي ڇڏيندي: پر جيڪو مون تي ڀروسو رکندو سو زمين جو مالڪ ٿيندو، ۽ منهنجي پاڪ جبل جو وارث ٿيندو.</verse>
				<verse number="14">۽ ائين چيو ويندو، تہ مٿانهون ڪريو، مٿانهون ڪريو، رستو تيار ڪريو، منهنجي اُمت جي رستي تان ٿاٻي کائڻ جي شيءِ پاسي ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ تہ جيڪو عظيم، ۽ سربلند، ۽ سدائين قائم آهي، ۽ جنهن جو نالو پاڪ آهي: سو فرمائي ٿو تہ آءٌ مٿانهينءَ ۽ پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، ۽ انهيءَ سان گڏ بہ جيڪو شڪست دل ۽ نماڻو آهي، انهي لاءِ نماڻي جي روح کي ۽ شڪستہ دل کي وري تازو ڪريان.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو آءٌ هميشہ جهيڙو نہ ڪندس، نڪي آءٌ هميشہ ڪاوڙبس: نہ تہ روح ۽ جانيون جن کي مون پيدا ڪيو آهي سي منهنجي اڳيان بيتاب ٿي وينديون.</verse>
				<verse number="17">هن جي لالچ جي برائيءَ جي ڪري مون کي ڪاوڙ آئي، ۽ مون هن کي ماريو، مون ڪاوڙجي پنهنجو منهن لڪايو: ۽ هو بيحيائي ڪري پنهنجي دلپسند رستي تي هلندو رهيو.</verse>
				<verse number="18">مون هن جا رستا ڏٺا آهن، ۽ آءٌ هن کي چڱو ڀلو ڪندس: آءٌ هن جي رهبري ڪندس، ۽ هن کي ۽ هن جي غمخوارن کي موٽي تسلي ڏيندس.</verse>
				<verse number="19">خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ چپن جو ڦل پيدا ڪندس: سلامتي، سلامتي انهي تي جو پري آهي، ۽ جو ويجهو آهي؛ آءٌ هن کي شفا ڏيندس.</verse>
				<verse number="20">پر شرير ماڻهو طوفاني سمنڊ وانگي آهي؛ جنهن کي آرام ڪونهي، ۽ ان جو پاڻي گپ ۽ گند ٿو اُڇلائي.</verse>
				<verse number="21">منهنجو خدا فرمائي ٿو تہ شريرن کي آرام ڪونهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="58">
				<verse number="1">وڏي سڏ رڙيون ڪر، ڪوبہ سانگو نہ ڪر، تريءَ وانگي پنهنجو آواز بلند ڪر، منهنجيءَ اُمت کي سندس قصور، ۽ يعقوب جي گهراڻي کي سندس گناهہ، ظاهر ڪري ٻڌاءِ.</verse>
				<verse number="2">انهي هوندي بہ اهي هر روز مون کي ڳولين ٿا، ۽ منهنجن رستن معلوم ڪرڻ ۾ خوش ٿا ٿين: جيئن ڪا قوم راستبازيءَ جا ڪم ٿي ڪري، ۽ پنهنجي خدا جي حڪمن تي هلي ٿي، تنهن وانگي هو مون کان راستيءَ جا ڪم ٿا گهرن، ۽ خدا جي ويجهو وڃڻ ۾ خوش ٿا ٿين.</verse>
				<verse number="3">هو چون ٿا تہ اسين ڇو روزا ٿا رکون جڏهن تون اهي نٿو ڏسين؟ اسين ڇو پنهنجيءَ جان کي ڏک ٿا ڏيون جڏهن تون انهي جي خبر نٿو رکين؟ ڏسو پنهنجي روزي جي ڏينهن اوهين پنهنجي خوشي پوري ٿا ڪريو، ۽ زوريءَ ٻين کان ٿا وٺو.</verse>
				<verse number="4">ڏسو، اوهين جهيڙي ۽ تڪرار لاءِ روزو ٿا رکو، ۽ انهيءَ لاءِ تہ شرارت سان مُڪون هڻو: اوهين اڄ ڪلهہ اهڙو روزو نٿا رکو جو اوهان جو آواز آسمان ۾ ٻڌڻ ۾ اچي.</verse>
				<verse number="5">اهڙو روزو مون کي پسند آهي ڇا؟ يا اهڙو ڏينهن جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي جان کي ڏک ڏئي؟ يا ڪاني وانگي پنهنجو مٿو جهڪائي، ۽ پنهنجي هيٺان کٿو وڇائي ۽ رک پکيڙي؟ انهي کي تون روزو چوندين ڇا، ۽ خداوند وٽ ثاب پوڻ جو ڏينهن چوندين ڇا؟</verse>
				<verse number="6">جيڪو روزو مون کي پسند آهي سو هي ناهي ڇا تہ شرارت جا بند کولجن، يا پاڃاريءَ جا رسا ڇوڙجن، مظلومن کي آزاد ڪجي، ۽ هرڪا پاڃاري ڀڃي ڇڏجي؟</verse>
				<verse number="7">اهو روزو ناهي ڇا تہ تون پنهنجي ماني بکين کي ڏين، ۽ جيڪي غريب دربدر آهن تن کي پنهنجي گهر وٺي اچين؟ ۽ جڏهن ڪو اُگهاڙو ڏسين تہ انهي کي ڪپڙا ڍڪائين؛ ۽ پنهنجي هم جنس کان منهن نہ لڪائين؟</verse>
				<verse number="8">تڏهن تنهنجو سوجهرو صبح وانگي ڦٽندو، ۽ تون جلد صحت حاصل ڪندين: ۽ تنهنجي راستبازي تنهنجي اڳيان هلندي؛ ۽ خداوند جو جلال تنهنجي پٺ جي سنڀال ڪندو.</verse>
				<verse number="9">تڏهن تون سڏ ڪندين ۽ خداوند جواب ڏيندو؛ تون پڪاريندين ۽ هو چوندو تہ اِجهو آءٌ بيٺو آهيان. جيڪڏهن تون پنهنجي وچ مان ظلم جي پاڃاري ۽ انگشت نمائي، ۽ گلا ڪڍي ڇڏيندين؛</verse>
				<verse number="10">جيڪڏهن تون پنهنجيءَ دل سان بکين ڏانهن رغبت ڪندين، ۽ ڏکويل روح کي آسودو ڪندين؛ تہ تنهنجي روشنائي اوندهہ ۾ چمڪندي، ۽ تنهنجو انڌڪار ٻنپهرن جهڙو ٿيندو:</verse>
				<verse number="11">۽ خداوند هميشہ تنهنجي رهنمائي ڪندو، ۽ ويران جاين ۾ تنهنجي جان کي ڍاول رکندو، ۽ تنهنجن هڏن کي مضبوط ڪندو؛ ۽ تون پاڻي ڏنل باغ وانگي، ۽ انهي چشمي وانگي ٿيندين جنهن جو پاڻي نٿو کٽي.</verse>
				<verse number="12">۽ جيڪي تنهنجي نسل مان ٿيندا سي جهونيون ويران جايون وري جوڙيندا: تون گهڻين پيڙهين جي بنياد تي اڏاوت ڪندين؛ ۽ تون ڊٺلن جي مرمت ڪندڙ ۽ رهڻ لاءِ واٽن جو سنواريندڙ سڏبين.</verse>
				<verse number="13">جيڪڏهن تون سبت جي ڏينهن يعني منهنجي، پاڪ ڏينهن تي پنهنجيءَ مرضيءَ موجب ڪم ڪرڻ کان پنهنجو پير روڪيندين، ۽ سبت کي خوشيءَ جو ڏينهن، ۽ خداوند جو پاڪ، ۽ تعظيم جي لاءِ ڏينهن سڏيندين؛ ۽ انهي جي عزت ڪندين، ۽ پنهنجيءَ مرضيءَ تي نہ هلندين، ۽ پنهنجي خوشيءَ ۽ پنهنجي مطلب جون ڳالهيون نہ ڪندين:</verse>
				<verse number="14">تہ پوءِ تون خداوند ۾ خوش رهندين؛ ۽ آءٌ توکي زمين جي مٿانهين جاين تي چاڙهيندس: ۽ توکي تنهنجي پيءُ يعقوب جي ميراث مان کارائيندس: ڇالاءِ جو خداوند جي واتان ائين چيو ويو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="59">
				<verse number="1">ڏسو، خداوند جو هٿ ننڍو نہ ٿيو آهي، جو هو بچائي نہ سگهي؛ نڪي هن جو ڪن گهٻرو ٿيو آهي، جو هو ٻڌي نہ سگهي:</verse>
				<verse number="2">پر اوهانجين بدڪارين اوهان ۽ اوهان جي خدا جي وچ ۾ جدائي ڪئي آهي، ۽ اوهان جي گناهن هن جو منهن اوهان کان لڪايو جنهن ڪري هو نٿو ٻڌي.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو اوهان جا هٿ رت سان، ۽ اوهان جون آڱريون بدڪاريءَ سان ڀريل آهن؛ اوهان جي چپن ڪوڙ ڳالهايا آهن، ۽ اوهان جي زبان شرارت جون ڳالهيون ڪيون آهن.</verse>
				<verse number="4">ڪوبہ راستيءَ سان دعويٰ نٿو ڪري، ۽ ڪوبہ سچائيءَ سان حجت نٿو ڪري: اهي اجاين ڳالهين تي ڀروسو رکن ٿا، ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهائين؛ انهن جي پيٽ ۾ دغا آهي، ۽ هو بدڪاري ٿا ڄڻين.</verse>
				<verse number="5">اهي نانگ جي بيدن تي آرو ڪن ٿا، ۽ ڪوريئڙي جو ڄارو ٿا اُڻين: جيڪو انهن جي بيدن مان کائي ٿو سو مري ٿو، جيڪو چپجي ٿو تنهن مان نانگ ٿو نڪري.</verse>
				<verse number="6">انهن جي ڄارن مان ڪپڙا نہ ٺهندا، نڪي هو پاڻ کي پنهنجن ڪمن سان ڍڪيندا: انهن جا ڪم بدڪاريءَ جا آهن، ۽ انهن جي هٿن ۾ ظلم جو ڪم آهي.</verse>
				<verse number="7">انهن جا پير برائيءَ ڏانهن ڊوڙن ٿا، ۽ اهي بي گناهہ جو رت وهائڻ لاءِ تڪڙا ٿا ٿين: انهن جا خيال بدڪاريءَ جا آهن؛ انهن جي واٽن ۾ ويراني ۽ بربادي آهي.</verse>
				<verse number="8">سلامتيءَ جي رستي جي انهن کي خبر ڪانهي؛ ۽ انهن جي هلت چلت ۾ انصاف ڪونهي: انهن پنهنجي لاءِ ڏنگيون واٽون جوڙيون آهن؛ جيڪو انهن تي هلي ٿو تنهن لاءِ سلامتي ڪانهي.</verse>
				<verse number="9">تنهن ڪري انصاف اسان کان پري آهي، ۽ سلامتي اسان تائين نٿي پهچي: اسين سوجهري لاءِ نهاريون ٿا، پر اوندهہ ٿا ڏسون؛ روشنائيءَ لاءِ ٿا نهاريون، پر انڌڪار ۾ ٿا هلون.</verse>
				<verse number="10">اسين انڌن وانگي ڀت لاءِ هٿوراڙيون ٿا هڻون، هائو، انهن وانگي هٿوراڙيون ٿا هڻون جن کي اکيون ڪينهن: اسين ٻنپهرن جو ائين ٿاٻا ٿا کائون جيئن اونداهيءَ ۾؛ اسين تازن توانن جي وچ ۾ مئلن وانگي آهيون،</verse>
				<verse number="11">اسين سڀ رڇن وانگي گجگوڙ ڪريون ٿا: ۽ ڳيرن وانگي اوساريون ٿا: اسين انصاف جي واٽ تڪيون ٿا، پر اهو نہ ٿو لڀي؛ نجات جا منتظر آهيون، پر اها اسان کان پري آهي.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو اسان جا قصور تنهنجي اڳيان وڌي ويا آهن، ۽ اسان جا گناهہ اسان جي برخلاف شاهدي ٿا ڀرين: ڇو تہ اسان جا قصور اسان سان آهن، ۽ اسانجين بدڪارين جي اسان کي خبر آهي:</verse>
				<verse number="13">جو اسان قصور ڪيو آهي، ۽ خداوند جا منڪر ٿيا آهيون، ۽ پنهنجي خدا جي پيرويءَ کان پاسو ڪيو اٿئون، ۽ ظلم ۽ فساد جون ڳالهيون ٿا ڪريون، ۽ ڪوڙيون ڳالهيون دل ۾ ٿا رٿيون ۽ زبان سان ظاهر ٿا ڪريون.</verse>
				<verse number="14">۽ عدالت پٺ تي موٽائي ويئي آهي، ۽ راستبازي پري بيٺي آهي: ڇالاءِ جو سچ جو گهٽيءَ ۾ قدر ڪونهي، ۽ ايمانداري اندر اچي نٿي سگهي.</verse>
				<verse number="15">هائو، سچائي گم ٿي وئي آهي؛ جيڪو بديءَ کان پري ٿو ڀڄي سو پاڻ کي شڪار ٿو بنائي: ۽ خداوند اهو ڏٺو تہ عدالت آهي ئي ڪانہ، ۽ هن کي رنج ٿيو.</verse>
				<verse number="16">۽ هن ڏٺو تہ ڪو ماڻهو ڪونهي، ۽ عجب لڳس تہ ڪو شفاعت ڪرڻ وارو ڪونهي: تنهن ڪري هن پنهنجيءَ ٻانهن سان هن جي لاءِ نجات آندي؛ ۽ هن جي راستبازيءَ هن کي سنڀاليو.</verse>
				<verse number="17">هن راستبازيءَ کي زرهہ وانگي ڍڪيو، ۽ نجات جو ٽوپ مٿي تي رکيائين؛ ۽ هن ڪپڙن جي بدران انتقام جي پوشاڪ ڍڪي، ۽ جوش جو جامو پاتائين.</verse>
				<verse number="18">هو انهن کي سندن ڪمن موجب بدلو ڏيندو، پنهنجن مخالفن تي غضب نازل ڪندو، ۽ پنهنجي دشمنن کي سزا ڏيندو؛ ٻيٽن کي هو پورو بدلو ڏيندو.</verse>
				<verse number="19">تڏهن الهندي وارا خداوند جي نالي کان ڊڄندا، ۽ اُڀرندي وارا سندس جلال کان؛ ڇالاءِ جو هو انهيءَ ڇوهہ نديءَ وانگي ايندو، جنهن کي خداوند خدا جو دم ڪاهيندو اچي.</verse>
				<verse number="20">خداوند فرمائي ٿو تہ صيون ڏانهن، ۽ يعقوب ۾ جيڪي پنهنجن گناهن کان پشيمان آهن، تن ڏانهن هڪڙو نجات ڏيندڙ ايندو.</verse>
				<verse number="21">۽ خداوند فرمائي ٿو تہ انهن سان منهنجو هي عهد آهي، تہ منهنجو روح جو توتي آهي، ۽ منهنجو ڪلام جو مون تنهنجي وات ۾ وڌو آهي، سو تنهنجي وات مان، ۽ تنهنجي اولاد جي وات مان، ۽ تنهنجي اولاد جي اولاد جي وات مان، اڄ کان وٺي هميشہ تائين ڪين نڪرندو، خداوند ٿو فرمائي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="60">
				<verse number="1">اُٿ روشن ٿي، ڇالاءِ جو تنهنجي روشنائي آئي آهي، ۽ خداوند جو جلال توتي ظاهر ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو ڏس، اوندهہ زمين کي ڍڪي ڇڏيندي، ۽ گهاٽي اوندهہ قومن کي: پر خداوند توتي ظاهر ٿيندو، ۽ هن جو جلال توتي ڏسڻ ۾ ايندو.</verse>
				<verse number="3">۽ تنهنجيءَ روشنائي تي قومون اينديون، ۽ تنهنجي اُڀرڻ جي چمڪاٽ تي بادشاهہ ايندا.</verse>
				<verse number="4">پنهنجون اکيون کڻي چوڌاري نهار: اُهي سڀ گڏ ٿين ٿا، اُهي سڀ تو ڏانهن ٿا اچن: تنهنجا پٽ پري کان ايندا، ۽ تنهنجن ڌيئرن کي هنج ۾ کڻي ايندا.</verse>
				<verse number="5">تڏهن تون ڏسندينءَ ۽ روشن ٿيندينءَ، ۽ تنهنجي دل ٽپندي ۽ شاد ٿيندي؛ ڇالاءِ جو سمنڊ جي دولت تو ڏانهن موٽائي ويندي، ۽ قومن جا خزانا تو وٽ ايندا.</verse>
				<verse number="6">اُٺن جون قطارون، ۽ مديان ۽ عيفہ جا ڪنواٺ توکي ڀري ڇڏيندا؛ اهي سڀ سبا مان ايندا ۽ اُهي سون ۽ لوبان آڻيندا، ۽ خداوند جي تعريف ظاهر ڪندا.</verse>
				<verse number="7">قيدار جا سڀ ڌڻ تو وٽ گڏ ٿيندا، ۽ نبايوت جا گهٽا تنهنجي خدمت ڪندا: اهي منهنجيءَ قربانگاهہ تي قبول پوندا، ۽ آءٌ پنهنجي جلال جي گهر کي وڌيڪ جلالي ڪندس.</verse>
				<verse number="8">هي ڪير آهن جي بادلن وانگر، ۽ جيئن ڪبوتر پنهنجين درين ڏانهن اُڏامن، تيئن اُڏامندا ٿا اچن؟</verse>
				<verse number="9">يقين آهي تہ ٻيٽ مون لاءِ منتظر ٿيندا، ۽ ترسيس جا جهاز پهرين تنهنجن پٽن کي سندس سون ۽ روپي سميت، خداوند تنهنجي خدا جي نالي لاءِ، ۽ اسرائيل جي قدوس لاءِ، پري کان آڻيندا، ڇالاءِ جو هن توکي جلال بخشيو آهي.</verse>
				<verse number="10">۽ ڌاريا ماڻهو تنهنجون ڀتيون اڏيندا، ۽ انهن جا بادشاهہ تنهنجي خدمت ڪندا: ڇالاءِ جو مون پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ توکي ڌڪ هنيو، ۽ وري پنهنجيءَ مهربانيءَ ڪري توتي رحم ڪيو اٿم.</verse>
				<verse number="11">تنهنجا دروازا بہ هميشہ کليل رهندا؛ اهي نہ ڏينهن جو بند ٿيندا نہ رات جو؛ انهي لاءِ تہ ماڻهو قومن جي دولت کڻي، ۽ پنهنجن بادشاهن کي ساڻ وٺي تو وٽ اچن.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ تہ جيڪا قوم ۽ بادشاهت تنهنجي خدمت نہ ڪندي سا تباهہ ٿي ويندي؛ هائو، اهي قومون اصل چٽ ٿي وينديون.</verse>
				<verse number="13">لبنان جو جلال، يعني صنوبر جا وڻ، ۽ ديال ۽ شمشاد جو ڪاٺ گڏجي تو وٽ ايندا، تہ منهنجي پاڪ مڪان کي سينگارين، آءٌ پنهنجيءَ قدمگاهہ کي جلالي ڪندس.</verse>
				<verse number="14">۽ جن توکي ستايو آهي تن جا پٽ مٿو جهڪائي تو وٽ ايندا؛ ۽ جن تنهنجي تحقير ڪئي آهي سي سڀ تنهنجن پيرن جي ترين وٽ سجدو ڪندا؛ ۽ توکي خداوند جو شهر ۽ اسرائيل جي قدوس جو صيون سڏيندا.</verse>
				<verse number="15">جيئن تہ توکي ڇڏي ڏنو اٿن ۽ تو کان نفرت ڪئي اٿن، ايتري قدر جو ڪوبہ ماڻهو تو منجهان نٿي لنگهيو، تيئن آءٌ توکي هميشہ لاءِ اقبالمندي بخشيندس ۽ گهڻين پيڙهين لاءِ خوشي بنائيندس.</verse>
				<verse number="16">تون قومن جو کير چوسيندينءَ ۽ بادشاهن جي ڇاتي بہ چوسيندينءَ، ۽ تون ڄاڻندينءَ، تہ آءٌ خداوند تنهنجو نجات ڏيڻ وارو ۽ ڇڏائيندڙ، ۽ يعقوب جو قادر آهيان.</verse>
				<verse number="17">آءٌ پتل جي بدران سون آڻيندس، ۽ لوهہ جي بدران چاندي آڻيندس، ۽ ڪاٺ جي بدران پتل، ۽ پهڻن جي بدران لوهہ: آءٌ تنهنجن عملدارن کي سلامتي، ۽ تنهنجي ڍل اُڳاڙڻ وارن کي سچائي بنائيندس.</verse>
				<verse number="18">تنهنجي ملڪ ۾ وري ظلم زبردستي ٻڌڻ ۾ نہ ايندي، نڪي تنهنجين سرحدن ۾ ويراني ۽ بربادي ٻڌڻ ۾ ايندي؛ پر تون پنهنجين ڀتين کي نجات، ۽ پنهنجن دروازن کي تعريف سڏيندينءَ.</verse>
				<verse number="19">اڳتي وري توکي ڏينهن جي سوجهري لاءِ سج جي ضرورت ڪانہ پوندي، نڪي چنڊ روشنائيءَ لاءِ توتي چمڪندو: پر خداوند تو لاءِ هميشہ جي روشني ٿيندو، ۽ تنهنجو خدا تنهنجو جلال ٿيندو.</verse>
				<verse number="20">تنهنجو سج اڳتي وري نہ لهندو، نڪي چنڊ وري گم ٿي ويندو: پر خداوند تنهنجي هميشہ جي روشنائي ٿيندو، ۽ تنهنجي ماتم جا ڏينهن پورا ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="21">تنهنجي سڄي اُمت راستباز ٿيندي، ۽ اُهي هميشہ لاءِ زمين جا وارث ٿيندا؛ اُهي منهنجي پوکيل وڻ جي ٽاري، ۽ منهنجي هٿن جو ڪم ٿيندا، انهي لاءِ تہ منهنجو جلال ظاهر ٿئي.</verse>
				<verse number="22">هڪڙي ننڍڙي مان هزار ٿيندا، ۽ ٿوري مان زبردست قوم ٿيندي: آءٌ خداوند پوري وقت تي جلد اهو ڪندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="61">
				<verse number="1">خداوند خدا جو روح مون تي آهي؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي مسح ڪيو آهي تہ مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان؛ هن مون کي موڪليو آهي تہ دل شڪستن جي دلجوئي ڪريان، قيدين کي آزاديءَ جي، ۽ جيڪي بند ۾ آهن تن جي بند کولڻ جي پڌرائي ڪريان.</verse>
				<verse number="2">۽ خداوند جي مقبول سال، ۽ خدا جي بدلي وٺڻ جي ڏينهن جي پڌرائي ڪريان؛ ۽ جيڪي ماتم ٿا ڪن، تن سڀني کي دلاسو ڏيان.</verse>
				<verse number="3">جيڪي صيون ۾ ماتم ٿا ڪن تن لاءِ اهو ٺهرايان تہ انهن کي رک جي بدران گلن جو ڇٽ، ۽ ماتم جي بدران خوشيءَ جو تيل، ۽ دل جي ڏک جي بدران تعريف جي پوشاڪ ڏيان؛ تہ اهي راستبازيءَ جا وڻ، ۽ خداوند جا پوکيل سڏجن، جنهن ڪري هن جو جلال ظاهر ٿئي.</verse>
				<verse number="4">۽ اهي قديم ويران جايون اڏيندا، ۽ اڳوڻيون سڃيون جايون کڙيون ڪندا، ۽ اهي ويران شهرن ۾ گهڻين پيڙهين جي سڃين جاين جي مرمت ڪندا.</verse>
				<verse number="5">۽ ڌاريا ماڻهو بيهي اوهان جا ڌڻ چاريندا، ۽ پرديسي اوهان جا هاري ۽ باغائي ٿيندا.</verse>
				<verse number="6">پر اوهين خداوند جا ڪاهن سڏبا: ماڻهو اوهان کي اسان جي خدا جا خادم سڏيندا: اوهين قومن جي دولت کائيندا، ۽ انهن جو شان حاصل ڪري اوهين فخر ڪندا.</verse>
				<verse number="7">اوهان جي شرمندگيءَ جي عيوض اوهان کي ٻيڻو ملندو؛ ۽ مونجهاري جي واسطي اوهين پنهنجي ڀاڱي تي خوش ٿيندا: تنهن ڪري اهي پنهنجي ملڪ ۾ ٻيڻي جا مالڪ ٿيندا: انهن کي هميشہ جي خوشي حاصل ٿيندي.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو آءٌ خداوند عدالت کي پسند ٿو ڪريان، ۽ ڦرمار ۽ بي انصافيءَ کان نفرت ٿو ڪريان: آءٌ انهن کي سچائيءَ سان سندن عيوضو ڏيندس، ۽ آءٌ انهن سان هميشہ لاءِ عهد ڪندس.</verse>
				<verse number="9">۽ انهن جو نسل قومن ۾ مشهور ٿيندو، ۽ انهن جو اولاد اُمتن ۾: جيڪي انهن کي ڏسندا سي سڀ قبول ڪندا تہ هي اهو نسل آهي جنهن کي خداوند برڪت ڏني آهي.</verse>
				<verse number="10">آءٌ خداوند ۾ گهڻو خوش ٿيندس، منهنجو روح منهنجي خدا ۾ راضي رهندو؛ ڇالاءِ جو هن جيئن ڪو گهوٽ پاڻ کي ڇٽ سان سينگاري، يا ڪا ڪنوار پاڻ کي جواهرن سان سينگاري، تيئن مون کي نجات جي پوشاڪ پهرائي آهي، هن مون کي راستبازيءَ جو وڳو ڍڪايو آهي.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ تہ جيئن زمين پنهنجا سلا ڪڍي ٿي، ۽ جيئن باغ ۾ جيڪي پوکجي ٿو تنهن کي اهو ٻاهر ٿو ڪڍي؛ تيئن خداوند بہ راستبازيءَ ۽ تعريف کي سڀني قومن تي ظاهر ڪندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="62">
				<verse number="1">صيون جي خاطر آءٌ ماٺ ڪري نہ ويهندس، ۽ يروشلم جي خاطر آءٌ آرام نہ ڪندس، جيسين ڪ هن جي راستبازي روشنائيءَ وانگي ظاهر نہ ٿيندي، ۽ هن جي نجات ٻرندڙ ڏيئي وانگي نہ ڏسبي.</verse>
				<verse number="2">۽ قومون تنهنجي راستبازي ڏسنديون، ۽ سڀ بادشاهہ تنهنجو جلال ڏسندا: تون هڪڙي نئين نالي سان سڏبينءَ، جو خداوند جي واتان ڏنو ويندو.</verse>
				<verse number="3">تون خداوند جي هٿ ۾ سونهن جو تاج ٿيندينءَ، ۽ پنهنجي خدا جي هٿ ۾ شاهي ڇٽ ٿيندينءَ.</verse>
				<verse number="4">تون اڳتي ڇڏيل نہ سڏبينءَ؛ نڪي تنهنجي زمين اڳتي سڃي سڏبي: پر تون حفضيباہ (منهنجي سرهائي) سڏبينءَ ۽ تنهنجي زمين بعولاہ (وريتي) سڏبي: ڇالاءِ جو خداوند تو مان خوش آهي، ۽ تنهنجي زمين پرڻجندي.</verse>
				<verse number="5">جيئن ڪو جوان ماڻهو ڪنواريءَ سان پرڻبو آهي، تيئن تنهنجا پٽ تو سان پرڻبا: ۽ جيئن گهوٽ ڪنوار مان خوش ٿيندو آهي، تيئن تنهنجو خدا تو مان خوش ٿيندو.</verse>
				<verse number="6">اي يروشلم، مون تنهنجين ڀتين تي پهريدار بيهاريا آهن، اهي نہ ڏينهن جو ۽ نہ رات جو، ڪڏهن بہ ماٺ ڪري ڪين ويهندا: اوهين جي خداوند جو ذڪر ڪندڙ آهيو سي ماٺ نہ ڪريو.</verse>
				<verse number="7">۽ جيسين هو يروشلم کي قائم نہ ڪري، ۽ انهي کي زمين تي تعريف جي لائق نہ ڪري، تيسين هن کي آرام نہ ڏيو.</verse>
				<verse number="8">خداوند پنهنجي ساڄي هٿ جو، ۽ پنهنجيءَ زور واريءَ ٻانهن جو قسم کنيو آهي، تہ تنهنجو اَن تنهنجي دشمنن کي کائڻ لاءِ نہ ڏيندس؛ نڪي تنهنجو شراب، جنهن لاءِ تو محنت ڪئي آهي، سو ڌاريا پيئندا.</verse>
				<verse number="9">پر جن اهو اَن گڏ ڪيو آهي سي ئي اهو کائيندا، ۽ خداوند جي تعريف ڪندا؛ ۽ جن اهو شراب گڏ ڪيو آهي سي ئي منهنجي پاڪ مڪان جي ايوانن ۾ اهو پيئندا.</verse>
				<verse number="10">لنگهي وڃو، دروازن مان لنگهي وڃو، اوهين اُمت جو رستو تيار ڪريو؛ شاهي سڙڪ مٿانهين ڪريو، مٿانهين ڪريو؛ پهڻ ميڙي پري ڪريو؛ قومن جي لاءِ جهنڊو کڙو ڪريو.</verse>
				<verse number="11">ڏسو، خداوند زمين جي ڇيڙي تائين اهو ظاهر ڪيو آهي، اوهين صيون جي ڌيءَ کي چئو تہ ڏس، تنهنجي نجات اچي ٿي؛ ڏس هن جو انعام انهي سان آهي، ۽ هن جو عيوضو هنن جي اڳيان آهي.</verse>
				<verse number="12">هو انهن کي پاڪ اُمت، ۽ خداوند جا ڇڏايل سڏيندا: ۽ تون ڳولي ڪڍيل، ۽ آباد شهر سڏبينءَ.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="63">
				<verse number="1">هي ڪير آهي جو ادوم کان ٿو اچي، ۽ قرمزي ڪپڙا پائي بصراہ کان ٿو اچي؟ اهو جنهن جي پوشاڪ شاندار آهي، ۽ جو ڏاڍي زور سان ٿو هلي؟ اهو آءٌ آهيان، جو راستبازيءَ سان ٿو ڳالهايان، ۽ بچائڻ لاءِ قادر آهيان.</verse>
				<verse number="2">تنهنجي پوشاڪ ڇو ڳاڙهي آهي، ۽ تنهنجا ڪپڙا انهي ماڻهوءَ جهڙا ڇو آهن جو انگور جو حوض ۾ لتاڙيندو آهي؟</verse>
				<verse number="3">مون اڪيلي انگور جو چيچڙو لتاڙيو آهي؛ ۽ قومن مان ڪوبہ ماڻهو مون سان ڪونہ هو؛ هائو، غصي ۾ مون انهن کي لتاڙيو، ۽ ڪاوڙ ۾ مون انهن کي چٿيو؛ انهن جو رت منهنجي ڪپڙن تي ڇاٽاريو ويو، ۽ منهنجن سڀني ڪپڙن تي داغ ٿيا آهن.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو انتقام جو ڏينهن منهنجيءَ دل ۾ هو، ۽ منهنجن ڇڏايلن جو سال اچي پهتو آهي.</verse>
				<verse number="5">مون نهاريو، پر ڪوبہ مدد ڪرڻ وارو ڪونہ هو؛ ۽ مون کي عجيب لڳو تہ سنڀال ڪرڻ وارو ڪوبہ ڪونهي: تنهن ڪري خود منهنجيءَ ٻانهن نجات آندي؛ ۽ منهنجيءَ ڪاوڙ مون کي غيرت ڏني.</verse>
				<verse number="6">۽ غصي ۾ مون قومن کي لتاڙيو، ۽ ڪاوڙ ۾ انهن کي مست ڪيم، ۽ انهن جو رت زمين تي وهائي ڇڏيم.</verse>
				<verse number="7">آءٌ خداوند جي پيار ڀري مهربانيءَ جو، ۽ خداوند جي تعريف جو، انهن سڀني نعمتن موجب ذڪر ڪندس، جي اسان کي عطا ڪيون اٿس؛ ۽ اسرائيل جي گهراڻي سان پنهنجن رحمتن، ۽ بي انداز پيار ڀريءَ مهربانيءَ موجب جيڪا ڀلائي ڪئي اٿس.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو هن چيو تہ يقيناً، هيءَ منهنجي اُمت آهي؛ اهي اهڙا ٻار آهن، جي دغا نہ ڪندا: تنهن ڪري هو انهن جو نجات ڏيندڙ ٿيو.</verse>
				<verse number="9">هو انهن جي سڀني ڏکن ۾ ڏکي ٿيو، ۽ سندس حضوريءَ جي فرشتي انهن کي بچايو: هن پنهنجي رحم ۽ پنهنجي قياس سان سندن عيوضو ڏنو؛ ۽ قديم زماني کان انهن کي کڻي گهمائيندو رهيو.</verse>
				<verse number="10">پر انهن بغاوت ڪئي ۽ هن جي پاڪ روح کي رنجايائون: تنهن ڪري هو ڦري انهن جو دشمن ٿيو، ۽ پاڻ انهن سان وڙهيو.</verse>
				<verse number="11">پوءِ هن اڳين ڏينهن کي، ۽ موسيٰ ۽ پنهنجيءَ اُمت کي ياد ڪيو. هاڻي اهو ڪٿي آهي جنهن انهن کي سندس ڌڻ جي ڌنارن سان گڏ سمنڊ مان ڪڍي آندو؟ اهو ڪٿي آهي جنهن پنهنجو پاڪ روح انهن ۾ وڌو؟</verse>
				<verse number="12">جنهن پنهنجيءَ جلال واريءَ ٻانهن سان موسيٰ جي ساڄي هٿ جي مدد ڪئي؟ جنهن پنهنجو نالو هميشہ قائم رکڻ لاءِ، انهن جي اڳيان پاڻيءَ جا ٻہ ڀاڱا ڪيا.</verse>
				<verse number="13">جو انهن کي اونهن پاڻين مان ائين وٺي هليو جيئن ڪو گهوڙو بيابان ۾ هلي، جنهن ڪري انهن کي ٿاٻو ئي نہ آيو؟</verse>
				<verse number="14">خداوند جي روح انهن کي اهڙو آرام ڏنو جهڙو واديءَ ۾ چوپائي مال کي ملندو آهي: اهڙيءَ طرح تو پنهنجيءَ اُمت جي سونهپ ڪئي، انهيءَ لاءِ تہ تون پنهنجو نالو جلال وارو ڪرين.</verse>
				<verse number="15">آسمان تان هيٺ نهار، ۽ پنهنجي پاڪ ۽ جلال واري مڪان مان ڏس، تنهنجا غيرت ۽ تنهنجا قدرت وارا ڪم ڪٿي آهن؟ تنهنجي آنڊن جي اُڪير ۽ تنهنجون رحمتون جي مون تي هيون سي روڪجي ويون آهن.</verse>
				<verse number="16">تون اسان جو پيءُ آهين، جيتوڻيڪ ابرهام اسان کي نٿو سڃاڻي، ۽ اسرائيل اسان کي قبول نٿو ڪري: تون اي خداوند اسان جو پيءُ آهين؛ ازل کان تنهنجو نالو آهي اسان جو ڇڏائيندڙ.</verse>
				<verse number="17">اي خداوند ڇو تون اسان کي پنهنجن رستن کان گمراهہ ٿو ڪرين، ۽ اسان جي دل کي سخت ٿو ڪرين تہ تنهنجو ڊپ نہ رکون؟ پنهنجن بندن جي خاطر، ۽ پنهنجي ميراث جي قبيلن جي خاطر موٽي اچ.</verse>
				<verse number="18">رڳو ٿوري وقت جي لاءِ تنهنجي پاڪ اُمت جو انهي تي قبضو رهيو: اسان جي دشمنن تنهنجي پاڪ مڪان کي پائمال ڪري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="19">اسين انهن جهڙا ٿيا آهيون جن تي تو ڪڏهن بہ حڪومت نہ هلائي؛ ۽ جي تنهنجي نالي جا نٿا سڏجن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="64">
				<verse number="1">جي تون آسمان ڦاڙي هيٺ لهي اچين، ۽ تنهنجي حضور ۾ جبل ڪنبن تہ ڏاڍو چڱو.</verse>
				<verse number="2">جيئن باهہ سڪل ٻوڙن کي ساڙي ٿي، ۽ پاڻي باهہ تي ٽهڪي ٿو؛ تيئن تون پنهنجن دشمنن ۾ پنهنجو نالو مشهور ڪر، ۽ قومون تنهنجي حضور ۾ ڏڪن؛</verse>
				<verse number="3">جڏهن تو اهڙا خوفناڪ ڪم ڪيا جن جي اسان کي اميد ڪانہ هئي، يعني تون هيٺ لهي آئين تڏهن تنهنجي حضور ۾ جبل ڪنبڻ لڳا.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو قديم وقت کان وٺي ماڻهن تو کان سواءِ اهڙو ڪو خدا نہ ٻڌو آهي، نہ ڪنهن جي ڪنن تائين اهو پهتو آهي، نہ ڪنهن جي اک اهو ڏٺو آهي، جو پنهنجي انتظار ڪرڻ واري لاءِ اهڙا ڪم ڪري.</verse>
				<verse number="5">جيڪو خوشيءَ سان انهن کي ملي ٿو جي راستبازيءَ جا ڪم ٿا ڪن، ۽ تنهنجين واٽن تي هلي توکي ياد ٿا ڪن: ڏس تون ڪاوڙئين، ڇو تہ اسان گناهہ ڪيا، انهن ۾ اسين گهڻو وقت رهياسين، تنهن ڪري اسان کي نجات ملندي ڇا؟</verse>
				<verse number="6">اسين ناپاڪ ماڻهوءَ جهڙا ٿي پيا آهيون، ۽ اسان جي سڀ راستبازي پليت ٿيل پوشاڪ وانگي آهي: اسين سڀ پن وانگر ڪومائجي وڃون ٿا؛ ۽ اسان جون بدڪاريون واءُ وانگيان اسان کي اڏايو ڇڏين.</verse>
				<verse number="7">ڪوبہ اهڙو ڪونهي جو تنهنجو نالو وٺي پڪاري، جو توتي ٽيڪ رکڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿئي؛ ڇالاءِ جو تو پنهنجو منهن اسان کان لڪايو آهي، ۽ اسانجين بدڪارين جي ڪري اسان کي کپائي ڇڏيو اٿيئي.</verse>
				<verse number="8">پر هاڻي، اي خداوند، تون اسان جو ابو آهين؛ اسين مٽي آهيون ۽ تون اسان جو ڪنڀر آهين؛ ۽ اسين سڀ تنهنجي دستڪاري آهيون.</verse>
				<verse number="9">اي خداوند تون نهايت گهڻو نہ ڪاوڙج، ۽ اسان جي بدڪارين کي هميشہ تائين ياد نہ ڪر: نهار، ڏس، اسين توکي منٿ ٿا ڪريون، اسين تنهنجي اُمت آهيون.</verse>
				<verse number="10">تنهنجا پاڪ شهر بيابان ٿي ويا آهن، صيون بيابان ٿيو آهي، ۽ يروشلم ويران آهي.</verse>
				<verse number="11">اسان جي پاڪ ۽ اسان جي سهڻي هيڪل، جتي اسان جن ابن ڏاڏن تنهنجي تعريف ٿي ڪئي، تنهن کي باهہ ساڙي ڇڏيو آهي؛ ۽ اسان جون سڀ سٺيون شيون تباهہ ٿي ويون آهن.</verse>
				<verse number="12">اي خداوند، انهن ڳالهين هوندي بہ تون پاڻ کي روڪي ڇڏيندين ڇا؟ تون ماٺ ڪري اسان کي سخت مصيبت ۾ پيو وجهندين ڇا؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="65">
				<verse number="1">جن مون کي نٿي گهريو سي منهنجي پڇا ٿا ڪن؛ جن مون کي نٿي ڳوليو، تن مون کي لڌو آهي: جا قوم منهنجي نالي سان سڏجڻ ۾ نٿي آئي، تنهن کي مون چيو تہ مون ڏانهن نهار، مون ڏانهن نهار.</verse>
				<verse number="2">مون سارو ڏينهن هڪڙيءَ اهڙيءَ فسادي اُمت ڏانهن هٿ کنيا آهن جا پنهنجن خيالن موجب خراب رستي تي ٿي هلي؛</verse>
				<verse number="3">بلڪ اهڙي اُمت جا هميشہ منهنجي روبرو مون کي چڙ ٿي ڏياري، جا باغن ۾ قربانيون ٿي چاڙهي، ۽ سرن تي لوبان ٿي ساڙي؛</verse>
				<verse number="4">جا قبرن جي وچ ۾ ويهي ٿي، ۽ ڳجهين جاين ۾ راتيون ٿي گذاري؛ جا سوئر جو گوشت کائي ٿي، ۽ ڪراهت جهڙين شين جو تيوڻ سندس ٿانوَن ۾ آهي.</verse>
				<verse number="5">جا چوي ٿي تہ پري ٿي بيهہ، منهنجي ويجهو نہ اچ؛ ڇالاءِ جو آءٌ توکان پاڪ آهيان: اهي منهنجي نڪ ۾ دونهين جهڙا، ۽ سڄو ڏينهن ٻرندڙ باهہ جهڙا آهن.</verse>
				<verse number="6">ڏس، منهنجي اڳيان هيئن لکيل آهي: خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ ماٺ نہ ڪندس، پر بدلو ڏيندس، هائو انهن جي هنج ۾ بدلو ڏيندس،</verse>
				<verse number="7">خود اوهان جين بدڪارين ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن جي بدڪارين جو، جن جبلن تي لوبان ساڙيو آهي، ۽ ٽڪرين تي منهنجي لاءِ ڪفر پئي بڪيو اٿن: تنهن ڪري آءٌ پهرين انهن جا ڪم سندس هنج ۾ ماپي ڏيندس.</verse>
				<verse number="8">خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيئن انگور جي ڇڳي ۾ رس هوندي آهي، ۽ ڪو چوي تہ هن کي برباد نہ ڪر ڇو تہ هن ۾ برڪت آهي، تيئن آءٌ پنهنجي بندن جي خاطر ڪندس، تہ آءٌ هنن سڀني کي برباد نہ ڪريان.</verse>
				<verse number="9">۽ آءٌ يعقوب مان هڪڙو نسل پيدا ڪندس، ۽ يهوداہ مان پنهنجن جبلن جو هڪڙو وارث: ۽ منهنجا چونڊيل انهي جا وارث ٿيندا، ۽ منهنجا بندا اتي رهندا.</verse>
				<verse number="10">منهنجي اُمت جنهن مون کي ڳوليو آهي تنهن لاءِ شارون ڌڻ جو واڙو ٿيندو، ۽ عڪور جي وادي ڍورن جي سمهڻ جي جاءِ ٿيندي.</verse>
				<verse number="11">پر اوهين جي خداوند کي ڇڏيو ٿا، جي منهنجي پاڪ جبل کي وساريو ٿا، ۽ جي نصيب جي جنتري ٺاهيو ٿا، ۽ جي قسمت لاءِ گڏيل شراب جو پيالو ٿا ڀريو؛</verse>
				<verse number="12">آءٌ اوهان کي ترار جي لاءِ مقرر ڪندس، ۽ اوهين قتل ٿيڻ لاءِ ڪنڌ جهڪائيندا: ڇالاءِ تہ جڏهن مون سڏيو تڏهن اوهان جواب ڪونہ ڏنو؛ جڏهن مون ڳالهايو، تڏهن اوهان نہ ٻڌو؛ جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب هو سو اوهان ڪيو، ۽ جنهن سان آءٌ راضي نہ هوس، سو اوهان پسند ڪيو.</verse>
				<verse number="13">تنهن ڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، منهنجا بندا کائيندا، پر اوهين بکيا رهندا؛ ڏسو، منهنجا بندا پيئندا، پر اوهين اُڃيا رهندا: ڏسو، منهنجا بندا خوشيون ڪندا، پر اوهين شرمندا ٿيندا:</verse>
				<verse number="14">ڏسو، منهنجا بندا دل جي خوشيءَ ڪري ڳالهائيندا، پر اوهين دل جي ڏک ڪري دانهون ڪندا، ۽ روح جي رنج ڪري واويلا مچائيندا.</verse>
				<verse number="15">۽ اوهين پنهنجو نالو منهنجن چونڊيلن جي لاءِ لعنت وانگي ڇڏيندا، ۽ خداوند خدا توکي قتل ڪندو؛ ۽ هو پنهنجن بندن کي ٻئي نالي سان سڏيندو؛</verse>
				<verse number="16">جنهن ڪري زمين تي جيڪو پاڻ لاءِ برڪت گهرندو، سو سچي خدا جي نالي پاڻ لاءِ برڪت گهرندو؛ ۽ جيڪو زمين تي قسم کڻندو، سو سچي خدا جي نالي قسم کڻندو؛ ڇالاءِ جو اڳوڻيون تڪليفون وسري ويون آهن. ۽ اهي منهنجين اکين کان لڪل آهن.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو ڏسو، آءٌ نوان آسمان ۽ نئين زمين پيدا ٿو ڪريان: ۽ اڳوڻيون شيون ياد نہ ڪيون وينديون، ۽ نہ دل تي اينديون.</verse>
				<verse number="18">پر اوهين سرها ٿيو، ۽ جيڪي آءٌ پيدا ٿو ڪريان تنهن تي هميشہ خوشي ڪريو: ڇالاءِ جو ڏسو، آءٌ يروشلم کي خوشي، ۽ ان جي ماڻهن کي سرهائي بنائيندس.</verse>
				<verse number="19">آءٌ يروشلم جي ڪري خوش ٿيندس، ۽ پنهنجي اُمت جي ڪري سرهو ٿيندس: ۽ انهي ۾ روئڻ ۽ دانهون ڪرڻ جو آواز وري اڳتي ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.</verse>
				<verse number="20">۽ هن کان پوءِ اتي نہ اهڙو ننڍڙو ٻار هوندو، ۽ نڪو اهڙو ٻڍو هوندو، جو پنهنجيءَ حياتيءَ جا ڏينهن پورا نہ ڪري: ڇالاءِ جو ٻار بہ سؤ ورهين جو ٿي مرندو، ۽ جيڪو گنهگار سؤ ورهين جو ٿيندو سو لعنتي ٿيندو.</verse>
				<verse number="21">۽ اهي گهر اڏيندا ۽ انهن ۾ رهندا؛ اهي ڊاک جا منهہ لڳائيندا، ۽ انهن جو ميوو کائيندا،</verse>
				<verse number="22">ائين نہ ٿيندو تہ اهي گهر اڏيندا ۽ ٻيا اچي انهن ۾ رهندا؛ ۽ اهي پوکيندا ۽ ٻيا اچي کائيندا: ڇالاءِ جو منهنجيءَ اُمت جي عمر وڻ جي عمر جيتري ٿيندي، ۽ منهنجا چونڊيل پنهنجن هٿن جي ڪم مان گهڻي وقت تائين فائدو وٺندا.</verse>
				<verse number="23">انهن جو پورهيو اجايو نہ ويندو، نڪي سندن اولاد تي آفت ايندي؛ ڇالاءِ جو اهي پنهنجي اولاد سميت خداوند جي مبارڪ ماڻهن جو نسل آهن.</verse>
				<verse number="24">۽ هيئن ٿيندو تہ انهن جي سڏڻ کان اڳي آءٌ جواب ڏيندس؛ ۽ اُهي اڃا ڳالهائيندا هوندا، تہ آءٌ سندن ٻڌندس.</verse>
				<verse number="25">خداوند فرمائي ٿو، تہ بگهڙ ۽ گهيٽو گڏ چرندا، ۽ شينهن ڍڳي وانگي گاهہ کائيندو: ۽ مٽي نانگ جو کاڌو ٿيندي. منهنجي سڄي پاڪ جبل ۾ اهي نہ ڪنهن کي ايذاءُ رسائيندا نہ برباد ڪندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="66">
				<verse number="1">خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ آسمان منهنجو تخت آهي، ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي: اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گهر جوڙيندا؟ ۽ ڪهڙي جاءِ منهنجي آرامگاهہ ٿيندي؟</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو، تہ اهي سڀ شيون منهنجن هٿن جوڙيون آهن، ۽ انهيءَ طرح هستيءَ ۾ آيون آهن: پر آءٌ اُنهيءَ ماڻهوءَ تي نظر ڪندس جو غريب ۽ پشيمان روح وارو آهي ۽ منهنجي ڪلام کان ڏڪي ٿو.</verse>
				<verse number="3">ڍڳي جو ذبح ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو ماڻهوءَ کي قتل ڪرڻ وارو؛ گهيٽي جي قرباني ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو ڪتي جي سسي وڍڻ وارو؛ نذرانو پيش ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو سوئر جو رت پيش ڪرڻ وارو؛ لوبان ساڙيندڙ اهڙو آهي جهڙو بت کي مبارڪ چوڻ وارو: هائو، انهن پنهنجا رستا پسند ڪيا آهن، ۽ انهن جو روح سندن ڪراهت وارين شين سان راضي ٿو رهي؛</verse>
				<verse number="4">آءٌ بہ انهن جي وهمن کي چونڊيندس، ۽ جن ڳالهين کان هو ڊڄن ٿا سي مٿانئن آڻيندس؛ ڇالاءِ تہ جڏهن مون سڏيو تڏهن ڪنهن بہ جواب ڪونہ ڏنو؛ جڏهن مون ڳالهايو تڏهن انهن نہ ٻڌو؛ جيڪي منهنجيءَ نظر ۾ خراب هو سو انهن ڪيو، ۽ جنهن مان آءٌ راضي نہ هوس سو پسند ڪيائون.</verse>
				<verse number="5">اوهين جي خداوند جي ڪلام کان ڏڪو ٿا، سي هن جو ڪلام ٻڌو: اوهان جا ڀائر جي اوهان سان نفرت ٿا ڪن، ۽ منهنجي نالي جي ڪري اوهان کي هڪالي ڪڍيو اٿن، تن چيو آهي تہ ڀلي تہ خداوند جو جلال ظاهر ٿئي تہ اسين اوهان جي خوشي ڏسون؛ پر اهي شرمندا ٿيندا.</verse>
				<verse number="6">شهر مان گڙٻڙ جو هل، ۽ هيڪل مان بہ آواز ٿو ٻڌجي. خداوند جو آواز، جو پنهنجي دشمن کي بدلو ٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="7">سورن کائڻ کان اڳي هن ڄڻي وڌو؛ سورن اچڻ کان اڳي هن پٽ ڄڻيو.</verse>
				<verse number="8">اهڙي ڳالهہ ڪنهن ٻڌي آهي؟ اهڙيون شيون ڪنهن ڏٺيون آهن؟ هڪڙي ڏينهن ۾ ڪو ملڪ ڄمندو آهي ڇا؟ هڪدم ڪا قوم پيدا ٿيندي آهي ڇا؟ پر صيون کي سورن ٿيڻ شرط ٻار ڄاوا.</verse>
				<verse number="9">خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ هن کي ويم تائين آڻيان ۽ ويم نہ ڪرايانس ڇا؟ تنهنجو خدا فرمائي ٿو تہ آءٌ جو ويم ڪرايان ٿو سو پيٽ بند ڪري ڇڏيان ڇا؟</verse>
				<verse number="10">اوهين يروشلم سان خوشي ڪريو، ۽ اوهين سڀ جي هن کي پيار ٿا ڪريو سي هن لاءِ خوش ٿيو:</verse>
				<verse number="11">تہ اوهين هن جي دلاسن جو چڳڙ ڌائي ڍءُ ڪريو؛ ۽ هن جي شان جي گهڻائيءَ ڪري سرها ٿيو.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ سلامتيءَ کي نديءَ وانگي، ۽ قومن جي شوڪت کي اُٿلندڙ نهر وانگي وهائي هن وٽ آڻيندس، ۽ اوهين انهيءَ مان پيئندا؛ ۽ اوهين هنج ۾ کنيا ويندا، ۽ گوڏن تي راند ڪندا.</verse>
				<verse number="13">جيئن ڪا ماءُ پٽ کي دلاسو ڏئي، تيئن آءٌ اوهان کي دلاسو ڏيندس؛ ۽ اوهان کي يروشلم ۾ دلاسو ملندو.</verse>
				<verse number="14">۽ اوهين اهو ڏسندا ۽ اوهان جي دل خوش ٿيندي، اوهان جا هڏا نازڪ گاهہ وانگي وڌندا: ۽ خداوند جو هٿ سندس بندن تي ظاهر ٿيندو، ۽ هو پنهنجن دشمنن تي ڏاڍو ڪاوڙبو.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو ڏسو، خداوند باهہ سان ايندو، ۽ هن جون جنگي گاڏيون واچوڙي جهڙيون هونديون؛ انهيءَ لاءِ تہ هن جو غصو جوش وارو، ۽ هن جي ملامت باهہ جي شعلن واري ٿئي.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو خداوند سڀني انسانن سان باهہ، ۽ پنهنجيءَ ترار سان حجت ڪندو: ۽ خداوند جا قتل ڪيل گهڻا هوندا.</verse>
				<verse number="17">خداوند فرمائي ٿو تہ جيڪي پاڻ کي انهي لاءِ پاڪ صاف ٿا ڪن تہ باغن جي وچ ۾ وڃي ڪنهن جي پٺيان بيهي سوئر جو گوشت، ۽ ڪراهت جهڙيون شيون، ۽ ڪوئو کائين؛ سي سڀ گڏ چٽ ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو آءٌ انهن جا ڪم ۽ انهن جا خيال ڄاڻان ٿو: اهو وقت اچي ٿو جڏهن آءٌ سڀني قومن ۽ ٻولين وارن کي گڏ ڪندس؛ اُهي سڀ ايندا ۽ منهنجو جلال ڏسندا.</verse>
				<verse number="19">آءٌ انهن ۾ هڪڙو نشان مقرر ڪندس، ۽ جيڪي انهن مان بچندا تن کي قومن ڏانهن موڪليندس، يعني ترسيس ۽ پول، ۽ لود ڏانهن، جي ڪمان ڪشيندڙ آهن، ۽ توبل ۽ ياوان ڏانهن، ۽ ڏورانهن ٻيٽن ڏانهن، جن منهنجي ناموس نہ ٻڌي آهي، ۽ نڪي منهنجو جلال ڏٺو اٿن؛ ۽ اهي قومن ۾ منهنجو جلال ظاهر ڪندا.</verse>
				<verse number="20">۽ خداوند فرمائي ٿو تہ جيئن بني اسرائيل صاف ٿانوَ ۾ پنهنجي قرباني کڻي خداوند جي گهر ۾ آڻيندا آهن، تيئن اهي اوهان جن سڀني ڀائرن کي سڀني قومن مان گهوڙن تي، ۽ گاڏين ۾، ۽ ڏولين ۾، ۽ خچرن تي، ۽ تکن وهٽن تي چاڙهي، خداوند جي لاءِ نذراني طور منهنجي پاڪ جبل يروشلم ۾ آڻيندا.</verse>
				<verse number="21">خداوند فرمائي ٿو، تہ آءٌ انهن مان ڪي ڪاهن ۽ لاوي ٿيڻ لاءِ چونڊيندس.</verse>
				<verse number="22">خداوند فرمائي ٿو، تہ جيئن نوان آسمان ۽ نئين زمين جي آءٌ جوڙيندس، سي منهنجي حضور ۾ قائم رهندا، تيئن اوهان جو نسل ۽ اوهان جو نالو بہ قائم رهندو.</verse>
				<verse number="23">۽ خداوند فرمائي ٿو تہ هيئن ٿيندو تہ هڪڙي نئين چنڊ کان وٺي ٻئي نئين چنڊ تائين، ۽ هڪڙي سبت کان وٺي ٻئي سبت تائين، سڀ ماڻهو عبادت ڪرڻ لاءِ منهنجي حضور ۾ ايندا.</verse>
				<verse number="24">۽ اهي ٻاهر نڪري انهن ماڻهن جا لاش ڏسندا جن منهنجو گناهہ ڪيو آهي: ڇالاءِ جو انهن جو ڪينئون نہ مرندو، ۽ نڪي انهن جي باهہ وسامندي؛ ۽ اُهي سڀني ماڻهن اڳيان ڪراهت جهڙي شيءِ ٿيندا.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="24">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">يرمياہ بن خلقياہ جون ڳالهيون، جو عنتوتيءَ جي ڪاهنن منجهان ۽ بنيمين جي ملڪ ۾ هو،</verse>
				<verse number="2">جنهن تي يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ بن امون جي ڏينهن ۾، سندس حڪومت جي تيرهين سال، خداوند جو ڪلام نازل ٿيو.</verse>
				<verse number="3">يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي ڏينهن ۾ ۽ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ بن يوسياہ جي يارهين ورهيہ جي پڇاڙيءَ تائين بہ ڪلام نازل ٿيندو رهيو؛ يعني انهي سال جي پنجين مهيني تائين جنهن ۾ يروشلم قيد ٿي کڄي ويو.</verse>
				<verse number="4">هاڻي خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="5">پيٽ ۾ مون توکي جوڙيو تنهن کان اڳي مون توکي ڄاتو، ۽ پيٽ مان تون نڪتين تنهن کان اڳي مون توکي مخصوص ڪيو؛ مون توکي قومن جي لاءِ نبي مقرر ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="6">تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا! ڏس آءٌ ڳالهائي نٿو سگهان: ڇالاءِ جو آءٌ ٻار آهيان.</verse>
				<verse number="7">پر خداوند مون کي چيو تہ ائين نہ چئُہ تہ آءٌ ٻار آهيان: ڇالاءِ جو جنهن ڏانهن آءٌ توکي موڪليندس تنهن ڏي تون ويندين، ۽ جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيندس سو تون ٻڌائيندين.</verse>
				<verse number="8">هنن جي ڪري ڊڄ نہ: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي ڇڏائڻ جي لاءِ آءٌ تو سان آهيان.</verse>
				<verse number="9">تڏهن خداوند پنهنجو هٿ ڊگهيري منهنجي وات کي ڇهيو؛ ۽ خداوند مون کي فرمايو، تہ ڏس، مون پنهنجون ڳالهيون تنهنجي وات ۾ وڌيون آهن:</verse>
				<verse number="10">ڏس، اڄوڪي ڏينهن مون توکي قومن تي ۽ حڪومتن تي مقرر ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ تون پٽين ۽ ڀڃي ڊاهي وجهين، ۽ ناس ڪرين، ۽ اونڌو ڪري ڪيرائين؛ اڏائين ۽ پوکين.</verse>
				<verse number="11">تنهن کان سواءِ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ اي يرمياہ، تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ آءٌ بادام جي هڪڙي وڻ جي ٽاري ٿو ڏسان.</verse>
				<verse number="12">تڏهن خداوند مون کي چيو تہ تو چڱو ڏٺو آهي: ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي ڪلام کي پوري ڪرڻ لاءِ اُن جي سنڀال ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="13">۽ خداوند جو ڪلام ٻيو ڀيرو مون تي نازل ٿيو، ۽ هن فرمايو تہ تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ آءٌ هڪڙي ٽهڪندڙ ديڳ ٿو ڏسان؛ ۽ انهي جو منهن اُتر کان آهي.</verse>
				<verse number="14">تڏهن خداوند مون کي چيو تہ اُتر منجهان ملڪ جي سڀني رهاڪن تي خرابي ڪاهي پوندي.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ اُتر جي حڪومتن مان سڀني قبيلن کي سڏيندس؛ ۽ اُهي ايندا ۽ انهن مان هرڪو پنهنجو تخت يروشلم جي دروازن جي لنگهہ تي، ۽ آسپاس ان جي ڀتين جي سامهون ۽ يهوداہ جي سڀني شهرن جي سامهون قائم ڪندو.</verse>
				<verse number="16">۽ آءٌ هنن تي سندن ڪل شرارت جي نسبت ۽ پنهنجي فتويٰ جاري ڪندس؛ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙيو اٿن، ۽ پنهنجي هٿن جي جوڙيلن شين کي سجدو ڪيو اٿن.</verse>
				<verse number="17">تنهن ڪري تون پنهنجي ڪمر ٻڌ ۽ اُٿ ۽ جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان اهو انهن کي ٻڌاءِ: انهن کي ڏسي ڊڄ نہ، متان انهن جي اڳيان آءٌ توکي حيران پريشان ڪري ڇڏيان.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو ڏس، مون توکي اڄوڪي ڏينهن هن سڄي ملڪ جي سامهون يهوداہ جي بادشاهن، اميرن، ڪاهنن، ۽ ملڪ جي ماڻهن جي سامهون هڪڙو ڪوٽ جهڙو شهر، ۽ لوهہ جو ٿنڀ، ۽ پتل جون ڀتيون ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="19">۽ اُهي تو سان وڙهندا؛ پر اُهي توتي غالب نہ پوندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي ڇڏائڻ جي لاءِ آءٌ تو سان آهيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">وڃ ۽ يروشلم جي ڪنن ۾ پڪار تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي تنهنجي جوانيءَ جي اُلفت ۽ تنهنجي شاديءَ واري محبت ياد آهي؛ جو تون بيابان ۾ يعني اڻ پوکيل زمين ۾ منهنجي پٺيان پئي هلئين.</verse>
				<verse number="3">اسرائيل خداوند جي لاءِ پاڪ، ۽ سندس فصل جو پهريون ڦر هو: جيڪي انهي کي ڳڙڪائيندا سي ڏوهاري ٺهرائڻ ۾ ايندا؛ خداوند ٿو فرمائي تہ انهن تي مصيبت ايندي.</verse>
				<verse number="4">اي يعقوب جا گهراڻا، ۽ اسرائيل جي گهراڻي جا سڀ قبيلا، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو:</verse>
				<verse number="5">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان جن ابن ڏاڏن مون ۾ ڪهڙي بي انصافي ڏٺي جو مون کان پري هليا ويا آهن، ۽ بيهودگيءَ جي پٺيان پئي رليا آهن، ۽ مغرور ٿي ويا آهن؟</verse>
				<verse number="6">انهن نہ چيو تہ اهو خداوند ڪٿي آهي جنهن اسان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو؛ جنهن بيابان مان، رڻ پٽن ۽ کڏن جي ملڪ مان، خشڪيءَ ۽ موت جي پاڇي جي ملڪ مان، اهڙي زمين جنهن مان ڪوبہ ڪونہ ٿي لنگهيو ۽ جنهن ۾ ڪوبہ ماڻهو ڪونہ رهيو، تنهن مان اسان کي سونهون ٿي وٺي هليو.</verse>
				<verse number="7">۽ مون اوهان کي سڪار واري زمين ۾ آندو، انهي لاءِ تہ انهي جو ڦر، ۽ انهي جي چڱي پيدائش کائو؛ پر جڏهن اوهين منهنجي ملڪ ۾ داخل ٿيا تڏهن اُن کي پليت ڪيوَ ۽ منهنجي ميراث کي ڪِنو ڪري ڇڏيوَ.</verse>
				<verse number="8">ڪاهنن ايترو بہ ڪين چيو تہ خداوند ڪٿي آهي؟ ۽ جيڪي شريعت سان واهپي رکڻ وارا آهن، تن مون کي نہ سڃاتو: حاڪمن بہ منهنجي حڪم عدولي ڪئي، ۽ نبين بہ بعل جي نالي نبوت ڪئي ۽ اجاين شين جي پٺيان هليا.</verse>
				<verse number="9">تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ اڃا بہ آءٌ اوهان سان، ۽ اوهان جي ٻارن جي ٻارن سان مقابلو ڪندس.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو ڪتيم جي ٻيٽن ڏي پار لنگهي وڃي ڏسو، ۽ قيدار ڏي ماڻهو موڪليو ۽ ڌيان ڏيئي ويچار ڪريو؛ ۽ ڏسو تہ اهڙي ڪا ڳالهہ ڪڏهن ٿي آهي.</verse>
				<verse number="11">ڪنهن قوم پنهنجا معبود بدلايا آهن ڇا، جي حقيقت ۾ خدا ناهن؟ پر منهنجي قوم انهيءَ شيءِ تي پنهنجو جلال بدلايو آهي، جنهن مان ڪوبہ فائدو ڪونهي.</verse>
				<verse number="12">اي آسمان، خدا ٿو فرمائي تہ انهيءَ ڳالهہ ڪري اوهين عجب ۾ پئو ۽ نهايت ڊپ وارا ٿيو، ۽ تمام پريشان ٿيو.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو منهنجي قوم ٻہ خرابيون ڪيون آهن؛ مون جيئري پاڻيءَ جي چشمي کي هنن ڇڏي ڏنو آهي، ۽ پنهنجي لاءِ حوض، بلڪ ڀڳل حوض ٽڪي ٺاهيا اٿن جي پاڻي جهلي نٿا سگهن.</verse>
				<verse number="14">اسرائيل ڪو ٻانهو آهي ڇا؟ هو ڪو گهر ڄاول غلام آهي ڇا؟ ڇالاءِ هو لٽجي ڦرجي ٿو؟</verse>
				<verse number="15">جوان شينهن اُنهي تي گوڙ ڪيو آهي، ۽ اُهي گجيا آهن: ۽ انهن هن جي زمين سڃي ڪري ڇڏي آهي؛ هن جا شهر سڙي ويا آهن، ۽ منجهن رهڻ وارو ڪونهي.</verse>
				<verse number="16">بني نوف، ۽ بني تحفنيس تنهنجي مٿي جي چوٽي ڀڃي ڇڏي آهي.</verse>
				<verse number="17">تو اهو پنهنجي مٿان پاڻ نہ آندو آهي ڇا، جو جڏهن تنهنجي خداوند خدا رستي ۾ تنهنجي سونهپ ڪئي، تڏهن تو هن کي ڇڏي ڏنو آهي؟</verse>
				<verse number="18">۽ هاڻي سيحور جي پاڻي پيئڻ لاءِ مصر ڏي وڃڻ واري رستي تي تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟ يا فرات نديءَ جي پاڻي پيئڻ لاءِ اسور جي وڃڻ واري رستي تي تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟</verse>
				<verse number="19">خداوند، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ خود تنهنجي شرارت توکي سيکت ڏيندي، ۽ تنهنجون ڪوتاهيون توکي ملامت ڪنديون: تنهن ڪري ڄاڻ ۽ ڏس، تہ تو جو خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ توکي منهنجو ڊپ ڪونهي، سو اها هڪڙي خراب ۽ ڪَرڙي ڳالهہ آهي.</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ جو قديم وقت کان مون تنهنجي پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي، ۽ تنهنجا بند خلاص ڪري ڇڏيا اٿم؛ ۽ تو چيو تہ آءٌ خدمت نہ ڪنديس؛ ڇالاءِ جو سڀ ڪنهن مٿانهينءَ ٽڪريءَ تي ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ تو ڪنڃريءَ وانگي پاڻ کي جهڪايو آهي.</verse>
				<verse number="21">انهيءَ هوندي بہ مون توکي عمدي ڊاک بلڪ چڱو ٻج ڪري پوکيو. تڏهن ڪيئن تون منهنجي لاءِ ڌاري قسم جي ڊاک جو خسيس ٿڏو ٿي پئين؟</verse>
				<verse number="22">هاڻي جي تون کڻي پاڻ کي ڪيترو بہ کار سان ڌوئين، ۽ گهڻو صابڻ ڪم آڻين، تہ بہ تنهنجي بدڪاري منهنجي اڳيان ظاهر آهي؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.</verse>
				<verse number="23">تون ڪيئن چئي ٿي سگهين تہ آءٌ ناپاڪ نہ ٿي آهيان، آءٌ بعليم جي پٺيان نہ ويئي آهيان؟ واديءَ ۾ پنهنجو رستو ڏس، جيڪي ڪيو اٿيئي سو معلوم ڪر: تون هڪڙي تکي ڏاچي آهين جا هيڏي هوڏي پئي ڊوڙين؛</verse>
				<verse number="24">۽ جهڙي بيابان جي هريل مادي گورخر جا پنهنجي مرضيءَ پٺيان هوا سنگهندي وتي؛ انهيءَ حالت ۾ ڪير هن کي ٻئي پاسي ڦيرائي ٿو سگهي؟ ان جا ڳوليندڙ ٿڪجي نہ پوندا؛ ان جي مهيني ۾ هو انهي کي لهندا.</verse>
				<verse number="25">تون بنا نعلن رهڻ کان پنهنجو پير جهل، ۽ پنهنجي نڙيءَ کي اُڃ کان بچاءِ: پر تو چيو تہ اُميد ڪانهي: اصلي نہ؛ ڇالاءِ جو منهنجي ڌارين سان محبت لڳل آهي، ۽ آءٌ انهن جي پٺيان ويندس.</verse>
				<verse number="26">جيئن ڪو چور لڀي پوڻ وقت شرمندو ٿيندو آهي، تيئن اسرائيل جو گهراڻو بہ شرمندو آهي؛ هو پاڻ، ۽ سندن بادشاهہ، ۽ سندن امير، ۽ سندن ڪاهن، ۽ سندن نبي؛</verse>
				<verse number="27">جي ڪاٺ کي چون ٿا تہ تون منهنجو پيءُ آهين؛ ۽ پٿر کي چون ٿا تہ تو اسان کي ڄڻيو آهي: ڇالاءِ جو هنن ڦري مون ڏي پٺ ڪئي آهي، نہ منهن: پر پنهنجي مصيبت جي وقت هو چوندا تہ اُٿي اسان کي بچاءِ.</verse>
				<verse number="28">پر جيڪي معبود تو پنهنجي لاءِ جوڙيا سي ڪٿي آهن؟ جي اُهي توکي تنهنجي مصيبت جي وقت بچائي سگهن تہ ڀلي اُٿن: ڇالاءِ جو اي يهوداہ، جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا تنهنجا معبود آهن.</verse>
				<verse number="29">ڇالاءِ اوهين مون سان حجت دليل ڪرڻ ٿا گهرو؟ خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان سڀني منهنجي حڪم عدولي ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="30">بي فائدي مون اوهان جي اولاد کي ماريو ڪُٽيو، پر انهن کي ڪابہ سيکت نہ آئي: خود اوهان جي ترار ناس ڪندڙ شينهن وانگي، اوهان جن نبين کي ڳهي وئي آهي.</verse>
				<verse number="31">اي هن پيڙهيءَ جا ماڻهو، اوهين خداوند جو ڪلام ڏسو. آءٌ اسرائيل جي لاءِ ڪو بيابان ٿيو آهيان ڇا؟ يا گهاٽي اونداهيءَ واري زمين آهيان ڇا؟ منهنجي قوم ڇو ٿي چوي تہ اسين ڇوڙي ڇڏيا ويا آهيون، اسين اڳتي وري تو وٽ نہ اينداسين؟</verse>
				<verse number="32">ڪا ڪنواري پنهنجا ڳهہ ڳٺا، يا ڪا ڪنوار پنهنجي پوشاڪ وساري ڇڏيندي ڇا؟ تڏهن بہ منهنجي قوم بيشمار ڏينهن کان مون کي وساري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="33">تون ڪيئن نہ پنهنجو رستو ٿي ٺاهين تہ يار ڳولين! تنهن ڪري ڪميڻين زالن کي بہ تو پنهنجا رستا سيکاريا آهن.</verse>
				<verse number="34">بيگناهہ غريبن جي جانين جو رت بہ تنهنجي گود ۾ لڌو آهي: مون اُهو ڪنهن کاٽ هڻڻ جي جاءِ تي نہ ڏٺو آهي، پر انهن سڀني جي مٿان ظاهر آهي.</verse>
				<verse number="35">انهيءَ هوندي بہ تو چيو تہ آءٌ بيگناهہ آهيان؛ يقيناً هن جي ڪاوڙ مون تان لهي وئي آهي. ڏس، آءٌ توتي فتويٰ ڏيندس، ڇالاءِ جو تون چوين ٿي تہ مون گناهہ ڪونہ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="36">تون پنهنجي رستي بدلائڻ لاءِ ڇو ٿي رلين؟ جيئن تون اسور جي ڪري شرمندي ٿي هئينءَ تيئن مصر جي ڪري بہ شرمندي ٿيندينءَ.</verse>
				<verse number="37">انهيءَ مان بہ تون پنهنجا هٿ مٿي تي رکي نڪري ويندينءَ: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو ڀروسو رد ڪيو آهي، ۽ انهي جي ڪري تون ڪامياب نہ ٿيندينءَ.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">چوندا آهن تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال ڪڍي ڇڏي، ۽ اُها وٽانئس هلي وڃي، ۽ وڃي ٻئي ماڻهوءَ جي زال ٿئي، تہ اڳيون مڙس ڪو هن وٽ وري ويندو ڇا؟ اها زمين تمام پليت نہ ٿيندي ڇا؟ پر تو گهڻن يارن سان زناڪاري ڪئي آهي؛ انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي تہ تون مون وٽ موٽ.</verse>
				<verse number="2">اُگهاڙين ٽڪرين ڏانهن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاري ڏس؛ ڪٿي توسان ڪو نہ ستو آهي؟ رستن جي ڪناري، بيابان جي عرب وانگي تون هنن جي لاءِ ويٺي آهين؛ ۽ تو هن ملڪ کي پنهنجن زناڪارين سان، ۽ پنهنجي بدڪاريءَ سان ناپاڪ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="3">تنهن ڪري مينهن جهلجي ويو آهي، ۽ پوئين برسات بہ ڪانہ پئي آهي؛ انهي هوندي بہ تنهنجي پيشاني ڪسبيءَ جهڙي هئي، ۽ شرمندي ٿيڻ کان تو انڪار ڪيو.</verse>
				<verse number="4">هن وقت کان وٺي اڳتي تون پڪاري مون کي نہ چوندينءَ ڇا تہ اي منهنجا پيءُ تون منهنجي جوانيءَ جو رهبر آهين؟</verse>
				<verse number="5">هو پنهنجي ڪاوڙ هميشہ لاءِ رکيو ايندو ڇا؟ هو پڇاڙيءَ تائين اها رکيو ايندو ڇا؟ ڏس، تو ائين ڳالهايو آهي، ۽ تہ بہ بڇڙا ڪم ڪيا اٿيئي، ۽ تون پنهنجي مرضيءَ پٺيان هلي آهين.</verse>
				<verse number="6">يوسياہ بادشاهہ جي ڏينهن ۾ خداوند مون کي هيترو وڌيڪ بہ فرمايو تہ، جيڪي بي وفا اسرائيل ڪيو آهي سو ڪي تو ڏٺو آهي؟ هوءَ سڀ ڪنهن مٿانهين جبل تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ ويٺي آهي، ۽ اُتي زناڪاري ڪئي اٿس.</verse>
				<verse number="7">۽ هوءَ اُهي سڀ ڪم ڪري چڪي تنهن کان پوءِ مون چيو تہ هوءَ موٽي مون ڏي ايندي؛ پر نہ موٽي: ۽ سندس دغاباز ڀيڻ يهوداہ اهو حال ڏٺو.</verse>
				<verse number="8">۽ جڏهن هن ڏٺو تہ بي وفا اسرائيل جي زنا ڪرڻ تي مون هن کي ڪڍي ڇڏيو هو ۽ طلاق نامو ڏنو هومانس، انهي هوندي بہ سندس ڀيڻ دغاباز يهوداہ ڊني ڪين؛ پر پاڻ بہ وڃي ڪسب ڪرڻ لڳي.</verse>
				<verse number="9">۽ هيئن ٿيو تہ اُن جي زناڪاريءَ جي هلڪائيءَ ڪري زمين پليت ٿي، ۽ هن پٿرن ۽ بنڊن سان زنا ڪئي:</verse>
				<verse number="10">۽ انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ هن جي بي وفا ڀيڻ يهوداهہ پنهنجي سالم دل سان مون ڏي موٽي نہ آئي آهي، پر ڍونگ ڪري موٽي آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ خداوند مون کي فرمايو، تہ بي وفا اسرائيل، دغاباز يهوداہ کان پاڻ کي وڌيڪ سچو ثابت ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="12">وڃ ۽ اهي ڳالهيون اُتر ڏانهن پڌريون ڪر، ۽ چئُہ تہ خداوند فرمائي ٿو، تہ اي بي وفا اسرائيل موٽي اچ، آءٌ ڪاوڙ ۾ اوهان تي نظر نہ ڪندس: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ رحم وارو آهيان، آءٌ هميشہ ڪاوڙ نہ ڌاريندس.</verse>
				<verse number="13">خداوند ٿو فرمائي، تہ رڳو پنهنجو گناهہ قبول ڪر، تہ خداوند پنهنجي خدا جي حڪم عدولي ڪئي اٿيئي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ پنهنجا رستا پکيڙيا اٿيئي، ۽ منهنجي ڪلام جي تابعداري نہ ڪئي اٿيئي.</verse>
				<verse number="14">خداوند ٿو فرمائي، تہ اي بي وفا ٻار، موٽي اچو، ڇالاءِ جو آءٌ اوهان جي مڙس وانگي آهيان: ۽ آءٌ اوهان کي شهر مان هڪ هڪ، ۽ قبيلي مان ٻہ ٻہ ڪري وٺندس، ۽ اوهان کي صيون ۾ وٺي ايندس.</verse>
				<verse number="15">۽ آءٌ اوهان کي پنهنجي مرضيءَ پٺيان اهڙا ڌنار ڏيندس جي اوهان کي علم ۽ سمجهہ سان چاريندا.</verse>
				<verse number="16">۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهين وڌندا ۽ اوهين ملڪ ۾ گهڻا ٿيندا، تڏهن خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڏينهن ۾ هو وري اڳتي ائين نہ چوندا تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق؛ نڪا اها ڳالهہ دل ۾ ايندي: نڪي انهي کي هو ياد ڪندا؛ نڪي هو انهي جي زيارت ڪندا؛ نڪي وري اڳتي ائين ڪرڻ ۾ ايندو.</verse>
				<verse number="17">انهي وقت هو يروشلم کي خداوند جو تخت سڏيندا؛ ۽ سڀ قومون اُن وٽ خداوند جي نالي سان يروشلم ۾ گڏ ٿينديون: نڪي وري اڳتي هو پنهنجي خراب دل جي نٺرائي پٺيان هلندا.</verse>
				<verse number="18">انهن ڏينهن ۾ يهوداہ جو گهراڻو اسرائيل جي گهراڻي سان هلندو، ۽ اهي گڏجي اُتر واري ملڪ مان نڪري انهي ملڪ ۾ ايندا، جو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ورثو ڪري ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="19">پر مون چيو تہ ڪيئن آءٌ توکي پنهنجي اولاد ۾ داخل ڪريان، ۽ توکي هڪڙي سٺي ملڪ ۾، يعني قومن جو چڱي ۾ چڱو حصو ورثو ڪري ڏيان؟ ۽ مون چيو تہ اوهين مون کي پنهنجو پيءُ ڪري سڏيندا؛ ۽ منهنجي پيروي ڪرڻ کان ڦري نہ ويندا.</verse>
				<verse number="20">تحقيق جيئن ڪا زال دغا ڪري پنهنجي مڙس وٽان هلي وڃي، تيئن اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهان مون سان دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي، خداوند ائين ٿو فرمائي.</verse>
				<verse number="21">اُگهاڙين ٽڪرين تي هڪڙو آواز، بني اسرائيل جي روئڻ ۽ منٿ آزيءَ جو آواز، ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. ڇالاءِ جو پنهنجي رستي ڏنگي ڪرڻ ڪري هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="22">اي بي وفا ٻارو، موٽي اچو، آءٌ اوهان جيءَ بي وفائيءَ جو علاج ڪندس. ڏس اسين تو وٽ آيا آهيون ڇالاءِ جو تون خداوند اسان جو خدا آهين.</verse>
				<verse number="23">سچ آهي تہ ٽڪر تان ۽ جبلن جي گور مان مدد جي اُميد رکڻ اجائي آهي: سچ پچ اسرائيل جو ڇوٽڪارو خداوند اسان جي خدا ۾ آهي.</verse>
				<verse number="24">پر اها خواري جهڙي شيءِ اسان جي جوانيءَ کان وٺي اسان جي ابن ڏاڏن جو پورهيو کائي وئي آهي؛ انهن جا ڌڻ ۽ گلا، انهن جا پٽ ۽ انهن جون ڌيئرون بہ کائي ويئي آهي.</verse>
				<verse number="25">اچو تہ اسين پنهنجي شرم ۾ پئجي رهون، ۽ اسان جي خواري اسان کي ڍڪي ڇڏي: ڇالاءِ جو اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن پنهنجي جوانيءَ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ پئي ڪيو آهي: ۽ اسان خداوند پنهنجي خدا جو حڪم نہ پئي مڃيو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">خداوند ٿو فرمائي تہ اي اسرائيل، جي تون موٽندين، تہ مون ڏي موٽي ايندين: ۽ جي تون پنهنجون ڪراهت جهڙيون شيون منهنجي نظر کان پاسي ڪندين، تہ پوءِ تون برطرف نہ ڪيو ويندين؛</verse>
				<verse number="2">۽ تون هيئن قسم کڻندين، تہ جيئري خداوند جو قسم آهي، جو سچو ۽ عدالت وارو ۽ راستباز آهي؛ ۽ قومون بہ پنهنجي لاءِ انهي کان برڪت گهرنديون ۽ انهيءَ تي فخر ڪنديون.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو خداوند يهوداہ جي ماڻهن کي، ۽ يروشلم کي هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجي پيل زمين کيڙيو ۽ ڪنڊن ۾ پوک نہ ڪريو.</verse>
				<verse number="4">اي يهوداہ جا ماڻهو ۽ يروشلم جا رهاڪو، اوهين خداوند جي لاءِ پنهنجو طهر ڪرايو ۽ پنهنجي دل جا کولا لاهي اُڇلائي ڇڏيو: متان منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگي اوهان جن بڇڙن ڪمن سبب پکڙي پئي، ۽ اهڙي ٻري جو ڪوبہ وسائي نہ سگهيس.</verse>
				<verse number="5">اوهين يهوداہ ۾ پڌرائي ڪريو ۽ يروشلم ۾ اشتهار ڏيو؛ ۽ چئو تہ اوهين ملڪ ۾ قرناءِ وڄايو: وڏيون رڙيون ڪري چئو تہ اوهين پاڻ ۾ گڏ ٿيو، پوءِ اچو تہ ڪوٽ وارن شهرن ۾ هلون.</verse>
				<verse number="6">صيون ۾ هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو: پناهہ لاءِ ڀڄو، ترسو نہ: ڇالاءِ جو آءٌ خرابي ۽ تباهي اُتر جي پاسي کان آڻيندس.</verse>
				<verse number="7">هڪڙو شينهن پنهنجي گهاٽي جهنگ مان نڪتو آهي، يعني هڪڙو قومن کي ناس ڪندڙ: اهو پنڌ ۾ آهي، اُهو پنهنجي جاءِ تان هليو آهي؛ انهي لاءِ تہ ملڪ کي ويران ڪري، ۽ تنهنجا شهر سڃا ٿي وڃن، ۽ منجهن رهڻ وارو ڪونہ بچي.</verse>
				<verse number="8">انهي ڪري اوهين کٿو چيلهہ سان ٻڌو، ۽ روئو پٽيو ۽ واويلا مچايو: ڇالاءِ جو خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ اسان تان لهي نہ ويئي آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ خداوند فرمائي ٿو تہ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ بادشاهہ ۽ امير بي دل ٿيندا؛ ۽ ڪاهن حيران ٿيندا، ۽ نبي عجب ۾ پوندا.</verse>
				<verse number="10">تڏهن مون چيو تہ هاءِ اي خداوند خدا! يقيناً تو هن قوم سان ۽ يروشلم سان ڏاڍي دغا ڪئي آهي جو چيو اٿيئي تہ اوهين سلامت رهندا؛ پر حقيقت ڪري ترار اچي جان تائين پهتي آهي.</verse>
				<verse number="11">انهيءَ وقت انهي قوم کي، ۽ يروشلم کي چيو ويندو، تہ بيابان ۾ اُگهاڙين ٽڪرين تان منهنجي قوم جي ڌيءَ ڏانهن جهولو لڳندو، نہ واءُ هڻڻ يا صاف ڪرڻ جي لاءِ؛</verse>
				<verse number="12">پر هڪڙو سخت واءُ مون وٽان ايندو: هاڻي آءٌ انهن تي فتويٰ بہ ڏيندس.</verse>
				<verse number="13">ڏسو، هو بادل وانگي چڙهي ايندو، ۽ هن جا رٿ واچوڙي وانگي ٿيندا: هن جا گهوڙا بازن کان تکا آهن، ٻرحال اسان جا! ڇالاءِ جو اسين لٽجي وياسين!</verse>
				<verse number="14">اي يروشلم، پنهنجي دل شرارت کان ڌوئي صاف ڪر تہ ڇوٽڪارو لهين. ڪيستائين تنهنجا خراب خيال تو منجهہ رهندا.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو هڪڙو آواز دان مان پڌرائي ڪري ٿو، ۽ افرائيم جي ٽڪرين تان خرابيءَ جو اشتهار ڏئي ٿو.</verse>
				<verse number="16">قومن کي خبر ڏيو، يروشلم جي برخلاف اها ڳالهہ پڌري ڪريو، تہ پرانهين ملڪ مان پهري وارا اچن ٿا ۽ يهوداہ جي شهرن جي برخلاف هل ڪن ٿا.</verse>
				<verse number="17">ٻنيءَ جي راکن وانگي هو انهي کي چوڌاري وڪوڙيو بيٺا آهن؛ ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ هو مون کان باغي ٿي آهي.</verse>
				<verse number="18">تنهنجي هلت ۽ تنهنجي ڪمن اهي واقعا تنهنجي سر تي آندا آهن؛ اها تنهنجي شرارت آهي؛ بيشڪ اها ڪَڙي آهي، جو تنهنجي دل تائين وڃي رسي آهي.</verse>
				<verse number="19">منهنجا آنڊا، منهنجا آنڊا! منهنجي دل ۾ اصل درد آهي؛ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ بي آرام آهي؛ آءٌ ماٺ ۾ رهي نٿو سگهان؛ ڇالاءِ جو اي منهنجا روح تو قرناءِ جو آواز ۽ جنگ جو نعرو ٻڌو آهي.</verse>
				<verse number="20">شڪست تي شڪست جو هل پيو پوي؛ ڇالاءِ جو سارو ملڪ لٽجي ويو آهي: منهنجا تنبو اوچتو، ۽ منهنجا پردا هڪڙي پل ۾ لٽجي ويا آهن.</verse>
				<verse number="21">ڪيستائين آءٌ اهو جهنڊو ڏسندس ۽ قرناءِ جو آواز ٻڌندس؟</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ جو منهنجي قوم بي عقل آهي ۽ مون کي نٿي سڃاڻي؛ اُهي نادان ڇوڪر آهن ۽ ڪابہ سمجهہ ڪونہ اٿن: اُهي برائي ڪرڻ لاءِ ڏاها آهن، پر ڀلائي ڪرڻ نٿا ڄاڻن.</verse>
				<verse number="23">مون زمين ڏٺي، ۽ اُها ويران ۽ خالي ڏسڻ ۾ آئي؛ ۽ آسمان ڏٺم تہ انهن ۾ روشنائي ڪانہ هئي.</verse>
				<verse number="24">مون جبل ڏٺا ۽ اُهي پئي ڏڪيا، ۽ سڀ ٽڪريون هيڏي هوڏي پئي لڏيون.</verse>
				<verse number="25">مون نهاريو پر ڪوبہ ماڻهو ڪونہ هو، ۽ هوا جا سڀ پکي اُڏامي ڀڄي ويا هئا.</verse>
				<verse number="26">مون نهاريو ۽ ڏٺم تہ آباد زمين بيابان ٿي ويئي ۽ ان جا سڀ شهر خداوند جي حضور مان ۽ سندس خوفناڪ ڪاوڙ جي اڳيان ڊهي ڪري پيا.</verse>
				<verse number="27">ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ سارو ملڪ ويران ٿي ويندو؛ انهي هوندي بہ آءٌ ان کي اصل تباهہ ڪري نہ ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="28">زمين ماتم ڪندي ۽ مٿي آسمان ڪارا ٿيندا: ڇالاءِ جو آءٌ ائين چئي چڪو آهيان، ۽ مون اهڙو ارادو ڪيو آهي ۽ ڦريو نہ آهيان، نڪي انهي کان آءٌ پٺ تي ڦرندس.</verse>
				<verse number="29">سڄو شهر گهوڙيسوارن ۽ ڪماندارن جي هل کان ڀڄي ٿو وڃي؛ هو گهاٽن جهنگن ۾ گهڙي ٿا وڃن، ۽ ٽڪرن تي چڙهي ٿا وڃن: سڀڪو شهر ڇڏي ڏنو ويو آهي، ۽ هڪڙو بہ ماڻهو اُنهي ۾ نٿو رهي.</verse>
				<verse number="30">۽ تون جڏهن لٽجي ويئي آهين تڏهن ڇا ڪنديئن؟ جيتوڻيڪ تون کهنبا ڪپڙا ٿي ڍڪين، جيتوڻيڪ تون پاڻ کي سونن زيورن سان ٿي سينگارين، جيتوڻيڪ ڪجل سان پنهنجون اکيون وڏيون ٿي ڪرين، تہ بہ اجايو پاڻ کي خوبصورت ٿي ٺاهين؛ تنهنجا عاشق توکي ڌڪارين ٿا، اُهي تنهنجي حياتيءَ پٺيان آهن.</verse>
				<verse number="31">ڇالاءِ جو مون هڪڙو آواز ٻڌو آهي جو انهي زال جهڙو آهي جا سورن ۾ هجي، انهي زال جهڙي دانهن جا پهريون ٻار ڄڻيندي آهي، صيون جي ڌيءَ جو آواز، جا پيئي سهڪي ۽ پنهنجا هٿ کڻي چوي ٿي تہ هاڻ مون سان ويل آهي! ڇالاءِ جو منهنجي جان هنن خونين جي اڳيان ماندي ٿي ٿئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">اوهين يروشلم جي گهٽين مان هيڏي هوڏي ڊوڙو، ۽ هاڻي ڏسو ۽ ڄاڻو، ۽ ان جي چونڪن ۾ ڳوليو، تہ ڪو ماڻهو لهو ٿا، ڪو اهڙو ماڻهو آهي يا نہ جو انصاف جا ڪم ٿو ڪري، ۽ جو سچ کي ڳولي ٿو؛ پوءِ آءٌ يروشلم کي معاف ڪندس.</verse>
				<verse number="2">۽ جيتوڻيڪ هو چون ٿا تہ جيئري خدا جو قسم آهي؛ تہ بہ پڪ هو ڪوڙو قسم ٿا کڻن.</verse>
				<verse number="3">اي خداوند، تنهنجون اکيون سچ تي نہ ٿيون نهارين ڇا؟ تو انهن کي ڌڪ هنيو آهي، پر کين ڏک ڪونہ ٿيو: تو هنن کي ماري کپائي ڇڏيو آهي، پر هنن سيکت وٺڻ کان انڪار ڪيو: هنن پنهنجا منهن ٽڪر کان بہ سخت ڪيا آهن، هنن موٽي ڦرڻ کان انڪار ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="4">تڏهن مون چيو تہ يقيناً اهي غريب آهن: هو بي عقل آهن؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جو رستو نٿا ڄاڻن، ۽ نہ پنهنجي خدا جي عدالت ٿا ڄاڻن؛</verse>
				<verse number="5">آءٌ وڏن ماڻهن وٽ ويندس ۽ انهن سان ڳالهائيندس؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جو رستو، ۽ پنهنجي خدا جي عدالت ڄاڻن ٿا، پر انهن ٻڌي ڪري پاڃاري ڀڳي آهي ۽ بند ڦوڙيا آهن.</verse>
				<verse number="6">جنهن ڪري ٻيلي مان هڪڙو شينهن اچي هنن کي ماريندو، ۽ رڻ پٽ وارو بگهڙ هنن کي لٽيندو؛ ۽ چيتو هنن جي شهرن جي اڳيان ڄڪ هڻندو، ۽ جيڪو اُتان ٻاهر نڪرندو سو ٽڪر ٽڪر ڪيو ويندو: ڇالاءِ جو هنن جا قصور گهڻا آهن، ۽ هنن جي بي وفائي وڌي وئي آهي.</verse>
				<verse number="7">ڪيئن آءٌ توکي معاف ڪريان؟ تنهنجي ٻارن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ هنن انهن جو قسم کنيو آهي جي خدا نہ آهن: جڏهن مون هنن کي کارائي ڍءُ ڪرايو تڏهن هنن زنا ڪئي، ۽ ڪڃرين جي گهرن ۾ اچي گڏ ٿيا آهن.</verse>
				<verse number="8">هو ڍاول گهوڙن جهڙا هئا جي عام رلن ٿا: هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي پٺيان پئي هڻڪيو.</verse>
				<verse number="9">خداوند ٿو فرمائي تہ اهڙين ڳالهين جي ڪري آءٌ سزا نہ ڏيندس ڇا؟ اهڙي قوم کان منهنجو روح وير نہ وٺندو ڇا؟</verse>
				<verse number="10">اوهين هن جي ڀتين تي چڙهي وڃو ۽ چٽ ڪريو؛ پر اصلي تباهہ ڪري نہ ڇڏيوس: هن جون ٽاريون وڍي ڇڏيو: ڇالاءِ جو اُهي خداوند جون ناهن.</verse>
				<verse number="11">خداوند ٿو فرمائي، تہ اسرائيل جي گهراڻي، ۽ يهوداهہ جي گهراڻي مون سان ڏاڍي دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="12">هنن خداوند کان منڪر ٿي چيو آهي تہ هي اُهو ناهي؛ نڪي خرابي اسان جي مٿان ايندي، نڪي اسين ترار يا ڏڪار ڏسنداسين:</verse>
				<verse number="13">۽ نبي هوا ٿي ويندا ۽ ڪلام انهن ۾ ڪونهي: انهن سان اهو حال ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="14">تنهن ڪري خداوند، لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، ڇالاءِ جو اوهين اهڙي ڳالهہ ٿا ڪريو تنهن ڪري آءٌ پنهنجو ڪلام تنهنجي وات ۾ باهہ ڪندس، ۽ هن قوم کي ڪاٺ ڪندس، ۽ اهو هنن کي ساڙي ٻاري ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="15">خداوند ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، ڏس، آءٌ پري کان اوهان تي هڪڙي قوم آڻيندس: اُها زور واري قوم آهي، ۽ هڪڙي قديم قوم آهي، اُها اهڙي قوم آهي جنهن جي ٻولي تون نٿو ڄاڻين، ۽ نہ جيڪي هو چون ٿا سو تون سمجهي ٿو سگهين.</verse>
				<verse number="16">هنن جي تيرن جي بٿي هڪڙي کليل قبر آهي، هو سڀ زور وارا ماڻهو آهن.</verse>
				<verse number="17">۽ هو تنهنجو فصل کائي ويندا، ۽ تنهنجي ماني بہ، جا تنهنجن پٽن ۽ تنهنجن ڌيئن کي کائڻ گهرجي: هو تنهنجا ڌڻ ۽ تنهنجا گلا کائي ويندا: هو تنهنجون ڊاکون ۽ تنهنجا انجير جا وڻ، کائي ڇڏيندا: هو تنهنجا ڪوٽن وارا شهر، جن تي تنهنجو ڀروسو آهي، سي ترار سان چٽ ڪندا.</verse>
				<verse number="18">پر خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڏينهن ۾ بہ آءٌ اوهان کي اصل تباهہ ڪري نہ ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="19">۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهين چوندا تہ خداوند اسان جي خدا ڇالاءِ اسان سان هي سڀ جُٺيون ڪيون آهن؟ تڏهن انهن کي چئج، تہ جيئن اوهان مون کي ڇڏي پنهنجي ملڪ ۾ ڌارين معبودن جي عبادت پئي ڪئي آهي، تيئن اوهين بہ، جو ملڪ اوهان جو ناهي تنهن ۾ ڌارين جي ٻانهپ ڪندا.</verse>
				<verse number="20">اها ڳالهہ اوهين يعقوب جي گهراڻي ۾ پڌري ڪريو، ۽ يهوداہ ۾ اشتهار ڏيو، ۽ چئو تہ،</verse>
				<verse number="21">اي بي عقل ۽ بي سمجهہ قوم، جنهن کي اکيون آهن ۽ ڏسي نٿي، ۽ جنهن کي ڪن آهن پر ٻڌي نٿي، هاڻي هيءُ ٻڌو:</verse>
				<verse number="22">خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون کان نٿا ڊڄو ڇا؟ اوهين منهنجي حضور ۾ ڪين ڏڪندا ڇا، مون کان، جنهن سمنڊ جي حد لاءِ واري اهڙي مدامي حڪم سان قائم ڪئي آهي جو اهو انهي کان لنگهي نٿو سگهي، ۽ جيتوڻيڪ ان جون لهرون زور سان اُڇلجن ٿيون، تہ بہ اهي غالب پئي نہ ٿيون سگهن، ۽ جيتوڻيڪ اُهي شور ٿيون ڪن، تہ بہ اُهي لنگهي نہ ٿيون سگهن.</verse>
				<verse number="23">پر هن قوم جي دل فسادي ۽ سرڪش آهي؛ هنن فساد ڪيو ۽ هليا ويا.</verse>
				<verse number="24">نڪي هو پنهنجي دل ۾ چون ٿا اچو تہ هاڻي خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄون، جو پوري موسم ۾ مينهن ڏئي ٿو؛ جهڙو اڳيون تهڙو پويون؛ جو انسان جي لاءِ فصل جا مقرر ڪيل هفتا قائم ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="25">اوهان جن بدڪارين اهي شيون ڦيرائي ڇڏيون آهن، ۽ اوهان جن گناهن اوهان کان چڱائي روڪي ڇڏي آهي.</verse>
				<verse number="26">ڇالاءِ جو منهنجي قوم ۾ شرير ماڻهو ڏسجن ٿا: اُهي ماريءَ وانگي لڪيو ويٺا نهارين؛ هو دام وجهيو ماڻهو پيا ڦاسائين.</verse>
				<verse number="27">جيئن ڪو پڃرو پکين سان ڀريل هوندو آهي، تيئن هنن جا گهر بہ ٺڳيءَ سان ڀريل آهن: تنهن ڪري هو وڏا ٿيا آهن، ۽ دولت هٿ ڪئي اٿن.</verse>
				<verse number="28">هو ٿلها ٿيا آهن، هو چمڪن ٿا: هائو، هو شرارت جي ڪمن ۾ گوءِ کڻي ويا آهن: هو يتيمن جي طرفان حجت دليل نٿا ڪن تہ هو سکيا ٿين: ۽ هو محتاجن جي حق جو انصاف نٿا ڪن.</verse>
				<verse number="29">خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڳالهين ڪري آءٌ سزا نہ ڏيندس ڇا؟ اهڙي قوم کان منهنجو روح وير نہ وٺندو ڇا؟</verse>
				<verse number="30">هڪڙو عجيب ۽ خوفناڪ ڪم ملڪ ۾ ٿي پيو آهي.</verse>
				<verse number="31">نبي ڪوڙي پيشنگوئي ٿا ڪن، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا؛ ۽ منهنجي قوم کي اهو حال پسند آهي: پر نيٺ اوهين ڇا ڪندا؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">اي بني بنيمين سلامتيءَ جي لاءِ يروشلم مان ڀڄي وڃو، ۽ تقوع ۾ وڃي قرناءِ وڄايو، ۽ بيت هڪرم ۾ جهنڊو کڙو ڪريو: ڇالاءِ جو خرابي ۽ وڏو موت اُتر کان ايندو نظر ٿو اچي.</verse>
				<verse number="2">آءٌ صيون جي ڌيءَ کي وڍي ڇڏيندس، جا خوبصورت نازنين آهي.</verse>
				<verse number="3">ڌنار پنهنجن ڌڻن سان وٽس ايندا؛ هو سندس سامهون چوڌاري تنبو هڻندا؛ هرڪو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي مال چاريندو.</verse>
				<verse number="4">اوهين هن سان جنگ ڪرڻ جي تياري ڪريو؛ اُٿو؛ هلو تہ ٻنپهرن جو ڪاهہ ڪريون. ويل آهي اسان سان! ڇالاءِ جو ڏينهن لڙندو وڃي، ۽ شام جا پاڇا ڊگها ٿيندا وڃن.</verse>
				<verse number="5">اُٿو تہ رات جو ڪاهي هلون ۽ سندس محلات ناس ڪري ڇڏيون.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ تہ لشڪرن جي خداوند هيئن فرمايو آهي، تہ اوهين وڻ وڍي ڇڏيو ۽ يروشلم جي اڳيان هڪڙو بند ٻڌو: اهو ئي شهر آهي جنهن تي آفت اچڻي آهي؛ اُهو اندر ۾ سمورو ظلم آهي.</verse>
				<verse number="7">جهڙيءَ طرح کوهہ پنهنجو پاڻي اُڇلائي ڪڍي ٿو تيئن هو پنهنجي شرارت اُڇلي ٿو: انهي ۾ زبردستي ۽ مار پئي ٻڌجي؛ منهنجي اڳيان سدائين بيماري ۽ زخم آهن.</verse>
				<verse number="8">اي يروشلم، تون ڪي سمجهہ، متان منهنجو روح تو کان ڇڄي ڌار ٿئي؛ متان آءٌ توکي ويران ڪري ڇڏيان، ۽ اهڙي زمين ڪريان جنهن ۾ ڪوبہ ڪونہ رهي.</verse>
				<verse number="9">لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هو اسرائيل جي باقي بچيلن کي ڊاک وانگي چڱيءَ طرح چونڊي گڏ ڪندا: تون ڊاک چونڊيندڙ وانگي پنهنجو هٿ وري ڦيرائي ٽوڪرين ۾ وجهہ.</verse>
				<verse number="10">آءٌ ڪهڙن سان ڳالهايان ۽ ڪنهن کي تاڪيد ڪريان تہ ٻڌن؟ ڏس، هن جو ڪن اڻ طهريل آهي، ۽ هو ٻڌي نٿا سگهن: ڏس خداوند جو ڪلام هنن جي لاءِ هڪڙو مهڻو ٿي پيو آهي؛ هنن کي انهي مان ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي.</verse>
				<verse number="11">تنهن ڪري آءٌ خداوند جي ڪاوڙ سان ڀرجي ويو آهيان؛ آءٌ جهلي جهلي ٿڪجي پيو آهيان: اُها بازار ۾ ٻارن تي، ۽ جوان ماڻهن جي جماعت تي گڏي اوتي وجهہ: ڇالاءِ جو مرد زال سميت پڪڙيو ويندو، ۽ ٻڍو، پوريءَ عمر واري ماڻهوءَ سميت.</verse>
				<verse number="12">۽ هنن جا گهر سندن زالن ۽ ٻنين سميت ٻين کي ڏنا ويندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ انهيءَ ملڪ جي رهاڪن تي پنهنجو هٿ ڊگهيريندس.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو ننڍن کان وٺي وڏن تائين سڀني کي لالچ جي عادت آهي؛ ۽ نبيءَ کان وٺي ڪاهن تائين سڀ ڪوڙ ۽ ڪپت ۾ مشغول آهن.</verse>
				<verse number="14">هنن سلامتي، سلامتي، چئي منهنجي قوم جي ڦٽ جو ڪچو علاج ڪيو آهي، پر حقيقت ڪري سلامتي ڪانهي.</verse>
				<verse number="15">جڏهن هنن ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا تڏهن هو شرمندا هئا ڇا؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم نہ آيو، نہ هنن کي ڪو حياءُ ٿيو: تنهن ڪري جيڪي ڪرندا، تن ۾ هو بہ ڪِرندا: خداوند ٿو فرمائي تہ جڏهن آءٌ کين سزا ڏيڻ لاءِ ايندس تڏهن هو هيٺ اُڇلايا ويندا.</verse>
				<verse number="16">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين رستن تي بيهي ڏسو، ۽ جهونين واٽن ۾ پڇا ڪريو، تہ چڱو رستو ڪٿي آهي، پوءِ انهي تي هلو تہ اوهان جا روح آرام پائيندا: پر هنن چيو تہ اسين انهي تي نہ هلنداسين.</verse>
				<verse number="17">۽ مون اوهان تي نگهبان بيهاريا، ۽ چيم تہ قرناءِ جو آواز ٻڌو: پر هنن چيو تہ اسين ڪين ٻڌنداسين.</verse>
				<verse number="18">تنهن ڪري اي قومون اوهين ٻڌو، ۽ اي جماعت، اوهين ڄاڻو، تہ هنن منجهہ ڇا آهي.</verse>
				<verse number="19">اي زمين، ٻڌ: ڏس آءٌ هن قوم تي خرابي آڻيندس، يعني سندن خيالن جو نتيجو، ڇالاءِ جو هنن منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن، ۽ منهنجي شريعت کي اصل رد ڪري ڇڏيو اٿن.</verse>
				<verse number="20">سبا مان لوبان، ۽ پرانهين ملڪ مان اگر، منهنجي خاطر ڪهڙي ڪم جي لاءِ ٿو اچي؟ اوهان جون سوختني قربانيون قبول پوڻ جهڙيون نہ آهن، نڪي اوهان جون ذبح ڪرڻ واريون قربانيون مون کي وڻن ٿيون.</verse>
				<verse number="21">تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، تہ آءٌ هن قوم جي اڳيان آٿڙائيندڙ شيون رکندس؛ ۽ انهن تي پيءُ ۽ پٽ گڏ آٿڙندا؛ پاڙيسري ۽ ان جو دوست گڏ چٽ ٿيندا.</verse>
				<verse number="22">خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، اُتر واري ملڪ مان هڪڙي قوم اچي ٿي؛ ۽ زمين جي تمام پرانهن ڀاڱن مان هڪڙي وڏي اُمت اُٿاري ويندي.</verse>
				<verse number="23">هو ڪمان ۽ نيزو کڻن ٿا؛ هو ظالم آهن ۽ ڪوبہ رحم نہ اٿن؛ هنن جو آواز سمنڊ وانگي گجي ٿو، ۽ هو گهوڙن تي چڙهن ٿا؛ اي صيون جي ڌيءَ، سڀيئي صف ٻڌي تو سان جنگ جي لاءِ تيار ٿيا آهن.</verse>
				<verse number="24">اسان انهيءَ جي ناموس ٻڌي آهي؛ اسان جا هٿ سست ٿيندا وڃن: اسان کي مصيبت آڻي جهليو آهي، ۽ اهڙا سور اٿئون جهڙا ويامندڙ زال کي ٿيندا آهن.</verse>
				<verse number="25">ميدان تي نہ وڃو، نہ رستي جي ڀرسان گهمو؛ ڇالاءِ جو چوڌاري دشمن جي ترار ۽ خوف آهي.</verse>
				<verse number="26">اي منهنجي قوم جي ڌيءَ، تون کٿو چيلهہ سان ٻڌ، ۽ خاڪ ۾ ليٽ: ماتم ڪري زار زار روءُ: جيئن هڪڙي ئي هڪڙي پٽ لاءِ روئبو آهي؛ ڇالاءِ جو ڦرلٽ ڪرڻ وارو اوچتو اسان تي ايندو.</verse>
				<verse number="27">مون توکي پنهنجي قوم ۾ هڪڙو ٺلهہ ۽ قلعو ڪيو آهي؛ انهي لاءِ تہ تون انهن جو رستو سڃاڻين ۽ آزمائين.</verse>
				<verse number="28">هو سڀ تمام فسادي آهن، ۽ گلائون ڪندا گهمندا وتن؛ هو پتل ۽ لوهہ آهن: هو سڀ ڪپت جي هلت ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="29">ڌوڻي تمام زور سان پئي ٻري، شيهو باهہ جي ڪري سڙي ويو آهي: هو اجايو انهي کي پگهاري صاف ٿا ڪن؛ ڇالاءِ جو شرير پٽجي نہ ويا آهن.</verse>
				<verse number="30">ماڻهو هنن کي روپي جو مٺ سڏيندا، ڇالاءِ جو خداوند هنن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">اُهو ڪلام جو خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو،</verse>
				<verse number="2">تہ خداوند جي گهر جي در وٽ بيهہ ۽ اُتي هي ڪلام پڌرو ڪر، ۽ چئُہ تہ اي يهوداہ جا رهاڪو، اوهين سڀ جي خداوند جي عبادت ڪرڻ لاءِ هنن درن اندر لنگهي اچو ٿا، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو.</verse>
				<verse number="3">لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين پنهنجا رستا ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو تہ آءٌ اوهان کي هن هنڌ رهائيندس.</verse>
				<verse number="4">اوهين ڪوڙين ڳالهين تي ڀروسو نہ رکو جو چئو ٿا تہ خداوند جي هيڪل، خداوند جي هيڪل، هيءَ خداوند جي هيڪل آهي.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين پوري طرح پنهنجا رستا ۽ پنهنجا ڪم سڌاريندا؛ جيڪڏهن اوهين هڪڙي ماڻهوءَ ۽ سندس پاڙيسريءَ جي وچ ۾ پوريءَ طرح انصاف ڪندا؛</verse>
				<verse number="6">جيڪڏهن اوهين مسافر ۽ يتيم ۽ بيوہ زالن تي ظلم نہ ڪندا، ۽ هن جاءِ تي بي ڏوهين جو رت نہ وهائيندا، نڪي ٻين معبودن جي پٺيان لڳي پاڻ کي نقصان پهچائيندا:</verse>
				<verse number="7">تہ آءٌ اوهان کي هن هنڌ وسائيندس، يعني انهي ملڪ ۾ جو مون قديم وقت کان وٺي هميشہ لاءِ اوهان جن ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="8">ڏسو اوهين انهن ڪوڙين ڳالهين تي ڀروسو ٿا رکو، جن مان ڪوبہ فائدو رسي نٿو سگهي.</verse>
				<verse number="9">اوهين چوري ۽ خون ۽ زنا ڪندا ڇا، ۽ ڪوڙو قسم کڻندا، ۽ بعل جي اڳيان لوبان ساڙيندا، ۽ جن ٻين معبودن کي اوهين نہ سڃاڻندا هئا تن جي پيروي ڪندا ڇا؟</verse>
				<verse number="10">۽ هي گهر جو منهنجي نالي پٺيان سڏبو آهي تنهن ۾ منهنجي اڳيان بيهي ائين چوندا ڇا تہ اسان کي خلاصي ملي آهي؛ انهي لاءِ تہ اوهين اهي سڀ نفرت جهڙا ڪم ڪريو؟</verse>
				<verse number="11">هيءُ گهر جو منهنجي نالي پٺيان سڏبو آهي، سو اوهان جي نظر ۾ ڌاڙيلن جي پاٿاري ٿي پيو آهي ڇا؟ خداوند ٿو فرمائي تہ ڏسو، مون، هائو مون اهو ڏٺو آهي.</verse>
				<verse number="12">پر جيڪو منهنجو مڪان سيلا ۾ هو، جتي پهرين مون پنهنجو نالو مقرر ڪيو، اُتي هاڻي اوهين وڃو ۽ ڏسو تہ مون پنهنجي قوم اسرائيل جي شرارت ڪري ان سان ڇا ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="13">۽ هاڻي خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان هي سڀ ڪم ڪيا آهن، ۽ مون اوهان سان سوير اُٿي ڳالهايو پر اوهان نہ ٻڌو: ۽ مون اوهان کي سڏيو پر اوهان جواب ڪونہ ڏنو:</verse>
				<verse number="14">تنهن ڪري جيڪو گهر منهنجي نالي پٺيان سڏبو آهي، جنهن تي اوهين ڀروسو رکو ٿا، ۽ اُها جاءِ جا مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني، تنهن جو اهڙو حال ڪندس، جهڙو مون سيلا جو ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="15">۽ آءٌ اوهان کي پنهنجي نظر کان برطرف ڪندس، جيئن مون اوهان جن سڀني ڀائرن کي، يعني افرائيم جي سڄي نسل کي اُڇلائي ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="16">تنهن ڪري تون انهيءَ قوم جي لاءِ دعا نہ گهر، نڪي انهن جي لاءِ وڏيون دانهون ڪر يا عرض ڪر، نڪي مون وٽ انهن جي شفاعت ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي نہ ٻڌندس.</verse>
				<verse number="17">تون نٿو ڏسين ڇا تہ هو يهوداہ جي شهرن ۾ ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ ڇا ٿا ڪن؟</verse>
				<verse number="18">ٻار ڪاٺيون گڏ ڪن ٿا، ۽ پيءُ باهہ ٻاري ٿو، ۽ زالون اٽو ڳوهين ٿيون، تہ آسمان جي راڻي لاءِ لوليون پچائين؛ ۽ ٻين معبودن لاءِ پيئڻ وارا نذرانا اوتين، انهي لاءِ تہ مون کي ڪاوڙ ڏيارين.</verse>
				<verse number="19">خداوند ٿو فرمائي تہ هو مون کي ڪاوڙجڻ لاءِ چورين ٿا، يا پاڻ کي ٿا چيڙائين تہ سندن منهن ڦڪا ٿين؟</verse>
				<verse number="20">تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو منهنجو غصو ۽ منهنجو غضب هن هنڌ تي آهي؛ ماڻهوءَ توڙي جانور، جهنگ جي وڻن توڙي زمين جي ڦر تي اُهو اوتيو ويندو، ۽ اهو پيو ٻرندو ۽ اُجهامندو ئي ڪين.</verse>
				<verse number="21">لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين پنهنجون سوختني قربانيون پنهنجي ذبح ڪرڻ وارين قربانين سان گڏيو، ۽ اوهين ئي گوشت کائو.</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي زمين مان ڪڍي آندو تنهن ڏينهن سوختني قربانين يا ذبح ڪرڻ وارين قربانين بابت مون انهن سان نہ ڳالهايو، ۽ نہ انهن کي ڪو حڪم ڏنو:</verse>
				<verse number="23">پر هن ڳالهہ بابت مون هنن کي حڪم ڏيئي چيو، تہ منهنجو آواز ٻڌو، ۽ آءٌ اوهان جو خدا ٿيندس ۽ اوهين منهنجي قوم ٿيندا: جنهن رستي جو آءٌ اوهان کي حڪم ڏيان انهي تي هلو، تہ اوهان جو ڀلو ٿئي.</verse>
				<verse number="24">پر هنن نہ ٻڌو ۽ نہ ڪن ڏنو، پر پنهنجي مرضيءَ تي، ۽ پنهنجي خراب دل جي نٺرائي تي هليا، ۽ پٺ تي ويا ۽ اڳتي نہ وڌيا.</verse>
				<verse number="25">جنهن ڏينهن کان اوهان جا ابا ڏاڏا مصر جي زمين مان نڪري آيا تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين، مون پنهنجا سڀ ٻانها ۽ نبي، ڏهاڙي سويل صبح جو اُٿي اوهان ڏي پئي موڪليا آهن:</verse>
				<verse number="26">انهي هوندي بہ هنن منهنجي نہ ٻڌي ۽ نہ ڪن ڏنائون، پر هنن پنهنجي ابن ڏاڏن کان بہ بڇڙي هلت ڪئي.</verse>
				<verse number="27">۽ تون اهي سڀ ڳالهيون انهن کي ٻڌاءِ: پر هو تنهنجي نہ ٻڌندا: تون هنن کي سڏيندين بہ، پر هو توکي ڪوبہ جواب نہ ڏيندا.</verse>
				<verse number="28">۽ تون هنن کي چئُہ تہ هي اُها قوم آهي، جنهن خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌو آهي، ۽ نہ ڪا سيکت حاصل ڪئي اٿن: سچائي ناس ٿي ويئي آهي، ۽ هنن جي وات مان اُها نڪري ويئي آهي.</verse>
				<verse number="29">اي يروشلم پنهنجا وار وڍي اُڇلائي ڇڏ، ۽ اُگهاڙين ٽڪرين تي زاري ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن پيڙهيءَ تي خداوند جي ڪاوڙ آهي تنهن کي هن رد ڪري ڇڏي ڏنو آهي،</verse>
				<verse number="30">ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ بني يهوداہ اُهي ڪم ڪيا آهن جي منهنجي نظر ۾ خراب آهن: ۽ جيڪو گهر منهنجي نالي پٺيان سڏبو آهي تنهن ۾ هنن پنهنجون ڪراهت جهڙيون شيون رکيون آهن، ۽ انهي کي پليت ڪيو اٿن.</verse>
				<verse number="31">۽ هنن توفت، جو هنوم جي پٽ جي واديءَ ۾ آهي، تنهن تي مٿانهان مڪان اڏيا آهن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئن کي باهہ ۾ ساڙين؛ پر مون اهڙو حڪم نہ ڪيو، ۽ نہ اهڙي ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي.</verse>
				<verse number="32">تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن انهي کي اڳتي وري توفت ڪري نہ سڏيندا، ۽ نہ هنوم جي پٽ جي وادي سڏيندا، پر ڪوس جي وادي سڏيندا: ڇالاءِ جو توفت ۾ ايستائين پيا دفن ڪندا جيستائين دفن ڪرڻ جي جاءِ باقي نہ بچندي.</verse>
				<verse number="33">۽ انهي قوم جا مڙهہ، هوا جي پکين ۽ زمين جي جانورن جو قوت ٿيندا؛ ۽ ڪوبہ انهن کي هڪالي نہ ڪڍندو.</verse>
				<verse number="34">تڏهن آءٌ يهوداہ جي شهرن مان ۽ يروشلم جي گهٽين مان خوشيءَ جو آواز، ۽ سرهائيءَ جو آواز، گهوٽ جو آواز، ۽ ڪنوار جو آواز، بند ڪرائي ڇڏيندس: ڇالاءِ جو زمين ويران ٿي ويندي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">خداوند ٿو فرمائي تہ انهيءَ وقت هو يهوداہ جي بادشاهن جا هڏا، ۽ سندس اميرن ۽ ڪاهنن جا هڏا، ۽ نبين ۽ يروشلم جي رهاڪن جا هڏا، سندن قبرن مان ڪڍندا.</verse>
				<verse number="2">۽ انهن کي سج ۽ چنڊ ۽ آسمان جي سڄي لشڪر جي اڳيان پکيڙيندا، جن سان انهن محبت رکي آهي، ۽ جن جي هنن عبادت ڪئي آهي، ۽ جن جي پٺيان هو هليا آهن، ۽ جن کي هنن ڳوليو آهي، ۽ جن کي هنن سجدو ڪيو آهي: هو نہ گڏ ڪيا ويندا ۽ نہ دفن ڪيا ويندا؛ هو زمين جي سطح تي ڇيڻي جي بجاءِ ٿيندا.</verse>
				<verse number="3">لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ انهي خراب گهراڻي مان جيڪي باقي بچندا، ۽ جيڪي انهن سڀني هنڌن تي رهندڙ هوندا جتي مون هنن کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو آهي، سي سڀيئي حياتيءَ کان موت کي وڌيڪ پسند ڪندا.</verse>
				<verse number="4">انهي کان سواءِ تون هنن کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ماڻهو ڪرندا ۽ وري نہ اُٿندا ڇا؟ ڪو ڦري ويندو ۽ وري نہ موٽندو ڇا؟</verse>
				<verse number="5">تڏهن ڇو هي يروشلم جا ماڻهو هميشہ جي برائيءَ لاءِ پٺ تي هٽي ويا آهن؟ هو ٺڳيءَ سان چهٽيل آهن، ۽ موٽڻ کان انڪار ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="6">مون ڌيان ڏئي ٻڌو، پر هنن سچ نہ ڳالهايو: ڪوبہ ماڻهو پنهنجي شرارت کان پشيمان نٿو ٿئي، ۽ نٿو چوي تہ مون ڇا ڪيو آهي؟ سڀڪو پنهنجي رستي ڏانهن ٿو ڦري جيئن ڪو گهوڙو جنگ ۾ ڏاڍي ڇوهہ سان ڊوڙندو آهي.</verse>
				<verse number="7">هائو، لقلق پکي پنهنجو مقرر ڪيل وقت ڄاڻي ٿو؛ ۽ قمري ۽ ابابيل ۽ ڪنگ پنهنجي وقت تي اچن ٿا؛ پر منهنجي قوم خداوند جي عدالت نٿي ڄاڻي.</verse>
				<verse number="8">اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ اسين ڏاها آهيون ۽ خداوند جي شريعت اسان وٽ آهي؟ پر ڏس، ڪاتبن جي ڪوڙي قلم ڪوڙ ڪمايا آهن.</verse>
				<verse number="9">ڏاها ماڻهو شرمندا ٿيا آهن، هو ڊڄي ويا آهن ۽ گرفتار ٿيا آهن: ڏس هنن خداوند جو ڪلام رد ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ هنن ۾ ڪهڙي قسم جي ڏاهپ آهي؟</verse>
				<verse number="10">تنهن ڪري آءٌ هنن جون زالون ٻين کي ڏيندس، ۽ هنن جون ٻنيون انهن کي ڏيندس جي انهن جا مالڪ ٿيندا: ڇالاءِ جو تمام ننڍي کان وٺي تمام وڏي تائين هو لالچي آهن، ۽ نبي کان وٺي ڪاهن تائين اُهي سڀ ڪوڙ سان واهپو ٿا رکن.</verse>
				<verse number="11">۽ هنن سلامتي، سلامتي، چئي منهنجي قوم جي ڌيءَ جي ڦٽ جو ڪچو علاج ڪيو آهي؛ پر حقيقت ڪري سلامتي ڪانهي.</verse>
				<verse number="12">جڏهن هنن ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا تڏهن ڪي هو شرمندا ٿيا هئا ڇا؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم نہ آيو، ۽ نڪي هنن کي ڪو حياءُ ٿيو: تنهن ڪري جيڪي ڪرڻ وارا آهن تن ۾ هو بہ ڪِرندا: خداوند ٿو فرمائي تہ هنن جي سزا جي وقت هو هيٺ اُڇلايا ويندا.</verse>
				<verse number="13">خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ هنن کي بلڪل چٽ ڪري ڇڏيندس: ڊاک جي وڻ تي ڊاک نہ ٿيندي، ۽ انجير جي وڻ تي انجير نہ ٿيندا، ۽ پن بہ سڪي سڙي ويندا؛ ۽ جيڪي شيون مون هنن کي ڏنيون آهن سي هنن وٽان هليون وينديون.</verse>
				<verse number="14">اسين ڇو ماٺ ڪري ويٺا آهيون؟ اوهين اُٿي گڏ ٿيو، هلو تہ ڪوٽن وارن شهرن ۾ هلي ويهون ۽ اُتي ماٺ ڪري ويهو: ڇالاءِ جو خداوند اسان جي خدا اسان کي ماٺ ڪرائي آهي، ۽ اسان کي ڪَڙو پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنو اٿس، ڇو جو اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="15">اسان سلامتيءَ لاءِ نهاريو، پر چڱائي ڪانہ آئي: ۽ شفا جي وقت لاءِ منتظر رهياسين پر خوف ڏٺوسين!</verse>
				<verse number="16">هن جي گهوڙن جو ڦوڪارو دان مان پيو ٻڌجي: هن جي مضبوط گهوڙن جي هڻڪار جي آواز تي سڄو ملڪ ڏڪي ٿو وڃي؛ ڇالاءِ جو هو اچي پهتا آهن؛ ۽ اهو ملڪ ۽ جيڪي اُن ۾ آهي، شهر ۽ جيڪي اُن ۾ رهن ٿا؛ هو سڀ ڳهي ويا آهن.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ اوهان ۾ اهڙا نانگ ۽ سپ موڪليندس، جن کي منڊ لڳي نہ سگهندو، ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ اُهي اوهان کي ڏنگيندا.</verse>
				<verse number="18">شل ڏک کان آءٌ پاڻ کي تسلي ڏئي سگهان! منهنجي دل منهنجي اندر ۾ ماندي ٿي ٿئي.</verse>
				<verse number="19">ڏس، منهنجي قوم جي ڌيءَ جي دانهن جو آواز ڪنهن پرانهين ملڪ مان ٿو اچي: خداوند صيون ۾ ناهي ڇا؟ انهي جو بادشاهہ ان ۾ ڪونهي ڇا؟ ڇالاءِ هنن پنهنجن اُڪريلن مورتن سان ۽ ڌارين اجاين ڳالهين سان مون کي ڪاوڙ ڏياري آهي؟</verse>
				<verse number="20">فصل لهي ويا آهن، اونهارو اچي پورو ٿيو آهي، پر اسان کي ڇوٽڪارو ڪونہ مليو آهي.</verse>
				<verse number="21">پنهنجيءَ قوم جي ڌيءَ جي ايذاءُ ڪري مون کي ايذاءُ رسيو آهي: آءٌ ڏکي ٿي پيو آهيان؛ مون کي حيراني وٺي وئي آهي.</verse>
				<verse number="22">جلعاد ۾ مرحم ڪونهي ڇا؟ اُتي ڪو طبيب ناهي ڇا؟ تڏهن ڇو منهنجي قوم جي ڌيءَ چڱي ڀلي نٿي ٿئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">اڙي جي منهنجو مٿو پاڻي هجي ها، ۽ منهنجون اکيون لڙڪن جو چشمو هجن ها تہ چڱو هو، جو آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڌيءَ جي ڪُٺلن جي لاءِ پيو روئان ها!</verse>
				<verse number="2">اڙي جي بيابان ۾ منهنجي لاءِ ڪو مسافر خانو هجي ها تہ چڱو هو؛ جو آءٌ پنهنجي قوم کي ڇڏي منجهان نڪري وڃان ها! ڇالاءِ جو اُهي سڀ زناڪار ۽ دغاباز ماڻهن جي هڪڙي جماعت آهن.</verse>
				<verse number="3">۽ ڪوڙ جي لاءِ پنهنجي زبان ڪمان وانگي ٿا موڙين: ۽ هو ملڪ ۾ زور وارا ٿيا آهن، پر نہ سچ جي لاءِ: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ هو بڇڙائي ڏي وڌندا ٿا وڃن ۽ مون کي نٿا سڃاڻن.</verse>
				<verse number="4">اوهان مان هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کان خبردار رهي، ۽ پنهنجي ڪنهن بہ ڀاءُ تي اوهين ڀروسو نہ رکو: ڇالاءِ جو سڀڪو ڀاءُ ضرور دغا ڪندو، ۽ سڀڪو پاڙيسري گلا غيبت ڪندو.</verse>
				<verse number="5">۽ انهن مان هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي فريب ڏيندو ۽ سچ نہ چوندو: هنن پنهنجي زبان کي ڪوڙ ڳالهائڻ سيکاريو آهي؛ هو گناهہ ڪري پاڻ کي ٿڪائين ٿا.</verse>
				<verse number="6">تنهنجي رهڻ جي جاءِ ٺڳيءَ جي وچ ۾ آهي؛ خداوند ٿو فرمائي تہ ٺڳيءَ جي ڪري هو مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="7">تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ انهن کي پگهاريندس ۽ آزمائيندس؛ ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي ڌيءَ جي سبب، ٻيو ڇا ڪريان؟</verse>
				<verse number="8">هنن جي زبان هڪڙو موت مار تير آهي؛ اُها ٺڳيءَ جون ڳالهيون ٿي ڪري؛ هر هڪ وات پنهنجي پاڙيسريءَ سان خير سلامتيءَ جون ڳالهيون ٿو ڪري، پر پنهنجي دل ۾ هن جي لاءِ ڇپ ماري ويهي ٿو.</verse>
				<verse number="9">خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڳالهين ڪري آءٌ هنن کي سزا نہ ڏيندس ڇا؟ اهڙي قوم کان منهنجو روح وير نہ وٺندو ڇا؟</verse>
				<verse number="10">جبلن جي لاءِ آءٌ رئڻ ۽ رڙڻ شروع ڪندس ۽ بيابان جي چراگاهن لاءِ ماتم ڪندس، ڇالاءِ جو اُهي اهڙا سڙي ويا آهن جو ڪوبہ انهن مان نٿو لنگهي؛ ۽ نہ ماڻهو ڍورن جو آواز ٻڌي سگهن ٿا: هوا جا پکي توڙي جانور ڀڄي هليا ويا آهن.</verse>
				<verse number="11">۽ آءٌ يروشلم کي ڍير، ۽ گدڙن جي جوءِ ڪندس؛ ۽ آءٌ يهوداہ جي شهرن کي اهڙو ويران ڪندس جو ڪوبہ اُتي رهڻ وارو ڪونہ هوندو.</verse>
				<verse number="12">اُهو ڪهڙو ڏاهو آهي جو اها ڳالهہ سمجهي؟ ۽ اُهو ڪير آهي جنهن کي خداوند جي وات فرمايو آهي تہ انهي کي ظاهر ڪري ٻڌائي؟ ڇو اها زمين اهڙي ناس ٿي ۽ سڙي بيابان ٿي ويئي آهي، جو ڪوبہ انهي مان نٿو لنگهي؟</verse>
				<verse number="13">۽ خداوند فرمائي ٿو تہ ڇالاءِ جيڪا شريعت مون هنن جي اڳيان رکي سا هنن ڇڏي ڏني آهي، ۽ منهنجو فرمان نہ مڃيو اٿن، ۽ جيڪي هنن جي ابن ڏاڏن هنن کي سيکاريو انهيءَ تي نہ هليا آهن،</verse>
				<verse number="14">بلڪ پنهنجي دل جي نٺرائي موجب هو بعليم جي پٺيان هليا آهن، جيئن سندن ابن ڏاڏن کين سيکاريو.</verse>
				<verse number="15">تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس آءٌ هنن کي، يعني انهي قوم کي ناگدونا کارائيندس، ۽ پت جو پاڻي پياريندس.</verse>
				<verse number="16">آءٌ انهن کي اهڙين قومن ۾ پکيڙيندس جن کي نہ هنن پاڻ، ۽ نہ سندن ابن ڏاڏن ٿي سڃاتو: ۽ آءٌ هنن جي پٺيان ترار موڪليندس، جيسين ڪہ هنن کي کپائي ڇڏين.</verse>
				<verse number="17">لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين ويچار ڪريو ۽ ماتم ڪندڙن زالن کي گهرايو تہ اچن؛ ۽ هوشيار زالن کي بہ سڏايو تہ اچن:</verse>
				<verse number="18">۽ جلدي ڪري اسان جي لاءِ اوسارڻ قبول ڪن، تہ اسانجين اکين مان ڳوڙها وهن، ۽ اسان جن ڇپرن مان پاڻي جاري ٿئي.</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ جو صيون منجهان هڪڙو واويلا جو آواز ٿو ٻڌجي تہ اسين ڪيئن نہ لٽجي ويا آهيون! اسين تمام گهڻو شرمندا ٿيا آهيون، جو اسان اها زمين ڇڏي ڏني آهي، ۽ اسان جا گهر ڊاهي ڪيرائي وڌا اٿن.</verse>
				<verse number="20">اي زالون، اڃا بہ اوهين خداوند جو آواز ٻڌو تہ سندس وات جو ڪلام اوهان جن ڪنن تي پوي، ۽ اوهين پنهنجي ڌيئرن کي اوسارڻ سيکاريو، ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي پاڙي واريءَ کي ماتم ڪرڻ سيکاري.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو موت اسان جن درين منجهہ چڙهي آيو آهي، ۽ اسان جن محلاتن ۾ گهڙي آيو آهي؛ تہ ٻارن کي گهٽين مان، ۽ جوان ماڻهن کي چونڪ مان وڍي ڇڏي.</verse>
				<verse number="22">چئو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ماڻهن جا مڙهہ کليل ميدان تي ائين ڪرندا جيئن ڇيڻا، ۽ جيئن لاباري ڪندڙ جي پٺيان ڪريل سٽا، ۽ ڪوبہ انهن کي گڏ ڪين ڪندو.</verse>
				<verse number="23">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏاهو ماڻهو پنهنجي ڏاهپ تي فخر نہ ڪري، نڪي زور وارو ماڻهو پنهنجي زور تي فخر ڪري، نڪي دولتمند ماڻهو پنهنجي دولت تي فخر ڪري:</verse>
				<verse number="24">پر جيڪو فخر ٿو ڪري سو هن تي فخر ڪري تہ هو سمجهي ٿو، ۽ مون کي سڃاڻي ٿو، تہ آءٌ خداوند آهيان، جو زمين تي رحمت، ۽ انصاف، ۽ سچائي ٿو ڪريان: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اهڙين ڳالهين مان خوش ٿو ٿيان.</verse>
				<verse number="25">خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ طهريلن کي اڻ طهريلن وانگر، يعني سڀني کي سزا ڏيندس.</verse>
				<verse number="26">مصر، ۽ يهوداہ، ۽ ادوم کي، ۽ بني عمون ۽ موآب کي، ۽ انهن سڀني کي جن جي وارن جون ڪنڊون ڪتريل آهن، ۽ جي بيابان ۾ ٿا رهن: ڇالاءِ جو سڀ قومون اڻ طهريل آهن، ۽ اسرائيل جو سڄو گهراڻو دل ۾ اڻ طهريل آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">اي اسرائيل جا گهراڻا، جيڪو ڪلام خداوند اوهان کي ٻڌائي ٿو سو ٻڌو:</verse>
				<verse number="2">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ قومن جو رستو نہ سکو، ۽ آسمان جي نشانن تي حيران نہ ٿيو؛ ڇالاءِ جو قومون انهن تي حيران ٿيون ٿين.</verse>
				<verse number="3">قومن جا رواج اجايا آهن: ڇالاءِ جو پنهنجي هٿن سان ٻيلي مان وڻ وڍي واڍو ڪهاڙي سان ڪجهہ ٺاهي ٿو.</verse>
				<verse number="4">انهي کي روپي ۽ سون سان سينگارين ٿا؛ هو انهن کي مترڪن سان ڪليون هڻي قابو ڪن ٿا، تہ چُري نہ.</verse>
				<verse number="5">اُهي کجيءَ وانگي اُڀا ۽ سينگاريل آهن، پر ڳالهائين نہ ٿا: هو هلي نٿا سگهن، تنهن ڪري ضرور هنن کي کڻڻو ٿو پوي؛ انهن کان بہ نہ ڊڄو؛ اُهي برائي ڪري نہ سگهندا، ۽ نہ اُنهن کي ڀلائي ڪرڻ جي ڪا طاقت آهي.</verse>
				<verse number="6">اي خداوند، تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ تون وڏو آهين، ۽ تنهنجو نالو بہ قدرت جي ڪري وڏو آهي.</verse>
				<verse number="7">اي قومن جا بادشاهہ، ڪير تو کان نہ ڊڄندو؟ ڇالاءِ جو اهو توکي ئي ٿو جُڳائي: ڇالاءِ جو قومن جي سڀني ڏاهن ماڻهن ۾ ۽ انهن جي سڀني بادشاهتن ۾ تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.</verse>
				<verse number="8">پر اُهي سڀ جهنگلي ۽ بي عقل آهن: بتن جي تعليم فقط ڪاٺ آهي.</verse>
				<verse number="9">ڪٽيل چانديءَ جا تڙڇ جي ترسيس مان آندل آهن، ۽ سون اوفاز مان، اهو ڪاريگر جو، ۽ سوناري جي هٿن جو ڪم آهي؛ انهن جا ڪپڙا نيرا ۽ واڱڻائي آهن، اهو سڀ هنر وارن ماڻهن جو ڪم آهي.</verse>
				<verse number="10">پر خداوند سچو خدا آهي؛ هو جيئرو خدا، ۽ دائم قائم بادشاهہ آهي: ان جي ڪاوڙ تي زمين ڏڪي ٿي، ۽ قومون ان جو غصو سهي نٿيون سگهن.</verse>
				<verse number="11">اوهين انهن کي هيئن چئو تہ اهڙا معبود جن آسمان ۽ زمين کي پيدا نہ ڪيو آهي سي زمين تان ۽ آسمان جي هيٺان چٽ ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="12">هن پنهنجي قدرت سان زمين جوڙي آهي، هن پنهنجي حڪمت سان دنيا قائم ڪئي آهي، ۽ پنهنجي سمجهہ سان هن آسمان پکيڙيا آهن:</verse>
				<verse number="13">جڏهن هو پنهنجو آواز ڪڍي ٿو تڏهن آسمان ۾ پاڻيءَ جو گوڙ مچي ٿو، ۽ زمين جي ڪنارن کان هو بخار مٿي چاڙهي ٿو؛ هو مينهن جي لاءِ وڄ جوڙي ٿو، ۽ پنهنجن خزانن مان واءُ آڻي ٿو.</verse>
				<verse number="14">سڀڪو ماڻهو جهنگلي ۽ نادان ٿي پيو آهي؛ سڀڪو سونارو پنهنجي اُڪريل مورت جي ڪري شرمندو ٿيو آهي: ڇالاءِ جو سندس پلٽيل مورت ڪوڙ آهي، ۽ منجهن ساهہ ڪونهي.</verse>
				<verse number="15">اهي اجايا آهن، بلڪ فريب ڏيندڙ ڪم آهن: سزا جي وقت اُهي چٽ ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="16">يعقوب جو حصو انهن جهڙو ناهي؛ ڇالاءِ جو خداوند سڀني شين جو خالق آهي، ۽ اسرائيل انهي جي موروثي قوم آهي: لشڪرن جو خداوند انهي جو نالو آهي.</verse>
				<verse number="17">اڙي تون جو گهيري اندر ٿو رهين، سو هن ملڪ مان پنهنجي ڳٺڙي کڻي نڪري وڃ.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ هن وقت هن ملڪ جي رهاڪن کي کانڀاڻيءَ سان اُڇلائي ڇڏيندس، ۽ انهن کي اهڙو تنگ ڪندس جو پاڻهي ياد ڪندا،</verse>
				<verse number="19">منهنجي ايذاءُ تي افسوس! منهنجو زخم سخت آهي: پر مون چيو تہ سچ هيءُ منهنجو ئي ڏک آهي، ۽ مون کي ئي سهڻ کپي.</verse>
				<verse number="20">منهنجو تنبو لٽجي ويو آهي، ۽ منهنجون سڀ طنابون ڇڄي پيون آهن: منهنجا ٻار مون وٽان هليا ويا آهن ۽ موجود ناهن: ڪوبہ ڪونهي جو وري منهنجو تنبو هڻائي ۽ منهنجا پردا کڙا ڪري.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو ڌنار حيوان ٿي پيا آهن، ۽ خداوند کان پڇا نہ ڪئي اٿن: تنهن ڪري هو ڪامياب نہ ٿيا آهن، ۽ انهن جا ڌڻ سڀ ٽڙي پکڙي ويا آهن.</verse>
				<verse number="22">ڏس، هڪڙو افواهي آواز، هڪڙو وڏو هنگامو اُتر واري ملڪ کان ٿو اچي، انهي لاءِ تہ يهوداہ جي شهرن کي ويران ڪري گدڙن جي جوءِ ڪري ڇڏي.</verse>
				<verse number="23">اي خداوند، مون کي خبر آهي تہ ماڻهوءَ جو رستو خود منجهس ناهي: اهو ماڻهوءَ جي اختيار ۾ نہ آهي تہ جيڏي وڻيس تيڏي پنهنجا قدم هلائي.</verse>
				<verse number="24">اي خداوند، مون کي سيکت ڏي، پر انصاف سان؛ نہ پنهنجي ڪاوڙ ۾، متان مون کي نيست نابود ڪري ڇڏين.</verse>
				<verse number="25">جيڪي بت پرست توکي نٿا سڃاڻن تن کي، ۽ جيڪي قبيلا تنهنجو نالو وٺي نٿا سڏين، تن تي پنهنجو قهر اوتي وجهہ؛ ڇالاءِ جو هنن يعقوب کي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي؛ هائو انهن انهي کي کائي کپائي ڇڏيو آهي، ۽ انهي جي رهڻ جي جاءِ ويران ڪري ڇڏي اٿن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">جيڪو ڪلام خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">اوهين هن عهد اقرار جون ڳالهيون ٻڌو، ۽ يهوداہ جي ماڻهن کي، ۽ يروشلم جي رهاڪن کي ٻڌايو؛</verse>
				<verse number="3">۽ تون انهن کي چئُہ تہ خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ لعنت هجي انهيءَ ماڻهوءَ تي جو هن عهد اقرار جون ڳالهيون نٿو ٻڌي.</verse>
				<verse number="4">هن بابت مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي انهي ڏينهن حڪم ڏنو جنهن ڏينهن مون هنن کي مصر جي ملڪ مان، ۽ لوهہ جي کوري مان ٻاهر ڪڍيو، ۽ چيو مان تہ منهنجي ڪلام جي فرمانبرداري ڪريو، ۽ جيڪو بہ حڪم آءٌ ڏيان اُن موجب تعميل ڪريو: انهي ڪري اوهين منهنجي قوم ٿيندا، ۽ آءٌ اوهان جو خدا ٿيندس:</verse>
				<verse number="5">انهي لاءِ تہ جيڪو قسم مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان کنيو آهي سو قائم ڪريان، ۽ انهن کي اها زمين ڏيان جنهن ۾ کير ۽ ماکي پئي وهي، جيئن ڪ اڄ آهي، تڏهن مون ورندي ڏئي چيو، تہ اي خداوند، آمين.</verse>
				<verse number="6">۽ خداوند مون کي فرمايو تہ اهي سڀ ڳالهيون يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ پڌريون ڪر، ۽ چئُہ تہ اوهين هن عهد اقرار جون ڳالهيون ٻڌو، ۽ انهن جي تعميل ڪريو.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، انهي کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، صبح جو سوير اُٿي ڏاڍيءَ تاڪيد سان نصيحت ڪري پئي چيو اٿم تہ منهنجي ڪلام جي فرمانبرداري ڪريو.</verse>
				<verse number="8">انهي هوندي بہ هنن نہ مڃيو ۽ نڪي پنهنجو ڪن ڏنائون، بلڪ انهن مان هرڪو پنهنجي خراب دل جي نٺرائي موجب هليو: تنهن ڪري مون انهن تي هن عهد اقرار جون سڀ ڳالهيون آنديون، جن جي تعميل ڪرڻ لاءِ مون انهن کي حڪم ڪيو، پر هنن تعميل نہ ڪئي.</verse>
				<verse number="9">۽ خداوند مون کي فرمايو تہ يهوداہ جي ماڻهن ۾، ۽ يروشلم جي رهاڪن ۾ هڪڙو منصوبو معلوم ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="10">هو پنهنجي ابن ڏاڏن جي گناهن ڏي ڦري ويا آهن، جن منهنجن ڳالهين ٻڌڻ کان انڪار ڪيو؛ ۽ هو ٻين معبودن جي عبادت ڪرڻ لاءِ انهن جي پٺيان ويا آهن: اسرائيل جي گهراڻي، ۽ يهوداہ جي گهراڻي، منهنجو اهو عهد جو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، ڀڳو آهي.</verse>
				<verse number="11">تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ انهن تي اهڙي خرابي آڻيندس جنهن کان هو ڀڄي ڇٽي نہ سگهندا؛ ۽ هو مون کي دانهون ڪري سڏيندا پر آءٌ هنن جي نہ ٻڌندس.</verse>
				<verse number="12">تڏهن يهوداہ جا شهر ۽ يروشلم جا رهاڪو وڃي انهن معبودن وٽ دانهون ڪندا، جنهن کي هو لوبان جو نذرانو ڏين ٿا، پر مصيبت جي وقت ۾ هو انهن کي ڪڏهن بہ ڪين بچائيندا.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو اي يهوداہ، جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا تنهنجا معبود آهن؛ ۽ جيتريون يروشلم جون گهٽيون آهن اوتريون اوهان انهيءَ شرم جهڙي شيءِ جي لاءِ قربانگاهون ٺاهيون آهن، يعني بعل جي لاءِ لوبان ساڙڻ واسطي قربانگاهون.</verse>
				<verse number="14">تنهن ڪري تون انهي قوم جي لاءِ متان دعا گهرين، نڪي انهن جي لاءِ روئي عرض احوال ڪر: ڇالاءِ جو جڏهن هو پنهنجي مصيبت جي وقت مون وٽ دانهون ڪندا تڏهن آءٌ هنن جي نہ ٻڌندس.</verse>
				<verse number="15">منهنجي گهر ۾ منهنجي محبوبہ جو ڪهڙو ڪم آهي، جڏهن ڏسجي ٿو تہ هن گهڻن سان بيشرمي ڪئي آهي، ۽ پاڪ گوشت تو منجهان نڪري هليو ويو آهي؟ جڏهن تون بڇڙائي ڪرين ٿي تڏهن خوش ٿي ٿين.</verse>
				<verse number="16">خداوند توکي سهڻن ميون سان سينگاريل سائي زيتون جي وڻ جو نالو ڏنو: هڪڙي وڏي غلغلي جي آواز سان هن اُنهن تي باهہ ٻاري آهي، ۽ انهي جون ٽاريون ڀڄي پيون آهن.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، جنهن توکي زمين ۾ لڳايو، تنهن توتي خرابيءَ جو حڪم جاري ڪيو آهي، ۽ انهي جو سبب اسرائيل جي گهراڻي ۽ يهوداہ جي گهراڻي جي اُها بڇڙائي آهي جا هنن پنهنجي لاءِ ڪئي آهي، جو بعل جي اڳيان لوبان ساڙي مون کي ڪاوڙ ڏياري اٿن.</verse>
				<verse number="18">۽ خداوند انهي جي مون کي خبر ڏني ۽ مون سمجهيو. تڏهن تو مون کي هنن جا ڪم ڏيکاريا.</verse>
				<verse number="19">پر آءٌ هڪڙي غريب گهيٽي جهڙو هوس، جنهن کي ڪوس ڏي وٺي ويندا آهن؛ ۽ مون کي اها خبر نہ هئي تہ هنن منهنجي برخلاف منصوبا ٻڌا آهن، ۽ چيو اٿن تہ اچو تہ انهيءَ وڻ کي سندس ڦر سميت ناس ڪريون، ۽ هن کي جيئرن جي زمين مان وڍي ڇڏيون، تہ وري هن جو نالو ياد نہ رهي.</verse>
				<verse number="20">پر اي لشڪرن جا خداوند، تون جو سچائي سان انصاف ڪرين ٿو، ۽ گردن ۽ دل جي آزمائش وٺين ٿو، سو تون هنن کان وير وٺ تہ آءٌ ڏسان: ڇالاءِ جو مون پنهنجي دعويٰ تنهنجي اڳيان پيش ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="21">تنهن ڪري خداوند عنتوت جي ماڻهن جي نسبت هيئن ٿو فرمائي، يعني جي ماڻهو تنهنجي حياتيءَ جي پٺيان آهن، ۽ چون ٿا تہ خداوند جي نالي سان نبوت نہ ڪر متان اسان جي هٿان مري پوين:</verse>
				<verse number="22">تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هنن کي سزا ڏيندس: جوان ماڻهو ترار سان مرندا: هنن جا پٽ ۽ هنن جون ڌيئرون ڏڪار سان مرنديون؛</verse>
				<verse number="23">۽ هنن مان ڪوبہ ڪونہ بچندو: ڇالاءِ جو آءٌ عنتوت جي ماڻهن تي خرابي آڻيندس، يعني هنن جي سزا جو سال.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">اي خداوند تون سچو آهين جڏهن آءٌ توسان حجت ڪريان ٿو: تڏهن بہ آءٌ هن ڳالهہ بابت توسان حجت دليل ڪرڻ ٿو گهران: ڇالاءِ بڇڙن جو رستو سک وارو ٿو ٿئي؟ ڇالاءِ گهڻي دغابازي ڪندڙ سڀ آرام ۾ ٿا گذارين؟</verse>
				<verse number="2">تون انهن کي پوکيو آهي، هائو هو پاڙ هڻي ويا آهن؛ هو وڌن ٿا، هائو هو ڦر ٿا ڪڍن: تون هنن جي وات کي ويجهو آهين، پر هنن جون دليون پري آهن.</verse>
				<verse number="3">پر اي خداوند، منهنجي توکي خبر آهي؛ تون مونکي ڏسين ٿو ۽ منهنجي دل جا تو سان آهي، تنهن جي آزمائش وٺين ٿو: هنن کي ڪوس جي رڍن وانگي ڇڪي ٻاهر ڪڍ، ۽ ذبح جي ڏينهن لاءِ هنن کي تيار ڪري رک.</verse>
				<verse number="4">ڪيستائين هيءَ زمين ماتم ڪندي، ۽ سڄي ملڪ جي ساوڪ ڪومائجي ويندي؟ اُتي جي رهڻ وارن جي بڇڙائيءَ ڪري جانور ۽ پکي ناس ٿي ويا آهن؛ ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هو اسان جي پڇاڙي نہ ڏسندو.</verse>
				<verse number="5">جيڪڏهن تون پيادن سان ڊوڙيو آهين ۽ انهن توکي ٿڪائي ڇڏيو آهي، تہ پوءِ تون ڪيئن گهوڙن سان ڊوڙي سگهندين؟ ۽ جيتوڻيڪ سلامتيءَ جي زمين ۾ تون صحيح سلامت آهين، تہ بہ يردن جي جهنگل ۾ تون ڪيئن ڪندين؟</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو خود تنهنجي ڀائرن ۽ تنهنجي ابي جي گهراڻي بہ تو سان دغابازي ڪئي آهي؛ انهن بہ تنهنجي پٺيان وڏيون رڙيون ڪيون آهن: جيتوڻيڪ اُهي توسان مٺو ٿا ڳالهائين تہ بہ تون انهن تي ويساهہ نہ رک.</verse>
				<verse number="7">مون پنهنجو گهر ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجو ورثو اُڇلائي ڇڏيو اٿم؛ مون پنهنجي دل جي پياري محبوبہ کي سندس دشمنن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="8">منهنجي ميراث منهنجي لاءِ اهڙي ٿي آهي جهڙو ٻيلي ۾ شينهن: هن مون تي وڏي آواز سان گوڙ ڪيو آهي؛ تنهن ڪري مون هن کي ڌڪاريو آهي.</verse>
				<verse number="9">منهنجي ميراث منهنجي لاءِ اهڙي آهي ڇا جهڙو ڪو چٽڪمرو شڪاري پکي؟ شڪاري پکي چوڌاري هن تي ڪاهي آيا آهن ڇا؟ اوهين وڃو، جهنگ جا سڀ جانور گڏ ڪري وٺي اچو تہ ڳڙڪائي وڃن.</verse>
				<verse number="10">گهڻن ڌنارن منهنجي ڊاک جو منهہ ناس ڪري ڇڏيو آهي، منهنجو حصو هنن پيرن هيٺ لتاڙي ڇڏيو آهي، منهنجي خوبصورت حصي کي هنن سڃو پٽ ڪري ڇڏيو آهي:</verse>
				<verse number="11">هنن اُنهي کي ويران ڪري ڇڏيو آهي؛ اُهو ويران ٿي مون وٽ دانهون ٿو ڪري؛ سڄو ملڪ ويران ڪيو ويو آهي؛ ڇالاءِ جو ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي دل ۾ انهي جي ڳڻتي ڪانهي.</verse>
				<verse number="12">بيابان ۾ سڀني اُگهاڙين ٽڪرين تي ڦرلٽ ڪرڻ وارا اچي نڪتا آهن: ڇالاءِ جو خداوند جي ترار هڪڙي ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ملڪ کي ڳڙڪائي ڇڏي ٿي: ڪنهن بہ ماڻهوءَ لاءِ سلامتي ڪانهي.</verse>
				<verse number="13">هنن ڪڻڪ پوکي آهي پر ڪنڊا لڻيا اٿن: هنن سور سٺا آهن پر حاصل ڪجهہ بہ نہ ڪيو اٿن: ۽ اوهين خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ جي سبب پنهنجي حاصلات کان شرمندا ٿيندا.</verse>
				<verse number="14">خداوند منهنجن انهن سڀني خراب پاڙيسرين جي برخلاف هيئن ٿو فرمائي، جي اُنهي ميراث کي ٿا هٿ لائين جا مون پنهنجي قوم کي ورثي ۾ ڏياري آهي، تہ ڏسو، آءٌ هنن کي سندن زمين مان پٽي ڪڍندس؛ ۽ انهن منجهان يهوداہ جو گهراڻو ڪڍي وٺندس.</verse>
				<verse number="15">۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن آءٌ هنن کي پٽي ڪڍي وٺندس تڏهن موٽي اچي هنن تي رحم ڪندس؛ ۽ آءٌ هنن مان هر ڪنهن کي پنهنجي ورثي ڏي موٽائي آڻيندس.</verse>
				<verse number="16">۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هو ڪوشش ڪري منهنجي قوم جا رستا سکندا، ۽ منهنجي نالي جو قسم کڻي چوندا تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، جيئن ڪ هنن منهنجي قوم کي بعل جو قسم کڻڻ سيکاريو، تہ پوءِ هو منهنجي قوم جي وچ ۾ اڏجي ويندا.</verse>
				<verse number="17">پر جي هو نہ ٻڌندا تہ آءٌ انهيءَ قوم کي پٽي ڪڍندس؛ خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ پٽي ناس ڪندوسانس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">خداوند مون کي هيئن فرمايو، تہ وڃي پنهنجي لاءِ سڻيءَ جو هڪڙو ڪمربند خريد ڪر، ۽ چيلهہ سان ٻڌ، ۽ اُهو پاڻيءَ ۾ نہ وجهہ،</verse>
				<verse number="2">تڏهن مون خداوند جي حڪم موجب هڪڙو ڪمربند خريد ڪري چيلهہ سان ٻڌو.</verse>
				<verse number="3">۽ خداوند جو ڪلام ٻيو ڀيرو مون وٽ آيو، تہ</verse>
				<verse number="4">جيڪو ڪمربند تو خريد ڪيو آهي ۽ جو تنهنجي چيلهہ تي آهي، سو کڻي فرات نديءَ ڏي وڃ ۽ اُتي اهو ٽڪريءَ جي هڪڙي کڏ ۾ لڪائي ڇڏ.</verse>
				<verse number="5">ان موجب مون وڃي اُهو فرات جي ڪناري تي لڪايو، جيئن ڪ خداوند مون کي حڪم ڏنو هو.</verse>
				<verse number="6">۽ گهڻن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو تہ خداوند مون کي فرمايو، تہ اُٿي فرات ڏي وڃ، ۽ جيڪو ڪمربند مون توکي اُتي لڪائڻ لاءِ چيو هو سو وڃي اُتان ڪڍ.</verse>
				<verse number="7">تڏهن آءٌ فرات ڏي ويس ۽ جتي اهو ڪمربند لڪايو هوم اُتان کوٽي ڪڍيم: ۽ ڏسان تہ ڪمربند اهڙو خراب ٿي پيو هو جو ڪنهن بہ ڪم جو ڪين هو.</verse>
				<verse number="8">تڏهن خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="9">خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ انهيءَ وانگي آءٌ يهوداہ جي وڏائي ۽ يروشلم جي وڏي مغروري خراب ڪندس.</verse>
				<verse number="10">اها خراب قوم، جا منهنجن ڳالهين ٻڌڻ کان انڪار ٿي ڪري، ۽ جا پنهنجي دل جي نٺرائي سان هلي ٿي، ۽ ٻين معبودن جي بندگي ڪرڻ لاءِ انهن جي پٺيان ٿي وڃي، ۽ اُنهن کي سجدو ٿي ڪري، سا بہ انهي ڪمربند جهڙي ٿيندي، جو ڪنهن بہ ڪم جو ناهي.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جيئن ڪمربند ماڻهوءَ جي چيلهہ کي ٻڌل ٿو رهي، تيئن مون اسرائيل جي سڄي گهراڻي کي، ۽ يهوداہ جي سڄي گهراڻي کي پاڻ سان ٻڌو آهي؛ تہ اُهي منهنجي لاءِ هڪڙي قوم ٿين، ۽ انهي ڪري منهنجو نالو ۽ منهنجي تعريف، ۽ منهنجو جلال ظاهر ٿئي: پر هنن ٻڌڻ نہ گهريو.</verse>
				<verse number="12">تنهن ڪري تون هنن کي هيءُ ڪلام چئُہ، تہ خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ سڀڪا سانداري شراب سان ڀربي، ۽ هو توکي چوندا تہ اسان کي خبر ناهي ڇا تہ سڀ ڪا سانداري شراب سان ڀربي؟</verse>
				<verse number="13">تڏهن تون انهن کي چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ هن ملڪ جي سڀني رهاڪن کي، يعني جيڪي بادشاهہ دائود جي تخت تي ويهن ٿا تن کي، ۽ ڪاهنن کي، ۽ نبين کي، ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن کي، نشي سان ڀري ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="14">۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن مان هڪڙن کي ٻين تي اُڇلي هڻندس، يعني پيئن ۽ پٽن کي گڏ: آءٌ ڪو بہ قياس ڪونہ ڪندس، نڪي ڇڏي ڏيندس نڪي رحم ڪندس، تہ ناس نہ ڪريان.</verse>
				<verse number="15">اوهين ٻڌو ۽ ڪن ڏيو؛ مغرور نہ ٿيو؛ ڇالاءِ جو خداوند فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="16">خداوند پنهنجي خدا کي جلال ڏيو انهيءَ کان اڳي تہ هو اونداهي ڪري ۽ اوهان جا پير اوندهہ وارن جبلن تي آٿڙن؛ ۽ جڏهن اوهين روشنائيءَ لاءِ منتظر رهو تڏهن هو انهي کي ڦيرائي موت جو پاڇو ڪري، ۽ ڀڀ اونداهي ڪري وجهي.</verse>
				<verse number="17">پر جي اوهين نہ ٻڌندا تہ منهنجو روح ڳجهيءَ طرح اوهان جي مغروريءَ جي ڪري رئندو؛ ۽ منهنجون اکيون زار زار رئنديون ۽ ڳوڙها وهائينديون، ڇالاءِ جو خداوند جو ڌڻ قيد ٿي ويو آهي.</verse>
				<verse number="18">تون بادشاهہ کي ۽ ملڪہ والدہ کي چئُہ، تہ اوهين پاڻ کي نماڻو ڪريو ۽ هيٺ لهي ويهو. ڇالاءِ جو اوهان جي مٿي جا ڇٽ، يعني اوهان جي وڏائيءَ جو تاج، هيٺ لهي آيو آهي.</verse>
				<verse number="19">ڏکڻ وارا شهر بند ٿي ويا آهن، ۽ ڪوبہ انهن کي کولڻ وارو ڪونهي: يهوداہ سموري ساري قيد ٿي وئي آهي؛ اُهي سڀ گرفتار ٿي کڄي ويا آهن.</verse>
				<verse number="20">پنهنجون اکيون مٿي کڻو، ۽ جيڪي اُتر کان اچن ٿا تن کي ڏسو: جيڪو ڌڻ، يعني سهڻو ڌڻ توکي ڏنو ويو هو سو ڪٿي آهي؟</verse>
				<verse number="21">جڏهن هو تنهنجن دوستن کي حڪمران ڪندو تڏهن تون ڇا چوندين، جنهن صورت ۾ تو پاڻ هنن کي پنهنجي برخلاف سيکاريو آهي؟ ڇا تون انهيءَ زال وانگر جنهن کي سور لڳا هجن، سور ۾ نہ پوندين؟</verse>
				<verse number="22">۽ جي تون پنهنجي دل ۾ چوندين تہ هي مصيبتون منهنجي سر تي ڇو آيون آهن؟ تنهنجي گناهہ جي وڏائيءَ ڪري تنهنجي دامن کولي وئي آهي، ۽ تنهنجن کڙين کي عذاب ڏنو ويو آهي.</verse>
				<verse number="23">حبشي ڪو پنهنجي کل بدلائي سگهي ٿو ڇا يا ڪو چيتو پنهنجا چُٽا بدلائي سگهي ٿو ڇا؟ تڏهن اوهين بہ، جي بڇڙائي ڪرڻ تي هريل آهيو، سي چڱائي ڪري سگهندا.</verse>
				<verse number="24">تنهن ڪري آءٌ انهي کي ائين پکيڙي ڇڏيندس جيئن بيابان جي واءُ ۾ بهہ اُڏامي ويندو آهي.</verse>
				<verse number="25">خداوند ٿو فرمائي تہ اهو آهي تنهنجو حصو، تنهنجو ورثو، جو مون ماپي توکي ڏنو آهي؛ ڇالاءِ جو تو مون کي وساري ڇڏيو آهي، ۽ ڪوڙ تي ڀروسو رکيو اٿيئي.</verse>
				<verse number="26">تنهن ڪري آءٌ بہ تنهنجي دامن تنهنجي ئي منهن تي کوليندس، ۽ تنهنجي اوگهڙ ظاهر ڪندس.</verse>
				<verse number="27">مون تنهنجا ڪراهت جهڙا ڪم، يعني تنهنجون زناڪاريون، ۽ هڻڪارون، ۽ حرامڪاريءَ جي شهوت بازي، ميدان ۽ ٽڪرن جي مٿان ڏٺي آهي. اي يروشلم، ويل هجي توسان؛ تون پاڪ ڪين ٿيندينءَ؛ ڪيستائين اڃا بہ اهو حال رهندو؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">خداوند جو ڪلام جو خشڪ ساليءَ جي نسبت ۾ يرمياہ تي نازل ٿيو.</verse>
				<verse number="2">يهوداہ ماتم ڪري ٿو ۽ انهن جون منڊيون ملول آهن، اهي ڪارن ڪپڙن ۾ زمين تي ويٺا آهن؛ ۽ يروشلم جي دانهن مٿي چڙهي وئي آهي.</verse>
				<verse number="3">۽ انهن جا امير پنهنجا ملازم پاڻيءَ تي موڪلين ٿا: اهي کوهن تي اچن ٿا، پر پاڻي ڪونہ ٿا ڏسن: ۽ پنهنجا ٿانوَ خالي موٽايو ٿا وڃن: اُهي شرمندا ۽ لڄي آهن، ۽ پنهنجا مٿا ڍڪي ٿا ڇڏين.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو زمين سڪي پئي آهي، ۽ ملڪ ۾ مينهن ڪونہ پيو آهي، هاري شرمندا آهن ۽ پنهنجا مٿا ڍڪين ٿا.</verse>
				<verse number="5">هائو، ميدان ۾ هرڻي ٻچو ڄڻي ٿي ۽ انهي کي ڇڏي ڏئي ٿي، جو اُتي گاهہ ڪونهي.</verse>
				<verse number="6">۽ گورخر اُگهاڙين ٽڪرين تي بيٺا آهن ۽ گدڙن وانگي پيا سهڪن؛ هنن جي اکين ۾ ڌنڌ آهي، ڇالاءِ جو گاهہ ڪونهي.</verse>
				<verse number="7">جيتوڻيڪ اسان جون بدڪاريون اسان تي شاهدي ٿيون ڏين، تہ بہ اي خداوند، تون پنهنجي نالي جي خاطر ڪجهہ ڪر: ڇالاءِ جو اسان وري وري ڏوهي ٿيا آهيون: اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="8">اي اسرائيل جا آسرا، مصيبت جي وقت انهي جا بچائيندڙ، ڇالاءِ تون هن ملڪ ۾ پرديسيءَ وانگي ٿو رهين، ۽ انهي مسافر وانگي، جو هڪ رات لاءِ ٽڪي؟</verse>
				<verse number="9">تون ڇو انهي منجهيل ماڻهوءَ وانگي ٿيو آهين، ۽ انهيءَ بهادر وانگي جو بچائي نٿو سگهي؟ انهيءَ هوندي بہ اي خداوند، تون اسان جي وچ ۾ آهين، ۽ اسين تنهنجي نالي ٿا سڏجون؛ تون اسان کي ڇڏي نہ ڏي.</verse>
				<verse number="10">خداوند پنهنجي قوم بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ هي بہ اُنهيءَ طرح رلڻ پسند ٿا ڪن؛ هنن پنهنجن پيرن کي نہ روڪيو آهي: تنهن ڪري خداوند هنن کي قبول نٿو ڪري؛ هاڻي هو هنن جي بدڪاري ياد ڪندو، ۽ هنن جي گناهن جي سزا ڏيندو.</verse>
				<verse number="11">۽ خداوند مون کي فرمايو تہ هن قوم جي چڱائيءَ لاءِ دعا نہ گهر.</verse>
				<verse number="12">جڏهن هو روزو رکندا تڏهن آءٌ هنن جي دانهن نہ ٻڌندس؛ ۽ جڏهن هو سوختني قرباني چاڙهيندا ۽ نذرانا پيش ڪندا، تڏهن آءٌ اُهي قبول نہ ڪندس: پر آءٌ انهن کي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ وبا سان ماري کپائي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="13">تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا، ڏس، نبي هنن کي چون ٿا تہ اوهين ترار نہ ڏسندا، نڪي اوهان ۾ ڏڪار پوندو! پر آءٌ اوهان کي هن هنڌ يقيناً خير سلامتي ڏيندس.</verse>
				<verse number="14">تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ اهي نبي منهنجي نالي تي ڪوڙيون پيشنگوئيون ڪن ٿا: مون انهن کي ڪونہ موڪليو آهي، ۽ نہ مون هنن کي ڪو حڪم ڏنو آهي، نڪي مون هنن سان ڳالهايو: هو اوهان کي ڪوڙو خواب ۽ ڪوڙي فال ۽ نڪمي ڳالهہ، يعني پنهنجي دل جي فريب جي نبوت ٿا ٻڌائين.</verse>
				<verse number="15">تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي تہ جيڪي نبي منهنجي نالي تي پيشنگوئي ٿا ڪن، ۽ جيتوڻيڪ مون هنن کي نہ موڪليو، تڏهن بہ هو چون ٿا تہ ترار ۽ ڏڪار هن ملڪ تي نہ ايندو: اهي نبي ترار ۽ ڏڪار سان ئي ماري کپايا ويندا.</verse>
				<verse number="16">۽ جن ماڻهن وٽ هو نبوت ڪن ٿا سي ڏڪار ۽ ترار جي ڪري يروشلم جي گهٽين ۾ اُڇلايا ويندا، ۽ ڪوبہ انهن کي پورڻ وارو ڪونہ هوندو، نہ انهن کي نہ انهنجي زالن کي، نہ انهن جي پٽن، نہ انهن جي ڌيئن کي: ڇالاءِ جو آءٌ هنن جي شرارت مٿن اوتي وجهندس.</verse>
				<verse number="17">۽ تون هنن کي هي ڪلام چئج، تہ منهنجون اکيون رات ڏينهن ڳوڙها پيون ڳاڙين، ۽ هو ڀلي تہ بس نہ ڪن؛ ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي ڪنواري ڌيءَ، هڪڙي وڏي ڦٽ سان، ۽ هڪڙي تمام وڏي زخم سان ڦٽجي پئي آهي.</verse>
				<verse number="18">جيڪڏهن آءٌ ميدان تي نڪري ويندس، تہ پوءِ ترار جا ڪُٺل ڏسج! ۽ جيڪڏهن آءٌ شهر ۾ ويندس، تہ پوءِ ڏڪار جا ڏتڙيل ڏسج! نبي توڙي ڪاهن ٻئي ملڪ ۾ پيا گهمن، پر ڪابہ خبر ڪانہ ٿي پوين.</verse>
				<verse number="19">تو يهوداہ کي اصل رد ڪري ڇڏيو آهي ڇا؟ تنهنجي روح کي صيون کان نفرت آئي آهي ڇا؟ ڇو تو اسان کي اهڙو ماريو آهي جو اسين ڇٽي چڱا ڀلا نٿا ٿيون؟ اسين خير سلامتيءَ جي لاءِ منتظر هئاسين، پر خير ڪونہ ٿيو؛ ۽ شفا جي وقت لاءِ منتظر هئاسين، پر اُٽلندو خوف پيدا ٿيو!</verse>
				<verse number="20">اي خداوند اسين پنهنجي بڇڙائي قبول ڪريون ٿا، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي بدڪاري بہ: ڇالاءِ جو اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="21">پنهنجي نالي جي واسطي اسان کي نہ ڌڪار، پنهنجي جلال جي تخت کي بي عزت نہ ڪر: اسان سان ڪيل پنهنجو عهد اقرار ياد ڪر، ۽ انهي کي نہ ڀڃ.</verse>
				<verse number="22">غير قومن جي اجاين شين مان اهڙيون ڪي آهن ڇا جي مينهن پيدا ڪري سگهن؟ يا آسمان ڪي برسات آڻي سگهندا ڇا؟ اي خداوند! اسان جا خدا، تون اُهو ناهين ڇا؟ تنهن ڪري اسين تنهنجي خدمت ۾ اُميدوار رهنداسين؛ ڇالاءِ جو تو اهي سڀ شيون جوڙيون آهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="15">
				<verse number="1">تڏهن خداوند مون کي چيو تہ جيتوڻيڪ موسيٰ ۽ سموئيل منهنجي اڳيان کڻي بيهن تہ بہ جيڪر منهنجي دل هن قوم ڏي ڪڏهن بہ نہ لڙي: انهن کي منهنجي نظر اڳيان ڪڍي ڇڏ تہ ڀلي هليا وڃن.</verse>
				<verse number="2">۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو مون کي چوندا تہ اسين ڪيڏي هليا وڃون؟ تڏهن تون هنن کي چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي موت جي لاءِ آهن سي موت ڏي وڃن؛ ۽ جيڪي ترار جي لاءِ آهن سي ترار ڏي؛ ۽ جيڪي ڏڪار جي لاءِ آهن سي ڏڪار ڏي؛ ۽ جيڪي قيد جي لاءِ آهن سي قيد ڏي وڃن.</verse>
				<verse number="3">۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن جي لاءِ چئن قسمن جون آفتون نازل ڪندس: ترار ڪهڻ جي لاءِ، ۽ ڪتا ڦاڙڻ جي لاءِ، آسمان جا پکي ۽ زمين جا جانور کائڻ ۽ ناس ڪرڻ جي لاءِ.</verse>
				<verse number="4">جيڪي يهوداہ جي بادشاهہ منسي بن حزقياہ، يروشلم ۾ ڪيو تنهنجي نسبت آءٌ هنن کي زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ دربدر ڪري رلائيندس.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو اي يروشلم، ڪنهن کي توتي رحم ايندو؟ يا ڪير تنهنجي لاءِ افسوس ڪندو؟ يا ڪير لڙي اچي تنهنجي خير عافيت پڇندو؟</verse>
				<verse number="6">خداوند ٿو فرمائي تہ تو مون کي رد ڪيو آهي، تون پٺ تي ويو آهين: تنهن ڪري مون پنهنجو هٿ توتي ڊگهيري توکي ناس ڪيو آهي؛ آءٌ ترس کائي کائي ٿڪجي پيو آهيان.</verse>
				<verse number="7">۽ مون هنن کي هن ملڪ جي چونڪن ۾ پاهوڙي سان اڏايو آهي؛ مون هنن کان ٻار کسي ورتا آهن، مون پنهنجي قوم کي ناس ڪري ڇڏيو آهي؛ تہ بہ هو پنهنجن رستن کان باز نہ آيا آهن.</verse>
				<verse number="8">هنن جون بيوہ زالون منهنجي اڳيان سمنڊن جي واريءَ کان بہ وڌيڪ آهن: مون ٻنپهرن جي وقت جوان ماڻهن جي ماءُ تي ڦرلٽ ڪرڻ وارو آندو آهي: مون انهن تي اوچتو مصيبت ۽ خوف آڻي نازل ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="9">جنهن ست ڄڻيا آهن سا ماندي ٿي وڃي ٿي؛ انهي ساهہ ڏنو آهي؛ انهي جو سج ڏينهن بيٺي لهي ويو آهي؛ هوءَ شرمندي ۽ پشيمان ٿي آهي، ۽ انهن مان جيڪي باقي بچندا، تنهنجي نسبت ۾، خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ انهن کي سندن دشمنن اڳيان ترار جي حوالي ڪندس.</verse>
				<verse number="10">ويل آهي مون سان، اي منهنجي ماءُ، جو تو مون کي سڄيءَ دنيا جي لاءِ جهيڙاڪ ۽ معاملائي ماڻهو ٿيڻ واسطي ڄڻيو! نہ مون وياج تي قرض ڏنو آهي؛ ۽ نہ ڪي ڪنهن مون کي قرض ڏنو آهي؛ تنهن هوندي بہ انهن مان هرڪو مون تي لعنت پيو وجهي.</verse>
				<verse number="11">خداوند فرمايو تہ يقيناً آءٌ توکي چڱائيءَ جي لاءِ مضبوط ڪندس؛ يقيناً، آءٌ مصيبت ۽ تنگيءَ جي وقت دشمن کي تو وٽ عرض ڪرڻ لاءِ موڪليندس.</verse>
				<verse number="12">ڪو ماڻهو لوهہ کي، يعني اُتر مان آيل لوهہ کي، ۽ پتل کي ڀڃي سگهندو ڇا؟</verse>
				<verse number="13">آءٌ تنهنجي ملڪيت ۽ تنهنجا خزانا، جي تنهنجن سڀني گناهن سبب تنهنجن سرحدن ۾ آهن، تن کي بنا قيمت لٽائي ڦرائي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="14">۽ آءٌ انهن کي تنهنجي دشمنن وٽ انهي ملڪ ۾ موڪليندس، جنهن جي توکي خبر ڪانهي؛ ڇالاءِ جو منهنجي ڪاوڙ جي باهہ اوهان تي ٻري آهي.</verse>
				<verse number="15">اي خداوند، تون ڄاڻين ٿو: مون کي ياد ڪر ۽ منهنجي سار لهہ، ۽ منهنجن ستائيندڙن کان وير وٺ: پنهنجي گهڻي صبر ۽ تحمل ڪري مون کي نہ کڻي وڃ: ڄاڻ تہ تنهنجي واسطي مون طعنا مهڻا سٺا آهن.</verse>
				<verse number="16">تنهنجو ڪلام مون لڌو، ۽ اُهو مون کاڌو؛ ۽ تنهنجون ڳالهيون منهنجي لاءِ خوشي ۽ منهنجي دل جي سرهائي هيون: ڇالاءِ جو اي لشڪرن جا خداوند خدا، آءٌ تنهنجي نالي سان ٿو سڏجان.</verse>
				<verse number="17">جيڪي چرچا گهٻا ٿا ڪن تن جي مجلس ۾ آءٌ نہ ويٺس ۽ نہ خوشي ڪيم: آءٌ تنهنجي هٿ جي ڪري اڪيلو ويٺس؛ ڇالاءِ جو تو مون کي ڪاوڙ سان ڀري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="18">ڇا جي ڪري منهنجو درد مدامي آهي، ۽ منهنجو زخم ڇٽڻ جهڙو نہ آهي، ۽ علاج کان انڪار ٿو ڪري؟ تحقيق تون منهنجي لاءِ دغا ڏيندڙ نهر وانگي ٿيندين ڇا جنهن جي پاڻيءَ تي ڀروسو ڪونهي؟</verse>
				<verse number="19">تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن تون موٽندين تہ آءٌ بہ توکي وري موٽائيندس تہ منهنجي اڳيان اچي بيهين؛ ۽ جيڪڏهن تون پاڪ کي ناپاڪ مان ڪڍي ڌار ڪندين، تہ تون منهنجي وات جهڙو ٿيندين؛ هو تو ڏي موٽي ايندا پر تون هنن ڏي موٽي نہ ويندين؛</verse>
				<verse number="20">۽ آءٌ توکي هن قوم جي لاءِ هڪڙي مضبوط پتل جي ڀت ڪندس، ۽ هو تو سان وڙهندا پر تو تي غالب نہ ايندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ توکي بچائڻ ۽ ڇڏائڻ لاءِ آءٌ توسان آهيان.</verse>
				<verse number="21">۽ آءٌ توکي شريرن جي هٿان بچائيندس، ۽ آءٌ توکي زبردستن جي هٿان ڇڏائيندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="16">
				<verse number="1">خداوند جو هي ڪلام بہ مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">تون پنهنجي لاءِ ڪا زال نہ ڪج ۽ نڪي هن هنڌ توکي ڌيئون ۽ پٽ ٿين.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو جيڪي پٽ ۽ ڌيئون هن هنڌ ڄايون آهن، ۽ جن زالن انهن کي ڄڻيو آهي، ۽ جن مان اُهي پيدا ٿيا آهن، تن جي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي:</verse>
				<verse number="4">تہ هو خوفناڪ موت مرندا، هنن تي رئڻ پٽڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هوندو، ۽ نہ هنن کي ڪو دفن ڪندو، ۽ هو زمين جي مٿان ڇيڻي وانگي پيا رهندا: ۽ هو ترار ۽ ڏڪار سان ماري کپايا ويندا؛ ۽ هنن جا مڙهہ آسمان جي پکين ۽ زمين جي مرن جو قوت ٿيندا.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ تون ماتم ڪندڙ جي گهر ۾ نہ گِهڙ؛ نہ ماتم ڪرڻ لاءِ وڃ، ۽ نہ هنن جي لاءِ ڪو افسوس ڪر: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون هن قوم تان خير سلامتي، بلڪ محبت جهڙي مهرباني ۽ مروت کڻي ورتي آهي.</verse>
				<verse number="6">وڏا توڙي ننڍا هن زمين ۾ مرندا: اُهي دفن نہ ڪيا ويندا، ۽ نہ ماڻهو انهن جي لاءِ ماتم ڪندا، ۽ نہ پاڻ کي زخمي ڪندا، ۽ نہ انهن جي لاءِ پاڻ کي مُنڊائيندا:</verse>
				<verse number="7">نڪي ماڻهو هنن جي لاءِ ماتم جي وقت ماني ڀڃندا، انهي لاءِ تہ مئن جي لاءِ هنن کي تسلي ڏين: نڪو ماڻهو هنن کي سندن پيءُ ۽ سندن ماءُ جي لاءِ دلاسي جو پيالو پياريندا.</verse>
				<verse number="8">۽ تون خوشيءَ جي مجلس واري گهر ۾ هنن سان گڏ نہ ويهي کائج پيئج.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ تنهنجن اکين آڏو ۽ تنهنجن ڏينهن ۾ هن هنڌ تان خوشيءَ جو آواز ۽ سرهائيءَ جو آواز، گهوٽ جو آواز ۽ ڪنوار جو آواز بند ڪرائي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="10">۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون انهيءَ قوم کي اهي سڀ ڳالهيون بيان ڪري ٻڌائيندين، ۽ هو توکي چوندا تہ ڇالاءِ خداوند هيڏي ساري خرابي اسان تي نازل ڪئي آهي؟ يا اسان جو ڪهڙو ڏوهہ آهي؟ يا اسان خداوند پنهنجي خدا جو ڪهڙو گناهہ ڪيو آهي؟</verse>
				<verse number="11">تڏهن تون هنن کي چئج تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ انهيءَ جو سبب هي آهي، تہ اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ ٻين معبودن جي پٺيان ويا آهن، ۽ انهن جي عبادت ڪئي اٿن، ۽ انهن کي سجدو ڪيو اٿن، ۽ مون کي ڇڏي ڏنو اٿن. ۽ منهنجي شريعت تي عمل نہ ڪيو اٿن؛</verse>
				<verse number="12">۽ اوهان پنهنجي ابن ڏاڏن کان بہ وڌيڪ خرابي ڪئي آهي؛ ڇالاءِ جو ڏسو، اوهان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي دل جي نٺرائي موجب ٿو هلي، جنهن ڪري اوهين منهنجي نٿا ٻڌو:</verse>
				<verse number="13">تنهن ڪري آءٌ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي اُنهيءَ ملڪ ۾ اُڇلائيندس، جنهن جي اوهان کي خبر ئي ڪانهي، نڪي اوهان کي، نہ اوهان جي ابن ڏاڏن کي؛ ۽ اُتي اوهين ڏينهن رات ٻين معبودن جي عبادت ڪندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ اوهان کي ڪابہ مهرباني ڪانہ ڏيکاريندس.</verse>
				<verse number="14">تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن وري اڳتي چوڻ ۾ نہ ايندو تہ انهي جيئري خداوند جو قسم جنهن بني اسرائيل کي مصر جي زمين مان ڪڍي آندو؛</verse>
				<verse number="15">پر هيئن چوڻ ۾ ايندو تہ انهيءَ جيئري خداوند جو قسم جنهن بني اسرائيل کي اُتر واري زمين مان، ۽ جن جن ملڪن ۾ هن انهن کي هڪالي موڪليو هو انهن مان، کين ڪڍي آندو: ۽ آءٌ انهن کي وري بہ سندن انهي ملڪ ۾ آڻيندس جو مون سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو هو.</verse>
				<verse number="16">ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ گهڻن مهاڻن کي گهرائيندس، ۽ هو انهن کي ڦاسائيندا؛ ۽ پوءِ آءٌ گهڻا شڪاري گهرائيندس، ۽ اُهي سڀ ڪنهن جبل تان، ۽ سڀ ڪنهن ٽڪريءَ ۽ ٽڪرن جي چرن مان انهن کي هڪالي شڪار ڪندا.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو منهنجون اکيون هنن جي سڀني رستن تي آهن: هو منهنجي منهن کان لڪل نہ آهن، نڪي هنن جي بدڪاري منهنجي اکين کان لڪل آهي.</verse>
				<verse number="18">۽ پهرين آءٌ هنن جي بدڪاري ۽ گناهہ جو ٻيڻو بدلو ڏيندس؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ڪراهت جهڙين شين جي مڙهن سان منهنجي زمين کي پليت ڪيو آهي، ۽ منهنجي ميراث کي پنهنجن نفرت جهڙين شين سان ڀري ڇڏيو اٿن.</verse>
				<verse number="19">اي خداوند، منهنجا زور، ۽ منهنجا ڪوٽ، ۽ مصيبت جي ڏينهن منهنجا اجها، سڀ قومون زمين جي ڪنارن کان تو وٽ ئي اينديون، ۽ چوندا تہ اسان جي ابن ڏاڏن کي ورثي ۾ رڳو ڪوڙ مليا آهن، يعني اجايون شيون، اهڙيون شيون جن مان ڪوبہ فائدو ڪونهي.</verse>
				<verse number="20">ڪو ماڻهو پنهنجي لاءِ اهڙا ڪي معبود جوڙيندو ڇا، جي حقيقت ڪري خدا ناهن؟</verse>
				<verse number="21">تنهن ڪري ڏس، آءٌ هنن کي ڄاڻائيندس، هن ڀيري پنهنجو هٿ ۽ پنهنجو زور هنن کي ڄاڻائيندس؛ ۽ هو ڄاڻندا تہ منهنجو ئي نالو يهوواہ آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="17">
				<verse number="1">يهوداہ جو گناهہ لوهہ جي قلم سان، ۽ هيري جي نوڪ سان لکيو ويو آهي: اهو سندن دل جي تختيءَ تي ۽ سندن قربانگاهن جي سڱن تي اُڪريو ويو آهي؛</verse>
				<verse number="2">۽ سندن اولاد پنهنجون قربان گاهون، ۽ پنهنجون يسيرتون، ساون وڻن جي ڀرسان ۽ مٿانهين ٽڪرين تي ياد ٿو رکي.</verse>
				<verse number="3">اي منهنجا جبل تون جو ميدان ۾ آهين، گناهہ جي ڪري آءٌ تنهنجن سڀني سرحدن ۾ تنهنجو سڀ مال، ۽ تنهنجا سڀ خزانا، ۽ تنهنجون سڀ مٿانهيون جايون لٽ جي لاءِ ڏئي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="4">۽ تون پاڻ، جيڪا ميراث مون توکي ڏني هئي، تنهن کان ڌار ٿيندين: ۽ جنهن زمين جو تون واقف ناهين، تنهن ۾ آءٌ توکان تنهنجي دشمنن جي خدمت چاڪري ڪرائيندس: ڇالاءِ جو اوهان منهنجي ڪاوڙ جي باهہ ٻاري آهي، جا هميشہ پئي ٻرندي.</verse>
				<verse number="5">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ لعنتي آهي اُهو ماڻهو جو ماڻهوءَ تي ڀروسو ٿو رکي، ۽ انسان کي پنهنجي ٻانهن ٿو بنائي، ۽ جنهن جي دل خداوند کان ڦري وڃي ٿي.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو هو برپٽ ۾ سڪل ٻوٽي وانگي ٿيندو، ۽ چڱائي جي اچڻ جو سماءُ ئي نہ پوندس؛ پر بيابان جي سڪل جاين ۾، ۽ کاري ۽ سڃي زمين ۾ رهندو.</verse>
				<verse number="7">برڪت وارو آهي اهو ماڻهو جو خداوند تي ڀروسو ٿو رکي، ۽ جنهن جي اميد آسرو خداوند آهي.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو هو انهي وڻ وانگي ٿيندو جو پاڻيءَ جي ڀرسان پوکيل هجي، ۽ جو پنهنجون پاڙون نديءَ جي ڪناري تي پيو پکيڙي، انهن کي گرميءَ جي اچڻ جو ڪوبہ ڊپ نہ ٿيندو، ۽ سندس پن ساوا رهندا: ۽ خشڪ ساليءَ جي ڪابہ ڳڻتي نہ هونديس، ۽ نہ ڦر ڏيڻ کان بس ڪندو.</verse>
				<verse number="9">دل سڀني شين کان وڌيڪ دغاباز آهي، ۽ اُها حد کان وڌيڪ بيمار آهي: انهي کي ڪير معلوم ڪري سگهي ٿو؟</verse>
				<verse number="10">آءٌ خداوند دلين کي ٿو چڪاسيان، ۽ گردن جي آزمائش ٿو وٺان، انهي لاءِ تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس چال موجب، ۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏيان.</verse>
				<verse number="11">جيئن تتر انهن ٻچن کي گڏ ڪري جي پاڻ نہ ڏنا هجنس، تيئن اُهو ماڻهو آهي جو ناحق دولت حاصل ٿو ڪري، هن جي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ ئي اُها کيس ڇڏي ويندي، ۽ پڇاڙيءَ ۾ هو بيوقوف ٿيندو.</verse>
				<verse number="12">اسان جو پاڪ مڪان شروع کان وٺي بلنديءَ تي مقرر ٿيل هڪڙو عاليشان تخت آهي.</verse>
				<verse number="13">اي خداوند، اسرائيل جي اميد، جيڪي توکي ڇڏي ڏين ٿا سي سڀ شرمندا ٿيندا: جيڪي مون کي ڇڏي ڏيندا سي مٽيءَ ۾ گڏيا ويندا، ڇالاءِ جو انهن خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، جو جيئري پاڻيءَ جو چشمو آهي.</verse>
				<verse number="14">اي خداوند، مون کي شفا ڏي، تہ آءٌ ڇٽي چڱو ڀلو ٿيندس؛ مون کي بچاءِ تہ آءٌ بچندس؛ ڇالاءِ جو تون منهنجو فخر آهين.</verse>
				<verse number="15">ڏس، هو مون کي ٿا چون تہ خداوند جو ڪلام ڪٿي آهي؟ ڀلي اهو هينئر اچي.</verse>
				<verse number="16">باقي آءٌ سو تنهنجي پٺيان ڌنار ٿيڻ کان ضدي نہ ٿيو آهيان؛ نڪي مون ويل واري ڏينهن جي خواهش ڪئي آهي: تون ڄاڻين ٿو؛ جيڪي منهنجن چپن مان نڪتو، سو تنهنجي روبرو هو.</verse>
				<verse number="17">تون منهنجي لاءِ خوف جو سبب نہ ٿيءُ؛ تون مصيبت جي ڏينهن منهنجي پناهہ آهين.</verse>
				<verse number="18">جيڪي مون کي ستائين ٿا، سي ڀلي تہ شرمندا ٿين، پر مون کي شرمندو ٿيڻ نہ ڏي؛ ڀلي تہ هو حيران پريشان ٿين، پر مون کي حيران پريشان ٿيڻ نہ ڏي: هنن تي مصيبت جو ڏينهن آڻ ۽ ٻيڻي تباهيءَ سان هنن کي تباهہ ڪر.</verse>
				<verse number="19">خداوند مون کي فرمايو، تہ وڃي عام خلق جي دروازي تي بيهہ، جنهن مان يهوداہ جا بادشاهہ لنگهي اچن وڃن ٿا، ۽ يروشلم جي سڀني دروازن تي بہ؛</verse>
				<verse number="20">۽ انهن کي چئُہ، تہ اي يهوداہ جا بادشاهہ، ۽ يهوداہ ۽ يروشلم جا سڀ رهاڪو، جي هنن دروازن مان لنگهو ٿا، خداوند جو ڪلام ٻڌو؛</verse>
				<verse number="21">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجي سنڀال ڪريو ۽ سبت جي ڏينهن ڪوبہ بار نہ کڻو، ۽ نہ اُهو يروشلم جي دروازن اندر آڻيو؛</verse>
				<verse number="22">نڪي سبت جي ڏينهن پنهنجن گهرن مان بار کڻي ٻاهر وڃو، ۽ نہ ڪو ڪم ڪريو: پر اوهين سبت جو ڏينهن پاڪ رکو، جيئن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي حڪم ڪيو؛</verse>
				<verse number="23">پر هنن نہ ٻڌو ۽ نہ ڪن ڏنائون؛ پر پنهنجي گردن سخت ڪيائون، تہ نہ ٻڌن ۽ نہ تعليم حاصل ڪن.</verse>
				<verse number="24">۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن اوهين ڪوشش ڪري منهنجي ٻڌندا، ۽ سبت جي ڏينهن هن شهر جي دروازن مان ڪوبہ بار نہ آڻيندا، پر سبت جو ڏينهن پاڪ رکندا، ۽ ان ۾ ڪو ڪم ڪار نہ ڪندا؛</verse>
				<verse number="25">تہ پوءِ هن شهر جي دروازن مان بادشاهہ ۽ شهزادا اندر لنگهي ايندا، ۽ دائود جي تخت تي ويهندا: ۽ هو ۽ انهن جا امير، ۽ يهوداہ جا ماڻهو، ۽ يروشلم جا رهاڪو، گاڏين ۽ گهوڙن تي سوار ٿي ايندا: ۽ هي شهر هميشہ لاءِ قائم رهندو.</verse>
				<verse number="26">۽ هو يهوداہ جي شهرن مان، ۽ يروشلم جي آس پاس وارن هنڌن مان، ۽ بنيمين جي زمين مان، ميدان ۽ جبلن مان، ۽ ڏکڻ مان ايندا، ۽ سوختني قربانيون ۽ کاڌي جون قربانيون، ۽ نذرانا ۽ لوبان آڻيندا ۽ شڪرگذاريءَ جون قربانيون بہ خداوند جي گهر ۾ آڻيندا.</verse>
				<verse number="27">پر جي اوهين منهنجي نہ ٻڌندا، ۽ سبت جو ڏينهن پاڪ نہ رکندا، ۽ بار کڻي سبت جي ڏينهن يروشلم جي دروازن مان اندر لنگهي ايندا؛ تہ پوءِ آءٌ ان جي دروازن ۾ اهڙي باهہ ٻاريندس، جا يروشلم جا محلات ساڙي ڇڏيندي، ۽ اُجهامندي ئي ڪين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="18">
				<verse number="1">خداوند جو ڪلام جو يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">اُٿ ۽ ڪنڀار جي گهر وڃ جتي آءٌ توکي پنهنجون ڳالهيون ٻڌائيندس.</verse>
				<verse number="3">تڏهن آءٌ ڪنڀار جي گهر ويس، ۽ ڏس هن چڪ تي پنهنجو ڪم ويٺي ڪيو.</verse>
				<verse number="4">۽ جيڪو ٿانوَ هن مٽيءَ مان ويٺي جوڙيو سو جڏهن انهي ڪنڀار جي هٿ ۾ کري پيو، تڏهن جيئن انهي ڪنڀار کي چڱو نظر آيو تيئن هن انهي جي بدران ٻيو ٿانوَ جوڙيو.</verse>
				<verse number="5">تڏهن خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="6">خداوند ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، آءٌ اوهان سان ائين نہ ٿو ڪري سگهان ڇا، جيئن هيءُ ڪنڀار ٿو ڪري؟ ڏس، اي اسرائيل جا گهراڻا، جيئن مٽي ڪنڀار جي هٿ ۾ آهي تيئن اوهين منهنجي هٿ ۾ آهيو.</verse>
				<verse number="7">جنهن وقت آءٌ ڪنهن قوم جي نسبت ۾، ۽ ڪنهن بادشاهت جي نسبت ۾، اُن جي پٽي ڪڍڻ، ۽ ڀڃي ڊاهي وجهڻ، ۽ ناس ڪرڻ لاءِ ڪي ڳالهائيندس؛</verse>
				<verse number="8">جي اها قوم، جنهن جي نسبت مون ڪي ڳالهايو هوندو، سا پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز ايندي، تہ پوءِ اُنهن کي جنهن خرابي پهچائڻ جو خيال ڪيو هوندم سا نہ پهچائيندس.</verse>
				<verse number="9">۽ جنهن وقت آءٌ ڪنهن قوم جي نسبت ۾، ۽ ڪنهن بادشاهت جي نسبت ۾، ان جي اڏڻ ۽ ڄمائڻ جي لاءِ ڪي ڳالهائيندس؛</verse>
				<verse number="10">انهي وقت جي اُها قوم منهنجي ڏسندي ڪا بڇڙائي ڪندي ۽ منهنجو حڪم نہ مڃيندي، تہ پوءِ جنهن چڱائيءَ جي وسيلي فائدي پهچائڻ لاءِ کين چيو هوم تنهن کان آءٌ ڦرندس.</verse>
				<verse number="11">تنهن ڪري هاڻي وڃي يهوداہ جي ماڻهن ۽ يروشلم جي رهاڪن کي مخاطب ٿي چئُہ، تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ اوهان جي برخلاف خرابي ٿو آڻيان ۽ اوهان جي برخلاف هڪڙي تجويز ٿو رٿيان: اوهان مان هرڪو پنهنجي بڇڙي رستي کان باز اچي، ۽ پنهنجي رستن ۽ ڪمن کي سڌاري.</verse>
				<verse number="12">پر هو چون ٿا تہ ڪابہ اميد ڪانهي: ڇالاءِ جو اسين پنهنجن تجويزن تي هلنداسين، ۽ اسان مان هرڪو پنهنجي بڇڙي دل جي نٺرائي موجب ڪم ڪندو.</verse>
				<verse number="13">تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هاڻي اوهين قومن ۾ پڇا ڪرايو تہ ڪنهن اهڙيون ڳالهيون ڪڏهن ٻڌيون آهن؛ اسرائيل جي ڪنواريءَ هڪڙو تمام هيبتناڪ ڪم ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="14">لبنان جي برف، جا ٽڪر تان ميدان ۾ وهي ٿي سا ڪڏهن بند ٿي ويندي ڇا؟ يا ٿڌو پاڻي جو پري کان اچي ٿو سو سڪي ويندو ڇا؟</verse>
				<verse number="15">پر منهنجي قوم مون کي وساري ڇڏيو آهي، هنن باطل شين لاءِ لوبان ساڙيو آهي؛ ۽ هن انهن کي سندن واٽن ۾، يعني قديم رستن تي گمراهہ ڪيو، تہ هو گس وٺي وڃن، ۽ انهي رستي تي هلن جو ٺاهيو نہ ويو آهي،</verse>
				<verse number="16">تہ پنهنجي ملڪ کي ويران ۽ هميشہ جي لاءِ شوڪار جو باعث بنائين؛ جيڪو بہ اتان لنگهندو سو حيران ٿيندو ۽ پنهنجو سر ڌوڻيندو.</verse>
				<verse number="17">آءٌ هنن کي دشمنن جي اڳيان ائين پکيڙي ڇڏيندس جيئن اُڀرندي جي واءُ سان؛ آءٌ مصيبت جي ڏينهن هنن جي پٺ ڏسندس ۽ نہ هنن جو منهن.</verse>
				<verse number="18">تڏهن هنن چيو تہ اچو تہ يرمياہ جي برخلاف ڪي منصوبا ٺاهيون؛ ڇالاءِ جو شريعت ڪاهنن وٽان ٽري نہ ويندي، نہ صلاح مصلحت ڏاهي وٽان، ۽ نہ ڪلام نبيءَ وٽان. اچو تہ هن کي زبان سان ڌڪ هڻون، ۽ هن جي ڪنهن بہ ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏيون.</verse>
				<verse number="19">اي خداوند، مون ڏي ڌيان ڪر، ۽ جيڪي مون سان وڙهن ٿا تن جو آواز ٻڌ.</verse>
				<verse number="20">ڀلائيءَ بدران ڪا برائي ڪئي ويندي ڇا؟ ڇالاءِ جو هنن منهنجي جان جي لاءِ هڪڙي کڏ کوٽي آهي، ياد ڪر تہ ڪيئن مون تنهنجي اڳيان بيهي هنن جي سفارش ڪئي، تہ تنهنجي ڪاوڙ هنن تان ٽاري ڇڏيان.</verse>
				<verse number="21">تنهن ڪري سندن اولاد ڏڪار کي ڏيئي ڇڏ، ۽ کين ترار جي طاقت جي حوالي ڪري ڇڏ؛ ڀلي تہ هنن جون زالون بي اولاد ۽ بيوہ ٿين؛ ڀلي تہ هنن جا مرد ماڻهو ڪُسي وڃن، ۽ هنن جا جوان ماڻهو جنگ ۾ ترار سان مارجي وڃن.</verse>
				<verse number="22">ڀلي تہ هنن جي گهرن مان تڏهن دانهن نڪري جڏهن تون اوچتو مٿن هڪڙو لشڪر آڻي ڪڙڪائين: ڇالاءِ جو هنن مون کي پڪڙڻ جي لاءِ هڪڙي کڏ کوٽي آهي، ۽ منهنجي پيرن جي لاءِ ڦندا رکي ڇڏيا اٿن.</verse>
				<verse number="23">هائو، اي خداوند، توکي خبر آهي تہ هنن منهنجي قتل ڪرڻ لاءِ ڪهڙي صلاح ڪئي آهي؛ هنن جي بدڪاري معاف نہ ڪر، نڪي هنن جو گناهہ پنهنجي نظر کان لڪائي ڇڏ: بلڪ هنن کي پنهنجي اڳيان اونڌو ڪري ڪيراءِ، پنهنجي ڪاوڙ جي وقت هنن سان جوڳي هلت ڪر.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="19">
				<verse number="1">خداوند هيئن فرمايو تہ وڃي ڪنڀر جي جوڙيل هڪڙي مٽيءَ جي صراحي خريد ڪر، ۽ قوم جي بزرگن، ۽ ڪاهنن جي بزرگن مان ڪن کي پاڻ سان وٺ؛</verse>
				<verse number="2">۽ بن هنوم جي وادي، جا ڪنڀارن جي دروازي جي لنگهہ وٽ آهي، تنهن ڏي نڪري وڃ، ۽ اُتي جيڪي ڳالهيون آءٌ توسان ڪريان سي تون پڌريون ڪر:</verse>
				<verse number="3">۽ چئُہ، تہ اي يهوداہ جا بادشاهہ ۽ يروشلم جا رهاڪو، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو؛ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هن هنڌ تي اهڙي آفت آڻيندس جو جيڪو انهي جو ذڪر ٻڌندو تنهنجا ڪن پيا ٻرندا.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ هن جاءِ کي ناپاڪ ڪيو اٿن، ۽ انهي ۾ انهن ٻين معبودن جي لاءِ لوبان پئي ساڙيو آهي جن معبودن جي نہ کين، نہ سندن ابن ڏاڏن کي ۽ نہ يهوداہ جي بادشاهن کي خبر هئي؛ ۽ هن جاءِ کي بي گناهہ ماڻهن جي رت سان ڀري ڇڏيو اٿن؛</verse>
				<verse number="5">۽ بعل جي واسطي مٿانهان مڪان ٺاهيا اٿن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن کي سوختني قربانيءَ لاءِ بعل جي اڳيان باهہ ۾ ساڙين؛ جڏهن تہ مون اهڙو حڪم ڪونہ ڏنو، ۽ نہ ڪو ذڪر ڪيم، ۽ نہ ڪو اهڙو خيال منهنجي دل ۾ آيو:</verse>
				<verse number="6">تنهن ڪري ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن هن هنڌ کي وري توفت، يا بن هنوم جي وادي نہ سڏيندا، پر ڪوس جي وادي سڏيندا.</verse>
				<verse number="7">۽ آءٌ هن هنڌ يهوداہ ۽ يروشلم جي صلاح مصلحت باطل ڪندس؛ ۽ آءٌ هنن کي سندن دشمنن جي اڳيان ترار سان ۽ جيڪي سندن ساهہ جا ڳولائو آهن تن جي هٿان مارائي وجهندس: ۽ هنن جا مڙهہ آءٌ هوا جي پکين ۽ زمين جي جانورن جو قوت ڪري ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="8">۽ آءٌ هن شهر کي هڪڙي عبرت ۽ شوڪار جو باعث بنائيندس؛ جيڪو انهي وٽان لنگهندو سو حيرت ۾ پوندو، ۽ ان جي سڀني آفتن جي سبب شوڪارا ڀريندو.</verse>
				<verse number="9">۽ آءٌ هنن کي سندن پٽن جو گوشت ۽ سندن ڌيئن جو گوشت کارائيندس، ۽ جنهن گهيري ۽ تنگيءَ سان هنن جا دشمن ۽ هنن جي ساهہ جا طالب، هنن کي تنگ ڪندا، تنهن ۾ هنن مان هرڪو پنهنجي دوست جو گوشت کائيندو.</verse>
				<verse number="10">تڏهن جيڪي ماڻهو توسان هلن تن جي روبرو تون اُها صراحي ڀڃج،</verse>
				<verse number="11">۽ هنن کي چئج تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ هن قوم ۽ هن شهر کي ائين ڀڃندس جيئن ڪو ٺڪر جو ٿانو ڀڃي، جو وري سڄو ڪري نہ سگهجي: ۽ هو انهن کي توفت ۾ دفن ڪندا، جيستائين ڪ دفن ڪرڻ جي جاءِ ڪانہ رهندي.</verse>
				<verse number="12">خداوند ٿو فرمائي تہ هن هنڌ سان، ۽ انهي جي رهاڪن سان بہ آءٌ ائين ڪندس، يعني هن شهر کي توفت جهڙو ڪندس:</verse>
				<verse number="13">۽ يروشلم جا گهر ۽ يهوداہ جي بادشاهن جا گهر، جي ناپاڪ ٿيا آهن، سي توفت جي جاءِ جهڙا ٿيندا؛ يعني اُهي سڀ گهر جن جي ڀتين تي هنن آسمان جي سڄي لشڪر لاءِ لوبان ساڙيو آهي، ۽ پيئڻ واريون قربانيون معبودن لاءِ اوتيون اٿن،</verse>
				<verse number="14">تڏهن يرمياہ توفت مان نڪتو، جتي خداوند هن کي نبوت ڪرڻ لاءِ موڪليو هو؛ ۽ هو خداوند جي گهر جي ايوان ۾ بيهي سڀني ماڻهن کي چوڻ لڳو، تہ</verse>
				<verse number="15">لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ هن شهر تي ۽ ان جي ٻين سڀني شهرن تي اُها آفت نازل ڪندس، جنهن جي اچڻ جي، مون اڳيئي خبر ڏني هئي؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي گردن سخت ڪئي آهي، تہ منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="20">
				<verse number="1">هاڻي فشحور بن امير ڪاهن، جو خداوند جي گهر ۾ مکيہ عملدار هو، تنهن يرمياہ کي انهن ڳالهين جي پيشنگوئي ڪندي ٻڌو.</verse>
				<verse number="2">تڏهن فشحور يرمياہ نبيءَ کي مار ڏني ۽ کڻي انهي ڪاٺ ۾ وڌو، جو بنيمين جي مٿئين دروازي وٽ خداوند جي گهر ۾ هو.</verse>
				<verse number="3">۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ فشحور يرمياہ کي ڪاٺ مان ڪڍيو. تڏهن يرمياہ هن کي چيو تہ خداوند تنهنجو نالو فشحور نہ رکيو آهي پر مجور مسابيب رکيو آهي.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ توکي تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي سڀني دوستن جي لاءِ خوف جو سبب ڪندس: ۽ اُهي پنهنجن دشمنن جي ترار سان مرندا ۽ تنهنجون اکيون اهو ڏسنديون: ۽ آءٌ يهوداہ کي بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس، ۽ هو انهن کي قيد ڪري بابل ڏي وٺي ويندو ۽ کين ترار سان قتل ڪري ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="5">تنهن کان سواءِ هن شهر جي سڄي دولت، ۽ ان جون سڀ پيدائشون، ۽ ان جون سڀ قيمتي شيون، هائو، يهوداہ جي بادشاهن جا سڀ خزانا، آءٌ هنن جي دشمنن جي هٿن ۾ ڏيندس، ۽ اُهي انهن کي لٽي بابل ڏي کڻي ويندا.</verse>
				<verse number="6">۽ تون، اي فشحور، ۽ جيڪي تنهنجي گهر ۾ رهن ٿا سي سڀ قيد ٿي ويندا: ۽ تون بابل ۾ ويندين، ۽ اتي تون مرندين ۽ اُتيئي دفن ٿيندين، نہ رڳو تون پر سڀيئي تنهنجا دوست جن وٽ تو ڪوڙي نبوت ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="7">اي خداوند تو مون کي ٺڳيو ۽ آءٌ ٺڳجي ويس: تون مون کان وڌيڪ زور وارو آهين ۽ غالب ٿيو آهين: آءٌ سڄو ڏينهن کل ٺٺوليءَ جو باعث ٿيو آهيان، سڀ ڪو مون تي ٺٺولي ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو جيترا ڀيرا آءٌ ڳالهايان ٿو اوترا ڀيرا غضب ۽ بربادي ٿو پڪاريان: ڇاڪاڻ تہ خداوند جو ڪلام سڄو ڏينهن منهنجي لاءِ طعنو ۽ مهڻو ڪيو ويو آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ جيڪڏهن آءٌ چوان تہ آءٌ هن جي بابت ڪوبہ ذڪر نہ ڪندس، ۽ هن جي نالي سان اڳتي وري ڪي بہ ڪين چوندس، تہ پوءِ منهنجي دل ۾ ڄڻ تہ هڪڙي ٻرندڙ باهہ آهي جا منهنجن هڏن منجهہ لڪل آهي، ۽ اُها آءٌ جهلي جهلي ٿڪجي پيو آهيان ۽ سهي نٿو سگهان.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو مون گهڻن جو الزام ۽ هر طرف خوف ٻڌو آهي، منهنجا سڀ گهاٽا دوست بہ منهنجي ٿرڪڻ لاءِ منتظر آهن ۽ چون ٿا تہ هن جي شڪايت ڪريو تہ پوءِ اسين بہ هن جي شڪايت ڪنداسين: شايد هو ٺڳجي پوي، ۽ اسين هن تي غالب پئون ۽ هن کان پنهنجو وير وٺون.</verse>
				<verse number="11">پر خداوند هڪڙي زبردست ۽ خوفناڪ شخص وانگي مون سان آهي: تنهن ڪري مون کي ستائڻ وارا آٿڙندا، ۽ اُهي غالب نہ پوندا: هو تمام گهڻو شرمندا ٿيندا ڇالاءِ جو هنن ڏاهپ جي هلت نہ ڪئي آهي، بلڪ اهڙي خواري ڪئي آهي جا هميشہ تائين هلندي، ۽ ڪڏهن بہ وسري نہ ويندي.</verse>
				<verse number="12">پر اي لشڪرن جا خداوند، جو سچي کي آزمائين ٿو ۽ گردن ۽ دل کي ڏسين ٿو، مون کي اهو بدلو ڏيکار، جو تون هنن کان وٺندين؛ ڇالاءِ جو مون تو وٽ پنهنجو فرياد ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="13">خداوند جي تعريف ڳايو، اوهين خداوند جي ساراهہ ڪريو: ڇالاءِ جو هن محتاجن جي جان بدڪارن جي هٿن مان ڇڏائي آهي.</verse>
				<verse number="14">لعنت هجي انهيءَ ڏينهن تي جنهن ۾ آءٌ ڄائس: جنهن ڏينهن منهنجي ماءُ مون کي ڄڻيو سو شل برڪت وارو نہ ٿئي.</verse>
				<verse number="15">لعنت هجي انهي ماڻهوءَ تي جنهن منهنجي پيءُ وٽ خوشخبري آندي ۽ چيائينس تہ توکي پٽ ڄائو آهي؛ ۽ هن کي ڏاڍو خوش ڪيائين.</verse>
				<verse number="16">ڀلي تہ اهو ماڻهو اُنهن شهرن جهڙو ٿئي، جنهن کي خداوند اونڌو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ انهي کان پشيمان نہ ٿيو: ۽ ڀلي تہ اُهو صبح جو دانهن ۽ ٻنپهرن جو خوف جي خبر ٻڌي؛</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو هن مون کي پيٽ ۾ ئي ڪهي نہ ڇڏيو؛ تہ جيڪر منهنجي ماءُ منهنجي قبر ٿئي ها، ۽ سندس پيٽ هميشہ وڏو هجي ها.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ آءٌ پيٽ مان نڪتس، تہ تڪليف ۽ ڏک ڏسان، ۽ منهنجي حياتيءَ جا ڏينهن خواريءَ ۾ گذري وڃن؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="21">
				<verse number="1">اُهو ڪلام جو خداوند وٽان يرمياہ وٽ انهي وقت آيو جڏهن صدقياہ بادشاهہ هن ڏي فشحور بن ملڪياہ، ۽ صفنياہ بن مسعياہ ڪاهن جي هٿان چوائي موڪليو، تہ</verse>
				<verse number="2">آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ اسان جي نسبت ۾ خداوند کان پڇ: ڇالاءِ جو نبوڪدنضر، بابل جو بادشاهہ اسان سان جنگ ٿو ڪري: من خداوند اسان سان پنهنجن سڀني عجيب ڪمن موجب اهڙو سلوڪ ڪري، جو هو اسان وٽان نڪري هليو وڃي.</verse>
				<verse number="3">تڏهن يرمياہ هنن کي چيو، تہ اوهين صدقياہ کي چئجو تہ:</verse>
				<verse number="4">خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، جيڪي جنگ جا هٿيار اوهان جن هٿن ۾ آهن، ۽ جن سان اوهين بابل جي بادشاهہ سان، ۽ جيڪي ڪسدي ڀتين جي ٻاهران اوهان کي گهيرو ڪيو ويٺا آهن تن سان ٿا وڙهو، سي آءٌ پٺ تي ڦيرائيندس، ۽ انهن کي هن شهر جي وچ ۾ گڏ ڪندس.</verse>
				<verse number="5">۽ آءٌ پاڻ ڊگهيريل هٿ سان، ۽ مضبوط ٻانهن سان، بلڪ غصي ۾، ۽ جوش ۾، ۽ ڏاڍي ڪاوڙ ۾ اوهان سان وڙهندس.</verse>
				<verse number="6">۽ آءٌ هن شهر جي رهاڪن کي، ماڻهن توڙي جانورن کي ماريندس: ۽ هو هڪڙي وڏي مرض ۾ گرفتار ٿي مرندا.</verse>
				<verse number="7">۽ پوءِ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي، ۽ سندس نوڪر ۽ ماڻهو، جي هن شهر ۾ مرض، ۽ ترار، ۽ ڏڪار کان باقي وڃي بچندا، تن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪد نضر جي هٿن ۾، ۽ سندن دشمنن جي هٿن ۾، ۽ جيڪي سندن حياتيءَ جا ڳولائو آهن تن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس: ۽ اهو هنن کي ترار جي ڌار سان ماريندو؛ هو انهن کي ڇڏي نہ ڏيندو، نہ انهن تي ڪو قياس ۽ نہ ڪو رحم ايندس.</verse>
				<verse number="8">۽ انهي قوم کي تون چئج تہ خداوند فرمائي ٿو، تہ ڏسو، آءٌ اوهان جي اڳيان حياتيءَ جو رستو ۽ موت جو رستو ٿو رکان.</verse>
				<verse number="9">جيڪو هن شهر ۾ رهندو سو ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندو: پر جيڪو نڪري ويندو، ۽ جيڪي ڪسدي اوهان کي گهيرو ڪري ويٺا آهن، تن ۾ ڀڄي وڃي پوندو، سو جيئرو رهندو، ۽ انهي جي حياتي سندس لاءِ غنيمت ٿيندي.</verse>
				<verse number="10">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجو منهن هن شهر ڏي انهي لاءِ ڪيو آهي تہ اُن سان برائي ڪريان نہ ڀلائي؛ اهو بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏنو ويندو ۽ هو ان کي باهہ ڏئي ساڙي ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="11">۽ يهوداہ جي بادشاهہ جي گهراڻي بابت اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو:</verse>
				<verse number="12">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اي دائود جا گهراڻا صبح جي وقت عدالت ڪريو، ۽ جن تي ظلم ٿيو آهي تن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو، متان منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگي نڪري، ۽ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري اهڙي ٻرڻ لڳي جو ڪوبہ وسائي نہ سگهيس.</verse>
				<verse number="13">خداوند ٿو فرمائي، تہ اي واديءَ جا رهاڪو، ۽ ميدان جي ٽڪر جا رهاڪو، ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان؛ جو اوهين چئو ٿا تہ ڪير اسان تي ڪاهي ايندو؟ يا ڪير اسان جن گهرن ۾ گهڙندو؟</verse>
				<verse number="14">خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي اوهان جن ڪمن موجب سزا ڏيندس: ۽ آءٌ انهي جي ٻيلي ۾ اهڙي باهہ ٻاريندس جو جيڪي بہ ان جي آس پاس آهي تنهن سڀ کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="22">
				<verse number="1">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ يهوداہ جي بادشاهہ جي گهر وڃ ۽ اُتي هي ڳالهہ ٻڌاءِ،</verse>
				<verse number="2">۽ چئُہ، تہ اي يهوداہ جا بادشاهہ، تون جو دائود جي تخت تي ويٺو آهين، ۽ تنهنجا نوڪر ۽ تنهنجا ماڻهو، جي هنن دروازن کان اندر لنگهي اچن ٿا، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو.</verse>
				<verse number="3">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين عدالت ۽ سچائيءَ جا ڪم ڪريو، ۽ جن تي ظلم ٿيو آهي تن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو: ۽ مسافر ۽ يتيم ۽ بيوہ زال سان ناحق ۽ ظلم نہ ڪريو، نڪي هن هنڌ بي گناهہ جو رت هاريو.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ يقيناً دائود جي تخت تي ويهندڙ بادشاهہ هن گهر جي درن مان گاڏين ۽ گهوڙن تي چڙهي، هر هڪ پنهنجن نوڪرن ۽ ماڻهن سميت اندر لنگهي ايندو.</verse>
				<verse number="5">پر جي اوهين اهي ڳالهيون نہ ٻڌندا، تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ پنهنجي ذات جو قسم ٿو کڻان تہ هي گهر ويران ٿي ويندو.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو خداوند يهوداہ جي بادشاهہ جي گهراڻي جي نسبت هيئن ٿو فرمائي، تہ تون منهنجي لاءِ جلعاد وانگر ۽ لبنان جي چوٽي وانگر آهين: انهي هوندي بہ آءٌ ضرور توکي اهڙو ڪندس جهڙا بيابان ۽ اُجاڙ شهر.</verse>
				<verse number="7">۽ آءٌ تنهنجي تباهہ ڪرڻ وارا تيار ڪندس، جن مان هر ڪنهن کي پنهنجا هٿيار هوندا: ۽ اُهي تنهنجا عمدا عمدا ديودار وڍي باهہ ۾ اُڇلائي وجهندا.</verse>
				<verse number="8">۽ گهڻيون قومون هن شهر وٽان لنگهنديون ۽ انهن مان هرڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي چوندو تہ خداوند ڇو هن وڏي شهر جو ههڙو حال ڪيو آهي؟</verse>
				<verse number="9">تڏهن هو ورندي ڏيندا تہ ڇالاءِ جو هنن خداوند پنهنجي خدا جو عهد اقرار ڇڏي ڏنو ۽ ٻين معبودن جي عبادت ڪيائون، ۽ انهن جي خدمت چاڪري ڪيائون.</verse>
				<verse number="10">اوهين مئلن جي لاءِ نہ روئو ۽ نہ انهن جي لاءِ ماتم ڪريو: پر انهي جي لاءِ زار زار روئو جو هليو ٿو وڃي؛ ڇالاءِ جو هو وري نہ موٽندو، ۽ نہ وري پنهنجو وطن ڏسندو.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو يهوداہ جو بادشاهہ سلوم بن يوسياہ، جو پنهنجي پيءُ يوسياہ جي بجاءِ بادشاهہ ٿيو آهي، ۽ جو هن هنڌان نڪري ٻاهر ويو آهي، تنهنجي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هو وري اُتي نہ ايندو؛</verse>
				<verse number="12">پر جنهن هنڌ هن کي قيد ڪري وٺي ويا آهن، اُتي مري ويندو، ۽ وري هي ملڪ نہ ڏسندو.</verse>
				<verse number="13">ويل هجي انهي سان، جو پنهنجو گهر بي انصافيءَ سان ٿو اڏي ۽ پنهنجون ڪوٺيون ظلم سان؛ جو پنهنجي پاڙيسريءَ کان بيگار جو پورهيو وٺي ٿو ۽ اُن کي مزوري نٿو ڏئي؛</verse>
				<verse number="14">جو چوي ٿو تہ آءٌ پنهنجي لاءِ ڪشادو گهر ۽ ويڪريون ڪوٺيون جوڙائيندس. ۽ جو پنهنجي لاءِ دريون ٺهرائي ٿو؛ ۽ انهي گهر تي ديودار جي ڪاٺ جي ڀت جوڙائي، ۽ انهي کي شنگرف سان چٽائي ٿو.</verse>
				<verse number="15">تون انهي ڪري بادشاهي ڪندين ڇا جو تون ديودار ۾ ڪسر کڻي ويو آهين؟ جڏهن تنهنجي پيءُ عدل ۽ انصاف ڪري کاڌو پيتو ٿي تڏهن انهي جو چڱو حال ٿي ٿيو.</verse>
				<verse number="16">هن غريب ۽ مسڪين جو معاملو فيصل ٿي ڪيو؛ تڏهن ان جو چڱو حال ٿي ٿيو. خداوند ٿو فرمائي، تہ اهو مون کي سڃاڻڻ نہ هو ڇا؟</verse>
				<verse number="17">پر تنهنجون اکيون ۽ تنهنجي دل فقط تنهنجي لالچ لاءِ، ۽ بيگناهہ رت وهائڻ لاءِ، ۽ ظلم ۽ زبردستي ڪرڻ لاءِ آهن.</verse>
				<verse number="18">تنهن ڪري، يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هو انهي لاءِ، هاءِ منهنجا ادا! يا هاءِ ادي! چئي ماتم نہ ڪندا. هو انهي لاءِ، هاءِ ڌڻي! يا هاءِ ان جو جلال! چئي نہ رئندا پِٽيندا.</verse>
				<verse number="19">هو گڏهہ وانگي دفن ڪيو ويندو ۽ يروشلم جي دروازن مان گهلي اُڇلايو ويندو.</verse>
				<verse number="20">لبنان تي چڙهي وڃ ۽ وڃي پڪار؛ ۽ بسن ۾ پنهنجو آواز بلند ڪر: ۽ عباريم مان دانهون ڪر؛ ڇالاءِ جو تنهنجا سڀ عاشق ناس ٿي ويا آهن.</verse>
				<verse number="21">تنهنجي سک جي وقت مون تو سان ڳالهايو پر تو چيو تہ آءٌ ڪين ٻڌندس، ننڍي هوندي کان اها تنهنجي عادت ٿي رهي آهي تہ تون منهنجو آواز نٿو مڃين.</verse>
				<verse number="22">واءُ تنهنجن سڀني ڌنارن کي هڪالي ويندو، ۽ تنهنجا عاشق قيدي ٿي ويندا: يقيناً انهيءَ وقت تون پنهنجي شرارت جي ڪري شرمندو ۽ پشيمان ٿيندين.</verse>
				<verse number="23">اي لبنان جا رهاڪو، تون جو ديودارن ۾ پنهنجو آکيرو ٿو جوڙين، جڏهن تو تي ويم واريءَ زال جهڙا سور ايندا، تڏهن توتي ڪيترو نہ گهڻو افسوس ٿيندو:</verse>
				<verse number="24">خداوند ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجيءَ حياتيءَ جو قسم آهي تہ جيتوڻيڪ يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم جو پٽ ڪونياہ منهنجي ساڄي هٿ جي منڊي وانگي هجي، تہ بہ آءٌ جيڪر توکي اتان پٽي ڪڍي ڇڏيان؛</verse>
				<verse number="25">۽ آءٌ توکي انهن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيان جي تنهنجي جان جي پٺيان آهن، ۽ انهن جي هٿن ۾ جن کان تون ڊڄين ٿو، يعني بابل جي بادشاهہ نبوڪد نضر جي ۽ ڪسدين جي هٿن ۾،</verse>
				<verse number="26">آءٌ توکي، ۽ جنهن تنهنجي ماءُ توکي ڄڻيو، تنهن کي ٻئي ملڪ ۾ اُڇلائي ڇڏيندس، جتي تون نہ ڄائو هئين؛ ۽ اُتيئي تون مرندين.</verse>
				<verse number="27">پر هو انهي ملڪ ۾ نہ موٽندا جتي موٽڻ لاءِ هنن جو روح خواهش ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="28">اهو ماڻهو ڪونياہ نفرت جهڙو ڀڳل ٿانو آهي ڇا؟ هو اهڙو ٿانو آهي ڇا جو پسند ڪرڻ جهڙو ناهي؟ ڇالاءِ هو ۽ ان جو اولاد ٻاهر ڪڍيا ويا آهن ۽ انهي ملڪ ۾ ڦٽا ڪيا ويا آهن، جن جي هنن کي خبر ئي ڪانهي؟</verse>
				<verse number="29">اي زمين، زمين، زمين، خداوند جو ڪلام ٻڌ،</verse>
				<verse number="30">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين هن ماڻهوءَ کي بي اولاد ڪري لکو، اهڙو ماڻهو جو پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ سکيو نہ رهندو: ڇالاءِ جو ڪوبہ ماڻهو سندس نسل مان اهڙو اقبال وارو نہ ٿيندو جو دائود جي تخت تي ويهي، ۽ وري اڳتي يهوداہ ۾ بادشاهي ڪري.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="23">
				<verse number="1">خداوند ٿو فرمائي تہ افسوس انهن تي جي منهنجي چراگاهہ جي رڍن کي ماري ڇڙ وڇڙ ڪري ٿا ڇڏين:</verse>
				<verse number="2">تنهن ڪري خداوند اسرائيل جو خدا منهنجي قوم جي ڌنارن جي برخلاف هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان منهنجو ڌڻ ڇڙ وڇڙ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ انهي کي هڪالي ڪڍيو آهي، ۽ انهي جي خبر نہ لڌي اٿوَ؛ ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان جن ڪرتوتن جي بڇڙائي سبب اوهان جي خبر لهندس.</verse>
				<verse number="3">۽ جن جن ملڪن ۾ مون پنهنجي ڌڻ مان باقي بچيلن کي هڪالي ڇڏيو آهي، اُتان انهن کي اُڻي گڏ ڪندس، ۽ سندن واڙي ۾ موٽائي آڻيندس؛ ۽ هو ڦردار ٿيندا ۽ وڌندا ويجهندا.</verse>
				<verse number="4">۽ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ آءٌ انهن تي ڌنار مقرر ڪندس، جي انهن کي چاريندا: ۽ هو وري اڳتي نڪي ڊڄندا نڪي خوف ڪندا، ۽ نہ ڪو ڪو انهن مان گهٽ ٿيندو.</verse>
				<verse number="5">خداوند ٿو فرمائي تہ ڏسو، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ دائود جي لاءِ هڪڙو سچائي جو ڏار کڙو ڪندس، ۽ اُهو بادشاهہ ٿي راڄ ڪندو، ۽ ڏاهپ سان هلندو، ۽ ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف ڪندو.</verse>
				<verse number="6">انهي جي ڏينهن ۾ يهوداہ بچي ويندو ۽ اسرائيل صحيح سلامت رهندو: ۽ جنهن نالي سان هو سڏبو سو هي آهي تہ خداوند اسان جي راستبازي آهي.</verse>
				<verse number="7">تنهن ڪري ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن وري ڪوبہ ڪڏهن نہ چوندو تہ انهي خداوند جو قسم جنهن بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو؛</verse>
				<verse number="8">پر چوندا تہ انهيءَ خداوند جو قسم، جنهن اسرائيل جي گهراڻي جي نسل کي اُتر واري ملڪ مان، ۽ جن جن ملڪن ۾ مون هنن کي هڪالي ڇڏيو هو، اُتان هنن کي ڪڍي وٺي آيو؛ پوءِ هو خود پنهنجي ملڪ ۾ رهندا.</verse>
				<verse number="9">نبين جي بابت منهنجي دل منهنجي اندر ۾ سست ٿي پيئي آهي ۽ منهنجا سڀ هڏا پيا ڏڪن؛ آءٌ نشئي ماڻهوءَ جهڙو آهيان ۽ اُنهيءَ ماڻهو جهڙو، جنهن تي شراب غالب ٿيو هجي؛ اهو سڀ خداوند ۽ سندس پاڪ ڪلام جي ڪري.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو زمين زناڪارن سان ڀرجي ويئي آهي؛ لعنت جي ڪري ملڪ ۾ ماتم آهي؛ بيابان جا چراگاهہ سڪي ويا آهن؛ ۽ هنن جو رستو خراب آهي، ۽ هنن جو زور حقي ناهي.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو نبي توڙي ڪاهن ٻئي ناپاڪ آهن؛ هائو، خداوند ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجي گهر ۾ هنن جي شرارت ڏٺي آهي.</verse>
				<verse number="12">جنهن ڪري هنن جو رستو سندن لاءِ اهڙو ٿيندو جهڙيون اونداهيءَ ۾ ترڪڻيون جايون، هو اڳتي هڪاليا ويندا ۽ انهي ۾ ڪري پوندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ انهن تي خرابي آڻيندس، يعني انهن جي سزا جو سال.</verse>
				<verse number="13">۽ مون سامريہ جي نبين ۾ بيوقوفي ڏٺي آهي؛ هنن بعل جي لاءِ نبوت ڪئي آهي ۽ منهنجي قوم اسرائيل کي گمراهہ ڪيو اٿن.</verse>
				<verse number="14">يروشلم جي نبين ۾ بہ مون هڪڙي هيبت جهڙي ڳالهہ ڏٺي آهي؛ هو زناڪاري ٿا ڪن، ۽ ڪوڙن تي ٿا هلن، ۽ بدڪارن جي هٿن کي اهڙو مضبوط ٿا ڪن، جو ڪوبہ پنهنجي شرارت کان باز نٿو اچي: اُهي سڀ منهنجي نظر ۾ سدوم جهڙا، ۽ انهي جا رهاڪو عمورہ جهڙا ٿي پيا آهن.</verse>
				<verse number="15">تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند بنيمين بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هنن کي ناگدؤن کارائيندس ۽ پت جو پاڻي پياريندس: ڇالاءِ جو يروشلم جي نبين مان ئي ناپاڪي نڪري سڄي ملڪ ۾ پکڙي وئي آهي.</verse>
				<verse number="16">لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيڪي نبي اوهان وٽ نبوت ڪن ٿا تن جي ڳالهين ڏي ڪن نہ ڏيو؛ اُهي اوهان کي باطل ڳالهيون سيکارين ٿا؛ هو پنهنجي دل جا خيال خواب ٻڌائين ٿا، نہ جيڪي خداوند جي وات مان آهي.</verse>
				<verse number="17">جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا تن کي هو هميشہ پيا چون تہ خداوند فرمايو آهي تہ اوهان وٽ خير سلامتي هوندي؛ ۽ جيڪي پنهنجي دل جي نٺرائي پٺيان ٿا هلن تن مان هر هڪ کي هو چون ٿا تہ اوهان تي ڪابہ خرابي نہ ايندي.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو ڪير خداوند جي صلاح مصلحت ۾ قائم رهيو آهي تہ ان جو ڪلام معلوم ڪري ٻڌي؟ ۽ ڪنهن منهنجي ڪلام ڏي ڌيان ڏنو ۽ اُهو ٻڌو آهي؟</verse>
				<verse number="19">ڏس، خداوند جو طوفان، يعني سندس غضب ٻاهر نڪتو آهي، هائو واچوڙي جهڙو طوفان: اُهو شريرن جي مٿي تي ڪڙڪي پوندو.</verse>
				<verse number="20">خداوند جي ڪاوڙ تيسين نہ موٽندي جيسين انهي جي پورائي نہ ڪندو، ۽ جيسين هو پنهنجي دل جو ارادو پورو نہ ڪندو: پوئين ڏينهن ۾ اوهين اُهو پوريءَ طرح سمجهندا.</verse>
				<verse number="21">مون اُنهن نبين کي نہ موڪليو، تہ بہ هو پئي ڊوڙيا: مون انهن سان ڪلام ڪين ڪيو، تہ بہ انهن نبوت پئي ڪئي.</verse>
				<verse number="22">پر جي هو منهنجي صلاح مصلحت ۾ قائم رهن ها تہ جيڪر منهنجي قوم کي منهنجو ڪلام ٻڌائين ها، ۽ انهن کي خراب رستي کان ۽ سندن ڪمن جي خرابيءَ کان موٽائين ها.</verse>
				<verse number="23">خداوند ٿو فرمائي، تہ ڇا آءٌ فقط ويجهو خدا آهيان ۽ نہ پري جو خدا؟</verse>
				<verse number="24">خداوند ٿو فرمائي، تہ ڪو پاڻ کي ڳجهين جاين ۾ اهڙو لڪائي سگهندو ڇا جو آءٌ ڏسي نہ سگهانس؟ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ آسمان ۽ زمين ڀري نہ بيٺو آهيان ڇا؟</verse>
				<verse number="25">جي نبي منهنجي نالي سان ڪوڙيون پيشنگوئيون ڪن ٿا ۽ چون ٿا تہ مون خواب لڌو آهي مون خواب لڌو آهي، تن جون سڀ ڳالهيون مون ٻڌيون آهن.</verse>
				<verse number="26">جيڪي نبي ڪوڙيون پيشنگوئيون ٿا ڪن تن جي دل ۾ ڪيستائين اهي رهنديون؛ يعني جي پنهنجي دل جي ٺڳيءَ جا نبي آهن.</verse>
				<verse number="27">اُهي سمجهن ٿا تہ هرڪو پنهنجا خواب پنهنجي پاڙيسريءَ کي ٻڌائي منهنجي قوم کان منهنجو نالو وسارائين، جيئن ڪ سندن ابن ڏاڏن بعل جي خاطر منهنجو نالو وساريو.</verse>
				<verse number="28">خداوند ٿو فرمائي، تہ جنهن نبيءَ ڪو خواب ڏٺو هجي سو ڀلي تہ خواب ٻڌائي؛ ۽ جنهن وٽ منهنجو ڪلام هجي سو ڀلي تہ ايمانداريءَ سان منهنجو ڪلام ٻڌائي، ڪڻڪ جو بهہ سان ڪهڙو واسطو؟</verse>
				<verse number="29">خداوند ٿو فرمائي، تہ منهنجو ڪلام باهہ جي مثل ناهي ڇا؟ ۽ انهي مترڪي جي مثل جو ٽڪر کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏي؟</verse>
				<verse number="30">تنهن ڪري خداوند فرمائي ٿو، تہ ڏس، آءٌ انهن نبين جي برخلاف آهيان جنهن مان هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ وٽان منهنجون ڳالهيون چورائي ٿو.</verse>
				<verse number="31">خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ انهن نبين جي برخلاف آهيان جي پنهنجون زبانون هلائين ٿا ۽ چون ٿا تہ اهو ڪلام آهي.</verse>
				<verse number="32">خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ انهن جي برخلاف آهيان جي ڪوڙا خواب نبوت ڪري ٻڌائين ٿا، ۽ انهن کي بيان ڪري پنهنجن ڪوڙن سان، ۽ پنهنجن اجاين ٻٽاڪن سان منهنجي قوم کي گمراهہ ڪن ٿا: خداوند ٿو فرمائي، تہ مون هنن کي نہ موڪليو ۽ نڪو حڪم ڏنو مان؛ نڪي اُنهن مان هن قوم کي ڪو فائدو ٿيندو.</verse>
				<verse number="33">۽ جيڪڏهن اها قوم، يا اُهو نبي، يا ڪو ڪاهن تو کان پڇي ۽ چوي تہ خداوند جو ڪلام ڪهڙو آهي؟ تہ تون انهن کي چئج تہ ڪهڙو ڪلام؟ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان کي اُڇلائي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="34">جيڪو نبي يا ڪاهن، يا قوم مان چوندو تہ خداوند جو ڪلام، تنهن ماڻهوءَ ۽ سندس گهراڻي کي آءٌ سزا ڏيندس.</verse>
				<verse number="35">اوهان مان هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي، ۽ هرڪو پنهنجي ڀاءُ کي ائين چوندو تہ خداوند ڪهڙو جواب ڏنو، ۽ خداوند ڇا فرمايو آهي؟</verse>
				<verse number="36">۽ خداوند جي ڪلام جو ذڪر اوهين وري متان ڪريو: ڇالاءِ جو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جو پنهنجو ڪلام سندس بار ٿيندو، جو اوهان جيئري خدا جون، يعني اسان جي خدا، لشڪرن جي خداوند، جون ڳالهيون بگاڙي ڇڏيون آهن.</verse>
				<verse number="37">تون نبيءَ کي هيئن چئج تہ توکي خداوند ڪهڙو جواب ڏنو آهي؟ ۽ خداوند ڇا فرمايو آهي؟</verse>
				<verse number="38">پر جي اوهين چوندا تہ خداوند جو ڪلام؛ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ اوهين هيءَ ڳالهہ ٿا ڪريو، يعني خداوند جو ڪلام، ۽ مون اوهان کي چوائي موڪليو آهي تہ اوهين نہ چئجو تہ خداوند جو ڪلام؛</verse>
				<verse number="39">تنهن ڪري ڏسو، آءٌ اوهان کي بلڪل وساري ڇڏيندس، ۽ اوهان کي پنهنجي حضور مان اُڇلائي ڇڏيندس، ۽ انهيءَ شهر کي بہ جو مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو هو.</verse>
				<verse number="40">۽ آءٌ اوهان تي هميشہ جي خواري آڻيندس، ۽ مدامي شرم، جو وسري نہ ويندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="24">
				<verse number="1">بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر، يهوداہ جي بادشاهہ يڪونياہ بن يهويقيم، ۽ يهوداہ جي اميرن کي، واڍن ۽ لوهارن سميت، يروشلم مان قيد ڪري وٺي ويو ۽ انهن کي بابل ۾ آندائين، تنهن کان پوءِ ڏسو خداوند مون کي انجيرن جون ٻہ ٽوڪريون خداوند جي هيڪل جي اڳيان رکيل ڏيکاريون.</verse>
				<verse number="2">هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ عمدا انجير هئا، انهن انجيرن جهڙا جي پهرين پچندا آهن: ۽ ٻيءَ ٽوڪريءَ ۾ خراب انجير هئا، جي اهڙا خراب هئا جو کائڻ جي لائق ئي نہ هئا.</verse>
				<verse number="3">تڏهن خداوند مون کي چيو اي يرمياہ تون ڇا ٿو ڏسين؟ مون چيو تہ انجير؛ چڱا انجير تمام عمدا آهن؛ ۽ خراب تمام خراب آهن، اهڙا جو کائڻ جي لائق ئي نہ آهن.</verse>
				<verse number="4">۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="5">خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هنن چڱن انجيرن وانگي آءٌ يهوداہ جي انهن قيدين کي سمجهندس جن کي مون هن هنڌان ڪڍي سندن چڱائي لاءِ ڪسدين جي ملڪ ڏي موڪليو آهي.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو آءٌ هنن تي چڱائي لاءِ پنهنجي نظر رکندس ۽ انهن کي موٽائي هن ملڪ ۾ آڻيندس: ۽ آءٌ انهن کي اڏيندس ۽ ڊاهي ڪين ڇڏيندس؛ ۽ آءٌ انهن کي ڄمائيندس ۽ پٽي ڪين ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="7">۽ آءٌ انهن کي اهڙي دل ڏيندس جنهن سان هو مون کي سڃاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان: ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا ۽ آءٌ سندن خدا ٿيندس: ڇالاءِ جو هو پنهنجي سڄيءَ ساريءَ دل سان مون ڏي موٽي ايندا.</verse>
				<verse number="8">۽ جيئن اُهي خراب هئڻ ڪري کائڻ جي لائق ناهن: تيئن، خداوند ٿو فرمائي تہ يقيناً، آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ۽ سندس اميرن کي ۽ يروشلم جا باقي ماڻهو جي انهيءَ زمين ۾ رهيل آهن تن کي، ۽ جيڪي مصر جي ملڪ ۾ رهن ٿا تن کي آءٌ ڇڏي ڏيندس:</verse>
				<verse number="9">آءٌ انهن کي اهڙو ڇڏي ڏيندس جو هو زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ مصيبت منجهہ دربدر ٿي ويندا؛ ۽ جن جن جاين تي آءٌ انهن کي هڪالي موڪليندس اُتي هو ملامت، ۽ پهاڪو، ۽ طعنو، ۽ لعنت ٿيندا.</verse>
				<verse number="10">۽ آءٌ انهن ۾ ترار، ۽ ڏڪار، ۽ مرض موڪليندس، جيسين ڪہ جيڪا زمين مون هنن کي ۽ هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏني، تنهن مان هو کپي چٽ ٿي وڃن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="25">
				<verse number="1">اُهو ڪلام جو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي چوٿين سال ۾ يهوداہ جي ماڻهن جي نسبت ۾ يرمياہ تي نازل ٿيو؛ اُهو ئي ساڳيو بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جو پهريون سال هو؛</verse>
				<verse number="2">۽ اُهو يرمياہ نبيءَ يهوداہ جي سڀني ماڻهن کي ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن کي ٻڌايو ۽ چيائين، تہ</verse>
				<verse number="3">يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ بن آمون جي تيرهين سال کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪي ٽيويهہ ورهيہ گذريا آهن، تن ۾ خداوند جو ڪلام مون وٽ آيو آهي ۽ مون صبح جو سوير اُٿي اوهان کي ٻڌايو آهي؛ پر اوهان نہ ٻڌو.</verse>
				<verse number="4">۽ خداوند اوهان ڏي صبح جو سوير اٿي پنهنجا ٻانها نبي موڪليا آهن؛ پر اوهان نہ ٻڌو آهي نہ ٻڌڻ لاءِ اوهان پنهنجو ڪن ڏنو؛</verse>
				<verse number="5">انهيءَ چيو تہ اوهان مان هرڪو پنهنجي خراب رستي کان ۽ پنهنجي ڪمن جي خرابيءَ کان باز اچي، ۽ جيڪا زمين خداوند قديم وقت کان هميشہ لاءِ اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي تنهن ۾ رهي:</verse>
				<verse number="6">اوهين ٻين معبودن جي عبادت ڪرڻ ۽ انهن کي سجدي ڪرڻ لاءِ انهن جي پٺيان نہ وڃو، ۽ پنهنجن هٿن جي ڪم سان مون کي ڪاوڙ نہ ڏياريو؛ ۽ آءٌ اوهان کي ڪو ايذاءُ نہ پهچائيندس.</verse>
				<verse number="7">انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهان منهنجي ڳالهہ نہ مڃي آهي؛ انهي لاءِ تہ پنهنجن هٿن جي ڪمن سان مون کي ڪاوڙ ڏياري پاڻ کي نقصان پهچايو.</verse>
				<verse number="8">تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو اوهان منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌيون،</verse>
				<verse number="9">تنهن ڪري ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اُتر وارا سڀ قبيلا گهرائي وٺندس، ۽ آءٌ پنهنجي ٻانهي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر کي گهرائي هن ملڪ تي ۽ ان جي رهاڪن تي، ۽ آس پاس وارن انهن سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس؛ ۽ آءٌ انهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏيندس، ۽ انهن کي حيرت ۽ شوڪار جو باعث ڪندس، ۽ هميشہ ويران رکندس.</verse>
				<verse number="10">تنهن کان سواءِ آءٌ هنن مان سرهائي جو آواز، گهوٽ جو آواز ۽ ڪنوار جو آواز، جنڊن جو آواز، ۽ ڏيئي جو سوجهرو ڪڍي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="11">۽ هي سڄو ملڪ ويران ۽ حيرت جو سبب ٿيندو؛ ۽ اُهي قومون ستر ورهيہ بابل جي بادشاهہ جي غلامي ڪنديون.</verse>
				<verse number="12">۽ جڏهن ستر ورهيہ پورا ٿيندا تڏهن خداوند ٿو فرمائي، تہ هيئن ٿيندو جو آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ انهي قوم ۽ ڪسدين جي ملڪ کي سندن بدڪاريءَ سبب سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ انهي زمين کي هميشہ لاءِ ويران ڪندس.</verse>
				<verse number="13">۽ آءٌ انهي زمين تي اُهي سڀ ڳالهيون آڻيندس جي انهن جي برخلاف مون اڳيئي ظاهر ڪيون آهن، يعني اُهي سڀ جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، جي يرمياہ سڀني قومن جي برخلاف نبوت ڪري ٻڌايون آهن.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو گهڻيون قومون ۽ وڏا بادشاهہ انهن کان، هائو، انهن کان پنهنجي لاءِ خدمت چاڪري وٺندا: ۽ آءٌ انهن کي سندن ڪمن موجب ۽ سندن دستڪاريءَ موجب بدلو ڏيندس.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جو خدا، مون کي هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجي هٿان هن ڪاوڙ جي شراب جو پيالو وٺي انهن سڀني قومن کي وڃي پيار جن ڏي آءٌ توکي موڪليان ٿو.</verse>
				<verse number="16">۽ هو پيئندا، ۽ هيڏي هوڏي آٿڙندا ۽ مست ٿيندا، انهيءَ ترار جي سبب جا آءٌ انهن ۾ موڪليندس.</verse>
				<verse number="17">تڏهن مون خداوند جي هٿان پيالو ورتو، ۽ جن قومن ڏي خداوند مون کي موڪليو هو تن سڀني کي مون انهي مان پياريو:</verse>
				<verse number="18">يعني يروشلم ۽ يهوداہ جي شهرن، ۽ ان جي بادشاهن، ۽ ان جي اميرن کي، انهي لاءِ تہ انهن کي ويران ڪري، ۽ حيرت، ۽ شوڪار، ۽ لعنت جو سبب ڪري؛ جيئن ڪہ اڄوڪي ڏينهن آهي؛</verse>
				<verse number="19">مصر جي بادشاهہ فرعون، ۽ انهي جي نوڪرن، ۽ انهي جي اميرن، ۽ انهي جي سڄي قوم کي؛</verse>
				<verse number="20">۽ سڀني گڏيلن ماڻهن کي، عوض جي ملڪ جي سڀني بادشاهن کي، ۽ فلستين جي ملڪ جي سڀني بادشاهن کي، ۽ اسقلون، ۽ غزہ، ۽ عقرون، ۽ اشدود جي باقي بچيلن کي؛</verse>
				<verse number="21">ادوم، ۽ موآب، ۽ بني عمون کي؛</verse>
				<verse number="22">۽ صور جي سڀني بادشاهن کي، ۽ صيدا جي سڀني بادشاهن کي، ۽ سمنڊ جي هن ڀر جيڪو ٻيٽ آهي تنهن جي سڀني بادشاهن کي؛</verse>
				<verse number="23">ددان، ۽ تيما، بوز، ۽ انهن سڀني کي جي پنهنجن وارن جون ڪنڊون ٿا ڪوڙائين؛</verse>
				<verse number="24">۽ سڀني عربستان جي بادشاهن کي، ۽ جيڪي گڏيل قومون بيابان ۾ رهن ٿيون تن جي سڀني بادشاهن کي؛</verse>
				<verse number="25">۽ زمريءَ جي سڀني بادشاهن کي، ۽ عيلام جي سڀني بادشاهن کي، ۽ ميدين جي سڀني بادشاهن کي؛</verse>
				<verse number="26">۽ اُتر جي سڀني بادشاهن کي، جي ويجهو ۽ پري آهن يا هڪٻئي سان گڏ آهن؛ ۽ زمين جي سطح تي دنيا جون جيڪي بادشاهتون آهن تن کي: ۽ انهن کان پوءِ شيشڪ جو بادشاهہ پيئندو.</verse>
				<verse number="27">۽ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ تون انهن کي چئُہ، تہ اوهين پيو ۽ مست ٿيو ۽ قئي ڪريو، ۽ ڪري پئو ۽ جيڪا ترار آءٌ اوهان ۾ موڪليندس تنهنجي سبب وري نہ اُٿو.</verse>
				<verse number="28">۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هو تنهنجي هٿان پيئڻ لاءِ پيالي وٺڻ کان انڪار ڪندا تہ پوءِ تون هنن کي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين ضرور پيئندا.</verse>
				<verse number="29">ڇالاءِ جو ڏسو، جيڪو شهر منهنجي نالي سان ٿو سڏجي، تنهن ۾ آءٌ خرابي ڪرڻ شروع ٿو ڪريان، تہ ڇا اوهين سزا کائڻ کان صاف ڇٽي ويندا؟ اوهين سزا کان ڇٽي نہ ويندا: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند فرمائي ٿو، تہ آءٌ زمين جي سڀني رهاڪن تي ترار آڻيندس.</verse>
				<verse number="30">تنهن ڪري تون انهن سڀني جي برخلاف هنن ڳالهين جي نبوت ڪر، ۽ انهن کي چئُہ تہ خداوند مٿان گجندو، ۽ پنهنجي پاڪ مڪان مان پنهنجو آواز بلند ڪندو؛ هو پنهنجي چراگاهہ جي برخلاف زور سان گجندو؛ هو زمين جي سڀني رهاڪن تي اهڙي هڪل ڪندو جهڙي ڊاک لتاڙڻ وارا ڪندا آهن.</verse>
				<verse number="31">بلڪ زمين جي ڪناري تائين هڪل ايندي؛ ڇالاءِ جو خداوند کي قومن سان جهيڙو ڪرڻو آهي، ۽ هو سڀني انسانن سان حجت دليل ڪندو؛ باقي شريرن جي نسبت ۾ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن کي ترار جي حوالي ڪري ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="32">لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، هڪڙي قوم کان ٻي قوم ڏي خرابي نڪري پکڙندي ويندي، ۽ زمين جي ازحد ڀاڱن کان هڪڙو وڏو طوفان اُٿاريو ويندو.</verse>
				<verse number="33">۽ انهي ڏينهن خداوند جا ڪُٺل زمين جي هڪڙي ڪناري کان وٺي ٻئي ڪناري تائين هوندا: انهن تي ڪوبہ ماتم ڪونہ ڪندو ۽ نہ انهن کي گڏ ڪري دفن ڪندا: اُهي زمين جي مٿان ڇيڻي وانگي پيا هوندا.</verse>
				<verse number="34">اي ڌنار، واويلا مچايو ۽ دانهن ڪريو؛ اي گلي جا سردار، اوهين خاڪ ۾ ليٽو؛ ڇالاءِ جو اوهان جي ڪوس جا ڏينهن اچي ڀريا آهن، ۽ آءٌ اوهان کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس، ۽ اوهين هڪڙي نازڪ ٿانوَ وانگي ڪري پوندا.</verse>
				<verse number="35">۽ ڌنارن کي ڀڄڻ جو ڪوبہ رستو ڪونہ ٿيندو ۽ نہ گلي جي سردارن کي نڪرڻ جو.</verse>
				<verse number="36">اِجهو ڌنارن جي رڙين، ۽ گلي جي سردارن جي واويلا جو آواز! ڇالاءِ جو خداوند هنن جي چراگاهہ ويران ڪري ٿو ڇڏي.</verse>
				<verse number="37">۽ جيڪي سلامت هئا سي خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ سبب چپ ڪرايا ويا آهن.</verse>
				<verse number="38">هن شينهن وانگي پنهنجي ڏر ڇڏي ڏني آهي! ڇالاءِ جو هنن جو ملڪ زبردست ترار جي سختيءَ ڪري ۽ انهي جي خوفناڪ ڪاوڙ ڪري، حيرت جو سبب ٿي پيو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="26">
				<verse number="1">يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي بادشاهت جي شروع ۾ خداوند وٽان هي ڪلام نازل ٿيو.</verse>
				<verse number="2">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ خداوند جي گهر جي ايوان ۾ اُٿي بيهہ ۽ جيڪي يهوداہ جا شهر خداوند جي گهر ۾ سجدي ڪرڻ لاءِ ٿا اچن، تن سڀني کي اُهي سڀ ڳالهيون ٻڌاءِ، جن جي ٻڌائڻ لاءِ آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان؛ هڪڙو لفظ بہ پٺتي نہ رک.</verse>
				<verse number="3">امڪان آهي تہ هو ٻڌن ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي خراب رستي کان باز اچي؛ تہ من هنن جي خراب ڪمن جي ڪري جيڪا مصيبت مون هنن تي آڻڻ جو ارادو ڪيو آهي، تنهن کان ڦران.</verse>
				<verse number="4">۽ تون انهن کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جي اوهين منهنجي نہ ٻڌندا ۽ جيڪا شريعت آءٌ اوهان جي اڳيان ٿو رکان تنهن تي نہ هلندا،</verse>
				<verse number="5">۽ جن پنهنجن ٻانهن نبين کي صبح جو سوير اُٿي اوهان ڏي موڪليان ٿو، پر جن جي اوهان نہ ٻڌي آهي تن جون ڳالهيون جي اوهين نہ ٻڌندا؛</verse>
				<verse number="6">تہ آءٌ هن گهر کي سيلا جهڙو ڪندس، ۽ هن شهر کي زمين جي سڀني قومن لاءِ لعنت ٺهرائيندس.</verse>
				<verse number="7">۽ ڪاهن ۽ نبين سڀني ماڻهن يرمياہ کي خداوند جي گهر ۾ هي ڳالهيون ڪندي ٻڌو.</verse>
				<verse number="8">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يرمياہ اُهي سڀ ڳالهيون سڀني ماڻهن کي ٻڌائي بس ڪيون جن جي ٻڌائڻ لاءِ خداوند حڪم ڪيو هوس، تڏهن ڪاهنن ۽ نبين ۽ سڀني ماڻهن اچي جهليس، ۽ چيائونس تہ تون ضرور مرندين.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ تو خداوند جي نالي سان نبوت ڪري چيو آهي تہ هي گهر سيلا جهڙو ٿيندو، ۽ هي شهر اهڙو ويران ٿيندو جو ڪوبہ منجهس رهڻ وارو ڪونہ هوندو؟ پوءِ سڀ ماڻهو يرمياہ وٽ خدا جي گهر ۾ اچي گڏ ٿيا.</verse>
				<verse number="10">۽ جڏهن يهوداہ جي اميرن اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن اُهي بادشاهہ جي گهر مان هلي خداوند جي گهر ۾ آيا؛ ۽ خداوند جي گهر جي نئين دروازي جي لنگهہ ۾ ويهي رهيا.</verse>
				<verse number="11">تڏهن ڪاهنن ۽ نبين انهن اميرن کي ۽ باقي سڄي قوم کي مخاطب ٿي چيو، تہ هي ماڻهو موت جي سزا جو لائق آهي؛ ڇالاءِ جو هن شهر جي برخلاف نبوت ڪئي اٿس، جيئن اوهان پنهنجي ڪنن سان ٻڌو آهي.</verse>
				<verse number="12">تڏهن يرمياہ سڀني اميرن کي ۽ سڄي قوم کي مخاطب ٿي چيو، تہ خداوند مون کي موڪليو تہ هن گهر ۽ هن شهر جي برخلاف اُهي ڳالهيون نبوت ڪري ٻڌايان جي اوهان ٻڌيون آهن.</verse>
				<verse number="13">تنهن ڪري هاڻي اوهين پنهنجا رستا ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو ۽ خداوند پنهنجي خدا جو ڪلام مڃيو، تہ پوءِ جنهن خرابيءَ جو خداوند اوهان جي برخلاف حڪم جاري ڪيو آهي تنهن کان هو ڦرندو.</verse>
				<verse number="14">۽ باقي آءٌ، سو ڏسو، آءٌ اوهان جي هٿن ۾ آهيان: جيئن اوهان جي نظر ۾ چڱو ۽ مناسب اچي تيئن مون سان ڪريو.</verse>
				<verse number="15">رڳو هيتري پڪ ڄاڻو تہ جي اوهين مون کي ماري وجهندا، تہ اوهين هڪڙي بيگناهہ جو خون پنهنجي مٿان، ۽ هن شهر تي، ۽ اُن جي رهاڪن تي آڻيندا، ڇالاءِ جو خداوند سچ پچ مون کي اوهان ڏي موڪليو آهي، تہ اهي سڀ ڳالهيون ڪري اوهان جن ڪنن تي وجهان.</verse>
				<verse number="16">تڏهن اميرن ۽ سڀني ماڻهن ڪاهنن ۽ نبين کي چيو، تہ هيءُ ماڻهو موت جي سزا جو لائق ناهي؛ ڇالاءِ جو هن خداوند اسان جي خدا جي نالي سان اسان کي اهي ڳالهيون ٻڌايون آهن.</verse>
				<verse number="17">تڏهن ملڪ جي بزرگن مان ڪي اُٿي قوم جي سڄي جماعت کي مخاطب ٿي چوڻ لڳا، تہ</verse>
				<verse number="18">يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڏينهن ۾ ميڪاہ مورشتي نبوت ڪئي؛ ۽ هن يهوداہ جي سڄي قوم کي چيو تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ صيون ٻنيءَ وانگي کيڙيو ويندو، ۽ يروشلم پٿرن جو ڍڳ ٿي ويندو، ۽ هيڪل وارو جبل ٻيلي جي مٿانهن هنڌن جهڙو ٿيندو.</verse>
				<verse number="19">پوءِ يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ ۽ يهوداہ جي ماڻهن ڪو هن کي قتل ڪيو ڇا؟ هن خداوند کان ڊڄي خداوند جي مهربانيءَ جي لاءِ منٿ آزي نہ ڪئي ڇا؟ جنهن ڪري جنهن خرابي جو هنن جي برخلاف خداوند حڪم جاري ڪيو هو، تنهن کان ڦريو؟ انهيءَ طرح اسين پنهنجن جانين سان وڏي خرابي ڪنداسين.</verse>
				<verse number="20">۽ هڪڙو ٻيو بہ ماڻهو هو جنهن خداوند جي نالي سان نبوت ڪئي يعني اورياہ بن سمعياہ، جو قريت يعريم جو ويٺل هو، ۽ اُنهي بہ يرمياہ جي سڀني ڳالهين موافق هن شهر ۽ هن ملڪ جي برخلاف نبوت ڪئي:</verse>
				<verse number="21">۽ جڏهن يهويقيم بادشاهہ پنهنجن سڀني بهادرن ۽ اميرن سميت هن جون ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن بادشاهہ هن کي مارڻ جي خواهش ڪئي؛ پر جڏهن اورياہ اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن هو ڊنو ۽ مصر ۾ ڀڄي ويو:</verse>
				<verse number="22">۽ يهويقيم مصر ڏي ماڻهو موڪليا، يعني الناتن بن عڪبور ۽ ان سان گڏ ٻيا ڪي ماڻهو مصر ڏي ويا:</verse>
				<verse number="23">۽ اُهي اورياہ کي مصر مان ڪڍي يهويقيم بادشاهہ وٽ آيا: جنهن هن کي ترار سان قتل ڪري ان جو لاش عام ماڻهن جي قبرستان ۾ اُڇلائي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="24">پر اخيقام بن سافن جو هٿ يرمياہ سان هو، انهي لاءِ تہ هو هن کي قتل ٿيڻ لاءِ ماڻهن جي حوالي نہ ڪن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="27">
				<verse number="1">يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ بن يوسياہ جي بادشاهت جي شروعات ۾ هي ڪلام خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">پنهنجي لاءِ بند ۽ گز ٺاهہ ۽ اُهي پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهہ:</verse>
				<verse number="3">۽ جيڪي قاصد يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ وٽ يروشلم ۾ اچن، تن جي هٿان ادوم جي بادشاهہ، ۽ بني عمون جي بادشاهہ، ۽ صور جي بادشاهہ، ۽ صيدا جي بادشاهہ ڏي اُهي موڪلي ڏي؛</verse>
				<verse number="4">۽ انهن کي سندن ڌڻين ڏي تاڪيد ڏئي چوائي موڪل تہ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين پنهنجن ڌڻين کي هيئن چئو، تہ</verse>
				<verse number="5">مون زمين، ۽ ماڻهن، ۽ جانورن کي جي زمين جي سطح تي آهن، پنهنجي قدرت سان ۽ پنهنجي ڊگهيريل ٻانهن سان جوڙيو آهي؛ ۽ اُها زمين آءٌ جنهن کي مناسب ٿو سمجهان تنهن کي ٿو ڏيان.</verse>
				<verse number="6">۽ هاڻي هي سڀ ملڪ مون پنهنجي ٻانهي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي هٿ ۾ ڏنا آهن؛ ۽ جهنگ جا جانور بہ مون هن کي خدمت چاڪري ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن.</verse>
				<verse number="7">۽ سڀ قومون هن جي، ۽ سندس پٽ جي، ۽ سندس پوٽي جي خدمت ڪنديون، جيسين ڪ خود سندس ملڪ جو وقت اچي: پوءِ گهڻيون قومون ۽ وڏا بادشاهہ پنهنجي لاءِ هن کان خدمت چاڪري وٺندا.</verse>
				<verse number="8">۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪا قوم ۽ حڪومت انهيءَ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خدمت نہ ڪندي، ۽ پنهنجي ڳچي بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ نہ وجهندي، تنهن قوم کي، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان سزا ڏيندس، جيئن ڪ انهي جي هٿان هنن کي کپائي چٽ ڪري ڇڏيان.</verse>
				<verse number="9">باقي اوهين سي پنهنجن نبين جي، يا پنهنجن غيب دانن جي، يا پنهنجن خواب ڏسندڙن جي، يا پنهنجن فال وجهندڙن جي، يا پنهنجن جادوگرن جي ڳالهہ نہ ٻڌجو، جي اوهان کي چون ٿا تہ بابل جي بادشاهہ جي خدمت چاڪري نہ ڪندا:</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو هو اوهان کي هڪڙي ڪوڙي نبوت ٿا ٻڌائين، انهي لاءِ تہ اوهان کي پنهنجي ملڪ مان پري ڪڍي موڪلين؛ ۽ آءٌ اوهان کي هڪالي ڪڍان ۽ اوهين چٽ ٿي وڃو.</verse>
				<verse number="11">پر جيڪا قوم بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ پنهنجي ڳچي آڻي وجهندي، ۽ انهي جي خدمت ڪندي، تنهن قوم کي ئي، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ سندن زمين ۾ رهڻ ڏيندس، ۽ اُها هو پوکيندا ۽ انهي ۾ هو رهندا.</verse>
				<verse number="12">۽ مون انهن سڀني ڳالهين بابت يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي چيو تہ اوهين پنهنجون ڳچيون بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ آڻي وجهو، ۽ انهي جي ۽ سندس قوم جي خدمت ڪريو تہ جيئرا رهو.</verse>
				<verse number="13">ڇو تون ۽ تنهنجي قوم، ترار سان، ۽ ڏڪار سان، مرڻ ٿا گهرو، جيئن ڪ خداوند انهي قوم جي نسبت فرمايو آهي جا بابل جي بادشاهہ جي خدمت نہ ڪندي؟</verse>
				<verse number="14">۽ اوهين انهن نبين جون ڳالهيون نہ ٻڌو جي اوهان کي چون ٿا تہ اوهين بابل جي بادشاهہ جي خدمت نہ ڪندا: ڇالاءِ جو اُهي اوهان کي ڪوڙي نبوت ٿا ٻڌائين.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون هنن کي ڪونہ موڪليو آهي پر اهي ڪوڙ ڪري منهنجي نالي نبوت ٿا ڪن؛ انهي لاءِ تہ آءٌ اوهان کي هڪالي ڪڍان، ۽ اوهين ۽ اُهي نبي بہ، جي اوهان وٽ نبوت ٿا ڪن، چٽ ٿي وڃو.</verse>
				<verse number="16">مون ڪاهنن ۽ انهي سڄي قوم کي بہ چيو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان جا نبي، جي نبوت ڪري اوهان کي چون ٿا تہ ڏسو، خداوند جي گهر جا ٿانوَ هاڻي سگهو ئي بابل مان موٽائي آندا ويندا، تن جون ڳالهيون نہ ٻڌو: ڇالاءِ جو اُهي اوهان کي ڪوڙي ڳالهہ نبوت ڪري ٿا ٻڌائين.</verse>
				<verse number="17">انهن جي نہ ٻڌو؛ بابل جي بادشاهہ جي خدمت چاڪري ڪريو تہ جيئرا رهو: ڇو هي شهر ويران ٿئي؟</verse>
				<verse number="18">پر جي هو نبي آهن، ۽ خداوند جو ڪلام وٽن آهي تہ تڏهن هاڻي لشڪرن جي خداوند وٽ شفاعت ڪن، تہ جيڪي ٿانوَ خداوند جي گهر ۾ ۽ يهوداہ جي بادشاهہ جي گهر ۾، ۽ يروشلم ۾ بچيل آهن، سي بابل ڏي نہ وڃن.</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿنڀن بابت، ۽ سمنڊ بابت، ۽ پاون بابت، ۽ هن شهر ۾ جيڪي باقي ٿانوَ رهيل آهن،</verse>
				<verse number="20">جي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر تڏهن کڻي نہ ويو جڏهن هو يهوداہ جي بادشاهہ يڪونياہ بن يهويقيم کي، ۽ يهوداہ، ۽ يروشلم جي سڀني اميرن کي يروشلم مان بابل ڏي قيد ڪري ويو:</verse>
				<verse number="21">هائو، لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، اهي جيڪي ٿانوَ خداوند جي گهر ۾ ۽ يروشلم ۾ باقي بچيا آهن، تن بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ</verse>
				<verse number="22">اُهي بابل ڏي کڄي ويندا ۽ اُهي انهي ڏينهن تائين اُتي رهندا، جنهن ڏينهن، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن جي خبر لهندس، پوءِ آءٌ هنن کي موٽائي آڻيندس ۽ هن هنڌ رکندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="28">
				<verse number="1">۽ ساڳئي سال ۾، يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي بادشاهت جي شروعات ۾، چوٿين ورهيہ جي پنجين مهيني ۾ هيئن ٿيو تہ حننياہ بن عزور نبي، جو جبعون جو هو، تنهن خداوند جي گهر ۾ ڪاهنن ۽ سڄي قوم جي روبرو مون کي چيو، تہ</verse>
				<verse number="2">لشڪرن جو خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ مون بابل جي بادشاهہ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي.</verse>
				<verse number="3">ٻن ڀرين ورهين اندر آءٌ خداوند جي گهر جا اُهي سڀ ٿانوَ هن هنڌ موٽائي آڻيندس، جي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر هن هنڌان هٿ ڪري بابل ڏي کڻي ويو هو:</verse>
				<verse number="4">۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ يڪونياہ بن يهويقيم کي بابل ڏي ويلن يهوداہ جي سڀني قيدين سميت موٽائي هن هنڌ آڻيندس: ڇالاءِ جو آءٌ بابل جي بادشاهہ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="5">تڏهن يرمياہ نبي حننياہ نبيءَ کي، ڪاهنن، ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو خداوند جي گهر ۾ بيٺا هئا تن جي روبرو چيو، تہ</verse>
				<verse number="6">آمين، يعني يرمياہ نبي چيو، تہ شل خداوند ائين ڪري: جي ڳالهيون نبوت ڪري تو ڪيون آهن، سي شل خداوند پوريون ڪري، ۽ خداوند جي گهر جا ٿانوَ ۽ سڀ قيدي بابل مان موٽي هن هنڌ اچن.</verse>
				<verse number="7">انهيءَ هوندي بہ هاڻي هي جيڪو ڪلام تنهنجن ڪنن تي ۽ ساري قوم جي ڪنن تي آءٌ وجهان ٿو سو ٻڌ:</verse>
				<verse number="8">جيڪي نبي قديم زماني ۾ مون کان اڳي ۽ توکان اڳي ٿي گذريا آهن، تن گهڻن ملڪن ۽ وڏين بادشاهتن جي برخلاف جنگ ۽ مصيبت ۽ مرض بابت پيشنگوئيون ڪيون هيون.</verse>
				<verse number="9">جو نبي خير سلامتيءَ جي پيشنگوئي ٿو ڪري، جڏهن انهيءَ نبي جو ڪلام اچي پورو ٿيندو تڏهن انهيءَ نبي جي نسبت ۾ معلوم ٿيندو تہ خداوند سچ پچ ان کي موڪليو آهي يا نہ.</verse>
				<verse number="10">تڏهن حننياہ نبيءَ يرمياہ جي ڳچيءَ تان گز ڀڃي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="11">۽ حننياہ سڄي قوم کي مخاطب ٿي چيو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ انهيءَ طرح آءٌ ٻن ڀرين ورهين اندر بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي پاڃاري سڀني قومن جي ڳچيءَ مان ڀڃي ڇڏيندس. پوءِ يرمياہ نبي پنهنجي واٽ وٺي هليو ويو.</verse>
				<verse number="12">حننياہ نبيءَ يرمياہ نبيءَ جي ڳچيءَ مان گز کڻي ڀڃي ڇڏيو، تنهن کان پوءِ خداوند جو ڪلام يرمياہ وٽ آيو، جنهن چيو تہ</verse>
				<verse number="13">وڃي حننياہ کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تو ڪاني جا گز ڀڃي ڇڏيا آهن؛ پر انهن جي بدران تون لوهہ جا گز جوڙيندين.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ مون هنن سڀني قومن جي ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وڌي آهي، انهي لاءِ تہ هو بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خدمت چاڪري ڪن؛ ۽ هو ضرور ان جي خدمت چاڪري ڪندا: ۽ مون هن کي جهنگ جا جانور بہ ڏنا آهن.</verse>
				<verse number="15">تڏهن يرمياہ نبيءَ حننياہ نبيءَ کي چيو تہ اي حننياہ، هاڻي ٻڌ؛ خداوند توکي ڪونہ موڪليو آهي؛ پر تون هن قوم کي هڪڙي ڪوڙ تي ڀروسو ٿو ڪرائين.</verse>
				<verse number="16">تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ توکي زمين جي سطح تان ڪڍي ڇڏيندس: هن ئي سال تون مري ويندين، ڇالاءِ جو تو خداوند جي برخلاف بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="17">اُن موجب حننياہ نبي، انهي ساڳئي ورهيہ جي ستين مهيني ۾ مري ويو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="29">
				<verse number="1">هاڻي جيڪو خط يرمياہ نبيءَ يروشلم مان باقي رهيلن قيدي بزرگن ڏي، ۽ ڪاهنن ۽ نبين ۽ انهن سڀني ماڻهن ڏي موڪليو، جن کي نبوڪدنضر قيد ڪري يروشلم مان بابل ڏي وٺي ويو هو، تنهنجا هي لفظ آهن:</verse>
				<verse number="2">(يعني انهي کان پوءِ تہ يڪونياہ بادشاهہ، ۽ والدہ ملڪہ، ۽ ناظر، ۽ يهوداہ ۽ يروشلم جا امير، ۽ واڍا، ۽ لوهار يروشلم مان روانا ٿيا)</verse>
				<verse number="3">۽ اُهو خط العاسہ بن سافن ۽ جمرياہ بن حلقياہ جي هٿان موڪليائين (جن کي يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ڏي بابل ۾ موڪليو)،</verse>
				<verse number="4">تہ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، فرمائي ٿو تہ جيڪي قيدي مون يروشلم مان بابل ڏي قيد ڪرائي موڪلي ڏنا آهن، تن سڀني کي چئو تہ:</verse>
				<verse number="5">اوهين پنهنجي لاءِ گهر ٺاهي انهن ۾ رهو؛ ۽ باغ پوکيو ۽ انهن جو ڦر کائو؛</verse>
				<verse number="6">زالون پرڻجو، ۽ پٽ ۽ ڌيئون ڄڻيو، ۽ پنهنجن پٽن کي زالون پرڻايو، ۽ پنهنجين ڌيئن جون شاديون ڪرايو، تہ اُهي پٽ ۽ ڌيئون ڄڻين؛ ۽ اُتي اوهين وڌي گهڻا ٿيو ۽ نہ گهٽجو.</verse>
				<verse number="7">۽ جنهن شهر ۾ مون اوهان کي قيد ڪري موڪليو آهي، انهي جي خير سلامتي ڳوليو ۽ انهي لاءِ خداوند کان دعا گهرو: ڇالاءِ جو انهي جي خير سلامتي ۾ اوهان کي خير سلامتي حاصل ٿيندي.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي نبي اوهان منجهہ آهن ۽ اوهان جا غيب دان اوهان کي نہ ٺڳين، ۽ جيڪي خواب اوهين لهو ٿا تن تي نہ هلو.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو اُهي منهنجي نالي سان ڪوڙي نبوت ڪن ٿا: خداوند ٿو فرمائي تہ مون انهن کي نہ موڪليو آهي.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جڏهن بابل جي لاءِ ستر ورهيہ گذري ويندا تڏهن آءٌ اچي اوهان جي سار لهندس، ۽ جيڪو چڱو انجام اوهان سان ڪيو اٿم سو پورو ڪندس، ۽ اوهان کي موٽائي هن هنڌ آڻيندس.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪي اوهان جي حق ۾ منهنجا خيال آهن، سي آءٌ ڄاڻان ٿو، اُهي خير سلامتيءَ جا خيال آهن نہ خرابي جا، يعني تہ اوهان جي پڇاڙيءَ ۾ اوهان کي اُميد ڏيان.</verse>
				<verse number="12">۽ اوهين مون کي پڪاريندا، ۽ اوهين مون کان دعا گهرندا ۽ آءٌ اها قبول ڪندس.</verse>
				<verse number="13">۽ اوهين مون کي ڳوليندا، ۽ جڏهن اوهين مون کي پنهنجي سموري دل سان ڳوليندا تڏهن مون کي لهندا.</verse>
				<verse number="14">۽ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان کان لڀندس ۽ اوهان جا قيدي موٽائي آڻيندس: ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان کي انهن سڀني قومن مان ۽ انهن سڀني هنڌن مان آڻي گڏ ڪندس، جن ڏي مون اوهان کي هڪالي ڪڍيو آهي؛ ۽ جنهن هنڌان اوهان کي مون قيد ڪرائي ڪڍيو آهي انهيءَ هنڌ اوهان کي موٽائي آڻيندس.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو اوهان چيو آهي تہ خداوند اسان جي لاءِ بابل ۾ نبي اُٿاريا آهن.</verse>
				<verse number="16">هاڻي جيڪو بادشاهہ دائود جي تخت تي ويٺو آهي، تنهن بابت، ۽ جيڪي ماڻهو هن شهر ۾ رهن ٿا ۽ اوهان جا ڀائر جي اوهان سان گڏ قيد ٿي نہ ويا آهن تن سڀني بابت، خداوند هيئن ٿو فرمائي؛</verse>
				<verse number="17">لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو آءٌ هنن تي ترار ۽ ڏڪار ۽ مرض موڪليندس، ۽ انهن کي گندن انجيرن جهڙو ڪندس، جي اهڙا خراب آهن جي کائي نٿا سگهن.</verse>
				<verse number="18">۽ آءٌ ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان هنن جي پٺيان پوندس، ۽ زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ هنن کي هيڏي هوڏي ڌڪا کائڻ لاءِ ڏئي ڇڏيندس، انهي لاءِ تہ جن قومن ۾ مون هنن کي هڪالي ڇڏيو آهي تن سڀني ۾ هو لعنت، ۽ حيرت، ۽ شوڪار، ۽ ملامت ٿين:</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ هنن منهنجون اهي ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن، جي مون صبح جو سوير اُٿي پنهنجن ٻانهن نبين جي وسيلي موڪليون: پر خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهان ٻڌڻ جي نہ ڪئي.</verse>
				<verse number="20">تنهن ڪري اوهين جي آهيو، ۽ سڀ قيدي جن کي مون يروشلم مان بابل ڏي موڪلي ڇڏيو آهي، خداوند جو ڪلام ٻڌو.</verse>
				<verse number="21">لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، اخي اب بن قولاياہ، ۽ صدقياہ بن معسياہ، جي بابت جي منهنجي نالي سان نبوت ڪري اوهان کي ڪوڙ ٿا ٻڌائين، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو آءٌ هنن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي حوالي ڪندس، جو هنن کي اوهان جن اکين آڏو قتل ڪري ڇڏيندو؛</verse>
				<verse number="22">۽ يهوداہ جا جيڪي قيدي بابل ۾ آهن سي سڀ هنن تان هڪڙو لعنت جو مثال بنائيندا، ۽ چوندا، تہ شل خداوند توکي صدقياہ جهڙو ۽ اخي اب جهڙو ڪري، جن کي بابل جي بادشاهہ باهہ تي ڪباب ڪيو.</verse>
				<verse number="23">ڇالاءِ جو هنن اسرائيل ۾ بي عقليءَ جو ڪم ڪيو، ۽ پنهنجي پاڙيسرين جي زالن سان زناڪاري ڪئي، ۽ ڪوڙ ڪري منهنجي نالي سان اهڙيون ڳالهيون ڪيون جي مون هنن کي نہ چيون هيون: ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اهو آهيان جو ڄاڻان ٿو ۽ شاهد آهيان.</verse>
				<verse number="24">۽ سمعياہ نخلاميءَ جي نسبت ۾ تون چئُہ، تہ</verse>
				<verse number="25">لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تو پنهنجي نالي سان يروشلم جي سڀني ماڻهن ڏي ۽ صفنياہ بن معسياہ ڪاهن، ۽ سڀني ڪاهنن ڏي خط موڪليا آهن، جنهن ۾ چيو اٿيئي، تہ</verse>
				<verse number="26">خداوند توکي يهويدع ڪاهن جي جاءِ تي ڪاهن مقرر ڪيو آهي، تہ اوهين خداوند جي گهر ۾ عملدار ٿيو، ۽ جيڪو ماڻهو چريائي ڏيکاري ۽ پاڻ کي نبي بنائي تنهن کي تون ڪاٺ ۾ ۽ زنجيرن ۾ وجهہ.</verse>
				<verse number="27">تنهن ڪري هاڻي تو ڇو يرمياہ عنتوتيءَ کي عتاب نہ ڏنو آهي، جو هو اوهان وٽ پاڻ کي نبي ٿو بنائي.</verse>
				<verse number="28">ڇالاءِ جو هن اسان ڏي بابل ۾ چوائي موڪليو آهي تہ هن قيد جي مدت وڏي آهي: اوهين گهر جوڙي اُن ۾ رهو، ۽ باغ پوکيو، ۽ انهن جو ڦر کائو.</verse>
				<verse number="29">۽ صفنياہ ڪاهن اهو خط يرمياہ کي پڙهي ٻڌايو.</verse>
				<verse number="30">تڏهن خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو،</verse>
				<verse number="31">تہ سڀني قيدين کي چوائي موڪل تہ خداوند سمعياہ نخلاميءَ جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي، تہ سمعياہ اوهان وٽ نبوت ڪئي آهي پر مون هن کي ڪونہ موڪليو آهي، ۽ هن اوهان کي ڪوڙ تي ڀروسو ڪرايو آهي،</verse>
				<verse number="32">تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏسو، آءٌ سمعياہ نخلاميءَ ۽ سندس اولاد کي سزا ڏيندس، هن وٽ هن قوم ۾ رهڻ جي لاءِ ڪوبہ ماڻهو ڪونہ رهندو، ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ نڪي هو اُها چڱائي ڏسندو جا آءٌ پنهنجي قوم سان ڪندس: ڇالاءِ جو هن خداوند جي برخلاف بغاوت ڪئي آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="30">
				<verse number="1">اُهو ڪلام جو خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي ڳالهيون مون تو سان ڪيون آهن سي هڪڙي ڪتاب ۾ لک،</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل ۽ يهوداہ جو قيد وري ڦيرائي ڇڏيندس؛ خداوند ائين ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن کي موٽائي انهي ملڪ ۾ آڻيندس، جو مون هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏنو، ۽ هو انهي جا مالڪ ٿيندا.</verse>
				<verse number="4">۽ اُهي ڳالهيون جي خداوند اسرائيل بابت ۽ يهوداہ بابت ڪيون سي هي آهن.</verse>
				<verse number="5">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسان ڏڪڻي ۽ ڊپ جو آواز ٻڌو آهي، نہ خير سلامتي جو.</verse>
				<verse number="6">هاڻي اوهين پڇو ۽ ڏسو تہ ڪنهن ماڻهوءَ کي ويم جا سور ٿيندا آهن ڇا: ڪهڙو سبب آهي جو آءٌ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٿو ڏسان تہ پنهنجا هٿ چيلهہ تي رکيو گهمي، جيئن ڪا سورن واري زال ڪندي آهي، ۽ سڀ منهن ڦري ڦڪا ٿي پيا آهن؟</verse>
				<verse number="7">افسوس! ڇالاءِ جو اُهو ڏينهن اهڙو وڏو آهي جو ڪوبہ انهي جهڙو ناهي: بلڪ اهو يعقوب جي مصيبت جو وقت آهي؛ پر هو انهي مان بچايو ويندو.</verse>
				<verse number="8">۽ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ هن جي پاڃاري تنهنجي ڳچيءَ تان ڀڃي ڇڏيندس، ۽ تنهنجا بند ڦوڙيندس؛ ۽ ڌاريا ماڻهو وري اڳتي پنهنجي لاءِ هن کان خدمت چاڪري نہ وٺندا.</verse>
				<verse number="9">پر هو خداوند پنهنجي خدا جي، ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود جي، جنهن کي آءٌ هنن جي لاءِ برپا ڪندس، خدمت ڪندا.</verse>
				<verse number="10">تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ اي منهنجا ٻانها يعقوب، تون ڊپ نہ ڪر؛ نڪي اي اسرائيل تون پريشان ٿي: ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ توکي پري کان بچائيندس، ۽ تنهنجي اولاد کي هنن جي قيد جي ملڪ کان؛ ۽ يعقوب موٽي ايندو ۽ امن ۽ آرام ۾ رهندو، ۽ ڪوبہ هن کي نہ ڊيڄاريندو.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي بچائڻ لاءِ آءٌ تو سان آهيان، ۽ جن قومن ۾ مون توکي ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو آهي، تن جو آءٌ پوريءَ طرح خاتمو ڪندس، ۽ آءٌ توکي اصل چٽ نہ ڪندس؛ پر آءٌ توکي انصاف سان سيکت ڏيندس، ۽ ڪنهن بہ طرح توکي بي سزا ڇڏي نہ ڏيندس.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ تنهنجو درد لا علاج آهي، ۽ تنهنجو زخم سخت آهي.</verse>
				<verse number="13">اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو تنهنجي طرفان منٿ ڪري تہ تنهنجي ملم پٽي ٿئي: تو وٽ ڇُٽائڻ جهڙيون دوائون ڪونہ آهن.</verse>
				<verse number="14">تنهنجي سڀني عاشقن توکي وساري ڇڏيو آهي؛ اُهي توکي نٿا ڳولين: تنهنجي بيشمار گناهن جي سبب تنهنجو قصور وڏو آهي، انهي ڪري مون توکي دشمن وانگي زخم رسايو آهي، ۽ ظالم وانگي سيکت ڏني اٿم،</verse>
				<verse number="15">پنهنجي ايذاءُ کان دانهون ڇو ٿو ڪرين؟ تنهنجو درد لاعلاج آهي: اهي ڪم مون تو سان انهي لاءِ ڪيا آهن جو تنهنجن بيشمار گناهن جي سبب تنهنجو قصور وڏو آهي.</verse>
				<verse number="16">تنهن ڪري جيڪي توکي ڳڙڪائين ٿا سي پاڻ ڳيسجي ويندا؛ ۽ تنهنجا سڀيئي مخالف قيد ٿي ويندا؛ ۽ جيڪي توکي لٽين ٿا سي پاڻ لٽجي ويندا، ۽ جيڪي توکي شڪار ڪن ٿا تن کي آءٌ شڪار لاءِ ڏيئي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="17">خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ توکي وري تندرست ڪندس ۽ تنهنجا ڦٽ ڇُٽائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن توکي رد ڪيل سڏيو آهي، ۽ چيو اٿن تہ اهو صيون آهي جنهن جي ڪوبہ ڳولا ڪانہ ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="18">خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ يعقوب جي تنبن کي قيد مان موٽائي آڻيندس، ۽ ان جي رهڻ جي جاين تي رحم ڪندس؛ ۽ اهو شهر پنهنجي ڦٽل ڍڳ تي اڏيو ويندو، ۽ محلات دستور موجب قائم رهندا.</verse>
				<verse number="19">۽ انهن مان شڪرگذاري ۽ خوشي ڪندڙ جو آواز نڪرندو: ۽ آءٌ انهن کي وڌائيندس، ۽ اُهي ٿورا ڪونہ ٿيندا؛ آءٌ انهن کي عزت وارو بہ ڪندس ۽ هو ذليل نہ ٿيندا.</verse>
				<verse number="20">انهن جو اولاد بہ اڳئين وقت جهڙو ٿيندو، ۽ انهن جي جماعت منهنجي اڳيان قائم رهندي ۽ جيڪي اُنهن تي ظلم ڪندا تن کي آءٌ سزا ڏيندس.</verse>
				<verse number="21">۽ انهن جو سردار انهن منجهان ئي ٿيندو، ۽ انهن جو حاڪم سندن وچ مان ئي ٿيندو؛ ۽ آءٌ انهي کي ويجهو ڪوٺيندس ۽ هو مون کي نزديڪ ٿيندو: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اهو ڪير آهي جو جرئت ڪري مون کي نزديڪ ٿيندو؟</verse>
				<verse number="22">۽ اوهين منهنجي قوم ٿيندا ۽ آءٌ اوهان جو خدا ٿيندس.</verse>
				<verse number="23">ڏس، خداوند جو طوفان، يعني سندس ڪاوڙ جو ٻهاريندڙ طوفان نڪتو آهي: اُهو شريرن جي سر تي اچي ڪڙڪندو.</verse>
				<verse number="24">خداوند جو خوفناڪ غضب تيسين نہ موٽندو جيسين هو اهو ڪم نہ ڪندو، ۽ جيسين هو پنهنجي دل جا ارادا پورا نہ ڪندو: پوين ڏينهن ۾ اوهين اهو سمجهندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="31">
				<verse number="1">خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اسرائيل جي سڀني قبيلن جو خدا ٿيندس، ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا.</verse>
				<verse number="2">خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيڪا قوم ترار کان بچي وئي، تنهن بيابان ۾ فضل حاصل ڪيو؛ يعني اسرائيل، جڏهن آءٌ انهن کي آرام ڏيڻ ويس.</verse>
				<verse number="3">خداوند قديم وقت کان مون کي ڏيکاري ڏئي چيو تہ هائو، مون دائمي محبت سان توکي پيار ڪيو آهي: تنهن ڪري رحمت سان توکي ڇڪيو اٿم.</verse>
				<verse number="4">اي اسرائيل جي ڪنواري آءٌ وري بہ توکي اڏيندس ۽ تون اڏبينءَ: وري تون پنهنجن کنجرين سان سينگاري ويندينءَ ۽ خوشي ڪندڙن جي ناچن سان نڪرندينءَ.</verse>
				<verse number="5">وري تون سامريہ جي جبلن تي ڊاک جا منهہ پوکينديئن، پوکڻ وارا پوکيندا ۽ ان جو ڦر کائيندا.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو هڪڙو اهڙو ڏينهن ٿيندو جو افرائيم جي ٽڪرن تي پهري وارو پڪاري چوندو تہ اوهين اُٿو، هلو تہ صيون ڏي خداوند پنهنجي خدا وٽ هلون.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ يعقوب جي لاءِ خوشيءَ سان ڳايو، ۽ قومن جي سردار لاءِ نعرا هڻو: اوهين پڌرائي ڪريو، اوهين تعريف ڪريو ۽ چئو تہ اي خداوند، پنهنجي قوم اسرائيل جي باقي بچيلن کي بچاءِ.</verse>
				<verse number="8">ڏس، آءٌ هنن کي اُتر واري ملڪ مان آڻيندس ۽ زمين جي تمام پرانهن ڀاڱن مان هنن کي گڏ ڪندس، ۽ انهن سان گڏ انڌا ۽ منڊا هوندا، ۽ پيٽ واري زال ۽ ويم جي سورن واري زال هوندي: هو وڏي جماعت ٿي هيڏي موٽي ايندا.</verse>
				<verse number="9">هو رئندا ۽ منٿون ڪندا ايندا، ۽ آءٌ سندن رهبري ڪندس: آءٌ هنن کي پاڻيءَ جي ندين جي ڪنارن سان اهڙي سنئين رستي تي هلائيندس، جنهن تي هو ٿاٻو نہ کائيندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ اسرائيل جو پيءُ آهيان، ۽ افرائيم منهنجو پهريون ڄاول ٻار آهي.</verse>
				<verse number="10">اي قومون، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو، ۽ پرانهين ٻيٽن ۾ اهو ٻڌايو؛ ۽ چئو تہ جنهن اسرائيل کي ڇڙوڇڙ ڪيو، سو ئي هن کي گڏ ڪندو ۽ سنڀاليندو، جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ڌڻ کي سنڀاليندو آهي.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو خداوند يعقوب کي عيوضو ڏئي ڇڏايو آهي، ۽ جيڪو کانئس ڏاڍو هو تنهن جي هٿان هن کي آزاد ڪرائي ورتو اٿس.</verse>
				<verse number="12">۽ هو ايندا ۽ صيون جي چوٽيءَ تي ڳائيندا، ۽ گڏجي خداوند جي چڱائيءَ ڏي اُٿي هلندا، يعني اناج ڏي ۽ مئي ڏي، ۽ تيل ڏي، ۽ ڌڻ ڏي، ۽ ڌڻ ۽ گلي جي ٻچن ڏي: ۽ هنن جو روح پاڻي ڏنل باغ جهڙو ٿيندو، ۽ هو وري ڪڏهن بہ ڏک نہ ڪندا،</verse>
				<verse number="13">تڏهن ڪنواري ڇوڪري جوان ۽ ٻڍن ماڻهن سان گڏجي ناچ ۾ خوشي ڪندي، ڇالاءِ جو آءٌ انهن جي غم کي بدلائي خوشي ڪندس، ۽ هنن کي تسلي ڏيندس، ۽ هنن جي غمگيني مان کين خوشحال ڪندس.</verse>
				<verse number="14">۽ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ ڪاهنن جي جان کي چڪنائيءَ سان ڀريندس ۽ منهنجي قوم منهنجي چڱائي مان راضي رهندي.</verse>
				<verse number="15">خداوند ٿو فرمائي، تہ رامہ ۾ هڪڙو رئڻ ۽ رڙڻ جو آواز ٿو ٻڌجي؛ راخل پنهنجي ٻارن لاءِ روئي ٿي ڇالاءِ جو اُهي موجود ناهن، ۽ هن کي ڪابہ تسلي نٿي اچي.</verse>
				<verse number="16">خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ رئڻ کان پنهنجو آواز روڪ، ۽ لڙڪن کان پنهنجن اکين کي جهل: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي تنهنجو اجر ملندو: ۽ هو دشمن جي ملڪ مان موٽي ايندا.</verse>
				<verse number="17">۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ تنهنجي پڇاڙيءَ جي لاءِ اميد آهي؛ ۽ تنهنجا ٻار پنهنجي ملڪ ۾ موٽي ايندا.</verse>
				<verse number="18">يقين مون افرائيم کي ماتم ڪندو ٻڌو آهي جو چوي ٿو تہ تو مون کي سيکت ڏني آهي، ۽ مون انهي گابي وانگي سيکت پاتي جو پاڃاريءَ جو هريل نہ هو: تون مون کي ڦيراءِ تہ آءٌ ڦران: ڇالاءِ جو تون خداوند منهنجو خدا آهين.</verse>
				<verse number="19">يقين آهي تہ پنهنجي ڦرڻ کان پوءِ مون توبهہ ڪئي؛ ۽ تعليم ملڻ کان پوءِ مون پنهنجي ران تي ڌڪ هنيو؛ آءٌ شرمندو ٿيس، هائو، بلڪ منجهي پيس، ڇالاءِ جو مون پنهنجي جوانيءَ جي خواري کنئي آهي.</verse>
				<verse number="20">افرائيم منهنجو پيارو پٽ آهي ڇا؟ جيترا ڀيرا آءٌ هن جي برخلاف ٿو ڳالهايان، اوترا ڀيرا آءٌ هن کي زيادہ شوق سان ياد ٿو ڪريان: تنهن ڪري هن جي لاءِ منهنجن آنڊن کي سيڪ ٿو اچي؛ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ضرور هن تي رحم ڪندس.</verse>
				<verse number="21">پنهنجي لاءِ رستي جا نشان کڙا ڪر، پنهنجي لاءِ سونهپ جا ڪاٺ جوڙيو: شاهي رستي سان دل لڳاءِ، يعني اهو رستو جنهن تان تون وئين: اي اسرائيل جي ڪنواري موٽي اچ، تون پنهنجن هنن شهرن ڏي موٽي اچ.</verse>
				<verse number="22">اي نٺر ڌيءَ، ڪيستائين تون هيڏي هوڏي پئي رلندينءَ؟ خداوند زمين تي هڪڙي نئين شيءِ پيدا ڪئي آهي، يعني زال مڙس کي گهيري ويندي.</verse>
				<verse number="23">لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن آءٌ هنن جا قيدي موٽائي آڻيندس تڏهن هو وري بہ يهوداہ جي زمين ۾ ۽ ان جي شهرن ۾ هيئن چوندا: تہ اي انصاف جا مڪان، اي پاڪ جبل، شل خداوند توکي برڪت ڏئي.</verse>
				<verse number="24">۽ يهوداہ ۽ ان جا سڀ شهر انهي ۾ گڏ رهندا، يعني هاري ۽ ڌنار جي ڌڻ وٺي نڪرن ٿا.</verse>
				<verse number="25">ڇالاءِ جو ٿڪل جان کي مون ڍاول ڪيو آهي، ۽ سڀ ڪنهن غمگين روح کي مون راضي ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="26">اتي آءٌ جاڳي پيس ۽ نگاهہ ڪيم؛ ۽ منهنجي ننڊ مون کي مٺي لڳي.</verse>
				<verse number="27">خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ اسرائيل جي گهر ۾، ۽ يهوداہ جي گهر ۾ ماڻهوءَ ۽ جانور جو ٻج پوکيندس.</verse>
				<verse number="28">۽ هيئن ٿيندو تہ جيئن مون هنن تي نگهباني ڪري هنن کي پٽي ڪڍيو ۽ ڀڃي ڇڏيو، ۽ اونڌو ڪري ناس ڪيو ۽ ڏکويو؛ تيئن آءٌ هنن تي نگهباني ڪري هنن کي اڏيندس ۽ پوکيندس؛ خداوند ائين ٿو فرمائي.</verse>
				<verse number="29">انهن ڏينهن ۾ هو وري ڪڏهن بہ نہ چوندا تہ پيءُ کٽي ڊاک کاڌي ۽ پٽ جا ڏند کٽا ٿي پيا آهن.</verse>
				<verse number="30">پر سڀڪو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري مرندو: جيڪو کٽي ڊاک کائيندو، تنهن جا ئي ڏند کٽا ٿيندا.</verse>
				<verse number="31">خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ اسرائيل جي گهراڻي سان ۽ يهوداہ جي گهراڻي سان نئون عهد اقرار ڪندس:</verse>
				<verse number="32">خداوند ٿو فرمائي، تہ نہ انهي عهد اقرار موجب جو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان انهي ڏينهن ڪيو هو جڏهن هنن جو هٿ وٺي هنن کي مصر جي زمين مان ڪڍي آيس؛ جو عهد اقرار هنن ڀڳو، جيتوڻيڪ آءٌ هنن جي لاءِ مڙس جي بجاءِ هوس.</verse>
				<verse number="33">پر خداوند ٿو فرمائي تہ هي اُهو عهد اقرار آهي جو آءٌ انهن ڏينهن کان پوءِ اسرائيل جي گهراڻي سان ڪندس؛ آءٌ پنهنجي شريعت هنن جي اندر ۾ رکندس ۽ هنن جي دل ۾ لکندس؛ ۽ آءٌ هنن جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا:</verse>
				<verse number="34">۽ هنن مان ڪوبہ وري اڳتي پنهنجي پاڙيسريءَ کي ۽ پنهنجي ڀاءُ کي ائين چئي نہ سيکاريندو تہ خداوند کي سڃاڻ: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ننڍي کان وٺي وڏي تائين هو سڀ مون کي سڃاڻندا، ڇالاءِ جو آءٌ هنن جي بدڪاري معاف ڪندس، ۽ هنن جو گناهہ وري اڳتي ياد نہ ڪندس.</verse>
				<verse number="35">خداوند هيئن ٿو فرمائي، يعني اُهو جو ڏينهن جي روشنائيءَ لاءِ سج ڏئي ٿو، ۽ رات جي روشنائيءَ لاءِ چنڊ، ۽ تارن جا قانون ٿو ڏئي، ۽ جو سمنڊ کي ولوڙي ٿو تہ انهي جون لهرون گجگار ڪن؛ لشڪرن جو خداوند انهي جو نالو آهي:</verse>
				<verse number="36">تہ جيڪڏهن اهي قانون منهنجي اڳيان ٽري ويندا، تہ پوءِ خداوند فرمائي ٿو تہ اسرائيل جو نسل بہ منهنجي اڳيان هميشہ جي لاءِ اُمت ٿيڻ کان ٽري ويندو.</verse>
				<verse number="37">خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيڪڏهن مٿي آسمان ماپي سگهبو ۽ هيٺ زمين جو بنياد جانچي معلوم ڪري سگهبو، تہ پوءِ، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اسرائيل جو سمورو نسل بہ سندن سڀني ڪمن جي ڪري ڦٽو ڪري ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="38">ڏس خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن حنن ايل جي ٺلهہ کان وٺي ڪنڊ واري دروازي تائين خداوند جي لاءِ شهر اڏجي ويندو.</verse>
				<verse number="39">۽ ماپ ڪرڻ جي ڏور اڃا بہ جاريب جي ٽڪريءَ تائين اڳتي سنئين هلي ويندي، ۽ ڦري جوعاتہ تائين ايندي.</verse>
				<verse number="40">۽ مڙهن ۽ ڪيريءَ جي سڄي وادي، ۽ سڀ ٻنيون قدرون جي نهر تائين، ۽ اُڀرندي ڏي گهوڙي واري دروازي جي ڪنڊ تائين، خداوند جي لاءِ پاڪ ٿينديون؛ اُهو پٽي ڪڍيو نہ ويندو، ۽ نہ وري ڪڏهن هيٺ اُڇلايو ويندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="32">
				<verse number="1">اُهو ڪلام جو يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي ڏهين ورهيہ، جو نبوڪدرضر جو ارڙهون ورهيہ هو، خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو.</verse>
				<verse number="2">هاڻي انهي وقت بابل جي بادشاهہ جي لشڪر يروشلم کي گهيرو ڪيو هو: ۽ يرمياہ نبي پهري وارن جي ايوان ۾ بند هو، جو يهوداہ جي بادشاهہ جي گهر ۾ آهي.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ هن کي بند ڪري ڇڏيو هو، جو چيائين تہ ڇو تون نبوت ڪري ٿو چوين، تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هي شهر بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيندس ۽ هو اُنهي کي وٺندو؛</verse>
				<verse number="4">۽ يهوداہ جو بادشاهہ صدقياہ ڪسدين جي هٿان بچي نڪري نہ ويندو، پر بابل جي بادشاهہ جي حوالي ڪيو ويندو، ۽ هن سان روبرو ڳالهائيندو، ۽ هنن جون اکيون هڪٻئي کي ڏسنديون؛</verse>
				<verse number="5">۽ اهو صدقياہ کي بابل ڏي وٺي ويندو، ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ هو اُتي هوندو جيسين ڪ آءٌ هن جي خبر لهان: جيتوڻيڪ اوهين ڪسدين سان وڙهندا تہ بہ اوهين فتحياب نہ ٿيندا؟</verse>
				<verse number="6">تڏهن يرمياہ چيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، جنهن چيو تہ</verse>
				<verse number="7">ڏس تنهنجي چاچي سلوم جو پٽ حنم ايل تو وٽ ايندو، ۽ چوندو تہ منهنجي ٻني، جا عنتوت ۾ آهي، سا پنهنجي لاءِ خريد ڪر. ڇالاءِ جو ان جي لاءِ پئسا ڏئي وري ڇڏائي وٺڻ جو حق تنهنجو آهي.</verse>
				<verse number="8">تڏهن منهنجي چاچي جو پٽ حنم ايل خداوند جي ڪلام موجب پهري وارن جي ايوان ۾ مون وٽ آيو، ۽ مون کي چيائين تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ جيڪا منهنجي ٻني عنتوت ۾ آهي، ۽ جا بنيمين جي زمين آهي، سا خريد ڪر، ڇالاءِ جو موروثي حق ۽ خريداريءَ جو حق تنهنجو آهي؛ سو اُها پنهنجي لاءِ خريد ڪر. تڏهن مون کي معلوم ٿيو تہ اهو خداوند جو ڪلام هو.</verse>
				<verse number="9">مون اُها ٻني خريد ڪئي، جا عنتوت ۾ منهنجي چاچي جي پٽ حنم ايل جي هئي، ۽ پئسا توري هن کي ڏنم، جي چانديءَ جا سترهن شيڪل ٿيا.</verse>
				<verse number="10">۽ مون انهي دستاويز جي هيٺان صحيح ڪئي، ۽ انهيءَ تي مهر هنيم، ۽ شاهد سڏيم، ۽ ساهميءَ ۾ پئسا توري هن کي ڏنم.</verse>
				<verse number="11">پوءِ مون اهو خريداريءَ جو دستاويز بہ کنيو جو شريعت ۽ دستور موجب مهر ڪيو ويو، ۽ اُهو بہ جو کليل هو:</verse>
				<verse number="12">۽ اُهو خريداريءَ جو دستاويز مون پنهنجي چاچي جي پٽ حنم ايل جي روبرو، ۽ جن شاهدن خريداريءَ جي دستاويز تي صحيح ڪئي هئي تن جي روبرو، ۽ پهري وارن جي ايوان ۾ جيڪي يهودي ويٺا هئا تن جي روبرو، باروڪ بن نيرياہ بن محسياہ کي ڏئي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="13">۽ مون هنن جي اڳيان باروڪ کي تاڪيد ڪري چيو، تہ</verse>
				<verse number="14">لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هي ٻئي دستاويز وٺ، هي جو مهر ڪيل آهي ۽ هي دستاويز جو کليل آهي، ۽ انهن کي هڪڙي ٺڪر جي ٿانوَ ۾ وجهہ؛ تہ گهڻن ڏينهن تائين قائم رهن.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ گهر ۽ ٻنيون ۽ ڊاک جا منهہ اڃا بہ وري هن ملڪ ۾ خريد ڪيا ويندا.</verse>
				<verse number="16">هاڻي باروڪ بن نيرياہ کي خريداريءَ جي دستاويز ڏيڻ کان پوءِ مون خداوند کان دعا گهري ۽ چيم، تہ</verse>
				<verse number="17">اي خداوند خدا، ڏس، تو پنهنجي وڏي قدرت سان ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان آسمان ۽ زمين ٻئي جوڙيا آهن؛ تنهنجي لاءِ ڪوبہ ڪم مشڪل ناهي:</verse>
				<verse number="18">تون هزارن کي رحم ڏيکارين ٿو، ۽ ابن ڏاڏن جي گناهن جو بدلو انهن کان پوءِ سندن اولاد کان وٺين ٿو: تنهنجو نالو وڏو قادر خدا، لشڪرن جو خداوند آهي:</verse>
				<verse number="19">صلاح مصلحت ۾ وڏو ۽ ڪم ڪرڻ ۾ طاقت وارو: جنهن جون اکيون بني آدم جي سڀني رستن تي کليل آهن؛ انهيءَ لاءِ تہ سڀ ڪنهن کي سندس رستن موجب ۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏئي:</verse>
				<verse number="20">جنهن مصر جي ملڪ ۾ اڄ ڏينهن تائين، اسرائيل منجهہ توڙي ٻين ماڻهن منجهہ نشانيون ۽ عجيب غريب ڳالهيون مقرر ڪيون؛ ۽ پنهنجي لاءِ نالو ڪڍيو، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي؛</verse>
				<verse number="21">۽ نشانين ۽ عجيب غريب قدرتن سان، ۽ مضبوط هٿن سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان، ۽ وڏي هيبت سان، پنهنجي قوم اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو؛</verse>
				<verse number="22">۽ انهن کي هيءَ زمين ڏني، جنهن جي ڏيڻ لاءِ تو هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو. جنهن زمين ۾ کير ۽ ماکي پئي وهي؛</verse>
				<verse number="23">۽ هنن اچي اُها هٿ ڪئي؛ پر هنن تنهنجو حڪم نہ مڃيو، نڪي هو تنهنجي شريعت تي هليا؛ جيڪي حڪم تو هنن کي ڏنا تن مان ڪوبہ هنن بجا نہ آندو: تنهن ڪري تو هيءَ سڀ خرابي هنن تي آندي آهي:</verse>
				<verse number="24">ڏس، شهر جي وٺڻ لاءِ اُن تائين بند ٻڌجي ويا آهن؛ ۽ شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي، جي انهي سان وڙهن ٿا، ڇالاءِ جو ترار ۽ ڏڪار ۽ مرض اچي پيا آهن: ۽ جيڪي تو چيو آهي سو اچي ظاهر ٿيو آهي؛ ۽ ڏس، تون اُهو ڏسين ٿو.</verse>
				<verse number="25">۽ اي خداوند خدا، تو مون کي چيو آهي تہ پئسا ڏيئي هي ٻني خريد ڪر ۽ شاهد سڏ؛ جڏهن شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي!</verse>
				<verse number="26">تڏهن خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="27">ڏس، آءٌ خداوند، سڀني انسانن جو خدا آهيان: منهنجي لاءِ ڪو ڪم مشڪل آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="28">تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هي شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ۽ بابل جي بادشاهہ نبوڪد رضر جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيندس ۽ هو وٺندو:</verse>
				<verse number="29">۽ جيڪي ڪسدي هن شهر سان وڙهن ٿا سي اچي هن شهر کي باهہ ڏيئي ساڙيندا، ۽ اُهي گهر بہ جن جي ڇتين تي هن بعل جي لاءِ لوبان پئي ساڙيو آهي ۽ ٻين معبودن جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون پئي هاريون آهن، جنهن ڪري مون کي ڪاوڙ ڏياري اٿن.</verse>
				<verse number="30">ڇالاءِ جو بني اسرائيل ۽ بني يهوداہ پنهنجي جوانيءَ کان وٺي اهي ڪم ڪيا آهن جي منهنجي نظر ۾ خراب هئا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ بني اسرائيل پنهنجن هٿن جي ڪم سان مون کي رڳو ڪاوڙ پئي ڏياري آهي.</verse>
				<verse number="31">جنهن ڏينهن اهو شهر بنايو ويو هو تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين منهنجي ڪاوڙ ۽ جوش پيدا ڪرڻ جو سبب پي ٿيو آهي؛ اُنهي لاءِ تہ آءٌ هنن کي پنهنجي منهن تان ٽاري ڇڏيان:</verse>
				<verse number="32">۽ اهو هن سبب ڪري جو بني اسرائيل ۽ بني يهوداہ، سندن بادشاهن، ۽ سندن اميرن، سندن ڪاهنن، ۽ سندن نبين، ۽ يهوداہ جي ماڻهن ۽ يروشلم جي رهاڪن خرابي ڪري مون کي ڪاوڙ ڏياري آهي.</verse>
				<verse number="33">۽ هنن منهن ڦيرائي مون ڏي پٺ ڪئي آهي: ۽ جيتوڻيڪ صبح جو سوير اُٿي مون هنن کي تعليم پئي ڏني آهي، تہ بہ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هنن ڌيان ڪونہ ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="34">۽ هنن پنهنجون ڪراهت جهڙيون شيون انهي گهر ۾ رکيون، جو منهنجي نالي سان ٿو سڏجي، انهي لاءِ تہ انهي کي پليت ڪن.</verse>
				<verse number="35">۽ هنن بعل جا اُهي مٿانهان مڪان جوڙيا، جي هنوم جي واديءَ ۾ آهن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجن ڌيئن کي مولڪ جي لاءِ باهہ مان لنگهائين؛ جنهن جي ڪرڻ لاءِ مون نہ هنن کي حڪم ڏنو، نڪي اها ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي تہ هو اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ڪن، ۽ يهوداہ کان گناهہ ڪرائين.</verse>
				<verse number="36">۽ تنهن ڪري هاڻي جنهن شهر بابت اوهين چئو ٿا، تہ اُهو ترار، ۽ ڏڪار، ۽ مرض سان بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي، تنهن جي بہ نسبت خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ</verse>
				<verse number="37">ڏس، تہ جن ملڪن ۾ مون هنن کي پنهنجي غصي ۽ پنهنجي ڪاوڙ ۽ پنهنجي غضب ۾ هڪالي ڪڍيو آهي، تن سڀني مان آءٌ هنن کي گڏ ڪندس؛ ۽ آءٌ هنن کي وري بہ هن هنڌ آڻيندس، ۽ هنن کي سلامتيءَ سان رهائيندس:</verse>
				<verse number="38">۽ هو منهنجي قوم ٿيندا، ۽ آءٌ هنن جو خدا ٿيندس:</verse>
				<verse number="39">۽ آءٌ هنن کي هڪڙي دل ۽ هڪڙي واٽ ڏيندس، تہ هميشہ مون کان ڊڄندا رهن، تہ کين، ۽ کانئن پوءِ سندن اولاد کي چڱائي رسي:</verse>
				<verse number="40">۽ آءٌ هنن سان مدامي عهد اقرار ڪندس، ۽ آءٌ هنن سان چڱائي ڪرڻ کان ڪين ڦرندس؛ ۽ آءٌ پنهنجو خوف هنن جي دل ۾ وجهندس تہ هو مون کان پري نہ وڃن.</verse>
				<verse number="41">هائو هنن سان چڱائيءَ ڪرڻ لاءِ آءٌ هنن تي راضي رهندس، ۽ يقيناً آءٌ پنهنجي سڄيءَ دل ۽ پنهنجي سموري روح سان هنن کي هن زمين تي ڄمائيندس.</verse>
				<verse number="42">ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيئن مون هي وڏي خرابي هن قوم تي آندي آهي تيئن آءٌ هنن تي جنهن چڱائي جو ساڻن انجام ڪيو اٿم سا سڀ هنن تي آڻيندس.</verse>
				<verse number="43">۽ هن زمين ۾ ٻنيون خريد ڪيون وينديون جنهن بابت اوهين چئو ٿا تہ اها ويران آهي، ۽ ڪسدين جي حوالي ڪئي وئي آهي، ۽ منجهس ڪوبہ ماڻهو يا جانور ڪونهي.</verse>
				<verse number="44">ماڻهو پئسن تي ٻنيون خريد ڪندا، ۽ دستاويزن تي صحيح ڪندا، ۽ اُنهن تي مهرون هڻندا ۽ شاهدي ڏيندا؛ جهڙو بنيمين جي زمين ۾، تهڙو يروشلم جي آس پاس ۽ يهوداہ جي شهر ۾: جهڙو ڪوهستان جي شهرن ۾، تهڙو نشيب واري زمين ۽ ڏکڻ جي شهرن ۾: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن جا قيدي موٽائيندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="33">
				<verse number="1">وري ٻيو ڀيرو بہ جڏهن اڃا هو پهري وارن جي ايوان ۾ بند هو تڏهن خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">خداوند، جو خلقي ٿو، ۽ قائم ڪرڻ لاءِ بنائي ٿو، ۽ جنهن جو نالو خداوند آهي، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ</verse>
				<verse number="3">مون کي سڏ ڪر تہ آءٌ توکي جواب ڏيان، ۽ وڏيون ۽ ڳجهيون شيون ڏيکاريان، جي تون نٿو ڄاڻين.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا هن شهر جي گهرن بابت، ۽ يهوداہ جي بادشاهن جي گهرن بابت، جي گهيري ۽ ترار کان بچاءُ جي لاءِ ڀڃي ڇڏيا ويا هئا، هيئن ٿو فرمائي، تہ</verse>
				<verse number="5">هو ڪسدين سان وڙهڻ لاءِ آيا آهن پر فقط پاڻ پنهنجن ماڻهن جي لاشن سان ڀرجي ويندا، جن کي مون پنهنجي غصي ۽ ڪاوڙ ۾ ماريو آهي، ۽ جن جي سموري شرارت ڪري مون هن شهر کان پنهنجو منهن لڪايو آهي.</verse>
				<verse number="6">ڏس، آءٌ انهي جي لاءِ شفا ۽ علاج آڻيندس، ۽ انهن کي تندرستي بخشيندس؛ ۽ آءٌ هنن تي گهڻي سلامتي ۽ سچائي ظاهر ڪندس.</verse>
				<verse number="7">۽ آءٌ يهوداہ جي قيدين ۽ اسرائيل جي قيدين کي موٽائي آڻيندس ۽ انهن کي اڏيندس، جيئن اُهي شروع ۾ هئا.</verse>
				<verse number="8">۽ آءٌ هنن کي سندن سموري بدڪاريءَ کان پاڪ ڪندس، جنهن جي ڪري هنن منهنجو گناهہ ڪيو آهي؛ ۽ آءٌ سندن سڀ گناهہ معاف ڪندس جن سان هنن منهنجي حڪم عدولي ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ هي شهر منهنجي لاءِ زمين جي سڀني قومن جي اڳيان خوشيءَ جو نالو، ۽ تعريف، ۽ فخر جو باعث ٿيندو، ۽ جيڪا چڱائي آءٌ هنن سان ڪندس، سا سڀ اُهي قومون ٻڌنديون، ۽ جيڪا چڱائي ۽ جيڪا خير سلامتي آءٌ ان جي لاءِ موجود ڪندس، سا ڏسي هو ڊڄنديون ۽ ڏڪنديون.</verse>
				<verse number="10">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هي هنڌ، جنهن جي نسبت ۾ اوهين چئو ٿا تہ اهو ويران آهي، ۽ منجهس ماڻهو يا جانور ڪونهي، يعني يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ جي ويران آهن، ۽ جنهن ۾ نڪو ماڻهو آهي ۽ نڪو جانور،</verse>
				<verse number="11">اُٿي خوشيءَ جو آواز ۽ سرهائيءَ جو آواز، گهوٽ جو آواز ۽ ڪنوار جو آواز، وري بہ ٻڌڻ ۾ ايندو: ۽ انهن جو آواز، جي چون ٿا تہ لشڪرن جي خداوند جي شڪر گذاري ڪريو، ڇالاءِ جو خداوند چڱو آهي، جو هن جو رحم هميشہ تائين جٽاءُ ڪندڙ آهي: ۽ انهن جو آواز جي شڪرگذاريءَ جون قربانيون خداوند جي گهر ۾ ٿا آڻين. ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهي ملڪ جي قيدين کي اڳي وانگي موٽائي آڻيندس.</verse>
				<verse number="12">لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هي هنڌ، جو ويران آهي ۽ منجهس ڪوبہ ماڻهو ۽ جانور ڪونهي، اُتي ۽ اُن جي سڀني شهرن ۾ وري بہ ڌنارن جي رهڻ جي جاءِ ٿيندي، جي پنهنجن ڌڻن کي اُتي سمهاريندا.</verse>
				<verse number="13">ڪوهستان جي شهرن ۾، ۽ نشيب واري زمين ۾، ۽ ڏکڻ جي شهرن ۾، ۽ بنيمين جي زمين ۽ يروشلم جي آس پاس وارين جاين ۾، ۽ يهوداہ جي شهر ۾، خداوند ٿو فرمائي، تہ ڳڻڻ واري جي هٿن هيٺان وري ڌڻ لنگهندا.</verse>
				<verse number="14">ڏس، خداوند ٿو فرمائي تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ اها چڱي ڳالهہ پوري ڪندس، جا مون اسرائيل جي گهراڻي ۽ يهوداہ جي گهراڻي جي نسبت ۾ ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="15">انهن ڏينهن ۾، ۽ انهيءَ وقت آءٌ دائود جي لاءِ سچائيءَ جي هڪڙي شاخ ڦٽائيندس؛ ۽ اُهو انهي ملڪ ۾ عدالت ۽ سچائي جا ڪم ڪندو.</verse>
				<verse number="16">انهن ڏينهن ۾ يهوداہ بچي ويندو ۽ يروشلم سلامتيءَ سان رهندو؛ ۽ جنهن نالي سان هوءَ سڏبي سو هي آهي: خداوند اسان جي راستبازي آهي.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل جي گهراڻي جي تخت تي ويهڻ لاءِ دائود وٽ ڪنهن بہ ماڻهو جي کوٽ نہ ٿيندي؛</verse>
				<verse number="18">نڪا ڪاهنن يعني لاوين کي، سوختني قربانين چاڙهڻ لاءِ، ۽ نذرانن ساڙڻ لاءِ، ۽ هميشہ قرباني ڪرڻ لاءِ منهنجي اڳيان ڪنهن ماڻهوءَ جي کوٽ ٿيندي.</verse>
				<verse number="19">۽ خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="20">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن اوهين منهنجو اُهو عهد جو مون ڏينهن سان ۽ رات سان ڪيو آهي ڀڃي سگهندا، جنهن ڪري ڏينهن ۽ رات پنهنجي پوري وقت تي نہ ٿين؛</verse>
				<verse number="21">تہ تڏهن جيڪو عهد اقرار مون پنهنجي ٻانهي دائود سان ڪيو آهي سو بہ ڀڃي سگهبو، تہ هن کي سندس تخت تي ويهي بادشاهي ڪرڻ لاءِ پٽ نہ ٿئي؛ ۽ اهو عهد اقرار بہ جو مون پنهنجن خدمتگارن لاوين، يعني ڪاهنن سان ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="22">جيئن آسمان جو لشڪر شمار ڪري سگهڻ جو ناهي، نڪي سمنڊ جي واري ماپي سگهڻ جي آهي؛ تيئن آءٌ پنهنجي ٻانهي دائود جي اولاد کي، ۽ پنهنجن خدمتگارن لاوين کي وڌائيندس.</verse>
				<verse number="23">۽ خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="24">جيڪي هن قوم ڳالهايو آهي تنهن تي تو ويچار نہ ڪيو ڇا، جو چون ٿا تہ جن ٻن فرقن کي خداوند پسند ڪيو، تن کي هن رد ڪري اُڇلائي ڇڏيو آهي؟ انهي طرح هو منهنجي قوم کي ڌڪارين ٿا، انهي لاءِ تہ اُهي سندن اڳيان وري ڪڏهن بہ قوم ٿي نہ رهن.</verse>
				<verse number="25">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن ڏينهن ۽ رات وارو منهنجو عهد اقرار نہ بيهندو، جيڪڏهن مون آسمان ۽ زمين جا قانون مقرر نہ ڪيا آهن؛</verse>
				<verse number="26">تڏهن آءٌ يعقوب جو، ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جو اولاد بہ رد ڪري ڇڏيندس، تہ انهن مان ڪنهن کي بہ نہ وٺان تہ ابرهام، اسحاق ۽ يعقوب جي نسل تي حڪم هلائين: بلڪ آءٌ هنن جا قيدي موٽائيندس، ۽ هنن تي رحم ڪندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="34">
				<verse number="1">جڏهن بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر ۽ سندس سڄو لشڪر، ۽ جيڪي زمين جون بادشاهتون سندس حڪم هيٺ هيون، ۽ باقي سڀ قومون يروشلم سان ۽ اُن جي سڀني شهرن سان وڙهيون، تڏهن خداوند جو ڪلام يرمياہ نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ وڃي يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي چئو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ هي شهر بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيندس، ۽ اهو انهي کي باهہ سان ساڙيندو:</verse>
				<verse number="3">۽ تون انهي جي هٿان ڀڄي نہ ويندين، پر ضرور گرفتار ٿيندين، ۽ انهي جي هٿ ۾ ڏنو ويندين؛ ۽ تنهنجون اکيون بابل جي بادشاهہ جون اکيون ڏسنديون، ۽ هو تو سان روبرو ڳالهائيندو ۽ تون بابل ڏي ويندين.</verse>
				<verse number="4">انهيءَ هوندي بہ، اي صدقياہ، يهوداہ جا بادشاهہ، خداوند جو ڪلام ٻڌ: تنهنجي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تون ترار سان نہ مرندين؛</verse>
				<verse number="5">تون امن آرام ۾ مرندين؛ جيئن تنهنجا ابا ڏاڏا، اڳوڻا بادشاهہ، جي تو کان اڳي هئا، تن جي لاءِ خوشبوءِ ساڙيندا هئا، تيئن تنهنجي لاءِ بہ ساڙيندا؛ ۽ تنهنجي لاءِ ماتم ڪندا ۽ چوندا تہ هاءِ ڌڻي! ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون اهو ڪلام ڪري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="6">جڏهن يرمياہ نبي هي سڀ ڳالهيون يروشلم ۾ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي ٻڌايون،</verse>
				<verse number="7">تڏهن بابل جي بادشاهہ جو لشڪر يروشلم سان ۽ يهوداہ جي باقي رهيل سڀني شهرن سان، يعني لڪيس ۽ عزيقہ سان وڙهيو؛ ڇالاءِ جو يهوداہ جي شهرن مان فقط اِهي ڪوٽن وارا شهر باقي وڃي بچيا هئا.</verse>
				<verse number="8">بادشاهہ صدقياہ يروشلم جي سڀني ماڻهن سان عهد اقرار ڪري هنن کي آزادي ڏيڻ جو اشتهار ڪيو، تنهن کان پوءِ جيڪو ڪلام خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو، سو هي آهي؛</verse>
				<verse number="9">تہ سڀڪو ماڻهو پنهنجي ٻانهي ۽ پنهنجي ٻانهيءَ کي آزاد ڪري ڇڏي؛ پوءِ اهو يهودي مرد يا اُها يهودي زال هجي؛ ڪوبہ انهن کان، يعني پنهنجي عبراني ڀاءُ کان، پنهنجي لاءِ خدمت چاڪري نہ وٺي:</verse>
				<verse number="10">۽ سڀ امير ۽ سڀ ماڻهو جي انهي عهد اقرار ۾ شامل ٿيا هئا، تن قبول ڪيو تہ سڀڪو ماڻهو پنهنجي ٻانهي ۽ پنهنجيءَ ٻانهيءَ کي آزاد ڪري ڇڏيندو، ۽ اڳتي وري ڪوبہ انهن کان پنهنجي لاءِ خدمت چاڪري نہ وٺندو: ۽ هنن اها ڳالهہ مڃي ۽ انهن کي ڇڏي ڏنائون:</verse>
				<verse number="11">پر پوءِ هو وري ڦري ويا، ۽ جن ٻانهن ۽ ٻانهين کي آزاد ڪري ڇڏيو هئائون تن کي موٽائي آڻي تابعدار ڪري ٻانها ۽ ٻانهيون ڪيائون.</verse>
				<verse number="12">تنهن ڪري خداوند جو ڪلام، خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="13">خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان، يعني غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي آندو، انهي ڏينهن مون انهن سان عهد اقرار ڪري چيو، تہ</verse>
				<verse number="14">ستن ورهين کان پوءِ اوهان جو ڀاءُ عبراني جو اوهان وٽ وڪڻيو ويو هجي، ۽ جنهن ڇهہ ورهيہ اوهان وٽ خدمت چاڪري ڪئي هجي، تن کي اوهان مان هرڪو آزاد ڪري ڇڏي: پر اوهان جي ابن ڏاڏن منهنجي نہ ٻڌي ۽ نہ ڪن ڏنائون.</verse>
				<verse number="15">۽ آخر اوهين ڦريا ۽ اهو ڪم ڪيو اٿوَ جو منهنجي نظر ۾ چڱو آهي، ۽ اوهان مان هر ڪنهن پڌريءَ طرح پنهنجي پاڙيسريءَ کي آزاد ڪري ڇڏيو؛ ۽ جيڪو گهر منهنجي نالي سان ٿو سڏجي تنهن ۾ اوهان منهنجي اڳيان عهد اقرار ڪيو:</verse>
				<verse number="16">پر هاڻي وري ڦري ويا آهيو ۽ منهنجي نالي جي بي ادبي ڪري اوهان مان هر ڪنهن، جنهن پنهنجو ٻانهون ۽ پنهنجي ٻانهي خوشيءَ سان آزادي ڪري ڇڏي هئي، تنهن انهن کي موٽائي آندو؛ ۽ اوهان انهن کي وري آڻي پنهنجو تابعدار ڪري ٻانها ۽ ٻانهيون بنايو.</verse>
				<verse number="17">تنهن ڪري خداوند، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو اوهان منهنجو حڪم نہ ٻڌو آهي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ڀاءُ کي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي پاڙيسريءَ کي پڌري طرح آزاد ڪري نہ ڇڏيو آهي: ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي ترار جي، ۽ مرض جي، ۽ ڏڪار جي آزاديءَ جي خبر ٿو ڏيان؛ ۽ آءٌ اوهان کي زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ هيڏي هوڏي رلائيندس:</verse>
				<verse number="18">يعني انهن ماڻهن کي جن منهنجو عهد ڀڳو آهي، ۽ جي گابو وڍي ڀاڱا ڪري انهن ڀاڱن جي وچان لنگهيا، ۽ پوءِ بہ جيڪو عهد اقرار انهن منهنجي اڳيان ڪيو تنهنجون ڳالهيون پوريون نہ ڪيائون؛</verse>
				<verse number="19">يعني يهوداہ جي اميرن کي، ۽ يروشلم جي اميرن کي، ناظرن، ۽ ڪاهنن، ۽ انهي ملڪ جي ٻين سڀني ماڻهن کي، جي گابي جي ٻن ڀاڱن جي وچان لنگهيا:</verse>
				<verse number="20">اُنهن کي آءٌ سندن دشمنن، ۽ سندن جان جي ڳوليندڙن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس: ۽ انهن جا مڙهہ هوا جي پکين ۽ زمين جي جانورن جي قوت ٿيندا.</verse>
				<verse number="21">۽ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ، ۽ سندس اميرن کي آءٌ سندن دشمنن جي، ۽ سندن جان جي ڳوليندڙن ۽ بابل جي بادشاهہ جي لشڪر، جو اوهان وٽان هليو ويو آهي، تنهن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="22">ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ حڪم ڏئي هنن کي هن شهر ڏي آڻيندس؛ ۽ اُهي انهي سان وڙهندا، ۽ انهي کي وٺندا، ۽ باهہ سان ساڙيندا: ۽ آءٌ يهوداہ جي شهرن کي اهڙو ويران ڪندس جو ڪوبہ منجهن رهڻ وارو ڪونہ هوندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="35">
				<verse number="1">يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي ڏينهن ۾ جيڪو خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو سو هي آهي، تہ</verse>
				<verse number="2">ريڪابين جي گهر وڃ ۽ انهن سان ڪلام ڪر، ۽ انهن کي خداوند جي گهر جي هڪڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ آڻي شراب پيارين.</verse>
				<verse number="3">تڏهن مون يازنياہ بن يرمياہ، بن حبصنياہ، ۽ سندس ڀائرن، ۽ سندس سڀني پٽن کي، ۽ ريڪابين جي ساري گهراڻي کي پاڻ سان آندو.</verse>
				<verse number="4">۽ خداوند جي گهر ۾ خدا جي بندي حنان بن يجدلياہ جي پٽن واري ڪوٺيءَ ۾ وٺي آيو سان، جا اميرن جي ڪوٺيءَ جي ڀرسان ۽ دربان مسعياہ بن سلوم جي ڪوٺيءَ جي مٿان هئي:</verse>
				<verse number="5">۽ مون ريڪابين جي گهراڻي جي پٽن جي اڳيان شراب سان ڀريل دُنگڙيون ۽ پيالا رکيا، ۽ چيو مان تہ اوهين شراب پيو.</verse>
				<verse number="6">پر هنن چيو تہ اسين شراب ڪين پيئنداسين؛ ڇالاءِ جو يوناداب بن ريڪاب، اسان جي پيءُ اسان کي حڪم ڏئي چيو تہ اوهين يا اوهان جا پٽ، ڪڏهن بہ شراب متان پيو:</verse>
				<verse number="7">نڪي اوهين گهر جوڙجو، يا ٻج پوکجو، يا ڊاک جو منهہ لڳائجو يا انهن جا مالڪ ٿجو: پر اوهين پنهنجي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن تنبن ۾ رهجو؛ تہ جنهن زمين ۾ مسافر آهيو، تنهن ۾ گهڻن ڏينهن تائين رهو.</verse>
				<verse number="8">۽ اسان پنهنجي پيءُ يوناداب بن ريڪاب جو حڪم مڃيو، ۽ جن ڳالهين جي اسان کي تاڪيد ڪئي هئائين سي مڃيونسين، يعني تہ اسين ۽ اسان جون زالون ۽ اسان جا پٽ ۽ اسان جون ڌيئرون سڄي عمر شراب نہ پيئون؛</verse>
				<verse number="9">نڪي گهر جوڙي انهن ۾ رهون: نڪي ڊاک جا منهہ يا ٻنيون يا ٻج رکون:</verse>
				<verse number="10">پر اسين تنبن ۾ پئي رهيا آهيون، ۽ جيڪو حڪم اسان جي پيءُ يوناداب اسان کي ڏنو تنهن موجب سڀ ڪجهہ فرمانبردار ٿي پئي ڪيو اٿئون.</verse>
				<verse number="11">پر هيئن ٿيو تہ جڏهن بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر هن ملڪ ۾ آيو تڏهن اسان چيو تہ اچو تہ ڪسدين جي لشڪر جي ڊپ کان ۽ ارامين جي لشڪر جي ڊپ کان يروشلم ڏي هلون: تنهن ڪري اسين يروشلم ۾ رهندا اچون.</verse>
				<verse number="12">تڏهن خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="13">لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ وڃي يهوداہ جي ماڻهن ۽ يروشلم جي رهاڪن کي چئُہ تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين نصيحت وٺي منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌندا ڇا؟</verse>
				<verse number="14">يوناداب بن ريڪاب جن ڳالهين جو حڪم پنهنجن پٽن کي ڏنو تہ شراب نہ پيئجو تن تي هو تعميل ڪندا اچن، ۽ اڄ ڏينهن تائين هو شراب نٿا پيئن، ڇالاءِ جو هو پنهنجي پيءُ جي حڪم جا تابع آهن: پر مون صبح جو سوير اُٿي اوهان سان ڳالهايو آهي؛ ۽ اوهان منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي آهي.</verse>
				<verse number="15">مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي موڪليا آهن، بلڪ صبح جو سوير اُٿي موڪليا اٿم، ۽ چيو اٿم تہ هاڻي اوهين سڀ پنهنجي بڇڙي رستي کان باز اچو، ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو، ۽ ٻين معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي عبادت نہ ڪريو، تہ جيڪا زمين مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي، تنهن ۾ رهندا اچو: پر اوهان ڪن ڪونہ ڏنو ۽ منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي.</verse>
				<verse number="16">يوناداب بن ريڪاب جي پٽن کي جيڪو سندن پيءُ حڪم ڏنو هو سو هنن بجا آندو، پر هن قوم منهنجو حڪم نہ ٻڌو؛</verse>
				<verse number="17">تنهن ڪري خداوند، جو لشڪرن جو خدا، ۽ اسرائيل جو خدا آهي، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ يهوداہ تي ۽ يروشلم جي سڀني ماڻهن تي اُها سڀ خرابي آڻيندس، جا هنن جي برخلاف مون اڳيئي ظاهر ڪئي آهي: ڇالاءِ جو مون هنن کي ٻڌايو آهي پر هنن نہ ٻڌو آهي؛ ۽ مون هنن کي سڏيو آهي پر هنن جواب ڪونہ ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="18">۽ يرمياہ ريڪابين جي گهراڻي کي چيو تہ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ اوهان پنهنجي پيءُ يوناداب جو حڪم مڃيو آهي، ۽ ان جون سڀ وصيتون بجا آنديون آهن، ۽ جيئن هن اوهان کي حڪم ڏنو تيئن هر طرح ڪيو آهي؛</verse>
				<verse number="19">تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ يوناداب بن ريڪاب کي ڪڏهن بہ اهڙي ماڻهوءَ جي کوٽ نہ ٿيندي جو منهنجي اڳيان بيهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="36">
				<verse number="1">يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي چوٿين ورهيہ ۾ هيئن ٿيو تہ خداوند وٽان هيءُ ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">هڪ ڪتاب جي ويڙهي کڻ ۽ اسرائيل جي بابت ۽ يهوداہ جي بابت، ۽ سڀني قومن جي بابت، جنهن ڏينهن مون تو سان ڳالهايو تنهن کان وٺي يعني يوسياہ جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين، جيڪي ڳالهيون مون تو سان ڪيون آهن سي سڀ انهي ۾ لک.</verse>
				<verse number="3">امڪان آهي تہ يهوداہ جو گهراڻو اُها سڀ خرابي ٻڌي جا آءٌ انهن سان ڪرڻ ٿو گهران؛ تہ من هنن مان سڀ ڪو پنهنجي خراب رستي کان باز اچي؛ تہ آءٌ هنن جو قصور ۽ هنن جو گناهہ معاف ڪريان.</verse>
				<verse number="4">تڏهن يرمياہ، باروڪ بن نيرياہ کي سڏيو؛ ۽ باروڪ، يرمياہ جي واتان خداوند جون اُهي سڀ ڳالهيون ڪتاب جي ويڙهيءَ تي لکيون، جي هن کيس ڪري ٻڌايون.</verse>
				<verse number="5">۽ يرمياہ باروڪ کي حڪم ڪري چيو تہ آءٌ بند ۾ پيو آهيان؛ ۽ آءٌ خداوند جي گهر ۾ وڃي نٿو سگهان:</verse>
				<verse number="6">تنهن ڪري تون وڃي هن ويڙهيءَ مان، جا تو منهنجي واتان لکي آهي، خداوند جون ڳالهيون خداوند جي گهر ۾، روزي واري ڏينهن ماڻهن جي ٻڌندي پڙهہ: يعني سڄي يهوداہ جي قوم، جا پنهنجن شهرن مان نڪري ٿي اچي، تنهن جي ٻڌندي اها پڙهج.</verse>
				<verse number="7">شايد هو خداوند جي اڳيان منٿ آزي ڪن ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي خراب رستي کان باز اچي: ڇالاءِ جو جيڪو غصو ۽ جيڪا ڪاوڙ خداوند انهيءَ قوم جي برخلاف ظاهر ڪئي آهي سا وڏي آهي.</verse>
				<verse number="8">۽ باروڪ بن نيرياہ، يرمياہ نبيءَ جي ڏنل حڪم موجب تعميل ڪئي، ۽ ڪتاب ۾ خداوند جون جيڪي ڳالهيون هيون سي هن خداوند جي گهر ۾ پڙهي ٻڌايون.</verse>
				<verse number="9">هاڻي يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي پنجين ورهيہ جي نائين مهيني ۾ هيئن ٿيو تہ يروشلم جي سڀني ماڻهن ۽ يهوداہ جي شهرن مان جيڪي ماڻهو يروشلم ۾ آيا تن سڀني خداوند جي اڳيان روزي رکڻ جو اشتهار ڪيو.</verse>
				<verse number="10">تڏهن باروڪ خداوند جي گهر ۾، جمرياہ بن سافن منشيءَ جي جاءِ ۾، مٿئين ايوان ۾، خداوند جي گهر جي نئين دروازي جي لنگهہ وٽ، يرمياہ جون ڳالهيون سڀني ماڻهن جي ٻڌندي ڪتاب مان پڙهيون.</verse>
				<verse number="11">۽ جڏهن ميڪاياہ بن جمرياہ بن سافن، ڪتاب مان خداوند جون سڀ ڳالهيون ٻڌيون،</verse>
				<verse number="12">تڏهن هو هيٺ لهي بادشاهہ جي گهر ۾ منشيءَ جي ڪوٺيءَ ۾ ويو: ۽ ڏس، سڀ امير اُتي ويٺا هئا، يعني اليسمع منشي، ۽ دلاياہ بن سمعياہ، ۽ الناتن بن عڪبور، ۽ جمرياہ بن سافن، ۽ صدقياہ بن حننياہ ۽ ٻيا سڀ امير بہ ويٺا هئا.</verse>
				<verse number="13">تڏهن ميڪاياہ اُهي سڀ ڳالهيون هنن کي ٻڌايون، جي هن باروڪ کان ٻڌيون، جڏهن هن اُهو ڪتاب ماڻهن کي پڙهي ٿي ٻڌايو.</verse>
				<verse number="14">تنهن ڪري سڀني اميرن، يهودي بن نتنياہ، بن سلمياہ، بن ڪوشيءَ کي باروڪ ڏي چوائي موڪليو تہ اها جيڪا ويڙهي تو ماڻهن کي پڙهي ٻڌائي آهي سا پنهنجي هٿ ۾ کڻي اچ. تڏهن باروڪ بن نيرياہ اُها ويڙهي پنهنجي هٿ ۾ کڻي هنن وٽ آيو.</verse>
				<verse number="15">۽ هنن چيس تہ هاڻي ويهي رهہ ۽ اها اسان کي پڙهي ٻڌاءِ. اُن موجب باروڪ اُها هنن کي پڙهي ٻڌائي.</verse>
				<verse number="16">هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن اُهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون تڏهن ڊپ کان هڪ ٻئي ڏي نهارڻ لڳا، ۽ باروڪ کي چوڻ لڳا تہ اسين ضرور هي سڀ ڳالهيون بادشاهہ کي ٻڌائينداسين.</verse>
				<verse number="17">۽ هنن باروڪ کان پڇيو ۽ چيائونس تہ هاڻي ڪيئن تو هي سڀ ڳالهيون هن جي واتان لکيون؟</verse>
				<verse number="18">تڏهن باروڪ هنن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ هن پنهنجي وات سان اهي سڀ ڳالهيون مون کي ڪري ٻڌايون ۽ آءٌ مس سان ڪتاب ۾ لکندو ويس.</verse>
				<verse number="19">تڏهن اميرن باروڪ کي چيو تہ تون ۽ يرمياہ وڃي لڪو؛ تہ ڪنهن کي بہ خبر نہ پوي تہ ڪٿي آهيو.</verse>
				<verse number="20">پوءِ هو ايوان ۾ اندر لنگهي بادشاهہ وٽ ويا؛ پر هنن اُها ڪاغذ جي ويڙهي اليسمع منشيءَ جي ڪوٺيءَ ۾ رکي ڇڏي؛ ۽ انهن اهي سڀ ڳالهيون بادشاهہ جي ڪنن تائين رسايون.</verse>
				<verse number="21">تڏهن بادشاهہ يهوديءَ کي موڪليو تہ وڃي اُها ويڙهي کڻي اچ: ۽ هن اُها وڃي اليسمع منشيءَ جي ڪوٺيءَ مان هٿ ڪئي. ۽ يهوديءَ اُها بادشاهہ کي، ۽ جيڪي امير بادشاهہ جي پاسي ۾ بيٺا هئا تن کي پڙهي ٻڌائي.</verse>
				<verse number="22">هاڻي بادشاهہ نائين مهيني ۾ سياري واري گهر ۾ ويٺو هو: ۽ سندس اڳيان اڳيٺيءَ ۾ باهہ پئي ٻري.</verse>
				<verse number="23">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يهودي ٽي يا چار ورق پڙهي ويو تهن بادشاهہ ڪپ سان انهن کي وڍي اڳيٺيءَ ۾ باهہ ۾ اُڇلائي وڌا، جيسين ڪ اها سڄي ويڙهي اڳيٺيءَ ۾ باهہ ۾ سڙي چٽ ٿي وئي.</verse>
				<verse number="24">۽ بادشاهہ توڙي سندس نوڪر، جن اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون، سي ڊنا ڪين، ۽ نہ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيائون.</verse>
				<verse number="25">تنهن هوندي بہ الناتن، ۽ دلاياہ، ۽ جمرياہ بادشاهہ کي منٿ ڪئي تہ ويڙهي نہ ساڙ؛ پر هن انهن جي نہ ٻڌي.</verse>
				<verse number="26">۽ بادشاهہ، شاهزادي يرحمئيل، ۽ شراياہ بن عزري ايل، ۽ سلمياہ بن عبدي ايل کي حڪم ڏنو تہ باروڪ ڪاتب ۽ يرمياہ نبيءَ کي پڪڙيو: پر خداوند انهن کي لڪائي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="27">جڏهن بادشاهہ اُها ويڙهي ۽ جيڪي ڳالهيون باروڪ يرمياہ جي واتان لکيون هيون سي ساڙي ڇڏيون تڏهن خداوند جو ڪلام يرمياہ نبي تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="28">تون ٻي ويڙهي کڻ ۽ جيڪي اڳوڻيون ڳالهيون اُنهي پهرين ويڙهي ۾ لکيل هيون، جا يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ساڙي ڇڏي هئي، سي سڀ انهي ۾ لک.</verse>
				<verse number="29">۽ يهوداهہ جي بادشاهہ يهويقيم جي نسبت ۾ تون چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تو هي ويڙهي ساڙي آهي ۽ چيو اٿيئي تہ تو ڇو هن ۾ لکيو آهي تہ بابل جو بادشاهہ ضرور اچي هي ملڪ ناس ڪندو، ۽ اتان ماڻهن توڙي جانورن کي نيست نابود ڪري ڇڏيندو؟</verse>
				<verse number="30">تنهن ڪري خداوند، يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي، تہ دائود جي تخت تي ويهڻ لاءِ هن وٽ ڪوبہ ڪونہ هوندو: ۽ هن جو لاش ڏينهن جو گرميءَ ۾ ۽ رات جو پاري ۾ اُڇلايو ويندو.</verse>
				<verse number="31">۽ آءٌ هن کي، ۽ سندس اولاد کي، ۽ سندس نوڪرن کي، سندن بدڪاريءَ سبب سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ هنن تي، ۽ يروشلم جي رهاڪن تي، ۽ يهوداہ جي ماڻهن تي اُها سڀ خرابي آڻيندس جا مون سندن برخلاف ظاهر ڪري ٻڌائي، ۽ هنن نہ ٻڌي.</verse>
				<verse number="32">تڏهن يرمياہ ٻي ويڙهي کڻي باروڪ بن نيرياہ ڪاتب کي ڏني؛ جنهن يرمياہ جي واتان انهي ۾ اُنهي ڪتاب جون سڀ ڳالهيون لکيون، جو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم باهہ ۾ ساڙي ڇڏيو هو: ۽ انهن کان سواءِ ٻيون انهن جهڙيون گهڻيون ئي ڳالهيون انهي ۾ گڏيون ويون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="37">
				<verse number="1">۽ صدقياہ بن يوسياہ، جنهن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪد رضر يهوداہ جي ملڪ تي بادشاهہ ڪيو هو، تہ ڪونياہ بن يهويقيم جي جاءِ تي بادشاهي ڪري؛</verse>
				<verse number="2">پر نڪي انهيءَ نڪي سندن نوڪرن، نڪي اُنهي ملڪ جي ماڻهن خداوند جون اُهي ڳالهيون مڃيون جي هن يرمياہ نبيءَ جي معرفت ڪيون هيون.</verse>
				<verse number="3">۽ صدقياہ بادشاهہ، يهوڪل بن سلمياہ، ۽ صفنياہ بن معسياہ ڪاهن کي، يرمياہ نبيءَ ڏي چوائي موڪليو تہ اسان جي لاءِ خداوند اسان جي خدا کان دعا گهر.</verse>
				<verse number="4">هاڻي يرمياہ ماڻهن ۾ پيو ايندو ويندو هو ڇالاءِ جو هنن قيد ۾ اڃا نہ وڌو هوس.</verse>
				<verse number="5">۽ فرعون جو لشڪر مصر مان نڪتو هو: ۽ جڏهن يروشلم کي گهيري ڪندڙن ڪسدين انهن جي خبر ٻڌي، تڏهن يروشلم مان ڀڄي نڪتا.</verse>
				<verse number="6">۽ خداوند جو ڪلام يرمياہ نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="7">خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين يهوداہ جي بادشاهہ کي هيئن چئجو، جنهن اوهان کي پڇا ڪرڻ لاءِ مون ڏي موڪليو آهي؛ تہ ڏس، فرعون جو لشڪر جو توکي مدد ڪرڻ لاءِ آيو آهي، سو موٽي پنهنجي ملڪ مصر ڏي ويندو.</verse>
				<verse number="8">۽ ڪسدي وري ايندا ۽ هن شهر سان وڙهندا؛ ۽ هو انهي کي وٺندا؛ ۽ باهہ سان ساڙيندا.</verse>
				<verse number="9">خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين هيئن چئي پاڻ کي نہ ٺڳيو تہ ڪسدي ضرور اسان وٽان هليا ويندا: ڇالاءِ جو اُهي هليا نہ ويندا.</verse>
				<verse number="10">هن ڪري جو جيتوڻيڪ ڪسدين جو لشڪر جو اوهان سان جنگ ٿو ڪري، تنهن کي اوهين کڻي ماريو ها، ۽ انهن ۾ رڳا زخمي ماڻهو وڃي بچن ٿا، تہ بہ اُهي سڀ پنهنجن تنبن ۾ اُٿي هن شهر کي باهہ سان ساڙين ها.</verse>
				<verse number="11">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن فرعون جي لشڪرن جي ڊپ کان ڪسدين جو لشڪر يروشلم مان ڀڄي هليو ويو،</verse>
				<verse number="12">تڏهن يرمياہ يروشلم مان نڪري بنيمين جي زمين ۾ آيو، انهيءَ لاءِ تہ اُتي پنهنجو حصو ماڻهن منجهہ هٿ ڪري.</verse>
				<verse number="13">۽ جڏهن هو بنيمين جي دروازي تي پهتو تڏهن بهري وارن جو سردار، جنهن جو نالو ارياہ بن سليمان بن حننياہ هو، سو اُتي هو؛ ۽ اُنهيءَ يرمياہ نبيءَ کي گرفتار ڪيو، جو چيائين تہ تون ڪسدين ڏي ڀڳو ٿو وڃين.</verse>
				<verse number="14">تڏهن يرمياہ چيس تہ اهو ڪوڙ آهي؛ آءٌ ڪسدين ڏي ڀڄي نٿو وڃان؛ پر هن نہ ٻڌس: ۽ ارياہ يرمياہ کي پڪڙي اميرن وٽ وٺي آيو.</verse>
				<verse number="15">۽ امير يرمياہ تي ڪاوڙيا، ۽ هن کي مار ڏنائون، ۽ يونتن منشيءَ جي گهر ۾ کڻي قيد ڪيائونس؛ ڇالاءِ جو هنن اُهو قيدخانو بنايو هو.</verse>
				<verse number="16">جڏهن يرمياہ بهري ۽ قيدين جي ڪوٺين ۾ آيو ۽ اُتي گهڻا ڏينهن رهيو؛</verse>
				<verse number="17">تڏهن صدقياہ بادشاهہ هن کي ماڻهو موڪلي گهرائي ورتو: ۽ بادشاهہ پنهنجي گهر ۾ ڳجهيءَ طرح هن کان پڇيو تہ خداوند وٽان ڪو ڪلام آيو آهي يا نہ؟ ۽ يرمياہ چيو تہ آيو آهي، هن هيترو بہ چيو تہ تون بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏنو ويندين.</verse>
				<verse number="18">هيترو بہ وڌيڪ يرمياہ صدقياہ بادشاهہ کي چيو، تہ مون تنهنجو يا تنهنجن نوڪرن جو يا تنهنجي قوم جو ڪهڙو گناهہ ڪيو آهي جو تو مون کي قيد ۾ وڌو آهي؟</verse>
				<verse number="19">هاڻي اوهان جا اُهي نبي ڪٿي آهن جن اوهان کي پيشنگوئي ڪري چيو تہ بابل جو بادشاهہ اوهان تي يا هن ملڪ تي ڪاهي نہ ايندو؟</verse>
				<verse number="20">۽ هاڻي، اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ ٻڌ: آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو عرض تنهنجي اڳيان قبول پوي؛ تون مون کي موٽائي يونتن منشيءَ جي گهر نہ موڪل، تہ متان آءٌ اُتي مري وڃان.</verse>
				<verse number="21">تڏهن صدقياہ بادشاهہ حڪم ڏنو ۽ هنن يرمياہ کي پهري وارن جي ايوان ۾ آڻي ويهاريو، ۽ ڏهاڙي نانواين جي گهٽيءَ مان هن کي هڪڙي ماني آڻي ڏيندا هئا، جيسين ڪ شهر ۾ جيڪا ماني هئي سا سڀ کپي ويئي. انهيءَ طرح يرمياہ پهري وارن جي ايوان ۾ رهيو پيو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="38">
				<verse number="1">۽ سفطياہ بن متان، ۽ جدلياہ بن فشحور، ۽ يوڪل بن سلمياہ، ۽ فشحور بن ملڪياہ، اُهي ڳالهيون ٻڌيون جي يرمياہ سڀني ماڻهن کي ٻڌايون، ۽ چيائين تہ</verse>
				<verse number="2">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪو هن شهر ۾ رهندو سو ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندو: پر جيڪو نڪري ڪسدين ڏي ويندو سو جيئرو رهندو، ۽ انهي جي حياتي سندس لاءِ غنيمت ٿيندي ۽ اُهو جيئرو رهندو.</verse>
				<verse number="3">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هي شهر ضرور بابل جي بادشاهہ جي لشڪر جي هٿ ۾ ڏنو ويندو، ۽ اُهو هن کي وٺندو.</verse>
				<verse number="4">تڏهن اميرن بادشاهہ کي چيو تہ اسين توکي منٿ ٿا ڪريون تہ هن ماڻهوءَ کي ماري ڇڏڻ گهرجي؛ ڇالاءِ جو جيڪي جنگي ماڻهو هن شهر ۾ بچيا آهن تن جا، ۽ باقي سڄي قوم جا هٿ، اهڙين ڳالهين ٻڌائڻ سان هو ضعيف ٿو ڪري: هن ڪري جو هي ماڻهو هن قوم جي خير خواهي نہ پر نقصان ٿو ڳولهي.</verse>
				<verse number="5">۽ صدقياہ بادشاهہ چيو تہ ڏس، هو اوهان جي هٿ ۾ آهي: ڇالاءِ جو بادشاهہ اهڙو ناهي جو اوهان جي برخلاف ڪجهہ ڪري سگهي.</verse>
				<verse number="6">تڏهن هنن يرمياہ کي کڻي ملڪياہ شهزادي جي بهري ۾ وڌو، جو پهري وارن جي ايوان ۾ هو: ۽ يرمياهہ کي رسن سان انهي ۾ هيٺ لاهي وڌائون: ۽ انهي بهري ۾ پاڻي ڪونہ هو پر گپ هئي: ۽ يرمياہ گپ ۾ گپي ويو.</verse>
				<verse number="7">هاڻي عبد ملڪ ڪوشي، جو بادشاهہ جي گهر ۾ ناظر هو، تنهن جڏهن ٻڌو تہ يرمياہ کي بهري ۾ وڌو اٿن: انهيءَ وقت بادشاهہ بنيمين جي دروازي ۾ ويٺو هو؛</verse>
				<verse number="8">تڏهن عبد ملڪ بادشاهہ جي گهر مان نڪري وڃي بادشاهہ کي چيو، تہ</verse>
				<verse number="9">اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، هنن ماڻهن جيڪي يرمياہ نبيءَ سان ڪيو آهي سو بڇڙو آهي، جو هن کي بهري ۾ کڻي وڌو اٿن؛ ۽ جتي هو آهي اُتي هو ضرور بک کان مري ويندو: ڇالاءِ جو شهر ۾ وڌيڪ ماني ڪانهي.</verse>
				<verse number="10">تڏهن بادشاهہ عبد ملڪ ڪوشيءَ کي حڪم ڏيئي چيو تہ هتان پاڻ سان ٽيهہ ماڻهو وٺي وڃ، ۽ يرمياہ نبيءَ کي مرڻ کان اڳي ٻاهر ڪڍ،</verse>
				<verse number="11">اُن موجب عبد ملڪ پاڻ سان ماڻهو وٺي بادشاهہ جي گهر خزاني جي جاءِ جي هيٺان ويو، ۽ اُتان هن پراڻا ڦاٽل ڪپڙا، ۽ پراڻيون ڳريل اڳڙيون ڪڍيون، ۽ اُهي رسن سان هيٺ لاهي يرمياہ کي ڏنيون.</verse>
				<verse number="12">۽ عبدملڪ ڪوشيءَ يرمياہ کي چيو تہ هاڻي اهي پراڻا ردي ڪپڙا ۽ ڳريل اڳڙيون رسن جي هيٺان پنهنجن بغلن ۾ رک، ۽ يرمياہ ائين ئي ڪيو.</verse>
				<verse number="13">انهي طرح هنن رسن سان يرمياہ کي مٿي ڪيو، ۽ بهري مان ڪڍي ٻاهر آندائونس: ۽ يرمياہ پهري وارن جي ايوان ۾ رهيو.</verse>
				<verse number="14">تڏهن صدقياہ بادشاهہ ماڻهو موڪلي يرمياہ نبيءَ کي خداوند جي گهر ۾ جيڪو ٽيون لنگهہ آهي. تنهن ۾ پاڻ وٽ گهرايو: ۽ بادشاهہ يرمياہ کي چيو تہ آءٌ توکان هڪڙي ڳالهہ پڇندس؛ مون کان ڪي بہ ڪين لڪائج.</verse>
				<verse number="15">تڏهن يرمياہ صدقياہ کي چيو تہ جيڪڏهن آءٌ توکي کولي ٻڌائيندس تہ تون مون کي ضرور ماري تہ نہ وجهندين؟ ۽ جيڪڏهن آءٌ توکي صلاح ڏيندس تہ تون منهنجي نہ ٻڌندين.</verse>
				<verse number="16">تڏهن صدقياہ بادشاهہ يرمياہ وٽ ڳجهيءَ طرح قسم کڻي چيو، تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، جنهن اسان جو هيءُ ساهہ جوڙيو آهي، تہ آءٌ توکي نہ ماريندس نڪي توکي انهن ماڻهن جي هٿ ۾ ڏيندس جي تنهنجي ساهہ جا ڳولائو آهن.</verse>
				<verse number="17">تڏهن يرمياہ صدقياہ کي چيو تہ خداوند، لشڪرن جو خدا، ۽ اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن تون بابل جي بادشاهہ جي اميرن ڏي نڪري ويندين تہ پوءِ تنهنجي جان بچندي، ۽ هي شهر باهہ سان ساڙيو نہ ويندو؛ ۽ تون جيئرو رهندين ۽ تنهنجو گهراڻو بہ:</verse>
				<verse number="18">پر جي تون بابل جي بادشاهہ جي اميرن ڏي نڪري نہ ويندين، تہ هي شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ڏنو ويندو ۽ اُهي هن کي باهہ سان ساڙيندا ۽ تون انهن جي هٿان ڀڄي نہ نڪرندين.</verse>
				<verse number="19">۽ صدقياہ بادشاهہ يرمياہ کي چيو تہ جي يهودي وڃي ڪسدين سان گڏيا آهن تن کان آءٌ ڊڄان ٿو تہ متان هو مون کي انهن جي حوالي ڪن ۽ هو مون تي کل ٺٺولي ڪن.</verse>
				<verse number="20">پر يرمياہ چيو تہ هو توکي انهن جي حوالي نہ ڪندا، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ تون خداوند جو اهو حڪم مڃ جو آءٌ توکي ٻڌايان ٿو: جو انهي مان تنهنجو ڀلو ٿيندو، ۽ تنهنجي جان بچندي.</verse>
				<verse number="21">پر جي تون نڪري وڃڻ کان انڪار ڪندين تہ خداوند مون کي هيءُ ڪلام ڏيکاريو آهي تہ:</verse>
				<verse number="22">ڏس، جيڪي زالون يهوداہ جي بادشاهہ جي گهر ۾ رهجي ويون آهن سي بابل جي بادشاهہ جي اميرن وٽ کڻي ويندا، ۽ اُهي زالون چونديون تہ تنهنجن گهاٽن دوستن توکي ٺڳيو آهي ۽ اُهي توتي غالب پيا آهن: هاڻي جڏهن تنهنجا پير گپ ۾ گپي ويا آهن تڏهن هو پٺ تي ڦري هليا ويا آهن.</verse>
				<verse number="23">پوءِ تنهنجون هو سڀ زالون ۽ تنهنجا ٻار ڪسدين وٽ وٺي ايندا: ۽ تون هنن جي هٿان بچي نہ نڪرندين پر بابل جي بادشاهہ جي هٿ چڙهندين، ۽ تون هن شهر کي باهہ سان ساڙائيندين.</verse>
				<verse number="24">تڏهن صدقياہ يرمياہ کي چيو تہ هي ڳالهيون ٻئي ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي متان ٻڌائين، تہ تون مري نہ وڃين.</verse>
				<verse number="25">پر جي امير ٻڌندا تہ مون توسان ڳالهايو آهي، ۽ اُهي تو وٽ ايندا ۽ توکي چوندا تہ هاڻي جيڪي تو بادشاهہ کي چيو آهي سو اسان کي کولي ٻڌاءِ؛ اسان کان اُهو نہ لڪاءِ، اسين توکي قتل نہ ڪنداسين: ۽ اهو بہ ٻڌاءِ تہ بادشاهہ توکي ڇا چيو:</verse>
				<verse number="26">تہ پوءِ تون انهن کي چئج تہ مون بادشاهہ جي حضور ۾ عرض پيش ڪيو تہ مون کي موٽائي يونتن جي گهر نہ موڪلي تہ اُتي وڃي مران.</verse>
				<verse number="27">تڏهن سڀ امير يرمياہ وٽ آيا ۽ پڇيائونس: ۽ هن انهن کي اُهي سڀيئي ڳالهيون ٻڌايون جي بادشاهہ فرمايون هئس. تنهن تي هنن کيس وڌيڪ ڪي ڪين چيو: ڇالاءِ جو ڳالهہ معلوم نہ ٿي.</verse>
				<verse number="28">انهيءَ طرح يرمياہ پهري وارن جي ايوان ۾ رهندو آيو، جيسين ڪ يروشلم جي وٺجڻ جو ڏينهن اچي پهتو. ۽ جڏهن يروشلم ورتو ويو تڏهن هيئن ٿيو، تہ</verse>
			</chapter>
			<chapter number="39">
				<verse number="1">(يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي نائين ورهيہ جي ڏينهن مهيني ۾ بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر ۽ سندس سڄو لشڪر يروشلم تي ڪاهي آيو ۽ اچي انهي کي گهيرو ڪيائون؛</verse>
				<verse number="2">۽ صدقياہ جي يارهين ورهيہ ۾، چوٿين مهيني جي نائين تاريخ، شهر جي ڀت هڪڙي هنڌان ڀڃي وڌائون:)</verse>
				<verse number="3">بابل جي بادشاهہ جا سڀ امير اندر لنگهي آيا ۽ وچين دروازي ۾ ويهي رهيا، يعني نير گل سراضر سمگرنبو، سرسڪيم، رب سريس، نيرگل سراضر، رب مجہ، ۽ ٻيا سڀ بابل جي بادشاهہ جا باقي امير.</verse>
				<verse number="4">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ۽ سڀني جنگي ماڻهن انهن کي ڏٺو تڏهن اُٿي ڀڳا ۽ رات جي وقت، بادشاهہ جي باغ واري رستي کان، ٻن ڀتين جي وچ واري در مان ٻاهر نڪري شهر ڇڏي هليا ويا: ۽ هو عرباہ جو رستو ڏئي نڪري ويو.</verse>
				<verse number="5">پر ڪسدين جو لشڪر هنن جي پٺيان پيو ۽ يريحو جي ميدان ۾ صدقياہ کي وڃي پهتو: ۽ جڏهن هنن پڪڙيس تڏهن حمات جي ملڪ ۾ ربلاہ منجهہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر وٽ هن کي وٺي آيا، ۽ هن مٿس فتويٰ جاري ڪئي.</verse>
				<verse number="6">تڏهن بابل جي بادشاهہ ربلاہ ۾ صدقياہ جي پٽن کي سندس اکين آڏو قتل ڪيو: ۽ بابل جي بادشاهہ يهوداہ جا سڀ امير بہ ماريا.</verse>
				<verse number="7">تنهن کان سواءِ هن صدقياہ جون اکيون بہ ڪڍي ڇڏيون ۽ زنجيرن ۾ ٻڌايائينس انهيءَ لاءِ تہ بابل ڏي وٺي وڃيس.</verse>
				<verse number="8">۽ ڪسدين بادشاهہ جو گهر ۽ ماڻهن جا گهر باهہ سان ساڙيا ۽ يروشلم جون ڀتيون ڀڃي ڇڏيون.</verse>
				<verse number="9">انهي کان پوءِ پهري وارن جو سردار نبوزرادان، شهر ۾ جيڪي ماڻهو بچيا هئا، ۽ جيڪي ڀڄي اچي ساڻس گڏيا هئا، ۽ باقي رهيلن ماڻهن مان جيڪي بچيا هئا، تن کي قيد ڪري بابل ڏي وٺي ويو.</verse>
				<verse number="10">پر پهري وارن جي سردار نبوزرادان، غريب ماڻهن مان جن کي يهوداہ ۾ ڪي بہ ڪين هو تن کي ڇڏي ڏنو، ۽ ساڳئي وقت ۾ هنن کي ڊاک جا منهہ ۽ ٻنيون بہ ڏنائين.</verse>
				<verse number="11">هاڻي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر يرمياہ جي نسبت ۾ پهري وارن جي سردار نبوزرادان کي حڪم ڏنو، تہ</verse>
				<verse number="12">هن کي وٺي وڃي سندس چڱي سنڀال ڪر ۽ ڪو ايذاءُ نہ رسائينس؛ پر جيئن هو توکي چوي تيئن هن سان ڪج.</verse>
				<verse number="13">تڏهن پهري وارن جي سردار نبوزرادان ۽ نبوشزبان، رب سريس، ۽ نير گل سراضر، رب مجہ ۽ بابل جي بادشاهہ جي سڀني مکيہ عملدارن، ماڻهو موڪلي،</verse>
				<verse number="14">يرمياہ کي پهري وارن جي ايوان مان گهرائي، جدلياہ بن اخيقام، بن سافن، جي حوالي ڪيو، ۽ حڪم ڪيائونس تہ انهي کي گهر وٺي وڃي: انهيءَ طرح هو قوم منجهہ رهڻ لڳو.</verse>
				<verse number="15">هاڻي جڏهن اڃا يرمياہ پهري وارن جي ايوان ۾ بند هو تڏهن خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="16">وڃي عبد ملڪ ڪوشيءَ کي چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ پنهنجون ڳالهيون هن شهر تي خرابيءَ جي لاءِ آڻيندس، نہ چڱائي جي لاءِ؛ ۽ اُهي انهي ڏينهن تنهنجي اڳيان پوريون ٿينديون.</verse>
				<verse number="17">پر انهي ڏينهن، خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ توکي ڇڏائيندس: ۽ جن ماڻهن کان تون ڊڄين ٿو انهن جي هٿن ۾ نہ ڏنو ويندين.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو يقيناً آءٌ توکي بچائيندس ۽ تون ترار سان ماريو نہ ويندين، پر تنهنجي حياتي تنهنجي لاءِ غنيمت ٿيندي: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ تو مون تي ڀروسو رکيو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="40">
				<verse number="1">جڏهن پهري وارن جي سردار نبوزرادان يرمياہ کي زنجيرن سان ٻڌل، يروشلم ۽ يهوداہ جي سڀني قيدين سان قيد ڪري بابل ڏي وٺي ٿي ويو، تڏهن هن رامہ ۾ هن کي ڇڏي ڏنو، ۽ تنهن کان پوءِ خداوند وٽان يرمياہ تي هي ڪلام نازل ٿيو.</verse>
				<verse number="2">۽ پهري وارن جي سردار يرمياہ کي ڪڍي چيو تہ خداوند تنهنجي خدا هيءَ خرابي هن شهر تي پڌري ڪئي:</verse>
				<verse number="3">۽ خداوند اُها آندي آهي، ۽ جيئن چيو هئائين تيئن ڪيو اٿس: ڇالاءِ جو اوهان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي ۽ سندس حڪم نہ مڃيو آهي، تنهن ڪري هي حالت اوهان تي آئي آهي.</verse>
				<verse number="4">۽ هاڻي ڏس، اڄوڪي ڏينهن آءٌ توکي انهن زنجيرن مان آزاد ٿو ڪريان جي تنهنجن هٿن تي آهن. جيڪڏهن مون سان گڏجي بابل ۾ هلڻ تنهنجي نظر ۾ چڱو هجي تہ هل، ۽ آءٌ تنهنجي چڱي سنڀال ڪندس؛ پر جي مون سان گڏجي بابل ۾ هلڻ تنهنجي نظر ۾ خراب هجي تہ رهجي پئُہ: ڏس، سڄو ملڪ تنهنجي اڳيان آهي؛ جتي توکي وڃڻ چڱو ۽ مناسب نظر اچي اُتي وڃ.</verse>
				<verse number="5">هاڻي جڏهن اڃا هو موٽي نہ ويو هو، تڏهن هن چيس تہ موٽي جدلياہ بن اخيقام، بن سافن، ڏي وڃ، جنهن کي بابل جي بادشاهہ يهوداہ جي شهرن تي حاڪم مقرر ڪيو آهي، ۽ اُنهي سان گڏ قوم منجهہ رهہ: يا ٻيو جتي بہ توکي مناسب نظر اچي اُتي وڃ. پوءِ پهري وارن جي سردارن هنن کي کاڌو ۽ انعام ڏيئي روانو ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="6">تڏهن يرمياہ جدلياہ بن اخيقام ڏي مصفاہ ۾ ويو، ۽ اُنهيءَ ملڪ ۾ جيڪي ماڻهو باقي بچيل هئا تن منجهہ رهڻ لڳو.</verse>
				<verse number="7">هاڻي جڏهن لشڪرن جا سردار جي ميدان ۾ هئا، تن ۽ سندن ماڻهن ٻڌو تہ بابل جي بادشاهہ جدلياہ بن اخيقام کي انهيءَ ملڪ جو حاڪم ڪيو آهي، ۽ انهي کي سڀ مرد، ۽ زالون، ۽ ٻار، ۽ ملڪ جا تمام غريب ماڻهو، ۽ جيڪي قيدي ٿي بابل ڏي نہ موڪليا ويا هئا، سي سڀ حوالي ڪري ڏنا اٿس؛</verse>
				<verse number="8">تڏهن اُهي مصفاہ ۾ جدلياہ وٽ آيا، يعني اسماعيل بن نتنياہ، ۽ قريحہ جا پٽ يوحنان ۽ يونتن، ۽ سراياہ بن تنحومت، ۽ عيفي نطوفاتيءَ جا پٽ، ۽ يزنياہ بن معڪاتي، اُهي ۽ سندن ماڻهو.</verse>
				<verse number="9">۽ جدلياہ بن اخيقام، بن سافن، قسم کڻي اُنهن کي ۽ انهن جي ماڻهن کي چيو، تہ ڪسدين جي نوڪري ڪرڻ کان نہ ڊڄو: انهيءَ ملڪ ۾ رهو ۽ بابل جي بادشاهہ جي خدمت چاڪري ڪريو، تہ اوهان جو ڀلو ٿيندو.</verse>
				<verse number="10">باقي آءٌ، سو ڏسو، مصفاہ ۾ رهندس، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي ڪسدي اسان وٽ ايندا انهن جي اڳيان بيهان: پر اوهين شراب، ۽ گرميءَ جا ميوا، ۽ تيل گڏ ڪريو، ۽ اُهي پنهنجن ٿانوَن ۾ وجهو، ۽ جي شهر اوهان ورتا آهن تن ۾ رهو.</verse>
				<verse number="11">ساڳيءَ طرح سڀيئي يهودي جي موآب ۽ بني عمون منجهہ، ۽ ادوم ۽ ٻين سڀني ملڪن ۾ هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ بابل جي بادشاهہ يهوداہ جي ڪن ماڻهن کي ڇڏي ويو آهي، ۽ انهن تي جدلياہ بن اخيقام، بن سافن کي حاڪم مقرر ڪيو اٿس؛</verse>
				<verse number="12">تڏهن سڀ يهودي جتي جتي هڪالجي ويا هئا اُتان موٽي يهوداہ جي ملڪ ۾ جدلياہ وٽ مصفاہ ۾ آيا، ۽ شراب، ۽ گرميءَ وارا ميوا بي انداز گڏ ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="13">تنهن کان سواءِ يوحنان بن قريحہ ۽ جيڪي لشڪر ميدانن ۾ هئا تن جا سڀ سردار جدلياہ وٽ مصفاہ ۾ آيا،</verse>
				<verse number="14">۽ انهي کي چيائون تہ توکي خبر آهي يا نہ، تہ بني عمون جي بادشاهہ بعليس، اسماعيل بن نتنياہ کي تنهنجي جان وٺڻ لاءِ موڪليو آهي؟ پر جدلياہ بن اخيقام کي انهن جي ڳالهہ تي اعتبار ڪونہ آيو.</verse>
				<verse number="15">تڏهن يوحنان بن قريحہ، مصفاہ ۾ جدلياہ کي لڪائي چيو تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان ۽ اسماعيل بن نتنياہ کي قتل ڪريان، ۽ ڪنهن ماڻهو کي انهي جي خبر نہ پوندي: ڇو هو تنهنجو ساهہ وٺي، جنهن ڪري سڀ يهودي جي تو وٽ گڏ ٿيا آهن، سي ٽڙي پکڙي وڃن ۽ يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو ناس ٿي وڃن؟</verse>
				<verse number="16">پر جدلياہ بن اخيقام، يوحنان بن قريحہ کي چيو تہ تون اهو ڪم متان ڪرين: ڇالاءِ جو تون اسماعيل جي بابت ڪوڙ ٿو ڳالهائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="41">
				<verse number="1">هاڻي ستين مهيني ۾ هيئن ٿيو، تہ اسماعيل بن نتنياہ بن اليسمع، جو شاهي نسل جو هو، ۽ بادشاهہ جي مکيہ عهديدارن مان هڪڙو هو، سو ڏهن ماڻهن سميت جدلياہ بن اخيقام وٽ مصفاہ ۾ آيو؛ ۽ اُتي هنن مصفاہ ۾ گڏجي ماني کاڌي.</verse>
				<verse number="2">تڏهن اسماعيل بن نتنياہ ۽ جيڪي ڏهہ ماڻهو ساڻس هئا، تن اُتي جدلياہ بن اخيقام، بن سافن، جنهن کي بابل جي بادشاهہ انهي ملڪ تي حاڪم مقرر ڪيو هو، تنهن کي ترار سان ڌڪ هنيون ۽ ڪُٺائونس،</verse>
				<verse number="3">اسماعيل انهن سڀني يهودين کي بہ ڪُٺو جي انهيءَ سان، يعني جدلياہ سان مصفاہ ۾ هئا، ۽ انهن ڪسدين کي بہ، يعني جيڪي جنگي مرد اُتي هئا.</verse>
				<verse number="4">۽ جڏهن هن جدلياہ کي ماريو، ۽ ڪنهن ماڻهوءَ کي انهيءَ جي خبر نہ پئي، تڏهن انهي جي ٻئي ڏينهن هيئن ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="5">ڪي ماڻهو يعني اسي ڄڻا، سڪم ۽ سيلا ۾ سامريہ مان آيا، جن جون ڏاڙهيون ڪوڙيل هيون، ۽ ڪپڙا ڦاٽل هئا، ۽ جن پاڻ کي وڍ وڌا هئا، ۽ نذرانا ۽ لوبان سندن هٿ ۾ هئا، انهي لاءِ تہ اُهي خداوند جي گهر ۾ آڻين.</verse>
				<verse number="6">۽ اسماعيل بن نتنياہ مصفاہ مان نڪري انهن کي گڏجڻ لاءِ ويو ۽ ويندي سڄو رستو رئندو ويو: ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو انهن کي گڏيو تڏهن چيائين، تہ هلو تہ جدلياہ بن اخيقام وٽ هلون.</verse>
				<verse number="7">۽ هيئن ٿيو جو جڏهن هو شهر جي وچ ۾ آيا تڏهن اسماعيل بن نتنياہ ۽ جيڪي ماڻهو هن سان هئا تن انهن کي ڪهي هڪڙي کڏ ۾ اُڇلائي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="8">پر انهن ۾ ڏهہ ماڻهو هئا جن اسماعيل کي چيو تہ اسان کي نہ مار: ڇالاءِ جو اسان وٽ ٻنيءَ ۾ ڪڻڪ جا، ۽ جوَن جا، ۽ تيل جا، ۽ ماکيءَ جا وڏا انداز لڪل آهن، تنهن ڪري هو باز آيو ۽ هنن کي سندن ڀائرن سان گڏ قتل نہ ڪيائين.</verse>
				<verse number="9">هاڻي اُها کڏ جنهن ۾ اسماعيل اُنهن ماڻهن جا لاش اُڇلايا هئا جن کي جدلياہ سان گڏ ڪُٺو هئائين، (يعني اُها ساڳي کڏ جا آسا بادشاهہ اسرائيل جي بادشاهہ بعشا جي ڊپ کان کوٽائي هئي،) تنهن کي اسماعيل بن نتنياہ انهن ڪُٺلن جي لاشن سان ڀري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="10">تنهن کان پوءِ مصفاہ ۾ جيڪي ماڻهو بچيا هئا، يعني بادشاهہ جون ڌيئون ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو مصفاہ ۾ بچيا هئا، ۽ جي پهري وارن جي سردار نبوزرادان جدلياہ بن اخيقام جي حوالي ڪيا هئا، تن کي اسماعيل قيد ڪري وٺي ويو: اسماعيل بن نتنياہ انهن کي قيد ڪري وٺي ويو، ۽ بني عمون ڏي لنگهي وڃڻ لاءِ روانو ٿيو.</verse>
				<verse number="11">جڏهن يوحنان بن قريحہ ۽ جيڪي لشڪرن جا سردار ساڻس هئا تن انهي خرابيءَ جو ٻڌو جو اسماعيل بن نتنياہ ڪئي هئي،</verse>
				<verse number="12">تڏهن هنن سڀيئي ماڻهو گڏ ڪيا ۽ اسماعيل بن نتنياہ سان وڙهڻ لاءِ آيا، ۽ انهي کي جبعون ۾ جتي وڏا تلاءُ آهن، اُتي لڌائون.</verse>
				<verse number="13">هاڻي هيئن ٿيو تہ اسماعيل سان جيڪي ماڻهو هئا تن سڀني جڏهن يوحنان بن قريحہ ۽ سڀ لشڪرن جا سردار جي ساڻس هئا، تن کي ڏٺو، تڏهن خوش ٿيا.</verse>
				<verse number="14">پوءِ سڀ ماڻهو، جن کي اسماعيل مصفاہ مان قيد ڪري وٺي ويو هو، سي ور ڏيئي موٽي آيا ۽ يوحنان بن قريحہ وٽ ويا،</verse>
				<verse number="15">پر اسماعيل بن نتنياہ، اٺن ماڻهن سان يوحنان وٽان ڀڄي بني عمون ڏانهن ويو.</verse>
				<verse number="16">تڏهن يوحنان بن قريحہ ۽ جيڪي لشڪرن جا سردار ساڻس هئا تن سڀني انهن باقي بچيلن ماڻهن کي ورتو، جن کي جدلياہ بن اخيقام جي قتل ڪرڻ کان پوءِ هن مصفاہ مان اسماعيل بن نتنياہ جي هٿان ڇڏايو هو، يعني جنگي ماڻهو، ۽ زالون، ۽ ٻار، ۽ ناظر، جن کي هن وري جبعون مان آندو هو:</verse>
				<verse number="17">۽ هو روانا ٿيا ۽ ڪمهام جي سراءِ ۾ وڃي رهيا، جا بيت الحم جي ڀرسان آهي، انهيءَ لاءِ تہ مصر ۾ وڃي داخل ٿين،</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو ڪسدين جي سبب هنن کي ڊپ هو، جو اسماعيل بن نتنياہ، جدلياہ بن اخيقام کي قتل ڪيو هو، جنهن کي بابل جي بادشاهہ انهيءَ زمين تي حاڪم مقرر ڪيو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="42">
				<verse number="1">تڏهن لشڪرن جا سڀ سردار، ۽ يوحنان بن قريحہ، ۽ يزنياہ بن هوسعياہ، ۽ ٻيا سڀ ماڻهو تمام ننڍن کان وٺي وڏن تائين ويجها آيا.</verse>
				<verse number="2">۽ يرمياہ نبيءَ کي چوڻ لڳا تہ اسين توکي منٿ آزي ٿا ڪريون تہ تنهنجي خدمت ۾ جيڪو اسان جو عرض آهي سو قبول پوي ۽ تون اسان جي لاءِ، يعني هي ماڻهو جيڪي بچيا آهن تن سڀني جي لاءِ، خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهر؛ ڇالاءِ جو اسين گهڻن مان ڪي ٿورا وڃي رهيا آهيون، جيئن تون پنهنجن اکين سان اسان کي ڏسين ٿو:</verse>
				<verse number="3">من خداوند تنهنجو خدا اسان کي اهو رستو ڏيکاري جنهن تي هلون ۽ اُهو ڪم ڏيکاري جو ڪريون.</verse>
				<verse number="4">تڏهن يرمياہ نبيءَ هنن کي چيو تہ مون اوهان جي ڳالهہ ٻڌي آهي؛ ڏسو، آءٌ اوهان جي چوڻ موجب خداوند اوهان جي خدا کان دعا گهرندس؛ ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪا ڳالهہ خداوند اوهان کي ورنديءَ ۾ چوندو سا آءٌ اوهان کي صاف ٻڌائيندس؛ آءٌ اوهان کان پٺ تي ڪي بہ ڪين رکندس.</verse>
				<verse number="5">تڏهن هنن يرمياہ کي چيو تہ جيڪو بہ حڪم خداوند تنهنجو خدا توکي ڏيئي اسان ڏي موڪليندو تنهن موجب جيڪڏهن اسين عمل نہ ڪنداسين تہ خداوند اسان جي برخلاف سچو ۽ وفادار شاهد ٿئي.</verse>
				<verse number="6">اُهو چڱو هجي يا بڇڙو، تہ بہ خداوند اسان جو خدا، جنهن ڏي اسين توکي موڪليون ٿا، تنهن جو حڪم اسين مڃينداسين؛ انهي لاءِ تہ جڏهن اسين خداوند پنهنجي خدا جو حڪم مڃينداسين تڏهن اسان جو ڀلو ٿيندو.</verse>
				<verse number="7">۽ ڏهن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو.</verse>
				<verse number="8">تڏهن هن يوحنان بن قريحہ ۽ جيڪي لشڪرن جا سردار ساڻس هئا، ۽ ٻيا ماڻهو ننڍا توڙي وڏا جيڪي هئا تن سڀني کي سڏيو،</verse>
				<verse number="9">۽ چيائين تہ خداوند، اسرائيل جو خدا، جنهن ڏي اوهان مون کي سندس حضور ۾ عرض ڪرڻ لاءِ موڪليو هو، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ</verse>
				<verse number="10">جيڪڏهن اوهين هن زمين ۾ رهندا ايندا تہ آءٌ اوهان کي اڏيندس ۽ ڊاهيندس ڪين، ۽ آءٌ اوهان کي پوکيندس ۽ پٽيندس ڪين: ڇالاءِ جو جيڪا خرابي مون اوهان سان ڪئي آهي تنهن کان آءٌ ڦريو آهيان.</verse>
				<verse number="11">جنهن بابل جي بادشاهہ جو اوهان کي ڊپ آهي، تنهن کان نہ ڊڄو؛ خداوند ٿو فرمائي تہ انهي جو ڪوبہ ڊپ نہ رکو، ڇالاءِ جو اوهان کي بچائڻ لاءِ ۽ هن جي هٿان ڇڏائڻ لاءِ، آءٌ اوهان سان آهيان.</verse>
				<verse number="12">۽ آءٌ اوهان تي رحم ڪندس، جنهن ڪري هو بہ اوهان تي رحم ڪري اوهان کي موٽائي پنهنجي زمين ڏي موڪليندو.</verse>
				<verse number="13">پر جي اوهين چوندا تہ اسين هن ملڪ ۾ نہ رهنداسين؛ ۽ انهي طرح خداوند پنهنجي خدا جو حڪم نہ مڃيندا؛</verse>
				<verse number="14">۽ چوندا تہ نہ: اسين مصر جي ملڪ ۾ وينداسين، جتي اسين ڪابہ جنگ ڪانہ ڏسنداسين، ۽ نہ قرناءِ جو آواز ٻڌنداسين، ۽ نہ مانيءَ جي بک ڪڍنداسين؛ اُتي اسين رهنداسين:</verse>
				<verse number="15">تہ تڏهن هاڻي، اي يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو: لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن اوهين سچ پچ مصر ۾ وڃي اُتي رهي پوڻ لاءِ خواهان ٿيندا:</verse>
				<verse number="16">تہ تڏهن هيئن ٿيندو تہ ترار، جنهن کان اوهين ڊڄو ٿا سا مصر جي ملڪ ۾ اوهان کي اچي پهچندي، ۽ ڏڪار جنهن کان اوهين ڊڄو ٿا، سو اُتي مصر ۾ اوهان جي بنهہ پٺيان لڳندو؛ ۽ اُتي اوهين مرندا.</verse>
				<verse number="17">اهڙو ساڳيو حال انهن سڀني ماڻهن جو ٿيندو جي مصر ۾ وڃي رهڻ جي لاءِ خواهان آهن؛ اُهي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندا؛ ۽ جيڪا خرابي آءٌ هنن جي مٿان آڻيندس تنهن کان ڪوبہ ڪونہ رهندو يا بچندو.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا فرمائي، ٿو تہ جيئن منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجو غضب يروشلم جي رهاڪن تي اوتيو ويو آهي، تيئن منهنجو غضب اوهان تي بہ اوتيو ويندو، جڏهن اوهين مصر ۾ گهڙندا: ۽ اوهين نفرت، ۽ حيرت، ۽ لعنت، ۽ ملامت جو سبب ٿيندا؛ ۽ اوهين هي هنڌ وري ڪڏهن بہ نہ ڏسندا.</verse>
				<verse number="19">اي يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو اوهان جي نسبت ۾ خداوند فرمايو آهي تہ اوهين مصر ۾ نہ وڃو: پڪ ڄاڻو تہ مون اڄوڪي ڏينهن اوهان وٽ شاهدي ڏني آهي.</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ جو اوهان خود پنهنجن دلين ۾ دغابازي ڪئي آهي؛ جو اوهان مون کي خداوند پنهنجي خدا ڏي، هيئن چئي موڪليو تہ خداوند اسان جي خدا کان اسان جي لاءِ دعا گهر؛ ۽ جيڪي خداوند اسان جو خدا فرمائي ان موجب اسان کي خبر ڏي تہ اسين ائين ڪريون:</verse>
				<verse number="21">۽ اڄوڪي ڏينهن مون اُها خبر اوهان کي ڏني آهي: ۽ جنهن ڳالهہ جي لاءِ خداوند اوهان جي خدا مون کي اوهان ڏي موڪليو، انهي بابت اوهان ان جو حڪم نہ مڃيو آهي.</verse>
				<verse number="22">تنهن ڪري هاڻي پڪ آهي تہ اوهين جنهن هنڌ وڃي رهڻ جي لاءِ خواهش ٿا ڪريو، اُتي ئي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="43">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يرمياہ سڀني ماڻهن کي خداوند، سندن خدا جون اهي سڀ ڳالهيون ٻڌائي چڪو، جن سان خداوند سندن خدا هنن کي وٽن موڪليو هو، يعني اُهي سڀ ڳالهيون،</verse>
				<verse number="2">تڏهن عزرياہ بن هوسعياہ، ۽ يوحنان بن قريحہ، ۽ سڀني مغرور ماڻهن يرمياہ کي مخاطب ٿي چيو تہ تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين: خداوند اسان جي خدا توکي ڪونہ موڪليو آهي تہ چوين تہ اوهين مصر ۾ نہ وڃي رهو.</verse>
				<verse number="3">پر باروڪ بن نيرياہ توکي اسان جي برخلاف چوري ٿو تہ اسان کي ڪسدين جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏي، تہ ڀلي هو اسان کي مارائي ڇڏين ۽ اسان کي قيد ڪري بابل ڏي وٺي وڃن.</verse>
				<verse number="4">انهي طرح يوحنان بن قريحہ، ۽ لشڪرن جي سڀني سردارن، ۽ سڀني ماڻهن يهوداہ جي ملڪ ۾ رهي پوڻ لاءِ خداوند جو حڪم نہ مڃيو.</verse>
				<verse number="5">يوحنان بن قريحہ، ۽ لشڪرن جي سڀني سردارن، يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو، جي انهن سڀني قومن مان يهوداہ جي زمين ۾ رهڻ لاءِ موٽي آيا هئا جنهن ۾ هو هڪالجي ويا هئا، تن کي ساڻ ورتو،</verse>
				<verse number="6">يعني مردن، ۽ زالن، ۽ ٻارن کي، ۽ بادشاهہ جي ڌيئن کي، ۽ انهن سڀني ماڻهن کي جن کي پهري وارن جو سردار نبوزرادان، جدلياہ بن اخيقام، بن سافن وٽ ڇڏي ويو هو، ۽ يرمياہ نبي ۽ باروڪ بن نيرياہ کي بہ؛</verse>
				<verse number="7">۽ هو مصر جي ملڪ ۾ آيا؛ ڇالاءِ جو هنن خداوند جو حڪم نہ مڃيو: بلڪ هو تحفنحيس تائين بہ آيا.</verse>
				<verse number="8">تڏهن تحفنحيس ۾ خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="9">تون وڏا وڏا پهڻ پنهنجي هٿ ۾ کڻ ۽ جيڪو سرن جو ايوان تحفنحيس ۾ فرعون جي گهر جي لنگهہ وٽ آهي تنهن ۾ يهوداہ جي ماڻهن جي ڏسندي گچ سان لڳائي ڇڏ؛</verse>
				<verse number="10">۽ انهن کي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ پنهنجي ٻانهي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر کي گهرائي، انهي جو تخت انهن پهڻ تي رکندس، جي مون لڪايا آهن؛ ۽ هو پنهنجو شاهي شاميانو انهن جي مٿان پکيڙيندو.</verse>
				<verse number="11">۽ هو ايندو ۽ مصر جي زمين کي ماريندو؛ جيڪي موت جي لاءِ آهن سي قتل ڪيا ويندا، ۽ جيڪي قيد جي لاءِ آهن سي قيد ڪيا ويندا، ۽ جيڪي ترار جي لاءِ آهن، سي ترار جي حوالي ڪيا ويندا،</verse>
				<verse number="12">۽ آءٌ مصر جي معبودن جي گهرن ۾ باهہ ٻاريندس؛ ۽ هو انهن کي ساڙيندو ۽ انهن کي قيد ڪري وٺي ويندو: ۽ هو مصر جو ملڪ چوڌاري ائين ويڙهيندو جيئن ڪو ڌنار پنهنجي چادر ڍڪيندو آهي؛ پوءِ هو اُتان صحيح سلامت هليو ويندو.</verse>
				<verse number="13">هو بيت شمس جا ٿنڀ بہ ڀڃندو، جو مصر جي ملڪ ۾ آهي، ۽ مصر جي معبودن جا گهر هو باهہ سان ساڙيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="44">
				<verse number="1">اهو ڪلام جو مصر جي ملڪ ۾ رهندڙن، ۽ مجدال ۾، ۽ تحفنحيس ۾، ۽ نوف ۾، ۽ فتروس جي ملڪ ۾ رهندڙن يهودين جي نسبت ۾، يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪا خرابي مون يروشلم تي ۽ يهوداہ جي سڀني شهرن تي آندي آهي، سا سڀ اوهان ڏٺي آهي؛ ۽ ڏس، اڄ اُهي اهڙا ويران آهن جو ڪوبہ ماڻهو انهن ۾ نٿو رهي.</verse>
				<verse number="3">تنهنجو سبب هيءُ آهي تہ هنن جي شرارت مون کي ڪاوڙ ڏياري، جو هنن وڃي ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙيا ۽ انهن جي عبادت ڪيائون، جنهن کي نہ هنن ٿي ڄاتو، يعني نہ اوهان نہ اوهان جي ابن ڏاڏن.</verse>
				<verse number="4">انهيءَ هوندي بہ مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي، صبح جو سوير اُٿي موڪليا، ۽ چيم تہ اڙي اهو ڪراهت جهڙو ڪم جو آءٌ ڌڪاريان ٿو سو نہ ڪريو.</verse>
				<verse number="5">پر هنن نہ ٻڌو ۽ نہ ڪن ڏيئي پنهنجي شرارت کان باز آيا، ۽ نہ ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙڻ ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="6">جنهن ڪري منهنجو غضب ۽ منهنجي ڪاوڙ ڀڙڪي نڪتي، ۽ يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ ٻرڻ لڳي؛ ۽ هو زبون ۽ ويران ٿي ويا آهن، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.</verse>
				<verse number="7">تنهن ڪري هاڻي خداوند، لشڪرن جو خدا، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇو اوهين پنهنجن جانين جي برخلاف هيءَ وڏي خرابي ٿا ڪريو، جو يهوداہ جي وچان اوهان مان مرد، ۽ زال، ۽ ٻار ۽ کير پياڪ وڍيا وڃن، ۽ ڪوبہ ڪونہ بچي؛</verse>
				<verse number="8">جو اوهين جنهن مصر جي ملڪ ۾ رهڻ لاءِ آيا آهيو، تنهن ۾ ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙڻ سان ۽ پنهنجن هٿن جي ڪمن سان مون کي ڪاوڙ ٿا ڏياريو؛ انهي لاءِ تہ اوهين وڍيا وڃو، ۽ زمين جي سڀني قومن ۾ لعنت ۽ ملامت بنجو؟</verse>
				<verse number="9">اوهان پنهنجي ابن ڏاڏن جي شرارت ۽ يهوداہ جي بادشاهن جي شرارت، ۽ سندن زالن جي شرارت، ۽ خود پنهنجي شرارت، ۽ پنهنجي زالن جي شرارت، وساري ڇڏي آهي ڇا، جا هنن يهوداہ جي ملڪ ۾ ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ ڪئي؟</verse>
				<verse number="10">هو اڄ ڏينهن تائين پشيمان نہ ٿيا آهن، نڪي ڊنا آهن، نڪي منهنجي شريعت تي يا منهنجن قانونن تي هليا آهن، جي مون اوهان جي اڳيان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن جي اڳيان رکيا.</verse>
				<verse number="11">تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ بڇڙائيءَ جي لاءِ پنهنجو منهن اوهان جي برخلاف ڪندس، انهي لاءِ تہ يهوداہ کي وڍي ڇڏيان.</verse>
				<verse number="12">۽ يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو جي مصر جي زمين ۾ رهڻ لاءِ اوڏي وڃڻ واسطي تيار ٿيا آهن، تن کي آءٌ پڪڙيندس ۽ اُهي سڀ ناس ڪيا ويندا؛ مصر جي ئي ملڪ ۾ اُهي ڪرندا؛ اُهي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ناس ڪيا ويندا؛ تمام ننڍي کان وٺي تمام وڏي تائين، هو ترار سان، ۽ ڏڪار سان مرندا: ۽ اُهي نفرت، ۽ حيرت، ۽ لعنت، ۽ ملامت جو سبب ٿيندا.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو جيڪي مصر جي زمين ۾ رهن ٿا تن کي آءٌ سزا ڏيندس، جيئن مون يروشلم کي ترار سان ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان سزا ڏني آهي:</verse>
				<verse number="14">جنهن ڪري يهوداہ جا باقي رهيل ماڻهو جي مصر جي ملڪ ۾ رهڻ لاءِ اوڏي ويا آهن، تن مان ڪوبہ ڪونہ بچندو يا رهندو، جو يهوداہ جي زمين ۾ موٽي اچي، جتي موٽي اچي رهڻ جي لاءِ هو خواهشمند آهن: ڇالاءِ جو ڀڄي نڪرڻ وارن کانسواءِ ڪوبہ ڪونہ موٽندو.</verse>
				<verse number="15">تڏهن جن ماڻهن کي خبر هئي تہ سندن زالون ٻين معبودن جي لاءِ لوبان ساڙينديون آهن تن، ۽ اُهي سڀ زالون جي سندس پاسي ۾ بيٺيون هيون، تن سڀني هڪڙي وڏي جماعت ڪري، يعني سڀيئي ماڻهو جي مصر جي زمين ۾، فتروس منجهہ رهندا هئا، تن يرمياہ کي ورندي ڏئي چيو، تہ</verse>
				<verse number="16">جيڪو ڪلام تو اسان کي خداوند جي نالي سان ٻڌايو آهي، سو تنهنجي واتان نہ ٻڌنداسين.</verse>
				<verse number="17">پر جيڪو بہ لفظ اسان جي واتان نڪتو آهي سو ضرور اسين پورو ڪنداسين، يعني آسمان جي راڻي لاءِ لوبان ساڙينداسين ۽ انهي جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون هارينداسين، جيئن اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن، اسان جن بادشاهن ۽ اسان جن اميرن يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ پي ڪيو آهي: ڇالاءِ جو انهي وقت اسان وٽ گهڻو کاڌو موجود هو، ۽ چڱي حال ۾ هئاسين، ۽ ڪابہ خرابي ڪانہ ڏٺيسين.</verse>
				<verse number="18">پر جڏهن کان اسان آسمان جي راڻيءَ جي لاءِ لوبان ساڙڻ ۽ ان جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون هارڻ ڇڏي ڏنو آهي، تڏهن کان وٺي اسين سڀني شين جا محتاج ٿيا آهيون.</verse>
				<verse number="19">۽ جڏهن اسان آسمان جي راڻي لاءِ لوبان ساڙيو ۽ ان جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون هاريون تڏهن ڪو اسان پنهنجن مڙسن کان سواءِ اُن جي عبادت ڪرڻ لاءِ، اُن جي واسطي لولا پچايا، ۽ پيئڻ جون قربانيون هاريون ڇا؟</verse>
				<verse number="20">تڏهن يرمياہ سڄي قوم کي چيو، يعني انهن مردن ۽ زالن کي، بلڪ انهن سڀني ماڻهن کي جن کيس اها ورندي ڏني، تہ</verse>
				<verse number="21">جيڪو لوبان يهوداہ جي شهرن ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ اوهان، ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن، اوهان جن بادشاهن، ۽ اوهان جن اميرن ۽ ملڪ جي ماڻهن ساڙيو، سو خداوند کي ياد نہ هو ڇا ۽ اُهو اُن جي دل ۾ نہ آيو ڇا؟</verse>
				<verse number="22">جنهن ڪري اوهان جن ڪمن جي بڇڙائي سبب، ۽ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم اوهان ڪيا آهن تن جي سبب خداوند وڌيڪ صبر ڪري نہ سگهيو؛ تنهن ڪري اوهان جو ملڪ ويران، ۽ حيرت، ۽ لعنت ٿيو آهي، ۽ منجهس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونهي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.</verse>
				<verse number="23">ڇالاءِ جو اوهان لوبان ساڙيو آهي، ۽ ڇالاءِ جو اوهان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي، ۽ خداوند جو حڪم نہ مڃيو اٿوَ، ۽ نہ ان جي شريعت تي، ۽ نہ اُن جي قانونن تي، ۽ نہ اُن جي شاهدين تي هليا آهيو؛ تنهن ڪري هيءَ خرابي اوهان کي پهتي آهي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.</verse>
				<verse number="24">هيترو بہ وڌيڪ يرمياہ انهن سڀني ماڻهن کي ۽ سڀني زالن کي چيو، تہ اي يهوداہ جي سڄي قوم اوهين جي مصر جي زمين ۾ آهيو، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو:</verse>
				<verse number="25">لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان ۽ اوهان جن زالن پنهنجن واتن سان ڳالهايو آهي، ۽ پنهنجن هٿن سان اُهو پورو ڪيو اٿوَ، ۽ چيو اٿوَ تہ آسمان جي راڻيءَ لاءِ لوبان ساڙڻ ۽ اُن جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون هارڻ واسطي جيڪي اسان مڃتائون مڃيون آهن، سي ضرور پوريون ڪنداسين: تڏهن اوهين پنهنجون مڃتائون قائم ڪريو ۽ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪريو.</verse>
				<verse number="26">تنهن ڪري اي يهوداہ جي سڄي قوم، اوهين جي مصر جي ملڪ ۾ رهو ٿا، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو: خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏسو، مون پنهنجي وڏي نالي جو قسم کنيو آهي تہ مصر جي سڄي ملڪ ۾ يهوداہ جي ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي واتان اڳتي وري منهنجو نالو نہ نڪرندو، ۽ ڪوبہ ڪونہ چوندو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي.</verse>
				<verse number="27">ڏس، آءٌ انهن تي نظرداري ڪريان ٿو، نہ چڱائيءَ لاءِ پر بڇڙائيءَ لاءِ: ۽ يهوداہ جا سڀ ماڻهو جي مصر جي زمين ۾ آهن، سي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ناس ڪيا ويندا، جيسين ڪ سندن پڄاڻي ٿيندي.</verse>
				<verse number="28">۽ جيڪي ترار کان بچندا، سي ٿورا ٿي مصر جي ملڪ مان نڪري يهوداہ جي ملڪ ۾ موٽي ايندا؛ ۽ يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو جي مصر ۾ رهڻ جي لاءِ اوڏي ويا آهن، سي پاڻهين ڄاڻندا تہ ڪنهن جي ڳالهہ ٿي بيهي، منهنجي يا هنن جي.</verse>
				<verse number="29">۽ خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان جي لاءِ هيءَ نشاني ٿيندي، تہ آءٌ اوهان کي هن ئي هنڌ سزا ڏيندس، تہ اوهين ڄاڻو تہ منهنجون ڳالهيون اوهان کي خرابي پهچائڻ لاءِ ضرور قائم رهنديون:</verse>
				<verse number="30">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ مصر جي بادشاهہ فرعون حفرع کي سندس دشمنن جي هٿ ۾ ڏيندس، ۽ انهن جي هٿ ۾ جي سندس ساهہ جا طالبو آهن؛ جيئن ڪ مون يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي سندس دشمنن ۽ سندس ساهہ جي طالب، بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جي هٿ ۾ ڏنو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="45">
				<verse number="1">اهو ڪلام جو يرمياہ نبيءَ، باروڪ بن نيرياہ کي تڏهن ٻڌايو جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي چوٿين ورهيہ ۾ هن هي ڳالهيون يرمياہ جي واتان هڪڙي ڪتاب ۾ لکيون، جنهن ۾ چيائين تہ</verse>
				<verse number="2">خداوند، اسرائيل جو خدا توکي هيئن ٿو فرمائي، تہ اي باروڪ:</verse>
				<verse number="3">تو چيو تہ هاڻي منهنجي لاءِ افسوس آهي! ڇالاءِ جو خداوند منهنجي سور تي ڏک وڌايو آهي؛ آءٌ دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان، ۽ آرام ڪونہ ٿو اچيم.</verse>
				<verse number="4">تون هن کي هيئن چئج، خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪي مون اڏيو آهي سو آءٌ ڀڃي ڊاهي ڇڏيندس، ۽ جيڪي مون پوکيو آهي سو آءٌ پٽي ڇڏيندس؛ ۽ سڄي ملڪ ۾ ائين ڪندس.</verse>
				<verse number="5">۽ تون پنهنجي لاءِ وڏيون شيون ٿو ڳولين ڇا؟ اُهي نہ ڳول: ڇالاءِ جو ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ سڄي خلق تي خرابي آڻيندس: پر جن جن هنڌن تي تون ويندين اُتي آءٌ تنهنجي حياتي توکي غنيمت ڪري ڏيندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="46">
				<verse number="1">خداوند جو اهو ڪلام جو قومن جي نسبت ۾ يرمياہ نبيءَ وٽ آيو:</verse>
				<verse number="2">مصر بابت: فرعون نڪوہ، مصر جي بادشاهہ جي لشڪر جي نسبت ۾، جو ڪرڪميس ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هو، جنهن کي يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي چوٿين ورهيہ ۾ بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر شڪست ڏني.</verse>
				<verse number="3">اوهين ڍال ۽ سپر گهرائي وٺو، ۽ جنگ ڪرڻ لاءِ ويجها اچو.</verse>
				<verse number="4">اي گهوڙيسوارو گهوڙن تي سنج وجهو، ۽ اُٿو ۽ پنهنجا جنگي ٽوپ ڍڪي نڪري بيهو؛ نيزن کي ملي صاف ڪريو، زرهون ڍڪيو.</verse>
				<verse number="5">ڇو مون اهو ڏٺو آهي؟ هو ڊڄي پٺ تي موٽي ويا آهن؛ ۽ هنن جا بهادر مرد شڪست کائي ويا آهن، ۽ اهڙا جلد ڀڄي ويا آهن جو پٺ تي ئي نٿا نهارين: خداوند ٿو فرمائي، تہ هر طرف خوف آهي.</verse>
				<verse number="6">جو تکو آهي سو ڀڄي نہ وڃي، ۽ جو زور وارو آهي سو نڪري نہ وڃي؛ اُتر ۾ فرات نديءَ جي ڪنڌن تي هو آٿڙجي ڪِريا آهن.</verse>
				<verse number="7">اهو ڪير آهي جو نيل نديءَ وانگي چڙهندو اچي، جنهن جو پاڻي ندين وانگي اُٿلندو اچي؟</verse>
				<verse number="8">مصر نيل نديءَ وانگي چڙهي ٿو، ۽ ان جو پاڻي ندين وانگي اُٿلي ٿو: ۽ اُهو چوي ٿو تہ آءٌ چڙهندس، ۽ زمين کي ڍڪي ڇڏيندس؛ آءٌ شهر کي ۽ ان جي ماڻهن کي ناس ڪندس.</verse>
				<verse number="9">اي گهوڙا اوهين ڪاهي وڃو؛ ۽ اي گاڏيون، اوهين ڪڙڪو ڪريو؛ ڀلي تہ بهادر مرد وڌي اڳتي وڃن: ڪوش ۽ فوت، جي سپر کڻن ٿا؛ ۽ لودي جي ڪمان کڻن ٿا.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو اهو ڏينهن، يعني خداوند لشڪرن جي خدا جو ڏينهن، وير وٺڻ جو ڏينهن آهي، انهي لاءِ تہ هو پنهنجي دشمنن کان وير وٺي: ۽ ترار کائي ويندي ۽ ڍءُ ڪندي، ۽ هنن جي رت مان پنهنجو پيٽ ڀريندي: ڇالاءِ جو خداوند، لشڪرن جي خداوند لاءِ اُتر واري ملڪ ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هڪڙي قرباني ٿيڻي آهي.</verse>
				<verse number="11">اي مصر جي ڪنواري ڌيءَ، تون جلعاد ۾ وڃي ملم وٺ: گهڻيون دوائون اجايون ٿي ڪم آڻين؛ تنهنجي لاءِ ڇٽڻ ڪونهي.</verse>
				<verse number="12">قومن تنهنجي خواريءَ جو ذڪر پڌرو ڪيو آهي ۽ زمين تنهنجي دانهن سان ڀرجي ويئي آهي: ڇالاءِ جو هڪڙو بهادر مرد ٻئي بهادر مرد تي آٿڙجي پيو آهي، ۽ ٻئي گڏ ڪِري پيا آهن.</verse>
				<verse number="13">بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر ڪيئن اچي مصر جي زمين کي شڪست ڏيندو، تنهن بابت جيڪو ڪلام خداوند وٽان يرمياہ نبيءَ وٽ آيو سو هي آهي.</verse>
				<verse number="14">اوهين مصر ۾ ظاهر ڪريو، ۽ مجدال ۾ پڌرائي ڪريو، ۽ نوف ۽ تحفنحيس ۾ اشتهار ڪريو: اوهين چئو تہ نڪري اچ ۽ پاڻ کي تيار رک؛ ڇالاءِ جو ترار تنهنجي آس پاس کائي ويئي آهي.</verse>
				<verse number="15">ڇو تنهنجا مضبوط ماڻهو ٻهارجي ويا آهن؟ هو بيٺا ئي ڪين، ڇالاءِ جو خداوند هنن کي هڪالي ڪڍيو.</verse>
				<verse number="16">هن گهڻن کي آٿڙائي وڌو، هائو، هو هڪ ٻئي تي ڪري پيا: ۽ چوڻ لڳا تہ اُٿو تہ هن ظلم ڪندڙ ترار کان نڪري وڃي پنهنجي قوم ڏي ۽ پنهنجي وطن ڏي هلون.</verse>
				<verse number="17">اُتي هو وڏي سڏ چوڻ لڳا تہ مصر جو بادشاهہ فرعون رڳو ڳالهيون آهي؛ هن مقرر ڪيل وقت کي گذاري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="18">اُهو بادشاهہ، جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي سو فرمائي ٿو، تہ منهنجي حيات جو قسم آهي، تہ جيئن تبور جبلن ۾، ۽ جيئن ڪرمل سمنڊ جي ڪناري تي، تيئن ضرور هو ايندو.</verse>
				<verse number="19">اي ڌيءَ، تون جا مصر ۾ رهين ٿي، سا قيد ۾ وڃڻ لاءِ پاڻ کي تيار رک: ڇالاءِ جو نوف ويران ٿيندو، ۽ ساڙيو ويندو، ۽ منجهس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ بچندو.</verse>
				<verse number="20">مصر ڏاڍي سهڻي گابي آهي؛ پر اُتر مان خرابي اچي ٿي، اُها اڳ ئي هن تي آئي آهي.</verse>
				<verse number="21">منجهس جيڪي ڀاڙي ڪيل ماڻهو آهن سي بہ آهري جي گابن وانگي آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي پٺ تي موٽيا آهن، اُهي گڏجي اُٿي ڀڳا آهن، اهي بيٺا ئي ڪين: ڇالاءِ جو سندن مصيبت جو ڏينهن اچي بيٺو آهي، يعني سندن سزا جو وقت.</verse>
				<verse number="22">انهن جو آواز ڀڄندڙ نانگ وانگي ايندو، ڇالاءِ جو هو لشڪرن سان ڪوچ ڪندا، ۽ ڪاٺيرن وانگي ڪهاڙا کڻي اُن تي ڪاهي ايندا.</verse>
				<verse number="23">خداوند ٿو فرمائي تہ هو انهي جو ٻيلو وڍي ڇڏيندا، جيتوڻيڪ انهن ۾ ڪوبہ گهڙي ڳولا ڪري نٿو سگهي: ڇالاءِ جو اُهي مڪڙن کان بہ گهڻا آهن، بلڪ بيشمار آهن.</verse>
				<verse number="24">مصر جي ڌيءَ شرمندي ڪئي ويندي؛ اُها اُتر وارن ماڻهن جي هٿ ۾ ڏني ويندي.</verse>
				<verse number="25">لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ نوَ واري امون، ۽ فرعون، ۽ مصر کي سندس معبودن ۽ سندس بادشاهن سان گڏ سزا ڏيندس؛ يعني فرعون کي ۽ انهي کي جي مٿس ڀروسو ٿا رکن.</verse>
				<verse number="26">۽ آءٌ هنن کي سندن جانين جي ڳوليندڙن جي هٿن ۾، ۽ بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جي هٿ ۾، ۽ سندس نوڪرن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندس: ۽ تنهن کان پوءِ، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهو وري وسندو جيئن قديم زماني ۾ هوندو هو.</verse>
				<verse number="27">پر اي منهنجا ٻانها يعقوب، تون ڊڄ نہ، اي اسرائيل، خوف نہ ڪر: ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ توکي ڏورانهين ملڪ کان بچائيندس ۽ تنهنجي نسل کي سندن قيد جي ملڪ کان: ۽ يعقوب موٽي ايندو ۽ ماٺ ۽ آرام ۾ رهندو، ۽ ڪوبہ نہ ڊيڄاريندس.</verse>
				<verse number="28">خداوند ٿو فرمائي تہ اي منهنجا ٻانها يعقوب، تون نہ ڊڄ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان: ڇالاءِ جو جن قومن ڏي مون توکي هڪالي ڪڍيو آهي تن سڀني جي آءٌ اصل پڄاڻي ڪندس؛ پر آءٌ تنهنجي پڄاڻي نہ ڪندس؛ مگر آءٌ توکي عدالت سان سيکت ڏيندس، ۽ ڪنهن بہ طرح توکي بي سزا ڇڏي نہ ڏيندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="47">
				<verse number="1">فرعون غزہ کي شڪست ڏني، تنهن کان اڳي فلستين بابت جيڪو خداوند جو ڪلام يرمياہ نبي تي نازل ٿيو سو هي آهي.</verse>
				<verse number="2">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُتر مان پاڻي چڙهندو اچي، ۽ هڪڙي اُٿلندڙ نهر ٿيندو ۽ ملڪ کي ۽ جيڪي اُن ۾ آهي، شهر توڙي ماڻهو، جي انهن ۾ رهن ٿا، تن سڀني کي اُٿلي ٻوڙي ڇڏيندو؛ ۽ ماڻهو دانهون ڪندا، ۽ انهي ملڪ جا سڀ رهاڪو رڙيون ڪندا.</verse>
				<verse number="3">هن جي زور وارن گهوڙن جي سنبن جي دٻڪي تي، هن جي گاڏين جي ڪڙڪي تي، هن جي ڦيٿن جي گوڙ تي، ماڻهو ضعيف هٿن ڪري پنهنجن ٻارن ڏي ڪنڌ ورائي نٿا نهارين؛</verse>
				<verse number="4">جو اُهو ڏينهن فلستين کي لٽڻ لاءِ، ۽ صور ۽ صيدون جي باقي رهندڙن سڀ ڪنهن مددگار کي وڍي ڇڏڻ لاءِ، اچي ٿو. ڇالاءِ جو خداوند فلستين کي، يعني ڪفتور جي ٻيٽ جي باقي رهيلن ماڻهن کي، لٽي ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="5">غزہ تي گنجائي آئي آهي؛ ۽ انهن جي واديءَ مان باقي بچيل اسقلون نيست نابود ڪيو ويو آهي: ڪيستائين تون پاڻ کي پيو وڍيندين؟</verse>
				<verse number="6">اي خداوند جي ترار، اڃا ڪيتري مهل کان پوءِ تون ماٺ ڪنديئن؟ تون پاڻ کي پنهنجي مياڻ ۾ وجهہ؛ آرام وٺ ۽ ماٺ ڪر.</verse>
				<verse number="7">جڏهن خداوند توکي حڪم ڏنو آهي تڏهن تون ڪيئن ماٺ ڪري سگهندينءَ؟ اسقلون تي ۽ سمنڊ جي ڪناري تي انهي کي هن مقرر ڪيو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="48">
				<verse number="1">موآب بابت لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ويل هجي نبوءَ سان! ڇالاءِ جو اهو ويران ٿي ويو آهي؛ قريتائم شرمندو ڪيو ويو آهي، اُهو ورتو ويو آهي: مسجاب شرمندو ڪيو ويو آهي ۽ ڀڃي ڇڏيو ويو آهي.</verse>
				<verse number="2">موآب جي تعريف اڳتي نہ ٻڌبي: حسبون ۽ انهي جي برخلاف خرابي رٿي اٿن، اچو تہ اُن کي قوم ٿيڻ کان ڪپي ڇڏيون، اي مدمين، تون بہ چپ ڪرايو ويندين؛ ترار تنهنجي پٺيان پوندي.</verse>
				<verse number="3">حورونايم مان دانهن جو آواز ٿو اچي! لٽ ڦر ۽ وڏي مصيبت!</verse>
				<verse number="4">موآب ناس ٿي ويو آهي؛ ان جي ننڍڙن ٻارن جي دانهن پئي ٻڌجي.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو لوحيت جي چاڙهيءَ کان هو رئندا مٿي ويندا؛ حورونايم جي لاهيءَ تي هنن موت جي دانهن جو ڏک ڀريو آواز ٻڌو آهي.</verse>
				<verse number="6">ڀڄو، پنهنجون جانيون بچايو، ۽ بيابان جي ٻوٽن جهڙا ٿيو.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو پنهنجن ڪمن ۽ پنهنجن خزانن تي ڀروسي رکڻ ڪري تون گرفتار ٿيندين: ۽ ڪموس، پنهنجن ڪاهنن ۽ پنهنجي اميرن سميت، قيد ٿي هليو ويندو.</verse>
				<verse number="8">۽ لٽ ڪرڻ وارو سڀ ڪنهن شهر تي ڪاهي ايندو، ۽ ڪوبہ شهر بچي نہ ويندو؛ وادي ناس ٿيندي ۽ ميدان بہ چٽ ٿيندو؛ جيئن ڪ خداوند فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="9">موآب کي کنڀ ڏيو تہ اُڏامي وڃي، ۽ ان جا شهر اهڙا ويران ٿيندا جو ڪوبہ انهن ۾ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.</verse>
				<verse number="10">لعنت هجي انهي تي جو خداوند جو ڪم بي پرواهيءَ سان ٿو ڪري، ۽ لعنت هجي انهي تي جو پنهنجي ترار کي خون وهائڻ کان روڪي ٿو.</verse>
				<verse number="11">موآب ننڍي هوندي کان آرام ۾ رهيو، ۽ اُن جي ڪٽي تري ۾ ويهي ويئي آهي، ۽ هو هڪڙي ٿانوَ مان ٻئي ٿانوَ ۾ نہ اوتيو ويو آهي، ۽ نہ هو قيد ٿي موڪليو ويو آهي: تنهن ڪري هن جو سواد قائم آهي، ۽ ان جي بوءِ بدلي نہ آهي.</verse>
				<verse number="12">تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ اُن ڏي اُهي موڪليندس جي اوتڻ وارا آهن، ۽ اُهي هن کي اوتي وهائي ڇڏيندا، ۽ هن جا ٿانوَ خالي ڪري ڇڏيندا، ۽ هنن جون صراحيون ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندا.</verse>
				<verse number="13">۽ موآب ڪموس جي ڪري اهڙو شرمندو ٿيندو، جهڙو اسرائيل جو گهراڻو بيت ايل جي ڪري ٿيو هو، جنهن تي هنن جو ڀروسو هو.</verse>
				<verse number="14">اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ اسين بهادر مرد ۽ جنگ جي لاءِ پهلوان آهيون؟</verse>
				<verse number="15">موآب ويران ٿي ويو آهي ۽ هو ان جي شهرن ۾ چڙهي ويا آهن، ۽ ان جا چونڊيل جوان مرد قتلام لاءِ لهي ويا آهن: ائين اُهو بادشاهہ ٿو فرمائي، جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.</verse>
				<verse number="16">موآب جي مصيبت اچي ويجهي پئي آهي، ۽ ان جي ڪمبختي تڪڙي تڪڙي پئي اچي.</verse>
				<verse number="17">اوهين سڀ، جي اُن جي آس پاس آهيو سي اُن تي افسوس ڪريو، ۽ اوهين سڀ جي ان جي نالي جا واقف آهيو سي چئو تہ اها مضبوط لٺ، اهو سهڻو ڏنڊو ڪيئن نہ ڀڄي پيو آهي.</verse>
				<verse number="18">اي ڌيءُ، تون جا ديبون ۾ ٿي رهين، سا پنهنجي وڏائيءَ تان هيٺ لهي اچ، اُڃايل ٿي ويهہ؛ ڇالاءِ جو موآب جي لٽڻ ڦرڻ وارو توتي ڪاهي آيو آهي، هن تنهنجا مضبوط ڪوٽ ناس ڪري ڇڏيا آهن.</verse>
				<verse number="19">اي عروعير جا رهاڪو، رستي جي ڀر ۾ بيهي نظر ڪر: ۽ جيڪو مرد ڀڄي، ۽ جيڪا زال بچي نڪري تنهن کان پڇ تہ ڇا ٿي گذريو آهي؟</verse>
				<verse number="20">موآب شرمندو ڪيو ويو آهي؛ ڇالاءِ جو اُهو ڀڃي ڀوري ڇڏيو ويو آهي: واويلا مچاءِ ۽ دانهون ڪر؛ اوهين ارنون ۾ خبر ڏجو تہ موآب ويران ٿي ويو آهي.</verse>
				<verse number="21">۽ ميدان واري ملڪ تي سزا نازل ٿي آهي؛ يعني حولون، ۽ يهصاہ، ۽ مفعت تي؛</verse>
				<verse number="22">۽ ديبون، ۽ نبو، ۽ بيت دبلتايم تي؛</verse>
				<verse number="23">۽ قريتايم، ۽ بيت جمول، ۽ بيت معون تي؛</verse>
				<verse number="24">۽ قريوت، ۽ بصراہ، ۽ موآب جي سڀني ويجهن ۽ پرانهن شهرن تي.</verse>
				<verse number="25">موآب جو سڱ وڍجي ويو آهي، ۽ اُن جي ٻانهن ڀڄي پئي آهي؛ خداوند ائين ٿو فرمائي، تہ</verse>
				<verse number="26">اوهين هن کي شراب پياري مست ڪريو؛ ڇالاءِ جو هن خداوند جي مقابلي ۾ پاڻ کي وڏو ڪيو: ۽ موآب پنهنجي قئي ۾ ليٽندو، ۽ اُن تي کل ٺٺولي بہ ٿيندي.</verse>
				<verse number="27">ڇالاءِ جو اسرائيل تنهنجي لاءِ کل ٺٺولي ڪين هو ڇا؟ اُهو چورن ۾ ڏٺو ويو هو ڇا؟ ڇالاءِ جو جيترا ڀيرا تون هن جو ذڪر ٿو ڪرين اوترا ڀيرا تون پنهنجو ڪنڌ لوڏين ٿو.</verse>
				<verse number="28">اي موآب جا رهاڪو، شهرن کي ڇڏي وڃي ٽڪر ۾ رهو؛ ۽ انهي ڪبوتر جهڙا ٿيو جو غار جي منهن جي پاسن ۾ پنهنجو آکيرو جوڙي ٿو.</verse>
				<verse number="29">اسان موآب جي مغروريءَ بابت ٻڌو آهي تہ اهو ڏاڍو مغرور آهي؛ يعني انهي جي وڏائي ۽ انهي جي مغروري ۽ انهي جي گستاخي ۽ ان جي دل جو هٺ.</verse>
				<verse number="30">خداوند ٿو فرمائي، تہ مون کي ان جي ڪاوڙ جي خبر آهي تہ اها ڪي بہ ڪين آهي؛ اُن جي ٻٽاڪن مان ڪي بہ ڪين ورندو.</verse>
				<verse number="31">تنهن ڪري آءٌ موآب جي لاءِ واڪا ڪندس؛ هائو آءٌ سڄي موآب لاءِ رڙيون ڪندس؛ قيرحرس جي ماڻهن لاءِ هو ماتم ڪندا.</verse>
				<verse number="32">اي سبماہ جي ڊاک آءٌ تنهنجي لاءِ يعزير جي روڄ کان وڌيڪ رئندس: تنهنجون ٽاريون سمنڊ جي مٿان لنگهي ويون، بلڪ اُهي يعزير جي سمنڊ تائين وڃي پهتيون: تنهنجن گرمي جي ميون تي ۽ تنهنجي ڊاک جي فصل تي ليٽندڙ اچي ڪڙڪيو آهي.</verse>
				<verse number="33">موآب جي ملڪ مان، ڀلي ٻنيءَ مان، خوشي ۽ سرهائي ڪڍي وئي آهي؛ ۽ مون شراب جي چيچڙي مان شراب بند ڪرائي ڇڏيو آهي: ڪوبہ هڪلون ڪري نہ لتاڙيندو: انهن جون هڪلون، هڪلون نہ ٿينديون.</verse>
				<verse number="34">حسبون جي دانهن کان وٺي اليعالہ تائين، بلڪ يهض تائين، ۽ ضغر کان وٺي حورونايم، ۽ عجلت شليشياہ تائين، هنن رڙيون ڪيون آهن: ڇالاءِ جو نمريم جا پاڻي بہ ويران ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="35">تنهن کان سواءِ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ موآب مان انهيءَ کي نيست نابود ڪري ڇڏيندس جو مٿانهين مڪان تي قربانيون ٿو چاڙهي، ۽ جو پنهنجن معبودن لاءِ لوبان ٿو ساڙي.</verse>
				<verse number="36">تنهن ڪري منهنجي دل موآب لاءِ، ۽ قيرحرس جي ماڻهن لاءِ بانسرين وانگي ٿي وڄي: تنهن ڪري جيڪو مال هن گڏ ڪيو هو سو چٽ ٿي ويو آهي.</verse>
				<verse number="37">ڇالاءِ جو سڀڪو مٿو گنجو آهي، ۽ سڀڪا ڏاڙهي ڪتريل آهي! سڀني هٿن تي وڍ آهن، ۽ چيلهين تي کٿا آهن.</verse>
				<verse number="38">موآب جي سڀني گهرن جي ڇتين تي ۽ ان جي گهٽين ۾ جتي ڪٿي ماتم متو پيو آهي: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ مون موآب کي انهي ٿانوَ وانگي ڀڃي ڇڏيو آهي، جو نہ وڻندو آهي.</verse>
				<verse number="39">ڪيئن نہ اُهو ڀڃي ڇڏيو ويو آهي! ڪيئن نہ هو واويلا ڪن ٿا! ڪيئن نہ موآب شرم کان پٺ ورائي آهي! انهي طرح موآب سڀني آس پاس وارن جي لاءِ کل ۽ خوف جو سبب ٿيندو.</verse>
				<verse number="40">ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، اهو عقاب وانگي اُڏامندو ۽ موآب جي برخلاف پنهنجا پر پکيڙيندو.</verse>
				<verse number="41">قريوت وٺجي ويو آهي، ۽ مضبوط قلعا اوچتا هٿ ڪيا ويا آهن، ۽ موآب جي بهادر مردن جي دل انهي ڏينهن اهڙي ٿيندي جهڙي سورن واري زال جي دل.</verse>
				<verse number="42">۽ موآب قوم ٿيڻ کان ناس ڪيو ويندو، ڇالاءِ جو هن پاڻ کي خداوند جي مقابلي ۾ وڏو ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="43">خداوند ٿو فرمائي، تہ اي موآب جا رهاڪو، ڊپ، ۽ کڏ، ۽ ڦانڌو، اهي توتي اچي پيا آهن.</verse>
				<verse number="44">جيڪو ڊپ کان بچندو سو کڏ ۾ ڪِرندو: ۽ جيڪو کڏ مان نڪرندو سو ڦانڌي ۾ ڦاسي پوندو: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهي تي، يعني موآب تي، سندن سزا جو سال آڻيندس.</verse>
				<verse number="45">جيڪي ڀڳا سي حسبون جي پاڇي هيٺ ڪمزور ٿي بيهن ٿا: ڇالاءِ جو حسبون مان باهہ نڪتي آهي، ۽ سيحون مان شعلو، ۽ انهيءَ موآب جي ڪنڊن، ۽ فساد ڪندڙن جو ڪاپار ڳهي چٽ ڪري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="46">اي موآب، افسوس آهي تنهنجي حال تي! ڪموس جي قوم نيست نابود ٿي ويئي: ڇالاءِ جو تنهنجا پٽ قيد ٿي ويا آهن، ۽ تنهنجون ڌيئون بند ۾ آهن.</verse>
				<verse number="47">خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي هوندي بہ پوئين ڏينهن ۾ آءٌ موآب جا قيدي موٽائي آڻيندس. هيستائين موآب جي عدالت ٿي آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="49">
				<verse number="1">بني عمون بابت: خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل کي پٽ ناهن ڇا؟ انهي جو ڪو وارث ناهي ڇا؟ تڏهن ڇو ملڪوم جاد جو مالڪ ٿيو آهي، ۽ ان جا ماڻهو انهي جي شهرن ۾ رهن ٿا؟</verse>
				<verse number="2">تنهن ڪري ڏس، خداوند ٿو فرمائي تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ بني عمون جي ربہ تي جنگ جو هل اُٿاريندس، جو ماڻهو ٻڌندا؛ ۽ اهو هڪڙو ويران ڍير ٿي پوندو، ۽ ان جون ڌيئون باهہ سان ساڙيون وينديون: تنهن کان پوءِ، خداوند ٿو فرمائي، تہ اسرائيل انهن جو مالڪ ٿيندو جي ان جا مالڪ هئا.</verse>
				<verse number="3">اي حسبون واويلا مچاءِ، ڇالاءِ جو عئي لٽجي ويو آهي؛ اي ربہ جون ڌيئرون دانهون ڪريو؛ کٿا چيلهہ سان ٻڌو. روئو پٽيو، ۽ لوڙهن اندر هيڏي هوڏي ڊوڙو؛ ڇالاءِ جو ملڪوم، پنهنجن ڪاهنن ۽ اميرن سوڌو قيد ٿي ويندو.</verse>
				<verse number="4">اي بي ايمان ڌيءَ، ڪهڙي سبب تون وادين تي، پنهنجي وهندڙ واديءَ تي، فخر ٿي ڪرين؟ تو پنهنجي خزانن تي ڀروسو ٿي رکيو ۽ چيو ٿي تہ مون تائين ڪير ايندو؟</verse>
				<verse number="5">ڏس، خداوند، لشڪرن جو خداوند فرمائي ٿو، تہ جيڪي تنهنجي چوڌاري آهن تن مان آءٌ توتي خوف آڻيندس؛ ۽ اوهان مان هرڪو منهن سامهون ٻاهر هڪاليو ويندو، ۽ جيڪي رلندا وتن تن کي ڪوبہ گڏ ڪرڻ وارو ڪونہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="6">پر خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي کان پوءِ آءٌ بني عمون جي قيدين کي موٽائي آڻيندس.</verse>
				<verse number="7">ادوم بابت: لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ: تيمان ۾ ڏاهپ ڪانہ رهي آهي ڇا؟ سياڻن منجهان صلاح مصلحت نڪري ويئي آهي ڇا؟ انهن جي ڏاهپ گم ٿي ويئي آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="8">اي ديدان جا رهاڪو، ڀڄي وڃو، پٺ تي موٽو، ڳجهين جاين ۾ وڃي رهو؛ ڇالاءِ جو جنهن وقت آءٌ خبر لهڻ ايندس تنهن وقت انهي تي عيسو جي آفت آڻيندس.</verse>
				<verse number="9">جيڪڏهن ڊاک چونڊڻ وارا تو وٽ اچن، تہ جيڪر ڪي ڊاک جا داڻا ڇڏي نہ وڃن ڇا؟ جيڪڏهن چور رات جو اچن تہ جيڪر ايستائين ڦرلٽ نہ ڪن ڇا جيستائين ڪ کين ڪافي هٿ اچي؟</verse>
				<verse number="10">پر مون عيسوءَ کي اگهاڙو ڪيو آهي، مون هنن جون ڳجهيون جايون ظاهر ڪيون آهن، جنهن ڪري هو پاڻ کي لڪائي نہ سگهندو: هن جو نسل لٽجي ويو آهي، ۽ هن جا ڀائر، ۽ هن جا پاڙيسري، ۽ هو پاڻ نيست نابود ٿي ويو آهي.</verse>
				<verse number="11">پنهنجا يتيم ٻار ڇڏ، آءٌ انهن کي سنڀاليندس ۽ جيئرو رکندس؛ ۽ تنهنجون بيوہ زالون مون تي ڀروسو رکن.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُهي جي انهي پيالي پيئڻ وارا نہ هئا، سي ضرور پيئندا؛ ۽ تون اُهو آهين ڇا جو اصل بي سزا ڇڏيو ويندين؟ تون بي سزا ڇڏيو نہ ويندين، پر تون ضرور پيئندين.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجي ذات جو قسم کنيو آهي تہ بصرہ، حيرت، ۽ ملامت، ۽ ويرانيءَ، ۽ لعنت جو سبب ٿيندو؛ ۽ ان جا سڀ شهر هميشہ لاءِ ويران رهندا.</verse>
				<verse number="14">مون خداوند کان خبر ٻڌي آهي تہ هڪڙو ايلچي قومن ۾ موڪليو ويو آهي تہ چوي تہ اوهين گڏ ٿيو، ۽ هن تي ڪاهي اچو، ۽ جنگ جي لاءِ چڙهو.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو ڏس، مون توکي قومن ۾ ننڍو ۽ ماڻهن ۾ حقير ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="16">باقي تنهنجي دهشت بابت، تون جا ٽڪر جي چرن ۾ رهين ٿي، ۽ ٽڪريءَ جي چوٽي جهلين ٿي، تنهنجي دل جي مغروريءَ توکي ٺڳيو آهي: خداوند ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ تون پنهنجو آکيرو ايترو مٿي کڻي جوڙين جيترو عقاب جوڙيندو آهي تہ بہ آءٌ توکي اُتان هيٺ آڻيندس.</verse>
				<verse number="17">۽ عدوم حيرت جو سبب ٿيندو: جيڪو انهي جي پاسي کان لنگهندو سو حيرت ۾ پوندو، ۽ اُن جي سڀني آفتن تي شوڪارا ڀريندو.</verse>
				<verse number="18">خداوند ٿو فرمائي، تہ جيئن سدوم ۽ عموراہ ۽ ان جي پاسي وارن شهرن جي ناس ٿيڻ جو حال هو تيئن ڪوبہ ماڻهو اُتي نہ رهندو، ۽ نڪو آدمزاد انهي ۾ ٽڪندو.</verse>
				<verse number="19">ڏس، هو شينهن وانگي يردن جي جهنگ مان نڪري مضبوط مڪان تي چڙهي ايندو: ۽ آءٌ اوچتو هن کي اُتان ڀڄائي ڪڍندس؛ ۽ جيڪو چونڊيو ويندو، تنهن کي آءٌ اُن جي مٿان مقرر ڪندس: ڇالاءِ جو ڪير مون جهڙو آهي؟ ۽ ڪير منهنجي لاءِ وقت مقرر ڪندو؟ ۽ اُهو ڪهڙو ڌنار آهي جو منهنجي اڳيان بيهندو؟</verse>
				<verse number="20">تنهن ڪري اوهين خداوند جي اُها رٿ ٻڌو جا هن ادوم جي برخلاف ڪئي آهي؛ ۽ هن جا اُهي ارادا، جي هن تيمان جي رهاڪن جي برخلاف ڪيا آهن؛ يعني هو انهي کي، گهلي ويندا، بلڪ ڌڻ جي ٻچن کي بہ؛ يقيناً هو ان جي رهڻ جو هنڌ، ساڻن گڏ ويران ڪري ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="21">انهن جي ڪرڻ جي آواز تي زمين ڏڪي ٿي؛ هڪڙي رڙ ٿي ٿئي، جنهن جو آواز ڳاڙهي سمنڊ ۾ پيو ٻڌجي.</verse>
				<verse number="22">ڏس هو چڙهي ايندو، ۽ عقاب وانگي اُڏامي پنهنجا پر بصرہ جي برخلاف پکيڙيندو؛ ۽ اُنهي ڏينهن ادوم جي بهادر مرد جي دل سورن واري زال جي دل جهڙي ٿيندي.</verse>
				<verse number="23">دمشق بابت: حمات شرمندو ٿيو آهي، ۽ ارفاد بہ؛ ڇالاءِ جو انهن بري خبر ٻڌي آهي، اُهي پگهري ويا آهن: سمنڊ تي ڏک آهي؛ اُهو آرام ۾ رهي نٿو سگهي.</verse>
				<verse number="24">دمشق ضعيف ٿي ويو آهي، هو ڀڄڻ جي لاءِ ڦري ٿو ۽ ڏڪڻي وٺي ويئي اٿس: رنج ۽ ڏکن ان کي آڻي ورايو آهي، جيئن سورن واري زال جو حال ٿيندو آهي.</verse>
				<verse number="25">اهو تعريف جو شهر، منهنجي خوشيءَ جو شهر، ڪيئن نہ ڇڏي ڏنو ويو آهي؟</verse>
				<verse number="26">تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي تہ اُن جا جوان ماڻهو سندس گهٽين ۾ ڪِرندا ۽ سڀ جنگي مرد انهيءَ ڏينهن چپ ڪرايا ويندا.</verse>
				<verse number="27">۽ آءٌ دمشق جي ڀت تي هڪڙي باهہ ٻاريندس، ۽ اُها بن هدد جي محلاتن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.</verse>
				<verse number="28">قيدار ۽ حصور جي حڪومتن بابت، جن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر شڪست ڏني. خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين اُٿو، قيدار ڏي چڙهي وڃو ۽ اُڀرندي جي ماڻهن کي ڦريو لٽيو.</verse>
				<verse number="29">هو انهن جا تنبو ۽ انهن جا ڌڻ وٺندا؛ هو انهن جا پردا ۽ انهن جا سڀ ٿانوَ ۽ انهن جا اُٺ پنهنجي لاءِ کڻي ويندا: ۽ هو انهن کي رڙيون ڪري چوندا تہ هر طرف خوف آهي.</verse>
				<verse number="30">خداوند ٿو فرمائي، تہ اي حصور جا رهاڪو، اوهين ڀڄو، پري وڃي رلو، ڳجهين جاين ۾ وڃي رهو؛ ڇالاءِ جو بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر اوهان جي بر خلاف صلاح مصلحت ڪئي آهي، ۽ اوهان جي برخلاف ارادو ڪيو اٿس.</verse>
				<verse number="31">خداوند ٿو فرمائي تہ اُٿو، انهي قوم ڏي چڙهي وڃو جا آرام ۾ آهي، ۽ بي فڪر رهندي اچي؛ جنهن کي نہ دروازا آهن نہ گز، ۽ جي اڪيلا ٿا رهن.</verse>
				<verse number="32">اُنهن جا اُٺ لٽ جو مال ٿيندا، ۽ انهن جا سڀ ڍور ڦر جو مال ٿيندا، ۽ جن ماڻهن جي وارن جون ڪنڊون ڪتريل آهن تن سڀني کي آءٌ سڀني پاسي پکيڙي ڇڏيندس: ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ سڀ ڪنهن پاسي کان مٿن آفت آڻيندس.</verse>
				<verse number="33">۽ حصور گدڙن جي رهڻ جي جاءِ ٿيندو ۽ هميشہ ويران رهندو: ڪوبہ ماڻهو اُتي نہ رهندو، نڪو آدمزاد اُتي ٽڪندو.</verse>
				<verse number="34">يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي بادشاهت جي شروعات ۾ عيلام بابت جيڪو خداوند جو ڪلام يرمياہ نبيءَ تي نازل ٿيو: تہ</verse>
				<verse number="35">لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، عيلام، جو انهن جي مکيہ طاقت آهي، تنهن جي آءٌ ڪمان ڀڃندس.</verse>
				<verse number="36">۽ آءٌ عيلام تي آسمان جي چئن ئي ڪنڊن کان چار واءُ آڻيندس، ۽ هنن کي انهن سڀني پاسن ڏانهن پکيڙي ڇڏيندس، ۽ اهڙي قوم ئي ڪانہ هوندي جنهن ڏي عيلام جا جلاوطن نہ ايندا.</verse>
				<verse number="37">۽ آءٌ عيلام کي سندن دشمنن جي اڳيان، ۽ سندن ساهہ جي ڳوليندڙن جي اڳيان، حيران پريشان ڪندس، ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن تي خرابي آڻيندس، يعني پنهنجي خوفناڪ ڪاوڙ، ۽ آءٌ انهن جي پٺيان ترار موڪليندس، جيسين ڪہ آءٌ انهن کي کپائي چٽ ڪري ڇڏيان:</verse>
				<verse number="38">۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ پنهنجو تخت عيلام ۾ رکندس، ۽ اُتان بادشاهہ ۽ اميرن کي ناس ڪندس.</verse>
				<verse number="39">پر خداوند ٿو فرمائي، تہ پوئين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو آءٌ عيلام جا قيدي موٽائي آڻيندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="50">
				<verse number="1">اُهو ڪلام جو بابل ۽ ڪسدين جي ملڪ بابت خداوند يرمياہ نبيءَ جي معرفت فرمايو.</verse>
				<verse number="2">اوهين قومن منجهہ ظاهر ڪريو ۽ پڌرائي ڪرايو هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو ۽ مشهوري ڪرايو ۽ لڪايو نہ: چئو تہ بابل وٺجي ويو آهي، بيل شرمندو ڪيو ويو آهي، مردوڪ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪيو ويو آهي؛ اُن جا بت شرمندا ڪيا ويا آهن، انهن جون مورتون ڀڃي پرزا پرزا ڪيون ويون آهن.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو اُتر مان اُنهي تي هڪڙي قوم ڪاهيو ٿي اچي جا ان جي ملڪ کي ويران ڪندي، ۽ ڪوبہ اُتي رهڻ وارو ڪونہ هوندو: اُهي ڀڄي ويا آهن، اُهي نڪري ويا آهن، جهڙا ماڻهو تهڙا مرون.</verse>
				<verse number="4">انهن ڏينهن ۾ ۽ انهي وقت خداوند ٿو فرمائي، تہ بني اسرائيل ايندا، اُهي ۽ بني يهوداہ ٻئي گڏجي؛ ۽ اُهي روئندي پنهنجو رستو ڏيو ويندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي ڳوليندا.</verse>
				<verse number="5">هو پنهنجا منهن صيون ڏي ڪري انهي بابت پڇا ڪندا، ۽ چوندا تہ اوهين اچي خداوند سان گڏجو ۽ دائم قائم عهد اقرار ڪريو، جو ڪڏهن بہ وساريو نہ ويندو.</verse>
				<verse number="6">منهنجي قوم رلي ويل رڍن وانگي ٿي پئي آهي: انهن جي ڌنارن انهن کي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، هنن انهن کي جبلن تي هڪالي ڇڏيو آهي: اهي جبل کان ٽڪريءَ ڏي ويا آهن، ۽ پنهنجي آرام جي جاءِ وساري ڇڏي اٿن.</verse>
				<verse number="7">جن پئي لڌو اٿن تن سڀني هنن کي پئي ڳڙڪايو آهي: ۽ هنن جي دشمنن چيو تہ اسان جو قصور ڪونهي، ڇالاءِ جو هنن خداوند جو گناهہ ڪيو آهي، يعني خداوند، جو سندن ابن ڏاڏن جي اميد هو.</verse>
				<verse number="8">بابل جي وچ مان ڀڄي ٻاهر ٿيو، ۽ ڪسدين جي زمين منجهان نڪري وڃو ۽ ٻڪرن وانگي ٿيو جي ڌڻ جي اڳيان هلندا آهن.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ اُتر واري ملڪ مان وڏين قومن جي هڪڙي جماعت اُٿاري بابل تي چاڙهي ايندس: ۽ اُهي ان جي سامهون صفون ٻڌي بيهندا؛ ۽ هو وٺجي ويندو: انهن جا تير آزمودگار پهلوان جي تيرن وانگي هوندا، ۽ انهن مان ڪوبہ خالي نہ موٽندو.</verse>
				<verse number="10">۽ ڪسديہ لٽجي ويندو: خداوند ٿو فرمائي تہ، اُتي سڀ لٽيندڙ ڍءُ ڪندا.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ، جو اي منهنجي ورثي جي لٽڻ وارا، اوهين خوش آهيو، اوهين بري هلت ٿا ڪريو، ۽ انهي گابيءَ وانگي ٽپا ڏيو ٿا جا اَن لتاڙي ٿي، ۽ مضبوط گهوڙن وانگي هڻڪون ٿا؛</verse>
				<verse number="12">اوهان جي ماءُ نهايت شرمندي ٿيندي، ۽ جنهن اوهان کي ڄڻيو سا لڄي ٿيندي: ڏسو، هو قومن منجهہ سڀ کان پوئين ٿيندي؛ اها بيابان، ۽ خشڪ زمين ۽ ويران ٿيندي.</verse>
				<verse number="13">خداوند جي ڪاوڙ ڪري اُها نہ وسندي، پر ويران ٿي ويندي: جيڪو بہ هن جي پاسي کان لنگهندو سو حيرت ۾ پوندو، ۽ اُن جون سڀئي آفتون ڏسي، شوڪارا ڀريندو.</verse>
				<verse number="14">۽ اوهين جي ڪمانون ڪشيو ٿا، سي سڀ بابل جي آس پاس صفون ٻڌي بيهو؛ اُنهي کي تير هڻو، ڪوبہ تير باقي نہ بچايو: ڇالاءِ جو هن خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="15">انهي جي چوڌاري مٿس هڪلون ڪريو؛ هوءَ اچي پيش پئي آهي؛ انهي جا ڪوٽ ڪنگرا ڪري پيا آهن، انهي جون ڀتيون ڊاٺيون ويون آهن: ڇالاءِ جو خداوند انهي کان وير ورتو آهي؛ اوهين بہ انهي کان وير وٺو؛ جيئن هن پاڻ ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ساڻس ڪريو.</verse>
				<verse number="16">بابل مان هاريءَ کي وڍي ڇڏيو، ۽ انهي کي بہ جو فصل لهڻ وقت ڏاٽو کڻي لابارو ڪري ٿو: ظلم ڪندڙ ترار جي ڊپ کان هنن مان هرڪو پنهنجي پنهنجي قوم ڏي ڦرندو، ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي زمين ڏانهن ڀڄندو.</verse>
				<verse number="17">اسرائيل رلي ويل رڍ آهي؛ شينهن انهي کي ڀڄائي ڪڍيو آهي: پهرين اشور جو بادشاهہ انهي کي کائي ويو؛ ۽ پڇاڙيءَ ۾ هن بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر ان جا هڏ ڀڃي ڇڏيا آهن.</verse>
				<verse number="18">تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ سندس ملڪ کي سزا ڏيندس، جيئن ڪہ مون اسور جي بادشاهہ کي سزا ڏني آهي.</verse>
				<verse number="19">۽ آءٌ اسرائيل کي وري سندس چراگاهہ ۾ وٺي ايندس، ۽ هو ڪرمل، ۽ بسن ۾ چرندو، ۽ افرائيم جي ٽڪرين تي ۽ جلعاد ۾ انهي جو روح راضي ٿيندو.</verse>
				<verse number="20">خداوند ٿو فرمائي، تہ انهن ڏينهن ۾ انهي وقت اسرائيل جي ڏوهہ جي ڳولا ٿيندي، پر ڪوبہ ڪونہ ظاهر ٿيندو؛ ۽ يهوداہ جي گناهن جي پڇاڙي ٿيندي ۽ اُهي نہ لڀندا: ڇالاءِ جو جن کي آءٌ باقي بچائي ڇڏي ٿو ڏيان، تن کي آءٌ معافي ڏيندس.</verse>
				<verse number="21">مراتايم جي زمين تي چڙهي وڃ، هائو، اُنهي تي ۽ فقود جي رهاڪن تي: خداوند ٿو فرمائي، تہ انهن کي ڪُهہ، ۽ انهن کي اصل ناس ڪري ڇڏ، ۽ جيئن مون توکي حڪم ڏنو آهي تيئن ڪر.</verse>
				<verse number="22">جنگ جو ۽ وڏي تباهيءَ جو آواز ملڪ ۾ آهي.</verse>
				<verse number="23">ڪيئن نہ سڄي زمين جو مترڪو وڍجي ڀڄي ڌار ٿي پيو آهي! ڪيئن نہ بابل قومن ۾ ويران ٿي ويو آهي!</verse>
				<verse number="24">اي بابل، مون تنهنجي لاءِ دام وڌو آهي، ۽ تون ڦاٿو بہ آهين، ۽ توکي انهي جو ڪوبہ سماءُ ڪونہ هو: تون لڌو آهين، ۽ پڪڙجي پيو آهيان، ڇالاءِ جون تون خداوند جي برخلاف وڙهيو آهين.</verse>
				<verse number="25">خداوند پنهنجو صلاح خانو کوليو آهي ۽ پنهنجي ڪاوڙ جا هٿيار ڪڍي آندا اٿس: ڇالاءِ جو خداوند، لشڪرن جي خداوند کي ڪسدين جي ملڪ ۾ ڪو ڪم ڪرڻو آهي.</verse>
				<verse number="26">سڀني پاسن کان اُن تي چڙهي اچو، ان جا انبار خانا کوليو: ان کي اُڇلائي ڍير ڪريو، ۽ ان کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيو، جيئن ان جي ڪابہ شيءِ باقي نہ بچي.</verse>
				<verse number="27">اُن جا سڀ ڍڳا ڪهو؛ انهن کي ڪوس لاءِ لهڻ ڏيو: ويل آهي انهن سان! ڇالاءِ جو انهن جو ڏينهن ۽ انهن جي سزا جو وقت اچي پهتو آهي.</verse>
				<verse number="28">انهن جو آواز پيو ٻڌجي، جي ڀڄن ٿا، ۽ بابل جي زمين مان نڪري ٻاهر وڃن ٿا، انهي لاءِ تہ صيون ۾ خداوند اسان جي خدا جي وير وٺڻ جي، ۽ سندس هيڪل جي بدلي جي پڌرائي ڪن.</verse>
				<verse number="29">ڪماندارن کي بابل سان وڙهڻ لاءِ سڏي گڏ ڪريو، انهن سڀني کي جي ڪمان ڪشيندا آهن؛ انهن جي چوڌاري منزل ڪري بيهي وڃو؛ انهن جو ڪوبہ ماڻهو ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيو: سندن ڪمن موافق کين بدلو ڏيو؛ جيئن پاڻ ڪيو اٿس، تيئن ساڻس ڪريو: ڇالاءِ جو هن خداوند سان سينو ساهيو آهي، يعني اسرائيل جي پاڪ خدا سان.</verse>
				<verse number="30">تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ جوان مرد سندس گهٽين ۾ پيا ڪرن، ۽ ان جا سڀ جنگي بهادر انهي ڏينهن ماريا ويندا.</verse>
				<verse number="31">خداوند، لشڪرن جو خداوند، ٿو فرمائي، تہ اي مغرور، ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان: ڇالاءِ جو تنهنجو ڏينهن آيو آهي، اُهو وقت، جڏهن آءٌ اچي تنهنجي خبر لهندس.</verse>
				<verse number="32">۽ اُهو مغرور شخص آٿڙجي ڪرندو، ۽ ڪوبہ نہ اٿاريندس: ۽ آءٌ ان جي شهرن کي باهہ ڏيندس ۽ انهي جي آس پاس جيڪي بہ آهن تن سڀني کي ساڙي چٽ ڪندس.</verse>
				<verse number="33">لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ بني اسرائيل ۽ بني يهوداہ، ٻنهي تي گڏ ظلم ٿا ٿين: ۽ جن انهن کي قيد ڪيو، سي انهن کي قابو ڪيو ويٺا آهن؛ اُهي انهن کي ڇڏي نٿا ڏين.</verse>
				<verse number="34">انهن جو ڇڏائيندڙ زور وارو آهي؛ لشڪرن جو خداوند انهي جو نالو آهي: هو انهن جي پاران پوري طرح حجت دليل ڪندو، تہ زمين کي آرام ڏئي، ۽ بابل جي رهاڪن کي بي آرام ڪري.</verse>
				<verse number="35">خداوند ٿو فرمائي، تہ ڪسدين ۽ بابل جي رهاڪن تي، ۽ اُن جي اميرن تي، ۽ ان جي ڏاهن ماڻهن تي هڪڙي ترار آهي.</verse>
				<verse number="36">ٻٽاڪ هڻڻ وارن تي بہ هڪڙي ترار آهي، ۽ اُهي اجائي لڪ ڪندا: اُن جي بهادر مردن تي بہ هڪڙي ترار آهي، ۽ اُهي پريشان ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="37">انهن جي گهوڙن تي، ۽ انهن جي گاڏين تي، ۽ انهي ۾ جيڪي گڏيل قوم جا ماڻهو آهن تن تي بہ هڪڙي ترار آهي، ۽ اُهي زالن وانگر ٿيندا: اُن جي خزانن تي بہ هڪڙي ترار آهي، ۽ اُهي ڦرجي ويندا.</verse>
				<verse number="38">ان جي پاڻين تي خشڪ سالي آهي، ۽ اُهي سڪي ويندا: ڇالاءِ جو اها اُڪريل مورتن جي زمين آهي، ۽ هو بتن تي مست آهن.</verse>
				<verse number="39">تنهن ڪري بر پٽ جا جانور، بگهڙن سان گڏ اُتي رهندا، ۽ اُن ۾ شترمرغ رهندا: ۽ اُهو وري ڪڏهن بہ نہ وسندو؛ نڪي پيڙهي بہ پيڙهي انهي ۾ ڪو ماڻهو رهندو.</verse>
				<verse number="40">خداوند ٿو فرمائي تہ جيئن اڳي خدا سدوم ۽ عموراہ ۽ ان جي پاسي وارن شهرن کي اونڌو ڪري ڪيرايو؛ تيئن ڪوبہ ماڻهو اتي نہ رهندو، ۽ نہ ڪو آدمزاد انهي ۾ اچي ٽڪندو.</verse>
				<verse number="41">ڏس، هڪڙي قوم اُتر مان اچي ٿي؛ ۽ هڪڙي وڏي اُمت ۽ گهڻا بادشاهہ زمين جي تمام پرانهن ڀاڱن کان اُٿاريا ويندا.</verse>
				<verse number="42">اُهي ڪمان ۽ نيزو کڻن ٿا؛ اُهي ظالم آهن ۽ ڪوبہ رحم ڪونہ اٿن: انهن جو آواز سمنڊ وانگي گوڙ ٿو ڪري، ۽ اُهي گهوڙن تي چڙهن ٿا؛ اي بابل جي ڌيءَ، سڀڪو توتي جنگي بهادر وانگي سنبريو اچي.</verse>
				<verse number="43">بابل جي بادشاهہ هنن جي ناموس ٻڌي آهي ۽ انهي جا هٿ ڍرا ٿا ٿين: ڏکن ۽ سورن انهي کي آڻي ورايو آهي، جيئن سورن واري زال جو حال ٿيندو آهي.</verse>
				<verse number="44">ڏس هو يردن جي ٻيلي مان مضبوط شهر تي شينهن وانگي ڪاهي ايندو: پر آءٌ اوچتو ئي اوچتو انهن کي وٽانئس ڀڄائي ڪڍندس؛ ۽ جيڪو چونڊي ڪڍيو ويندو، انهي کي آءٌ سندس مٿان مقرر ڪندس؛ ڇالاءِ جو ڪير مون جهڙو آهي؟ ۽ ڪير منهنجي لاءِ ڪو وقت مقرر ڪندو؟ ۽ اهو ڪهڙو ڌنار آهي جو منهنجي اڳيان بيهندو؟</verse>
				<verse number="45">تنهن ڪري جيڪا مصلحت خداوند بابل جي برخلاف ڪئي آهي سا اوهين ٻڌو؛ ۽ هن جا ارادا، جي هن ڪسدين جي ملڪ جي برخلاف ڪيا آهن؛ يقين آهي تہ هو انهن کي گهلي ويندا، يعني ڌڻ جي ٻچن کي؛ يقين آهي تہ هو انهن جي رهڻ جي جاءِ ساڻن گڏ ويران ڪري ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="46">بابل جي وٺجڻ جي هل تي زمين ڏڪي ٿي ۽ اها دانهن ملڪن ۾ پئي ٻڌجي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="51">
				<verse number="1">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ بابل تي ۽ ليپ ڪمائي جي رهاڪن تي ناس ڪندڙ واچ اُٿاريندس.</verse>
				<verse number="2">۽ آءٌ بابل ڏي اُهي ڌاريا ماڻهو موڪليندس، جي ان کي واءُ هڻندا؛ ۽ اُهي ان جي زمين خالي ڪري ڇڏيندا: ڇالاءِ جو مصيبت جي ڏينهن اُهي چوڌاري سندس برخلاف بيهي ويندا.</verse>
				<verse number="3">اوهين هن جا جوان ماڻهو متان ڇڏي ڏيو؛ هن جو سڄو لشڪر اوهين اصل ناس ڪري ڇڏيو: هن جي تيرانداز پنهنجي ڪمان نہ ڪشي، ۽ هو پنهنجي زرهہ ۾ نہ اُٿي:</verse>
				<verse number="4">۽ هو ڪسدين جي ملڪ ۾ قتل ٿي ڪرندا، ۽ اُن جي گهٽين ۾ گهايل ٿيندا.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو نڪي اسرائيل کي نڪي يهوداہ کي سندن خدا، لشڪرن جي خداوند، ڇڏي ڏنو آهي؛ جيتوڻيڪ هنن جو ملڪ اسرائيل جي پاڪ خدا جي ڏوهہ سان ڀريل آهي.</verse>
				<verse number="6">بابل منجهان ڀڄي وڃو، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي جان بچائي؛ اُن جي ڏوهہ ۾ وڍجي نہ وڃو: ڇالاءِ جو اهو خداوند جي وير وٺڻ جو وقت آهي؛ هو انهي کي بدلو ڏيندو.</verse>
				<verse number="7">بابل خداوند جي هٿ ۾ هڪڙو سونو پيالو ٿي رهيو آهي، جنهن سڄي زمين کي مست ڪري ڇڏيو آهي: قومن ان جي شراب مان پئي پيتو آهي؛ تنهن ڪري قومون ديوانيون آهن.</verse>
				<verse number="8">بابل اوچتو ڪري پيو آهي، ۽ ناس ٿي ويو آهي: اُن جي لاءِ واويلا مچايو؛ اُن جي سور لاءِ ملم کڻي وڃو تہ من هو ڇٽي چڱو ڀلو ٿئي.</verse>
				<verse number="9">اسين جيڪر بابل کي ڇُٽايون ها، پر هو نہ ڇُٽو: اُن کي ڇڏي ڏيو، هلو تہ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي ملڪ ڏي هليو هلي: ڇالاءِ جو اُن جي سزا آسمان تائين پهتي آهي، بلڪ آسمانن تائين چڙهي ويئي آهي.</verse>
				<verse number="10">خداوند اسان جي سچائي ظاهر ڪئي آهي: اچو تہ صيون ۾ خداوند پنهنجي خدا جو ڪلام پڌرو ڪريون.</verse>
				<verse number="11">تير تکا ڪريو؛ سپرون قابو جهليو؛ خداوند مادين جي بادشاهہ جي روح کي چوريو آهي؛ ڇالاءِ جو هن جي رٿ آهي تہ بابل کي ناس ڪري؛ ۽ اهو خداوند جو وير وٺڻ، ۽ سندس هيڪل جو بدلو آهي.</verse>
				<verse number="12">بابل جي ڀتين جي سامهون هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو، پهرو مضبوط ڪريو، پهري وارا مقرر ڪريو، لڪي ويهڻ جون جايون تيار ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند بابل جي رهاڪن جي نسبت ۾ جيڪي چيو هو، اُن موجب رٿيو بہ آهي، ۽ ڪيو بہ آهي.</verse>
				<verse number="13">اڙي تون جو گهڻن پاڻين تي رهين ٿو ۽ بي انداز خزانا اٿيئي، سو تنهنجي پڇاڙي اچي پهتي آهي ۽ تنهنجي لالچ جو ماڻ اچي ڀريو آهي.</verse>
				<verse number="14">لشڪرن جي خداوند پنهنجي ذات جو قسم کنيو آهي ۽ چيو اٿس، تہ آءٌ توکي ضرور ماڻهن سان اهڙو ڀريندس جيئن مڪڙن سان؛ ۽ اُهي توتي هڪلون ڪري ايندا.</verse>
				<verse number="15">هن زمين پنهنجي قدرت سان جوڙي آهي، هن دنيا پنهنجي حڪمت سان قائم ڪئي آهي، ۽ هن آسمان پنهنجي سمجهہ سان ڇڪي بيهاريا آهن:</verse>
				<verse number="16">جڏهن هو هڪل ٿو ڪري تڏهن آسمانن ۾ پاڻيءَ جو جوش پيدا ٿئي ٿو، ۽ هو زمين جي ڪنارن کان ٻاڦ اُٿاري ٿو؛ هو زمين جي لاءِ وڄ جوڙي ٿو، ۽ پنهنجن خزانن مان واءُ ڪڍي ٿو،</verse>
				<verse number="17">سڀ ڪو ماڻهو جهنگلي ۽ بي عقل ٿي پيو آهي؛ سڀڪو سونارو پنهنجي اُڪريل مورت ڪري شرمندو ٿو ٿئي ڇالاءِ جو هن جي پلٽيل مورت ڪوڙ آهي ۽ انهن ۾ پساهہ ڪونهي.</verse>
				<verse number="18">اُهي باطل ۽ ٺڳيءَ جو ڪم آهن: جڏهن اُنهن جي خبر لهڻ جو وقت ايندو تڏهن اُهي ناس ٿي وينديون.</verse>
				<verse number="19">يعقوب جو حصو انهن جهڙو نہ آهي، ڇالاءِ جو هو سڀني شين جو جوڙيندڙ آهي؛ ۽ اسرائيل هن جي ورثي وارو فرقو آهي: انهي جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.</verse>
				<verse number="20">تون منهنجي جنگي تبر آهين ۽ جنگ جا هٿيار آهين: تو سان آءٌ قومن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندس؛ ۽ تو سان آءٌ بادشاهتون ناس ڪري ڇڏيندس؛</verse>
				<verse number="21">۽ تو سان آءٌ گهوڙي کي سندس سوار سميت ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيندس؛</verse>
				<verse number="22">۽ تو سان آءٌ گاڏيءَ کي، ۽ جيڪو منجهس چڙهيل آهي تنهن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس؛ ۽ توسان آءٌ مرد توڙي زال کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس؛ ۽ تو سان آءٌ پير مرد توڙي جوان کي پرزا پرزا ڪندس؛ ۽ تو سان آءٌ ڇوڪر ۽ ڇوڪريءَ کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس؛</verse>
				<verse number="23">۽ تو سان آءٌ ڌنار ۽ سندس ڌڻ کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس؛ ۽ توسان آءٌ هاري ۽ سندس ڏاندن جي جوڳ کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس؛ ۽ توسان آءٌ حاڪمن ۽ نائبن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس.</verse>
				<verse number="24">خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ بابل کي ۽ ڪسديہ جي سڀني رهاڪن کي اُهي سڀ خرابيون پهچائيندس جي هنن اوهان جي ڏسندي صيون ۾ ڪيون آهن.</verse>
				<verse number="25">خداوند ٿو فرمائي تہ اي ناس ڪندڙ جبل، ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، جو تون سڄي زمين کي ناس ٿو ڪرين: ۽ آءٌ پنهنجو هٿ توتي ڊگهيريندس ۽ ٽڪرن مان توکي ليٽائيندس ۽ توکي هڪڙو سڙيل جبل ڪندس.</verse>
				<verse number="26">۽ ماڻهو تو مان ڪنڊ جي لاءِ يا بنياد جي لاءِ ڪوبہ پهڻ نہ کڻندا؛ پر خداوند ٿو فرمائي، تہ تون هميشہ جي لاءِ ويران رهندين.</verse>
				<verse number="27">اوهين انهي ملڪ ۾ هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو، قومن منجهہ قرناءِ وڄايو، قومن کي ان جي برخلاف تيار ڪريو، هن سان وڙهڻ لاءِ اراراط، مني ۽ اشڪناز جون حڪومتون سڏي آڻي گڏ ڪريو: هن سان وڙهڻ لاءِ هڪڙو سپهہ سالار مقرر ڪريو: گهوڙن کي کهرن سوٻٽن وانگي چاڙهي اچو.</verse>
				<verse number="28">هن سان وڙهڻ لاءِ قومن کي، ۽ ميدين جي بادشاهن ۽ اُن جي حاڪمن کي، ۽ اُن جي سڀني نائبن کي، ۽ هن جي بادشاهت جي سڄي ملڪ کي تيار ڪريو.</verse>
				<verse number="29">۽ زمين ڏڪي ٿي ۽ سورن ۾ آهي: ڇالاءِ جو خداوند جون رٿون بابل جي برخلاف قائم آهن، انهي لاءِ تہ بابل جي ملڪ کي اهڙو ويران ڪري جو ان ۾ ڪوبہ ماڻهو نہ رهي.</verse>
				<verse number="30">بابل جي بهادرن جنگ ڪرڻ کان منهن موڙيو آهي، اُهي پنهنجن قلعن ۾ رهيا پيا آهن: هن جي همت هارجي ويئي آهي؛ اُهي زالن جهڙا ٿي پيا آهن: اُن جي رهڻ جي جاين کي باهہ ڏيئي ساڙيو اٿن؛ اُن جي درن جا گز ڀڃي ڇڏيا اٿن.</verse>
				<verse number="31">هڪڙو ٽپالي ٻئي کي گڏجڻ لاءِ ڊوڙندو، ۽ هڪڙو قاصد ٻئي کي گڏجڻ لاءِ ڊوڙندو، انهي لاءِ تہ بابل جي بادشاهہ کي ٻڌائين تہ سندس شهر هر طرف کان وٺجي ويو آهي:</verse>
				<verse number="32">۽ لنگهڻ جون جايون اوچتيون ورتيون ويون آهن ۽ ڪانا ڪک باهہ ۾ ساڙي مچ ڪيا اٿن، ۽ جنگي ماڻهو ڊڄي ويا آهن.</verse>
				<verse number="33">ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ بابل جي ڌيءَ انهي ڳاهڻ جي پڙ وانگي آهي جنهن ۾ لتڙ ٿيندي آهي؛ اڃا ٿوري وقت کان پوءِ ان جي فصل جي لاباري جو وقت ايندو.</verse>
				<verse number="34">بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر مون کي ڳڙڪائي ويو آهي، هن مون کي چپي ڇڏيو آهي، هن مون کي خالي ٿانوَ ڪري ڇڏيو اهي، هو مون کي ازدها وانگي ڳهي ويو آهي، هن منهنجن نعمتن سان پنهنجو پيٽ ڀريو آهي؛ هن مون کي اُڇلائي ڪڍي ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="35">صيون جو رهاڪو چوندو تہ جيڪو ظلم مون سان ۽ منهنجن ماڻهن سان آهي سو شل بابل جي سر تي هجي؛ ۽ يروشلم چوندو تہ منهنجو خون شل ڪسديہ جي ماڻهن جي سر تي هجي.</verse>
				<verse number="36">تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس آءٌ تنهنجي پاران حجت دليل ڪندس، ۽ تنهنجي بدران وير وٺندس؛ ۽ آءٌ هن جو سمنڊ سڪائي ڇڏيندس، ۽ هن جو چشمو خشڪ ڪندس.</verse>
				<verse number="37">۽ بابل ڍير ٿيندو، يعني گدڙن جي رهڻ جو هنڌ، ۽ حيرت ۽ سوسٽ جو سبب ٿيندو، ۽ منجهس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.</verse>
				<verse number="38">هو جوان شينهن وانگي گڏجي گوڙ ڪندا؛ هو شينهن جي ٻچن وانگي گرجندا.</verse>
				<verse number="39">خداوند ٿو فرمائي تہ جڏهن هو جوش ۾ ايندا تڏهن آءٌ هنن جي مهماني ڪندس، ۽ هنن کي شراب پياري مست ڪندس، تہ خوشيون ڪن، ۽ هميشہ جي ننڊ ڪرڻ لاءِ سمهي رهن ۽ وري نہ جاڳن.</verse>
				<verse number="40">آءٌ هنن کي گهيٽن وانگي، ۽ گهٽن وانگي، ٻڪرن سميت ڪوس لاءِ آڻيندس.</verse>
				<verse number="41">شيشڪ ڪيئن نہ وٺجي ويو آهي! ۽ ساري زمين جي تعريف ڪيئن نہ اوچتي پڪڙجي ويئي آهي! قومن منجهہ بابل ڪيئن نہ ويران ٿي ويو آهي!</verse>
				<verse number="42">سمنڊ بابل تي چڙهي آيو آهي: اُهو ان جي بيشمار لهرن سان ڍڪجي ويو آهي.</verse>
				<verse number="43">اُن جا شهر ويران ۽ خشڪ زمين ۽ برپٽ ٿي ويا آهن، يعني اهڙي زمين جنهن ۾ ڪوبہ ماڻهو نٿو رهي، ۽ نہ ڪو آدمزاد اُتان لنگهي ٿو.</verse>
				<verse number="44">۽ آءٌ بابل ۾ بيل تي فتويٰ جاري ڪندس، ۽ هن جي وات مان جيڪي ڳٿو اٿس سو ڪڍي وٺندس، ۽ قومون وري اڳتي هن ڏي گڏجي ڊوڙنديون نہ وينديون: هائو، بابل جي ڀت ڪري پوندي.</verse>
				<verse number="45">اي منهنجي قوم، اوهين اُن منجهان نڪري وڃو، ۽ اوهان مان هرڪو پاڻ کي خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ کان بچائي.</verse>
				<verse number="46">۽ پنهنجي دل نہ هاريو، نڪي جيڪا افواہ انهيءَ زمين ۾ ٻڌجي، تنهن کان ڊڄو؛ ڇالاءِ جو هڪڙي سال ۾ افواہ ايندي، ۽ انهي کان پوءِ ٻئي سال ۾ ٻي افواہ ايندي، ۽ ملڪ ۾ ظلم زبردستي ۽ حاڪم تي حاڪم ايندو.</verse>
				<verse number="47">تنهن ڪري ڏس، اُهو ڏينهن اچي ٿو جڏهن آءٌ بابل جي اُڪريل مورتن تي فتويٰ جاري ڪندس، ۽ اُن جي ساري زمين شرمندي ٿيندي؛ ۽ اُن جا سڀ ڪُٺل اُن جي وچ ۾ ڪرندا.</verse>
				<verse number="48">تڏهن آسمان ۽ زمين، ۽ جيڪي انهن ۾ آهي، سڀ بابل تي خوشيءَ مان راڳ ڳائيندا، ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو، تہ ڦرلٽ ڪرڻ وارا اُتر کان اُن وٽ ايندا.</verse>
				<verse number="49">جيئن بابل اسرائيل جا ڪُٺل ڪيرايا آهن، تيئن بابل ۾ ساري زمين جا ڪُٺل ڪرندا.</verse>
				<verse number="50">اوهين جي ترار کان بچي نڪتا آهيو سي هليا وڃو، ماٺ ڪري نہ بيهو؛ پري کان ئي خداوند کي ياد ڪريو، ۽ يروشلم کي دل تي آڻيو.</verse>
				<verse number="51">اسين شرمندا ٿيا آهيون. ڇالاءِ جو اسان طعنو ٻڌو آهي؛ لڄ اسان جا منهن ڍڪي ڇڏيا آهن: ڇالاءِ جو ڌاريا ماڻهو خداوند جي گهر جي پاڪ جاين ۾ گهڙي ويا آهن.</verse>
				<verse number="52">تنهن ڪري ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اُن جي اُڪريلن مورتن تي فتويٰ جاري ڪندس؛ ۽ اُن جي ساري زمين ۾ ڦٽيلن جي ڪنجهڪار پئجي ويندي.</verse>
				<verse number="53">خداوند ٿو فرمائي تہ جيتوڻيڪ بابل چڙهي آسمان تائين وڃي، ۽ جيتوڻيڪ هو پنهنجي زور جو قلعو مضبوط ڪري، تہ بہ مون وٽان ڦرلٽ ڪرڻ وارا هن تي ڪاهي ايندا.</verse>
				<verse number="54">بابل مان دانهن جو، ۽ ڪسدين جي زمين مان وڏي تباهي جو آواز ٿو ٻڌجي!</verse>
				<verse number="55">ڇالاءِ جو خداوند بابل کي لٽي ٿو، ۽ منجهانئس وڏو گوڙ شور اصل ڪڍي ڇڏي ٿو: ۽ هنن جون لهرون گهڻي پاڻيءَ وانگي گجن ٿيون، هنن جي آواز جو گوڙ ٿو اچي.</verse>
				<verse number="56">ڇالاءِ جو لٽ ڪرڻ وارو انهي تي ڪاهي آيو آهي، يعني بابل تي، ۽ ان جا بهادر مرد جهلجي ويا آهن، ۽ انهن جون ڪمانون ڀڄي پرزا پرزا ٿي پيون آهن: ڇالاءِ جو خداوند انتقام وٺڻ وارو خدا آهي، ۽ هو ضرور بدلو وٺندو.</verse>
				<verse number="57">۽ آءٌ ان جي اميرن ۽ ان جي ڏاهن ماڻهن کي، اُن جي حاڪمن ۽ ان جي نائبن کي، ۽ ان جي بهادر مردن کي نشئي ڪندس؛ ۽ هو هميشہ واري ننڊ ۾ سمهي رهندا ۽ نہ جاڳندا؛ ائين اهو بادشاهہ ٿو فرمائي، جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.</verse>
				<verse number="58">لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ بابل جون ويڪريون ڀتيون اصل ڊهي پونديون، ۽ ان جا وڏا دروازا باهہ سان سڙي ويندا؛ ۽ ماڻهو اجاين ڪمن لاءِ پورهيو ڪندا ۽ قومون باهہ لاءِ؛ ۽ اُهي ٿڪجي پوندا.</verse>
				<verse number="59">اهو ڪلام جو يرمياہ نبيءَ، سراياہ بن نيرياہ بن محسياہ کي تڏهن فرمايو جڏهن هو يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ سان، سندس بادشاهت جي چوٿين ورهيہ ۾، بابل ڏي ويو. هاڻي سراياہ مکيہ شاهي ناظر هو.</verse>
				<verse number="60">۽ يرمياہ هڪڙي ڪتاب ۾ اُهي سڀ خرابيون لکي ڇڏيون جي بابل تي اچڻيون هيون، يعني اُهي سڀ ڳالهيون جي بابل جي نسبت ۾ لکجن ٿيون.</verse>
				<verse number="61">۽ يرمياہ سراياہ کي چيو تہ جڏهن تون بابل ۾ اچين تڏهن ياد ڪري هي سڀ ڳالهيون پڙهجانءِ.</verse>
				<verse number="62">۽ چئجانءِ تہ اي خداوند تو هن هنڌ جي نسبت ۾ چيو آهي تہ اهو اهڙو وڍجي ويندو جو ان ۾ نڪو ماڻهو ۽ نہ مرون رهندو، پر اُهو هميشہ لاءِ ويران رهندو.</verse>
				<verse number="63">۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون هي ڪتاب پڙهي پورو ڪرين، تڏهن انهي سان هڪڙو پهڻ ٻڌي فرات نديءَ جي وچ ۾ انهي کي اُڇلائي ڇڏجانءِ؛</verse>
				<verse number="64">۽ چئجانءِ تہ بابل بہ هيئن ٻڏي ويندو، ۽ وري نہ نڪرندو، ڇالاءِ جو آءٌ انهي تي خرابي آڻيندس: ۽ هو ٿڪجي پوندا. ايستائين يرمياہ جون ڳالهيون آهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="52">
				<verse number="1">جڏهن صدقياہ بادشاهت ڪرڻ لڳو تڏهن ايڪيهن ورهين جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ يارهن ورهيہ حڪومت ڪئي: ۽ اُن جي ماءُ جو نالو حموطل هو، جا لبناہ واري يرمياہ جي ڌيءَ هئي.</verse>
				<verse number="2">۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، جهڙا ڪ يهويقيم ڪيا هئا.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو خداوند جي ڪاوڙ ڪري يروشلم ۽ يهوداہ ۾ اهڙو حال ٿيو جو هن انهن کي پنهنجي حضور مان ڪڍي ڇڏيو: ۽ صدقياہ بابل جي بادشاهہ جي برخلاف فساد ڪيو.</verse>
				<verse number="4">۽ ان جي حڪومت جي نائين سال ۾، ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ هيئن ٿيو تہ نبوڪدرضر، بابل جو بادشاهہ، پنهنجو سڄو لشڪر وٺي يروشلم تي ڪاهي آيو، ۽ اُن جي چوڌاري منزل ڪري لهي پيو؛ ۽ ان جي چوڌاري ساڻس وڙهڻ لاءِ دمدما جوڙيائون.</verse>
				<verse number="5">انهيءَ طرح شهر صدقياہ بادشاهہ جي يارهين ورهيہ تائين گهيري هيٺ رهيو.</verse>
				<verse number="6">چوٿين مهيني جي نائين تاريخ شهر ۾ اهڙو ڏڪار اچي پيو جو انهيءَ ملڪ جي ماڻهن لاءِ ماني ڪانہ لڌي.</verse>
				<verse number="7">تنهن کان پوءِ شهر جي ڀت هڪڙي هنڌان ڀڃي وڌائون، ۽ سڀ جنگي مرد اُٿي ڀڳا، ۽ رات جو ٻن ڀتين جي وچ وارو در، جو بادشاهہ جي باغ جي پاسي کان هو، تنهن رستي شهر مان نڪري ٻاهر ٿيا؛ (هاڻي ڪسدي شهر جي چوڌاري موجود هئا:) ۽ هو عرباہ جو رستو ڏيئي هليا ويا.</verse>
				<verse number="8">پر ڪسدين جو لشڪر بادشاهہ جي پٺيان پيو، ۽ يريحو جي ميدان ۾ صدقياہ کي وڃي پهتو؛ ۽ هن جو سارو لشڪر کانئس ڇڄي ڌار ٿي پيو.</verse>
				<verse number="9">تڏهن هنن بادشاهہ کي پڪڙي ورتو، ۽ هن کي حمات جي زمين ۾ ربلہ منجهہ بابل جي بادشاهہ وٽ آندائون؛ ۽ اُنهي هن تي فتويٰ جاري ڪئي.</verse>
				<verse number="10">۽ بابل جي بادشاهہ، صدقياہ جي پٽن کي سندس اکين آڏو قتل ڪرايو: هن يهوداہ جي سڀني اميرن کي بہ ربلہ ۾ قتل ڪرايو.</verse>
				<verse number="11">۽ هن صدقياہ جون اکيون ڪڍايون؛ ۽ بابل جو بادشاهہ هن کي زنجيرن ۾ ٻڌائي بابل ڏي کڻي ويو، ۽ سندس مرڻ جي ڏينهن تائين قيد ۾ رکيائينس.</verse>
				<verse number="12">هاڻي پنجين مهيني جي ڏهين تاريخ، جو بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جو اوڻيهون ورهيہ هو، تنهن ۾ نبوزرادان، پهري وارن جو سردار، جو بابل جي بادشاهہ جي اڳيان بيهندو هو، سو يروشلم ۾ آيو:</verse>
				<verse number="13">۽ انهيءَ خداوند جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر ساڙيو؛ ۽ يروشلم جا سڀ گهر، بلڪ سڀڪو وڏو گهر، هن باهہ سان ساڙيو.</verse>
				<verse number="14">۽ ڪسدين جو سارو لشڪر جو پهرين وارن جي سردار سان هو، تنهن چوڌاري يروشلم جون سڀ ڀتيون ڀڃي ڇڏيون.</verse>
				<verse number="15">تڏهن پهري وارن جو سردار نبوزرادان ماڻهن مان جيڪي تمام غريب قسم جا ماڻهو هئا، ۽ شهر ۾ رهيل ماڻهن مان جيڪي باقي بچيا هئا، ۽ جيڪي ڀڄي نڪري اچي بابل جي بادشاهہ سان گڏيا هئا، تن کي ۽ باقي بچيل خلق کي قيد ڪري وٺي ويو.</verse>
				<verse number="16">پر پهري وارن جي سردار نبوزرادان انهي زمين جي تمام غريب ماڻهن کي ڊاک جي منهہ جي سنڀال ۽ ڪڙمت ڪرڻ لاءِ ڇڏي ويو.</verse>
				<verse number="17">۽ جيڪي پتل جا ٿنڀ خداوند جي گهر ۾ هئا، ۽ پايا ۽ پتل جو حوض، جي خداوند جي گهر ۾ هئا، سي ڪسدين ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيا ۽ انهن جو سڀ پتل بابل ڏي کڻي ويا.</verse>
				<verse number="18">ديڳيون، ۽ ڪوڏاريون، ۽ ڦلن وڍڻ جون قينچيون، ۽ پيالا، ۽ چمچا، ۽ سڀ پتل جا ٿانوَ جن سان خدمت ڪندا هئا سي سڀ بہ هو کڻي ويا.</verse>
				<verse number="19">۽ پياليون، ۽ باهہ کڻڻ جا ٿانوَ، ۽ پيالا، ۽ ديڳيون، ۽ شمعدان، ۽ چمچا، ۽ وڏا پيالا؛ انهن مان جيڪي سون جا هئا تن جو سون، ۽ جيڪي چانديءَ جا هئا تن جي چاندي، پهري وارن جو سردار کڻي ويو.</verse>
				<verse number="20">ٻہ ٿنڀ، هڪڙو سمنڊ، ۽ ٻارهن پتل جا ڍڳا، جي پاين هيٺان هئا، ۽ جي سليمان بادشاهہ خداوند جي گهر لاءِ جوڙايا هئا: ۽ انهن سڀني ٿانوَن جو پتل تورڻ کان ٻاهر هو.</verse>
				<verse number="21">باقي ٿنڀ، تن مان بہ هڪڙي ٿنڀ جي اوچائي ارڙهن هٿ هئي؛ ۽ ٻارهن هٿن جي هڪڙي رسي انهي جي چوڌاري ڦري ٿي آئي؛ ۽ انهي جي ٿولهہ چار آڱريون هئي: ۽ اُهو پورو هو.</verse>
				<verse number="22">۽ پتل جو ڇٽ انهيءَ جي مٿان هو؛ ۽ هڪڙي ڇٽ جي اوچائي پنج هٿ هئي، ۽ ان جي چوڌاري ڇٽ تي ڄاري جو ڪم ۽ ڏاڙهون هئا: ۽ ٻئي ٿنڀ کي اهڙيون ساڳيون شيون ۽ ڏاڙهون هئا.</verse>
				<verse number="23">۽ پاسن تي ڇهانوي ڏاڙهون هئا؛ ڪل ڏاڙهون انهيءَ ڄاريدار ڪم تي چوڌاري هڪ سؤ هئا.</verse>
				<verse number="24">۽ پهري وارن جو سردار، سراياہ سردار ڪاهن، ۽ صفنياہ ٻئي درجي واري ڪاهن، ۽ در جي سنڀال ڪرڻ وارن کي بہ وٺي ويو:</verse>
				<verse number="25">۽ شهر مان هن هڪڙي عملدار کي کنيو جو جنگي مردن جي مٿان مقرر هو؛ ۽ ست ماڻهو انهن مان جي بادشاهہ جو منهن ڏسندا هئا، جي شهر ۾ لڌا ويا؛ ۽ لشڪر جي سردار جو منشي، جو ملڪ جي ماڻهن جي ياداشت لکندو هو: ۽ ملڪ جي ماڻهن مان سٺ ڄڻا جي شهر منجهہ هٿ آيا سي سڀ هو وٺي ويو.</verse>
				<verse number="26">۽ پهري وارن جي سردار نبوزرادان انهن کي وٺي ربلہ ۾ بابل جي بادشاهہ وٽ آندو.</verse>
				<verse number="27">۽ بابل جي بادشاهہ حمات جي زمين ۾ ربلہ منجهہ انهن کي مارائي ڇڏيو. انهي طرح يهوداہ قيد ٿي پنهنجي زمين مان نڪري ويو.</verse>
				<verse number="28">اُهي ماڻهو جن کي نبوڪدرضر ستين سال ۾ قيد ڪري وٺي ويو سي ٽي هزار ۽ ٽيويهہ يهودي هئا:</verse>
				<verse number="29">۽ نبوڪدرضر جي ارڙهين ورهيہ ۾ هو يروشلم مان اٺ سو ٻٽيهہ ماڻهو قيد ڪري وٺي ويو:</verse>
				<verse number="30">نبوڪدرضر جي ٽيويهين ورهيہ ۾ پهري وارن جو سردار نبوزرادان يهودين مان ست سؤ پنجيتاليهہ ماڻهو قيد ڪري وٺي ويو: سڀ ماڻهو چار هزار ڇهہ سؤ ٿيا.</verse>
				<verse number="31">۽ يهوداہ جي بادشاهہ يهويا ڪين جي قيد جي ستٽيهين ورهيہ ۾ ٻارهين مهيني جي پنجويهين تاريخ، هيئن ٿيو تہ بابل جي بادشاهہ اويل مرودڪ، پنهنجي بادشاهت جي پهرئين ورهيہ ۾، يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين کي سرفراز ڪيو، ۽ هن کي قيد مان ڪڍيائين؛</verse>
				<verse number="32">۽ انهيءَ سان مهربانيءَ جي رستي ڳالهائين، ۽ جيڪي بادشاهہ بابل ۾ ساڻس هئا، تن جي تختن کان هن جو تخت مٿي رکيائين.</verse>
				<verse number="33">۽ هو پنهنجي قيدين واري پوشاڪ بدلائي حياتيءَ جا باقي ڏينهن سندس اڳيان ماني کائيندو رهيو.</verse>
				<verse number="34">۽ هن جي قوت گذران لاءِ بابل جي بادشاهہ وٽان هن جي مرڻ جي ڏينهن تائين، سندس باقي حياتيءَ جي ڏينهن، روزمرہ جي خرچ موجب ملندو هوس.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="25">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">جيڪو شهر ماڻهن سان ڀريل هوندو هو، سو ڪيئن نہ اڪيلو ويٺو آهي! اهو ڪيئن نہ بيوہ زال جهڙو ٿي پيو آهي! جا قومن ۾ وڏي هئي، ۽ ملڪن ۾ شهزاديءَ جي درجي تي هئي، سا ڪيئن نہ ڍل ڀريندڙ ٿي پيئي آهي!</verse>
				<verse number="2">هوءَ رات جو روئي ٿي، ۽ سندس ڳوڙها سندس ڳلن تي آهن: سندس سڀني سينڍن مان ڪوبہ اهڙو ڪونهي جو کيس دلاسو ڏئي؛ سندس سڀني دوستن ساڻس دغا جي هلت ڪئي آهي، اُهي سندس دشمن ٿي پيا آهن.</verse>
				<verse number="3">يهوداہ ڏکن سبب، ۽ گهڻيءَ ٻانهپ سبب قيد ٿي ويو آهي: هو غير قومن ۾ ٿو رهي، ۽ ڪوبہ آرام نٿو اچيس: ان جي سڀني پٺيان پوندڙن کيس گهٽيو آهي.</verse>
				<verse number="4">صيون جا رستا سڃا ٿيا پيا آهن، ڇالاءِ جو ڪوبہ سڳوري جماعت ۾ ڪونہ ٿو اچي؛ ان جا سڀ دروازا سڃيا پيا آهن، ان جا ڪاهن ٿڌا ساهہ پيا کڻن: ان جون ڪنواريون ڇوڪريون ڏک ۾ آهن، ۽ هو پاڻ غم ۾ آهي.</verse>
				<verse number="5">ان جا دشمن غالب پيا آهن، ان جا ويري خوش پيا گذارين؛ ڇالاءِ جو خداوند اُن کي سندس گهڻين بدڪارين سبب ڏک ڏنو آهي: ان جا ننڍا ٻار دشمن جي اڳيان قيد ٿي ويا آهن.</verse>
				<verse number="6">۽ صيون جي ڌيءَ وٽان سندس سڀ وڏائي هلي ويئي آهي: ان جا امير انهن هرڻن وانگر آهن جن کي چارو ڪونہ ٿو ملي، ۽ جي پٺيان پوندڙ جي اڳيان بي طاقت ٿي پيا آهن.</verse>
				<verse number="7">يروشلم جي ڌيءَ پنهنجي ڏک ۽ پنهنجن مصيبتن جي ڏينهن ۾، پنهنجن قديم وقت وارن مزي جهڙين شين کي ياد ٿي ڪري: جڏهن ان جا ماڻهو دشمن جي هٿ چڙهيا، ۽ ڪوبہ مدد ڪرڻ وارو ڪونہ هوس، تڏهن دشمنن کيس ڏٺو، ۽ سندس ويرانيءَ تي ٺٺوليون ڪيون.</verse>
				<verse number="8">يروشلم جي ڌيءَ وڏا گناهہ ڪيا آهن؛ تنهن ڪري هوءَ هڪڙي ناپاڪ شيءِ جهڙي ٿي پئي آهي: جيڪي اڳي عزت ڏيندا هئس سي سڀ هاڻي ڌڪارينس ٿا، ڇالاءِ جو انهن سندس اوگهڙ ڏٺي آهي: هائو؛ هوءَ ٿڌا ساهہ کڻي ٿي، ۽ پٺتي موٽي ٿي.</verse>
				<verse number="9">سندس گند سندس دامن ۾ هو؛ هن کي پنهنجي پڇاڙي ياد نہ هئي؛ تنهن ڪري هوءَ عجيب طرح هيٺ لهي آئي آهي؛ ڪوبہ تسلي ڏيڻ وارو ڪونہ اٿس: اي خداوند، منهنجو ڏک ڏس: ڇالاءِ جو دشمن پاڻ کي وڏو ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="10">دشمن پنهنجو هٿ ان جي سڀني وڻندڙن شين تي ڊگهو ڪيو آهي: ڇالاءِ جو هن ڏٺو آهي تہ غير قومن وارا سندس پاڪ جاين ۾ گهڙي آيا آهن، جن جي نسبت ۾ تو حڪم ڪيو هو تہ تنهنجي جماعت ۾ داخل نہ ٿين.</verse>
				<verse number="11">ان جا سڀ ماڻهو آهون ٿا ڪن، اُهي مانيءَ جي ڳولا ۾ آهن؛ هنن پنهنجي مزي جهڙيون شيون ڏيئي ڇڏيون آهن تہ سندن جان کي تازي ڪرڻ لاءِ کاڌو ملي: اي خداوند ڏس ۽ نظر ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ ذليل ٿي پئي آهيان.</verse>
				<verse number="12">اڙي اوهين سڀ، جي هتان لنگهو ٿا، تن جي لاءِ هي ڪجهہ بہ نہ آهي ڇا؟ نظر ڪريو ۽ ڏسو تہ جيڪو ڏک مون کي رسايو ويو آهي، تنهن جهڙو ڪو ٻيو ڏک آهي ڇا؟ جو ڏک خداوند پنهنجي خوفناڪ ڪاوڙ جي ڏينهن مون کي رسايو آهي.</verse>
				<verse number="13">هن مٿان منهنجن هڏن ۾ باهہ موڪلي آهي، ۽ اُها انهن کي وڪوڙي ويئي آهي: هن منهنجن پيرن لاءِ دام پکيڙيو آهي، هن مون کي پٺ تي ڦيرايو آهي؛ هن مون کي سڄو ڏينهن ويران ۽ ماندو ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="14">منهنجن گناهن جي پاڃاري هن جي هٿ جي ٻڌل آهي؛ اُهي پاڻ ۾ ڳنڍيا ويا آهن، اُهي منهنجي گردن تي چڙهي آيا آهن؛ هن منهنجو زور گهٽائي ڇڏيو آهي: خداوند مون کي انهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي، جن جي سامهون آءٌ بيهي نٿي سگهان.</verse>
				<verse number="15">خداوند منهنجي وچ ۾ منهنجن سڀني بهادر مردن کي مات ڪري ڇڏيو آهي؛ هن منهنجي برخلاف هڪڙي وڏي جماعت گڏ ڪئي آهي تہ منهنجن جوان مردن کي چپي ڇڏي؛ خداوند يهوداہ جي ڪنواري ڌيءَ کي شراب جي چيچڙي وانگر لتاڙيو آهي.</verse>
				<verse number="16">انهن ڳالهين جي ڪري آءٌ روئان ٿي؛ منهنجي اک، منهنجي اک مان پاڻي وهي ٿو؛ ڇالاءِ جو جيڪو دلاسي ڏيندڙ منهنجي روح کي تازي ڪرڻ وارو آهي، سو مون کان پري آهي: منهنجا ٻار ٻچا رلي ويا آهن، ڇالاءِ جو دشمن غالب پئجي ويو آهي.</verse>
				<verse number="17">صيون پنهنجا هٿ ڊگهيري ٿو؛ ڪوبہ ان کي دلاسي ڏيڻ وارو ڪونهي؛ خداوند يعقوب جي نسبت ۾ حڪم ڪيو آهي، تہ جيڪي ان جي آس پاس آهن سي سندس دشمن ٿين: انهن ۾ يروشلم ناپاڪ شيءِ جهڙو آهي.</verse>
				<verse number="18">خداوند سچو آهي؛ ڇالاءِ جو آءٌ ان جي حڪم کان باغي ٿيو آهيان: اڙي سڀ قومون ٻڌو، آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان، ۽ اوهين منهنجو ڏک ڏسو: منهنجون ڪنواريون ڇوڪريون ۽ منهنجا جوان مرد قيد ٿي ويا آهن.</verse>
				<verse number="19">جن جي مون سان محبت هئي تن کي مون سڏيو، پر هنن مون سان دغا ڪئي: منهنجن ڪاهنن ۽ منهنجن بزرگن پنهنجن روحن کي تازي ڪرڻ لاءِ کاڌي ڳوليندي شهر ۾ ساهہ ڏنو.</verse>
				<verse number="20">اي خداوند ڏس؛ ڇالاءِ جو آءٌ تڪليف ۾ آهيان؛ منهنجن آنڊن ۾ وٽ ٿا پون؛ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ ڦري ويئي آهي؛ ڇالاءِ جو مون ڏاڍي بغاوت ڪئي آهي: ٻاهر ترار ماڻهو کسي وٺي ٿي، ۽ اندر گهر ۾ موت جهڙو حال آهي.</verse>
				<verse number="21">هنن منهنجيون آهون ٻڌيون آهن: مون کي ڪوبہ تسلي ڏيڻ وارو ڪونهي: منهنجن سڀني دشمنن منهنجي تڪليف جو ٻڌو آهي؛ اُهي خوش ٿيا آهن تہ تو ائين ڪيو آهي: تون اُهو ڏينهن آڻيندين، جنهن جي تو اڳيئي خبر ڏيئي ڇڏي آهي، ۽ هو مون جهڙا ٿيندا.</verse>
				<verse number="22">هنن جي سڀ شرارت ڀلي تہ تنهنجي اڳيان اچي؛ ۽ جيڪي منهنجن سڀني گناهن جي ڪري تو مون سان ڪيو آهي سو هنن سان بہ ڪر: ڇالاءِ جو منهنجون آهون گهڻيون آهن، ۽ منهنجي دل سست آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">خداوند صيون جي ڌيءَ کي پنهنجي ڪاوڙ جي بادل سان ڪيئن نہ ڍڪي ڇڏيو آهي! هن اسرائيل جي سونهن آسمان مان هيٺ زمين تي اُڇلائي وڌي آهي، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي ڏينهن پنهنجي پيرن جي صندليءَ کي ياد نہ ڪيو اٿس.</verse>
				<verse number="2">خداوند يعقوب جون سڀ رهڻ جون جايون ڳهي ڇڏيون آهن، ۽ قياس بہ ڪونہ آيس؛ هن پنهنجي ڪاوڙ ۾ يهوداہ جي ڌيءَ جا قلعا ڊاهي ڇڏيا آهن؛ هن اهي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا آهن؛ هن انهيءَ جي بادشاهت ۽ انهيءَ جا امير ناپاڪ ڪري ڇڏيا آهن.</verse>
				<verse number="3">هن سخت ڪاوڙ ۾ اسرائيل جو سڀ ڪو سڱ وڍي ڦٽو ڪيو آهي؛ هن پنهنجو ساڄو هٿ دشمن تان پٺ تي ڪڍي ورتو آهي: ۽ هن يعقوب کي انهيءَ باهہ جي مچ وانگر ساڙيو آهي، جو چوڌاري ساڙي چٽ ڪندو آهي.</verse>
				<verse number="4">هن دشمن وانگر پنهنجي ڪمان ڪشي آهي، هو ويريءَ وانگر پنهنجو ساڄو هٿ مٿي کڻي بيٺو آهي، ۽ جيڪي ڏسڻ ۾ سهڻا هئا تن سڀني کي ڪُٺو اٿس: صيون جي ڌيءَ جي تنبوءَ ۾ هن پنهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر هاري وڌي آهي.</verse>
				<verse number="5">خداوند دشمن وانگر ٿي بيٺو آهي، هن اسرائيل کي ڳهي ڇڏيو آهي؛ هو ان جون سڀ محلاتون ڳهي ويو آهي، هن اُن جا سڀ قلعا ناس ڪري ڇڏيا آهن: ۽ هن يهوداہ جي ڌيءَ لاءِ ماتم ۽ زاري وڌائي آهي.</verse>
				<verse number="6">۽ هو زور زبردستيءَ سان پنهنجو شاميانو کڻي ويو آهي، ڄڻ تہ اهو ڪنهن باغ جو هو؛ ۽ هن پنهنجي جماعت جي جاءِ ناس ڪئي آهي: خداوند صيون ۾ سڳوري جماعت ۽ سبت وسارائي ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي جوش ۾ بادشاهہ ۽ ڪاهن ڏانهن نفرت ظاهر ڪئي اٿس.</verse>
				<verse number="7">خداوند پنهنجي قربانگاهہ رد ڪري ڇڏي آهي، هن پنهنجي پاڪ مڪان کي ڌڪاريو آهي، هن انهيءَ جي محلاتن جون ڀتيون دشمن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيون آهن: هنن خداوند جي گهر ۾ اهڙو گوڙ مچايو آهي جهڙو سڳوري جماعت گڏ ٿيڻ جي ڏينهن ٿيندو آهي.</verse>
				<verse number="8">خداوند ارادو ڪيو آهي تہ صيون جي ڌيءَ جي ڀت ناس ڪري ڇڏي؛ هن ڏور ڇڪي آهي، هن ناس ڪرڻ کان پنهنجو هٿ نہ روڪيو آهي: پر هن قلعي جي ٺلهہ ۽ ڀت کي ماتم ۾ وڌو آهي؛ اُهي گڏ پيا ڏک ۾ ڳرن.</verse>
				<verse number="9">اُن جا در ڪري زمين ۾ گهڙي ويا آهن؛ هن انهيءَ جا گز ناس ڪري ڇڏيا آهن: اُن جو بادشاهہ ۽ اُن جا امير انهن ملڪن ۾ آهن جتي شريعت نہ آهي؛ هائو، ان جي نبين کي ڪوبہ رويا خدا وٽان نٿو اچي.</verse>
				<verse number="10">صيون جي ڌيءَ جا بزرگ زمين تي ويهن ٿا، هو ماٺ ڪري ويٺا آهن؛ هنن پنهنجن مٿن تي مٽي وسائي آهي؛ هنن پنهنجي چيلهہ سان کٿا ٻڌا آهن: يروشلم جون ڪنواريون ڇوڪريون پنهنجا مٿا زمين تائين جهڪائين ٿيون.</verse>
				<verse number="11">منهنجون اکيون لڙڪ وهائي وهائي ضعيف ٿي پيون آهن، ۽ منهنجا آنڊا وٽ پيا کائين، منهنجو جگر منهنجي قوم جي ڌيءَ جي ناس ٿيڻ ڪري زمين تي هارجي پيو آهي؛ ڇالاءِ جو ننڍا ٻار ۽ کير پياڪ ٻار شهرن جي گهٽين ۾ بيهوش ٿي وڃن ٿا.</verse>
				<verse number="12">جڏهن هو ڦٽيلن وانگر شهر جي رستن تي بيهوش ٿا ٿين، ۽ جڏهن هنن جو ساهہ سندن مائن جي جهوليءَ ۾ نڪري ٿو، تڏهن هو پنهنجي مائن کي ٿا چون تہ ان ۽ شراب ڪٿي آهي؟</verse>
				<verse number="13">اي يروشلم جي ڌيءَ، توکي ڪهڙي ثابتي ڏيان؟ ڪنهن سان توکي مشابهت ڏيان؟ اي صيون جي ڪنواري ڌيءَ، تنهنجو ڪنهن سان مقابلو ڪريان جو توکي تسلي ڏيان؟ ڇالاءِ جو تنهنجو ڦاٽ سمنڊ جيڏو وڏو آهي: ڪير انهيءَ کي پوري سگهندو؟</verse>
				<verse number="14">تنهنجن نبين تنهنجي لاءِ اجاين ۽ بي عقليءَ جهڙين ڳالهين جا خواب ڏٺا آهن؛ ۽ انهن تنهنجي بدڪاري ڳولي نہ لڌي آهي، جو تنهنجا قيدي موٽائي آڻين: پر هنن تنهنجي لاءِ بيهودا مضمون ۽ شهر نيڪاليءَ جا سبب ڏٺا آهن.</verse>
				<verse number="15">جيڪي پاسي کان لنگهن ٿا سي توتي تاڙيون وڄائين ٿا؛ هو يروشلم جي ڌيءَ تي شوڪارا ٿا ڀرين ۽ پنهنجا ڪنڌ لوڏين ٿا، ۽ چون ٿا تہ هي اُهو شهر آهي ڇا جنهن کي ماڻهو سونهن جو ڪمال، ۽ سڄيءَ زمين جي خوشي سڏيندا هئا.</verse>
				<verse number="16">تنهنجن سڀني دشمنن تنهنجي کائڻ لاءِ وڏا وات پٽيا آهن؛ هو شوڪارا ٿا ڀرين ۽ ڏند ٿا ڪرٽين؛ هو چون ٿا تہ اسان هن کي ڳهي ڇڏيو آهي؛ يقيناً اڄ اُهو ئي ڏينهن آهي جنهن لاءِ اسين منتظر هئاسين؛ اسان هن کي لڌو آهي، اسان هن کي ڏٺو آهي.</verse>
				<verse number="17">خداوند ائين ڪيو آهي جيئن هن رٿيو هو؛ قديم ڏينهن ۾ هن جيڪو ڪلام ڪيو سو پورو ڪيو اٿس؛ هن ڊاهي وڌو آهي ۽ قياس ڪونہ ڪيو اٿس: ۽ هن دشمن کي توتي خوش ڪرايو آهي، هن تنهنجن ويرين جو سڱ مٿي ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="18">هنن جي دل خداوند کي دانهن ڪري چيو: اي صيون جي ڌيءُ جي ڀت، ڀلي تہ رات ڏينهن تنهنجا لڙڪ نديءَ وانگر پيا وهن؛ پاڻ کي ڪابہ ساهي نہ ڏي؛ ڀلي تہ تنهنجي اک جي ماڻڪي بيهي نہ رهي.</verse>
				<verse number="19">اُٿ، رات جو رڙيون ڪر، جڏهن پهر شروع ٿا ٿين تڏهن خداوند جي روبرو پنهنجي دل پاڻيءَ وانگر هاري وجهہ: پنهنجن ننڍن ٻارن جي حياتيءَ لاءِ پنهنجا هٿ هن ڏانهن کڻ، جو اُهي سڀ ڪنهن گهٽيءَ جي چوٽيءَ تي بک جي ڪري ماندا ٿا ٿين.</verse>
				<verse number="20">اي خداوند ڏس، ۽ نظر ڪر تہ ڪنهن جو تو اهڙو حال ڪيو آهي! زالون ڪو پنهنجو ڦر کائينديون ڇا، يعني جيڪي ٻار هٿن ۾ ڪڏايا ٿا وڃن؟ خداوند جي پاڪ مڪان ۾ ڪاهن ۽ نبي قتل ڪيا ويندا ڇا؟</verse>
				<verse number="21">جوان ۽ ٻڍو ماڻهو ٻئي گهٽين ۾ زمين تي سُتا پيا آهن؛ منهنجون ڪنواريون ڇوڪريون ۽ منهنجا جوان ماڻهو ترار سان مارجي ويا آهن: تو انهن کي پنهنجي ڪاوڙ جي ڏينهن ڪُٺو آهي؛ تو ڪوس ڪيو اهي، ۽ رحم ڪونہ ڪيو اٿيئي.</verse>
				<verse number="22">تو سڀ ڪنهن پاسي منهنجا خوف سڏي گڏ ڪيا، جيئن عيد جي ڏينهن ماڻهو گڏ ٿيندا آهن، ۽ ڪوبہ خداوند جي ڪاوڙ جي ڏينهن ڀڄي نہ ڇٽو ۽ نہ بچيو: جن کي مون ڪڏايو ۽ پالي وڏو ڪيو، تن کي منهنجي دشمن ماري کپائي ڇڏيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">آءٌ اهو ماڻهو آهيان جنهن هن جي ڪاوڙ جي لٺ سان ڏک سَٺو آهي،</verse>
				<verse number="2">هن مون کي اونداهيءَ ۾ وٺي هلايو ۽ نہ سوجهري ۾.</verse>
				<verse number="3">يقيناً سڄو ڏينهن هو پنهنجو هٿ وري وري مون تي ڦيرائي ٿو.</verse>
				<verse number="4">منهنجو گوشت ۽ منهنجي کل هن خشڪ ڪري ڇڏيا آهن؛ هن منهنجا هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيا آهن.</verse>
				<verse number="5">هن منهنجي برخلاف اڏاوت ڪئي آهي، ۽ هن مون کي زهر ۽ زحمت سان وڪوڙيو آهي.</verse>
				<verse number="6">هن مون کي انڌارين جاين ۾ رهايو آهي، جيئن گهڻن ڏينهن جا مئل ماڻهو هوندا آهن.</verse>
				<verse number="7">هن منهنجي چوڌاري ڀت ڏيئي ڇڏي آهي، جنهن ڪري آءٌ ٻاهر نڪري نٿو سگهان؛ هن منهنجو زنجير ڳرو ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="8">هائو، جڏهن آءٌ دانهون ڪري مدد ٿو گهران، تڏهن هو منهنجو سوال نٿو ٻڌي.</verse>
				<verse number="9">هن ٽڪيل پٿرن سان منهنجا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن، هن منهنجون واٽون ڏنگيون ڪيون آهن.</verse>
				<verse number="10">هو منهنجي لاءِ اهڙو آهي جهڙو لڪي ويٺل رڇ، ۽ ڳجهين جاين ۾ شينهن.</verse>
				<verse number="11">هن منهنجا رستا پاسيرا ڪري ڇڏيا آهن، ۽ مون کي ڇني ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو اٿس؛ هن مون کي سڃو ڪري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="12">هن پنهنجي ڪمان ڪشي آهي، ۽ مون کي پنهنجي تير جو نشان ڪري رکيو اٿس.</verse>
				<verse number="13">هن پنهنجي بٿيءَ جا تير منهنجن گردن ۾ گهيڙائي ڇڏيا آهن.</verse>
				<verse number="14">آءٌ پنهنجي سڄيءَ قوم وٽ کل ٺٺوليءَ جو سبب ٿيو آهيان؛ ۽ سڄو ڏينهن هو مون تي پيا راڳ ڳائين.</verse>
				<verse number="15">هن مون کي ڪَڙيءَ سان ڀري ڇڏيو آهي، هن ڪَڙيءَ ڪاٺيءَ سان مون کي ڍءُ ڏيئي ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="16">هن ڪنڪريءَ جي پٿرن سان منهنجا ڏند ڀڃي وڌا آهن، هن مون کي رک سان ڍڪي ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="17">۽ تو منهنجو روح خير سلامتيءَ کان پري ڪري ڇڏيو آهي؛ مون سک وساري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="18">۽ مون چيو تہ منهنجي سگهہ ناس ٿي ويئي آهي، ۽ منهنجي اميد خداوند مان نڪري ويئي آهي.</verse>
				<verse number="19">منهنجو ڏک ۽ منهنجي مصيبت، منهنجو ساڙ ۽ منهنجو زهر ياد ڪر.</verse>
				<verse number="20">منهنجو روح اڃا بہ انهن کي ياد پيو ڪري، ۽ منهنجي اندر ۾ غمگين آهي</verse>
				<verse number="21">اها ڳالهہ آءٌ پنهنجي دل تي ٿو آڻيان، تنهن ڪري مون کي اميد آسرو آهي.</verse>
				<verse number="22">اهو خداوند جي رحم ڪري آهي جو اسين مري کپي نہ ويا آهيون، ڇالاءِ جو هن جو رحم کٽڻ جو ناهي.</verse>
				<verse number="23">اهو روز صبح جو نئون آهي؛ تنهنجي سچائي وڏي آهي.</verse>
				<verse number="24">منهنجو روح ٿو چوي تہ خداوند منهنجو حصو آهي؛ تنهن ڪري آءٌ هن ۾ اُميد آسرو رکندس.</verse>
				<verse number="25">جيڪي خداوند جي لاءِ منتظر ٿي ويهن ٿا، ۽ کيس ڳولين ٿا تن جي لاءِ هو مهربان آهي</verse>
				<verse number="26">ائين چڱو آهي تہ ماڻهو اُميد رکي، ۽ خداوند جي نجات لاءِ منتظر رهي.</verse>
				<verse number="27">ماڻهوءَ جي لاءِ اهو چڱو آهي تہ هو پنهنجي جوانيءَ ۾ پاڃاري کڻي.</verse>
				<verse number="28">هن کي اڪيلو ٿي ماٺ ڪري ويهڻ کپي، ڇالاءِ جو هن اُها سندس مٿان رکي آهي.</verse>
				<verse number="29">هن کي کپي تہ پنهنجو وات مٽيءَ تي رکي؛ شايد انهيءَ ۾ ڪا اُميد هجي.</verse>
				<verse number="30">هن کي کپي تہ ڌڪ هڻڻ واري کي پنهنجو ڳل ڏئي؛ پوءِ ڀلي تہ خواريءَ سان ڀرجي.</verse>
				<verse number="31">ڇالاءِ جو خداوند هميشہ لاءِ اُڇلائي نہ ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="32">ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ هو ڏک ڏيندو، تڏهن بہ پنهنجين رحمتن جي گهڻائيءَ کان هن کي ڪهل ايندي.</verse>
				<verse number="33">ڇالاءِ جو هو ڏک ڏيڻ پسند نٿو ڪري، ۽ نہ آدمزاد کي ڏکوئڻ چاهي ٿو.</verse>
				<verse number="34">زمين جا سڀ قيدي پير هيٺ چپڻ،</verse>
				<verse number="35">خدا تعاليٰ جي منهن جي اڳيان ڪنهن ماڻهوءَ جو حق ٽاري ڇڏڻ،</verse>
				<verse number="36">ڪنهن ماڻهوءَ جو مقدمو بگاڙڻ، خداوند کي پسند نہ آهي.</verse>
				<verse number="37">اُهو ڪير آهي جو چوي ٿو تہ ائين ٿئي ٿو، جڏهن خداوند اهڙو ڪم نٿو ڪري؟</verse>
				<verse number="38">خدا تعاليٰ جي حڪم سان بڇڙائي ۽ چڱائي نٿي اچي ڇا؟</verse>
				<verse number="39">ڪهڙي سبب جيئرو ماڻهو شڪايت ٿو ڪري، ماڻهو پنهنجن گناهن جي سزا لاءِ پڪاري ٿو ڇا؟</verse>
				<verse number="40">اچو تہ اسين پنهنجا رستا ڳوليون ۽ آزمايون، ۽ وري بہ خداوند ڏي ڦرون.</verse>
				<verse number="41">اچو تہ اسين پنهنجي دل پنهنجن هٿن سان خدا ڏانهن کڻون، جو آسمان ۾ آهي.</verse>
				<verse number="42">اسان حڪم عدولي ڪئي ۽ فساد ڪيو آهي؛ تو معافي نہ ڏني آهي.</verse>
				<verse number="43">تو اسان کي ڪاوڙ سان ڍڪي ڇڏيو اهي، ۽ تون اسان جي پٺيان پيو آهين؛ تو قتل ڪيو آهي، توکي قياس ڪونہ پيو.</verse>
				<verse number="44">تو پاڻ کي ڪڪر سان ڍڪي ڇڏيو آهي، تہ اسان جي دعا انهيءَ مان نہ لنگهي.</verse>
				<verse number="45">تو اسان کي قومن جي وچ ۾ ٻهر ۽ ڪچري جهڙو ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="46">اسان جن سڀني دشمنن اسان جي لاءِ وڏو وات پٽيو آهي.</verse>
				<verse number="47">خوف ۽ قبر، ويراني ۽ تباهي اسان تي آئي آهي.</verse>
				<verse number="48">منهنجي اک مان پاڻيءَ جون نديون ٿيون وهن، ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي ڌيءَ ناس ٿي ويئي آهي.</verse>
				<verse number="49">منهنجي اک پئي وهي ۽ ڪنهن بہ فرجي کان سواءِ بس نٿي ڪري،</verse>
				<verse number="50">جيستائين خداوند هيٺ نهاري، ۽ آسمان مان ڏسي.</verse>
				<verse number="51">منهنجي اک، منهنجي شهر جي سڀني ڌيئن ڪري منهنجي روح کي رنج ٿي ڪري.</verse>
				<verse number="52">جيڪي بي سبب منهنجا دشمن آهن، سي پکيءَ وانگر منهنجي پٺيان ڪاهي پيا آهن.</verse>
				<verse number="53">هنن منهنجي حياتي قيد ۾ وڍي ڇڏي آهي، ۽ مون تي پٿر رکي ڇڏيو اٿن.</verse>
				<verse number="54">منهنجي مٿي تان پاڻي وهي ويا؛ مون چيو تہ آءٌ وڍجي ويو آهيان.</verse>
				<verse number="55">اي خداوند، مون تمام هيٺينءَ قيد مان تنهنجو نالو وٺي سڏ ڪيو.</verse>
				<verse number="56">تو منهنجو سڏ ٻڌو؛ منهنجي ساهہ کڻڻ تي، منهنجي رڙ تي پنهنجو ڪن بند نہ ڪر.</verse>
				<verse number="57">جنهن ڏينهن مون توکي سڏ ڪيو انهيءَ ڏينهن تون مون کي ويجهو آئين: تو چيو تہ ڊڄ نہ.</verse>
				<verse number="58">اي خداوند تو منهنجي روح جي طرفان حجت دليل ڪيا؛ تو منهنجي جان ڇڏائي آهي.</verse>
				<verse number="59">اي خداوند، تو منهنجي مظلومي ڏٺي آهي؛ تون منهنجو مقدمو فيصل ڪر.</verse>
				<verse number="60">هنن جو وير وٺڻ ۽ هنن جون رٿون، جي منهنجي برخلاف هيون، سي سڀ تو ڏٺيون آهن.</verse>
				<verse number="61">اي خداوند، تو هنن جو طعنو ۽ هنن جو تجويزون جي منهنجي برخلاف آهن، سي سڀ ٻڌيون آهن؛</verse>
				<verse number="62">جيڪي مون تي سنبري آيا تن جون ڳالهيون ۽ سندن روزمرہ جا منصوبا بہ.</verse>
				<verse number="63">هنن جو ويهڻ ۽ هنن جو اُٿڻ تون ڏس؛ آءٌ هنن جو راڳ آهيان.</verse>
				<verse number="64">اي خداوند، تو هنن جي هٿن جي ڪم موجب کين بدلو ڏي.</verse>
				<verse number="65">تون هنن کي دل جي سختي ۽ پنهنجي لعنت ڏي.</verse>
				<verse number="66">تون ڪاوڙ ۾ هنن جي پٺيان پئُہ، ۽ خداوند جي آسمانن جي هيٺان هنن کي ناس ڪر.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">سون ڪيئن نہ جهڪو ٿي ويو آهي! تمام خالص سون ڪيئن نہ بدلجي ويو آهي! پاڪ مڪان جا پٿر سڀ ڪنهن گهٽيءَ جي چوٽيءَ تي اُڇليا ويا آهن.</verse>
				<verse number="2">صيون جا سڪيلڌا پٽ، جي عمدي سون سان مقابلي ڪرڻ جهڙا آهن، سي ڪيئن نہ ٺڪر جي ٿانوَن وانگر، جي ڪنڀار جي هٿن جا جڙيل آهن، سمجهيا ٿا وڃن!</verse>
				<verse number="3">گدڙ بہ پنهنجا ٿڻ ڪڍي پنهنجن ٻچن کي کير پيارين ٿا: منهنجي قوم جي ڌيءَ بيابان جي اٺ پکين وانگر بي رحم ٿي پئي آهي.</verse>
				<verse number="4">کير پياڪ ٻار جي زبان اُڃ کان ان جي تارونءَ کي لڳيو ٿي پوي: ننڍا ٻار ماني گهرن ٿا ۽ ڪوبہ ماڻهو اُها ڀڃي انهن کي نٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="5">جيڪي عمدا طعام کائيندا هئا، سي گهٽين ۾ سڃا پيا رُلن: جيڪي کهنبن ڪپڙن ۾ پلجي وڏا ٿيا سي ڪچري جي ڍيرن تي پيا آهن.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي ڌيءَ جي ڏوهہ جي سزا سدوم جي گناهہ جي سزا کان وڏي آهي، جو ڄڻ تہ هڪ پل ۾ اونڌو ڪيو ويو هو، ۽ ڪي بہ هٿ انهيءَ تي نہ اچي پيا.</verse>
				<verse number="7">اُن جا شريف ماڻهو برف کان صاف هئا، اُهي کير کان اڇا هئا، اُهي جسم ۾ لعلن کان ڳاڙها هئا، انهن جو تجلو نيلم جهڙو هو.</verse>
				<verse number="8">اُنهن جو چهرو اڱرن کان ڪارو هو؛ انهن کي گهٽين ۾ ڪوبہ ڪونہ ٿو سڃاڻي، انهن جي کل هڏن کي چنبڙي پئي آهي؛ اُها ڪومائجي سڪي ڪاٺيءَ جهڙي ٿي پيئي آهي.</verse>
				<verse number="9">جيڪي ترار سان قتل ٿيندا آهن سي انهن کان بهتر آهن جي بک جي وگهي ٿا مرن؛ ڇالاءِ جو هي زمين جي ميون نہ ملڻ ڪري سڙندا ڳرندا وڃن.</verse>
				<verse number="10">قياس وارين زالن جي هٿن خود پنهنجن ٻارن ٻچن کي رڌيو آهي؛ منهنجي قوم جي ڌيءَ جي تباهيءَ ۾ اُهي انهن جو قوت هئا.</verse>
				<verse number="11">خداوند پنهنجو غضب پورو ڪيو آهي، هن پنهنجي خوفناڪ ڪاوڙ هاري وڌي آهي؛ ۽ هن صيون ۾ باهہ ٻاري آهي، جنهن انهيءَ جو بنياد ناس ڪري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="12">زمين جي بادشاهن کي اعتبار نہ هو، ۽ نہ دنيا جي سڀني رهاڪن کي، تہ ڪو ويري ۽ دشمن يروشلم جي درن اندر گهڙي ايندو.</verse>
				<verse number="13">اهو هن جي نبين جي گناهن، ۽ هن جي بدڪارين ڪري آهي، ان جي وچ ۾ سچن جو رت وهايو ويو آهي.</verse>
				<verse number="14">هو انڌن وانگر گهٽين ۾ پيا گهمن، هو رت سان پليت ٿيا پيا آهن، جنهن ڪري ماڻهو هنن جي ڪپڙن کي هٿ ئي نہ ٿا لائين.</verse>
				<verse number="15">هن انهن کي رڙ ڪري چيو تہ نڪري وڃو، اي پليت نڪري وڃو، هٿ نہ لايو. جڏهن هو ڀڄي ويا ۽ وڃي رلڻ لڳا، تڏهن قومن ۾ ماڻهن چيو تہ هو وري اڳتي هتي اچي نہ رهندا.</verse>
				<verse number="16">خداوند جي ڪاوڙ هنن ۾ تفرقو وڌو آهي؛ هو اڳتي وري هنن ڏانهن ڪوبہ ڌيان نہ ڏيندو: هو ڪاهنن کي عزت نہ ڏيندا هئا، هو بزرگن سان مروت ڪانہ ڪندا هئا.</verse>
				<verse number="17">اسان جون اکيون اسان جي مدد لاءِ نهاري نهاري ڪمزور ٿي ويون آهن؛ پنهنجي انتظار ڪڍڻ ۾ اسان اهڙيءَ قوم جي لاءِ انتظار پئي ڪيو آهي جا بچائي نٿي سگهي.</verse>
				<verse number="18">هو اهڙيءَ طرح اسان جا پيرا کنيو اچن، جو اسين پنهنجن گهٽين ۾ وڃي نٿا سگهون: اسان جي پڇاڙي ويجهي آهي، اسان جا ڏينهن اچي پورا پيا آهن؛ ڇالاءِ جو اسان جي پڇاڙي اچي پهتي آهي.</verse>
				<verse number="19">اسان جا پٺيان پوندڙ هوا جي بازن کان وڌيڪ تکا آهن؛ هو جبلن تي اسان جي پٺيان پيا، هو بيابان ۾ اسان جي لاءِ لڪي ويٺا.</verse>
				<verse number="20">اسان جي زندگي جو دم، يعني خداوند جو مسح ڪيل، هنن جي کڏن ۾ پڪڙجي پيو؛ جنهن بابت اسين چوندا هئاسين تہ هن جي پاڇي هيٺ اسين قومن ۾ حياتي گذارينداسين.</verse>
				<verse number="21">اي ادوم جي ڌيءَ، جا عوض جي زمين ۾ رهين ٿي، تون خوشي ڪر ۽ سرهي ٿي: پيالو ڦري تو تائين بہ ايندو؛ تون پي مست ٿيندينءَ ۽ پاڻ کي اگهاڙو ڪندينءَ.</verse>
				<verse number="22">اي صيون جي ڌيءَ، تنهنجي بدڪاريءَ جي سزا اچي پوري ٿي آهي؛ هو توکي وري قيد ڪري وٺي نہ ويندو: اي ادوم جي ڌيءَ، تنهنجي بدڪاريءَ جي خبر لهندو؛ هو تنهنجو گناهہ کولي ظاهر ڪندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">اي خداوند، ياد ڪر تہ اسان تي ڇا آيو آهي: نظر ڪر ۽ اسان جي خواري ڏس.</verse>
				<verse number="2">اسان جو ورثو ڦيرائي ڌارين کي ڏنو ويو آهي، ۽ اسان جا گهر بيگانن کي.</verse>
				<verse number="3">اسين يتيم ۽ بي پدر آهيون، اسان جون مائون بيوہ زالن جهڙيون آهن.</verse>
				<verse number="4">اسان پنهنجو پاڻي بہ ملهہ ڏيئي پيتو آهي؛ اسان جون ڪاٺيون بہ اسان کي وڪڻي ٿا ڏين.</verse>
				<verse number="5">اسان جا پٺيان پوندڙ اسان جن ڪنڌن تي آهن: اسين ٿڪجي پيا آهيون، ۽ ڪوبہ آرام ڪونہ اٿئون.</verse>
				<verse number="6">مانيءَ جي ڍءُ ڪرڻ لاءِ اسان مصرين کي، ۽ اسورين کي هٿ ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="7">اسان جن ابن ڏاڏن گناهہ ڪيا ۽ اُهي نابود ٿيا آهن؛ ۽ اسان هنن جا گناهہ کنيا آهن.</verse>
				<verse number="8">ٻانها اسان تي حڪم ٿا هلائين: اسان کي انهن جي هٿان ڇڏائڻ وارو ڪوبہ ڪونهي.</verse>
				<verse number="9">بيابان جي ترار جي خوف کان پنهنجو ساهہ بچائي، اسين پنهنجي ماني هٿ ڪريون ٿا.</verse>
				<verse number="10">ڏڪار جي ساڙيندڙ گرميءَ کان، اسان جي کل تنور جهڙي ڪاري آهي.</verse>
				<verse number="11">صيون ۾ زالن سان ۽ يهوداہ جي شهرن ۾ ڪنوارين ڇوڪرين سان هنن زور زبردستي ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="12">هنن جي هٿان امير سوريءَ چڙهيا: بزرگن جي منهن جي هنن عزت نہ رکي.</verse>
				<verse number="13">جوان ماڻهن جنڊ کنيا، ۽ ٻار ڪاٺين جي بار هيٺ آٿڙجي ڪِريا.</verse>
				<verse number="14">بزرگن دروازي تي ويهڻ ڇڏي ڏنو ۽ جوان ماڻهن ڳائڻ وڄائڻ کان بس ڪئي.</verse>
				<verse number="15">اسان جي دل جي خوشي بند ٿي ويئي آهي؛ اسان جو ناچ بدلجي ماتم ٿي پيو آهي.</verse>
				<verse number="16">ڇٽ اسان جي مٿي تان ڪري پيو آهي: افسوس آهي اسان جي حال تي! جو اسان گناهہ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="17">انهيءَ ڪري اسان جي دل ماندي آهي؛ انهن ڳالهين ڪري اسان جي اکين ۾ ڌنڌ آهي؛</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو صيون جو جبل ويران آهي، لومڙيون انهيءَ تي پيون گهمن.</verse>
				<verse number="19">اي خداوند تون هميشہ قائم آهين؛ تنهنجو تخت پيڙهي بہ پيڙهي هلندو هلي.</verse>
				<verse number="20">ڇو تون اسان کي هميشہ لاءِ وساري ٿو ڇڏين، ۽ هيترو سارو وقت اسان کي ترڪ ٿو ڪرين؟</verse>
				<verse number="21">اي خداوند، تون اسان کي پاڻ ڏانهن ڦيراءِ، تہ اسين ڦرون؛ اسان جا ڏينهن قديم زماني وانگر نئين سر جاري ڪر.</verse>
				<verse number="22">پر تو اسان کي بلڪل رد ڪري ڇڏيو آهي، تون اسان تي ڏاڍو ڪاوڙيل آهين.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="26">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">ٽيهين ورهيہ ۾، چوٿين مهيني جي پنجين تاريخ هيئن ٿيو، تہ جنهن وقت آءٌ ڪبار نديءَ جي ڪناري تي قيدين منجهہ هوس، انهي وقت آسمان کُلي پيو ۽ مون خدا جا رويا ڏٺا.</verse>
				<verse number="2">يهوياڪين بادشاهہ جي قيد جي پنجين ورهيہ ۾، انهي مهيني جي پنجين تاريخ،</verse>
				<verse number="3">ڪبار نديءَ جي ڪناري تي، ڪسدين جي ملڪ ۾ خداوند جو ڪلام ظاهر ظهور حزقي ايل بن بوزي ڪاهن تي نازل ٿيو، ۽ اُتي خداوند جو هٿ هن تي هو.</verse>
				<verse number="4">۽ مون نهاريو تہ اُتر مان هڪڙي طوفان جهڙي واچ نڪتي، ۽ هڪڙو وڏو ڪڪر جنهن ۾ ڄڻ تہ باهہ ويڙهي پئي هئي، ۽ انهي جي چوڌاري روشنائي هئي، ۽ انهي جي وچان، يعني باهہ جي وچ مان عنبير رنگ جهڙي روشنائي نڪتي.</verse>
				<verse number="5">۽ انهيءَ جي وچ مان چئن ساهہ وارن جي شڪل ڏسڻ ۾ آئي، ۽ انهن جي صورت انسان جي شڪل جهڙي هئي.</verse>
				<verse number="6">۽ انهن مان هرهڪ کي چار منهن هئا ۽ هرهڪ کي چار پر هئا.</verse>
				<verse number="7">۽ انهن جون ٽنگون سڌيون هيون؛ ۽ انهن جي پيرن جي تري گابي جي کر جهڙي هئي: ۽ اهي چمڪندڙ پتل وانگي پئي چمڪيا.</verse>
				<verse number="8">۽ انهن جي چئني پاسي سندن پرن هيٺ ماڻهوءَ جهڙا هٿ هئا: ۽ انهن چئني جا منهن ۽ پر ههڙا هئا؛</verse>
				<verse number="9">يعني هنن جا پر هڪٻئي سان ڳنڍيل هئا؛ هلندي اُهي مڙيا نٿي؛ انهن مان هرڪو سڌو اڳتي ٿي هليو ويو.</verse>
				<verse number="10">باقي هنن جي منهن جي شڪل ماڻهوءَ جي منهن جهڙي هئي: ۽ انهن چئني جو منهن سڄي پاسي شينهن جهڙو هو؛ ۽ انهن چئني جو منهن کٻي پاسي ڏاند جهڙو هو؛ انهن چئني جو منهن باز جهڙو بہ هو.</verse>
				<verse number="11">۽ انهن جا منهن ۽ انهن جا پر مٿي ڌار ڌار هئا؛ هرهڪ جا ٻہ ٻہ پر هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هئا، ۽ ٻن ٻن سان هنن جا بت ڍڪيل هئا.</verse>
				<verse number="12">۽ انهن مان هرڪو سڌو اڳتي هليو پئي ويو، جيڏانهن هلڻ جي مرضي ٿين تيڏانهن هو پئي ويا، ۽ هلندي اُهي مڙيا نٿي.</verse>
				<verse number="13">باقي انهن ساهہ وارن جي شڪل باهہ جي ٽانڊن جهڙي هئي، ۽ مشعلن وانگي ٿي ڏسڻ ۾ آئي؛ اُها باهہ انهن ساهہ وارن منجهہ پي چڙهي ۽ لٿي؛ ۽ اُها باهہ چمڪندڙ هئي ۽ انهي باهہ مان وڄ پي نڪتي.</verse>
				<verse number="14">۽ اُهي ساهہ وارا وڄ جي تجلي وانگر ڊوڙندا ۽ موٽندا ڏسڻ ۾ آيا.</verse>
				<verse number="15">هاڻي جيئن مون انهن ساهہ وارن کي ڏٺو، تيئن زمين تي انهن جي ڀرسان، انهن جي چئن منهن موجب هرهڪ لاءِ هڪڙو ڦيٿو نظر آيو.</verse>
				<verse number="16">انهن ڦيٿن جي شڪل ۽ انهن جي بناوٽ فيروزيءَ جي رنگ جهڙي هئي: ۽ اُهي چارئي هڪڙي ڊول جا هئا: ۽ انهن جي شڪل ۽ انهن جي بناوٽ ڄڻ تہ ڦيٿي جي اندر ڦيٿو هئي.</verse>
				<verse number="17">جڏهن هو هليا ٿي تڏهن پنهنجن چئن پاسن تي ٿي هليا: هلڻ مهل هو ڦريا نٿي.</verse>
				<verse number="18">باقي انهن جا پاٽا سي اوچا ۽ خوفناڪ هئا؛ ۽ انهن چئني ڦيٿن جي پاٽن ۾ چوڌاري اکيون ئي اکيون هيون.</verse>
				<verse number="19">۽ جڏهن اُهي ساهہ وارا هليا ٿي، تڏهن اُهي ڦيٿا سندن پاسن کان ٿي هليا: ۽ جڏهن اُهي ساهہ وارا زمين تان مٿي کڄيو ٿي ويا، تڏهن ڦيٿا بہ مٿي کڄيو ٿي ويا.</verse>
				<verse number="20">جيڏانهن روح ٿي ويو اوڏانهن هو ٿي ويا؛ روح بہ اوڏانهن ٿي ويو: ۽ ڦيٿا ان جي پاسي کان مٿي ٿي کڄيا، ڇالاءِ جو انهن ساهہ وارن جو روح انهن ڦيٿن ۾ هو.</verse>
				<verse number="21">جڏهن هو ٿي هليا تڏهن هي بہ ٿي هليا؛ جڏهن هو ٿي بيٺا تڏهن هي بہ ٿي بيٺا؛ ۽ جڏهن هو زمين تان مٿي ٿي کڄيا تڏهن ڦيٿا بہ انهن جي پاسي کان مٿي ٿي کڄيا: ڇالاءِ جو ساهہ وارن جو روح ڦيٿن ۾ هو.</verse>
				<verse number="22">۽ ساهہ وارن جي مٿي جي مٿان گنبذ وانگر هڪڙو آسمان هو؛ جنهن جو رنگ خوفناڪ بلور جهڙو هو، جو انهن جي مٿن جي مٿان پکڙيل هو.</verse>
				<verse number="23">۽ انهي آسمان هيٺان انهن جا پر سنوان هئا، هڪڙو ٻئي ڏانهن: هرهڪ کي ٻہ ٻہ هئا جن انهي جي بت جو هي پاسو ٿي ڍڪيو، ۽ هرهڪ کي ٻہ ٻہ هئا جن انهي جي بت جو هُو پاسو ٿي ڍڪيو.</verse>
				<verse number="24">۽ جڏهن هو هليا ٿي تڏهن هنن جي پرن جو آواز گهڻي پاڻيءَ جي آواز جهڙو ٿي ٻڌڻ ۾ آيو، يعني قادر مطلق جي آواز جهڙو، يا لشڪر جي گوڙ ۽ هل هنگامي جو آواز: جڏهن هو بيٺا ٿي تڏهن هنن پنهنجا پر لاڙي ٿي ڇڏيا.</verse>
				<verse number="25">۽ جيڪو آسمان انهن جي مٿي جي مٿان هو، تنهن جي مٿان هڪڙو آواز ٿي آيو: جڏهن هو بيٺا ٿي، تڏهن هنن پنهنجا پر لاڙي ٿي ڇڏيا.</verse>
				<verse number="26">۽ جيڪو آسمان انهن جي مٿن جي مٿان هو، تنهن جي مٿان تخت جهڙي هڪڙي شيءِ هئي، جا نيلم پهڻ جهڙي ڏسڻ ۾ ٿي آئي: ۽ انهيءَ تخت جهڙي شيءِ جي مٿان هڪڙي ماڻهوءَ جهڙي شڪل ڏسڻ ۾ ٿي آئي.</verse>
				<verse number="27">۽ مون انهي منجهہ چوڌاري هن جي چيلهہ ۽ ان کان مٿي واري صورت مان عنبير رنگ جهڙي باهہ ڏٺي؛ ۽ هن جي چيلهہ ۽ ان کان هيٺ ڄڻ تہ باهہ جي صورت مون ڏٺي، ۽ هن جي چوڌاري روشنائي هئي.</verse>
				<verse number="28">آس پاس واري روشنائي اهڙي ٿي ڏسڻ ۾ آئي جهڙي مينهن واري ڏينهن ڪڪر ۾ ڪمان جي شڪل ۾ ڏسڻ ۾ اچي. خداوند جي جلال جي شڪل اهڙي ڏسڻ ۾ ٿي آئي. ۽ جڏهن مون اهو ڏٺو، تڏهن آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس، ۽ مون هڪڙي ڳالهائيندڙ جو آواز ٻڌو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">۽ انهيءَ مون کي چيو تہ اي آدمزاد، پنهنجي پيرن تي اُٿي بيهہ تہ آءٌ توسان ڳالهايان.</verse>
				<verse number="2">۽ جڏهن هن مون سان ڳالهايو، تڏهن روح مون منجهہ گهڙي آيو ۽ مون کي پيرن ڀر بيهاريائين؛ ۽ مون انهي جو آواز ٻڌو جنهن مون سان ڳالهايو.</verse>
				<verse number="3">۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، آءٌ توکي بني اسرائيل ڏانهن ٿو موڪليان، ۽ انهن قومن ڏانهن جي باغي ٿيون آهن، ۽ جن منهنجي برخلاف بغاوت ڪئي آهي: هنن ۽ سندن ابن ڏاڏن اڄ تائين منهنجي حڪم جي عدولي پئي ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="4">۽ اُهي بي حيا ۽ سنگدل اولاد آهن؛ تہ بہ آءٌ توکي انهن وٽ ٿو موڪليان: ۽ تون انهن کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي.</verse>
				<verse number="5">پوءِ هو ٻڌن يا ٻڌڻ کان انڪار ڪن (ڇالاءِ جو هو باغي گهراڻو آهي)، تڏهن بہ هنن کي معلوم ٿيندو تہ منجهن هڪڙو نبي ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="6">۽ اي آدمزاد، تون انهن کان نہ ڊڄ ۽ نہ انهن جي ڳالهين کان ڊڄ؛ جيتوڻيڪ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا توسان هجن ۽ تون وڇن منجهہ رهندو هجين تہ بہ انهن جي ڳالهين کان نہ ڊڄ، ۽ نہ انهن جي شڪلين کان ڊڄ، جيتوڻيڪ هو باغي گهراڻو آهي.</verse>
				<verse number="7">۽ جيڪي آءٌ چوان سو تون انهن کي ٻڌائج، پوءِ هو ٻڌن يا ٻڌڻ کان انڪار ڪن: ڇالاءِ جو اُهي نهايت باغي آهن.</verse>
				<verse number="8">پر اي آدمزاد، جيڪي آءٌ توکي چوان ٿو سو تون ٻڌ؛ هن باغي گهراڻي جهڙو تون باغي نہ ٿيءُ: پنهنجو وات پَٽ ۽ جيڪي توکي ڏيان ٿو سو کاءُ.</verse>
				<verse number="9">۽ جڏهن مون نهاريو، تڏهن ڏسو، هڪڙو هٿ مون ڏانهن ڊگهو ٿيو؛ ۽ ڏسو، انهيءَ ۾ هڪڙي ڪتاب جي ويڙهي هئي؛</verse>
				<verse number="10">۽ هن اُها منهنجي اڳيان پکيڙي رکي؛ ۽ اُها اندران ٻاهران لکيل هئي: ۽ انهي ۾ زاريون ۽ ماتم ۽ ڏک جون ڳالهيون هيون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، جيڪي ڏسين ٿو سو کائي وڃ؛ هيءَ ويڙهي کاءُ، پوءِ وڃي اسرائيل جي گهراڻي سان ڳالهاءِ.</verse>
				<verse number="2">تڏهن مون وات پٽيو ۽ هن مون کي اُها ويڙهي کارائي.</verse>
				<verse number="3">۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هيءَ ويڙهي جا آءٌ توکي ڏيان ٿو، تنهن سان پنهنجو پيٽ ڀر. تڏهن مون اُها کاڌي؛ ۽ اُها منهنجي وات کي اهڙي مٺي لڳي جهڙي ماکي.</verse>
				<verse number="4">۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، تون اسرائيل جي گهراڻي ۾ وڃ ۽ منهنجون ڳالهيون انهن کي ٻڌاءِ.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو تون ڪنهن ڌاريءَ ٻوليءَ ۽ مشڪل زبان واري قوم وٽ موڪليو نٿو وڃين، پر اسرائيل جي گهراڻي وٽ؛</verse>
				<verse number="6">نہ ڌاريءَ ٻوليءَ ۾ مشڪل زبان وارين گهڻين قومن ڏانهن جن جون ڳالهيون تون سمجهي نہ سگهين. يقيناً جي آءٌ توکي انهن وٽ موڪليان تہ جيڪر هو تنهنجي ٻڌن.</verse>
				<verse number="7">پر اسرائيل جو گهراڻو تنهنجي نہ ٻڌندو؛ ڇالاءِ جو هو منهنجي ٻڌڻ نٿا گهرن: ڇا اسرائيل جي گهراڻي وارا سڀ سخت پيشاني ۽ سنگدل آهن.</verse>
				<verse number="8">ڏس، مون تنهنجي منهن کي هنن جي منهن جي مقابلي ۾ سخت ڪيو آهي ۽ تنهنجي پيشاني هنن جي پيشانين جي مقابلي ۾ سخت ڪئي اٿم.</verse>
				<verse number="9">چقمق جي پهڻن کان بہ وڌيڪ، بلڪ هيري وانگي مون تنهنجي پيشاني ڪئي آهي: هنن کان نہ ڊڄ، نہ هنن جا منهن ڏسي هراسان ٿيءُ، جيتوڻيڪ اُهو باغي گهراڻو آهي.</verse>
				<verse number="10">هيترو بہ وڌيڪ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، جيڪي ڳالهيون آءٌ توکي ٻڌايان تن کي پنهنجيءَ دل ۾ جاءِ ڏي ۽ اُهي ڪَن ڏيئي ٻُڌ.</verse>
				<verse number="11">۽ وڃ انهن قيدين کي، يعني پنهنجي قوم جي ماڻهن کي وڃي چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي؛ پوءِ هو ٻڌن يا ٻڌڻ کان انڪار ڪن.</verse>
				<verse number="12">تڏهن روح مون کي مٿي کنيو ۽ مون پنهنجي پٺيان هڪڙو وڏو سٽڪي جهڙو آواز ٻڌو، جنهن چيو تہ شل خداوند جو جلال پنهنجي جاءِ تي مبارڪ هجي.</verse>
				<verse number="13">۽ مون انهن ساهہ وارن جي پرن جي هڪ ٻئي کي لڳڻ جو آواز ۽ انهن جي پاسي کان ڦيٿن جو آواز ٻڌو، جو وڏي سٽڪي جهڙو آواز هو.</verse>
				<verse number="14">انهيءَ طرح روح مون کي مٿي کڻي هليو ويو: ۽ آءٌ تلخيءَ ۾، ۽ پنهنجي اندر جي جوش ۾ هليو ويس، ۽ خداوند جو هٿ مون تي مضبوط هو.</verse>
				<verse number="15">تنهن کانپوءِ آءٌ تل ابيب ۾ قيدين وٽ ويس، جي ڪبار نديءَ جي ڪناري تي رهندا هئا، ۽ آءٌ ستن ڏينهن تائين انهن منجهہ حيران ٿيو ويٺو هوس.</verse>
				<verse number="16">۽ ستن ڏينهن گذرڻ کانپوءِ، هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو تہ</verse>
				<verse number="17">اي آدمزاد، مون توکي اسرائيل جي گهراڻي لاءِ نگهبان بنايو آهي: تنهنڪري منهنجي واتان هي ڪلام ٻڌ ۽ منهنجي طرفان هنن کي خبردار ڪر.</verse>
				<verse number="18">جڏهن آءٌ ڪنهن شرير کي چوان تہ تون ضرور مرندين؛ ۽ تون هن کي خبردار نہ ڪرين، ۽ شرير کي سندس شرارت واري رستي کان خبردار ٿيڻ لاءِ نہ سمجهائين تہ هن جي حياتي بچي؛ تڏهن اُهو ساڳيو شرير ماڻهو پنهنجي بدڪاريءَ ۾ مرندو، پر ان جي خون جي پڇا آءٌ تنهنجي هٿان ڄاڻي ڪندس.</verse>
				<verse number="19">پر جي تون انهي شرير کي خبردار ڪندين ۽ هو پنهنجي شرارت کان يا پنهنجي خراب رستي کان باز نہ ايندو، تہ پوءِ هو ضرور پنهنجي بدڪاريءَ ۾ مرندو؛ پر تو پنهنجي جان بچائي آهي.</verse>
				<verse number="20">وري جڏهن ڪو سچو ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري ٿو ۽ گناهہ ڪري ٿو، ۽ آءٌ انهيءَ جي اڳيان آٿڙائڻ جو پهڻ رکان ٿو تہ اُهو مرندو؛ ڇالاءِ جو تو هن کي خبردار نہ ڪيو آهي، تنهنڪري هو پنهنجي گناهہ ۾ مرندو، ۽ جيڪي سچائي جا ڪم هن ڪيا آهن سي ياد ڪيا نہ ويندا؛ پر هن جي خون جي پڇا آءٌ تنهنجي هٿان ڄاڻي ڪندس.</verse>
				<verse number="21">پر جي تون سچي ماڻهوءَ کي خبردار ڪندين تہ هو گناهہ نہ ڪري، ۽ هو گناهہ نہ ڪندو، تہ پوءِ هو ضرور جيئرو رهندو، ڇالاءِ جو هو خبردار ٿيو؛ ۽ تو پنهنجي جان بچائي آهي.</verse>
				<verse number="22">۽ اُتي خداوند جو هٿ مون تي هو، ۽ هن مون کي چيو تہ اُٿ، نڪري ميدان ۾ وڃ تہ اُتي آءٌ توسان ڳالهايان.</verse>
				<verse number="23">تڏهن آءٌ اُٿيس ۽ نڪري ميدان ۾ ويس: تہ ڏسان تہ خداوند جو اهڙو جلال اُتي بيٺو آهي جهڙو جلال ڪبار نديءَ جي ڪناري تي ڏٺو هوم: ۽ آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس.</verse>
				<verse number="24">تڏهن روح مون ۾ گهڙي آيو، ۽ مون کي اُٿاري پيرن ڀر بيهاريائين؛ ۽ هن مون سان ڳالهايو ۽ مون کي چيائين تہ وڃي پاڻ کي پنهنجي گهر ۾ بند ڪري ڇڏ.</verse>
				<verse number="25">پر اي آدمزاد، ڏس، هو توتي بند رکندا، ۽ انهن سان توکي ٻَڌندا، ۽ تون انهن جي وچ ۾ انهن وٽ ٻاهر نہ ويندين.</verse>
				<verse number="26">آءٌ تنهنجي زبان تنهنجي تارونءَ سان چنبڙائي ڇڏيندس، جنهنڪري تون گونگو ٿيندين، ۽ هنن کي نصيحت ڪري نہ سگهندين: ڇالاءِ جو اُهو باغي گهراڻو آهي.</verse>
				<verse number="27">پر جڏهن آءٌ توسان ڳالهائيندس، تڏهن آءٌ تنهنجو وات پٽيندس ۽ پوءِ تون هنن کي چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن کي ٻڌڻو هجي سو ٻڌي؛ ۽ جيڪو نہ ٻڌي سو ڀلي تہ نہ ٻڌي: ڇالاءِ جو اُهو باغي گهراڻو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">اي آدمزاد، تون هڪڙي سر کڻ ۽ اُها پنهنجي اڳيان رک، ۽ انهي تي هڪڙي شهر جو نقشو ڪڍ، يعني يروشلم جو:</verse>
				<verse number="2">۽ انهي کي گهيرو ڪر ۽ انهي جي سامهون دمدما جوڙ، ۽ انهي جي سامهون هڪڙو بند ٻڌ؛ ۽ انهي جي سامهون لشڪرگاهہ جا تنبو کڙا ڪر، ۽ انهي جي چوڌاري ڀتين ڀڃڻ واريون ڪَلون بيهار.</verse>
				<verse number="3">۽ هڪڙي لوهہ جي چادر کڻي، پنهنجي ۽ انهي شهر جي وچ ۾ لوهہ جي ڀت جي بجاءِ بيهار؛ پوءِ انهي ڏانهن رخ رک تہ اُهو گهيري هيٺ اچي وڃي، ۽ تون انهي کي گهيرو ڪر. اها اسرائيل جي گهراڻي لاءِ نشاني ٿيندي.</verse>
				<verse number="4">تنهن کانسواءِ تون پنهنجي کٻي پاسي تي ليٽ، ۽ اسرائيل جي گهراڻي جو گناهہ انهي تي رک: جيترا ڏينهن تون انهي تي ليٽيو پيو هوندين، اوترا هنن جا گناهہ تون کڻندين.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو جيترا هنن جي گناهہ جا سال آهن، اوترا مون تنهنجي لاءِ ڏينهن مقرر ڪيا آهن، يعني ٽي سؤ نوي ڏينهن: ان موجب تون اسرائيل جي گهراڻي جا گناهہ کڻندين.</verse>
				<verse number="6">۽ جڏهن تون اُهي پورا ڪري ڇڏيندين، تڏهن وري ساڄي پاسي تي ليٽج ۽ يهوداہ جي گهراڻي جا گناهہ کڻج: انهي جا مون تو لاءِ چاليهہ ڏينهن مقرر ڪيا آهن، هرهڪ سال لاءِ هڪڙو ڏينهن.</verse>
				<verse number="7">پوءِ تون يروشلم جي گهيري ڏانهن رخ رکج ۽ پنهنجي ٻانهن اُگهاڙي ڪج؛ ۽ انهي جي برخلاف پيشنگوئي ڪج.</verse>
				<verse number="8">۽ ڏس، آءٌ توتي بند رکان ٿو، ۽ تون هڪڙي پاسي کان ٻئي پاسي نہ ڦرج، جيستائين پنهنجا گهيري جا ڏينهن پورا نہ ڪرين.</verse>
				<verse number="9">۽ تون پنهنجي لاءِ ڪڻڪ، ۽ جَوَ ۽ چونرا، ۽ موٺ، ۽ ٻاجهري، ۽ چيڻو کڻ، ۽ اُهي هڪڙي باسڻ ۾ وجهہ، ۽ انهي مان پنهنجي لاءِ مانيون پچائي؛ اوتريون مانيون جيترا ڏينهن تون پنهنجي پاسي تي سمهيو پيو هوندين، يعني ٽي سؤ نوي ڏينهن انهن مان پيو کائج.</verse>
				<verse number="10">۽ جيڪو کاڌو کائين سو توري کائج، يعني روز ويهہ شيڪل: وقت بوقت اُهو پيو کائج.</verse>
				<verse number="11">۽ پاڻي بہ تون ماڻ سان مئي پيئج، يعني هين جو ڇهون حصو: اهو وقت بوقت پيو پيئج.</verse>
				<verse number="12">۽ اُهو تون جوَن جي ماني وانگر کائج ۽ هنن جي روبرو اُهي ماڻهوءَ جي گونهن تي پچائج.</verse>
				<verse number="13">۽ خداوند فرمايو تہ انهيءَ طرح بني اسرائيل پنهنجي ماني ناپاڪيءَ ۾ انهن قومن جي وچ ۾ کائيندا جن وٽ آءٌ هنن کي هڪالي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="14">تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا، ڏس منهنجو روح ناپاڪ نہ ٿيو آهي: ڇالاءِ جو ننڍي هوندي کان وٺي هن وقت تائين جيڪي پاڻهي ئي ٿو مري، يا جيڪي مرن ڦاڙي ڇڏيو آهي، تنهن مان ڪڏهن بہ نہ کاڌو اٿم؛ ۽ نڪو حرام گوشت منهنجي وات ۾ پيو آهي.</verse>
				<verse number="15">تڏهن هن مون کي چيو تہ ڏس مون توکي ماڻهوءَ جي گونهن جي بدران ڳائو ڇيڻو ڏنو آهي، اُنهيءَ تي تون پنهنجي ماني پچائج.</verse>
				<verse number="16">هيترو بہ وڌيڪ هن مون کي چيو، تہ اي آدمزاد، ڏس، آءٌ يروشلم ۾ مانيءَ جي لٺ ڀڃي ڇڏيندس: ۽ هو ماني تور سان ۽ ڳڻتيءَ سان کائيندا، ۽ هو پاڻي ماپ سان ۽ حيرانيءَ سان پيئندا:</verse>
				<verse number="17">انهي لاءِ تہ هو مانيءَ ۽ پاڻيءَ لاءِ محتاج ٿين، ۽ هڪ ٻئي سان گڏ حيران ۽ پريشان رهن، ۽ پنهنجن گناهن ۾ ڳرندا سڙندا وڃن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">۽ اي آدمزاد، تون هڪڙي تکي ترار کڻ ۽ حجام جي پاڪيءَ وانگي اُها پنهنجي مٿي تي ۽ ڏاڙهيءَ تي گهماءِ: پوءِ تورڻ لاءِ هڪڙي ساهمي آڻ، ۽ انهن وارن جا حصا ڪر.</verse>
				<verse number="2">انهي جون ٽيون حصو، گهيري جي ڏينهن پوري ٿيڻ کانپوءِ شهر جي وچ ۾ باهہ سان ساڙ؛ ۽ ٽيون حصو کڻي انهي کي ترار سان هيڏي هوڏي ڌڪ هڻ؛ ۽ ٽيون حصو هوا ۾ پکيڙي ڇڏ، ۽ آءٌ انهن جي پٺيان ترار ڪڍندس.</verse>
				<verse number="3">۽ انهن مان ڪي ٿورا کڻي پنهنجي دامن ۾ ٻڌي ڇڏ.</verse>
				<verse number="4">۽ انهن مان وري ڪي کڻي باهہ جي وچ ۾ اُڇلائي وجهہ، ۽ اُهي باهہ ۾ ساڙي ڇڏ؛ انهن مان هڪڙي باهہ نڪرندي، جا اسرائيل جي سڄي گهراڻي کي لڳي ويندي.</verse>
				<verse number="5">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هي يروشلم آهي؛ مون انهي کي قومن جي وچ ۾ رکيو آهي ۽ انهي جي چوڌاري ٻيا ملڪ آهن.</verse>
				<verse number="6">۽ انهي منهنجي حڪمن جي برخلاف بغاوت ڪئي آهي، جو ٻين قومن کان وڌيڪ شرارت ڪئي اٿس، ۽ منهنجن قانونن جي، پنهنجي آس پاس وارن ملڪن کان وڌيڪ انحرافي ڪئي اٿس: ڇالاءِ جو هنن منهنجا حڪم رد ڪري ڇڏيا آهن ۽ هو منهنجن قانونن تي ڪين هليا آهن.</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي قومون اوهان جي آس پاس آهن، تن کان اوهين وڌيڪ فسادي آهيو، ۽ منهنجن قانونن تي نہ هليا آهيو، ۽ نہ منهنجن فيصلن جي سنڀال ڪئي اٿوَ، نڪي پنهنجي آس پاس وارين قومن جي حڪمن تي عمل ڪيو اٿوَ؛</verse>
				<verse number="8">تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ، بلڪ آءٌ پاڻ، تنهنجي برخلاف آهيان؛ آءٌ تنهنجي وچ ۾ قومن جي روبرو عدالتن جي تعميل ڪندس.</verse>
				<verse number="9">۽ تنهنجي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن سبب آءٌ تو ۾ اُهو ڪم ڪندس جو مون اڳي نہ ڪيو آهي، ۽ نہ ڪڏهن وري ٿيندو.</verse>
				<verse number="10">تنهنڪري تنهنجي وچ ۾ پيءُ پٽن کي کائيندا، ۽ پٽ پيئرن کي کائيندا؛ ۽ آءٌ تو ۾ عدالتن جي تعميل ڪندس، ۽ تنهنجا باقي بچيل سڀ ماڻهو سڀني ڪُنڊن تي پکيڙي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="11">تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ آءٌ توکي ضرور گهٽائيندس، جو تو پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙين شين سان ۽ پنهنجن سڀني نفرت جهڙن ڪمن سان منهنجو پاڪ مڪان ناپاڪ ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ نہ منهنجي اک گذر ڪندي ۽ نہ آءٌ رحم ڪندس.</verse>
				<verse number="12">تنهنجو ٽيون حصو مريءَ سان مرندو ۽ اُهي تنهنجي وچ ۾ ڏڪار ڪري مري چٽ ٿي ويندا؛ ۽ ٽيون حصو تنهنجي چوڌاري ترار سان مارجي ويندو؛ ۽ ٽيون حصو آءٌ سڀني ڪُنڊن تي پکيڙي ڇڏيندس ۽ انهي جي پٺيان ترار ڪڍندس.</verse>
				<verse number="13">انهي طرح منهنجي ڪاوڙ پوري ٿيندي، ۽ آءٌ انهن تي پنهنجو غصو ڇنڊيندس، پوءِ مون کي آرام ايندو: ۽ جڏهن آءٌ مٿن پنهنجي ڪاوڙ پوري ڪندس، تڏهن هو ڄاڻندا تہ مون خداوند اهو سڀ پنهنجي غيرت سان فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="14">تنهن کانسواءِ جيڪي قومون تنهنجي آس پاس آهن تن ۾، ۽ جيڪي ماڻهو تنهنجي پاسي کان لنگهندا تن جي نظر ۾، آءٌ توکي ويران ۽ خواري ڪندس.</verse>
				<verse number="15">انهي طرح جڏهن آءٌ ڪاوڙ ۽ غصي ۾، ۽ خوفناڪ ملامتن سان، تو منجهہ عدالتن جي تعميل ڪندس، تڏهن جيڪي قومون تنهنجي چوڌاري آهن تن ۾ اهو ڪم ملامت، ۽ طعنو، ۽ عبرت، ۽ حيرت ٿيندو: مون خداوند ائين فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="16">اُنهي وقت آءٌ هنن تي ڏڪار جا خراب تير موڪليندس، جي ناس ڪرڻ لاءِ آهن، ۽ جي آءٌ اوهان کي ناس ڪرڻ لاءِ موڪليندس؛ ۽ آءٌ اوهان تي ڏڪار وڌائيندس ۽ اوهان جي مانيءَ جي لٺ ڀڃي ڇڏيندس؛</verse>
				<verse number="17">۽ آءٌ اوهان تي ڏڪار ۽ خراب مرون موڪليندس، جي اوهان جا عزيز ماريندا؛ ۽ مري ۽ خونريزي تو منجهان لنگهندي؛ ۽ آءٌ توتي ترار آڻيندس: مون خداوند ائين فرمايو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">اي آدمزاد، تون پنهنجو منهن اسرائيل جي جبلن ڏانهن ڪر ۽ انهن جي برخلاف نبوت ڪر</verse>
				<verse number="3">۽ چئُہ تہ اي اسرائيل جا جبل، خداوند خدا جو ڪلام ٻڌو: خداوند خدا جبلن کي ۽ ٽڪرن کي، نهرن کي ۽ وادين کي هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ، بلڪ آءٌ پاڻ، اوهان تي ترار نازل ڪندس، ۽ اوهان جا سڀ مٿانهان مڪان ناس ڪندس.</verse>
				<verse number="4">۽ اوهان جون قربانگاهون سڀ ويران ٿينديون، ۽ اوهان جون سج جون مورتون ڀڄي پونديون، ۽ آءٌ اوهان جا ڪُٺل ماڻهو اوهانجن بُتن جي اڳيان اُڇلائي وجهندس.</verse>
				<verse number="5">۽ آءٌ بني اسرائيل جا مڙهہ سندن بُتن جي اڳيان رکندس؛ آءٌ اوهان جا هڏا اوهانجين قربانگاهن جي آس پاس پکيڙيندس.</verse>
				<verse number="6">اوهانجن سڀني رهڻ وارن هنڌن جا شهر ويران ڪيا ويندا، ۽ مٿانهان مڪان سڃا ڪيا ويندا؛ تہ اوهانجون قربانگاهون ويران ۽ سُڃيون ٿي وڃن، ۽ اوهان جا بُت ڀڄي پون ۽ نابود ٿي وڃن، ۽ اوهان جون سج جون مورتون وڍجي ڪِري پون، ۽ اوهان جي ڪاريگريءَ جا ڪم ناس ٿي وڃن.</verse>
				<verse number="7">۽ ڪُٺل ماڻهو اوهان جي وچ ۾ ڪِرندا، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="8">تنهن هوندي بہ آءٌ ڪجهہ باقي ڇڏيندس، جي اوهان مان ترار کان بچي نڪري قومن ۾ ويندا؛ ۽ انهي وقت اوهين ملڪن ۾ ڇڙوڇڙ ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="9">۽ جيڪي اوهان مان ڀڄي نڪرندا، سي جن قومن ۾ قيد ٿي کڄي ويندا، تن ۾ مون کي ياد ڪندا، تہ ڪيئن نہ مون سندن زناڪار دل، جا مون کان پري ٿي آهي، ۽ سندن اکيون، جي سندن بُتن جي پٺيان زناڪاري ڪنديون وتن، تن کي ڀڃي ڇڏيو آهي: ۽ جيڪي خرابيون هنن پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن سان ڪيون آهن، تن جي ڪري هو خود پنهنجي نظر ۾ پاڻ کي نفرتي ڄاڻندا.</verse>
				<verse number="10">۽ هنن کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان: مون اها ڳالهہ اجائي نہ ڪئي آهي تہ آءٌ هنن تي هيءَ خرابي آڻيندس.</verse>
				<verse number="11">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجي هٿ سان ڌڪ هڻ، ۽ پنهنجو پير زمين تي هڻ، ۽ چئُہ تہ افسوس آهي بني اسرائيل جي سڀني خراب ڪراهت جهڙن ڪمن تي: ڇالاءِ جو اُهي سڀ ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان ڪِرندا.</verse>
				<verse number="12">جيڪو پري آهي سو مرض جي ڪري مرندو؛ ۽ جيڪو ويجهو آهي سو ترار سان ڪِرندو؛ ۽ جيڪو باقي بچندو، سو گهيرجي ويندو ۽ ڏڪار سان مرندو. انهي طرح آءٌ پنهنجو غضب انهن تي پورو ڪندس.</verse>
				<verse number="13">۽ اوهين تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن هنن جا ڪُٺل ماڻهو، سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي، سڀني جبلن جي چوٽين تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ، ۽ سڀ ڪنهن شاهہ بلوط جي وڻ هيٺ، جتي هو پنهنجن سڀني بُتن لاءِ خوشبودار نذرانا چاڙهيندا هئا، اُتي سندن قربانگاهن جي چوڌاري، سندن بُتن جي وچ ۾، پيا رهندا.</verse>
				<verse number="14">۽ آءٌ هنن تي پنهنجو هٿ ڊگهيريندس، ۽ بيابان کان وٺي دبلا تائين هنن جي سڀني رهڻ وارن هنڌن ۽ ملڪن کي ويران ۽ غير آباد ڪندس: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">اُنهي کان سواءِ هي بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">اي آدمزاد، خداوند خدا اسرائيل جي ملڪ کي ٿو فرمائي تہ پڇاڙي، يعني ملڪ جي چئني ڪُنڊن تي پڇاڙي آئي آهي.</verse>
				<verse number="3">هاڻي تنهنجي پڇاڙي اچي پهتي آهي، ۽ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ توتي ڇنڊيندس، ۽ تنهنجن ڪمن موجب تنهنجي عدالت ڪندس؛ ۽ تنهنجا سڀ ڪراهت جهڙا ڪم توتي آڻيندس.</verse>
				<verse number="4">۽ منهنجي اک توکي ڇڏي نہ ڏيندي، ۽ نہ مون کي ڪو رحم ايندو: پر آءٌ تنهنجون واٽون توتي آڻيندس، ۽ تنهنجا ڪراهت جهڙا ڪم تنهنجي وچ ۾ هوندا: ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="5">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ خرابي، بي مثل خرابي، ڏس اُها اچي ٿي.</verse>
				<verse number="6">پڇاڙي اچي پهتي آهي، اها پڇاڙي اچي پهتي آهي، بلڪ توتي چڙهي آئي آهي؛ ڏس، اُها اچي ٿي.</verse>
				<verse number="7">اي زمين جا رهاڪو، تنهنجي سزا توتي آئي آهي: وقت اچي پهتو آهي، ڏينهن اچي ويجهو پيو آهي، نہ جبلن تان خوشيءَ جي نعرن هڻڻ جو ڏينهن، پر گوڙ گڙٻڙ جو ڏينهن.</verse>
				<verse number="8">هاڻي جلدي آءٌ پنهنجي ڪاوڙ توتي ڇنڊيندس، ۽ پنهنجو غصو توتي پورو ڪندس، ۽ تنهنجن ڪمن موجب تنهنجي عدالت ڪندس؛ ۽ تنهنجا سڀ ڪراهت جهڙا ڪم توتي آڻيندس.</verse>
				<verse number="9">۽ منهنجي اک توکي ڇڏي نہ ڏيندي، ۽ نہ مون کي ڪو رحم ايندو، پر آءٌ توکي تنهنجن ڪمن موجب سزا ڏيندس، ۽ تنهنجا سڀ ڪراهت جهڙا ڪم تنهنجي وچ ۾ هوندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند مارڻ وارو آهيان.</verse>
				<verse number="10">ڏس، اُهو ڏينهن اچي ٿو: تنهنجي سزا نڪتي آهي؛ لٺ ٻور جهليو آهي؛ مغروريءَ مُکڙيون ڪڍيون آهن.</verse>
				<verse number="11">ظلم اُڀري شرارت جي لٺ ٿيو آهي؛ هنن مان ڪوبہ ڪونہ رهندو، نہ سندن جماعت مان ۽ نہ سندن دولت مان، ۽ نہ هنن ۾ ڪا بزرگي رهندي.</verse>
				<verse number="12">وقت اچي پهتو آهي، ڏينهن ويجهو ايندو وڃي: خريد ڪندڙ خوشي نہ ڪري، ۽ نہ وڪڻندڙ غم ڪري، ڇالاءِ جو انهن جي سڄي جماعت تي غضب نازل ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو وڪڻندڙ وري وڪڻيل شيءِ وٽ موٽي نہ ايندو، جيتوڻيڪ اُهي اڃا جيئرا هوندا: ڇالاءِ جو اهو رويا سڄي جماعت لاءِ آهي؛ ڪوبہ ڪونہ موٽندو، ۽ نڪو پاڻ کي پنهنجيءَ حياتيءَ جي بدڪاريءَ ۾ مضبوط ڪندو.</verse>
				<verse number="14">هنن قرناءِ وڄائي آهي، ۽ سڀ ڪجهہ تيار ڪيو اٿن؛ پر ڪوبہ جنگ ڪرڻ ڪونہ ٿو وڃي: ڇالاءِ جو منهنجو غضب انهي جي ساري جماعت تي نازل ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="15">ترار ٻاهران آهي، ۽ مري ۽ ڌڪار اندر وچ ۾ آهن: جيڪو ٻنيءَ ۾ آهي سو ترار سان مرندو، ۽ جيڪو شهر ۾ آهي، تنهن کي ڏڪار ۽ مرض ناس ڪندو.</verse>
				<verse number="16">پر جيڪي هنن مان ڀڄي نڪرندا سي بچندا، ۽ وادين جي ڪبوترن وانگي جبلن تي هوندا، ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي بدڪاريءَ جي سبب ماتم ڪندو.</verse>
				<verse number="17">سڀ هٿ سست ٿيندا، ۽ سڀ گوڏا پاڻيءَ جهڙا ضعيف ٿيندا.</verse>
				<verse number="18">هو پنهنجي چيلهہ سان کٿا بہ ٻَڌندا، ۽ خوف هنن کي ڍڪي ڇڏيندو؛ ۽ سڀني جي منهن تي شرم هوندو، ۽ انهن سڀني جا مٿا گنجا هوندا.</verse>
				<verse number="19">هو پنهنجي چاندي گهٽين ۾ اُڇلائيندا، ۽ هنن جو سون ناپاڪ شيءِ جهڙو ٿيندو؛ هنن جي چاندي ۽ هنن جو سون خداوند جي ڪاوڙ جي ڏينهن هنن کي ڇڏائي نہ سگهندو؛ هو پنهنجن روحن کي راضي نہ ڪندا، ۽ نہ هو پنهنجو پيٽ ڀري سگهندا: ڇالاءِ جو اُهو هنن جي بدڪاريءَ جو آٿڙائڻ وارو پهڻ ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="20">باقي هن جي زيور جي سونهن، سا هنن وڏائي لاءِ رکي: ۽ هن پنهنجي ڪراهت جهڙين شين، ۽ نفرت جهڙين شين جون مورتون انهي مان جوڙيون: تنهنڪري مون انهن کي سندن لاءِ ناپاڪ ڪيو.</verse>
				<verse number="21">۽ اُهو آءٌ ڌارين ماڻهن جي هٿن ۾ شڪار ڪري ڏيندس، ۽ زمين جي شريرن کي لٽ جو مال ڪري ڏيندس؛ ۽ اُهي هن کي ناپاڪ ڪندا.</verse>
				<verse number="22">پنهنجو منهن بہ آءٌ هنن کان ڦيرائيندس، ۽ هو منهنجي اندرين جاءِ ناپاڪ ڪندا: ۽ چور انهي ۾ گهڙندا ۽ انهي کي ناپاڪ ڪندا.</verse>
				<verse number="23">زنجير ٺاهہ، ڇالاءِ جو ملڪ خونريزيءَ جي ڏوهن سان ڀريو پيو آهي، ۽ شهر ظلم سان ڀريل آهي.</verse>
				<verse number="24">تنهنڪري آءٌ غير قومن مان تمام خراب ماڻهو آڻيندس، ۽ اُهي هنن جي گهرن جا مالڪ ٿيندا: آءٌ زور وارن جو فخر بہ ڀڃي ڇڏيندس، ۽ هنن جون پاڪ جايون ناپاڪ ڪيون وينديون.</verse>
				<verse number="25">خرابي اچي ٿي، ۽ هو خير سلامتي ڳوليندا، پر اُها ڪانہ لڀندا.</verse>
				<verse number="26">نقصان تي نقصان ايندو، ۽ افواهہ تي افواهہ هوندي؛ ۽ هو نبيءَ جي رويا ڳوليندا، پر شريعت ڪاهنن کان نڪري ويندي ۽ صلاح مصلحت بزرگن کان.</verse>
				<verse number="27">بادشاهہ ماتم ڪندو، ۽ اميرن تي حيرت غالب ٿيندي، ۽ رعيت جا هٿ ڏڪندا: آءٌ هنن جي چال موافق ساڻن هلت ڪندس، ۽ سندن ڪمن موجب آءٌ هنن جي عدالت ڪندس: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">۽ ڇهين سال ۾ ڇهين مهيني جي پنجين تاريخ، هيئن ٿيو تہ آءٌ پنهنجي گهر ويٺو هوس، ۽ يهوداہ جا بزرگ بہ منهنجي اڳيان ويٺا هئا، تہ خداوند جو هٿ اُتي منهنجي مٿان اچي پيو.</verse>
				<verse number="2">تڏهن مون نهاريو تہ باهہ جهڙي هڪڙي شڪل ڏٺم؛ ان جي چيلهہ کان هيٺ باهہ نظر آئي: ۽ ان جي چيلهہ کان مٿي عنبير جهڙي روشنائي.</verse>
				<verse number="3">۽ هٿ جهڙي صورت ڊگهي ڪري هن منهنجي مٿي جي وارن جي هڪڙي چڳ ورتي؛ ۽ روح مون کي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ مٿي کڻي، خداوند جي رويائن ۾، يروشلم جي اندرئين ايوان جي اُتر واري دروازي وٽ آڻي لاٿو؛ جتي حسد جي مورت رکيل هئي، جا حسد پيدا ڪري ٿي.</verse>
				<verse number="4">۽ ڏسو، اسرائيل جي خدا جو جلال، جهڙي طرح مون ميدان ۾ ڏٺو هو، تهڙي طرح اُتي بہ ڏٺم.</verse>
				<verse number="5">تڏهن هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هاڻي تون پنهنجون اکيون اُتر ڏانهن کڻ. ان موجب مون پنهنجون اکيون اُتر ڏانهن کنيون ۽ قربانگاهہ جي دروازي تي اُتر پاسي، لنگهہ جي جاءِ تي اُها ئي حسد جي مورت هئي.</verse>
				<verse number="6">۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، ڪي ڏسين ٿو تہ هو ڇا ٿا ڪن؟ اسرائيل جو گهراڻو اُتي وڏيون گندگيون ٿو ڪري، انهي لاءِ تہ آءٌ پنهنجي پاڪ مڪان کان پري هليو وڃان؛ پر تون اڃا بہ ٻيون وڏيون گندگيون وري ڏسندين.</verse>
				<verse number="7">پوءِ هن مون کي ايوان جي در وٽ آندو؛ ۽ نهاريم تہ ڀت ۾ هڪڙو ٽُنگ نظر آيم.</verse>
				<verse number="8">تڏهن هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هاڻي تون ڀت کوٽ: ۽ جڏهن مون ڀت کوٽي تہ در ڏٺم.</verse>
				<verse number="9">۽ هن مون کي چيو تہ انهي مان اندر لنگهي وڃي ڏس تہ هو ڪهڙيون نہ گندگيون اُتي ڪن ٿا.</verse>
				<verse number="10">مون اندر گهڙي نهاريو تہ ڇا ٿو ڏسان تہ هر قسم جا سرندڙ ۽ ڪراهت جهڙا جانور ۽ اسرائيل جي گهراڻي جا سڀ بُت، چوڌاري ڀت تي تصويرن وانگي نڪتل آهن.</verse>
				<verse number="11">۽ اُتي اُنهن جي اڳيان اسرائيل جي گهراڻي جا بزرگ، ڪل ستر ڄڻا بيٺل آهن، ۽ انهن جي وچ ۾ يازنياہ بن سافن بيٺو آهي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهو کي هٿ ۾ لوبان ساڙڻ جو باسڻ هو، ۽ لوبان جي دونهين جي بانس مٿي پئي چڙهي.</verse>
				<verse number="12">تڏهن هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، ڪي ڏسين ٿو تہ اسرائيل جي گهراڻي جا سڀ بزرگ پنهنجن پنهنجن بُتن جي ڪوٺين ۾ اونداهيءَ ۾ ڇا ٿا ڪن؟ ڇالاءِ جو هو چون ٿا تہ خداوند اسان کي نٿو ڏسي؛ خداوند زمين کي ڇڏي ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="13">هن مون کي هي بہ چيو، تہ اڃا بہ تون ٻيا وڏا ڪراهت جهڙا ڪم ڏسندين، جي هو ڪن ٿا.</verse>
				<verse number="14">تڏهن هن مون کي خداوند جي گهر جي دروازي وٽ آندو، جو اُتر پاسي هو؛ ۽ ڏسو، اُتي زالن تموز لاءِ ويٺي رُنو.</verse>
				<verse number="15">تڏهن هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، تو هي ڏٺو آهي؟ تون اڃا هنن کان بہ وڏا ڪراهت جهڙا ڪم ڏسندين.</verse>
				<verse number="16">۽ هن مون کي خداوند جي گهر جي اندرئين ايوان ۾ آندو ۽ ڏسو، اُتي خداوند جي هيڪل جي در وٽ، اڳ واري ورانڊي ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾، اٽڪل پنجويهہ ماڻهو بيٺا هئا، جن جون پٺيون خداوند جي هيڪل ڏي هيون، ۽ سندن منهن اُڀرندي ڏي هئا؛ ۽ انهن اُڀرندي ڏانهن سج جي عبادت پي ڪئي.</verse>
				<verse number="17">تڏهن هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، تو هي ڏٺو آهي؟ تہ يهوداہ جو گهراڻو جو هي گندگيون ٿو ڪري، سو اها هلڪي ڳالهہ آهي ڇا؟ ڇالاءِ جو هنن ملڪ کي ظلم زبردستيءَ سان ڀري ڇڏيو آهي، ۽ مون کي ڪاوڙ ڏيارڻ لاءِ ڦري ويا آهن: ۽ ڏس، هو ٽاري پنهنجي نڪ وٽ ٿا آڻين.</verse>
				<verse number="18">تنهنڪري آءٌ بہ هنن سان قهر جي هلت ڪندس: منهنجي اک گذر نہ ڪندي، ۽ نہ مون کي رحم ايندو: ۽ جيتوڻيڪ هو وڏيون رڙيون ڪري منهنجن ڪَنن ۾ پڪاريندا، تہ بہ آءٌ هنن جي ڪين ٻڌندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">تڏهن هن وڏي آواز سان منهنجي ڪَنن ۾ پڪاري چيو، تہ جن جي هٿ ۾ شهر جو انتظام آهي، تن کي سڏائي ويجهو آڻ، ۽ هرڪو پنهنجو مارڻ جو هٿيار هٿ ۾ کڻي اچي.</verse>
				<verse number="2">۽ ڏسو، جيڪو مٿيون دروازو اُتر ڏانهن آهي، انهي مان ڇهہ ماڻهو آيا، هر ڪنهن کي قتل ڪرڻ جو هٿيار هٿ ۾ هو؛ ۽ انهن جي وچ ۾ هڪڙو ماڻهو سڻيءَ جي پوشاڪ سان هو، جنهن جي چيلهہ ۾ ڪاتبن وارو قلمدان هو. ۽ اُهي اندر لنگهي وڃي پتل واري قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺا.</verse>
				<verse number="3">۽ اسرائيل جي خداوند جو جلال، جو ڪروبي تي هو، سو اُتان نڪري گهر جي چانئٺ تي وڃي بيٺو: ۽ جنهن سڻيءَ جي پوشاڪ پيل ماڻهو جي چيلهہ ۾ ڪاتبن جو قلمدان هو، تنهن کي هن سڏيو.</verse>
				<verse number="4">۽ خداوند هن کي چيو تہ شهر جي وچان، يعني يروشلم جي وچان، لنگهي وڃ ۽ انهي منجهہ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ ۾ ٿا اچن، تن لاءِ جيڪي ماڻهو آهون ۽ دانهون ڪن ٿا، تن جي پيشانين تي نشان ڪر.</verse>
				<verse number="5">۽ ٻين کي هن منهنجي ٻڌندي چيو، تہ اوهين هن جي پٺيان شهر منجهان وڃو ۽ ماريو: پنهنجي اک کي گذر ڪرڻ نہ ڏيو، ۽ نڪو رحم ڪريو:</verse>
				<verse number="6">ٻڍي توڙي جوان، ڪنواري توڙي ننڍن ٻارن ۽ زالن کي اصل قتل ڪري ڇڏيو: پر جنهن ماڻهوءَ تي نشان هجي، انهي کي ويجهو نہ اچجو؛ ۽ منهنجي پاڪ مڪان کان شروع ڪريو. تڏهن هنن بزرگن کان شروع ڪيو، جي گهر جي اڳيان هئا.</verse>
				<verse number="7">۽ هن انهن کي چيو تہ گهر کي ناپاڪ ڪريو، ۽ ايوان ڪُٺلن سان ڀري ڇڏيو: نڪري هلو. پوءِ هو نڪري ويا ۽ شهر ۾ ڪوس ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="8">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن پئي ماڻهو ماريا، ۽ مون کي ڇڏي ڏنائون، تڏهن آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس، ۽ دانهون ڪري چوڻ لڳس تہ هاءِ، اي خداوند خدا، يروشلم تي پنهنجي ڪاوڙ ڇنڊڻ ۾ تون اسرائيل جا باقي رهيل سڀ ماڻهو ناس ڪري ڇڏيندين ڇا؟</verse>
				<verse number="9">تڏهن هن مون کي چيو تہ اسرائيل ۽ يهوداہ جي گهراڻي جو گناهہ تمام وڏو آهي، ۽ ملڪ خون سان ۽ شهر بي انصافي سان ڀريو پيو آهي: ڇالاءِ جو هو چون ٿا تہ خداوند زمين کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ خداوند ڏسي نٿو.</verse>
				<verse number="10">۽ منهنجي بہ اک گذر نہ ڪندي، نڪي آءٌ رحم ڪندس، پر آءٌ هنن جي واٽ سندن مٿي تي آڻيندس.</verse>
				<verse number="11">۽ ڏسو، جنهن سڻيءَ جي پوشاڪ پيل ماڻهوءَ کي ڪمر ۾ قلمدان هو، تنهن اطلاع ڏئي چيو تہ جيئن تو حڪم ڏنو آهي، تيئن مون ڪيو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">تڏهن مون نهاريو ۽ ڏٺو، تہ ڪروبين جي مٿان جو آسمان هو تنهن ۾، انهن جي مٿان، نيلم جي پٿر جهڙي هڪڙي شيءِ ڏسڻ ۾ آئي، جنهن جي صورت تخت جهڙي هئي.</verse>
				<verse number="2">۽ سڻيءَ جي پوشاڪ پيل ماڻهوءَ کي هن چيو، تہ ڪروبيءَ جي هيٺان ڦرندڙ ڦيٿن جي وچ ۾ وڃ، ۽ ڪروبين جي وچ ۾ جيڪي ٽانڊا آهن، تن سان ٻئي مُٺيون ڀر، ۽ اُهي شهر تي پکيڙي ڇڏ. ۽ هو منهنجي ڏسندي اندر ويو.</verse>
				<verse number="3">هاڻي جڏهن اُهو ماڻهو اندر ويو، تڏهن ڪروبي گهر جي سڄي پاسي بيٺا هئا؛ ۽ بادل اندرئين ايوان کي ڀري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="4">۽ خداوند جو جلال ڪروبيءَ تان چڙهي گهر جي چانئٺ تي وڃي بيٺو؛ ۽ گهر ڪڪرن سان ڀرجي ويو، ۽ ايوان خداوند جي جلال جي جلوي سان ڀرجي ويو.</verse>
				<verse number="5">۽ ڪروبين جي پرن جو آواز ٻاهرين ايوان تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو، ۽ اُهو ڄڻ تہ خدا قادر مطلق جي ڳالهائڻ جهڙو آواز هو.</verse>
				<verse number="6">۽ هيئن ٿيو تہ هن سڻيءَ جي پوشاڪ پيل ماڻهو کي حڪم ڏيئي چيو، تہ ڦرندڙ ڦيٿن جي وچان، يعني ڪروبين وچان باهہ ڪڍي وٺ، تڏهن هو اندر وڃي هڪڙي ڦيٿي جي پاسي ۾ بيٺو.</verse>
				<verse number="7">۽ انهيءَ ڪروبيءَ، هنن ڪروبين جي وچ مان پنهنجو هٿ ڊگهيري باهہ تائين آندو، جا ڪروبين جي وچ ۾ هئي، ۽ اُتان باهہ کڻي انهي سڻيءَ جي پوشاڪ پيل ماڻهو جي هٿن ۾ ڏني، جو اُها کڻي ٻاهر ويو.</verse>
				<verse number="8">۽ ڪروبين جي پرن هيٺان، ماڻهو جي هٿ جهڙي هڪڙي شڪل ڏسڻ ۾ آئي.</verse>
				<verse number="9">۽ مون نهاريو ۽ ڏسان تہ ڪروبين جي ڀرسان چار ڦيٿا هئا، هڪڙو ڦيٿو هڪڙي ڪروبيءَ جي پاسي ۾، ۽ ٻيو ڦيٿو ٻئي ڪروبيءَ جي پاسي ۾، ۽ انهن ڦيٿن جي صورت فيروزي جي پٿر جي رنگ جهڙي هئي.</verse>
				<verse number="10">باقي انهن چئني جو ڊول هڪڙي ئي نموني جو هو، ڄڻ تہ هڪڙو ڦيٿو ٻئي منجهہ پيل هو.</verse>
				<verse number="11">جڏهن اُهي هليا ٿي، تڏهن پنهنجن چئني پاسن تي ٿي هليا: هلندي هو ڦريا نٿي پر جنهن پاسي انهن جي سر ٿي نهاريو اوڏانهن هو انهي جي پٺيان ٿي ويا. هلندي هو ڦريا نٿي.</verse>
				<verse number="12">۽ هنن جو سڄو بدن، ۽ انهن جا پٺا، ۽ هٿ، ۽ پر، ۽ ڦيٿا، يعني جيڪي ڦيٿا اُنهن چئني کي هئا، سي چوڌاري اکين سان ڀريا پيا هئا.</verse>
				<verse number="13">اهي ڦيٿا جي هئا، تن کي منهنجي ٻڌندي ڦرندڙ ڦيٿا ٿي سڏيائون.</verse>
				<verse number="14">۽ هرهڪ کي چار منهن هئا: پهريون منهن ڪروبيءَ جو منهن هو، ۽ ٻيو منهن ماڻهوءَ جو منهن هو، ۽ ٽيون منهن شينهن جو منهن هو، ۽ چوٿون منهن عقاب جو منهن هو.</verse>
				<verse number="15">پوءِ ڪروبي مٿي چڙهي ويو: اهو ئي ساهہ وارو هو جنهن کي مون ڪبار نديءَ جي ڪناري تي ڏٺو هو.</verse>
				<verse number="16">۽ جڏهن ڪروبي هليا ٿي، تڏهن ڦيٿا بہ سندن ڀرسان ٿي هليا: جڏهن ڪروبين زمين کان مٿي چڙهڻ لاءِ پنهنجا پر ٿي کنيا، تڏهن ڦيٿا بہ انهن جي پاسي کان ٿي ڦريا.</verse>
				<verse number="17">جڏهن هو بيٺا ٿي تڏهن هي بہ ٿي بيٺا: ۽ جڏهن هو چڙهيا ٿي تڏهن هي بہ انهن سان گڏ ٿي چڙهيا: ڇالاءِ جو انهي ساهہ واري جو روح انهن ۾ هو.</verse>
				<verse number="18">۽ خداوند جو جلال گهر جي چانئٺ تان نڪري وڃي ڪروبين تي بيٺو.</verse>
				<verse number="19">۽ ڪروبين پنهنجا پر مٿي کنيا ۽ منهنجي ڏسندي زمين تان چڙهي مٿي هليا ويا، ۽ ڦيٿا بہ سندن پاسي سان چڙهيا: ۽ اُهي وڃي خداوند جي گهر جي اُڀرندي واري لنگهہ جي در تي بيٺا؛ ۽ اسرائيل جي خدا جو جلال انهن جي مٿان هو.</verse>
				<verse number="20">اهو هو اُهو ساهہ وارو، جو ڪبار نديءَ جي ڪناري تي، اسرائيل جي خدا هيٺان مون ڏٺو؛ ۽ مون کي معلوم ٿيو تہ اهي ڪروبي آهن.</verse>
				<verse number="21">هرهڪ کي چار چار منهن هئا ۽ هرهڪ کي چار چار پر هئا؛ ۽ انهن جي پرن هيٺان ماڻهو جي هٿن جهڙا هٿ هئا.</verse>
				<verse number="22">۽ هنن جا منهن انهن جهڙا هئا جي مون ڪبار نديءَ جي ڪناري تي ڏٺا هئا، جهڙا پاڻ هئا تهڙو سندن ڊول هو، انهن مان هرڪو سڌو اڳتي ٿي هليو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">پوءِ روح مون کي مٿي کڻي خداوند جي گهر جي اُڀرندي واري در وٽ آندو، جنهن جو منهن اُڀرندي ڏانهن آهي: ۽ اُتي دروازي جي لنگهہ تي پنجويهہ ماڻهو مون کي ڏسڻ ۾ آيا؛ ۽ انهن ۾ مون قوم جا سردار، يازنياہ بن عزور، ۽ فلطياہ بن بناياہ ڏٺا.</verse>
				<verse number="2">۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هي اُهي ماڻهو آهن جي بدڪاريءَ جون رٿون ٿا رٿين، ۽ هن شهر ۾ خراب صلاح مصلحت ٿا ڏين:</verse>
				<verse number="3">جو چون ٿا تہ وقت ويجهو ڪونهي تہ گهر ٺاهيون: هي شهر ديڳ آهي ۽ اسين گوشت آهيون.</verse>
				<verse number="4">تنهنڪري انهن جي برخلاف نبوت ڪر، اي آدمزاد نبوت ڪر.</verse>
				<verse number="5">پوءِ خداوند جو روح مون تي آيو ۽ انهي مون کي چيو تہ ڳالهاءِ، خداوند ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا خاندان اوهان هيئن چيو آهي: ڇالاءِ جو جيڪي ڳالهيون اوهان جي دل ۾ اچن ٿيون، تن جي مون کي خبر آهي.</verse>
				<verse number="6">۽ اوهان هن شهر ۾ گهڻائي ماڻهو ڪُٺا آهن، ۽ اُن جون گهٽيون ڪُٺلن سان ڀري ڇڏيون آهن.</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان جا ڪُٺل ماڻهو جي اوهان شهر جي وچ ۾ رکيا آهن، سي اُهو گوشت آهن ۽ هي شهر اُها ديڳ آهي: پر اوهين انهي منجهان ٻاهر ڪڍيا ويندا.</verse>
				<verse number="8">اوهين ترار کان ڊنا آهيو؛ ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان تي ترار آڻيندس.</verse>
				<verse number="9">۽ آءٌ اوهان کي انهي منجهان ڪڍي ڌارين جي هٿ ۾ ڏيندس، ۽ اوهان ۾ عدالتن جي تعميل ڪندس.</verse>
				<verse number="10">اوهين ترار سان ڪِرندا؛ آءٌ اسرائيل جي سرحد تي اوهان جي عدالت ڪندس؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="11">هي شهر اوهان جي ديڳ نہ ٿيندو، ۽ نہ اوهين اُنهي جي وچ ۾ گوشت ٿيندا؛ آءٌ اسرائيل جي سرحد تي اوهان جي عدالت ڪندس؛</verse>
				<verse number="12">۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان: ڇالاءِ جو اوهين منهنجن قانونن تي نہ هليا آهيو، نڪي اوهان منهنجي حڪمن جي تعميل ڪئي آهي، پر جيڪي قومون اوهان جي آس پاس آهن، تن جي دستورن تي هليا آهيو.</verse>
				<verse number="13">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن مون نبوت پئي ڪئي، تڏهن فلطياہ بن بناياہ ڪِري پيو ۽ مري ويو. تڏهن آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس ۽ وڏي آواز سان دانهون ڪري چيم، تہ هاءِ، خداوند خدا! تون اسرائيل جي باقي بچيلن جي اصل پڄاڻي ڪري ڇڏيندين ڇا؟</verse>
				<verse number="14">۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="15">اي آدمزاد، تنهنجا ڀائر، يعني تنهنجا ڀائر ۽ عزيز ۽ اسرائيل جو سڄو گهراڻو، اهڙا آهن جن يروشلم جي ماڻهن کي چيو آهي تہ اوهين پاڻ کي خداوند کان پري رکو؛ هيءَ زمين اسان کي موروثي ملڪيت ڪري ڏني ويئي آهي.</verse>
				<verse number="16">تنهنڪري تون چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ مون هنن کي پري ڪڍي قومن ۾ رکيو آهي، ۽ هنن کي ملڪن ۾ پکيڙي ڇڏيو اٿم تڏهن بہ آءٌ، جن جن ملڪن ۾ هو آيا آهن اُتي ٿوري وقت لاءِ هنن جي لاءِ هڪ اَجهو ٿيندس.</verse>
				<verse number="17">تنهنڪري تون چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي قومن مان آڻي گڏ ڪندس، ۽ جن جن ملڪن ۾ اوهين پکيڙيا ويا آهيو، تن مان ڪڍي گڏ ڪندس، ۽ اسرائيل جي زمين اوهان کي ڏيندس.</verse>
				<verse number="18">۽ هو اُتي ايندا ۽ سڀ ڪراهت جهڙيون شيون ۽ سڀ گندگيون اُتان ڪڍي ڇڏيندا.</verse>
				<verse number="19">۽ آءٌ انهن کي هڪڙي دل ڏيندس ۽ اوهان منجهہ نئون روح وجهندس، ۽ اُها پٿر جهڙي دل هنن جي بدن مان ڪڍي وٺندس، ۽ گوشت واري دل ڏيندوسان:</verse>
				<verse number="20">انهيءَ لاءِ تہ هو منهنجي قاعدن تي هلن ۽ منهنجي قانون جي سنڀال ڪري تعميل ڪن: ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا ۽ آءٌ هنن جو خدا ٿيندس.</verse>
				<verse number="21">باقي اُهي جن جي دل سندن ڪراهت جهڙين شين ۽ سندن گندگين جي پٺيان ٿي وڃي، تن جي واٽ آءٌ خود سندن مٿي تي آڻيندس؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.</verse>
				<verse number="22">تڏهن ڪروبين پنهنجا پر کنيا، ۽ ڦيٿا انهن جي پاسي ۾ هئا؛ ۽ اسرائيل جي خدا جو جلال هنن جي مٿان هو.</verse>
				<verse number="23">۽ خداوند جو جلال شهر جي وچ مان مٿي چڙهي ويو، ۽ جيڪو جبل شهر جي اُڀرندي پاسي آهي، انهي تي وڃي بيٺو.</verse>
				<verse number="24">۽ روح مون کي مٿي کڻي، خدا جي روح جي وسيلي رويا ۾ ڪسدين منجهہ قيدين وٽ آڻي لاٿو. انهي طرح جيڪو رويا مون ڏٺو هو، سو مون وٽان هليو ويو.</verse>
				<verse number="25">تڏهن جيڪي ڳالهيون خداوند مون کي ڏيکاريون هيون، سي مون انهن قيدين کي بيان ڪري ٻڌايون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">هي بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">اي آدمزاد، تون هڪڙي اهڙي باغي گهراڻي ۾ ٿو رهين، جن کي ڏسڻ لاءِ اکيون آهن پر ڏسن نٿا، جن کي ٻڌڻ لاءِ ڪَن آهن پر ٻڌن نٿا؛ ڇالاءِ جو اُهي هڪڙي باغي گهراڻي جا آهن.</verse>
				<verse number="3">تنهنڪري اي آدمزاد، تون مسافريءَ جو سامان تيار ڪر، ۽ هنن جي ڏسندي، ڏينهن ڏٺي جو لڏي وڃ: ۽ تون هنن جي ڏسندي پنهنجي جاءِ تان لڏي ٻي جاءِ تي وڃ: شايد هو سمجهن، جيتوڻيڪ باغي گهراڻي جا آهن.</verse>
				<verse number="4">۽ تون هنن جي اکين آڏو ڏينهن جي وقت پنهنجو سامان ٻاهر ڪڍي آڻ، جيئن مسافريءَ لاءِ سامان ڪڍبو آهي: ۽ شام جي وقت تون پاڻ هنن جي ڏسندي نڪري وڃ، جيئن شهر نيڪالي ڏنل ماڻهو نڪرندا آهن.</verse>
				<verse number="5">هنن جي ڏسندي ڀت کوٽي ٽُنگ ڪري انهي مان سامان کڻي وڃ.</verse>
				<verse number="6">هنن جي ڏسندي اهو تون پنهنجي ڪلهي تي رکي رات جي وقت کڻي وڃ؛ تون پنهنجو منهن ڍڪج تہ زمين نہ ڏسين: ڇالاءِ جو مون توکي اسرائيل جي گهراڻي لاءِ هڪڙو نشان مقرر ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="7">۽ مون ائين ئي ڪيو، جيئن مون کي حڪم مليو. مون ڏينهن ڏٺي جو پنهنجو سامان ڪڍي ٻاهر آندو، جيئن مسافريءَ لاءِ سامان ڪڍبو آهي، ۽ شام جي وقت مون پنهنجي هٿ سان ڀت کي کوٽي ٽُنگ ڪيو؛ ۽ اونداهي ۾ انهي مان سامان ڪڍيم ۽ هنن جي ڏسندي اُهو پنهنجي ڪلهي تي رکي کڻي ويس.</verse>
				<verse number="8">۽ صبح جو خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="9">اسرائيل جي گهراڻي، اُنهي باغي گهراڻي، توکي چيو يا نہ تہ تون ڇا ٿو ڪرين؟</verse>
				<verse number="10">انهن کي تون چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هي نشان يروشلم جي سردار، ۽ اسرائيل جي سڄي گهراڻي لاءِ آهي جي بچيا آهن.</verse>
				<verse number="11">تون چئُہ تہ آءٌ اوهان جي لاءِ نشان آهيان: جيئن مون ڪيو آهي، تيئن هنن سان بہ ڪيو ويندو: هنن کي شهر نيڪالي ملندي، ۽ هو قيد ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="12">۽ هنن ۾ جو سردار اونداهيءَ ۾ ڪلهي تي سامان کڻي هليو ويندو: هو ڀت کوٽي ٽُنگ ڪري اُنهي مان اُهو کڻي ويندو: هو پنهنجو منهن ڍڪيندو، ڇالاءِ جو پنهنجين اکين سان زمين نہ ڏسندو.</verse>
				<verse number="13">آءٌ پنهنجو ڄار بہ هن تي پکيڙيندس، ۽ هو منهنجي دام ۾ ڦاسي پوندو: ۽ آءٌ هن کي بابل ۾ ۽ ڪسدين جي ملڪ ۾ وٺي ايندس، تہ بہ هو انهي کي نہ ڏسندو، جيتوڻيڪ هو اُتي مرندو.</verse>
				<verse number="14">۽ هن کي مدد ڪرڻ لاءِ جيڪي هن جي چوڌاري آهن تن سڀني کي، ۽ هن جي سڀني ٽولين کي، آءٌ سڀ ڪنهن طرف پکيڙي ڇڏيندس؛ ۽ آءٌ هنن جي پٺيان ترار ڪڍي پوندس.</verse>
				<verse number="15">۽ هو تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ هنن کي قومن ۾ پکيڙيندس ۽ ملڪن ۾ ڇڙوڇڙ ڪندس.</verse>
				<verse number="16">پر آءٌ هنن مان ڪن ٿورن کي ترار کان، ۽ ڏڪار کان، ۽ مرض کان بچائيندس؛ انهي لاءِ تہ جن جن قومن ۾ اچن، انهن کي پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جو بيان ڪري ٻڌائين: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="17">وري بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="18">اي آدمزاد، پنهنجي ماني ڏڪندي کاءُ، ۽ پنهنجو پاڻي ٿڙڪندي ۽ خبرداريءَ سان پيءُ؛</verse>
				<verse number="19">۽ هن ملڪ جي ماڻهن کي چئُہ، تہ خداوند خدا، يروشلم جي رهاڪن ۽ اسرائيل جي ملڪ بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ هو پنهنجي ماني خبرداريءَ سان کائيندا، ۽ پنهنجو پاڻي حيرانيءَ سان پيئندا، انهي لاءِ تہ جيڪي منجهس آهي تنهن سڀ کان خالي ۽ ويران ٿئي.</verse>
				<verse number="20">۽ جيڪي شهر آباد آهن، سي غير آباد ٿيندا، ۽ ملڪ ويران ٿي ويندو، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="21">خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="22">اي آدمزاد، اسرائيل جي ملڪ ۾ ڪهڙي چوڻي آهي تہ ڏينهن وڌي پيا آهن ۽ ڪوبہ رويا پورو نٿو ٿئي؟</verse>
				<verse number="23">تنهنڪري تون هنن کي چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ اها چوڻي بند ڪرائيندس، ۽ اُها اسرائيل ۾ وري پهاڪي وانگر ڪم نہ آڻيندا؛ پر تون انهن کي چئُہ، تہ ڏينهن ويجها آهن ۽ سڀ ڪنهن رويا جي پورائي ٿيندي.</verse>
				<verse number="24">ڇالاءِ جو اسرائيل جي گهراڻي ۾ وري اڳتي ڪوبہ باطل رويا نہ ٿيندو، ۽ نہ خوشامد جهڙي فال نڪرندي.</verse>
				<verse number="25">ڇالاءِ جو آءٌ خداوند آهيان؛ آءٌ ڳالهائيندس ۽ جيڪو ڪلام آءٌ ڪندس سو پورو ٿيندو؛ انهي ۾ وري دير نہ لڳندي؛ ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اي باغي گهراڻا، اوهان جي ڏينهن ۾ آءٌ ڪلام ڪندس ۽ اُهو عمل ۾ آڻيندس.</verse>
				<verse number="26">وري بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="27">اي آدمزاد، ڏس، اسرائيل جي گهراڻي وارا ڇا ٿا چون تہ جيڪو رويا هو ڏسي ٿو سو گهڻن ڏينهن کانپوءِ اچڻو آهي، ۽ هو انهن وقتن جي پيشنگوئي ٿو ڪري جي تمام پري آهن.</verse>
				<verse number="28">تنهنڪري هن کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجين ڳالهين مان ڪنهن ۾ بہ هاڻي دير نہ ٿيندي، پر خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪو ڪلام آءٌ ڪندس سو ضرور پورو ٿيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">اي آدمزاد، اسرائيل جا نبي جي نبوت پيا ڪن، تن جي برخلاف تون نبوت ڪر، ۽ جيڪي پنهنجي دل مان ٺاهي نبوت ٿا تن کي چئُہ، تہ اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو؛</verse>
				<verse number="3">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ انهن جي بي عقل نبين جي حال تي افسوس آهي، جي پنهنجي روح جي پيروي ٿا ڪن، ۽ ڏٺو ڪي بہ ڪين اٿن!</verse>
				<verse number="4">اي اسرائيل تنهنجا نبي اهڙا آهن جهڙا ويران هنڌ ۾ لومڙ.</verse>
				<verse number="5">اوهين خندقن ۾ نہ ويا آهيو، ۽ نہ اسرائيل جي گهر جي لاءِ ڀت ڏني اٿوَ، انهي لاءِ تہ خداوند جي ڏينهن جنگ ۾ بيهي سگهو.</verse>
				<verse number="6">هنن اجايون شيون ۽ ڪوڙيون فالون ڏٺيون آهن، جو چون ٿا تہ خداوند ٿو فرمائي، ۽ خداوند هنن کي ڪونہ موڪليو آهي: ۽ هنن ماڻهن کي اهو آسرو ڏنو آهي تہ سندن ڳالهہ پوري ٿيندي.</verse>
				<verse number="7">اوهان باطل رويا ڏٺو آهي، ۽ اوهان ڪوڙي فال ٻڌائي آهي، جو اوهين چئو ٿا تہ خداوند ٿو فرمائي، اگرچہ مون فرمايو ئي ڪونهي.</verse>
				<verse number="8">تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان باطل ڳالهيون ڪيون آهن ۽ ڪوڙا رويا ڏٺا اٿوَ، تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي تہ ڏسو، آءٌ اوهان جي برخلاف آهيان.</verse>
				<verse number="9">۽ منهنجو هٿ انهن نبين جي برخلاف ٿيندو جي باطل شيون ٿا ڏسن، ۽ ڪوڙيون فالون ٿا وجهن: اُهي منهنجي قوم جي جماعت ۾ شامل نہ ٿيندا، نڪي اُهي اسرائيل جي گهراڻي جي دفتر ۾ لکيا ويندا، ۽ نہ اُهي اسرائيل جي زمين ۾ داخل ٿيندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو هنن منهنجي قوم کي ڀُلايو آهي، ۽ چيو اٿن تہ خير سلامتي آهي، پر خير سلامتي ڪانهي؛ ۽ جڏهن ڪو ڀِت جوڙي ٿو، تڏهن ڏسو، هو اُنهي کي اڻ گڏيل ڪچو گارو ٿا لڳائين.</verse>
				<verse number="11">جيڪي اهو اڻ گڏيل ڪچو گارو ٿا لڳائين تن کي چئو، تہ اها ڀِت ڪِري پوندي؛ هڪڙي تمام سخت برسات پوندي ۽ وڏا وڏا ڳڙا وسندا، ۽ طوفان جهڙي واچ انهي کي ڀڃي ڇڏيندي.</verse>
				<verse number="12">ڏسو، جڏهن اُها ڀِت ڪِرندي، تڏهن اوهان کي ائين نہ چوندا ڇا، تہ جنهن گاري سان اوهان لنبي هئي سو ڪٿي آهي؟</verse>
				<verse number="13">تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ ۾ انهي کي طوفان جهڙي واچ سان ڀڃي ڇڏيندس؛ ۽ منهنجي غصي ۾ هڪڙي تمام زور واري برسات ايندي، ۽ وڏا غضب جا ڳڙا انهي کي چٽ ڪري ڇڏيندا.</verse>
				<verse number="14">انهي طرح جيڪا ڀِت اوهان اڻ گڏيل ڪچي گاري سان جوڙي آهي، تنهن کي آءٌ ڀڃي ڊاهي ڇڏيندس؛ جنهنڪري ان جو بنياد ظاهر ٿي پوندو، ۽ اُها ڪِري پوندي، ۽ انهي جي وچ ۾ اوهين مري چٽ ٿي ويندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="15">انهي طرح آءٌ انهي ڀِت تي پنهنجي ڪاوڙ پوري ڪندس ۽ انهن تي بہ جن اڻ گڏيل ڪچي گاري سان اُها لنبي آهي؛ ۽ آءٌ اوهان کي چوندس تہ نہ ڀِت رهي ۽ نہ اُهي جن اُها لنبي هئي.</verse>
				<verse number="16">يعني اسرائيل جا نبي جي يروشلم جي نسبت ۾ نبوت ڪن ٿا، ۽ ان جي خير سلامتيءَ جا رويا ڏسن ٿا، پر خير سلامتي آهي ئي ڪونہ؛ خداوند ائين ٿو فرمائي.</verse>
				<verse number="17">اي آدمزاد، تون پنهنجي قوم جي ڌيئرن ڏانهن منهن ڪر، جي پنهنجي دل مان نبوت ٿيون ڪن؛ ۽ تون انهن جي برخلاف نبوت ڪر.</verse>
				<verse number="18">۽ چئو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ: افسوس آهي انهن زالن تي، جي سڀني ڪراين تي تعويذ ٿيون سِبن، ۽ سڀ ڪنهن قد جي ماڻهو جي مٿي لاءِ رومال ٿيون ٺاهين، تہ روحن جو شڪار ڪن! اوهين منهنجي قوم جي روح جو شڪار ڪنديون ۽ پنهنجا روح بچائي ويٺيون هونديون ڇا؟</verse>
				<verse number="19">۽ اوهان جَوَن جي مٺين لاءِ، ۽ ماني جي ٽڪرن لاءِ، منهنجي قوم ۾ منهنجي بي ادبي ڪئي آهي، انهي لاءِ تہ انهن کي ماريو، جي مرڻ جا لائق ناهن؛ ۽ اُهي بچايو جي بچائڻ جا لائق نہ آهن: ۽ منهنجي قوم، جا ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌي ٿي، تنهن کي ڪوڙ ٻڌائڻ سان اوهين ائين ڪريو ٿيون.</verse>
				<verse number="20">تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ اوهان جي تعويذن جي برخلاف آهيان، جن سان اوهين روحن سان راند ڪرڻ لاءِ انهن جو شڪار ٿيون ڪريو، ۽ اُهي آءٌ اوهانجين ٻانهن تان ڇني ڦاڙي ڇڏيندس، ۽ روحن کي ڇڏي ڏيندس، انهن روحن کي جن جو اوهين شڪار ٿيون ڪريو تہ انهن سان راند ڪريو.</verse>
				<verse number="21">اوهان جا رومال بہ آءٌ ڦاڙي ڇڏيندس، ۽ پنهنجي قوم کي اوهان جي هٿان ڇڏائيندس، ۽ اُهي اوهان جي هٿ ۾ نہ رهندا تہ اوهين انهن جو شڪار ڪريو: ۽ اوهين ڄاڻنديون تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ جو ڪوڙ سان، جن سچارن کي مون غمگين نہ ڪيو آهي، تن جي دل کي اوهان رنج ڪيو آهي؛ ۽ شرير جي هٿن کي زور وارو ڪيو اٿوَ، تہ اُهو پنهنجي خراب رستي کان باز نہ اچي ۽ جيئرو نہ رهي.</verse>
				<verse number="23">تنهنڪري اوهين باطل شيون وري ڪڏهن نہ ڏسنديون ۽ نہ فالون وجهي غيب گوئي ڪنديون: ۽ آءٌ پنهنجي قوم کي اوهان جي هٿان ڇڏائيندس؛ ۽ اوهين ڄاڻنديون تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">تنهن کانپوءِ اسرائيل جي بزرگن مان ڪي مون وٽ آيا ۽ اچي منهنجي اڳيان ويٺا.</verse>
				<verse number="2">۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="3">اي آدمزاد، هنن ماڻهن پنهنجن بُتن کي پنهنجي دل ۾ جاءِ ڏني آهي، ۽ پنهنجي اڳيان پنهنجي بدڪاريءَ جو آٿڙائيندڙ پٿر رکيو اٿن: اهڙن ماڻهن کي مون کان ڪو سوال ڪرڻ لازم آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="4">تنهنڪري هنن کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل جي گهراڻي مان جيڪو بہ ماڻهو پنهنجي بُتن کي پنهنجي دل ۾ جاءِ ڏئي ٿو، ۽ پنهنجي اڳيان پنهنجي بدڪاريءَ جو آٿڙائيندڙ پٿر رکي ٿو، ۽ نبيءَ وٽ اچي ٿو؛ انهي کي آءٌ سندن بُتن جي گهڻائي موجب جواب ڏيندس؛</verse>
				<verse number="5">انهي لاءِ تہ آءٌ اسرائيل جي گهراڻي کي خود سندن خيالن ۾ پڪڙيان، ڇالاءِ جو هو سڀ پنهنجي بُتن جي ڪري مون کان ڌار ٿي ويا آهن.</verse>
				<verse number="6">تنهنڪري اسرائيل جي گهراڻي کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين باز اچو ۽ پاڻ کي پنهنجن بُتن کان ڦيريو؛ ۽ سڀني ڪراهت جهڙين شين کان پنهنجا منهن مٽيو.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو اسرائيل جي گهراڻي مان، يا جيڪي پرديسي ماڻهو اسرائيل ۾ رهن ٿا، تن مان جيڪو بہ پاڻ کي مون کان ڌار ڪندو، ۽ پنهنجا بُت پنهنجي دل ۾ رکندو، ۽ پنهنجي اڳيان پنهنجي بدڪاريءَ جو آٿڙائيندڙ پٿر رکندو، ۽ نبيءَ وٽ منهنجي نسبت ۾ پڇا ڪرڻ ايندو؛ انهن کي آءٌ خداوند پاڻ جواب ڏيندس:</verse>
				<verse number="8">۽ آءٌ انهي ماڻهوءَ جي برخلاف پنهنجو منهن ڪندس، ۽ انهي کي عبرت ۽ نشانيءَ ۽ پهاڪي جي بجاءِ ڪندس، ۽ انهي کي پنهنجي قوم مان وڍي ڇڏيندس؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="9">۽ جيڪڏهن نبي ٺڳجي ڪو ڪلام ڪندو، تہ مون خداوند انهي نبيءَ کي ڀنڀلايو آهي، ۽ آءٌ پنهنجو هٿ انهي تي ڊگهيريندس، ۽ انهي کي پنهنجي قوم اسرائيل مان وڍي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="10">۽ اُهي پنهنجي بدڪاريءَ جي سزا پائيندا: نبيءَ جو گناهہ بہ اهڙو ئي ٿيندو جهڙو انهي جو گناهہ جو انهي کان پڇڻ اچي ٿو؛</verse>
				<verse number="11">انهي لاءِ تہ اسرائيل جو گهراڻو اڳتي وري مون کان گمراهہ نہ ٿي وڃي؛ ۽ نہ پنهنجن سڀني گناهن سان اڳتي منهنجي بي ادبي ڪري؛ پر خداوند ٿو فرمائي، تہ اهو انهي لاءِ ٿيندو تہ هو منهنجي قوم ٿين ۽ آءٌ هنن جو خدا ٿيان.</verse>
				<verse number="12">۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="13">اي آدمزاد، جڏهن ڪو ملڪ ڪنهن قصور ڪرڻ سان منهنجو گناهہ ٿو ڪري، ۽ آءٌ انهي تي پنهنجو هٿ ٿو ڊگهيريان، ۽ انهي جي مانيءَ جي لٺ ڀڃي ٿو ڇڏيان، ۽ اُنهي تي ڏڪار ٿو موڪليان، ۽ اُنهي جا ماڻهو توڙي جانور وڍي ٿو ڇڏيان؛</verse>
				<verse number="14">تڏهن جيتوڻيڪ انهي ۾ نوح، ۽ داني ايل، ۽ ايوب، اُهي ٽيئي ماڻهو کڻي هجن، تہ بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهي پنهنجي سچائيءَ سان فقط پنهنجو ساهہ بچائيندا.</verse>
				<verse number="15">جيڪڏهن آءٌ نقصان پهچائيندڙ جانورن کي انهي ملڪ مان لنگهايان ۽ اُهي انهي ۾ ايترو نقصان ڪن جو اُهو ويران ٿي وڃي، ۽ انهن جانورن جي ڪري ڪوبہ ماڻهو انهي مان لنگهي نہ سگهي؛</verse>
				<verse number="16">تہ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي، تہ جيتوڻيڪ اُهي ٽيئي ماڻهو کڻي انهي ملڪ ۾ هجن تہ بہ اُهي نہ پٽن کي بچائي سگهندا نہ ڌيئن کي، پر هو فقط پاڻ ڇُٽندا؛ ۽ ملڪ ضرور ويران ٿي ويندو.</verse>
				<verse number="17">يا جيڪڏهن آءٌ انهي ملڪ تي ترار آڻيان ۽ چوان تہ، اي ترار، هن ملڪ مان لنگهي وڃ، انهي لاءِ تہ آءٌ انهن مان ماڻهو توڙي جانور وڍي ڇڏيان؛</verse>
				<verse number="18">تہ خداوند، خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ جيتوڻيڪ اُهي ٽيئي ماڻهو کڻي انهي ۾ هجن، تہ بہ اُهي نہ پٽن کي نہ ڌيئن کي بچائي سگهندا، پر هو فقط پاڻ ڇڏائيندا،</verse>
				<verse number="19">يا جي آءٌ انهي ملڪ ۾ مري موڪليان، ۽ انهي تي پنهنجي ڪاوڙ خونريزيءَ ۾ اوتي وجهان، انهي لاءِ تہ انهي مان ماڻهو توڙي جانور وڍي ڇڏيان:</verse>
				<verse number="20">تہ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي، تہ جيتوڻيڪ نوح، داني ايل، ۽ ايوب، کڻي انهي ۾ هجن، تہ بہ اُهي نہ پٽن کي نہ ڌيئن کي بچائي سگهندا؛ اُهي پنهنجي سچائي سان فقط پنهنجون جانيون بچائيندا.</verse>
				<verse number="21">تڏهن خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڪيترو نہ وڌيڪ اهو حال ٿيندو جڏهن آءٌ پنهنجون چار آفتون يروشلم تي موڪليندس، يعني ترار، ۽ ڏڪار، ۽ نقصان ڪندڙ جانور، ۽ مري، انهي لاءِ تہ انهن مان انسان ۽ حيوان کي وڍي ڇڏيان؟</verse>
				<verse number="22">انهي هوندي بہ ڏس، انهي ۾ ڪي باقي بچندا، يعني پٽ توڙي ڌيئون، جي ٻاهر ڪڍيا ويندا: ڏس، اُهي اوهان وٽ ايندا، ۽ اوهين انهن جي راهہ ۽ انهن جا ڪم ڏسندا: ۽ جيڪا خرابي مون يروشلم تي آندي آهي تنهن جي نسبت ۾، ۽ ٻيو جيڪي بہ مون انهي تي آندو آهي تنهن سڀ جي نسبت ۾، اوهان کي تسلي ملندي.</verse>
				<verse number="23">۽ اُهي اوهان کي تڏهن تسلي ڏيندا جڏهن اوهين انهن جي راهہ ۽ انهن جا ڪم ڏسندا: ۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ اوهين ڄاڻندا تہ جيڪي انهي ۾ مون ڪيو آهي سو سبب کان سواءِ نہ ڪيو اٿم.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="15">
				<verse number="1">خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">اي آدمزاد، ڊاک جو وڻ، يعني ڊاک جي ٽاري جا ٻيلي جي هڪڙي وڻ ۾ آهي، ٻئي وڻ کان ڇا ۾ بهتر آهي؟</verse>
				<verse number="3">انهي مان ڪا اهڙي ڪاٺي نڪرندي ڇا، جنهن مان ڪا ڪم جهڙي شيءِ جوڙي سگهجي؟ يا انهي مان ڪا ڪلي ٺاهي سگهبي جنهن تي ڪو باسڻ ٽنگي ڇڏجي؟</verse>
				<verse number="4">ڏس، اُها ٻرڻ لاءِ باهہ ۾ اُڇلائي ٿي وڃي؛ باهہ انهي جا ٻئي ڇيڙا ساڙي ڇڏيا آهن، ۽ انهي جو وچ بہ سڙي ويو آهي؛ اُها ڪنهن ڪم جي لائق آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="5">ڏس، جڏهن اُها سڄي ساري هئي، تڏهن بہ ڪنهن ڪم جي لائق نہ هئي، تڏهن هاڻي جڏهن باهہ هن کي ساڙي ڇڏيو آهي، ۽ اُها سڙي ويئي آهي، تڏهن اُها ڪيترو نہ گهٽ ڪنهن ڪم جي لائق ٿيندي؟</verse>
				<verse number="6">تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيئن اُهو ڊاک جو وڻ ٻيلي جي ٻين وڻن مان مون سڙڻ لاءِ باهہ کي ڏيئي ڇڏيو آهي، تيئن آءٌ يروشلم جي رهاڪن کي بہ ڏيئي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="7">آءٌ پنهنجو منهن اُنهن جي برخلاف ڪندس؛ هو باهہ ڏانهن ويندا، ۽ باهہ هنن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندين؛ ۽ اوهين تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ پنهنجو منهن انهن جي برخلاف ڪندس.</verse>
				<verse number="8">۽ آءٌ انهي زمين کي ويران ڪندس، ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ هنن گناهہ ڪيو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="16">
				<verse number="1">وري بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">اي آدمزاد، يروشلم کي سندس نفرت جهڙن ڪمن جي خبر ڏي،</verse>
				<verse number="3">۽ چئُہ تہ خداوند خدا، يروشلم کي هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجو ڄائي ڄم جو وطن ڪنعانين جي زمين ۾ آهي: تنهنجو پيءُ اموري هو ۽ تنهنجي ماءُ حتي هئي.</verse>
				<verse number="4">۽ تنهنجي ڄمڻ جو احوال هي آهي: تہ جنهن ڏينهن تون ڄائي هئينءَ، تنهن ڏينهن تنهنجو ناڙو نہ وڍيو ويو، ۽ نہ توکي پاڻي ۾ غسل ڏيئي صاف ڪيائون؛ توکي اصل لوڻ نہ لاتائون، ۽ نہ توکي تنجڻ ۾ ويڙهيائون.</verse>
				<verse number="5">ڪنهن جي بہ اک کي ايترو قياس نہ پيو تہ انهن ڪمن مان ڪو ڪم ڪري، ۽ توتي رحم ڪري، پر جنهن ڏينهن تون ڄائي هئينءَ انهي ڏينهن تنهنجو جسم اهڙو نفرت جهڙو هو جو کليل ميدان ۾ توکي اُڇلائي ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="6">۽ جڏهن آءٌ تو وٽان اچي لنگهيس، ۽ توکي رت ۾ ليٽندو ڏٺم، تڏهن توکي چيم، تہ جيتوڻيڪ تون پنهنجي رت ۾ پيئي آهين، تڏهن بہ جيئري رهہ؛ هائو مون توکي چيو، تہ جيتوڻيڪ تون پنهنجي رت ۾ پيئي آهين، تڏهن بہ جيئري رهہ.</verse>
				<verse number="7">مون توکي جهنگ جي مُکڙيءَ وانگر وڌايو، ۽ تون وڌئينءَ ۽ وڏي ٿئينءَ، ۽ تون نهايت سهڻي ٿئينءَ؛ تنهنجون ڇاتيون اُڀرڻ لڳيون ۽ تنهنجا وار وڏا ٿيا؛ تہ بہ تون اُگهاڙي ۽ ننگي هئينءَ.</verse>
				<verse number="8">هاڻي جڏهن آءٌ تو وٽان لنگهيس ۽ توتي منهنجي نظر پيئي، تڏهن تنهنجو وقت محبت پيدا ٿيڻ جو وقت هو؛ ۽ مون پنهنجو دامن توتي پکيڙيو، ۽ تنهنجي اوگهڙ ڍڪيم: هائو، خداوند ٿو فرمائي، تہ مون توسان قسم کنيو ۽ توسان عهد اقرار ڪيم، ۽ تون منهنجي ٿئينءَ.</verse>
				<verse number="9">پوءِ مون توکي پاڻي سان ڌوتو؛ هائو، مون چڱي طرح تنهنجو رت توتان ڌوئي ڇڏيو، ۽ توکي تيل مکيم.</verse>
				<verse number="10">مون توکي سهڻي ڀرت وارا ڪپڙا بہ ڍڪايا، ۽ ملار مڇيءَ جي کل جي جُتي بہ پارائي، ۽ عمدي ڪپڙي جو پٽو تنهنجي چيلهہ سان ٻڌم، ۽ ريشم جي چادر توکي ڍڪايم.</verse>
				<verse number="11">۽ مون توکي زيورن سان بہ سينگاريو، ۽ تنهنجي هٿن ۾ ڪنگڻ، ۽ تنهنجي ڳچيءَ ۾ زنجير وڌم.</verse>
				<verse number="12">۽ تنهنجي نڪ ۾ نٿ وڌم، ۽ تنهنجن ڪَنن ۾ پنڙا وڌم، ۽ تنهنجي مٿي تي هڪڙو سهڻو ڇٽ رکيم.</verse>
				<verse number="13">انهي طرح تون سون ۽ روپي سان سينگاري وئينءَ؛ ۽ تنهنجي پوشاڪ عمدي ڪپڙي، ۽ ريشم، ۽ ڀرت جي ڪم جي هئي؛ تو ميدو ۽ ماکي ۽ تيل کاڌو: ۽ تون ڏاڍي خوبصورت هئينءَ ۽ تنهنجو اهڙو اقبال ٿيو جو بادشاهي درجي کي وڃي رسينءَ.</verse>
				<verse number="14">۽ تنهنجي حسن جي هاڪ ٻين قومن تائين وڃي پهتي؛ ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ منهنجي شان جي ڪري، جو مون توکي بخشيو هو، اُهو حسن ڪامل هو.</verse>
				<verse number="15">پر تو پنهنجي حسن تي ڀروسو رکيو، ۽ پنهنجي ناموس جي ڪري زناڪار ٿئينءَ، ۽ جيڪو لنگهيو ٿي تنهن سان تو زنا ٿي ڪئي: اُهو حسن انهي جو ٿي ٿيو.</verse>
				<verse number="16">۽ پنهنجن ڪپڙن مان ڪي ڪڍي تو پنهنجي لاءِ مٿانهان مڪان جوڙيا، ۽ انهن کي جدا جدا رنگن سان سينگاري انهن تي بہ زنا ڪئي: اهڙيون ڳالهيون نہ وري اينديون ۽ نہ وري ائين ٿيندو.</verse>
				<verse number="17">تو منهنجي ڏنل سون ۽ روپي مان پنهنجا سهڻا زيور ڪڍي انهن مان پنهنجي لاءِ ماڻهن جا بُت جوڙيا ۽ انهن سان زنا ڪئي.</verse>
				<verse number="18">تو پنهنجا ڀرت وارا ڪپڙا کنيا ۽ هنن کي ڍڪايا، ۽ منهنجو تيل ۽ منهنجو لوبان هنن جي اڳيان رکيو.</verse>
				<verse number="19">۽ جيڪا ماني مون توکي ڏني هئي، يعني ميدو ۽ تيل ۽ ماکي جا مون توکي کارائي، سا بہ، خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ تو خوشبوءِ لاءِ هنن جي اڳيان رکي.</verse>
				<verse number="20">تنهن کانسواءِ تو پنهنجا پٽ ۽ پنهنجون ڌيئون، جي مون تو مان ڄڻيون هيون، سي کڻي تو هنن تي قربان ڪيون تہ اُهي کاڄي وڃن. تنهنجون زناڪاريون ڪي گهٽ آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="21">جو تو منهنجا ٻار ڪُٺا آهن، ۽ هنن جي لاءِ باهہ مان لنگهائي انهن کي ڏيئي ڇڏيا اٿيئي؟</verse>
				<verse number="22">۽ پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن ۽ زناڪارين ۾ تو پنهنجا ننڍپڻ جا ڏينهن ياد نہ ڪيا آهن، جڏهن تون ننگي ۽ اُگهاڙي هئينءَ ۽ پنهنجي رت ۾ پي ليٽينءَ.</verse>
				<verse number="23">۽ هيئن ٿيو آهي تہ تو پنهنجي ڪل شرارت کانپوءِ (خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ ويل، ويل هجي توتي!)</verse>
				<verse number="24">تو پنهنجي لاءِ گنبذ ٺاهيو آهي، ۽ سڀ ڪنهن گهٽيءَ ۾ هڪڙو عاليشان مڪان ٺاهيو اٿيئي.</verse>
				<verse number="25">رستي جي سڀ ڪنهن ڪُنڊ تي تو پنهنجو مٿانهون مڪان ٺاهيو آهي، ۽ پنهنجي سونهن نفرت جهڙي ڪئي اٿيئي، ۽ جيڪو ٿي لنگهيو تنهن جي لاءِ تو ٽنگون ٿي ٽيڙيون ۽ پنهنجي زناڪاري وڌيڪ ٿي ڪئي.</verse>
				<verse number="26">تو مصر سان بہ زناڪاري ڪئي آهي، جي تنهنجا پاڙيسري ۽ وڏا قداور آهن؛ ۽ مون کي ڪاوڙ ڏيارڻ لاءِ تو پنهنجي زناڪاري وڌائي آهي.</verse>
				<verse number="27">تنهنڪري ڏس، مون پنهنجو هٿ توتي ڊگهيريو آهي، ۽ تنهنجو رواجي کاڌو گهٽائي ڇڏيو اٿم، ۽ فلستين جون ڌيئرون جي تنهنجي بي حيائيءَ جي هلت ڪري شرمنديون ٿيون آهن، ۽ جي توکي ڌڪارين ٿيون، تن جي مرضيءَ تي توکي ڇڏي ڏنو اٿم.</verse>
				<verse number="28">تو اسورين سان بہ زناڪاري ڪئي آهي، ڇالاءِ جو توکي ڍؤ ئي نٿي ٿيو؛ هائو، تو هنن سان زناڪاري ڪئي آهي تہ بہ توکي اڃا ڍؤ نہ ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="29">تنهن کانسواءِ تو ڪنعان جي ملڪ ۾ ڪسديہ تائين پنهنجي زناڪاري وڌائي آهي؛ تڏهن بہ توکي انهن مان ڍؤ ڪين ٿيو.</verse>
				<verse number="30">خداوند ٿو فرمائي، تہ تنهنجي دل ڪهڙي نہ ضعيف آهي، ڇالاءِ جو تون اهي سڀ ڪم ڪرين ٿي جي هڪڙي حڪماڻي ڪڃري جا ڪم آهن.</verse>
				<verse number="31">جو تون سڀ ڪنهن رستي جي ڪُنڊ تي مٿانهين جاءِ ٿي جوڙين، ۽ سڀ ڪنهن گهٽيءَ ۾ پنهنجو عاليشان مڪان ٿي ٺاهين؛ پر ڪڃريءَ جهڙي نہ ٿي رهي آهين، ڇالاءِ پئسا وٺڻ تي کلين ٿي.</verse>
				<verse number="32">زناڪار زال! جا پنهنجي مڙس جي بدران ڌارين کي ٿي وٺي!</verse>
				<verse number="33">ماڻهو سڀني ڪڃرين کي بخششون ٿا ڏين، پر تون پنهنجن سڀني سينڌن کي پنهنجون بخششون ٿي ڏين، ۽ هنن کي لالچائين ٿي تہ هو سڀ ڪنهن پاسي کان تو وٽ اچي توسان زنا ڪن.</verse>
				<verse number="34">۽ زناڪاريءَ جي ڪمن ۾ ٻين زالن کان تو ۾ اهو فرق آهي، تہ زنا ڪرڻ جي لاءِ ڪوبہ پاڻهي تنهنجي پٺيان لڳي نٿو اچي: ۽ تون خرچي ٿي ڏين ۽ توکي خرچي ڏني نٿي وڃي، تنهنڪري تون ٻئي قسم جي آهين.</verse>
				<verse number="35">انهي ڪري اي ڪڃري، خداوند جو ڪلام ٻڌ:</verse>
				<verse number="36">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجن سينڌن سان زنا ڪرڻ ڪري تنهنجي گندگي وهي نڪتي ۽ تنهنجي اوگهڙ ظاهر ٿي پيئي؛ انهي ڪري، ۽ تنهنجن نفرت جهڙن سڀني بُتن جي ڪري، ۽ جي پنهنجا ٻار تو هنن کي ڏيئي ڇڏيا تن جي خون جي ڪري،</verse>
				<verse number="37">ڏس آءٌ تنهنجا اُهي سڀ سينڌ گڏ ڪندس، جن سان تو مزا پئي ماڻيا آهن، ۽ اُهي سڀ جن کي تو پيار پئي ڪيو آهي، ۽ اُهي سڀ جن کي تو پئي ڌڪاريو آهي؛ انهن کي هر طرف کان آءٌ تنهنجي برخلاف گڏ ڪندس، ۽ هنن جي اڳيان تنهنجي اوگهڙ ظاهر ڪندس، تہ ڀلي اُهي تنهنجي اوگهڙ ڏسن.</verse>
				<verse number="38">۽ آءٌ توتي اهڙي فتويٰ جاري ڪندس جهڙي انهن زالن تي ڪبي آهي جي شاديءَ جو حق ڀڃنديون آهن؛ ۽ آءٌ ڪاوڙ ۽ ريس جو خون تنهنجي سر تي آڻيندس.</verse>
				<verse number="39">آءٌ توکي هنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس، ۽ هو تنهنجي مٿانهين جاءِ ڪيرائي ڇڏيندا، ۽ تنهنجا عاليشان مڪان ڀڃي ڇڏيندا؛ ۽ هو تنهنجا ڪپڙا لاهي ويندا، ۽ تنهنجا سهڻا زيور کسي ويندا: ۽ توکي اگهاڙو ننگو ڇڏي هليا ويندا.</verse>
				<verse number="40">هو توتي هڪڙي جماعت بہ وٺي ايندا، جي پٿرن سان توکي سنگسار ڪندا، ۽ پنهنجون تراريون تو مان لنگهائي ڏيندا.</verse>
				<verse number="41">۽ هو تنهنجا گهر باهہ سان ساڙيندا، ۽ گهڻين زالن جي اڳيان توتي فتوائن جي تعميل ڪندا؛ ۽ آءٌ توکي ڪڃري ٿي گذارڻ کان بند ڪري ڇڏيندس، ۽ اڳتي وري تون ڪنهن کي خرچي نہ ڏيندينءَ.</verse>
				<verse number="42">انهي طرح آءٌ توتي پنهنجي ڪاوڙ پوري ڪندس، ۽ منهنجي غيرت تو تان لهي ويندي، ۽ آءٌ بس ڪندس، ۽ توتي وري نہ ڪاوڙبس.</verse>
				<verse number="43">تو پنهنجي ننڍپڻ جا ڏينهن ياد نہ ڪيا آهن، ۽ انهن سڀني ڳالهين ۾ تو مون کي رنج ڪيو آهي، تنهنڪري ڏس خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ آءٌ بہ تنهنجي راهہ تنهنجي مٿي تي آڻيندس ۽ تون اها شهوت پرستي نہ ڪندينءَ جا تنهنجي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن کان مٿي آهي.</verse>
				<verse number="44">ڏس، جيڪو پهاڪو ڪم ٿو آڻي سو هي پهاڪو تنهنجي برخلاف ڪم آڻيندو، ۽ چوندو تہ جهڙي ماءُ آهي اهڙي سندس ڌيءَ آهي.</verse>
				<verse number="45">تون پنهنجي ماءُ جي ڌيءَ آهين، جا پنهنجي مڙس ۽ پنهنجي ٻارن کي ڌڪاري ٿي؛ ۽ تون پنهنجي ڀينرن جي ڀيڻ آهين، جن پنهنجن مڙسن ۽ پنهنجن ٻارن کي ڌڪاريو ٿي: تنهنجي ماءُ حتي هئي ۽ تنهنجو پيءُ اموري هو.</verse>
				<verse number="46">۽ تنهنجي وڏي ڀيڻ سامريا آهي جا پنهنجين ڌيئرن سميت تنهنجي کٻي پاسي ٿي رهي، ۽ تنهنجي ننڍي ڀيڻ جا پنهنجين ڌيئرن سميت تنهنجي سڄي پاسي ٿي رهي سا سدوم آهي.</verse>
				<verse number="47">انهي هوندي بہ تون هنن جي راهہ تي نہ هلينءَ، ۽ نہ رڳو هنن جهڙا بڇڙا ڪم ڪيا اٿيئي، ڄڻ تہ اها تمام ٿوري ڳالهہ هئي، پر تو پنهنجن سڀني ڪمن ۾ هنن کان بہ وڌيڪ برائي ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="48">خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي، تہ جيڪي تو ۽ تنهنجين ڌيئرن ڪيو آهي، سو نہ تنهنجي ڀيڻ سدوم ۽ نڪي ان جي ڌيئرن ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="49">ڏس، تنهنجي ڀيڻ سدوم جو هي ڏوهہ هو؛ هن ۾، ۽ هن جي ڌيئرن ۾ مغروري ۽ مانيءَ جو ڍؤ، ۽ عيش ۽ آرام هو؛ هن مسڪينن ۽ محتاجن جي دستگيري نہ ڪئي.</verse>
				<verse number="50">۽ اُهي هٺيليون هيون، ۽ منهنجي اڳيان ڪراهت جهڙا ڪم ڪيائون: تنهنڪري جڏهن اُهو مون ڏٺو تڏهن انهن کي هڪالي ڪڍيم.</verse>
				<verse number="51">نڪي سامريا تنهنجن گناهن جي اڌ جيترا ڪيا آهن، پر تو پنهنجا ڪراهت جهڙا ڪم هنن کان بہ وڌيڪ ڪيا آهن، ۽ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم تو ڪيا آهن تن سڀني جي ڪري پنهنجين ڀينرن کي پاڻ کان وڌيڪ بي گناهہ ثابت ڪيو اٿيئي.</verse>
				<verse number="52">تو جو پنهنجين ڀينرن لاءِ فتويٰ ڏني آهي، سو تون پنهنجي خواري بہ پاڻ تي کڻ؛ تو هنن کان وڌيڪ ڪراهت جهڙا گناهہ ڪيا آهن، تنهنڪري هو تو کان وڌيڪ سچيون آهن: ها، تون بہ لڄي ٿي ۽ پنهنجي خواري پاڻ کڻ، جو تو پنهنجين ڀينرن کي بي گناهہ ثابت ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="53">۽ آءٌ وري هنن جا قيدي بحال ڪندس، يعني سدوم ۽ ان جي ڌيئرن جا قيدي، ۽ سامريا ۽ ان جي ڌيئرن جا قيدي، ۽ انهن جي وچ ۾ تنهنجا قيدي:</verse>
				<verse number="54">تہ تون خود پنهنجي خواري کڻين ۽ جيڪي تو ڪيو آهي تنهن جي ڪري تون شرمندي ٿين، جنهن صورت ۾ تون هنن جي لاءِ تسلي جو باعث آهين.</verse>
				<verse number="55">تنهنجون ڀينرون سدوم ۽ سامريا پنهنجين ڌيئرن سميت پنهنجي اڳئين حالت تي بحال ٿينديون، ۽ تون ۽ تنهنجون ڌيئرون پنهنجي اڳوڻي حالت تي بحال ٿينديون.</verse>
				<verse number="56">ڇالاءِ جو پنهنجي اقبالمنديءَ جي ڏينهن، تو پنهنجي ڀيڻ سدوم جو پنهنجي وات سان نالو ئي نٿي ورتو؛</verse>
				<verse number="57">اهو تنهنجي برائي ظاهر ٿيڻ کان اڳي ٿيو، پر هاڻي تون بہ اُنهي جهڙي آهين، يعني اهڙي جڏهن ارام جون ڌيئرون، ۽ تنهنجي آس پاس واريون فلستين جون ڌيئرون بدنام هيون، جي هاڻي چئني پاسي تنهنجي بدخواهي ٿيون ڪن.</verse>
				<verse number="58">خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ تو پنهنجي شهوت پرستيءَ ۽ پنهنجين گندگين ڪري ڏک سَٺو آهي.</verse>
				<verse number="59">ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ توسان اهڙي ساڳي هلت ڪندس، جهڙي تو ڪئي آهي، جو عهد اقرار ڀڃڻ سان تو قسم جي حقارت ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="60">اُنهي هوندي بہ تنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ جيڪو عهد اقرار مون توسان ڪيو هو سو آءٌ ياد ڪندس. ۽ توسان هميشہ جو عهد اقرار قائم ڪندس.</verse>
				<verse number="61">تڏهن تون پنهنجا رستا ياد ڪندينءَ ۽ شرمندي ٿيندينءَ، جڏهن تون پنهنجين ڀينرن کي، پنهنجي وڏي توڙي ننڍي ڀيڻ کي، قبول ڪندينءَ: ۽ آءٌ اُهي توکي ڌيئرن جي بجاءِ ڏيندس، پر نہ تنهنجي عهد اقرار سبب.</verse>
				<verse number="62">۽ آءٌ توسان پنهنجو عهد اقرار قائم ڪندس، ۽ تون ڄاڻندينءَ تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="63">۽ جيڪي تو ڪيو آهي سو مون توکي معاف ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ تون ياد ڪرين ۽ لڄي ٿين، ۽ شرم جي ڪري وري اڳتي پنهنجو وات نہ پٽين؛ خداوند خدا ٿو فرمائي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="17">
				<verse number="1">۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">اي آدمزاد، هڪڙي پرولي ڪڍ ۽ اسرائيل جي گهراڻي کي اهڙو مثال ٻڌاءِ؛</verse>
				<verse number="3">۽ چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هڪڙو وڏو عقاب، وڏن پَرن ۽ ڊگهين کنڀڙاٽين، ۽ گهڻن رنگارنگي کنڀن سان لبنان ۾ آيو، ۽ ديودار جي چوٽيءَ تي اچي ويٺو:</verse>
				<verse number="4">۽ هن چوٽيءَ واري ڪومل ٽاري ڇني، ۽ واپار جي ملڪ ۾ کڻي ويو؛ هن اُها سوداگرن جي هڪڙي شهر ۾ آڻي رکي.</verse>
				<verse number="5">هن اُنهي زمين جو ٻج بہ کنيو، ۽ اُهو هن هڪڙي ڀلي زمين ۾ پوکيو؛ هن اُهو گهڻي پاڻيءَ جي پاسي کان بيدمنجون جي وڻ وانگر لڳايو.</verse>
				<verse number="6">پوءِ اُهو اُڀرڻ لڳو، ۽ هڪڙو ننڍي قد جو پکڙندڙ ڊاک جو وڻ ٿي پيو؛ جنهن جون ٽاريون ڏانهس ڦريون، ۽ انهي جون پاڙون سندس هيٺان هيون: انهي طرح اُهو هڪڙو ڊاک جو منهہ ٿيو، ۽ ڏار ڪڍيائين، ۽ منجهانئس ٽاريون نڪتيون.</verse>
				<verse number="7">ٻيو بہ هڪڙو وڏو عقاب، وڏن پَرن ۽ گهڻن کنڀن سان هو: ۽ ڏس، انهي ڊاک جي منهہ پنهنجون پاڙون هن ڏانهن ورايون، ۽ پنهنجي ٻاري مان پنهنجون ٽاريون هن ڏانهن ڪڍيائين، تہ هو کيس پاڻي ڏئي.</verse>
				<verse number="8">اُهو چڱي زمين ۽ گهڻي پاڻيءَ جي ڀرسان پوکيل هو تہ گهڻيون ٽاريون ڪڍي، ۽ ڦر جهلي، ۽ سهڻي ڊاک ٿئي.</verse>
				<verse number="9">تون چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اهو ڪو وڌندو ڇا؟ ۽ هو انهي جون پاڙون پٽي ۽ انهي جو ڦر وڍي نہ ڇڏيندا ڇا، تہ اهو ڪومائجي وڃي، ۽ ان جا تازا نڪرندڙ پن سُڪي سڙي وڃن؟ ۽ پاڙن کان وٺي انهي کي پَٽي ڪڍڻ لاءِ وڏي زور يا گهڻن ماڻهن جي ضرورت نہ ٿيندي.</verse>
				<verse number="10">هائو، ڏس، پوکجڻ کانپوءِ اُهو وڌندو ڇا؟ جڏهن اُڀرندي جو واءُ لڳندس تڏهن اُهو اصل سڙي سُڪي نہ ويندو ڇا؟ اُهو جنهن ٻاري ۾ اُڀريو، اُتي ئي ڪومائجي ويندو.</verse>
				<verse number="11">وري بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="12">هاڻي انهي باغي گهراڻي کي چئو، تہ انهن ڳالهين جي معنيٰ اوهين نٿا سمجهو ڇا؟ هنن کي چئو تہ ڏسو، بابل جو بادشاهہ يروشلم ۾ آيو، ۽ ان جي بادشاهہ ۽ انهي جي اميرن کي پڪڙي بابل ۾ پاڻ وٽ آندائين؛</verse>
				<verse number="13">۽ هن شاهي نسل وارن مان هڪڙي کي وٺي، اُنهي سان عهد اقرار ڪيو؛ هن انهي کي قسم هيٺ بہ آندو، ۽ ملڪ جي بهادرن کي بہ هو وٺي ويو:</verse>
				<verse number="14">انهي لاءِ تہ ڀلي اها بادشاهت حقير ٿئي، ۽ پنهنجو ڪنڌ مٿي نہ کڻي، پر پنهنجي عهد اقرار جي سنڀال ڪرڻ سان قائم رهي سگهي.</verse>
				<verse number="15">پر هو کانئس باغي ٿيو، جو پنهنجا ايلچي مصر ڏانهن موڪليائين تہ کيس گهوڙا ۽ لشڪر ڏين. اُهو ڪو ڪامياب ٿيندو ڇا؟ جيڪو اهڙا ڪم ٿو ڪري سو ڀڄي ڇُٽندو ڇا؟ عهد اقرار ڀڃي پوءِ بہ هو بچندو ڇا؟</verse>
				<verse number="16">خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ يقيناً جنهن بادشاهہ هن کي بادشاهہ ڪيو، سو جنهن جاءِ ۾ رهي ٿو، جنهن جي قسم جي هن حقارت ڪئي، ۽ جنهن جو عهد اقرار هن ڀڳو، انهي سان گڏ هو بابل جي وچ ۾ مرندو.</verse>
				<verse number="17">نڪي فرعون پنهنجي زور واري لشڪر ۽ وڏي ميڙ سان جنگ ۾ هن لاءِ ڪجهہ ڪندو، کڻي هو بند ٻڌندا ۽ قلعا جوڙيندا، انهي لاءِ تہ گهڻن ماڻهن کي وڍي ڇڏين.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو هن عهد اقرار ڀڃڻ سان قسم جي حقارت ظاهر ڪئي آهي؛ ۽ ڏس، هن پنهنجو هٿ ڏنو، تہ بہ اهي سڀ ڪم ڪيا اٿس؛ هو ڪين بچندو.</verse>
				<verse number="19">تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ يقيناً هن منهنجي قسم جي حقارت ڪئي آهي، ۽ منهنجو عهد اقرار ڀڳو اٿس، سو آءٌ خود هن جي سر تي انهن جو نتيجو آڻيندس.</verse>
				<verse number="20">۽ آءٌ پنهنجو ڄار هن تي پکيڙيندس ۽ هو منهنجي دام ۾ ڦاسندو، آءٌ هن کي بابل ۾ آڻيندس، ۽ اُتي جيڪو گناهہ هن منهنجي نافرمانيءَ ڪري ڪيو آهي، تنهن جي لاءِ هن سان بحث ڪندس.</verse>
				<verse number="21">هن جي سڀني ٽولين ۾ هن جا جيڪي باقي رهندا، سي سڀ ڪنهن واءُ ڏانهن پکيڙي ڇڏيا ويندا، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ مون خداوند اهو ڪلام ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="22">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ ديودار جي مٿانهين چوٽيءَ مان ٽاري کڻندس ۽ اُها لڳائيندس؛ آءٌ هن جي چوٽيءَ وارين ننڍين ٽارين مان هڪڙي سنهڙي ٽاري وڍيندس ۽ اُها هڪڙي وڏي ۽ مٿانهين جبل تي پوکيندس:</verse>
				<verse number="23">اسرائيل جي مٿانهين جبل تي آءٌ اها پوکيندس: ۽ اُها ڏاريون ڪڍندي، ۽ ڦر جهليندي، ۽ سهڻو ديودار ٿيندي: ۽ انهي جي هيٺان هر ڪنهن قسم جا پکي رهندا؛ ان جي ٽارين جي ڇانوَ ۾ اُهي رهندا.</verse>
				<verse number="24">۽ جهنگ جا سڀ وڻ ڄاڻندا تہ مون، خداوند، اهو وڏو وڻ هيٺ ڪيرايو آهي، ۽ ننڍي وڻ کي وڌائي مٿي ڪيو اٿم؛ ۽ سائي وڻ کي سُڪائي ڇڏيو اٿم، ۽ سُڪل وڻ کي سائو ڪري وڌايو اٿم: مون خداوند اها ڳالهہ ڪئي آهي ۽ اهو ڪم ڪيو اٿم.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="18">
				<verse number="1">خداوند جو ڪلام وري بہ مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">اوهين جو اسرائيل جي ملڪ بابت اهو پهاڪو ڪم ٿا آڻيو، ۽ چئو ٿا تہ پيءُ کٽي ڊاک کاڌي آهي ۽ ٻارن جا ڏند کٽا ٿي پيا آهن، تنهن جو مطلب ڇا آهي؟</verse>
				<verse number="3">خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ اسرائيل ۾ انهي پهاڪي ڪم آڻڻ جو اوهان کي وري موقعو نہ ملندو.</verse>
				<verse number="4">ڏسو سڀ جانيون منهنجيون آهن، جهڙي پيءُ جي جان، تهڙي پٽ جي جان منهنجي آهي: جيڪا جان گناهہ ڪندي سا مرندي.</verse>
				<verse number="5">پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو سچار هوندو ۽ اُهو ڪم ڪندو جو قاعدي موجب ۽ درست آهي،</verse>
				<verse number="6">۽ هن جبلن تي نہ کاڌو هوندو، ۽ نہ اسرائيل جي گهراڻي جي بُتن ڏانهن پنهنجون اکيون کنيون هوندائين، نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال کي ناپاڪ ڪيو هوندائين، نڪي ڪنهن زال کي حيض ۾ ويجهو آيو آهي؛</verse>
				<verse number="7">۽ هن ڪنهن سان برائي نہ ڪئي هوندي، پر قرضدار کي سندس شيءِ موٽائي ڏني هوندائين، ڪنهن کي زور زبردستي سان نہ ڦريو لٽيو هوندائين. ۽ پنهنجي ماني بکايلن کي کارائي هوندائين ۽ اُگهاڙن کي ڪپڙو ڍڪايو هوندائين؛</verse>
				<verse number="8">جنهن وياج تي پئسا نہ ڏنا هوندا؛ ۽ نہ وڌيڪ ڪي ورتو هوندو، جنهن پنهنجو هٿ بدڪاريءَ کان ڪڍي ورتو هوندو، ۽ ماڻهو ماڻهو جي وچ ۾ عدالت ڪئي هوندائين؛</verse>
				<verse number="9">منهنجن قانونن تي هليو هوندو، ۽ منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪئي هوندائين، ۽ سچائي جي هلت ڪئي هوندائين، اُهو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ سچار آهي ۽ جيئرو رهندو.</verse>
				<verse number="10">جيڪڏهن اُنهي کي ڪو پٽ ڄمندو جو چور هوندو يا خوني هوندو، ۽ جو انهن مان ڪو ڪم ڪندو هوندو؛</verse>
				<verse number="11">جو انهن فرضن مان ڪوبہ ادا نہ ڪندو هوندو، پر جبلن تي کاڌو هوندائين، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال کي ناپاڪ ڪيو هوندائين،</verse>
				<verse number="12">مسڪينن ۽ محتاجن سان ظلم ڪيو هوندائين، زور زبردستيءَ سان ڦرمار ڪئي هوندائين؛ گروي رکيل شيءِ موٽائي نہ ڏني هوندائين، ۽ بُتن ڏانهن پنهنجون اکيون کنيون هوندائين، ۽ ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا هوندائين.</verse>
				<verse number="13">وياج تي پئسا ڏنا هوندائين ۽ وڌيڪ ورتو هوندائين: سو ڪو جيئندو ڇا؟ اُهو ڪڏهن نہ جيئندو: جنهن اهي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن: اُهو ضرور مرندو؛ انهي جو خون سندس مٿان آهي.</verse>
				<verse number="14">هاڻي ڏسو، جيڪڏهن هن کي ڪو پٽ ڄمندو، جو پنهنجي پيءُ جا سڀ ڪيل گناهہ ڏسي ٿو، ۽ ڊڄي ٿو، ۽ اهڙا ڪم نٿو ڪري.</verse>
				<verse number="15">جنهن جبلن تي نہ کاڌو آهي، نڪي اسرائيل جي گهراڻي جي بُتن ڏانهن پنهنجون اکيون کنيون اٿس، ۽ نہ پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال کي ناپاڪ ڪيو اٿس،</verse>
				<verse number="16">۽ نہ ڪنهن سان برائي ڪئي اٿس، نڪي ڪجهہ گروي ورتو اٿس، نڪي زور زبردستيءَ سان ڦرلٽ ڪئي اٿس، پر پنهنجي ماني بکايلن کي ڏني اٿس، ۽ اُگهاڙن کي ڪپڙو ڍڪايو اٿس.</verse>
				<verse number="17">جنهن غريبن کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ نہ وياج نہ ٻيو ڪجهہ ورتو اٿس، ۽ منهنجي حڪمن جي تعميل ڪئي اٿس، ۽ منهنجي قانونن تي هليو آهي؛ اُهو پنهنجي پيءُ جي گناهن ڪري نہ مرندو، اُهو يقيناً جيئرو رهندو.</verse>
				<verse number="18">باقي سندس پيءُ، سو بي رحميءَ سان ظلم ڪرڻ ڪري، پنهنجي ڀاءُ کي زور زبردستيءَ سان ڦرڻ ڪري، ۽ پنهنجي قوم ۾ جيڪي چڱو ناهي تنهن جي ڪرڻ ڪري، ڏسو، پنهنجي بدڪاريءَ جي سبب ضرور مرندو.</verse>
				<verse number="19">انهي هوندي بہ اوهين چئو ٿا تہ ڇالاءِ پٽ پيءُ جو گناهہ نٿو کڻي؟ جڏهن پٽ ڪو ڪم ڪيو آهي، جو قاعدي موجب درست آهي، ۽ منهنجن سڀني قاعدن جي سنڀال ڪئي اٿس، ۽ انهن جي تعميل ڪئي اٿس، تڏهن هو يقيناً جيئرو رهندو.</verse>
				<verse number="20">جيڪا جان گناهہ ڪندي سا مرندي: پٽ پيءُ جو گناهہ نہ کڻندو. نڪي پيءُ پٽ جو گناهہ کڻندو؛ سچار جي سچائي اُنهي تي رهندي، ۽ شرير جي شرارت بہ انهي تي ئي رهندي.</verse>
				<verse number="21">پر جيڪڏهن ڪو شرير پنهنجن سڀني ڪيل گناهن کان باز ايندو، ۽ منهنجا سڀ قانون سنڀاليندو، ۽ قاعدي موجب درست ڪم ڪندو، سو ضرور جيئرو رهندو، ۽ مرندو ڪين.</verse>
				<verse number="22">جيڪي گناهہ هن ڪيا هوندا، تن مان ڪوبہ هن جي برخلاف ياد نہ ڪيو ويندو: جيڪا سچائي هن ڪئي آهي، انهي جي ڪري هو جيئرو رهندو.</verse>
				<verse number="23">خداوند خدا ٿو فرمائي تہ شرير جي مرڻ ڪري ڪا مون کي خوشي ٿئي ٿي ڇا؟ بلڪ منهنجي خوشي انهي ۾ ڪونهي ڇا تہ هو پنهنجي بري راهہ کان باز اچي ۽ جيئرو رهي؟</verse>
				<verse number="24">پر جيڪڏهن ڪو سچار پنهنجي سچائي کان ڦري ٿو ۽ گناهہ ڪري ٿو، ۽ جيڪي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم شرير ماڻهو ڪندو آهي، اُهي ڪري ٿو، تڏهن ڪو هو جيئرو رهندو ڇا؟ جيڪي سچائي جا ڪم هن ڪيا آهن، تن مان ڪوبہ ياد نہ رهندو: جيڪا بدڪاري ڪئي اٿس ۽ جيڪو گناهہ ڪيو اٿس، تنهن جي ڪري ئي هو مرندو.</verse>
				<verse number="25">انهي هوندي بہ اوهين چئو ٿا تہ خداوند جي راهہ برابر ناهي. اي اسرائيل جا گهراڻا هاڻي ٻڌو: منهنجي راهہ برابر ناهي يا اوهان جون راهون گهٽ وڌ آهن؟</verse>
				<verse number="26">جيڪڏهن ڪو سچو ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري ٿو، ۽ گناهہ ڪري ٿو، ۽ انهي ڪري مري ٿو؛ تڏهن جيڪو گناهہ هن ڪيو آهي، انهي جي ڪري هو مرندو.</verse>
				<verse number="27">وري جڏهن ڪو شرير ماڻهو پنهنجي ڪيل شرارت کان ڦري ٿو ۽ جيڪي قاعدي موجب درست آهي سو ڪري ٿو، تڏهن هو پنهنجي جان کي جيئرو رکندو.</verse>
				<verse number="28">ڇالاءِ جو هو ويچاري ٿو، ۽ جيڪي گناهہ ڪيا اٿس، تن سڀني کان توبهہ ڪري ٿو، تنهنڪري يقيناً هو جيئرو رهندو ۽ مرندو ڪين.</verse>
				<verse number="29">انهي هوندي بہ اسرائيل جو گهراڻو چوي ٿو تہ خداوند جي راهہ برابر ناهي. اي اسرائيل جا گهراڻا، منهنجي راهہ برابر ناهي يا اوهان جون راهون گهٽ وڌ آهن؟</verse>
				<verse number="30">تنهنڪري خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، آءٌ اوهان مان هر ڪنهن جي راهہ جي موجب سندس عدالت ڪندس. اوهين موٽو ۽ پنهنجي سڀني گناهن کان توبهہ ڪريو؛ انهي طرح گناهہ اوهان جي ناس ٿيڻ جو سبب نہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="31">جيڪي گناهہ جهڙا ڪم اوهان ڪيا آهن، تن سڀني کي پاڻ کان پري ڪريو، ۽ پنهنجي لاءِ نئين دل ۽ نئون روح پيدا ڪريو: اي اسرائيل جا گهراڻا ڇو اوهين مرڻ ٿا گهرو؟</verse>
				<verse number="32">خداوند خدا ٿو فرمائي تہ جيڪو مري ٿو تنهن جي مرڻ ڪري مون کي خوشي ڪانہ ٿي ٿئي: تنهنڪري اوهين ڦرو ۽ جيئرا رهو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="19">
				<verse number="1">تنهن کانسواءِ تون اسرائيل جي سردارن لاءِ ماتم ڪر،</verse>
				<verse number="2">۽ چئُہ تہ تنهنجي ماءُ ڪير هئي؟ هڪڙي شينهڻ هئي: اُها شينهن سان ليٽي، بلڪ جوان شينهن جي وچ ۾ رهي پنهنجن ٻچن کي پاليائين.</verse>
				<verse number="3">۽ انهي پنهنجن ٻچن مان هڪڙو پالي وڏو ڪيو؛ اهو جوان شينهن ٿيو: ۽ شڪار پڪڙڻ سکيو ۽ ماڻهن کي ڳڙڪائڻ لڳو.</verse>
				<verse number="4">قومن بہ اُن جي بابت ٻڌو؛ ۽ هو انهن جي کڏ ۾ وڃي ڦاٿو ۽ انهن هن کي ڪُنڍا وجهي گهلي مصر جي ملڪ ۾ آندو.</verse>
				<verse number="5">هاڻي جڏهن شينهڻ ڏٺو تہ هوءَ گهڻو ئي ترسي پر سندس اُميد ويندي رهي؛ تڏهن هن پنهنجي ٻچن مان ٻيو کنيو ۽ انهي کي پالي جوان شينهن ڪيائين.</verse>
				<verse number="6">۽ اُهو شينهن ۾ اچڻ وڃڻ لڳو، ۽ جوان شينهن ٿيو، ۽ شڪار پڪڙڻ سکيو، ۽ ماڻهو ڳڙڪائڻ لڳو.</verse>
				<verse number="7">۽ انهن جي محلاتن جو واقف ٿيو ۽ انهن جا شهر سُڃا ڪري ڇڏيائين؛ ۽ زمين ۽ ان جي آبادي، هن جي گجگوڙ جي آواز ڪري ويران ٿي ويئي.</verse>
				<verse number="8">تڏهن قومون پرڳڻن کان چوڌاري مٿس ڪاهي آيون: ۽ هنن مٿس پنهنجو ڄار پکيڙي وڌو؛ ۽ هو انهن جي کڏ ۾ ڦاسي پيو.</verse>
				<verse number="9">پوءِ هنن ڪُنڍن سان انهي کي هڪڙي پڃري ۾ کڻي وڌو ۽ بابل جي بادشاهہ وٽ وٺي آيس: هنن ڪوٽن ۾ آڻي وڌس تہ سندس آواز اسرائيل جي جبلن تي ٻڌڻ ۾ نہ اچي.</verse>
				<verse number="10">تنهنجي ماءُ تو وانگر انهي ڊاک جهڙي هئي جا پاڻي جي ڀرسان پوکي ويئي: هوءَ گهڻي پاڻيءَ ڪري ڦر واري ٿي ۽ ٽارين سان ڀرجي ويئي.</verse>
				<verse number="11">۽ ان جون ڪاٺيون اهڙيون مضبوط ٿيون جو بادشاهن جي چوبن جي لائق ٿيون، ۽ انهي جو قد ڪڪرن تائين وڃي پهتو، ۽ گهڻين شاخن سميت اُهي وڏيون ڏسڻ ۾ آيون.</verse>
				<verse number="12">پر اُها ڪاوڙ ۾ پَٽي ويئي، ۽ زمين تي اُڇلائي ويئي، ۽ اُڀرندي جي واءُ ان جو ڦر سُڪائي ڇڏيو: ان جون مضبوط ڪاٺيون ڀڄي ڪومائجي ويون، ۽ باهہ انهن کي ساڙي ٻاري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="13">۽ هاڻي اُها بيابان ۾ هڪڙي خشڪ ۽ اُڃايل زمين ۾ پوکي ويئي آهي.</verse>
				<verse number="14">۽ ان جي ٽارين جي ڪاٺيءَ مان باهہ نڪتي آهي، جنهن اُن جو ڦر ساڙي ڇڏيو آهي، جنهنڪري انهي ۾ اهڙي ڪا مضبوط ڪاٺي ڪانهي جا ڪنهن بادشاهہ جي چوب ٿئي. اهو هڪڙو مرثيو آهي، ۽ مرثيي جي بجاءِ رهندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="20">
				<verse number="1">۽ ستين سال ۾، پنجين مهيني جي ڏهين تاريخ هيئن ٿيو تہ اسرائيل جي بزرگن مان ڪي خداوند کان سوال ڪرڻ آيا، ۽ منهنجي اڳيان اچي ويٺا.</verse>
				<verse number="2">۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="3">اي آدمزاد، اسرائيل جي بزرگن کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين مون کان پڇڻ آيا آهيو ڇا؟ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ منهنجي مرضي ناهي تہ اوهين مون کان ڪجهہ پڇو.</verse>
				<verse number="4">تون هنن جي عدالت ڪندين ڇا، اي آدمزاد، تون هنن جي عدالت ڪندين ڇا؟ اُنهن کي سندن ابن ڏاڏن جا ڪراهت جهڙا ڪم ٻڌاءِ؛</verse>
				<verse number="5">۽ هنن کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن مون اسرائيل کي چونڊي ڪڍيو ۽ يعقوب جي گهراڻي جي اولاد سان مون قسم کاڌو، ۽ مصر جي ملڪ ۾ هنن کي پاڻ ڄاڻايم، ۽ جڏهن مون هنن سان قسم کائي چيو تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان:</verse>
				<verse number="6">تڏهن انهي ڏينهن مون انهي لاءِ هنن سان قسم کاڌو تہ هنن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي انهي زمين ۾ آڻيان، جا مون هنن لاءِ ڏسي جاچي ڇڏي هئي، جنهن ۾ ماکي ۽ کير پئي وهيو، ۽ جا سڀني زمينن جو فخر هئي.</verse>
				<verse number="7">۽ مون چيومان تہ اوهان مان هرڪو پنهنجين اکين اڳيان ڪراهتي شيون اُڇلائي ڇڏي، ۽ اوهين پاڻ کي مصر جي بُتن سان ناپاڪ نہ ڪريو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.</verse>
				<verse number="8">پر هو مون کان باغي ٿيا ۽ منهنجي ٻڌڻ نہ گهُريائون؛ هنن مان سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجين اکين اڳيان ڪراهتي شيون اُڇلائي نہ ڇڏيون، نڪي هنن مصر جا بُت ڇڏي ڏنا: تڏهن مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ هنن تي ڇنڊيندس، انهي لاءِ تہ مصر جي ملڪ ۾ هنن تي پنهنجو غصو پورو ڪريان.</verse>
				<verse number="9">پر مون پنهنجي نالي جي لاءِ ائين ڪيو تہ جن قومن منجهہ هو هئا، ۽ جن جي ڏسندي مون هنن کي پاڻ ڄاڻايو، جو مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندومان، تن جي نظر ۾ منهنجي نالي جي بي ادبي نہ ٿئي.</verse>
				<verse number="10">انهي طرح مون هنن کي مصر مان ڪڍي ٻاهر بيابان ۾ آندو.</verse>
				<verse number="11">۽ هنن کي پنهنجا قانون ڏنم ۽ پنهنجا حڪم ٻڌايم، جن تي عمل ڪرڻ وارو ماڻهو جيڪر جيئندو رهي.</verse>
				<verse number="12">تنهن کانسواءِ مون هنن کي پنهنجا سبت بہ ڏنا، تہ منهنجي ۽ سندن وچ ۾ هڪڙي نشاني رهي، انهي لاءِ تہ هو ڄاڻن تہ آءٌ خداوند آهيان جو هنن کي پاڪ ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="13">پر اسرائيل جو گهراڻو بيابان ۾ مون کان باغي ٿيو؛ هو منهنجن قانونن تي نہ هليا، ۽ هنن منهنجا حڪم رد ڪري ڇڏيا، جن تي عمل ڪرڻ وارو ماڻهو جيڪر جيئندو رهي؛ ۽ منهنجن سبتن کي هنن تمام ناپاڪ ڪيو: تڏهن مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ بيابان ۾ هنن تي ڇنڊيندس تہ ڀلي هو چٽ ٿي وڃن.</verse>
				<verse number="14">پر مون پنهنجي نالي جي خاطر ائين نہ ڪيو، تہ جن قومن جي ڏسندي مون هنن کي ٻاهر آندو، تن جي نظر ۾ انهي جي بي ادبي نہ ٿئي.</verse>
				<verse number="15">۽ مون بيابان ۾ قسم کاڌو تہ جيڪا زمين مون هنن کي ڏني هئي، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پي وهي، ۽ جا سڀني زمينن جو فخر آهي، تنهن ۾ هنن کي نہ آڻيان:</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو هنن منهنجا حڪم رد ڪري ڇڏيا، ۽ هو منهنجن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجن سبتن کي ناپاڪ ڪيائون: ڇالاءِ جو هنن جي دل سندن بُتن جي پٺيان ٿي ويئي.</verse>
				<verse number="17">انهي هوندي بہ منهنجي اک هنن کي ناس ڪرڻ کان ڇڏي ڏنو ۽ مون بيابان ۾ سندن اصل پڄاڻي ڪري نہ ڇڏي.</verse>
				<verse number="18">مون بيابان ۾ هنن جي اولاد کي چيو تہ اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جي قانونن تي نہ هلو، نڪي هنن جا حڪم مڃو، نڪي هنن جي بُتن سان پاڻ کي پليت ڪريو:</verse>
				<verse number="19">آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. منهنجي قانونن تي هلو، ۽ منهنجي حڪمن جي سنڀال ڪريو ۽ انهن جي تعميل ڪريو:</verse>
				<verse number="20">۽ منهنجي سبتن کي پاڪ ڄاڻو ۽ اُهي منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ نشاني ٿيندا، انهي لاءِ تہ اوهين ڄاڻو تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.</verse>
				<verse number="21">پر اُهو اولاد بہ مون کان باغي ٿيو؛ ۽ هو منهنجن قانونن تي نہ هليا، نڪي منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪري انهن تي عمل ڪيائون، جن تي ڪڏهن ڪو ماڻهو عمل ڪري تہ جيڪر جيئندو رهي: هنن منهنجن سبتن کي ناپاڪ ڪيو، تڏهن مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ هنن تي ڇنڊيندس، انهي لاءِ تہ بيابان ۾ پنهنجو غصو هنن تي پورو ڪريان.</verse>
				<verse number="22">انهي هوندي بہ مون پنهنجو هٿ جهليو، ۽ پنهنجي نالي جي لاءِ ائين ڪيو، تہ جن قومن جي ڏسندي هنن کي ڪڍي آندو هوم، تن جي نظر ۾ انهي جي بي ادبي نہ ٿئي.</verse>
				<verse number="23">تنهن کانسواءِ مون بيابان ۾ قسم کاڌو تہ هنن کي قومن ۾ پکيڙي ڇڏيان، ۽ ملڪن ۾ برخاست ڪري ڇڏيان؛</verse>
				<verse number="24">ڇالاءِ جو هنن منهنجن حڪمن جي تعميل نہ ڪئي، پر منهنجا قانون رد ڪري ڇڏيائون، ۽ منهنجن سبتن کي ناپاڪ ڪيائون: ۽ هنن جون اکيون سندن ابن ڏاڏن جي بُتن پٺيان هيون.</verse>
				<verse number="25">تنهن کانسواءِ مون هنن کي اهڙا قانون بہ ڏنا جي چڱا نہ هئا؛ ۽ اهڙا حڪم ڏنم جن جي ڪري هو جيئرا نہ رهن؛</verse>
				<verse number="26">۽ مون هنن کي خود سندن نذرانن ۾ ناپاڪ ڪيو؛ جنهن صورت ۾ هنن جا سڀ پهريان ڄاول باهہ مان ٿي لنگهايا، تہ آءٌ هنن کي سُڃو سکڻو ڪريان، انهي لاءِ تہ هو ڄاڻن تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="27">تنهنڪري، اي آدمزاد، اسرائيل جي گهراڻي کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان جي ابن ڏاڏن انهي ڳالهہ ۾ بہ منهنجي بي ادبي ڪئي آهي جو هنن منهنجو گناهہ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="28">ڇالاءِ جو جڏهن مون هنن کي انهي زمين ۾ آندو هو جنهن جي کين ڏيڻ لاءِ مون قسم کنيو، تڏهن هنن سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ ۽ سڀ ڪنهن ٿلهي وڻ ڏانهن نگاهہ ڪئي، ۽ اُتي پنهنجون قربانيون چاڙهيائون، ۽ اُتي پنهنجو ڪاوڙ ڏيارڻ جهڙو نذرانو پيش ڪيائون؛ ۽ اُتي پنهنجون خوشبودار شيون رکيائون ۽ پيئڻ واريون قربانيون بہ اوتيائون.</verse>
				<verse number="29">تڏهن مون هنن کي چيو تہ اُنهي مٿانهين جاءِ جو مطلب ڇا آهي جنهن وٽ اوهين وڃو ٿا؟ انهي ڪري ان جو نالو اڄ ڏينهن تائين باماہ سڏبو آهي.</verse>
				<verse number="30">سو اسرائيل جي گهراڻي کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين پاڻ کي پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر ناپاڪ ڪريو ٿا ڇا؟ ۽ هنن جي ڪراهت جهڙن ڪمن جي پٺيان زناڪاري ڪندا وتو ٿا ڇا؟</verse>
				<verse number="31">۽ جڏهن اوهين پنهنجا نذرانا پيش ٿا ڪريو، ۽ پنهنجا پٽ باهہ مان ٿا لنگهايو، تڏهن اوهين پاڻ کي اڄ ڏينهن تائين پنهنجن سڀني بُتن سان ناپاڪ ٿا ڪريو ڇا؟ تہ بہ اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهين مون کان پنهنجي لاءِ ڪجهہ پڇندا ڇا؟ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ آءٌ اوهان کي ڪجهہ بہ پڇڻ نہ ڏيندس:</verse>
				<verse number="32">۽ جيڪي بہ اوهان جي دل ۾ ٿو اچي سو ڪڏهن بہ پورو نہ ٿيندو؛ جو اوهين چئو ٿا تہ اسين بہ قومن جهڙا ۽ ملڪن جي قبيلن جهڙا ٿينداسين، ۽ ڪاٺ ۽ پٿر جي بندگي ڪنداسين.</verse>
				<verse number="33">خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ آءٌ يقيناً زور واري هٿ سان ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان، ۽ جاري ڪيل غضب سان اوهان تي بادشاهہ ٿيندس:</verse>
				<verse number="34">۽ آءٌ اوهان کي قومن مان ڪڍي ٻاهر ڪندس، ۽ جن ملڪن ۾ اوهين ٽڙي پکڙي ويا آهيو تن مان اوهان کي آڻي گڏ ڪندس، سو بہ زور واري هٿ سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان ۽ جاري ڪيل غضب سان:</verse>
				<verse number="35">۽ آءٌ اوهان کي قومن جي بيابان ۾ آڻيندس ۽ اُتي اوهان سان روبرو حجت ڪندس.</verse>
				<verse number="36">جيئن مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان مصر جي ملڪ جي بيابان ۾ حجت ڪئي، تيئن خداوند خدا ٿو فرمائي تہ اوهان سان بہ ڪندس.</verse>
				<verse number="37">۽ آءٌ اوهان کي لٺ جي هيٺان لنگهائيندس، ۽ اوهان کي عهد جي قبضي ۾ آڻيندس.</verse>
				<verse number="38">۽ آءٌ اوهان منجهان جيڪي باغي آهن ۽ منهنجي برخلاف گناهہ ٿا ڪن، سي ڪڍي ڇڏيندس؛ جنهن زمين ۾ هو رهن ٿا اُتان هنن کي ٻاهر ڪڍندس، پر هو اسرائيل جي زمين ۾ داخل نہ ٿيندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="39">باقي اوهين، سو اي اسرائيل جا گهراڻا، خداوند خدا اوهان جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي، تہ هن کانپوءِ جي اوهين منهنجي ٻڌڻ نہ گهرندا، تہ اوهان مان هرڪو وڃي پنهنجن بُتن جي عبادت ڪري: پر پنهنجن نذرانن سان ۽ پنهنجن بُتن سان اوهين منهنجي نالي جي بي ادبي نہ ڪندا.</verse>
				<verse number="40">ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ منهنجي پاڪ جبل ۾، يعني اسرائيل جي وڏائيءَ واري جبل ۾، اسرائيل جو گهراڻو، ۽ سڀ ماڻهو، اُٿي انهي ملڪ ۾ منهنجي عبادت ڪندا: ۽ اُتي آءٌ هنن کي قبول ڪندس، ۽ اُتي آءٌ اوهان جون قربانيون ۽ اوهانجن نذرانن جا پهريان ڦر، اوهان جي سڀني پاڪ شين سميت گهري وٺندس.</verse>
				<verse number="41">جڏهن آءٌ اوهان کي قومن مان ڪڍي آڻيندس، ۽ جن ملڪن ۾ اوهين ٽڙي پکڙي ويا آهيو، تن مان آڻي گڏ ڪندس، تڏهن آءٌ اوهان کي خوشبوءِ وانگر قبول ڪندس ۽ ٻين قومن جي نظر ۾ اوهان منجهہ سڳورو ٿيندس.</verse>
				<verse number="42">۽ اوهين تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن اوهان کي اسرائيل جي زمين ۽ انهي ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن جي ڏيڻ لاءِ مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.</verse>
				<verse number="43">۽ اُتي اوهين پنهنجين راهن ۽ پنهنجن سڀني ڪمن کي ياد ڪندا، جن سان اوهان پاڻ کي ناپاڪ ڪيو آهي؛ ۽ جيڪي خرابيون اوهان ڪيون آهن تن سڀني لاءِ اوهين خود پنهنجي نظر ۾ پاڻ کي ڌڪاريندا.</verse>
				<verse number="44">۽ اي اسرائيل جا گهراڻا، خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اوهين تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ اوهان سان، نہ اوهانجين خراب راهن موافق، نڪي اوهانجن خراب ڪمن موافق، پر پنهنجي نالي جي خاطر هلت ڪندس.</verse>
				<verse number="45">۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="46">اي آدمزاد، پنهنجو منهن ڏکڻ ڏانهن ڪر، ۽ پنهنجو ڪلام ڏکڻ ڏانهن ڪڍ، ۽ ڏکڻ جي ميدان واري ٻيلي جي برخلاف نبوت ڪر؛</verse>
				<verse number="47">۽ ڏکڻ واري ٻيلي کي چئُہ، تہ خداوند جو ڪلام ٻڌ؛ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ تو ۾ باهہ ٻاريندس ۽ اُها تو ۾ جيڪو سائو وڻ توڙي سُڪو وڻ آهي، سو ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي: ٻرندڙ شعلو ڪين اُجهامندو، ۽ انهي سان ڏکڻ کان وٺي اُتر تائين سڀ منهن سڙي ويندا.</verse>
				<verse number="48">۽ سڀ انسان ڏسندا تہ مون خداوند اُها ٻاري آهي: اُها ڪين اُجهامندي.</verse>
				<verse number="49">تڏهن مون چيو تہ هاءِ، خداوند خدا! هو منهنجي نسبت ۾ چون ٿا تہ هي مثالن ٻڌائڻ وارو ناهي ڇا؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="21">
				<verse number="1">۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">اي آدمزاد، پنهنجو منهن يروشلم ڏانهن ڪر ۽ پاڪ مڪان ڏانهن پنهنجو ڪلام ڪڍ، ۽ اسرائيل جي ملڪ جي برخلاف نبوت ڪر؛</verse>
				<verse number="3">۽ اسرائيل جي ملڪ کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، ۽ پنهنجي ترار مياڻ مان ڪڍندس، ۽ تو مان سچن کي توڙي شريرن کي وڍي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="4">جڏهن منهنجي مرضي آهي تہ تو مان سچا توڙي شرير وڍي ڇڏيان، تڏهن منهنجي ترار ڏکڻ کان وٺي اُتر تائين سڀني انسانن تي مياڻ مان نڪرندي:</verse>
				<verse number="5">۽ سڀ انسان ڄاڻندا تہ مون خداوند پنهنجي ترار کپ مان ڪڍي آهي؛ اُها وري نہ موٽندي.</verse>
				<verse number="6">تنهنڪري، اي آدمزاد، تون ٿڌو ساهہ کڻ؛ چيلهہ جي ڀڃڻ سان ۽ ڏک سان تون هنن جي اکين آڏو آهون ڪر.</verse>
				<verse number="7">۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو توکي چوندا تہ تون ڇو ٿو آهون ڪرين؟ تڏهن تون چئج تہ انهي خبر جي ڪري، ڇالاءِ جو اُها اچي ٿي: ۽ سڀ ڪا دل پگهرجي ويندي، ۽ سڀ هٿ ضعيف ٿي ويندا ۽ سڀ ڪو روح ماندو ٿي ويندو، ۽ سڀ گوڏا پاڻيءَ جهڙا نستا ٿي ويندا: خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُها اچي ٿي ۽ ائين ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="8">۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="9">اي آدمزاد، نبوت ڪر تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، ۽ چئُہ، ترار ترار، اُها تکي ڪئي ۽ چمڪائي بہ ويئي آهي.</verse>
				<verse number="10">اُها انهي لاءِ تکي ڪئي ويئي آهي تہ ڪوس ڪري؛ ۽ اُها انهي لاءِ چمڪائي ويئي آهي تہ وڄ وانگر ٿئي: تڏهن اسين خوشيون ڪريون ڇا؟ منهنجي پٽ جي لٺ سڀ ڪنهن وڻ کي حقير ٿي ڄاڻي.</verse>
				<verse number="11">۽ اُها چمڪائڻ لاءِ ڏني ويئي آهي تہ هٿ ۾ جهلجي: ترار تکي ڪئي ويئي آهي، هائو، اُها چمڪائي ويئي آهي، تہ اُها قاتل جي هٿ ۾ ڏني وڃي.</verse>
				<verse number="12">اي آدمزاد، دانهون ۽ رڙيون ڪر: ڇالاءِ جو اُها منهنجي قوم تي آئي آهي، اُها اسرائيل جي سڀني سردارن تي آهي: اُهي منهنجي قوم سان گڏ ترار جي حوالي ڪيا ويا آهن: تنهنڪري واويلا ڪر.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو اُها لٺ آزمائي ويئي آهي، ۽ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ جي اُها لٺ جا ٻين کي حقير ٿي ڄاڻي سا نابود ٿي وڃي تہ پوءِ ڇا؟</verse>
				<verse number="14">تنهنڪري اي آدمزاد، تون نبوت ڪر، تاڙيون وڄاءِ، ڀلي تہ اُها ترار ٻہ، بلڪ ٽي ڀيرا هلي، جا سخت ڦٽيل جي ترار آهي: اُها ترار جا زبردست جي آهي جو سخت ڦٽيل آهي، سا هنن جي ڪوٺين ۾ گهڙندي.</verse>
				<verse number="15">مون انهي ترار جي نوڪ هنن جي سڀني دروازن تي رکي آهي، تہ سندن دل پگهري وڃي ۽ هو وڌيڪ آٿڙجن. هائو، اُها وڄ جهڙي آهي، اُها ڪوس جي لاءِ تيار آهي.</verse>
				<verse number="16">اوهين پاڻ کي گڏ ڪريو ۽ سڄي پاسي وڃو؛ پاڻ کي قطار ٻڌي تيار ڪريو ۽ کٻي پاسي وڃو؛ جنهن بہ پاسي تنهنجي مرضي هجي.</verse>
				<verse number="17">آءٌ بہ تاڙيون وڄائيندس ۽ پنهنجي ڪاوڙ پوري ڪندس: مون خداوند ائين فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="18">وري بہ، خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="19">اي آدمزاد، تون ٻہ رستا مقرر ڪر تہ بابل جي بادشاهہ جي ترار اچي. اُهي ٻئي هڪڙي زمين مان نڪري ايندا: ۽ هڪڙي جاءِ نشان ڪري ڪڍ، انهي جو شهر ڏانهن وڃڻ جي رستي جي چوٽيءَ تي نشان ڪر.</verse>
				<verse number="20">تون هڪڙو رستو مقرر ڪر تہ ترار بني عمون واري ربہ ۾ اچي، ۽ ٻيو ڪوٽ واري شهر يروشلم ۾ يهوداہ ڏانهن وڃي.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو بابل جو بادشاهہ رستي جي ڌار ٿيڻ واري هنڌ، يعني ٻن رستن جي چوٽيءَ وٽ، فال وجهڻ لاءِ بيٺو آهي؛ هن تيرن کي لوڏيو، هن تيرافيم کان پڇا ڪئي، هن جگر ۾ نظر ڪئي آهي:</verse>
				<verse number="22">هن جي ساڄي هٿ ۾ يروشلم لاءِ فال هئي تہ ڀتين ڀڃڻ جون ڪَلون بيهاري، ۽ ڪوس جي لاءِ وات کولي، رڙيون ڪري، ۽ نعرا هڻي، دروازن تي ڪَلون رکي، بند ٻڌي ۽ دمدما جوڙي.</verse>
				<verse number="23">۽ اها هنن جي لاءِ سندن نظر ۾ اجائي فال ٿيندي، جن سندن لاءِ قسم کنيا آهن: پر هو گناهہ کي ياد ٿو ڪري تہ هو پڪڙيا وڃن.</verse>
				<verse number="24">تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان پنهنجو گناهہ ياد ڪرايو آهي، جو اوهان جا ڏوهہ ظاهر ٿيا آهن، جنهن جي ڪري اوهانجن سڀني ڪمن ۾ اوهان جا گناهہ ڏسڻ ۾ پيا اچن، اوهين ياد پيا آهيو، تنهنڪري اوهين هٿ سان گرفتار ڪيا ويندا.</verse>
				<verse number="25">پوءِ اي سخت ڦٽيل شرير شخص، اسرائيل جا سردار، جنهن جو ڏينهن اچي پهتو آهي، يعني پڇاڙيءَ جي سزا جو وقت.</verse>
				<verse number="26">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ پنهنجي پڳ ۽ ڇٽ لاهي ڇڏ: هي اڳتي اهڙو ساڳيو نہ رهندو: جيڪو هيٺ آهي تنهن کي مٿي ڪر، ۽ جيڪو مٿي آهي تنهن کي هيٺ ڪر.</verse>
				<verse number="27">آءٌ انهي کي اونڌو ڪندس، اونڌو، اونڌو ڪندس، پوءِ هي اڳتي اهڙو نہ رهندو، جيستائين اُهو اچي جنهن جو حق آهي، ۽ آءٌ اهو انهي کي ڏيندس.</verse>
				<verse number="28">۽ تون اي آدمزاد، نبوت ڪر، تہ خداوند خدا بني عمون جي نسبت ۽ سندن خواريءَ جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي؛ ۽ تون چئُہ تہ هڪڙي ترار ڪڍي ويئي آهي، ڪوس لاءِ چمڪائي ويئي آهي، تہ اُها وڄ وانگر ناس ڪري:</verse>
				<verse number="29">جيسين ڪ هو تنهنجي لاءِ اجايون شيون ڏسن، ۽ تنهنجي لاءِ ڪوڙيون فالون وجهن، انهي لاءِ تہ توکي انهن شريرن جي ڪنڌن تي رکن جي سخت ڦٽيل آهن، جن جو ڏينهن اچي پهتو آهي، يعني پڇاڙيءَ جي سزا جو وقت.</verse>
				<verse number="30">انهي کي موٽائي مياڻ ۾ وجهہ. جنهن هنڌ تون پيدا ٿيو هئين، جنهن زمين ۾ تون ڄائو هئين، انهي ۾ آءٌ تنهنجي عدالت ڪندس.</verse>
				<verse number="31">۽ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ توتي ڇنڊيندس؛ آءٌ پنهنجي غضب جي باهہ توتي ڦوڪي وجهندس: ۽ آءٌ توکي جهنگلي ماڻهن جي هٿ ۾ ڏيندس، جي ماري چٽ ڪرڻ ۾ هوشيار آهن.</verse>
				<verse number="32">تون باهہ لاءِ ڪاٺين جي بجاءِ ٿيندين؛ تنهنجو رت اُنهي زمين جي وچ ۾ وهندو؛ تون وري اڳتي ياد ڪيو نہ ويندين: ڇالاءِ جو مون خداوند ائين فرمايو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="22">
				<verse number="1">تنهن کانپوءِ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">اي آدمزاد، تون عدالت ڪندين، تون هن خوني شهر جي عدالت ڪندين ڇا؟ تڏهن اُن کي سندس سڀ ڪراهت جهڙا ڪم ٻڌاءِ.</verse>
				<verse number="3">۽ چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هي اهڙو شهر آهي جو پنهنجي وچ ۾ رت وهائي ٿو تہ سندس وقت اچي، ۽ جو پاڻ کي ناپاڪ ڪرڻ لاءِ بُت جوڙي ٿو!</verse>
				<verse number="4">جيڪو رت تو وهايو آهي، تنهن جي ڪري تون ڏوهاري ٿيو آهين، ۽ جيڪي بُت تو جوڙيا آهن تن جي ڪري تون ناپاڪ ٿيو آهين؛ ۽ تو پنهنجا ڏينهن ويجها آندا آهن، بلڪ تون پنهنجن ورهين کي اچي پهتو آهين، تنهنڪري مون توکي قومن جي لاءِ ملامت، ۽ سڀني ملڪن جي لاءِ کل ٺٺولي ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="5">اي بدنام ۽ فسادي، جيڪي توکي ويجها آهن، ۽ جيڪي توکان پري آهن، سي توتي ٺٺوليون ڪندا.</verse>
				<verse number="6">ڏس، اسرائيل جا سردار، پنهنجي پنهنجي طاقت آهر رت وهائڻ لاءِ تو ۾ آيا آهن.</verse>
				<verse number="7">تو ۾ هنن ماءُ پيءُ ڏانهن حقارت پئي ڏيکاري آهي؛ تنهنجي وچ ۾ هنن پرديسين سان ظلم پي ڪيو آهي: تو ۾ هنن يتيمن ۽ بيوهن کي پئي ستايو آهي.</verse>
				<verse number="8">تو منهنجي پاڪ شين کي ڌڪاريو آهي ۽ منهنجن سبتن جي بي ادبي ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="9">تو ۾ رت هارڻ جي لاءِ چغلخور ماڻهو رهيا آهن: ۽ هنن تو ۾ جبلن تي ويهي کاڌو آهي: تنهنجي وچ ۾ هنن شهوت پرستي ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="10">تنهنجي وچ ۾ هنن پنهنجن ابن جي اوگهڙ ظاهر ڪئي آهي: تو ۾ هنن حيض وارين زالن کي خراب ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ هڪڙي پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال سان بڇڙو ڪم ڪيو آهي؛ ۽ ٻئي پنهنجي ننهن کي شهوت جي رستي ناپاڪ ڪيو آهي؛ ۽ ٻئي وري پنهنجي ڀيڻ، يعني پيءُ جي ڌيءَ کي خراب ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="12">تو ۾ هنن رشوتون وٺي رت وهايو آهي؛ تو وياج ۽ سود ورتو آهي، ۽ تو لالچي ٿي ظلم زبردستيءَ سان پنهنجن پاڙيسرين کي ڦريو آهي، ۽ مون کي وساريو اٿيئي؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.</verse>
				<verse number="13">تنهنڪري ڏس، جيڪو فائدو تو ڪپت ڪري حاصل ڪيو آهي تنهن تي، ۽ جيڪا خونريزي تو ۾ ٿي آهي تنهن تي، مون پنهنجي هٿ سان ڌڪ هنيو آهي.</verse>
				<verse number="14">جن ڏينهن ۾ آءٌ توکان حساب وٺندس انهن ڏينهن ۾ تنهنجي دل صبر ڪري سگهندي ڇا، يا تنهنجا هٿ زوراور رهي سگهندا ڇا؟ مون خداوند ائين فرمايو آهي، ۽ آءٌ ائين ئي ڪندس.</verse>
				<verse number="15">۽ آءٌ توکي قومن ۾ پکيڙيندس ۽ ملڪن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس ۽ آءٌ تنهنجي بڇڙائي تو مان ساڙي ڪڍندس.</verse>
				<verse number="16">۽ تون قومن جي نظر ۾ پنهنجو پاڻ ناپاڪ ڪيو ويندين، ۽ تون ڄاڻندين تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="17">۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="18">اي آدمزاد، اسرائيل جو گهراڻو منهنجي اڳيان مُٺ ٿي پيو آهي؛ اُهي سڀ کوري جي وچ ۾ پتل، ۽ قلعي، ۽ لوهہ، ۽ شيهو آهن؛ اُهي چانديءَ جو مُٺ آهن.</verse>
				<verse number="19">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو اوهين سڀ مُٺ ٿي پيا آهيو، تنهنڪري ڏسو، آءٌ اوهان کي يروشلم جي وچ ۾ گڏ ڪندس.</verse>
				<verse number="20">جيئن ماڻهو کوري جي وچ ۾ چاندي، ۽ پتل، ۽ لوهہ، ۽ شيهو، ۽ قلعي گڏ ڪندا آهن، انهي لاءِ تہ انهي کي باهہ ڦوڪي پگهارين؛ تيئن آءٌ پنهنجي ڪاوڙ ۽ جوش ۾ اوهان کي بہ گڏ ڪندس ۽ اُتي رکي پگهاريندس.</verse>
				<verse number="21">هائو، آءٌ اوهان کي گڏ ڪندس، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي باهہ ڦوڪي اوهان ۾ وجهندس؛ ۽ انهي جي ڪري اوهين پگهري ويندا.</verse>
				<verse number="22">جيئن چاندي کوري جي وچ ۾ پگهرندي آهي، تيئن اوهين بہ اُن جي وچ ۾ پگهري ويندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ مون خداوند پنهنجي ڪاوڙ اوهان تي ڇنڊي آهي.</verse>
				<verse number="23">۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو؛ تہ</verse>
				<verse number="24">اي آدمزاد، هن کي چئُہ تہ تون اُها زمين آهين جا صاف نہ ٿي آهي، ۽ نہ جنهن تي ڪاوڙ جي ڏينهن مينهن پيو آهي.</verse>
				<verse number="25">ان جي وچ ۾ سندس نبين جو منصوبو پيو هلي، ڄڻ تہ ڪو گجندڙ شينهن شڪار کي پيو ڦاڙي: هنن ماڻهو ڳهي ڇڏيا آهن؛ هو خزانو ۽ قيمتي شيون کڻن ٿا: هنن ان جي وچ ۾ گهڻيون زالون بيواهہ ڪيون آهن.</verse>
				<verse number="26">هن جي ڪاهنن منهنجي شريعت جي انحرافي ڪئي آهي، ۽ منهنجين پاڪ شين جي بي ادبي ڪئي اٿن. هنن پاڪ ۽ عام شين جي وچ ۾ ڪوبہ فرق نہ رکيو آهي، نڪي هنن ماڻهن کي پاڪ ۽ ناپاڪ شين جي وچ ۾ تفاوت معلوم ڪرايو آهي، ۽ هنن منهنجن سبتن کان پنهنجون اکيون لڪايون آهن، ۽ سبت جي ڏينهن منهنجي بي ادبي ٿي آهي.</verse>
				<verse number="27">هنن جا سردار سندن وچ ۾ انهن بگهڙن وانگر آهن، جي شڪار ڦاڙيندا آهن، انهي لاءِ تہ رت وهائين ۽ ماڻهن کي ناس ڪن، ۽ انهي طرح ڪپت سان فائدو حاصل ڪن.</verse>
				<verse number="28">۽ هن جي نبين پنهنجي لاءِ اڻ گڏيل گاري سان لنب ڪئي آهي، ۽ باطل شيون ڏسن ٿا، ۽ پنهنجي لاءِ ڪوڙيون فالون ٿا وجهن، ۽ چون ٿا تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، پر خداوند ائين نہ فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="29">انهي ملڪ جي ماڻهن ظلم ڪيو آهي، ۽ ڦر مچائي اٿن؛ هائو، هنن غريبن ۽ محتاجن کي ستايو آهي ۽ پرديسين سان ناحق زبردستي ڪئي اٿن.</verse>
				<verse number="30">۽ مون گهڻو ئي ڳوليو تہ من انهن ۾ ڪو اهڙو ماڻهو هجي جو پناهہ جي ڀت جوڙي، ۽ انهي ملڪ لاءِ منهنجي اڳيان ڀڳل هنڌ تي بيهي تہ آءٌ کين ناس نہ ڪريان، پر اهڙو ڪوبہ مون نہ ڏٺو.</verse>
				<verse number="31">تنهنڪري مون پنهنجي ڪاوڙ هنن تي ڇنڊي آهي؛ مون پنهنجي غضب جي باهہ سان هنن کي ساڙي کپائي ڇڏيو آهي: خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون هنن جي راهہ خود سندن سر تي آندي آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="23">
				<verse number="1">خداوند جو ڪلام وري بہ مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">اي آدمزاد، ڪي ٻہ زالون، هڪڙي ماءُ جون ڌيئرون هيون:</verse>
				<verse number="3">انهن مصر ۾ زناڪاري جا ڪم ڪيا؛ بلڪ انهن جوانيءَ جي ڏينهن ۾ زناڪاريءَ جا ڪم ڪيا؛ اُتي هنن جون ڇاتيون مليون ويون، ۽ اُتي هنن جي ڪنوارپڻ جا ڏُڪ نپوڙيا ويا.</verse>
				<verse number="4">۽ انهن مان وڏيءَ جو نالو اهولہ هو ۽ ان جي ننڍي ڀيڻ جو اهوليبہ هو: اُهي منهنجون ٿيون، ۽ پٽ ۽ ڌيئرون ڄڻيائون. هاڻي اهولہ آهي سامريا ۽ اهوليبہ آهي يروشلم.</verse>
				<verse number="5">۽ جڏهن اهولہ منهنجي ٿي تڏهن زناڪاري ڪرڻ لڳي؛ ۽ پنهنجن سينڌن تي، يعني اسوري جي سندن پاڙيسري هئا، تن کي حد کان وڌيڪ پيار ڪرڻ لڳي،</verse>
				<verse number="6">۽ انهن کي آسماني ڪپڙا پيل هئا، ۽ اُهي نواب ۽ حاڪم هئا، سڀيئي دلپسند جوان ماڻهو، ۽ گهوڙن تي چڙهڻ وارا گهوڙي سوار هئا.</verse>
				<verse number="7">اُهي سڀيئي جي اسور جا چونڊيل ماڻهو هئا، تن سان هن زناڪاري ڪئي: ۽ جن تي هن جو حد کان وڌيڪ پيار هو، ۽ انهن جي سڀني بُتن سان هن پاڻ کي ناپاڪ ڪيو.</verse>
				<verse number="8">هن مصر جي ڏينهن کان وٺي اڃا پنهنجون زناڪاريون نہ ڇڏيون آهن؛ ڇالاءِ جو هو سندس جوانيءَ ۾ ساڻس گڏ سمهيا، ۽ سندس ڪنوارپڻ وارا ڏُڪ نپوڙيا هئائون. ۽ هنن ساڻس خوب زنا ڪئي.</verse>
				<verse number="9">جنهنڪري مون هن کي سندس سينڌن جي حوالي ڪري ڇڏيو، يعني اسورين جي حوالي، جن سان هن جي حد کان گهڻي محبت هوندي هئي.</verse>
				<verse number="10">انهن هن کي اگهاڙو ڪيو، انهن سندس پٽ ۽ ڌيئرون قابو ڪيون، ۽ کيس ترار سان ڪُهي ڇڏيائون: ۽ هوءَ زالن ۾ هڪڙو پهاڪو ٿي ويئي، ڇالاءِ جو انهن مٿس فتوائن جي تعميل ڪئي.</verse>
				<verse number="11">۽ سندس ڀيڻ اهوليبہ اهو حال ڏٺو، پر اُها هن کان بہ وڌيڪ پنهنجي عشقبازيءَ ۾ خراب هئي، ۽ پنهنجين زناڪارين ۾ بہ، جي سندس ڀيڻ جي زناڪارين کان وڌيڪ هيون.</verse>
				<verse number="12">هوءَ اسورين، نوابن توڙي حاڪمن، يعني پنهنجي پاڙيسرين تي مست هئي، جن کي نهايت عمديون پوشاڪون پيل هيون، ۽ گهوڙن تي چڙهڻ وارا گهوڙي سوار هئا، جي سڀ دلپسند جوان مرد هئا.</verse>
				<verse number="13">۽ مون ڏٺو تہ هوءَ ناپاڪ ٿي آهي؛ اُنهن ٻنهي هڪڙو ئي رستو ورتو آهي.</verse>
				<verse number="14">هوءَ پنهنجون زناڪاريون وڌائڻ لڳي؛ ڇالاءِ جو هن ماڻهن جون تصويرون ڀِت تي نڪتل ڏٺيون، يعني شنگرف سان نڪتل ڪسدين جون شڪليون.</verse>
				<verse number="15">جن جي چيلهين تي ڪمربند ٻڌل هئا، ۽ انهن جي مٿي تي رنگين پٽڪا هئا، سڀ ڏسڻ ۾ سردار ٿي آيا، جهڙا بابل جا رهاڪو ڪسديہ ۾.</verse>
				<verse number="16">هوءَ ڏسڻ سان انهن تي عاشق ٿي پيئي ۽ هنن وٽ ڪسديہ ۾ قاصد موڪليائين.</verse>
				<verse number="17">۽ بابل جا رهاڪو وٽس آيا ۽ سندس عشق واري بستري تي چڙهي ساڻس زنا ڪري کيس ناپاڪ ڪيائون، ۽ هوءَ انهن سان ناپاڪ ٿي، ۽ سندس روح انهن کان ڇڄي ڌار ٿيو.</verse>
				<verse number="18">انهي طرح هن پنهنجون زناڪاريون ۽ پنهنجي اوگهڙ ظاهر ڪئي: تڏهن منهنجو روح هن کان ڇڄي ڌار ٿيو. جيئن منهنجو روح هن جي ڀيڻ کان ڇڄي ڌار ٿيو هو.</verse>
				<verse number="19">انهي هوندي بہ هوءَ ويئي پنهنجون زناڪاريون وڌائيندي، ۽ پنهنجي جوانيءَ جا ڏينهن ياد ڪندي، جڏهن هوءَ مصر جي زمين ۾ ڪڃريءَ وارو ڪسب ڪندي رهندي هئي.</verse>
				<verse number="20">۽ هوءَ پنهنجي سينڌن تي مرڻ لڳي، جن جو عضوو گڏهن جي عضوي جهڙو آهي، ۽ جن جي مني گهوڙن جي منيءَ جهڙي آهي.</verse>
				<verse number="21">انهي طرح تو پنهنجي جوانيءَ واري شهوت پرستي ياد ڪئي، جو مصري تنهنجا ڏُڪ نپوڙيندا هئا، ۽ تنهنجي جوانيءَ جون ڇاتيون مَليندا هئا.</verse>
				<verse number="22">تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ تنهنجا اُهي عاشق توتي اُٿاري آڻيندس، جن کان تنهنجو روح ڇڄي ڌار ٿيو آهي، ۽ اُهي آءٌ هر طرف کان تنهنجي برخلاف آڻيندس؛</verse>
				<verse number="23">بابلي ۽ سڀ ڪسدي، فقود ۽ شوع، ۽ قوع، انهن سان گڏ سڀ اسوري: دلپسند جوان مرد، سڀيئي نواب ۽ حاڪم، سردار ۽ ناميارا ماڻهو، سڀ گهوڙن تي چڙهيل.</verse>
				<verse number="24">۽ هو هٿيارن، گاڏين، ۽ گاڏن، ۽ ماڻهن جي هڪڙي ميڙ سان توتي چڙهي ايندا؛ هو ڍال، ۽ سپر، ۽ جنگي توپ سان چوڌاري توتي سنبري ايندا: ۽ آءٌ عدالت جو ڪم هنن جي ذمي ڪندس، ۽ هو پنهنجن فيصلن موجب توتي فتويٰ جاري ڪندا.</verse>
				<verse number="25">آءٌ پنهنجي غيرت تنهنجي برخلاف کڙي ڪندس، ۽ اُهي توسان ڏاڍيءَ سختيءَ جي هلت ڪندا؛ اُهي تنهنجو نڪ ۽ تنهنجا ڪَن وڍي ڇڏيندا، ۽ تنهنجا باقي بچيل ماڻهو ترار سان ڪِرندا: هو تنهنجا پٽ ۽ تنهنجون ڌيئرون گرفتار ڪندا، ۽ تنهنجي باقي بچيلن کي باهہ ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.</verse>
				<verse number="26">هو تنهنجا ڪپڙا بہ لاهي ويندا، ۽ تنهنجا سهڻا زيور بہ کڻي ويندا.</verse>
				<verse number="27">انهي طرح آءٌ تنهنجي شهوت پرستي ۽ تنهنجي زناڪاري، جا تو مصر جي ملڪ مان آندي، سا تو مان ڪڍي ڇڏيندس؛ جنهنڪري تون پنهنجون اکيون هنن ڏانهن نہ کڻندينءَ ۽ نہ وري مصر کي ياد ڪندينءَ.</verse>
				<verse number="28">ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ توکي انهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس، جن کي تون ڌڪارين ٿي، انهن جي هٿن ۾ جن کان تنهنجو روح ڇڄي ڌار ٿيو آهي:</verse>
				<verse number="29">۽ هو توسان دشمنيءَ جي هلت ڪندا، ۽ تنهنجو سڀ پورهيو کڻي ويندا، ۽ توکي اُگهاڙو ننگو ڇڏي ويندا؛ ۽ تنهنجي زناڪارين جي اوگهڙ، تنهنجي شهوت پرستي، توڙي تنهنجون زناڪاريون ظاهر ٿي پونديون.</verse>
				<verse number="30">اهي سڀ ڳالهيون توسان ڪيون وينديون، ڇالاءِ جو تون غير قومن جي پٺيان زناڪاري ڪندي رهي آهين، ۽ ڇالاءِ جو تون انهن جي بُتن سان ناپاڪ ٿي آهين.</verse>
				<verse number="31">تون پنهنجي ڀيڻ جي رستي تي پي هلي آهين؛ تنهنڪري آءٌ هن جو پيالو تنهنجي هٿ ۾ ڏيندس.</verse>
				<verse number="32">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تون پنهنجي ڀيڻ جي پيالي مان پيئندينءَ، جو اونهو ۽ وڏو آهي: توتي کل ٺٺولي ٿيندي، ۽ توتي مسخريون ڪندا، تہ اُنهي ۾ گهڻو ڪجهہ اچي وڃي ٿو.</verse>
				<verse number="33">تون حيرت ۽ ويراني جي پيالي سان، پنهنجي ڀيڻ سامريہ جي پيالي سان، نشي ۽ ڏک سان، ڀرجي ويندينءَ.</verse>
				<verse number="34">بلڪ تون اُهو سڄو پي ويندينءَ ۽ ذرو بہ نہ ڇڏيندينءَ، ان جا ڀڳل ٽڪر بہ چٻاڙي ويندينءَ، ۽ پنهنجون ڇاتيون ڦاڙيندينءَ: ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون ائين فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="35">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو تو مون کي وساري ڇڏيو آهي، ۽ مون کي پنهنجي پٺيان اُڇلائي ڇڏيو اٿيئي، تنهنڪري تون پنهنجي شهوت پرستي ۽ پنهنجون زناڪاريون بہ پاڻ کڻ.</verse>
				<verse number="36">خداوند هيترو بہ وڌيڪ مون کي چيو، تہ اي آدمزاد، تون اهولہ ۽ اهوليبہ جي عدالت ڪندين ڇا؟ تڏهن انهن کي سندن ڪراهت جهڙا ڪم ظاهر ڪري ٻڌاءِ.</verse>
				<verse number="37">ڇالاءِ جو هنن زناڪاري ڪئي آهي ۽ انهن جي هٿن تي رت آهي، ۽ پنهنجن بُتن سان هنن زنا ڪئي آهي؛ ۽ جيڪي پٽ هنن مون مان ڄڻيا تن کي بہ هنن انهن لاءِ باهہ مان لنگهايو آهي، تہ ڳڙڪي وڃن.</verse>
				<verse number="38">تنهن کانسواءِ هنن هي بہ مون سان ڪيو آهي: انهي ساڳي ڏينهن هنن منهنجو پاڪ مڪان پليت ڪيو آهي، ۽ منهنجن سبتن جي بي ادبي ڪئي اٿن.</verse>
				<verse number="39">ڇالاءِ جو پنهنجن ٻارن کي پنهنجن بُتن تي ڪُهڻ کانپوءِ ساڳئي ڏينهن هو منهنجي پاڪ مڪان ۾ آيا تہ انهي کي پليت ڪن؛ ۽ ڏس، منهنجي گهر جي وچ ۾ هنن ائين ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="40">تنهن کانسواءِ اوهان اُهي ماڻهو گهرايا آهن جي پري کان ٿا اچن: جن ڏانهن قاصد موڪليو ويو هو ۽ ڏسو اُهي آيا؛ جن جي لاءِ تو غسل ڪيو، ۽ پنهنجين اکين ۾ ڪجل وڌو، ۽ پاڻ کي ڳهن ڳٺن سان سينگاريو؛</verse>
				<verse number="41">۽ هڪڙي شاهي بستري تي چڙهي ويٺينءَ ۽ تو انهي جي اڳيان هڪڙي ميز ٺاهي رکي، جنهن تي تو منهنجو لوبان ۽ منهنجو تيل رکيو.</verse>
				<verse number="42">۽ وٽس عياش ماڻهن جو آواز هو: ۽ بيابان مان عام قسم جي ماڻهن سان شرابي آندا ويا؛ ۽ انهن هنن ٻنهي جي هٿن ۾ ڪنگڻ وڌا ۽ هنن جي مٿي تي سهڻا ڇٽ رکيائون.</verse>
				<verse number="43">تڏهن مون انهي کي چيو، جا زناڪاري ڪري ڪري اچي پڪي ٿي هئي، تہ هاڻي اُهي هن سان زناڪاريون ڪندا، ۽ هوءَ انهن سان سمهندي.</verse>
				<verse number="44">۽ هو وٽس ويا، جيئن ماڻهو ڪنهن ڪڃريءَ وٽ ويندا آهن: انهي طرح هو انهن فاحشہ زالن اهولہ ۽ اهوليبہ وٽ ويا.</verse>
				<verse number="45">تنهنڪري سچا ماڻهو زناڪار زالن جي فتويٰ ۽ خوني زالن واري فتويٰ هنن جي حق ۾ جاري ڪندا، ڇالاءِ جو هو زناڪار آهن ۽ هنن جي هٿن ۾ رت آهي.</verse>
				<verse number="46">تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن تي هڪڙي جماعت چاڙهي آڻيندس، ۽ هنن کي هيڏي هوڏي اُڇلجڻ ۽ ڦرجڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="47">۽ اُها جماعت هنن کي پٿرن سان سنگسار ڪندي، ۽ پنهنجن ترارن سان ماري ڇڏيندي: هو انهن جا پٽ ۽ ڌيئرون ڪُهندا، ۽ هنن جا گهر باهہ سان ساڙي ڇڏيندا.</verse>
				<verse number="48">انهي طرح آءٌ شهوت پرستي زمين مان بند ڪرائي ڇڏيندس، تہ سڀ زالون عبرت وٺن، ۽ اوهان جي شهوت پرستي جي پيروي نہ ڪن.</verse>
				<verse number="49">۽ هو اوهان جي شهوت پرستيءَ جو بدلو اوهان تي آڻيندا؛ ۽ اوهين پنهنجن بُتن جا گناهہ کڻنديون: ۽ اوهين ڄاڻنديون تہ آءٌ خداوند خدا آهيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="24">
				<verse number="1">وري نائين سال ۾، ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">اي آدمزاد، تون هنن ڏينهن جو نالو لک، يعني اڄوڪي ساڳئي ڏينهن جو: اڄوڪي ساڳي ڏينهن بابل جو بادشاهہ يروشلم کي رڙهي ويجهو ٿيندو.</verse>
				<verse number="3">۽ اُنهي باغي گهراڻي کي هڪڙو مثال ڏيئي ٻڌاءِ، ۽ چئين تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ديڳ چاڙهہ ۽ انهي ۾ پاڻي ڀري ڇڏ.</verse>
				<verse number="4">۽ هن جا ٽڪر گڏي انهي ۾ وجهہ، يعني سڀڪو چڱو ٽڪر، ران ۽ ڪلهو؛ انهي کي چونڊيل هڏن سان ڀر.</verse>
				<verse number="5">ڌڻ مان بہ ڪي چونڊي هٿ ڪر، ۽ انهي جي هيٺان هڏين جو ڍير رک: پوءِ انهي کي خوب ڪاڙهہ، ڀلي تہ انهي جا هڏا انهي ۾ ڳري وڃن.</verse>
				<verse number="6">انهي ڪري خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ ويل آهي انهي خوني شهر سان ۽ انهي ديڳ سان جنهن جو ڪٽ انهي ۾ آهي، ۽ جنهن جو ڪٽ انهي مان لاٿو نہ ويو آهي! ٽڪر ٽڪر ڪري انهي کي ٻاهر ڪڍ؛ انهي تي ڪو ڪُڻو نہ پيو آهي.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو ان جو رت ان جي وچ ۾ آهي، هن اُهو اُگهاڙي ٽڪر تي رکيو؛ هن اُهو زمين تي نہ هاري وڌو تہ مٽيءَ سان ڍڪجي وڃي.</verse>
				<verse number="8">مون بہ هن جو رت اُگهاڙي ٽڪر تي رکيو آهي، انهي لاءِ تہ اُهو ڍڪجي نہ، تہ وير وٺڻ لاءِ ڪاوڙ کي چاڙهي اچي.</verse>
				<verse number="9">تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ويل آهي انهي خوني شهر سان! آءٌ بہ اُهو ڍڳ وڏو ڪندس.</verse>
				<verse number="10">ڪاٺيون ڍير ڪريو، باهہ جو مچ ٻاريو، گوشت چڱيءَ طرح رڌيو، ۽ شوروو گهاٽو ڪريو، ۽ هڏيون ساڙي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="11">پوءِ انهي کي خالي ڪري ٽانڊن تي رکي ڇڏيو تہ اُها گرم رهي، ۽ ان جو پتل سڙي، ۽ ان جي گندگي ان ۾ پگهري وڃي، ۽ ڪٽ سڙي کپي وڃي.</verse>
				<verse number="12">هن محنت سان پاڻ کي ٿڪائي وڌو آهي: انهي هوندي بہ سندس وڏو ڪٽ منجهانئس ڪين نڪتو آهي؛ هن جو ڪٽ باهہ سان نڪري نٿو وڃي.</verse>
				<verse number="13">تنهنجي گندگيءَ ۾ شهوت پرستي آهي: ڇالاءِ جو جڏهن مون توکي صاف ۽ پاڪ ڪيو، تڏهن تون صاف نہ ٿئينءَ، سو اڳتي تون ڪڏهن بہ پنهنجي گندگيءَ کان صاف نہ ٿيندينءَ، جيستائين آءٌ پنهنجي ڪاوڙ توتي ڇنڊي نہ رهندس.</verse>
				<verse number="14">مون خداوند فرمايو آهي: اهو ضرور ٿيندو، ۽ آءٌ ائين ڪندس؛ آءٌ پشيمان نہ ٿيندس؛ نڪي آءٌ گذر ڪندس، نڪي آءٌ ڦرندس؛ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ تنهنجين راهن موافق هو تنهنجي عدالت ڪندا.</verse>
				<verse number="15">هي بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="16">اي آدمزاد، ڏس آءٌ هڪڙي ڌڪ سان توکان تنهنجين اکين جي پياري کسي ٿو وٺان: انهي هوندي بہ نہ تون ماتم ڪندين، نہ روئندين ۽ نہ ڳوڙها ڳاڙيندين.</verse>
				<verse number="17">آهون ڀر، پر آهستي؛ مُئل جي لاءِ ماتم اصل نہ ڪر، پنهنجي مٿي تي پٽڪو ٻڌ ۽ پيرن ۾ جُتي پاءِ، ۽ پنهنجا چپ نہ ڍڪ، ۽ سوءَ جي ماني نہ کاءُ.</verse>
				<verse number="18">سو صبح جو ماڻهن سان مون اها ڳالهہ ڪئي، ۽ شام جو منهنجي زال مري ويئي: ۽ جيئن حڪم مليو هوم تيئن صبح جو ڪيم.</verse>
				<verse number="19">۽ ماڻهن مون کي چيو تہ تون اسان کي ٻڌائيندين يا نہ، تہ جيڪي تون ڪرين ٿو تنهن جو اسان سان ڪهڙو واسطو آهي؟</verse>
				<verse number="20">تڏهن مون هنن کي چيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="21">اسرائيل جي گهراڻي کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ پنهنجو پاڪ مڪان، جو اوهان جي طاقت جو فخر آهي، ۽ اوهان جي اکين جي خواهش آهي، ۽ جنهن تي اوهان جو هانءُ ٿو ڪُرڪي، تنهن کي آءٌ ناپاڪ ڪندس، ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئرون، جي اوهين پٺيان ڇڏي آيا آهيو، سي ترار سان ڪِرندا.</verse>
				<verse number="22">۽ اوهين ائين ڪندا جيئن مون ڪيو آهي؛ اوهين پنهنجا چپ نہ ڍڪيندا ۽ نہ سوءَ جي ماني کائيندا.</verse>
				<verse number="23">اوهان جا پٽڪا اوهانجن مٿن تي هوندا، ۽ اوهان جون جُتيون اوهانجن پيرن ۾ هونديون: اوهين نہ روئندا نہ رڙندا، پر اوهين پنهنجين بدڪارين جي ڪري ڳڻتيءَ ۾ ڳري ويندا، ۽ هڪ ٻئي سان ڏک سور اوريندا.</verse>
				<verse number="24">انهي طرح حزقي ايل اوهان جي لاءِ هڪڙو نشان ٿيندو: جيئن هن ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ڪندا: جڏهن ائين ٿيندو تڏهن اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند خدا آهيان.</verse>
				<verse number="25">۽ اي آدمزاد، تون ڏس، جنهن ڏينهن آءٌ هنن کان سندن طاقت، سندن وڏائي جي خوشي، سندن اکين جي خواهش، ۽ اُهي جي سندن دل گهُريا آهن، يعني سندن پٽ ۽ سندن ڌيئرون، سي کسي وٺندس،</verse>
				<verse number="26">انهي ڏينهن ائين نہ ٿيندو ڇا تہ جيڪو ڀڄندو سو تو وٽ ايندو، ۽ اهو احوال تنهنجن ڪَنن ۾ بيان ڪندو.</verse>
				<verse number="27">انهي ڏينهن جيڪو ڀڄي تو وٽ اچي، تنهن جي اڳيان پنهنجو وات پَٽج، ۽ ڳالهائج ۽ وڌيڪ گونگو نہ رهج؛ انهي طرح تون هنن جي لاءِ هڪڙو نشان ٿيندين، ۽ پوءِ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="25">
				<verse number="1">۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">اي آدمزاد، پنهنجو رخ بني عمون ڏانهن رک ۽ انهن جي برخلاف نبوت ڪر:</verse>
				<verse number="3">۽ بني عمون کي چئُہ تہ خداوند خدا جو ڪلام ٻڌو؛ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن منهنجو پاڪ مڪان ناپاڪ ٿيو، ۽ جڏهن اسرائيل جي زمين ويران ڪئي ويئي، ۽ جڏهن يهوداہ جو گهراڻو قيد ٿي ويو، تڏهن اوهان خوشي ڪئي:</verse>
				<verse number="4">تنهنڪري ڏس، آءٌ توکي اُڀرندي جي ماڻهن جي حوالي ڪندس تہ تون انهن جي ملڪيت ٿين، ۽ اُهي قوم ۾ منزلگاهہ ڪندا، ۽ تو ۾ پنهنجي رهڻ جون جايون جوڙيندا؛ هو تنهنجا ميوا کائيندا، ۽ تنهنجو کير پيئندا.</verse>
				<verse number="5">۽ آءٌ ربہ کي اُٺن جي ويهڪ جي جاءِ ڪندس، ۽ بني عمون جي زمين کي ڌڻ جي ليٽڻ جي جاءِ ڪندس: ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تو تاڙيون وڄايون آهن، ۽ پير زمين تي ٺوڪيا آهن، ۽ اسرائيل جي ملڪ تي پنهنجي دل جي نهايت نفرت ڏيکارڻ سان خوشي ڪئي اٿيئي؛</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري ڏس مون پنهنجو هٿ توتي ڊگهيريو آهي، ۽ توکي لٽجڻ جي لاءِ قومن جي حوالي ڪري ڇڏيندس؛ ۽ آءٌ قومن مان توکي وڍي ڇڏيندس، ۽ توکي ملڪن کان ٻاهر ماري چٽ ڪري ڇڏيندس: آءٌ توکي ناس ڪندس؛ ۽ تون ڄاڻندين تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="8">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ موآب ۽ شعير چون ٿا تہ ڏسو يهوداہ جو گهراڻو ٻين سڀني قومن جهڙو آهي.</verse>
				<verse number="9">تنهنڪري ڏس، آءٌ موآب جو پاسو کوليندس يعني سندس سرحدن جي شهر کان بيٿ يسيموت، بعل معون، ۽ قريتائم تائين، جي ملڪ جو فخر آهن.</verse>
				<verse number="10">انهي لاءِ تہ اُڀرندي جا رهاڪو موآب ۽ بني عمون تي ڪاهي وڃن؛ ۽ اُهي آءٌ هنن کي ملڪيت ڪري ڏيندس، تہ بني عمون قومن ۾ شمار نہ ڪيا وڃن.</verse>
				<verse number="11">۽ آءٌ موآب تي فتويٰ تعميل ڪندس؛ ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="12">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ادوم يهوداہ جي گهراڻي کان بدلو وٺڻ ۾ هن کي ڏاڍو رنج ڪيو آهي، ۽ انهن کان پنهنجو وير ورتو اٿس؛</verse>
				<verse number="13">تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ آءٌ پنهنجو هٿ ادوم تي ڊگهيريندس، ۽ انهي مان ماڻهو توڙي جانور وڍي ڇڏيندس: ۽ آءٌ انهي کي تيمان کان وٺي اهڙو ويران ڪندس، جو ددان تائين اُهي ترار سان ڪِرندا.</verse>
				<verse number="14">۽ آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جي هٿان ادوم کان پنهنجو وير وٺندس؛ ۽ اهي ادوم ۾ منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجي غصي موجب هلت ڪندا: ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ هو منهنجو انتقام ڄاڻندا.</verse>
				<verse number="15">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ فلستين دشمنيءَ جي هلت ڪئي آهي، ۽ مدامي دشمني سان اُن کي ناس ڪرڻ جي لاءِ، بلڪ دل جي نفرت سان وير ورتو اٿن.</verse>
				<verse number="16">تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ فلستين تي پنهنجو هٿ ڊگهو ڪندس، ۽ ڪريتين کي وڍي ڇڏيندس، ۽ سمنڊ جي ڪناري وارا باقي رهيل ماڻهو ناس ڪندس.</verse>
				<verse number="17">۽ آءٌ سخت ملامتن سان هنن کان وير وٺندس، ۽ هو تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند خدا آهيان، جڏهن آءٌ پنهنجو غضب هنن تي نازل ڪندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="26">
				<verse number="1">۽ يارهين سال ۾، مهيني جي پهرين تاريخ هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">اي آدمزاد، صور يروشلم جي بابت چيو آهي تہ واهہ واهہ، جيڪو قومن جو دروازو هو سو ڀڄي پيو آهي؛ هاڻي هن مون ڏانهن رخ رکيو آهي، هاڻي جڏهن هو پاڻ ويران ٿي ويو آهي تڏهن آءٌ ڀرجي ويندس.</verse>
				<verse number="3">تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي صور آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، ۽ گهڻين قومن کي توتي چاڙهي آڻيندس، جيئن سمنڊ پنهنجون لهرون چاڙهي ايندو آهي.</verse>
				<verse number="4">۽ اُهي صور جون ڀتيون ڀڃي ڇڏيندا ۽ سندس ٺلهہ ڊاهي ڇڏيندا: آءٌ سندس مٽي بہ مٿانئس کرڙي لاهي ڇڏيندس، ۽ کيس اُگهاڙو ٽڪر ڪري ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="5">هو سمنڊ جي وچ ۾ ڄارن پکيڙڻ جو هنڌ ٿيندو؛ ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو چوي تہ مون ائين فرمايو آهي: هو قومن جي لاءِ لٽ جو مال ٿيندو.</verse>
				<verse number="6">۽ هن جون ڌيئرون جي جهنگ ۾ آهن سي ترار سان قتل ڪيون وينديون: ۽ اُهي ڄاڻنديون تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ صور تي، اُتر کان بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر، جو شهنشاهہ آهي، تنهن کي گهوڙن سان، ۽ گاڏين سان، ۽ گهوڙي سوارن سان، ۽ هڪڙي لشڪر ۽ گهڻن ماڻهن سان آڻيندس.</verse>
				<verse number="8">هو جهنگ ۾ تنهنجين ڌيئرن کي ترار سان قتل ڪندو: ۽ هو توسان وڙهڻ لاءِ قلعا جوڙائيندو، ۽ تنهنجي سامهون بند ٻڌائيندو، ۽ تنهنجي برخلاف سپر کڻندو.</verse>
				<verse number="9">هو تنهنجين ڀِتين تي ڀِتين ڀڃڻ واريون ڪَلون آڻي بيهاريندو، ۽ پنهنجي ڪهاڙن سان تنهنجا ٺلهہ ڀڃي ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="10">هن جي گهوڙن جي گهڻائيءَ کان انهن جي مٽي توکي ڍڪي ڇڏيندي: جڏهن هو تنهنجن درن اندر گهڙي ايندو، جيئن ماڻهو ڀِت ڀڳل شهر ۾ گهڙي ايندا آهن، تڏهن تنهنجون ڀِتيون گهوڙي سوارن، ۽ گاڏن، ۽ گاڏين جي گوڙ تي لڏي وينديون.</verse>
				<verse number="11">هو تنهنجون سڀ گهٽيون پنهنجي گهوڙن جي سنبن سان لتاڙيندو: هو ترار سان تنهنجا ماڻهو ماريندو، ۽ تنهنجي زور جا ٿنڀ زمين تي ڪِري پوندا.</verse>
				<verse number="12">۽ هو تنهنجي دولت لٽيندا ۽ تنهنجي سوداگري جو مال ڦري کڻي ويندا: ۽ هو تنهنجون ڀِتيون ڀڃندا ۽ تنهنجا دلپسند گهر ناس ڪري ڇڏيندا: ۽ تنهنجا پٿر، ۽ تنهنجو ڪاٺ، ۽ تنهنجي مٽي پاڻين جي وچ ۾ رکندا.</verse>
				<verse number="13">۽ آءٌ تنهنجي راڳن جو هُل بند ڪرائي ڇڏيندس؛ ۽ تنهنجن بربطن جو آواز وري اڳتي ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.</verse>
				<verse number="14">آءٌ توکي اُگهاڙو ٽڪر ڪري ڇڏيندس: تون ڄارن پکيڙڻ لاءِ ٿيندين؛ تون وري نہ اڏبين: ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو چوي تہ مون خداوند ائين فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="15">خداوند خدا صور کي هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن تنهنجي وچ ۾ ڪوس ٿيندو، ۽ ڦٽيل ماڻهو ڪنجهندا، تڏهن تنهنجي ڪِرڻ جي آواز تي ٻيٽ لُڏي نہ ويندا ڇا؟</verse>
				<verse number="16">پوءِ سمنڊ جا سڀ بادشاهہ پنهنجن تختن تان هيٺ لهي ايندا، ۽ پنهنجا شاهي قبا لاهي رکندا، ۽ پنهنجا ڀرت وارا ڪپڙا لاهي ڇڏيندا: هو پاڻ کي ڏڪڻيءَ سان ڍڪيندا: هو زمين تي ويهندا، ۽ هر لحظي ڏڪندا، ۽ توتي حيران ٿيندا.</verse>
				<verse number="17">۽ تو لاءِ هو هڪڙو مرثيو کڻندا ۽ توکي چوندا تہ تون، جنهن ۾ سمنڊ تي سفر ڪندڙ ماڻهو رهندا هئا، يعني مشهور شهر جو سمنڊ ۾ مضبوط هو، ۽ انهي جا رهاڪو، جن منجهس آمدرفت پئي ڪئي! ۽ جن پنهنجو خوف سڀني تي ٿي وڌو، تون ڪيئن نہ ناس ٿي وئين!</verse>
				<verse number="18">هاڻي تنهنجي ڪِرڻ واري ڏينهن ٻيٽ ڏڪي ويندا، هائو، جيڪي ٻيٽ سمنڊ ۾ آهن سي تنهنجي لڏڻ تي حيران پريشان ٿيندا.</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن آءٌ توکي سُڃن شهرن وانگي ويران شهر ڪندس؛ جڏهن آءٌ توتي سمنڊ چاڙهي آڻيندس، ۽ وڏا پاڻي توکي ڍڪي ڇڏيندا؛</verse>
				<verse number="20">تڏهن جيڪي ماڻهو کڏ ۾ هيٺ لهي قديم وقت جي ماڻهن وٽ وڃن ٿا، انهن وٽ توکي هيٺ لاهي آڻيندس، ۽ توکي زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾، قديم وقت کان ويران جاين ۾، انهن سان گڏ رهائيندس جي پاتال ۾ وڃن ٿا، انهي لاءِ تہ تون وري آباد نہ ٿين، ۽ نہ وري آءٌ توکي جيئرن جي زمين ۾ جلال وارو ڪندس:</verse>
				<verse number="21">آءٌ توکي نيست نابود ڪندس ۽ تون ناس ٿي ويندين: خداوند خدا ٿو فرمائي تہ جيتوڻيڪ هو توکي ڳوليندا تہ بہ تون وري بہ لڀندين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="27">
				<verse number="1">خداوند جو ڪلام وري بہ مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">اي آدمزاد، تون وري بہ صور جي لاءِ هڪڙو مرثيو کڻ؛</verse>
				<verse number="3">۽ صور کي چئُہ تہ تون جو سمنڊ جي لنگهہ جي جاءِ تي رهين ٿو، ۽ گهڻن ٻيٽن جي لاءِ قومن جو سوداگر آهين، تنهن کي خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي صور، تو چيو آهي تہ آءٌ حسن ۾ ڪامل آهيان.</verse>
				<verse number="4">تنهنجون سرحدون سمنڊ جي وچ ۾ آهن، ۽ تنهنجن اڏيندڙن تنهنجو حسن ڪامل ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="5">هنن تنهنجا سڀ جهاز وارا تخت سنير جي صنوبر جي وڻن جا جوڙيا آهن: تنهنجي کوهي جوڙڻ لاءِ هنن لبنان مان ديودار جا وڻ آندا آهن.</verse>
				<verse number="6">تنهنجا ونجهہ هنن بسن جي شاهہ بلوطن مان جوڙيا آهن؛ ۽ تنهنجا ويهڻ جا صندل ڪتيم جي ٻيٽن مان شمشاد جو ڪاٺ آڻي، انهي ۾ عاج جَڙي ٺاهيا اٿن.</verse>
				<verse number="7">تنهنجو سڙهہ سنهڙي سڻيءَ جي چڪندوزي ڪپڙي جو هو، جو مصر مان آندو ويو هو، انهي لاءِ تہ اُهو تنهنجي لاءِ هڪڙو بيرق جهڙو نشان ٿئي؛ تنهنجي ڍڪ جو ٽپڙ آسماني ۽ واڱڻائي رنگ جو هو، جو اليسہ جي ٻيٽن مان آندو ويو هو.</verse>
				<verse number="8">تنهنجا ونجهہ هلائڻ وارا صيدون ۽ ارود جا رهاڪو هئا: اي صور تو ۾ جيڪي ڏاها ماڻهو هئا سي تنهنجا ناخدا هئا.</verse>
				<verse number="9">جبال جا پير مرد ۽ اُتي جا ڏاها ماڻهو تو ۾ ٽُنگن بند ڪرڻ ۽ مرمت ڪرڻ وارا هئا: سمنڊ جا سڀ جهاز پنهنجي خلاصين سوڌا تو وٽ هئا، تہ اُهي تنهنجي سوداگريءَ جو ڪم ڪن.</verse>
				<verse number="10">فارس ۽ لود ۽ فوطہ جا ماڻهو تنهنجي لشڪر ۾ تنهنجا جنگي پهلوان هئا: هنن سپر ۽ جنگي توپ تو ۾ ٽنگيا هئا؛ هنن تنهنجي رونق وڌائي.</verse>
				<verse number="11">ارود جا ماڻهو تنهنجي لشڪرن سان چوڌاري تنهنجي ڀتين تي هئا، بهادر مرد تنهنجي ٺلهن تي هئا: انهن پنهنجون سپرون چوڌاري تنهنجين ڀِتين تي ٽنگي ڇڏيون، انهن تنهنجو حسن ڪامل ڪيو.</verse>
				<verse number="12">ترسيس هر قسم جي دولت جي گهڻائيءَ ڪري تنهنجو سوداگر هو؛ ۽ پنهنجن وٿن جي لاءِ هنن چاندي، لوهہ، قلعي ۽ شيهي سان واپار ٿي ڪيو.</verse>
				<verse number="13">ياوان، توبل، ۽ مسڪ تنهنجي ڏيتي ليتي ڪرڻ وارا واپاري هئا: هنن تنهنجي لاءِ ٻانهن ۽ پتل جي باسڻن جو واپار ٿي ڪيو.</verse>
				<verse number="14">تجرماہ جي گهراڻي وارا گهوڙا، ۽ جنگي گهوڙا، ۽ خچر ڏيئي، تنهنجون وٿون وٺندا هئا.</verse>
				<verse number="15">ددان جا ماڻهو بہ تنهنجا واپاري هئا: گهڻا ٻيٽ تنهنجي هٿ هيٺ واپاري هئا: هو تولاءِ عاج ۽ آبنوس جا سڱ سوغات ڪري آڻيندا هئا.</verse>
				<verse number="16">ارامي تنهنجي دستڪاري وٿن جي گهڻائيءَ ڪري تنهنجا سوداگر هئا: هو تنهنجن وٿن لاءِ زمرد، قرمز ۽ چڪندوزي ڪم ۽ عمدو سنهو ڪپڙو ۽ مرجان ۽ لعلون ڏيندا هئا.</verse>
				<verse number="17">يهوداہ ۽ اسرائيل جا رهاڪو تنهنجا واپاري هئا، هو تنهنجي سوداگري مال وٺڻ جي لاءِ منت ۽ پتنگ جي ڪڻڪ، ۽ ماکي، ۽ تيل ۽ بلسان ڏيندا هئا.</verse>
				<verse number="18">دمشق بہ تنهنجن گهڻين ڪاريگريءَ جي شين لاءِ هر قسم جي دولت سبب تنهنجو واپاري هوندو هو؛ توکي هو حلبون جو شراب ۽ اڇي پشم بہ آڻي ڏيندو هو.</verse>
				<verse number="19">ددان ۽ ياوان تنهنجي سامان جي عيوض سٽ ڏيندا هئا: هو چمڪندڙ لوهہ، دال چيني ۽ ڪلمن جون ڪانيون ڏيئي، تنهنجي واپار جون وٿون وٺندا هئا.</verse>
				<verse number="20">ددان سواريءَ جي قيمتي ڪپڙن وڪڻڻ ۾ تنهنجو سوداگر هوندو هو.</verse>
				<verse number="21">عرب ۽ قيدار جا سڀ سردار واپار ۾ تنهنجا ساٿي هئا؛ رڍن ۽ گهيٽن ۽ ٻڪرين ۾ هو تنهنجا سوداگر هوندا هئا.</verse>
				<verse number="22">سبا ۽ رعماہ جا واپاري تنهنجا واپاري هوندا هئا؛ هو سڀيئي عمدا مصالحہ ۽ سڀ قيمتي پٿر ۽ سون ڏيئي تنهنجو مال وٺندا هئا.</verse>
				<verse number="23">حران، ۽ ڪنہ، ۽ عدن، ۽ سبا، ۽ اسور، ۽ ڪلمد جا واپاري تنهنجا واپاري هوندا هئا.</verse>
				<verse number="24">اُهي هئا تنهنجا واپاري عمدين وٿن ۾، آسماني چڪندوزي ڪم وارن ڪپڙن ۾، ۽ قيمتي پوشاڪن جي صندوقن ۾، جي رسن سان ٻڌل هيون ۽ ديودار جي ڪاٺ جون جڙيل هيون، اُهي تنهنجي سوداگري مال ۾ هيون.</verse>
				<verse number="25">تنهنجي سوداگري مال لاءِ ترسيس جا جهاز تنهنجا قافلا هئا: ۽ تون ڀريو پيو هئين، ۽ سمنڊن جي وچ ۾ نهايت مشهور هئين.</verse>
				<verse number="26">تنهنجن ونجهن هلائڻ وارن توکي وڏي پاڻي ۾ آندو آهي، اُڀرندي جي واءُ سمنڊ جي وچ ۾ توکي ڀڃي وڌو آهي.</verse>
				<verse number="27">تنهنجي دولت، تنهنجون شيون، تنهنجو سوداگري مال، تنهنجا خلاصي ۽ تنهنجا ناخدا، تنهنجا مرمت ڪندڙ ۽ تنهنجي مال جا سوداگر، ۽ تنهنجا سڀ جنگي ماڻهو جي تو ۾ آهن، ۽ تنهنجي سڄي جماعت جا تو ۾ آهي، اُهي سڀ تنهنجي تباهيءَ جي ڏينهن سمنڊن جي وچ ۾ ڪِري پوندا.</verse>
				<verse number="28">تنهنجن ناخدائن جي دانهن جي آواز تي، ٻهراڙيون لڏي وينديون.</verse>
				<verse number="29">۽ سڀ ونجهہ هلائڻ وارا ۽ خلاصي ۽ سمنڊ جا سڀ ناخدا پنهنجن جهازن تان لهي ايندا ۽ زمين تي اچي بيهندا،</verse>
				<verse number="30">۽ هو اهڙو پڪاريندا جو سندن آواز تنهنجي مٿان پيو ٻڌڻ ۾ ايندو: ۽ ڏاڍيون رڙيون ڪندا ۽ پنهنجن مٿن تي مٽي وجهندا ۽ خاڪ ۾ ليٽندا:</verse>
				<verse number="31">۽ هو پاڻ کي تنهنجي لاءِ گنجو ڪندا، ۽ چيلهہ سان کٿو ٻڌندا، ۽ ڏاڍو ماتم ڪري تنهنجي لاءِ گهڻي دل جي درد سان روئندا.</verse>
				<verse number="32">۽ واويلا ڪندي هو تنهنجي لاءِ مرثيا کڻندا، ۽ توتي افسوس ڪندا، ۽ چوندا تہ صور جهڙو ڪير آهي، يا انهي جهڙو جو سمنڊ جي وچ ۾ ناس ڪيو ويو آهي؟</verse>
				<verse number="33">جڏهن تنهنجو سوداگري مال سمنڊن کان پار ويندو هو، تڏهن تو گهڻين قومن کي ڀري ٿي ڇڏيو؛ تو زمين جي بادشاهن کي پنهنجي دولت ۽ پنهنجي سوداگري مال جي گهڻائيءَ سان دولتمند ٿي ڪيو.</verse>
				<verse number="34">جنهن وقت پاڻين جي اونهائي ۽ سمنڊ توکي ڀڃي ڇڏيو هو، تنهن وقت تنهنجو سوداگري مال، ۽ تنهنجي ڪل جماعت تو ۾ ڪِري پيئي.</verse>
				<verse number="35">ٻيٽن جا سڀ رهاڪو توتي حيران آهن، ۽ انهن جا بادشاهہ گهڻي خوف ۾ آهن؛ انهن جون شڪليون ئي بدلجي ويون آهن.</verse>
				<verse number="36">قومن ۾ سوداگر توتي شوڪارا ڀرين ٿا؛ تون خوف جو سبب ٿي پيو آهين؛ ۽ اڳتي وري ڪڏهن بہ نہ هوندين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="28">
				<verse number="1">خداوند جو ڪلام وري بہ مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">اي آدمزاد، صور جي بادشاهہ کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجي دل مٿي چڙهي ويئي آهي، ۽ تو چيو آهي تہ آءٌ هڪڙو خدا آهيان، ۽ خدا جي جاءِ تي سمنڊ جي وچ ۾ ٿو ويهان؛ انهي هوندي بہ تون انسان آهين ۽ نہ خدا، جيتوڻيڪ تو پنهنجي دل خدا جهڙي بنائي آهي.</verse>
				<verse number="3">ڏس تون داني ايل کان ڏاهو آهين؛ هو ڪوبہ ڳجهہ توکان لڪائي نہ سگهندا:</verse>
				<verse number="4">پنهنجي ڏاهپ ۽ پنهنجي سمجهہ سان تو دولت هٿ ڪئي آهي، ۽ پنهنجن خزانن ۾ سون ۽ روپو موجود ڪيو اٿيئي.</verse>
				<verse number="5">پنهنجي وڏي سياڻپ سان ۽ پنهنجي سوداگريءَ سان تو پنهنجي دولت وڌائي آهي، ۽ انهي دولت جي ڪري تنهنجي دل مٿي چڙهي وئي آهي:</verse>
				<verse number="6">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو تو پنهنجي دل خدا جي دل جهڙي بنائي آهي؛</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري ڏس آءٌ توتي ڌاريا ماڻهو آڻيندس جي قومن ۾ هيبتناڪ هوندا: ۽ اُهي تنهنجي ڏاهپ جي سونهن تي پنهنجون تراريون ڪڍندا ۽ تنهنجي رونق برباد ڪندا.</verse>
				<verse number="8">هو توکي لاهي کڏ ۾ وجهندا؛ ۽ تون انهن جو موت مرندين، جي سمنڊ جي وچ ۾ قتل ٿين ٿا.</verse>
				<verse number="9">پوءِ بہ تون پنهنجي قتل ڪرڻ واري جي اڳيان چوندين ڇا تہ آءٌ خدا آهيان؟ پر تون انسان آهين، نہ خدا؛ ۽ اُنهي جي هٿ ۾ آهين جو توکي زخمي ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="10">تون ڌارين جي هٿان اڻ طهريلن وارو موت مرندين: ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون ائين حڪم ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="11">وري بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="12">اي آدمزاد، صور جي بادشاهہ لاءِ مرثيو کڻ، ۽ چئينس تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تون ڪمال جو خاتم، ڏاهپ سان ڀريل، ۽ حسن ۾ ڪمال آهين.</verse>
				<verse number="13">تون خدا جي باغ عدن ۾ هئين؛ سڀ قيمتي پٿر تو ٿي ڍڪيا، ياقوت، پکراج، هيرا، فيروزا، سليماني پٿر، يشب، نيلم، زمرد، ۽ لعل ۽ سون: تنهنجي ڍولڪن ۽ بنسرين جي ڪاريگري تو ۾ هئي؛ جنهن ڏينهن تون خلقيو ويو هئين، انهي ڏينهن اُهي بہ تيار ڪيون ويون هيون.</verse>
				<verse number="14">تون مسح ڪيل ڪروبي هئين جو مٿان ڇانوَ ٿو ڪري: ۽ مون توکي مقرر ڪيو تہ خدا جي جبل تي رهين؛ تون باهہ جي پٿرن جي وچ ۾ گهمندو هئين.</verse>
				<verse number="15">جنهن ڏينهن تون خلقيو ويو هئين، انهي کان وٺي تون پنهنجين راهن ۾ ڪامل هئين، جيستائين ڪ تو ۾ بدڪاري ڏٺي ويئي.</verse>
				<verse number="16">تنهنجي واپار جي گهڻائي کان هنن تنهنجو وچ ظلم زبردستيءَ سان ڀري ڇڏيو، ۽ تو گناهہ ڪيو آهي: تنهنڪري مون توکي پليت ڄاڻي خدا جي جبل تان اُڇلائي ڇڏيو آهي، ۽ اي ڇانوَ ڏيندڙ ڪروبي، مون توکي باهہ جي پٿرن جي وچ مان ناس ڪري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="17">تنهنجي دل تنهنجي حسن جي ڪري مٿي چڙهي ويئي، ۽ تو پنهنجي رونق سبب پنهنجي ڏاهپ خراب ڪري ڇڏي آهي: مون توکي زمين تي اُڇلائي ڇڏيو آهي، مون توکي بادشاهن جي اڳيان رکيو آهي تہ اُهي توکي ڏسن.</verse>
				<verse number="18">پنهنجن گناهن جي گهڻائيءَ کان، پنهنجي واپار جي بڇڙائيءَ ڪري، تو پنهنجا پاڪ مڪان ناپاڪ ڪري ڇڏيا آهن؛ تنهنڪري مون تنهنجي وچ ۾ باهہ آندي آهي، جنهن توکي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي، ۽ تنهنجي سڀني ڏسڻ وارن جي روبرو مون توکي زمين تي ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="19">قومن مان جيڪي توکي سڃاڻن ٿا، سي سڀ توتي حيران ٿيندا: تون خوف جو سبب ٿي پيو آهين، ۽ تون اڳتي وري ڪڏهن بہ نہ هوندين.</verse>
				<verse number="20">۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="21">اي آدمزاد، پنهنجو رخ صيون ڏانهن ڪر ۽ انهي جي برخلاف نبوت ڪر،</verse>
				<verse number="22">۽ چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي صيون، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان؛ ۽ اوهان جي وچ ۾ منهنجو جلال ظاهر ڪيو ويندو: ۽ هو تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ اُن ۾ فتوائن جي تعميل ڪندس، ۽ اُن ۾ منهنجي پاڪيزگي ظاهر ٿيندي.</verse>
				<verse number="23">ڇو جو آءٌ اُن ۾ مري موڪليندس، ۽ ان جي گهٽين ۾ رت وهندو؛ ۽ ان جي وچ ۾ سندن سڀ ڪنهن پاسي کان آيل ترار سان ڦٽيل ڪرندا؛ ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="24">۽ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ وري ڪڏهن بہ چُڀندڙ ڪانڊيرو يا سندن چوڌاري ايذاءُ ڏيندڙ ڪنڊو ڪونہ رهندو؛ پوءِ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند خدا آهيان.</verse>
				<verse number="25">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جن قومن ۾ اسرائيل جو گهراڻو ڇڙوڇڙ ٿي ويو آهي، تن مان جڏهن آءٌ انهن کي گڏ ڪندس، ۽ ٻين قومن جي روبرو هو منهنجي پاڪيزگي ظاهر ڪندا، تڏهن هو انهي پنهنجي زمين ۾ رهندا، جا مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي ڏني هئي.</verse>
				<verse number="26">پوءِ هو انهيءَ ۾ سلامتيءَ سان رهندا، بلڪ هو گهر جوڙيندا ۽ ڊاک جا منهہ لڳائيندا ۽ سلامتيءَ سان پيا گهمندا؛ اُهي سڀ جي هن جي چوڌاري هن تي نفرت ٿا ڪن، تن تي آءٌ فتوائن جي تعميل ڪندس؛ تڏهن هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند سندن خدا آهيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="29">
				<verse number="1">ڏهين ورهيہ جي ڏهين مهيني جي ٻارهين تاريخ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">اي آدمزاد، پنهنجو رخ مصر جي بادشاهہ فرعون ڏانهن ڪر، ۽ انهي جي برخلاف ۽ سڄي مصر جي برخلاف نبوت ڪر:</verse>
				<verse number="3">ڳالهاءِ ۽ چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي مصر جا بادشاهہ فرعون، تون جو وڏو ازدها آهين، جو پنهنجين ندين جي وچ ۾ پيو آهين، ۽ جو چوين ٿو تہ منهنجي ندي منهنجي ملڪيت آهي ۽ اُها مون پنهنجي لاءِ جوڙي آهي، سو آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان.</verse>
				<verse number="4">۽ آءٌ تنهنجن ڄاڙن ۾ ڪُنڍيون ۽ تنهنجين ندين جون مڇيون تنهنجن ڇلرن کي چنبڙائي ڇڏيندس؛ ۽ آءٌ توکي، تنهنجين ندين جي وچ مان انهن سڀني مڇين سميت ٻاهر ڪڍي ايندس، جي تنهنجن ڇلرن کي چنبڙيل آهن.</verse>
				<verse number="5">۽ آءٌ توکي ۽ تنهنجين ندين جي سڀني مڇين کي بيابان ۾ اُڇلائي ڇڏيندس: تون کليل ميدان تي نڪرندين، تون آڻي سوڙهو نہ ڪيو ويندين ۽ نہ گڏ ڪيو ويندين: آءٌ توکي کاڌو ڪري زمين جي جانورن ۽ هوا جي پکين کي ڏيندس.</verse>
				<verse number="6">۽ مصر جا سڀ رهاڪو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، ڇالاءِ جو اُهي اسرائيل جي گهراڻي جي لاءِ ڪاني جي لٺ وانگر ٿيا آهن.</verse>
				<verse number="7">جڏهن هنن توکي هٿ کان وٺي جهليو، تڏهن تون ڀڄي پئين، ۽ تو هنن جا ڪلها ئي ڦاڙي ڇڏيا، ۽ جڏهن هنن توتي ٽيڪ ڏني، تڏهن بہ تون ڀڄي پئين، ۽ تو هنن جون چيلهيون بيهاري ڇڏيون.</verse>
				<verse number="8">تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ توتي ترار آڻيندس، ۽ توکان ماڻهو توڙي جانور وڍي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="9">۽ مصر جي زمين ويران ۽ سُڃ ٿي پوندي؛ ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان: ڇالاءِ جو هن چيو آهي تہ ندي منهنجي آهي ۽ مون اُها جوڙي آهي.</verse>
				<verse number="10">تنهنڪري ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف ۽ تنهنجين ندين جي برخلاف آهيان، ۽ آءٌ مصر جي زمين کي مجدال کان اسوان تائين، يعني حبش جي سرحد تائين بلڪل سُڃو ۽ ويران ڪري ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="11">ڪنهن بہ ماڻهوءَ جو پير انهي مان نہ لنگهندو، نڪي ڪنهن جانور جو پير انهي مان لنگهندو، ۽ نہ چاليهن ورهين تائين اُهو وسندو.</verse>
				<verse number="12">۽ آءٌ ويران ملڪن جي وچ ۾ مصر جي زمين کي ويران ڪندس، ۽ انهن جا شهر ويران ڪيل شهرن جي وچ ۾ چاليهہ ورهيہ ويران رهندا: ۽ آءٌ مصرين کي قومن ۾ پکيڙيندس، ۽ ملڪن ۾ هنن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ چاليهن ورهين جي پوري ٿيڻ تي، آءٌ مصرين کي، جن قومن ۾ هو ٽڙي پکڙي ويا هئا، تن مان وري گڏ ڪندس:</verse>
				<verse number="14">۽ آءٌ مصر جا قيدي موٽائي آڻيندس ۽ هنن کي فتروس جي زمين ۾، يعني سندن وطني زمين ۾ موٽائيندس؛ هو اُتي هڪڙي خسيس بادشاهت ٿيندا.</verse>
				<verse number="15">اُها سڀ کان خسيس بادشاهت ٿيندي، اُها وري ڪڏهن بہ ٻين قومن ۾ پنهنجو مٿو مٿي نہ کڻندي: ۽ آءٌ انهي کي اهڙو گهٽائيندس جو هو وري قومن تي ڪڏهن بہ حڪومت نہ هلائيندا.</verse>
				<verse number="16">۽ اُها وري ڪڏهن بہ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ ويساهہ جوڳي نہ ٿيندي تہ بدڪاري ياد ڏياري، جڏهن هو انهن ڏانهن ڦري نهاريندا: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند خدا آهيان.</verse>
				<verse number="17">۽ ستاويهين سال جي پهرئين مهيني جي پهرين تاريخ هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="18">اي آدمزاد، بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر پنهنجي لشڪر کان صور جي برخلاف هڪڙي وڏي خدمت ڪرائي آهي، يعني سڀ ڪنهن مٿي کي گنجو ڪيائين ۽ سڀ ڪنهن ڪلهي جي کل لهرايائين: انهي هوندي بہ نہ هن کي ۽ نہ هن جي لشڪر کي صور کان سندن برخلاف ڪيل خدمت جو اُجورو مليو:</verse>
				<verse number="19">تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ مصر جو ملڪ بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر کي ڏيئي ڇڏيندس؛ ۽ هو ان جي جماعت ۽ ان جو لٽ جو مال کڻي هليو ويندو؛ ۽ اُهو هن جي لشڪر جو اُجورو ٿيندو.</verse>
				<verse number="20">۽ مون هن کي مصر جي زمين عيوضو ڪري ڏني، جنهن لاءِ هن خدمت ڪئي هئي، ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي تہ هن منهنجي لاءِ اُهو پورهيو ڪيو.</verse>
				<verse number="21">انهي ڏينهن آءٌ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ هڪڙو سڱ اُٿاريندس، ۽ انهي جي وچ ۾ آءٌ تنهنجو وات کوليندس: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="30">
				<verse number="1">خداوند جو ڪلام وري بہ مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">اي آدمزاد، نبوت ڪر ۽ چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ افسوس آهي انهي ڏينهن تي!</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو اُهو ڏينهن ويجهو آهي، يعني خداوند جو ڏينهن ويجهو آهي، جو بادلن جو ڏينهن آهي، اهو غير قومن جو ڏينهن ٿيندو.</verse>
				<verse number="4">۽ هڪڙي ترار مصر تي ايندي، ۽ حبش ۾ ڏاڍو ڏک پيدا ٿيندو، جڏهن مصر ۾ ڪُٺل ڪِرندا؛ ۽ هو انهي جون جماعتون قيد ڪري وٺي ويندا، ۽ ان جا بنياد ڀڳا ويندا.</verse>
				<verse number="5">حبش، ۽ فوطہ، ۽ لود، ۽ سڀ گڏيل قومون، ۽ ڪوب، ۽ انهي زمين جا رهاڪو، جن ٻڌي ڪئي آهي، سي بہ انهن سان گڏ ترار سان ڪِرندا.</verse>
				<verse number="6">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي مصر کي مدد ڪن ٿا سي بہ ڪِرندا، ۽ ان جي طاقت جو فخر بہ هيٺ لهندو: خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مجدال کان وٺي اسوان تائين هو ترار سان انهي ۾ ڪِرندا.</verse>
				<verse number="7">۽ جيڪي ملڪ ويران آهن، تن جي وچ ۾ هو ويران ٿيندا، ۽ جيڪي شهر غير آباد آهن، تن جي وچ ۾ انهن جا شهر هوندا.</verse>
				<verse number="8">۽ هو تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ مصر کي باهہ ڏيندس ۽ ان جا سڀ مددگار ناس ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="9">انهي ڏينهن قاصد مون وٽان جهازن ۾ چڙهي ويندا، انهي لاءِ تہ غافل حبشين کي ڊيڄارين؛ ۽ انهن تي مصيبت پوندي، جيئن مصر واري ڏينهن؛ ڇالاءِ جو ڏس، اُهو اچي ٿو.</verse>
				<verse number="10">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جي هٿان بہ مصر جي ماڻهن کي نابود ڪري ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="11">۽ هو ۽ سندس قوم، جا قومن ۾ خوفناڪ آهي، انهي زمين جي ناس ڪرڻ لاءِ اُتي ايندا؛ ۽ اُهي مصر تي پنهنجون ترارون ڪڍندا ۽ انهي ملڪ کي ڪُٺلن سان ڀري ڇڏيندا.</verse>
				<verse number="12">آءٌ نديون سُڪائي ڇڏيندس ۽ اُها زمين خراب ماڻهن جي هٿ ۾ وڪڻندس؛ آءٌ اُها زمين ۽ جيڪي منجهس آهي، سو ڌارين جي هٿان ويران ڪرائيندس؛ مون خداوند خدا ائين فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="13">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ بُت بہ ناس ڪندس، ۽ نوف مان مورتون بہ بند ڪرائي ڇڏيندس؛ ۽ مصر جي ملڪ جو وري اڳتي ڪوبہ بادشاهہ نہ ٿيندو: ۽ آءٌ مصر جي ملڪ ۾ خوف وجهندس.</verse>
				<verse number="14">۽ آءٌ فتروس کي ويران ڪندس، ۽ ضعن ۾ باهہ ٻاريندس، ۽ نوءِ ۾ عدالتون ڪندس.</verse>
				<verse number="15">۽ سين، جو مصر جو قلعو آهي، تنهن تي پنهنجو غضب نازل ڪندس، ۽ آءٌ نوءِ جا ماڻهو وڍي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="16">۽ آءٌ مصر ۾ هڪڙي باهہ ٻاريندس؛ سين ڏاڍي مصيبت ۾ گرفتار ٿيندو، ۽ نوءِ ڀڄي پوندو: ۽ نوف تي ڏينهن ڏٺي جو دشمن ڪاهي ايندا.</verse>
				<verse number="17">آون ۽ في بست جا جوان ترار سان ڪِرندا؛ ۽ اهي شهر قيد ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="18">تحفنحيس بہ اُهو ڏينهن پاڻ ڪڍي وٺندو، ۽ انهي وقت اُتي آءٌ مصر جون پاڃاريون ڀڃي ڇڏيندس، ۽ سندس طاقت جو فخر منجهس گم ٿي ويندو: ۽ خود کيس بادل ڍڪي ڇڏيندو: ۽ سندس ڌيئرون قيد ٿي وينديون.</verse>
				<verse number="19">انهي طرح آءٌ مصر ۾ عدالتون ڪندس: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="20">۽ يارهين سال ۾ پهرئين مهيني جي ستين تاريخ، هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="21">اي آدمزاد، مون مصر جي بادشاهہ فرعون جي ٻانهن ڀڃي ڇڏي آهي؛ ۽ ڏس، تہ نہ اُنهي تي شفا لاءِ دوائون ۽ نہ پٽيون ويڙهي ٻڌيون ويون آهن، تہ اُها ترار جهلڻ جهڙي طاقت وٺي.</verse>
				<verse number="22">تنهنڪري خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ مصر جي بادشاهہ فرعون جي برخلاف آهيان ۽ هن جون ٻانهون ڀڃندس، جيڪا مضبوط آهي سا بہ، ۽ جيڪا ڀڄي پيئي آهي سا بہ؛ آءٌ هن جي هٿان ترار ڪيرائي وجهندس.</verse>
				<verse number="23">۽ آءٌ مصرين کي قومن ۾ پکيڙيندس، ۽ ملڪن ۾ هنن کي کنڊيري ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="24">آءٌ بابل جي بادشاهہ جون ٻانهون مضبوط ڪندس، ۽ پنهنجي ترار سندس هٿ ۾ ڏيندس؛ پر آءٌ فرعون جون ٻانهون ڀڃندس، ۽ هو انهي جي اڳيان اهڙيون ڪنجهڪارون ڪندو، جهڙيون سخت ڦٽيل ماڻهو ڪندا آهن.</verse>
				<verse number="25">۽ آءٌ بابل جي بادشاهہ جون ٻانهون مضبوط ڪندس ۽ فرعون جون ٻانهون ڪِري پونديون: ۽ هو تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ پنهنجي ترار بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيندس، ۽ اُها هو مصر جي زمين تي ڊگهيريندو.</verse>
				<verse number="26">۽ آءٌ مصرين کي قومن ۾ پکيڙي ڇڏيندس ۽ هنن کي ملڪن ۾ کنڊيري ڇڏيندس؛ پوءِ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="31">
				<verse number="1">۽ يارهين سال ۾ ٽئين مهيني جي پهرين تاريخ هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">اي آدمزاد، مصر جي بادشاهہ فرعون ۽ سندس جماعت کي چئو، تہ تون پنهنجي وڏائي ۾ ڪنهن جهڙو آهين؟</verse>
				<verse number="3">ڏس، اسور بہ لبنان ۾ هڪڙو ديودار جو وڻ هو، ۽ سهڻيون ٽاريون هئس، ۽ ڏاڍي ڇانوَ ڪندڙ ۽ وڏي قد جو هو؛ ۽ اُن جي چوٽي گهاٽن ڏارن ۾ هئي.</verse>
				<verse number="4">پاڻيءَ جي ڪري اُهو وڌيو ۽ پاڙ هنيائين ۽ اُڀري وڏو ٿيو: ان جون نديون ان جي باغن جي چوڌاري ٿي وهيون؛ ۽ اُن پنهنجون نهرون ميدان جي سڀني وڻن ڏانهن ٿي موڪليون.</verse>
				<verse number="5">تنهنڪري هن جو قد وڏو ٿيندو ويو، ۽ ميدان جي سڀني وڻن کان مٿي چڙهي ويو؛ ۽ ان جا ڏار گهڻا ٿيا، ۽ ان جون ٽاريون ڊگهيون ٿيون، جو انهن جي نڪرڻ مهل ججهو پاڻي ٿي مليس.</verse>
				<verse number="6">هوا جي سڀني پکين ان جي ڏارن ۾ پنهنجا آکيرا جوڙيا، ۽ ان جي ٽارين هيٺ جهنگ جي سڀني جانورن پنهنجا ٻچا ڄڻيا، ۽ ان جي ڇانوَ ۾ سڀ وڏيون قومون رهنديون هيون.</verse>
				<verse number="7">انهي طرح هو پنهنجي وڏائيءَ ۾، ۽ پنهنجين ٽارين جي ڊگهائيءَ ۾ سهڻو ٿي لڳو: ڇالاءِ جو ان جون پاڙون گهڻي پاڻيءَ جي ڀرسان هيون.</verse>
				<verse number="8">خدا جي باغ وارا ديودار ان کي لڪائي نہ سگهيا: صنوبر جا وڻ ان جي ڏارن جهڙا نہ هئا، ۽ چنار جا وڻ ان جي ٽارين جهڙا نہ هئا؛ ۽ نہ خدا جي باغ جو ٻيو ڪو وڻ اُن جهڙو سهڻو هو.</verse>
				<verse number="9">مون ان کي سندس گهاٽين ٽارين ڪري سهڻو ڪيو: جنهنڪري عدن جا سڀ وڻ، جي خدا جي باغ ۾ هئا، تن کي مٿس ريس ٿي آئي.</verse>
				<verse number="10">تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ هو قد ۾ وڌي ويو آهي، ۽ هن پنهنجي چوٽي ٿلهن ڏارن ۾ رکي آهي، ۽ هن جي دل سندس وڏائي ڪري مٿي چڙهي ويئي آهي؛</verse>
				<verse number="11">تنهنڪري آءٌ هن کي قومن مان هڪڙي زور واري جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندس؛ اُهو ساڻس يقيناً مناسب هلت ڪندو؛ مون هن کي سندس شرارت ڪري هڪالي ڪڍيو آهي.</verse>
				<verse number="12">۽ ڌارين ماڻهن يعني قومن جي خوفناڪ ماڻهن، هن کي وڍي ڇڏيو آهي: جبلن تي ۽ سڀني وادين ۾ هن جون ٽاريون ڪِري پيون آهن، ۽ هن جا ڏار ملڪ جي سڀني نهرن جي ڀرسان ڀڄي پيا آهن؛ ۽ زمين جون سڀ قومون هن جي ڇانوَ مان هليون ويون آهن، ۽ هن کي ڇڏي ڏنو اٿن.</verse>
				<verse number="13">سندس ڦٽل دڙن تي هوا جا سڀ پکي رهندا ۽ جهنگ جا سڀ جانور هن جي ٽارين تي رهندا:</verse>
				<verse number="14">انهي لاءِ تہ پاڻي جي ڀرسان بيٺل سڀني وڻن مان ڪوبہ پاڻ کي قد ۾ نہ وڌائي، ۽ نہ پنهنجي چوٽي ٿلهن ڏارن ۾ رکي، ۽ انهن ۾ جيڪي زور وارا آهن، يعني جي پاڻي پيئن ٿا، سي سڀ ڊگها ٿي نہ بيهي رهن: ڇالاءِ جو اُهي سڀ موت جي حوالي ڪيا ويا آهن، ۽ زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾، ماڻهن جي وچ ۾ انهن سان گڏ مري کڏ ۾ ٿا وڃن.</verse>
				<verse number="15">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن هو هيٺ دوزخ ڏانهن ويو، تنهن ڏينهن مون ماتم ڪرايو: مون هن جي لاءِ سمنڊ ڍڪي ڇڏيو، ۽ هن جون نديون روڪي گهڻا پاڻي بيهاري ڇڏيم: مون لبنان کي هن جي لاءِ ماتم ڪرايو، ۽ جهنگ جا سڀ وڻ هن جي لاءِ ساڻا ٿي پيا.</verse>
				<verse number="16">مون هن جي ڪِرڻ جي دٻڪي تي قومن کي ڏڪائي ڇڏيو، يعني جڏهن مون هن کي کڏ ۾ هيٺ ويندڙن سان گڏ دوزخ ۾ اُڇلائي ڇڏيو: ۽ عدن جا سڀ وڻ جي لبنان جا چونڊيل ۽ تمام چڱا وڻ هئا، ۽ جي پاڻي پيئن ٿا، تن کي زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾ تسلي ملي.</verse>
				<verse number="17">هو انهي سان گڏ هيٺ دوزخ ۾ انهن وٽ بہ ويا، جي ترار سان ڪُٺل هئا؛ اُهي جي هن جي ٻانهن هئا، ۽ قومن مان هن جي پاڇي هيٺ رهندا هئا.</verse>
				<verse number="18">عدن جي وڻن مان شان ۽ شوڪت ۾ تون ڪنهن جهڙو آهين؟ اڃا بہ تون عدن جي وڻن سان گڏ زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾ لاٿو ويندين: تون اڻ طهريلن جي وچ ۾، جي ترار سان ماريا ويا هوندا، تن سان گڏ پيو رهندين. خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اهو آهي فرعون، ۽ اها سندس سڄي جماعت.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="32">
				<verse number="1">۽ ٻارهين سال ۾، ٻارهين مهيني جي پهرين تاريخ، خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">اي آدمزاد، مصر جي بادشاهہ فرعون لاءِ مرثيو کڻ ۽ چئينس تہ تون قومن ۾ جوان شينهن جو مثال هئين: تہ بہ تون سمنڊ جي ازدها جهڙو آهين؛ تون پنهنجين ندين مان اوچتو نڪري ظاهر ٿيندين، ۽ پنهنجن پيرن سان پاڻيءَ ۾ ولوڙو وجهي ندين کي گندو ڪندين.</verse>
				<verse number="3">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ گهڻين قومن جي جماعت سان توتي پنهنجو ڄار پکيڙي وجهندس؛ ۽ اُهي توکي منهنجي ڄار ۾ ڦاسائي آڻيندا.</verse>
				<verse number="4">۽ آءٌ توکي زمين تي ڇڏيندس، ۽ توکي کليل ميدان تي اُڇلائي ڦٽو ڪندس، ۽ هوا جي سڀني پکين کي توتي ويهاريندس، ۽ ڪل زمين جي جانورن کي تو مان ڍءُ ڪرائيندس.</verse>
				<verse number="5">۽ آءٌ تنهنجو ماس جبلن تي رکندس، ۽ وادين کي تنهنجي وڏي قد سان ڀري ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="6">جنهن ملڪ جي پاڻيءَ ۾ تون ترندو آهين، تنهن کي جبلن تائين رت سان ريج ڏيندس؛ نهرون توسان ڀرجي وينديون.</verse>
				<verse number="7">۽ جڏهن آءٌ توکي نابود ڪندس، تڏهن آسمان کي ڍڪي ڇڏيندس ۽ ان جي تارن کي ڪارو ڪندس؛ آءٌ سج کي ڪڪرن سان ڍڪيندس ۽ چنڊ پنهنجو سوجهرو نہ ڏيندو.</verse>
				<verse number="8">آسمان جا سڀ چمڪندڙ تارا آءٌ تنهنجي مٿان ڪارا ڪري ڇڏيندس: ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ تنهنجي ملڪ تي اونداهي آڻيندس.</verse>
				<verse number="9">جڏهن قومن جي وچ ۾ آءٌ تنهنجي تباهي آڻيندس، جنهن جي توکي خبر ئي ڪانهي. آءٌ گهڻين قومن جي دلين کي غمگين ڪندس،</verse>
				<verse number="10">هائو، آءٌ گهڻين قومن کي توتي حيران ڪندس، ۽ انهن جا بادشاهہ تنهنجي ڪري تڏهن گهڻو ڊڄندا، جڏهن آءٌ پنهنجي ترار هنن جي اڳيان لوڏيندس؛ ۽ تنهنجي ڪِرڻ واري ڏينهن هنن مان سڀڪو ماڻهو پنهنجي ساهہ جي ڊپ کان هر لحظي پيو ڏڪندو.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ بابل جي بادشاهہ جي ترار ضرور توتي ايندي.</verse>
				<verse number="12">زور وارن ماڻهن جي ترار سان آءٌ تنهنجي جماعت کي ماريندس، اُهي سڀ قومن جا خوفناڪ ماڻهو آهن: ۽ اُهي مصر جي وڏائي کي لٽي ڇڏيندا، ۽ انهن جي سڄي جماعت ناس ڪري ڇڏيندا.</verse>
				<verse number="13">آءٌ ان جا سڀ جانور گهڻين پاڻين جي پاسي کان ناس ڪري ڇڏيندس؛ نڪي ماڻهوءَ جو پير نڪي جانورن جا سنب وري ڪڏهن انهن کي چوريندا.</verse>
				<verse number="14">خداوند خدا ٿو فرمائي تہ پوءِ آءٌ هنن جا پاڻي صاف ڪندس، ۽ هنن جون نديون تيل وانگر وهائيندس.</verse>
				<verse number="15">جڏهن آءٌ مصر جي زمين ويران ۽ غير آباد ڪندس، اهڙي زمين جنهن مان اُهي سڀ شيون گم ٿي وينديون، جن سان اُها ڀريل هئي، جڏهن آءٌ اتي جي سڀني رهڻ وارن کي ماريندس، تڏهن هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="16">اهو آهي مرثيو، جنهن سان هو ماتم ڪندا، قومن جون ڌيئون انهي موجب ماتم ڪنديون، ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مصر ۽ ان جي سڄي جماعت لاءِ هو اُنهي سان ماتم ڪنديون.</verse>
				<verse number="17">ٻارهين سال ۾، انهي مهيني جي پندرهين تاريخ، هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="18">اي آدمزاد، مصر جي جماعت لاءِ واويلا مچاءِ ۽ انهن کي، ۽ مشهور قومن جي ڌيئرن کي، زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾ انهن سان گڏ اُڇلائي ڇڏ، جي هيٺ کڏ ۾ ٿا وڃن.</verse>
				<verse number="19">سونهن ۾ تون ڪنهن کان ڪسر آهين؟ هيٺ لهي وڃ ۽ وڃي اڻ طهريلن سان پئجي رهہ.</verse>
				<verse number="20">هو انهن جي وچ ۾ ڪِرندا، جي ترار سان ماريا ويا آهن: هن کي ۽ هن جي ڪل جماعت کي ڪڍي وڃ، هوءَ ترار جي حوالي ڪئي ويئي آهي.</verse>
				<verse number="21">زور وارن مان جيڪي زبردست آهن سي دوزخ جي وچ مان، هن سان ۽ هن جي مدد ڪندڙن سان ڳالهائيندا: هو هيٺ هليا ويا آهن، هو ماٺ ڪيو پيا آهن، يعني اُهي اڻ طهريل ماڻهو جي ترار سان قتل ڪيا ويا آهن.</verse>
				<verse number="22">اسور پنهنجي ڪل جماعت سوڌو اُتي آهي؛ هن جون قبرون هن جي آس پاس آهن: اُهي سڀ قتل ٿيل آهن ۽ ترار سان ماريا ويا آهن.</verse>
				<verse number="23">جن جيئرن جي زمين ۾ خوف وڌو هو، انهن جون قبرون پاتال جي تري ۾ آهن، ۽ سندن سڄي جماعت سندن آس پاس آهي: اُهي سڀ قتل ٿيل آهن ۽ ترار سان ماريا ويا آهن.</verse>
				<verse number="24">هن جي قبر جي چوڌاري عيلام ۽ سندس ڪل جماعت يعني اُهي سڀ قتل ٿيل ۽ ترار سان ماريل، جي اڻ طهريل ئي زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾ هليا ويا آهن، ۽ جن سڀني ماڻهن تي پنهنجو خوف وڌو: ۽ انهن پنهنجي خواري انهن سان گڏ کنئي آهي، جي هيٺ کڏ ۾ ٿا وڃن.</verse>
				<verse number="25">هنن ان جو بسترو سندس ڪل جماعت سان گڏ ڪُٺلن جي وچ ۾ رکيو آهي؛ اُن جون قبرون سندس آس پاس آهن: اُهي سڀ اڻ طهريل ۽ ترار سان ماريل آهن؛ ڇالاءِ جو انهن جو خوف جيئرن جي زمين ۾ پيو هو، ۽ هنن پنهنجي خواري انهن سان گڏ کنئي آهي، جي هيٺ کڏ ۾ ٿا وڃن: هو انهن جي وچ ۾ رکيو ويو آهي، جي قتل ٿيل آهن.</verse>
				<verse number="26">اُتي مسڪ، توبل ۽ ان جي ڪل جماعت آهي، ۽ ان جون قبرون سندس آس پاس آهن: اهي سڀ اڻ طهريل ۽ ترار سان ماريل آهن؛ ڇالاءِ جو هنن جيئرن جي زمين ۾ خوف وڌو.</verse>
				<verse number="27">۽ هو انهن زوراورن سان گڏ نہ سمهندا، جي اڻ طهريل ڪِريا آهن، جي پنهنجن جنگي هٿيارن سان هيٺ دوزخ ۾ ويا آهن، ۽ پنهنجون تراريون پنهنجي مٿن هيٺان رکيون اٿن، ۽ سندن بدڪاريون سندن هڏن تي آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي جيئرن جي زمين ۾ زوراورن جو خوف هئا.</verse>
				<verse number="28">پر تون اڻ طهريلن جي وچ ۾ ڀڄي پوندين، ۽ جيڪي ترار سان قتل ڪيا ويا آهن تن سان گڏ سمهندين.</verse>
				<verse number="29">اُتي ادوم، اُن جا بادشاهہ، ۽ سڀ امير آهن، جي پنهنجي طاقت هوندي انهن سان گڏ پيا آهن جي ترار سان ڪُٺل آهن: هو اڻ طهريلن سان رهندا ۽ انهن سان جي هيٺ کڏ ۾ وڃن ٿا.</verse>
				<verse number="30">اتي سڀئي اُتر جا امير ۽ سڀيئي صيدوني آهن، جي ڪُٺلن سان گڏ هيٺ ويا آهن؛ جيڪو خوف هنن پنهنجي زور سان وڌو، تنهن جي ڪري هو شرمندا ٿيا آهن؛ ۽ هو اڻ طهريلن انهن سان گڏ پيا آهن، جي ترار سان ڪُٺل آهن ۽ پنهنجي خواري انهن سان گڏ ٿا کڻن، جي هيٺ کڏ ۾ ٿا وڃن.</verse>
				<verse number="31">فرعون انهن کي ڏسندو ۽ پنهنجي سڄي جماعت جي نسبت ۾ هن کي تسلي ملندي، يعني فرعون ۽ سندس سڄو لشڪر جو ترار سان ڪُٺو ويو؛ خداوند ائين ٿو فرمائي.</verse>
				<verse number="32">ڇالاءِ جو مون پنهنجو خوف جيئرن جي زمين ۾ وڌو آهي: ۽ هو اڻ طهريلن جي وچ ۾ انهن سان گڏ رکيو ويندو، جي ترار سان ڪُٺل آهن، يعني فرعون ۽ سندس ڪل جماعت؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="33">
				<verse number="1">۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">اي آدمزاد، پنهنجي قوم جي ماڻهن کي چئُہ تہ جڏهن آءٌ ڪنهن ملڪ تي ترار نازل ڪريان، تڏهن جي انهي ملڪ جا ماڻهو پاڻ مان هڪڙو ماڻهو ڪڍي پنهنجو نگهبان مقرر ڪن:</verse>
				<verse number="3">۽ جيڪڏهن اُهو نگهبان ترار ايندي ڏسي، ۽ قرناءِ وڄائي، ۽ ماڻهن کي خبردار ڪري؛</verse>
				<verse number="4">تہ تڏهن جي ڪو قرناءِ جي آواز ٻڌي ۽ خبردار نہ ٿئي، ۽ ترار اچي هن کي کڻي وڃي، تہ انهي جو خون سندس مٿي تي آهي.</verse>
				<verse number="5">هن قرناءِ جو آواز ٻڌو ۽ خبردار نہ ٿيو؛ اُنهي جو خون مٿس آهي: پر جي هو خبردار ٿئي ها تہ پنهنجو ساهہ بچائي وٺي ها.</verse>
				<verse number="6">پر جي نگهبان ترار ايندي ڏسي قرناءِ نہ وڄائي، ۽ ماڻهو خبردار نہ ٿين، ۽ ترار اچي نڪري، ۽ انهن مان ڪو ماڻهو کڻي وڃي؛ تہ هو پنهنجي بدڪاريءَ ۾ کڄي ويو آهي، پر انهي جي خون جو بدلو آءٌ نگهبان کان وٺندس.</verse>
				<verse number="7">سو اي آدمزاد، مون توکي اسرائيل جي گهراڻي جو نگهبان مقرر ڪيو آهي، تنهنڪري منهنجي واتان ڪلام ٻڌ، ۽ منهنجي طرفان هنن کي خبردار ڪر.</verse>
				<verse number="8">جيڪڏهن آءٌ شرير کي چوان تہ اي شرير شخص، تون ضرور مرندين، ۽ تون انهي شرير کي سندس رستي کان خبردار نہ ڪندين، تڏهن اُهو شرير شخص پنهنجي بدڪاريءَ ۾ برابر مرندو، پر انهي جي خون جو بدلو آءٌ توکان وٺندس.</verse>
				<verse number="9">انهي هوندي بہ جي تون انهي شرير کي پنهنجي رستي کان ڦرڻ لاءِ خبردار ڪندين ۽ هو انهي کان نہ ڦرندو؛ تہ هو پنهنجي بدڪاريءَ ۾ برابر مرندو، پر تو پنهنجو ساهہ بچايو آهي.</verse>
				<verse number="10">۽ اي آدمزاد، تون اسرائيل جي گهراڻي کي چئُہ، تہ اوهين جو هيئن ٿا چئو تہ اسان جا ڏوهہ ۽ اسان جا گناهہ اسان تي آهن، ۽ اسين انهن ۾ ڳرندا ٿا وڃون؛ سو اسين ڪيئن جيئرا رهون؟</verse>
				<verse number="11">انهن کي چئُہ تہ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ مون کي شرير جي موت سان ڪا خوشي حاصل نٿي ٿئي؛ پر هن ڳالهہ مان ٿي ٿئي تہ اُهو شرير پنهنجي رستي کان ڦري ۽ جيئرو رهي: پنهنجن خراب رستن کان اوهين ڦرو، اوهين ڦرو؛ ڇالاءِ جو، اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهين ڇو ٿا مرڻ گهرو؟</verse>
				<verse number="12">۽ اي آدمزاد، تون پنهنجي قوم جي ماڻهن کي چئو تہ سچار جي سچائي سندس گناهہ جي ڏينهن کيس نہ ڇڏائيندي؛ ۽ شرير جنهن ڏينهن هو پنهنجي شرارت کان ڦرندو پنهنجي شرارت ڪري نہ ڪِرندو: نڪي جيڪو سچار آهي سو انهي ڪري گناهہ ڪرڻ واري ڏينهن جيئرو رهي سگهندو.</verse>
				<verse number="13">جڏهن آءٌ سچي کي چوان تہ تون ضرور جيئرو رهندين؛ تڏهن جي هو پنهنجي سچائي تي ڀروسو ڪندو ۽ گناهہ ڪندو، تہ هن جي چڱن ڪمن مان ڪوبہ ياد نہ ڪيو ويندو؛ پر جيڪو گناهہ ڪيو هوندائين تنهن جي ڪري هو ضرور مرندو.</verse>
				<verse number="14">وري جڏهن آءٌ شرير کي چوان تہ تون ضرور مرندين، تڏهن جي هو پنهنجي گناهہ کان توبهہ ڪندو، ۽ قاعدي موجب درست ڪم ڪندو؛</verse>
				<verse number="15">جي شرير گروي رکيل شيءِ موٽائي ڏيندو، ۽ چورايل مال موٽائي ڏيندو، ۽ حياتيءَ جي قانونن تي هلندو، ۽ ڪوبہ گناهہ نہ ڪندو، تہ اُهو ضرور جيئرو رهندو، مرندو ڪين.</verse>
				<verse number="16">جيڪي گناهہ هن ڪيا هوندا، تن مان ڪوبہ سندس برخلاف ياد نہ ڪيو ويندو: هن جيڪي ڪيو آهي سو قاعدي موجب درست آهي؛ اُهو ضرور جيئرو رهندو.</verse>
				<verse number="17">انهي هوندي بہ تنهنجي قوم جا ماڻهو چون ٿا تہ خداوند جو رستو برابر ناهي: بلڪ حقيقت ۾ سندن رستو برابر ناهي.</verse>
				<verse number="18">جڏهن سچو پنهنجي سچائي کان ڦري ٿو ۽ گناهہ ڪري ٿو، تڏهن هو ضرور انهي ڪري مرندو.</verse>
				<verse number="19">۽ جڏهن شرير پنهنجي شرارت کان ڦري ٿو ۽ قاعدي موجب درست ڪم ڪري ٿو، تڏهن هو انهي ڪري ضرور جيئرو رهندو.</verse>
				<verse number="20">انهي هوندي بہ اوهين چئو ٿا تہ خداوند جو رستو برابر ناهي. اي اسرائيل جا گهراڻا، آءٌ اوهان مان هر ڪنهن جي عدالت سندس رستن موجب ڪندس.</verse>
				<verse number="21">۽ اسان جي قيد جي ٻارهين سال ۾، ڏهين مهيني جي پنجين تاريخ، هيئن ٿيو تہ هڪڙو شخص، جو يروشلم مان ڀڄي نڪتو هو، تنهن مون کي اچي چيو تہ شهر تباهہ ٿي ويو آهي.</verse>
				<verse number="22">هاڻي انهي ڀڳل ماڻهوءَ جي اچڻ کان اڳ ۾، خداوند جو هٿ شام جي وقت مون تي هو، ۽ هن منهنجو وات پَٽيو؛ ۽ جڏهن اُهو ماڻهو صبح جو مون وٽ آيو، تڏهن منهنجو وات کليل هو ۽ آءٌ گونگو نہ هوس.</verse>
				<verse number="23">۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="24">اي آدمزاد، جيڪي ماڻهو اسرائيل جي زمين ۾ انهن ويران جاين تي رهن ٿا، سي چوندا وتن تہ ابرهام هڪڙو ئي هو، جنهن کي اُها زمين ورثي ۾ ملي؛ پر اسين تہ گهڻا آهيون؛ اُها زمين اسان کي موروثي ملڪيت ٿي ملي آهي.</verse>
				<verse number="25">تنهنڪري تون هنن کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين رت سميت کائو ٿا، ۽ پنهنجون اکيون پنهنجن بُتن ڏانهن کڻو ٿا، ۽ خونريزي ڪريو ٿا، پوءِ بہ اوهين انهي زمين جا مالڪ ٿيندا ڇا؟</verse>
				<verse number="26">اوهين پنهنجي ترار تي بيهو ٿا، اوهين ڪراهت جهڙا ڪم ڪريو ٿا، ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال کي خراب ڪري ٿو: پوءِ بہ اوهين انهي زمين جا مالڪ ٿيندا ڇا؟</verse>
				<verse number="27">تون هنن کي هيئن چئو تہ خداوند خدا فرمائي ٿو، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ جيڪي ويران جاين تي رهن ٿا، سي ضرور ترار سان ڪِرندا، ۽ جيڪو کليل ميدان تي آهي، تنهن کي آءٌ جانورن جي حوالي ڪندس، تہ اُهي هن کي ڳڙڪائي وڃن، ۽ جيڪي مضبوط قلعن ۽ غارن ۾ هوندا، سي مريءَ جي سبب مرندا.</verse>
				<verse number="28">۽ آءٌ زمين کي ويران ۽ حيرت جو سبب ڪندس ۽ ان جي طاقت جو فخر بند ٿي ويندو، ۽ اسرائيل جا جبل بہ اهڙا ويران ٿي ويندا جو ڪوبہ منجهان نہ لنگهندو.</verse>
				<verse number="29">تڏهن هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ ملڪ کي حيران ۽ حيرت جو سبب ڪندس، جو هنن هيترا ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن.</verse>
				<verse number="30">باقي تون، سو اي آدمزاد، تنهنجي قوم جا ماڻهو تنهنجي بابت ڀِتين جي پاسن ۽ گهرن جي درن تي هڪ ٻئي سان ڳالهيون ٿا ڪن، ۽ هرڪو پنهنجي ڀاءُ کي چوي ٿو تہ ڀلائي ڪر، هل تہ اُهو ڪلام ٻڌون جو خداوند وٽان ٿو اچي.</verse>
				<verse number="31">هو تو وٽ ائين اچن ٿا جيئن اُمت جا ماڻهو ايندا آهن، ۽ منهنجي قوم وانگر تنهنجي اڳيان ويهن ٿا ۽ تنهنجون ڳالهيون ٻُڌن ٿا، پر انهن تي عمل نٿا ڪن: ڇالاءِ جو هو پنهنجي وات سان محبت ڏيکارين ٿا، پر سندن دل سندن نفعي جي پٺيان ٿي وڃي.</verse>
				<verse number="32">ڏس تون هنن جي لاءِ هڪڙو اهڙو وڻندڙ راڳ آهين جو ڪو چڱي آواز وارو ماڻهو ڳائي، ۽ ڪو چڱو ساز وڄائي؛ ڇالاءِ جو هو تنهنجون ڳالهيون ٻڌن ٿا، پر انهن تي عمل نٿا ڪن.</verse>
				<verse number="33">۽ جڏهن ائين ٿيندو (ڏس اُهو وقت ايندو)، تڏهن هو ڄاڻندا تہ منجهن ڪو نبي موجود رهيو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="34">
				<verse number="1">۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">اي آدمزاد، اسرائيل جي ڌنارن جي برخلاف نبوت ڪر؛ نبوت ڪري انهن کي، يعني انهن ڌنارن کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ويل آهي اسرائيل جي ڌنارن سان، جي پاڻ کي چارين ٿا! ڌنارن کي ائين نہ ڪرڻ گهرجي ڇا تہ رڍن کي چارين؟</verse>
				<verse number="3">اوهين چرٻي کائو ٿا، ۽ اُن جا ڪپڙا ڍڪيو ٿا، ۽ ٿلها پهرو ڪهو ٿا؛ پر اوهين رڍن کي نٿا چاريو.</verse>
				<verse number="4">ضعيفن کي اوهان زور نہ ڏياريو، نڪي بيمارن کي اوهان ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي؛ نڪي ڀڳلن کي اوهان ٻڌي سڄو ڪيو، نڪي جيڪا ڪاهجي ويئي تنهن کي اوهان موٽائي آندو، نڪي جيڪا گم ٿي ويئي تنهن کي اوهان ڳولي لڌو؛ پر زور ۽ زبردستيءَ سان اوهان هنن تي حڪم هلايو آهي.</verse>
				<verse number="5">۽ هو ٽڙي پکڙي ويون، ڇالاءِ جو ڌنار ڪونہ هو: ۽ هو جهنگ جي سڀني جانورن جو قوت ٿيون ۽ ٽڙي پکڙي ويون.</verse>
				<verse number="6">منهنجون رڍون سڀني جبلن تي، ۽ سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي رلنديون رهيون: هائو، منهنجون رڍون سڄي زمين تي پکڙجي ويون؛ ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جو انهن کي ڳولي يا پٺيان پئي هٿ ڪري.</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري، اي ڌنار، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو:</verse>
				<verse number="8">خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي، تہ جڏهن منهنجون رڍون شڪار ٿي ويون ۽ منهنجون رڍون جهنگ جي سڀني جانورن جو قوت ٿي ويون، جو ڌنار ڪونہ هو، نڪي منجهن ڌنارن پنهنجون رڍون ڳوليون، پر انهن ڌنارن پنهنجو پيٽ ڀريو، ۽ منهنجين رڍن کي نہ چاريائون؛</verse>
				<verse number="9">تڏهن انهي ڪري، اي ڌنار، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو.</verse>
				<verse number="10">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ انهن ڌنارن جي برخلاف آهيان؛ ۽ آءٌ پنهنجون رڍون انهن کان ڇڪي وٺندس، ۽ رڍن چارڻ کان انهن کي موقوف ڪندس؛ نڪي اُهي ڌنار وري اڳتي پنهنجو پيٽ ڀريندا؛ ۽ آءٌ پنهنجون رڍون هنن جي وات مان ڇڏائيندس، تہ هو انهن جو قوت نہ ٿين.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو آءٌ پاڻ پنهنجين رڍن جي تلاش ڪندس ۽ انهن کي ڳولي لهندس.</verse>
				<verse number="12">جيئن ڪو ڌنار انهي ڏينهن پنهنجو ڌڻ ڳولي لهي، جنهن ڏينهن هو پنهنجين رلي ويل رڍن ۾ هجي، تيئن آءٌ بہ پنهنجون رڍون ڳولي لهندس؛ ۽ جن جن جاين تي هو بادل ۽ اونداهيءَ واري ڏينهن پکڙي ويون آهن اُتان آءٌ انهن کي ڇڏائيندس.</verse>
				<verse number="13">۽ آءٌ انهن کي قومن منجهان ڪڍندس، ۽ ملڪن مان آڻي گڏ ڪندس، ۽ انهن کي سندن ملڪ ۾ آڻيندس؛ ۽ انهن کي اسرائيل جي جبلن تي پاڻيءَ جي نهرن جي ڪنارن تي ۽ ملڪ جي سڀني آباد جاين تي چاريندس.</verse>
				<verse number="14">آءٌ هنن کي چڱو چارو چاريندس، ۽ انهن جو واڙو اسرائيل جي مٿانهن جبلن تي ٿيندو: اُتي هو هڪڙي چڱي واڙي ۾ آرام ڪنديون ۽ اسرائيل جي جبلن تي عمدو چارو چرنديون.</verse>
				<verse number="15">خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ آءٌ پاڻ پنهنجون رڍون چاريندس، ۽ انهن کي آرام ڏيندس.</verse>
				<verse number="16">جيڪا گم ٿي ويئي هوندي تنهن کي ڳولي لهندس، ۽ جيڪا ڪاهجي ويئي هوندي تنهن کي ورائيندس، ۽ جنهن جو ڪو عضوو ڀڄي پيو هوندو تنهن جو اُهو عضوو ٻڌندس، ۽ جيڪا بيمار هوندي تنهن کي زور وٺائيندس: ۽ ٿلهن ۽ زور وارن کي آءٌ ناس ڪري ڇڏيندس؛ انهن کي آءٌ عدالت جي رستي چاريندس.</verse>
				<verse number="17">باقي اي منهنجا ڌڻ، اوهان جي بابت خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ جانور ۽ جانور جي وچ ۾، توڙي گهٽن ۽ ٻڪرن جي وچ ۾ انصاف ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="18">اها ڪا اوهان جي نظر ۾ هلڪي ڳالهہ آهي ڇا تہ اوهين چڱو چارو پئي چريا آهيو، ۽ جيڪي باقي بچيو سو اوهان پنهنجن پيرن سان لتاڙي خراب ڪيو؟ يا اوهان صاف پاڻي پيتو، ۽ جيڪي باقي بچيو سو اوهان پنهنجن پيرن سان لتاڙي ڪِنو ڪيو؟</verse>
				<verse number="19">۽ منهنجون رڍون اُهو چارو ٿيون چرن جو اوهان پنهنجن پيرن سان لتاڙيو آهي، ۽ هو اُهو پاڻي ٿيون پيئن جو اوهان پنهنجن پيرن سان ڪِنو ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="20">تنهنڪري خداوند خدا انهن کي هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ، ٿلهي مال ۽ ڏٻري مال جي وچ ۾ انصاف ڪندس.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو اوهين پنهنجي پاسي ۽ پنهنجي ڪلهي سان ڌڪيو ٿا، ۽ سڀني بيمارن کي پنهنجن سڱن سان ٿيلها ٿا ڏيو، ۽ انهن کي پري پري پکيڙي ڇڏيو اٿوَ؛</verse>
				<verse number="22">تنهنڪري آءٌ پنهنجي ڌڻ کي بچائيندس ۽ انهن کي اڳتي شڪار ٿيڻ نہ ڏيندس؛ ۽ آءٌ رڍن ۽ ٻڪرين جي وچ ۾ انصاف ڪندس.</verse>
				<verse number="23">۽ آءٌ هنن تي هڪڙو ڌنار مقرر ڪندس ۽ اُهو انهن کي چاريندو، يعني پنهنجو ٻانهو دائود؛ اُهو هنن کي چاريندو ۽ اُهو هنن جو ڌنار ٿيندو.</verse>
				<verse number="24">۽ آءٌ خداوند هن جو خدا ٿيندس، ۽ منهنجو ٻانهو دائود هنن جو بادشاهہ ٿيندو؛ مون خداوند ائين فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="25">۽ آءٌ هنن سان صلح جو عهد اقرار ڪندس، ۽ خراب جانورن کي انهي زمين مان موقوف ڪري ڇڏيندس: پوءِ هو سلامتيءَ سان بيابان ۾ رهندا ۽ ٻيلي ۾ سمهندا.</verse>
				<verse number="26">۽ آءٌ انهن کي، ۽ پنهنجي ٽڪريءَ جي آس پاس وارين جاين کي، برڪت جو سبب ڪندس؛ ۽ آءٌ مندائتو مينهن وسائيندس؛ بلڪ برڪت جا وسڪارا ٿيندا.</verse>
				<verse number="27">۽ ميدان جا وڻ پنهنجو ڦر ڏيندا، ۽ زمين پنهنجي اُپت پيدا ڪندي، ۽ هو پنهنجي ملڪ ۾ صحيح سلامت رهندا؛ ۽ تڏهن هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ هنن جي پاڃاريءَ جا گز ڀڃي ڇڏيندس، ۽ جيڪي هنن کان خدمت چاڪري وٺندا هئا تن جي هٿان هنن کي ڇڏائيندس.</verse>
				<verse number="28">۽ هو اڳتي وري غير قومن جو شڪار نہ ٿيندا، ۽ نہ زمين جا جانور انهن کي ڳهي ويندا؛ پر هو سلامتيءَ سان رهندا ۽ ڪوبہ هنن کي نہ ڊيڄاريندو.</verse>
				<verse number="29">آءٌ هنن جي لاءِ هڪڙو نامور ٻوٽو برپا ڪندس، ۽ هو اڳتي زمين ۾ ڏڪار ڪري نہ مرندا، ۽ نہ وري ڪڏهن غير قومن جو طعنو کڻندا.</verse>
				<verse number="30">۽ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند، سندن خدا، ساڻن آهيان، ۽ هو، يعني اسرائيل جو گهراڻو منهنجي قوم آهي.</verse>
				<verse number="31">۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ اوهين جي منهنجون رڍون، يعني منهنجي چراگاهہ جون رڍون آهيو، سي انسان آهيو، ۽ آءٌ اوهان جو خدا آهيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="35">
				<verse number="1">وري بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">اي آدمزاد، پنهنجو رخ شعير جي جبل ڏانهن ڪر ۽ انهي جي برخلاف نبوت ڪر،</verse>
				<verse number="3">۽ اُن کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي شعير جا جبل، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان؛ آءٌ توتي پنهنجو هٿ ڊگهيريندس ۽ توکي حيران ۽ حيرت جو سبب ڪندس.</verse>
				<verse number="4">آءٌ تنهنجن شهرن کي غير آباد ڪندس ۽ تون ويران ٿيندين؛ ۽ تون ڄاڻندين تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو تو دشمني رکي آهي، ۽ پڇاڙيءَ واري بدڪاريءَ وقت، بني اسرائيل کي تو سندن مصيبت جي ترار جي حوالي ڪيو.</verse>
				<verse number="6">تنهنڪري خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ آءٌ توکي خون جي لاءِ تيار ڪندس، ۽ خون تنهنجي پٺيان پوندو؛ تو خون کان نفرت نہ ڪئي آهي، تنهنڪري خون تنهنجي پٺيان پوندو.</verse>
				<verse number="7">انهي طرح شعير جي جبل کي آءٌ حيرت ۽ ويرانيءَ جو سبب ڪندس؛ ۽ جيڪو اُنهي مان لنگهندو، ۽ جيڪو موٽندو تنهن کي انهي کان وڍي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="8">۽ آءٌ هنن جي جبلن کي سندس ڪُٺلن سان ڀري ڇڏيندس: تنهنجي ٽڪرين ۽ تنهنجي وادين ۾، ۽ تنهنجي سڀني نهرن ۾، جيڪي ترار سان ماريا ويندا سي ڪِرندا.</verse>
				<verse number="9">آءٌ توکي هميشہ لاءِ ويران ڪندس ۽ تنهنجا شهر وري نہ وسندا: ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="10">تو چيو آهي تہ هي ٻہ قومون، ۽ هي ٻہ ملڪ منهنجا ٿيندا، ۽ اسين انهن جا مالڪ ٿينداسين، پر خداوند اُتي هو:</verse>
				<verse number="11">تنهنڪري خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ آءٌ تنهنجي ڪاوڙ، ۽ تنهنجي غيرت موجب هلت ڪندس، جا تو پنهنجي دشمنيءَ جي ڪري هنن سان ڪئي آهي؛ ۽ جڏهن آءٌ تنهنجي عدالت ڪندس تڏهن آءٌ پاڻ کي هنن ۾ مشهور ڪندس.</verse>
				<verse number="12">۽ تون ڄاڻندين تہ اسرائيل جي جبلن جي نسبت ۾ جيڪي ڪفر جون ڳالهيون تو ڪيون آهن، ۽ چيو اٿيئي تہ هو ويران آهن، ۽ اسان کي ڳهڻ لاءِ ڏنا ويا آهن، سي سڀ مون خداوند ٻڌيون آهن.</verse>
				<verse number="13">۽ اوهان پنهنجي وات سان منهنجي مقابلي ۾ پنهنجي وڏائي ڪئي آهي، ۽ منهنجي برخلاف گهڻيون ڳالهيون ڪيون اٿوَ: اهي سڀ مون ٻڌيون آهن.</verse>
				<verse number="14">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن ساري زمين خوشيون ڪندي تڏهن آءٌ توکي ويران ڪندس.</verse>
				<verse number="15">جيئن تو اسرائيل جي گهراڻي جي ميراث جي ويران ٿيڻ تي خوشيون ڪيون، تيئن آءٌ توسان ڪندس: اي شعير جا جبل، تون ويران ٿيندين، ۽ سڄو ادوم بہ، بلڪ اهو سڄو ملڪ، ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="36">
				<verse number="1">اي آدمزاد، تون اسرائيل جي جبلن لاءِ نبوت ڪر ۽ چئين تہ اي جبل، خداوند جو ڪلام ٻڌو.</verse>
				<verse number="2">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ دشمن اوهان جي نسبت ۾ هيئن چيو آهي، تہ واهہ، قديم مٿانهان مڪان اسان جي ملڪيت آهن:</verse>
				<verse number="3">تنهنڪري نبوت ڪري چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هنن اوهان کي ويران ڪيو آهي، ۽ هر طرف کان اوهان کي ڳهي ويا آهن، انهي لاءِ تہ اوهين قومن مان باقي رهيل ماڻهن جي ملڪيت ٿيو، ۽ اوهان جي نسبت ۾ ماڻهو اجايون ڳالهيون ۽ گلائون ڪن ٿا.</verse>
				<verse number="4">تنهنڪري، اي اسرائيل جا جبل، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو؛ خداوند خدا انهن جبلن کي، ۽ ٽڪرين کي، ۽ نهرن، ۽ وادين کي، ويران زمين کي، ۽ غير آباد شهرن کي هيئن ٿو فرمائي، جي آس پاس وارين قومن مان باقي رهيل ماڻهن جي لاءِ شڪار ۽ ٺٺولي ٿيا آهن:</verse>
				<verse number="5">تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ يقيناً مون پنهنجي غيرت جي باهہ ۾، قومن مان باقي رهيلن جي برخلاف، ۽ سڄي ادوم جي برخلاف ڳالهايو آهي، جن پنهنجي سڄي دل جي خوشي ۽ اندر جي نفرت سان منهنجي زمين کي پنهنجي لاءِ موروثي ملڪيت ٺهرايو آهي، انهي لاءِ تہ انهي کي لٽجڻ لاءِ اُڇلائي ڇڏين.</verse>
				<verse number="6">تنهنڪري اسرائيل جي زمين جي نسبت ۾ نبوت ڪري جبلن، ۽ ٽڪرين، ۽ نهرن، ۽ وادين کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، اوهان غير قومن جي خواري کنئي آهي، تنهنڪري مون پنهنجي غيرت ۽ پنهنجي ڪاوڙ ۾ ڳالهايو آهي:</verse>
				<verse number="7">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ مون قسم کنيو آهي، ۽ چيو اٿم تہ يقيناً، جيڪي غير قومون اوهان جي آس پاس آهن سي پنهنجي خواري کڻنديون.</verse>
				<verse number="8">پر اي اسرائيل جا جبل، اوهين پنهنجون ٽاريون ڪڍي منهنجي قوم اسرائيل کي پنهنجو ڦر ڏيندا؛ ڇالاءِ جو هو اچي پهچڻ تي آهن.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو ڏسو، آءٌ اوهان جي لاءِ آهيان، ۽ آءٌ اوهان ڏانهن ڦرندس، ۽ اوهين کيڙجي ۽ پوکجي ويندا:</verse>
				<verse number="10">۽ آءٌ اوهان جا ماڻهو، يعني اسرائيل جو سڄو گهراڻو، وڌائيندس: ۽ شهر وسندا ۽ ويران جايون اڏجي وينديون.</verse>
				<verse number="11">۽ آءٌ اوهان جا ماڻهو ۽ جانور وڌائيندس، ۽ هو وڌندا، ۽ ڦر وارا ٿيندا: ۽ آءٌ اوهان کي اڳين وانگر وسائيندس ۽ جيڪي شروعات ۾ اوهان جي لاءِ ڪيو هوم تنهن کان بهتر ڪندس: ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="12">هائو، آءٌ ائين ڪندس تہ ماڻهو، يعني منهنجي قوم اسرائيل اوهان تي وري گهمندا ڦرندا، ۽ اُهي تنهنجا مالڪ ٿيندا، ۽ تون انهن جي ميراث ٿيندين، ۽ تون اڳتي وري سندن ٻارن کي انهن کان جدا نہ ڪندين.</verse>
				<verse number="13">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هو توکي چون ٿا، تہ اي زمين تون ماڻهن جي ڳڙڪائيندڙ آهين، ۽ پنهنجي قوم جا ماڻهو ماريا اٿيئي؛</verse>
				<verse number="14">تنهنڪري وري اڳتي تون ماڻهو نہ ڳڙڪائيندينءَ، نڪي اڳتي پنهنجي قوم جا ماڻهو ماريندينءَ؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي؛</verse>
				<verse number="15">نڪي اڳتي وري آءٌ توکي غير قومن جا مهڻا ٻڌڻ ڏيندس، نڪي وري اڳتي تون غير قومن جي ملامت کڻندين، نڪي اڳتي وري پنهنجي قوم کي ٿاٻڙائيندين؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.</verse>
				<verse number="16">وري بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="17">اي آدمزاد، جڏهن اسرائيل جي گهراڻي وارا پنهنجي ملڪ ۾ رهندا هئا، تڏهن هنن پنهنجين راهن ۽ پنهنجن ڪمن سان انهي کي ناپاڪ ڪيو: هنن جي راهہ منهنجي اڳيان اهڙي ناپاڪ هئي جهڙي حيض واري زال جي ناپاڪي.</verse>
				<verse number="18">تنهنڪري جيڪو رت هنن اُنهي زمين تي وهايو هو، ۽ پنهنجن بُتن سان انهي کي ناپاڪ ڪيو، تنهن سبب مون پنهنجي ڪاوڙ انهن تي ڇنڊي هئي:</verse>
				<verse number="19">۽ مون هنن کي قومن ۾ پکيڙي ڇڏيو، ۽ هو ملڪن ۾ ٽڙي پکڙي ويا: هنن جي راهن، ۽ هنن جي ڪمن موافق مون سندن عدالت ڪئي.</verse>
				<verse number="20">۽ جڏهن هو انهن قومن ۾ ويا جن ڏانهن هو ويا ٿي، تڏهن هنن منهنجي پاڪ نالي جي بي ادبي ڪئي؛ جو ماڻهن انهن جي نسبت ۾ چيو تہ هيءَ خداوند جي قوم آهي ۽ هن جي زمين کان ٻاهر نڪري ويئي آهي.</verse>
				<verse number="21">تڏهن مون کي پنهنجي پاڪ نالي جو ارمان ٿيو، جو اسرائيل جي گهراڻي قومن منجهہ جتي جتي هو ويا، انهي جي بي ادبي ڪئي.</verse>
				<verse number="22">تنهنڪري اسرائيل جي گهراڻي کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، آءٌ هي اوهان جي لاءِ نٿو ڪريان، پر پنهنجي پاڪ نالي جي لاءِ ٿو ڪريان، جنهن جي، جتي جتي اوهين ويا آهيو، اوهان قومن ۾ بي ادبي ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="23">۽ آءٌ پنهنجي وڏي نالي جي پاڪيزگي ظاهر ڪندس، جنهن جي اوهان قومن ۾ بي ادبي ڪئي آهي، ۽ انهن جي وچ ۾ منهنجي بي ادبي ٿي آهي؛ ۽ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ تڏهن اُهي قومون ڄاڻنديون تہ آءٌ خداوند خدا آهيان، جڏهن هنن جي اکين اڳيان اوهان ۾ منهنجي پاڪيزگي ظاهر ٿيندي.</verse>
				<verse number="24">ڇالاءِ جو آءٌ اوهان کي قومن مان ڪڍندس، ۽ سڀني ملڪن مان گڏ ڪندس، ۽ اوهان کي خود پنهنجي زمين ۾ آڻيندس.</verse>
				<verse number="25">۽ آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇنڊيندس، ۽ اوهين پاڪ صاف ٿيندا: آءٌ اوهان کي هر قسم جي گندگي کان ۽ سڀني بُتن کان پاڪ ڪندس.</verse>
				<verse number="26">آءٌ اوهان کي نئين دل بہ ڏيندس ۽ اوهان ۾ نئون روح وجهندس: ۽ اوهان جي بدن مان اها پٿر جهڙي دل ڪڍي وٺندس ۽ گوشت جي دل ڏيندس.</verse>
				<verse number="27">۽ آءٌ پنهنجو روح اوهان ۾ وجهندس، ۽ اوهان کي پنهنجي قانونن تي هلائيندس، ۽ اوهين منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪندا، ۽ انهن تي عمل ڪندا.</verse>
				<verse number="28">۽ جيڪا زمين مون اوهانجن ابن ڏاڏن کي ڏني هئي، تنهن ۾ اوهين رهندا؛ ۽ اوهين منهنجي قوم ٿيندا، ۽ آءٌ اوهان جو خدا ٿيندس.</verse>
				<verse number="29">۽ آءٌ اوهان کي اوهانجين سڀني ناپاڪين کان بچائيندس: ۽ آءٌ اُن کي ڪوٺيندس ۽ انهي کي وڌائيندس، ۽ اوهان ۾ ڏڪار نہ وجهندس.</verse>
				<verse number="30">۽ آءٌ وڻن جو ڦر وڌائيندس ۽ ٻنيءَ جي پيدائش بہ وڌيڪ ڪندس، جنهنڪري قومن ۾ وري اڳتي اوهان کي ڏڪر جو مهڻو نہ ملندو.</verse>
				<verse number="31">تڏهن اوهين پنهنجا خراب رستا ياد ڪندا، ۽ پنهنجا ڪم جي چڱا نہ هئا، ۽ پنهنجي ڪراهت جهڙن ڪمن، ۽ پنهنجين بدڪارين جي ڪري خود پنهنجي نظر ۾ اوهين پاڻ کي ڌڪاريندا.</verse>
				<verse number="32">خداوند خدا ٿو فرمائي تہ اوهان کي خبر هجي تہ اهو ڪم آءٌ اوهان جي ڪمن ڪري نٿو ڪريان: اي اسرائيل جا گهراڻا، پنهنجي ڪمن جي ڪري شرمندا ۽ لڄي ٿيو.</verse>
				<verse number="33">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن آءٌ اوهان کي سڀني ناپاڪائين کان صاف ۽ پاڪ ڪندس، انهي ڏينهن آءٌ اُهي شهر وسائيندس، ۽ ويران جايون اڏيون وينديون.</verse>
				<verse number="34">۽ جيڪا زمين ويران هئي ۽ سڀني لنگهندڙن جي نظر ۾ هڪڙو بيابان هئي، سا کيڙي ويندي.</verse>
				<verse number="35">۽ هو چوندا تہ هيءَ زمين جا ويران هئي سا عدن جي باغ جهڙي ٿي پيئي آهي؛ ۽ ويران ۽ سُڃا ۽ ناس ٿيل شهر ڪوٽن وارا ۽ آباد ٿي ويا آهن.</verse>
				<verse number="36">تڏهن جيڪي قومون اوهان جي چوڌاري بچيون هونديون سي ڄاڻنديون تہ مون خداوند، ڦٽل جاين کي اڏايو آهي، ۽ جيڪا زمين ويران هئي تنهن کي آباد ڪرايو آهي: مون خداوند ائين فرمايو آهي ۽ ضرور ائين ڪندس.</verse>
				<verse number="37">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهن کان سواءِ اسرائيل جي گهراڻي وارا مون کي عرض ڪندا تہ آءٌ سندن لاءِ ائين ڪريان؛ آءٌ هنن کي ماڻهن سان ڌڻ وانگر وڌائيندس.</verse>
				<verse number="38">جيئن قربانيءَ جي لاءِ مقرر ڪيل عيدن تي ڌڻ ٿيندو آهي: تيئن ويران شهر ماڻهن جي ڌڻ سان ڀرجي ويندا: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="37">
				<verse number="1">خداوند جو هٿ مون تي هو، ۽ انهي مون کي خداوند جي روح ۾ کڻي واديءَ جي وچ ۾ آڻي لاٿو؛ ۽ اُها هڏن سان ڀريل هئي؛</verse>
				<verse number="2">۽ هن مون کي آس پاس انهن جي چوڌاري گهمايو: ۽ ڏس، انهي کليل واديءَ ۾ تمام گهڻيون ۽ سُڪل هڏيون هيون.</verse>
				<verse number="3">۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هي هڏيون زندہ ٿي سگهن ٿيون يا نہ؟ ۽ مون چيو تہ خداوند، تون ئي ڄاڻين ٿو.</verse>
				<verse number="4">وري هن مون کي چيو تہ تون هنن هڏين تي نبوت ڪري چئُہ، تہ اي سُڪل هڏيون، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو.</verse>
				<verse number="5">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ اوهان ۾ ساهہ وجهندس ۽ اوهين زندہ ٿي پونديون.</verse>
				<verse number="6">آءٌ اوهان تي نسون رکندس، ۽ اوهان تي ماس چاڙهيندس، ۽ اوهان کي کل سان ڍڪيندس، ۽ اوهان ۾ ساهہ وجهندس ۽ اوهين زندہ ٿي پونديون، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="7">تڏهن جيئن مون کي حڪم مليو تيئن مون نبوت ڪئي: ۽ منهنجي نبوت ڪندي هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ۽ اوچتو زمين ڌٻي ۽ هڏيون هڏين سان اچي گڏيون.</verse>
				<verse number="8">۽ مون ڏٺو تہ انهن تي نسون هيون، ۽ ماس چڙهڻ لڳو، ۽ مٿان کل چڙهي ويئي: پر اڃا انهن ۾ ساهہ ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="9">تڏهن هن مون کي فرمايو تہ هوا سان نبوت ڪر؛ اي آدمزاد، هوا سان نبوت ڪري ڳالهاءِ، ۽ چئينس تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي روح، چئني پاسي جي هوائن کان اچ، ۽ هنن مُئلن تي ڦوڪ تہ هو زندہ ٿي پون.</verse>
				<verse number="10">تڏهن جيئن مون کي حڪم مليو هو، تيئن مون نبوت ڪئي ۽ هنن ۾ ساهہ پيو ۽ هو زندہ ٿي پيون، ۽ هڪڙو تمام وڏو لشڪر ٿي پيرن ڀر اُٿي بيٺيون.</verse>
				<verse number="11">تڏهن هن مون کي فرمايو، تہ اي آدمزاد، هي هڏيون اسرائيل جو سڄو گهراڻو آهي: ڏس، هو چون ٿا تہ اسان جون هڏيون سُڪي ويون آهن، ۽ اسان جي اُميد ويندي رهي آهي؛ اسين بلڪل وڍجي ويا آهيون.</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري هنن کي نبوت ڪري چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي منهنجي قوم، آءٌ اوهان جون قبرون کوليندس ۽ اوهان کي قبر مان ٻاهر ڪڍندس؛ ۽ آءٌ اوهان کي اسرائيل جي زمين ۾ آڻيندس.</verse>
				<verse number="13">۽ اوهين تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن اي منهنجي قوم، آءٌ اوهان جون قبرون کوليندس ۽ اوهان کي قبرن مان ٻاهر ڪڍندس.</verse>
				<verse number="14">۽ آءٌ پنهنجو روح اوهان ۾ وجهندس ۽ اوهين زندہ ٿي پوندا، ۽ آءٌ اوهان کي پنهنجي زمين ۾ رکندس: ۽ اوهين ڄاڻندا تہ مون خداوند ائين فرمايو آهي ۽ اهو پورو ڪيو آهي، خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.</verse>
				<verse number="15">خداوند جو ڪلام وري بہ مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="16">اي آدمزاد، تون هڪڙي ڪاٺي کڻ ۽ انهي تي لک، تہ يهوداہ جي لاءِ ۽ سندس سنگتين بني اسرائيل جي لاءِ: پوءِ ٻي ڪاٺي کڻ ۽ انهي تي لک تہ يوسف جي لاءِ افرائيم جي ڪاٺي، ۽ ان جي سنگتين اسرائيل جي گهراڻي جي لاءِ:</verse>
				<verse number="17">۽ پنهنجي لاءِ انهن ٻنهي کي هڪ ٻئي سان گڏي هڪڙي ڪاٺي ڪر، تہ اُهي ٻئي تنهنجي هٿ ۾ هڪڙي ڪاٺي ٿي پون.</verse>
				<verse number="18">۽ جڏهن تنهنجي قوم جا ماڻهو پڇن تہ انهن مان جيڪي تنهنجو مطلب آهي سو اسان کي ٻڌاءِ.</verse>
				<verse number="19">تڏهن هنن کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، يوسف جي ڪاٺي، جا افرائيم جي هٿ ۾ آهي تنهن کي ۽ هن جي سنگتين کي، يعني اسرائيل جي فرقن کي آءٌ گڏ ڪندس: ۽ انهي سان گڏ يهوداہ جي ڪاٺي رکندس، ۽ اُهي منهنجي هٿ ۾ هڪ ٿيندا.</verse>
				<verse number="20">۽ جن ڪاٺين تي تون لکين ٿو سي هنن جي اکين اڳيان تنهنجي هٿ ۾ هونديون.</verse>
				<verse number="21">۽ انهن کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ بني اسرائيل کي انهن قومن مان ڪڍي وٺندس جن ۾ هو وڃي پيا آهن، ۽ هر طرف هنن کي گڏ ڪندس، ۽ کين سندن ملڪ ۾ آڻيندس:</verse>
				<verse number="22">آءٌ انهي زمين ۾ اسرائيل جي جبلن تي هنن کي هڪڙي قوم ڪندس؛ ۽ هڪڙو ئي بادشاهہ هنن سڀني جو بادشاهہ ٿيندو: ۽ هو اڳتي ٻہ قومون ٿي نہ رهندا، نڪي وري ڪڏهن بہ ٻن بادشاهتن ۾ ورهائجي ويندا:</verse>
				<verse number="23">نڪي هو وري پنهنجن بُتن سان، يا پنهنجين نفرت جهڙين شين سان، يا پنهنجي ڪنهن بدڪاريءَ سان، پاڻ کي ناپاڪ ڪندا: پر جن جن پنهنجين رهڻ جي جاين ۾ هنن گناهہ ڪيو آهي، تن سڀني مان آءٌ هنن کي بچائيندس ۽ هنن کي پاڪ ڪندس: انهي طرح هو منهنجي قوم ٿيندا ۽ آءٌ سندن خدا ٿيندس.</verse>
				<verse number="24">۽ منهنجو ٻانهو دائود هن جي مٿان بادشاهہ ٿيندو؛ ۽ هنن سڀني جو هڪڙو ڌنار ٿيندو؛ هو منهنجن حڪمن تي بہ هلندا، ۽ منهنجي قانونن جي سنڀال ڪندا، ۽ انهن تي عمل ڪندا.</verse>
				<verse number="25">۽ جيڪا زمين مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي ڏني آهي، ۽ جنهن ۾ اوهان جا ابا ڏاڏا رهندا هئا، تنهن ۾ هو رهندا؛ ۽ انهي ۾ هو ۽ سندن اولاد، ۽ سندن اولاد جو اولاد هميشہ لاءِ رهندو: ۽ منهنجو ٻانهو دائود هميشہ لاءِ هنن جو بادشاهہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="26">تنهن کان سواءِ آءٌ هنن سان سلامتيءَ جو عهد اقرار ڪندس: اُهو هنن سان مدامي عهد اقرار ٿيندو؛ ۽ آءٌ هنن کي اُتي رکندس ۽ وڌائيندس، ۽ پنهنجو پاڪ مڪان هميشہ لاءِ هنن جي وچ ۾ قائم ڪندس.</verse>
				<verse number="27">منهنجو تنبو بہ هنن سان هوندو؛ ۽ آءٌ هنن جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا.</verse>
				<verse number="28">۽ قومون ڄاڻنديون تہ آءٌ اُهو خدا آهيان جو اسرائيل کي پاڪ ٿو ڪريان، ۽ منهنجو پاڪ مڪان هميشہ لاءِ انهن جي وچ ۾ رهندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="38">
				<verse number="1">۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">اي آدمزاد، تون پنهنجو رخ جوج ڏانهن ڪر، جو ماجوج جي زمين ۾ آهي، ۽ روش، مسڪ ۽ توبل جو بادشاهہ آهي، ۽ انهي جي برخلاف نبوت ڪر،</verse>
				<verse number="3">۽ چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي روش، مسڪ ۽ توبل جا بادشاهہ جوج، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان.</verse>
				<verse number="4">آءٌ توکي ڦيرائيندس ۽ تنهنجي ڄاڙ ۾ ڪُنڍا وجهندس ۽ توکي، توڙي تنهنجي سڄي لشڪر کي، گهوڙن ۽ گهوڙي سوارن کي، جي سڀ زرهہ سان ڍڪيل هوندا، ۽ هڪڙي وڏي سپر ۽ ڍال واري ٽوليءَ کي، ۽ سڀني ترار مارڻ وارن کي گهلي ٻاهر ڪڍندس:</verse>
				<verse number="5">۽ انهن سان گڏ فارس، ڪوش ۽ فوطہ کي، جي سڀ سپرن ۽ جنگي ٽوپن سان آهن:</verse>
				<verse number="6">۽ جمر ۽ انهي جي سڀني ٽولين کي؛ اُتر جي تمام پرانهن ڀاڱن ۾، تجرماہ ۽ انهي جي سڀني ٽولين کي: مطلب تہ توسان گڏ گهڻين قومن کي ڪڍندس.</verse>
				<verse number="7">تون تيار رهہ، هائو، پاڻ کي تيار رک، تون ۽ تنهنجون سڀ ٽوليون، جي تو وٽ اچي گڏ ٿيون آهن، ۽ تون انهن جو سنڀاليندڙ ٿيءُ.</verse>
				<verse number="8">گهڻن ڏينهن کان پوءِ تون ياد ڪيو ويندين ۽ پوين سالن ۾ تون انهي زمين ۾ ايندين جا ترار کان ڇڏائي ويئي آهي، ۽ انهي جا ماڻهو قومن مان گڏ ڪيا ويندا، ۽ اسرائيل جي جبلن تي، جي ويران آهن، انهن تي چڙهي ايندا ۽ اُهي سڀ سلامتيءَ سان رهندا.</verse>
				<verse number="9">۽ تون چڙهندين، تون طوفان وانگر ايندين، تون ڪڪر وانگي اچي زمين کي ڍڪيندين، نہ رڳو تون پر تنهنجون سڀ ٽوليون، ۽ توسان گڏ گهڻيون ٻيون قومون بہ اينديون.</verse>
				<verse number="10">خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ ڪي ڳالهيون تنهنجي دل ۾ اينديون، ۽ تون هڪڙي خراب رٿ رٿيندين.</verse>
				<verse number="11">۽ تون چوندين تہ آءٌ انهن ڏانهن ويندس جي آرام ۾ آهن ۽ سلامتيءَ سان ٿا رهن؛ جي سڀ ڀِتين، ۽ درن، ۽ گزن کان سواءِ رهن ٿا؛ ۽ آءٌ انهي کليل ملڪ ۾ ويندس:</verse>
				<verse number="12">تہ لٽ جو مال ۽ شڪار هٿ آڻيان؛ ۽ پنهنجو هٿ انهن ويران جاين تي کڻان جي هاڻي وسندڙ آهن؛ ۽ انهن ماڻهن تي کڻان جي ٻين قومن مان گڏ ڪيا ويا آهن ۽ ملڪ جي وچ ۾ رهن ٿا، ۽ جن وٽ چوپايو مال ۽ ٻيون شيون آهن.</verse>
				<verse number="13">سبا ۽ ددان، ۽ ترسيس جا سوداگر پنهنجي سڀني جوان شينهن سان توکي چوندا تہ تون لٽ جو مال ڦرڻ آيو آهين ڇا؟ تو چاندي ۽ سون، چوپايو مال ۽ ٻين شين جي لٽ جو گهڻو مال کڻي وڃڻ لاءِ، ۽ شڪار هٿ ڪرڻ لاءِ، پنهنجو ميڙ گڏ ڪيو آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="14">تنهنڪري، اي آدمزاد، نبوت ڪر، ۽ جوج کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن جڏهن منهنجي قوم اسرائيل سلامتيءَ سان رهڻ لڳندي، تڏهن توکي انهي جي خبر نہ پوندي ڇا؟</verse>
				<verse number="15">۽ تون اُتر جي تمام پرانهن ڀاڱن واري جاءِ مان گهوڙن تي چڙهيل، هڪڙي وڏي جماعت ۽ هڪڙي زبردست لشڪر سان گڏ اُٿندين:</verse>
				<verse number="16">۽ تون منهنجي قوم اسرائيل تي ائين چڙهي ايندين جيئن بادل زمين کي ڍڪي ڇڏي؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ آءٌ توکي پنهنجي زمين تي چاڙهي آڻيندس تہ قومون مون کي سڃاڻن، ۽ آءٌ هنن جي اکين اڳيان، اي جوج، تنهنجي ڪري پاڪ ظاهر ٿيندس.</verse>
				<verse number="17">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تون اُهو آهين ڇا جنهن جي بابت مون قديم زماني ۾ پنهنجي بندن نبين جي معرفت ڳالهايو، جن اُنهن ڏينهن ۾ گهڻن سالن تائين نبوت ڪري چيو، تہ آءٌ توکي هنن تي چاڙهي آڻيندس؟</verse>
				<verse number="18">۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ جڏهن جوج اسرائيل جي ملڪ تي چڙهي ايندو، تڏهن منهنجي ڪاوڙ جو جوش منهنجين ناکوٽين ۾ چڙهي ايندو.</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ جو مون پنهنجي غيرت ۾، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي جوش ۾ ڳالهايو آهي، ۽ چيو آهي تہ يقيناً انهي ڏينهن اسرائيل جي ملڪ ۾ هڪڙو وڏو زلزلو پئجي ويندو؛</verse>
				<verse number="20">جنهنڪري سمنڊ جون مڇيون ۽ هوا جا پکي، ۽ جهنگ جا جانور، ۽ سڀ سرڻا جي زمين تي سُرن ٿا، ۽ سڀ ماڻهو جي زمين تي آهن، سي منهنجي اڳيان ڏڪندا، ۽ جبل هيٺ ڪري پوندا، ۽ وڏيون جايون ۽ ڀِتيون زمين تي هيٺ ڪري پونديون.</verse>
				<verse number="21">۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هن تي پنهنجن سڀني جبلن تان هڪڙي ترار ڪوٺيندس: هر ڪنهن ماڻهوءَ جي ترار سندس ڀاءُ تي وهندي.</verse>
				<verse number="22">۽ آءٌ مري ۽ خونريزيءَ سان هن کي سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ هن تي قهر جو مينهن وسائيندس، ۽ هن جي ٽولين تي، ۽ جيڪي گهڻيون قومون ساڻس هيون تن تي سخت وسڪارا، ۽ وڏا ڳڙا، ۽ باهہ، ۽ گندڪ وسائيندس.</verse>
				<verse number="23">۽ آءٌ پنهنجي وڏائي ۽ پاڪيزگي ظاهر ڪندس، ۽ گهڻين قومن جي نظر ۾ پاڻ کي مشهور ڪندس؛ ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="39">
				<verse number="1">اي آدمزاد، جوج جي برخلاف نبوت ڪر ۽ چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس اي جوج، روش، مشڪ ۽ توبل جا بادشاهہ، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان:</verse>
				<verse number="2">۽ آءٌ توکي هيڏي هوڏي ڦيرائيندس، ۽ توکي اڳتي وٺي هلندس ۽ توکي اُتر جي پرانهن ڀاڱن مان ڪڍندس: ۽ توکي اسرائيل جي جبلن تي آڻيندس.</verse>
				<verse number="3">۽ آءٌ ڌڪ هڻي تنهنجي ڏائي هٿ مان ڪمان ڪيرائي ڇڏيندس، ۽ تنهنجي ساڄي هٿ مان تير ڪيرائي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="4">تون اسرائيل جي جبلن تي ڪِرندين، تون ۽ تنهنجون سڀ ٽوليون، ۽ جيڪي قومون توسان آهن: آءٌ توکي هر قسم جي ڳجهن، ۽ جهنگ جي جانورن جي حوالي ڪندس تہ توکي ڳڙڪائي ڇڏين.</verse>
				<verse number="5">تون کليل ميدان تي ڪِري پوندين: ڇالاءِ جو خداوند خدا فرمائي ٿو تہ مون ائين فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="6">۽ آءٌ ماجوج تي، ۽ جيڪي ماڻهو ٻيٽن ۾ سلامتيءَ سان رهن ٿا تن تي، باهہ نازل ڪندس؛ ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.</verse>
				<verse number="7">۽ آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جي وچ ۾ پنهنجو پاڪ نالو مشهور ڪندس؛ ۽ وري اڳتي آءٌ پنهنجي پاڪ نالي جي بي ادبي ڪرڻ نہ ڏيندس: ۽ قومون ڄاڻنديون تہ آءٌ خداوند، اسرائيل جو پاڪ خدا آهيان.</verse>
				<verse number="8">ڏس، خداوند ٿو فرمائي تہ اهو اچي ٿو ۽ ائين ڪيو ويندو؛ اهو ئي ڏينهن آهي جنهن جو مون ذڪر ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ جيڪي اسرائيل جي شهرن ۾ رهن ٿا سي نڪري ويندا، ۽ هٿيارن کي باهہ ڏيئي ساڙيندا، ۽ سپرون ۽ ڍالون، ۽ ڪمانون ۽ تير، ۽ لٺيون ۽ نيزا، انهن سان ستن سالن تائين پيا باهيون ٻاريندا.</verse>
				<verse number="10">جنهنڪري هنن کي جهنگ مان ڪابہ ڪاٺي آڻڻ جي ضرورت نہ پوندي، ۽ نہ ٻيلن مان ڪو وڻ وڍڻو پوندو؛ ڇالاءِ جو هو هٿيارن سان باهيون ٻاريندا: ۽ جن کين ٿي لٽيو، تن کي هو لٽيندا، ۽ جن کين ٿي ڦريو تن کي ڦريندا؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.</verse>
				<verse number="11">اُنهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ جوج کي اسرائيل ۾ دفن ٿيڻ لاءِ جاءِ ڏيندس، يعني لنگهندڙ جي وادي جا سمنڊ جي اُڀرندي پاسي آهي: ۽ اُتان لنگهي ويندڙن جو رستو بند ٿيندو: ۽ اُتي هو جوج ۽ سندس سڄي ٽوليءَ کي دفن ڪندا: ۽ انهي جو نالو هامون جوج جي وادي رکندا.</verse>
				<verse number="12">۽ ستن مهينن تائين اسرائيل جو گهراڻو انهن کي پيو پوريندو، انهي لاءِ تہ انهي زمين کي صاف ڪن.</verse>
				<verse number="13">هائو، انهي زمين جا سڀ ماڻهو هنن کي دفن ڪندا؛ ۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ اُها هنن جي لاءِ هڪڙي ناموس جهڙي ڳالهہ ٿيندي، جنهن ڏينهن منهنجي وڏائي ظاهر ٿيندي.</verse>
				<verse number="14">۽ هو ڪن ماڻهن کي چونڊي ڌار ڪندا جي انهي ڪم ۾ هميشہ مشغول رهندا؛ ۽ هو راهہ لنگهندڙن جا مڙهہ، جيڪي زمين تي رهجي ويا هوندا تن کي دفن ڪرڻ لاءِ ملڪ مان گذرندا تہ زمين صاف ٿي وڃي: ستن مهينن گذرڻ کانپوءِ هو تلاش ڪندا.</verse>
				<verse number="15">۽ جيڪڏهن ڪي انهي ملڪ مان گذرندا هوندا، ۽ ڪو ماڻهوءَ جي هڏي ڏسندو، تڏهن هو انهي جي پاسي ۾ هڪڙو نشان کڙو ڪندو، جيستائين دفن ڪندڙ انهي کي هامون جوج جي واديءَ ۾ دفن ڪن.</verse>
				<verse number="16">۽ هاموناہ بہ هڪڙي شهر جو نالو ٿيندو. انهي طرح هو اُها زمين صاف ڪري ڇڏيندا.</verse>
				<verse number="17">اي آدمزاد، خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ هر ڪنهن قسم جي پکين ۽ جهنگ جي سڀني جانورن کي چئُہ تہ اوهين گڏ ٿي اچو؛ اوهين انهي قربانيءَ لاءِ سڀ ڪنهن پاسي کان گڏ ٿيو جا آءٌ اوهان جي لاءِ قربان ٿو ڪريان، بلڪ اسرائيل جي جبلن تي وڏي قرباني ٿو ڪريان تہ اوهين گوشت کائو ۽ رت پيئو.</verse>
				<verse number="18">اوهين بهادرن جو گوشت کائيندا، زمين جي بادشاهن جو، ۽ گهٽن، گهيٽن، ٻڪرين ۽ ڍڳن جو رت پيئندا، جي سڀ بسن جا ٿلها پاليل هوندا.</verse>
				<verse number="19">۽ اوهين منهنجي انهي قربانيءَ جي، چرٻي، جا مون اوهان جي لاءِ ڪُٺي آهي، ايستائين پيا کائيندا جيستائين ڍءُ ڪريو، ۽ جيستائين اوهين رت پي مست ٿيو.</verse>
				<verse number="20">۽ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اوهين منهنجي دسترخاني تي گهوڙن ۽ گاڏين سان، بهادر ماڻهن ۽ سڀني جنگي پهلوانن سان ڍءُ ڪندا.</verse>
				<verse number="21">۽ آءٌ پنهنجي وڏائي قومن ۾ ظاهر ڪندس، ۽ سڀ قومون منهنجي عدالت ڏسنديون جا مون پوري ڪئي آهي ۽ منهنجو هٿ ڏسنديون جو مون هنن تي رکيو آهي.</verse>
				<verse number="22">انهي طرح اسرائيل جو گهراڻو ڄاڻندو تہ انهي ڏينهن کان وٺي اڳتي، آءٌ خداوند سندن خدا آهيان.</verse>
				<verse number="23">۽ قومون ڄاڻنديون تہ اسرائيل جو گهراڻو پنهنجي بدڪاريءَ جي سبب قيد ٿي ويو؛ ڇالاءِ جو هنن منهنجي نافرماني ڪئي ۽ مون هنن کان پنهنجو منهن لڪايو: انهي طرح مون هنن کي سندن دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو ۽ اُهي سڀيئي ترار سان مارجي ويا.</verse>
				<verse number="24">مون هنن سان سندن ناپاڪائيءَ موجب ۽ سندن بدڪارين موجب هلت ڪئي؛ ۽ مون پنهنجو منهن هنن کان لڪايو.</verse>
				<verse number="25">تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هاڻي آءٌ وري يعقوب جا قيدي آڻيندس ۽ اسرائيل جي سڄي گهراڻي تي رحم ڪندس؛ آءٌ پنهنجي پاڪ نالي واسطي غيرت وارو ٿيندس.</verse>
				<verse number="26">۽ هو پنهنجي شرمندگي کڻندا ۽ پنهنجون سڀ بدڪاريون بہ، جن سان هنن منهنجي نافرماني ڪئي آهي؛ تنهن کان پوءِ هو سلامتيءَ سان پنهنجي زمين ۾ رهندا ۽ ڪوبہ ڪونہ ڊيڄاريندن؛</verse>
				<verse number="27">جڏهن آءٌ هنن کي قومن مان موٽائي آڻيندس ۽ سندن دشمنن جي ملڪ مان ڪڍي آڻي گڏ ڪندس، تڏهن گهڻين قومن جي نظر ۾ هنن منجهہ منهنجي پاڪيزگي ظاهر ٿيندي؛</verse>
				<verse number="28">۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند سندن خدا آهيان، جو مون هنن کي قومن ۾ قيد ڪري موڪليو، ۽ وري هنن کي خود پنهنجي زمين ۾ آڻي گڏ ڪيو؛ آءٌ انهن مان اڳتي وري ڪنهن کي بہ اُتي نہ ڇڏيندس؛</verse>
				<verse number="29">نڪي آءٌ پنهنجو منهن وري هنن کان لڪائيندس: ڇالاءِ جو، خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجو روح اسرائيل جي گهراڻي تي اوتي وڌو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="40">
				<verse number="1">اسان جي قيد جي پنجويهين ورهيہ ۾، يعني شهر جي برباد ٿيڻ کان پوءِ چوڏهين سال ۾، سال جي شروع ۾ يعني ڏهين تاريخ، انهي ساڳي ڏينهن، خداوند جو هٿ مون تي هو ۽ اُنهي مون کي اُتي آندو:</verse>
				<verse number="2">خدا جي رويائن ۾ هن مون کي اسرائيل جي زمين ۾ آڻي هڪڙي تمام وڏي جبل تي لاٿو، جنهن جي ڏکڻ پاسي ڄڻ تہ هڪڙو شهر جو نمونو هو.</verse>
				<verse number="3">۽ هن مون کي اُتي آندو ۽ ڏسو، اُتي هڪڙو ماڻهو هو جنهن جو چهرو پتل جي رنگ جهڙو هو، ۽ هٿ ۾ هڪڙي سڻيءَ جي ڏوري، ۽ ماپ ڪرڻ جو ڪانو هوس، ۽ اُهو در تي بيٺو هو.</verse>
				<verse number="4">۽ انهي ماڻهو مون کي چيو تہ اي آدمزاد، پنهنجين اکين سان ڏس، ۽ پنهنجن ڪَنن سان ٻڌ، ۽ جيڪي آءٌ توکي ڏيکاريان تنهن تي دل سان ڌيان ڏي؛ تہ آءٌ توکي اهي ڏيکاريان: ڇالاءِ جو تون هتي انهي لاءِ آندو ويو آهين تہ جيڪي تون ڏسين ٿو سو تون اسرائيل جي گهراڻي کي بيان ڪري ٻڌاءِ.</verse>
				<verse number="5">۽ ڏسو، گهر جي چوڌاري ٻاهران هڪڙي ڀِت هئي، ۽ انهي ماڻهو جي هٿ ۾ ماپ ڪرڻ جو هڪڙو ڪانو هو، جو ڇهہ هٿ ڊگهو هو؛ ۽ هرهڪ هٿ جي ماپ، ماڻهوءَ جي هٿ ۽ هٿ جي موڪرائي جيتري وڌيڪ هئي: اُنهي سان هن انهي عمارت جي ويڪر ماپي تہ هڪڙو ڪانو هئي، ۽ ڊيگهہ بہ هڪڙو ڪانو ٿي.</verse>
				<verse number="6">تنهن کانپوءِ هو در وٽ آيو، جنهن جو منهن اُڀرندي ڏانهن هو، ۽ انهي جي ڏاڪن تي چڙهيو؛ ۽ در جي چانئٺ ماپيائين، تہ هڪڙو ڪانو ويڪري ٿي، ۽ ٻي چانئٺ بہ هڪڙو ڪانو ويڪري هئي.</verse>
				<verse number="7">۽ سڀڪا ڪوٺي هڪڙو ڪانو ويڪري هئي؛ ۽ ڪوٺين جي وچ ۾ وڇوٽي پنج هٿ هئي؛ ۽ در جي چانئٺ اڳ واري در جي ايوان وٽ گهر جي پاسي هڪ ڪانو هئي.</verse>
				<verse number="8">هن گهر جي پاسي اڳ واري در جو ايوان بہ ماپيو تہ هڪ ڪانو ٿيو.</verse>
				<verse number="9">تنهن کان پوءِ هن در جو اڳ وارو ايوان ماپيو تہ اٺ هٿ ٿيو؛ ۽ ان جا ٿنڀ ٻہ هٿ هئا؛ در جو ايوان گهر ڏانهن هو.</verse>
				<verse number="10">۽ دروازي جون ڪوٺيون اُڀرندي ڏانهن، ٽي هن پاسي هيون ۽ ٽي هن پاسي؛ اُهي ٽيئي هڪڙي ماپ جون هيون: ۽ ٿنڀن جي بہ هڪڙي ئي ماپ هئي، جهڙي هن پاسي تهڙي هُن پاسي.</verse>
				<verse number="11">۽ دروازي جي منهن جي ويڪر ڏهہ هٿ هئي؛ ۽ دروازي جي ڊيگهہ تيرهن هٿ هئي؛</verse>
				<verse number="12">۽ ڪوٺين جي اڳيان هڪ هٿ جي ڪناري هن پاسي هئي، ۽ هڪ هٿ جي ڪناري هن پاسي هئي؛ ۽ ڪوٺيون ڇهہ هٿ هن پاسي هيون ۽ ڇهہ هٿ هن پاسي هيون.</verse>
				<verse number="13">۽ هڪڙي ڪوٺيءَ جي ڇت کان وٺي ٻيءَ جي ڇت تائين هن دروازي جي ماپ ڪئي تہ پنجويهہ هٿ ڪشادو ٿيو؛ در، در جي سامهون هو.</verse>
				<verse number="14">هن سٺ سٺ هٿن جا ٿنڀ بہ جوڙيا؛ ۽ ايوان ٿنڀ تائين ٿي آيو، ۽ دروازو آس پاس هو.</verse>
				<verse number="15">۽ لنگهہ جي جاءِ تي، دروازي جي اڳ کان وٺي، دروازي جي اڳ واري ايوان تائين، پنجاهہ هٿن جي وٿي هئي.</verse>
				<verse number="16">۽ ڪوٺين کي، ۽ چوڌاري دروازي جي اندران انهن جي ٿنڀن کي، ۽ ڪمانن کي بند ٿيل دريون هيون: ۽ اندر ڏانهن بہ چوڌاري دريون هيون: ۽ هرهڪ ٿنڀ تي کجيءَ جا وڻ هئا.</verse>
				<verse number="17">تنهن کان پوءِ هن مون کي ٻاهرين ايوان ۾ آندو، ۽ اُتي ڏسان تہ ڪوٺيون آهن ۽ چوڌاري ايوان جي لاءِ فرش جڙيل آهي: انهي فرش تي ٽيهہ ڪوٺيون هيون.</verse>
				<verse number="18">۽ فرش دروازي جي پاسي کان ۽ دروازن جي ڊيگهہ موجب هو، يعني هيٺيون فرش.</verse>
				<verse number="19">پوءِ هن هيٺين دروازي جي اڳ کان وٺي اندرين ايوان جي اڳ تائين، ٻاهران، اُڀرندي ۽ اُتر جي پاسي، ماپ ڪئي تہ هڪ سؤ هٿ ٿيا.</verse>
				<verse number="20">۽ ٻاهرين ايوان جو دروازو، جنهن جو رخ اُتر ڏانهن هو، تنهن جي ڊيگهہ توڙي ويڪر هن ماپي.</verse>
				<verse number="21">۽ ان جون ڪوٺيون ٽي هِن پاسي هيون، ۽ ٽي هُن پاسي؛ ۽ ان جا ٿنڀ ۽ ان جون ڪمانون پهرئين دروازي جي ماپ موافق هئا: ان جي ڊيگهہ پنجاهہ هٿ هئي، ۽ ويڪر پنجويهہ هٿ.</verse>
				<verse number="22">۽ ان جون دريون ۽ ڪمانون ۽ کجيون انهي دروازي جي ماپ موافق هيون جنهن جو رخ اُڀرندي ڏانهن آهي؛ ۽ انهي تائين چڙهي وڃڻ لاءِ ست ڏاڪا هئا؛ ۽ انهن جون ڪمانون سندن اڳيان هيون.</verse>
				<verse number="23">۽ اندرين ايوان کي ٻئي در جي آمهون سامهون هڪڙو در هو؛ جهڙو اُتر پاسي تهڙو اُڀرندي پاسي؛ ۽ هڪڙي در کان ٻئي در تائين هن ماپ ڪئي تہ هڪ سؤ هٿ ٿيا.</verse>
				<verse number="24">۽ هو مون کي ڏکڻ ڏانهن وٺي هليو، ۽ ڏس، تہ ڏکڻ ڏانهن هڪڙو دروازو هو: ۽ هن انهي جا ٿنڀ ۽ انهيءَ جون ڪمانون انهن ماپن موافق ماپيون.</verse>
				<verse number="25">۽ اُن ۾، ۽ انهي جي ڪمانن ۾، چوڌاري انهن درين جهڙيون دريون هيون: ڊيگهہ پنجاهہ هٿ هئي ۽ ويڪر پنجويهہ هٿ.</verse>
				<verse number="26">۽ انهي تائين چڙهي وڃڻ لاءِ ست ڏاڪا هئا، ۽ انهن جون ڪمانون سندن اڳيان هيون: ۽ انهي جي ٿنڀن جي مٿان، هڪڙو هِن پاسي ۽ ٻيو هُن پاسي کجيءَ جو وڻ هو.</verse>
				<verse number="27">۽ اندرين ايوان کي ڏکڻ ڏانهن هڪڙو دروازو هو: ۽ هڪڙي در کان ٻئي در تائين ڏکڻ ڏانهن هن ماپ ڪئي تہ هڪ سؤ هٿ ٿيا.</verse>
				<verse number="28">تنهن کانپوءِ هن مون کي ڏکڻ واري دروازي ڏانهن اندرين ايوان ۾ آندو: ۽ انهي ڏکڻ واري دروازي جي بہ هن ماپ ڪئي؛</verse>
				<verse number="29">۽ انهي جي ڪوٺين، ۽ ٿنڀن ۽ ڪمانن جي هنن ماپن موجب ماپ ڪئي: ۽ چوڌاري انهي ۾، ۽ ڪمانن ۾، دريون هيون: اُهو ايوان پنجاهہ هٿ ڊگهو ۽ پنجويهہ هٿ ويڪرو هو.</verse>
				<verse number="30">۽ چوڌاري ڪمانون هيون، جي پنجويهہ هٿ ڊگهيون ۽ پنج هٿ ويڪريون هيون.</verse>
				<verse number="31">۽ انهي جون ڪمانون ٻاهرين ايوان ڏانهن هيون؛ ۽ کجيءَ جا وڻ انهي جي ٿنڀن تي هئا: ۽ انهن تي چڙهڻ لاءِ اٺ ڏاڪا هئا.</verse>
				<verse number="32">۽ هن مون کي اُڀرندي ڏانهن اندرئين ايوان ۾ آندو: ۽ هنن ماپن موجب هن انهي دروازي جي ماپ ڪئي؛</verse>
				<verse number="33">۽ انهي جي ڪوٺين ۽ ٿنڀن ۽ ڪمانن جي هن هنن ماپن موجب ماپ ڪئي: ۽ انهي ۾، ۽ انهي جي ڪمانن جي چوڌاري دريون هيون: اهو ايوان بہ پنجاهہ هٿ ڊگهو ۽ پنجويهہ هٿ ويڪرو هو.</verse>
				<verse number="34">۽ انهي جون ڪمانون ٻاهرين ايوانن ڏانهن هيون؛ ۽ کجيءَ جا وڻ انهي جي ٿنڀن تي هئا، هِن پاسي بہ ۽ هُن پاسي بہ: ۽ انهي تي چڙهڻ لاءِ اٺ ڏاڪا هئا.</verse>
				<verse number="35">پوءِ هن مون کي اُتر واري دروازي وٽ آندو: ۽ انهي جي ماپ هن هنن ماپن موجب ڪئي؛</verse>
				<verse number="36">انهي جي ڪوٺين ۽ ٿنڀن ۽ ڪمانن جي بہ؛ ۽ انهي ۾ چوڌاري دريون هيون: ۽ ڊيگهہ پنجاهہ هٿ هئي ۽ ويڪر پنجويهہ هٿ.</verse>
				<verse number="37">۽ انهي جا ٿنڀ ٻاهرين ايوان ڏانهن هئا؛ ۽ کجيءَ جا وڻ انهن جي ٿنڀن تي هئا، هِن پاسي بہ، ۽ هُن پاسي بہ: ۽ انهي تي چڙهڻ لاءِ اٺ ڏاڪا هئا.</verse>
				<verse number="38">۽ درن وٽ ٿنڀن جي پاسي ۾ هڪڙي ڪوٺي در سان هئي؛ اُتي هو سوختني قرباني ڌوئندا هئا.</verse>
				<verse number="39">۽ در جي اڳ واري ايوان ۾ ٻہ ميزون هِن پاسي رکيل هيون، ۽ ٻہ ميزون هُن پاسي، جن تي سوختني قرباني ۽ گناهہ جي قرباني ۽ ڏوهہ جي قرباني ذبح ٿيندي هئي.</verse>
				<verse number="40">۽ ٻاهران، هڪڙي پاسي، اُتر واري در جي لنگهہ ڏانهن چڙهندي، ٻہ ميزون هيون؛ ۽ ٻئي پاسي، يعني در جي اڳ واري ايوان جي پاسي بہ ٻہ ميزون هيون.</verse>
				<verse number="41">يعني در جي پاسي کان چار ميزون هِن پاسي هيون، ۽ چار ميزون هُن پاسي، ڪل اٺ ميزون، جن تي قربانيون ذبح ڪندا هئا.</verse>
				<verse number="42">۽ سوختني قربانيءَ لاءِ ٽڪيل پٿر جون چار ميزون هيون، جي ڏيڍ هٿ ڊگهيون، ۽ ڏيڍ هٿ ويڪريون، ۽ هڪ هٿ اُڀيون هيون: جن تي اُهي اوزار رکيل هئا، جن سان ساڙڻ واري، ۽ ذبح ڪرڻ واري قرباني، ذبح ڪندا هئا.</verse>
				<verse number="43">۽ ان جي اندران هڪ هٿ جي موڪرائي جيڏا ڊگها ڪُنڍا چوڌاري ٻڌل هئا: ۽ ميزن تي قرباني جو گوشت رکيل هو.</verse>
				<verse number="44">اندرئين دروازي جي ٻاهران ڳائڻ وارن جون ڪوٺيون اندرئين ايوان ۾ هيون، جو اُتر واري دروازي جي پاسي هو؛ ۽ انهن جو رخ ڏکڻ ڏانهن هو: اُڀرندي واري در جي پاسي ۾ جيڪا ڪوٺي هئي، تنهن جو رخ اُتر ڏانهن هو.</verse>
				<verse number="45">پوءِ هن مون کي چيو تہ هيءَ ڪوٺي جنهن جو رخ ڏکڻ ڏانهن آهي، سا گهر جي سنڀال ڪندڙن ڪاهنن جي لاءِ آهي.</verse>
				<verse number="46">۽ جنهن ڪوٺيءَ جو رخ اُتر ڏانهن آهي سا قربانگاهہ جي سنڀال ڪندڙن ڪاهنن لاءِ آهي، جي صدوق جا پٽ آهن، جي لاوي جي اولاد مان خداوند جي خدمت چاڪري ڪرڻ ايندا آهن.</verse>
				<verse number="47">۽ هن انهيءَ ايوان جي ماپ ڪئي تہ هڪ سؤ هٿ ڊگهي ۽ هڪ سؤ هٿ ويڪري ٿي، ۽ اُهو چورس هو؛ ۽ قربانگاهہ گهر جي اڳيان هئي.</verse>
				<verse number="48">پوءِ هن مون کي در جي اڳ واري ايوان ۾ آندو، ۽ انهي جي هرهڪ ٿنڀ جي ماپ ڪيائين تہ پنج هٿ هِن پاسي ٿيو، ۽ پنج هٿ هُن پاسي: ۽ دروازي جي ويڪر ٽي هٿ هِن پاسي هئي، ۽ ٽي هٿ هُن پاسي.</verse>
				<verse number="49">اڳ واري ايوان جي ڊيگهہ ويهہ هٿ هئي ۽ ويڪر يارهن هٿ؛ يعني جن ڏاڪن تان انهي تي چڙهي وڃبو هو، تن جي پاسي کان، ۽ ٿنڀن جي ڀرسان پيلپاوا هئا، هڪڙو هِن پاسي ۽ ٻيو هُن پاسي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="41">
				<verse number="1">پوءِ هن مون کي هيڪل ۾ آندو ۽ ٿنڀن جي ماپ ڪيائين، تہ انهي جي ويڪر ڇهہ هٿ هِن پاسي ٿي ۽ ڇهہ هٿ هُن پاسي، ۽ اها تنبوءَ جي ويڪر هئي.</verse>
				<verse number="2">در جي ويڪر ڏهہ هٿ هئي؛ ۽ در جا پاسا پنج هٿ هڪڙي پاسي، ۽ پنج هٿ ٻئي پاسي هئا: ۽ هن انهي جي ڊيگهہ بہ ماپي تہ چاليهہ هٿ ٿي، ۽ ويڪر ويهہ هٿ.</verse>
				<verse number="3">پوءِ هو اندر ويو ۽ در جو هرهڪ ٿنڀ ماپيائين، تہ ٻہ هٿ ٿيو: ۽ در ڇهہ هٿ ٿيو؛ ۽ در جي ويڪر ست هٿ ٿي.</verse>
				<verse number="4">۽ هن انهي جي ڊيگهہ هيڪل جي اڳيان ماپي تہ ويهہ هٿ ٿي، ۽ ويڪر بہ ويهہ هٿ ٿي: ۽ هن مون کي چيو تہ هيءَ تمام پاڪ جاءِ آهي.</verse>
				<verse number="5">پوءِ هن گهر جي ڀت ماپي تہ ڇهہ هٿ ٿي؛ ۽ سڀ ڪنهن پاسي واري ڪوٺيءَ جي ويڪر گهر جي چوڌاري سڀ ڪنهن پاسي چار هٿ ٿي.</verse>
				<verse number="6">۽ پاسي وارين ڪوٺين جا ٽي طبقا هئا، هڪٻئي جي مٿان، ۽ قطار ۾ ٽيهہ: ۽ اُهي اُنهي ڀت ۾ گهڙي ٿي ويا جا چوڌاري پاسي وارين ڪوٺين جي لاءِ گهر کي ڏنل هئي، انهي لاءِ تہ اُهي انهي ۾ مضبوط رهن ۽ گهر جي ڀت ۾ نہ رهن.</verse>
				<verse number="7">۽ اُهي پاسي واريون ڪوٺيون، جيئن گهر جي چوڌاري مٿي ٿي ويون، تيئن وڌيڪ ڪشاديون ٿي ٿيون؛ ڇالاءِ جو گهر جو گهيرو گهر جي چوڌاري جيئن پوءِ تيئن مٿي ٿيندو ٿي ويو: تنهنڪري گهر جي ويڪرائي مٿي هلندي ويئي. انهي ڪري ماڻهو هيٺين ڪوٺيءَ مان وچين ڪوٺيءَ کان لنگهي، پوءِ مٿين ڪوٺيءَ تائين چڙهي ٿي سگهيو.</verse>
				<verse number="8">مون هي بہ ڏٺو تہ گهر جو فرش چوڌاري ٿلهي وارو هو: پاسي وارين ڪوٺين جو بنياد هڪڙو سڄو ڪانو، ڇهن وڏن هٿن جو هو.</verse>
				<verse number="9">جيڪا ڀت پاسي وارين ڪوٺين جي لاءِ هئي تنهن جي ٿولهہ ٻاهران پنج هٿ هئي: ۽ جيڪا خالي ڇڏيل هئي سا پاسي وارين ڪوٺين جي جاءِ هئي، جا گهر جي لاڳو هئي.</verse>
				<verse number="10">۽ ڪوٺين جي وچ ۾، گهر جي چوڌاري سڀ ڪنهن پاسي ويهن هٿن جي وڇوٽي هئي.</verse>
				<verse number="11">۽ پاسي وارين ڪوٺين جا در خالي پيل جاءِ ڏانهن هئا، هڪڙو در اُتر ڏانهن، ۽ ٻيو در ڏکڻ ڏانهن: ۽ خالي پيل جاءِ جي ويڪر چوڌاري پنج هٿ هئي.</verse>
				<verse number="12">۽ الهندي ڏانهن پاسي تي جيڪا عمارت هئي سا جدا جاءِ جي اڳيان هئي، ۽ ستر هٿ ويڪري هئي؛ ۽ انهي عمارت جي ڀت چوڌاري پنج هٿ ٿلهي هئي، ۽ ان جي ڊيگهہ نوي هٿ هئي.</verse>
				<verse number="13">انهي طرح هن گهر جي ماپ ڪئي، جو هڪ سؤ هٿ ڊگهو هو؛ ۽ اُها جدا جاءِ ۽ عمارت ڀتين سميت، هڪ سؤ هٿ ڊگهي هئي.</verse>
				<verse number="14">۽ گهر توڙي انهي جدا جاءِ جي منهن جي ويڪر، اُڀرندي ڏانهن هڪ سؤ هٿ هئي.</verse>
				<verse number="15">۽ هن، جيڪا علحدي عمارت پٺيان هئي، تنهن جي اڳيان انهي عمارت ۽ انهي جي ٻنهي پاسن وارن ورانڊن جي ماپ ڪئي تہ ڊيگهہ هڪ سؤ هٿ هئي: ۽ اندرين هيڪل ۽ ايوان جا اڳ وارا دالان؛</verse>
				<verse number="16">چانئٺيون ۽ بند ٿيل دريون، ۽ ٽنهي طبقن جي چوڌاري ورانڊا، چانئٺ جي آمهون سامهون چوڌاري ڪاٺ سان مڙهيل هئا، ۽ اُهي زمين کان وٺي درين تائين مڙهيل هئا؛ ۽ دريون ڍڪيل هيون؛</verse>
				<verse number="17">هاڻي سردر تائين، بلڪ اندرين گهر تائين، ۽ ٻاهران چوڌاري سڄي ڀت، اندر ۽ ٻاهر، ماپ موجب هئا.</verse>
				<verse number="18">۽ اُهي ڪروبين ۽ کجيءَ جي وڻن سان سينگاريل هئا؛ هڪڙي ڪروبيءَ ۽ ٻئي ڪروبيءَ جي وچ ۾ هڪڙو کجيءَ جو وڻ هو، ۽ هر هڪ ڪروبيءَ کي ٻہ منهن هئا؛</verse>
				<verse number="19">اهڙي طرح ماڻهوءَ جو منهن هڪڙي پاسي کجيءَ جي وڻ ڏانهن هو، ۽ جوان شينهن جو منهن ٻئي پاسي کجيءَ جي وڻ ڏانهن هو: انهي طرح سڄي گهر جي چوڌاري اُهي جڙيل هئا.</verse>
				<verse number="20">زمين کان وٺي در جي چوٽيءَ تائين ڪروبي ۽ کجيءَ جا وڻ جڙيل هئا: هيڪل جي ڀت انهي طرح جي هئي.</verse>
				<verse number="21">باقي هيڪل، سو انهي جي در جا ٿنڀ چورس ٺاهيل هئا؛ ۽ پاڪ مڪان جو منهن ظاهري صورت ۾، هيڪل جي ظاهري صورت جهڙو هو.</verse>
				<verse number="22">قربانگاهہ ڪاٺ جي هئي، ۽ ٽي هٿ اوچي ۽ ٻہ هٿ ڊگهي هئي؛ ۽ انهي جون ڪُنڊون ۽ انهي جي ڊيگهہ، ۽ انهي جون ڀتيون ڪاٺ جون هيون: ۽ هن مون کي چيو تہ هيءَ اُها ميز آهي جا خداوند جي اڳيان آهي.</verse>
				<verse number="23">۽ هيڪل ۽ پاڪ مڪان کي ٻہ در هئا.</verse>
				<verse number="24">۽ درن کي ٻہ ٻہ طاق هئا، ٻئي ڦرندڙ طاق هئا، ۽ ٻہ طاق هڪڙي در لاءِ ۽ ٻہ طاق ٻئي در لاءِ هئا.</verse>
				<verse number="25">انهن تي هيڪل جي درن جي مٿان ڪروبي ۽ کجيءَ جا وڻ جڙيل هئا، جهڙا ڀتين تي جڙيل هئا؛ ۽ ٻاهر دالان جي اڳئين پاسي تي، ٿلها شهتير هئا.</verse>
				<verse number="26">اڳين دالان جي پاسن تي هڪڙي پاسي ۽ ٻئي پاسي بہ، بند ٿيل دريون ۽ کجيءَ جا وڻ هئا. گهر جون پاسي واريون ڪوٺيون ۽ ٿلها شهتير انهي طرح جا هئا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="42">
				<verse number="1">پوءِ هن مون کي اُتر واري رستي کان ڪڍي ٻاهرين ايوان ۾ آندو: ۽ جيڪا ڪوٺي انهي علحدي جاءِ جي آمهون سامهون هئي، ۽ جيڪا اُتر پاسي واري عمارت جي آمهون سامهون هئي، تنهن ۾ هن مون کي آندو.</verse>
				<verse number="2">اُتر واري دروازي جي اڳيان ڊيگهہ هڪ سؤ هٿ هئي ۽ ويڪر پنجاهہ هٿ هئي.</verse>
				<verse number="3">جيڪي ويهہ هٿ اندرين ايوان سان هئا، تن جي آمهون سامهون، ۽ ٻاهرين ايوان جي فرش بنديءَ جي آمهون سامهون، ٽئين طبقي ۾، ورانڊي جي سامهون ورانڊو هو.</verse>
				<verse number="4">۽ ڪوٺين جي اڳيان اندرين پاسي ڏهن هٿن جيترو ڪشادو ميدان هو؛ ۽ هڪ هٿ جيترو موڪرو رستو هو ۽ انهن جا در اُتر ڏانهن هئا.</verse>
				<verse number="5">هاڻي مٿيون ڪوٺيون ننڍيون هيون: ڇالاءِ جو انهن مان هيٺين ۽ وچين ڪوٺين کان وڌيڪ عمارت جو حصو انهن ورانڊن ۾ اچي ٿي ويو.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو انهن جا ٽي طبقا هئا، ۽ ايوانن جي پيلپاون وانگر انهن کي پيلپاوا ڪين هئا: تنهنڪري مٿين ڪوٺي وچين ۽ هيٺين ڪوٺيءَ کان سوڙهي هئي.</verse>
				<verse number="7">۽ جيڪا ڀت ٻاهر ڪوٺين جي ڀرسان، ڪوٺين جي اڳيان ٻاهرين ايوان جي پاسي هئي، تنهن جي ڊيگهہ پنجاهہ هٿ هئي:</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو ٻاهرين ايوان جي ڪوٺين جي ڊيگهہ پنجاهہ هٿ هئي، ۽ هيڪل جي اڳ ۾ هڪ سؤ هٿ هئا.</verse>
				<verse number="9">۽ انهن ڪوٺين جي هيٺان، اُڀرندي پاسي، ٻاهرين ايوان مان، انهن ۾ وڃڻ لاءِ جاءِ هئي.</verse>
				<verse number="10">اُڀرندي واري ايوان جي ڀت جي شڪم ۾ علحدي جاءِ جي اڳيان ۽ عمارت جي اڳيان ڪوٺيون هيون.</verse>
				<verse number="11">۽ انهن جي اڳ وارو رستو ڏسڻ ۾ اهڙو هو جهڙو انهن ڪوٺين جو رستو، جي اُتر ڏانهن هيون؛ جهڙي سندن ڊيگهہ تهڙي سندن ويڪر هئي: ۽ انهن جا سڀ ٻاهر وڃڻ جا رستا، انهن جي نموني ۽ انهن جي درن موافق هئا.</verse>
				<verse number="12">۽ رستي جي منهن تي، يعني جيڪو رستو ڪوٺين ۾ گهڙڻ واري هنڌان اُڀرندي جي بلڪل اڳيان هو، تنهن ۾ هڪڙو در هو، جو ڏکڻ پاسي وارين ڪوٺين جي درن جهڙو هو.</verse>
				<verse number="13">تڏهن هن مون کي چيو تہ اُتر واريون ڪوٺيون ۽ ڏکڻ واريون ڪوٺيون، جي علحدي جاءِ جي اڳيان آهن، سي پاڪ ڪوٺيون آهن، جتي اُهي ڪاهن، جي خداوند جي حضوري ۾ وڃن ٿا، سي تمام پاڪ شيون کائيندا: اُتي هو تمام پاڪ شيون ۽ کاڌي جي قرباني، ۽ گناهہ جي قرباني ۽ ڏوهہ جي قرباني رکن؛ ڇالاءِ جو اُها جاءِ پاڪ آهي.</verse>
				<verse number="14">جڏهن ڪاهن اُتي لنگهي اچن، تڏهن هو انهي پاڪ جاءِ مان نڪري ٻاهرين ايوان ۾ نہ وڃن، پر اُتي هو پنهنجا ڪپڙا رکن، جن ۾ هو خدمت چاڪري ڪن ٿا؛ ڇالاءِ جو اُهي پاڪ آهن: ۽ هو ٻيا ڪپڙا پائي عام ماڻهن واري جاءِ جي ويجهو وڃن.</verse>
				<verse number="15">هاڻي جڏهن هن اندريون گهر ماپي بس ڪيو، تڏهن هن مون کي انهي در جي رستي ٻاهر آندو، جنهن جو رخ اُڀرندي ڏانهن آهي، ۽ انهي جي چوڌاري ماپ ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="16">هن ماپ ڪرڻ واري ڪاني سان اُڀرندي پاسي ماپ ڪئي تہ چوڌاري ماپ پنج سؤ ڪانا ٿي.</verse>
				<verse number="17">هن اُتر پاسي بہ ماپ واري ڪاني سان چوڌاري ماپ ڪئي تہ پنج سؤ ڪانا ٿي.</verse>
				<verse number="18">ڏکڻ پاسي هن ماپ ڪئي تہ ماپ واري ڪاني سان پنج سؤ ڪانا ٿي.</verse>
				<verse number="19">هو ڦري اُلهندي پاسي ويو ۽ ماپ واري ڪاني سان پنج سؤ ڪانا ماپيائين.</verse>
				<verse number="20">هن چئني پاسن کان انهي جي ماپ ڪئي: انهي کي چوڌاري هڪڙي ڀت هئي، جنهن جي ڊيگهہ پنج سؤ ڪانا هئي، انهي لاءِ تہ جيڪي پاڪ هو تنهن کي عام کان ڌار ڪري.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="43">
				<verse number="1">تنهن کان پوءِ هن مون کي دروازي وٽ آندو، يعني اُهو دروازو جنهن جو منهن اُڀرندي ڏانهن هو.</verse>
				<verse number="2">۽ ڏسو، اسرائيل جي خدا جو جلال اُڀرندي پاسي کان آيو: ۽ هن جو آواز گهڻين پاڻين جي آواز جهڙو هو: ۽ زمين هن جي جلال سان چمڪڻ لڳي.</verse>
				<verse number="3">۽ اُهو مون انهي رويا موافق ٿي ڏٺو، هائو، انهي رويا وانگر ٿي ڏٺم جڏهن آءٌ اهو شهر ناس ڪرڻ آيو هوس؛ ۽ اُهي رويا بہ اُنهي رويا جهڙا هئا، جي مون ڪبار نديءَ جي ڪناري تي ڏٺا هئا: ۽ آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس.</verse>
				<verse number="4">۽ خداوند جو جلال انهي دروازي جي رستي گهر ۾ آيو، جنهن جو رخ اُڀرندي ڏانهن آهي.</verse>
				<verse number="5">۽ روح مون کي کڻي اندرين ايوان ۾ آڻي لاٿو؛ ۽ ڏسو، خداوند جي جلال هيڪل کي ڀري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="6">۽ مون هيڪل مان هڪڙي ماڻهوءَ کي ڳالهائيندو ٻڌو؛ ۽ هڪڙو ماڻهو اچي منهنجي پاسي ۾ بيهي رهيو.</verse>
				<verse number="7">۽ اُنهي مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هيءَ منهنجي تختگاهہ آهي، ۽ منهنجي پيرن جي ترين رکڻ جي جاءِ آهي، جتي آءٌ هميشہ لاءِ بني اسرائيل جي وچ ۾ رهندس: ۽ اسرائيل جو گهراڻو اڳتي وري منهنجي پاڪ نالي کي پنهنجي زناڪاريءَ سان، ۽ پنهنجن مٿانهن مڪانن تي پنهنجي بادشاهن جي لاشن سان، ناپاڪ نہ ڪندو، ۽ نہ هو ۽ نہ سندن بادشاهہ.</verse>
				<verse number="8">هنن پنهنجي چانئٺ منهنجي چانئٺ جي ڀرسان رکي، ۽ پنهنجي در جو ٿنڀ منهنجي در جي ٿنڀ جي ڀرسان، ۽ منهنجي ۽ هنن جي وچ ۾ رڳي ڀت هئي؛ ۽ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم هنن ڪيا، تن سان هنن منهنجو نالو پليت ڪيو آهي: تنهنڪري مون پنهنجي ڪاوڙ ۾ هنن کي چٽ ڪري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="9">هاڻي هو پنهنجي زناڪاريءَ ۽ پنهنجن بادشاهن جي مڙهن کي مون کان پري اُڇلائين، تہ پوءِ آءٌ هنن جي وچ ۾ هميشہ لاءِ رهندس.</verse>
				<verse number="10">اي آدمزاد، تون اهو گهر اسرائيل جي گهراڻي کي ڏيکار، تہ هو پنهنجين بدڪارين کان شرمندا ٿين: ۽ تون هنن کي اهو نمونو ماپڻ ڏي.</verse>
				<verse number="11">۽ جيڪڏهن هو پنهنجن سڀني ڪمن کان شرمندا ٿين تہ پوءِ هنن کي انهي گهر جي نقشي ۽ ڊول مان، ۽ انهي جي ٻاهر وڃڻ ۽ اندر اچڻ جي رستن کان، ۽ انهي جي سڀني شڪلين، ۽ انهي جي سڀني قانونن، ۽ سڀني رسمن، ۽ سڀني قاعدن کان واقف ڪر، ۽ سندن روبرو اُهي لکي ڇڏ: تہ هو انهي جو نقشو ۽ انهي جا سڀ قانون سنڀالي ياد رکن، ۽ انهن جي تعميل ڪن.</verse>
				<verse number="12">۽ هن گهر جو قاعدو هي آهي: جبل جي چوٽيءَ تي چوڌاري انهي جي سڄي حد تمام پاڪ رهندي. هن گهر جو قاعدو اهو آهي.</verse>
				<verse number="13">۽ قربانگاهہ جون ماپون هٿن جي حساب سان هي آهن: (هڪ هٿ جي ماپ آهي ماڻهوءَ جو هٿ، ۽ هٿ جي موڪرائي.) پائو هڪ هٿ ٿيندو ۽ ويڪر هڪ هٿ، ۽ ان جو ڪنارو چوڌاري اُن جي وٽ سان اٽڪل هڪڙي گرانٺ: اهو ٿيندو قربانگاهہ جو پائو.</verse>
				<verse number="14">۽ زمين تي پائي کان وٺي هيٺين طاقيءَ تائين ٻہ هٿ ٿيندا، ۽ ويڪر هڪ هٿ؛ ۽ ننڍي طاقيءَ کان وڏي طاقيءَ تائين چار هٿ، ۽ ويڪر هڪ هٿ.</verse>
				<verse number="15">۽ مٿين قربانگاهہ چار هٿ ٿيندي؛ ۽ قربانگاهہ جي چلهي کان مٿي چار سڱ ٿيندا.</verse>
				<verse number="16">۽ قربانگاهہ جو چلهو ٻارهن هٿ ڊگهو ۽ ٻارهن هٿ ويڪرو، چئني پاسي چورس ٿيندو.</verse>
				<verse number="17">۽ طاق چوڏهن هٿ ڊگهو ۽ چوڏهن هٿ ويڪرو، چئني پاسي ائين ٿيندو: ۽ ان جي چوڌاري ڪنارو اڌ هٿ ٿيندو؛ ۽ ان جو پائو چوڌاري هڪ هٿ ٿيندو؛ ۽ ان جي ڏاڪڻ جو رخ اُڀرندي ڏانهن ٿيندو.</verse>
				<verse number="18">۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن هو قربانگاهہ جوڙيندا، تنهن ڏينهن ان جا قانون هي ٿيندا، ۽ انهي لاءِ تہ انهي تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪن، ۽ انهي تي رت ڇاٽارين.</verse>
				<verse number="19">خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ لاوي ڪاهن جي صدوق جي نسل جا آهن، ۽ مون کي ويجها آهن تہ منهنجي خدمت چاڪري ڪن، تن کي تون هڪڙو وهڙو گناهہ جي قرباني لاءِ ڏجانءِ.</verse>
				<verse number="20">۽ ان جي رت مان ڪجهہ کڻي ان جي چئن سڱن تي، ۽ طاق جي چئن ڪُنڊن تي ۽ ان جي چوڌاري ڪناري تي ڇاٽارج: انهي طرح تون انهي کي صاف ڪج ۽ انهي لاءِ ڪفارو ڏج.</verse>
				<verse number="21">تون گناهہ جي قربانيءَ وارو ڍڳو بہ وٺي، پاڪ مڪان جي ٻاهران، گهر جي ٺهرايل هنڌ انهي کي ساڙج.</verse>
				<verse number="22">۽ ٻئي ڏينهن هڪڙو بي عيب ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ پيش ڪج؛ ۽ هو قربانگاهہ کي صاف ۽ پاڪ ڪندا، جيئن هنن انهي کي ڍڳي سان پاڪ صاف ڪيو هو.</verse>
				<verse number="23">جڏهن انهي کي تون صاف ڪري بس ڪرين، تڏهن هڪڙو بي عيب وهڙو، ۽ ڌڻ مان هڪڙو بي عيب گهٽو آڻي، قرباني ڪج.</verse>
				<verse number="24">۽ تون هنن کي خداوند جي اڳيان آڻج، ۽ ڪاهن انهن تي لوڻ وجهن، ۽ اُهي هنن کي خداوند جي لاءِ ساڙڻ جي قرباني ڪري پيش ڪن.</verse>
				<verse number="25">ست ڏينهن برابر هر روز هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ تيار ڪج: هو هڪڙو وهڙو ۽ ڌڻ مان هڪڙو بي عيب گهٽو بہ تيار ڪن.</verse>
				<verse number="26">ست ڏينهن برابر هو قربانگاهہ جي لاءِ ڪفارو ڏيندا، ۽ انهي کي صاف ڪندا؛ انهي طرح هو انهي کي پاڪ ڪندا.</verse>
				<verse number="27">۽ جڏهن هو اُهي ڏينهن پورا ڪندا، تڏهن هيئن ٿيندو تہ اٺين ڏينهن، ۽ انهي کانپوءِ، ڪاهن قربانگاهہ تي اوهانجون سوختني قربانيون، ۽ اوهان جون سلامتيءَ واريون قربانيون چاڙهيندا: ۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان کي قبول ڪندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="44">
				<verse number="1">پوءِ هن مون کي موٽائي پاڪ مڪان جي ٻاهرين دروازي واري رستي کان آندو، جنهن جو منهن اُڀرندي ڏانهن هو، ۽ اُهو بند هو.</verse>
				<verse number="2">۽ خداوند مون کي فرمايو، تہ هي بند رهندو ۽ کلندو ڪين ۽ نہ ڪو ماڻهو انهي مان اندر لنگهندو، ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا پاڻ انهي مان اندر لنگهيو آهي؛ تنهنڪري اُهو بند رهندو.</verse>
				<verse number="3">باقي بادشاهہ، سو خداوند جي اڳيان ماني کائڻ لاءِ بادشاهہ ٿي انهي ۾ ويهندو؛ هو در جي اڳئين ايوان مان اندر ايندو ۽ وري ساڳئي رستي ٻاهر ويندو.</verse>
				<verse number="4">تنهن کانپوءِ هن مون کي اُتر واري دروازي کان گهر جي اڳيان آندو؛ ۽ مون نهاريو، ۽ ڏس، خداوند جي جلال خداوند جي گهر کي ڀري ڇڏيو: تڏهن آءٌ منهن ڀر ڪري پيس.</verse>
				<verse number="5">۽ خداوند مون کي فرمايو تہ اي آدمزاد، ڌيان ڏي، جيڪي آءٌ توکي خداوند جي گهر جي رسمن، ۽ انهي جي قانون بابت چوان سو سڀ پنهنجي اکين سان ڏس، ۽ پنهنجن ڪَنن سان ٻڌ؛ گهر ۾ گهڙڻ جي جاءِ کي، ۽ پاڪ مڪان مان سڀني نڪرڻ جي جاين کي ڌيان ڏيئي ڏس.</verse>
				<verse number="6">۽ تون انهن فسادين کي، يعني اسرائيل جي گهراڻي کي چئج تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهان جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن سي اوهان جي لاءِ بس آهن.</verse>
				<verse number="7">جو اوهان منهنجي ماني، ۽ چرٻي، ۽ رت، پيش ڪرڻ وقت انهن ڌارين ماڻهن کي منهنجي پاڪ مڪان ۾، يعني منهنجي گهر ۾ آڻي انهي کي پليت ڪيو، جي دل جا اڻ طهريل آهن ۽ جسم جا بہ اڻ طهريل آهن؛ ۽ انهن منهنجو عهد اقرار ڀڃي اوهانجن سڀني بڇڙن ڪمن ۾ زيادتي ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="8">۽ اوهان منهنجين پاڪ شين جي پوري سنڀال نہ ڪئي آهي: پر اوهان منهنجي پاڪ مڪان ۾ پاڪ شين جي سنڀاليندڙن کي پنهنجي لاءِ مقرر ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="9">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڪوبہ ڌاريو ماڻهو، جو دل جو اڻ طهريل ۽ جسم جو اڻ طهريل آهي، سو بني اسرائيل ۾ رهندڙ ڌارين ماڻهن مان منهنجي پاڪ مڪان ۾ نہ گهڙي.</verse>
				<verse number="10">پر جيڪي لاوي، اسرائيل جي گمراهہ ٿيڻ وقت مون کان پري ويا، ۽ پنهنجن بُتن جي پٺيان لڳي مون کان ڦري ويا؛ سي پنهنجي بدڪاري پاڻ کڻندا.</verse>
				<verse number="11">انهي هوندي بہ هو منهنجي پاڪ مڪان ۾ خدمتگار ٿي رهندا، ۽ گهر جي دروازن جي نگهباني بہ ڪندا، ۽ گهر ۾ خدمت چاڪري بہ ڪندا: هو ماڻهن جي پاران سوختني قرباني ۽ ذبح ڪرڻ واري قرباني بہ ڪُهندا، ۽ انهن جي خدمت ڪرڻ لاءِ سندن اڳيان بيهندا.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو هو سندن بُتن جي اڳيان سندن خدمت ڪندا هئا، ۽ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ بدڪاريءَ جو آٿڙائيندڙ پٿر هئا؛ تنهنڪري خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون پنهنجو هٿ هنن جي برخلاف کنيو، ۽ هو پنهنجي بدڪاري پاڻ کڻندا.</verse>
				<verse number="13">پر هو ڪاهنن جي عهدي جي خدمت لاءِ منهنجي ويجهو نہ اچن، نڪي هو منهنجي پاڪ شين کي ويجهو اچن، يعني انهن شين کي جي تمام پاڪ آهن: پر هو پنهنجي خواري ۽ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا اٿن سي پاڻ کڻندا.</verse>
				<verse number="14">انهي هوندي بہ آءٌ هنن کي انهي گهر جو سنڀاليندڙ ڪندس، انهي لاءِ تہ اُنهي جي هر طرح جي خدمت چاڪري ڪن، ۽ ٻيو بہ جيڪي انهي ۾ ڪرڻو آهي سو ڪن.</verse>
				<verse number="15">پر لاوي ڪاهن صدوق جا پٽ، جي منهنجي پاڪ مڪان جي تڏهن بہ سنڀال ڪندا هئا جڏهن بني اسرائيل مون کان ڦري ويا هئا، سي منهنجي خدمت چاڪري ڪرڻ لاءِ ڀلي منهنجي اڳيان بيهن.</verse>
				<verse number="16">هو ڀلي منهنجي پاڪ مڪان ۾ گهڙي اچن ۽ منهنجي خدمت ڪرڻ لاءِ منهنجي ميز کي ويجها اچن، ۽ منهنجين شين جي سنڀال ڪن.</verse>
				<verse number="17">۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو اندرئين ايوان جي درن کان اندر لنگهن تڏهن ڪتاني ڪپڙا ڍڪين؛ ۽ اندرين ايوان جي درن ۾، ۽ انهي کان اندر خدمت ڪرڻ وقت، پشم اصل نہ ڍڪين.</verse>
				<verse number="18">هنن کي مٿن تي ڪتاني ڪپڙن جا پٽڪا هجن، ۽ ٽَنگن تي انهي ڪپڙي جون سٿڻون هجن؛ چيلهہ سان اهڙي ڪا شيءِ نہ ٻڌن جا پگهر آڻي.</verse>
				<verse number="19">۽ جڏهن هو نڪري ٻاهرين ايوان ۾ وڃن، يعني عام ماڻهن واري ايوان ۾، تڏهن جن ڪپڙن ۾ هنن خدمت ٿي ڪئي سي لاهي پاڪ ڪوٺين ۾ رکن ۽ ٻيا ڪپڙا پائين، تہ متان پنهنجن ڪپڙن سان عام خلق کي پاڪ ڪن.</verse>
				<verse number="20">نڪي هو پنهنجا مٿا ڪوڙائين ۽ نہ وار وڏا رکن؛ فقط پنهنجن مٿن جا وار ڪترائين.</verse>
				<verse number="21">۽ نہ ڪو ڪاهن اندرين ايوان ۾ گهڙڻ وقت شراب پيئي.</verse>
				<verse number="22">نڪي هو ڪنهن رن زال سان شادي ڪن، ۽ نہ ڪنهن طلاق ڏنل زال سان: پر هو بني اسرائيل جي نسل مان ڪنواريون ڇوڪريون پرڻجن، يا اُها رن زال جا ڪنهن ڪاهن جي بيواهہ هجي.</verse>
				<verse number="23">۽ هو پنهنجي قوم کي پاڪ ۽ عام جي وچ ۾ فرق سيکارين، ۽ ناپاڪ ۽ پاڪ جي وچ ۾ تفاوت معلوم ڪرائين.</verse>
				<verse number="24">۽ تڪرار وقت هو منصف ٿي بيهن، ۽ منهنجن حڪمن موجب هو انصاف ڪن: ۽ منهنجن سڀني مقرر ڪيل عيدن تي منهنجي قاعدن جي سنڀال ڪن؛ ۽ منهنجن سبتن کي پاڪ رکن.</verse>
				<verse number="25">۽ ڪنهن بہ مُئل ماڻهو سان نہ لڳن تہ پليت نہ ٿي پون: پر پيءُ لاءِ يا ماءُ، يا پٽ، يا ڌيءَ، يا ڀاءُ، يا ڪنواري ڀيڻ جي لاءِ هنن پاڻ کي پليت ڪيو تہ حرڪت ناهي.</verse>
				<verse number="26">۽ پاڪ ٿيڻ کانپوءِ، هن جي لاءِ ست ڏينهن شمار ڪجن.</verse>
				<verse number="27">۽ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن وري هو پاڪ مڪان ۾، جو اندرين ايوان ۾ آهي، خدمت ڪرڻ لاءِ وڃي تڏهن پنهنجي گناهہ جي قرباني پيش ڪري:</verse>
				<verse number="28">۽ هنن کي هڪڙي ميراث ملندي؛ آءٌ انهن جي ميراث آهيان: ۽ اسرائيل مان اوهين هنن کي ڪابہ ملڪيت نہ ڏجو؛ آءٌ هنن جي ملڪيت آهيان.</verse>
				<verse number="29">هو کاڌي جي قرباني، ۽ گناهہ جي قرباني ۽ ڏوهہ جي قرباني کائيندا؛ ۽ اسرائيل ۾ سڀڪا وقف ڪيل شئي هنن جي ٿيندي.</verse>
				<verse number="30">۽ سڀ ڪنهن شيءِ جي پهرين ڦرن مان پهريان، ۽ اوهانجين سڀني قربانين مان سڀ ڪنهن شيءِ جي قرباني ڪاهنن جي ٿيندي: پنهنجو پهريون ڳوهيل اٽو بہ اوهين ڪاهنن کي ڏجو، تہ اوهان جي گهر تي برڪت اچي.</verse>
				<verse number="31">جيڪا شيءِ پاڻ ئي مري، يا ڦاڙيل هجي، خواهہ جانور، خواهہ پکي، تنهن مان ڪاهن ڪجهہ بہ نہ کائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="45">
				<verse number="1">تنهن کانسواءِ جڏهن اوهين ورثي جي لاءِ ڪُڻن سان زمين ورهائيندا، تڏهن زمين جو هڪڙو حصو پاڪ ڪري خداوند جي لاءِ وقف جو نذرانو ڪري ڏجو: ان جي ڊيگهہ پنجويهہ هزار ڪانا هجي، ۽ ويڪر ڏهہ هزار: اُها چوڌاري ان جي سرحدن ۾ پاڪ ٿيندي.</verse>
				<verse number="2">انهي مان پاڪ جاءِ جي لاءِ پنج سؤ ڪانا ڊيگهہ ۽ پنج سؤ ويڪر، چوڌاري چورس ٿيندي؛ ۽ ان جي پسگردائي لاءِ چوڌاري پنجاهہ هٿ ٿيندا.</verse>
				<verse number="3">۽ هن ماپ جا تون پنجويهہ هزار ڊيگهہ ۾، ۽ ڏهہ هزار ويڪر ۾ ماپج؛ ۽ انهي ۾ پاڪ مڪان ٿيندو جو تمام پاڪ آهي.</verse>
				<verse number="4">اهو زمين جو هڪڙو پاڪ حصو آهي؛ اهو ڪاهنن، يعني تمام پاڪ مڪان جي خدمتگارن لاءِ رهندو؛ اها هنن جي گهرن جي جاءِ ٿيندي، ۽ پاڪ مڪان جي لاءِ هڪڙي پاڪ جاءِ ٿيندي.</verse>
				<verse number="5">۽ پنجويهہ هزار ڊيگهہ ۾ ٻہ هزار ويڪر ۾، لاوين، يعني گهر جي خدمتگارن جي لاءِ ٿيندا، جي هنن جو خاص حصو ٿيندا؛ ۽ اُها ويهن ڪوٺين جي لاءِ جاءِ ٿيندي.</verse>
				<verse number="6">۽ شهر جو حصو اوهين پنج هزار ويڪرو ۽ پنجويهہ هزار ڊگهو، وقف واري پاڪ حصي سان لڳولڳ مقرر ڪجو: اُهو اسرائيل جي سڄي گهراڻي لاءِ ٿيندو.</verse>
				<verse number="7">۽ جيڪو حصو بادشاهہ جو ٿيندو سو وقف واري پاڪ حصي جي هِن پاسي ۽ هُن پاسي شهر جي حصي جي اڳيان ٿيندو؛ الهندي ڏانهن الهندي پاسي، ۽ اُڀرندي ڏانهن اُڀرندي پاسي ٿيندو؛ ۽ ڊيگهہ ۾ اُلهندي واري حد کان وٺي، اُڀرندي واري حد تائين، حصن مان هڪڙي جي موافق ٿيندو.</verse>
				<verse number="8">اُنهي زمين ۾، اُها اسرائيل ۾ سندس موروثي ملڪيت ٿيندي، ۽ منهنجا بادشاهہ وري اڳتي منهنجي قوم تي ظلم نہ ڪندا، پر هو اها زمين اسرائيل جي گهراڻي کي سندن فرقن موجب ڏيندا.</verse>
				<verse number="9">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا بادشاهہ اوهان جي لاءِ بس آهي، ظلم ۽ ڦرلٽ ڇڏي ڏيو، ۽ عدل ۽ انصاف ڪريو؛ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ منهنجي قوم تان پنهنجون تنگ طلبيون لاهي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="10">اوهين پوري ساهمي، ۽ پورو ايفہ، ۽ پورو بٿ رکو.</verse>
				<verse number="11">ايفہ ۽ بٿ هڪڙي ئي وزن جو هئڻ گهرجي؛ بٿ خومر جو ڏهون حصو هجي، ۽ ايفہ بہ خومر جو ڏهون حصو هجي: انهي جو وزن خومر موجب هجي.</verse>
				<verse number="12">۽ شيڪل ۾ ويهہ جيرا هئڻ گهرجن: ويهہ شيڪل، پنجويهہ شيڪل، ۽ پندرهن شيڪل اوهان جو مانہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="13">اهو آهي نذرانو جو اوهين پيش ڪندا؛ ڪڻڪ جي خومرن مان ايفہ جو ڇهون حصو، ۽ جَوَن جي خومرن مان ايفہ جو ڇهون حصو اوهين ڏيندا:</verse>
				<verse number="14">۽ تيل جو ٺهرايل حصو، يعني ڪر مان بٿ جو ڏهون حصو آهي، ۽ ڪر ڏهن بٿن جي برابر آهي، يعني خومر جي برابر؛ ڇالاءِ جو خومر ۾ ڏهہ بٿ آهن:</verse>
				<verse number="15">۽ اسرائيل جي ساون چراگاهن مان، کاڌي جي ۽ ساڙڻ واري ۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ، ٻن سوَن جي ڌڻ مان هڪڙو گهيٽو، تہ انهن جو ڪفارو ٿئي؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.</verse>
				<verse number="16">ملڪ جا سڀ ماڻهو اسرائيل جي حاڪم لاءِ اهو نذرانو ڏيندا.</verse>
				<verse number="17">۽ پوءِ اهو انهي حاڪم جو فرض ٿيندو تہ سوختني قربانيون کاڌي جون قربانيون ۽ پيئڻ واريون قربانيون، عيدن تي، ۽ نوَن چنڊن تي، ۽ سبتن تي، ۽ اسرائيل جي گهراڻي جي مقرر ڪيل سڳورن ڏينهن تي ڏئي: هو گناهہ جي قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني، ۽ سوختني قرباني، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون تيار ڪندو، انهي لاءِ تہ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ ڪفارو ٿئي.</verse>
				<verse number="18">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ پهرين مهيني جي پهرين تاريخ، تون هڪڙو بي عيب وهڙو وٺج؛ ۽ پاڪ مڪان کي صاف ڪج.</verse>
				<verse number="19">۽ ڪاهن گناهہ جي قربانيءَ جو رت کڻي گهر جي در جي ٿنڀن تي، ۽ قربانگاهہ جي طاقيءَ جي چئني ڪُنڊن تي، ۽ اندرئين ايوان جي در جي ٿنڀن تي ڇاٽاري.</verse>
				<verse number="20">انهي طرح ستين تاريخ بہ، سڀ ڪنهن قصور وار ۽ ڀورڙي جي لاءِ بہ ڪجو، ۽ انهي طرح اوهين گهر جو ڪفارو ڏجو.</verse>
				<verse number="21">پهرين مهيني جي چوڏهين تاريخ اوهين ست ڏينهن برابر فسح جي عيد ڪجو؛ فقط اڻ خميري ماني کائجو.</verse>
				<verse number="22">۽ انهي ڏينهن بادشاهہ پنهنجي لاءِ، ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن لاءِ، هڪڙو ڍڳو گناهہ جي قربانيءَ واسطي تيار ڪندو.</verse>
				<verse number="23">۽ عيد وارا ست ئي ڏينهن، هر روز ست بي عيب ڍڳا، ۽ ست گهٽا خداوند جي لاءِ ساڙڻ واري قربانيءَ واسطي هو تيار ڪندو، ۽ هر روز هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ بہ.</verse>
				<verse number="24">۽ کاڌي جي قرباني لاءِ هڪڙو ايفہ هڪ ڍڳي پٺيان، ۽ هڪڙو ايفہ هرهڪ گهٽي پٺيان، ۽ هرهڪ ايفہ جي پٺيان تيل جو هڪڙو هين تيار ڪندو.</verse>
				<verse number="25">ستين مهيني جي پندرهين تاريخ بہ، عيد تي هو ستن ڏينهن تائين ساڳيو انهي طرح ڪندو؛ گناهہ جي قربانيءَ، ۽ سوختني ۽ کاڌي واري قربانيءَ ۽ تيل موافق.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="46">
				<verse number="1">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اندرئين ايوان جو در جنهن جو منهن اُڀرندي ڏانهن آهي، سو ڪم ڪار ڪرڻ وارن ڇهن ڏينهن ۾ بند رهندو؛ پر سبت جي ڏينهن اُهو کلندو، ۽ نئين چنڊ واري ڏينهن بہ اُهو کوليو ويندو.</verse>
				<verse number="2">۽ بادشاهہ ٻاهرين در جي اڳ واري ايوان جي رستي ايندو، ۽ در جي ٿنڀ وٽ بيهندو، ۽ ڪاهن هن جي سوختني قرباني ۽ هن جون سلامتيءَ جون قربانيون تيار ڪندا، ۽ هو پاڻ در جي چانئٺ وٽ سجدو ڪندو ۽ پوءِ هليو ويندو: پر در شام تائين بند نہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="3">۽ سبتن تي، ۽ نئين چنڊ تي، ملڪ جا ماڻهو انهي دروازي جي منهن وٽ خدا جي اڳيان سجدو ڪندا.</verse>
				<verse number="4">۽ جيڪا سوختني قرباني بادشاهہ خداوند جي لاءِ پيش ڪندو، سا سبت جي ڏينهن ڇهہ بي عيب گهٽا ۽ هڪڙو بي عيب گهٽو ٿيندي.</verse>
				<verse number="5">۽ کاڌي جي قرباني گهٽي پٺيان هڪڙو ايفہ ٿيندي، ۽ گهيٽن جي لاءِ کاڌي جي قرباني جيتري هو ڏيئي سگهي، ۽ هڪ هڪ ايفہ جي پٺيان تيل جو هڪ هين.</verse>
				<verse number="6">۽ نئين چنڊ جي ڏينهن هڪڙو بي عيب وهڙو ۽ ڇهہ گهيٽا، ۽ هڪڙو گهٽو ڏبو، جي بي عيب هوندا.</verse>
				<verse number="7">۽ هو کاڌي جي قرباني تيار ڪندو، يعني ڍڳي پٺيان هڪڙو ايفہ، ۽ گهٽي پٺيان هڪڙو ايفہ، ۽ گهيٽن لاءِ جيترو وسعت آهر ڏئي سگهي: ۽ هڪ هڪ ايفہ جي پٺيان تيل جو هڪڙو هين.</verse>
				<verse number="8">۽ جڏهن بادشاهہ اچي، تڏهن دروازي جي اڳ واري ايوان جي رستي اندر اچي، ۽ ساڳئي رستي وري ٻاهر هليو وڃي.</verse>
				<verse number="9">پر جڏهن ملڪ جا سڀ ماڻهو مقرر ڪيل عيدن تي خداوند جي اڳيان اچن، تڏهن جيڪو سجدي ڪرڻ لاءِ اُتر واري دروازي جي رستي اندر اچي، سو ڏکڻ واري دروازي کان ٻاهر نڪري وڃي؛ ۽ جيڪو ڏکڻ واري دروازي جي رستي اندر اچي، سو اُتر واري دروازي کان ٻاهر نڪري وڃي؛ جنهن دروازي جي رستي کان اندر آيو هجي، انهي رستي کان ٻاهر نہ وڃي، پر سڌو نڪ سامهون نڪري هليو وڃي.</verse>
				<verse number="10">۽ جڏهن اُهي اندر وڃن، تڏهن بادشاهہ بہ انهن جي وچ ۾ وڃي؛ ۽ جڏهن هو ٻاهر نڪري وڃن، تڏهن بہ هو گڏ نڪري وڃن.</verse>
				<verse number="11">۽ عيدن تي ۽ سڳورن وقتن تي کاڌي جي قرباني ڍڳي جي پٺيان هڪڙو ايفہ، ۽ گهٽي جي پٺيان هڪڙو ايفہ، ۽ گهيٽن جي لاءِ جيترو هو ڏيئي سگهي، ۽ ايفہ جي پٺيان تيل جو هڪڙو هين ٿيندو.</verse>
				<verse number="12">۽ جڏهن بادشاهہ خوشيءَ جي قرباني تيار ڪري، يعني سوختني قرباني يا سلامتيءَ جي قرباني جا خداوند جي لاءِ خوشيءَ جي قربانيءَ سبب آڻي، تڏهن هڪڙو ماڻهو سندس لاءِ در کوليندو جنهن جو منهن اُڀرندي ڏانهن آهي، ۽ هو پنهنجي سوختني قرباني ۽ پنهنجي سلامتيءَ جي قرباني اهڙي طرح تيار ڪندو، جهڙي طرح هو سبت جي ڏينهن تيار ڪندو آهي: تنهن کان پوءِ هو موٽي ويندو؛ ۽ سندس نڪرڻ کانپوءِ اُهو در بند ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="13">۽ تون هر روز خداوند جي لاءِ سوختني قربانيءَ واسطي هڪ سالو بي عيب گهٽو تيار ڪج: اُهو هر صبح جو تون تيار ڪج.</verse>
				<verse number="14">۽ تون صبح جو اُنهي سان گڏ کاڌي جي قرباني بہ تيار ڪج، يعني ايفہ جو ڇهون حصو ميدي جو، ۽ تيل جي هين جو ٽيون حصو انهيءَ ۾ ملائج. اها مدامي حڪم موجب هميشہ خداوند جي لاءِ کاڌي جي قرباني ٿيندي.</verse>
				<verse number="15">انهي طرح هو مدامي سوختني قربانيءَ لاءِ هر روز صبح جو اهو گهٽو، ۽ اها کاڌي جي قرباني، ۽ تيل تيار ڪندا رهندا.</verse>
				<verse number="16">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن ڪو بادشاهہ پنهنجن پٽن مان ڪنهن کي ڪا بخشش کڻي ڏئي تہ اُها انهي جي ميراث آهي ۽ سندس پٽن جي ملڪيت ٿيندي؛ ۽ اُها انهن جي موروثي ملڪيت آهي.</verse>
				<verse number="17">پر جيڪڏهن هو پنهنجي ورثي واري مال مان ڪا بخشش پنهنجن غلامن مان ڪنهن کي کڻي ڏيندو، تہ اُها آزاديءَ واري سال تائين انهي جي رهندي؛ پوءِ موٽي بادشاهہ کي ملندي؛ پر هن جي ميراث سندس پٽن جي ٿيندي.</verse>
				<verse number="18">تنهن کانسواءِ بادشاهہ رعيت جو ورثو نہ وٺندو، جنهنڪري هو پنهنجي موروثي ملڪيت کان خارج ٿي وڃن؛ هو پنهنجن پٽن کي خود پنهنجي ملڪيت مان ورثو ڏيندو: انهي لاءِ تہ منهنجي قوم مان ڪوبہ ماڻهو پنهنجي موروثي ملڪيت کان خارج ٿي نڪري نہ وڃي.</verse>
				<verse number="19">پوءِ هن، دروازي جي پاسي واري لنگهہ منجهان مون کي وٺي، ڪاهنن وارين پاڪ ڪوٺين ۾ آندو، جن جو منهن اُتر ڏانهن هو: ۽ ڏس، الهندي ڏانهن پٺئين ڀاڱي تي هڪڙي جاءِ هئي.</verse>
				<verse number="20">۽ هن مون کي چيو تہ هيءَ اُها جاءِ آهي جتي ڪاهن ڏوهہ جي قرباني ۽ گناهہ جي قرباني رڌيندا، ۽ جتي هو کاڌي جي قربانيءَ مان مانيون پچائيندا؛ انهي لاءِ تہ هو هنن کي ٻاهرين ايوان ۾ ڪڍي نہ آڻين، تہ متان ماڻهن کي پاڪ ڪن.</verse>
				<verse number="21">پوءِ هن مون کي ٻاهرين ايوان ۾ ڪڍي آندو، ۽ مون کي ايوان جي چئني ڪنڊن وٽان لنگهايائين؛ ۽ ڏس، انهي ايوان جي سڀ ڪنهن ڪُنڊ تي هڪڙو ايوان هو.</verse>
				<verse number="22">ايوان جي چئني ڪُنڊن تي اندر ننڍا ايوان هئا، جي چاليهہ هٿ ڊگها ۽ ٽيهہ هٿ ويڪرا هئا، اهي چارئي ڪُنڊن وارا ايوان هڪڙي ئي ماپ جا هئا.</verse>
				<verse number="23">۽ انهن چئني جي اندر آس پاس ڀت هئي، ۽ انهي ڀت جي هيٺان چوڌاري رڌڻ لاءِ چلهيون هيون.</verse>
				<verse number="24">تڏهن هن مون کي چيو تہ اهي رڌڻا آهن، جن ۾ گهر جا خدمتگار ماڻهن جي پيش ڪيل قرباني رڌيندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="47">
				<verse number="1">۽ هن مون کي موٽائي گهر جي در تي آندو؛ ۽ ڏس اُڀرندي ڏانهن گهر جي چانئٺ جي هيٺان پاڻي ٿي نڪتا، ڇالاءِ جو گهر جو اڳ اُڀرندي ڏانهن هو: ۽ پاڻي گهر جي ساڄي پاسي کان قربانگاهہ جي ڏکڻ پاسي هيٺان ئي هيٺان ٿي لٿا.</verse>
				<verse number="2">تنهن کانپوءِ هو اُتر واري دروازي کان مون کي ٻاهر وٺي آيو، ۽ ٻاهرين رستي کان، ٻاهرين دروازي ڏانهن مون کي وٺي هليو، يعني انهي دروازي واري رستي کان جنهن جو منهن اُڀرندي ڏانهن آهي؛ ۽ ڏس، ساڄي پاسي کان پاڻي وهي ٿي نڪتا.</verse>
				<verse number="3">جڏهن اُهو ماڻهو ڏوري هٿ ۾ کڻي اُڀرندي ڏانهن نڪري ويو، تڏهن هن هڪ هزار هٿ ماپيا ۽ مون کي پاڻين مان لنگهايائين، تہ پاڻي مرن جيڏا هئا.</verse>
				<verse number="4">وري هن هڪ هزار ماپيو ۽ مون کي پاڻين مان لنگهايائين، تہ پاڻي گوڏن جيڏا هئا. وري هن هڪ هزار ماپيو ۽ مون کي پاڻين مان لنگهايائين، تہ پاڻي چيلهہ جيڏا هئا.</verse>
				<verse number="5">تنهن کانپوءِ هن هڪ هزار ماپيو، تہ اُها هڪڙي ندي ٿي پيئي، جنهن مان آءٌ لنگهي نہ سگهيس: ڇالاءِ جو پاڻي چڙهيل هئا، ترڻ جهڙا پاڻي، يعني هڪڙي ندي جنهن مان ڪوبہ لنگهي نہ ٿي سگهيو.</verse>
				<verse number="6">۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، تو هي ڏٺو آهي ڇا؟ پوءِ هن مون کي موٽائي نديءَ جي ڪناري وٽ آندو.</verse>
				<verse number="7">هاڻي جڏهن آءٌ موٽي آيس، تڏهن ڏٺم تہ نديءَ جي ڪناري تي، هِن پاسي توڙي هُن پاسي تمام گهڻا وڻ هئا.</verse>
				<verse number="8">تڏهن هن مون کي چيو تہ هي پاڻي اُڀرندي واري ملڪ ڏانهن نڪري ٿا وڃن، ۽ عرباہ ۾ لهي ويندا: ۽ هو سمنڊ ڏانهن ويندا؛ جيڪي پاڻي ڪڍيا ويا هئا سي سمنڊ ۾ وڃي پوندا؛ ۽ اُهي پاڻي مٺا ٿي پوندا.</verse>
				<verse number="9">۽ هيئن ٿيندو تہ جتي نديون اينديون اُتي سڀ ساهہ وارا جيئرا رهندا ۽ تمام گهڻيون مڇيون ٿينديون: ڇالاءِ جو اُهي پاڻي اتي آيا آهن تہ سڀ شيون شفا حاصل ڪن، ۽ جتي جتي ندي ايندي اُتي سڀڪا شيءِ جيئري رهندي.</verse>
				<verse number="10">۽ هيئن ٿيندو تہ مڇي مارڻ وارا انهي جي ڀرسان بيهندا: عين جديءَ کان وٺي عين عجليم تائين ڄارن پکيڙڻ جي جاءِ ٿيندي؛ انهن جي مڇي بہ انهن ئي جي قسمن جي ٿيندي، ۽ وڏي سمنڊ جي مڇيءَ وانگر تمام گهڻي ٿيندي.</verse>
				<verse number="11">پر انهن جون گپ واريون جايون ۽ ڌٻڻيون مٺيون نہ ٿينديون؛ اُهي کاريون ئي رهنديون.</verse>
				<verse number="12">۽ نديءَ جي ڀرسان ان جي ڪناري تي ٻنهي پاسي هر قسم جا ميويدار وڻ اُڀرندا، جن جا پَن ڪين ڪومائبا، ۽ نہ انهن جو ميوو کٽندو: هر مهيني اُهي نئون ڦر ڪندا، ڇالاءِ جو انهي جا پاڻي پاڪ مڪان مان ٿا نڪرن: ۽ ان جو ميوو کائڻ ۾ ايندو ۽ ان جا پن دوا جي ڪم ايندا.</verse>
				<verse number="13">خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هيءَ حد ٿيندي، جنهن موافق اوهين اسرائيل جي ٻارهن ئي فرقن موجب اها زمين ورثي ۾ ورهائي انهن کي ڏيندا. يوسف کي بہ حصا ملندا.</verse>
				<verse number="14">۽ اوهان مان هر ڪنهن کي هڪ جهڙو ورثو ملندو؛ جنهن بابت مون قسم کنيو تہ اُها اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏيندس: ۽ اها زمين اوهان جي ورثي ۾ ايندي.</verse>
				<verse number="15">۽ انهي زمين جي هيءَ حد ٿيندي: اُتر جي پاسي وڏي سمنڊ کان وٺي حتلون جي رستي صداد جي گهڙڻ جي جاءِ تائين.</verse>
				<verse number="16">حمات، بيروت، سبريم جو دمشق جي سرحد ۽ حمات جي سرحد جي وچ ۾ آهي؛ وچ وارو مصر، جو حوران جي سرحد جي پاسي ۾ آهي.</verse>
				<verse number="17">۽ سمنڊ کان وٺي سرحد هيءَ ٿيندي، حصر عينان، دمشق جي سرحد تي، ۽ اُتر واري حد اُتر ڏانهن حمات جي سرحد آهي. اها آهي اُتر پاسي جي حد.</verse>
				<verse number="18">۽ اُڀرندي واري حد حوران ۽ دمشق ۽ جلعاد ۽ اسرائيل جي وچ ۾ يردن ندي ٿيندي: اُتر واري حد کان وٺي اُڀرندي واري سمنڊ تائين، اوهين ماپ ڪجو. اها آهي اُڀرندي پاسي جي حد.</verse>
				<verse number="19">۽ ڏکڻ واري حد ڏکڻ ڏانهن تمر کان وٺي مريبوت قادس جي پاڻين تائين، مصر جي نهر وٽان وڏي سمنڊ تائين. اها آهي ڏکڻ ڏانهن ڏکڻ واري حد.</verse>
				<verse number="20">۽ اُلهندي واري حد ٿيندي وڏو سمنڊ، ڏکڻ واري سرحد کان وٺي حمات جي گهڙڻ واري جاءِ جي آمهون سامهون تائين. اها آهي اُلهندي پاسي جي حد.</verse>
				<verse number="21">انهي طرح اها زمين اوهين اسرائيل جي فرقن موجب پاڻ ۾ ورهائي کڻجو.</verse>
				<verse number="22">۽ هيئن ٿيندو تہ اها اوهين ڪُڻا وجهي ورثو ڪري ورهائجو، ۽ جيڪي پرديسي اوهان ۾ رهندڙ هجن، ۽ جي اوهان منجهہ رهي اولاد پيدا ڪن، تن کي بہ ڏجو؛ ۽ اُهي اوهان جي لاءِ بني اسرائيل ۾ گهر ڄاولن وانگر ٿيندا؛ انهن کي اوهان سان گڏ اسرائيل جي فرقن منجهہ ورثو ملندو.</verse>
				<verse number="23">۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن بہ فرقي ۾ ڪو پرديسي رهندو هجي، انهي کي اُتي سندس ورثو ڏجو؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="48">
				<verse number="1">هاڻي انهن فرقن جا نالا هي آهن: اُتر واري پاسي، حتلون جي رستي جي ڀرسان، جماعت جي گهڙڻ واري جاءِ، حصر عينان تائين، جا دمشق جي سرحد وٽ اُتر ڏانهن حمات جي پاسي آهي؛ اهي اُڀرندي کان الهندي تائين؛ دان جو هڪڙو حصو.</verse>
				<verse number="2">۽ دان جي حد سان لڳ، اُڀرندي پاسي کان وٺي الهندي پاسي تائين؛ آشر جو هڪڙو حصو.</verse>
				<verse number="3">۽ آشر جي حصي جي ڀرسان اُڀرندي جي پاسي کان وٺي الهندي پاسي تائين؛ نفتاليءَ جو هڪڙو حصو.</verse>
				<verse number="4">۽ نفتالي جي حد سان لڳ، اُڀرندي پاسي کان الهندي پاسي تائين؛ منسيءَ جو هڪڙو حصو.</verse>
				<verse number="5">۽ منسيءَ جي حد جي ڀرسان، اُڀرندي پاسي کان الهندي پاسي تائين؛ افرائيم جو هڪڙو حصو.</verse>
				<verse number="6">۽ افرائيم جي حد سان لڳ، اُڀرندي پاسي کان الهندي پاسي تائين؛ روبن جو هڪڙو حصو.</verse>
				<verse number="7">۽ روبن جي حد سان لڳ، اُڀرندي پاسي کان اُلهندي پاسي تائين؛ يهوداہ جو هڪڙو حصو.</verse>
				<verse number="8">۽ يهوداہ جي سرحد جي ڀرسان، اُڀرندي پاسي کان وٺي اُلهندي پاسي تائين اُهو وقف وارو حصو ٿيندو، جو اوهان کي پيش ڪرڻو ٿيندو، يعني پنجويهہ هزار ڪانا ويڪر ۾، ۽ ڊيگهہ ۾ هڪڙي حصي جيترو، اُڀرندي پاسي کان وٺي اُلهندي پاسي تائين. ۽ پاڪ مڪان انهي جي وچ ۾ ٿيندو.</verse>
				<verse number="9">وقف وارو حصو جو اوهان کي خداوند خدا لاءِ ڏيڻو ٿيندو، سو پنجويهہ هزار ڪانا ڊگهو ۽ ڏهہ هزار ڪانا ويڪرو ٿيندو.</verse>
				<verse number="10">۽ اهو وقف وارو پاڪ حصو انهن لاءِ، يعني ڪاهنن لاءِ ٿيندو؛ اُتر ڏانهن پنجويهہ هزار ڊيگهہ ۾، اُلهندي ڏانهن ڏهہ هزار ويڪر ۾، ۽ اُڀرندي ڏانهن ڏهہ هزار ويڪر ۾، ۽ ڏکڻ ڏانهن پنجويهہ هزار ڊيگهہ ۾: ۽ خداوند جو پاڪ مڪان انهي جي وچ ۾ ٿيندو.</verse>
				<verse number="11">اهو ڪاهنن جي لاءِ ٿيندو، جي صدوق جي پٽن مان پاڪ ڪيا ويا آهن، ۽ جن منهنجن قانونن جي سنڀال پئي ڪئي آهي؛ ۽ جي بني اسرائيل جي گمراهہ ٿيڻ وقت گمراهہ نہ ٿيا؛ جيئن لاوي گمراهہ ٿيا هئا.</verse>
				<verse number="12">۽ زمين جي وقف واري حصي مان اهو هنن جي لاءِ هڪڙو نذرانو ٿيندو، جو تمام پاڪ ڄاڻبو، ۽ اُهو لاوين جي حد سان لڳولڳ ٿيندو.</verse>
				<verse number="13">۽ ڪاهنن جي سرحد جي سامهون انهي موافق لاوين کي پنجويهہ هزار ڊيگهہ ۾، ۽ ڏهہ هزار ويڪر ۾، حصو ملندو: ڪل ڊيگهہ پنجويهہ هزار ٿيندي ۽ ويڪر ڏهہ هزار.</verse>
				<verse number="14">۽ انهي مان هو ڪو حصو وڪڻي نہ سگهندا، ۽ نہ مٽاسٽا ڪري سگهندا، نڪي انهي زمين جو پهريون ڦر ڪنهن کي ڏيئي سگهندا: ڇالاءِ جو اُهو خداوند جي لاءِ پاڪ آهي.</verse>
				<verse number="15">۽ جيڪي پنج هزار ويڪر ۽ باقي رهيل آهن، ۽ انهن پنجويهن هزارن جي اڳيان آهن، سي عام خلق جي ڪم لاءِ، ۽ شهر لاءِ، ۽ گهرن ٺاهڻ لاءِ ۽ ٻهراڙين جي لاءِ آهن. شهر انهي جي وچ ۾ ٿيندو.</verse>
				<verse number="16">۽ انهي جي ماپ هيءَ آهي؛ اُتر وارو پاسو چار هزار پنج سؤ، ۽ ڏکڻ وارو پاسو چار هزار پنج سؤ، ۽ اُڀرندي پاسي چار هزار پنج سؤ، ۽ اُلهندي پاسي چار هزار پنج سؤ.</verse>
				<verse number="17">۽ شهر کي ٻهراڙيون بہ ٿينديون؛ اُتر ڏانهن ٻہ سؤ پنجاهہ، ۽ ڏکڻ ڏانهن ٻہ سؤ پنجاهہ، ۽ اُڀرندي ڏانهن ٻہ سؤ پنجاهہ، ۽ اُلهندي ڏانهن ٻہ سؤ پنجاهہ.</verse>
				<verse number="18">۽ ڊيگهہ مان باقي جيڪي بچي، سو وقف واري پاڪ حصي موافق، ڏهہ هزار اُڀرندي ڏانهن، ۽ ڏهہ هزار اُلهندي ڏانهن ٿيندو؛ ۽ اُهو وقف واري حصي جي سامهون ٿيندو؛ ۽ اُنهي جي پيدائش شهر ۾ پورهئي ڪرڻ وارن جي قوت لاءِ رهندي.</verse>
				<verse number="19">۽ اسرائيل جي سڀني فرقن مان جيڪي شهر ۾ پورهيو ڪندا، سي اهو حصو پوکيندا.</verse>
				<verse number="20">ڪل وقف پنجويهہ هزار ڊگهو ۽ پنجويهہ هزار ويڪرو ٿيندو: اهو پاڪ وقف وارو حصو چورس ڪري شهر جي ملڪيت سان گڏ پيش ڪجو.</verse>
				<verse number="21">۽ جيڪي باقي بچندو سو بادشاهہ جي لاءِ ٿيندو، جهڙو وقف واري پاڪ حصي ۽ شهر واري ملڪيت جي هڪڙي پاسي، تهڙو ٻئي پاسي، اُڀرندي سرحد وٽ وقف وارن پنجويهن هزارن جي اڳ کان، ۽ اُلهندي سرحد وٽ پنجويهن هزارن جي اڳ کان، انهن حصن جي سامهون، اهو بادشاهہ جي لاءِ ٿيندو: ۽ اُهو وقف وارو پاڪ حصو، ۽ گهر جو پاڪ مڪان انهي جي وچ ۾ ٿيندو.</verse>
				<verse number="22">تنهن کانسواءِ لاوين جي ملڪيت کان وٺي ۽ شهر جي ملڪيت کان وٺي، جي بادشاهي ملڪيت جي وچ ۾ آهن، جيڪي بہ يهوداہ ۽ بنيمين جي سرحدن جي وچ ۾ آهي، سو بادشاهہ جو ٿيندو.</verse>
				<verse number="23">باقي ٻين فرقن بابت: سو اُڀرندي پاسي کان وٺي اُلهندي پاسي تائين؛ بنيمين جو هڪڙو حصو.</verse>
				<verse number="24">۽ بنيمين جي سرحد جي ڀرسان، اُڀرندي پاسي کان اُلهندي پاسي تائين؛ شمعون جو هڪڙو حصو.</verse>
				<verse number="25">۽ شمعون جي سرحد جي ڀرسان، اُڀرندي پاسي کان اُلهندي پاسي تائين، اشڪار جو هڪڙو حصو.</verse>
				<verse number="26">۽ اشڪار جي سرحد سان لڳ، اُڀرندي پاسي کان اُلهندي پاسي تائين؛ زبولون جو هڪڙو حصو.</verse>
				<verse number="27">۽ زبولون جي سرحد سان لڳ، اُڀرندي پاسي کان الهندي پاسي تائين؛ جد جو هڪڙو حصو.</verse>
				<verse number="28">۽ جد جي سرحد جي ڀرسان، ڏکڻ ڏانهن، ڏکڻ واري پاسي، تمر کان وٺي مريبوت قادس جي پاڻين تائين، مصر جي نهر وٽان وڏي سمنڊ تائين سرحد ٿيندي.</verse>
				<verse number="29">اها آهي ڪل زمين جا اوهين ڪُڻن سان اسرائيل جي فرقن کي ورثو ڪري ورهائي ڏجو، ۽ اهي آهن انهن جا علحدا حصا؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.</verse>
				<verse number="30">۽ اهي آهن شهر جي ٻاهر نڪرڻ جون جايون: اُتر پاسي ماپ سان چار هزار پنج سؤ ڪانا.</verse>
				<verse number="31">۽ شهر جا دروازا اسرائيل جي فرقن جي نالي پٺيان سڏبا؛ ٽي دروازا اُتر ڏانهن: روبن جو دروازو، هڪڙو؛ يهوداہ جو دروازو، هڪڙو؛ لاويءَ جو دروازو، هڪڙو.</verse>
				<verse number="32">اُڀرندي پاسي چار هزار پنج سؤ ڪانا؛ ۽ ٽي دروازا: يعني يوسف جو دروازو، هڪڙو؛ بنيمين جو دروازو، هڪڙو؛ دان جو دروازو، هڪڙو:</verse>
				<verse number="33">۽ ڏکڻ پاسي ماپ سان چار هزار ۽ پنج سؤ ڪانا؛ ۽ ٽي دروازا: شمعون جو دروازو، هڪڙو؛ اشڪار جو دروازو، هڪڙو؛ زبولون جو دروازو، هڪڙو:</verse>
				<verse number="34">اُلهندي پاسي چار هزار ۽ پنج سؤ ڪانا، سندن ٽن دروازن سميت: جد جو دروازو، هڪڙو؛ آشر جو دروازو، هڪڙو؛ نفتاليءَ جو دروازو، هڪڙو.</verse>
				<verse number="35">اهو شهر چوڌاري ارڙهن هزار ڪانا ٿيندو: ۽ شهر جو نالو انهي ڏينهن کان پوءِ اهو ٿيندو خداوند اُتي آهي.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="27">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم جي بادشاهت جي ٽئين سال ۾، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر يروشلم ۾ آيو، ۽ انهي کي گهيرو ڪيائين.</verse>
				<verse number="2">۽ خداوند يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم کي ۽ ساڻس گڏ ڪي خداوند جي گهر جا ٿانوَ بہ هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا؛ ۽ اُهي هو کڻي سنعار جي ملڪ ۾ پنهنجي معبود جي گهر ۾ ويو: ۽ اُهي ٿانوَ هن پنهنجي معبود جي گهر ۾ آڻي رکيا.</verse>
				<verse number="3">۽ بادشاهہ پنهنجي ناظرن جي سردار اسپنز کي چيو، تہ بني اسرائيل جي شاهي نسل ۽ اميرن مان، ڪي ماڻهو وٺي آڻي حاضر ڪر؛</verse>
				<verse number="4">اهڙا جوان جن ۾ ڪو عيب نہ هجي، پر چڱي شڪل جا هجن، ۽ هر قسم جي ڏاهپ ۾ هوشيار، علم ۾ قابل، ۽ حڪمت سمجهندا هجن: ۽ اهڙا هجن جو بادشاهہ جي محلات ۾ بيهي سگهن؛ پوءِ انهن کي تون ڪسدين جي ٻولي ۽ علم سيکار.</verse>
				<verse number="5">۽ بادشاهہ انهن جي لاءِ پنهنجي شاهي خوراڪ مان، ۽ جيڪو شراب پاڻ پيئندو هو تنهن مان، ڪو حصو مقرر ڪيو، انهي لاءِ تہ ٽن ورهين تائين انهن کي پرورش ملي؛ ۽ انهيءَ عرصي جي پوري ٿيڻ تي هو اچي بادشاهہ جي حضور ۾ بيهن.</verse>
				<verse number="6">هاڻي انهن ۾ بني يهوداہ مان داني ايل، حننياہ، ميساايل ۽ عزرياہ هئا.</verse>
				<verse number="7">۽ ناظرن جي سردار انهن کي نوان نالا ڏنا؛ داني ايل کي هن بيلطشضر جو نالو ڏنو؛ ۽ حننياہ کي سدرڪ؛ ۽ ميساايل کي ميسڪ؛ ۽ عزرياہ کي عبدنجو جو نالو ڏنو.</verse>
				<verse number="8">پر داني ايل پنهنجي دل ۾ اهو ارادو ڪيو تہ پاڻ کي شاهي خوراڪ سان ۽ شراب سان پليت نہ ڪري؛ تنهنڪري هن ناظرن جي سردار کي عرض ڪيو تہ هن کي موڪل ملي تہ هو پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪري.</verse>
				<verse number="9">هاڻي خدا داني ايل کي ناظرن جي سردار جي نظر ۾ مان وارو ۽ رحم جوڳو ڪيو.</verse>
				<verse number="10">۽ ناظرن جي سردار داني ايل کي چيو، تہ آءٌ پنهنجي ڌڻيءَ بادشاهہ کان ڊڄان ٿو، جو هن تنهنجو کاڌو پيتو مقرر ڪري ڇڏيو آهي: ۽ ڪهڙي سبب ڪري هو اوهان جا منهن اوهان جي هم عمر جوانن کان ڪريل ۽ بگڙيل ڏسي، جو ائين ڪرڻ سان اوهين منهنجو سر بادشاهہ جي اڳيان خطري ۾ وجهندا.</verse>
				<verse number="11">تڏهن داني ايل انهي خانسامان کي چيو، جنهن کي ناظرن جي سردار، داني ايل، حننياہ، ميساايل، ۽ عزرياہ تي مقرر ڪيو هو:</verse>
				<verse number="12">تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجن ٻانهن کي ڏهہ ڏينهن آزمائي ڏس؛ ۽ اسان کي کائڻ لاءِ ڀاڄي ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي ڏي.</verse>
				<verse number="13">پوءِ تون اسان جون شڪليون انهن جوانن جي مقابلي ۾ ڏسج جي بادشاهہ جو طعام ٿا کائين؛ پوءِ جيئن توکي چڱو نظر ۾ اچي، تيئن پنهنجن ٻانهن سان ڪج.</verse>
				<verse number="14">تڏهن هن انهن جي اها ڳالهہ مڃي، ۽ ڏهن ڏينهن تائين انهن جي آزمائش ورتائين.</verse>
				<verse number="15">۽ ڏهن ڏينهن جي پوري ٿيڻ تي هنن جون شڪليون وڌيڪ سهڻيون، ۽ بدن وڌيڪ ٿلها ڏسڻ ۾ آيا، بنسبت انهن جوانن جي، جن بادشاهہ جا طعام کاڌا هئا.</verse>
				<verse number="16">تڏهن خانسامان هنن جو کاڌو ۽ پيئڻ لاءِ شراب بند ڪيو، ۽ هنن کي ڀاڄي ڏيڻ لڳو.</verse>
				<verse number="17">هاڻي انهن چئن جوانن کي خدا هر قسم جو علم، ۽ حڪمت، ۽ واقفيت، ۽ قابليت ڏني؛ ۽ داني ايل کي سڀني رويائن ۽ خوابن جي سمجهہ هئي.</verse>
				<verse number="18">۽ جڏهن اُهي ڏينهن پورا ٿيا جي بادشاهہ هنن جي حاضر ٿيڻ لاءِ مقرر ڪيا هئا، تڏهن ناظرن جي سردار هنن کي نبوڪدنضر جي حضور ۾ آندو.</verse>
				<verse number="19">۽ بادشاهہ هنن سان گفتگو ڪئي، ۽ انهن سڀني ۾ بادشاهہ کي داني ايل، حننياہ، ميساايل ۽ عزرياہ جهڙو ٻيو ڪوبہ ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو. تنهنڪري هو بادشاهہ جي حضوريءَ ۾ رهڻ لڳا.</verse>
				<verse number="20">۽ عقل ۽ سمجهہ جي جيڪا ڳالهہ بادشاهہ هنن کان پڇي، تنهن ۾ هن انهن کي جيڪي جادوگر ۽ منڊ هڻندڙ سندس بادشاهت ۾ هئا، تن سڀني کان ڏهہ ڀيرا بهتر لڌو.</verse>
				<verse number="21">۽ داني ايل خورس بادشاهہ جي پهرين ورهيہ تائين جيئرو رهيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">۽ نبوڪدنضر جي بادشاهت جي ٻئي سال ۾ نبوڪدنضر ڪي خواب لڌا؛ جنهنڪري هن جو روح بي آرام ٿيڻ لڳو، ۽ سندس ننڊ ويندي رهي.</verse>
				<verse number="2">تڏهن بادشاهہ حڪم ڪيو تہ جادوگرن، ۽ مانڊين، ۽ فال وجهندڙن، ۽ ڪسدين کي سڏين، تہ سندس خوابن جو تعبير ڪن. تنهن تي اُهي بادشاهہ جي حضور ۾ اچي بيٺا.</verse>
				<verse number="3">۽ بادشاهہ انهن کي چيو تہ مون هڪڙو اهڙو خواب لڌو آهي جو انهي جي تعبير معلوم ڪرڻ لاءِ منهنجو روح بي آرام آهي.</verse>
				<verse number="4">تڏهن ڪسدين بادشاهہ کي ارامي ٻوليءَ ۾ چيو، تہ اي بادشاهہ شل سدائين سلامت رهين: پنهنجن ٻانهن کي اُهو خواب ٻڌاءِ تہ اسين انهي جو تعبير بيان ڪريون.</verse>
				<verse number="5">بادشاهہ ڪسدين کي ورندي ڏيئي چيو تہ اُها ڳالهہ مون کي وسري ويئي آهي: جي اوهين مون کي اُهو خواب ياد نہ ڏياريندا، ۽ انهي جو تعبير نہ ٻڌائيندا، تہ اوهان کي وڍائي ٽڪر ٽڪر ڪرائي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="6">پر جي اوهين مون کي اُهو خواب ۽ انهي جو تعبير ٻڌائيندا، تہ اوهان کي بخششون ۽ انعام ۽ وڏي عزت ڏيندس: تنهنڪري اوهين مون کي اُهو خواب ۽ ان جو تعبير ٻڌايو.</verse>
				<verse number="7">هنن ٻيو ڀيرو ورندي ڏيئي چيو تہ بادشاهہ پنهنجن ٻانهن کي اُهو خواب ٻڌائي، تہ پوءِ اسين انهي جو تعبير بيان ڪريون.</verse>
				<verse number="8">بادشاهہ ورندي ڏيئي چيو تہ آءٌ پڪ ڄاڻان ٿو، تہ اوهين وڌيڪ وقت انهي ڪري وٺڻ ٿا گهرو جو ڄاڻو ٿا تہ اها ڳالهہ مون کان وسري ويئي آهي.</verse>
				<verse number="9">پر جي اوهين مون کي اُهو خواب ياد نہ ڏياريندا تہ اوهان جي لاءِ فقط هڪڙو ئي حڪم آهي: ڇالاءِ جو اوهان منهنجي آڏو ڪوڙ، ۽ ٺڳيءَ جي ڳالهين ڪرڻ جي تياري ڪئي آهي، تہ ڀلي وقت ٽري وڃي: تنهنڪري مون کي خواب ٻڌايو، تہ پوءِ آءٌ ڄاڻندس تہ اوهين انهي جو تعبير بہ بيان ڪري سگهندا.</verse>
				<verse number="10">ڪسدين بادشاهہ جي حضور ۾ ورندي ڏيئي عرض ڪيو، تہ زمين تي اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جو بادشاهہ جي ڳالهہ ٻڌائي سگهي: ڇالاءِ جو ڪنهن بہ بادشاهہ، امير، يا حاڪم، اهڙي ڳالهہ ڪنهن بہ جادوگر، يا منڊ هڻندڙ، يا ڪسدي کان نہ پڇي هوندي.</verse>
				<verse number="11">۽ اها ڳالهہ جا بادشاهہ پڇي ٿو سا هڪڙي عجيب ڳالهہ آهي، ۽ اهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي جو بادشاهہ جي اڳيان اُها بيان ڪري سگهي، سواءِ معبودن جي، جي انسان سان گڏ نٿا رهن.</verse>
				<verse number="12">انهي ڪري بادشاهہ چڙي پيو، ۽ ڏاڍي ڪاوڙ لڳيس، ۽ حڪم ڪيائين تہ بابل جي سڀني ڏاهن ماڻهن کي ماري چٽ ڪري ڇڏين.</verse>
				<verse number="13">انهي طرح اهو حڪم جاري ٿي ويو تہ ڏاهن ماڻهن کي مرڻو پوندو؛ ۽ داني ايل ۽ سندس سنگتين کي ڳولڻ لڳا تہ انهن کي بہ قتل ڪن.</verse>
				<verse number="14">تڏهن بادشاهي پهري وارن جو سردار، جو بابل جي ڏاهن ماڻهن کي قتل ڪرڻ لاءِ نڪتو هو، تنهن کي داني ايل سمجهہ ۽ سياڻپ سان ورندي ڏني؛</verse>
				<verse number="15">۽ بادشاهہ جي پهري وارن جي سردار اريوڪ کي چيائين، تہ اهڙو ضروري تڪڙو حڪم بادشاهہ وٽان ڪهڙي سبب نڪتو آهي؟ تڏهن اريوڪ سڄي حقيقت داني ايل کي ٻڌائي.</verse>
				<verse number="16">۽ داني ايل اندر لنگهي ويو ۽ بادشاهہ کي عرض ڪيائين تہ مون کي مهلت ملي تہ پوءِ آءٌ بادشاهہ کي تعبير ٻڌائيندس.</verse>
				<verse number="17">تڏهن داني ايل پنهنجي گهر ويو، ۽ پنهنجن سنگتين حننياہ، ميساايل ۽ عزرياہ کي احوال ڏنائين.</verse>
				<verse number="18">انهي لاءِ تہ هو اُنهي ڳجهہ لاءِ آسمان جي خدا کان رحمت جو سوال ڪن؛ تہ داني ايل ۽ سندس سنگتي بابل جي ٻين ڏاهن ماڻهن سان گڏ ناس نہ ٿين.</verse>
				<verse number="19">تڏهن رات جو هڪڙي رويا ۾ داني ايل کي انهي ڳجهہ جو ڪشف ٿيو: تڏهن داني ايل آسمان جي خدا جو شڪرانو بجا آندو.</verse>
				<verse number="20">داني ايل چيو تہ شل خدا جو نالو هميشہ تائين مبارڪ هجي: ڇالاءِ جو حڪمت ۽ قدرت انهيءَ جي آهي:</verse>
				<verse number="21">۽ هو وقت ۽ موسمون بدلائي ٿو: هو هڪڙن بادشاهن کي برطرف ڪري ٿو، ۽ ٻين بادشاهن کي اُٿاري ٿو: هو ڏاهن کي ڏاهپ عطا ڪري ٿو، ۽ سمجهہ وارن کي علم ڏئي ٿو.</verse>
				<verse number="22">هو اونهيون ۽ ڳجهيون ڳالهيون ظاهر ڪري ٿو: هن کي خبر آهي تہ اونداهي ۾ ڇا آهي، ۽ روشنائي انهيءَ وٽ رهي ٿي.</verse>
				<verse number="23">اي منهنجي ابن ڏاڏن جا خدا، آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان ۽ تنهنجي تعريف ٿو ڪريان، جنهن مون کي ڏاهپ ۽ طاقت ڏني آهي، ۽ هاڻي جنهن ڳالهہ جو اسان توکي سوال ڪيو سا اسان کي ڄاڻائي اٿيئي: ڇالاءِ جو تو اسان کي بادشاهہ جي ڳالهہ جي خبر ڏني آهي.</verse>
				<verse number="24">تنهنڪري داني ايل لنگهي اريوڪ وٽ ويو، جنهن کي بادشاهہ بابل جي ڏاهن ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي لاءِ مقرر ڪيو هو: ۽ وڃي هن کي چيائين تہ بابل جي ڏاهن ماڻهن کي نہ ماراءِ، بلڪ مون کي بادشاهہ جي حضور ۾ وٺي هل تہ آءٌ بادشاهہ کي تعبير ٻڌايان.</verse>
				<verse number="25">تڏهن اريوڪ تڪڙو تڪڙو داني ايل کي بادشاهہ جي حضور ۾ وٺي آيو ۽ چيائين، تہ يهوداہ جي قيدين جي اولاد مان مون هڪڙو ماڻهو لڌو آهي جو بادشاهہ کي تعبير ٻڌائيندو.</verse>
				<verse number="26">بادشاهہ ورندي ڏيئي داني ايل کي چيو، جنهن جو نالو بيلطشضر هو، تہ تون مون کي اهو خواب جو مون ڏٺو آهي سو، ۽ ان جو تعبير ٻڌائي سگهندين؟</verse>
				<verse number="27">داني ايل بادشاهہ جي خدمت ۾ عرض ڪيو تہ جنهن ڳجهہ جو بادشاهہ پڇيو آهي سو ڏاها ماڻهو توڙي، مانڊي، يا جادوگر، يا فال وجهڻ وارا، بادشاهہ کي ٻڌائي نہ سگهندا؛</verse>
				<verse number="28">پر آسمان ۾ هڪڙو خدا آهي جو ڳجهہ ظاهر ٿو ڪري ۽ انهيءَ بادشاهہ نبوڪدنضر کي اُها ڳالهہ ڄاڻائي آهي جا پوين ڏينهن ۾ ٿيندي. تنهنجو خواب، ۽ جيڪي رويا پنهنجي بستري تي پئي تنهنجي مٿي ۾ آيا هئا، سي هي آهن:</verse>
				<verse number="29">اي بادشاهہ بستري تي سُتي پئي تنهنجي دل ۾ هي خيال آيا تہ هن کان پوءِ ڇا ٿي گذرندو: ۽ جيڪو ڳجهن ظاهر ڪرڻ وارو آهي تنهن، جيڪي ٿيڻو آهي، سو توکي ڄاڻايو آهي.</verse>
				<verse number="30">پر مون کي جو اهو ڳجهہ ڄاڻايو ويو آهي، سو نہ ڪنهن ڏاهپ جي ڪري جا ٻئي ڪنهن جيئري ماڻهوءَ کان مون ۾ وڌيڪ آهي، پر انهيءَ مطلب لاءِ تہ تعبير جي بادشاهہ کي خبر پوي، ۽ تون پنهنجي دل جي خيالن مان واقف ٿين.</verse>
				<verse number="31">اي بادشاهہ، تو هڪڙي وڏي مورت ڏٺي. اُها مورت جا وڏي هئي، ۽ جنهن جي رونق عجيب هئي، سا تنهنجي اڳيان اچي بيٺي؛ ۽ انهي جي صورت هيبتناڪ هئي.</verse>
				<verse number="32">انهيءَ صورت جو مٿو سچي سون جو هو، ان جو سينو ۽ ان جون ٻانهون چانديءَ جون هيون، ان جو پيٽ ۽ ان جون رانون پتل جون هيون؛</verse>
				<verse number="33">ان جون ٽنگون لوهہ جون، ۽ ان جا پير ڪجهہ لوهہ جا ۽ ڪجهہ مٽيءَ جا هئا.</verse>
				<verse number="34">تو انهي کي پئي ڏٺو جيسين ڪ هڪڙو پهڻ هٿن کانسواءِ وڍجي نڪتو، ۽ اچي انهيءَ مورت جي پيرن کي لڳو، جي لوهہ ۽ مٽيءَ جا هئا، ۽ انهن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="35">پوءِ اهو لوهہ، مٽي، پتل، چاندي ۽ سون گڏجي ڀڄي ڀري پيا، ۽ آرڙهہ جي اَن ڳاهڻ وارن پِڙن جي تهن وانگي ٿي پيا؛ ۽ انهن کي واءُ اُڏائي ويو، اهڙو جو انهن جو پتو ئي ڪونہ پيو: ۽ جيڪو پهڻ انهيءَ مورت کي لڳو هو سو هڪڙو وڏو جبل ٿي پيو، ۽ سڄي زمين ڀري ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="36">اهو آهي خواب؛ ۽ انهي جو تعبير اسين هاڻي بادشاهہ جي حضور ۾ بيان ڪنداسين.</verse>
				<verse number="37">اي بادشاهہ تون شهنشاهہ آهين، جنهن کي آسمان جي خدا بادشاهي ۽ اختياري ۽ زور ۽ وڏائي ڏني آهي؛</verse>
				<verse number="38">۽ جتي جتي بني آدم رهي ٿو، اُتي جهنگ جا جانور، ۽ هوا جا پکي هن تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، ۽ توکي انهن سڀني تي حاڪم ڪيو اٿس: تون اُهو سون جو مٿو آهين.</verse>
				<verse number="39">۽ تو کان پوءِ هڪڙي ٻي بادشاهت برپا ٿيندي، جا توکان گهٽ هوندي؛ ۽ وري ٽين بادشاهت پتل جي ٿيندي، جا سڄي زمين تي حڪومت ڪندي.</verse>
				<verse number="40">۽ چوٿين بادشاهت لوهہ جهڙي مضبوط ٿيندي: جهڙي طرح لوهہ سڀني شين کي ڀڃي پرزا پرزا ٿو ڪري ۽ انهن تي غالب ٿو پوي: ۽ جيئن لوهہ انهن سڀني شين کي چپي ڇڏي ٿو، تيئن اُها ڀڃي ڀوري ۽ چپي ڇڏيندي.</verse>
				<verse number="41">۽ جهڙيءَ طرح تو پير ۽ پيرن جون آڱريون ڪجهہ ڪنڀرن واريءَ مٽيءَ جون ۽ ڪجهہ لوهہ جون ڏٺيون، تيئن اُها بہ ورهايل بادشاهت ٿيندي؛ پر انهيءَ ۾ لوهہ جهڙو زور هوندو، جو تو لوهہ چيڪي مٽيءَ سان گڏيل ڏٺو.</verse>
				<verse number="42">۽ جيئن پيرن جون آڱريون ڪجهہ لوهہ جون ۽ ڪجهہ مٽيءَ جون هيون، تيئن اُها بادشاهت بہ ڪجهہ زور واري ۽ ڪجهہ ضعيف ٿيندي.</verse>
				<verse number="43">۽ جيئن تو لوهہ چيڪي مٽيءَ سان گڏيل ڏٺو، تيئن هو عام ماڻهن جي نسل سان گڏجي ويندا؛ پر هو هڪ ٻئي سان گڏجي چهٽي نہ ويندا، جيئن لوهہ مٽيءَ سان گڏجي چهٽي نٿو وڃي.</verse>
				<verse number="44">۽ انهن بادشاهن جي ڏينهن ۾ آسمان وارو خدا هڪڙي بادشاهت برپا ڪندو جا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي، ۽ نہ انهي جي بادشاهت ٻي ڪنهن قوم کي ملندي؛ پر اُها ٻيون سڀ بادشاهتون ڀڃي پرزا پرزا ڪري چٽ ڪندي، ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي.</verse>
				<verse number="45">جيئن تو ڏٺو تہ هڪڙو پهڻ هٿن کانسواءِ جبل مان وڍجي نڪري آيو ۽ انهي لوهہ، پتل، مٽي، چاندي ۽ سون کي ڀڃي پرزا پرزا ڪيو؛ تيئن عظيم خدا، بادشاهہ کي اُهو ڪجهہ ڏيکاريو آهي جو هن کان پوءِ ٿيڻ وارو آهي: ۽ اهو خواب سچو آهي، ۽ اُن جو تعبير بہ يقيني آهي.</verse>
				<verse number="46">تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر منهن ڀر ڪري داني ايل کي سجدو ڪيو، ۽ حڪم ڏنائين تہ هن کي نذرانو ۽ خوشبويون ڏين.</verse>
				<verse number="47">بادشاهہ داني ايل کي ورندي ڏيئي چيو تہ حقيقت ڪري اوهان جو خدا، معبودن جو خدا، ۽ بادشاهن جو خداوند، ۽ ڳجهن جو ظاهر ڪندڙ آهي، جو تون هي ڳجهہ ظاهر ڪري سگهيو آهين.</verse>
				<verse number="48">تڏهن بادشاهہ داني ايل کي وڏي عزت ڏني، ۽ هن کي گهڻا ئي وڏا انعام ڏنائين، ۽ بابل جي سڄي پرڳڻي تي حڪمران مقرر ڪيائينس، ۽ بابل جي سڀني ڏاهن ماڻهن تي وڏو حاڪم ڪيائينس.</verse>
				<verse number="49">۽ داني ايل جي عرض ڪرڻ تي بادشاهہ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي بابل جي پرڳڻي جي ڪمن ڪارن تي مقرر ڪيو: پر داني ايل بادشاهہ جي درٻار ۾ رهيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">بادشاهہ نبوڪدنضر سون جي هڪڙي مورت جوڙي، جنهن جي اوچائي سٺ هٿ هئي، ۽ ويڪر ڇهہ هٿ ۽ هن بابل جي پرڳڻي ۾ دورا جي ميدان ۾ انهي کي بيهاريو.</verse>
				<verse number="2">تنهن کانپوءِ بادشاهہ نبوڪدنضر، ملڪ جي والين، نائبن، نوابن، قاضين، خزانچين، مشيرن، سردارن ۽ پرڳڻن جي سڀني حاڪمن کي گهرايو تہ جنهن مورت کي بادشاهہ نبوڪدنضر بيهاريو آهي، تنهن جي وقف ڪرڻ جي رسم تي حاضر رهن.</verse>
				<verse number="3">تڏهن سڀ والي، نائب ۽ نواب، قاضي، خزانچي، مشير، سردار ۽ پرڳڻن جا حاڪم، جيڪا مورت بادشاهہ نبوڪدنضر بيهاري هئي، تنهن جي پاڪ ڪرڻ جي رسم تي اچي گڏ ٿيا، ۽ هو انهي مورت جي اڳيان اچي بيٺا جا نبوڪدنضر بيهاري هئي.</verse>
				<verse number="4">تڏهن مناد هوڪو ڏيئي چوڻ لڳا تہ اي اُمت، قومون ۽ جدا جدا ٻولين ڳالهائڻ وارا، اوهان کي حڪم ٿو ڏجي،</verse>
				<verse number="5">تہ جنهن وقت اوهين شرنائي، توتاري، بربط، رباب، سنطور، سارنگي ۽ ٻين سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌو تڏهن هيٺ نمي، جيڪا سوني مورت بادشاهہ نبوڪدنضر بيهاري آهي تنهن کي سجدو ڪجو:</verse>
				<verse number="6">۽ جيڪو هيٺ جهڪي سجدو نہ ڪندو سو انهي مهل باهہ جي ٻرندڙ کوري ۾ اُڇلايو ويندو.</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري جڏهن سڀني ماڻهن شرنائي، توتاري، بربط، رباب، سنطور ۽ ٻين سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌو، تڏهن سڀ ماڻهو ۽ قومون ۽ جدا جدا ٻولين ڳالهائڻ وارا هيٺ جهڪي، جيڪا سوني مورت بادشاهہ نبوڪدنضر بيهاري هئي، تنهن کي سجدو ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="8">هاڻي انهي وقت ڪي ڪسدي ويجها آيا، ۽ يهودين تي تهمت آندائون.</verse>
				<verse number="9">اُنهن نبوڪدنضر بادشاهہ کي چيو، تہ اي بادشاهہ تون شل سدائين سلامت رهين:</verse>
				<verse number="10">اي بادشاهہ تو اهو حڪم جاري ڪيو آهي تہ جيڪو ماڻهو شرنائي، توتاري، بربط، رباب، سنطور، سارنگي ۽ ٻين سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌي، سو هيٺ جهڪي انهي سوني مورت کي سجدو ڪري:</verse>
				<verse number="11">۽ جيڪو هيٺ نہ جهڪندو ۽ سجدو نہ ڪندو، سو باهہ جي ٻرندڙ کوري ۾ اُڇلايو ويندو.</verse>
				<verse number="12">هاڻي ڪي يهودي آهن يعني سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو، جن کي تو بابل جي ڪم ڪار تي مقرر ڪيو آهي، انهن اي بادشاهہ تنهنجي پرواهہ ڪانہ ڪئي آهي: هو تنهنجن معبودن جي عبادت نٿا ڪن، ۽ نہ جيڪا سوني مورت تو بيهاري آهي، تنهن کي سجدو ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="13">تڏهن نبوڪدنضر سخت ڪاوڙ ۽ جوش ۾، سدرڪ، ميسڪ، ۽ عبدنجو کي گهرائڻ جو حڪم ڏنو: ۽ انهن ماڻهن کي بادشاهہ جي حضور ۾ وٺي آيا.</verse>
				<verse number="14">۽ نبوڪدنضر انهن کي چيو تہ اي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو، ائين آهي ڇا تہ اوهين ڄاڻي ٻجهي منهنجي معبود جي عبادت نٿا ڪريو، ۽ نہ جيڪا سوني مورت مون بيهاري آهي تنهن کي سجدو ٿا ڪريو؟</verse>
				<verse number="15">هاڻي جي اوهين تيار آهيو تہ جنهن وقت اوهين شرنائي، توتاري، بربط، رباب، سنطور ۽ سارنگي ۽ ٻين سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌو، تنهن وقت هيٺ جهڪي، جيڪا مورت مون بيهاري آهي تنهن کي سجدو ڪريو تہ واهہ: پر جي اوهين سجدو نہ ڪندا، تہ انهي گهڙيءَ باهہ جي ٻرندڙ کوري جي وچ ۾ اُڇلايا ويندا؛ ۽ اُهو ڪهڙو خدا آهي جو اوهان کي منهنجي هٿان ڇڏائيندو؟</verse>
				<verse number="16">تڏهن سدرڪ، ميسڪ، عبدنجو ورندي ڏيئي بادشاهہ کي چيو تہ اي نبوڪدنضر انهي ڳالهہ بابت توکي جواب ڏيڻ جو اسان کي ضرور ڪونهي.</verse>
				<verse number="17">جيڪڏهن ائين ٿيندو تہ اسان جو خدا، جنهن جي اسين عبادت ٿا ڪريون، سو اسان کي باهہ جي ٻرندڙ کوري مان بہ بچائي سگهندو؛ ۽ اُهو، اي بادشاهہ، اسان کي تنهنجي هٿان ڇڏائيندو.</verse>
				<verse number="18">پر جي نہ، تہ بہ اي بادشاهہ توکي خبر هجي تہ اسين تنهنجن معبودن جي عبادت ڪين ڪنداسين، ۽ نہ جيڪا سوني مورت تو بيهاري آهي تنهن کي سجدو ڪنداسين.</verse>
				<verse number="19">تڏهن نبوڪدنضر ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ سندس منهن جو رنگ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي برخلاف ڦري ويو: تنهنڪري هن حڪم ڏنو تہ جيترو کوري کي اڳي تپائيندا هئا، تنهن کان ستوڻو وڌيڪ تپايو.</verse>
				<verse number="20">۽ ڪي پهلوان جي سندس لشڪر ۾ هئا، تن کي هن حڪم ڏنو تہ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي ٻڌي باهہ جي ٻرندڙ کوري ۾ اُڇلائي ڇڏين.</verse>
				<verse number="21">تڏهن انهن ماڻهن کي سندن سٿڻن، سندن پهراڻن، چادرن ۽ ٻين ڪپڙن سميت باهہ جي ٻرندڙ کوري ۾ اُڇلائي وڌائون.</verse>
				<verse number="22">هاڻي بادشاهہ جو حڪم تمام ضروري هو ۽ کورو تمام تتل هو، تنهنڪري باهہ جي مچ انهن ماڻهن کي ساڙي ڇڏيو، جي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي وٺي آيا هئا.</verse>
				<verse number="23">۽ هي ٽيئي شخص، سدرڪ، ميسڪ، ۽ عبدنجو جي ٻڌل هئا، باهہ جي ٻرندڙ کوري جي وچ ۾ ڪري پيا.</verse>
				<verse number="24">تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر حيران ٿي ويو ۽ تڪڙو ٿي اُٿيو: ۽ هن پنهنجن مشيرن کي چيو، تہ اسان ٽن ماڻهن کي ٻڌي باهہ جي وچ ۾ ڪين اُڇلايو هو ڇا؟ هنن ورندي ڏيئي بادشاهہ کي چيو، تہ اي بادشاهہ برابر.</verse>
				<verse number="25">تڏهن هن ورندي ڏيئي چيو تہ ڏسو، آءٌ چئن ماڻهن کي باهہ جي وچ ۾ کليل گهمندو ٿو ڏسان، ۽ انهن کي ڪوبہ ايذاءُ نہ پهتو آهي؛ ۽ چوٿين جي شڪل ولد الاهيءَ جهڙي آهي.</verse>
				<verse number="26">تڏهن نبوڪدنضر باهہ جي ٻرندڙ کوري جي منهن کي ويجهو آيو: ۽ هن چيو تہ اي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو، خدا تعاليٰ جا ٻانها، اوهين نڪري هيڏي اچو، تڏهن سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو باهہ منجهان آيا.</verse>
				<verse number="27">۽ سڀ والي، نائب، ۽ نواب ۽ بادشاهہ جا مشير جي اچي گڏ ٿيا هئا، تن کين ڏٺو تہ باهہ هنن جي جسمن تي ڪوبہ اثر نہ ڪيو هو، ۽ نہ هنن جي مٿي جا وار سڙيا هئا، نڪي سندن پوشاڪ ۾ ڪو تفاوت هو، نڪي باهہ جي بانس اُنهن تي چڙهي هئي.</verse>
				<verse number="28">تڏهن نبوڪدنضر چوڻ لڳو تہ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جو خدا شل مبارڪ هجي، جنهن پنهنجو ملائڪ موڪلي، جن سندس ٻانهن مٿس ڀروسو رکيو هو، ۽ جن بادشاهہ جو حڪم ٽاري ڇڏيو، ۽ پنهنجا بدن فدا ڪيا، انهي لاءِ تہ پنهنجي خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن معبود جي عبادت نہ ڪن، ۽ نہ ٻئي ڪنهن کي سجدو ڪن، تن کي بچايو آهي.</verse>
				<verse number="29">تنهنڪري آءٌ حڪم ٿو ڪريان تہ سڀ ماڻهو، قومون ۽ ٻوليون، جي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خدا جي نسبت ۾ گهٽ وڌ ڳالهائيندا، تن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏبو، ۽ انهن جا گهر ڊاهي گند جو ڍير ڪري ڇڏبا: ڇالاءِ جو ٻيو ڪوبہ اهڙو معبود ڪونهي جو هن طرح بچائي ٿو سگهي.</verse>
				<verse number="30">تڏهن بادشاهہ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي بابل جي پرڳڻي ۾ وڌيڪ درجي وارو ڪيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">بادشاهہ نبوڪدنضر جي طرفان، سڀني ماڻهن ۽ قومن ۽ ٻولين ڏانهن، جي ساري زمين تي رهن ٿا؛ شل اوهان جي سلامتي وڌي.</verse>
				<verse number="2">مون کي مناسب نظر آيو آهي تہ اُهي نشانيون ۽ عجيب ڪم بيان ڪريان، جي خدا تعاليٰ منهنجي لاءِ ڪيا آهن.</verse>
				<verse number="3">هن جون نشانيون ڪهڙيون نہ وڏيون آهن! ۽ هن جا عجيب ڪم ڪهڙا نہ عظيم آهن! هن جي بادشاهت هميشہ لاءِ آهي، ۽ هن جي سلطنت پيڙهي بہ پيڙهي آهي.</verse>
				<verse number="4">آءٌ نبوڪدنضر پنهنجي گهر ۾ آرام ۾ هوس، ۽ پنهنجي محلات ۾ سک سان پئي گذاريم.</verse>
				<verse number="5">۽ مون هڪڙو خواب ڏٺو، جنهن مون کي ڊيڄاريو؛ ۽ هنڌ تي پئي جيڪي خيال مون کي آيا، ۽ جيڪي رويا منهنجي مغز ۾ پيدا ٿيا، تن اچي مون کي پريشان ڪيو.</verse>
				<verse number="6">تنهنڪري مون حڪم جاري ڪيو، تہ بابل جا سڀ ڏاها ماڻهو مون وٽ وٺي اچو تہ اُهي مون کي منهنجي خواب جو تعبير ڪري ٻڌائين.</verse>
				<verse number="7">تڏهن جادوگر، منڊ هڻندڙ، ڪسدي ۽ فالون وجهندڙ اچي حاضر ٿيا، ۽ مون هنن کي جواب ٻڌايو: پر هنن مون کي ان جو تعبير ڪري نہ ٻڌايو.</verse>
				<verse number="8">نيٺ داني ايل منهنجي اڳيان آيو، جنهن جو نالو بيلطشضر هو، جو منهنجي خدا جي نالي پٺيان هو، ۽ جنهن ۾ پاڪ الاهي روح آهي: ۽ مون هن کي خواب ٻڌايو ۽ چيومانس، تہ</verse>
				<verse number="9">اي بيلطشضر، جادوگرن جا اُستاد، مون کي خبر آهي تہ پاڪ الاهي روح تو ۾ آهي، ۽ ڪوبہ ڳجهہ توکي منجهائي نٿو، سو جيڪو خواب مون ڏٺو آهي، تنهن جا رويا ۽ انهي جو تعبير مون کي بيان ڪري ٻڌاءِ.</verse>
				<verse number="10">منهنجي دماغ جا رويا جي مون پنهنجي هنڌ تي ڏٺا سي هن طرح جا هئا: مون ڏٺو تہ زمين جي وچ ۾ هڪڙو وڻ ڏسڻ ۾ آيم، جنهن جي اوچائي وڏي هئي.</verse>
				<verse number="11">اُهو وڻ وڌيو ۽ مضبوط ٿيو ۽ انهي جي اوچائي وڃي آسمان کي پهتي، ۽ سڄي زمين جي ڪناري تائين اُهو ڏسڻ ۾ آيو.</verse>
				<verse number="12">انهي جا پن سهڻا هئا، ۽ انهي جو ڦر گهڻو هو، ۽ انهي مان سڀني کي کاڌو ٿي مليو: جهنگ جا جانور انهي جي ڇانوَ ۾ پناهہ وٺندا هئا، ۽ هوا جا پکي ان جي ٽارين ۾ رهندا هئا، ۽ ڪل بشر انهي تي گذران ڪندا هئا.</verse>
				<verse number="13">مون هنڌ تي سُتي پئي پنهنجي دماغ جا رويا ڏٺا، ۽ ڇا ٿو ڏسان تہ هڪڙو نگهبان، هائو هڪڙو قدوس آسمان مان لهي هيٺ آيو.</verse>
				<verse number="14">انهيءَ وڏي آواز سان هيئن چيو تہ هي وڻ وڍي ڪيراءِ، انهيءَ جون ٽاريون وڍ، ۽ پن ڇاڻ ۽ ڦر پکيڙي ڇڏ، ڀلي تہ جانور اُنهي جي هيٺان نڪري وڃن، ۽ پکي بہ اُنهي جي ٽارين مان اُڏامي وڃن.</verse>
				<verse number="15">تہ بہ انهي جو پاڙن وارو بنڊ زمين ۾ لڳل ڇڏي ڏي، تہ ڀلي لوهہ ۽ پتل جي پٽي سان ٻڌل جهنگ جي سائي گاهہ ۾ پيو هجي؛ ۽ ڀلي تہ ماڪ اُنهي کي آلو ڪري، ۽ ڀلي تہ انهي جو حصو حيوانن سان گڏيل زمين جي گاهہ ۾ هجي.</verse>
				<verse number="16">ڀلي تہ هن جي دل ماڻهن جي دل کان بدلجي وڃي، ۽ حيوان جي دل هن کي ڏني وڃي؛ ۽ ڀلي تہ ست زمانا انهي تي گذري وڃن.</verse>
				<verse number="17">اها فتويٰ نگهبانن جي حڪم موجب آهي، ۽ اها ڳالهہ قدوسن جي چوڻ موجب آهي: انهي لاءِ تہ جيڪي جيئرا آهن سي ڄاڻن تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس اُنهي کي اُها ڏئي ٿو، ۽ انهي تي تمام گهٽ درجي واري ماڻهوءَ کي مقرر ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="18">اهو خواب مون نبوڪدنضر بادشاهہ ڏٺو آهي: ۽ تون اي بيلطشضر انهي جو تعبير بيان ڪر، ڇالاءِ جو منهنجي بادشاهت جا سڀ ڏاها ماڻهو تعبير ٻڌائي نٿا سگهن، پر تون ٻڌائي سگهين ٿو، ڇالاءِ جو پاڪ الاهي روح تو ۾ آهي.</verse>
				<verse number="19">تڏهن داني ايل، جنهن جو نالو بيلطشضر هو، سو گهڙي کن حيران ٿيو ۽ ڳڻتين ۾ پيو. تڏهن بادشاهہ چيس تہ اي بيلطشضر انهي خواب يا اُن جي تعبير ڪري تون ڳڻتي نہ ڪر. بيلطشضر جواب ۾ چيو تہ منهنجا سائين، اهو خواب تنهنجن دشمنن جي لاءِ هجي، ۽ ان جو تعبير تنهنجي ويرين لاءِ.</verse>
				<verse number="20">جيڪو وڻ تو ڏٺو، جو وڌي مضبوط ٿيو، جنهن جي اوچائي آسمان سان وڃي لڳي ۽ جو سڄي زمين تي ڏسڻ ۾ پئي آيو؛</verse>
				<verse number="21">جنهن جا پن سهڻا هئا، ۽ جنهن جو ڦر گهڻو هو، ۽ سڀني جو قوت انهي ۾ هو، جنهن جي هيٺان جهنگ جا جانور ٿي رهيا، ۽ جنهن جي ٽارين تي پکين جا آکيرا هئا؛</verse>
				<verse number="22">اُهو، اي بادشاهہ، تون آهين جو وڌي مضبوط ٿيو آهين: ڇالاءِ جو تنهنجي وڏائي وڌي آسمان سان وڃي لڳي آهي، ۽ تنهنجي بادشاهت زمين جي ڪناري تائين وڃي رسي آهي.</verse>
				<verse number="23">۽ هو جيڪو نگهبان ۽ قدوس تو آسمان مان هيٺ لهندو ڏٺو، ۽ جنهن چيو تہ هي وڻ وڍي هيٺ ڪيراءِ، ۽ انهي کي ناس ڪري ڇڏ؛ پر انهي جي پاڙن وارو بنڊ زمين ۾ لڳل ڇڏي ڏي، تہ لوهہ ۽ پتل جي پٽي سان ٻڌل ڀلي جهنگ جي سائي گاهہ ۾ پيو هجي، ۽ ڀلي تہ ماڪ سان آلو رهي، ۽ ڀلي تہ انهي جو حصو جهنگ جي جانورن سان هجي، جيسين ڪ ست زمانا انهي تي گذرن؛</verse>
				<verse number="24">سو اي بادشاهہ انهي جو تعبير هي آهي، ۽ اهو خدا تعاليٰ جو فيصلو آهي، جو منهنجي ڌڻيءَ بادشاهہ تي نازل ٿيو آهي:</verse>
				<verse number="25">تہ تون ماڻهن مان هڪاليو ويندين، ۽ تنهنجو رهڻ جهنگ جي جانورن سان ٿيندو، ۽ تون ڍڳن وانگي گاهہ کائيندين ۽ ماڪ سان پسندين، ۽ توتي ست زمانا گذري ويندا؛ جيسين ڪ تون ڄاڻين تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي اُها ڏئي ٿو.</verse>
				<verse number="26">۽ هن جو انهي وڻ جي پاڙن واري بنڊ ڇڏي ڏيڻ جو حڪم ڏنو؛ سو جڏهن توکي معلوم ٿي رهندو تہ حڪومت آسمان ٿا هلائين، تڏهن تنهنجي بادشاهت تنهنجي لاءِ پڪي طرح قائم ٿيندي.</verse>
				<verse number="27">تنهنڪري، اي بادشاهہ، تون منهنجي نصيحت قبول ڪر، ۽ پنهنجن گناهن کي سچائي سان، ۽ پنهنجن خطائن کي غريبن تي رحم ڪرڻ سان پري ڪر، شايد انهي ڪري تنهنجو سک ۽ آرام گهڻي تائين هلي.</verse>
				<verse number="28">اها سڄي حالت بادشاهہ نبوڪدنضر تي ٿي گذري.</verse>
				<verse number="29">ٻارهن مهينن کان پوءِ جڏهن هو بابل جي شاهي محلات ۾ پئي گهميو.</verse>
				<verse number="30">تڏهن بادشاهہ چيو، تہ هي اُهو وڏو بابل ناهي ڇا، جو مون بادشاهہ جي رهڻ لاءِ پنهنجي اختياريءَ جي طاقت سان، ۽ پنهنجي وڏائيءَ جي شان ۽ شوڪت سان جوڙايو آهي؟</verse>
				<verse number="31">اڃا اها ڳالهہ بادشاهہ جي وات تي ئي هئي، تہ آسمان مان هڪڙو آواز آيو، جنهن چيو تہ اي بادشاهہ نبوڪدنضر، توکي چيو ٿو وڃي تہ بادشاهي تنهنجي هٿان نڪري ويئي آهي.</verse>
				<verse number="32">۽ تون ماڻهن مان هڪاليو ويندين ۽ تنهنجو رهڻ جهنگ جي مرن سان ٿيندو، تو کي ڍڳن وانگي گاهہ کارايو ويندو، ۽ تو تي ست زمانا گذري ويندا؛ جيستائين تون سمجهين تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي اُها ڏئي ٿو.</verse>
				<verse number="33">انهي ڪري اُها ڳالهہ نبوڪدنضر تي اچي پوري ٿي؛ ۽ هو ماڻهن مان ڪڍيو ويو، ۽ ڍڳن وانگي گاهہ کاڌائين، ۽ سندس بُت ماڪ سان پُسيو، ۽ اهڙو جو هن جا وار عقاب جي کنڀن وانگر وڌي ويا، ۽ هن جا ننهن پکين جي چنبن وانگي.</verse>
				<verse number="34">۽ اُنهن ڏينهن جي گذرڻ کانپوءِ مون نبوڪدنضر پنهنجون اکيون مٿي آسمان ڏي کنيون ۽ منهنجي سمجهہ موٽي مون ۾ آئي، ۽ مون خدا تعاليٰ جو شڪر ڪيو ۽ سندس تعريف ڪيم، ۽ تعظيم ڏنم، جو هو هميشہ لاءِ جيئرو آهي؛ ڇالاءِ جو هن جي بادشاهي هميشہ تائين جٽاءُ ڪندڙ آهي، ۽ هن جي حڪومت پيڙهي بہ پيڙهي هلي ٿي:</verse>
				<verse number="35">۽ زمين جا سڀ رهاڪو شمار ۾ ڪي ڪين آهن: ۽ هو آسمان جي لشڪر ۾، ۽ زمين جي ماڻهن ۾، جيئن وڻيس ٿو تيئن ڪري ٿو: ۽ ڪوبہ هن جي هٿ کي روڪي نٿو سگهي، يا هن کي چئي نٿو سگهي تہ تون ڇا ٿو ڪرين.</verse>
				<verse number="36">انهي ساڳي وقت منهنجي سمجهہ مون وٽ موٽي آئي؛ ۽ پنهنجي بادشاهت جي شان ۽ شوڪت لاءِ، منهنجي وڏائي ۽ رونق مون وٽ موٽي آئي؛ ۽ منهنجا مشير ۽ امير مون وٽ صلاح لاءِ آيا؛ ۽ آءٌ بادشاهت تي قائم ڪيو ويس، ۽ منهنجي لاءِ وڌيڪ گهڻي وڏائي ٿي.</verse>
				<verse number="37">هاڻي آءٌ نبوڪدنضر انهي آسمان جي بادشاهہ جي تعريف ۽ ساراهہ ٿو ڪريان، ۽ انهي کي تعظيم ٿو ڏيان؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ ڪم سچا آهن، ۽ هن جون عدالتون سچيون آهن: ۽ جيڪي مغرور آهن تن کي هو ذليل ڪري سگهي ٿو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">بيلشضر بادشاهہ پنهنجن هڪ هزار اميرن جي وڏي مهماني ڪئي، ۽ انهن هزارن جي اڳيان شراب پيتائين.</verse>
				<verse number="2">بيلشضر شراب چکڻ مهل حڪم ڪيو تہ جيڪي سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ سندس پيءُ نبوڪدنضر يروشلم واري هيڪل مان ڪڍيا هئا، سي وٽس کڻي اچن؛ تہ بادشاهہ ۽ سندس امير، سندس زالون ۽ سندس سريتون انهن ۾ شراب پيئن.</verse>
				<verse number="3">تڏهن هنن اُهي سونا ٿانوَ آندا، جي خدا جي گهر جي هيڪل مان، جو يروشلم ۾ آهي، کڻي آيا هئا؛ ۽ بادشاهہ ۽ سندس اميرن، زالن، ۽ سريتن انهن ۾ پيتو.</verse>
				<verse number="4">انهن شراب پي، پوءِ سون ۽ چاندي، ۽ پتل، ۽ لوهہ، ۽ ڪاٺ، ۽ پهڻ جي معبودن جي تعريف ڪئي.</verse>
				<verse number="5">۽ اُنهي گهڙي ڪنهن ماڻهوءَ جي هٿ جون آڱريون نظر آيون، ۽ بادشاهہ جي محلات جي ڀت جي گچ تي، انهن شمعدان جي سامهون ڪي لکيو: ۽ بادشاهہ هٿ جو اُهو ڀاڱو ڏٺو جنهن اُهو لکيو.</verse>
				<verse number="6">تڏهن بادشاهہ جي شڪل ڦري ويئي، ۽ سندس خيالن کيس پريشان ڪيو؛ ۽ سندس چيلهہ جا سنڌ ڍرا ٿي پيا، ۽ سندس گوڏا هڪٻئي سان ٺهڪڻ لڳا.</verse>
				<verse number="7">بادشاهہ وڏي سڏ چيو تہ جادوگرن، ڪسدين ۽ فال وجهڻ وارن کي وٺي اچو. ۽ بادشاهہ بابل جي ڏاهن ماڻهن کي چيو تہ جيڪو هيءَ لکت پڙهندو، ۽ انهي جو مطلب مون کي سمجهائيندو، تنهن کي واڱڻائي خلعت ملندي، ۽ سوني زنجير ڳچيءَ ۾ وجهبس، ۽ اهو بادشاهت ۾ ٽئين درجي جو حاڪم ٿيندو.</verse>
				<verse number="8">تڏهن بادشاهہ جا سڀ ڏاها ماڻهو اندر لنگهي آيا: پر هو اها لکت پڙهي نہ سگهيا، ۽ نہ بادشاهہ کي انهي جو مطلب سمجهائي سگهيا.</verse>
				<verse number="9">تڏهن بادشاهہ بيلشضر کي ڏاڍو فڪر ٿيو، ۽ سندس چهرو ڦري ويو، ۽ سندس امير حيران پريشان ٿي ويا.</verse>
				<verse number="10">هاڻي ملڪہ بادشاهہ ۽ اميرن جو چوڻ ٻڌي مجلس واري جاءِ ۾ آئي: ۽ ملڪہ چيو تہ اي بادشاهہ، شل سدائين سلامت رهين؛ تنهنجا خيال توکي پريشان نہ ڪن، ۽ نہ تنهنجي شڪل ڦري:</verse>
				<verse number="11">تنهنجي بادشاهت ۾ هڪڙو شخص آهي جنهن ۾ پاڪ الاهي روح آهي، ۽ تنهنجي پيءُ جي ڏينهن ۾ هن ۾ نور ۽ سمجهہ ۽ ڏاهپ، بلڪ الاهي ڏاهپ ڏسڻ ۾ ٿي آئي، ۽ تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر، هائو، تنهنجي پيءُ، اي بادشاهہ، هن کي جادوگرن، منڊ هڻندڙن، ڪسدين، ۽ فال وجهڻ وارن جو سردار ڪيو هو؛</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو هڪڙو تمام چڱو روح، ۽ علم، ۽ سمجهہ، ۽ خوابن جي تعبير ڪرڻ ۽ مشڪل جملن جي معنيٰ سمجهائڻ، ۽ شڪن لاهڻ جو عقل انهي داني ايل ۾ معلوم ٿيو هو، جنهن کي بادشاهہ، بيلطشضر جو نالو ڏنو هو. هاڻي داني ايل کي گهرايو وڃي تہ هو انهي جو تعبير ڪري.</verse>
				<verse number="13">تڏهن داني ايل کي بادشاهہ جي حضور ۾ آندائون. بادشاهہ داني ايل کي مخاطب ٿي چيو تہ تون اُهو داني ايل آهين جو يهوداہ جي قيدين منجهان آهي ۽ جنهن کي منهنجي پيءُ يهوداہ مان آندو هو؟</verse>
				<verse number="14">مون تنهنجي نسبت ۾ ٻڌو آهي تہ الاهي روح تو ۾ آهي ۽ علم ۽ سمجهہ ۽ نهايت عمدي ڏاهپ تو ۾ موجود آهي.</verse>
				<verse number="15">۽ هاڻي ڏاها ماڻهو، منڊ هڻندڙ آڻي مون وٽ حاضر ڪيا اٿن تہ هيءَ لکت پڙهن ۽ انهي جو مطلب مون کي سمجهائين: پر هو انهي جو مطلب سمجهائي نہ سگهيا آهن.</verse>
				<verse number="16">پر مون تنهنجي بابت ٻڌو آهي تہ تون مطلب سمجهائي ۽ شڪ لاهي ٿو سگهين. هاڻي جيڪڏهن تون هي لکيو پڙهي سگهندين ۽ انهي جو مطلب مون کي سمجهائيندين، تہ پوءِ توکي واڱڻائي خلعت ڍڪائبي ۽ سون جو هار توکي پارائبو، ۽ تون بادشاهت ۾ ٽيون حاڪم ٿيندين.</verse>
				<verse number="17">تڏهن داني ايل ورندي ڏيئي چيو تہ اهي پنهنجا انعام ڪنهن ٻئي کي ڏي، پر اها لکت آءٌ بادشاهہ کي پڙهي ٿو ٻڌايان، ۽ اُنهي جو مطلب بہ ٿو سمجهايان.</verse>
				<verse number="18">اي بادشاهہ، خدا تعاليٰ تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر کي بادشاهي ۽ وڏائي ۽ عزت ۽ هشمت عطا ڪئي:</verse>
				<verse number="19">۽ ڇالاءِ جو هن کيس اِها وڏائي ڏني تنهن ڪري سڀ قومون ۽ خلقتون ۽ جدا جدا ٻولين وارا سندس اڳيان ڊپ کان پئي ڏڪيا: جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي مارائيندو هو؛ ۽ جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي جيئرو رکندو هو؛ ۽ جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي چاڙهيندو هو، ۽ جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي لاهيندو هو:</verse>
				<verse number="20">پر جڏهن هن جي دل مغرور ٿيڻ لڳي ۽ هن جو روح سخت ٿيڻ لڳو، ۽ انهي ڪري هو هٺيلو ٿي هلڻ لڳو. تڏهن هو پنهنجي بادشاهي تخت تان لاٿو ويو، ۽ سندس عزت کانئس کسي ورتائون.</verse>
				<verse number="21">۽ هو بني آدم مان هڪاليو ويو، ۽ هن جي دل جانورن جهڙي ڪئي ويئي، ۽ هن جو رهڻ گورخرن سان ٿيو؛ ۽ هن کي ڏاندن وانگي گاهہ ٿي کارايائون، ۽ هن جو بدن ماڪ سان پُسيل ٿي رهيو: جيستائين ڪ هن سمجهيو تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي انهيءَ تي ويهاري ٿو.</verse>
				<verse number="22">پر اي بيلشضر، تو سندس پٽ، پنهنجي دل کي نماڻو نہ ڪيو آهي، جيتوڻيڪ انهي سڄي احوال جي توکي خبر هئي؛</verse>
				<verse number="23">پر اُٽلندو تو آسمان جي خداوند جي سامهون پاڻ کي چاڙهي مٿي ڪيو آهي؛ ۽ سندس گهر جا ٿانوَ تنهنجي اڳيان آندا اٿن ۽ انهن ۾ تو، ۽ تنهنجن اميرن، تنهنجين زالن ۽ تنهنجي سريتن شراب پيتو آهي؛ ۽ تو چاندي ۽ سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پهڻ جي معبودن جي تعريف ڪئي آهي، جي نہ ڏسن ٿا نہ ٻڌن ٿا، ۽ نڪي ڄاڻن ٿا: ۽ خدا جنهن جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي حوالي تنهنجا سڀ رستا آهن، تنهن جي وڏائي تو ظاهر نہ ڪئي آهي:</verse>
				<verse number="24">تڏهن سندس حضوريءَ مان هٿ جو ڀاڱو موڪليو ويو ۽ هيءَ لکت لکي ويئي.</verse>
				<verse number="25">۽ جيڪو لکيو ويو آهي سو هي آهي: مني؛ مني، تقيل، فرسين.</verse>
				<verse number="26">انهي جي معنيٰ هيءَ آهي: مني؛ يعني خدا تنهنجي بادشاهت ڳڻي ڇڏي آهي ۽ انهن کي آڻي پورو ڪيو اٿس.</verse>
				<verse number="27">تقيل؛ يعني تون ساهميءَ ۾ توريو ويو آهين، ۽ وزن ۾ گهٽ نڪتو آهين.</verse>
				<verse number="28">فرسين؛ يعني تنهنجي بادشاهت ورهائجي ويئي آهي، ۽ ميدين ۽ فارسين کي ڏني ويئي آهي.</verse>
				<verse number="29">تڏهن بيلشضر حڪم ڏنو ۽ داني ايل کي واڱڻائي خلعت ڍڪيائون، ۽ سون جو هار سندس ڳچيءَ ۾ وڌائون، ۽ سندس بابت اشتهار ڪيائون تہ هو بادشاهت جو ٽيون حاڪم شمار ڪيو وڃي.</verse>
				<verse number="30">انهي رات بيلشضر، ڪسدي بادشاهہ قتل ڪيو ويو.</verse>
				<verse number="31">۽ داراميديءَ کي بادشاهي ملي، جو اٽڪل ٻاهٺ ورهين جي عمر جو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">دارا کي پسند آيو تہ بادشاهت تي هڪ سؤ ويهہ والي مقرر ڪري، جي سڄي ملڪ تي حڪومت ڪن؛</verse>
				<verse number="2">۽ انهن تي ٽي وزير مقرر ٿين، جن مان داني ايل هڪڙو هو، ۽ اهي سڀ والي هنن کي حساب ڏين، تہ بادشاهہ کي نقصان نہ رسي.</verse>
				<verse number="3">تڏهن اهو داني ايل انهن وزيرن ۽ والين ۾ برک ٿي ويو، ڇالاءِ جو منجهس هڪڙو تمام چڱو روح هو: ۽ بادشاهہ ارادو ڪيو تہ هن کي سڄي ملڪ جي مٿان مقرر ڪري.</verse>
				<verse number="4">تڏهن وزيرن ۽ والين ڪوشش ڪئي تہ حڪمرانيءَ جي نسبت ۾ داني ايل جو ڪو قصور هٿ ڪن، پر اهڙي قصور هٿ ڪرڻ جو هنن کي وجهہ ملي نہ سگهيو؛ ڇالاءِ جو هو ايماندار هو، ۽ هن ۾ ڪا گهٽتائي يا قصور نہ هو.</verse>
				<verse number="5">تڏهن انهن ماڻهن چيو تہ اسين هن داني ايل جو ڪوبہ قصور لهي نہ سگهنداسين، سواءِ سندس خدا جي شريعت جي نسبت ۾ لهي سگهنداسين.</verse>
				<verse number="6">تڏهن اهي وزير ۽ والي بادشاهہ جي حضور ۾ گڏ ٿيا، ۽ چيائونس تہ اي بادشاهہ دارا، شل سدائين سلامت هجين.</verse>
				<verse number="7">ملڪ جي سڀني وزيرن، نائبن ۽ والين، مشيرن ۽ نوابن پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي آهي تہ هڪڙو شاهي حڪم قائم ڪجي، ۽ هڪڙو منع نامو جاري ڪجي تہ جيڪو ٽيهن ڏينهن تائين ڪنهن معبود کان يا ماڻهوءَ کان، تنهنجي سواءِ، ڪو سوال ڪندو، تہ اي بادشاهہ اُهو شينهن جي غار ۾ وڌو ويندو.</verse>
				<verse number="8">هاڻي اي بادشاهہ، اهو منع نامو جاري ڪر، ۽ اهڙي لکيل حڪم تي صحيح ڪر، تہ اُهو ڦري نہ سگهي، جيئن ميدين ۽ فارسين جو قاعدو ڦرندو نہ آهي.</verse>
				<verse number="9">انهي ڪري بادشاهہ دارا لکيل حڪم ۽ منع نامي تي صحيح ڪئي.</verse>
				<verse number="10">۽ جڏهن داني ايل کي خبر پئي تہ انهي لکيل حڪم تي صحيح پيئي آهي، تڏهن هو پنهنجي گهر ويو؛ (سندس ڪوٺيءَ جون دريون يروشلم ڏانهن هيون)؛ ۽ هن ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا گوڏن ڀر ويهي دعا گهري، ۽ پنهنجي خدا جي اڳيان سندس شڪر بجا آندو، جيئن هو اڳي ڪندو هو.</verse>
				<verse number="11">تڏهن هي ماڻهو گڏ ٿيا ۽ ڏٺائون تہ داني ايل پنهنجي خدا اڳيان دعا گهري ٿو ۽ سوال ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="12">تڏهن هو ويجهو آيا ۽ بادشاهہ جي حضور ۾ سندس منع نامي جي نسبت ۾ چوڻ لڳا، تہ اي بادشاهہ تو اهڙو منع نامو صحيح ڪين ڪيو آهي ڇا تہ جيڪو ماڻهو ٽيهن ڏينهن اندر ڪنهن بہ معبود کان يا ماڻهوءَ کان، توکان سواءِ، سوال ڪندو تنهن کي شينهن جي غار ۾ وجهبو؟ ۽ بادشاهہ جواب ڏيئي چيو تہ اها ڳالهہ ميدين ۽ فارسين جي قاعدي موجب، جو ڦرندو ڪين آهي، سچي آهي.</verse>
				<verse number="13">تڏهن هنن ورنديءَ ۾ بادشاهہ جي حضور عرض ڪيو، تہ اي بادشاهہ، اُهو داني ايل جو يهوداہ جي قيدين جي اولاد مان آهي، سو نہ تنهنجي پرواهہ ٿو رکي، نہ تنهنجي منع نامي جي، جنهن تي تو صحيح ڪئي آهي، پر هو ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا دعا گهري ٿو.</verse>
				<verse number="14">تڏهن بادشاهہ اهي ڳالهيون ٻڌي ڏاڍو ناراض ٿيو، پر دل ۾ ارادو ڪيائين تہ داني ايل کي بچائي: ۽ سج لٿي تائين هن کي ڇڏائڻ لاءِ پئي ڪوشش ڪيائين.</verse>
				<verse number="15">تڏهن اُهي ماڻهو بادشاهہ جي اڳيان گڏ ٿيا ۽ کيس چوڻ لڳا، تہ اي بادشاهہ توکي خبر آهي تہ ميدين ۽ فارسين جو اهو قاعدو آهي تہ جيڪو منع نامو يا قانون بادشاهہ جاري ڪري سو ڦرڻ جو نہ آهي.</verse>
				<verse number="16">تڏهن بادشاهہ جي حڪم ڪرڻ تي هو داني ايل کي وٺي آيا ۽ کڻي شينهن جي غار ۾ وڌائونس. هاڻي بادشاهہ داني ايل کي مخاطب ٿي چيو، تہ تنهنجو خدا، جنهن جي تون هميشہ عبادت ٿو ڪرين، سو توکي بچائيندو.</verse>
				<verse number="17">۽ هڪڙو پٿر آڻي غار جي منهن تي رکيائون؛ ۽ بادشاهہ انهي تي پنهنجي مهر ۽ پنهنجن اميرن جي مهر ڪئي؛ تہ متان داني ايل جي نسبت ۾ ڪا ڦيرگهير ٿئي.</verse>
				<verse number="18">پوءِ بادشاهہ پنهنجي محلات ۾ ويو ۽ سڄي رات روزو رکيائين؛ نڪو ڪي وڄائڻ جا ساز سندس اڳيان آندا ويا: ۽ سندس ننڊ اُڏامي ويئي.</verse>
				<verse number="19">تڏهن بادشاهہ صبح جو ڏاڍو سويل اُٿيو، ۽ تڪڙو ٿي شينهن جي غار ڏانهن ويو.</verse>
				<verse number="20">۽ جڏهن هو غار وٽ پهتو تڏهن داني ايل کي پڪاري، ڏک جهڙي آواز سان چيائينس، تہ اي داني ايل، جيئري خدا جا ٻانها، جنهن پنهنجي خدا جي تون هميشہ عبادت ڪندو آهين، سو توکي شينهن کان ڇڏائي سگهيو آهي يا نہ؟</verse>
				<verse number="21">تڏهن داني ايل بادشاهہ کي چيو، تہ اي بادشاهہ، شل تون سدائين سلامت هجين:</verse>
				<verse number="22">منهنجي خدا پنهنجو ملائڪ موڪليو آهي، ۽ شينهن جا وات بند ڪيا اٿس، ۽ انهن مون کي ڪوبہ ايذاءُ نہ رسايو آهي: ڇالاءِ جو جيئن انهي جي اڳيان آءٌ بي گناهہ سمجهيو ويس، تيئن، اي بادشاهہ، مون تنهنجي اڳيان ڪوبہ خطا جهڙو ڪم ڪونہ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="23">تڏهن بادشاهہ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حڪم ڪيائين تہ داني ايل کي ڪڍي ٻاهر آڻيو. تڏهن داني ايل کي غار مان ڪڍي آندائون، ۽ هن کي ڪنهن بہ قسم جو ايذاءُ نہ رسيو هو، ڇالاءِ جو هن پنهنجي خدا تي ڀروسو رکيو هو.</verse>
				<verse number="24">۽ بادشاهہ جي حڪم ڪرڻ تي انهن ماڻهن کي وٺي آيا جن داني ايل تي تهمت آندي هئي، ۽ انهن کي سندن ٻارن ٻچن ۽ زالن سميت کڻي شينهن جي غار ۾ وڌائون؛ ۽ شينهن انهن تي اچي ڪاهي پيا، ۽ غار جي تري تائين پهچڻ کان اڳي انهن جا هڏ گڏ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="25">تڏهن بادشاهہ دارا سڀني ماڻهن ۽ قومن، ۽ جدا جدا ٻولين وارن ڏي لکيو، جي دنيا ۾ رهندا هئا، تہ شل اوهان جي لاءِ سلامتي وڌي.</verse>
				<verse number="26">آءٌ هي حڪم جاري ٿو ڪريان تہ منهنجي بادشاهت جي سڀني ڀاڱن ۾ ماڻهو داني ايل جي خدا جي حضور ڏڪن ۽ ڊڄن: ڇالاءِ جو اهو ئي جيئرو خدا آهي ۽ هميشہ قائم آهي، ۽ هن جي بادشاهت اهڙي آهي جا ناس ٿيڻ جي ڪانهي، ۽ هن جي حڪومت پڇاڙيءَ تائين قائم رهندي.</verse>
				<verse number="27">جنهن داني ايل کي شينهن جي چنبن مان ڇڏايو آهي، سو بچائي ٿو ۽ ڇڏائي ٿو، ۽ هو زمين ۽ آسمان ۾ نشانيون ۽ عجيب غريب ڪم ڪري ٿو ڏيکاري:</verse>
				<verse number="28">انهي طرح داني ايل دارا، ۽ خورس فارسيءَ جي بادشاهت ۾ خوش گذاريندو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">بابل جي بادشاهہ بيلشضر جي پهرين سال ۾ داني ايل پنهنجي بستري تي سُتي هڪڙو خواب لڌو، ۽ سندس مغز ۾ ڪي رويا ظاهر ٿيا: تڏهن هن اُهو خواب لکيو ۽ انهن ڳالهين جو مڪمل بيان ٻڌايائين.</verse>
				<verse number="2">داني ايل چوڻ لڳو تہ مون رات جو پنهنجي رويا ۾ ڏٺو، ۽ ڇا ٿو ڏسان تہ آسمان جون چارئي هوائون وڏي سمنڊ تي اچي ڪڙڪيون آهن.</verse>
				<verse number="3">۽ چار وڏا جانور، جي جدا جدا نموني جا هئا، سمنڊ مان نڪري آيا آهن.</verse>
				<verse number="4">پهريون شينهن جهڙو هو ۽ عقاب جهڙا پَر هئس: مون پئي نهاريو جيستائين ڪ هن جا پَر پَٽي ڇني ڇڏيائون، ۽ هو زمين کان مٿي کڄي ويو، ۽ انسان وانگر ٻن پيرن تي بيهاريو ويو، ۽ هن کي انسان جي دل ڏني ويئي.</verse>
				<verse number="5">۽ ڏسو، ٻيو جانور، رڇ جهڙو هو، ۽ اهو هڪڙي پاسي سڌو ٿي بيٺو؛ ۽ پاسريءَ جون ٽي هڏيون هن جي وات ۾ ڏندن جي وچ ۾ هيون: ۽ هنن چيس تہ اُٿي گهڻو گوشت کاءُ.</verse>
				<verse number="6">تنهن کانپوءِ مون نهاريو تہ ٽيون جانور چيتي جهڙو ڏٺم، جنهن جي پٺيءَ تي پکيءَ جهڙا چار پَر هئا؛ انهي جانور کي چار مٿا بہ هئا؛ ۽ حڪومت انهي کي ڏني ويئي.</verse>
				<verse number="7">انهي کانپوءِ رات جي رويا ۾ مون چوٿون جانور ڏٺو جو هيبتناڪ ۽ طاقت وارو هو، ۽ نهايت مضبوط هو؛ ۽ انهي کي وڏا لوهہ جا ڏند هئا: هو ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪري ڳڙڪايو ٿي ويو، ۽ باقي جيڪي بچيو ٿي تنهن کي پنهنجي پيرن سان ٿي لتاڙيائين، ۽ جيڪي ٻيا جانور انهي جي اڳيان هئا، تن کان هو ٻيءَ طرح جو هو؛ ۽ انهي کي ڏهہ سڱ هئا.</verse>
				<verse number="8">مون انهن سڱن تي ڌيان ڏيئي ڏٺو تہ انهن منجهان هڪڙو ننڍو سڱ نڪتو؛ جنهن جي اڳيان پهرين سڱن مان ٽي پاڙن کان پَٽجي نڪري آيا: ۽ ڏسو، اُنهي سڱ ۾ ماڻهن جي اکين جهڙيون اکيون هيون، ۽ هڪڙو وات بہ هو، جنهن وڏيون وڏيون ڳالهيون ٿي ڪيون.</verse>
				<verse number="9">منهنجي ڏسندي ڏسندي تخت لاٿا ويا، ۽ هڪڙو قديم الايام شخص اچي ويٺو: هن جي پوشاڪ برف جهڙي اڇي هئي، ۽ هن جي مٿي جا وار صاف اُن جهڙا هئا، هن جو تخت باهہ جي شعلن جو هو، ۽ انهي جا ڦيٿا ٻرندڙ باهہ وانگر هئا.</verse>
				<verse number="10">هن جي اڳيان هڪڙي آتشي نهر نڪري وهيو ٿي آئي: هزارن جا هزار هن جي خدمت چاڪريءَ ۾ مشغول هئا، ۽ لکن جا لک هن جي اڳيان بيٺا هئا: عدالت پئي هلي، ۽ ڪتاب کليا رکيا هئا.</verse>
				<verse number="11">جيڪي وڏيون وڏيون ڳالهيون اُنهي سڱ پئي ڪيون، تن جي آواز تي مون اوڏي مهل نهاريو؛ مون پئي ڏٺو جيستائين اُهو جانور قتل ٿي ويو ۽ سندس جسم ناس ٿي ويو، ۽ اُهو باهہ ۾ ساڙڻ جي لاءِ ڏنو ويو.</verse>
				<verse number="12">باقي ٻيا جانور تن جي حڪومت انهن کان کسي ويئي: انهي هوندي بہ ڪجهہ وقت تائين هنن جون حياتيون وڌايون ويون.</verse>
				<verse number="13">۽ مون رات جي رويائن ۾ ڏٺو تہ آسمان جي ڪڪرن سان گڏ، آدمزاد جهڙو هڪڙو شخص آيو، ۽ اُهو انهي قديم الايام شخص وٽ آيو، ۽ انهي کي وٺي هن جي حضور ۾ آندائون.</verse>
				<verse number="14">۽ انهي کي حڪومت ۽ عزت ۽ بادشاهت ڏني ويئي، تہ سڀيئي ماڻهو، قومون ۽ علحدين ٻولين وارا انهي جي خدمت چاڪري ڪن: انهي جي حڪومت هميشہ جٽاءُ ڪندڙ حڪومت آهي، جا فنا ٿيڻ جي ناهي، ۽ انهي جي بادشاهي اهڙي آهي جا ناس نہ ٿيندي.</verse>
				<verse number="15">هاڻي مون داني ايل جو روح منهنجي اندر غمگين ٿيو، ۽ منهنجي مغز جي رويائن مون کي منجهائي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="16">جيڪي اُتي بيٺا هئا، تن مان هڪڙي ڏانهن آءٌ رڙهي ويجهو ٿيس، ۽ انهي سڄي احوال جي حقيقت پڇي مانس. تڏهن هن مون کي اُهي ڳالهيون ٻڌايون ۽ انهن جو مطلب سمجهايائين.</verse>
				<verse number="17">هي چار وڏا جانور چار بادشاهہ آهن، ۽ اُهي زمين مان اُٿندا.</verse>
				<verse number="18">پر خدا تعاليٰ جي اوليائن کي بادشاهت ملندي، ۽ اُهي انهي بادشاهت جا هميشہ تائين مالڪ رهندا.</verse>
				<verse number="19">تڏهن مون چيو تہ اهو چوٿون جانور جو هنن سڀني کان ٻي طرح جو آهي، ۽ نهايت هيبتناڪ آهي، ۽ لوهہ جا ڏند ۽ پتل جا نهن اٿس، تنهن جي حقيقت مون کي ٻڌايو؛ اهو جو ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڳڙڪائي وڃي ٿو، ۽ جيڪي باقي بچيس ٿو تنهن کي پيرن سان لتاڙي ٿو؛</verse>
				<verse number="20">۽ انهن ڏهن سڱن جي حقيقت جي هن جي مٿي تي هئا، ۽ ٻيو سڱ جو پوءِ نڪري آيو، ۽ جنهن جي اڳيان ٽي ڪِري پيا؛ يعني اُهو سڱ جنهن کي اکيون هيون ۽ وات هو، جنهن وڏيون وڏيون ڳالهيون ٿي ڪيون، ۽ جو ڏسڻ ۾ ٻين سڱن کان مضبوط ٿي آيو.</verse>
				<verse number="21">مون ڏٺو تہ ساڳي سڱ اوليائن سان جنگ ڪئي ۽ انهن تي غالب آيو؛</verse>
				<verse number="22">نيٺ اُهو قديم الايام آيو، ۽ خدا تعاليٰ جي اوليائن کي عدالت ڏني ويئي؛ ۽ اُهو وقت آيو جڏهن اوليائن کي بادشاهت موروثي ملڪيت ٿي ملي.</verse>
				<verse number="23">هن هيئن چيو تہ چوٿون جانور زمين تي چوٿين بادشاهت ٿيندو، جا ٻين بادشاهتن کان ٻي طرح جي ٿيندي، ۽ سڄي زمين کي ڳهي ويندي، ۽ انهي کي لتاڙي ڇڏيندي، ۽ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندي.</verse>
				<verse number="24">باقي هو ڏهہ سڱ، سي آهن ڏهہ بادشاهہ، جي انهي بادشاهت مان اُٿندا: ۽ انهن کان پوءِ ٻيو اُٿندو؛ ۽ اُهو هنن اڳين کان ٻي طرح جو هوندو، ۽ اُهو ٽن بادشاهن کي ڪيرائي ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="25">۽ اُهو خدا تعاليٰ جي برخلاف ڳالهيون ڪندو، ۽ خدا تعاليٰ جي اوليائن کي هلاڪ ڪندو: ۽ هو وقتن ۽ شريعت جي ڦيرائڻ جو خيال ڪندو؛ ۽ اُهي هن جي هٿ ۾ ڏنا ويندا، جيستائين هڪڙو زمانو، ۽ زمانا، ۽ اڌ زمانو گذرندو.</verse>
				<verse number="26">پوءِ عدالت ٿيندي؛ ۽ هو سندس حڪومت کسي ويندا، ۽ پڇاڙيءَ تائين انهي کي کپائي ناس ڪري ڇڏيندا.</verse>
				<verse number="27">۽ بادشاهت، ۽ حڪومت، ۽ آسمان جي هيٺان سڀني بادشاهتن جي شان ۽ شوڪت خدا تعاليٰ جي اوليائن کي ڏني ويندي: هن جي بادشاهت هميشہ جٽاءُ ڪندڙ بادشاهت آهي، ۽ ٻيون سڀ حڪومتون انهي جي خدمت چاڪري ۽ فرمانبرداري ڪنديون.</verse>
				<verse number="28">هتي ڳالهہ پوري ٿي. باقي آءٌ داني ايل، سو منهنجي خيالن مون کي منجهائي ڇڏيو، ۽ منهنجي شڪل بدلجي ويئي: پر اها ڳالهہ مون پنهنجي دل ۾ رکي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">بادشاهہ بيلشضر جي بادشاهت جي ٽئين سال ۾ هڪڙو رويا مون کي، يعني مون داني ايل کي ٻيو ڀيرو ڏسڻ ۾ آيو.</verse>
				<verse number="2">۽ مون رويا ۾ ڏٺو؛ هاڻي هيئن هو تہ جڏهن مون ڏٺو تڏهن ڄاتم تہ سوسن جي محلات ۾ آهيان، جو عيلام جي پرڳڻي ۾ آهي؛ ۽ مون رويا ۾ ڏٺو تہ اولائي نديءَ جي ڪناري تي آهيان.</verse>
				<verse number="3">تڏهن مون مٿي نهاريو، ۽ ڏسان تہ نديءَ جي اڳيان هڪڙو گهٽو بيٺو آهي جنهن کي ٻہ سڱ آهن: ۽ اُهي ٻہ سڱ وڏا هئا؛ پر هڪڙو ٻئي کان وڏو هو، ۽ جيڪو وڌيڪ وڏو هو سو پڇاڙيءَ ۾ آيو.</verse>
				<verse number="4">۽ مون گهٽي کي اُلهندي ڏانهن، ۽ اُتر ڏانهن، ۽ ڏکڻ ڏانهن ٽڪر هڻندو ڏٺو؛ ۽ ڪي بہ جانور هن جي اڳيان بيهي نہ ٿي سگهيا؛ ۽ نہ ڪو اهڙو هو جو سندس هٿان ڇڏائي سگهي؛ پر هن کي جيئن ٿي وڻيو تيئن ٿي ڪيائين، ۽ پاڻ کي وڏو ڪري ٿي ڏيکاريائين.</verse>
				<verse number="5">۽ اڃا مون ويچار پي ڪيو، تہ ڏسان تہ هڪڙو ٻڪر اُلهندي کان سڄي زمين جي سطح تان هليو ٿي آيو، ۽ زمين کي نہ ٿي ڇهيائين، ۽ انهي ٻڪر کي سندس اکين جي وچ ۾ هڪڙو حيرت جهڙو سڱ هو.</verse>
				<verse number="6">۽ هو انهي ٻن سڱن واري گهٽي وٽ آيو، جو مون نديءَ جي اڳيان بيٺل ڏٺو، ۽ ڏاڍي زور مان انهي تي ڪاهي ويو.</verse>
				<verse number="7">۽ مون ڏٺو تہ هو گهٽي کي تمام ويجهو ويو، ۽ انهي تي ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ گهٽي کي ڌڪ هڻي ان جا ٻئي سڱ ڀڃي وڌائين؛ ۽ گهٽي ۾ ايتري طاقت نہ رهي جو هو هن جي اڳيان بيهي سگهي: ۽ هن کيس زمين تي ڪيرائي وڌو ۽ مٿان چڙهي لتاڙڻ لڳس؛ ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جو گهٽي کي هن جي هٿان ڇڏائي.</verse>
				<verse number="8">۽ اُهو ٻڪر تمام وڏو ٿيڻ لڳو؛ ۽ جڏهن هو زور وارو ٿيو، تڏهن اُهو وڏو سڱ ڀڄي پيس؛ ۽ ان جي بدران ٻيا چار حيرت جهڙا سڱ آسمان جي چئني هوائن جي پاسي نڪري آيا.</verse>
				<verse number="9">۽ انهن مان هڪڙي منجهان هڪڙو ننڍو سڱ نڪتو، جو وڌندو وڃي تمام وڏو ٿيو، ۽ اُنهي جو رخ ڏکڻ ڏانهن، ۽ اُڀرندي ڏانهن، ۽ انهي شانائتي زمين ڏانهن هو.</verse>
				<verse number="10">۽ اُهو وڏو ٿيندو ويو، ۽ اهڙو جو وڃي آسمان جي لشڪر تائين پهتو؛ ۽ اُنهي لشڪر مان ۽ تارن مان، ڪن کي هن هيٺ زمين تي ڪيرائي وڌو، ۽ انهن کي لتاڙڻ لڳو.</verse>
				<verse number="11">هائو، هو اهڙو وڏو ٿي ويو جو انهي لشڪر جي سردار تائين وڃي پهتو؛ ۽ اُنهي کان مدامي سوختني قرباني کسي ورتائين، ۽ هن جي پاڪ مڪان کي ڊاهي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="12">۽ لشڪر، انهي مدامي سوختني قربانيءَ سميت، گناهہ جي سبب، انهي جي حوالي ڪيو ويو؛ ۽ انهي سچائيءَ کي هيٺ زمين تي ڪيرائي وڌو، ۽ جيئن وڻيس تيئن ٿي ڪيائين، ۽ ڪامياب پئي ٿيو.</verse>
				<verse number="13">پوءِ مون هڪڙي پاڪ شخص کي ڳالهائيندو ٻڌو، ۽ ٻئي پاڪ شخص انهي پهرين ڳالهائڻ واري کي چيو، تہ مدامي سوختني قرباني، ۽ اُهو گناهہ جو ويران ٿو ڪري، انهي لاءِ تہ پاڪ مڪان ۽ لشڪر ٻئي پيرن هيٺ لتاڙجي وڃن، تنهن جي بابت اُهو رويا ڪيستائين رهندو؟</verse>
				<verse number="14">۽ هن مون کي چيو تہ ٻن هزارن ٽن سوَن صبحن ۽ سانجهين تائين؛ پوءِ اُهو پاڪ مڪان صاف ٿيندو.</verse>
				<verse number="15">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن مون، يعني داني ايل، اهو رويا ڏٺو، تڏهن مون معنيٰ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي؛ ۽ ڏس، منهنجي اڳيان هڪڙو ماڻهوءَ جي شڪل جهڙو اچي بيٺو.</verse>
				<verse number="16">۽ اُلائي جي ڪنارن وٽ مون هڪڙي ماڻهوءَ جو آواز ٻڌو، جنهن سڏ ڪري چيو، تہ اي جبرائيل، هن ماڻهوءَ کي اهو رويا سمجهاءِ.</verse>
				<verse number="17">تنهن تي هو انهيءَ هنڌ کي ويجهو آيو جتي آءٌ بيٺو هوس؛ ۽ جڏهن هو آيو، تڏهن آءٌ ڊڄي ويس، ۽ منهن ڀر ڪِري پيس: پر هن مون کي چيو تہ، اي آدمزاد، سمجهہ؛ ڇالاءِ جو اُهو رويا پوئين زماني جو آهي.</verse>
				<verse number="18">هاڻي جيئن هن مون سان پئي ڳالهايو، تيئن مون کي زمين تي پيئي گهاٽي ننڊ اچي وئي: پر هن مون کي ڇُهي اُٿاريو.</verse>
				<verse number="19">۽ چوڻ لڳو تہ ڏس، آءٌ توکي ٻڌائيندس تہ غضب جي آخر زماني ۾ ڇا ٿيندو: ڇالاءِ جو اُهو پڇاڙيءَ جو مقرر ڪيل وقت جي بابت آهي.</verse>
				<verse number="20">اُهو گهٽو جو تو ٻن سڱن سان ڏٺو، اُهي ميديہ ۽ فارس جا بادشاهہ آهن.</verse>
				<verse number="21">۽ بجن وارو ٻڪر، يونان جو بادشاهہ آهي: ۽ وڏو سڱ جو هن جي اکين جي وچ ۾ آهي، سو پهريون بادشاهہ آهي.</verse>
				<verse number="22">۽ هو جيڪو ڀڄي پيو هو، ۽ جنهن جي جاءِ تي چار نڪري بيٺا، سي اُهي چار بادشاهتون آهن، جي انهي قوم منجهان نڪري بيهنديون، پر نہ هن جي طاقت سان.</verse>
				<verse number="23">۽ اُنهن جي بادشاهت جي پوئين وقت ۾، جڏهن گنهگار پوريءَ حد تائين پهچندا، تڏهن هڪڙو بادشاهہ برپا ٿيندو جو هيبتناڪ شڪل جو هوندو، ۽ مشڪل مسئلا سمجهندو.</verse>
				<verse number="24">۽ اُهو وڏي طاقت وارو ٿيندو، پر نہ پنهنجي طاقت سان؛ ۽ هو عجيب طرح جون خرابيون ڪندو ۽ ڪامياب ٿيندو، ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب هلندو: ۽ هو زور وارن ۽ پاڪ ماڻهن کي ناس ڪندو.</verse>
				<verse number="25">۽ انهي جي تجويز سان ٺڳي سندس هٿ ۾ زور وٺندي؛ ۽ هو پنهنجي دل ۾ پاڻ کي وڏو سمجهندو، ۽ گهڻن کي سندن سلامتيءَ جي وقت ناس ڪندو: ۽ هو بادشاهن جي بادشاهہ جي برخلاف کڙو ٿيندو: پر هو هٿ لائڻ کانسواءِ ڀڃي ڇڏيو ويندو.</verse>
				<verse number="26">۽ سانجهين ۽ صبحن وارو رويا، جو فرمايو ويو آهي سو سچو آهي: پر تون اُهو رويا بند ڪري ڇڏ؛ ڇالاءِ جو اُهو گهڻن ڏينهن کانپوءِ اچڻ واري وقت جي بابت آهي.</verse>
				<verse number="27">۽ آءٌ داني ايل بيهوش ٿي ويس، ۽ ڪي ڏينهن بيمار پيو هوس؛ ۽ پوءِ اُٿيس ۽ اُٿي بادشاهہ جو ڪم ڪار ڪرڻ لڳس: مون کي اُنهي رويا تي حيراني لڳي، پر ڪنهن بہ ان کي نہ سمجهيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">دارا بن اخسويرس، جو ميدين جي نسل مان هو، ۽ جو ڪسدين جي بادشاهت تي بادشاهہ ڪيو ويو هو، تنهن جي پهرين ورهيہ ۾؛</verse>
				<verse number="2">انهي جي بادشاهت جي پهرين سال ۾ مون داني ايل، ڪتابن مان انهن سالن جو شمار معلوم ڪيو، جن بابت خداوند جو ڪلام يرمياہ نبيءَ وٽ آيو، تہ يروشلم جي ويراني پوري ٿيندي؛ ۽ اُهي ستر سال هئا.</verse>
				<verse number="3">۽ مون پنهنجو منهن خداوند ڏانهن ڪيو، انهي لاءِ تہ دعا گهرڻ ۽ عرض ڪرڻ سان، روزن رکڻ ۽ کٿي ڍڪڻ ۽ خاڪ وجهڻ سان سوال ڪريان.</verse>
				<verse number="4">۽ مون خداوند پنهنجي خدا اڳيان دعا ڪئي، ۽ ڏوهہ قبول ڪيم، ۽ چيم تہ اي خداوند، وڏا ۽ هيبت وارا خدا، جو انهن سان عهد اقرار قائم رکين ٿو، ۽ انهن تي ڪرم ڪرين ٿو، جي توکي پيار ٿا ڪن، ۽ تنهنجن حڪمن جي سنڀال ٿا ڪن؛</verse>
				<verse number="5">اسان گناهہ ڪيو آهي، ۽ اونڌي هلت هليا آهيون، ۽ شرارت جا ڪم ڪيا اٿئون، ۽ باغي ٿيا آهيون، يعني تنهنجن حڪمن ۽ تنهنجين عدالتن کان منهن موڙيو اٿئون:</verse>
				<verse number="6">۽ نہ اسان تنهنجن ٻانهن نبين جي ڳالهہ مڃي آهي، جن تنهنجي نالي سان اسانجن بادشاهن، اسانجن اميرن، ۽ اسانجن ابن ڏاڏن، ۽ زمين جي سڀني ماڻهن سان ڪلام ڪيو.</verse>
				<verse number="7">اي خداوند، سچائي تنهنجي آهي، پر اسانجي، يعني يهوداہ جي ماڻهن، ۽ يروشلم جي رهاڪن، ۽ ساري اسرائيل لاءِ، جي ويجها توڙي پري انهن سڀني ملڪن ۾ آهن، جن ۾ تو هنن کي گناهہ ڪرڻ جي ڪري هڪالي ڇڏيو، منهن جي ڦڪائي آهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن اسين ڏسون ٿا.</verse>
				<verse number="8">اي خداوند، شرمندگي اسان جي ۽ اسانجن بادشاهن، ۽ اسان جي اميرن، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن لاءِ آهي، ڇالاءِ جو اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="9">خداوند اسان جي خدا وٽ، جيتوڻيڪ اسين هن کان باغي ٿيا آهيون، رحمت ۽ معافي آهي؛</verse>
				<verse number="10">اسان خداوند پنهنجي خدا جو حڪم نہ مڃيو آهي نہ ئي سندس قانونن تي هليا آهيون، جي سندس ٻانهن نبين اسان جي اڳيان رکيا.</verse>
				<verse number="11">هائو، اسرائيل تنهنجي شريعت جي حد ڀڳي آهي، ۽ ڦري ٻئي پاسي ويا آهن، انهي لاءِ تہ تنهنجي حڪم عدولي ڪن؛ تنهنڪري اسان تي اُهو قسم، جو خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي ۽ اُها لعنت نازل ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو اسان هن جو گناهہ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="12">۽ اسان جي برخلاف ۽ اسان جي عدالت ڪندڙ قاضين جي برخلاف جيڪي هن فرمايو هو سڀ ثابت ڪيو اٿس، جو هڪڙي وڏي آفت اسان تي آندي اٿس: ڇالاءِ جو جيڪو ڪم يروشلم ۾ ڪيو ويو آهي، سو ٻيو ڪٿي بہ آسمان هيٺ نہ ڪيو ويو آهي.</verse>
				<verse number="13">جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي تيئن ئي هيءَ سڀ خرابي اسان تي آئي آهي؛ انهي هوندي بہ اسان منٿ ڪري خداوند پنهنجي خدا جو فضل نہ گهريو آهي، تہ پنهنجين بدڪارين کان باز اچون، ۽ هن جي سچ جي سمجهہ رکون.</verse>
				<verse number="14">تنهنڪري خداوند ڄاڻي ٻجهي اها خرابي اسان تي آندي آهي: ڇالاءِ جو خداوند اسان جو خدا جيڪي ڪم ڪري ٿو، تن سڀني ۾ هو سچو آهي؛ ۽ اسان هن جو حڪم نہ مڃيو آهي.</verse>
				<verse number="15">۽ هاڻي، اي خداوند اسان جا خدا، تو پنهنجي قوم کي زوراور هٿ سان مصر جي زمين مان ڪڍي آندو آهي، ۽ پنهنجي ناموس ڪڍي اٿيئي، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي؛ اسين گنهگار آهيون، اسان شرارت جا ڪم ڪيا آهن.</verse>
				<verse number="16">اي خداوند، آءٌ منٿ ٿو ڪريان، تہ پنهنجي سچائيءَ موجب، پنهنجي ڪاوڙ ۽ پنهنجو قهر يروشلم جي شهر تان ٽار، جو تنهنجو پاڪ جبل آهي: ڇالاءِ جو اسانجن گناهن، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي بدڪارين ڪري، يروشلم ۽ تنهنجي قوم، پنهنجن سڀني آس پاس وارن لاءِ طعني جو سبب ٿي آهي.</verse>
				<verse number="17">تنهنڪري هاڻي، اي اسان جا خدا، پنهنجي ٻانهي جي دعا ۽ ان جا عرض ٻڌ، ۽ خداوند جي واسطي، تنهنجو پاڪ مڪان جو ويران ٿي ويو آهي، تنهن تي پنهنجو چهرو چمڪاءِ.</verse>
				<verse number="18">اي منهنجا خدا، پنهنجو ڪن ڏيئي ٻڌ؛ پنهنجون اکيون پَٽي اسان جون ويرانيون، ۽ جيڪو شهر تنهنجي نالي پٺيان ٿو سڏجي، سو ڏس: ڇالاءِ جو اسين تنهنجي اڳيان پنهنجا عرض پنهنجين راستبازين ڪري نٿا پيش ڪريون، پر تنهنجي وڏي رحمت ڪري؛</verse>
				<verse number="19">اي خداوند، ٻڌ؛ اي خداوند، معافي ڏي؛ اي خداوند، ٻڌي عمل ڪر؛ دير نہ ڪر؛ اي منهنجا خدا، پنهنجي واسطي ائين ڪر، ڇالاءِ جو تنهنجو شهر ۽ تنهنجي قوم، تنهنجي ئي نالي پٺيان ٿا سڏجن.</verse>
				<verse number="20">۽ اڃا مون پئي ڳالهايو ۽ دعا گهري، ۽ پنهنجو، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جو گناهہ قبول پئي ڪيو، ۽ پنهنجي خدا جي پاڪ جبل واسطي، خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان پنهنجو عرض پئي گذاريو؛</verse>
				<verse number="21">هائو، اڃا مون دعا پئي گهري تہ اُهو شخص جبرائيل، جنهن کي شروعات ۾ مون رويا ۾ ڏٺو هو، سو تکو اُڏامندو، اٽڪل شام جي نذراني ڏيڻ وقت، آيو ۽ اچي مون کي هٿ لاتائين.</verse>
				<verse number="22">۽ هن مون کي سيکاريو، ۽ مون سان ڳالهايائين، ۽ چيائين، تہ اي داني ايل، آءٌ هاڻي انهي لاءِ آيو آهيان تہ توکي سمجهہ ڀريو ۽ قابل ڪريان.</verse>
				<verse number="23">تنهنجي دعا گهرڻ جي شروع تي ئي حڪم جاري ٿيو، ۽ اُهو آءٌ توکي ٻڌائڻ آيو آهيان؛ ڇالاءِ جو تون گهڻو پيارو آهين: تنهنڪري انهي ڳالهہ تي ويچار ڪري اها رويا سمجهہ.</verse>
				<verse number="24">ستر هفتا تنهنجي قوم تي ۽ تنهنجي پاڪ شهر تي مقرر ٿيل آهن، جنهن عرصي ۾ گنهگاري پوري ٿيندي ۽ گناهہ موقوف ٿي ويندا، ۽ گناهہ جو ڪفارو ٿي ويندو، ۽ هميشہ لاءِ جٽاءُ ڪندڙ سچائي ايندي، ۽ رويا ۽ نبوت تي مهر ٿيندي، ۽ جيڪو سڀ کان پاڪ آهي تنهن کي مسح ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="25">تنهنڪري ڄاڻ ۽ معلوم ڪر، تہ يروشلم کي وري اڏڻ ۽ آباد ڪرڻ جي حڪم جاري ٿيڻ کان وٺي، انهي مسح ڪيل بادشاهہ تائين، ست هفتا ٿيندا: ۽ ٻاهٺ هفتن ۾ اُهو وري اڏجي ويندو، ۽ تڪليف جهڙي زماني ۾ بہ انهي ۾ بازارون ۽ کاهيون ٺهي وينديون.</verse>
				<verse number="26">۽ انهن ٻاهٺ هفتن کانپوءِ اهو مسح ڪيل قتل ڪيو ويندو، ۽ وٽس ڪجهہ ڪين رهندو: ۽ جيڪو بادشاهہ ايندو، تنهن جا ماڻهو اُهو شهر ۽ پاڪ مڪان ناس ڪري ڇڏيندا؛ ۽ انهي جي پڄاڻي ٻوڏ سان ٿيندي، ۽ پڇاڙيءَ تائين جنگ هلي هلندي؛ خرابيون پڪيءَ طرح ٺهرايون ويون آهن.</verse>
				<verse number="27">۽ هو هڪڙي هفتي لاءِ هڪڙو مضبوط عهد اقرار ڪندو؛ ۽ اڌ هفتي لاءِ هو قرباني ۽ نذرانو بند ڪرائي ڇڏيندو؛ ۽ ڪراهت جهڙين شين جي کنڀ تي هڪڙو اهڙو ايندو جو ويران ڪري ڇڏيندو؛ ۽ جيڪي ٺهرايو ويو آهي، تنهن جي پوري ٿيڻ تائين اُنهي ويران ڪندڙ تي غضب نازل ٿيندو رهندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">فارس جي بادشاهہ خورس جي ٽئين سال ۾، داني ايل، جنهن جو نالو بيلطشضر رکيو ويو هو، تنهن تي هڪڙي ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي؛ ۽ اُها ڳالهہ سچي هئي، يعني هڪڙي وڏي جنگ، ۽ هن اُها ڳالهہ سمجهي، ۽ انهي رويا جي پروڙ پيس.</verse>
				<verse number="2">انهن ڏينهن ۾ مون داني ايل پورا ٽي هفتا ماتم پئي ڪيو.</verse>
				<verse number="3">مون دل گهريو طعام نہ ٿي کاڌو، ۽ گوشت يا شراب منهنجي وات ۾ نہ پيو، ۽ نہ ڪڏهن مون پاڻ کي تيل مکيو، جيستائين ڪ ٽي هفتا پورا ٿيا.</verse>
				<verse number="4">۽ پهرين مهيني جي چوويهين تاريخ، جڏهن آءٌ وڏي نديءَ، يعني دجلہ جي ڪناري تي هوس،</verse>
				<verse number="5">تڏهن مون اکيون مٿي کڻي نهاريو ۽ هڪڙو ماڻهو ڪتاني ڪپڙي جي پوشاڪ ۾ ڏٺم، جنهن جي چيلهہ کي اوفاز جي خالص سون جهڙو ڪمربند ٻڌل هو:</verse>
				<verse number="6">هن جو بدن بہ فيروزي جهڙو هو، ۽ هن جو منهن بجليءَ جهڙو هو، ۽ هن جون اکيون مشعلن جهڙيون هيون، ۽ هن جون ٻانهون ۽ هن جا پير رنگ ۾ چمڪندڙ پتل جهڙا هئا، ۽ هن جي ڳالهائڻ جو آواز گهڻن ماڻهن جي آواز جهڙو هو.</verse>
				<verse number="7">۽ رڳو مون داني ايل اُهو رويا ڏٺو: ڇالاءِ جو جيڪي ماڻهو مون سان هئا، تن اُهو رويا نہ ڏٺو؛ پر هنن کي ڏاڍي ڏڪڻي وٺي ويئي، ۽ هو ڀڄي وڃي لڪا.</verse>
				<verse number="8">انهي طرح آءٌ اڪيلو رهجي ويس، ۽ اُهو وڏو رويا ڏٺم، ۽ مون ۾ طاقت ڪانہ رهي: ڇالاءِ جو منهنجي شڪل شباهت خراب ٿي ويئي ۽ آءٌ نستو ٿي پيس.</verse>
				<verse number="9">انهي هوندي بہ مون هن جي ڳالهائڻ جو آواز ٻڌو: ۽ جڏهن مون هن جي ڳالهائڻ جو آواز ٻڌو، تڏهن گهاٽي ننڊ ۾ منهن ڀر ڪِري پيس، ۽ منهنجو منهن زمين ڏانهن هو.</verse>
				<verse number="10">۽ ڏس، هڪڙي هٿ مون کي ڇهيو، جنهن مون کي منهنجن گوڏن ۽ هٿن جي ترين تي ويهاريو:</verse>
				<verse number="11">۽ هن مون کي چيو تہ اي داني ايل، گهڻو پيارا شخص، جيڪي ڳالهيون آءٌ توکي ٻڌايان ٿو سي سمجهي وٺ، ۽ اُٿي سنئون ٿي بيهہ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو ڏانهن موڪليو ويو آهيان: ۽ جڏهن هن مون کي ائين چيو، تڏهن آءٌ ڏڪندو اُٿي بيٺس.</verse>
				<verse number="12">تڏهن هن مون کي چيو، تہ داني ايل، ڊڄ نہ؛ ڇالاءِ جو شروع کان، جنهن ڏينهن تو سمجهڻ جي لاءِ، ۽ پنهنجي خدا جي اڳيان نماڻي ٿيڻ جي لاءِ، دل ۾ ارادو ڪيو، تنهن ڏينهن کان وٺي تنهنجي دعا ٻڌي ويئي: ۽ آءٌ تنهنجي دعا جي سبب آيو آهيان.</verse>
				<verse number="13">پر فارس جي ملڪ جي بادشاهہ مون کي ايڪيهين ڏينهن تائين ترسايو؛ پر ڏس، وڏن اميرن مان هڪڙو، ميڪائيل، منهنجي مدد لاءِ آيو: ۽ آءٌ اُتي فارس جي بادشاهہ وٽ رهجي ويس.</verse>
				<verse number="14">هاڻي آءٌ توکي سمجهائڻ آيو آهيان تہ پوين ڏينهن ۾ تنهنجي قوم تي ڇا ٿي گذرندو: ڇالاءِ جو اهو رويا اڃا گهڻن ڏينهن تائين هلندو.</verse>
				<verse number="15">۽ جڏهن هن مون سان انهي طرح ڳالهايو، تڏهن مون پنهنجو منهن زمين ڏانهن ڪيو، ۽ گونگو ٿي بيهي رهيس.</verse>
				<verse number="16">۽ ڏس، آدمزادن جهڙي هڪڙي شخص منهنجي چپن کي ڇهيو: تڏهن مون پنهنجو وات پَٽيو ۽ ڳالهائڻ لڳس، ۽ اُهو جو منهنجي اڳيان بيٺو هو تنهن کي چيم، تہ اي منهنجا مالڪ، انهي رويا جي ڪري منهنجا ڏک مون تي ڪاهي اچي پيا آهن، ۽ مون ۾ طاقت ڪانہ رهي آهي.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو ڪهڙي طرح منهنجي مالڪ جو ٻانهو منهنجي مالڪ سان ڳالهائي سگهندو؟ ڇالاءِ جو مون ۾ تہ بلڪل طاقت ڪانہ رهي آهي، ۽ نہ مون ۾ باقي ڪو ساهہ آهي.</verse>
				<verse number="18">تڏهن انهي آدمزاد جهڙي شخص وري بہ مون کي ڇهيو، ۽ مون کي طاقت بخشيائين.</verse>
				<verse number="19">۽ هن چيو تہ اي گهڻو پيارا ماڻهو، ڊڄ نہ، شل تون سلامت رهين، طاقت وارو ٿي، هائو، طاقت وارو ٿي، ۽ جڏهن هن مون سان ڳالهايو، تڏهن مون ۾ طاقت پيدا ٿي، ۽ چوڻ لڳس تہ ڀلي منهنجو مالڪ ڳالهائي، ڇالاءِ جو تو مون کي طاقت بخشي آهي.</verse>
				<verse number="20">تڏهن هن چيو تہ توکي خبر آهي يا نہ تہ آءٌ ڇالاءِ هتي آيو آهيان؟ هاڻي آءٌ فارس جي بادشاهہ سان وڙهڻ لاءِ موٽي ويندس: ۽ جڏهن آءٌ نڪري اڳيان ويندس، تڏهن ڏس، يونان جو بادشاهہ ايندو.</verse>
				<verse number="21">پر آءٌ توکي اُهو ٻڌائيندس، جيڪي حق جي ڪتاب ۾ لکيل آهي: ۽ اوهان جي سردار ميڪائيل کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي جو هنن جي برخلاف منهنجو مددگار ٿئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">۽ دارا ميديءَ جي پهرين سال ۾ آءٌ هن کي قائم ڪرڻ ۽ زور وٺائڻ لاءِ اُٿي بيٺس.</verse>
				<verse number="2">۽ هاڻي آءٌ توکي حقيقت ٻڌائيندس، ڏس، اڃا ٽي بادشاهہ فارس ۾ برپا ٿيڻا آهن؛ ۽ چوٿون ٻين سڀني کان وڌيڪ دولتمند ٿيندو: ۽ جڏهن هو پنهنجي دولت جي وسيلي زور وارو ٿيندو، تڏهن هو سڀني کي چوري، يونان جي بادشاهت جي برخلاف کڙو ڪندو.</verse>
				<verse number="3">۽ هڪڙو زبردست بادشاهہ برپا ٿيندو، جو وڏي حشمت سان حڪومت ڪندو، ۽ پنهنجي مرضيءَ پٺيان هلندو.</verse>
				<verse number="4">۽ جڏهن هو برپا ٿيندو، تڏهن هن جي بادشاهي ڀڄي پوندي، ۽ آسمان جي چئني هوائن ڏانهن ورهائجي ويندي؛ پر اُها نہ سندس اولاد کي ملندي، ۽ نڪي اُنهي حشمت موافق ٿيندي، جنهن سان هن حڪومت ٿي ڪئي، ڇالاءِ جو هن جي بادشاهي پاڙن کان پَٽجي ويندي، ۽ ٻين جي ٿيندي.</verse>
				<verse number="5">۽ ڏکڻ جو بادشاهہ زور وارو ٿيندو، ۽ ان جو هڪڙو امير بہ؛ ۽ اُهو کانئس بہ وڌيڪ زور وارو ٿيندو، ۽ وڏي اختيار وارو ٿيندو، ۽ هن جي بادشاهت وڏي بادشاهت ٿيندي.</verse>
				<verse number="6">۽ سالن جي پڇاڙيءَ ۾ هو سڀ پاڻ ۾ گڏجي پوندا؛ ۽ ڏکڻ واري بادشاهہ جي ڌيءَ ٻڌي ڪرڻ لاءِ، اُتر واري بادشاهہ وٽ ايندي: پر هوءَ پنهنجي ٻانهن جو زور قابو نہ رکندي؛ نڪي هوءَ بيهي سگهندي، ۽ نہ سندس ٻانهن؛ پر هوءَ حوالي ڪئي ويندي، ۽ جن کيس آندو ۽ جنهن کيس ڄڻيو هو، ۽ جنهن انهي وقت هن کي زور وٺايو هو، سي بہ حوالي ڪيا ويندا.</verse>
				<verse number="7">پر انهي جي پاڙن مان نڪتل هڪڙي گونچ منجهان هڪڙو نڪري انهي جي جاءِ تي بيهندو، جو لشڪر تائين ايندو، ۽ اُتر واري بادشاهہ جي قلعي ۾ گهڙندو، ۽ انهن سان وڙهندو ۽ غالب پوندو:</verse>
				<verse number="8">۽ هو انهن جي معبودن کي، سندن پلٽيل مورتن، ۽ سندس سهڻن چاندي ۽ سون جي ٿانوَن سميت قيد ڪري مصر ۾ وٺي ويندو، ۽ هو ڪن سالن تائين مصر جي بادشاهہ کان پاسو ڪندو.</verse>
				<verse number="9">۽ ڏکڻ جي بادشاهہ جي ملڪ ۾ ايندو، پوءِ موٽي پنهنجي ملڪ ۾ ويندو.</verse>
				<verse number="10">۽ هن جا پٽ جنگ ڪندا، ۽ وڏا لشڪر گڏ ڪندا، جي ڪاهي ايندا، ۽ اُٿلي پوندا ۽ لنگهي ويندا: ۽ موٽي اچي جنگ ڪندا، ۽ هن جي قلعي تائين ايندا.</verse>
				<verse number="11">۽ ڏکڻ جو بادشاهہ ڏاڍو ڪاوڙبو، ۽ نڪري اچي انهيءَ سان وڙهندو، يعني اُتر واري بادشاهہ سان: ۽ هو هڪڙو وڏو ڪٽڪ گڏ ڪندو، ۽ اُهو ڪٽڪ هن جي هٿ ۾ ڏنو ويندو.</verse>
				<verse number="12">۽ جڏهن اُهو ڪٽڪ ڇڙوڇڙ ٿي ويندو، تڏهن هن جي دل مغرور ٿي ويندي، ۽ هو لکن کي ڪيرائيندو، پر غالب نہ پوندو.</verse>
				<verse number="13">۽ اُتر جو بادشاهہ موٽي ايندو، ۽ اڳي کان بہ وڏو ڪٽڪ گڏ ڪندو؛ ۽ زمانن، يعني سالن جي پڇاڙيءَ ۾، هو هڪڙي وڏي لشڪر ۽ گهڻي مال متاع سان ايندو.</verse>
				<verse number="14">۽ انهن ڏينهن ۾ گهڻا ئي ڏکڻ جي بادشاهہ کي سامهون ٿيندا: ۽ تنهنجي قوم مان ڪن ظالمن جو اولاد انهي رويا جي قائم ڪرڻ لاءِ اُٿندو: پر اُهي مارجي ويندا.</verse>
				<verse number="15">پوءِ اُتر جو بادشاهہ ايندو ۽ هڪڙو بند ٻَڌائيندو، ۽ هڪڙو مضبوط قلعي وارو شهر وٺندو: ۽ ڏکڻ جون ٻانهون، توڙي هن جا چونڊيل ماڻهو، پير جهلي نہ سگهندا، نڪا پير جهلڻ جي ڪا طاقت هوندي.</verse>
				<verse number="16">پر جيڪو هن تي ڪاهي ايندو، سو پنهنجي مرضيءَ موجب هلندو، ۽ ڪوبہ انهي جي سامهون بيهي نہ سگهندو: ۽ هو انهيءَ وڏائيءَ واري زمين ۾ بيهندو، ۽ هن جي هٿ ۾ خرابي هوندي.</verse>
				<verse number="17">۽ هو پنهنجي سڄي بادشاهت جي زور سان، سچارن سميت اچڻ جي لاءِ ڪوشش ڪندو؛ ۽ پنهنجي خواهش پوري ڪندو: ۽ هو انهي کي زالن جي ڌيءَ ڏيندو تہ انهي کي خراب ڪري؛ پر هوءَ نہ بيهندي، ۽ نہ هن جي ٿيندي.</verse>
				<verse number="18">پوءِ هو ڦري ٻيٽن ڏانهن منهن ڪندو، ۽ گهڻائي وٺندو: پر هڪڙو امير هن جي خواري بند ڪرائيندو؛ هائو، پاڻ اُٽلندو هو اُها خواري اُٿلائي هن تي وجهندو.</verse>
				<verse number="19">تنهن کان پوءِ هو پنهنجو منهن خود پنهنجي ملڪ جي قلعن ڏانهن ڪندو: پر هو آٿڙجي ڪِرندو، ۽ وري نہ لڀندو.</verse>
				<verse number="20">تڏهن هن جي جاءِ تي هڪڙو شخص اُٿندو جو هڪڙي ڍل وصول ڪندڙ کي انهي بادشاهت جي تجمل مان لنگهي وڃڻ لاءِ حڪم ڏيندو: پر ٿورن ئي ڏينهن ۾ هو مري چٽ ٿي ويندو: ۽ نہ ڪاوڙ ۾، نہ جنگ ۾.</verse>
				<verse number="21">۽ انهي جي جاءِ تي هڪڙو خسيس ماڻهو کڙو ٿيندو، جنهن کي هن بادشاهيءَ واري عزت نہ ڏني هئي: پر هو صلح سلامتيءَ جي وقت ايندو، ۽ خوشامديون ڪري بادشاهي وٺندو.</verse>
				<verse number="22">۽ اُهي سيلاب وانگر سندس اڳيان ٻُهاريا ويندا، ۽ ڀڃي ڇڏيا ويندا؛ هائو، اُهو عهد اقرار وارو امير بہ.</verse>
				<verse number="23">۽ هن سان ٻڌي ڪري رهڻ کان پوءِ هو دغابازيءَ جي هلت ڪندو: ڇالاءِ جو هو چڙهي ايندو، ۽ ٿورن ئي ماڻهن سان زور وارو ٿي ويندو.</verse>
				<verse number="24">صلح ۽ سلامتيءَ جي وقت هو پرڳڻي جي تمام آباد جاين تي ايندو؛ ۽ هو اُهي ڪم ڪندو، جي هن جي ابن ڏاڏن يا پڙڏاڏن بہ نہ ڪيا هوندا؛ هو انهن ۾ لٽ ۽ ڦر جو مال ۽ ٻيو مال متاع ورهائيندو: هائو، ڪجهہ عرصي تائين هو مضبوط قلعن وٺڻ لاءِ پنهنجون رٿون رٿيندو.</verse>
				<verse number="25">۽ هو هڪڙي وڏي لشڪر سان ڏاڍي سگهہ ۽ همت جهلي، ڏکڻ جي بادشاهہ سان وڙهندو؛ ۽ ڏکڻ جو بادشاهہ بہ تمام وڏي زور واري لشڪر سان جنگ ڪندو: پر هو بيهي نہ سگهندو، ڇالاءِ جو هو ان جي برخلاف منصوبا ڪندا.</verse>
				<verse number="26">هائو، جيڪي سندس ماني ٿا کائين، سي ئي کيس ناس ڪندا، ۽ ان جو لشڪر گهڻائيءَ کان اُٿلي پوندو؛ ۽ گهڻا مارجي ڪِري پوندا.</verse>
				<verse number="27">باقي هي ٻئي بادشاهہ، سو انهن جي دل خرابي ڪرڻ گهرندي، ۽ هڪڙي ئي ميز تي ڪوڙ ڳالهائيندا: پر انهن مان ڪو فائدو نہ ٿيندو؛ ڇالاءِ جو پڇاڙي اڃا بہ پوءِ ٺهرايل وقت تي ٿيندي.</verse>
				<verse number="28">تنهن کانپوءِ گهڻي مال متاع سان هو موٽي پنهنجي ملڪ ۾ ويندو؛ ۽ هن جي دل پاڪ عهد اقرار جي برخلاف ٿيندي؛ ۽ هو پنهنجي مرضيءَ تي هلت ڪندو، ۽ پوءِ پنهنجي ملڪ ۾ موٽندو.</verse>
				<verse number="29">مقرر ڪيل وقت تي هو موٽندو ۽ ڏکڻ ۾ ايندو؛ پر جيئن اڳئين وقت ۾ ٿيو هو تيئن پوئين وقت ۾ ٿيندو.</verse>
				<verse number="30">ڇالاءِ جو ڪتيم جا جهاز مٿس ڪاهي ايندا؛ تنهنڪري هو غمگين ٿي موٽندو، ۽ پاڪ عهد اقرار تي ڪاوڙ ايندس، ۽ پنهنجي مرضيءَ پٺيان ڪم ڪندو: بلڪ هو موٽندو، ۽ جيڪي اُهو پاڪ عهد اقرار ڇڏي ڏيندا، تن سان سازش ڪندو.</verse>
				<verse number="31">۽ هٿيار هن جي طرفان کڙا ٿيندا، ۽ هو پاڪ مڪان جي بي ادبي ڪندا، يعني قلعي جي، ۽ مدامي سوختني قرباني کڻي ويندا، ۽ ويران ڪندڙ ڪراهت جهڙي شيءِ اُتي رکندا.</verse>
				<verse number="32">۽ جيڪي عهد اقرار جي برخلاف شرارت ڪندا، تن کي هو خوشامدون ڪري ڦيرائي ڇڏيندو: پر جيڪي ماڻهو پنهنجو خدا سڃاڻن ٿا سي زور وارا ٿيندا، ۽ وڏا ڪم ڪندا.</verse>
				<verse number="33">۽ ماڻهن ۾ جيڪي ڏاها هوندا سي گهڻن کي تعليم ڏيندا: انهي هوندي بہ هو گهڻن ڏينهن تائين ترار ۽ باهہ، قيد ۽ ڦرلٽ سان ڪِرندا.</verse>
				<verse number="34">هاڻي جڏهن هو ڪِرندا، تڏهن ٿوري ئي مدد سان پاڻ جهلي ويندا: پر گهڻا خوشامدون ڪري ساڻن اچي گڏبا.</verse>
				<verse number="35">جي ڏاها آهن تن منجهان ڪي ڪِرندا، انهي لاءِ تہ کين سڌارين، ۽ پاڪ ڪن، ۽ پڇاڙيءَ جي وقت تائين صاف ٿين: ڇالاءِ جو اهو اڃا ٺهرايل وقت لاءِ آهي.</verse>
				<verse number="36">۽ بادشاهہ پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪندو؛ ۽ هو پاڻ پڏائيندو، ۽ سڀني معبودن کان پاڻ کي وڏو چوائيندو، ۽ خدائن جي خدا جي برخلاف حيرت جهڙيون ڳالهيون ڪندو: ۽ هو اقبال وارو ٿيندو، جيستائين ڪ ڪاوڙ پوري ٿيندي؛ ڇالاءِ جو جيڪي ٺهرايو ويو آهي سو ضرور ڪرڻ ۾ ايندو.</verse>
				<verse number="37">نڪي هو پنهنجن ابن ڏاڏن جي معبودن ڏانهن ڪو ڌيان ڏيندو، نڪي زالن جي خواهش، يا ڪنهن معبود جو خيال ڪندو: ڇالاءِ جو هو پاڻ کي سڀني کان وڏو سمجهندو.</verse>
				<verse number="38">پر انهن جي جاءِ تي هو قلعن جي معبود کي تعظيم ڏيندو: ۽ جنهن معبود کي سندس ابا ڏاڏا نہ سڃاڻندا هئا، تنهن کي هو سون ۽ چانديءَ سان، قيمتي پٿرن ۽ سهڻين شين سان عزت ڏيندو،</verse>
				<verse number="39">۽ هڪڙي ڌارئي معبود جي مدد سان، تمام مضبوط قلعن سان وڙهندو؛ ۽ جيڪو کيس قبول ڪندو، تنهن جي عزت هو وڌائيندو: ۽ هو کين گهڻن جي مٿان حڪومت ڪرائيندو، ۽ ڪجهہ قيمت تي زمين ورهائي ڏيندو.</verse>
				<verse number="40">۽ پڇاڙيءَ جي وقت ڏکڻ جو بادشاهہ ساڻس وڙهندو: ۽ اُتر جو بادشاهہ واچوڙي وانگر گاڏين سان، ۽ گهوڙي سوارن سان، ۽ گهڻن جهازن سان مٿس ڪاهي ايندو؛ ۽ هو ملڪن ۾ گهڙي پوندو، ۽ پکڙجي ويندو ۽ انهن منجهان لنگهي هليو ويندو.</verse>
				<verse number="41">۽ هو انهي تجمل واري زمين ۾ بہ گهڙندو، ۽ گهڻن ملڪن کي بہ فتح ڪندو: پر اهي سندس هٿان ڇڏايا ويندا، يعني، ادوم، ۽ موآب، ۽ بني عمون جا مکيہ ماڻهو.</verse>
				<verse number="42">هو ملڪن تي پنهنجو هٿ بہ ڊگهيريندو: ۽ مصر جي زمين بہ ڇُٽي نہ ويندي.</verse>
				<verse number="43">۽ هن کي سون ۽ چانديءَ جي خزانن تي اختيار رهندو، ۽ مصر جي سڀني قيمتي شين تي بہ: ۽ لوبي ۽ حبشي سندس قدمن ۾ حاضر رهندا.</verse>
				<verse number="44">پر اُڀرندي ۽ اُتر مان اُٿيل افواهون هن کي پريشان ڪنديون: ۽ هو ڏاڍي ڪاوڙ مان گهڻن کي ناس ۽ بلڪل نابود ڪرڻ لاءِ ويندو.</verse>
				<verse number="45">۽ هو سمنڊ ۽ جلال واري پاڪ جبل جي وچ ۾ پنهنجي محلات جا تنبو کوڙيندو؛ انهي هوندي بہ نيٺ پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهچندو، ۽ ڪوبہ مدد نہ ڪندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">۽ انهي وقت اُهو وڏو سردار، جو تنهنجي قوم جي اولاد لاءِ قائم آهي، سو اُٿي بيهندو: ۽ اهڙو تڪليف جو وقت پيش ايندو جهڙو ڪنهن بہ قوم جي شروعات کان وٺي انهي وقت تائين اڳ ۾ ڪڏهن نہ آيو: ۽ انهي وقت تنهنجي قوم جو ڇوٽڪارو ٿيندو، يعني هرهڪ جو، جنهن جو نالو ڪتاب ۾ لکيل هوندو.</verse>
				<verse number="2">۽ جيڪي زمين جي مٽيءَ ۾ سُتل آهن، تن مان گهڻا وري جاڳندا، ۽ ڪن کي هميشہ جي حياتي ملندي، ۽ ڪي شرمندا ۽ هميشہ لاءِ خوار ٿيندا.</verse>
				<verse number="3">۽ جيڪي ڏاها هوندا سي آسمان جي روشنائيءَ وانگر چمڪندا، ۽ جيڪي گهڻن کي سچائيءَ ڏانهن ڦيري آڻين ٿا، سي تارن وانگر هميشہ تائين پيا چمڪندا،</verse>
				<verse number="4">پر اي داني ايل، تون پنهنجون ڳالهيون بند ڪر، ۽ پڇاڙيءَ جي وقت تائين پنهنجي ڪتاب تي مهر ڪر: گهڻا هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندا، ۽ علم زيادہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="5">تڏهن مون داني ايل نهاريو ۽ ڏسان تہ ٻہ ٻيا بہ بيٺا آهن، هڪڙو هِن پاسي نديءَ جي ڪناري تي، ۽ ٻيو هُن پاسي نديءَ جي ڪناري تي.</verse>
				<verse number="6">۽ جيڪو ماڻهو ڪتاني پوشاڪ ڍڪيو نديءَ جي پاڻيءَ جي مٿان بيٺو هو، تنهن کي هڪڙي چيو تہ ڪيتري عرصي کان پوءِ هي عجيب غريب شيون پوريون ٿينديون.</verse>
				<verse number="7">۽ مون ٻڌو، ڇالاءِ جو انهي ڪتاني پوشاڪ واري ماڻهوءَ، جو نديءَ جي پاڻيءَ تي بيٺو هو، تنهن پنهنجو ساڄو هٿ ۽ ڏائو هٿ آسمان ڏي کڻي، ۽ جيڪو هميشہ جيئرو آهي تنهن جو قسم کڻي چيو، تہ اهو هڪڙو زمانو، ۽ زمانا، ۽ اڌ زماني تائين هلندو؛ ۽ جڏهن هو هن پاڪ قوم جو زور ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندا، تڏهن هي سڀ ڳالهيون پوريون ٿي وينديون.</verse>
				<verse number="8">۽ مون ٻڌو، پر سمجهي نہ سگهيس: تڏهن مون چيو تہ اي منهنجا سائين، هنن ڳالهين جي پڇاڙي ڪيئن ٿيندي؟</verse>
				<verse number="9">۽ هن چيو تہ اي داني ايل، پنهنجي واٽ وٺي هليو وڃ: ڇالاءِ جو ڳالهيون بند ٿي ويون آهن، ۽ پڇاڙيءَ جي وقت تائين انهن تي مهر لڳي ويئي آهي.</verse>
				<verse number="10">گهڻا پاڻ کي پاڪ ڪندا، ۽ پاڻ کي صاف ڪندا، ۽ سڌريل ٿيندا؛ پر شرير شرارت جا ڪم ڪندا؛ ۽ شريرن مان ڪوبہ نہ سمجهندو: پر جيڪي ڏاها هوندا، سي ئي سمجهندا.</verse>
				<verse number="11">۽ جنهن وقت کان مدامي سوختني قرباني کڄي ويندي، ۽ ويران ڪندڙ ڪراهت جهڙي شيءِ قائم ڪئي ويندي، تنهن کان وٺي هڪ هزار ٻہ سؤ ۽ نوي ڏينهن ٿيندا.</verse>
				<verse number="12">برڪت وارو آهي اُهو جو منتظر رهي ٿو، ۽ هڪ هزار ٽي سؤ پنجٽيهن ڏينهن تائين پهچي ٿو.</verse>
				<verse number="13">پر تون پنهنجي واٽ وٺيو هليو وڃ، جيستائين پڇاڙي ٿئي: ڇالاءِ جو تون آرام ڪندين، ۽ انهن ڏينهن جي پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي ميراث ۾ بيهندين.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="28">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">اسرائيل جي بادشاهہ يربعام بن يوآس جي ڏينهن ۾، ۽ يهوداہ جي بادشاهن عزياہ، يوتام، آخز، ۽ حزقياہ جي ڏينهن ۾، خداوند جو ڪلام هوسيع بن بيريءَ تي نازل ٿيو.</verse>
				<verse number="2">جڏهن خداوند شروع ۾ هوسيع جي معرفت ڳالهايو، تڏهن خداوند هوسيع کي چيو تہ وڃ، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙي زناڪار زال، ۽ هڪڙو زنا مان ڄاول ٻار وٺ: ڇالاءِ جو ملڪ خداوند کان پاسو ڪري وڏي زناڪاري ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="3">تڏهن هن وڃي ڊبلائم جي ڌيءَ جمر کي ورتو؛ ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي، ۽ هن مان پٽ ڄائس.</verse>
				<verse number="4">۽ خداوند هن کي چيو تہ انهي جو نالو يزرعيل رک؛ ڇالاءِ جو ٿوري وقت کانپوءِ آءٌ يزرعيل جي خون جو وير ياهوءَ جي گهراڻي کان وٺندس، ۽ اسرائيل جي گهراڻي جي بادشاهي پوري ڪندس.</verse>
				<verse number="5">۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ يزرعيل جي واديءَ ۾ اسرائيل جي ڪمان ڀڃندس.</verse>
				<verse number="6">۽ هوءَ وري بہ پيٽ سان ٿي، ۽ ڌيءَ ڄڻيائين. ۽ خداوند هن کي چيو تہ انهي جو نالو لوروحامہ رک؛ ڇالاءِ جو آءٌ اسرائيل جي گهراڻي تي وري اڳتي اهڙو رحم نہ ڪندس جو ڪنهن بہ طرح انهن کي معافي ڏيان.</verse>
				<verse number="7">پر آءٌ يهوداہ جي گهراڻي تي رحم ڪندس، ۽ هنن کي خداوند سندن خدا جي وسيلي بچائيندس؛ نہ ڪمان يا ترار، يا گهوڙن، يا گهوڙي سوارن جي وسيلي.</verse>
				<verse number="8">هاڻي جڏهن لوروحامہ جو کير ڇڏايو ويو، تڏهن هوءَ وري بہ پيٽ سان ٿي، ۽ پٽ ڄڻيائين.</verse>
				<verse number="9">۽ خداوند چيو تہ انهي جو نالو لوعمي رک: ڇالاءِ جو اوهين منهنجي اُمت نہ آهيو، ۽ آءٌ اوهان جو خدا نہ آهيان.</verse>
				<verse number="10">انهي هوندي بہ بني اسرائيل جو شمار سمنڊ جي واريءَ جيترو ٿيندو، جا نہ ماپي ٿي سگهجي، ۽ نہ ڳڻي ٿي سگهجي؛ ۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن هنڌ هنن کي چيو ويو آهي تہ اوهين منهنجي اُمت نہ آهيو، انهي هنڌ هنن کي چيو ويندو تہ اوهين جيئري خدا جا پٽ آهيو.</verse>
				<verse number="11">۽ بني يهوداہ ۽ بني اسرائيل گڏ ٿيندا، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙو سردار مقرر ڪندا، ۽ انهي زمين مان نڪري ويندا، ڇالاءِ جو يزرعيل جو ڏينهن وڏو ٿيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">اوهين پنهنجن ڀائرن کي چئو عمي، ۽ پنهنجين ڀينرن کي روحامہ.</verse>
				<verse number="2">اوهين پنهنجي ماءُ سان حجت دليل ڪريو، ڀلي حجت دليل ڪريو؛ ڇالاءِ جو هوءَ منهنجي زال نہ آهي، نڪي آءٌ هن جو مڙس آهيان: ۽ ڀلي تہ هوءَ پنهنجي منهن کان زناڪاريون ۽ پنهنجين ڇاتين کان حرامڪاريون پاسي ڪري؛</verse>
				<verse number="3">متان آءٌ هن کي اُگهاڙو ڪريان، ۽ اهڙو ڪري ڇڏيانس جهڙي ڄمڻ واري ڏينهن هئي، ۽ بيابان جهڙو ڪري ڇڏيانس، ۽ خشڪ زمين جهڙو بنائي ڇڏيانس، ۽ اُڃ سان ماريانس.</verse>
				<verse number="4">هائو، آءٌ هن جي اولاد تي رحم نہ ڪندس، ڇالاءِ جو اُهي زنا جو اولاد آهن.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو هنن جي ماءُ ڪڃري ٿي گذاريو آهي: جنهن جي پيٽ ۾ هو هئا، تنهن خواريءَ جهڙو ڪم ڪيو آهي: ڇالاءِ جو هن چيو تہ آءٌ پنهنجن يارن جي پٺيان وينديس، جي مون کي ماني ۽ پاڻي، اُن ۽ سڻي، تيل ۽ شراب ٿا ڏين.</verse>
				<verse number="6">تنهنڪري ڏس، آءٌ ڪنڊن سان تنهنجو رستو بند ڪندس، ۽ هن جي سامهون ڀت کڻي ڇڏيندس، جنهنڪري هوءَ پنهنجا رستا لهي نہ سگهندي.</verse>
				<verse number="7">۽ هوءَ پنهنجي سينڌن جي پٺيان لڳندي، پر انهن کي وڃي پهچي نہ سگهندي؛ ۽ هوءَ انهن کي ڳوليندي، پر انهن کي ڪين لهندي: پوءِ هوءَ چوندي تہ آءٌ موٽي پنهنجي پهرين مڙس وٽ وينديس؛ ڇالاءِ جو تڏهن منهنجي حالت هاڻوڪيءَ کان بهتر هئي.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو هن کي خبر نہ هئي تہ مون هن کي اَن ۽ شراب، ۽ تيل ڏنو، ۽ چاندي ۽ سون وڌايومانس، جو هنن بعل جي لاءِ ڪم ٿي آندو.</verse>
				<verse number="9">تنهنڪري آءٌ اُن جي فصل وقت پنهنجو اَن، ۽ موسم ۾ پنهنجو شراب موٽائي وٺندس، ۽ پنهنجي اُن ۽ پنهنجي سڻي ڇني وٺندس، جي جيڪر سندس اوگهڙ ڍڪين ها.</verse>
				<verse number="10">هاڻي آءٌ سندس يارن جي اڳيان سندس شهوت پرستي ظاهر ڪندس، ۽ ڪوبہ هن کي منهنجي هٿان نہ ڇڏائيندو.</verse>
				<verse number="11">آءٌ هن جي سڀ خوشي، هن جون عيدون، هن جا نوان چنڊ، ۽ هن جا سبت، ۽ هن جون سڀ سڳوريون مجلسون بند ڪري ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="12">۽ آءٌ هن جون ڊاکون، ۽ هن جا انجير جا وڻ برباد ڪري ڇڏيندس، جنهن جي نسبت ۾ هن چيو آهي تہ اهي منهنجن سينڌن جي ڏنل خرچي آهن: ۽ آءٌ انهن کي ٻيلو ڪري ڇڏيندس، ۽ جهنگ جا مرون اُنهن کي پيا کائيندا.</verse>
				<verse number="13">۽ آءٌ بعليم جي ڏينهن جي سزا هن تي آڻيندس، جن جي لاءِ هوءَ لوبان ساڙيندي هئي؛ جڏهن هوءَ پاڻ کي پنهنجن پنڙن ۽ پنهنجن جواهرن سان سينگاري پنهنجي يارن جي پٺيان ويندي هئي، ۽ مون کي وساري ڇڏيندي هئي، خداوند ائين ٿو فرمائي.</verse>
				<verse number="14">تنهنڪري ڏس، آءٌ هن کي ڌتاري بيابان ۾ آڻيندس، ۽ دلاسو ڏيئي ساڻس ڳالهائيندس.</verse>
				<verse number="15">۽ انهي کان پوءِ آءٌ هن کي سندس ڊاک جا منهہ ڏيندس، ۽ عڪور جي وادي اُميد جو در ڪري ڏيندس: ۽ هوءَ پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن وانگر اُتي جواب ڏيندي، ۽ اُنهي ڏينهن وانگر جڏهن هوءَ مصر جي زمين مان نڪري آئي هئي.</verse>
				<verse number="16">۽ خداوند ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ تون مون کي ايشي سڏيندينءَ؛ ۽ مون کي وري اڳتي بعلي نہ سڏيندينءَ.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو آءٌ هن جي وات مان بعليم جا نالا ڪڍي وٺندس، ۽ هو وري اڳتي انهن نالن سان نہ سڏيا ويندا.</verse>
				<verse number="18">۽ انهي ڏينهن آءٌ هن جي پاران جهنگ جي جانورن، ۽ آسمان جي پکين، ۽ زمين جي سرندڙ شين سان عهد اقرار ڪندس: ۽ آءٌ انهي زمين مان ڪمان، ۽ ترار، ۽ لڙائي ڪڍي ڇڏيندس، ۽ هنن کي سلامتيءَ سان آرام ۾ ليٽائيندس.</verse>
				<verse number="19">۽ آءٌ توکي هميشہ لاءِ پنهنجي مڱ ڪندس؛ هائو، آءٌ توکي سچائيءَ ۽ عدالت ۽ محبت جهڙي مهرباني، ۽ رحم سان پنهنجي مڱ ڪندس.</verse>
				<verse number="20">هائو، آءٌ توکي پنهنجي وفاداريءَ ۾ پنهنجي مڱ ڪندس، ۽ تون خداوند کي سڃاڻندينءَ.</verse>
				<verse number="21">۽ خداوند ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ آسمانن جي سڏ جو جواب ڏيندس، ۽ آسمان زمين جي سڏ جو جواب ڏيندا؛</verse>
				<verse number="22">۽ زمين اَن، ۽ شراب، ۽ تيل جو جواب ڏيندي؛ ۽ اُهي يزرعيل جو جواب ڏيندا</verse>
				<verse number="23">۽ آءٌ هن کي پنهنجي لاءِ زمين ۾ پوکيندس؛ ۽ آءٌ انهيءَ تي رحم ڪندس، جنهن تي رحم نہ ڪيو ويو هو، ۽ جيڪي منهنجي اُمت نہ هئا تن کي آءٌ چوندس تہ اوهين منهنجي اُمت آهيو؛ ۽ هو چوندا تہ تون اسان جو خدا آهين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">۽ خداوند مون کي چيو تہ اڃا بہ وڃ، وڃي هڪڙي زال سان محبت رک، جا پنهنجي يار جي پياري ۽ زناڪار هجي، جهڙي طرح خداوند بني اسرائيل سان محبت رکي ٿو، جيتوڻيڪ هو ڦري ٻين معبودن ڏانهن منهن ڪن ٿا، ۽ ڪشمش جون ٽڪيون پسند ڪن ٿا.</verse>
				<verse number="2">تڏهن مون اهڙي زال چانديءَ جا پندرهن سڪا، ۽ جَوَن جو ڏيڍ خومر ڏئي خريد ڪئي:</verse>
				<verse number="3">۽ مون هن کي چيو تہ تون مون وٽ گهڻن ڏينهن تائين رهہ؛ ڪڃري ٿي نہ گذارج، ۽ نہ ڪنهن جي زال ٿج: ۽ آءٌ تنهنجي لاءِ ائين ئي ڪندس.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو بني اسرائيل گهڻا ئي ڏينهن بادشاهہ کان سواءِ، ۽ حاڪم کانسواءِ، ۽ قربانيءَ کانسواءِ، ۽ کوڙيل ٿنڀ کانسواءِ، ۽ اُفود يا ترافيم کانسواءِ رهندا.</verse>
				<verse number="5">تنهن کانپوءِ بني اسرائيل موٽندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود کي ڳوليندا؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ ڊپ سان خداوند وٽ سندس فضل لاءِ ايندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">اي بني اسرائيل، خداوند جو ڪلام ٻڌو: ڇالاءِ جو خداوند جو هن زمين جي رهاڪن سان هڪڙو تڪرار آهي، ڇالاءِ جو هن ملڪ ۾ نہ سچ آهي، نہ رحم، نہ خدا جي سڃاڻپ.</verse>
				<verse number="2">ڪوڙو قسم کڻڻ، ۽ انجام ڀڃڻ، ۽ خون ڪرڻ، ۽ زنا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونهي؛ هو پاڻ ۾ وڙهي پون ٿا، ۽ رت رت کي ٿو لڳي.</verse>
				<verse number="3">تنهنڪري هيءَ زمين ماتم ڪندي، ۽ جيڪو انهي ۾ رهندو سو جهنگ جي مرن ۽ هوا جي پکين سان گڏ ساڻو ٿيندو؛ هائو، سمنڊ جون مڇيون بہ گم ٿي وينديون.</verse>
				<verse number="4">انهي هوندي بہ ڪو ماڻهو جهيڙو نہ ڪري، ۽ نہ ڪو ماڻهو عتاب ڏئي، ڇالاءِ جو تنهنجي قوم انهن جهڙي آهي جي ڪاهن سان جهيڙو ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="5">۽ تون ڏينهن جو ٿاٻو کائيندين، ۽ نبي بہ تو سان گڏ رات جو ٿاٻو کائيندو؛ ۽ آءٌ تنهنجي ماءُ کي ناس ڪري ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="6">منهنجي قوم علم نہ هئڻ ڪري ناس ٿي ويئي آهي: تو معرفت کي رد ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري آءٌ توکي بہ رد ڪندس، تہ تون منهنجو ڪاهن نہ ٿين: جڏهن تو پنهنجي خدا جي شريعت وساري ڇڏي آهي، تڏهن آءٌ بہ تنهنجا ٻار وساري ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="7">جيئن هو وڌندا ويا تيئن منهنجو گناهہ ڪندا ويا: آءٌ هنن جي عزت مٽائي خواري ڪندس.</verse>
				<verse number="8">هو منهنجي قوم جي گناهہ تي گذران ڪن ٿا، ۽ انهن جي بدڪاريءَ تي پنهنجي دل لڳائين ٿا.</verse>
				<verse number="9">۽ اهڙو حال ٿيو جو جهڙا ٻيا ماڻهو تهڙو ڪاهن: ۽ آءٌ هنن کي سندن افعالن جي ڪري سزا ڏيندس، ۽ سندن ڪمن جو بدلو ڏيندس.</verse>
				<verse number="10">هو کائيندا پر ڍءُ نہ ٿيندن؛ هو زناڪاري ڪندا پر وڌندا ڪين: ڇالاءِ جو هنن خدا جو خيال ڇڏي ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="11">زناڪاري، ۽ شراب، ۽ نئون شراب سمجهہ وڃايو ٿا ڇڏين.</verse>
				<verse number="12">منهنجي قوم جا ماڻهو بنڊ وٽ سوال ٿا ڪن، ۽ سندن لٺ کين خبر ٿي ٻڌائي؛ ڇالاءِ جو زناڪاريءَ جي روح هنن کي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هو پنهنجي خدا جي هٿان نڪري وڃي زنا کي لڳا آهن.</verse>
				<verse number="13">هو جبلن جي چوٽين تي قربانيون ٿا ڪن، ۽ ٽڪرين تي شاهہ بلوط ۽ ديودارن، ۽ تارپين جي وڻ هيٺ لوبان ٿا ساڙين، ڇالاءِ جو انهن جي ڇانوَ چڱي آهي: تنهنڪري اوهان جون ڌيئون ڪسب ٿيون ڪمائين، ۽ اوهان جون ننهون زناڪاريون ٿيون ڪن.</verse>
				<verse number="14">آءٌ اوهان جي ڌيئن کي ڪسب ڪرڻ وقت سزا نہ ڏيندس، ۽ نہ اوهانجن نهن کي زناڪاري ڪندي؛ ڇالاءِ جو هو پاڻ ڪسبين سان گڏجي پاسي تي نڪري وڃن ٿا، ۽ ڪڃرين سان گڏ هو قرباني ٿا ڪن: ۽ جيڪا قوم نہ سمجهندي سا ناس ڪئي ويندي.</verse>
				<verse number="15">جيتوڻيڪ، اي اسرائيل تون ڪڃري ٿي گذاريندينءَ، تہ بہ يهوداہ ڏوهاري نہ ٿئي؛ ۽ اوهين جلجال ۾ نہ اچجو، نڪي بيت اون ڏانهن چڙهي وڃجو، نڪي چئجو تہ جيئري خداوند جو قسم آهي.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو اسرائيل پٺتي هٽندڙ گابيءَ وانگر پٺتي ٿو هٽي: هاڻي خداوند انهن کي هڪڙي ڪشادي هنڌ رڍن وانگر چاريندو.</verse>
				<verse number="17">افرائيم وڃي بتن سان گڏيو آهي، انهي کي ڇڏي ڏيو.</verse>
				<verse number="18">هن جو شراب کَٽو ٿي پيو آهي: هو سدائين زناڪاري پيا ڪن؛ ان جي حاڪمن کي خواري پسند آهي.</verse>
				<verse number="19">هوا ان کي پنهنجن کنڀن ۾ ويڙهي ڇڏيو آهي، ۽ هو پنهنجين قربانين جي ڪري شرمندا ٿيندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">اي ڪاهن اوهين ٻڌو، ۽ اي اسرائيل جا گهراڻا اوهين ڌيان ڏيو، ۽ اي بادشاهہ جا گهراڻا اوهين ڪن ڏيو؛ ڇالاءِ جو فتويٰ اوهان جي نسبت ۾ آهي؛ ڇالاءِ جو اوهين مصفاہ ۾ هڪڙو دام ٿيا آهيو، ۽ تبور تي هڪڙو پکڙيل ڄار ٿيا آهيو:</verse>
				<verse number="2">۽ فسادين وڏو ڪوس ڪيو آهي؛ پر آءٌ انهن سڀني جي ملامت ڪندڙ آهيان.</verse>
				<verse number="3">آءٌ افرائيم کي سڃاڻان ٿو، ۽ اسرائيل بہ مون کان لڪل نہ آهي: ڇالاءِ جو اي افرائيم، تو زنا ڪئي آهي، ۽ اسرائيل پليت ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="4">هنن جا ڪم هنن کي پنهنجي خدا وٽ موٽڻ نٿا ڏين: ڇالاءِ جو زناڪاريءَ جو خيال هنن جي وجود ۾ آهي، ۽ هو خداوند کي نٿا سڃاڻن:</verse>
				<verse number="5">۽ اسرائيل جي مغروري سندس منهن تي ثابتي ٿي ڏئي: تنهنڪري اسرائيل ۽ افرائيم پنهنجي بدڪاريءَ ۾ ٿاٻڙجي ڪِرندا؛ يهوداہ بہ انهن سان گڏ آٿڙبو.</verse>
				<verse number="6">هو پنهنجن گلن ۽ پنهنجن ڌڻن سان خداوند کي ڳولڻ ويندا، پر انهي کي نہ لهندا: انهي پاڻ کي هنن کان لڪائي ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="7">هنن خداوند جي برخلاف دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي؛ ڇالاءِ جو هنن ڌاريا ٻار ڄڻيا آهن: هاڻي نئون چنڊ هنن کي سندن ٻنين سميت ڳهي ويندو.</verse>
				<verse number="8">اوهين جبعہ ۾ شرنائي وڄايو، ۽ رامہ ۾ قرناءِ: بيت اون ۾ خوف جو آواز ڪريو؛ اي بنيمين تنهنجي پٺيان!</verse>
				<verse number="9">افرائيم عتاب جي ڏينهن ويران ٿي ويندو: اسرائيل جي فرقن ۾ مون اها ڳالهہ پڌري ڪئي آهي جا ضرور ٿيڻي آهي.</verse>
				<verse number="10">يهوداہ جا سردار انهن وانگر آهن جي حد جا نشان کڻي ٿا ڇڏين: آءٌ انهن تي پنهنجي ڪاوڙ پاڻيءَ وانگر اوتي وجهندس.</verse>
				<verse number="11">افرائيم تي ظلم ٿيو آهي، هو عدالت ۾ چپجي ويو آهي؛ ڇالاءِ جو هو اجاين ڳالهين جي پٺيان هلڻ ۾ راضي هو.</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري آءٌ افرائيم جي لاءِ هڪڙي پرواني وانگر آهيان، ۽ يهوداہ جي گهراڻي لاءِ ڪِنيءَ شيءِ وانگر.</verse>
				<verse number="13">جڏهن افرائيم پنهنجي بيماري ڏٺي، ۽ يهوداہ پنهنجو ڦٽ ڏٺو، تڏهن افرائيم اسور وٽ ويو، ۽ ياريب جي بادشاهہ کي قاصد موڪلي گهرايائين: پر هو اوهان کي شفا ڏيئي نٿو سگهي، نڪي هو اوهان جو ڦٽ ڇُٽائيندو.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو آءٌ افرائيم جي لاءِ شينهن ٿيندس، ۽ يهوداہ جي گهراڻي لاءِ جوان شينهن: آءٌ، هائو آءٌ، ڦاڙي هليو ويندس، ۽ ڪوبہ ڇڏائڻ وارو ڪونہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="15">آءٌ پنهنجي جاءِ ڏانهن موٽي ويندس، جيستائين ڪ هو پنهنجو ڏوهہ قبول ڪندا، ۽ منهنجو منهن ڳوليندا: هو پنهنجي مصيبت ۾ ڏاڍي سعيي سان منهنجي ڳولا ڪندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">اچو تہ خداوند وٽ موٽي هلون: ڇالاءِ جو هن ڦاڙيو آهي، ۽ هو ئي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪندو؛ هن ضرب رسائي آهي، ۽ هو ئي اسان کي پَٽي ٻَڌندو.</verse>
				<verse number="2">ٻن ڏينهن کانپوءِ وري هو اسان کي جيئرو ڪندو: ٽئين ڏينهن هو اسان کي اُٿاريندو، ۽ اسين هن جي اڳيان جيئرا رهنداسين.</verse>
				<verse number="3">۽ اچو تہ ڳولا ڪريون، ۽ خداوند کي سڃاڻڻ لاءِ پيروي ڪريون؛ هن جو اچڻ يقيناً صبح وانگر آهي: ۽ هو اسان وٽ مينهن وانگر ايندو، انهي پوئين مينهن وانگر جو زمين کي ريج ٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="4">اي افرائيم، آءٌ تو سان ڇا ڪريان؟ اي يهوداہ، آءٌ تو سان ڇا ڪريان؟ ڇالاءِ جو تنهنجي چڱائي صبح جي ڪڪر جهڙي آهي، ۽ انهي ماڪ وانگر جا سويل ئي گم ٿي وڃي ٿي.</verse>
				<verse number="5">تنهنڪري مون هنن کي نبين جي وسيلي گهائل ڪيو آهي؛ مون هنن کي پنهنجي وات جي لفظن سان ڪُٺو آهي: ۽ منهنجون فتوائون انهي روشنيءَ وانگر آهن جا اڳيان هلي ٿي.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو مون کي رحم پسند آهي، نہ قرباني؛ ۽ خدا جي ڄاڻپ، سوختني قربانين کان وڌيڪ پسند ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="7">پر هنن آدم وانگر عهد اقرار ڀڳو آهي: اُتي هنن منهنجي برخلاف دغابازي ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="8">جلعاد انهن جو شهر آهي جي بدڪاري ٿا ڪن، انهي تي رت جا داغ آهن.</verse>
				<verse number="9">۽ جيئن چورن جون ٽوليون ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ لڪي ويهن، تيئن ڪاهنن جي جماعت رستي ۾ سڪم ڏانهن ويندي خون ٿي ڪري: هائو، هنن شهوت پرستي ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="10">اسرائيل جي گهراڻي ۾ مون هڪڙي هيبتناڪ شيءِ ڏٺي آهي: افرائيم ۾ زناڪاري آهي، اسرائيل پليت ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="11">اي يهوداہ، تنهنجي لاءِ بہ هڪڙو فصل تيار رکيو ويو آهي، جڏهن آءٌ پنهنجي قوم جا قيدي موٽائي آڻيندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">جڏهن مون اسرائيل کي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ ٿي گهريو، تڏهن افرائيم جي بدڪاري، ۽ سامريہ جي شرارت ظاهر ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو هنن ٺڳيءَ جا ڪم ڪيا آهن: چور اندر لنگهيو اچي، ۽ چورن جي ٽولي ٻاهر پئي ڦري.</verse>
				<verse number="2">هو پنهنجين دلين ۾ ايترو ويچار نٿا ڪن تہ آءٌ سندن سڀ شرارت ياد ڪريان ٿو: هاڻي هنن جي بڇڙن ڪمن کين چوڌاري آڻي وڪوڙيو آهي؛ هو منهنجي منهن اڳيان آهن.</verse>
				<verse number="3">هو پنهنجي شرارت سان بادشاهہ کي خوش ٿا ڪن ۽ سردارن کي پنهنجن ڪوڙن سان.</verse>
				<verse number="4">اُهي سڀ زاني آهن؛ اُهي نانواين جي تپايل تنور وانگر آهن؛ اٽي ڳوهڻ کان وٺي اُن جي خمير ٿيڻ تائين، هو باهہ کي چورڻ کان بس نٿو ڪري.</verse>
				<verse number="5">اسان جي بادشاهہ جي ڏينهن، سردارن شراب جي گرميءَ ۾ پاڻ کي بيمار ڪيو آهي، هن ٺٺولي ڪرڻ وارن سان گڏ پنهنجو هٿ ڊگهيريو آهي.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو اڙن ۾ ويٺي ئي هنن پنهنجي دل تنور وانگي تيار ڪئي؛ هنن جي ڪاوڙ سڄي رات سمهي ٿي؛ ۽ صبح جو اُها باهہ جي مچ وانگر ٻري ٿي.</verse>
				<verse number="7">هو سڀ تنور وانگر گرم آهن، ۽ پنهنجن قاضين کي ڳهي ٿا وڃن؛ هنن جا سڀ بادشاهہ ڪِريا پيا آهن: هنن ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو مون کي سڏي.</verse>
				<verse number="8">افرائيم وڃي ٻين قومن سان گڏيو آهي؛ افرائيم اڻ اُٿلايل ماني آهي.</verse>
				<verse number="9">ڌاريا هن جي طاقت ڳهي ويا آهن، ۽ انهي جي هن کي ڪابہ خبر ڪانهي: هائو، هن تي ڪجهہ اڇا وار بہ اچي ويا آهن؛ پر انهن جي بہ هن کي خبر ڪانهي.</verse>
				<verse number="10">۽ اسرائيل جي مغروري سندس منهن اڳيان ثابتي ٿي ڏئي: انهي هوندي بہ هو خداوند پنهنجي خدا وٽ نہ موٽيا آهن، ۽ نہ ايتري چوندي بہ انهي کي ڳوليو اٿن.</verse>
				<verse number="11">افرائيم هڪڙي بيوَقوف ڪبوتر وانگر بي سمجهہ آهي: هو مصر کي سڏين ٿا، ۽ اسور وٽ وڃن ٿا.</verse>
				<verse number="12">جڏهن هو ويندا، تڏهن آءٌ هنن تي پنهنجو ڄار پکيڙيندس؛ ۽ آءٌ هنن کي هوا جي پکين وانگر هيٺ لاهيندس: آءٌ هنن کي سيکت ڏيندس، جيئن سندن جماعت ٻڌو آهي.</verse>
				<verse number="13">ويل هجي انهن لاءِ! ڇالاءِ جو اهي مون کان گمراهہ ٿي ويا آهن؛ موت هجي انهن جي لاءِ! ڇالاءِ جو هو مون کان باغي ٿي ويا آهن: جيتوڻيڪ مون هنن کي بچائڻ گهريو تہ بہ هنن منهنجي آڏو ڪوڙ ڳالهايو آهي.</verse>
				<verse number="14">هنن پنهنجي دل سان مون کي نہ سڏيو آهي پر هنن پنهنجن بسترن تي پئي رُنو آهي: هو اَن ۽ شراب لاءِ گڏ ٿيا آهن، هو منهنجي برخلاف فساد ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="15">جيتوڻيڪ مون هنن کي تعليم ڏني آهي، ۽ هنن جي ٻانهن کي زور وٺايو اٿم، تہ بہ اُهي منهنجي برخلاف حرڪت ڪرڻ جو خيال ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="16">هو موٽن ٿا پر نہ انهي وٽ، جو مٿي آهي: هو هڪڙي ڪوڙي ڪمان وانگر آهن: هنن جا امير پنهنجي زبان جي جوش ڪري ترار سان ڪِرندا: اها هنن جي لاءِ مصر جي ملڪ ۾ کل ٺٺولي ٿيندي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">قرناءِ پنهنجي وات تي رک. هو عقاب وانگر خداوند جي گهر تي ڪاهي ٿو اچي: ڇالاءِ جو هنن منهنجي عهد اقرار جي برخلاف، ۽ منهنجي شريعت جي برخلاف هلت ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="2">هو مون کي سڏي چوندا تہ اي خداوند، اسين اسرائيل توکي سڃاڻون ٿا.</verse>
				<verse number="3">جيڪي چڱو آهي سو اسرائيل اُڇلائي ڦٽو ڪيو آهي: دشمن هن جي پٺيان پوندو.</verse>
				<verse number="4">هنن بادشاهہ مقرر ڪيا آهن، پر نہ منهنجي طرفان؛ هنن سردار بنايا آهن، ۽ مون کي انهي جي خبر ئي ڪانهي: هنن پنهنجي روپي، ۽ پنهنجي سون مان پنهنجي لاءِ بُت ٺاهيا آهن، انهي لاءِ تہ وڍجي وڃن.</verse>
				<verse number="5">اي سامريہ، هنن تنهنجو گابو اُڇلائي ڇڏيو آهي. منهنجي ڪاوڙ هنن تي ڀڙڪي آهي: هو ڪيستائين گناهہ کان پاڪ نہ ٿيندا</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو هي بہ اسرائيل کان آهي؛ ڪاريگر انهي کي جوڙيو آهي، ۽ اُهو خدا ناهي: هائو، سامريہ جو گابو ڀڃي پرزا پرزا ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو هو واءُ پوکين ٿا ۽ واچوڙو لڻندا: هن وٽ ڪو بيٺل اَن ڪونهي؛ سٽن مان کاڌو پيدا نہ ٿيندو؛ جي کڻي ٿيندو تہ بہ ڌاريا اُهو ڳهي ويندا.</verse>
				<verse number="8">اسرائيل ڳيسجي ويو آهي: هاڻي هو ٻين قومن ۾ ائين آهي جيئن اُهو باسڻ جو ڪنهن ڪم جو ڪونهي.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو هو چڙهي اسور ڏانهن ويا آهن، جيئن ڪو جهنگلي گڏهہ پنهنجي منهن اڪيلو وڃي: افرائيم سينڌ ڀاڙي ڪيا آهن.</verse>
				<verse number="10">هائو جيتوڻيڪ هو قومن مان ڀاڙي پيا ڪن، تہ بہ آءٌ هن کي گڏ ڪندس؛ ۽ هو بادشاهہ جي ۽ اميرن جي بار جي سببان گهٽجڻ لڳندا.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو افرائيم گناهہ لاءِ قربانگاهہ وڌايا آهن، قربانگاهہ هنن جي لاءِ گناهہ جو سبب ٿيا آهن.</verse>
				<verse number="12">جيتوڻيڪ آءٌ هن جي لاءِ پنهنجي شريعت جا ڏهہ هزار حڪم لکان ٿو، تہ بہ اُهي ڌاريءَ شيءِ وانگر شمار ڪيا ٿا وڃن.</verse>
				<verse number="13">باقي منهنجي نذرانن جي قربانين لاءِ، هو گوشت قربان ڪري کائين ٿا؛ پر خداوند کين قبول نٿو ڪري: هاڻي هو سندن بدڪاري ياد ڪندو، ۽ گناهن جي سزا ڏيندو؛ هو مصر ۾ موٽي ويندا.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو اسرائيل پنهنجو خالق وساري ڇڏيو آهي، ۽ محلاتون جوڙيون اٿس؛ ۽ يهوداہ گهڻا ئي پناهہ وارا شهر اڏيا آهن: پر آءٌ هن جي شهرن تي باهہ موڪليندس، ۽ اُها ان جا قلعا ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">اي اسرائيل، ٻين قومن وانگر تون خوشيءَ سان شادمان نہ ٿيءُ؛ ڇالاءِ جو تون زناڪاري ڪرڻ ڪري پنهنجي خدا کان پري هليو ويو آهين، سڀ ڪنهن ان جي پڙ تي تو ڀاڙو وٺڻ پسند ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="2">ان ڳاهڻ جو پڙ، ۽ شراب ڪڍڻ جو چيچڙو هنن کي قوت نہ پهچائيندو، ۽ نئون شراب کُٽي ويندو.</verse>
				<verse number="3">هو خداوند جي ملڪ ۾ نہ رهندا، پر افرائيم موٽي مصر ۾ ويندو، ۽ هو اسور ۾ ناپاڪ کاڌو کائيندا.</verse>
				<verse number="4">هو خداوند جي نذرانن لاءِ شراب نہ هاري وجهندا، نڪي هو انهي کي وڻندا: هنن جون قربانيون سندن لاءِ ماتم جي مانيءَ وانگر ٿينديون؛ جيڪي انهي مان کائيندا سي پليت ٿيندا: ڇالاءِ جو هنن جي ماني سندن اشتها لاءِ ٿيندي؛ اُها خداوند جي گهر ۾ نہ ايندي.</verse>
				<verse number="5">پاڪ جماعت واري ڏينهن، ۽ خداوند جي عيد واري ڏينهن، اوهين ڇا ڪندا؟</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو ڏسو، هو تباهيءَ جي ڊپ کان پري ويا آهن، تڏهن بہ مصر هنن کي گڏ ڪندو، موف هنن کي دفن ڪندو: هنن جي چانديءَ جي مزي جهڙين شين کي ڪانڊيرا وٺي ويندا: هنن جي تنبن ۾ ڪنڊا اُڀرندا.</verse>
				<verse number="7">سزا جا ڏينهن آيا آهن، بدلي وٺڻ جا ڏينهن اچي پهتا آهن؛ اسرائيل پاڻهي ڄاڻندو: نبي بي عقل آهي، جنهن ماڻهوءَ ۾ روح آهي سو چريو آهي، اهو تنهنجي بدڪاريءَ جي گهڻائيءَ ڪري ٿيو آهي، ۽ هن ڪري جو دشمني وڏي آهي.</verse>
				<verse number="8">افرائيم منهنجي خدا وٽ نگهبان هو: باقي نبي، سو انهي جي سڀني راهن ۾ پکين ڦاسائيندڙ جو دام آهي، ۽ هن جي خدا جي گهر ۾ دشمني آهي.</verse>
				<verse number="9">هنن پاڻ کي تمام گهڻو خراب ڪيو آهي، جيئن جبعہ جي ڏينهن ۾ ڪيو هئائون: هو هنن جون بدڪاريون ياد ڪندو، هو هنن جي گناهن جي سزا ڏيندو.</verse>
				<verse number="10">مون اسرائيل کي بيابان ۾ ڊاک وانگر لڌو؛ مون اوهانجن ابن ڏاڏن کي اهڙو ڏٺو جهڙو انجير جي وڻ جي پهرين موسم جو پهريون پڪل ڦر: پر هو بعل فغور وٽ ويا، ۽ انهي ڪراهت جهڙي شيءِ جي لاءِ هنن پاڻ کي ڌار ڪري رکيو، ۽ انهي وانگر ڪراهت جهڙا ٿيا جنهن کي پيار ڪندا هئا.</verse>
				<verse number="11">باقي افرائيم، سو ان جو شان شوڪت پکيءَ وانگر اُڏامي ويندو: ڪوبہ ٻار ڪونہ ٿيندو، ۽ ڪابہ پيٽ سان نہ ٿيندي، ۽ نہ ڪا ٻار واري ٿيندي.</verse>
				<verse number="12">جيتوڻيڪ هو پنهنجا ٻار پالي وڏا ڪندا، تہ بہ آءٌ اُهي ماري ڇڏيندس، تہ ڪوبہ ماڻهو نہ بچي: جڏهن آءٌ هنن وٽان ويندس تڏهن بہ هنن جي لاءِ ويل ٿيندو.</verse>
				<verse number="13">جيئن مون صور کي ڏٺو آهي، تيئن افرائيم بہ هڪڙي مزي جهڙي هنڌ لڳايو ويو هو: پر افرائيم پنهنجا ٻار ڪهڻ واري وٽ ڪڍي ايندو.</verse>
				<verse number="14">اي خداوند هنن کي ڏي: تون ڇا ڏيندين؟ هنن کي ٻار ڪيرائيندڙ پيٽ، ۽ سُڪل ڇاتيون ڏي.</verse>
				<verse number="15">هنن جي سڄي شرارت جلجال ۾ آهي؛ ڇالاءِ جو اُتي مون هنن کي ڌڪاريو: هنن جي ڪمن جي شرارت ڪري، آءٌ هنن کي پنهنجي گهر مان هڪالي ڪڍي ڇڏيندس: آءٌ وري هنن کي پيار نہ ڪندس؛ هنن جا سڀ امير باغي آهن.</verse>
				<verse number="16">افرائيم کي ڌڪ لڳو آهي، هنن جي پاڙ سُڪي ويئي آهي، هو ڦر نہ جهليندا: هائو، جيتوڻيڪ هو ٻار ڄڻيندا، تہ بہ آءٌ انهن جي پيٽ جو پيارو ڦر ڪهي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="17">منهنجو خدا انهن کي اُڇلائي ڇڏيندو، ڇالاءِ جو هنن سندس نہ ٻڌي؛ ۽ هو قومن منجهہ دربدر ٿيندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">اسرائيل هڪڙي گهاٽي ڊاک آهي، جا پنهنجو ڦر جهلي ٿي: پنهنجي ججهي ميوي موافق هن پنهنجون قربانگاهون بہ وڌايون آهن؛ پنهنجي زمين جي چڱائيءَ موافق هنن سهڻا ٿنڀ جوڙيا آهن.</verse>
				<verse number="2">هن جي دل ورهائجي وئي آهي؛ هاڻي هو ڏوهاري ٺهرايا ويندا: هو ان جي قربانگاهن کي ڌڪ هڻندو، هو انهن جي ٿنڀن کي خراب ڪندو.</verse>
				<verse number="3">هاڻي هو ضرور چوندا تہ اسان جو ڪو بادشاهہ ڪونهي: ڇالاءِ جو اسين خداوند کان نٿا ڊڄون؛ ۽ بادشاهہ اسان جي لاءِ ڇا ڪري سگهندو؟</verse>
				<verse number="4">هو اجايون ڳالهيون ٿا ڪن، انجامن ڪرڻ مهل هو ڪوڙا قسم ٿا کڻن: تنهنڪري ٻنيءَ جي کيڙين ۾ ڪَڙي ٻوٽي وانگي سزا ڦٽي نڪرندي.</verse>
				<verse number="5">سامريہ جا رهاڪو بيت اون جي گابن لاءِ خوف ۾ رهندا: ڇالاءِ جو انهي جا ماڻهو انهي تي ماتم ڪندا، ۽ انهي جا ڪاهن بہ، جي ان جي وڏائي ڪري اُن تي خوش ٿيندا هئا؛ ڇالاءِ جو ان جي وڏائي انهي مان نڪري ويئي آهي.</verse>
				<verse number="6">هو اسور جي بادشاهہ يارب وٽ نذراني طور پيش ڪيا ويندا: افرائيم کي خواري حاصل ٿيندي، ۽ اسرائيل خود پنهنجي صلاح مصلحت کان شرمندو ٿيندو.</verse>
				<verse number="7">باقي سامريہ سو انهي جو بادشاهہ ائين وڍجي ويو آهي، جيئن پاڻيءَ تي گجي.</verse>
				<verse number="8">آون جا مٿانهان مڪان، جي اسرائيل جو گناهہ آهن، سي بہ ناس ڪيا ويندا: هنن جي قربانگاهن تي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا نڪرندا: ۽ هو جبلن کي چوندا تہ اسان کي ڍڪي ڇڏيو؛ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ اسان تي ڪِري پئو.</verse>
				<verse number="9">اي اسرائيل، تو جبعہ جي ڏينهن کان وٺي گناهہ پئي ڪيا آهن: هو اُتي بيٺا رهيا، انهي لاءِ تہ بدڪاريءَ جي ٻارن تائين لڙائي نہ اچي پهچي؟</verse>
				<verse number="10">جڏهن منهنجي مرضي ٿيندي، تڏهن آءٌ هنن کي سيکت ڏيندس؛ ۽ جڏهن هو پنهنجن ٻن گناهن جي لاءِ ٻڌا ويندا، تڏهن قومون ساڻن وڙهڻ لاءِ اچي گڏ ٿينديون.</verse>
				<verse number="11">۽ افرائيم هڪڙي گابي آهي جا هيرائي ويئي آهي، ۽ جا اَن ڳاهڻ پسند ٿي ڪري؛ پر مون انهي جي سهڻي ڳچيءَ تي سزا وڌي آهي؛ ۽ آءٌ افرائيم تي هڪڙو سوار ويهاريندس. يهوداہ هر کيڙيندو، يعقوب انهي جا ڀتر ڀڃندو.</verse>
				<verse number="12">اوهين پنهنجي لاءِ سچائي پوکيو، تہ رحم موافق لڻو؛ پنهنجي غير آباد زمين کيڙيو: ڇالاءِ جو خداوند کي ڳولڻ جو هي وقت آهي، جيستائين هو اچي، ۽ اوهان تي سچائيءَ جو مينهن وسائي.</verse>
				<verse number="13">اوهان شرارت جا هر ڏنا آهن، ۽ بدڪاري لڻي اٿوَ؛ اوهان ڪوڙ جو ڦر کاڌو آهي، ڇالاءِ جو توکي پنهنجي رستي تي، ۽ پنهنجن زور وارن ماڻهن جي گهڻائي تي ڀروسو هو.</verse>
				<verse number="14">تنهن ڪري تنهنجي قوم ۾ گڙٻڙ ٿيندي، ۽ تنهنجا سڀ قلعا لٽجي ويندا، جيئن شلمن، بيت اربيل کي جنگ جي ڏينهن ڦريو لٽيو هو: ماءُ ٻارن سميت هيٺ اُڇلائي ٽڪر ٽڪر ڪئي ويندي.</verse>
				<verse number="15">ساڳيءَ طرح بيت ايل ۾ بہ اوهان جي شرارت ڪري اوهان سان ڪيو ويندو: پرهہ ڦٽيءَ مهل اسرائيل جو بادشاهہ قتل ڪيو ويندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">جڏهن اسرائيل اڃا ٻار هو، تڏهن آءٌ هن کي پيار ڪندو هوس، ۽ پنهنجي پٽ کي مصر مان سڏيم.</verse>
				<verse number="2">پر جيئن جيئن مون هنن کي سڏيو، تيئن هو پري ٿيندا ويا: هنن بعليم لاءِ قربانيون ڪيون، ۽ اُڪريل مورتن لاءِ لوبان ساڙيو.</verse>
				<verse number="3">پر مون افرائيم کي هلڻ سيکاريو، مون هنن کي پنهنجين ٻانهن تي کنيو؛ پر هنن کي اها خبر نہ پيئي تہ مون هنن کي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو.</verse>
				<verse number="4">مون هنن کي انساني رشتي سان ۽ محبت جي ڏورين سان ڇڪيو؛ آءٌ هنن جي لاءِ اهڙو هوس، جهڙا اُهي جي سندن ڄاڙن تان پاڃاري لاهي ڇڏين ٿا، ۽ مون هنن جي اڳيان کاڌو رکيو.</verse>
				<verse number="5">هو موٽي مصر جي ملڪ ۾ نہ ويندو؛ پر اسوري هن جو بادشاهہ ٿيندو، ڇالاءِ جو هنن موٽڻ کان انڪار ڪيو.</verse>
				<verse number="6">۽ ترار هن جي شهرن تي ڪڙڪندي، ۽ هن جي درن جي گزن کي چٽ ڪري ڇڏيندي، ۽ خود سندن مصلحتن ڪري هنن کي ڳهي ڇڏيندي.</verse>
				<verse number="7">۽ منهنجي قوم ڪوتاهي ڪرڻ تي مائل آهي: جيتوڻيڪ هو انهن کي انهي وٽ اچڻ لاءِ سڏين ٿا جو بلنديءَ تي آهي، تہ بہ ڪو انهي کي تعظيم نہ ٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="8">اي افرائيم، آءٌ توکي ڪيئن ڇڏي ڏيان؟ اي اسرائيل، ڪيئن آءٌ توکي ڏيئي ڇڏيان؟ ڪيئن توکي ادمہ جهڙو ڪريان؟ ڪيئن توکي ضبويم جهڙو بنايان؟ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ وٽ ٿي کائي، منهنجون رحمتون ظاهر ٿيون آهن.</verse>
				<verse number="9">آءٌ پنهنجي سخت ڪاوڙ عمل ۾ نہ آڻيندس، آءٌ افرائيم کي ناس ڪرڻ لاءِ نہ موٽندس: ڇالاءِ جو آءٌ خدا آهيان، نہ انسان؛ آءٌ تنهنجي وچ ۾ قدوس خدا آهيان: آءٌ ڪاوڙ ۾ شهر ۾ نہ گهڙندس.</verse>
				<verse number="10">هو خداوند جي پٺيان هلندا، جو شينهن وانگر گجندو، هائو، هو گجندو ۽ سندس ٻار اُلهندي کان ڏڪندا ايندا.</verse>
				<verse number="11">اُهي اهڙيءَ طرح ڏڪندا ايندا، جهڙيءَ طرح ڪو پکي مصر مان اچي، ۽ ڪو ڪبوتر اسور جي ملڪ مان اچي: ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ هنن کي سندن گهرن ۾ رهائيندس.</verse>
				<verse number="12">افرائيم ڪوڙ سان مون کي گهيري ويو آهي، ۽ اسرائيل جو گهراڻو ٺڳيءَ سان: پر يهوداہ اڃا بہ خدا سان حڪمران آهي، ۽ پاڪ خدا سان سچو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">افرائيم هوا تي گذران ٿو ڪري، ۽ اُڀرندي جي واءُ جي پٺيان ٿو وڃي: هو هميشہ ڪوڙ ۽ ظلم وڌائيندو وڃي: هو اسور سان عهد اقرار ڪري ٿو، ۽ تيل مصر ۾ پهچايو ٿو وڃي.</verse>
				<verse number="2">خداوند جو يهوداہ سان بہ تڪرار آهي، ۽ هو يعقوب کي سندس راهن موافق سزا ڏيندو؛ انهي کي هو سندس ڪمن موافق بدلو ڏيندو.</verse>
				<verse number="3">ماءُ جي پيٽ ۾ ئي هن پنهنجي ڀاءُ کي کڙيءَ کان ورتو؛ ۽ جڏهن هو وڏو ٿيو تڏهن خدا سان زور آزمايائين:</verse>
				<verse number="4">هائو، هن فرشتي سان زور آزمايو، ۽ انهي تي غالب آيو: هن رنو، ۽ عرض ڪيائينس: هن انهي کي بيت ايل ۾ لڌو، ۽ اُتي اسان سان ڳالهايائين؛</verse>
				<verse number="5">يعني خداوند، لشڪرن جي خدا؛ جو سندس يادگار آهي.</verse>
				<verse number="6">تنهنڪري تون خداوند ڏانهن ڦر، نيڪي ۽ راستيءَ کي قائم ڪر، ۽ هميشہ پنهنجي خدا تي ڀروسو رک.</verse>
				<verse number="7">هو هڪڙو سوداگر آهي، ۽ ٺڳيءَ جي ساهمي سندس هٿ ۾ آهي: هن کي ظلم ڪرڻ پسند آهي.</verse>
				<verse number="8">۽ افرائيم چيو تہ يقيناً آءٌ دولتمند ٿيو آهيان، مون دولت لڌي آهي: منهنجن سڀني ڪمن ۾ هو مون ۾ ڪابہ بدڪاري ڪانہ لهندا جا گناهہ ٿي سگهي.</verse>
				<verse number="9">پر آءٌ مصر جي ملڪ کان وٺي خداوند تنهنجو خدا آهيان؛ آءٌ اوهان کي اڃا وري بہ تنبن ۾ رهائيندس، جيئن پاڪ عيد واري ڏينهن ۾ هو.</verse>
				<verse number="10">مون نبين سان بہ ڳالهايو آهي، ۽ رويا بہ وڌايا آهن؛ ۽ نبين جي وسيلي مون تمثيلون ڪم ۾ آنديون آهن.</verse>
				<verse number="11">يقيناً جلعاد ۾ بدڪاري آهي: اُهي نسوري بيهودگي آهن؛ هو جلجال ۾ ڍڳا قرباني ٿا ڪن: هائو، هنن جون قربانگاهون اهڙيون آهن جهڙا ٻنين جي کيڙين ۾ ڍڳ.</verse>
				<verse number="12">۽ يعقوب آرام جي زمين ڏانهن ڀڳو، ۽ اسرائيل زال جي خاطر ٻانهو ٿيو، ۽ زال جي لاءِ رڍون چاريائين.</verse>
				<verse number="13">هڪڙي نبيءَ جي وسيلي خداوند اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ هڪڙي نبيءَ جي وسيلي هو بچايو ويو.</verse>
				<verse number="14">افرائيم پنهنجن ڪمن ڪري تمام گهڻي ڪاوڙ ڏياري آهي، تنهنڪري هن جو رت سندس مٿان ئي رهندو، ۽ ان جي ملامت سندس خداوند مٿس موٽائي آڻيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">جڏهن افرائيم ڳالهايو تڏهن ڏڪڻي پئجي ويئي؛ هن پاڻ کي اسرائيل ۾ وڏو چوايو: پر جڏهن هن بعل جي ڪري گناهہ ڪيو، تڏهن هو مري ويو.</verse>
				<verse number="2">۽ هاڻي هو وڃن وڌيڪ گناهہ ڪندا، ۽ پنهنجي لاءِ چانديءَ جون پلٽيل مورتون ٿا جوڙين، يعني پنهنجي سمجهہ موافق بُت ٿا جوڙين، جي سڀ ڪاريگرن جا ڪم آهن: انهن بابت هو چون ٿا تہ جيڪي قربانيون چاڙهين ٿا، سي گابن کي چُمن.</verse>
				<verse number="3">تنهنڪري هو صبح جي بادل وانگي ٿيندا، ۽ انهي ماڪ وانگر جا سوير ئي گم ٿي وڃي ٿي، ۽ انهن تهن وانگر جي واچوڙي سان اَن ڳاهڻ جي پڙ تان اُڏامي وڃن ٿا، ۽ بخاريءَ مان نڪرندڙ دونهين وانگر.</verse>
				<verse number="4">انهي هوندي بہ آءٌ مصر جي زمين کان وٺي خداوند تنهنجو خدا آهيان، تون ڪنهن ٻئي معبود کي نہ ڄاڻندو هئين، ڇالاءِ جو مون کان سواءِ ٻيو نجات ڏيندڙ ڪونهي.</verse>
				<verse number="5">بيابان ۾ يعني تمام خشڪ زمين ۾ مون تنهنجي خبر لڌي.</verse>
				<verse number="6">هو پنهنجي چراگاهہ ۾ ڍاپجي ويا ۽ پيٽ ڀرجڻ ڪري هنن جي دل مغرور ٿي ويئي: ۽ هنن مون کي وساري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري آءٌ هنن جي لاءِ شينهن جهڙو آهيان: چيتي وانگر آءٌ رستي جي ڀرسان ڄڪ هڻي ويهندس:</verse>
				<verse number="8">آءٌ هنن کي انهي رڇڻ وانگر گڏبس، جنهن جا ٻچا کسيا ويا هجن، ۽ هن جي دل جو پردو ڦاڙي ڇڏيندس: ۽ اُتي آءٌ هنن کي شينهن وانگر ڳهي ويندس؛ جهنگلي جانور هنن کي ڦاڙي ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="9">اي اسرائيل، اها تنهنجي تباهي آهي، ڇالاءِ جو تون منهنجي، يعني پنهنجي مددگار جي برخلاف ٿيو آهين.</verse>
				<verse number="10">هاڻي تنهنجو بادشاهہ ڪٿي آهي، جو توکي تنهنجن سڀني شهرن ۾ اچي بچائي؟ ۽ تنهنجا قاضي ڪٿي آهن جن جي نسبت ۾ تو چيو تہ مون کي بادشاهہ ۽ امير ڏي؟</verse>
				<verse number="11">مون پنهنجي ڪاوڙ ۾ توکي هڪڙو بادشاهہ ڏنو، ۽ پنهنجي غصي ۾ انهي کڻي ورتو اٿم.</verse>
				<verse number="12">افرائيم جي لاءِ بدڪاري ٻڌي رکي ويئي آهي؛ هن جو گناهہ گڏ ڪري رکيو ويو آهي.</verse>
				<verse number="13">سورن واري زال جا درد هن تي ايندا: هو هڪڙو نادان پٽ آهي؛ مناسب آهي تہ هاڻي هو ڄمڻ ۾ دير نہ ڪري.</verse>
				<verse number="14">آءٌ هنن کي پاتال جي هٿان ملهہ ڏيئي ڇڏائيندس، آءٌ هنن کي موت کان ڇڏائيندس: اي موت، تنهنجون مريون ڪٿي آهن؟ اي قبر، تنهنجي تباهي ڪٿي آهي؟ رحم منهنجين اکين کان لڪي ويندو.</verse>
				<verse number="15">جيتوڻيڪ پنهنجن ڀائرن ۾ هو ڦر وارو ٿيندو، تہ بہ اُڀرندي جو واءُ ايندو، خداوند جو جهولو بيابان مان اُٿندو، ۽ هن جو چشمو سُڪي ويندو، ۽ هن جو حوض خشڪ ٿي ويندو: هو سڀني سهڻن ٿانوَن جي خزاني کي لٽي ويندو.</verse>
				<verse number="16">سامريہ پنهنجو ڏوهہ کڻندي؛ ڇالاءِ جو هوءَ پنهنجي خدا کان باغي ٿي آهي: هو ترار سان ڪِرندا، هنن جا معصوم ٻار پرزا پرزا ٿيندا، ۽ هنن جي حاملہ زالن جا پيٽ ڦاڙيا ويندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">اي اسرائيل، خداوند پنهنجي خدا وٽ موٽ، ڇالاءِ جو تون پنهنجي بدڪاريءَ سبب ڪِريو آهين.</verse>
				<verse number="2">تون ڪلام کڻي خداوند وٽ موٽ، ۽ انهي کي چئُہ تہ تنهنجي سڀ بڇڙائي ڪڍي وٺي، ۽ مهرباني ڪري اسان کي قبول ڪري: پوءِ اسين پنهنجي چپن جي قرباني پيش ڪنداسين.</verse>
				<verse number="3">اسور اسان کي ڪين بچائيندو؛ اسين گهوڙن تي نہ چڙهنداسين، نڪي وري اڳتي اسين پنهنجن هٿن جي ڪم کي چونداسين تہ اوهين اسان جا خدا آهيو، ڇالاءِ جو تون ئي يتيمن تي رحم ٿو ڪرين.</verse>
				<verse number="4">آءٌ هنن جي ڪوتاهيءَ جو علاج ڪندس، ۽ هنن کي کلي دل سان پيار ڪندس، ڇالاءِ جو منهنجي ڪاوڙ هنن کان ڦري ويئي آهي.</verse>
				<verse number="5">آءٌ اسرائيل جي لاءِ ماڪ جهڙو ٿيندس: هو سوسن وانگر گل ڪندو، ۽ لبنان وانگر پنهنجون پاڙون هڻندو.</verse>
				<verse number="6">هن جون ٽاريون پکڙنديون، ۽ هن جي سونهن زيتون جي وڻ جهڙي ٿيندي.</verse>
				<verse number="7">جيڪي هن جي پاڇي هيٺ ٿا رهن سي بحال ڪيا ويندا؛ هو ڪڻڪ وانگر وري نڪرندا ۽ ڊاک وانگر ٻور ڪندا: انهي جي خوشبوءِ لبنان جي شراب جهڙي ٿيندي.</verse>
				<verse number="8">افرائيم چوندو تہ اڳتي وري بُتن سان منهنجو ڪهڙو واسطو آهي؟ مون خداوند هن کي جواب ڏنو آهي، ۽ آءٌ مٿس نگاهہ ڪندس: آءٌ صنوبر جي سائي وڻ جهڙو آهيان؛ مون کان توکي پنهنجو ميوو حاصل ٿيندو.</verse>
				<verse number="9">ڪير ڏاهو آهي، جو هي ڳالهيون سمجهي؟ ڪير سياڻو آهي تہ اُهي معلوم ڪري؟ ڇالاءِ جو خداوند جا رستا سنوان آهن، ۽ نيڪ ماڻهو انهن تي هلندا؛ پر گنهگار انهن تي ڪِري پوندا.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="29">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">خداوند جو ڪلام جو يوايل بن فتوايل تي نازل ٿيو.</verse>
				<verse number="2">اي پير مرد اوهين ٻڌو، ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو اوهين ڪَن ڏيو. ڪڏهن اهڙي ڳالهہ اوهانجن ڏينهن ۾، يا اوهان جي ابن ڏاڏن جي ڏينهن ۾ ٿي آهي؟</verse>
				<verse number="3">اوهين اُها پنهنجي اولاد کي ٻڌايو ۽ اوهان جا ٻار وري ٻيءَ پيڙهيءَ کي ٻڌائين.</verse>
				<verse number="4">تہ جيڪي تڏين بچايو آهي سو مڪڙن کاڌو آهي؛ ۽ جيڪي مڪڙن ڇڏيو آهي سو سُري کاڌو آهي؛ ۽ جيڪي سُري ڇڏيو آهي سو سوٻٽن کاڌو آهي.</verse>
				<verse number="5">اي نشئي جاڳو، ۽ ماتم ڪريو. اي نشي باز، اوهين سڀ مٺي شراب جي ڪري روئو، ڇالاءِ جو اهو اوهان جي وات کان کسيو ويو آهي.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو هڪڙي زور واري ۽ وڏي قوم منهنجي ملڪ تي چڙهي آئي آهي؛ هن جا ڏند شينهن جا ڏند آهن، ۽ هن جي ڏاٺ وڏي شينهن جهڙي آهي.</verse>
				<verse number="7">هن منهنجو انگورستان ويران ڪري ڇڏيو آهي، ۽ منهنجي انجير جي وڻ جا ڇوڏا لاهي ڇڏيا اٿس: هن انهي کي بلڪل اُگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڪيرائي ڦٽو ڪيو اٿس؛ انهيءَ جون ٽاريون اڇيون ٿي ويون آهن.</verse>
				<verse number="8">اوهين اُنهيءَ ڪنواريءَ وانگي ماتم ڪريو جنهن پنهنجي جواني واري مڙس لاءِ کٿو ڍڪيو هجي.</verse>
				<verse number="9">کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني خداوند جي گهر کان وڍجي ويئي آهي؛ ڪاهن، جي خداوند جا خادم آهن، سي ماتم ڪندا.</verse>
				<verse number="10">ٻني ويران ٿي ويئي آهي، ملڪ ماتم ٿو ڪري، ڇالاءِ جو اَن زيان ٿيو آهي، نئون شراب سُڪي ويو آهي، تيل گهٽجي ويو آهي.</verse>
				<verse number="11">اي ڪڙمي، اوهين ڪڻڪ ۽ جَوَن جي لاءِ شرمندا ٿيندا، اي ڊاک جا باغبان، اوهين واويلا مچايو؛ ڇالاءِ جو ٻنيءَ جو فصل چٽ ٿي ويو آهي.</verse>
				<verse number="12">ڊاک ڪومائجي ويئي آهي، ۽ انجير جو وڻ سُڪي رهيو آهي؛ ڏاڙهونءَ جو وڻ، ۽ کجيءَ جو وڻ، ۽ صوف جو وڻ، بلڪ ميدان جا سڀ وڻ ڪومائجي ويا آهن: ۽ بني آدم وٽان خوشي گم ٿي ويئي آهي.</verse>
				<verse number="13">اي ڪاهن، اوهين کٿا چيلهہ سان ٻڌو ۽ ماتم ڪريو؛ اي قربانگاهہ جا خدمتگار، واويلا ڪريو؛ اي منهنجي خدا جا خدمتگار، سڄي رات کٿي ۾ سمهو، ڇالاءِ جو کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني اوهان جي خدا جي گهر کان روڪي ويئي آهي.</verse>
				<verse number="14">هڪڙو خاص روزو مقرر ڪريو، ۽ سڄي جماعت کي گڏ ڪريو، بزرگن ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن کي خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ گڏ ڪريو، ۽ خداوند کي پڪاريو.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن ويجهو آهي، ۽ اُهو ائين ايندو جيئن خرابيءَ جو ڏينهن قادر مطلق کان اچي، انهي ڏينهن جي لاءِ افسوس آهي!</verse>
				<verse number="16">اسان جي اکين اڳيان کاڌو ڪَپيو نہ ويو آهي ڇا، هائو، خوشي ۽ سرهائي اسان جي خدا جي گهر کان وڍي نہ ويئي آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="17">ٻج مٽيءَ جي ڀترن هيٺان سڙي ڪِنو ٿو ٿئي؛ اَن جا انبارخانا ويران پيا آهن، ڀنڊار ڀڳا پيا آهن؛ ڇالاءِ جو فصل سُڪي ويو آهي.</verse>
				<verse number="18">جانور ڪيئن نہ پيا سهڪن! ڍورن جا گلا حيران پريشان آهن؛ ڇالاءِ جو هنن کي چارو ڪونهي؛ هائو، رڍن جا ڌڻ سُڃا ڪيا ويا آهن.</verse>
				<verse number="19">اي خداوند آءٌ تنهنجي اڳيان فرياد ٿو ڪريان: ڇالاءِ جو باهہ بيابان جا چراگاهہ ڳهي ڇڏيا آهن، ۽ شعلن جهنگ جا سڀ وڻ ساڙي ڇڏيا آهن.</verse>
				<verse number="20">هائو، جهنگ جا مرون تنهنجي اڳيان سهڪن ٿا: ڇالاءِ جو پاڻيءَ جون نهرون سُڪي ويون آهن، ۽ باهہ بيابان جا چراگاهہ ڳهي ڇڏيا آهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">اوهين صيون ۾ قرناءِ وڄايو، ۽ منهنجي پاڪ جبل تي خوف جي خبر ڏيو؛ ڀلي تہ ملڪ جا سڀ رهاڪو ڏڪي وڃن: ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن اچي ٿو، اهو تمام ويجهو آهي؛</verse>
				<verse number="2">اونداهيءَ ۽ انڌاري جو ڏينهن، بادل ۽ گُگهہ اونداهيءَ جو ڏينهن؛ جيئن پرهہ ڦٽي جبلن تي پکڙندي آهي، تيئن هڪڙي وڏي ۽ زور واري قوم، جنهن جهڙي نہ اڳي ڪڏهن ڪا ٿي آهي ۽ نہ وري هن کانپوءِ گهڻين پيڙهين تائين ڪڏهن ڪا ٿيندي، اچي ٿي.</verse>
				<verse number="3">هنن جي اڳيان باهہ کائيندي ٿي وڃي، ۽ هنن جي پٺيان هڪڙو مچ پيو ٻري: زمين هنن جي اڳيان عدن جي باغ جهڙي آهي ۽ هنن جي پٺيان هڪڙو ويران بيابان آهي؛ هائو، ۽ ڪوبہ هنن کان ڀڄي نہ ڇُٽو آهي.</verse>
				<verse number="4">هنن جي ظاهري صورت گهوڙن جي صورت جهڙي آهي؛ ۽ جيئن جنگي گهوڙا ڊوڙندا آهن تيئن هو بہ ڊوڙن ٿا.</verse>
				<verse number="5">هو ائين ٽپن ٿا جيئن جبلن جي چوٽين تي گاڏين جو گوڙ ٿيندو آهي، جيئن بهہ سڙڻ ۾ باهہ جا شعلا آواز ڪندا آهن، جيئن زور وارا ماڻهو صفون ٻڌي جنگ ڪندا آهن.</verse>
				<verse number="6">هنن جي روبرو قومون مصيبت ۾ آهن: سڀ منهن ڦڪا ٿي ويا آهن.</verse>
				<verse number="7">هو بهادر مردن وانگي ڊوڙن ٿا؛ هو جنگي مردن وانگي ڀت تي چڙهن ٿا؛ هرڪو سڌو قطار ۾ هلي ٿو، ۽ هو پنهنجون صفون نٿا ڀڃن؛</verse>
				<verse number="8">۽ نہ هڪڙو ٻئي کي ڌڪيلي ٿو؛ هرڪو پنهنجي واٽ تي هليو هلي: ۽ هو هٿيارن منجهان زور سان لنگهيو هليا وڃن، ۽ پنهنجي رستي کان ڇڄي پري نٿا وڃن،</verse>
				<verse number="9">هو شهر تي ٽپي اچن ٿا؛ هو ڀت تي ڊوڙن ٿا؛ هو مٿان چڙهي گهرن منجهہ اچن ٿا؛ هو چور وانگي يردن مان لنگهي اچن ٿا.</verse>
				<verse number="10">زمين هنن جي اڳيان ڌٻي وڃي ٿي؛ آسمان ڏڪن ٿا: سج ۽ چنڊ لڙاٽجي ٿا وڃن، ۽ تارا پنهنجي روشنائي بند ڪري ٿا ڇڏين:</verse>
				<verse number="11">۽ خداوند پنهنجي لشڪر جي اڳيان پنهنجو آواز ٻڌائي ٿو؛ ڇالاءِ جو هن جي لشڪرگاهہ وڏي آهي؛ ۽ اُهو جيڪو هن جي حڪم جي تعميل ٿو ڪري سو مضبوط آهي: ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن وڏو ۽ تمام خوفناڪ آهي، ۽ ڪير اُهو سهي سگهندو؟</verse>
				<verse number="12">انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ هينئر بہ اوهين پنهنجي سموري دل سان، ۽ روزي ۽ روڄ، ۽ ماتم سان مون ڏي ڦرو:</verse>
				<verse number="13">۽ پنهنجي ڪپڙن کي نہ، بلڪ پنهنجي دل کي ڦاڙيو، ۽ خداوند پنهنجي خدا ڏي ڦرو: ڇالاءِ جو هو مهربان ۽ رحم ڀريو آهي، ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو آهي؛ وٽس گهڻي رحمت آهي، ۽ هو غضب ڪرڻ کان ڦري ٿو.</verse>
				<verse number="14">ڪنهن کي خبر تہ هو نہ ڦرندو ۽ پنهنجي پٺيان برڪت نہ ڇڏي ويندو، يعني خداوند اوهان جي خدا لاءِ کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني؟</verse>
				<verse number="15">صيون ۾ قرناءِ وڄايو ۽ هڪڙو روزو مقرر ڪريو، جماعت گڏ ڪريو:</verse>
				<verse number="16">ماڻهو ميڙيو، جماعت خاص طرح مقرر ڪريو، بزرگن کي گڏ ڪريو؛ ٻار ۽ کير پياڪ معصوم گڏ ڪريو: ڀلي گهوٽ پنهنجي ڪوٺيءَ مان، ۽ ڪنوار پنهنجي خلوت مان نڪري اچي.</verse>
				<verse number="17">ڀلي تہ ڪاهن، جي خداوند جا خدمتگار آهن، سي ڏيڍيءَ ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾ روئن، ۽ چون تہ اي خداوند پنهنجي قوم کي معاف ڪر، ۽ پنهنجي ميراث تي اُها خواري نہ آڻ تہ قومون انهن تي حڪم هلائين: ڇو هو قومن جي وچ ۾ چون تہ هنن جو خدا ڪٿي آهي؟</verse>
				<verse number="18">تڏهن خداوند کي پنهنجي ملڪ جي لاءِ غيرت آئي، ۽ پنهنجي قوم تي رحم ڪيائين.</verse>
				<verse number="19">۽ خداوند ورندي ڏيئي پنهنجي قوم کي چيو، تہ ڏسو آءٌ اوهان ڏي اَن ۽ شراب ۽ تيل موڪليندس، ۽ اُنهن سان اوهين ڍاپي پوندا: ۽ آءٌ اڳتي وري اوهان کي قومن ۾ خوار نہ ڪندس:</verse>
				<verse number="20">پر آءٌ اُنهيءَ اُتر واري لشڪر کي اوهان کان پري ڪڍي ڇڏيندس، ۽ هن کي هڪڙي ويران ۽ غير آباد زمين ۾ هڪالي ڪڍندس: هن جو اڳ وارو ڀاڱو اُڀرندي واري سمنڊ ۾ هوندو، ۽ هن جو پٺ وارو ڀاڱو اُلهندي واري سمنڊ ۾؛ ۽ هن جي ڌپ چڙهندي ۽ هن جي بدبوءِ اُٿندي، ڇالاءِ جو هن وڏي گستاخي ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="21">اي ملڪ نہ ڊڄ، سرهو ٿيءُ ۽ خوشي ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند وڏا وڏا ڪم ڪيا آهن.</verse>
				<verse number="22">اي جهنگ جا جانور نہ ڊڄو؛ ڇالاءِ جو بيابان جا چراگاهہ ساوا ٿيا آهن، ۽ وڻن پنهنجو ڦر جهليو آهي؛ انجير جو وڻ ۽ ڊاک پنهنجي طاقت پيدا ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="23">تڏهن اي بني صيون اوهين سرها ٿيو ۽ خداوند پنهنجي خدا جي ڪري خوشي ڪريو: ڇالاءِ جو هو اوهان کي آڳاٽو مينهن پوري انداز ۾ ڏئي ٿو، ۽ هو اوهان جي لاءِ مينهن وسائي ٿو، جهڙو اڳيون تهڙو پويون، جيئن اڳي هوندو هو.</verse>
				<verse number="24">۽ پڙ ڪڻڪ سان ڀرجي ويندا، ۽ دنگ شراب ۽ تيل سان ڀرجي اُٿلي پوندا.</verse>
				<verse number="25">۽ آءٌ اوهان کي اُهي سال موٽائي ڏيندس جن جا فصل مڪڙ، ۽ سرا، ۽ سوٻٽ، ۽ تڏيون کائي ويون آهن، يعني اُهو وڏو لشڪر جو مون اوهان وٽ موڪليو.</verse>
				<verse number="26">۽ اوهين ججهو کائيندا ۽ ڍءُ ڪندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي نالي جي تعريف ڪندا، جنهن اوهان سان اهڙي عجيب هلت ڪئي آهي: ۽ منهنجي قوم ڪڏهن بہ شرمندي نہ ٿيندي.</verse>
				<verse number="27">۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ اسرائيل جي وچ ۾ آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي: ۽ منهنجي قوم ڪڏهن بہ شرمندي نہ ٿيندي.</verse>
				<verse number="28">۽ انهي کانپوءِ هيئن ٿيندو تہ آءٌ پنهنجو روح سڀني انسانن تي اوتي وجهندس؛ ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئون نبوت ڪنديون، اوهان جا ٻڍا ماڻهو خواب لهندا، ۽ اوهان جا جوان ماڻهو رويا ڏسندا.</verse>
				<verse number="29">۽ اُنهن ڏينهن ۾ آءٌ پنهنجو روح ٻانهن ۽ ٻانهين تي اوتي وجهندس.</verse>
				<verse number="30">۽ آءٌ آسمانن ۽ زمين تي عجيب ڪم ظاهر ڪندس، يعني رت ۽ باهہ ۽ دونهين جا ٿنڀ.</verse>
				<verse number="31">سج ڦري اونداهي ٿي ويندو، ۽ چنڊ بدلجي رت ٿي پوندو: اهو سڀ خداوند جي وڏي ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ کان اڳي ٿيندو.</verse>
				<verse number="32">۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو بہ خداوند جو نالو وٺي سڏيندو، انهي کي ڇوٽڪارو ملندو: ڇالاءِ جو صيون جي جبل ۾ ۽ يروشلم ۾، جيئن تہ خداوند فرمايو آهي، اُهي وڃي بچندا جي ڀڄي ڇُٽندا، ۽ باقي بچيلن ۾ اُهي جن کي خدا سڏي ٿو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">ڇالاءِ جو ڏسو، اُنهن ڏينهن ۾ ۽ انهي وقت، جڏهن آءٌ يهوداہ ۽ يروشلم جا قيدي موٽائي آڻيندس،</verse>
				<verse number="2">تڏهن آءٌ سڀ قومون گڏ ڪندس، ۽ سڀني کي يهوسفط جي واديءَ ۾ لاهيندس؛ ۽ اُتي آءٌ پنهنجي اُمت جي لاءِ، ۽ پنهنجي ميراث اسرائيل جي لاءِ ساڻن حجت دليل ڪندس، جو هنن انهن کي قومن ۾ پکيڙي ڇڏيو آهي ۽ منهنجي زمين ورهائي ڇڏي اٿن.</verse>
				<verse number="3">۽ هنن منهنجي قوم لاءِ ڪُڻا وڌا آهن: ۽ هڪ ڪڃري لاءِ هڪ ڇوڪر ڏنو اٿن، ۽ شراب پيئڻ جي لاءِ ڇوڪري وڪڻي اٿن.</verse>
				<verse number="4">هائو، اي صور ۽ صيدا ۽ فلستيہ جا سڀ علائقا، اوهين منهنجي لاءِ ڇا آهيو؟ اوهين ڪو مون کي بدلو ڏيندا ڇا؟ ۽ جي اوهين ڏيندا، تہ ستت ئي ۽ سگهو ئي آءٌ اُهو اوهان جو بدلو خود اوهان جي سر تي آڻيندس.</verse>
				<verse number="5">اوهان منهنجو روپو ۽ منهنجو سون کنيو آهي، ۽ منهنجون عمديون شيون پنهنجن مندرن ۾ کڻي ويا آهيو؛</verse>
				<verse number="6">اوهان يهوداہ ۽ يروشلم جو اولاد بہ يونانين وٽ وڪڻيو آهي، انهي لاءِ تہ هنن کي سندن سرحدن کان پري نيو:</verse>
				<verse number="7">ڏسو، جنهن هنڌ اوهان هنن کي وڪڻي ڇڏيو آهي، انهيءَ هنڌان آءٌ هنن کي اُٿاريندس، ۽ اوهان جو بدلو خود اوهان جي سر تي آڻيندس.</verse>
				<verse number="8">۽ آءٌ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئون يهوداہ جي اولاد جي هٿ وڪڻندس، ۽ اُهي اُنهن کي سبا جي ماڻهن وٽ، يعني هڪڙي پرانهين قوم وٽ وڪڻندا: ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="9">اها ڳالهہ اوهين قومن ۾ پڌري ڪريو؛ جنگ جي تياري ڪريو؛ بهادر مردن کي اُٿاريو؛ سڀني جنگي ماڻهن کي ڇڏيو تہ ويجهو اچن، ۽ جنگ ڪن.</verse>
				<verse number="10">پنهنجن هرن جي ڦارن کي ڪٽي ترارون ٺاهيو ۽ ڏاٽن کي ڀڃي ڀالا ٺاهيو: ڀلي هيڻو چوي تہ آءٌ زور ڀريو آهيان.</verse>
				<verse number="11">آس پاس واريون سڀ قومون، اوهين جلدي اچو، ۽ اچي پاڻ ۾ گڏ ٿيو: اي خداوند تون پنهنجا پهلوان اُتي لاهي آڻ.</verse>
				<verse number="12">ڀلي سڀ قومون اُٿي يهوسفط جي واديءَ ۾ گڏ ٿين: ڇالاءِ جو اُتي آءٌ آس پاس جي سڀني قومن جي عدالت ڪرڻ لاءِ ويهندس.</verse>
				<verse number="13">ڏاٽو وجهو، ڇالاءِ جو فصل پڪو آهي: اوهين اچو ۽ لتاڙيو؛ ڇالاءِ جو شراب جو حوض ٽمٽار آهي؛ بلڪ اُٿلي پيو آهي؛ ڇاڪاڻ تہ هنن جي شرارت وڏي آهي.</verse>
				<verse number="14">فيصلي واري واديءَ ۾ خداوند جو ڏينهن ويجهو آهي.</verse>
				<verse number="15">سج ۽ چنڊ لڙاٽجي ٿا وڃن ۽ تارا پنهنجي روشنائي بند ڪري ٿا ڇڏين.</verse>
				<verse number="16">۽ خداوند صيون مان گجگار ڪندو ۽ يروشلم مان پنهنجو آواز ٻڌائيندو؛ ۽ آسمان ۽ زمين ڏڪي ويندا: پر خداوند پنهنجي قوم جي پناهہ ٿيندو ۽ بني اسرائيل لاءِ مضبوط قلعو ٿيندو.</verse>
				<verse number="17">تڏهن اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، ۽ پنهنجي پاڪ جبل صيون ۾ ٿو رهان: تڏهن يروشلم پاڪ ٿيندو ۽ اڳتي وري ڪي بہ ڌاريا ماڻهو انهيءَ منجهان نہ لنگهندا.</verse>
				<verse number="18">۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ جبلن تان مٺو شراب وهندو، ۽ ٽڪرين مان کير جون نديون وهنديون، ۽ يهوداہ جون سڀ نهرون پاڻيءَ سان وهنديون؛ خداوند جي گهر مان هڪڙو چشمو نڪرندو ۽ شطيم جي واديءَ کي ريج ڏيندو.</verse>
				<verse number="19">مصر ويران ٿي ويندو، ۽ ادوم بيابان ٿي ويندو، ڇو جو هنن بني يهوداہ سان ظلم ڪيو آهي ۽ ڇالاءِ تہ هنن، هنن جي ملڪ ۾ بيگناهہ رت وهايو آهي.</verse>
				<verse number="20">پر يهوداہ هميشہ لاءِ آباد رهندو ۽ يروشلم پيڙهي بہ پيڙهي.</verse>
				<verse number="21">۽ آءٌ هنن جو رت پاڪ ڪندس، جو هيستائين پاڪ نہ ڪيو اٿم: ڇالاءِ جو خداوند صيون ۾ رهي ٿو.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="30">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">تقوع جي ڌنارن مان، عاموس جون ڳالهيون، جي اسرائيل بابت يهوداہ جي بادشاهہ عزياہ جي ڏينهن ۾، ۽ اسرائيل جي بادشاهہ يربعام بن يوآس جي ڏينهن ۾، ۽ زلزلي کان ٻہ ورهيہ اڳي هن تي نازل ٿيون.</verse>
				<verse number="2">۽ هن چيو تہ خداوند صيون مان گجندو، ۽ يروشلم مان پنهنجو آواز ٻڌائيندو؛ ريڍارن جا چراگاهہ ماتم ڪندا، ۽ ڪرمل جي چوٽي ڪومائجي ويندي.</verse>
				<verse number="3">خداوند ٿو فرمائي تہ دمشق جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن جلعاد کي لوهہ جي ڳاهڻ وارن اوزارن سان ڳاهيو آهي:</verse>
				<verse number="4">پر آءٌ حزائيل جي گهراڻي ۾ باهہ موڪليندس ۽ اها بن هدد جا محلات ساڙي ڇڏيندي.</verse>
				<verse number="5">۽ آءٌ دمشق جا گز ڀڃي ڇڏيندس، ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي تنهن کي آون جي واديءَ مان وڍي ڇڏيندس؛ ۽ جيڪو شاهي چوب جهليو ويٺو آهي تنهن کي عدن جي گهر مان وڍي ڇڏيندس: ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ ارام جا ماڻهو قيد ٿي قير تائين ويندا.</verse>
				<verse number="6">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ غزہ جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هو سڄي قوم کي قيد ڪري وٺي ويا، تہ انهن کي ادوم جي حوالي ڪن:</verse>
				<verse number="7">پر آءٌ غزہ جي ڀت تي باهہ موڪليندس، ۽ اها سندن محلات ساڙي ڇڏيندي.</verse>
				<verse number="8">۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي تنهن کي اشدود مان وڍي ڇڏيندس؛ ۽ جيڪو شاهي چوب جهليو ويٺو آهي تنهن کي اسقلون مان؛ ۽ آءٌ پنهنجو هٿ عقرون جي برخلاف ڦيرائيندس، ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ فلستين جا باقي بچيل ماڻهو چٽ ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="9">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ صور جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن سڄي قوم قيد ڪري ادوم جي حوالي ڪئي، ۽ برادريءَ وارو عهد اقرار ياد نہ ڪيائين.</verse>
				<verse number="10">پر آءٌ صور جي ڀت تي باهہ موڪليندس ۽ اُها سندن محلات ساڙي ڇڏيندي.</verse>
				<verse number="11">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ادوم جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هو ترار سان پنهنجي ڀاءُ جي پٺيان پيو، ۽ رحم کي اُڇلائي ڇڏيائين: ۽ سندن ڪاوڙ هميشہ پئي ڦاڙيو، ۽ هن پنهنجو غصو هميشہ لاءِ رکي ڇڏيو:</verse>
				<verse number="12">پر آءٌ تيمان تي باهہ موڪليندس ۽ اُها بصرا جا محلات ساڙي ڇڏيندي.</verse>
				<verse number="13">خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ بني عمون جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن جلعاد جي ڍڪيل زالن جا پيٽ ڦاڙيا آهن، تہ هو پنهنجي سرحد وڌائين:</verse>
				<verse number="14">پر آءٌ ربہ جي ڀت تي باهہ ٻاريندس ۽ اُها سندن محلات ساڙي ڇڏيندي؛ جنگ جي ڏينهن رڙين سان، ۽ حرارت جي ڏينهن طوفان سان،</verse>
				<verse number="15">هنن جو بادشاهہ پنهنجي اميرن سوڌو قيد ٿي ويندو، خداوند ائين ٿو فرمائي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ موآب جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن ادوم جي بادشاهہ جا هڏا ساڙي چُن ٺاهيو:</verse>
				<verse number="2">پر آءٌ موآب تي باهہ موڪليندس ۽ اُها قريوت جا محلات ساڙيندي؛ ۽ موآب گوڙ گڙٻڙ سان، رڙين سان ۽ قرناءِ جي آواز سان مرندو.</verse>
				<verse number="3">۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن جي وچ مان قاضيءَ کي وڍي ڇڏيندس، ۽ سندن سڀ امير ساڻس گڏ ڪُهي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="4">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ يهوداہ جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ تہ هنن خداوند جي شريعت رد ڪري ڇڏي آهي ۽ سندس قاعدن تي نہ هليا آهن، ۽ سندن ڪوڙن، جنهن تي هو پاڻ ۽ سندن ابا ڏاڏا هليا آهن، کين گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="5">پر آءٌ يهوداہ تي باهہ موڪليندس ۽ اُها يروشلم جا محلات ساڙي ڇڏيندي.</verse>
				<verse number="6">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن سچار کي چانديءَ لاءِ وڪڻيو آهي ۽ محتاج کي جُتيءَ جي جوڙي لاءِ:</verse>
				<verse number="7">هو غريبن جي مٿي جي مٽيءَ جي لالچ ۾ پيا سهڪن، ۽ حليمن کي سندن راهہ کان ٿا ڦيرائين: ۽ پيءُ ۽ پٽ ٻئي ساڳي ڇوڪريءَ وٽ وڃي، منهنجي پاڪ نالي کي ناپاڪ ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="8">۽ سڀ ڪنهن قربانگاهہ جي پاسي ۾ گروي ورتل ڪپڙن تي ليٽن ٿا، ۽ پنهنجي خدا جي گهرن ۾، جن تي ڏنڊ پيل آهي، تن جو شراب ٿا پيئن.</verse>
				<verse number="9">مون سندن آڏو انهيءَ اموريءَ کي ناس ڪيو جنهن جو قد ديودار جي قد جيڏو هو، ۽ جو شاهہ بلوطن جهڙو مضبوط هو، انهي هوندي بہ مون مٿان سندس ميوو ۽ هيٺان سندس پاڙون ناس ڪيون.</verse>
				<verse number="10">مون اوهان کي مصر جي ملڪ مان بہ ڪڍي آندو، ۽ اوهان کي چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ گهمايم، تہ اوهين امورين جي زمين جا مالڪ ٿيو.</verse>
				<verse number="11">۽ مون اوهانجن پٽن مان نبي، ۽ اوهانجن جوانن مان نذيري اُٿاريا. خداوند ٿو فرمائي، تہ اي بني اسرائيل، ائين ناهي ڇا؟</verse>
				<verse number="12">پر اوهان نذيرين کي شراب پياريو؛ ۽ نبين کي حڪم ڏيئي چيو تہ نبوت نہ ڪريو.</verse>
				<verse number="13">ڏسو، آءٌ اوهان کي اوهان جي جاءِ تي ائين چپيندس جيئن ڪا گڏن سان ڀريل گاڏي چپيندي آهي.</verse>
				<verse number="14">تکي ڊوڙڻ واري کان ڀڄڻ جي طاقت هلي ويندي، ۽ زوراور پنهنجو زور لڳائي نہ سگهندو، نڪي بهادر پاڻ کي بچائي سگهندو:</verse>
				<verse number="15">نڪي اُهو بيهندو جو ڪمان ٿو ڪم آڻي، ۽ جيڪو پيرن جو تکو آهي سو پاڻ کي بچائي نہ سگهندو، نڪي گهوڙي سوار پاڻ کي بچائي سگهندو.</verse>
				<verse number="16">خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪو بهادرن ۾ همت وارو آهي، سو انهي ڏينهن اُگهاڙو ڀڄي ويندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">اي بني اسرائيل، هي ڪلام ٻڌ، جو خداوند اوهان جي برخلاف فرمايو آهي، ۽ انهن سڀني قبيلن جي برخلاف، جن کي هن مصر جي زمين مان ڪڍي آندو:</verse>
				<verse number="2">زمين جي سڀني قبيلن مان رڳو اوهان کي مون سڃاتو آهي: تنهنڪري آءٌ اوهان کي اوهانجن سڀني گناهن جي سزا ڏيندس.</verse>
				<verse number="3">ڀلا ٻہ ماڻهو پاڻ ۾ ٺاهہ ڪرڻ کان سواءِ گڏ هلي سگهندا ڇا؟</verse>
				<verse number="4">يا شينهن ڪو ٻيلي ۾ گجندو ڇا، جي هن کي ڪو شڪار نہ لڌو هوندو؟ يا جوان شينهن پنهنجي غار مان ڪو آواز ڪندو ڇا، جي ڪي بہ ڪين جهليو هوندائين؟</verse>
				<verse number="5">پکي ڪو زمين تي ڦندي ۾ ڦاسندو ڇا، جي اُتي سندس لاءِ ڪو دام نہ رکيو ويو هوندو؟ جي ڦانڌي ۾ ڪجهہ نہ ڦاسندو تہ اُها ڪا مٿي ٽپندي ڇا؟</verse>
				<verse number="6">ڇا ڪنهن شهر ۾ قرناءِ وڄائي ويندي ۽ ماڻهو نہ ڊڄندا؟ ڪنهن شهر تي ڪا مصيبت اچي پوندي، ۽ خداوند اُها نہ موڪلي هوندي ڇا؟</verse>
				<verse number="7">يقين آهي تہ خداوند ڪي بہ ڪين ڪندو، پر هو پنهنجو ڳجهہ پنهنجن ٻانهن نبين کي ظاهر ڪري ٻڌائيندو:</verse>
				<verse number="8">شينهن گجيو آهي، ڪير نہ ڊڄندو؟ خداوند خدا فرمايو آهي، ڪير نبوت نہ ڪندو؟</verse>
				<verse number="9">اشدود جي محلاتن ۾، ۽ مصر جي محلاتن ۾، اوهين پڌرائي ڪريو، ۽ چئو تہ اوهين سامريہ جي جبلن ۾ گڏ ٿيو ۽ جيڪي وڏا هنگاما ۽ ظلم انهيءَ ۾ آهن، سي ڏسو.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو تہ هو چڱائي ڪرڻ نٿا ڄاڻن، ۽ پنهنجن محلاتن ۾ هو زبردستي ۽ ڦرمار ڪري رکن ٿا.</verse>
				<verse number="11">تنهنڪري خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ انهي ملڪ جي چوڌاري هڪڙو دشمن ايندو، ۽ اهو تنهنجو زور کسي وٺندو، ۽ تنهنجا محلات لٽجي ويندا.</verse>
				<verse number="12">خداوند ٿو فرمائي، تہ جيئن ڌنار شينهن جي وات مان ٻہ ٽنگون يا ڪن جو ٽڪر ڇڏائي ٿو، تيئن ماڻهو اسرائيل جي سامريہ ۾ پلنگن ۽ ريشمي گادين تي ويٺا آهن، سي بہ ڇڏيا ويندا.</verse>
				<verse number="13">اوهين ٻڌو، ۽ يعقوب جي گهراڻي جي برخلاف شاهدي ڏيو؛ خداوند خدا لشڪرن جو خدا ائين ٿو فرمائي.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن آءٌ اسرائيل جي گناهن جي کين سزا ڏيندس، انهيءَ ڏينهن آءٌ بيت ايل جي قربانگاهن کي بہ سزا ڏيندس، ۽ قربانگاهہ جا سڱ وڍيا ويندا، ۽ زمين تي ڪِري پوندا.</verse>
				<verse number="15">آءٌ سياري واري گهر کي اونهاري واري گهر سان تباهہ ڪندس، ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ عاج جا گهر چٽ ٿي ويندا ۽ وڏا گهر ناس ٿي ويندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">بسن جون ڍڳيون، جي سامريہ جي جبلن ۾ آهن، جي غريبن کي ستائين ٿيون ۽ مسڪينن کي چٿين ٿيون، ۽ پنهنجن مڙسن کي ٿيون چون تہ کڻي اچو تہ پيون، اوهين اهو ڪلام ٻڌو.</verse>
				<verse number="2">خداوند خدا پنهنجي پاڪيزگيءَ جو قسم کنيو آهي، تہ ڏس، اُهي ڏينهن اوهان تي ايندا تہ هو اوهان کي ڪُنڍن سان ڦاسائي ويندا، ۽ جيڪي اوهان مان باقي بچنديون، تن کي مڇين مارڻ وارين ڪُنڍين سان پڪڙيندا.</verse>
				<verse number="3">۽ اوهين ڀت جي ڦاٽن مان ٻاهر نڪري وينديون، هرڪا سنئين پنهنجي اڳيان ويندي، ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ، اوهين هارمون ۾ اُڇلايون وينديون.</verse>
				<verse number="4">بيت ايل ۾ اچو ۽ گناهہ ڪريو، جلجال ۾ اچو ۽ گناهہ وڌايو، هر صبح پنهنجون قربانيون چاڙهيو، ۽ هر ٽئين ڏينهن پنهنجون ڏهاڪيون آڻيندا رهو.</verse>
				<verse number="5">۽ پنهنجي شڪرگذاريءَ جي قرباني خمير سان ادا ڪريو، ۽ خوشي جون قربانيون پڌريون ڪريو، ۽ انهن جو اشتهار ڪريو، ڇالاءِ جو اي بني اسرائيل، خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اهو اوهان کي پسند آهي.</verse>
				<verse number="6">پر مون اوهان کي اوهانجن سڀني شهرن ۾ ڏندن جي صفائي ڏني آهي، ۽ اوهانجن سڀني مڪانن ۾ مانيءَ جي گهٽتائي، انهيءَ هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.</verse>
				<verse number="7">۽ جڏهن اڃا فصل جي لهڻ ۾ ٽي مهينا پيا هئا، تڏهن مون اوهان کان مينهن بہ روڪي ڇڏيو: ۽ مون هڪڙي شهر تي مينهن وسايو ۽ ٻئي شهر تي مينهن نہ وسايو: هڪڙي زمين جي ٽڪر تي مينهن پيو، ۽ جنهن ٽڪر تي مينهن نہ پيو سو سڙي سُڪي ويو.</verse>
				<verse number="8">انهي ڪري ٻہ يا ٽي شهر پاڻي پيئڻ لاءِ رلندا، هڪڙي شهر ۾ آيا، پوءِ بہ ڍءُ نہ ٿين: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.</verse>
				<verse number="9">مون اوهان کي جهوٽي ۽ رتيءَ سان ضربيو: اوهانجن گهڻن باغن، ۽ ڊاک جي منهن، ۽ اوهان جي انجير جي وڻن، ۽ زيتون جي وڻن کي ڪينئون کائي چٽ ڪري ويو: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.</verse>
				<verse number="10">مون اوهان ۾ مري موڪلي آهي، جيئن ڪ مصر ۾ موڪلي هيم: اوهان جي جوانن کي مون ترار سان قتل ڪيو آهي ۽ اوهان جا گهوڙا قيد ڪرايا اٿم؛ ۽ اوهان جي لشڪرگاهہ جي بدبوءِ اوهانجين ناسن تائين آندي اٿم: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.</verse>
				<verse number="11">مون اوهان مان ڪن کي اونڌو ڪري ڪيرايو آهي، جيئن اڳي خدا سدوم ۽ عمورہ کي ڪيرايو، ۽ اوهين ٻرندڙ باهہ مان اُماڙي وانگي ڇڪي ڪڍيا ويا آهيو: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري اي اسرائيل، آءٌ توسان ائين ڪندس؛ ۽ جڏهن توسان ائين ئي ڪرڻو اٿم، تڏهن اي اسرائيل، تون پنهنجي خدا سان گڏجڻ لاءِ تيار ٿيءُ.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو ڏس، جيڪو جبل جوڙي ٿو، ۽ واءُ پيدا ڪري ٿو، ۽ ماڻهوءَ کي سندس دل جي ڳالهہ ٻڌائي ٿو، جو صبح کي ڦيرائي اونداهي ڪري ٿو، ۽ زمين جي مٿانهين جاين تي هلي ٿو؛ خداوند، لشڪرن جو خدا انهي جو نالو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهين هي ڪلام ٻڌو جو آءٌ اوهان جي لاءِ مرثئي طور کڻان ٿو.</verse>
				<verse number="2">اسرائيل جي ڪنواري ڪِري پيئي آهي؛ اُها وري نہ اُٿندي: اُها پنهنجي ملڪ ۾ اُڇلائي ويئي آهي؛ ڪوبہ هن کي اُٿارڻ وارو ڪونهي.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ جنهن شهر مان هڪ هزار نڪرندا هئا، تنهن ۾ باقي هڪ سؤ وڃي بچيا آهن؛ ۽ جنهن مان هڪ سؤ نڪرندا هئا، تنهن مان اسرائيل جي گهراڻي لاءِ ڏهہ وڃي بچيا آهن.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جي گهراڻي کي ٿو فرمائي، تہ منهنجا طالب ٿيو تہ جيئرا رهندا:</verse>
				<verse number="5">پر بيت ايل کي نہ ڳوليو، نڪي جلجال ۾ وڃو، نڪي بيرسبع ڏي لنگهي وڃو؛ ڇالاءِ جو يقين آهي تہ جلجال قيد ٿي ويندو ۽ بيت ايل نابود ٿي ويندو.</verse>
				<verse number="6">خداوند کي ڳوليو تہ جيئرا رهو؛ متان هو يوسف جي گهراڻي ۾ باهہ وانگي نڪري پوي ۽ ساڙي ماري ڇڏي، ۽ ڪوبہ انهي کي بيت ايل ۾ وسائي نہ سگهي:</verse>
				<verse number="7">اوهين جي عدالت کي ڦيرائي ڪَڙي ڪاٺي ڪري ٿا ڇڏيو، ۽ سچائيءَ کي زمين تي اُڇلائي ٿا ڇڏيو؛</verse>
				<verse number="8">انهي کي ڳوليو جو ڪتيون ۽ ٽيڙو جوڙي ٿو، ۽ گُگهہ اونداهي کي ڦيرائي صبح ڪري ٿو؛ ۽ ڏينهن کي رات وانگر اوندهہ ڪري ٿو؛ جو سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي ٿو ۽ انهي کي زمين تي اُڇلائي وجهي ٿو؛ خداوند انهي جو نالو آهي.</verse>
				<verse number="9">جو ڏاڍن تي اوچتو موت آڻي ٿو ۽ انهي ڪري قلعي تي تباهي اچي ٿي.</verse>
				<verse number="10">جيڪو دروازي ۾ بيهي ملامت ڪري ٿو، تنهن کي هو ڌڪارين ٿا؛ ۽ جيڪو سچ ٻڌائي ٿو تنهن سان هو نفرت ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="11">تنهنڪري جيترو اوهين غريبن کي لتاڙيندا، ۽ ظلم ڪري انهن جي ڪڻڪ کڻندا، اوترو اوهان جيڪي گهڙيل پٿرن جا گهر ٺاهيا آهن تن ۾ اوهين نہ رهندا، ۽ جيڪي اوهان مزي جهڙا ڊاک جا منهہ پوکيا آهن، انهن جو شراب اوهين نہ پيئندا.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ اوهان جا قصور ڪيترا گهڻا آهن، ۽ اوهان جا گناهہ ڪيترا نہ وڏا آهن؛ اوهين جي سچن کي ڏکويو ٿا، ۽ رشوت وٺو ٿا، ۽ مسڪين کي دروازي ۾ سندس حق کان هڪالي ٿا ڪڍو.</verse>
				<verse number="13">تنهنڪري جيڪو سياڻو هوندو، سو اهڙي وقت ماٺ ۾ گذاريندو؛ ڇالاءِ جو اُهو خراب وقت آهي.</verse>
				<verse number="14">نيڪيءَ کي ڳوليو، نہ بديءَ کي، تہ اوهين جيئرا رهو: تہ پوءِ خداوند لشڪرن جو خدا اوهان سان ٿيندو جيئن اوهين چئو ٿا.</verse>
				<verse number="15">بديءَ کي ڌڪاريو ۽ نيڪيءَ کي پيار ڪريو، ۽ دروازي ۾ انصاف قائم ڪريو: امڪان آهي تہ خداوند لشڪرن جو خدا يوسف جي باقي رهيلن تي مهربان ٿئي.</verse>
				<verse number="16">تنهنڪري خداوند، لشڪرن جو خدا ٿو فرمائي، تہ سڀني ڪشادن رستن تي واويلا ٿيندي؛ ۽ سڀني گهٽين ۾ هو چوندا تہ افسوس، افسوس، ۽ هو بچيلن کي ماتم ڪرڻ لاءِ سڏيندا، ۽ جيڪي اوسارڻ ۾ هوشيار آهن انهن کي روئڻ پِٽڻ لاءِ سڏيندا.</verse>
				<verse number="17">۽ سڀني ڊاک جي منهن ۾ واويلا پئجي ويندي: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ تنهنجي وچان لنگهندس.</verse>
				<verse number="18">اوهين جي خداوند جي ڏينهن جي خواهش ٿا ڪريو، تن جي لاءِ افسوس آهي! ڇو اوهين خداوند جي ڏينهن جي خواهش ٿا ڪريو؟ اُهو روشنائي نہ پر اوندهہ آهي.</verse>
				<verse number="19">جيئن ڪو ماڻهو شينهن کان ڀڳو ۽ رڇ منهن ۾ مليس؛ يا گهر ۾ ويو ۽ ڀت تي هٿ رکي ٽيڪ ڏيئي بيٺو ۽ نانگ ڏنگي ويس.</verse>
				<verse number="20">خداوند جو ڏينهن اونداهي نہ ٿيندو ڇا؟ انهيءَ ۾ روشنائي نہ پر بنا تجلي اوندهہ انڌوڪار هوندو.</verse>
				<verse number="21">آءٌ اوهانجين عيدن کي ڌڪاريان ٿو ۽ نفرت ٿو ڪريان؛ ۽ اوهانجين پاڪ جماعتن ۾ مون کي ڪابہ خوشي ڪانهي.</verse>
				<verse number="22">هائو، جيتوڻيڪ اوهين پنهنجون سوختني قربانيون ۽ کاڌي جون قربانيون منهنجي لاءِ پيش ڪندا، تہ بہ اُهي آءٌ قبول نہ ڪندس: نڪي اوهان جي ٿلهن جانورن سان سلامتيءَ جي قرباني تي ڪو ڌيان ڏيندس.</verse>
				<verse number="23">تون پنهنجن راڳن جو هُل مون کان پري ڪر؛ ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجين سارنگين جو سُر نہ ٻڌندس.</verse>
				<verse number="24">پر ڇڏيو تہ انصاف پاڻيءَ وانگي هيٺ لهي، ۽ سچائي زور ڀري نهر وانگي.</verse>
				<verse number="25">اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهان چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ منهنجي لاءِ قربانيون ۽ نذرانا آندا هئا ڇا؟</verse>
				<verse number="26">هائو، اوهين تہ ملڪوم جا تنبو، ۽ ڪيوان جا بُت، ۽ پنهنجي معبود جو تارو، جي اوهان پاڻ ٺاهيا هئا، کڻي هلندا هئا.</verse>
				<verse number="27">تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، جنهن جو نالو لشڪرن جو خدا آهي، تہ آءٌ اوهان کي قيد ڪري دمشق جي پريان موڪليندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">افسوس آهي انهن جي حال تي، جي صيون ۾ آرام سان ٿا رهن، ۽ انهن جي حال تي، جي سامريہ جي جبل ۾ صحيح سلامت آهن، ۽ انهن مشهور ماڻهن جي حال تي، جي قوم جا سردار آهن، ۽ جن وٽ اسرائيل جي گهراڻي وارا اچن ٿا!</verse>
				<verse number="2">اوهين ڪلنہ ڏي لنگهي وڃو ۽ ڏسو؛ ۽ اُتان وري وڏي حمات ڏي وڃو: پوءِ فلستين جي جات ڏي لهي وڃو: ۽ ڏسو تہ هي هنن بادشاهتن کان بهتر آهن ڇا؟ يا هنن جي سرحد اوهان جي سرحد کان وڏي آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="3">اوهين جو مصيبت جي ڏينهن کي پري ٿا ڪريو ۽ ظلم زبردستيءَ جي ڪرسيءَ کي ويجهو ٿا آڻيو؛</verse>
				<verse number="4">جي عاج جي پلنگن تي سمهو ٿا، ۽ پنهنجن بسترن تي ڊگها ٿي ليٽو ٿا؛ ۽ ڌڻن مان گهيٽا ۽ واڙي مان گابا ڪڍي کائو ٿا؛</verse>
				<verse number="5">جي سارنگيءَ جي سُر تي اجايا راڳ ڳايو ٿا، جي دائود وانگر پنهنجي لاءِ ڳائڻ وڄائڻ جا ساز رٿي بنايو ٿا؛</verse>
				<verse number="6">جي پيالن ۾ شراب پيئو ٿا، ۽ پاڻ کي عمدا تيل مکيو ٿا؛ پر جن کي يوسف جي مصيبت جو ڏک ڪونهي.</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري هاڻي جيڪي قيد ٿي ويندا، تن سان گڏ هو بہ قيد ٿي ويندا، ۽ جيڪي ڊگها ٿي سُتا هئا، تن جي خوشي گذري ويندي.</verse>
				<verse number="8">خداوند خدا پنهنجو قسم کنيو آهي، ۽ خداوند لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ يعقوب جي وڏائيءَ کي ڌڪاريان ٿو، ۽ هن جي محلاتن کان مون کي نفرت ٿي اچي؛ تنهنڪري آءٌ اُهو شهر ۽ جيڪي منجهس آهي، تنهن کي رد ڪندس.</verse>
				<verse number="9">۽ هيئن ٿيندو تہ جي هڪڙي گهر ۾ ڏهہ ماڻهو باقي هوندا تہ اُهي بہ مري ويندا.</verse>
				<verse number="10">۽ جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو مائٽ، جو هن کي ساڙڻ لاءِ کڻي ٿو، تہ گهر مان هن جا هڏا ٻاهر ڪڍي، ۽ انهي کان پڇي ٿو جو گهر جي اندرين حصي ۾ آهي تہ ڪو ٻيو بہ اڃا تو وٽ آهي ڇا، تہ هو چوندا تہ نہ؛ تڏهن هو چوندو تہ ماٺ ڪر؛ ڇالاءِ جو اسين خداوند جو نالو ئي نٿا وٺي سگهون.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو ڏس، خداوند حڪم ٿو ڪري، ۽ وڏي گهر ۾ ڦاٽ ۽ ننڍي گهر ۾ چيرون پئجي وينديون.</verse>
				<verse number="12">گهوڙا ٽڪر تي ڊوڙندا ڇا؟ اُتي ڪو ڍڳن سان هر ڪاهي سگهبو ڇا؟ اوهان عدالت ڦيرائي زهر ڪري ڇڏي آهي، ۽ سچائيءَ جو ميوو ڦيرائي ڪَڙي ڪاٺي ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="13">اوهين جي نڪمي شيءِ تي خوشي ٿا ڪريو ۽ چئو ٿا تہ اسان پنهنجي طاقت سان پنهنجي لاءِ سڱ هٿ نہ ڪيا آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="14">تنهنڪري خداوند لشڪرن جو خدا ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، ڏس آءٌ اوهان جي برخلاف هڪڙي قوم اُٿاريندس ۽ اُهي اوهان کي حمات کان شروع ڪري عربہ جي نديءَ تائين تڪليف ڏيندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">خداوند خدا مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ پوئين پوکيل فصل جي شروعات ۾ هن مڪڙ پيدا ڪيا، ۽ ڏٺم تہ بادشاهہ جي حصي لڻڻ کانپوءِ اهو پويون فصل هو، جو ڦٽي نڪتو هو.</verse>
				<verse number="2">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن زمين جو گاهہ کائي پورو ڪيو، تڏهن مون چيو، تہ اي خداوند خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ معافي ڏي: يعقوب ڪيئن بيهي سگهندو؟ ڇالاءِ جو هو ننڍو آهي.</verse>
				<verse number="3">تڏهن خداوند هن جي نسبت ۾ ڦريو، ۽ خداوند فرمايو تہ ائين نہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="4">خداوند مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ خداوند باهہ کي ساڙڻ لاءِ سڏيو؛ ۽ اُنهيءَ وڏي سمنڊ کي ڳهي ڇڏيو، ۽ ملڪ کي بہ کائي وڃي ها.</verse>
				<verse number="5">تڏهن مون چيو تہ اي خداوند خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ بس ڪر: يعقوب ڪيئن بيهي سگهندو؟ ڇالاءِ جو هو ننڍو آهي.</verse>
				<verse number="6">خداوند انهيءَ جي نسبت ۾ بہ ڦريو، ۽ خداوند فرمايو تہ ائين بہ ڪين ٿيندو.</verse>
				<verse number="7">هن مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ خداوند هڪڙي ڀت تي بيٺو آهي، جا شاهل سان جڙيل هئي، ۽ سندس هٿ ۾ شاهل هو.</verse>
				<verse number="8">۽ خداوند مون کي چيو تہ اي عاموس، تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ هڪڙو شاهل. تڏهن خداوند چيو تہ ڏس، آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جي وچ ۾ شاهل رکندس؛ آءٌ اڳتي وري هنن وٽان نہ لنگهندس:</verse>
				<verse number="9">۽ اسحاق جون مٿانهيون جايون ويران ٿينديون، ۽ اسرائيل جا پاڪ مڪان غير آباد ٿي ويندا؛ ۽ آءٌ ترار سان يربعام جي گهراڻي جي برخلاف اُٿندس.</verse>
				<verse number="10">تڏهن امصياہ بيت ايل جي ڪاهن اسرائيل جي بادشاهہ يربعام ڏي چوائي موڪليو تہ عاموس اسرائيل جي گهراڻي جي وچ ۾ تنهنجي برخلاف منصوبو ٻَڌو آهي: ۽ ملڪ هن جون ڳالهيون سهي نٿو سگهي.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو عاموس چوي ٿو تہ يربعام ترار سان مرندو، ۽ اسرائيل ضرور قيد ٿي پنهنجي ملڪ مان ڪڍيو ويندو.</verse>
				<verse number="12">امصياہ عاموس کي هيئن بہ چيو، تہ اي غيب ڏسندڙ تون وڃ، يهوداہ جي ملڪ ڏي ڀڄي وڃ، ۽ اُتي وڃي ماني کاءُ، ۽ اُتي نبوت ڪر:</verse>
				<verse number="13">پر بيت ايل ۾ وري اڳتي نبوت نہ ڪج، ڇالاءِ جو هي بادشاهہ جو پاڪ مڪان آهي، ۽ هي هڪڙو شاهي گهر آهي.</verse>
				<verse number="14">تڏهن عاموس ورندي ڏيئي امصياہ کي چيو، تہ آءٌ نبي ڪين هوس، نڪي ڪنهن نبيءَ جو پٽ آهيان، پر آءٌ هڪڙو ڌنار ۽ گولر جي وڻن جو سنڀاليندڙ هوس:</verse>
				<verse number="15">۽ خداوند مون کي ڌڻ جي پٺيان وڃڻ کان کڻي ورتو، ۽ خداوند مون کي چيو تہ وڃي منهنجي قوم اسرائيل وٽ نبوت ڪر.</verse>
				<verse number="16">تنهنڪري تون هاڻي خداوند جو ڪلام ٻڌ: تون چوين ٿو تہ اسرائيل جي برخلاف نبوت نہ ڪر، ۽ پنهنجو ڪلام اسحاق جي گهراڻي جي برخلاف نہ ٻڌاءِ؛</verse>
				<verse number="17">تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجي زال شهر ۾ هڪڙي ڪڃري ٿيندي، ۽ تنهنجا پٽ ۽ تنهنجون ڌيئرون ترار سان مرندا، ۽ تنهنجي زمين ڏور سان ورهائي ويندي؛ ۽ تون پاڻ اهڙيءَ زمين ۾ مرندين جا ناپاڪ آهي: ۽ اسرائيل ضرور پنهنجي ملڪ مان قيد ڪري ڪڍيو ويندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">خداوند خدا مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ گرميءَ جي موسم جي ميوي جي هڪڙي ٽوڪري آهي.</verse>
				<verse number="2">هن فرمايو تہ اي عاموس، تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ آءٌ گرميءَ جي موسم جي ميوي جي هڪڙي ٽوڪري ٿو ڏسان. تڏهن خداوند مون کي فرمايو، تہ منهنجي قوم اسرائيل جي پڇاڙي اچي بيٺي آهي؛ آءٌ اڳتي وري هنن کي معاف نہ ڪندس.</verse>
				<verse number="3">۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ هيڪل جا راڳ انهي ڏينهن ۾ ماتم ٿيندا: لاشن جا ڍير لڳندا، سڀ ڪنهن هنڌ اُهي ماٺ ۾ ٻاهر اُڇلايا ويندا.</verse>
				<verse number="4">اوهين جي مسڪينن کي ڳهڻ ۽ ملڪ جي غريبن کي تباهہ ڪرڻ ٿا گهرو، سي هي ٻڌو.</verse>
				<verse number="5">۽ اوهين جي ايفہ کي ننڍو ٿا ڪريو، ۽ شيڪل کي وڏو، ۽ ڪوڙين ساهمين سان ٺڳي ٿا ڪريو، ۽ چئو ٿا تہ ڪڏهن نئون چنڊ ٽرندو، تہ اسين اَن وڪڻون، ۽ سبت ويندو تہ اسين ڪڻڪ ڪڍي ٻاهر رکون؟</verse>
				<verse number="6">۽ اسين چاندي ڏيئي غريب کي، ۽ جُتي جو جوڙو ڏيئي مسڪين کي ڳنهون، ۽ ڪڻڪ جو ڪچرو وڪڻون.</verse>
				<verse number="7">خداوند، يعقوب جي وڏائيءَ جو هي قسم کنيو آهي، تہ آءٌ هنن جو ڪوبہ ڪم ڪڏهن وساري نہ ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="8">انهي لاءِ ملڪ نہ ڏڪندو ڇا؟ ۽ جيڪي بہ اُن ۾ رهندا آهن، سي سڀ ماتم نہ ڪندا ڇا؟ هائو، هو نديءَ وانگي اُٿندو، ۽ مصر جي نديءَ وانگر شور ڪندو، ۽ هيٺ لهي ايندو.</verse>
				<verse number="9">۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ سج کي ٻنپهرن جو هيٺ لاهيندس، ۽ ڏينهن ڏٺي جو آءٌ زمين تي اوندهہ ڪري ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="10">۽ آءٌ اوهان جون عيدون ڦيرائي ماتم ڪندس، ۽ اوهان جا سڀ راڳ ورلاپ ڪندس؛ ۽ آءٌ سڀني چيلهين تي کٿو آڻيندس، ۽ سڀ ڪنهن مٿي کي گنجو ڪندس؛ ۽ آءٌ اهڙو ماتم ڪرائيندس جهڙو هڪڙي ئي پٽ لاءِ ٿيندو آهي، ۽ پڇاڙي اوهان جي هڪڙي ڪَڙي ڏينهن جهڙي ڪندس.</verse>
				<verse number="11">خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس اُهي ڏينهن اچن ٿا، جڏهن آءٌ هن ملڪ ۾ ڏڪار موڪليندس، نہ مانيءَ جو ڏڪار، ۽ نہ پاڻيءَ جي اُڃ، پر خداوند جي ڪلام ٻڌڻ جو ڏڪار آڻيندس.</verse>
				<verse number="12">۽ هو سمنڊ کان سمنڊ تائين، اُتر کان وٺي اُڀرندي تائين رُلندا وتندا؛ هو خداوند جو ڪلام ڳولڻ لاءِ هيڏي هوڏي ڊوڙندا، پر انهي کي ڪين لهندا.</verse>
				<verse number="13">انهي ڏينهن خوبصورت ڪنواريون، ۽ جوان مرد اُڃ جي ڪري ماندا ٿيندا.</verse>
				<verse number="14">جيڪي سامريہ جي گناهہ جو قسم کڻن ٿا، ۽ چون ٿا تہ اي دان، تنهنجي جيئري خدا جو قسم آهي، ۽ بيرسبع جي واٽ جو قسم آهي؛ سي سڀ ڪِرندا ۽ وري ڪڏهن نہ اُٿندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">مون خداوند کي قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺل ڏٺو، ۽ هن فرمايو تہ در جي ڇتين کي ڌڪ هڻ تہ چانئٺيون لُڏن: ۽ اُهي هنن سڀني جي مٿان ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏ، ۽ هنن مان جيڪي باقي بچندا تن کي آءٌ ترار سان قتل ڪندس: ۽ هڪڙو بہ ڀڄي نہ ويندو، ۽ ڪوبہ ڇُٽي نہ ويندو.</verse>
				<verse number="2">جيتوڻيڪ هو کوٽي کوٽي هيٺ دوزخ تائين ويندا، تہ بہ منهنجو هٿ هنن کي اُتان ڪڍي ايندو؛ ۽ جيتوڻيڪ هو چڙهي آسمان تائين ويندا، تہ بہ اُتان آءٌ هنن کي هيٺ لاهي آڻيندس.</verse>
				<verse number="3">۽ جيتوڻيڪ هو پاڻ کي ڪرمل جي چوٽيءَ تي وڃي لڪائيندا، تہ بہ آءٌ هنن کي ڳولي ڪڍندس؛ ۽ جيتوڻيڪ هو منهنجي نظر کان گسائي سمنڊ جي تري ۾ وڃي لڪندا، تہ بہ اُتي آءٌ نانگن کي حڪم ڏيندس تہ کين ڏنگي وڃن.</verse>
				<verse number="4">۽ جيتوڻيڪ هو قيد ٿي پنهنجي دشمن جي اڳيان ويندا، تہ بہ اُتي آءٌ ترار کي حڪم ڪندس تہ هنن کي ڪُهي ڇڏي: ۽ آءٌ هنن تي بڇڙائي لاءِ نگاهہ ڪندس ۽ نہ چڱائيءَ لاءِ.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو خداوند، لشڪرن جو خدا، زمين کي ڇُهي ٿو ۽ اُها پگهرجي ٿي وڃي، ۽ اُها نديءَ وانگي اُٿلي مٿي چڙهي ٿي ۽ وري مصر جي نديءَ وانگي هيٺ لهي ٿي وڃي، ۽ جيڪي انهيءَ تي رهن ٿا، سي سڀ ماتم ڪندا.</verse>
				<verse number="6">اُهو ئي آهي جو آسمان ۾ پنهنجون ڪوٺيون ٺاهي ٿو، ۽ جنهن زمين تي پنهنجو محراب جوڙيو آهي؛ اُهو جو سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي ٿو، ۽ زمين تي هاري وجهي ٿو؛ خداوند انهي جو نالو آهي.</verse>
				<verse number="7">خداوند ٿو فرمائي، تہ اي بني اسرائيل، اوهين منهنجي لاءِ حبشين جي ٻارن جهڙا نہ آهيو ڇا؟ مون اسرائيل کي مصر جي زمين مان، ۽ فلستين کي ڪفتور مان، ۽ ارامين کي قير مان ڪڍي نہ آندو آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="8">ڏسو، خداوند جون اکيون انهيءَ گنهگار بادشاهت تي آهن، ۽ آءٌ انهي کي زمين جي سطح تان ناس ڪري ڇڏيندس: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ يعقوب جي گهراڻي کي اصل نابود ڪري نہ ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو ڏسو، آءٌ حڪم ڪري اسرائيل جي گهراڻي کي سڀني قومن منجهان ائين ڇاڻيندس جيئن اَن پروڻ ۾ ڇاڻيو وڃي، تنهن هوندي بہ ننڍي ۾ ننڍو داڻو زمين تي نہ ڪِرندو.</verse>
				<verse number="10">منهنجي قوم جا سڀ گنهگار ترار سان مرندا، جي چون ٿا تہ خرابي اسان تائين نہ پهچندي ۽ نہ اسان کي روڪيندي.</verse>
				<verse number="11">اُنهيءَ ڏينهن دائود جو تنبو، جو ڪِري پيو آهي، سو آءٌ کڙو ڪندس، ۽ انهيءَ جا ڦاٽ بند ڪندس، ۽ انهيءَ جا ڦٽل هنڌ وري جوڙي ٺاهيندس، ۽ اڳين ڏينهن وانگي اُنهي کي اڏيندس؛</verse>
				<verse number="12">انهي لاءِ تہ جي منهنجي نالي تي سڏجن ٿا سي ادوم جي باقي بچيل حصي جا ۽ سڀني قومن جا هو مالڪ ٿين؛ خداوند، جيڪو اهو سڀ ڪري ٿو، سو ائين ٿو فرمائي.</verse>
				<verse number="13">ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن هر کيڙڻ وارو لڻڻ واري کي اچي پهچندو، ۽ ڊاک جي لتاڙڻ وارو ٻج پوکڻ واري کي؛ ۽ جبلن تان مٺو شراب ٽمندو، ۽ سڀ ٽڪريون پگهري وينديون.</verse>
				<verse number="14">۽ آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جا قيدي موٽائي آڻيندس، ۽ اُهي غير آباد شهر وري اڏيندا ۽ انهن ۾ رهندا؛ ۽ اُهي ڊاک جا منهہ لڳائيندا ۽ انهن جو شراب پيئندا؛ اُهي باغ بہ لڳائيندا ۽ انهن جو ڦر بہ کائيندا.</verse>
				<verse number="15">۽ خداوند تنهنجو خدا ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن کي وري سندن ملڪ ۾ ڄمائيندس، ۽ جو ملڪ مون کين ڏنو آهي، تنهن مان اڳتي ڪڏهن بہ هو اُکيڙيا نہ ويندا.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="31">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">عبدياہ جو رويا. خداوند خدا ادوم جي بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ اسان خداوند وٽان اها خبر ٻڌي آهي، ۽ قومن ۾ هڪڙو ايلچي موڪليو ويو آهي، تہ اوهين اُٿو ۽ اچو، تہ چڙهي هلي هن سان جنگ ڪريون.</verse>
				<verse number="2">ڏس، مون توکي قومن ۾ حقير ڪيو آهي: تون تمام گهڻو ڌڪاريل آهين.</verse>
				<verse number="3">تون جو ٽڪرن جي چرن ۾ رهين ٿو، جنهن جي رهڻ جو مڪان مٿانهون آهي، توکي تنهنجي دل جي مغروريءَ ٺڳيو آهي، جو پنهنجي دل ۾ چوين ٿو تہ ڪير مون کي زمين تي ڪيرائي وجهندو؟</verse>
				<verse number="4">خداوند ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ تون عقاب وانگي مٿي چڙهندين، ۽ جيتوڻيڪ تنهنجو آکيرو کڻي تارن منجهہ ٺاهيل هجي، تہ بہ آءٌ اُتان توکي لاهي هيٺ آڻيندس؛</verse>
				<verse number="5">جيڪڏهن چور تو وٽ اچن، جيڪڏهن ڌاڙيل رات جو کڻي اچن، (تون ڪهڙو نہ وڍجي ويو آهين!) تہ اُهي ايستائين نہ پيا چورائيندا ڇا جيستائين جيترو کپين اوترو کڻي وڃن؟ جيڪڏهن ڊاک چونڊيندڙ تو وٽ اچن، تہ اُهي ڪي داڻا جيڪر ڇڏي نہ وڃن ڇا؟</verse>
				<verse number="6">پر عيسوءَ جون شيون ڪيئن نہ ڳولي ڪڍيون اٿن! هن جا لڪل خزانا ڪيئن نہ تلاش ڪري لڌا اٿن!</verse>
				<verse number="7">تنهنجي سڀني صلاحڪارن توکي ڌڪي ڪڍي سرحد تي آندو آهي. جيڪي ماڻهو توسان صلح ۾ هئا، تن توکي ٺڳيو آهي، ۽ اُهي توتي غالب آيا آهن. جيڪي تنهنجي ماني ٿا کائين، سي تنهنجي هيٺان ڦانڌو ٿا رکن: هن ۾ ڪابہ سمجهہ ڪانهي.</verse>
				<verse number="8">خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن آءٌ ادوم مان ڏاها ماڻهو، ۽ عيسو جي جبل مان سمجهہ ناس ڪري نہ ڇڏيندس ڇا؟</verse>
				<verse number="9">اي تيمان، تنهنجا بهادر مرد حيران پريشان ٿيندا، انهي لاءِ تہ سڀڪو ماڻهو عيسوءَ جي جبل مان قتل ڪيو وڃي.</verse>
				<verse number="10">جيڪا زور زبردستي تو پنهنجي ڀاءُ يعقوب سان ڪئي آهي، تنهن جي ڪري شرم توکي ڍڪي ڇڏيندو، ۽ تون هميشہ لاءِ وڍيو ويندين.</verse>
				<verse number="11">جنهن ڏينهن ڌاريا ماڻهو هن جو مال متاع کڻي ويا، انهيءَ ڏينهن تون علحدو ٿي بيٺين؛ ۽ جنهن ڏينهن ٻين ملڪن جا ماڻهو هن جي درن اندر گهڙي آيا، ۽ يروشلم تي ڪُڻا وجهڻ لڳا، انهي ڏينهن تون بہ هنن جهڙو هئين.</verse>
				<verse number="12">پر تون پنهنجي ڀاءُ جي مصيبت جي ڏينهن نہ بيهي نهار، ۽ يهوداہ جي اولاد تي سندن تباهي جي ڏينهن خوشي نہ ڪر؛ نڪي مصيبت جي ڏينهن فخر جون ڳالهيون ڪر.</verse>
				<verse number="13">تون منهنجي قوم جي در اندر سندن مصيبت جي ڏينهن متان گهڙين، هائو، آفت جي ڏينهن هنن جي مصيبت تي بيهي نہ نهار، نڪي سندن آفت جي ڏينهن سندن مال ملڪيت تي تون پنهنجا هٿ ڊگهير.</verse>
				<verse number="14">۽ تون چوسول تي نہ بيهہ، انهي لاءِ تہ هن جي ماڻهن مان جيڪي ڀڄي نڪرن، تن کي قتل ڪرين:</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن سڀني قومن تي ويجهو آيو آهي: جيئن تو پاڻ ڪيو آهي، تيئن توسان بہ ڪيو ويندو؛ تنهنجو ڪيو خود تنهنجي مٿي تي موٽي ايندو.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو جيئن اوهان منهنجي پاڪ جبل تي پيتو آهي، تيئن سڀ قومون هميشہ پيون پيئنديون؛ هائو، هو پيئنديون ۽ ڳهي وينديون، ۽ اهڙيون ٿينديون ڄڻ تہ هيون ئي ڪين.</verse>
				<verse number="17">پر صيون جي جبل تي اُهي هوندا، جي ڀڄي نڪرندا، ۽ اُهو پاڪ ٿيندو، ۽ يعقوب جو گهراڻو پنهنجي ملڪيت جو مالڪ ٿيندو.</verse>
				<verse number="18">۽ يعقوب جو گهراڻو هڪڙي باهہ ٿيندو ۽ يوسف جو گهراڻو شعلي وانگر ٿيندو، ۽ عيسو جو گهراڻو بهہ ٿيندو، ۽ اُهي هنن جي وچ ۾ ٻرندا ۽ هنن کي ساڙي ڇڏيندا: ۽ عيسو جي گهراڻي مان هڪڙو بہ نہ بچندو؛ ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي.</verse>
				<verse number="19">۽ ڏکڻ وارا عيسو جو جبل هٿ ڪندا؛ ۽ هيٺانهين ملڪ وارا فلستين هٿ ڪندا: ۽ هو افرائيم جي ٻني ۽ سامريہ جي ٻني هٿ ڪندا: ۽ بنيمين جلعاد جو مالڪ ٿيندو.</verse>
				<verse number="20">۽ بني اسرائيل جي لشڪر جا قيدي جي ڪنعانين منجهہ آهن، سي صارپت تائين ملڪ جا وارث ٿيندا، ۽ يروشلم جا قيدي جي سفاراد ۾ آهن، سي ڏکڻ جا شهر هٿ ڪندا.</verse>
				<verse number="21">۽ صيون جي جبل تي نجات ڏيندڙ اچي ويندا، انهي لاءِ تہ عيسو جي جبل جي عدالت ڪن؛ ۽ بادشاهت خداوند جي ٿيندي.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="32">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">خداوند جو ڪلام يوناہ بن امتيءَ تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">اُٿ، نينوہ جي وڏي شهر ڏي وڃ ۽ انهن جي برخلاف منادي ڪر؛ ڇالاءِ جو هنن جي بڇڙائي منهنجي سامهون آئي آهي.</verse>
				<verse number="3">پر يوناہ اُٿيو، انهي لاءِ تہ خداوند جي حضور مان ڀڄي ترسيس ڏي وڃي؛ ۽ هو يافا ۾ لهي ويو ۽ اُتي هڪڙو جهاز ترسيس ڏي ويندو ڏٺائين: ۽ هو ڀاڙو ڏيئي انهيءَ ۾ وڃي ويٺو، انهي لاءِ تہ هنن سان گڏجي خداوند جي حضور مان نڪري ترسيس ڏي وڃي.</verse>
				<verse number="4">پر خداوند سمنڊ تي هڪڙو وڏو واءُ موڪليو ۽ ڏاڍو طوفان اچي لڳو، جنهن جي ڪري جهاز جي ڀڄي پوڻ جو امڪان هو.</verse>
				<verse number="5">تڏهن خلاصي ڊنا ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي پنهنجي خدا کي پڪاريو؛ ۽ جهاز ۾ جيڪو سامان هو، سو هو سمنڊ ۾ اُڇلائڻ لڳا، انهي لاءِ تہ جهاز هلڪو ٿئي. پر يوناہ لهي جهاز جي اندرين ڀاڱن ۾ ويو؛ ۽ اُتي گهاٽيءَ ننڊ ۾ سمهيو پيو هو.</verse>
				<verse number="6">تڏهن جهاز جو معلم هن وٽ آيو ۽ چيائينس، تہ اي سمهندڙ، تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ اُٿي پنهنجي خدا کي پڪار، تہ من انهيءَ خدا کي ڪو اسان جو خيال پوي ۽ اسين نہ ٻُڏون.</verse>
				<verse number="7">۽ هنن مان هر ڪنهن پنهنجي سنگتيءَ کي چيو، تہ اچو تہ ڪڻا وجهون تہ خبر پوي تہ ڪنهن جي ڪري هيءَ آفت اسان تي آئي آهي. تڏهن هنن ڪڻا وڌا، ۽ ڪڻو يوناہ جي نالي پيو.</verse>
				<verse number="8">تڏهن هنن چيس تہ ڀلائي ڪري اسان کي ٻڌاءِ تہ ڪهڙي سبب ڪري هيءَ آفت اسان تي آئي آهي؛ تنهنجو ڌنڌو ڪهڙو آهي؟ تون ڪٿان جو آهين؟ تنهنجو ملڪ ڪهڙو آهي؟ ۽ تون ڪهڙي قوم جو آهين؟</verse>
				<verse number="9">۽ هن انهن کي چيو تہ آءٌ عبراني آهيان، ۽ آءٌ خداوند آسمان جي خدا کان ڊڄان ٿو، جنهن سمنڊ ۽ سُڪي زمين پيدا ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="10">تڏهن اُهي ماڻهو ڏاڍا ڊنا، ۽ چيائونس تہ هي تو ڇا ڪيو آهي؟ ڇالاءِ جو هنن ماڻهن کي خبر هئي تہ هو خدا جي حضور مان ڀڳو آهي، جو پاڻ هنن کي ٻڌايو هئائين.</verse>
				<verse number="11">تڏهن هنن پڇيس تہ اسين توسان ڇا ڪريون تہ سمنڊ اسان لاءِ ماٺو ٿئي؟ ڇالاءِ جو سمنڊ تي طوفان زور وٺندو ٿي ويو.</verse>
				<verse number="12">۽ هن چين تہ مون کي کڻي سمنڊ ۾ اُڇلائي وجهو؛ تہ سمنڊ اوهان جي لاءِ ماٺو ٿئي، ڇالاءِ جو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منهنجي ئي ڪري هي وڏو طوفان اوهان تي آيو آهي.</verse>
				<verse number="13">انهيءَ هوندي بہ هنن ماڻهن ڳن موڙي زمين ڏي موٽڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر پهچي نہ سگهيا: ڇالاءِ جو طوفان زور وٺندو ٿي ويو.</verse>
				<verse number="14">جنهنڪري هنن خداوند کي پڪاري چيو تہ اي خداوند، اسين توکي منٿ ٿا ڪريون، اسين توکي عرض ٿا ڪريون، تہ هن ماڻهوءَ جي حياتيءَ جي ڪري اسان کي نہ مار، ۽ بيگناهہ خون اسان تي نہ رک: ڇالاءِ جو، اي خداوند، جيئن توکي وڻيو تيئن تو ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="15">تڏهن هنن يوناہ کي کڻي سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو: ۽ سمنڊ جو زور شور بس ٿي ويو.</verse>
				<verse number="16">تڏهن اُنهن ماڻهن کي خداوند جو ڏاڍو ڊپ ٿيو؛ ۽ هنن خداوند جي اڳيان هڪڙي قرباني ادا ڪئي ۽ مڃتا مڃيائون.</verse>
				<verse number="17">۽ خداوند هڪڙي وڏي مڇي تيار ڪئي جا يوناہ کي ڳهي ويئي، ۽ يوناہ انهي مڇيءَ جي پيٽ ۾ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون پيو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">تڏهن يوناہ مڇيءَ جي پيٽ ۾ پئي ئي، خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهري، ۽ چيائين تہ:</verse>
				<verse number="2">مون پنهنجي مصيبت جي ڪري خداوند کي سڏيو، ۽ هن مون کي ورندي ڏني؛ دوزخ جي پيٽ مان مون دانهن ڪئي ۽ تو منهنجو آواز ٻڌو.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو تو مون کي اونهاڙ ۾، يعني سمنڊ جي وچ ۾ اُڇلائي وڌو، ۽ پاڻي مون کي وڪوڙي ويا؛ تنهنجون سڀ لهرون ۽ موجون مون تان لنگهي ويون.</verse>
				<verse number="4">۽ مون چيو تہ آءٌ تنهنجين اکين کان پري اُڇلايو ويو آهيان؛ انهيءَ هوندي بہ آءٌ وري تنهنجي پاڪ هيڪل ڏي نهاريندس.</verse>
				<verse number="5">پاڻي مون کي ساهہ تائين وڪوڙي ويا، سمنڊ منهنجي چوڌاري هو؛ رءُ منهنجي مٿي جي چوڌاري ويڙهيل هئا.</verse>
				<verse number="6">آءٌ جبلن جي ترن تائين هيٺ لهي ويس؛ ڌرتي پنهنجن گزن سان هميشہ لاءِ مون تي بند ٿي ويئي: انهيءَ هوندي بہ، اي خداوند منهنجا خدا، تو منهنجي جان کي پاتال مان ڪڍيو آهي.</verse>
				<verse number="7">جڏهن منهنجو ساهہ مون ۾ ماندو ٿيڻ لڳو، تڏهن مون خداوند کي ياد ڪيو: ۽ منهنجي دعا تو تائين، يعني تنهنجي پاڪ هيڪل ۾ پهتي.</verse>
				<verse number="8">جيڪي ڪوڙين باطل شين تي ڌيان ڏين ٿا، سي پنهنجي رحمت وڃائي ٿا ڇڏين.</verse>
				<verse number="9">پر آءٌ شڪرگذاريءَ جي آواز سان تنهنجي اڳيان قرباني چاڙهيندس؛ جيڪا مڃتا مون مڃي آهي، سا آءٌ پوري ڪندس. نجات خداوند وٽان آهي.</verse>
				<verse number="10">۽ خداوند مڇيءَ کي حڪم ڏنو ۽ انهيءَ اُلٽي ڪري يوناہ کي سڪيءَ زمين تي اُڇلائي وڌو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">خداوند جو ڪلام ٻيو ڀيرو يوناہ تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">اُٿي نينوہ ڏي وڃ، جو وڏو شهر آهي، ۽ جيڪي آءٌ توکي چوان، انهي جي منادي ڪري ٻڌاءِ.</verse>
				<verse number="3">تڏهن يوناہ اُٿيو ۽ جيئن خداوند حڪم ڏنو هوس تيئن نينوہ ڏي ويو. هاڻي نينوہ هڪڙو تمام وڏو شهر، ٽن ڏينهن جو پنڌ هو.</verse>
				<verse number="4">۽ يوناہ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي شهر ۾ گهڙيو ۽ پڪاري چوڻ لڳو تہ چاليهن ڏينهن کانپوءِ نينوہ تباهہ ٿي ويندو.</verse>
				<verse number="5">۽ نينوہ جي ماڻهن خدا تي ويساهہ آندو؛ ۽ هنن هڪڙي روزي جو اشتهار ڪيو، ۽ تمام وڏي کان وٺي تمام ننڍي تائين کٿو ڍڪيائون.</verse>
				<verse number="6">۽ اُها خبر نينوہ جي بادشاهہ کي پهتي، ۽ هو پنهنجي تخت تان اُٿيو، ۽ پنهنجي شاهي پوشاڪ لاٿائين، ۽ کٿو ڍڪي خاڪ تي ويهي رهيو.</verse>
				<verse number="7">۽ هن اشتهار ڪڍيو، ۽ سڄي نينوہ ۾ بادشاهہ ۽ سندس اميرن جو حڪم پڌرو ڪيو ويو، تہ ڪوبہ ماڻهو يا جانور، ڌڻ يا گلو، ڪابہ شيءِ نہ چکي: اُهي نڪي کائن، نڪي پيئن.</verse>
				<verse number="8">۽ ماڻهو توڙي جانور ٻئي کٿا ڍڪين، ۽ زور سان خدا جي اڳيان پڪارين: هرڪو پنهنجي خراب رستي کان، ۽ پنهنجي هٿن جي ظلم کان باز اچي.</verse>
				<verse number="9">ڪنهن کي خبر تہ خدا پنهنجي سخت ڪاوڙ کان ڪين مڙندو ۽ ڦرندو، تہ اسين ناس ٿي نہ وڃون.</verse>
				<verse number="10">۽ خدا هنن جا ڪم ڏٺا، جو هو پنهنجي خراب رستي کان باز آيا؛ ۽ خدا انهي خرابيءَ کان ڦريو، جا هن چيو هو تہ هنن سان ڪندس، ۽ ائين ڪين ڪيائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">پر اها ڳالهہ يوناہ کي اصل نہ وڻي، ۽ هو ڪاوڙيو.</verse>
				<verse number="2">۽ خدا کي عرض ڪري چيائين، تہ اي خداوند، آءٌ عرض ٿو ڪريان، تہ جڏهن آءٌ اڃا پنهنجي ملڪ ۾ هوس، تڏهن اهو منهنجو چوڻ نہ هو ڇا؟ تنهنڪري آءٌ تڪڙو ٿي ترسيس ڏي ڀڳس: ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ تون رحيم ۽ ٻاجهارو خدا آهين، ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ نهايت مهربان آهين، ۽ پنهنجي غضب کان ڦرين ٿو.</verse>
				<verse number="3">تنهنڪري اي خداوند، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ مون کان منهنجي حياتي وٺ، ڇالاءِ جو منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.</verse>
				<verse number="4">تڏهن خداوند فرمايو، تہ ڪاوڙجڻ سان تون ڪو چڱو ڪم ٿو ڪرين ڇا؟</verse>
				<verse number="5">پوءِ يوناہ شهر مان نڪري ٻاهر ويو، ۽ شهر جي اُڀرندي پاسي وڃي ويٺو، ۽ اتي پنهنجي لاءِ هڪڙي لانڍي جوڙيائين، ۽ انهيءَ جي ڇانوَ ۾ ويٺو، انهي لاءِ تہ ڏسي تہ شهر جو ڪهڙو حال ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="6">۽ خداوند خدا هڪڙي ڪدوءَ جي ول تيار ڪئي، ۽ انهيءَ کي يوناہ جي مٿان ڇانوَ ڪرڻ جي لاءِ چاڙهيائين، تہ مصيبت کان بچي. انهيءَ ول جي ڪري يوناہ ڏاڍو خوش ٿيو.</verse>
				<verse number="7">پر ٻئي ڏينهن صبح جو خدا هڪڙو ڪينئون تيار ڪيو، جنهن ڪدوءَ جي ول کي کاڌو، ۽ اُها ڪومائجي ويئي.</verse>
				<verse number="8">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سج اُڀريو، تڏهن خدا اُڀرندي جو گرم واءُ تيار ڪيو، ۽ يوناہ کي اهڙي اُس لڳي جو هو ماندو ٿي ويو، ۽ پنهنجي لاءِ عرض ڪيائين، تہ مري، ۽ چيائين تہ منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ يوناہ خدا کي چيو تہ ڪدوءَ جي ول لاءِ تنهنجو ڪاوڙجڻ مناسب آهي ڇا؟ ۽ هن چيو، تہ مرڻ تائين ڪاوڙجڻ منهنجي لاءِ مناسب آهي.</verse>
				<verse number="10">۽ خداوند چيو تہ توکي ڪدوءَ جي ول تي رحم آيو آهي، جنهن جي لاءِ تو ڪوبہ پورهيو نہ ڪيو آهي، ۽ نڪي تو ان کي پيدا ڪيو، جا هڪڙي رات ۾ اُسري ۽ هڪڙي ئي رات اندر سُڪي ويئي.</verse>
				<verse number="11">تڏهن آءٌ نينوہ جي وڏي شهر تي رحم نہ ڪريان، جنهن ۾ هڪ لک ويهہ هزار ماڻهو آهن، جن کي پنهنجي سڄي ۽ کٻي هٿ جي وچ ۾ فرق جي خبر ڪانهي، ۽ گهڻو چوپايو مال بہ آهي؟</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="33">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">خداوند جو ڪلام جو يهوداہ جي بادشاهن يوتام، آخز ۽ حزقياہ جي ڏينهن ۾ ميڪاہ مورشتيءَ تي نازل ٿيو، جو هن سامريہ ۽ يروشلم جي نسبت ۾ ڏٺو.</verse>
				<verse number="2">اي قومون، اوهين سڀ ٻڌو: اي زمين ۽ جيڪي اُن ۾ آهي سي ٻڌو، ۽ خداوند، هائو خداوند پنهنجي پاڪ هيڪل مان ڀلي تہ اوهان تي شاهدي ڏئي.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو ڏس، خداوند پنهنجي جاءِ تان نڪري اچي ٿو، ۽ هيٺ اچي زمين جي مٿانهن مڪانن کي لتاڙيندو.</verse>
				<verse number="4">۽ جبل سندس هيٺان ڳري ويندا، ۽ واديون ڦاٽي پونديون، جيئن ميڻ باهہ جي اڳيان، يا جيئن پاڻي اُڀ ڪپريءَ تان هيٺ وهي.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو اهو سڀ يعقوب جي قصور ۽ اسرائيل جي گهراڻي جي گناهن ڪري آهي. يعقوب جو قصور ڪهڙو آهي؟ اهو سامريہ ناهي ڇا؟ ۽ يهوداہ جا مٿانهان مڪان ڇا آهن؟ اُهي يروشلم ناهن ڇا؟</verse>
				<verse number="6">تنهنڪري آءٌ سامريہ کي ڀترن جو ڍير، ۽ ڊاک جي منهہ وانگر ڪندس، ۽ سندس پهڻ ڪيرائي واديءَ ۾ اُڇلائيندس، تہ جيئن سندس بنياد ڏسڻ ۾ اچن.</verse>
				<verse number="7">۽ ان جون سڀ اُڪريل مورتون ڀڃي پرزا پرزا ڪيون وينديون ۽ اُن جون سڀ انعامي شيون باهہ ۾ ساڙيون وينديون، ۽ ان جا سڀ بُت آءٌ ويران ڪري ڇڏيندس: ڇالاءِ جو هن ڪڃريءَ جي ڀاڙي مان اهي سڀ گڏ ڪيا آهن، ۽ اُهي موٽي بہ ڪڃريءَ جي انعام لاءِ ويندا.</verse>
				<verse number="8">انهي لاءِ آءٌ روئندس ۽ رڙندس، ۽ آءٌ اُگهاڙو گهمندس: آءٌ گدڙن وانگي ڪوڪون ۽ اُٺ پکين وانگي ماتم ڪندس.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو هن جا ڦٽ ڇُٽڻ جا ناهن: ۽ اُهو يهوداہ تائين، بلڪ منهنجي قوم جي دروازي تائين، يعني يروشلم تائين، اچي پهتو آهي.</verse>
				<verse number="10">جات ۾ انهي جي خبر نہ ڏيو، بلڪل نہ روئو، بيت عفرہ ۾ آءٌ مٽيءَ ۾ ليٽيو آهيان.</verse>
				<verse number="11">اي سفير جا رهندڙ، اُگهاڙا ۽ شرمندا ٿي لنگهي وڃو: ضانان جا رهاڪو ٻاهر نڪري نٿا سگهن؛ بيت ايضل جي ماتم جي ڪري سندس پناهہ اوهان کان کسي ويندي.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو ماروت جو رهاڪو چڱائي جي لاءِ ڏاڍو منتظر ٿي رهي ٿو: پر خرابي خداوند وٽان يروشلم جي دروازي تائين پهتي آهي.</verse>
				<verse number="13">اي لڪيس جا رهاڪو، تکي گهوڙي جي گاڏي تيار ڪريو. تو شروع کان صيون کي گناهہ ڪرايو، ڇالاءِ جو اسرائيل جا قصور بہ تو ۾ لڌا ويا.</verse>
				<verse number="14">تنهنڪري تون مورست جات کي طلاق ڏيندين: اڪذيب جا گهراڻا اسرائيل جي بادشاهن سان دغابازي ڪندا.</verse>
				<verse number="15">اي مريسہ جا رهاڪو، آءٌ توتي قبضو ڪندڙ آڻيندس، جو تنهنجو مالڪ ٿيندو: اسرائيل جو جلال عدلام تائين بہ ايندو.</verse>
				<verse number="16">پاڻ کي گنجو ڪر، ۽ پنهنجي پيارن ٻارن لاءِ پنهنجا وار ڪَتر: ڳجهہ وانگي پنهنجي گنجاڻ وڌاءِ، ڇالاءِ جو هو تو وٽان قيد ٿي ويا آهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">ويل آهي انهن سان، جي بڇڙائي جون رٿون ٿا رٿين، ۽ پنهنجي هنڌن تي خراب ڪم ٿا ڪن! ۽ جڏهن صبح جي روشنائي ٿي ٿئي، تڏهن اُهي پورا ٿا ڪن، ڇالاءِ جو اهو هنن جي هٿ وسيڪو آهي.</verse>
				<verse number="2">۽ هو ٻنين جي لالچ ٿا رکن ۽ اُهي زبردستيءَ سان هٿ ٿا ڪن؛ هو ماڻهوءَ ۽ سندس گهراڻي تي ظلم ٿا ڪن، ۽ انهن جي گهرن کي هو کسي ٿا وٺن، يعني ماڻهوءَ ۽ سندس ورثي کي.</verse>
				<verse number="3">تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هن قبيلي جي برخلاف هڪڙي خرابي ٿو رٿيان، جنهن مان اوهين پنهنجون ڳچيون نہ بچائيندا، نڪي اوهين مغروري سان هلندا، ڇالاءِ جو اُهو خراب وقت آهي.</verse>
				<verse number="4">انهيءَ ڏينهن هو تنهنجي برخلاف هڪڙو مثال کڻندا، ۽ مرثيو کڻي ماتم ڪندا، ۽ چوندا تہ اسين بلڪل لُٽجي ويا آهيون: هو منهنجي قوم جو حصو ٿو ڦيرائي، ۽ اهو ڪيئن نہ مون کان پري کڻي ٿو وڃي. هو اسان جون ٻنيون فسادين کي ورهائي ڏئي ٿو.</verse>
				<verse number="5">تنهنڪري توکي اهڙو ڪوبہ ڪونہ لڀندو جو خداوند جي جماعت ۾ ماپڻ لاءِ ڏور ڇڪي.</verse>
				<verse number="6">بڪواسي چون ٿا تہ بڪواس نہ ڪريو، انهن ڳالهين بابت بڪواس نہ ڪريو: اهڙن شخصن تان مهڻو نہ لهندو.</verse>
				<verse number="7">اي يعقوب جا گهراڻا، ڪڏهن ائين چوڻ ۾ ايندو ڇا تہ خداوند جو روح تنگ ٿي ويو آهي. هي انهي جا ڪم آهن ڇا؟ جيڪو سچائي تي هلي ٿو، تنهن کي منهنجي ڪلام مان فائدو نٿو رسي ڇا؟</verse>
				<verse number="8">پر هنن ڏينهن ۾ منهنجي قوم منهنجي دشمن ٿي اُٿي آهي، اوهين راهہ مسافر ۽ صلح پسند ماڻهوءَ جو چوغو لاهي ٿا رکو.</verse>
				<verse number="9">منهنجي اُمت جي زالن کي اوهين سندن مزي جهڙن گهرن مان ڪڍي ٿا ڇڏيو؛ ۽ منهنجو جلال سندن ننڍڙن ٻارن کان هميشہ لاءِ کسي ٿا وڃو.</verse>
				<verse number="10">اوهين اُٿو، ۽ هليا وڃو؛ ڇالاءِ جو هيءَ اوهان جي آرام جي جاءِ ناهي: ڇالاءِ جو ناپاڪائي جا ناس ٿي ڪري ۽ نهايت چٽ ڪيو ڇڏي اُتي آهي.</verse>
				<verse number="11">جيڪڏهن ڪو ڪوڙو ماڻهو ڪوڙي روح سان ڪوڙ ڪري چوي، تہ آءٌ شراب ۽ نشي بابت پيشنگوئي ڪري ٻڌائيندس، تہ اهو ئي سندن نبي ٿو ٿئي!</verse>
				<verse number="12">اي يعقوب، آءٌ ضرور اوهان سڀني کي ميڙيندس؛ آءٌ ضرور اسرائيل جي باقي رهيلن کي گڏ ڪندس؛ آءٌ بصراہ جي رڍن وانگي هنن کي ميڙي گڏ ڪندس: ۽ جيئن ڌڻ پنهنجي چراگاهہ جي وچ ۾، تيئن هو شمار ٿي وڏو هُل ڪندا.</verse>
				<verse number="13">ڀڃندڙ هنن جي اڳيان لنگهي ويو آهي: هو ڀڃندا در تائين پهتا آهن ۽ لنگهي ٻاهر ويا آهن: ۽ هنن جو بادشاهہ بہ سندن اڳيان ويو آهي ۽ خداوند سندن سردار ٿيو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">مون چيو تہ اي يعقوب جا سردار ۽ اسرائيل جي گهراڻي جا حاڪم، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ اوهين ٻڌو: اوهان کي مناسب ناهي ڇا تہ اوهين عدالت کان واقف هجو؟</verse>
				<verse number="2">اوهين جي نيڪيءَ کي ڌڪاريو ٿا، ۽ بڇڙائيءَ کي پسند ٿا ڪريو، جي انهن جي کل پَٽي لاهي ٿا وٺو، ۽ انهن جو گوشت سندن هڏن تان روڙي ٿا وٺو؛</verse>
				<verse number="3">جي منهنجي اُمت جو گوشت ٿا کائو ۽ هنن جي کل لاهي ٿا وٺو ۽ هنن جا هڏا ڀڃي ٿا ڇڏيو: هائو، بلڪ هنن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ٿا ڪريو، جيئن رڌڻ جي ٿانوَ لاءِ ڪبو آهي، ۽ ديڳ ۾ گوشت ٿيندو آهي.</verse>
				<verse number="4">تڏهن هو خداوند کي سڏيندا پر هو جواب نہ ڏيندن: هائو، انهي وقت هو پنهنجو منهن انهن کان لڪائيندو، ڇالاءِ جو هنن خراب ڪم ڪيا آهن.</verse>
				<verse number="5">جيڪي نبي منهنجي قوم کي گمراهہ ٿا ڪن، تن جي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ لقمو چٻاڙيندي هو سلام ٿا پڪارين، پر جي ڪو سندن وات نٿو ڀري تہ انهن سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿا ٿين:</verse>
				<verse number="6">تنهنڪري اوهان جي لاءِ رات ٿيندي، ۽ اوهين ڪوبہ رويا ڪونہ ڏسندا، ۽ اوهان جي لاءِ اونداهي ٿيندي، تہ اوهين ڪابہ فال نہ وجهو؛ ۽ نبين تان سج لهي ويندو، ۽ انهن جي مٿان ڏينهن ڪارو ٿي ويندو.</verse>
				<verse number="7">۽ غيب دان شرمندا ٿيندا، ۽ فالون وجهندڙ لڄي ٿيندا؛ هائو، هو سڀ پنهنجا چپ ڍڪيندا، ڇالاءِ جو خدا وٽان جواب ڪونہ ايندو.</verse>
				<verse number="8">پر آءٌ سچ پچ خداوند جي روح جي ڪري بلڪل طاقت وارو آهيان ۽ عدالت ۽ طاقت سان ڀريل آهيان، تہ يعقوب کي سندس قصور ۽ اسرائيل کي سندس گناهہ ظاهر ڪري ٻڌايان.</verse>
				<verse number="9">اي يعقوب جي گهراڻي جا سردار ۽ اسرائيل جي گهراڻي جا حاڪم، آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ ٻڌو، ڇالاءِ جو اوهين عدالت کي ڌڪاريو ٿا ۽ انصاف کي اونڌو ٿا ڪريو.</verse>
				<verse number="10">اوهين صيون کي رت سان ۽ يروشلم کي بي انصافي سان ٿا اڏيو.</verse>
				<verse number="11">انهن جا سردار انعام لاءِ عدالت ٿا ڪن، ۽ انهن جا ڪاهن ڀاڙو وٺي تعليم ٿا ڏين، ۽ نبي پئسن تي غيب گوئي ٿا ڪن، انهي هوندي بہ هو خداوند تي ڀروسو رکڻ ٿا گهرن ۽ چون ٿا تہ خداوند اسان جي وچ ۾ ناهي ڇا؟ اسان تي ڪابہ خرابي نہ ايندي.</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري، اوهان جي سبب صيون ٻنيءَ وانگي کيڙيو ويندو، ۽ يروشلم دڙا ٿي ويندو، ۽ هن گهر جو جبل ٻيلي جي مٿانهين جڳهن جهڙو ٿيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">پر پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو، تہ خداوند جي گهر وارو جبل سڀني جبلن جو سردار ٿيندو ۽ قائم رهندو، ۽ قومون انهي ۾ لڏي اينديون.</verse>
				<verse number="2">۽ گهڻيئي قومون چونديون تہ اچو تہ خداوند جي جبل تي، ۽ يعقوب جي خدا جي گهر ڏي چڙهي هلون؛ ۽ اسين سندس رستن تي هلنداسين، ۽ هو اسان کي پنهنجون راهون سيکاريندو: ڇالاءِ جو شريعت صيون مان نڪرندي ۽ خداوند جو ڪلام يروشلم مان.</verse>
				<verse number="3">۽ هو گهڻين قومن جي وچ ۾ عدالت ڪندو، ۽ زور وارين قومن کي ملامت ڪندو؛ هو پنهنجين ترارن کي ڪٽي انهن مان هرن جا ڦار ٺاهيندا، ۽ پنهنجن ڀالن مان ڏاٽا ٺاهيندا: قوم، قوم تي ترار نہ کڻندي، نڪي اڳتي وري هو جنگ ڪرڻ سکندا.</verse>
				<verse number="4">پر هرڪو ماڻهو، پنهنجي ڊاک ۽ پنهنجي انجير جي وڻ هيٺان ويهندو، ۽ ڪوبہ هنن کي نہ ڊيڄاريندو؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو اهو فرمان آهي.</verse>
				<verse number="5">هرڪا قوم پنهنجي پنهنجي خدا جي نالي تي هلندي، ۽ اسين هميشہ خداوند پنهنجي خدا جي نالي تي هلنداسين.</verse>
				<verse number="6">خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن آءٌ اُنهن کي گڏ ڪندس جي منڊڪائين ٿا، ۽ انهن کي ميڙيندس جي هڪالجي ويا آهن، ۽ انهن کي جي مون ڏکي ڪيا آهن؛</verse>
				<verse number="7">۽ جن منڊڪايو ٿي تن کي باقي بچيل، ۽ جي جلاوطن هئا تن کي هڪڙي زور واري قوم بنائيندس: ۽ اڄ کان وٺي هميشہ تائين صيون جي جبل تي خداوند اُنهن تي بادشاهي ڪندو.</verse>
				<verse number="8">اي ڌڻ جا ٺلهہ، اي صيون جي ڌيءَ جي ٽڪري، اهو تنهنجي لاءِ ٿيندو، يعني اها اڳين حڪومت جا يروشلم جي ڌيءَ جي بادشاهت آهي سا توکي ملندي.</verse>
				<verse number="9">سو هاڻي تون ڇو ٿي رڙيون ڪرين؟ تو ۾ ڪو بادشاهہ ناهي ڇا، يا تنهنجو ڪو صلاحڪار مري ويو آهي ڇا، جو توکي ويم جي سورن اچي ورايو آهي؟</verse>
				<verse number="10">اي صيون جي ڌيءَ سور جهل، ۽ ويم واري زال وانگر تڪليف سهي ڪجهہ ڄڻ: ڇالاءِ جو هاڻي تون شهر مان نڪرندينءَ ۽ ميدان ۾ ۽ بابل ۾ ايندينءَ، ۽ اُتي تون ڇڏائي ويندينءَ؛ اُتي خداوند توکي تنهنجن دشمنن جي هٿ مان ڇڏائيندو.</verse>
				<verse number="11">هاڻي گهڻيئي قومون اچي تنهنجي برخلاف گڏ ٿيون آهن، ۽ چون ٿيون تہ ڀلي اها ڳالهہ پوري ٿئي، تہ اسان جون اکيون صيون کي ڏسي خوش ٿين.</verse>
				<verse number="12">پر هنن کي خداوند جي خيالن جي خبر ڪانهي، ۽ نہ هو انهي جي مصلحت سمجهن ٿا، ڇالاءِ جو هن انهن کي ائين گڏ ڪيو آهي، جيئن گڏا ڳاهڻ لاءِ گڏ ڪبا آهن.</verse>
				<verse number="13">اي صيون جي ڌيءَ، اُٿي ڳاهہ: ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي سڱ کي لوهہ وانگر ڪندس ۽ تنهنجي کرن کي پتل، ۽ تون گهڻين قومن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندينءَ، ۽ انهن جو مال خداوند جي نذر ڪندينءَ ۽ انهن جي دولت سڄي زمين جي خداوند جي لاءِ مخصوص ڪندينءَ.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">تنهنڪري اي لشڪرن جي ڌيءَ، پنهنجا لشڪر گڏ ڪري تيار ٿيءُ: هن اسان جي چوگرد گهيرو ڪيو آهي: هو اسرائيل جي حاڪم کي ڳلي تي لٺ ٿا هڻن.</verse>
				<verse number="2">پر اي بيت الحم افراتاہ، تون جو يهوداہ جي قبيلن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ننڍڙو آهين، تہ بہ تو مان هڪڙو شخص نڪرندو، ۽ منهنجي لاءِ اسرائيل جو حاڪم ٿيندو؛ ۽ هن جو اصل قديم وقت کان بلڪ هميشہ کان آهي.</verse>
				<verse number="3">تنهنڪري هو انهن کي تيستائين ڇڏي ڏيندو، جيستائين ڪ جنهن کي سور ٿيا آهن سا ڪجهہ ڄڻي: جڏهن سندس ڀائرن مان جيڪي باقي بچيل آهن سي بني اسرائيل سان گڏ موٽي ايندا.</verse>
				<verse number="4">۽ هو خداوند جي طاقت سان ۽ خداوند پنهنجي خدا جي نالي جي وڏائيءَ سان بيهي پنهنجو ڌڻ چاريندو: ۽ اُهي اُتي قائم ٿيندا، ڇالاءِ جو هاڻي هو زمين جي ڪنارن تائين بزرگ ٿيندو.</verse>
				<verse number="5">۽ هو اسان جي سلامتي ٿيندو: جڏهن اسوري اسان جي زمين ۾ ايندا، ۽ جڏهن هو اسانجن محلاتن ۾ پير گهمائيندا، تڏهن اسين ست ڌنار بلڪ اٺ سردار مٿن چاڙهي آڻينداسين.</verse>
				<verse number="6">۽ اُهي ترار سان اسور جي ملڪ کي ۽ نمرود جي زمين کي اندر گهڙڻ وارين جاين تائين، ويران ڪندا، ۽ هو اسان کي اسور کان بچائيندو، جڏهن اُهو اسان جي ملڪ ۾ ايندو ۽ اسان جي سرحد ۾ پير رکندو.</verse>
				<verse number="7">۽ يعقوب جا باقي رهيل گهڻين قومن جي وچ ۾ ائين هوندا جيئن خداوند وٽان ماڪ، ۽ جيئن گاهہ تي مينهن ٿيندو آهي؛ جو نہ ماڻهو لاءِ ترسي ٿو ۽ نہ بني آدم لاءِ ترسي ٿو.</verse>
				<verse number="8">۽ يعقوب جا باقي بچيل ملڪن ۽ گهڻين قومن جي وچ ۾ ائين هوندا، جيئن شينهن ٻيلي جي جانورن ۾، ۽ جوان شينهن رڍن جي ڌڻن ۾ ٿيندو آهي: جو جڏهن انهن مان لنگهي وڃي ٿو، تڏهن انهن کي لتاڙي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪريو ڇڏي، ۽ ڪوبہ انهن کي ڇڏائڻ وارو ڪونهي.</verse>
				<verse number="9">ڀلي تہ تنهنجو هٿ تنهنجن دشمنن تي غالب پئي، ۽ ڀلي تہ تنهنجا سڀ ويري وڍجي وڃن.</verse>
				<verse number="10">۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ آءٌ تنهنجي وچ مان تنهنجا گهوڙا وڍي ڇڏيندس، ۽ تنهنجون گاڏيون ناس ڪري ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="11">۽ آءٌ تنهنجي ملڪ جا شهر چٽ ڪري ڇڏيندس، ۽ تنهنجا سڀ مضبوط قلعا ڊاهي ڇڏيندس:</verse>
				<verse number="12">۽ آءٌ تنهنجن هٿن مان جادوگريون وڍي ڇڏيندس، ۽ تو وٽ اڳتي وري ڪي بہ فال وجهندڙ نہ رهندا.</verse>
				<verse number="13">۽ آءٌ تنهنجون اُڪريل مورتون ۽ تنهنجا ٿنڀ تنهنجي وچ مان ڀڃي ڇڏيندس، ۽ تون اڳتي وري پنهنجن هٿن جي جوڙيل شين جي عبادت نہ ڪندين.</verse>
				<verse number="14">۽ آءٌ تنهنجون يسيرتون تنهنجي وچ مان پَٽي ڪڍندس، ۽ آءٌ تنهنجا شهر ناس ڪندس.</verse>
				<verse number="15">۽ آءٌ غصي ۽ ڪاوڙ جي جوش ۾ انهن قومن کان وير وٺندس جن منهنجي نہ ٻڌي آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">هاڻي جيڪي خداوند ٿو فرمائي سو اوهين ٻڌو: اُٿي جبلن اڳيان حجت دليل ڪر، ۽ ڀلي تہ ٽڪريون تنهنجو آواز ٻڌن.</verse>
				<verse number="2">اي جبل ۽ زمين جا جٽاءُ ڪندڙ بنياد، اوهين خداوند جي حجت دليل ٻڌو، ڇالاءِ جو خداوند جو پنهنجي قوم سان تڪرار آهي، ۽ هو اسرائيل سان بحث ڪندو.</verse>
				<verse number="3">اي منهنجي قوم، مون اوهان کي ڇا ڪيو آهي؟ ۽ ڇا ۾ مون اوهان کي ڪڪ ڪيو آهي؟ اوهين مون تي شاهدي ڏيو.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو مون توکي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو ۽ غلاميءَ جي گهر مان توکي ڇڏايو اٿم؛ تنهنجي اڳيان مون موسيٰ ۽ هارون ۽ مريم کي موڪليو.</verse>
				<verse number="5">اي منهنجي قوم، هاڻي ياد ڪر تہ موآب جي بادشاهہ ڪهڙي صلاح پڇي، ۽ بلعام بن بعور هن کي ڪهڙو جواب ڏنو؛ شتيم کان وٺي جلجال تائين ياد ڪريو، تہ اوهان کي خداوند جي سچن ڪمن جي خبر پوي.</verse>
				<verse number="6">ڪهڙي شيءِ کڻي آءٌ خداوند جي اڳيان اچان، ۽ خدا تعاليٰ جي اڳيان سجدو ڪريان؟ آءٌ سوختني قربانين يا هڪ سالن جي وهڙن سان اچان ڇا؟</verse>
				<verse number="7">خداوند هزارن گهيٽن ۽ ڏهن هزارن تيل جي ندين سان خوش ٿيندو ڇا؟ آءٌ پنهنجي خطا لاءِ پنهنجو پهريون ڄاول ٻار، ۽ پنهنجي روح جي گناهہ لاءِ پنهنجي جسم جو ڦر ڏيان ڇا؟</verse>
				<verse number="8">اي انسان، هن توکي ڏيکاريو آهي تہ چڱائي ڇا آهي؛ ۽ خداوند توکان ٻيو ڇا ٿو گهري، انهي کان سواءِ تہ تون انصاف ڪرين، رحم کي پيار ڪرين، ۽ پنهنجي خدا سان نماڻو ٿي هلين؟</verse>
				<verse number="9">خداوند جو آواز شهر کي پڪاري چوي ٿو، ۽ ڏاها ماڻهو سندس نالي کان ڊڄندا: لٺ ۽ انهي جي مقرر ڪرڻ واري جي ٻڌو.</verse>
				<verse number="10">ڇا شرير جي گهر ۾ اڃا شرارت جا خزانا آهن ۽ ڪوڙا وٽ، جي ڪراهت جهڙا آهن؟</verse>
				<verse number="11">کوٽي ساهمي ۽ کوٽن تورن جي ڳوٿريءَ سان آءٌ ڪو پاڪ ٿي سگهندس ڇا؟</verse>
				<verse number="12">اُن جا دولتمند ماڻهو ظلم سان ڀريل آهن، ان جي رهاڪن ڪوڙ ڳالهايا آهن، ۽ انهن جي زبان سندن وات ۾ دغاباز آهي.</verse>
				<verse number="13">تنهنڪري مون بہ توکي سخت زخمي ڪيو آهي: مون توکي تنهنجن گناهن جي ڪري ويران ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="14">تون کائيندين پر ڍءُ نہ ٿيندءِ تنهنجي حقارت تنهنجي وچ ۾ ٿيندي: تون لڪائيندين پر بچائي نہ سگهندين، ۽ جيڪي تون بچائيندين سو آءٌ ترار جي حوالي ڪري ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="15">تون پوکيندين پر لڻندين ڪين، تون زيتونن کي لتاڙيندين پر پاڻ کي تيل نہ مکيندين، تون شراب ڪڍندين پر پيئندين ڪين.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو عمريءَ جا قاعدا، ۽ اخي اب جي گهراڻي جا سڀ ڪم اوهين ڪريو ٿا، ۽ اوهين انهن جي صلاح مصلحتن تي هلو ٿا: انهي لاءِ تہ آءٌ توکي ويران ڪريان، ۽ ان جي رهاڪن کي شوڪار جو باعث بنايان؛ ۽ اوهين منهنجي قوم جي ملامت کڻندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">مون تي افسوس! ڇالاءِ جو منهنجو حال اهڙو آهي جهڙو گرميءَ جي ميوي گڏ ڪرڻ کانپوءِ ٿيندو آهي: ڪوبہ ڇڳو کائڻ لاءِ ڪونهي؛ منهنجي روح کي پهرئين پڪل انجير جي خواهش آهي.</verse>
				<verse number="2">ديندار ماڻهو زمين مان مارجي نڪري ويو آهي، ۽ ماڻهن ۾ ڪوبہ سچو ڪونهي؛ هو سڀ خون جي لاءِ لڪي ويٺا آهن؛ هنن مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ جي شڪار ڪرڻ لاءِ ڄار ٿو وجهي.</verse>
				<verse number="3">هنن جا هٿ خراب ڪم ڪرڻ لاءِ چالاڪ آهن؛ حاڪم گهري ٿو وٺي ۽ قاضي رشوت وٺڻ لاءِ تيار آهي: ۽ جيڪو وڏو ماڻهو آهي سو پنهنجي روح جي خرابي ظاهر ٿو ڪري: ۽ انهي طرح هو بڇڙائيءَ لاءِ ٻڌي ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="4">انهن مان جيڪو تمام چڱو آهي سو ڪانڊيري جهڙو آهي ۽ جيڪو تمام سچو آهي سو ڪنڊن جي لوڙهي کان بہ خراب آهي: تنهنجي پهري وارن جو ڏينهن يعني تنهنجي سزا جو ڏينهن اچي پهتو آهي: هاڻي هنن ۾ حيراني پريشاني پوندي.</verse>
				<verse number="5">اوهين ڪنهن دوست تي ڀروسو نہ رکو، ڪنهن سونهين تي ويساهہ نہ ڪريو: جيڪا تنهنجي جان سان لڳي سمهي ٿي، تنهن کان بہ پنهنجي وات جو در بند رک.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو پٽ پيءُ جي بي عزتي ٿو ڪري؛ ڌيءَ پنهنجي ماءُ سان وڙهڻ لاءِ سنبري ٿي اچي؛ نهن پنهنجي سس سان؛ ماڻهوءَ جا دشمن خود سندس گهر وارا آهن.</verse>
				<verse number="7">باقي آءٌ، سو خداوند ڏي نهاريندس؛ آءٌ پنهنجي نجات بخشيندڙ خدا جي لاءِ منتظر ٿي ويهندس: منهنجو خدا منهنجي ٻڌندو.</verse>
				<verse number="8">اي منهنجا دشمن تون مون تي خوشي نہ ڪر؛ جڏهن آءٌ ڪِرندس تڏهن آءٌ اُٿندس؛ جڏهن آءٌ اونداهي ۾ ويهندس تڏهن خداوند منهنجي لاءِ روشنائي ٿيندو.</verse>
				<verse number="9">آءٌ خداوند جي ڪاوڙ سهندس، ڇالاءِ جو مون هن جو گناهہ ڪيو آهي؛ جيسين ڪ هو منهنجي طرفان حجت ڪري، ۽ منهنجو فيصلو ڪري: هو مون کي ڪڍي سوجهري ۾ آڻيندو، آءٌ سندس راستبازي ڏسندس.</verse>
				<verse number="10">تڏهن منهنجو دشمن اهو ڏسي شرمندگيءَ سان ڍڪجي ويندو، جنهن مون کي چيو تہ خداوند تنهنجو خدا ڪٿي آهي؟ منهنجون اکيون انهي کي ڏسنديون؛ هاڻي هو گهٽين جي مٽيءَ وانگي لتاڙجي ويندو.</verse>
				<verse number="11">تنهنجين ڀتين جوڙڻ جو ڏينهن! انهيءَ ڏينهن تنهنجي حد وڌائي ويندي.</verse>
				<verse number="12">انهي ڏينهن هو اسور مان ۽ مصر جي شهر مان، بلڪ مصر کان وٺي نديءَ تائين؛ سمنڊ کان سمنڊ تائين، ۽ جبل کان جبل تائين نڪري تو وٽ ايندا.</verse>
				<verse number="13">تنهن هوندي بہ ملڪ انهن جي ڪري ويران ٿي ويندو جي انهي ۾ رهن ٿا، ڇالاءِ جو سندن ڪمن جا ڦر اهڙا آهن.</verse>
				<verse number="14">پنهنجي قوم کي، ۽ جيڪو تنهنجي ورثي جو ڌڻ آهي تنهن کي، پنهنجي لٺ کڻي ڪرمل جي ٻيلي منجهہ چار: ڀلي تہ بسن جلعاد ۾ چرن، جيئن اڳين ڏينهن ۾ ڪندا هئا.</verse>
				<verse number="15">جيئن مصر جي ملڪ مان نڪري اچڻ جي وقت ائين وري آءٌ هن کي عجيب غريب شيون ڏيکاريندس.</verse>
				<verse number="16">قومون ڏسي پنهنجي سڄي طاقت جي ڪري شرمنديون ٿينديون: اُهي پنهنجو هٿ پنهنجي وات تي رکنديون ۽ سندن ڪن ٻوڙا ٿيندا،</verse>
				<verse number="17">هو نانگ وانگي مٽي چٽينديون؛ ۽ زمين جي سرڻن وانگي هو پنهنجن ٻرن مان ڏڪنديون ٻاهر اينديون: هو خداوند اسان جي خدا وٽ ڊپ سان اينديون، ۽ تنهنجي ڪري ڊڄنديون.</verse>
				<verse number="18">تو جهڙو ٻيو ڪهڙو خدا آهي جو گناهہ معاف ڪري ٿو، ۽ پنهنجي ميراث جي باقي رهيلن جي ڏوهہ کان گذر ڪري ٿو؟ هو هميشہ لاءِ ڪاوڙيل نٿو رهي، ڇالاءِ جو هن کي رحم ڪرڻ پسند آهي.</verse>
				<verse number="19">هو ڦرندو ۽ اسان تي رحم ڪندو. هو اسانجن گناهن کي پيرن هيٺ لتاڙيندو: ۽ تون هنن جا سڀ گناهہ سمنڊ جي تري ۾ اُڇلائي ڦٽا ڪندين.</verse>
				<verse number="20">تون يعقوب کي سچائي ڏيندين، ۽ ابرهام کي رحم بخشيندين، جيئن تو قديم وقت کان وٺي اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="34">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">نينوہ بابت نبوت، ناحوم القوشيءَ جي رويا جو ڪتاب.</verse>
				<verse number="2">خداوند غيرت وارو ۽ انتقام وٺندڙ خدا آهي؛ هائو خداوند انتقام ٿو وٺي ۽ ڪاوڙ ٿو ڏيکاري؛ خداوند پنهنجن دشمنن کان وير وٺي ٿو، ۽ پنهنجي ويرين لاءِ قهر سانڍي رکي ٿو.</verse>
				<verse number="3">خداوند ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو آهي ۽ طاقت ۾ وڏو آهي، ۽ ڏوهارين کي ڪنهن بہ طرح ڇڏي نہ ڏيندو. خداوند جي راهہ واچوڙي ۾ ۽ طوفان ۾ آهي، ۽ بادل هن جي پيرن جي مٽي آهن.</verse>
				<verse number="4">هو سمنڊ کي ڇينڀي خشڪ ڪري ڇڏي ٿو، ۽ سڀ نديون سُڪائي ڇڏي ٿو. بسن ۽ ڪرمل ۽ لبنان جا گل بہ ڪومائجي وڃن ٿا.</verse>
				<verse number="5">سندس خوف کان جبل ڏڪن ٿا، ۽ ٽڪر پگهري وڃن ٿا؛ ۽ زمين سندس اڳيان ڏڪي ٿي، هائو، دنيا ۾ جيڪي اُن ۾ رهن ٿا سي بہ ڏڪن ٿا.</verse>
				<verse number="6">هن جي غصي اڳيان ڪير بيهي سگهندو؟ ۽ هن جي ڪاوڙ جي جوش مهل ڪير بيهي سگهندو! هن جو قهر باهہ وانگي ڦاٽي ٿو نڪري، ۽ ٽڪرن کي هو چيري ٿو ڇڏي.</verse>
				<verse number="7">خداوند چڱو آهي ۽ مصيبت جي ڏينهن هڪڙو مضبوط قلعو آهي؛ ۽ جيڪي مٿس ڀروسو رکن ٿا تن کي هو سڃاڻي ٿو.</verse>
				<verse number="8">پر هڪڙي اُٿلندڙ ٻوڏ سان هو انهي جي جاءِ کي پورو ڪري ڇڏيندو، ۽ پنهنجي دشمنن کي ڀڄائي اونداهي ۾ آڻيندو.</verse>
				<verse number="9">اوهين خداوند جي برخلاف ڪهڙا خيال ٿا ڪريو؟ هو بلڪل چٽ ڪري ڇڏيندو، اهڙو جو وري مصيبت نہ اُٿندي.</verse>
				<verse number="10">جيتوڻيڪ هو ڳتيل ڪنڊن وانگر آهن، ۽ ڄڻ تہ شراب ۾ پُسيل آهن، تہ بہ سُڪل بهہ وانگي سڙي چٽ ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="11">تو مان هڪڙو نڪتو آهي، جنهن خداوند جي برخلاف برو منصوبو ٻڌو آهي، ۽ شرارت جي رٿ ڪئي اٿس.</verse>
				<verse number="12">خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ هو نهايت زور وارا هوندا، ۽ گهڻا بہ هوندا، پر ائين ماريا ويندا جو چٽ ٿي وڃن، ۽ اُهو گم ٿي ويندو. جيتوڻيڪ مون توکي ڏکي ڪيو آهي تہ بہ وري توکي ڏکي نہ ڪندس.</verse>
				<verse number="13">هاڻي آءٌ هن جي پاڃاري اوهان تان ڀڃي لاهيندس، ۽ بند ڀڃي کولي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="14">۽ خداوند تنهنجي نسبت ۾ حڪم جاري ڪيو آهي، تہ تنهنجو نالو وري پوکيل نہ سڏجي: تنهنجن معبودن جي گهر مان آءٌ اُڪريل مورت ۽ پلٽيل مورت وڍي ڇڏيندس؛ آءٌ تنهنجي قبر جوڙيندس؛ ڇالاءِ جو تون ڪميڻو آهين.</verse>
				<verse number="15">ڏس، جبلن تي انهيجا پير آهن جو خوشخبري آڻي ٿو، ۽ سلامتيءَ جو اشتهار ٿو ڪري! اي يهوداهہ، تون پنهنجون عيدون ۽ پنهنجا مڃتائون پوريون ڪر. ڇالاءِ جو شرير وري تو منجهان لنگهي نہ ويندو؛ هو بلڪل چٽ ٿي ويو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">جيڪو ڀڃي پرزا پرزا ٿو ڪري، سو تو تي چڙهي آيو آهي: جنگي سامان تيار رک، رستي تي نظر رک، پنهنجي چيلهہ ٻڌي پاڻ کي تمام مضبوط ڪر.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو خداوند يعقوب جي رونق کي اسرائيل جي رونق وانگر وري آڻيندو: ڇالاءِ جو خالي ڪرڻ وارن انهي کي خالي ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هن جي ڊاک جي ٽارين کي چٽ ڪري ڇڏيو اٿن.</verse>
				<verse number="3">هن جي پهلوانن جا سپر ڳاڙها آهن، ۽ بهادر مردن جي پوشاڪ کهنبي آهي: هن جون گاڏيون تياريءَ جي ڏينهن رُڪ سان چمڪن ٿيون ۽ نيزا سخت لُڏن ٿا.</verse>
				<verse number="4">گاڏيون گهٽين ۾ ڇوهہ مان ڊوڙن ٿيون، ۽ ڪشادن رستن تي هڪ ٻئي تي اچي ٿيون ٺهڪن: هو ٻرندڙ مشعل وانگر ۽ وڄ وانگر آهن.</verse>
				<verse number="5">هو پنهنجي سردارن کي ڪوٺي ٿو، ۽ هو آٿڙندا اچن ٿا، ۽ تڪڙا تڪڙا ڀت تي چڙهي مورچا ٿا ٺاهين.</verse>
				<verse number="6">ندين جا بند کلي ٿا پون ۽ محلات ڀڄي ڪِري ٿو پوي.</verse>
				<verse number="7">۽ حصب اُگهاڙي ڪري قيد ٿي ويئي آهي، ۽ انهي جون ٻانهيون ڪبوترن جي آواز سان ٿيون اوسارين ۽ ڇاتيون ٿيون ڪُٽين.</verse>
				<verse number="8">پر نينوہ قديم وقت کان پاڻيءَ جي حوض وانگي آهي، تہ بہ هو ڀڄي پيا وڃن. هو پڪارين ٿا تہ بيهي رهو، بيهي رهو، پر ڪوبہ منهن ورائي نٿو نهاري.</verse>
				<verse number="9">اوهين چاندي لُٽيو، ۽ سون لُٽيو، ڇالاءِ جو خزانو کُٽڻ جو ڪونهي ۽ عمدي سامان جي پڄاڻي ڪونهي.</verse>
				<verse number="10">هو خالي، سکڻي، ۽ ويران آهي، هنن جي دل پاڻي ٿي وڃي ٿي ۽ گوڏا پاڻ ۾ پيا ٽهڪن، ۽ چيلهہ چڪي ٿي وڃين، ۽ سڀني جا منهن ڦڪا ٿي ويا آهن.</verse>
				<verse number="11">شينهن جو غار، ۽ ننڍي شينهن جي کارائڻ جي جاءِ ڪٿي آهي، جتي شينهن ۽ شينهڻ ۽ سندن ٻچڙا گهمندا هئا، ۽ ڪنهن بہ انهن کي نٿي ڊيڄاريو؟</verse>
				<verse number="12">شينهن پنهنجي ٻچڙن لاءِ ڪافي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪيو، ۽ شينهڻ لاءِ جهلي رکيو، ۽ پنهنجا غار شڪار سان، ۽ پنهنجون لڪڻ جون جايون ڦاڙيلن سان ڀري ڇڏيون.</verse>
				<verse number="13">خداوند لشڪرن جو خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، ۽ آءٌ تنهنجي گاڏين کي ساڙي دونهون ڪندس، ۽ ترار تنهنجن جوان شينهن کي کائي ويندي؛ ۽ آءٌ تنهنجو شڪار زمين مان وڍي ڇڏيندس، ۽ تنهنجن قاصدن جو آواز وري ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">افسوس آهي انهيءَ خوني شهر تي! اُهو سڄو ڪوڙ ۽ لُٽ سان ڀريل آهي. هو لٽ مار کان باز نٿو اچي.</verse>
				<verse number="2">چهبڪ جو آواز ۽ چيڪلن جو ڪڙڪو؛ ڪُڏندڙ گهوڙا ۽ ٽپندڙ گاڏيون؛</verse>
				<verse number="3">گهوڙي سوار، چمڪندڙ ترار ۽ تجلو ڪندڙ نيزي سان حملو ٿو ڪري؛ ۽ بيشمار ماريل ۽ مڙهن جو ڍير ۽ لاشن جي پڄاڻي ئي ڪانهي: هو مڙهن تي پيا آٿڙن.</verse>
				<verse number="4">اهو سڀ انهيءَ خوبصورت ڪڃريءَ جي گهڻين زناڪارين جو سبب آهي؛ جا اُستاد جادوگرڻ آهي، ۽ پنهنجين زناڪارين سان ملڪ، ۽ پنهنجي جادن سان خاندان وڪڻيو ڇڏي.</verse>
				<verse number="5">لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان؛ آءٌ تنهنجو دامن اُٿلائي تنهنجي منهن تي وجهندس، ۽ قومن ۾ توکي اُگهاڙو ۽ بادشاهتن ۾ توکي بي شرم ڪندس.</verse>
				<verse number="6">۽ آءٌ توتي ڪراهت جهڙي گندگي اُڇلائي وجهندس، ۽ توکي بڇڙو ڪندس، اهڙو جو جهان پيو توکي تڪيندو.</verse>
				<verse number="7">۽ ائين ٿيندو تہ جيڪي توکي ڏسندا سي توکان ڀڄي پري ٿيندا، ۽ چوندا تہ نينوہ ويران ڪئي ويئي آهي؛ ڪير اُنهي جي لاءِ ماتم ڪندو؟ توکي دلاسي ڏيڻ وارا ڪٿان ڳوليان؟</verse>
				<verse number="8">تون نوآمون کان بهتر آهين ڇا، جا ندين جي وچ ۾ هئي ۽ چوڌاري پاڻي هوس؛ جنهن جي ڪوٽ جو ڪنگرو نيل ندي هئي، ۽ جنهن جي ڀت سمنڊ هو؟</verse>
				<verse number="9">ڪوش ۽ مصر انهيءَ جو زور هئا، انهي جي حد ئي ڪانہ هئي؛ فوطہ ۽ لوبيم تنهنجا مددگار هئا؛</verse>
				<verse number="10">انهيءَ هوندي بہ هوءَ قيد ٿي کڄي ويئي: انهي جا ننڍڙا ٻار بہ سڀني گهٽين ۾ اُڇلائي پرزا پرزا ڪيا ويا؛ ۽ ان جي آبرو وارن ماڻهن جي لاءِ هنن ڪڻا وڌا، ۽ ان جي سڀني وڏن ماڻهن کي زنجير سان ٻڌائون.</verse>
				<verse number="11">تون بہ نشي ۾ مست ٿيندينءَ ۽ لڪندينءَ؛ تون بہ دشمن جي ڊپ کان پناهہ ڳوليندينءَ.</verse>
				<verse number="12">تنهنجا سڀ قلعا انهن انجيرن جي وڻن جهڙا ٿيندا، جن ۾ پهريان پڪل انجير هجن: جي انهن کي ڪو لوڏي تہ اُهي کائيندڙ جي وات ۾ ڪِري پون.</verse>
				<verse number="13">ڏس، جيڪي ماڻهو تنهنجي وچ ۾ آهن، سي زالن جهڙا ٿي پيا آهن؛ تنهنجي ملڪ جا دروازا تنهنجن دشمنن لاءِ کولي ڏنا ويا آهن؛ باهہ تنهنجا گز ساڙي ڇڏيا آهن.</verse>
				<verse number="14">حملي جي وقت لاءِ پاڻي گڏ ڪر، ۽ پنهنجا قلعا مضبوط ڪر: مٽي لتاڙي گارو ٺاهہ ۽ سرن لاءِ کوُرو مضبوط ڪر.</verse>
				<verse number="15">اُتي توکي باهہ چٽ ڪندي، ۽ ترار وڍي ڇڏيندي؛ اُها توکي مڪڙ وانگي کائي ڇڏيندي: مڪڙين وانگي پاڻ کي وڌاءِ، ۽ مڪڙن وانگي پاڻ کي گهڻو ڪر.</verse>
				<verse number="16">تو پنهنجا سوداگر آسمان جي تارن کان بہ گهڻا ڪيا آهن: مڪڙ کائي اُڏامي ٿا وڃن.</verse>
				<verse number="17">تنهنجا حاڪم مڪڙن وانگي آهن، ۽ تنهنجا سردار تڏن جي ميڙن وانگي آهن؛ جي سياري جي وقت لوڙهن ۾ منزل ٿا ڪن، پر جڏهن سج مٿي چڙهي ٿو، تڏهن ڀڄي ٿا وڃن، ۽ خبر ئي نٿي پوي تہ ڪٿي آهن.</verse>
				<verse number="18">اي اسور جا بادشاهہ، تنهنجا ڌنار سمهيا پيا آهن، تنهنجا امير آرام ۾ آهن، تنهنجي رعيت جبلن تي پکڙي پيئي آهي، ۽ ڪوبہ انهن کي گڏ ڪرڻ وارو ڪونهي.</verse>
				<verse number="19">ڪوبہ تنهنجي دل کي تسلي ڏيڻ وارو ڪونهي؛ تنهنجو زخم سخت آهي: جيڪي تنهنجي شڪست جو ٿا ٻڌن، سي تو تي تاڙيون ٿا وڄائين؛ ڇالاءِ جو اُهو ڪير آهي، جنهن تي سدائين تنهنجي شرارت جو بار نہ هو؟</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="35">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">اُهو ڪلام جو حبقوق نبيءَ ڏٺو.</verse>
				<verse number="2">اي خداوند ڪيستائين آءٌ دانهون ڪندس ۽ تون نہ ٻڌندين؟ آءٌ تو وٽ ظلم زبردستيءَ جون دانهون ٿو ڪريان، پر تون بچائين نٿو.</verse>
				<verse number="3">ڇو تون مون کي بي انصافي ۽ ڏنگائي ٿو ڏيکارين؟ ڦرلٽ ۽ ظلم زبردستي منهنجي اڳيان آهن، ۽ جهيڙو ۽ بحث پيو هلي.</verse>
				<verse number="4">تنهنڪري قاعدو قانون ڍرو ٿي ويو آهي؛ ۽ پوري عدالت ڪانہ ٿي ٿئي؛ ڇالاءِ جو شرير سچن کي گهيري ٿا وڃن، تنهنڪري عدالت ڏنگي ٿي ويئي آهي.</verse>
				<verse number="5">اوهين قومن تي ڌيان ڏيئي نظر ڪريو ۽ گهڻو عجب ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ اوهانجن ڏينهن ۾ اهڙو ڪم ڪندس جو جيڪڏهن اوهان کي ٻڌايو ويندو، تہ اوهين اعتبار ڪين ڪندا.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو ڏسو، آءٌ ڪسدين کي، جا ڪَرڙي ۽ اُٻري قوم آهي، اُٿاري کڙو ڪندس: جي سڄي زمين تي هلن ٿا ۽ اُهي جايون هٿ ٿا ڪن جي سندن ناهن.</verse>
				<verse number="7">هو خوفناڪ ۽ هيبتناڪ آهن. هنن جي عدالت ۽ هنن جي وڏائي منجهانئن نڪري ٿي.</verse>
				<verse number="8">هنن جا گهوڙا بہ چيتن کان تکا آهن، ۽ شام جي بگهڙن کان وڌيڪ خوفناڪ آهن. هنن جا گهوڙي سوار مغروريءَ ۾ وڌندا ٿا اچن: هائو، هنن جا گهوڙي سوار پري پري کان ائين اُڏامندا ٿا اچن جيئن عقاب شڪار ڳڙڪائڻ لاءِ ايندو آهي.</verse>
				<verse number="9">هو سڀ زور زبردستيءَ لاءِ ٿا اچن: هنن جا منهن اهڙي شوق سان ڀريل آهن، جهڙو اُڀرندي جو واءُ؛ ۽ هو واريءَ وانگي قيدي گڏ ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="10">هو بادشاهن تي ٺٺوليون ٿا ڪن. ۽ شهزادا هنن جي اڳيان کل چرچو آهن: هو سڀ ڪنهن مضبوط قلعي تي کلن ٿا؛ ڇالاءِ جو هو دمدما ٻڌي انهي کي فتح ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="11">تڏهن هو واءُ وانگي گذري ٿا وڃن، ۽ قصور ڪري ڏوهاري ٿا ٿين، ڇالاءِ جو هنن جو زور سندن خدا آهي.</verse>
				<verse number="12">اي خداوند منهنجا خدا، اي منهنجا پاڪ خدا، تون هميشہ کان ناهين ڇا؟ اسين ڪين مرنداسين. اي خداوند تو هن کي عدالت لاءِ مقرر ڪيو آهي، ۽ تو، يعني اسان جي پناهہ، هن کي سيکت لاءِ قائم ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="13">تنهنجون اکيون اهڙيون پاڪ آهن جو بڇڙائيءَ کي ڏسي نٿو سگهين، ۽ شرارت ڏي نهاري نٿو سگهين، سو ڪهڙي سبب هنن تي نظر ٿو ڪرين جي دغابازيءَ جي هلت ٿا ڪن؛ ۽ جڏهن شرير، پاڻ کان وڌيڪ سچي ماڻهو کي ڳهي وڃي ٿو، تڏهن ڇو ماٺ ڪري ويهي ٿو رهين؛</verse>
				<verse number="14">۽ ماڻهن کي سمنڊ جي مڇين وانگر ۽ ڪينئن وانگر ٿو ڪرين، جيئن تہ سندن مالڪ ئي ڪونهي؟</verse>
				<verse number="15">هو انهن سڀني کي ڪنڍيءَ سان ڪڍي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي ٿو، ۽ انهن کي پنهنجي وڏي ڄار ۾ گڏ ڪري ٿو، ۽ هو خوش ۽ سرهو ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="16">تنهنڪري هو پنهنجي ڄار جي لاءِ قرباني ۽ پنهنجي وڏيءَ ڄار جي لاءِ لوبان ٿو ساڙي؛ ڇالاءِ جو انهن جي وسيلي هن جو حصو وڏو ۽ هن جو کاڌو ججهو ٿئي ٿو.</verse>
				<verse number="17">هاڻي هو پنهنجي ڄار خالي ڪندو ڇا ۽ قومن کي هميشہ قتل ڪرڻ کان بس نہ ڪندو ڇا؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">آءٌ پنهنجي ديدگاهہ تي بيهندس، ۽ ٺلهہ تي بيهي نگاهہ ڪندس تہ ڏسان تہ هو مون سان ڇا ٿو ڳالهائي، ۽ پنهنجي فرياد بابت آءٌ ڪهڙو جواب ڏيان.</verse>
				<verse number="2">۽ خداوند مون کي ورندي ڏيئي چيو، تہ هي رويا لک، بلڪ تختين تي صاف لک، تہ جيڪو ڊوڙي ٿو سو بہ پڙهي سگهي.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو رويا اڃا بہ مقرر ڪيل وقت تائين آهي، ۽ اُهو پڇاڙيءَ ڏي تڪڙو لنگهندو وڃي ٿو، ۽ ڪوڙ نہ چوندو: جيتوڻيڪ اُهو دير ڪندو، تہ بہ تون انهيءَ لاءِ منتظر رهہ، ڇالاءِ جو اُهو ضرور ايندو ۽ دير ڪين ڪندو.</verse>
				<verse number="4">ڏس، هن جو روح مغرور ٿي ويو آهي، اُهو منجهس سچو ناهي، پر راستباز پنهنجي ايمان جي ڪري جيئرو رهندو.</verse>
				<verse number="5">هائو مغرور ماڻهو شراب وانگر دغاباز آهي ۽ پنهنجي گهر ۾ نٿو رهي؛ هو دوزخ وانگي پنهنجي گهرج وڌائي ٿو، ۽ موت وانگي آهي جنهن جو ڪڏهن بہ ڍءُ نٿو ٿئي، بلڪ سڀ قومون پنهنجي لاءِ گڏ پيو ڪري، ۽ سڀ خلقتون پنهنجي لاءِ پيو ميڙي.</verse>
				<verse number="6">هي سڀ هن جي برخلاف هڪڙو مثال ۽ هڪڙي ملامت جهڙو پهاڪو نہ کڻندا ڇا، ۽ چوندا تہ ويل هجي انهي سان، جو ٻين جي مال تي پاڻ کي ٿو وڌائي! پر اِهو ڪيستائين ٿيندو؟ ۽ جو پاڻ کي گروي ڏنل شين سان ڀري ٿو!</verse>
				<verse number="7">اُهي جيڪي توکي کائي ويندا سي اوچتو نہ اُٿندا ڇا؟ ۽ اُهي جاڳندا ۽ توکي ستائيندا، ۽ تون انهن جو شڪار ٿي ويندين.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو تو گهڻين ئي قومن کي لُٽيو آهي ۽ تو ماڻهن جو رت وهايو آهي، ۽ ملڪ، ۽ شهر جي رهندڙن سان ظلم ڪيو اٿيئي. تنهنڪري باقي بچيل قومون توکي لُٽينديون.</verse>
				<verse number="9">انهي تي افسوس جو پنهنجي گهر لاءِ ناحق فائدو حاصل ٿو ڪري، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجو آکيرو مٿي رکي، تہ خرابيءَ کان بچي رهي!</verse>
				<verse number="10">تو گهڻين ئي قومن کي وڍڻ سان پنهنجي گهراڻي جي لاءِ خواري هٿ ڪئي آهي، ۽ پنهنجي روح جي برخلاف گناهہ ڪيو اٿيئي.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو ڀتين مان پٿر نڪري پڪاريندا ۽ ڪاٺ مان ڪام جواب ڏيندي.</verse>
				<verse number="12">افسوس آهي انهي تي جو رت سان ڳوٺ اڏي ٿو، ۽ بڇڙائي سان شهر قائم ٿو ڪري!</verse>
				<verse number="13">ڏس اهو لشڪرن جي خداوند جي طرفان ناهي ڇا تہ ماڻهن جو پورهيو باهہ کي ڏئي، ۽ قومون باطل شين لاءِ هلاڪ ٿين؟</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو زمين خداوند جي جلال جي ڄاڻپ سان ائين ڀرجي ويندي، جيئن پاڻي سمنڊ کي ڍڪي ٿو ڇڏي.</verse>
				<verse number="15">افسوس آهي انهي تي، جو پنهنجي پاڙيسريءَ کي پيئڻ لاءِ شراب ٿو ڏئي ۽ منجهس پنهنجو زهر ٿو گڏي، ۽ هن کي نشئي ٿو ڪري تہ سندن اوگهڙ تي نظر ڪري!</verse>
				<verse number="16">تون وڏائيءَ جي بدلي شرم سان ڀريل آهين: تون بہ پي اڻ طهريل جهڙو ٿيءُ: خداوند جي ساڄي هٿ وارو پيالو تو ڏي ڦيرايو ويندو، ۽ تنهنجي وڏائي ڦري خراب خواري ٿي پوندي.</verse>
				<verse number="17">جيڪو ظلم لبنان سان ٿيو، ۽ جيڪو ڪوس جانورن جو ٿيو، جنهنڪري هو ڊڄي ويا، ۽ جيڪو ظلم تو ملڪ ۽ شهر ۽ اُن جي رهاڪن سان ڪيو ۽ ماڻهن جو خون وهايو، سو تو تي ايندو.</verse>
				<verse number="18">اُڪريل مورت مان ڪهڙو فائدو جا اُڪريندڙ اُڪري ٺاهي آهي؟ پلٽيل مورت ۽ ڪوڙن جي سيکاريندڙن مان ڪهڙو فائدو، جو سندس ٺاهڻ وارو انهي تي ڀروسو رکي گونگن بُتن کي ٺاهي ٿو.</verse>
				<verse number="19">افسوس انهي تي، جو ڪاٺ کي ٿو چوي تہ جاڳ، ۽ گونگي پٿر کي تہ اُٿ! هن مان ڪا تعليم ملندي ڇا؟ ڏس، هن تي سون ۽ چاندي چڙهيل آهي، ۽ انهي منجهہ ساهہ ڪونهي.</verse>
				<verse number="20">پر خداوند پنهنجي پاڪ هيڪل ۾ آهي، ۽ سڄي زمين هن جي اڳيان خاموش رهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">حبقوق نبيءَ جي دعا، جا شگايونوت جي سُر تي آهي.</verse>
				<verse number="2">اي خداوند، آءٌ تنهنجي ناموس ٻڌي ڏڪي ويو آهيان. اي خداوند، تون پنهنجو ڪم هن ئي زماني ۾ بحال ڪر. هن ئي زماني ۾ انهي کي پڌرو ڪر؛ قهر جي وقت ۾ رحم ياد ڪر.</verse>
				<verse number="3">خداوند تيمان مان آيو، ۽ پاڪ خدا فاران جي جبل تان. هن جي جلال آسمانن کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ زمين هن جي تعريف سان معمور هئي.</verse>
				<verse number="4">۽ هن جي روشنائي نور جهڙي هئي، ترورا سندس هٿ مان پئي نڪتا، ۽ انهيءَ ۾ سندس قدرت لڪل هئي.</verse>
				<verse number="5">هن جي اڳيان مري ٿي ويئي؛ ۽ هن جي پيرن وٽان باهہ جا تير ٿي نڪتا.</verse>
				<verse number="6">هو اُٿيو ۽ زمين ماپيائين، ۽ هن نهاريو ۽ قومن کي هڪالي جدا ڪيائين: مدامي جبل پکڙي ويا، ۽ هميشہ جٽاءُ ڪندڙ ٽڪر جهڪي ويا؛ هن جون راهون مدامي آهن.</verse>
				<verse number="7">مون ڪوشن جا تنبو مصيبت ۾ ڏٺا: مديان جي ملڪ جا پردا ڏڪي ويا.</verse>
				<verse number="8">خداوند ندين کان رنج ٿيو آهي ڇا؟ تنهنجو غصو ندين تي ۽ تنهنجي ڪاوڙ سمنڊ تي هئي ڇا جڏهن تون پنهنجن گهوڙن تي، ۽ نجات جي گاڏين تي چڙهئين؟</verse>
				<verse number="9">تنهنجي ڪمان ظاهر ڪئي ويئي؛ قومن سان ڪيل عهد قائم آهي. تو زمين کي ندين سان چيري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="10">جبلن توکي ڏٺو ۽ ڏڪي ويا؛ پاڻيءَ جون لهرون لنگهي ويون؛ سمنڊ پنهنجو آواز ٻڌايو، ۽ لهرون مٿي چڙهي آيون.</verse>
				<verse number="11">تنهنجي اُڏامندڙ تيرن جي روشني ڪري، ۽ تنهنجي چمڪندڙ ڀالي جي روشنيءَ تي، سج ۽ چنڊ پنهنجي جاءِ ۾ ماٺ ڪري بيٺا؛</verse>
				<verse number="12">تون ڪاوڙ ۾ ملڪ مان لنگهي وئين، تو غصي ۾ قومن کي ڳاهي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="13">تون پنهنجي قوم جي نجات لاءِ، پنهنجي مسح ڪيل جي ڇوٽڪاري لاءِ آيو آهين. تو شريرن جي گهر جي ڇت ڪيرائي ڇڏي ۽ سندن بنياد بلڪل اُگهاڙا ڪري ڇڏيا.</verse>
				<verse number="14">تو سندن ئي لٺ سان سندن بهادرن جو سر ڦوڙيو: هو مون کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ واچوڙي وانگر آيا، ۽ هنن جي خواهش انهيءَ ۾ هئي تہ غريبن کي ڳجهيءَ طرح ڳهي وڃن.</verse>
				<verse number="15">تون پنهنجن گهوڙن تي سوار ٿي، سمنڊ جي مٿان پاڻيءَ جي ڍڳ تي لنگهي وئين.</verse>
				<verse number="16">مون ٻڌو ۽ منهنجي دل ڏڪي ويئي، ۽ آواز ٻڌڻ تي منهنجا چپ ڏڪڻ لڳا؛ منهنجي هڏن ۾ ساڙ گهڙي ويو، ۽ آءٌ بيٺي بيٺي ڏڪڻ لڳس: پر آءٌ صبر ۾ انهي قوم جي مصيبت جي ڏينهن جو منتظر آهيان، جي گڏجي حملو ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="17">ڇو جو جيتوڻيڪ انجير جو وڻ ٻور نہ ڪندو، نڪي ڊاکن ۾ ڦر ٿيندو؛ ۽ زيتون جو پورهيو بي ڦل ٿيندو، ۽ ٻنيون اَن پيدا نہ ڪنديون؛ ڌڻ واڙي کان وڍيو ويندو، ۽ ڍور وٿاڻ ۾ نہ هوندا:</verse>
				<verse number="18">تہ بہ آءٌ خداوند جي ڪري خوشي ڪندس، آءٌ پنهنجي نجات بخشيندڙ خدا جي ڪري سرهو ٿيندس.</verse>
				<verse number="19">يهوواہ، خداوند منهنجي طاقت آهي؛ اُهو منهنجا پير هرڻي جي پيرن جهڙا ٿو ڪري، ۽ مون کي منهنجين مٿانهين جاين تي هلائيندو.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="36">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">خداوند جو ڪلام جو يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ بن امون جي ڏينهن ۾ صفنياہ بن ڪوشي بن جدلياہ بن امرياہ بن حزقياہ تي نازل ٿيو.</verse>
				<verse number="2">خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ زمين جي سطح تان سڀ شيون بلڪل تباهہ ڪندس.</verse>
				<verse number="3">آءٌ ماڻهو توڙي جانور کي چٽ ڪري ڇڏيندس؛ آءٌ هوا جي پکين کي ۽ سمنڊ جي مڇين کي، ۽ شريرن کي سندن آٿڙائڻ وارن پٿرن سان گڏ ناس ڪندس؛ ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انسان کي زمين جي سطح تان وڍي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="4">آءٌ پنهنجو هٿ يهوداہ تي ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن تي ڊگهو ڪندس؛ ۽ بعل جي باقي رهيلن کي هن ملڪ مان وڍي ڇڏيندس، ۽ ڪماريم جو نالو انهيءَ جي ڪاهنن سميت بہ وڍي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="5">۽ انهن کي بہ، جي گهرن جي کڏن تي آسمان جي لشڪر کي ٿا پوڄين؛ ۽ انهن کي بہ، جي سجدو ڪري خداوند جو عهد ٿا ڪن ۽ ملڪوم جو قسم ٿا کڻن؛</verse>
				<verse number="6">۽ انهن کي بہ جي خداوند کان ڦري ويا آهن؛ ۽ جن خداوند کي نہ ڳوليو آهي ۽ نہ سندس ڪا پڇا ڪئي اٿن.</verse>
				<verse number="7">خداوند خدا جي اڳيان ماٺ ڪري بيهہ؛ ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن ويجهو آيو آهي: خداوند هڪڙي قرباني تيار ڪئي آهي، ۽ هن پنهنجا مهمان بہ خاص طرح مقرر ڪري ڇڏيا آهن.</verse>
				<verse number="8">۽ خداوند جي قرباني واري ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ اميرن ۽ شهزادن ۽ انهن سڀني کي، جن پرديسي پوشاڪ پاتي آهي، سزا ڏيندس.</verse>
				<verse number="9">۽ انهيءَ ڏينهن آءٌ انهن سڀني کي سزا ڏيندس جي چانئٺ ٽپي ٿا وڃن، ۽ پنهنجي مالڪ جو گهر ظلم ۽ ٺڳيءَ سان ٿا ڀرين.</verse>
				<verse number="10">۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ انهيءَ ڏينهن مڇيءَ واري دروازي کان رڙ جو آواز، ۽ ٻئي پاڙي مان رودن، ۽ ٽڪرن تان وڏو ڪڙڪو ايندو.</verse>
				<verse number="11">اي مڪتيس جا رهاڪو، اوهين واويلا مچايو، ڇالاءِ جو ڪنعان جا سڀ ماڻهو چٽ ٿي ويا آهن. ۽ جيڪي چانديءَ سان لڏيل هئا سي سڀ بہ وڍجي ويا آهن.</verse>
				<verse number="12">انهيءَ وقت هيئن ٿيندو تہ آءٌ شمع کڻي يروشلم جي تلاش ڪندس، ۽ انهن ماڻهن کي سزا ڏيندس جي پنهنجي ڪٽيءَ تي ويهي ويا آهن، ۽ جي پنهنجي دل ۾ چون ٿا تہ خداوند نڪا چڱائي ڪندو نڪا برائي ڪندو.</verse>
				<verse number="13">انهن جي دولت لٽ جو مال ٿيندي، ۽ انهن جا گهر ويران ٿيندا: هائو، هو اڏيندا پر وسائيندا ڪين؛ ۽ هو انگورستان لڳائيندا، پر انهن جو شراب نہ پيئندا.</verse>
				<verse number="14">خداوند جو وڏو ڏينهن ويجهو آهي، اُهو ويجهو آهي، ۽ تمام جلد ايندو، بلڪ خداوند جي ڏينهن جو آواز ٿو اچي؛ زور وارو ماڻهو اُتي زار زار روئي ٿو.</verse>
				<verse number="15">اُهو ڏينهن غضب جو ڏينهن آهي، تڪليف ۽ ڏک جو ڏينهن، تباهي ۽ ويراني جو ڏينهن، اونداهي ۽ انڌاري جو ڏينهن، ڪڪرن ۽ گُگهہ اونداهيءَ جو ڏينهن؛</verse>
				<verse number="16">قلعي وارن شهرن ۽ مٿانهن ڪنگرن جي برخلاف قرنائيءَ ۽ جنگ جي خبر جو ڏينهن آهي.</verse>
				<verse number="17">۽ آءٌ ماڻهن تي اهڙي مصيبت آڻيندس جو هو انڌن وانگي هلندا، ڇاڪاڻ تہ هنن خداوند جو گناهہ ڪيو آهي: ۽ مٽيءَ وانگي هنن جو رت وهايو ويندو، ۽ هنن جو گوشت ڇيڻي وانگي.</verse>
				<verse number="18">خداوند جي غضب جي ڏينهن هنن جو سون يا روپو هنن کي ڇڏائي نہ سگهندو؛ پر سڄي زمين کي هن جي غيرت جي باهہ ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي: ڇالاءِ جو هو انهي ملڪ جي سڀني رهاڪن جي پڄاڻي، بلڪ خوفناڪ پڄاڻي ڪندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">اي بي شرم قوم، اوهين پاڻ کي گڏ ڪريو، هائو گڏ ٿيو.</verse>
				<verse number="2">حڪم نڪري تنهن کان اڳي، ۽ ڏينهن تُهن وانگي لنگهي وڃي تنهن کان اڳي، ۽ خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ اوهان تي اچي تنهن کان اڳي، ۽ ڪاوڙ جو ڏينهن اوهان تي اچي تنهن کان اڳي.</verse>
				<verse number="3">زمين جا سڀ حليم، يعني اوهين گڏ ٿيو، جن خداوند جو حڪم بجا آندو آهي، ۽ هن کي ڳوليو؛ سچائي ۽ حلم کي ڳوليو: امڪان آهي تہ خداوند جي ڪاوڙ جي ڏينهن اوهين لڪايا وڃو.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو غزہ سُڃو ٿي ويندو، ۽ اسقلون ويران ٿي ويندو: هو اشدود کي ٻپهرن جو ٻاهر هڪالي ڪڍندا، ۽ عقرون پاڙان پَٽيو ويندو.</verse>
				<verse number="5">سمنڊ جي ڪناري جي رهاڪن، يعني ڪريتين جي قوم لاءِ ويل آهي! اي ڪنعان، فلستين جي زمين، خداوند جو ڪلام اوهان جي برخلاف آهي؛ آءٌ توکي اهڙو ويران ڪري ڇڏيندس جو ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.</verse>
				<verse number="6">سمنڊ جو ڪنارو چراگاهہ ٿي ويندو، بلڪ ريڍارن لاءِ جهوپڙيون، ۽ ڌڻن جا واڙا ٿيندو.</verse>
				<verse number="7">۽ اهو ئي ڪنارو يهوداہ جي باقي رهيلن جي لاءِ ٿيندو؛ انهي تي هو پنهنجا ڌڻ چاريندا: اسقلون جي مڪانن ۾ هو شام جو اچي سمهندا؛ ڇالاءِ جو خداوند سندن خدا سندن سار لهندو، ۽ سندن قيدي موٽائي آڻيندو.</verse>
				<verse number="8">مون موآب جي خواري ڏٺي آهي، ۽ بني عمون جا طعنا، جن سان هنن منهنجي قوم کي مهڻا ٿي ڏنا، ۽ انهن جي سرحدن ۾ پاڻ کي وڌايو اٿن.</verse>
				<verse number="9">تنهنڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ موآب ضرور سدوم جهڙو ٿيندو ۽ بني عمون عمورہ جهڙو؛ يعني ڪنڊن جي جاءِ، ڪلر ۽ مدامي ويراني ٿيندو: منهنجي قوم جا باقي بچيل ماڻهو انهن کي ڦُريندا لُٽيندا، ۽ منهنجي اُمت جا باقي رهيل ماڻهو انهن جا وارث ٿيندا.</verse>
				<verse number="10">اهو سندن مغروريءَ جي سبب ٿيندو، ڇالاءِ جو هنن لشڪرن جي خداوند جي اُمت جي برخلاف طعنا هنيا آهن ۽ پاڻ کي وڏو چوايو اٿن.</verse>
				<verse number="11">خداوند هنن لاءِ خوفناڪ ٿيندو: ڇالاءِ جو هو زمين جي سڀني معبودن کي بک ۾ پاهہ ڪندو: سڀ ماڻهو پنهنجن ملڪن مان يعني سڀ ٻيٽ هن جي عبادت ڪندا.</verse>
				<verse number="12">اي ڪوش جا رهاڪو، اوهين بہ منهنجي ترار سان قتل ڪيا ويندا.</verse>
				<verse number="13">۽ هو اُتر ڏانهن پنهنجو هٿ وڌائيندو ۽ اسور کي ناس ڪندو؛ ۽ نينوہ کي ويران ڪري، بيابان جهڙو خشڪ ڪندو.</verse>
				<verse number="14">سڀني قسمن جا جانور ۽ ڌڻ انهي ۾ اچي ليٽندا: ان جي ٿنڀن جي چوٽين تي پيڻ پکي ۽ سيڙهہ اچي آکيرا ٺاهيندا، ۽ سندن آواز درين ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو؛ ويراني چانئٺن تي پوندي، ڇالاءِ جو هن ديودار جي ڪاٺ جو ڪم اُگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="15">هي اُهو خوشي ڪندڙ شهر آهي جو بي فڪر رهندو هو، ۽ جو پنهنجي دل ۾ چوندو هو، تہ آءٌ ئي آهيان ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوئي ڪونهي: ڪيئن نہ هو ويران ۽ جانورن جي سمهڻ جي جاءِ ٿي پيو آهي! جيڪو انهيءَ جي پاسي کان لنگهندو سو شوڪارا ڀريندو ۽ پنهنجو هٿ لوڏيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">افسوس آهي انهي شهر تي، جو فسادي، ۽ پليت، ۽ ظالم آهي.</verse>
				<verse number="2">هن حڪم نہ مڃيو؛ هن سيکت نہ ورتي؛ هن خداوند تي ڀروسو نہ رکيو؛ هو پنهنجي خدا جي ويجهو نہ ويو.</verse>
				<verse number="3">سندس امير انهن جي وچ ۾ گجندڙ شينهن آهن؛ ان جا قاضي رات جي بگهڙ وانگر آهن: اُهي صبح تائين ڪي بہ ڪين ٿا ڇڏين.</verse>
				<verse number="4">هن جا نبي هلڪا ۽ دغاباز شخص آهن؛ ان جي ڪاهنن پاڪ مڪان کي ناپاڪ ڪيو آهي، ۽ شريعت جي برخلاف هلت ڪئي اٿن.</verse>
				<verse number="5">ان جي وچ ۾ خداوند سچو آهي؛ اُهو بي انصافي نہ ڪندو؛ هر روز صبح جو هو پنهنجي عدالت ظاهر ڪري ٿو ۽ ڪڏهن بہ گُسي نٿو، پر بي انصاف ماڻهوءَ کي شرم ڪونهي.</verse>
				<verse number="6">مون قومن کي وڍي ڇڏيو آهي، ان جا ڪنگرا ويران پيا آهن؛ مون سندن گهٽيون اهڙيون سُڃيون ڪري ڇڏيون آهن جو اُتان ڪوبہ ڪونہ ٿو لنگهي؛ انهن جا شهر اهڙا ناس ٿي ويا آهن جو انهن ۾ ڪوبہ ماڻهو رهڻ وارو ڪونهي.</verse>
				<verse number="7">مون چيو تہ يقيناً تون مون کان ڊڄندين، تون سيکت قبول ڪندين؛ تہ من تنهنجي رهڻ جي جڳهہ ڊاهي نہ وڃي، جيئن سندس لاءِ مون حڪم ڪيو هو: پر هو سوير ئي اُٿيا ۽ پنهنجا سڀ بڇڙا ڪم ڪيائون.</verse>
				<verse number="8">تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين منهنجي لاءِ انهيءَ ڏينهن تائين ترسو، جنهن ڏينهن آءٌ اُٿي انهن جو شڪار ڪريان: ڇالاءِ جو منهنجو ارادو آهي تہ آءٌ قومن ۽ بادشاهتن کي گڏ ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ انهن تي پنهنجو غصو ۽ پنهنجو سخت قهر ڇنڊيان؛ ڇالاءِ جو سڄي زمين منهنجي غيرت جي باهہ سان چٽ ڪئي ويندي.</verse>
				<verse number="9">انهي کان پوءِ آءٌ وري ماڻهن جي زبان پاڪ ڪندس، تہ هو سڀ خداوند کان دعا گهرن، ۽ هڪ دل ٿي هن جي عبادت ڪن.</verse>
				<verse number="10">ڪوش جي ندين جي پريان، منهنجا سوالي، يعني منهنجي ٽڙي پکڙي ويلن جي ڌيءَ منهنجي قرباني آڻيندي.</verse>
				<verse number="11">انهيءَ ڏينهن تون پنهنجن سڀني ڪمن کان شرمندي نہ ٿيندينءَ ڇا، جن سان تو منهنجو گناهہ ڪيو آهي؟ ڇالاءِ جو تڏهن آءٌ تنهنجي وچ مان سڀني مغرورن کي ڪڍي ڇڏيندس، ۽ تون منهنجي پاڪ جبل تي وري مغروري نہ ڏيکاريندينءَ.</verse>
				<verse number="12">پر آءٌ تنهنجي وچ ۾ هڪڙي ڏکويل ۽ غريب قوم ڇڏيندس، جا خداوند جي نالي تي ڀروسو رکندي.</verse>
				<verse number="13">اسرائيل جا باقي رهيل ماڻهو بڇڙائي نہ ڪندا ۽ نڪي ڪوڙ ڳالهائيندا: نڪي انهن جي وات ۾ دغاباز زبان ڏني ويندي؛ ڇالاءِ جو هو کائيندا، ۽ سمهي رهندا، ۽ ڪوبہ انهن کي نہ ڊيڄاريندو.</verse>
				<verse number="14">اي صيون جي ڌيءَ، ڳاءِ، اي اسرائيل، للڪار؛ اي يروشلم جي ڌيءَ، پنهنجي سڄي دل سان سرهي ٿي ۽ خوشي ڪر.</verse>
				<verse number="15">خداوند تنهنجون سزائون کڻي ويو آهي، هن تنهنجي دشمن کي اُڇلائي ڇڏيو آهي: اسرائيل جو بادشاهہ، يعني خداوند، تنهنجي وچ ۾ آهي: هن کان پوءِ توکي خرابيءَ جو ڪوبہ ڊپ ڪونهي.</verse>
				<verse number="16">انهي ڏينهن يروشلم کي چيو ويندو تہ تون نہ ڊڄ، ۽ صيون کي تہ تون پنهنجا هٿ ڍرا ٿيڻ نہ ڏي.</verse>
				<verse number="17">خداوند تنهنجو خدا تنهنجي وچ ۾ آهي، جو طاقت وارو آهي ۽ بچائيندو: اُهو خوشيءَ سان تو تي خوشي ڪندو: هو پنهنجي محبت ۾ آرام ڪندو، ۽ تو تي خوش ٿي ڳائيندو.</verse>
				<verse number="18">آءٌ انهن تنهنجن ماڻهن کي، جن عيدن لاءِ ماتم ٿي ڪيو ۽ جن بدنامي سَٺي آهي، تن کي گڏ ڪندس.</verse>
				<verse number="19">ڏس، انهيءَ وقت آءٌ انهن کي سزا ڏيندس، جي توکي ستائين ٿا: ۽ جيڪا منڊڪائي ٿي تنهن کي بچائيندس؛ ۽ جيڪا هڪالي ڪڍي ويئي هئي، تنهن کي گڏ ڪندس؛ ۽ جن جي سڄي دنيا ۾ خواري هئي، تن کي تعريف وارو ۽ ناميارو ڪندس.</verse>
				<verse number="20">انهيءَ وقت آءٌ اوهان کي اندر وٺي ايندس، ۽ انهي وقت آءٌ اوهان کي گڏ ڪندس: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جڏهن آءٌ اوهانجين اکين اڳيان اوهان جا قيدي موٽائي آڻيندس، تڏهن آءٌ اوهان کي زمين جي سڀني قومن ۾ تعريف وارو ۽ ناميارو ڪندس.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="37">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">دارا بادشاهہ جي ٻئي سال ۾، ڇهين مهيني جي پهرين تاريخ، خداوند جو ڪلام حجيءَ نبيءَ جي معرفت، يهوداہ جي والي زروبابل بن سيالتي ايل، ۽ ڪاهنن جي سردار يشوع بن يهوصدق تي نازل ٿيو،</verse>
				<verse number="2">تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ هيءَ قوم چوي ٿي تہ اسان جي اچڻ جو اڃا اهو وقت نہ آهي، يعني خداوند جي گهر جي جڙڻ جو وقت.</verse>
				<verse number="3">تڏهن خداوند جو ڪلام حجيءَ نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="4">اهو ڪو وقت آهي ڇا تہ اوهين پاڻ پنهنجين ڇتين پيل گهرن ۾ رهو، ۽ هي گهر ويران پيو هجي؟</verse>
				<verse number="5">تنهنڪري هاڻي لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجين راهن تي ويچار ڪريو.</verse>
				<verse number="6">اوهان گهڻو ئي پوکيو پر حاصل ٿورو ٿا ڪريو؛ اوهين کائو ٿا پر ڍءُ ڪين ٿو ٿئي: اوهين پيئو ٿا، پر آسودا نٿا ٿيو، اوهين ڪپڙا ڍڪيو ٿا، پر اوهان مان ڪوبہ گرم نٿو رهي؛ ۽ جيڪو مزوري ڪمائي ٿو، سو انهيءَ لاءِ ڪمائي ٿو تہ ٽُنگن واري ڳوٿريءَ ۾ وجهي.</verse>
				<verse number="7">لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ پنهنجين راهن تي ويچار ڪريو.</verse>
				<verse number="8">پهاڙي علائقي ۾ وڃو ۽ ڪاٺ آڻي گهر اڏيو؛ ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهيءَ ۾ خوش ٿيندس، ۽ انهيءَ ۾ منهنجي وڏائي ظاهر ٿيندي.</verse>
				<verse number="9">اوهان گهڻي جي اُميد رکي، پر ڏسو ٿورو ٿي پيو؛ ۽ جڏهن اهو اوهين پنهنجو حاصل گهر کڻي آيا، تڏهن مون ڦوڪ ڏيئي اُهو اُڏائي ڇڏيو. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ائين ڇو ٿو ٿئي؟ ڇالاءِ جو منهنجو گهر ويران پيو آهي ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي گهر ڊوڙندو ٿو وڃي.</verse>
				<verse number="10">تنهنڪري اوهان جي خاطر آسمان مان ماڪ نٿي پوي؛ ۽ زمين جو ڦر روڪجي ويو آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ مون ملڪ تي ۽ جبلن تي، اَن تي ۽ شراب تي، تيل تي ۽ زمين جي پيدائش تي، ۽ ماڻهن تي ۽ چوپائي مال تي، ۽ اوهان جي هٿن جي سڄي پورهئي تي خشڪ سالي ڪوٺي آندي آهي.</verse>
				<verse number="12">تڏهن زروبابل بن سيالتي ايل، ۽ يشوع بن يهوصدق، سردار ڪاهن، قوم جي سڀني باقي رهيلن سميت، خداوند پنهنجي خدا جو حق مڃيو، ۽ حجي نبيءَ جون ڳالهيون بہ مڃيون، جنهن کي خداوند سندن خدا موڪليو هو؛ ۽ سڀ خداوند جي حضور ۾ خوف ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="13">تڏهن خداوند جي پيغمبر حجيءَ ماڻهن کي خداوند جو پيغام ٻڌايو ۽ چيائين، تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان سان آهيان.</verse>
				<verse number="14">۽ خداوند يهوداہ جي والي زروبابل بن سيالتي ايل جي روح کي، ۽ سردار ڪاهن يشوع بن يهوصدق جي روح کي، ۽ قوم جي سڀني باقي رهيلن جي روح کي سجاڳ ڪيو، ۽ هو، لشڪرن جي خداوند، يعني پنهنجي خدا جي گهر ۾ ڪم ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="15">۽ اهو دارا بادشاهہ جي ٻئي سال ۾ ڇهين مهيني جي چوويهين تاريخ ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">ستين مهيني جي ايڪيهين تاريخ خداوند جو ڪلام حجي نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">يهوداہ جي والي زروبابل بن سيالتي ايل، ۽ سردار ڪاهن يشوع بن يهوصدق کي، ۽ قوم جي باقي رهيلن کي مخاطب ٿي چئُہ، تہ</verse>
				<verse number="3">اوهان مان ڪهڙو بچيو آهي جنهن هن گهر کي سندس اڳين رونق ۾ ڏٺو هو؟ ۽ هاڻي اوهين انهي کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ اوهان جي نظر ۾ اُهو ڪين جهڙو آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="4">انهيءَ هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اي زروبابل، هاڻي مضبوط ٿيءُ؛ اي يشوع بن يهوصدق، سردار ڪاهن، هاڻي مضبوط ٿيءُ؛ ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ اي ملڪ جا سڀ رهاڪو، مضبوط ٿيو ۽ ڪم ڪريو: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان سان آهيان.</verse>
				<verse number="5">جيئن مصر مان نڪرڻ وقت مون اوهان سان عهد اقرار ڪيو، ۽ منهنجو روح اوهان سان رهيو: اوهين ڊپ نہ ڪريو.</verse>
				<verse number="6">لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اڃا بہ هڪ دفعو، ٿوري وقت کانپوءِ، آءٌ آسمان ۽ زمين، سمنڊ ۽ سُڪيءَ کي لوڏيندس.</verse>
				<verse number="7">لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي آءٌ سڀني قومن کي لوڏيندس، ۽ سڀني قومن جون دلپسند شيون اينديون، ۽ آءٌ هن گهر کي جلال سان ڀري ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="8">لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ چاندي منهنجي آهي ۽ سون بہ منهنجو آهي.</verse>
				<verse number="9">هن گهر جي پوئين رونق پهرين کان وڌيڪ ٿيندي: ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ هتي آءٌ صلح سلامتي بخشيندس.</verse>
				<verse number="10">دارا جي ٻئي سال ۾، نائين مهيني جي چوڏهين تاريخ خداوند جو ڪلام حجي نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="11">لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ شريعت بابت ڪاهنن کان پڇ ۽ چئين، تہ</verse>
				<verse number="12">جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڪ گوشت پنهنجن ڪپڙن جي دامن ۾ کڻي وڃي، ۽ پنهنجي دامن سان ماني، يا ڀت، يا شراب، يا تيل، يا ڪنهن بہ کاڌي جي شيءِ کي ڇُهي، تہ اُها شيءِ پاڪ ٿي پوندي ڇا؟ ۽ ڪاهنن ورندي ڏيئي چيو تہ نہ.</verse>
				<verse number="13">تڏهن حجيءَ چيو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو مردي کي لڳڻ ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، ۽ اُهو انهن شين مان ڪا ڇهي تہ پوءِ اُها شيءِ ناپاڪ ٿيندي يا نہ؟ ۽ ڪاهنن ورندي ڏني تہ اُها ناپاڪ ٿيندي.</verse>
				<verse number="14">تڏهن حجيءَ ورندي ڏيئي چيو، تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ منهنجي اڳيان هن قوم جو ۽ هن خلق جو اهڙو حال آهي؛ ۽ انهن جي هٿن جي سڀ ڪنهن ڪم جو بہ ساڳيو حال آهي، ۽ جيڪو نذرانو ڪري پيش ڪن ٿا سو ناپاڪ آهي.</verse>
				<verse number="15">۽ هاڻي آءٌ اوهان کي منٿ ڪري ٿو چوان تہ اوهين اڄ کان وٺي اڳتي، جڏهن خداوند جي هيڪل ۾ اڃا پٿر تي پٿر نہ رکيو ويو، تنهن کان بہ اڳي جو خيال ڪريو:</verse>
				<verse number="16">انهيءَ زماني جو، جڏهن ڪو ماڻهو ويهن ماڻهن جي ڍڳ تي ٿي آيو، تہ فقط ڏهہ ئي هئا؛ جڏهن ڪو شراب جي چيچڙي مان پنهنجا دنگ ڪڍڻ لاءِ اچي، تڏهن رڳو ويهہ ئي هجن.</verse>
				<verse number="17">مون اوهان کي جهولي، ۽ رتي، ۽ ڳڙن سان اوهان جي سڄي محنت تي ڌڪ هنيو؛ انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي تہ اوهين مون ڏي نہ ڦريا.</verse>
				<verse number="18">آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اڄ کان وٺي اڳتي انهي ڳالهہ جو خيال ڪريو، يعني نائين مهيني جي چوڏهين تاريخ کان، انهي ڏينهن کان جڏهن خداوند جي هيڪل جو بنياد پيو، اوهين انهي جو ويچار ڪريو.</verse>
				<verse number="19">ٻج اڃا انبار خاني ۾ آهي ڇا؟ هائو، ڊاک ۽ انجير جي وڻ، ڏاڙهون ۽ زيتون جي وڻ اڃا ڦر نہ جهليو آهي؛ اڄ کان وٺي آءٌ اوهان کي برڪت ڏيندس.</verse>
				<verse number="20">۽ خداوند جو ڪلام ٻيو ڀيرو، انهي مهيني جي چوڏهين تاريخ حجيءَ تي نازل ٿيو.</verse>
				<verse number="21">تہ يهوداہ جي والي زروبابل کي چئُہ تہ آءٌ زمين ۽ آسمان کي لوڏيندس:</verse>
				<verse number="22">۽ آءٌ بادشاهتن جو تخت اُڇلائي ڇڏيندس؛ ۽ ملڪن جي بادشاهتن جو زور ڀڃي ڇڏيندس: ۽ آءٌ گاڏيون ۽ جيڪي انهن ۾ چڙهن ٿا، تن کي اونڌو ڪري ڇڏيندس؛ گهوڙا ۽ سندن سوار هيٺ ڪِري پوندا؛ هرڪو پنهنجي ڀاءُ جي ترار سان ڪِرندو.</verse>
				<verse number="23">لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن، اي منهنجا ٻانها زروبابل، سيالتي ايل جا پٽ، آءٌ توکي وٺندس، ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ توکي نگينہ منڊيءَ وانگي ڪندس: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون توکي چونڊيو آهي.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="38">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">دارا جي ٻئي سال جي اٺين مهيني ۾ خداوند جو ڪلام زڪرياہ بن برڪياہ بن عدو نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">خداوند اوهانجن ابن ڏاڏن تي سخت ناراض ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="3">تنهنڪري تون هنن کي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي موٽي اچو، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ بہ اوهان ڏي موٽي ايندس.</verse>
				<verse number="4">اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جهڙا نہ ٿيو، جن وٽ اڳين نبين پڪاري ٿي چيو، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ اوهين پنهنجين بڇڙين راهن کان باز اچو، پر خداوند ٿو فرمائي، تہ هنن نڪي ٻڌو، نہ مون ڏي ڪَن ڏنائون.</verse>
				<verse number="5">اوهان جا ابا ڏاڏا ڪٿي آهن؟ ۽ نبي ڪو هميشہ لاءِ جيئرا آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="6">پر منهنجا حڪم ۽ منهنجا قاعدا، جي مون پنهنجن ٻانهن کي فرمايا، اُهي اوهانجن ابن ڏاڏن کي نہ پهتا ڇا؟ ۽ هنن ڦري چيو، تہ جيئن لشڪرن جي خداوند کي وڻيو، تيئن هن اوهان سان ڪيو، يعني اسان کي اسانجين راهن ۽ ڪمن جو بدلو ڏنو اٿس.</verse>
				<verse number="7">دارا جي ٻئي سال جي يارهين مهيني جي چوويهن تاريخ، جو سباط جو مهينو آهي، خداوند جو ڪلام زڪرياہ بن برڪياہ بن عدو تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="8">۽ مون رات جو ڏٺو تہ هڪڙو ماڻهو ڳاڙهي گهوڙي تي چڙهيل آهي ۽ مينديءَ جي وڻن جي وچ ۾ بيٺو آهي، جي هيٺانهين زمين ۾ هئا، ۽ هن جي پٺيان ڳاڙها، ڪميت ۽ سفيد گهوڙا بيٺا هئا.</verse>
				<verse number="9">تڏهن مون پڇيو تہ اي منهنجا سائين، هي ڇا آهن؟ ۽ جنهن فرشتي مون سان ڳالهايو پئي، تنهن مون کي چيو تہ آءٌ توکي ڏيکاريندس تہ هي ڇا آهن.</verse>
				<verse number="10">۽ جيڪو مينديءَ جي وڻن ۾ بيٺو هو، تنهن ورندي ڏيئي چيو، تہ هي اُهي آهن جن کي خداوند سڄيءَ دنيا ۾ هيڏي هوڏي گهمڻ لاءِ موڪليو آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ هنن، اُنهي خداوند جي فرشتي کي جو مينديءَ جي وڻن ۾ بيٺو هو، ورندي ڏيئي چيو، تہ اسين سڄيءَ دنيا ۾ هيڏي هوڏي گهمي آيا آهيون، ۽ ڏس، سڄي دنيا چپ چاپ ۽ آرام ۾ آهي.</verse>
				<verse number="12">تڏهن خداوند جي فرشتي ورندي ڏيئي چيو، تہ اي لشڪرن جا خداوند، ڪيستائين تون يروشلم ۽ يهوداہ جي شهرن تي، جن سان تون ستر سالن کان ناراض آهين، رحم نہ ڪندين؟</verse>
				<verse number="13">۽ جنهن فرشتي مون سان پئي ڳالهايو، تنهن کي خداوند ورندي ڏيئي چڱيون ۽ تسليءَ جهڙيون ڳالهيون ٻڌايون.</verse>
				<verse number="14">۽ جنهن فرشتي مون سان پي ڳالهايو، تنهن مون کي چيو تہ تون پڪاري چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي يروشلم ۽ صيون جي لاءِ تمام گهڻي غيرت ٿي اچي:</verse>
				<verse number="15">۽ آءٌ انهن قومن تي تمام ناراض آهيان جي آرام ۾ آهن؛ ڇالاءِ جو جڏهن آءٌ ٿورو ئي ناراض هوس، تہ هنن برائي ڪري گهڻي مار ڪٽ ڪئي.</verse>
				<verse number="16">تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ يروشلم ۾ رحم سان موٽيو آهيان. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ منهنجو گهر اُنهيءَ ۾ جوڙيو ويندو؛ ۽ يروشلم جي مٿان ماپڻ جي ڏوري وري ڇڪي ويندي.</verse>
				<verse number="17">وري بہ رڙ ڪري چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجا شهر آرام ۽ آسائش جي ڪري وري بہ اڃا پري پري وڌندا، ۽ خداوند اڃا بہ صيون کي تسلي ڏيندو، ۽ يروشلم کي چونڊيندو.</verse>
				<verse number="18">۽ مون اکيون مٿي کڻي نهاريو تہ چار سڱ نظر آيم.</verse>
				<verse number="19">۽ مون انهيءَ فرشتي، جنهن مون سان پئي ڳالهايو، تنهن کي چيو تہ هي ڇا آهن؟ ۽ هن ورندي ڏيئي چيو، تہ هي اُهي سڱ آهن جن يهوداہ، اسرائيل ۽ يروشلم کي ڇڙوڇڙ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="20">۽ خداوند مون کي چار لوهار ڏيکاريا.</verse>
				<verse number="21">تڏهن مون پڇيو تہ هي ڪهڙي ڪم ڪرڻ لاءِ آيا آهن؟ ۽ هن چيو تہ هي اُهي سڱ آهن جن يهوداہ کي اهڙو ڇڙوڇڙ ڪيو جو ڪو ماڻهو پنهنجو ڪنڌ نہ کڻي سگهيو، پر هي انهيءَ لاءِ آيا آهن تہ هنن کي ڊيڄارين، ۽ قومن جي سڱن کي ڪيرائي ڇڏين، جن يهوداہ کي پکيڙي ڇڏڻ لاءِ پنهنجو سڱ وڏو ڪيو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">۽ مون اکيون مٿي کڻي نهاريو تہ هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جي هٿ ۾ ماپ ڪرڻ جي ڏور هئي.</verse>
				<verse number="2">تڏهن مون پڇيومانس تہ تون ڪاڏي ٿو وڃين؟ ۽ هن مون کي چيو تہ يروشلم کي ماپڻ لاءِ ٿو وڃان؛ انهيءَ لاءِ تہ ڏسان تہ اُن جي ويڪر ۽ ڊيگهہ ڪيتري آهي.</verse>
				<verse number="3">۽ ڏس، جنهن فرشتي مون سان ٿي ڳالهايو، سو ٻاهر نڪري ويو، ۽ ٻيو هڪڙو فرشتو هن کي گڏجڻ لاءِ نڪتو.</verse>
				<verse number="4">۽ انهيءَ کي چيائين تہ ڊوڙ، ۽ انهيءَ جوان ماڻهوءَ کي چئُہ تہ يروشلم ڀتين بنا ڳوٺن وانگر، ماڻهن ۽ جانورن جي گهڻائيءَ سبب آباد ٿيندو.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ آءٌ خود انهي لاءِ چوڌاري باهہ جي ڀت وانگر ٿيندس، ۽ آءٌ انهي جي وچ ۾ جلالي ٿيندس.</verse>
				<verse number="6">ٻڌو، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُتر واريءَ زمين کان ڀڄي وڃو، ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون اوهان کي آسمان جي چئن هوائن وانگر ڪشادو پکيڙي ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="7">اي صيون، تون جا بابل جي ڌيءَ سان گڏ ٿي رهين، ڀڄي وڃ.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جلال جي لاءِ هن مون کي انهن قومن ۾ موڪليو، جن اوهان کي ڦُريو لُٽيو آهي: ڇالاءِ جو جيڪو اوهان کي ڇُهي ٿو، سو هن جي اک جي ماڻڪيءَ کي ٿو ڇُهي.</verse>
				<verse number="9">ڏس، آءٌ هنن تي پنهنجو هٿ ٿو لوڏيان، ۽ هو انهن لاءِ لٽ ٿي پوندا جن سندن ٻانهپ ٿي ڪئي، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ لشڪرن جي خداوند مون کي موڪليو آهي.</verse>
				<verse number="10">اي صيون جي ڌيءَ، ڳاءِ ۽ خوشي ڪر: ڇالاءِ جو ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اچان ٿو، ۽ تنهنجي وچ ۾ رهندس.</verse>
				<verse number="11">۽ اُنهيءَ ڏينهن گهڻيون ئي قومون خداوند سان شامل ٿينديون، ۽ منهنجي قوم ٿينديون: ۽ آءٌ تنهنجي وچ ۾ رهندس، ۽ توکي معلوم ٿيندو تہ لشڪرن جي خداوند مون کي تو وٽ موڪليو آهي.</verse>
				<verse number="12">۽ خداوند کي يهوداہ جي پاڪ زمين ۾ سندس موروثي حصو ملندو، ۽ هو اڃا بہ يروشلم کي پسند ڪندو.</verse>
				<verse number="13">اي سڀ ساهہ وارا، خداوند جي اڳيان ماٺ ۾ رهو. ڇالاءِ جو هو پنهنجي پاڪ مڪان مان اُٿيو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">۽ هن مون کي سردار ڪاهن يشوع، خداوند جي فرشتي جي اڳيان بيٺل ڏيکاريو، ۽ شيطان اُن جي ساڄي هٿ جي پاسي ساڻس مقابلو ڪرڻ لاءِ بيٺو هو.</verse>
				<verse number="2">۽ خداوند شيطان کي چيو، تہ اي شيطان، خداوند توتي ملامت ڪري، هائو، خداوند جنهن يروشلم کي پسند ڪيو آهي، سو تو تي ملامت ڪري. هيءَ اُها اُماڙي آهي ڇا جا باهہ مان بچائي ويئي آهي؟</verse>
				<verse number="3">هاڻي يشوع کي گندا ڪپڙا پيا هئا، ۽ هو فرشتي جي اڳيان بيٺو هو.</verse>
				<verse number="4">پوءِ هن اُهي جي سندس سامهون بيٺا هئا، تن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ هن جا گندا ڪپڙا هن تان لاهيو: ۽ هن کي چيائين تہ ڏس مون تنهنجي بدڪاري تو تان لاهي ڇڏي آهي، ۽ آءٌ توکي سهڻا ڪپڙا ڍڪائيندس.</verse>
				<verse number="5">۽ مون چيو، تہ ڀلي هن جي مٿي تي چڱي پڳ آڻي ٻڌن. انهيءَ موجب هنن هڪڙي سٺي پڳ هن جي مٿي تي آڻي ٻڌي، ۽ ڪپڙا ڍڪيائونس؛ ۽ خداوند جو فرشتو پاسي ۾ بيٺو رهيو.</verse>
				<verse number="6">۽ خداوند جي فرشتي يشوع کي تاڪيد ڪري چيو، تہ</verse>
				<verse number="7">لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن تون منهنجي راهہ ۾ هلندين ۽ منهنجي حڪم جي تعميل ڪندين، تہ تون بہ منهنجي گهر تي حڪم هلائيندين، ۽ منهنجي ايوان جي سنڀال ڪندين، ۽ آءٌ توکي هي جيڪي بيٺا آهن، تن ۾ بيهڻ جي جاءِ ڏيندس.</verse>
				<verse number="8">هاڻي اي يشوع، سردار ڪاهن، تون ۽ جيڪي تنهنجا سنگتي تنهنجي اڳيان بيٺا آهن سي ٻڌو: ڇالاءِ جو هي اُهي ماڻهو آهن جي نشاني آهن؛ ڇالاءِ جو ڏس آءٌ پنهنجي ٻانهي، يعني شاخ کي آڻيان ٿو.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو اهو پٿر ڏس جو مون يشوع جي اڳيان رکيو آهي؛ هڪڙي پٿر کي ست اکيون آهن: ڏس، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ان تي نقش اُڪريندس ۽ آءٌ هڪڙي ڏينهن ۾ انهيءَ زمين جو سڄو گناهہ مٽائيندس.</verse>
				<verse number="10">انهيءَ ڏينهن، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڊاک ۽ انجير جي وڻ هيٺان سڏيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">۽ جنهن فرشتي مون سان پئي ڳالهايو، سو وري مون وٽ آيو، ۽ مون کي ائين اچي اُٿاريائين، جيئن ڪنهن کي ننڊ مان اُٿاربو آهي.</verse>
				<verse number="2">۽ هن مون کي چيو، تہ تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون ورندي ڏيئي چيو تہ مون ڏٺو آهي ۽ ڏس تہ هڪڙو سونو شمعدان، جنهن جو پيالو سندس مٿان آهي ۽ ست ڏيئا انهيءَ ۾ آهن؛ ۽ انهيءَ جي مٿان هر ڪنهن ڏيئي لاءِ ست نليون آهن.</verse>
				<verse number="3">۽ انهيءَ جي پاسي ۾ ٻہ زيتون جا وڻ آهن، هڪڙو پيالي جي ساڄي پاسي ۽ ٻيو ان جي کاٻي پاسي.</verse>
				<verse number="4">۽ جنهن فرشتي مون سان پئي ڳالهايو، تنهن کي مون ورندي ڏيئي چيو، تہ اي منهنجا سائين هي ڇا آهن؟</verse>
				<verse number="5">تڏهن انهيءَ فرشتي جنهن مون سان پئي ڳالهايو، تنهن ورندي ڏيئي چيو، تہ تون نٿو ڄاڻين تہ هي ڇا آهن؟ ۽ مون چيو تہ اي منهنجا سائين، نہ.</verse>
				<verse number="6">تڏهن هن مون کي ورندي ڏيئي چيو تہ، اهو زروبابل لاءِ خداوند جو ڪلام آهي، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ، نہ زور سان، نہ توانائيءَ سان پر منهنجي روح سان.</verse>
				<verse number="7">اي وڏا جبل، تون ڇا آهين، زروبابل جي اڳيان تون ميدان ٿي ويندين: ۽ جڏهن هو چوٽيءَ جو پٿر ڪڍي ايندو تڏهن ماڻهو پڪاري چوندا تہ هن تي فضل ٿئي، فضل ٿئي.</verse>
				<verse number="8">۽ خداوند جو ڪلام وري مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="9">زروبابل جي هٿن هن گهر جو بنياد وڌو آهي، ۽ اُنهيءَ جا هٿ ئي هن کي پورو ڪندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ لشڪرن جي خداوند مون کي اوهان وٽ موڪليو آهي.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو خسيس شين جي ڏينهن کي ڪنهن ڌڪاريو آهي؟ ڇالاءِ جو خداوند جون اهي ست اکيون جي سڄي زمين تي گهُمن ٿيون، اُهي زروبابل جي هٿ ۾ شاهل ڏسي خوش ٿينديون.</verse>
				<verse number="11">تڏهن هن مون کان پڇيو، تہ اهي زيتون جا وڻ جي شمعدان جي سڄي ۽ کٻي پاسي آهن، اُهي ڇا آهن؟</verse>
				<verse number="12">۽ مون وري ٻيو ڀيرو بہ هن کان پڇيو، تہ اهي ٻئي زيتون جون شاخون جي سونين نلين جي پاسي ۾ آهن، ۽ جن مان سنهري تيل نڪري ٿو، سي ڇا آهن؟</verse>
				<verse number="13">۽ هن ورندي ڏيئي چيو، تہ ڇا تون نٿو ڄاڻين تہ اهي ڇا آهن؟ ۽ مون چيو تہ اي منهنجا سائين، نہ،</verse>
				<verse number="14">تڏهن هن چيو، تہ اهي ٻئي مسح ٿيل فرزند آهن، جي رب العالمين اڳيان بيهن ٿا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">تڏهن مون وري اکيون مٿي کڻي نهاريو، تہ ڏس، هڪڙي اُڏامندڙ ڪاغذ جي ويڙهي آهي.</verse>
				<verse number="2">۽ هن مون کي چيو، تہ تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون ورندي ڏني، تہ آءٌ هڪڙي اُڏامندڙ ڪاغذ جي ويڙهي ٿو ڏسان؛ جنهن جي ڊيگهہ ويهہ هٿ، ۽ ويڪر ڏهہ هٿ آهي.</verse>
				<verse number="3">تڏهن هن مون کي چيو تہ هيءَ اُها لعنت آهي جا سڄي ملڪ تي نازل ٿيندي: ۽ انهيءَ موجب سڀڪو چور، ۽ ڪوڙي قسم کائڻ وارو هتان وڍيو ويندو.</verse>
				<verse number="4">لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهيءَ کي موڪليان ٿو، تہ اهو چور جي گهر ۾ گهڙي، ۽ انهيءَ جي گهر ۾ بہ جو منهنجي نالي تي ڪوڙو قسم ٿو کڻي؛ ۽ انهيءَ جي وچ ۾ وڃي رهي، ۽ انهيءَ جي گهر کي ڪاٺيءَ ۽ پٿر سميت ناس ڪري.</verse>
				<verse number="5">تڏهن انهيءَ فرشتي جنهن مون سان پئي ڳالهايو، تنهن نڪري مون کي چيو، تہ پنهنجون اکيون مٿي کڻ ۽ ڏس، تہ هيءُ جيڪو وڃي ٿو سو ڇا آهي؟</verse>
				<verse number="6">۽ مون چيو تہ اهو ڇا آهي؟ ۽ هن چيو تہ اهو ايفہ آهي جو وڃي ٿو. ۽ ايترو بہ وڌيڪ چيائين تہ سڄي ملڪ ۾ اها هنن جي شڪل آهي.</verse>
				<verse number="7">(۽ ڏس، شيهي جو هڪڙو گول ڍڪ مٿي کنيو ويو:) ۽ هڪڙي زال ايفہ ۾ ويٺل نظر آئي.</verse>
				<verse number="8">۽ هن چيو تہ اها شرارت آهي؛ ۽ هن انهيءَ کي ايفہ ۾ هيٺ دٻائي، شيهي جو ڍڪ انهيءَ جي منهن تي رکي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="9">تڏهن مون پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاريو، ۽ ڏسان تہ ٻہ زالون نڪري آيون، جن جي پيرن ۾ هوا هئي؛ هاڻي هنن جا پر لقلق پکيءَ جي پرن جهڙا هئا: ۽ اُهي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ ايفہ کي کڻي ويون.</verse>
				<verse number="10">تڏهن مون انهيءَ فرشتي جنهن مون سان پئي ڳالهايو تنهن کي چيو، تہ اهو ايفہ هو ڪاڏي کڻي ٿيون وڃن؟</verse>
				<verse number="11">۽ هن مون کي چيو تہ سنعار جي ملڪ ڏانهن، تہ اتي انهي لاءِ گهر جوڙين، ۽ جڏهن اهو تيار ٿئي، تہ هيءَ پنهنجي جاءِ ۾ رکي وڃي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">۽ وري مون اکيون مٿي کڻي نهاريو، ۽ ڏس، تہ ٻہ پتل جا جبل هئا، جن جي وچان چار گاڏيون نڪري آيون.</verse>
				<verse number="2">پهرين گاڏيءَ جا گهوڙا ڳاڙها هئا؛ ۽ ٻيءَ گاڏيءَ جا گهوڙا مشڪي هئا؛</verse>
				<verse number="3">۽ ٽينءَ گاڏيءَ جا گهوڙا سفيد هئا؛ ۽ چوٿين گاڏيءَ جا گهوڙا چٽڪمرا هئا.</verse>
				<verse number="4">۽ جنهن فرشتي مون سان پئي ڳالهايو، تنهن کان مون پڇيو تہ اي منهنجا سائين، هي ڇا آهن؟</verse>
				<verse number="5">۽ فرشتي مون کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اهي آسمان جون چار هوائون آهن، جي دنيا جي مالڪ جي حضوريءَ مان ٿيون نڪرن.</verse>
				<verse number="6">جنهن گاڏيءَ ۾ مشڪي گهوڙا آهن، اُهي اُتر واري ملڪ ڏانهن وڃن ٿا؛ ۽ سفيد گهوڙا انهيءَ جي پٺيان ويا؛ ۽ چٽڪمرا گهوڙا ڏکڻ جي ملڪ ڏانهن ويا؛</verse>
				<verse number="7">۽ ڪميت گهوڙا زمين تي هيڏي هوڏي گهُمڻ جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳا: ۽ هن چين تہ اوهين هتان وڃو، ۽ زمين تي هيڏي هوڏي گهُمو: سو اُهي سڄيءَ زمين جي سطح تي هيڏي هوڏي گهُمڻ لڳا.</verse>
				<verse number="8">تڏهن هن مون کي پڪاري چيو تہ ڏس، اهي جيڪي اُتر واري ملڪ ڏانهن وڃن ٿا تن منهنجي روح کي اُتر واري ملڪ ۾ آرام ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، ۽ هن فرمايو تہ،</verse>
				<verse number="10">تون اڄ ئي يوسياہ بن صفنياہ جي گهر وڃ، جتي بابل جي قيدين مان خلدي، ۽ طوبياہ، ۽ يدعياہ اچي ٽڪيا آهن؛</verse>
				<verse number="11">۽ انهن کان سون ۽ چاندي وٺي هڪڙو ڇٽ ٺاهہ، ۽ يشوع بن يهوصدق، سردار ڪاهن کي پهراءِ؛</verse>
				<verse number="12">۽ هن کي چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُهو شخص، جنهن جو نالو شاخ آهي، پنهنجيءَ جاءِ ۾ وڌندو ۽ هو خداوند جو هيڪل ٺاهيندو:</verse>
				<verse number="13">هائو، اهو ئي خداوند جو هيڪل تيار ڪندو؛ ۽ انهيءَ جو ئي شان ٿيندو، ۽ هو تخت تي ويهي حڪمراني ڪندو؛ ڪاهن بہ سندس تخت تي ويهندو، ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ صلح سلامتيءَ جي صلاح رهندي.</verse>
				<verse number="14">۽ اهو ڇٽ حليم، ۽ طوبياہ، ۽ يدعياہ، ۽ حين بن صفنياہ جي لاءِ خداوند جي هيڪل ۾ يادگار رهندو.</verse>
				<verse number="15">۽ اُهي جي پري آهن، سي اچي خداوند جي هيڪل کي ٺاهيندا، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ لشڪرن جي خداوند مون کي اوهان وٽ موڪليو آهي. ۽ جيڪڏهن اوهين دل سان خداوند، پنهنجي خدا جا فرمانبردار ٿيندا، تہ اُهي ڳالهيون پوريون ٿينديون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">دارا بادشاهہ جي بادشاهت جي چوٿين سال جي نائين مهيني ۾، يعني ڪسليو مهيني جي چوٿين تاريخ، خداوند جو ڪلام زڪرياہ تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">هاڻي بيت ايل جي ماڻهن شراضر ۽ رجم ملڪ ۽ انهن جي ماڻهن کي موڪليو هو تہ خداوند کي عرض ڪن،</verse>
				<verse number="3">۽ لشڪرن جي خداوند جي گهر جي ڪاهنن ۽ نبين کان پڇن، تہ اسين پنجين مهيني ۾ پاڻ کي جدا ڪري، ماتم ڪريون ڇا، جيئن سال بسال اسان ڪيو آهي؟</verse>
				<verse number="4">تڏهن لشڪرن جي خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو،</verse>
				<verse number="5">تہ ملڪ جي سڀني ماڻهن ۽ ڪاهنن کي چئُہ، تہ جڏهن اوهان پنجين ۽ ستين مهيني ۾ اهي ستر سال روزا رکيا ۽ ماتم ڪيو، تہ ڇا منهنجي لاءِ، بلڪ خاص منهنجي لاءِ، روزا رکندا هئا ڇا؟</verse>
				<verse number="6">۽ جڏهن اوهين کائو يا پيئو ٿا، تہ پنهنجي لاءِ نٿا کائو پيئو ڇا؟</verse>
				<verse number="7">جڏهن يروشلم اڃا آباد ۽ مالدار هو، ۽ سندس چوڌاري شهر ۽ ڏکڻ واري ۽ هيٺانهين زمين آباد هئي، تڏهن اوهان کي اهو ڪلام جو خداوند اڳي نبين جي معرفت ڪيو، سو نہ ٻڌڻ کپندو هو ڇا؟</verse>
				<verse number="8">۽ خداوند جو ڪلام زڪرياہ تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="9">لشڪرن جي خداوند هيئن فرمايو آهي، تہ سچائيءَ سان عدالت ڪريو، ۽ سڀڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ تي مهرباني ۽ رحم ڪري:</verse>
				<verse number="10">۽ بيوهہ زال، ۽ يتيم، ۽ مسافر، ۽ مسڪين تي ظلم نہ ڪريو؛ ۽ اوهان مان ڪوبہ پنهنجي ڀاءُ جي برخلاف دل ۾ برو خيال نہ رکي.</verse>
				<verse number="11">پر هنن ٻُڌڻ کان انڪار ڪيو ۽ پنهنجو ڪلهو ڪڍيو، ۽ پنهنجا ڪَن بند ڪيا تہ نہ ٻُڌن.</verse>
				<verse number="12">هائو، هنن پنهنجون دليون پٿر جهڙيون سخت ڪيون، تہ شريعت ۽ انهيءَ ڪلام کي نہ ٻُڌن، جو لشڪرن جي خداوند اڳي نبين تي پنهنجي روح جي معرفت نازل ڪيو هو: انهيءَ ڪري لشڪرن جي خداوند وٽان وڏو غضب نازل ٿيو.</verse>
				<verse number="13">۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ائين ٿيندو، جيئن مون پڪاريو ۽ هنن نہ ٻُڌو، تيئن هو پڪاريندا ۽ آءٌ نہ ٻُڌندس؛</verse>
				<verse number="14">پر آءٌ کين سڀني قومن ۾، جن جا هو واقف نہ آهن، واچوڙي سان ڇڙوڇڙ ڪندس. ائين ئي ملڪ هنن کانپوءِ ويران ٿي ويو ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ آمدرفت ڪانہ هئي: ڇالاءِ جو هنن دلپسند ملڪ کي ويران ڪيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">۽ لشڪرن جي خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="2">لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي صيون لاءِ سخت غيرت آهي، ۽ انهيءَ غيرت ڪري آءٌ سخت ڪاوڙيل آهيان.</verse>
				<verse number="3">خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ صيون ۾ موٽي آيو آهيان، ۽ يروشلم ۾ رهندس: ۽ يروشلم جو نالو سچائيءَ جو شهر سڏبو؛ ۽ لشڪرن جي خداوند جو جبل، پاڪ جبل سڏبو.</verse>
				<verse number="4">لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ يروشلم جي گهٽين ۾ پير مرد ۽ زالون پنهنجي ٻڍاپي جي سبب ڪري پنهنجي لڪڻ تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ڏسڻ ۾ ايندا.</verse>
				<verse number="5">۽ شهر جا رستا راند ڪندڙ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان ڀريل هوندا.</verse>
				<verse number="6">لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن اها ڳالهہ قوم جي باقي بچيلن جي نظر ۾ اُنهن ڏينهن ۾ عجيب ڏسڻ ۾ ٿي اچي، تہ بہ اها منهنجي نظر ۾ ڪا عجيب ڳالهہ آهي ڇا؟ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي.</verse>
				<verse number="7">لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ پنهنجي قوم کي اُڀرندي ۽ اُلهندي جي ملڪن کان بچائيندس:</verse>
				<verse number="8">۽ آءٌ انهن کي موٽائي آڻيندس، ۽ هو وري يروشلم ۾ رهندا؛ ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا، ۽ آءٌ سچائيءَ ۽ صداقت سان سندن خدا ٿيندس.</verse>
				<verse number="9">لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين جي هن وقت نبين جي معرفت ڪلام ٻُڌو ٿا، جي اُنهن ڏينهن ۾ هئا، جن ڏينهن ۾ لشڪرن جي خداوند جي گهر، يعني هيڪل جو بنياد وڌو ويو هو تہ اُهو ٺاهيو وڃي، پنهنجا هٿ مضبوط ڪريو.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو انهن ڏينهن کان اڳ، نہ انسان جي لاءِ مزوري هئي، ۽ نہ جانورن لاءِ ڀاڙو؛ نڪا ايندڙ ويندڙ لاءِ دشمنن جي ڪري سلامتي هئي: ڇالاءِ جو مون هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس پاڙيسريءَ جي برخلاف ڪيو هو.</verse>
				<verse number="11">پر هاڻي آءٌ هن قوم جي باقي بچيلن سان اهڙو سلوڪ نہ ڪندس، جهڙو اڳين ڏينهن ۾ ڪيو هوم، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي.</verse>
				<verse number="12">پر اڳتي پوک سلامتيءَ سان ٿيندي؛ ڊاک پنهنجو ڦر ڏيندي، ۽ زمين ۾ فصل ٿيندو، ۽ آسمان مان ماڪ پوندي: ۽ آءٌ قوم جي باقي بچيلن کي انهن سڀني شين جو ورثو ڏيندس.</verse>
				<verse number="13">اي يهوداہ ۽ اسرائيل جا گهراڻا، اوهين جي ٻين قومن ۾ لعنتي هئا، تن کي آءٌ بچائيندس، ۽ اوهين برڪت جو باعث ٿيندا: ڊڄو نہ، پر پنهنجا هٿ مضبوط ڪريو.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جهڙي طرح اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي ڪاوڙايو ۽ مون اوهان تي برائي آڻڻ جو خيال ڪيو، ۽ آءٌ پنهنجي خيال تان نہ لٿس، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ</verse>
				<verse number="15">اهڙيءَ طرح مون هنن ڏينهن ۾ يروشلم ۽ يهوداہ جي گهراڻي سان ڀلائي ڪرڻ جو خيال ڪيو آهي: تنهنڪري ڊپ نہ ڪريو.</verse>
				<verse number="16">پر ضرور آهي تہ اوهين هي ڳالهيون ڪريو؛ هرڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ سان سچ ڳالهائي؛ ۽ پنهنجن دروازن ۾ سچائيءَ سان، صلح سلامتيءَ جي عدالت ڪريو:</verse>
				<verse number="17">۽ ڪوبہ پنهنجي دل ۾ پنهنجي پاڙيسريءَ لاءِ بڇڙو خيال نہ ڪري؛ ۽ نڪي ڪوڙي قسم کي عزيز رکي: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ انهن سڀني ڳالهين کان مون کي نفرت آهي.</verse>
				<verse number="18">لشڪرن جي خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ</verse>
				<verse number="19">لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ چوٿين، ۽ پنجين، ۽ ستين، ۽ ڏهين مهيني جو روزو يهوداہ جي گهراڻي جي لاءِ خوشي ۽ خورميءَ جو ڏينهن ۽ شادمانيءَ جي عيد ٿيندي؛ تنهنڪري سچائيءَ ۽ صلح سان محبت رکو.</verse>
				<verse number="20">لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ وري قومن ۽ گهڻن شهرن جا رهاڪو ايندا:</verse>
				<verse number="21">۽ هڪڙي شهر جا رهاڪو ٻئي شهر جي ماڻهن کي وڃي چوندا تہ هلو تہ اسين جلد هلي خداوند کان مهر گهُرون، ۽ لشڪرن جي خداوند کي ڳوليون: آءٌ بہ هلان ٿو.</verse>
				<verse number="22">هائو، گهڻيئي قومون ۽ زبردست حڪومتون لشڪرن جي خداوند کي يروشلم ۾ ڳولڻ اينديون، ۽ خداوند کان مهر گهُرنديون.</verse>
				<verse number="23">لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ ڏهہ ماڻهو جن جي علحدي ٻولي هوندي، سي اچي هڪڙي يهوديءَ جو پلئُہ جهليندا ۽ چوندا تہ اسين اوهان سان هلنداسين، ڇالاءِ جو اسان ٻڌو آهي تہ خدا اوهان سان آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">بني آدم ۽ اسرائيل جي سڀني گهراڻن جي اک خداوند ڏانهن لڳل آهي: خداوند وٽان، حدراڪ جي ملڪ ۽ انهيءَ جي آرامگاهہ دمشق جي برخلاف نبوت،</verse>
				<verse number="2">۽ حمات جي برخلاف، جو سندن لاڳو آهي، ۽ صور ۽ صيدا جي برخلاف نبوت، جيتوڻيڪ اُها ڏاڍي عقلمند قوم آهي.</verse>
				<verse number="3">۽ صور پنهنجي لاءِ هڪڙو مضبوط قلعو ٺاهيو، ۽ چاندي مٽيءَ وانگر گڏ ڪئي، ۽ عمدو سون ڪچرو وانگر گڏ ڪيو.</verse>
				<verse number="4">ڏس، خداوند کيس خالي ڪندو؛ ۽ سندس فخر ڀڃي سمنڊ ۾ غرق ڪندو، ۽ باهہ کيس ساڙي چٽ ڪندي.</verse>
				<verse number="5">اسقلون هوا ڏسي ڊڄندو، ۽ غزہ اِهو بہ ڏسي گهڻو ڏک ڪندو؛ ۽ عقرون شرمندو ٿيندو، ڇالاءِ جو هن جي اُميد ناس ٿيندي، ۽ غزہ جي بادشاهي ويندي رهندي ۽ اسقلون ويران ٿيندو.</verse>
				<verse number="6">۽ حرامزادا اشدود ۾ بادشاهي ڪندا، ۽ آءٌ فلستين جو فخر ڀڃندس.</verse>
				<verse number="7">آءٌ سندن وات مان رت پيئڻ ڪڍي ڇڏيندس، ۽ سندن ڏندن مان بُتن جي قربانيءَ جو کاڌو. ۽ هو بہ اسان جي خدا جي اڳيان باقي بچيل ٿيندو، ۽ هو يهوداہ ۾ سردار وانگر ٿيندو، ۽ عقرون يبوسين وانگي ٿيندو.</verse>
				<verse number="8">۽ آءٌ پنهنجي گهراڻي جي چوڌاري لشڪر وانگي گهيرو ڪندس، جيئن ڪو اچي وڃي نہ سگهي، ۽ نہ ڪو ظالم اُتان وري گذري: ڇالاءِ جو هاڻي مون پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي.</verse>
				<verse number="9">اي صيون جي ڌيءَ خوشي ڪر؛ ۽ يروشلم جي ڌيءَ خوشيءَ وچان واڪا ڪر: ڏس، تنهنجو بادشاهہ تو وٽ اچي ٿو: هو سچار آهي ۽ هن وٽ نجات آهي؛ هو حليم آهي، ۽ گڏهہ تي، بلڪ کودڙي تي سوار آهي.</verse>
				<verse number="10">۽ آءٌ افرائيم مان رٿ، ۽ يروشلم مان گهوڙو وڍي ڇڏيندس، ۽ جنگي ڪمان ڀڃي ڇڏيندس؛ ۽ هو قومن سان صلح سلامتيءَ جون ڳالهيون ڪندو: ۽ هن جي بادشاهي سمنڊ کان سمنڊ تائين ۽ فرات نديءَ کان زمين جي حد تائين ٿيندي.</verse>
				<verse number="11">۽ تنهنجي لاءِ ائين ٿيندو تہ تنهنجي عهد اقرار جي رت جي سبب آءٌ تنهنجن قيدين کي سُڪل کوهہ مان ڪڍي ايندس.</verse>
				<verse number="12">آءٌ اوهان کي اڄ ٻڌايان ٿو تہ اوهان کي ٻيڻو اُجورو ڏيندس، تنهنڪري جي اوهين اُميدوار قيدي آهيو تہ موٽي قلعي ۾ اچو.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو مون يهوداہ کي ڪمان وانگر موڙيو آهي، ۽ افرائيم کي تير وانگي ڪشيو اٿم؛ ۽ اي صيون، آءٌ تنهنجن فرزندن کي يونان جي فرزندن جي برخلاف اُٿاري کڙو ڪندس، ۽ توکي هڪڙي پهلوان جي ترار وانگر زبردست ڪندس.</verse>
				<verse number="14">۽ خداوند هنن جي مٿان ڏيکاري ڏيندو ۽ سندس تير بجليءَ وانگر نڪرندو: ۽ خداوند خدا قرناءِ وڄائيندو ۽ ڏکڻ جي واءُ وانگر ايندو.</verse>
				<verse number="15">لشڪرن جو خداوند سندن بچاءُ ڪندو؛ ۽ هو پنهنجن دشمنن کي ڳهي ويندا، ۽ لسن پٿرن کي لتاڙيندا؛ ۽ هو شرابين وانگر پي متوالا ٿيندا، ۽ اهڙا ڀرجي ويندا، جهڙا قربانگاهہ جي ڪنڊن وارا پيالا.</verse>
				<verse number="16">۽ خداوند سندن خدا انهيءَ ڏينهن کين پنهنجين رڍن وانگر بچائيندو: ڇالاءِ جو اهي ڇٽ جي جواهرن وانگي ٿيندا، جو سڄي ملڪ ۾ چمڪي ٿو.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو هن جي خوبي ۽ هن جي سونهن ڪهڙي نہ وڏي آهي! نوجوان مرد اناج سان ۽ ڪنواريون ڇوڪريون انگور جي رس سان سرهيون ٿينديون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">پوئين مينهن جي موسم ۾، خداوند کان گهُرو تہ مينهن وسائي. هائو، خداوند کان، جو بجلي ٿو چمڪائي؛ هو ججهو مينهن موڪليندو، ۽ هر ڪنهن لاءِ ٻنيءَ ۾ گاهہ اُڀرندو.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ تہ افرائيم ڪوڙ ڳالهايو آهي، ۽ فالن وجهندڙن ڪوڙ ڏٺو، ۽ هنن ڪوڙا خواب ٻڌايا آهن، ۽ هنن جي دلداري اجائي آهي: انهيءَ ڪري هو رڍن وانگر رُلي ويا آهن ۽ ڏک سَٺا اٿن، ڇالاءِ جو هنن جو ڪو ريڍار ڪونهي.</verse>
				<verse number="3">منهنجي ڪاوڙ ريڍارن تي اُٿي آهي، ۽ آءٌ ٻڪرن کي سزا ڏيندس: تہ بہ لشڪرن جي خدا پنهنجي ڌڻ، يعني بني اسرائيل تي نگاهہ ڪئي آهي، ۽ انهن کي جنگ ۾ پنهنجي خوبصورت گهوڙي وانگر ڪندو.</verse>
				<verse number="4">انهن مان ئي ڪنڊ جو پٿر، ۽ ڪلو، ۽ جنگي ڪمان، ۽ سڀ حاڪم نڪرندا.</verse>
				<verse number="5">۽ اُهي پهلوانن وانگر لڙائيءَ ۾ دشمنن کي رستي جي گپ وانگر لتاڙيندا؛ ۽ اهي وڙهندا، ڇالاءِ جو خداوند انهن سان آهي: ۽ گهوڙي سوار مُنجهي پوندا.</verse>
				<verse number="6">۽ آءٌ يهوداہ جي گهراڻي کي مضبوط ڪندس، ۽ يوسف جي گهراڻي کي بچائيندس، ۽ کين موٽائي وٺي ايندس، ڇالاءِ جو مون کي انهن تي رحم آهي؛ ۽ هو ائين ٿيندا ڄڻ تہ مون کين ڪڏهن ڪڍي نہ ڇڏيو هو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند سندن خدا آهيان، ۽ آءٌ سندن ٻُڌندس.</verse>
				<verse number="7">۽ بني افرائيم پهلوانن وانگر ٿيندا، ۽ سندن دل اهڙي خوش ٿيندي، جهڙي شراب پيئڻ سان ٿيندي آهي: هائو، سندن اولاد بہ ڏسندو ۽ خوشي ڪندو؛ سندن دل خداوند ۾ خوش رهندي.</verse>
				<verse number="8">آءٌ سيٽي وڄائي کين گڏ ڪندس؛ ڇالاءِ تہ مون سندن قيمت ڏني آهي: ۽ هو ائين وڌندا ويجهندا جيئن اڳي هئا.</verse>
				<verse number="9">جيتوڻيڪ مون کين غير قومن ۾ پوکيو آهي، تہ بہ هو انهن ملڪن ۾ مون کي ياد ڪندا: هو پنهنجن ٻچن سميت زندہ رهندا ۽ موٽي ايندا.</verse>
				<verse number="10">آءٌ کين مصر جي ملڪ مان موٽائي آڻيندس؛ ۽ اسور مان گڏ ڪندس؛ ۽ جلعاد ۽ لبنان جي سرزمين تي پهچائيندس؛ ايترو جو رهڻ لاءِ جاءِ ڪانہ هوندي.</verse>
				<verse number="11">۽ هو مصيبت جي سمنڊ مان لنگهي ويندو، ۽ سمنڊ جي لهرن کي ڪٽيندو، ۽ نيل ندي تري تائين سُڪي ويندي: ۽ اسور جو هٺ ڀڄي پوندو، ۽ مصر جي لٺ لڙهي ويندي.</verse>
				<verse number="12">۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن کي خداوند ۾ زور بخشيندس؛ ۽ هو سندس نالو وٺي گهُمندا ڦرندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">اي لبنان، تون پنهنجن دروازن کي کول، تہ باهہ تنهنجي ديودار جي وڻن کي ڳهي وڃي.</verse>
				<verse number="2">اي صنوبر جا وڻ، واويلا ڪر، ڇالاءِ جو ديودار ڪري پيو آهي، ۽ شان وارا شرمندا ٿيا آهن: اي بسني بلوط، واويلا ڪر، ڇالاءِ تہ مضبوط ٻيلو ڪري پيو آهي.</verse>
				<verse number="3">ريڍارن جي روئڻ جو آواز آهي! ڇالاءِ جو سندن شان گم ٿي ويو آهي: جوان شينهن جي گرجڻ جو آواز آهي! ڇالاءِ جو يردن جو جهنگ برباد ٿي ويو آهي.</verse>
				<verse number="4">خداوند منهنجو خدا ٿو فرمائي، تہ جيڪي رڍون ڪوس لاءِ آهن، انهن کي چارو ڏي؛</verse>
				<verse number="5">جن جا مالڪ هنن کي ڪُهن ٿا، ۽ پاڻ کي بي ڏوهي ٿا سمجهن؛ ۽ جن جا سوداگر چون ٿا، تہ خداوند برڪت وارو آهي، جو آءٌ دولتمند ٿيو آهيان: ۽ خود سندن ريڍار رحم نٿا ڪن.</verse>
				<verse number="6">تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ بہ ملڪ جي رهاڪن تي رحم ڪين ڪندس: پر ڏس، آءٌ هر ڪنهن شخص کي سندس پاڙيسريءَ جي هٿ ۾، ۽ سندس بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيندس: ۽ هو ملڪ کي تباهہ ڪندا، ۽ آءٌ کين انهن جي هٿان نہ ڇڏائيندس.</verse>
				<verse number="7">انهيءَ ڪري مون انهن رڍن کي، جي ڪوس لاءِ تيار هيون، يعني ڌڻ جي مسڪينن کي، چارو ڏنو، ۽ مون پنهنجي لاءِ ٻہ لٺيون هٿ ڪيون؛ هڪڙيءَ جو نالو مهرباني ۽ ٻيءَ جو نالو ميلاپ رکيو؛ ۽ ڌڻ کي چارو ڏنم.</verse>
				<verse number="8">۽ مون هڪڙي مهيني ۾ ٽن ريڍارن کي ماريو؛ ڇالاءِ جو منهنجي جان انهن کان بيزار هئي، ۽ هنن جي روح ۾ منهنجي لاءِ ڌڪار هئي.</verse>
				<verse number="9">تڏهن مون چيو تہ هاڻي آءٌ اوهان کي چارو ڪين ڏيندس. جيڪو مري ٿو، تنهن کي مرڻ ڏيو؛ ۽ جيڪو چٽ ٿو ٿئي، تنهن کي چٽ ٿيڻ ڏيو؛ ۽ جيڪي باقي بچيل آهن، سي هڪ ٻئي جو گوشت کائين.</verse>
				<verse number="10">تڏهن مون انهيءَ لٺ کي، جنهن جو نالو مهرباني هو، تنهن کي ڀڃي ڇڏيو؛ تہ آءٌ انهيءَ عهد اقرار کي، جو مون سڀني قومن سان ٻَڌو هو، تنهن کي ڀڃي ڇڏيان.</verse>
				<verse number="11">۽ اُهو اُنهيءَ ڏينهن ڀڄي پيو: تڏهن ڌڻ جي مسڪينن، جي منهنجي ٻڌندا هئا، تن سمجهيو تہ هي خداوند جو ڪلام آهي.</verse>
				<verse number="12">۽ مون کين چيو تہ، جي اوهان جي نگاهہ ۾ اهو واجب هجي، تہ اوهين منهنجي مزوري مون کي ڏيو، نہ تہ ٺهيو. سو هنن منهنجي مزوريءَ لاءِ ٽيهہ روپيا توري ڏنا.</verse>
				<verse number="13">۽ خداوند مون کي حڪم ڏنو تہ اهي ڪنڀار جي اڳيان ڦٽا ڪر، يعني اُها وڏي قيمت، جا هنن منهنجي لاءِ مقرر ڪئي هئي، ۽ مون اهي ٽيهہ روپيا کڻي ڪنڀار جي سامهون خداوند جي گهر ۾ ڦٽا ڪيا.</verse>
				<verse number="14">تڏهن مون ٻيءَ لٺ، يعني ميلاپ کي بہ ڀڃي ڇڏيو، تہ آءٌ يهوداہ ۽ اسرائيل جي برادريءَ کي بہ ڀڃي ڇڏيان.</verse>
				<verse number="15">۽ خداوند مون کي فرمايو، تہ تون وري بہ بي عقل ريڍار جو سامان کڻ.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو ڏس، تہ آءٌ ملڪ ۾ اهڙو ريڍار اُٿاريندس، جو گمراهہ ٿيلن جي خبر نہ لهندو، ۽ جي پکڙيل آهن، تن کي بہ نہ ڳوليندو، ۽ نڪي ڏکين جو علاج ڪندو؛ نہ هو چڱن کي چاريندو، پر دُنبن جو گوشت کائيندو ۽ سندن ٽنگون چيري ڦاڙيندو.</verse>
				<verse number="17">افسوس، انهيءَ نالائق ريڍار تي، جو ڌڻ کي ڇڏي ٿو وڃي! هن جي ساڄيءَ ٻانهن ۽ ساڄيءَ اک تي ترار اچي ڦرندي؛ هن جي ٻانهن بلڪل سُڪي ويندي ۽ هن جي ساڄي اک انڌي ٿي ويندي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">اسرائيل جي بابت خداوند جي طرفان نبوت جو ڪلام. خداوند جنهن آسمان کي تاڻيو آهي، ۽ زمين جو بنياد وڌو اٿس، ۽ اسان جي اندر پنهنجو روح پيدا ڪيو اٿس، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ</verse>
				<verse number="2">ڏسو، آءٌ يروشلم کي آس پاس جي سڀني قومن لاءِ چڪر کائڻ وارو پيالو ڪندس، ۽ يروشلم جي گهيري وقت يهوداہ جو بہ اهڙو ئي حال ٿيندو.</verse>
				<verse number="3">۽ آءٌ انهيءَ ڏينهن يروشلم کي سڀني قومن لاءِ هڪڙو ڳورو پٿر بنائيندس، ۽ جيڪي ان کي کڻندا، سي سڀ سخت ڦٽجي پوندا؛ ۽ زمين جون سڀ قومون گڏجي اُن جي برخلاف ٿينديون.</verse>
				<verse number="4">خداوند ٿو فرمائي، تہ انهيءَ ڏينهن آءٌ هر ڪنهن گهوڙي کي ڊپ کان ڇرڪائيندس، ۽ هر ڪنهن سوار کي چريو ڪندس: ۽ آءٌ يهوداہ جي گهراڻي تي نگاهہ رکندس، ۽ قومن جي سڀني گهوڙن کي انڌو ڪندس.</verse>
				<verse number="5">تڏهن يهوداہ جا سردار پنهنجي دل ۾ چوندا، تہ يروشلم جا رهاڪو، لشڪرن جي خداوند، پنهنجي خدا جي سبب اسان جي طاقت آهن.</verse>
				<verse number="6">انهيءَ ڏينهن آءٌ يهوداہ جي سردارن کي ڪاٺين ۾ ٻرندڙ باهہ وانگر، ۽ گڏن ۾ ٻرندڙ مشعل وانگر ڪندس؛ ۽ هو پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي ۽ چوڌاري قومن کي ڳڙڪائي ويندا: پر يروشلم جا رهاڪو وري پنهنجي جاءِ تي، يعني يروشلم ۾ رهندا.</verse>
				<verse number="7">۽ خداوند يهوداہ جي تنبن کي پهريائين بچائيندو، تہ دائود جي گهراڻي جو جلال، ۽ يروشلم جي رهاڪن جو جلال، يهوداہ کان وڍجي نہ وڃي.</verse>
				<verse number="8">انهيءَ ڏينهن خداوند يروشلم جي رهاڪن جو بچاءُ ٿيندو؛ ۽ انهن مان سڀ ڪنهن کان ضعيف دائود وانگر ٿيندو، ۽ دائود جو گهراڻو خدا وانگر يعني خدا جي فرشتي وانگر ٿيندو، جو سندن اڳيان اڳيان هلي ٿو.</verse>
				<verse number="9">۽ هيئن ٿيندو تہ انهيءَ ڏينهن آءٌ انهن سڀني قومن کي، جي يروشلم جي برخلاف ايندا، ناس ڪندس.</verse>
				<verse number="10">۽ آءٌ دائود جي گهراڻي، ۽ يروشلم جي رهاڪن تي، فضل ۽ دعا جو روح نازل ڪندس؛ ۽ هو انهيءَ تي جنهن کي هنن گهايل ڪيو، نگاهہ ڪندا: ۽ انهيءَ جي لاءِ ماتم ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي لاءِ ڪندو آهي، ۽ انهيءَ لاءِ سخت ڏک ڪندا، جيئن ڪو پهريتي لاءِ ڪندو آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ انهيءَ ڏينهن يروشلم ۾ وڏو ماتم ٿيندو؛ جهڙيءَ طرح مجدون جي واديءَ ۾ هددرمون جي لاءِ ماتم ٿيو هو.</verse>
				<verse number="12">۽ سڄو ملڪ ماتم ڪندو، هرڪو گهراڻو جدا جدا؛ دائود جو گهراڻو علحدو، ۽ انهن جون زالون علحديون؛ ناتن جو گهراڻو علحدو، ۽ انهن جون زالون علحديون؛</verse>
				<verse number="13">لاويءَ جو گهراڻو علحدو، ۽ انهن جون زالون علحديون؛ سمعي جو گهراڻو علحدو، ۽ انهن جون زالون علحديون؛</verse>
				<verse number="14">۽ باقي جيڪي گهراڻا بچيل هوندا، سي سڀ علحدا علحدا، ۽ انهن جون زالون علحديون علحديون ماتم ڪنديون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">انهيءَ ڏينهن دائود جي گهراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن لاءِ، گناهہ ۽ ناپاڪائيءَ جي ڌوئڻ لاءِ هڪڙو چشمو کُلندو.</verse>
				<verse number="2">۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ انهيءَ ڏينهن آءٌ سڄي ملڪ مان سڀني بُتن جو نالو نشان مٽائي ڇڏيندس، ۽ انهن کي وري ڪوبہ ياد نہ ڪندو: ۽ آءٌ انهن جي نبين، ۽ ناپاڪ روح کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="3">۽ جڏهن ڪوبہ پيشنگوئي ڪندو، تڏهن سندس ماءُ پيءُ، جن کيس ڄڻيو آهي، سي چوندس تہ تون جيئرو نہ رهندين؛ ڇالاءِ جو تون خداوند جو نالو وٺي ڪوڙ ٿو ڳالهائين: ۽ جڏهن هو نبوت ڪندو، تڏهن سندس ماءُ پيءُ، جن کيس ڄڻيو آهي، کيس قتل ڪندا.</verse>
				<verse number="4">۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ جيڪو نبين مان نبوت ڪندو، سو پنهنجي رويا کان شرمندو ٿيندو؛ ۽ نڪي هو ٺڳڻ لاءِ، وارن جي چادر ڍڪيندا.</verse>
				<verse number="5">پر هو چوندو تہ آءٌ نبي نہ آهيان، ڇالاءِ جو آءٌ ننڍپڻ کان غلام ٿي رهيو آهيان.</verse>
				<verse number="6">۽ جڏهن ڪو پڇندس تہ هي زخم تنهنجن هٿن تي ڪٿان آيا؟ تہ بہ هو ورندي ڏيئي چوندو تہ هي اُهي زخم آهن، جن سان آءٌ پنهنجن دوستن جي گهر گهايو ويس.</verse>
				<verse number="7">لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اي ترار منهنجي ريڍار جي، يعني انهيءَ انسان جي، جو منهنجو رفيق آهي، تنهن جي برخلاف اُٿ، ۽ ريڍار کي ڌڪ هڻ، تہ رڍون ڇڙوڇڙ ٿي وڃن: ۽ آءٌ ننڍن تي بہ هٿ هلائيندس.</verse>
				<verse number="8">۽ هيئن ٿيندو تہ سڄي ملڪ مان ٻہ حصا قتل ٿي ويندا ۽ مرندا، ۽ باقي ٽيون حصو بچي ويندو.</verse>
				<verse number="9">۽ آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي باهہ مان لنگهائي چانديءَ وانگر صاف ڪندس، ۽ سون وانگر تپائيندس: ۽ هو مون وٽ دعا ڪندا، ۽ آءٌ سندن ٻُڌندس: ۽ آءٌ چوندس تہ هيءَ منهنجي قوم آهي، ۽ هو چوندا تہ خداوند ئي اسان جو خدا آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">ڏس، خداوند جو ڏينهن اچي ٿو، جڏهن تنهنجو مال ڦرجي تنهنجي وچ ۾ ورهايو ويندو.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو آءٌ سڀني قومن کي گڏ ڪندس، تہ يروشلم جي برخلاف جنگ ڪن: ۽ شهر قبضي ڪيو ويندو، ۽ گهر لُٽيا ويندا، ۽ زالن جي بي عزتي ٿيندي: ۽ اڌ شهر قيد ٿي ويندو، پر باقي ماڻهو شهر مان نہ ڪڍيا ويندا.</verse>
				<verse number="3">تڏهن خداوند نڪري انهن قومن سان وڙهندو، جيئن جنگ جي ڏينهن هو وڙهيو.</verse>
				<verse number="4">۽ انهيءَ ڏينهن هو زيتون جي جبل تي، جو يروشلم جي اڳيان اڀرندي ڏانهن آهي، ان تي اُٿي بيهندو، ۽ زيتون جو جبل وچ مان ڦاٽي پوندو، ۽ انهيءَ ۾ اُڀرندي کان اُلهندي تائين هڪڙي وڏي وادي ٿي پوندي، ڇو جو اڌ جبل اُتر ڏانهن ۽ اڌ ڏکڻ ڏانهن کڄي ويندو.</verse>
				<verse number="5">۽ اوهين منهنجي جبل جي واديءَ مان لنگهي ڀڄندا، ڇالاءِ جو جبلن جي وادي آضل تائين هوندي: هائو، اوهين ائين ڀڄندا، جيئن يهوداہ جا بادشاهہ عزياہ جي زماني ۾ زلزلي کان ڀڳا هئا: ۽ خداوند منهنجو خدا ايندو، ۽ سڀ پاڪ شخص توسان ايندا.</verse>
				<verse number="6">۽ هيئن ٿيندو تہ انهيءَ ڏينهن روشني نہ رهندي، پر ٿڌ ۽ پارو هوندو.</verse>
				<verse number="7">پر اُهو ڏينهن اهڙو ٿيندو، جنهن جي خبر فقط خداوند کي آهي: اهو نہ ڏينهن هوندو نہ رات، پر ائين ٿيندو تہ شام جي وقت روشني ٿيندي.</verse>
				<verse number="8">۽ انهيءَ ڏينهن يروشلم مان آبِ حيات جو چشمو وهندو، جنهن جو اڌ اُڀرندي جي سمنڊ ڏانهن ۽ اڌ اُلهندي جي سمنڊ ڏانهن وهندو: اُهو اونهاري ۽ سياري ۾ وهندو.</verse>
				<verse number="9">۽ خداوند سڄيءَ دنيا تي بادشاهي ڪندو، ۽ انهيءَ ڏينهن هڪڙو ئي خداوند ٿيندو، ۽ سندس نالو واحد ٿيندو.</verse>
				<verse number="10">۽ سڄو ملڪ، جبع کان رمون تائين، جو يروشلم جي ڏکڻ ۾ آهي، ميدان وانگر ٿي ويندو، پر يروشلم بلند ٿيندو، ۽ پنهنجي جاءِ ۾، بنيمين جي دروازي کان پهرين دروازي جي جاءِ تائين، يعني ڪُنڊ جي دروازي تائين، ۽ حنن ايل جي ٺلهہ کان بادشاهہ جي انگوري حوض تائين، قائم رهندو.</verse>
				<verse number="11">۽ ماڻهو انهيءَ ۾ وسندا، ۽ وري لعنت نہ پوندي؛ پر يروشلم سک سلامتيءَ ۾ رهندو.</verse>
				<verse number="12">۽ هيئن ٿيندو تہ اُهي قومون جي يروشلم سان وڙهيون آهن، تن تي خداوند هيءَ آفت آڻيندو: تہ بيٺي بيٺي سندن گوشت ڳري ويندو، ۽ سندن اکيون پنهنجين کڏن ۾ ڳري وينديون، ۽ سندن ڄڀ سندن وات ۾ سڙي ويندي.</verse>
				<verse number="13">۽ هيئن ٿيندو تہ انهيءَ ڏينهن خداوند وٽان هنن ۾ وڏو گوڙ شور ٿيندو، ۽ هو پنهنجي پاڙيسريءَ جو هٿ جهليندا، ۽ هڪ ٻئي جي برخلاف هٿ کڻندا.</verse>
				<verse number="14">۽ يهوداہ بہ يروشلم سان وڙهندو، ۽ آس پاس جي ملڪن جو مال، يعني سون ۽ چاندي ۽ ڪپڙا گهڻي تعداد ۾ گڏ ڪندا.</verse>
				<verse number="15">۽ گهوڙن، خچرن، اُٺن، ۽ گڏهن ۽ سڀني جانورن تي، جي منزلگاهہ ۾ هوندا، تن سڀني تي بہ ساڳي آفت نازل ٿيندي.</verse>
				<verse number="16">۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪي قومون يروشلم سان وڙهڻ لاءِ آيون هيون، تن سڀني مان جيڪي بچندا، سي هر سال بادشاهہ، لشڪرن جي خداوند کي سجدو ڪرڻ لاءِ، ۽ تنبن جي عيد ملهائڻ لاءِ ايندا.</verse>
				<verse number="17">۽ هيئن ٿيندو تہ دنيا جي سڀني قبيلن تي، جي بادشاهہ، لشڪرن جي خداوند جي اڳيان سجدو ڪرڻ لاءِ يروشلم ۾ نہ ايندا، انهن تي مينهن نہ وسندو.</verse>
				<verse number="18">۽ جي مصر جا قبيلا مٿي نہ ايندا، انهن تي بہ مينهن نہ وسندو: ۽ انهن تي بہ اُها ئي آفت نازل ٿيندي جا خداوند انهن غير قومن تي نازل ڪندو، جي تنبن جي عيد ملهائڻ لاءِ نہ ايندا.</verse>
				<verse number="19">مصر لاءِ، ۽ انهن سڀني قومن لاءِ، جي تنبن جي عيد ملهائڻ نہ ايندا، انهن لاءِ اها ئي سزا ٿيندي.</verse>
				<verse number="20">انهيءَ ڏينهن گهوڙن جي گهنگهرن تي لکيل هوندو تہ خداوند جي لاءِ پاڪ آهن؛ ۽ خداوند جي گهر جا باسڻ، قربانگاهہ جي پيالن وانگر ٿيندا.</verse>
				<verse number="21">هائو، يهوداہ ۽ يروشلم جي هرڪا ديڳ لشڪرن جي خداوند جي لاءِ پاڪ ٿيندي: ۽ سڀ قربانيون چاڙهيندڙ ايندا، ۽ اُهي کڻي انهن ۾ رڌيندا: ۽ انهيءَ ڏينهن ڪوبہ ڪنعاني لشڪرن جي خداوند جي گهر ۾ نہ رهندو.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="39">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">خداوند وٽان ملاڪيءَ جي معرفت اسرائيل جي لاءِ نبوت جو بار.</verse>
				<verse number="2">خداوند ٿو فرمائي، تہ مون اوهان سان محبت رکي، پر تڏهن بہ اوهين ٿا چئو تہ تو ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ اسان سان محبت رکي آهي؟ خداوند ٿو فرمائي، تہ عيسو يعقوب جو ڀاءُ نہ هو ڇا؟ تہ بہ مون يعقوب سان محبت رکي؛</verse>
				<verse number="3">۽ عيسوءَ سان نفرت ڪئي، ۽ سندس جبلن کي ويران ڪري ڇڏيم، ۽ سندس ميراث جهنگ جي گدڙن کي ڏيئي ڇڏيم.</verse>
				<verse number="4">هاڻي جيڪڏهن ادوم چوي تہ اسين سُڃا ٿي ويا آهيون، پر وري موٽي اچي ويران جڳهن کي اڏينداسين؛ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن هو اڏيندا تہ بہ آءٌ ڊاهي ڇڏيندس: ۽ ماڻهو انهن کي شرارت جي حد سڏيندا، يعني اُها قوم جنهن تي خداوند هميشہ غضبناڪ آهي.</verse>
				<verse number="5">۽ اوهان جون اکيون ڏسنديون، ۽ اوهين چوندا تہ خداوند جي وڏائي اسرائيل جي حد کان ٻاهر تائين ظاهر ٿي آهي.</verse>
				<verse number="6">لشڪرن جو خداوند اوهان کي ٿو فرمائي، تہ اي منهنجي بي ادبي ڪندڙ ڪاهن! پٽ پنهنجي پيءُ جي، ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، پوءِ جي آءٌ ابو آهيان تہ منهنجي عزت ڪٿي آهي؟ ۽ جي آءٌ مالڪ آهيان تہ منهنجي تعظيم ڪٿي آهي؟ پوءِ بہ اوهين چئو ٿا تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي جي بي ادبي ڪئي آهي؟</verse>
				<verse number="7">اوهين منهنجي قربانگاهہ تي ناپاڪ ماني ٿا چاڙهيو، ۽ چئو ٿا تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ توکي ناپاڪ ڪيو آهي؟ انهيءَ ڳالهہ ۾ جو چئو ٿا تہ خداوند جي ميز نفرتي آهي.</verse>
				<verse number="8">لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جڏهن اوهين انڌن جي قرباني ٿا چاڙهيو، تہ اُها ڪا بڇڙائي ناهي! يا جڏهن منڊي يا بيمار جي قرباني ٿا چاڙهيو، تہ انهي ۾ ڪا برائي ڪانهي! هاڻي اهي قربانيون کڻي پنهنجي حاڪم کي ڏي، تہ هو تو مان راضي ٿيندو ڇا؟ يا توکي قبول ڪندو ڇا؟</verse>
				<verse number="9">۽ هاڻي اچو تہ خداوند کي مڃايون، تہ هو اسان تي مهربان ٿئي: اهو ئي اوهان جو ڊول ٿي رهيو آهي، ۽ هو اوهان کي قبول ڪندو ڇا؟ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي.</verse>
				<verse number="10">شل اوهان منجهہ ڪو اهڙو هجي، جو دروازا بند ڪري ڇڏي، تہ اوهين منهنجي قربانگاهہ تي اجائي باهہ نہ ٻاريو! لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان تي راضي نہ آهيان، ۽ نڪي آءٌ اوهان جي هٿان نذرانو قبول ڪندس.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو صبح کان وٺي شام تائين قومن ۾ منهنجي نالي جي وڏائي ٿي ٿئي؛ ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ سڀ ڪنهن جاءِ تي منهنجي لاءِ خوشبوءِ ٿا چاڙهين ۽ پاڪ نذرانا ٿا آڻين، ڇالاءِ جو قومن ۾ منهنجو نالو عظيم آهي.</verse>
				<verse number="12">پر اوهين اُنهيءَ جي بي ادبي ٿا ڪريو، جو چئو ٿا تہ خداوند جي ميز ناپاڪ آهي، ۽ انهي جو ڦل يعني انهي جو گوشت نفرتي آهي.</verse>
				<verse number="13">۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين ائين بہ ٿا چئو تہ ڏس هيءَ ڪهڙي بيزار ڪندڙ شيءِ آهي! ۽ اوهان اُنهيءَ تي نڪ موڙيو آهي؛ اوهان لُٽ جو مال، منڊو ۽ بيمار نذرانو ڪري آندو آهي: ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ اهو آءٌ اوهان جي هٿان وٺندس ڇا؟</verse>
				<verse number="14">پر لعنت آهي اُنهيءَ دغاباز تي، جنهن جي گلي ۾ نر هوندي بہ هو خداوند جي لاءِ عيب واري جانور جي مڃت مڃي اُها قربان ٿو ڪري: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ وڏو بادشاهہ آهيان، ۽ منهنجو نالو قومن ۾ مهيب آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">هاڻي اي ڪاهن، اوهان جي لاءِ هي حڪم آهي.</verse>
				<verse number="2">لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جي اوهين نہ ٻُڌندا، ۽ منهنجي نالي جي تعظيم پنهنجين اکين آڏو نہ رکندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان تي لعنت آڻيندس، ۽ اوهان جي نعمتن تي لعنت وجهندس: بلڪ مون انهن تي اڳيئي لعنت وڌي آهي، ڇالاءِ جو اوهان انهي ڳالهہ کي پنهنجين اکين آڏو نہ رکيو آهي.</verse>
				<verse number="3">ڏسو، آءٌ اوهان جي خاطر ٻج کي ڇينڀيندس، بلڪ اوهان جي قربانين جو ڇيڻو اوهان جي منهن تي پکيڙيندس؛ ۽ اوهين اُنهي سان هڪاليا ويندا.</verse>
				<verse number="4">۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين ڄاڻندا تہ مون اهو حڪم اوهان تي انهيءَ لاءِ موڪليو آهي تہ منهنجو عهد اقرار لاويءَ جي گهراڻي سان قائم رهي.</verse>
				<verse number="5">هن سان منهنجو عهد زندگيءَ ۽ سلامتيءَ جو هو: ۽ مون هن کي زندگي ۽ سلامتي انهيءَ لاءِ بخشي تہ هو منهنجو ڊپ رکي، ۽ سچ پچ هو مون کان ڊنو ۽ منهنجي نالي جي تعظيم ڪيائين.</verse>
				<verse number="6">سچائيءَ جي شريعت هن جي وات ۾ هئي، ۽ هن جي چپن تي ڪوڙ نہ هو: مون سان هو صلح ۽ سچائيءَ سان ٿي هليو، ۽ هن گهڻن ئي کي بڇڙائيءَ جي راهہ کان ڦيرايو.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو لازم آهي تہ ڪاهن جي چپن تي علم هجي، ۽ ماڻهو اُنهيءَ جي واتان شريعت جي پڇا ڪن: ڇالاءِ جو هو لشڪرن جي خداوند جو پيغمبر آهي.</verse>
				<verse number="8">پر اوهين راهہ کان ڦري نڪري ويا آهيو، ۽ اوهين شريعت جي لاءِ گهڻن ئي جي واسطي ٿاٻڙجڻ جو سبب ٿيا آهيو؛ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهان لاويءَ جو عهد اقرار بگاڙيو آهي.</verse>
				<verse number="9">انهي ڪري جيئن اوهين منهنجين راهن تي نہ هليا آهيو، ۽ عدالت ۾ پاسخاطري ڪئي اٿوَ؛ تيئن مون بہ اوهان کي نفرت جو سبب، ۽ سڀني ماڻهن جي اڳيان نيچ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="10">اسان سڀني جو هڪڙو ئي ابو ناهي ڇا؟ هڪڙي ئي خدا اسان سڀني کي نہ خلقيو آهي ڇا؟ پوءِ ڇو سڀڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ سان دغا ٿو ڪري، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي عهد اقرار جي بي ادبي ٿو ڪري؟</verse>
				<verse number="11">يهوداہ دغا ڪئي آهي، ۽ اسرائيل ۽ يروشلم ۾ بيهودگي آهي؛ ڇالاءِ جو يهوداہ، خداوند جي پاڪيزگي، جا هن کي پياري آهي، تنهن جي بي ادبي ڪئي آهي، جو هڪڙي غير معبود جي ڌيءَ سان شادي ڪئي اٿس.</verse>
				<verse number="12">خداوند، اُنهي ماڻهوءَ کي، جو اهڙو ڪم ٿو ڪري، وڍي ڇڏيندو، يعني جيڪو يهوداہ جي تنبن ۾ جاڳندڙ آهي ۽ جواب ڏئي ٿو، ۽ جيڪو لشڪرن جي خداوند لاءِ نذرانو ٿو پيش ڪري.</verse>
				<verse number="13">۽ وري اوهين هيئن ٿا ڪريو: اوهين خداوند جي قربانگاهہ لڙڪن سان، يعني رودن ۽ آهن سان ڀري ٿا ڇڏيو؛ جنهنڪري نڪي هو اوهان جو نذرانو ڏسندو، ۽ نڪي اُنهي کي اوهان جي هٿان خوشيءَ سان قبول ڪندو.</verse>
				<verse number="14">تڏهن بہ اوهين چئو ٿا تہ ڪهڙو سبب آهي؟ انهي ڪري جو خداوند تنهنجي ۽ تنهنجي جوانيءَ جي زال جي وچ ۾ شاهد آهي: جيتوڻيڪ هوءَ تنهنجي رفيق ۽ متعهدي زال آهي، تہ بہ تو انهيءَ سان بي وفائي ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="15">ڇا هن هڪڙي ئي زال پيدا نہ ڪئي، جيتوڻيڪ هن وٽ روح بچيل هو؟ پوءِ ڇو هڪڙي ئي پيدا ڪيائين؟ ڇالاءِ جو هن ديندار نسل ٿي چاهيو. انهي ڪري پنهنجي نفس کان خبردار رهو، ۽ ڪوبہ پنهنجي جوانيءَ جي زال سان بي وفائي نہ ڪري.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جو خدا ٿو فرمائي تہ آءٌ طلاق کي ڌڪاريان ٿو، ۽ انهيءَ کي بہ، جو پنهنجي زال سان ظلم ٿو ڪري. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي ڪري پنهنجي نفس جا خبردار رهو تہ بي وفائي نہ ڪريوَ.</verse>
				<verse number="17">اوهان پنهنجين ڳالهين سان خداوند کي بيزار ڪيو آهي، تہ بہ اوهين ٿا چئو تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ هن کي بيزار ڪيو آهي؟ انهي ڳالهہ ۾ جو اوهين چئو ٿا تہ جيڪو ماڻهو برائي ٿو ڪري، سو خداوند جي نظر ۾ چڱو آهي، ۽ هو انهن مان خوش آهي؛ يا انهيءَ ڳالهہ ۾ جو چئو ٿا تہ عدل جو خدا ڪٿي آهي؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">ڏسو آءٌ پنهنجو پيغمبر موڪليندس، ۽ هو منهنجي اڳيان راهہ تيار ڪندو: ۽ خداوند، جنهن جا اوهين طالب آهيو، سو اوچتو پنهنجي هيڪل ۾ ايندو؛ ڏسو، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ عهد جو پيغمبر، جنهن جا اوهين خواهشمند آهيو، اُهو ايندو.</verse>
				<verse number="2">پر هن جي آمد جو ڏينهن ڪير سهي سگهندو؟ ۽ جڏهن هو ظاهر ٿيندو، تڏهن ڪير بيهي سگهندو؟ ڇالاءِ جو هو سوناري جي باهہ ۽ ڌوٻيءَ جي صابڻ وانگي آهي:</verse>
				<verse number="3">۽ هو سوناري وانگر ويهي بني لاويءَ کي سون ۽ چانديءَ وانگي پاڪ صاف ڪندو؛ تہ هو سچائيءَ سان خداوند جي حضور نذرانا آڻين.</verse>
				<verse number="4">تڏهن يروشلم ۽ يهوداہ جو نذرانو خداوند کي قبول پوندو، جيئن ڪ اڳين ڏينهن ۾ ۽ گذريل زماني ۾ هو.</verse>
				<verse number="5">لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ فتويٰ جي لاءِ اوهان کي ويجهو ايندس؛ ۽ جادوگرن، ۽ زناڪارن، ۽ ڪوڙن قسمن کڻندڙن جي برخلاف، ۽ انهن جي برخلاف بہ، جي پورهيت کي مزدوري نٿا ڏين، ۽ بيوهہ زالن ۽ يتيمن تي ظلم ٿا ڪن، ۽ ڌارين سان ناحق ٿا ڪن ۽ مون کان نٿا ڊڄن؛ انهن سڀني جي برخلاف آءٌ تکو شاهد ٿيندس.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو آءٌ خداوند ڦران نٿو؛ انهي ڪري، اي بني يعقوب، اوهين ناس نہ ٿي ويا آهيو.</verse>
				<verse number="7">اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جي زماني کان وٺي منهنجن حڪمن کان ڦري ويا آهيو، ۽ انهن جي تعميل نہ پئي ڪئي اٿوَ. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون وٽ موٽي اچو، ۽ آءٌ اوهان وٽ موٽندس. پر اوهين چئو ٿا تہ اسين ڪهڙي ڳالهہ ۾ موٽون؟</verse>
				<verse number="8">ڪو ماڻهو خدا جي چوري ڪندو ڇا؟ تہ بہ اوهين منهنجي چوري ٿا ڪريو، ۽ چئو ٿا تہ ڪهڙي ڳالهہ ۾ اسان تنهنجي چوري ڪئي آهي؟ ڏهاڪيءَ ۽ نذرانن ۾.</verse>
				<verse number="9">انهي ڪري اوهين سخت لعنتي آهيو؛ ڇالاءِ جو اوهين، بلڪ سڄي قوم مون کي ٺڳيو ٿا.</verse>
				<verse number="10">لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ پوري ڏهاڪي انبارخاني ۾ آڻيو، تہ منهنجي گهر ۾ کاڌو هجي، ۽ انهيءَ سان مون کي آزمايو، تہ آءٌ اوهان جي لاءِ آسمان جون دريون کولي برڪت ٿو وسايان يا نہ، يعني اهڙي برڪت جو انهيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ جاءِ ڪونہ بچندي.</verse>
				<verse number="11">۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان جي خاطر ڳڙڪائيندڙن کي ڇينڀيندس، ۽ هو اوهان جي زمين جي پيدائش ناس نہ ڪندا، ۽ نڪي اوهان جي ڊاک جو ڦر ڪچو زمين تي ڪِرندو.</verse>
				<verse number="12">۽ سڀ قومون اوهان کي خوشنود چونديون، ڇالاءِ جو، خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين هڪڙو وڻندڙ ملڪ ٿيندا.</verse>
				<verse number="13">خداوند ٿو فرمائي، تہ منهنجي برخلاف اوهان جون ڳالهيون تمام سخت آهن، تہ بہ اوهين چئو ٿا تہ ڪهڙي ڳالهہ ۾ اسان تنهنجي برخلاف ڳالهايو آهي؟</verse>
				<verse number="14">اوهان چيو آهي تہ خداوند جي خدمت چاڪري ڪرڻ اجائي آهي: ۽ لشڪرن جي خداوند جو حڪم مڃڻ، ۽ سندس اڳيان ماتم ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو آهي؟</verse>
				<verse number="15">۽ هاڻي اسين مغرور ماڻهوءَ کي خوشنود ٿا چئون؛ هائو، اُهي جي شرارت جا ڪم ٿا ڪن، سي آباد آهن؛ هائو، اُهي خداوند کي آزمائين ٿا ۽ ڇُٽي وڃن ٿا.</verse>
				<verse number="16">تڏهن جيڪي خدا ترس هئا، تن هڪٻئي سان گفتگو ڪئي: ۽ خداوند ڪَن ڏنو ۽ ٻُڌو، ۽ جن کي خداوند جو خوف هو، ۽ جن سندس نالي تي ڌيان ٿي ڏنو، تن جي لاءِ سندس حضور ۾ يادگاريءَ جو ڪتاب لکيو ويو.</verse>
				<verse number="17">۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن هو منهنجي اُمت، بلڪ منهنجي خاص ملڪيت ٿيندا؛ ۽ آءٌ انهن تي اهڙو رحمدل ٿيندس، جهڙو پيءُ پنهنجي خدمتگار پٽ تي ٿيندو آهي.</verse>
				<verse number="18">تڏهن اوهين موٽندا، ۽ شرير ۽ سچار جي وچ ۾، ۽ خداوند جي عبادت ڪندڙ ۽ بي دين جي وچ ۾ امتياز ڪندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">ڇالاءِ جو ڏس اُهو ڏينهن اچي ٿو جو کوري وانگر ٻرندڙ آهي؛ تڏهن سڀ هٺيلا، ۽ سڀ بڇڙائي ڪندڙ بهہ وانگي ٿيندا: ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهو ڏينهن هنن کي اهڙو ساڙيندو جو نڪي ٽاري نڪي پاڙ بچندي.</verse>
				<verse number="2">پر اوهين جي منهنجي نالي جي تعظيم ٿا ڪريو، تن جي لاءِ صداقت جو آفتاب اُڀرندو، ۽ انهيءَ جي ڪرڻن ۾ شفا هوندي، ۽ اوهين وٿاڻ جي گابن وانگي ايندا ۽ نچندا ٽپندا.</verse>
				<verse number="3">۽ اوهين شريرن کي لتاڙيندا؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن آءٌ اهو ڪندس، انهي ڏينهن هو اوهان جي پيرن جي ترين هيٺان خاڪ وانگر ٿيندا.</verse>
				<verse number="4">اوهين منهنجي ٻانهي موسيٰ جي شريعت، يعني اُهي حڪم ۽ فيصلا جي مون هن کي حورب ۾ اسرائيل جي لاءِ ڏنا، تن کي ياد رکو.</verse>
				<verse number="5">ڏسو، خداوند جي عظيم ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ کان اڳي آءٌ ايلياہ نبيءَ کي اوهان وٽ موڪليندس.</verse>
				<verse number="6">۽ هو پيءُ جي دل پٽ ڏانهن، ۽ پٽ جي پيءُ ڏانهن ڦيرائيندو؛ متان آءٌ اچان ۽ ملڪ تي لعنت وجهان.</verse>
			</chapter>
		</book>
	</testament>
	<testament name="New">
		<book number="40">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">يسوع مسيح دائود جي فرزند، ابراهيم جي فرزند جو نسب نامو.</verse>
				<verse number="2">ابراهيم مان اسحاق پيدا ٿيو؛ ۽ اسحاق مان يعقوب پيدا ٿيو؛ ۽ يعقوب مان يهوداهہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.</verse>
				<verse number="3">۽ يهوداهہ مان تمر جي پيٽان فارص ۽ زرح پيدا ٿيا: ۽ فارص مان حصرون پيدا ٿيو: ۽ حصرون مان رامہ پيدا ٿيو:</verse>
				<verse number="4">۽ رامہ مان عميناداب پيدا ٿيو: ۽ عميناداب مان نحشون پيدا ٿيو: ۽ نحشون مان سلمون پيدا ٿيو:</verse>
				<verse number="5">۽ سلمون مان راحاب جي پيٽان بوعز پيدا ٿيو: ۽ بوعز مان روٿ جي پيٽان عوبيد پيدا ٿيو: ۽ عوبيد مان يشي پيدا ٿيو:</verse>
				<verse number="6">۽ يشيءَ مان دائود بادشاهہ پيدا ٿيو: ۽ دائود مان سليمان انهيءَ جي پيٽان پيدا ٿيو جا پهريائين اورياہ جي زال هئي.</verse>
				<verse number="7">۽ سليمان مان رحبعام پيدا ٿيو: ۽ رحبعام مان ابياہ پيدا ٿيو: ۽ ابياہ مان آسا پيدا ٿيو:</verse>
				<verse number="8">۽ آسا مان يهوشافاط پيدا ٿيو: ۽ يهوشافاط مان يورام پيدا ٿيو: ۽ يورام مان عزياہ پيدا ٿيو:</verse>
				<verse number="9">۽ عزياہ مان يوتام پيدا ٿيو: ۽ يوتام مان اخز پيدا ٿيو: ۽ اخز مان حزقياہ پيدا ٿيو:</verse>
				<verse number="10">۽ حزقياہ مان منشي پيدا ٿيو: ۽ منشي مان آمون پيدا ٿيو: ۽ آمون مان يوشياہ پيدا ٿيو:</verse>
				<verse number="11">۽ جن ڏينهن ۾ هو گرفتار ٿي بابل ڏي ويا، تن ڏينهن ۾ يوشياہ مان يڪنياهہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.</verse>
				<verse number="12">۽ بابل ڏي گرفتار ٿي وڃڻ کان پوءِ يڪنياهہ مان شئلتي ايل پيدا ٿيو: ۽ شئلتي ايل مان زربابل پيدا ٿيو:</verse>
				<verse number="13">۽ زربابل مان ابيئود پيدا ٿيو: ۽ ابيئود مان الياقيم پيدا ٿيو: ۽ الياقيم مان عازور پيدا ٿيو:</verse>
				<verse number="14">۽ عازور مان صدوق پيدا ٿيو: ۽ صدوق مان اخيم پيدا ٿيو: ۽ اخيم مان اليئود پيدا ٿيو:</verse>
				<verse number="15">۽ اليئود مان اليعاذار پيدا ٿيو: ۽ اليعاذار مان متان پيدا ٿيو: ۽ متان مان يعقوب پيدا ٿيو.</verse>
				<verse number="16">۽ يعقوب مان يوسف پيدا ٿيو، جو مريم جو مڙس هو؛ جنهن جي پيٽان يسوع پيدا ٿيو، جو مسيح سڏبو آهي.</verse>
				<verse number="17">انهي طرح ابراهيم کان وٺي دائود تائين مڙيئي چوڏهن پيڙهيون ٿيون؛ ۽ دائود کان وٺي بابل ڏي گرفتار ٿي وڃڻ تائين چوڏهن پيڙهيون؛ ۽ بابل ڏي گرفتار ٿي وڃڻ کان وٺي مسيح تائين چوڏهن پيڙهيون.</verse>
				<verse number="18">هاڻي يسوع مسيح جو تولد هن طرح ٿيو: جو جڏهن هن جي ماءُ مريم جو مڱڻو يوسف سان ٿيو، ۽ اڃا هو پاڻ ۾ گڏ نہ ٿيا هئا، تڏهن معلوم ٿيو تہ هوءَ پاڪ روح جي قدرت سان حاملہ ٿي آهي.</verse>
				<verse number="19">۽ هن جو مڙس يوسف، جو راستباز ماڻهو هو ۽ مرضي نہ هيس تہ هن کي خلق ۾ خوار ڪريان، تنهن خيال ڪيو تہ هن کي پنهنجي پر ۾ ڇڏي ڏيان.</verse>
				<verse number="20">پر جڏهن هو انهن ڳالهين بابت فڪر ۾ هو، تہ ڏسو تہ هن کي خواب ۾ خدا جو هڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن چيس تہ اي دائود جا پٽ يوسف، تون مريم پنهنجي زال کي پاڻ وٽ آڻڻ کان نہ ڊڄ، ڇالاءِ جو جيڪو حمل ٿيو اٿس سو پاڪ روح جي قدرت سان آهي.</verse>
				<verse number="21">۽ هن کي پٽ ڄمندو ۽ انهي جو نالو يسوع رکج. ڇالاءِ جو هو اُهو ئي آهي جو پنهنجي اُمت کي سندن گناهن کان نجات ڏيندو.</verse>
				<verse number="22">هاڻي اُهي سڀ ڳالهيون انهي لاءِ ٿيون تہ جيڪي خداوند پنهنجي نبيءَ جي معرفت چوايو هو، سو اچي پورو ٿئي تہ</verse>
				<verse number="23">”ڏسو هڪڙي ڪنواري حاملہ ٿيندي ۽ کيس پٽ ڄمندو، ۽ انهي جو نالو عمانوئيل رکندا؛“ جنهن جي معنيٰ آهي، ”خدا اسان سان“.</verse>
				<verse number="24">پوءِ يوسف ننڊ مان اُٿيو ۽ جيئن خداوند جي ملائڪ فرمايو هوس تيئن ئي ڪيائين، ۽ پنهنجي زال کي پاڻ وٽ وٺي آيو.</verse>
				<verse number="25">۽ جيسين هن کي پٽ نہ ڄائو، تيسين کيس هٿ نہ لاتائين، ۽ انهي ٻار جو نالو يسوع رکيائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">هاڻي جڏهن يسوع يهوديہ واري بيت الحم ۾ هيروديس بادشاهہ جي ڏينهن ۾ پيدا ٿيو، تڏهن ڏسو، اُڀرندي کان مجوسي يروشلم ۾ آيا،</verse>
				<verse number="2">۽ چوڻ لڳا تہ يهودين جو بادشاهہ جو پيدا ٿيو آهي سو ڪٿي آهي؟ ڇالاءِ جو اسان ان جو تارو اُڀرندي ۾ ڏٺو آهي: تنهنڪري کيس سجدو ڪرڻ لاءِ آيا آهيون.</verse>
				<verse number="3">۽ جڏهن هيروديس بادشاهہ اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هن کي ۽ ساڻس گڏ سڄي يروشلم کي اچي فڪر ورايو.</verse>
				<verse number="4">۽ سڀني سردار ڪاهنن ۽ فقيهن کي گڏ ڪري کانئن پڇڻ لڳو تہ مسيح ڪٿي پيدا ٿيڻو آهي؟</verse>
				<verse number="5">۽ هنن چيس تہ يهوديہ واري بيت الحم ۾، ڇالاءِ جو نبيءَ جي معرفت هيئن لکيو ويو آهي تہ</verse>
				<verse number="6">”اي يهوديہ ملڪ جا بيت الحم، تون ڪنهن بہ طرح يهوديہ جي شهزادن مان سڀ کان ننڍو نہ آهين: ڇالاءِ جو تو منجهان هڪڙو حاڪم نڪرندو، جو منهنجي قوم اسرائيل جو پاسبان ٿيندو“.</verse>
				<verse number="7">تڏهن هيروديس اُنهن مجوسين کي خلاصو سڏائي، انهن کان پوريءَ طرح پڇي خاطري ڪئي، تہ ڪهڙي وقت اُهو تارو ظاهر ٿيو هو.</verse>
				<verse number="8">۽ انهن کي بيت الحم ڏي روانو ڪيائين، ۽ چيائين تہ وڃي انهي ننڍي ٻار جو احوال چڱيءَ طرح دريافت ڪريو؛ ۽ جڏهن اوهين انهي کي لهو، تڏهن مون کي اطلاع ڏجو، تہ آئون بہ اچي کيس سجدو ڪريان.</verse>
				<verse number="9">۽ هو بادشاهہ جي ڳالهہ ٻڌي اُٿي هليا، ۽ ڏسو، اُهو تارو جو هنن اُڀرندي ۾ ڏٺو هو، سو سندن اڳيان ٿي هليو، ۽ هلي هلي انهيءَ جاءِ جي مٿان اچي بيٺو، جتي اهو ننڍو ٻار هو.</verse>
				<verse number="10">۽ جڏهن هنن اُهو تارو ڏٺو، تڏهن تمام گهڻو خوش ٿيا.</verse>
				<verse number="11">۽ هو انهي گهر ۾ آيا ۽ ننڍي ٻار کي سندس ماءُ مريم وٽ ڏٺائون، ۽ پيرين پئي کيس سجدو ڪيائون؛ ۽ پنهنجون ڳوٿريون کولي، سون ۽ لوبان ۽ مر هن جي اڳيان نذرانو رکيائون.</verse>
				<verse number="12">۽ کين خواب ۾ خدا وٽان هدايت ملي تہ هيروديس وٽ موٽي متان وڃو، تنهنڪري هو ٻيو رستو وٺي پنهنجي ملڪ ڏانهن روانا ٿيا.</verse>
				<verse number="13">هاڻي جڏهن هو روانا ٿيا، تڏهن ڏسو، خدا جي هڪڙي ملائڪ يوسف کي خواب ۾ ڏيکاري ڏيئي چيو تہ اُٿ ۽ هن ننڍي ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي مصر ملڪ ۾ ڀڄي وڃ ۽ اُتي ئي رهجانءِ، جيسين ڪ آئون توکي چوان: ڇالاءِ جو هيروديس انهي ننڍي ٻار کي ماري کپائڻ لاءِ اُن جي ڳولا ڪندو.</verse>
				<verse number="14">تنهن تي هو اُٿيو ۽ ننڍي ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي، راتوواهہ مصر ملڪ ڏانهن هليو ويو؛</verse>
				<verse number="15">۽ اُتي رهيو پيو هو جيسين ڪ هيروديس مئو: انهي لاءِ تہ خدا جيڪي نبيءَ جي معرفت چيو هو سو پورو ٿئي تہ ”مون پنهنجي فرزند کي مصر مان گهرايو آهي“.</verse>
				<verse number="16">پوءِ جڏهن هيروديس ڏٺو تہ مجوسين مون سان ٺڳي ڪئي آهي تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو، ۽ انهن مجوسين کان جو وقت پڇي پڪو ڪري ڇڏيو هئائين، تنهن موجب بيت الحم ۾ ۽ ان جي آس پاس وارين حدن ۾، جيڪي ڇوڪر ٻن ورهين جا ۽ انهي کان ننڍا هئا، تن سڀني کي ماڻهو موڪلي مارائي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="17">تڏهن يرمياہ نبيءَ جيڪي چيو هو سو اچي پورو ٿيو تہ</verse>
				<verse number="18">”رامہ ۾ هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، روئڻ ۽ ڏاڍي ماتم جو، راخل پنهنجن ٻارن لاءِ پئي روئي، ۽ تسلي نٿي اچيس، ڇالاءِ جو آهن ئي ڪين“.</verse>
				<verse number="19">پر جڏهن هيروديس مري ويو تڏهن ڏسو، خداوند جي هڪڙي ملائڪ مصر ۾ يوسف کي خواب ۾ ڏيکاري ڏيئي چيو تہ</verse>
				<verse number="20">اُٿي هن ننڍي ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي اسرائيل جي ملڪ ۾ وڃ: ڇالاءِ جو جن ننڍي ٻار کي مارڻ ٿي گهريو، سي مري ويا آهن.</verse>
				<verse number="21">تنهن تي هو اُٿيو ۽ انهي ننڍي ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي اسرائيل جي ملڪ ۾ آيو.</verse>
				<verse number="22">پر جڏهن ٻڌائين تہ ارڪيلائوس پنهنجي پيءُ هيروديس جي جاءِ تي يهوديہ ۾ بادشاهي ٿو ڪري، تڏهن اوڏانهن وڃڻ کان ڊنو، ۽ خواب ۾ جا هدايت ٿيس، تنهن موجب هو گليل جي پرڳڻي ۾ آيو،</verse>
				<verse number="23">۽ اچي ناصرت نالي هڪڙي شهر ۾ رهيو، انهي لاءِ تہ جيڪي نبين جي معرفت چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ”هو ناصري سڏبو“.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">انهن ڏينهن ۾ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو يهوديہ جي رڻ پٽ ۾ منادي ڪندو آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ</verse>
				<verse number="2">اوهين توبهہ ڪريو، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت ويجهي آئي آهي.</verse>
				<verse number="3">هيءُ اُهو آهي جنهن جي بابت يسعياهہ نبيءَ ذڪر ڪيو هو، تہ ”رڻ پٽ ۾ هڪڙي پڪارڻ واري جو آواز ٿو اچي، تہ اوهين خداوند جو رستو تيار ڪريو، ۽ سندس واٽون سنئيون ڪريو“.</verse>
				<verse number="4">هاڻي انهي يوحنا کي ملس جا ڪپڙا پيل هئا، ۽ چم جو ڪمربند چيلهہ ۾ ٻَڌل هوس؛ ۽ سندس کاڌو مڪڙ ۽ جهنگ جي ماکي هئي.</verse>
				<verse number="5">تڏهن يروشلم، ۽ ساري يهوديہ، ۽ يردن جي آس پاس واري ملڪ جا سڀ رهاڪو وٽس هلي آيا؛</verse>
				<verse number="6">۽ انهن پنهنجا گناهہ باسي، يردن نديءَ ۾ هن کان بپتسما ورتي.</verse>
				<verse number="7">پر جڏهن هن ڏٺو تہ گهڻا فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ مون وٽ پيا اچن، تڏهن انهن کي چوڻ لڳو، تہ اي نانگن جا ٻچا، اوهان کي ڪنهن خبردار ڪيو تہ جيڪو غضب اچڻ وارو آهي تنهن کان ڀڄو؟</verse>
				<verse number="8">تنهن ڪري اهڙا ڦل پيدا ڪريو جي توبهہ جي لائق هجن:</verse>
				<verse number="9">۽ پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ ڀانئيو، تہ ابراهيم اسان جو پيءُ آهي؛ ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خدا هنن پهڻن مان ابراهيم جي لاءِ ٻار پيدا ڪري ٿو سگهي.</verse>
				<verse number="10">بلڪ هينئر ئي وڻن جي پاڙ تي ڪهاڙي رکي ويئي آهي، تنهنڪري جيڪو وڻ چڱو ڦل نٿو ڏئي، سو وڍي باهہ ۾ وجهبو.</verse>
				<verse number="11">آئون تہ اوهان کي توبهہ جي لاءِ پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، مگر اُهو جو منهنجي پٺيان ٿو اچي، سو مون کان وڌيڪ طاقت وارو آهي، جنهن جي جُتيءَ کڻڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان: اُهو اوهان کي پاڪ روح ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو.</verse>
				<verse number="12">جنهن کي پنهنجو ڇڄ هٿ ۾ آهي، ۽ اُهو پنهنجي ڳاهہ جي پڙ کي چڱيءَ طرح صفا ڪندو، ۽ پنهنجي ڪڻڪ ڀانڊي ۾ گڏ ڪري رکندو؛ پر بهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙيندو جا وسامڻ جي ئي ڪانهي.</verse>
				<verse number="13">تنهن کان پوءِ يسوع بپتسما وٺڻ لاءِ گليل مان نڪري يردن ڏانهن يوحنا وٽ آيو.</verse>
				<verse number="14">پر يوحنا منع ڪرڻ لڳس، تہ مون کي تہ پاڻ توکان بپتسما وٺڻ گهرجي، ۽ تون مون وٽ ٿو اچين؟</verse>
				<verse number="15">مگر يسوع ورندي ڏيئي چيس هاڻي تہ ائين ڪر، ڇالاءِ جو اسان کي ائين ئي سڀ راستبازي پوري ڪرڻي آهي. تنهن کانپوءِ هن سندس ڳالهہ قبول ڪئي.</verse>
				<verse number="16">۽ جڏهن يسوع بپتسما وٺي رهيو، تڏهن يڪدم پاڻيءَ مان نڪري ٻاهر آيو، ۽ ڏسو تہ آسمان سندس لاءِ کُلي پيو، ۽ هن خدا جو روح ڪبوتر وانگر لهندو ۽ پاڻ تي ايندو ڏٺو.</verse>
				<verse number="17">۽ ڏسو، آسمان مان هڪڙو آواز آيو تہ هيءُ منهنجو پيارو پٽ آهي، جنهن مان آئون ڏاڍو خوش آهيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">تنهن کانپوءِ روح يسوع کي رڻ پٽ ڏانهن وٺي ويو، انهي لاءِ تہ شيطان کيس آزمائي.</verse>
				<verse number="2">۽ هن چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون روزو رکيو، پوءِ کيس بک لڳي.</verse>
				<verse number="3">تڏهن آزمائڻ واري اچي چيس تہ جي تون خدا جو فرزند آهين تہ حڪم ڪر تہ هي پهڻ ماني ٿي پون.</verse>
				<verse number="4">پر هن ورندي ڏيئي چيو، تہ لکيل آهي تہ ”ماڻهو رڳو مانيءَ ڪري نہ جيئندو پر جيڪي بہ لفظ خدا جي واتان نڪرندا تن ڪري جيئندو.“</verse>
				<verse number="5">تڏهن شيطان هن کي پاڪ شهر ۾ وٺي ويو، ۽ هيڪل جي ڪنگري تي بيهاري چيائينس تہ</verse>
				<verse number="6">جي تون خدا جو فرزند آهين تہ پاڻ کي هيٺ ڪيراءِ، ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”هو تنهنجي بابت پنهنجي ملائڪن کي حڪم ڏيندو، ۽ اُهي توکي پنهنجي هٿن تي جهلي وٺندا، تہ متان تنهنجو پير پهڻ سان وڃي لڳي.“</verse>
				<verse number="7">يسوع هن کي چيو، تہ هيئن بہ لکيل آهي، تہ ”تون خداوند پنهنجي خدا کي نہ آزمائج.“</verse>
				<verse number="8">وري شيطان هن کي هڪڙي تمام اُتانهين جبل تي وٺي ويو، ۽ دنيا جون سڀ بادشاهتون ۽ سندين وڏائي ڏيکاريائينس،</verse>
				<verse number="9">۽ چيائينس، تہ جي تون پيرين پئي مون کي سجدو ڪندين، تہ آئون توکي هي سڀ شيون ڏيندس.</verse>
				<verse number="10">تڏهن يسوع چيس، تہ اي شيطان، هتان ٽري وڃ، ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”تون خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر، ۽ رڳو انهي جي ئي عبادت ڪر.“</verse>
				<verse number="11">تڏهن شيطان هن کي ڇڏي هليو ويو، ۽ ڏسو، ملائڪن اچي سندس خدمت ڪئي.</verse>
				<verse number="12">هاڻي جڏهن هن ٻڌو تہ يوحنا کي جهلايو اٿن، تڏهن پاڻ نڪري گليل ڏانهن ويو؛</verse>
				<verse number="13">۽ ناصرت ڇڏي اچي ڪفرناحوم ۾ رهڻ لڳو، جو سمنڊ جي ڪناري تي زبولون ۽ نفتاليءَ جي حدن اندر آهي:</verse>
				<verse number="14">انهي لاءِ تہ جيڪي يسعياهہ نبيءَ چيو هو سو پورو ٿئي تہ</verse>
				<verse number="15">”زبولون جو علائقو ۽ نفتاليءَ جو علائقو، جو يردن جي پار سمنڊ واري پاسي، غير قومن وارو گليل آهي،</verse>
				<verse number="16">تنهن جا ماڻهو جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺل هئا، تن هڪڙي وڏي روشني ڏٺي، ۽ جيڪي موت جي ملڪ ۽ پاڇي ۾ ويٺا هئا، تن تي روشني اچي چمڪي.“</verse>
				<verse number="17">انهي وقت کان وٺي يسوع منادي ڪري چوڻ لڳو تہ توبهہ ڪريو، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت ويجهي آئي آهي.</verse>
				<verse number="18">۽ گليل جي سمنڊ جي ڪناري تان لنگهندي هن ٻہ ڀائر ڏٺا، هڪڙو شمعون، جنهن کي پطرس ٿا سڏين، ۽ ٻيو سندس ڀاءُ اندرياس؛ جن سمنڊ ۾ ڄار پئي وڌو؛ ڇالاءِ جو اُهي مهاڻا هئا.</verse>
				<verse number="19">۽ هن انهن کي چيو تہ اوهين منهنجي پٺيان اچو ۽ آئون اوهان کي ماڻهن جو مهاڻو بنائيندس.</verse>
				<verse number="20">۽ هو هڪدم ڄار ڦٽا ڪري هن جي پٺيان اُٿي هليا.</verse>
				<verse number="21">اُتان اڳڀرو هلي هن ٻيا ٻہ ڀائر، زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا ڏٺا، جن پنهنجي پيءُ زبديءَ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ پنهنجي ڄارن جي مرمت پئي ڪئي، تن کي بہ سڏيائين.</verse>
				<verse number="22">تڏهن هو يڪدم ٻيڙيءَ ۽ پنهنجي پيءُ کي ڇڏي، سندس پٺيان هليا.</verse>
				<verse number="23">۽ يسوع ساري گليل ۾ هنن جي عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو، ۽ بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو، ۽ سڀني قسمن جي مرضن، ۽ سڀني قسمن جي بيمارين کان ماڻهن کي ڇُٽائيندو گهمندو رهيو.</verse>
				<verse number="24">۽ هن جي هاڪ سڄي سوريہ ۾ پئجي ويئي: ۽ جيڪي بيمار جدا جدا مرضن ۽ عذابن ۾ ڦاٿل هئا، ۽ جن ۾ ڀوت هئا، ۽ جن کي مرگهي ۽ اڌرنگ هو، تن سڀني کي وٽس وٺي آيا، ۽ هن کين ڇُٽائي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="25">۽ گليل، ۽ دڪاپلس، ۽ يروشلم ۽ يهوديہ مان، ۽ يردن جي پرينءَ ڀر کان، ماڻهن جا وڏا ميڙاڪا اچي پٺيانئس هلڻ لڳا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">۽ هو ميڙاڪا ڏسي جبل تي چڙهي ويو: ۽ جڏهن هو ويهي رهيو، تڏهن سندس شاگرد وٽس آيا:</verse>
				<verse number="2">۽ هو پنهنجو وات کولي هنن کي تعليم ڏيڻ لڳو تہ:</verse>
				<verse number="3">مبارڪ آهن اُهي جي دل جا غريب آهن، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت انهن ئي جي آهي.</verse>
				<verse number="4">مبارڪ آهن اُهي جي غمگين آهن، ڇالاءِ جو اُنهن کي تسلي ملندي.</verse>
				<verse number="5">مبارڪ آهن اُهي جي حليم آهن، ڇالاءِ جو اُهي زمين جا وارث ٿيندا.</verse>
				<verse number="6">مبارڪ آهن اُهي جي سچائيءَ جا بکايل ۽ اُڃايل آهن، ڇالاءِ جو اُهي ڍائبا.</verse>
				<verse number="7">مبارڪ آهن اُهي جي رحم دل آهن، ڇالاءِ جو اُنهن تي رحم ٿيندو.</verse>
				<verse number="8">مبارڪ آهن اُهي جي دل جا پاڪ آهن، ڇالاءِ جو اُهي خدا کي ڏسندا.</verse>
				<verse number="9">مبارڪ آهن اُهي جي صلح ٿا ڪرائين، ڇالاءِ جو اُهي خدا جا ٻار سڏبا.</verse>
				<verse number="10">مبارڪ آهن اُهي جن کي سچائيءَ جي ڪري ستائين ٿا، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت انهن جي ئي آهي.</verse>
				<verse number="11">مبارڪ اوهين تڏهن آهيو، جڏهن منهنجي نالي ماڻهو اوهان کي طعنا هڻندا، ۽ ستائيندا، ۽ بي گناهہ اوهان تي هر طرح جي تهمت لڳائيندا.</verse>
				<verse number="12">خوشي ڪريو ۽ ڏاڍا سرها ٿيو، ڇالاءِ جو اوهان جو اجر آسمان ۾ وڏو آهي: ڇوتہ جيڪي نبي اوهان کان اڳي هئا تن کي بہ انهي طرح ستايو هئائون.</verse>
				<verse number="13">اوهين زمين جو لوڻ آهيو: پر جيڪڏهن لوڻ جو سواد هليو وڃي تہ هن کي ڇا سان سلوڻو ڪبو؟ انهي کانپوءِ اُهو ڪنهن بہ ڪم جو ڪونہ آهي، پر رڳو هن لائق آهي تہ اُڇلائي ڇڏجي، ۽ ماڻهن جي پيرن هيٺ لتاڙجي.</verse>
				<verse number="14">اوهين جهان جي روشني آهيو، جو شهر ٽڪر تي بيٺل آهي، سو لڪي نہ سگهندو.</verse>
				<verse number="15">نڪي ماڻهو ڏيئو ٻاري ٽوئي هيٺ ٿا رکن، پر ڏياٽيءَ تي ٿا رکن، تہ گهر ۾ جيڪي ماڻهو آهن تن کي سوجهرو ڏئي.</verse>
				<verse number="16">ساڳيءَ طرح اوهان جي روشني بہ ماڻهن اڳيان چمڪي، تہ اهي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي، اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن جي وڏائي ڪن.</verse>
				<verse number="17">ائين نہ ڀانئيو تہ آئون توريت يا نبين جي لکيت کي منسوخ ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. آئون منسوخ ڪرڻ لاءِ نہ، پر پوري ڪرڻ لاءِ آيو آهيان.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيسين آسمان ۽ زمين ٽري نہ وڃن، تيسين توريت جي سڀني ڳالهين پورين ٿيڻ کان سواءِ، انهن مان ڪنهن بہ طرح هڪڙي زبر يا هڪڙو نقطو بہ ٽري نہ ويندو.</verse>
				<verse number="19">تنهنڪري جيڪو بہ هنن تمام ننڍن حڪمن مان هڪڙو ڀڃندو، ۽ ماڻهن کي ائين سيکاريندو، سو آسمان جي بادشاهت ۾ سڀني کان ننڍو سڏبو. پر جيڪو انهن تي عمل ڪندو ۽ ائين سيکاريندو، سو ئي آسمان جي بادشاهت ۾ وڏو سڏبو.</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪڏهن اوهان جي سچائي فقيهن ۽ فريسين جي سچائيءَ کان وڌيڪ نہ ٿيندي، تہ اوهين ڪنهن بہ طرح آسمان جي بادشاهت ۾ داخل نہ ٿيندا.</verse>
				<verse number="21">اوهان ٻڌو آهي تہ اڳئين زماني جي ماڻهن کي چيو ويو هو تہ تون خون نہ ڪر، ۽ جيڪو خون ڪندو، سو عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو.</verse>
				<verse number="22">پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان ڪاوڙجي ٿو، سو عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو؛ ۽ جيڪو پنهنجي ڀاءُ کي چوندو تہ اي ديوانا، سو صدر عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو؛ ۽ جيڪو چوندو تہ اي احمق، سو جهنم جي باهہ جوڳو ٿيندو.</verse>
				<verse number="23">تنهنڪري جيڪڏهن تون پنهنجو نذرانو قربانگاهہ تي آڻي چاڙهين، ۽ اُتي ياد پويئي تہ منهنجي ڀاءُ جو مون ڏانهن ڪو رنج آهي،</verse>
				<verse number="24">تہ پنهنجو نذرانو اُتي قربانگاهہ جي اڳيان ڇڏي، پهرين وڃي پنهنجي ڀاءُ سان پرچ، پوءِ اچي پنهنجو نذرانو چاڙهہ.</verse>
				<verse number="25">جيسين تون پنهنجي مدعيءَ سان گڏ واٽ ۾ آهين، تيسين جلدي ڪري هن سان ٺاهہ ڪري وٺ، متان اُهو مدعي توکي منصف جي حوالي ڪري، ۽ منصف توکي فوجدار جي حوالي ڪري، ۽ تون قيد ۾ وڃي پوين.</verse>
				<verse number="26">آئون توکي سچ ٿو چوان تہ جيسين تون پائي پائيءَ تي چاڙهي نہ ڏيندين، تيسين ڪنهن بہ پر اُتان نڪرندين ئي ڪين.</verse>
				<verse number="27">اوهان ٻڌو آهي تہ چيو ويو هو تہ تون زنا نہ ڪر:</verse>
				<verse number="28">پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو ماڻهو ڪنهن زال ڏانهن بڇڙي نگاهہ سان ٿو نهاري، سو پنهنجي دل ۾ هن سان زنا ڪري چڪو.</verse>
				<verse number="29">۽ جيڪڏهن تنهنجي ساڄي اک توکي ڀُلائي تہ اُها پٽي ڪڍي پاڻ وٽان اُڇلائي ڇڏ: ڇالاءِ جو تنهنجي لاءِ اهو بهتر آهي تہ تنهنجن عضون مان هڪڙو هليو وڃي، پر تنهنجو سڄو بُت جهنم ۾ نہ پوي.</verse>
				<verse number="30">۽ جيڪڏهن تنهنجو ساڄو هٿ توکي ڀُلائي تہ اُهو وڍي پاڻ وٽان اُڇلائي ڇڏ، ڇالاءِ جو تنهنجي لاءِ اهو بهتر آهي تہ تنهنجن عضون مان هڪڙو هليو وڃي، پر تنهنجو سڄو بُت جهنم ۾ نہ پوي.</verse>
				<verse number="31">هيئن بہ چيو ويو هو تہ جيڪو پنهنجي زال کي ڪڍي ڇڏي، سو انهيءَ کي طلاق نامو لکي ڏئي:</verse>
				<verse number="32">پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي زال کي زنا جي سبب کانسواءِ ڪڍي ٿو ڇڏي، سو هن کي زناڪار ٿو ڪري: ۽ جيڪو انهيءَ نڪتل زال سان پرڻبو، سو بہ زنا ڪندو.</verse>
				<verse number="33">ٻيو اوهان ٻڌو آهي تہ اڳوڻي زماني جي ماڻهن کي چيو ويو هو، تہ تون ڪوڙو قسم نہ کڻ، پر پنهنجا قسم خداوند جي حضور ۾ پورا ڪر:</verse>
				<verse number="34">پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ قسم اصل کڻو ئي نہ؛ نڪي آسمان جو قسم کڻو، ڇالاءِ جو اُهو خدا جو تخت آهي؛</verse>
				<verse number="35">نڪي زمين جو، ڇالاءِ جو اُها سندس پيرن جي صندلي آهي؛ نڪي يروشلم جو، ڇالاءِ جو اُهو وڏي بادشاهہ جو شهر آهي.</verse>
				<verse number="36">نڪي تون پنهنجي سر جو قسم کڻ، ڇالاءِ جو تون هڪڙي وار کي اڇو يا ڪارو ڪري نٿو سگهين.</verse>
				<verse number="37">پر اوهان جي گفتگو ها جي ها؛ نہ جي نہ هئڻ گهرجي: ۽ جيڪي انهن کان وڌيڪ آهي سو بڇڙائيءَ مان آهي.</verse>
				<verse number="38">اوهان ٻڌو آهي جو چيو ويو هو، تہ اک جي عيوض ۾ اک، ۽ ڏند جي عيوض ۾ ڏند:</verse>
				<verse number="39">پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو بڇڙو آهي، تنهن جي سامهون نہ ٿيو: پر جيڪو توکي تنهنجي ساڄي ڳل تي چماٽ هڻي، تنهن کي ٻيو بہ ڦيرائي ڏي.</verse>
				<verse number="40">۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو تو تي عدالت ۾ دعويٰ ڪرڻ گهري، ۽ تنهنجو پهراڻ کڻي وڃي، تہ انهي کي پنهنجو ڪوٽ بہ ڏيئي ڇڏ.</verse>
				<verse number="41">جيڪو توکي بيگر ۾ هڪڙو ميل وٺي وڃي، تنهن سان ٻہ ميل وڃ.</verse>
				<verse number="42">جيڪو توکان ڪي گهري، تنهن کي ڏي، ۽ جيڪو توکان اُڌارو وٺڻ گهري، تنهن کان منهن نہ موڙ.</verse>
				<verse number="43">اوهان ٻڌو آهي تہ چيو ويو هو تہ تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي پيار ڪر، ۽ پنهنجي دشمن سان عداوت رک:</verse>
				<verse number="44">پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن کي پيار ڪريو، ۽ جيڪي اوهان کي ستائين، تن جي لاءِ دعا گهرو؛</verse>
				<verse number="45">تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن جا ٻار ٿيو: ڇالاءِ جو اُهو پنهنجو سج چڱن ۽ مندن تي اُڀرائي ٿو، ۽ سچن ۽ ڪوڙن تي مينهن ٿو وسائي.</verse>
				<verse number="46">ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين انهن کي پيار ڪندا جي اوهان کي پيار ٿا ڪن، تہ پوءِ اوهان کي ڪهڙو اجر ملندو؟ محصولي ٺيڪيدار بہ ساڳيو ائين نٿا ڪن ڇا؟</verse>
				<verse number="47">۽ جيڪڏهن اوهين رڳو پنهنجن ڀائرن کي سلام ڪندا، تہ پوءِ ٻين کان وڌيڪ اوهان ڇا ڪيو؟ غير قومن وارا بہ ساڳيو ائين نٿا ڪن ڇا؟</verse>
				<verse number="48">تنهنڪري جيئن اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي سو ڪامل آهي، تيئن اوهين بہ ڪامل ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">خبردار ٿيو، متان ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ انهن جي اڳيان چڱا ڪم ڪريو، نہ تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن کان اجر ڪونہ ملندوَ:</verse>
				<verse number="2">تنهنڪري جڏهن تون خيرات ڪرين، تڏهن پنهنجي اڳيان توتاري نہ وڄاءِ، جهڙيءَ طرح ڪ رياڪار ماڻهو عبادتگاهن ۽ گهٽين ۾ ڪندا آهن، انهي لاءِ تہ ماڻهو سندن تعريف ڪن. آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو.</verse>
				<verse number="3">پر جڏهن تون خيرات ڪرين، تڏهن هيئن ڪر جو جيڪي تنهنجو ساڄو هٿ ڪري، تنهن جي کاٻي کي خبر بہ نہ پوي:</verse>
				<verse number="4">تہ تنهنجون خيراتون ڳجهيون رهن؛ ۽ تنهنجو پيءُ، جو پوشيدگيءَ ۾ ڏسي ٿو، سو توکي اُنهي جو اجر ڏيندو.</verse>
				<verse number="5">۽ جڏهن اوهين دعا گهرو، تڏهن رياڪارن جهڙا نہ ٿيو، ڇالاءِ جو اُهي عبادتگاهن ۾ ۽ گهٽين جي ڪنڊن تي بيهي دعا گهرڻ پسند ٿا ڪن، انهي لاءِ تہ ڀلي ماڻهو کين ڏسن، آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو.</verse>
				<verse number="6">پر جڏهن تون دعا گهرين، تڏهن پنهنجي اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ وڃ، ۽ در پوري پنهنجي پيءُ کان دعا گهر، جو ڏسڻ ۾ نٿو اچي، ۽ تنهنجو پيءُ جو پوشيدگيءَ ۾ ڏسي ٿو، سو توکي اجر ڏيندو.</verse>
				<verse number="7">۽ دعا گهرڻ مهل اجايا لفظ وري وري نہ چئو، جيئن غير قومن وارا ڪندا آهن؛ ڇالاءِ جو هو ڀائين ٿا تہ گهڻي چوڻ ڪري اسان جي ٻُڌڻ ۾ ايندي.</verse>
				<verse number="8">تنهنڪري انهن جهڙا نہ ٿيو، ڇوتہ جن شين جي اوهان کي ضرورت آهي، تنهن جي اوهان جي پيءُ کي اوهان جي گهرڻ کان اڳيئي خبر آهي.</verse>
				<verse number="9">تنهنڪري اوهين هن طرح دعا گهرو تہ اي اسان جا بابا، تون جو آسمان ۾ آهين، تنهنجو نالو پاڪ ڪري ڄاڻجي،</verse>
				<verse number="10">تنهنجي بادشاهي اچي، تنهنجي مرضي جيئن آسمان ۾ پوري ٿيندي آهي، تيئن زمين تي بہ ٿئي.</verse>
				<verse number="11">اسان جي روز جي ماني اڄ اسان کي ڏي،</verse>
				<verse number="12">اسان جا قرض اسان کي معاف ڪر، جيئن اسان بہ پنهنجن قرضين کي معاف ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="13">۽ اسان کي آزمائش ۾ نہ آڻ پر بڇڙائيءَ کان بچاءِ، (ڇالاءِ جو بادشاهي، ۽ قدرت، ۽ وڏائي هميشہ تائين تنهنجي ئي آهي، آمين.)</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين ماڻهن جا ڏوهہ معاف ڪندا، تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي سو بہ اوهان کي معاف ڪندو.</verse>
				<verse number="15">پر جيڪڏهن اوهين ماڻهن جا ڏوهہ معاف نہ ڪندا تہ اوهان جو پيءُ بہ اوهان جا ڏوهہ معاف ڪين ڪندو.</verse>
				<verse number="16">۽ جڏهن اوهين روزو رکو، تڏهن رياڪارن وانگر منهن لٿل نہ ٿيو، ڇالاءِ جو اُهي پنهنجا منهن بدشڪل ڪيو وجهن، انهي لاءِ تہ ماڻهو ڏسن تہ هنن روزو رکيو آهي. آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو.</verse>
				<verse number="17">پر جڏهن تون روزو رکين، تڏهن پنهنجي مٿي تي تيل مک ۽ پنهنجو منهن ڌوءُ،</verse>
				<verse number="18">تہ ماڻهو توکي روزائتو نہ سمجهن پر تنهنجو پيءُ جو ڏسڻ ۾ نٿو اچي، سو توکي ڏسي: ۽ تنهنجو پيءُ جو پوشيدگيءَ ۾ ٿو ڏسي، سو توکي اجر ڏيندو.</verse>
				<verse number="19">پنهنجي لاءِ زمين تي مال گڏ نہ ڪريو، جتي ڪينئون ۽ ڪٽ کايو ڇڏي، ۽ جتي چور کاٽ هڻي چورايو وڃن.</verse>
				<verse number="20">پر پنهنجي لاءِ آسمان ۾ مال گڏ ڪريو، جتي نڪي ڪينئون، نڪي ڪٽ ٿي کائي، ۽ جتي نہ چور کاٽ هڻي چورائين ٿا.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو جتي تنهنجو مال هوندو، اُتي ئي تنهنجي دل بہ هوندي.</verse>
				<verse number="22">بدن جو ڏيئو آهي اک، تنهنڪري جيڪڏهن تنهنجي اک ٺيڪ هوندي تہ تنهنجو سڄو بدن روشنيءَ سان ڀريل هوندو.</verse>
				<verse number="23">پر جي تنهنجي اک بڇڙي هوندي، تہ تنهنجو سڄو بدن اوندهہ سان ڀريل هوندو. تنهنڪري جيڪا روشني تو ۾ آهي، سا جي اوندهہ ٿي پيئي تہ اُها ڪيڏي نہ وڏي اوندهہ چئبي.</verse>
				<verse number="24">ڪوبہ ماڻهو ٻن مالڪن جي خدمت ڪري ڪين سگهندو، ڇالاءِ جو يا تہ هو هڪڙي سان عداوت ڪندو ۽ ٻئي کي پيار ڪندو، يا تہ وري هڪڙي سان ميل رکندو ۽ ٻئي کي ليکيندو ئي ڪين. اوهين خدا ۽ دولت ٻنهي جي خدمت ڪري ڪين سگهندا.</verse>
				<verse number="25">تنهنڪري آئون اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان جو فڪر نہ ڪريو، تہ اسين ڇا کائينداسين، يا ڇا پيئنداسين؛ نڪي پنهنجي بُت جو فڪر ڪريو تہ ڇا ڍڪينداسين؛ جان کاڌي کان ۽ بُت ڪپڙن کان وڌيڪ نہ آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="26">آسمان جا پکي ڏسو، جو اُهي نہ پوکين ۽ نہ لڻن، ۽ نڪي ڪي ڀانڊن ۾ گڏ ڪري رکن ٿا؛ تہ بہ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو هنن کي کارائي ٿو. اوهين هنن کان گهڻو وڌيڪ نہ آهيو ڇا؟</verse>
				<verse number="27">اوهان مان ڪير فڪر ڪرڻ سان پنهنجو قد هڪڙو هٿ وڌائي سگهندو؟</verse>
				<verse number="28">۽ اوهين ڪپڙن جو فڪر ڇو ٿا ڪريو؟ جهنگ جا گل سوسن جاچي ڏسو، تہ ڪيئن ٿا اُڀرن، اُهي نڪي پورهيو ڪن، نڪي ڪَتين.</verse>
				<verse number="29">تڏهن بہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خود سليمان پنهنجي سموري شان هوندي بہ اُنهن مان هڪڙي جهڙو پهريل نہ هو.</verse>
				<verse number="30">پر جيڪڏهن جهنگ جو گاهہ جو اڄ آهي ۽ سڀاڻي کڻي کوري ۾ اُڇلبو، تنهن کي خدا اهڙيءَ طرح ٿو پهرائي، تڏهن اي ڪم اعتقادو، اوهان کي هو اُنهن کان گهڻو وڌيڪ نہ پهرائيندو ڇا؟</verse>
				<verse number="31">تنهنڪري اوهين فڪر نہ ڪريو، تہ ڇا کائينداسين يا ڇا پيئنداسين، يا ڇا ڍڪينداسين؟</verse>
				<verse number="32">ڇالاءِ جو غير قومن وارا انهن سڀني جا ڳولائو آهن؛ ۽ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، تنهن کي خبر آهي تہ اوهان کي انهن سڀني شين جي گهرج آهي.</verse>
				<verse number="33">پر اوهين پهرين هن جي بادشاهي ۽ سندس سچائي ڳوليو، ۽ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون.</verse>
				<verse number="34">تنهنڪري سڀاڻي جو فڪر نہ ڪريو، ڇالاءِ جو سڀاڻو پنهنجي لاءِ پاڻ فڪر ڪندو؛ اڄ جو ڏک اڄ لاءِ ئي بس آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">عيب جوئي نہ ڪريو، تہ اوهان جي بہ عيب جوئي نہ ٿئي.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو جهڙيءَ طرح اوهين عيب جوئي ڪندا، تهڙيءَ طرح اوهان جي بہ عيب جوئي ٿيندي. ۽ جنهن ماپ سان اوهين مئي ڏيندا، تنهن سان اوهان کي بہ مئي ملندو.</verse>
				<verse number="3">۽ تنهنجي ڀاءُ جي اک ۾ جو ڪٽر آهي سو تون ڇو ٿو ڏسين، پر جڏهن خود تنهنجي اک ۾ جو شهتير آهي تنهن جو خيال ئي نٿو ڪرين.</verse>
				<verse number="4">يا تون ڪيئن پنهنجي ڀاءُ کي چوندين، تہ مون کي تنهنجي اک مان ڪٽر ڪڍڻ ڏي، جڏهن خود تنهنجي اک ۾ شهتير پيو آهي.</verse>
				<verse number="5">اي رياڪار پهرين تون پنهنجي اک مان شهتير ڪڍ، تہ پوءِ صاف ڏسي پنهنجي ڀاءُ جي اک مان ڪٽر ڪڍي سگهندين.</verse>
				<verse number="6">جيڪي پاڪ آهي سو ڪتن کي نہ ڏيو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن جي اڳيان اُڇلائي وجهو، تہ متان هو اُنهن کي پنهنجن پيرن هيٺ لتاڙين ۽ ڦري اچي اوهان کي ڏارين.</verse>
				<verse number="7">گهُرو تہ مليوَ؛ ڳوليو تہ لڀيوَ؛ کڙڪايو تہ پَٽجيوَ.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو جيڪو گهُري ٿو تنهن کي ملي ٿو، ۽ جيڪو ڳولي ٿو سو لهي ٿو، ۽ جيڪو کڙڪائي ٿو تنهن جي لاءِ پَٽجي ٿو.</verse>
				<verse number="9">يا اوهان ۾ اُهو ڪهڙو ماڻهو آهي جو جيڪڏهن سندس پٽ کانئس ماني گهري تہ پهڻ ڏئيس؟</verse>
				<verse number="10">يا جي هن کان مڇي گهري تہ سپ ڏئيس؟</verse>
				<verse number="11">تنهنڪري اوهين جي بڇڙا آهيو سي جڏهن پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيئي ٿا ڄاڻو، تہ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو جيڪي کانئس گهرن ٿا، تن کي ڪيترو نہ وڌيڪ چڱيون شيون ڏيندو؟</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري جيڪي بہ اوهين ڀانئيو تہ ماڻهو اسان سان ڪن، اُوئين اوهين بہ ساڻن ڪريو، ڇالاءِ جو توريت توڙي نبين جو حڪم اهو ئي آهي.</verse>
				<verse number="13">اوهين سوڙهي در کان اندر گهڙو: ڇالاءِ جو اُهو در ويڪرو آهي، ۽ اُهو رستو ڪشادو آهي، جو برباديءَ ڏانهن ٿو وڃي، ۽ جيڪي انهيءَ منجهان اندر ٿا وڃن سي گهڻا آهن.</verse>
				<verse number="14">پر اهو در سوڙهو آهي، ۽ اُهو رستو تنگ آهي، جو زندگيءَ ڏانهن ٿو وڃي، ۽ جن کان اهو لڀي ٿو سي ٿورا آهن.</verse>
				<verse number="15">ڪوڙن نبين کان سنڀالجو، جيڪي رڍن جي ويس ۾ اوهان وٽ اچن ٿا پر اندر ۾ اُهي ڦاڙيندڙ بگهڙ آهن.</verse>
				<verse number="16">اُنهن جي ڦلن مان اوهين کين سڃاڻندا. ماڻهو ڪنڊن مان ڊاک يا ڪانڊيرن مان انجير ڇنندا آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="17">انهيءَ طرح سڀڪو چڱو وڻ چڱو ڦل ڏئي ٿو، پر خراب وڻ خراب ڦل ٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="18">چڱو وڻ خراب ڦل ڏيئي نٿو سگهي، نڪي خراب وڻ چڱو ڦل ڏيئي ٿو سگهي.</verse>
				<verse number="19">جيڪو وڻ چڱو ڦل نٿو ڏئي، سو وڍي باهہ ۾ وجهبو آهي.</verse>
				<verse number="20">تنهنڪري اوهين سندن ڦلن مان کين سڃاڻندا.</verse>
				<verse number="21">جيڪو مون کي خداوند، خداوند ڪري ٿو چوي، سو سڀڪو آسمان جي بادشاهت ۾ داخل ڪين ٿيندو، پر منهنجو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، تنهن جي مرضيءَ تي جيڪو هلي ٿو، سو ئي داخل ٿيندو.</verse>
				<verse number="22">انهي ڏينهن گهڻا مون کي چوندا تہ اي خداوند، اي خداوند، اسان تنهنجي نالي پيشنگوئيون نہ ڪيون ڇا، ۽ اسان تنهنجي نالي ڀوت نہ ڪڍيا ڇا؟ ۽ تنهنجي نالي گهڻا ئي معجزا نہ ڪيا ڇا؟</verse>
				<verse number="23">تڏهن آئون کين صاف چوندس تہ مون اوهان کي ڪڏهن بہ نہ سڃاتو: اي بدڪارو، مون وٽان ٽري وڃو.</verse>
				<verse number="24">تنهنڪري جيڪو بہ ماڻهو منهنجو هي ڪلام ٻڌي ٿو، ۽ اُنهيءَ تي عمل ٿو ڪري، سو اُنهي ڏاهي ماڻهوءَ جي مثل آهي جنهن پنهنجو گهر ٽڪر تي اڏايو.</verse>
				<verse number="25">پوءِ مينهن اچي پيو، ۽ ليٽون آيون، ۽ واءُ لڳا، ۽ اُنهيءَ گهر تي اچي سٽڪا ڪيائون؛ پر اُهو ڪِريو ئي ڪين: ڇالاءِ جو اُنهي جو بنياد ٽڪر تي هو.</verse>
				<verse number="26">۽ جيڪو بہ ماڻهو منهنجو هي ڪلام ٻڌي ٿو، ۽ اُنهيءَ تي عمل نٿو ڪري، سو اُنهيءَ جاهل ماڻهوءَ جي مثل آهي، جنهن پنهنجو گهر واريءَ تي اڏايو:</verse>
				<verse number="27">۽ پوءِ مينهن اچي پيو، ۽ ليٽون آيون، ۽ واءُ لڳا، ۽ اُنهي گهر تي اچي سٽڪا ڪيائون، ۽ اُهو ڪِري پيو ۽ برباد ٿي ويو.</verse>
				<verse number="28">۽ هيئن ٿيو جو جڏهن يسوع هي ڳالهيون ڪري بس ڪئي، تڏهن خلق هن جي تعليم ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويئي:</verse>
				<verse number="29">ڇالاءِ جو هن ائين ٿي سيکاريو جيئن ڪو اختيار وارو سيکاري، ۽ نہ سندن فقيهن وانگر.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">۽ جڏهن هو جبل تان لهي آيو، تڏهن وڏا ميڙاڪا اچي سندس پٺيان هلڻ لڳا.</verse>
				<verse number="2">۽ ڏسو، هڪڙو ڪوڙهيو وٽس آيو ۽ کيس سجدو ڪري چوڻ لڳو، تہ اي خداوند، جي تنهنجي مرضي هجي تہ تون مون کي ڇُٽائي پاڪ صاف ڪري ٿو سگهين.</verse>
				<verse number="3">سو هن پنهنجو هٿ ڊگهيري کيس ڇُهي چيو، تہ منهنجي مرضي آهي تہ تون ڇُٽي پاڪ صاف ٿيءُ. ۽ يڪدم هن جو ڪوڙهہ لهي ويو.</verse>
				<verse number="4">۽ يسوع چيس، تہ ڏس، متان ڪنهن کي ٻڌايو اٿيئي؛ پر وڃي ڪاهنن کي پاڻ ڏيکار، ۽ اُهو نذرانو جنهن جو موسيٰ حڪم ڪيو آهي، سو وڃي ڏي، تہ سندن لاءِ شاهدي ٿئي.</verse>
				<verse number="5">۽ جڏهن هو ڪفرناحوم ۾ آيو، تڏهن وٽس هڪڙو صوبيدار آيو، ۽ منٿ ڪري چوڻ لڳس تہ</verse>
				<verse number="6">اي خداوند، منهنجو نوڪر اڌ رنگ جي بيماري ۾ گهر پيو آهي، ۽ ڏاڍا عذاب پيو سهي.</verse>
				<verse number="7">تنهن تي هن چيس تہ آئون اچي کيس ڇُٽائيندس.</verse>
				<verse number="8">پوءِ صوبيدار ورندي ڏيئي چيو تہ اي خداوند، آئون انهيءَ لائق نہ آهيان تہ تون منهنجي پکي هيٺ اچين، پر تون رڳو واتان کڻي ڪلام ڪڍ، تہ منهنجو نوڪر ڇُٽي چڱو ڀلو ٿي پوندو.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو آئون بہ ٻئي جي هٿ هيٺ آهيان، ۽ خود منهنجي هٿ هيٺ سپاهي آهن: ۽ آئون هڪڙي کي چوان تہ وڃ، تہ وڃي ٿو، ۽ ٻئي کي چوان تہ اچ تہ اچي ٿو. ۽ پنهنجي نوڪر کي چوان تہ هي ڪر تہ ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="10">جڏهن يسوع هي ٻڌو تڏهن عجب لڳس، ۽ جيڪي پٺيان ٿي آيس تن کي چيائين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هيڏو ايمان مون ڪونہ ڏٺو آهي، بلڪ اسرائيل ۾ بہ نہ.</verse>
				<verse number="11">۽ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ گهڻا اُڀرندي ۽ اُلهندي کان ايندا، ۽ آسمان جي بادشاهت ۾ ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب سان گڏ اچي ويهندا.</verse>
				<verse number="12">پر جيڪي بادشاهت جا ٻار آهن، تن کي ٻاهرينءَ اونداهيءَ ۾ ڪڍي ڇڏبو. اُتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.</verse>
				<verse number="13">پوءِ يسوع صوبيدار کي چيو تہ تون هليو وڃ؛ جيئن تو ايمان آندو آهي، تيئن ئي تو سان ٿئي. ۽ اهو نوڪر اُنهيءَ گهڙيءَ ۾ ڇٽي چڱو ڀلو ٿي پيو.</verse>
				<verse number="14">۽ جڏهن يسوع پطرس جي گهر آيو، تڏهن ڏٺائين تہ سندس سس تپ جي ڪري بيمار پيئي آهي.</verse>
				<verse number="15">۽ هن کيس هٿ لاتو، تہ تپ ڇڏي ويس؛ پوءِ هوءَ اُٿي سندس خدمت ڪرڻ لڳي.</verse>
				<verse number="16">۽ جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن گهڻن ئي کي وٽس وٺي آيا جن ۾ ڀوت هئا، ۽ هن هڪڙي حرف سان اُهي ڀوت ڪڍيا، ۽ جيڪي بيمار هئا تن سڀني کي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين:</verse>
				<verse number="17">انهي لاءِ تہ جيڪي يسعياهہ نبيءَ چيو هو سو پورو ٿئي، تہ ”هن پاڻ اسان جون هيڻايون کنيون، ۽ اسان جون بيماريون سَٺيون.“</verse>
				<verse number="18">هاڻي جڏهن يسوع پنهنجي چوڌاري وڏا ميڙاڪا ڏٺا، تڏهن حڪم ڏنائين تہ پرينءَ ڀر وڃو.</verse>
				<verse number="19">۽ هڪڙو فقيهہ آيو ۽ کيس چيائين، تہ اي اُستاد، جيڏانهن تون ويندين، اوڏانهن آئون بہ تنهنجي پٺيان هلندس.</verse>
				<verse number="20">يسوع هن کي چيو تہ لومڙين کي ڏريون آهن، ۽ آسمان جي پکين کي آکيرا، پر ابنِ آدم کي اُها جاءِ ڪانهي جتي کڻي مٿو رکي.</verse>
				<verse number="21">۽ سندس شاگردن مان ٻئي هڪڙي چيس، تہ اي خداوند، مون کي موڪل ڏي تہ آئون پهرين وڃي پنهنجي پيءُ کي دفن ڪريان.</verse>
				<verse number="22">پر يسوع چيس تہ منهنجي پٺيان اچ؛ ڀلي تہ مردا پنهنجن مردن کي دفن ڪن.</verse>
				<verse number="23">۽ جڏهن هڪڙي ٻيڙيءَ تي چڙهيو، تڏهن سندس شاگرد سندس پٺيان آيا.</verse>
				<verse number="24">۽ ڏسو، سمنڊ ۾ اچي اهڙو طوفان لڳو جو ٻيڙي لهرن سان ڍڪجي ويئي: پر هو سمهيو پيو هو.</verse>
				<verse number="25">۽ هنن اچي جاڳائي چيس تہ اي خداوند بچاءِ، اسين چٽ ٿا ٿيون.</verse>
				<verse number="26">۽ هن کين چيو، تہ اي ڪم اعتقادو، اوهين ڇو ٿا ڊڄو؟ تنهن کانپوءِ هو اُٿيو، ۽ واءُ ۽ سمنڊ کي جهڻڪيائين، تہ ڏاڍي نوائي ٿي ويئي.</verse>
				<verse number="27">۽ ماڻهن کي عجب لڳي ويو، ۽ چوڻ لڳا تہ هي ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي جو واءُ ۽ سمنڊ بہ سندس حڪم ٿا مڃين؟</verse>
				<verse number="28">۽ جڏهن هو سمنڊ جي پرينءَ ڀر گدرينين جي ملڪ ۾ آيو، تڏهن اتي ٻہ ڄڻا جن ۾ ڀوت هئا سي قبرستان مان نڪري اچي گڏيس، ۽ اُهي اهڙا تہ ڪَرڙا هئا جو ڪوبہ ماڻهو اُنهيءَ رستي کان لنگهي نٿي سگهيو.</verse>
				<verse number="29">۽ ڏسو، هو رڙ ڪري چوڻ لڳا تہ اي ابنِ خدا، اسان جو تو سان ڪهڙو واسطو؟ تون وقت کان اڳي اسان کي عذاب ڏيڻ آيو آهين ڇا؟</verse>
				<verse number="30">هنن کان پرڀرو گهڻن سوئرن جو هڪڙو ڌڻ پئي چريو.</verse>
				<verse number="31">۽ ڀوت کيس منٿ ڪري چوڻ لڳا تہ جي تون اسان کي ڪڍين ٿو تہ هنن سوئرن جي ڌڻ ۾ گهڙڻ جي موڪل ڏي.</verse>
				<verse number="32">۽ هن چين تہ وڃو. پوءِ هو نڪري وڃي سوئرن ۾ پيا: ۽ ڏسو، سڄو ڌڻ اُڀ ڪپريءَ تان ڌوڪيندو وڃي سمنڊ ۾ پيو، ۽ پاڻيءَ ۾ ٻڏي مُئو.</verse>
				<verse number="33">۽ جن اُنهن کي ويٺي چاريو سي اُٿي ڀڳا، ۽ شهر ۾ وڃي جيڪي ٿي گذريو هو، ۽ جن ۾ ڀوت هئا، تن جو سمورو حال ٻڌايائون.</verse>
				<verse number="34">۽ ڏسو، سڄو شهر يسوع کي گڏجڻ لاءِ نڪري آيو: ۽ جڏهن هن کي ڏٺائون، تڏهن عرض ڪيائونس تہ اسان جي حدن مان هليو وڃ.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">۽ هو هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي هن ڀر لنگهي پنهنجي شهر ۾ آيو.</verse>
				<verse number="2">۽ ڏسو، هڪڙو ماڻهو کٽولي تي پيل وٽس کڻي آيا، جنهن کي اڌ رنگ جي بيماري هئي: ۽ يسوع سندن ايمان ڏسي اڌرنگيءَ کي چيو تہ پٽ دلجاءِ ڪر، تنهنجا گناهہ معاف ٿيا.</verse>
				<verse number="3">۽ ڏسو، فقيهن مان ڪن پنهنجي دل ۾ چيو تہ هي ماڻهو ڪفر ٿو بڪي.</verse>
				<verse number="4">۽ يسوع هنن جي دل جا دليل معلوم ڪري چيو تہ اوهين پنهنجي دل ۾ برا خيال ڇو ٿا ڪريو؟</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو ڪهڙي ڳالهہ سولي آهي، ائين چوڻ تہ تنهنجا گناهہ معاف ٿيا، يا هيئن چوڻ تہ اُٿي گهم ڦر؟</verse>
				<verse number="6">پر انهي لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ ابن آدم کي زمين تي گناهہ معاف ڪرڻ جي اختياري آهي، (اُتي اُنهي اڌرنگيءَ کي چيائين) تہ اُٿ ۽ پنهنجو کٽولو کڻي گهر هليو وڃ.</verse>
				<verse number="7">پوءِ هو اُٿيو ۽ پنهنجي گهر هليو ويو.</verse>
				<verse number="8">پر جڏهن خلق هيءُ حال ڏٺو، تڏهن سڀ ڊڄي ويا، ۽ خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳا، جنهن انسان کي اهڙي طاقت ڏني آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ جڏهن يسوع اُتان اڳتي هليو، تڏهن متي نالي هڪڙو ماڻهو اڪٽ تي ويٺل ڏٺائين: ۽ هن کي چيائين تہ منهنجي پٺيان اچ؛ ۽ هو اُٿي سندس پٺيان هليو.</verse>
				<verse number="10">پوءِ هيئن ٿيو جو جڏهن هن گهر ۾ ماني ويٺي کاڌي، تڏهن ڏسو، گهڻا محصولي ٺيڪيدار ۽ گنهگار اچي يسوع ۽ سندس شاگردن سان گڏ ويٺا.</verse>
				<verse number="11">۽ جڏهن فريسين اهو حال ڏٺو تڏهن هن جي شاگردن کي چيائون تہ اوهان جو اُستاد محصولي ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن سان گڏجي ڇو ٿو کائي؟</verse>
				<verse number="12">پر جڏهن هن اِها ڳالهہ ٻڌي تڏهن چوڻ لڳو، تہ جيڪي چڱا ڀلا آهن تن کي طبيب جي گهرج ڪانهي پر انهن کي جي بيمار آهن.</verse>
				<verse number="13">پر اوهين وڃي هن جي معنيٰ سمجهو، تہ مون کي رحم پسند آهي ۽ نہ قرباني؛ ڇالاءِ جو آئون سچارن کي نہ پر گنهگارن کي سڏڻ آيو آهيان.</verse>
				<verse number="14">تنهن کانپوءِ يوحنا جا شاگرد وٽس آيا ۽ چيائونس تہ اسين ۽ فريسي اڪثر روزا ٿا رکون، پر تنهنجا شاگرد روزا نٿا رکن سو ڇو؟</verse>
				<verse number="15">يسوع چين تہ جيسين گهوٽ ڄاڃين سان آهي، تيسين هو ماتم ڪري سگهن ٿا ڇا؟ پر اُهي ڏينهن ايندا، جڏهن گهوٽ کانئن جدا ڪيو ويندو، پوءِ هو روزا رکندا.</verse>
				<verse number="16">۽ ڪوبہ ماڻهو پراڻي ڪوٽ تي ڪوري ڪپڙي جي چتي ڪونہ ٿو لڳائي، ڇالاءِ جو جيڪي جاءِ ڀرڻ لاءِ ٿو لڳائجي، تنهن جي ڪري ڪوٽ ڇڄي ٿو، پوءِ اُلٽو وڌيڪ انگ اچيو وڃي.</verse>
				<verse number="17">نڪي ماڻهو پراڻن ساندارن ۾ تازي انگوري رس ڀريندا آهن: نہ تہ جيڪر ساندارا بہ ڦاٽي پون؛ ۽ رس بہ هارجي وڃي، ۽</verse>
				<verse number="18">اڃا هن اُنهن سان هي ڳالهيون پئي ڪيون، تہ ڏسو، هڪڙي سردار اچي کيس سجدو ڪري چيو، تہ منهنجي ڌيءَ اِجهو هينئر مئي آهي، پر تون اچي هن تي پنهنجو هٿ رک تہ هوءَ بچي پوي.</verse>
				<verse number="19">۽ يسوع اُٿي شاگردن سميت هن سان گڏجي ويو.</verse>
				<verse number="20">۽ ڏسو، هڪڙي زال جنهن کي ٻارهن ورهين کان رت وهندو هو سا سندس پٺيان آئي، ۽ سندس پوشاڪ جي دامن کي اچي هٿ لاتائين:</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو هن پنهنجي دل ۾ چيو ٿي تہ جي آئون رڳو هن جي پوشاڪ کي هٿ لائينديس تہ چڱي ڀلي ٿي پونديس.</verse>
				<verse number="22">پر يسوع پٺتي ڦري هن کي ڏسي چوڻ لڳو، تہ ڌيءَ دلجاءِ ڪر؛ تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي. ۽ اُها زال اُنهيءَ گهڙيءَ کان وٺي چڱي ڀلي ٿي پيئي.</verse>
				<verse number="23">۽ جڏهن يسوع اُنهي سردار جي گهر ۾ آيو، ۽ بانسري وڄائيندڙن کي، ۽ ماڻهن جي ميڙاڪي کي گوڙ ڪندو ڏٺائين،</verse>
				<verse number="24">تڏهن چيائين تہ جاءِ ڏيو، ڇالاءِ جو ڇوڪري مئي ڪانهي، پر سُتي پئي آهي. ۽ هو مٿس کِلڻ لڳا.</verse>
				<verse number="25">پر جڏهن ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيائون، تڏهن هو اندر گهڙيو، ۽ هن کي هٿ کان ورتائين، تہ ڇوڪري اُٿي ويٺي.</verse>
				<verse number="26">۽ اُنهيءَ ڳالهہ جي ساري ملڪ ۾ هاڪ پئجي ويئي.</verse>
				<verse number="27">پوءِ جڏهن يسوع اُتان اڳتي هليو، تڏهن ٻہ انڌا سندس پٺيان آيا ۽ رڙ ڪري چوڻ لڳا، تہ اي ابن دائود، اسان تي رحم ڪر.</verse>
				<verse number="28">پوءِ جڏهن هو گهر ۾ آيو، تڏهن اُهي انڌا وٽس آيا: ۽ يسوع چين تہ اوهان جو ايمان آهي تہ هي آئون ڪري سگهندس؟ هنن چيس تہ هائو خداوند.</verse>
				<verse number="29">تڏهن هن سندن اکين کي هٿ لائي چيو، تہ اوهان جي ايمان موجب اوهان سان ٿئي.</verse>
				<verse number="30">تڏهن هنن جون اکيون کُلي پيون، ۽ يسوع تاڪيد ڪري چين، تہ ڏسو، متان ڪنهن کي خبر پوي.</verse>
				<verse number="31">پر هو ٻاهر هليا ويا، ۽ وڃي ساري ملڪ ۾ هن جو نالو هلايائون.</verse>
				<verse number="32">اڃا هو ٻاهر نڪتا تہ ڏسو، هڪڙي گونگي کي وٽس وٺي آيا، جنهن ۾ ڀوت هو.</verse>
				<verse number="33">۽ جڏهن هن ڀوت ڪڍيو، تڏهن خلق عجب ۾ پئجي چوڻ لڳي تہ اسرائيل ۾ اڳي ائين ڪونہ ڏسڻ ۾ آيو.</verse>
				<verse number="34">پر فريسين چيو تہ هيءُ ڀوتن جي سردار جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍي.</verse>
				<verse number="35">پوءِ يسوع سڀني شهرن ۽ ڳوٺن ۾، ۽ عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو، ۽ بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو، ۽ سڀني قسمن جي مريضن، ۽ بيمارن کي ڇُٽائيندو گهُمندو رهيو.</verse>
				<verse number="36">پر جڏهن هن ميڙاڪا ڏٺا، تڏهن مٿن رحم آيس، ڇالاءِ جو هو نڌڻڪين رڍن وانگر رليل ۽ پريشان هئا.</verse>
				<verse number="37">تڏهن هن پنهنجن شاگردن کي چيو، تہ فصل تہ بيشڪ ڀلو آهي، پر پورهيت ٿورا آهن.</verse>
				<verse number="38">تنهنڪري اوهين فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو، تہ هو پنهنجي فصل جي لاءِ پورهيت ڏياري موڪلي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">۽ هن پنهنجي ٻارهن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي کين هيءَ اختياري ڏني، تہ ڀوتن کي ڪڍن، ۽ سڀ ڪنهن قسم جي مرض ۽ بيماريءَ کان شفا ڏين.</verse>
				<verse number="2">هاڻي اُنهن ٻارهن رسولن جا نالا هي آهن: پهريون شمعون، جنهن کي پطرس ڪري سڏيندا آهن، ۽ سندس ڀاءُ اندرياس؛ زبديءَ جو پٽ يعقوب، ۽ سندس ڀاءُ يوحنا؛</verse>
				<verse number="3">فلپس، ۽ برتلمئي، توما، ۽ متي محصولي ٺيڪيدار؛ حلفيءَ جو پٽ يعقوب، ۽ ٿدئي،</verse>
				<verse number="4">شمعون ڪنعاني، ۽ يهوداهہ اسڪريوتي جنهن جهلايس.</verse>
				<verse number="5">انهن ٻارهن کي يسوع روانو ڪيو، ۽ تاڪيد ڪري چيائين، تہ غير قومن جي راهہ ۾ متان وڃو، ۽ سامرين جي ڪنهن بہ شهر ۾ متان گهڙو:</verse>
				<verse number="6">بلڪ اسرائيل جي گهراڻي جون رڍون جيڪي گمراهہ ٿي ويون آهن، تن وٽ وڃو.</verse>
				<verse number="7">۽ ويندي ويندي اها منادي ڪريو، تہ آسمان جي بادشاهت ويجهي آئي آهي.</verse>
				<verse number="8">بيمارن کي شفا ڏجو، مئلن کي جيئارجو، ڪوڙهين کي ڇُٽائي صاف ڪجو، ڀوت ڪڍجو، مفت مليو اٿوَ، مفت ڏجو.</verse>
				<verse number="9">پنهنجي ٻٽوئن ۾ سون يا رپو يا ٽامو نہ کڻجو؛</verse>
				<verse number="10">پنهنجي مسافريءَ لاءِ جهولي نہ کڻجو، ۽ نڪي ٻہ ڪوٽ، نڪي جُتي، نڪي لٺ؛ ڇالاءِ جو پورهيت پنهنجي کاڌي جو حقدار آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ جنهن شهر يا ڳوٺ ۾ گهڙو، اُتي پڇا ڪجو تہ اُتي لائق ڀريو ماڻهو ڪير آهي ۽ جيسين اُتان روانا نہ ٿيو، تيسين اُتي ئي ٽڪيا رهجو.</verse>
				<verse number="12">جيئن اوهين ڪنهن گهر ۾ گهڙو تہ سلام ڪجو.</verse>
				<verse number="13">۽ جي گهر جا ڀاتي لائق هوندا، تہ اوهان جو سلام اُنهن کي رسندو، پر جي اُهي نالائق هوندا تہ اوهان جو سلام اوهان ڏانهن موٽي ايندو.</verse>
				<verse number="14">۽ جيڪو اوهان کي قبول نہ ڪري، نڪي اوهان جي ڳالهہ ٻڌي، تہ جيئن اُنهي گهر يا شهر مان نڪرو، تيئن پنهنجن پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو.</verse>
				<verse number="15">آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ عدالت جي ڏينهن اُنهي شهر کان سدوم ۽ عموراہ جي ملڪ لاءِ اُها گهڙي وڌيڪ سوکي ٿيندي.</verse>
				<verse number="16">ڏسو آئون اوهان کي رڍن وانگر بگهڙن منجهہ ٿو موڪليان، تنهنڪري اوهين سپن وانگر سياڻا، ۽ ڪبوترن وانگر غريب ٿجو.</verse>
				<verse number="17">پر ماڻهن کان سنڀالجو، ڇالاءِ جو هو اوهان کي صدر مجلس جي حوالي ڪندا، ۽ پنهنجن عبادتگاهن ۾ اوهان کي چهبڪ هڻندا.</verse>
				<verse number="18">هائو، ۽ منهنجي ڪري اوهان کي حاڪمن ۽ بادشاهن جي اڳيان وٺي ويندا، انهي لاءِ تہ سندن لاءِ، ۽ غير قومن لاءِ شاهدي ٿئي.</verse>
				<verse number="19">پر جڏهن هو اوهان کي جهلائين، تڏهن اهو فڪر نہ ڪجو تہ ڪيئن يا ڇا ڳالهايون، ڇالاءِ جو جيڪي اوهان کي ڳالهائڻو هوندو سو اُنهيءَ گهڙيءَ پاڻهي اوهان کي ٻڌايو ويندو.</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ جو ڳالهائڻ وارا اوهين ناهيو، پر اوهان جي پيءُ جو روح آهي، جو اوهان ۾ ڳالهائي ٿو.</verse>
				<verse number="21">۽ ڀاءُ ڀاءُ کي موت لاءِ جهلائيندو، ۽ پيءُ پنهنجي ٻار کي، ۽ اولاد مائٽن جي برخلاف کڙو ٿيندو، ۽ هنن کي مارائي وجهندو.</verse>
				<verse number="22">۽ منهنجي نالي ڪري سڀئي ماڻهو اوهان سان عداوت ڪندا، پر جيڪو توڙ تائين قائم رهندو، سو ئي نجات پائيندو.</verse>
				<verse number="23">پر جڏهن اوهان کي هڪڙي شهر ۾ ستائين تڏهن ڀڄي ٻئي ۾ وڃجو. ڇالاءِ جو آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين اڃا اسرائيل جي شهرن مان گهمي بس نہ ڪندا تہ ابن آدم ايندو.</verse>
				<verse number="24">شاگرد پنهنجي اُستاد کان مٿي ناهي، نڪي نوڪر پنهنجي ڌڻيءَ کان.</verse>
				<verse number="25">ايترو بس آهي تہ شاگرد پنهنجي اُستاد جهڙو ٿئي، ۽ نوڪر پنهنجي ڌڻيءَ جهڙو. جيڪڏهن هنن گهر جي ڌڻيءَ کي بعلزبول ڪري سڏيو آهي، تہ سندس گهر جي ڀاتين کي ڪيترو نہ زيادہ ڪري سڏيندا!</verse>
				<verse number="26">تنهنڪري اُنهن کان نہ ڊڄو، ڇالاءِ جو اهڙي ڪابہ ڍڪيل شيءِ ڪانهي جا ظاهر ٿيندي، نڪا اهڙي ڪا لڪل شيءِ آهي جا پڌري نہ ٿيندي.</verse>
				<verse number="27">جيڪي آئون اوهان کي اونداهيءَ ۾ ٿو چوان سو اوهين روشنائيءَ ۾ چئجو. ۽ جيڪي اوهين ڪَن ۾ ٻُڌو سو کڏن تي پڪارجو.</verse>
				<verse number="28">۽ جيڪي بدن کي ماري ٿا وجهن، پر روح کي ماري نٿا سگهن، تن کان نہ ڊڄو، پر اُنهي کان ڊڄو جو روح ۽ بدن ٻنهي کي جهنم ۾ وجهي برباد ڪري ٿو سگهي.</verse>
				<verse number="29">ٻہ جهرڪيون هڪ پئسي نہ ٿيون وڪامن ڇا؟ تہ بہ اُنهن مان هڪڙي بہ اوهان جي پيءُ جي مرضيءَ ڌاران زمين تي نہ ڪِرندي.</verse>
				<verse number="30">بلڪ اوهان جي مٿي جا وار بہ سڀ ڳڻيا پيا آهن.</verse>
				<verse number="31">تنهنڪري ڊڄو نہ، اوهين تہ ڪيترين ئي جهرڪين کان وڌيڪ آهيو.</verse>
				<verse number="32">تنهنڪري جيڪو ماڻهن جي اڳيان منهنجو اقرار ڪندو، تنهن جو آئون بہ پنهنجي پيءُ جي اڳيان، جو آسمان ۾ آهي، اقرار ڪندس.</verse>
				<verse number="33">پر جيڪو ماڻهن جي اڳيان منهنجو انڪاري ٿيندو، تنهن جو آئون بہ پنهنجي پيءُ جي اڳيان، جو آسمان ۾ آهي، انڪاري ٿيندس.</verse>
				<verse number="34">ائين نہ ڀانئيو تہ منهنجي اچڻ ڪري زمين تي امن ٿيندو، امن تہ نہ، پر ترار هلندي.</verse>
				<verse number="35">ڇالاءِ تہ منهنجي اچڻ ڪري ماڻهو پنهنجي پيءُ جي برخلاف ٿيندو، ۽ ڌيءَ پنهنجيءَ ماءُ جي برخلاف، ۽ ننهن پنهنجي سس جي برخلاف ٿيندي.</verse>
				<verse number="36">۽ ماڻهوءَ جا دشمن خود سندس گهر جا ڀاتي ٿيندا.</verse>
				<verse number="37">جيڪو پيءُ يا ماءُ کي مون کان زيادہ پيار ٿو ڪري، سو منهنجي لائق نہ آهي، ۽ جيڪو پٽ يا ڌيءَ کي مون کان زيادہ پيار ٿو ڪري، سو منهنجي لائق نہ آهي.</verse>
				<verse number="38">۽ جيڪو پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان نہ ايندو، سو منهنجي لائق نہ آهي.</verse>
				<verse number="39">جيڪو پنهنجي جان بچائڻ ٿو گهُري، سو اُها وڃائيندو، ۽ جيڪو پنهنجي جان منهنجي ڪاڻ وڃائي ٿو، تنهن کي اُها ملندي.</verse>
				<verse number="40">جيڪو اوهان کي قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ٿو ڪري، ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو اُنهي کي قبول ٿو ڪري، جنهن مون کي موڪليو آهي.</verse>
				<verse number="41">جيڪو ڪنهن نبيءَ کي نبي ڄاڻي قبول ٿو ڪري، تنهن کي نبيءَ جو اجر ملندو، ۽ جيڪو ڪنهن راستباز کي راستباز ڄاڻي قبول ٿو ڪري، تنهن کي راستباز جو اجر ملندو.</verse>
				<verse number="42">آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو هنن ننڍڙن منجهان هڪڙي کي منهنجو شاگرد ڄاڻي رڳو ٿڌي پاڻيءَ جو پيالو پياريندو، سو ڪنهن بہ طرح پنهنجو اجر نہ وڃائيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيو جو جڏهن يسوع پنهنجن ٻارهن شاگردن کي حڪم ڏيئي چڪو، تڏهن اُتان روانو ٿيو، تہ وڃي سندن شهرن ۾ تعليم ڏيئي ۽ منادي ڪري.</verse>
				<verse number="2">هاڻي جڏهن يوحنا قيدخاني ۾ ٻڌو تہ مسيح ڪهڙا ڪم پيو ڪري، تڏهن پنهنجن شاگردن جي معرفت کيس چوائي موڪليائين،</verse>
				<verse number="3">تہ جيڪو اچڻ وارو آهي سو تون آهين يا اسين ڪنهن ٻئي جي واٽ ڏسون؟</verse>
				<verse number="4">۽ يسوع کين ورندي ڏيئي چيو، تہ جيڪي ٻُڌو ۽ ڏسو ٿا، سو وڃي يوحنا کي ٻڌايو:</verse>
				<verse number="5">تہ انڌا ڏسي ٿا سگهن، منڊا هلن ٿا، ڪوڙهيا ڇُٽي صاف ٿا ٿين، ٻوڙا ٻُڌن ٿا، مئل جي ٿا اُٿن، ۽ غريبن کي خوشخبري ٿي ٻڌائجي.</verse>
				<verse number="6">۽ مبارڪ آهي اُهو جيڪو منهنجي ڪري گمراهہ نٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="7">۽ جڏهن اُهي هليا ويا، تڏهن يسوع خلق کي يوحنا بابت چوڻ لڳو تہ اوهين رڻ پٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا هڪڙو ڪانو جو هوا ۾ پئي لُڏيو؟</verse>
				<verse number="8">پر اوهين ڇا ڏسڻ لاءِ ويا هئا؟ ڇا اُنهيءَ ماڻهوءَ کي جنهن کي اُچا ڪپڙا پيل آهن؟ ڏسو، جيڪي اُچا ڪپڙا ٿا پهرين، سي بادشاهن جي گهرن ۾ ٿا رهن.</verse>
				<verse number="9">پر اوهين ڇو ويا هئا؟ ڪنهن نبيءَ کي ڏسڻ لاءِ ڇا؟ هائو، آئون اوهان کي چوان ٿو تہ نبيءَ کان بہ وڏي کي.</verse>
				<verse number="10">هي اُهو آهي جنهن جي بابت لکيل آهي تہ ”ڏس، آئون پنهنجي پيغمبر کي توکان اڳ ۾ ٿو موڪليان، جو تنهنجو رستو تنهنجي اڳيان تيار ڪندو.“</verse>
				<verse number="11">آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جيڪي زال ذات مان ڄاوا آهن، تن منجهان ڪوبہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري کان وڏو پيدا نہ ٿيو آهي: انهي هوندي بہ آسمان جي بادشاهت ۾ جيڪو ننڍو آهي سو اُنهي کان وڏو آهي.</verse>
				<verse number="12">۽ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي ڏينهن کان وٺي هن وقت تائين آسمان جي بادشاهت تي زبردستي پيئي ٿئي، ۽ زبردست ماڻهو اُنهيءَ کي زور سان ٿا وٺن.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو سڀني نبين ۽ توريت يوحنا تائين نبوت ڪئي.</verse>
				<verse number="14">۽ جيڪڏهن اوهين مڃيو ٿا، تہ اهو ايلياہ اٿوَ، جو اچڻ وارو هو.</verse>
				<verse number="15">جنهن کي ٻُڌڻ لاءِ ڪَن آهن سو ٻڌي.</verse>
				<verse number="16">پر هن زماني جي ماڻهن جي آئون ڪنهن سان ڀيٽ ڪريان؟ هو اُنهن ٻارن جهڙا آهن جي بازارن ۾ ويهي پنهنجن سنگتين کي سڏي ٿا چون،</verse>
				<verse number="17">تہ اسان اوهان لاءِ شرنائي وڄائي، پر اوهين نچيا ئي ڪين؛ اسان ماتم ڪيو پر اوهان رُنو پِٽيو ئي ڪين.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو يوحنا نڪي کائيندو آيو نڪي پيئندو آيو، ۽ ماڻهو چون ٿا تہ هن ۾ ڀوت آهي.</verse>
				<verse number="19">ابن آدم کائيندو پيئندو آيو، ۽ ماڻهو چون ٿا تہ ڏسو پيٽير ۽ شرابي، محصولي ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن جو دوست! پر ڏاهپ پنهنجن ڪمن جي ڪري سچي ثابت ٿي ٿئي.</verse>
				<verse number="20">تنهن کانپوءِ جن شهرن ۾ هن گهڻا معجزا ڪيا هئا، تن کي ڏوراپو ڏيڻ لڳو، ڇالاءِ جو هنن توبهہ نہ ڪئي هئي.</verse>
				<verse number="21">افسوس توتي اي خورازين! افسوس توتي اي بيت صيدا! ڇالاءِ جو جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ها، تہ جيڪر هن کان گهڻو اڳي هو کٿو ڍڪي ۽ رک لائي توبهہ ڪن ها.</verse>
				<verse number="22">تڏهن بہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ عدالت جي ڏينهن صور ۽ صيدا لاءِ اُها گهڙي اوهان کان وڌيڪ سولي ٿيندي.</verse>
				<verse number="23">اي ڪفرناحوم، تون آسمان تائين چاڙهيو ويندين ڇا؟ تون هيٺ مئلن جي عالم ۾ لهي اچي پوندين، ڇالاءِ جو جيڪي معجزا تو ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن سدوم ۾ ڪيا وڃن ها تہ جيڪر اڄ تائين اُهو قائم رهي ها.</verse>
				<verse number="24">تڏهن بہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ عدالت جي ڏينهن سدوم جي ملڪ لاءِ اُها گهڙي توکان وڌيڪ سولي ٿيندي.</verse>
				<verse number="25">انهي مهل يسوع ورندي ڏيئي چوڻ لڳو، تہ اي بابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ، آئون تنهنجو شڪرگذار آهيان، جو تو هي ڳالهيون ڏاهن ۽ سمجهہ وارن کان ڳجهيون رکيون آهن، ۽ ٻارڙن کي ظاهر ڪري ڏنيون اٿيئي،</verse>
				<verse number="26">هائو، بابا، ڇالاءِ جو تنهنجي نظر ۾ ائين چڱو آيو.</verse>
				<verse number="27">منهنجي پيءُ سڀ ڪجهہ مون کي سونپي ڇڏيو آهي، ۽ پٽ کي پيءُ کانسواءِ ڪوبہ ڪونہ ٿو سڃاڻي؛ نڪي ڪو پيءُ کي پٽ کانسواءِ ٿو سڃاڻي، ۽ اُنهي کانسواءِ جنهن کي پٽ اهو ظاهر ڪرڻ گهري.</verse>
				<verse number="28">اوهين مڙيئي جي پورهيو ٿا ڪريو ۽ وڏي بار هيٺ دٻيا پيا آهيو، سي مون وٽ اچو، تہ آئون اوهان کي آرام ڏيندس.</verse>
				<verse number="29">منهنجي پاڃاري پاڻ تي کڻو، ۽ مون کان سکو؛ ڇالاءِ جو آئون دل جو حليم ۽ نماڻو آهيان، ۽ اوهان جي روح کي آرام ملندو.</verse>
				<verse number="30">ڇالاءِ جو منهنجي پاڃاري سولي آهي، ۽ منهنجو بار هلڪو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">انهيءَ مهل سبت جي ڏينهن، يسوع اَن جي پوکن منجهان پئي لنگهيو؛ ۽ سندس شاگرد، جي بکايل هئا، سي اَن جا سنگ پَٽي کائڻ لڳا.</verse>
				<verse number="2">پر جڏهن فريسين اهو حال ڏٺو، تڏهن هن کي چيائون، تہ ڏس، تنهنجا شاگرد جيڪي ڪن ٿا سو سبت جي ڏينهن ڪرڻ روا ناهي.</verse>
				<verse number="3">پر هن چين تہ اوهان نہ پڙهيو آهي ڇا تہ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي هئي، تڏهن ڇا ڪيائين؛</verse>
				<verse number="4">ڪيئن نہ هن خدا جي گهر ۾ گهڙي نذر جون مانيون وڃي کاڌيون، جي کيس توڙي سندس ساٿين کي کائڻ روا نہ هيون، پر رڳو ڪاهنن کي؟</verse>
				<verse number="5">اوهان توريت ۾ نہ پڙهيو آهي ڇا، تہ ڪيئن نہ سبت جي ڏينهن ڪاهن هيڪل ۾ سبت نٿا وارين، تہ بہ ڏوهي نٿا ليکجن؟</verse>
				<verse number="6">پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هتي هڪڙو آهي جو هيڪل کان بہ وڏو آهي.</verse>
				<verse number="7">پر جيڪڏهن اوهان کي هن جي معنيٰ جي خبر هجي ها، تہ مون کي رحم پسند آهي ۽ نہ قرباني، تہ جيڪر اوهين بي ڏوهين کي ڏوهاري نہ سمجهو ها،</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو ابن آدم سبت جو ڌڻي آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ هو اُتان روانو ٿي سندن عبادتگاهہ ۾ ويو:</verse>
				<verse number="10">۽ ڏسو، اُتي هڪڙو ماڻهو هو جنهن جو هٿ سُڪل هو. ۽ هنن پڇيس تہ سبت جي ڏينهن بيمارن کي ڇُٽائڻ روا آهي يا نہ؟ انهي لاءِ تہ هو مٿس تهمت آڻين.</verse>
				<verse number="11">۽ هن چين تہ اوهان ۾ اهڙو ڪير آهي جنهن کي هڪڙي رڍ هجي، ۽ اُها جي سبت جي ڏينهن ڪنهن کڏ ۾ ڪِري پوي، تہ انهيءَ کي جهلي جيڪر ٻاهر نہ ڪڍي؟</verse>
				<verse number="12">تڏهن رڍ کان ماڻهوءَ جو قدر ڪيترو نہ وڌيڪ آهي! تنهنڪري سبت جي ڏينهن نيڪي ڪرڻ روا آهي.</verse>
				<verse number="13">تڏهن هن اُنهي ماڻهوءَ کي چيو تہ پنهنجو هٿ ڊگهير. ۽ هن اُهو ڊگهيريو تہ ٻئي هٿ جهڙو صحيح سالم ٿي پيو.</verse>
				<verse number="14">پر فريسي ٻاهر نڪري پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪرڻ لڳا تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي ماري کپائجي.</verse>
				<verse number="15">۽ يسوع اها ڳالهہ سهي ڪري اُتان نڪري ويو: ۽ گهڻا سندس پٺيان ويا؛ ۽ هن اُنهن سڀني کي شفا ڏني،</verse>
				<verse number="16">۽ تاڪيد ڪيائين تہ منهنجي بابت ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو:</verse>
				<verse number="17">انهي لاءِ تہ جيڪي يسعياہ نبيءَ چيو هو، سو پورو ٿئي تہ</verse>
				<verse number="18">”ڏسو منهنجو بندو، جنهن کي مون چونڊيو آهي، منهنجو پيارو جنهن مان منهنجي دل راضي آهي. آئون مٿس پنهنجو روح نازل ڪندس، ۽ اهو غير قومن کي عدالت جي خبر ڏيندو.</verse>
				<verse number="19">اُهو نہ جهيڙو ڪندو ۽ نہ هُل ڪندو، ۽ نہ بازارن ۾ سندس آواز ڪنهن کي ٻُڌڻ ۾ ايندو.</verse>
				<verse number="20">ڦٿل ڪانو بہ هو ڪين ڀڃندو، ۽ دکندي سڻيءَ کي بہ هو ڪين وسائيندو، جيسين ڪ اُهو عدالت جي فتح نہ ڪرائي.</verse>
				<verse number="21">۽ اُنهي جي نالي ۾ غير قومون اُميد رکنديون.“</verse>
				<verse number="22">انهي کانپوءِ هن وٽ هڪڙي ماڻهوءَ کي وٺي آيا، جنهن ۾ ڀوت هو، ۽ جو انڌو ۽ گونگو بہ هو: ۽ هن کيس ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو، اهڙو جو اُهو گونگو ڳالهائڻ ۽ ڏسڻ لڳو.</verse>
				<verse number="23">۽ ساري خلق حيران ٿي ويئي ۽ چوڻ لڳي، تہ ڇا هي دائود جو پٽ آهي؟</verse>
				<verse number="24">پر جڏهن فريسين اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن چوڻ لڳا تہ هي ماڻهو جو ڀوت ٿو ڪڍي، سو ڀوتن جي سردار بعلزبول جي مدد ڌاران ڪونہ ٿو ڪڍي.</verse>
				<verse number="25">۽ هن سندن خيال سهي ڪري چين، تہ هرڪا بادشاهت جنهن ۾ ڦوٽ ٿي پوي سا برباد ٿيو وڃي، ۽ هرڪو شهر يا گهر جنهن ۾ ڦيٽهڙو ٿو پوي سو جٽاءُ نہ ڪندو.</verse>
				<verse number="26">۽ جيڪڏهن شيطان، شيطان کي ڪڍندو تہ منجهس ڦيٽهڙو پوندو ۽ پوءِ سندس بادشاهت ڪيئن جٽاءُ ڪندي؟</verse>
				<verse number="27">۽ جيڪڏهن آئون بعلزبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان، تہ تڏهن اوهان جا پٽ ڪنهن جي مدد سان ٿا انهن کي ڪڍن؟ تنهنڪري اُهي ئي اوهان جو انصاف ڪندا.</verse>
				<verse number="28">پر جيڪڏهن آئون خدا جي روح جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان، تڏهن خدا جي بادشاهي اوهان وٽ اچي سهڙي آهي.</verse>
				<verse number="29">يا ڪو ڪنهن طاقتور ماڻهوءَ جي گهر ۾ گهڙي، کيس ٻَڌڻ کانسواءِ سندس مال متاع ڦري سگهندو ڇا؟ پر پهرين اُنهي طاقتور ماڻهوءَ کي ٻَڌي پوءِ هو هن جو گهر ڦريندو.</verse>
				<verse number="30">جيڪو منهنجي پاسي نہ آهي سو منهنجي برخلاف آهي؛ جيڪو مون سان شامل ٿي ڪٺو نٿو ڪري، سو ڇڙوڇڙ ڪيو ڇڏي.</verse>
				<verse number="31">تنهنڪري آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ سڀڪو گناهہ ۽ ڪفر ماڻهن کي معاف ڪيو ويندو؛ پر پاڪ روح جي حق ۾ ڪفر معاف نہ ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="32">۽ جيڪو بہ ابن آدم جي برخلاف ڪي چوندو، تنهن کي اُهو معاف ٿيندو: پر جيڪو بہ پاڪ روح جي برخلاف ڪي چوندو، تنهن کي نڪي هن جهان ۾، نڪي ايندڙ جهان ۾ اُهو معاف ٿيندو.</verse>
				<verse number="33">يا چئو تہ وڻ بہ چڱو، ۽ سندس ڦل بہ چڱو؛ يا چئو تہ وڻ بہ خراب، ۽ سندس ڦل بہ خراب: ڇالاءِ جو وڻ سڃاڻبو آهي پنهنجي ڦل مان.</verse>
				<verse number="34">اي نانگ جا ٻچو، اوهين بڇڙا ٿي ڪيئن چڱيون ڳالهيون ڪري سگهندا؟ ڇالاءِ تہ جيڪي دل ۾ ڀريل هوندو، سو ئي وات مان نڪرندو.</verse>
				<verse number="35">چڱو ماڻهو پنهنجي چڱي خزاني مان چڱيون شيون ٿو ڪڍي، ۽ بڇڙو ماڻهو پنهنجي بڇڙي خزاني مان بڇڙيون شيون ٿو ڪڍي.</verse>
				<verse number="36">۽ آئون اوهان کي ٿو چوان تہ جيڪو بہ اجايو لفظ ماڻهو واتان ڪڍندا، اُنهي جو عدالت جي ڏينهن حساب ڏيندا.</verse>
				<verse number="37">ڇالاءِ جو پنهنجي زبان جي ڪري تون راستباز ٺهرايو ويندين، ۽ پنهنجي زبان جي ڪري تون ڏوهاري ٺهرايو ويندين.</verse>
				<verse number="38">تڏهن ڪن فقيهن ۽ فريسين هن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اي اُستاد، اسان جي مرضي آهي تہ اسان کي ڪا نشاني ڏيکار.</verse>
				<verse number="39">پر هن جواب ڏيئي چين، تہ هن زماني جا خراب ۽ زناڪار ماڻهو نشاني ٿا گهُرن؛ ۽ اُنهن کي يوناہ نبيءَ جي نشانيءَ ڌاران ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏني ويندي:</verse>
				<verse number="40">ڇالاءِ جو جيئن يوناہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون مانگر مڇ جي پيٽ ۾ پيو هو، تيئن ابن آدم بہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون زمين جي پيٽ ۾ رهندو.</verse>
				<verse number="41">۽ نينوہ جا ماڻهو هن زماني جي ماڻهن سان گڏ عدالت جي ڏينهن اُٿي بيهندا، ۽ کين ڏوهاري ٺهرائيندا: ڇالاءِ جو اُنهن يوناہ جي مناديءَ تي توبهہ ڪئي، ۽ ڏسو، هتي هڪڙو آهي جو يوناہ کان بہ وڏو آهي.</verse>
				<verse number="42">ڏکڻ جي ملڪہ هن زماني جي ماڻهن سان گڏ عدالت جي ڏينهن اُٿي بيهندي، ۽ کين ڏوهاري ٺهرائيندي، ڇالاءِ جو هوءَ ڏورانهين ملڪ مان سليمان جي ڏاهپ ٻُڌڻ لاءِ آئي، ۽ ڏسو، هتي هڪڙو آهي جو سليمان کان بہ وڏو آهي.</verse>
				<verse number="43">پر ناپاڪ ڀوت جڏهن ماڻهوءَ مان نڪري ٿو، تڏهن برپٽن ۾ آرام ڳوليندو ٿو وتي، پر مليس ئي نٿو.</verse>
				<verse number="44">تڏهن چوي ٿو تہ آئون موٽي پنهنجي گهر ويندس، جتان نڪتو آهيان؛ ۽ جڏهن اُتي اچي ٿو، تڏهن اُنهي کي خالي ۽ ٻهاريل ۽ سينگاريل ٿو ڏسي.</verse>
				<verse number="45">تڏهن هو وڃي پاڻ کان بڇڙا ست ٻيا ڀوت پاڻ سان وٺي ٿو اچي، ۽ اُهي اندر گهڙي اتي وڃي رهن ٿا؛ ۽ انهي ماڻهو جي پوئين حالت پهرينءَ کان بہ خراب ٿي ٿئي. هن بڇڙي زماني وارن سان بہ ساڳيو اهڙو ئي حال ٿيندو.</verse>
				<verse number="46">اڃا هن ماڻهن جي ميڙاڪن سان پئي ڳالهايو، تہ سندس ماءُ ۽ ڀائر اچي بيٺا، ۽ مرضي هين تہ ساڻس ڳالهايون.</verse>
				<verse number="47">تڏهن ڪنهن چيس تہ ڏس، تنهنجي ماءُ ۽ تنهنجا ڀائر بيٺا آهن، ۽ توسان ڳالهائڻ ٿا گهُرن.</verse>
				<verse number="48">پر جنهن ٻُڌايس، تنهن کي ورندي ڏيئي چيائين تہ منهنجي ماءُ ۽ منهنجا ڀائر ڪير آهن؟</verse>
				<verse number="49">۽ پنهنجن شاگردن ڏانهن هٿ ڊگهيري چيائين تہ ڏسو، اِجها منهنجي ماءُ ۽ اِجهي منهنجا ڀائر!</verse>
				<verse number="50">ڇالاءِ جو منهنجو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، تنهن جي مرضيءَ موجب جيڪو هلندو، سو ئي منهنجو ڀاءُ ۽ ڀيڻ ۽ ماءُ آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">اُنهي ڏينهن يسوع گهر مان نڪري سمنڊ جي ڪناري تي وڃي ويٺو.</verse>
				<verse number="2">۽ ايترا ماڻهو وٽس اچي مڙيا جو پاڻ وڃي هڪڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ ويٺو، ۽ ٻي ساري خلق ڪناري تي بيٺي رهي.</verse>
				<verse number="3">۽ هو اُنهن کي ڪيتريون ئي ڳالهيون مثالن ۾ ٻڌائڻ لڳو تہ ڏسو، هڪڙو هاري ٻج ڇَٽڻ لاءِ نڪتو.</verse>
				<verse number="4">۽ ٻج ڇَٽڻ مهل ڪي داڻا وڃي گَس تي ڪِريا ۽ پکي اچي اُهي چُڳي ويا.</verse>
				<verse number="5">۽ ڪي ٽڪرائتين جاين تي ڪِريا، جتي گهڻي مٽي نہ هئڻ سبب اُهي يڪدم ڦُٽي نڪتا، ڇالاءِ جو اُتي مٽي پوري ڪانہ هئي.</verse>
				<verse number="6">۽ جڏهن سج نڪتو تڏهن اُهي سڙي ويا ۽ پاڙ نہ هئڻ سبب سُڪي ويا.</verse>
				<verse number="7">۽ ڪي ڪنڊين ۾ ڪِريا، پر ڪنڊين وڌي اُنهن کي گهُٽي وڌو.</verse>
				<verse number="8">۽ ڪي ڀليءَ زمين تي ڪِريا ۽ اُنهن ڦل جهليو، ڪن سؤڻو، ڪن سٺوڻو ۽ ڪن ٽيهوڻو.</verse>
				<verse number="9">جنهن کي ڪَن آهن سو ڀلي ٻُڌي.</verse>
				<verse number="10">۽ شاگردن اچي چيس تہ تون هنن سان مثالن ۾ ڇو ٿو ڳالهائين؟</verse>
				<verse number="11">۽ هن کين ورندي ڏيئي چيو تہ اوهان کي آسمان جي بادشاهت جي ڳجهن جي سمجهہ ڏني ويئي آهي، پر نہ هنن کي.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو جنهن وٽ ڪي آهي تنهن کي ڏنو ويندو ۽ اُنهي وٽ ججهو ٿي پوندو: پر جنهن وٽ ڪي ڪينهي، تنهن کان پاڻ جيڪي اٿس سو بہ کسي وٺبو.</verse>
				<verse number="13">تنهنڪري آئون هنن سان مثالن ۾ ٿو ڳالهايان؛ ڇالاءِ جو هو ڏسندي بہ نٿا ڏسن، ۽ ٻُڌندي بہ نٿا ٻڌن، نڪي ڪا کين سمجهہ ٿي پوي.</verse>
				<verse number="14">۽ اُنهن جي لاءِ يسعياهہ نبيءَ جي پيشنگوئي اچي پوري ٿي، جنهن ۾ چيل آهي تہ ”ٻُڌندي اوهين ٻُڌندا، پر ڪنهن بہ طرح سمجهندا ئي ڪين، ۽ ڏسندي اوهين ڏسندا، پر ڪنهن بہ طرح پروڙيندا ئي ڪين:</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو هنن ماڻهن جي دل ڏاڍي ٿي پيئي آهي، ۽ سندن ڪَن گهٻرا آهن، ۽ هنن پنهنجون اکيون پوري ڇڏيون آهن؛ تہ متان هو پنهنجين اکين سان ڏسن، ۽ پنهنجن ڪَنن سان ٻُڌن، ۽ پنهنجيءَ دل سان سمجهن، ۽ ڦري پون، ۽ آئون کين شفا ڏيان.“</verse>
				<verse number="16">پر مبارڪ آهن اوهان جون اکيون، ڇالاءِ جو اُهي ڏسن ٿيون، ۽ مبارڪ آهن اوهان جا ڪَن، ڇالاءِ جو اُهي ٻُڌن ٿا.</verse>
				<verse number="17">ڇوتہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جيڪي شيون اوهين ڏسو ٿا، سي گهڻن ئي نبين ۽ راستبازن ڏسڻ گهريون، پر نہ ڏٺائون؛ ۽ جيڪي ڳالهيون اوهين ٻُڌو ٿا، سي ٻُڌڻ گهريائون، پر نہ ٻڌائون.</verse>
				<verse number="18">سو هاڻي اوهين اُنهي هاريءَ جو مثال ٻڌو.</verse>
				<verse number="19">جڏهن ڪو انهيءَ بادشاهت جو ڪلام ٻڌي ٿو ۽ سمجهي نٿو، تڏهن شيطان اچي جيڪي اُنهيءَ جي دل ۾ پوکيل آهي سو ڪڍي ٿو وڃي. هي اُهو آهي جو گس تي پوکيو ويو هو.</verse>
				<verse number="20">۽ جيڪو ٽڪرائتين جاين تي پوکيل هو، سو اُهو آهي جو ڪلام ٻُڌي ٿو، ۽ هڪدم خوشيءَ سان اُنهيءَ کي قبول ٿو ڪري؛</verse>
				<verse number="21">تڏهن بہ هن منجهہ اڃا پاڙ نہ لڳي آهي، تنهنڪري ٿوري وقت تائين اُهو جٽاءُ ڪري ٿو؛ ۽ جڏهن اُنهي ڪلام جي سبب سختي يا ستائڻ شروع ٿو ٿئي، تڏهن يڪدم هو ڀلجيو وڃي.</verse>
				<verse number="22">۽ جيڪو ڪنڊين ۾ پوکيو ويو هو سو اُهو آهي، جو ڪلام ٻڌي ٿو پر دنيا جو فڪر ۽ دولت جو فريب ڪلام کي گهُٽيو ڇڏي، ۽ اُهو ڦل جهلڻ کان رهجيو وڃي.</verse>
				<verse number="23">۽ جيڪو ڀليءَ زمين ۾ پوکيو ويو هو، سو اُهو آهي جو ڪلام ٻُڌي ٿو ۽ سمجهي ٿو؛ ۽ سچ پچ ڦل جهلي ٿو، ۽ ڪو سؤڻو ٿو ڏئي، ڪو سٺوڻو، ڪو ٽيهوڻو.</verse>
				<verse number="24">وري کين ٻيو مثال ڏيئي چيائين، تہ آسمان جي بادشاهت اُنهي ماڻهوءَ وانگر آهي، جنهن پنهنجي ٻنيءَ ۾ چڱو ٻج پوکيو:</verse>
				<verse number="25">پر جڏهن ماڻهو سمهيا، تڏهن سندن دشمن اچي ڪڻڪ ۾ جهنگلي ٻج بہ پوکي ويو.</verse>
				<verse number="26">۽ جڏهن سلا اُڀريا، ۽ ڦل جهليائون، تڏهن جهنگلي ٻج بہ ظاهر ٿيو.</verse>
				<verse number="27">۽ اُنهي مالڪ جي نوڪرن اچي کيس چيو تہ سائين، تو پنهنجيءَ ٻنيءَ ۾ چڱو ٻج ڪين پوکيو هو ڇا؟ تڏهن جهنگلي ٻج منجهس ڪٿان آيو؟</verse>
				<verse number="28">۽ هن چين تہ اهو ڪنهن دشمن جو ڪم آهي. وري نوڪرن چيس تڏهن تنهنجي مرضي آهي ڇا تہ اسين وڃي اُهو گڏ ڪريون؟</verse>
				<verse number="29">پر هن چيو تہ نہ؛ متان جهنگلي ٻج گڏ ڪندي اوهين ڪڻڪ بہ پَٽي ڪڍو.</verse>
				<verse number="30">ڇڏيو تہ لاباري پوڻ تائين ڀلي ٻئي گڏ پيا اُڀرن: پوءِ لاباري مهل آئون لاهيارن کي چوندس تہ پهرين جهنگلي ٻوٽا ميڙي اُنهن جا گَڏا ٻَڌي رکو تہ ساڙجن: پر ڪڻڪ منهنجي ڀانڊي ۾ گڏ ڪجو.</verse>
				<verse number="31">وري کين ٻيو مثال ڏيئي چيائين، تہ آسمان جي بادشاهت اهر جي داڻي جي مثل آهي، جو ڪنهن ماڻهوءَ کڻي پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوکيو:</verse>
				<verse number="32">جو بيشڪ سڀني ٻجن کان ننڍو آهي؛ پر جڏهن اُهو اُڀري ٿو، تڏهن سڀني ٻوٽن کان وڏو ٿئي ٿو، ۽ وڻ ٿيو پوي، ۽ آسمان جا پکي اچي انهي جي ٽارين ۾ ٿا ويهن.</verse>
				<verse number="33">وري هن ٻيو مثال چئي ٻڌاين، تہ آسمان جي بادشاهت خمير مثل آهي، جو ڪنهن زال کڻي اٽي جي ٽن ماڻن ۾ ملايو، تان جو اُهو سڀ خميرجي پيو.</verse>
				<verse number="34">اِهي سڀ ڳالهيون يسوع ميڙاڪن کي مثالن ۾ ٻڌائيندو هو؛ ۽ اُنهن سان مثالن کانسواءِ ڪي بہ ڪين ڳالهائيندو هو:</verse>
				<verse number="35">انهي لاءِ تہ جيڪي نبيءَ چيو هو سو پورو ٿئي، تہ ”آئون مثالن ٻُڌائڻ لاءِ پنهنجو وات کوليندس؛ آئون اُهي ڳالهيون ڳالهائيندس، جي دنيا جي بنياد کان وٺي ڳجهيون هيون.“</verse>
				<verse number="36">تنهن کانپوءِ هو ميڙاڪن کي ڇڏي گهر ويو، ۽ سندس شاگرد وٽس آيا، ۽ چيائونس تہ اسان کي ٻنيءَ جي جهنگليءَ ٻج وارو مثال سمجهاءِ.</verse>
				<verse number="37">۽ هن ورندي ڏيئي چيو، تہ جيڪو چڱو ٻج ٿو پوکي، سو ابن آدم آهي؛</verse>
				<verse number="38">۽ ٻني جهان آهي، ۽ چڱو ٻج بادشاهت جا ٻار آهن، ۽ جهنگلي ٻج شيطان جا ٻار آهن،</verse>
				<verse number="39">۽ جنهن دشمن اُهي پوکيا، سو آهي شيطان: ۽ لاباري جو وقت آهي جهان جي پڄاڻي، ۽ لاهيارا آهن ملائڪ.</verse>
				<verse number="40">تنهنڪري جيئن جهنگلي ٻج گڏ ڪري باهہ ۾ ساڙيندا آهن، تيئن جهان جي پڄاڻيءَ ۾ بہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="41">ابن آدم پنهنجا ملائڪ موڪليندو، ۽ اُهي سندس بادشاهت مان جيڪي شيون گمراهہ ٿيون ڪن، ۽ جيڪي بڇڙائي ڪن ٿا، تن سڀني کي ميڙي ڪٺو ڪندا،</verse>
				<verse number="42">۽ اُنهن کي باهہ جي کوري ۾ اُڇلائي وجهندا: اتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.</verse>
				<verse number="43">تڏهن راستباز پنهنجي پيءُ جي بادشاهيءَ ۾ سج وانگر چمڪندا. جنهن کي ڪَن آهن سو ڀلي ٻُڌي.</verse>
				<verse number="44">آسمان جي بادشاهت ٻنيءَ ۾ لڪل خزاني مثل آهي، جو ڪنهن ماڻهوءَ لڌو، ۽ لڪائي رکيائين؛ ۽ خوشيءَ وچان وڃي جيڪي وٽس هو، سو وڪڻي اُها ٻني خريد ڪيائين.</verse>
				<verse number="45">وري آسمان جي بادشاهت هڪڙي سوداگر مثل آهي؛ جنهن چڱا موتي پئي ڳوليا؛</verse>
				<verse number="46">پوءِ جڏهن هڪڙو ڳري ملهہ وارو موتي نظر آيس، تڏهن وڃي جيڪي وٽس هو، سو سڀ وڪڻي اُهو خريد ڪيائين.</verse>
				<verse number="47">وري آسمان جي بادشاهت هڪڙيءَ وڏيءَ ڄار مثل آهي، جا سمنڊ ۾ اُڇلائي ويئي، ۽ جنهن ۾ هر قسم جي مڇي اچي ڦاٿي.</verse>
				<verse number="48">جڏهن اُها ڀرجي ويئي، تڏهن ماڻهن ڇڪي ڪناري تي ڪئي، ۽ هنن ويهي چڱيون چڱيون مڇيون ٿانوَن ۾ گڏ ڪيون، پر خراب خراب اُڇلائي ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="49">جهان جي پڄاڻيءَ ۾ بہ ائين ئي ٿيندو: ملائڪ ايندا ۽ بڇڙن کي چڱن مان ڪڍي ڌار ڪندا،</verse>
				<verse number="50">۽ اُنهن کي باهہ جي کوري ۾ اُڇلائي وجهندا: اُتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.</verse>
				<verse number="51">اهي سڀ ڳالهيون اوهان سمجهيون؟ هنن چيو تہ هائو.</verse>
				<verse number="52">هن چين تہ تنهنڪري هرڪو فقيهہ جو آسمان جي بادشاهت جو شاگرد ٿيو آهي، سو انهي گهر جي مالڪ وانگر آهي، جو پنهنجي خزاني مان نيون ۽ پراڻيون شيون ڪڍي ٿو اچي.</verse>
				<verse number="53">۽ هيئن ٿيو جو جڏهن يسوع هي مثال ڏيئي بس ڪئي، تڏهن اُتان نڪري اُٿي هليو.</verse>
				<verse number="54">۽ پنهنجي وطن ۾ اچي ماڻهن کي سندن عبادتخاني ۾ تعليم ڏنائين، جنهنڪري هو عجب ۾ پئي چوڻ لڳا، تہ هن ماڻهوءَ کي هيءَ دانائي ۽ معجزا ڪٿان آيا؟</verse>
				<verse number="55">هي هن واڍي جو پٽ نہ آهي ڇا؟ سندس ماءُ جو نالو مريم نہ آهي ڇا؟ ۽ سندس ڀائر يعقوب ۽ يوسف ۽ شمعون ۽ يهوداهہ نہ آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="56">۽ سندس ڀينرون سڀ اسان وٽ ڪينهن ڇا؟ تڏهن هن ماڻهوءَ هي سڀ ڳالهيون ڪٿان آنديون؟</verse>
				<verse number="57">سو هنن کيس قبول نہ ڪيو، پر يسوع چين تہ ڪنهن بہ نبيءَ جي پنهنجي وطن ۽ پنهنجي گهر کانسواءِ ٻئي هنڌ بي عزتي ڪانہ ٿي ٿئي.</verse>
				<verse number="58">۽ هنن جي بي اعتقاديءَ ڪري هن اُتي گهڻا معجزا نہ ڪيا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">اُنهي وقت ملڪ جي چوٿين حصي جي حاڪم هيروديس، يسوع جي هاڪ ٻڌي،</verse>
				<verse number="2">۽ پنهنجي نوڪرن کي چيائين تہ هي يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو آهي؛ هو مئلن مان جي اُٿيو آهي؛ تنهنڪري هن جي هٿان هي معجزا ٿا ٿين.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو هيروديس پنهنجي ڀاءُ فلپس جي زال هيرودياس جي خاطر يوحنا کي پڪڙي ٻَڌي قيد ۾ وڌو هو.</verse>
				<verse number="4">ڇو جو يوحنا چيو هوس، تہ توکي اهو روا نہ آهي تہ هن کي پاڻ وٽ رکين.</verse>
				<verse number="5">سو هيروديس جي مرضي هئي تہ مارائي وجهانس، پر ماڻهن جو ڊپ ٿيس، ڇالاءِ جو هو انهي کي نبي ڪري ڄاڻندا هئا.</verse>
				<verse number="6">پر جڏهن هيروديس جي جنم جو ڏينهن آيو، تڏهن هيرودياس جي ڌيءَ وچ ۾ بيهي ناچ ڪري هيروديس کي خوش ڪيو.</verse>
				<verse number="7">جنهن تي هن قسم کڻي ساڻس انجام ڪيو تہ جيڪي تون گهُرندينءَ سو ڏيندوسانءِ.</verse>
				<verse number="8">تنهن تي هن جيئن ماڻس سيکاريو هوس تيئن چيو، تہ يوحنا بپتسما واري جي سسي مون کي هتي ٿالهيءَ ۾ گهُرائي ڏي.</verse>
				<verse number="9">تنهن تي بادشاهہ کي ڏک ٿيو، پر پنهنجن قسمن جي ڪري ۽ مهمانن جي سانگي، حڪم ڪيائين تہ اُها آڻي ڏيوس؛</verse>
				<verse number="10">۽ ماڻهو موڪلي قيدخاني ۾ يوحنا جي سسي لهرايائين.</verse>
				<verse number="11">پوءِ اُها سسي ٿالهيءَ ۾ رکي آڻي اُنهيءَ ڇوڪريءَ کي ڏنائون: ۽ هوءَ ماءُ وٽ کڻي آئي.</verse>
				<verse number="12">۽ هن جا شاگرد آيا، ۽ سندس لاش کڻي وڃي دفن ڪيائون؛ ۽ وڃي يسوع کي خبر ڏنائون.</verse>
				<verse number="13">جڏهن يسوع اُها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اُتان نڪري ٻيڙيءَ ۾ اڪيلو هڪڙي ويران هنڌ ويو: ۽ جڏهن ماڻهن کي انهي جي خبر پيئي، تڏهن اُهي شهرن مان پيرين پنڌ سندس پٺيان آيا.</verse>
				<verse number="14">۽ هن نڪري اچي وڏو ميڙاڪو ڏٺو، ۽ مٿن رحم آيس، ۽ منجهن جيڪي بيمار هئا، تن کي شفا ڏنائين.</verse>
				<verse number="15">۽ جڏهن سانجهي ٿي تڏهن شاگرد وٽس آيا ۽ چيائونس، تہ هيءُ هنڌ ويران آهي، ۽ ويل بہ ٽري ويئي آهي؛ سو ماڻهن کي موڪل ڏي تہ ڳوٺن ۾ وڃي پنهنجي لاءِ کاڌو خريد ڪن.</verse>
				<verse number="16">پر يسوع چين تہ هنن کي وڃڻ جي ضرورت ڪانهي؛ اوهين کائڻ لاءِ ڏيونِ.</verse>
				<verse number="17">۽ هنن چيس تہ اسان وٽ هتي فقط پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون آهن.</verse>
				<verse number="18">هن چيو تہ اُهي هت مون وٽ کڻي اچو.</verse>
				<verse number="19">۽ ميڙاڪن کي حڪم ڏنائين تہ گاهہ تي ويهي وڃو: ۽ اُهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي، آسمان ڏي نهاري، برڪت گهُري مانيون ڀڃي شاگردن کي ڏنائين، ۽ شاگردن وري ماڻهن کي ڏنيون.</verse>
				<verse number="20">۽ انهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو: ۽ ٽڪر ٽيرا جيڪي بچيا، تن جون ٻارهن کاريون ڀري کنيائون.</verse>
				<verse number="21">۽ جن کاڌو، سي اٽڪل پنج هزار مرد هئا، تنهن کانسواءِ زالون ۽ ٻار.</verse>
				<verse number="22">۽ هڪدم هن پنهنجن شاگردن تي زور رکيو تہ اوهين ٻيڙيءَ ۾ چڙهي مون کان اڳي پرينءَ ڀر هلو، جيسين ڪ آئون خلق کي روانو ڪريان.</verse>
				<verse number="23">۽ ماڻهن کي رواني ڪرڻ کانپوءِ، هو دعا گهرڻ لاءِ جبل تي اڪيلو چڙهي ويو ۽ جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن هو اُتي اڪيلو هو.</verse>
				<verse number="24">پر انهيءَ مهل ٻيڙي سمنڊ جي وچ ۾ لهرن جي ڪري لوڏن ۾ هئي، ڇالاءِ جو واءُ اڻائو هو.</verse>
				<verse number="25">۽ رات جو چوٿين پهر ۾ هو سمنڊ تي پنڌ ڪري وٽن آيو.</verse>
				<verse number="26">۽ جڏهن شاگردن هن کي سمنڊ تي هلندو ڏٺو، تڏهن دهلجي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ هي ڪو شر آهي؛ ۽ ڊپ کان رڙيون ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="27">پر يسوع انهي دم کين چيو، تہ دلجاءِ ڪريو، آئون آهيان؛ ڊڄو نہ.</verse>
				<verse number="28">پوءِ پطرس ورندي ڏيئي چيو، تہ اي خداوند، جي تون آهين، تہ مون کي حڪم ڏي تہ آئون پاڻيءَ تي هلي تو وٽ اچان.</verse>
				<verse number="29">۽ هن چيس تہ اچ. سو پطرس ٻيڙيءَ مان لهي يسوع وٽ اچڻ جي لاءِ پاڻيءَ تي هلڻ لڳو.</verse>
				<verse number="30">پر جڏهن هن واءُ ڏٺو، تڏهن ڊڄي ويو؛ ۽ جڏهن ٻُڏڻ لڳو، تڏهن رڙ ڪري چيائين تہ اي خداوند، مون کي بچاءِ.</verse>
				<verse number="31">۽ يڪدم يسوع هٿ ڊگهيري جهلي ورتس، ۽ چيائينس تہ اي ڪم اعتقاد، تو شڪ ڇو ڪيو؟</verse>
				<verse number="32">۽ جڏهن هو ٻيڙيءَ تي چڙهيا، تڏهن واءُ بيهي ويو.</verse>
				<verse number="33">۽ جيڪي ٻيڙيءَ ۾ هئا، تن اچي پيرين پئي چيس تہ سچ پچ تون خدا جو فرزند آهين.</verse>
				<verse number="34">۽ جڏهن هو پار لنگهيا، تڏهن لهي گنيسرت جي علائقي ۾ آيا.</verse>
				<verse number="35">۽ جڏهن انهي هنڌ جي ماڻهن کيس سڃاتو، تڏهن انهي ساري ملڪ ۾ ماڻهو موڪلي، جيڪي بيمار هئا، تن سڀني کي وٽس وٺي آيا؛</verse>
				<verse number="36">۽ منٿ ڪري چيائونس، تہ اسان کي رڳو پنهنجي ڪپڙي جي دامن کي هٿ لائڻ ڏي: ۽ جيترن هٿ لاتو، اوترا مڙيئي ڇُٽي چڱا ڀلا ٿي پيا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="15">
				<verse number="1">تنهن کانپوءِ يروشلم مان ڪي فريسي ۽ فقيهہ يسوع وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ</verse>
				<verse number="2">تنهنجا شاگرد بزرگن جي روايت ڇو ٿا ڀڃن؟ ڇالاءِ جو هو ماني کائڻ مهل هٿ نٿا ڌوئن.</verse>
				<verse number="3">هن ورندي ڏيئي چين تہ اوهين بہ پنهنجي روايت جي ڪري خدا جو حڪم ڇو ٿا ڀڃو؟</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو خدا چيو آهي تہ پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ماءُ جي عزت ڪريو: ۽ جيڪو پيءُ يا ماءُ جي گلا ڪري سو ڀلي تہ اُڦٽ ماريو وڃي.</verse>
				<verse number="5">پر اوهين ٿا چئو، تہ جيڪو پنهنجي پيءُ يا پنهنجي ماءُ کي چوندو، تہ جنهن شيءِ مان توکي منهنجي هٿان فائدو رسي ها سا خدا جي نذر ٿي چڪي؛ سو ڀلي پنهنجي پيءُ کي عزت نہ ڏئي.</verse>
				<verse number="6">تڏهن اوهان پنهنجي روايت ڪري خدا جي ڪلام کي رد ڪري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="7">اي رياڪارو، اوهان بابت يسعياہ ڪهڙي نہ پوري پيشنگوئي ڪئي آهي تہ</verse>
				<verse number="8">”هيءَ اُمت پنهنجن چپن سان مون کي مانُ ٿي ڏئي، پر هنن جي دل مون کان پري آهي.</verse>
				<verse number="9">هو منهنجي عبادت اجائي ٿا ڪن، جو ماڻهن جا حڪم پنهنجي تعليم ڪيو ٿا سيکارين.“</verse>
				<verse number="10">۽ هن خلق کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ٻڌو ۽ سمجهو:</verse>
				<verse number="11">جيڪا شيءِ وات ۾ ٿي گهڙي سا ماڻهوءَ کي پليت نٿي ڪري؛ پر جيڪا وات مان نڪري ٿي، اُها ئي ماڻهوءَ کي پليت ٿي ڪري.</verse>
				<verse number="12">تڏهن شاگردن اچي چيس تہ توکي ڪا خبر آهي تہ فريسين کي تنهنجي هن ڳالهہ ڪري ٺوڪر لڳي آهي؟</verse>
				<verse number="13">پر هن ورندي ڏيئي چيو، تہ منهنجو پيءُ جو آسمان ۾ آهي، تنهن جيڪو سلو نہ هنيو آهي، سو پَٽجي ويندو.</verse>
				<verse number="14">هنن کي ڇڏي ڏيو؛ هو انڌا سونهان آهن. جيڪڏهن انڌو انڌي جو سونهون ٿيندو تہ ٻئي کڏ ۾ ڪِرندا.</verse>
				<verse number="15">پوءِ پطرس وراڻي ڏيئي چيس تہ اسان کي اُنهيءَ مثال جي سمجهاڻي ڏي.</verse>
				<verse number="16">۽ هن چيو تہ اوهين بہ اڃا بي سمجهہ آهيو ڇا؟</verse>
				<verse number="17">ايتري بہ خبر نٿي پئيوَ تہ جيڪي وات ۾ پوي ٿو سو لنگهي پيٽ ۾ ٿو وڃي، اُتان جاءِ ضرور مان نڪريو وڃي؟</verse>
				<verse number="18">پر جيڪي شيون وات مان نڪرن ٿيون سي دل مان ٿيون اچن؛ ۽ اُهي انسان کي پليت ٿيون ڪن.</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ جو دل مان بڇڙا خيال، خون، زناڪاريون، حرام ڪاريون، چوريون، ڪوڙي شاهدي، گلائون ٿيون نڪرن:</verse>
				<verse number="20">اهي ئي شيون آهن جي انسان کي پليت ٿيون ڪن: پر اڻ ڌوتل هٿن سان کائڻ ماڻهو کي پليت نٿو ڪري.</verse>
				<verse number="21">پوءِ يسوع اُتان نڪري صور ۽ صيدا جي علائقي ۾ ويو.</verse>
				<verse number="22">۽ ڏسو، هڪڙي ڪنعاني زال اُنهن حدن مان نڪري آئي، ۽ پڪاري چوڻ لڳي تہ اي خداوند، اي دائود جا فرزند، تون مون تي رحم ڪر؛ منهنجي ڌيءَ کي هڪڙي ڀوت ڏاڍو هلاڪ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="23">پر هن ڪوبہ جواب نہ ڏنس. تڏهن سندس شاگرد اچي کيس منٿ ڪري چوڻ لڳا: تہ هن کي روانو ڪر، ڇالاءِ جو هوءَ اسان جي پٺيان رڙيون پيئي ڪري.</verse>
				<verse number="24">پر هن ورندي ڏيئي چيو تہ آئون رڳو اسرائيل جي گهراڻي جي گم ٿيل رڍن لاءِ موڪليو ويو آهيان.</verse>
				<verse number="25">پر هن زال اچي پيرين پئي چيس تہ خداوند، منهنجي مدد ڪر.</verse>
				<verse number="26">هن وراڻي ڏيئي چيو تہ ائين واجب ناهي تہ ٻارن جي ماني کڻي ڪتن کي اُڇلائي ڏجي.</verse>
				<verse number="27">پر هن زال چيو تہ برابر خداوند، پر جيڪي ڀور سندن ڌڻين جي ميز تان ڪِرندا آهن تن مان ڪتا بہ کائيندا آهن.</verse>
				<verse number="28">تڏهن يسوع ورندي ڏيئي چيس تہ اي مائي، تنهنجو ايمان وڏو آهي. جيئن تون گهُرين ٿي تيئن ئي تنهنجي لاءِ ٿئي. ۽ اُنهي گهڙيءَ سنديس ڌيءَ چڱي ڀلي ٿي پيئي.</verse>
				<verse number="29">پوءِ يسوع اُتان روانو ٿيو، ۽ گليل جي سمنڊ جي ويجهو آيو، ۽ جبل تي چڙهي وڃي اُتي ويهي رهيو.</verse>
				<verse number="30">۽ وڏا ميڙاڪا وٽس آيا، جن منجهہ منڊا، انڌا، گونگا، ٽنڊا ۽ ٻيا بہ گهڻا هئا، ۽ اُنهن کي يسوع جي پيرن وٽ رکندا ويا؛ ۽ هن کين ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو:</verse>
				<verse number="31">ايتري قدر جو جڏهن ماڻهن گونگن کي ڳالهائيندو، ۽ ٽُنڊن کي سڄو ٿيندو، ۽ منڊن کي هلندو، ۽ انڌن کي ڏسندو ڏٺو، تڏهن عجب لڳي وين، ۽ هو اسرائيل جي خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="32">پوءِ يسوع پنهنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ مون کي خلق تي رحم ٿو اچي، ڇالاءِ جو هو مون سان ٽي ڏينهن ساندهہ رهيا آهن، ۽ کاڌي لاءِ ڪي بہ ڪين اٿن: ۽ منهنجي مرضي نہ آهي تہ کين بکيو روانو ڪريان تہ متان رستي ۾ ماندا ٿي پون.</verse>
				<verse number="33">۽ شاگردن چيس تہ هتي سُڃ ۾ اسان وٽ ايتريون مانيون ڪٿان اينديون جو هيڏي وڏي ميڙاڪي جو پيٽ ڀرجي؟</verse>
				<verse number="34">۽ يسوع چين تہ اوهان وٽ ڪيتريون مانيون آهن؟ هنن چيو تہ ست، ۽ ڪي ٿوريون ننڍيون مڇيون</verse>
				<verse number="35">۽ هن ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ زمين تي ويهي وڃو؛</verse>
				<verse number="36">۽ هن اُهي ست مانيون ۽ ننڍيون مڇيون کڻي شڪر ڪري، ٽڪر ٽڪر ڀڃي شاگردن کي ڏنا، ۽ شاگردن وري اُهي ماڻهن کي ڏنا.</verse>
				<verse number="37">۽ اُنهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو: ۽ ٽڪر ٽيرا جيڪي بچيا، تن جا ست کارا ڀري کنيائون.</verse>
				<verse number="38">۽ جن کاڌو سي چار هزار مرد هئا، تن کان سواءِ زالون ۽ ٻار.</verse>
				<verse number="39">۽ هن انهن ميڙاڪن کي موڪل ڏني، ۽ پاڻ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي مگدن جي حدن ۾ آيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="16">
				<verse number="1">۽ فريسي ۽ صدوقي آيا، ۽ آزمودي وٺڻ لاءِ چيائونس تہ اسان کي ڪا آسمان مان نشاني ڏيکار.</verse>
				<verse number="2">پر هن ورندي ڏيئي چين، تہ جڏهن سانجهيءَ جو آسمان ڳاڙهو ٿو ٿئي، تڏهن اوهين چئو ٿا تہ ڏينهن صاف ٿيندو:</verse>
				<verse number="3">۽ جڏهن صبح جو ٿو ٿئي تہ چئو ٿا تہ اڄ مينهن پوندو: اوهان کي خبر پوي ٿي تہ آسمان جون نشانيون ڪيئن سهي ڪجن؛ پر زماني جون نشانيون سهي ڪري نٿا سگهو.</verse>
				<verse number="4">هن زماني جا خراب ۽ زناڪار ماڻهو نشاني ٿا گهرن، پر اُنهن کي يوناہ واري نشانيءَ کانسواءِ ٻي ڪابہ نشاني ڏيڻ ۾ نہ ايندي. ائين چئي هو کين ڇڏي هليو ويو.</verse>
				<verse number="5">۽ شاگرد هن پار ويا، پر ماني کڻڻ وسري وين.</verse>
				<verse number="6">پوءِ يسوع چين تہ خبردار ٿجو، فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان پاڻ سنڀالجو.</verse>
				<verse number="7">۽ هو پاڻ ۾ بحث ڪري چوڻ لڳا تہ اسان ماني ڪانہ آندي آهي، تنهنڪري ائين ٿو چوي.</verse>
				<verse number="8">يسوع اها ڳالهہ سهي ڪري چيو، تہ اي ڪم اعتقادو، اوهين پاڻ ۾ ڇو ٿا تڪرار ڪريو، تہ اسان وٽ ماني ڪانهي؟</verse>
				<verse number="9">اڃا سمجهہ نٿي پئيوَ، ۽ اُهي پنجن هزارن ماڻهن واريون پنج مانيون اوهان کي ياد ڪينهن؟ ۽ اوهان ڪيتريون کاريون ڀري کنيون؟</verse>
				<verse number="10">نڪي چئن هزار ماڻهن واريون ست مانيون ياد اٿوَ تہ ڪيترا کارا کنيوَ؟</verse>
				<verse number="11">ڪهڙو سبب آهي جو اوهين نٿا سمجهو تہ مون اوهان کي مانيءَ بابت ڪين چيو؟ پر هيئن چيم تہ فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان سنڀالجو؟</verse>
				<verse number="12">تڏهن هنن کي سمجهہ ۾ آيو تہ هن کين مانيءَ جي خمير کان نہ، پر فريسين ۽ صدوقين جي تعليم کان خبردار رهڻ لاءِ ٿي چيو.</verse>
				<verse number="13">هاڻي جڏهن يسوع قيصريہ فلپي جي علائقي ۾ آيو، تڏهن پنهنجن شاگردن کان پڇيائين، تہ ماڻهو ڇا ٿا چون تہ ابن آدم ڪير آهي؟</verse>
				<verse number="14">هنن چيو تہ ڪي چون ٿا تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو آهي، ڪي ايلياهہ، ۽ ٻيا ٿا چون تہ يرمياهہ، يا نبين مان ڪو هڪڙو.</verse>
				<verse number="15">هن کين چيو، پر اوهين ڇا ٿا چئو تہ آئون ڪير آهيان؟</verse>
				<verse number="16">۽ شمعون پطرس ورندي ڏيئي چيو تہ تون مسيح، زندہ خدا جو فرزند آهين.</verse>
				<verse number="17">۽ يسوع وراڻي ڏيئي چيس، تہ اي شمعون بار يوناهہ، تون مبارڪ آهين: ڇالاءِ جو گوشت ۽ رت نہ، پر منهنجو پيءُ جو آسمان ۾ آهي، تنهن توکي ظاهر ڪري ڄاڻايو آهي.</verse>
				<verse number="18">۽ آئون بہ توکي ٿو چوان تہ تون پطرس آهين، ۽ هن ٽڪر تي آئون پنهنجي ڪليسيا اڏيندس؛ ۽ اُها دوزخ جي دروازن تي غالب پوندي.</verse>
				<verse number="19">آئون توکي آسمان جي بادشاهت جون ڪنجيون ڏيندس، ۽ جيڪي تون زمين تي ٻڌندين سو آسمان ۾ ٻڌبو، ۽ جيڪي تون زمين تي ڇوڙيندين سو آسمان ۾ ڇوڙيو ويندو.</verse>
				<verse number="20">تڏهن هن شاگردن کي تاڪيد ڪري چيو تہ اوهين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي متان چئو تہ هي مسيح آهي.</verse>
				<verse number="21">انهي وقت کان وٺي يسوع پنهنجي شاگردن کي ٻڌائڻ لڳو تہ ضرور آهي تہ آئون يروشلم ۾ وڃان، ۽ بزرگن ۽ سردار ڪاهنن ۽ فقيهن جي هٿان گهڻيون سختيون سهان، ۽ ماريو وڃان، ۽ ٽئين ڏينهن جي اُٿان.</verse>
				<verse number="22">۽ پطرس هن کي پاسي تي وٺي ڇينڀي چوڻ لڳو تہ اي خداوند، خدا خير ڪري، تو سان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="23">پر هن ڦري پطرس کي چيو تہ اي شيطان، منهنجي اڳيان ٽر: تون مون کي گمراهہ ٿو ڪرين: ڇالاءِ جو توکي خدا جي ڳالهين جو فڪر ڪونهي، پر فقط ماڻهن جو فڪر اٿيئي.</verse>
				<verse number="24">تڏهن يسوع پنهنجن شاگردن کي چيو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجي پٺيان اچڻ گهري، تہ پنهنجي خوديءَ کي ماري، ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان اچي.</verse>
				<verse number="25">ڇالاءِ جو جيڪو ڀانئين تہ پنهنجي جان بچايان، سو اُها وڃائيندو: ۽ جيڪو منهنجي واسطي پنهنجي جان وڃائيندو، تنهن کي اُها ملندي.</verse>
				<verse number="26">ڇو تہ ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڇا حاصل ٿيندو جو هو سڄي دنيا هٿ ڪري ۽ پنهنجي جان وڃائي؟ يا ماڻهو پنهنجي جان جي عيوض ڇا ڏيندو؟</verse>
				<verse number="27">ڇالاءِ جو جڏهن ابن آدم پنهنجي پيءُ جي جلال ۾ پنهنجن ملائڪن سان گڏ ايندو، تڏهن هو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو.</verse>
				<verse number="28">۽ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هتي جيڪي بيٺا آهن، تن مان ڪي اهڙا آهن جي جيسين ابن آدم کي سندس بادشاهت ۾ ايندو نہ ڏسندا، تيسين موت جو مزو نہ چکندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="17">
				<verse number="1">۽ ڇهن ڏينهن کانپوءِ يسوع، پطرس ۽ يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کي پاڻ سان گڏ خلاصو هڪڙي مٿانهين جبل تي وٺي ويو.</verse>
				<verse number="2">۽ هنن جي روبرو سندس شڪل بدلجي ويئي، ۽ سندس منهن سج وانگر چمڪڻ لڳو، ۽ سندس پوشاڪ روشنيءَ جهڙي نوراني ٿي پيئي.</verse>
				<verse number="3">۽ ڏسو، هنن کي موسيٰ ۽ ايلياہ ساڻس ڳالهائيندا نظر آيا.</verse>
				<verse number="4">۽ پطرس يسوع کي ورندي ڏيئي چيو تہ اي خداوند، اسان جو هتي رهڻ چڱو آهي: جي تنهنجي مرضي هجي تہ هتي آئون ٽي تنبو کڻي کوڙيان، هڪڙو تولاءِ، ۽ ٻيو موسيٰ لاءِ، ۽ ٽيون ايلياہ لاءِ.</verse>
				<verse number="5">هن اڃا ڳالهايو ئي پئي، تہ ڏسو، هڪڙي چمڪندڙ ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي: ۽ انهي ڪڪر مان آواز آيو، تہ هي منهنجو پيارو پٽ آهي، جنهن مان آئون گهڻو خوش آهيان، اوهين هن جي ٻڌو.</verse>
				<verse number="6">۽ جڏهن شاگردن اهو ٻڌو، تڏهن منهن ڀر ڪِري پيا، ۽ ڏاڍو ڊپ اچي ٿين.</verse>
				<verse number="7">پوءِ يسوع اچي کين هٿ لائي چيو تہ اُٿو، ۽ ڊپ نہ ڪريو.</verse>
				<verse number="8">جڏهن هنن اکيون مٿي کڻي نهاريو تڏهن يسوع کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي بہ ڪونہ ڏٺائون.</verse>
				<verse number="9">۽ جڏهن اُهي جبل تان هيٺ لٿا، تڏهن يسوع حڪم ڏيئي چين تہ جيسين ابن آدم مئلن مان جي نہ اُٿي، تيسين جيڪي ڏٺو اٿوَ سو ڪنهن کي متان ٻڌايو.</verse>
				<verse number="10">۽ سندس شاگردن پڇيس تہ تڏهن فقيهہ ڇو ٿا چون تہ پهريائين ايلياہ جو اچڻ ضروري آهي؟</verse>
				<verse number="11">هن ورندي ڏيئي چيو تہ برابر ايلياہ اچي ٿو، اُهو سڀني شين کي موٽائي پوري ٺاهہ ۾ آڻيندو:</verse>
				<verse number="12">پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ ايلياہ اچي چڪو آهي، ۽ انهن کيس نہ سڃاتو؛ پر جيڪي وڻين سو هن سان ڪيائون. ساڳيو انهي طرح ابن آدم بہ اُنهن جي هٿان سختيون سهندو.</verse>
				<verse number="13">تڏهن شاگردن سمجهيو تہ هو يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي بابت ٿو اسان سان ڳالهہ ڪري.</verse>
				<verse number="14">۽ جڏهن اُهي ميڙاڪي وٽ آيا، تڏهن هڪڙو ماڻهو وٽس آيو، ۽ سندس اڳيان سجدو ڪري چوڻ لڳو تہ</verse>
				<verse number="15">اي خداوند، منهنجي پٽ تي رحم ڪر، جو هن کي مرگهيءَ جي بيماري آهي ۽ ڏاڍو هلاک آهي، ڇالاءِ جو بعضي هو باهہ ۾ ڪِريو پوي، ۽ بعضي پاڻيءَ ۾؛</verse>
				<verse number="16">۽ آئون هن کي تنهنجي شاگردن وٽ وٺي آيس، پر اُهي ڇُٽائي ڪين سگهيس.</verse>
				<verse number="17">۽ يسوع ورندي ڏيئي چيو تہ اي بي اعتقاد ۽ نرڄي قوم، آئون ڪيستائين اوهان سان هوندس؟ ڪيستائين اوهان جي سهندس؟ انهي کي مون وٽ وٺي اچو.</verse>
				<verse number="18">پوءِ يسوع هن کي جهڻڪيو ۽ ڀوت منجهانئس نڪري ويو، ۽ ڇوڪر اُنهيءَ گهڙيءَ کان وٺي چڱو ڀلو ٿي پيو.</verse>
				<verse number="19">تڏهن شاگردن يسوع وٽ نويڪلائيءَ ۾ اچي چيو تہ اسين انهي کي ڇو ڪين ڪڍي سگهياسون؟</verse>
				<verse number="20">۽ هن چين تہ اوهان جي ٿوري ايمان ڪري: ڇالاءِ جو آئون سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان کي اهر جي داڻي جيترو ايمان هوندو تہ جي اوهين هن جبل کي چوندا تہ هتان هٽي وڃ، تہ هو هٽي ويندو، ۽ ڪابہ ڳالهہ اوهان لاءِ اڻ ٿيڻي نہ هوندي.</verse>
				<verse number="21">(پر اهو قسم دعا ۽ روزي کانسواءِ نڪرڻ جو نہ آهي.)</verse>
				<verse number="22">۽ اڃا هو گليل ۾ رهيا پيا هئا، تہ يسوع کين چيو تہ ابن آدم ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو؛</verse>
				<verse number="23">۽ اُهي کيس ماري وجهندا، ۽ ٽئين ڏينهن هو جي اُٿندو. تنهن تي هنن کي ڏاڍو ڏک ٿيو.</verse>
				<verse number="24">۽ جڏهن هو ڪفرناحوم ۾ آيا، تڏهن جيڪي اڌ مشقال محصول اُڳاڙيندا هئا، سي پطرس وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ اوهان جو اُستاد اڌ مشقال جو محصول ڀريندو آهي يا نہ؟</verse>
				<verse number="25">۽ هن چيو تہ هائو. ۽ جڏهن هو گهر ۾ آيو، تڏهن يسوع پهريائين ساڻس ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ شمعون تون ڪيئن ٿو ڀانئين؟ تہ زمين جا بادشاهہ محصول ڪنهن کان ٿا وصول ڪن؟ پنهنجن پٽن کان يا ڌارين کان؟</verse>
				<verse number="26">۽ جڏهن هن چيو تہ ڌارين کان، تڏهن يسوع چيس تہ پٽ آجا آهن.</verse>
				<verse number="27">پر متان اسين کين گمراهہ ڪريون، تنهنڪري تون سمنڊ ۾ وڃي ڪُنڍي وجهہ، ۽ جيڪا مڇي پهرين نڪري سا کڻ؛ ۽ جڏهن اُنهي جو وات پَٽيندين، تڏهن هڪڙو مشقال ملندءِ. سو کڻي وڃي منهنجي لاءِ ۽ پنهنجي لاءِ هنن کي ڏي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="18">
				<verse number="1">اُنهيءَ گهڙيءَ شاگرد يسوع وٽ آيا، ۽ چيائون تہ آسمان جي بادشاهت ۾ سڀ کان وڏو ڪير آهي؟</verse>
				<verse number="2">۽ هن هڪڙي ننڍڙي ٻار کي پاڻ وٽ سڏي هنن جي وچ ۾ کڻي بيهاريو.</verse>
				<verse number="3">۽ چيائين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيسين اوهين ڦري ننڍڙن ٻارن جهڙا نہ ٿيندا، تيسين ڪنهن بہ طرح آسمان جي بادشاهت ۾ داخل ڪين ٿيندا.</verse>
				<verse number="4">تنهنڪري جيڪو ڪو پاڻ کي هن ٻار وانگر ننڍو ڪري سمجهندو، سو ئي آسمان جي بادشاهت ۾ سڀ کان وڏو ليکبو.</verse>
				<verse number="5">۽ جيڪو هڪڙي ننڍي ٻار کي منهنجي نالي قبول ٿو ڪري، سو مون کي ٿو قبول ڪري.</verse>
				<verse number="6">۽ هي ننڍڙا ٻار جن جو مون ۾ ايمان آهي تن مان هڪڙي کي جيڪو گمراهہ ڪندو، انهي جي لاءِ چڱو ائين ٿيندو تہ هڪڙو وڏو جنڊ جو پڙ سندس ڳچيءَ ۾ لٽڪائي کيس سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙي ڇڏجي.</verse>
				<verse number="7">گمراهيءَ ڪري دنيا تي افسوس آهي! ڇالاءِ جو گمراهي تہ ضرور ٿيندي: پر افسوس اُنهي ماڻهو تي جو گمراهہ ٿو ڪري!</verse>
				<verse number="8">۽ جيڪڏهن تنهنجو هٿ يا تنهنجو پير توکي گمراهہ ڪري تہ اُهو پاڻ وٽان وڍي اُڇلائي ڇڏ: ٻن هٿن ۽ ٻن پيرن سان هميشہ جي باهہ ۾ پوڻ کان تنهنجي لاءِ بهتر ائين ٿيندو تہ ٽُنڊو يا منڊو ئي زندگيءَ ۾ داخل ٿين.</verse>
				<verse number="9">۽ جي تنهنجي اک توکي گمراهہ ڪري تہ اُها پاڻ وٽان ڪڍي اُڇلائي ڇڏ: ٻن اکين سان جهنم جي باهہ ۾ پوڻ کان تنهنجي لاءِ بهتر ائين ٿيندو تہ ڪاڻو ئي زندگيءَ ۾ داخل ٿين.</verse>
				<verse number="10">ڏسو متان هن ننڍڙن مان ڪنهن کي حقير ڪري ڄاڻو.</verse>
				<verse number="11">(ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ منهنجو پيءُ جو آسمان ۾ آهي، تنهن جو منهن هنن جا ملائڪ آسمان ۾ هميشہ پيا ڏسن).</verse>
				<verse number="12">اوهين ڪيئن ٿا ڀانئيو؟ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي سؤ رڍون هجن، ۽ انهن مان هڪڙي گم ٿي وڃي، تہ هو نوانوي کي ڇڏي، جبلن ۾ وڃي اُها جيڪا گم ٿي ويئي آهي، تنهن کي ڪين ڳوليندو؟</verse>
				<verse number="13">۽ جي لڀي پيس، تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ نوانوي جيڪي گم نہ ٿيون آهن، تن کان وڌيڪ هو انهيءَ لاءِ خوشي ڪندو.</verse>
				<verse number="14">ساڳيو انهي طرح اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي، تنهن جي بہ اها مرضي نہ آهي تہ هنن ننڍڙن مان ڪو هڪڙو برباد ٿئي.</verse>
				<verse number="15">۽ جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ تنهنجو ڪو ڏوهہ ڪري، تہ اڪيلائيءَ ۾ هن کي سندس قصور ٻڌاءِ؛ جيڪڏهن هو تنهنجي ڳالهہ مڃي، تہ تو پنهنجو ڀاءُ پاڻ ڏانهن ڪيو:</verse>
				<verse number="16">پر جي هو تنهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي، تہ هڪڙو يا ٻہ ڄڻا پاڻ سان وٺي وڃ، تہ سموري ڳالهہ ٻن يا ٽن شاهدن جي واتان ثابت ٿئي.</verse>
				<verse number="17">۽ جي هو انهن جي بہ نہ مڃي، تہ ڪليسيا کي چئو، ۽ جي هو ڪليسيا جي بہ نہ مڃي، تہ پوءِ هن کي غير قوم ۽ محصولي ٺيڪيدار ڪري ڄاڻ.</verse>
				<verse number="18">آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي اوهين زمين تي ٻڌندا، سو آسمان ۾ ٻڌبو: ۽ جيڪي اوهين زمين تي ڇوڙيندا سو آسمان ۾ ڇوڙبو.</verse>
				<verse number="19">وري بہ آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ جيڪڏهن زمين تي اوهان مان ٻہ ڄڻا ڪابہ ڳالهہ هڪ دل ٿي گهُرندا، تہ منهنجو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو سندن مراد پوري ڪندو.</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ جو جتي ٻہ يا ٽي ڄڻا منهنجي نالي تي گڏ ٿا ٿين، اُتي آئون بہ انهن جي وچ ۾ آهيان.</verse>
				<verse number="21">تنهن کانپوءِ پطرس اچي چيس تہ اي خداوند، جيڪڏهن منهنجو ڀاءُ منهنجو ڏوهہ ڪندو رهي تہ آئون کيس ڪيترا ڀيرا معاف ڪريان؟ ڇا ستن ڀيرن تائين؟</verse>
				<verse number="22">يسوع چيس تہ آئون توکي ڪونہ ٿو چوان تہ ستن ڀيرن تائين، پر ستر دفعا ستن ڀيرن تائين.</verse>
				<verse number="23">تنهنڪري آسمان جي بادشاهت هڪڙي بادشاهہ جي مثل آهي، جنهن جي مرضي ٿي تہ پنهنجن نوڪرن سان حساب ڪتاب لاهيان.</verse>
				<verse number="24">۽ جڏهن هنن سان ليکو لاهڻ لڳو، تڏهن وٽس هڪڙو ماڻهو وٺي آيا، جنهن ڏانهن سندس ڏهہ هزار قنطار هئا.</verse>
				<verse number="25">پر هن وٽ هو ڪي بہ ڪين، جنهن سان پنهنجو قرض کڻي لاهي، تنهنڪري سندس ڌڻيءَ حڪم ڪيو تہ هن کي، ۽ سندس زال ۽ ٻارن کي، ۽ ٻيو جيڪي وٽس هجي، سو سڀ وڪڻي قرض جي ادائي ڪريو.</verse>
				<verse number="26">تنهن تي نوڪر پيرين پيس، ۽ سجدو ڪري چيائينس، تہ اي خداوند، مون کي مهلت ڏي تہ آئون تنهنجو سمورو قرض ادا ڪندس.</verse>
				<verse number="27">۽ انهي نوڪر جي ڌڻيءَ کي رحم آيو، تنهنڪري هن کي ڇڏي ڏنائين، ۽ اُهو قرض بہ کڻي معاف ڪيائينس.</verse>
				<verse number="28">پر اُهو نوڪر ٻاهر نڪتو ۽ پنهنجن هم شريڪ نوڪرن مان هڪڙو ڏٺائين، جنهن کان سؤ دينار لهڻندو هو، ۽ انهيءَ کي جهلي ڳچيءَ کان وٺي چيائينس تہ جيڪي لهڻائين سو ڏي.</verse>
				<verse number="29">تنهن تي اُنهي سندس سنگتيءَ پيرين پئي ليلائي چيس، تہ مون کي مهلت ڏي، تہ آئون توکي ڀري ڏيندس.</verse>
				<verse number="30">پر هن سندس ڳالهہ نہ مڃي ۽ وڃي قيد ۾ وڌائينس، جيسين ڪ قرض ادا ڪري.</verse>
				<verse number="31">تنهن تي جڏهن هن جي هم شريڪ نوڪرن اهو حال ڏٺو، تڏهن کين ڏاڍو ڏک ٿيو، ۽ سارو حال اچي پنهنجي ڌڻيءَ کي ٻڌايائون.</verse>
				<verse number="32">تنهن تي ڌڻيءَ هن کي سڏي چيو تہ اي بڇڙا نوڪر، جڏهن تو مون کي آزيون ڪيون، تڏهن مون توکي سڀ قرض کڻي معاف ڪيو:</verse>
				<verse number="33">سو جيئن مون تو تي رحم ڪيو، تيئن توکي بہ پاڻ جهڙي نوڪر تي رحم ڪرڻ کپندو هو يا نہ؟</verse>
				<verse number="34">۽ سندس ڌڻيءَ کي ڪاوڙ آئي، تنهن هن کي جلادن جي حوالي ڪيو، جيسين ڪ سمورو قرض ادا نہ ڪري.</verse>
				<verse number="35">سو جيڪڏهن اوهان مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ کي دليون جانيون معاف نہ ڪندو، تہ منهنجو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو بہ اوهان سان انهي طرح ڪندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="19">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيو جو جڏهن يشوع اِهي ڳالهيون ڪري بس ڪئي، تڏهن گليل مان نڪري اُٿي هليو، ۽ يردن نديءَ جي پرينءَ ڀر يهوديہ جي حدن ۾ آيو،</verse>
				<verse number="2">۽ وڏا ميڙاڪا سندس پٺيان آيا؛ ۽ هن کين اتي ئي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو.</verse>
				<verse number="3">۽ فريسي آزمودي وٺڻ لاءِ وٽس آيا، ۽ چيائونس تہ اهو روا آهي ڇا تہ مڙس ڪنهن بہ سبب ڪري پنهنجي زال کي ڪڍي ڇڏي؟</verse>
				<verse number="4">۽ هن ورندي ڏيئي چيو، تہ اوهان نہ پڙهيو آهي ڇا، تہ جنهن هنن کي جوڙيو، تنهن شروع ۾ ئي مڙس ۽ زال ڪري جوڙين؛</verse>
				<verse number="5">۽ چيائين تہ انهي سبب ڪري مڙس پنهنجي ماءُ پيءُ کان جدا ٿي پنهنجي زال سان گڏجي رهندو، ۽ هو ٻئي هڪ جسم ٿي ويندا؟</verse>
				<verse number="6">سو اڳتي هو ٻہ نہ، پر هڪ جسم آهن. تنهنڪري جيڪي خدا ملائي ڇڏيو آهي، تنهن کي انسان جدا نہ ڪري.</verse>
				<verse number="7">هنن چيس تہ پوءِ موسيٰ ڇو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي، تہ جي زال کي ڪڍجي تہ طلاق نامو لکي ڏجي.</verse>
				<verse number="8">هن چين تہ موسيٰ اوهان جي سخت دليءَ ڪري اوهان کي موڪل ڏني تہ پنهنجي زال کي ڪڍي ڇڏجي، پر شروعات کان ائين ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="9">۽ آئون اوهان کي ٿو چوان تہ جيڪو زنا کان سواءِ پنهنجي زال کي ڪڍي ٿو ڇڏي، ۽ ٻي ٿو پرڻجي، سو زنا ٿو ڪري: ۽ جيڪو نڪتل زال سان پرڻبو، سو بہ زنا ڪندو.</verse>
				<verse number="10">شاگردن چيس تہ جي زال جي ڪري مڙس جو اهو حال آهي تہ پرڻجڻ چڱو ڪينهي.</verse>
				<verse number="11">پر هن چين تہ سڀ ماڻهو اها ڳالهہ قبول ڪري ڪين سگهندا، رڳو اُهي قبول ڪندا جن کي اهڙي طاقت مليل آهي.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو ڪي خوجا آهن، جي ماءُ جي پيٽان ئي اهڙا ڄاوا، ۽ ڪي خوجا آهن جن کي ماڻهن خوجو ڪيو، ۽ ڪي خوجا آهن جن پاڻ کي آسمان جي بادشاهت لاءِ خوجو ڪيو. جيڪو اها ڳالهہ قبول ڪري سگهي، سو ڀلي تہ قبول ڪري.</verse>
				<verse number="13">تنهن کانپوءِ ننڍڙن ٻارن کي وٽس وٺي آيا، انهي لاءِ تہ هو مٿن هٿ رکي ۽ دعا گهُري: ۽ شاگردن انهن کي ڇينڀيو.</verse>
				<verse number="14">پر يسوع چيو تہ ننڍڙن ٻارن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ۽ انهن کي منع نہ ڪريو: ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت اهڙن جي ئي آهي.</verse>
				<verse number="15">۽ هن انهن تي هٿ رکيا؛ پوءِ اُتان روانو ٿيو.</verse>
				<verse number="16">۽ ڏسو، هڪڙو ماڻهو وٽس اچي چوڻ لڳو تہ اي اُستاد، آئون ڪهڙي نيڪي ڪريان، جنهنڪري مون کي هميشہ جي زندگي ملي؟</verse>
				<verse number="17">۽ هن چيس تہ تون مون کان نيڪيءَ بابت ڇو ٿو پڇين؟ هڪڙو آهي جو نيڪ آهي: پر جي تون ڀانئين تہ زندگيءَ ۾ داخل ٿيان تہ حڪمن تي عمل ڪر.</verse>
				<verse number="18">هن چيو تہ ڪهڙا؟ ۽ يسوع چيو تہ خون نہ ڪر، زنا نہ ڪر، چوري نہ ڪر، ڪوڙي شاهدي نہ ڀر،</verse>
				<verse number="19">پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر.</verse>
				<verse number="20">انهي جوان چيس تہ هي سڀ ڪم مون پئي ڪيا آهن، ٻي مون ۾ ڪهڙي ڪسر آهي؟</verse>
				<verse number="21">يسوع چيس تہ جي ڀانئين تہ ڪامل ٿيان، تہ وڃي جيڪي تو وٽ آهي سو وڪڻي غريبن کي ڏي، تہ پوءِ توکي آسمان ۾ خزانو ملندو: ۽ اچي منهنجي پيروي ڪر.</verse>
				<verse number="22">پر جڏهن انهي جوان اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن غمگين ٿي هليو ويو؛ ڇو جو گهڻيءَ ملڪيت وارو هو.</verse>
				<verse number="23">۽ يسوع پنهنجن شاگردن کي چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ دولتمند ماڻهوءَ جي لاءِ آسمان جي بادشاهت ۾ داخل ٿيڻ مشڪل آهي.</verse>
				<verse number="24">وري بہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خدا جي بادشاهت ۾ دولتمند ماڻهوءَ جي گهڙڻ کان، سئيءَ جي پاکي مان اُٺ جو لنگهڻ سولو آهي.</verse>
				<verse number="25">۽ جڏهن شاگردن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ تڏهن ڪير بچي سگهندو؟</verse>
				<verse number="26">۽ يسوع انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ماڻهن کان اها ڳالهہ اڻ ٿيڻي آهي، پر خدا کان سڀ ڪجهہ ٿي ٿو سگهي.</verse>
				<verse number="27">تڏهن پطرس ورندي ڏيئي چيس تہ ڏس، اسين جو سڀ ڪجهہ ڇڏي تنهنجي پٺيان آيا آهيون، تہ پوءِ اسان کي ڇا ملندو.</verse>
				<verse number="28">۽ يسوع هنن کي چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ نئين پيدائش ۾ جڏهن ابن آدم پنهنجي جلال جي تخت تي ويهندو، تڏهن اوهين جي منهنجي پٺيان آيا آهيو، سي بہ ٻارهن تختن تي ويهي اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي عدالت ڪندا.</verse>
				<verse number="29">۽ جنهن ڪنهن منهنجي نالي ڪري گهر، يا ڀائر، يا ڀينر، يا پيءُ، يا ماءُ، يا ٻار، يا ٻنيون ڇڏي ڏنيون آهن، تن کي اُهي سؤڻيون ملنديون، ۽ اهو هميشہ جي زندگيءَ جو وارث ٿيندو.</verse>
				<verse number="30">پر گهڻا جي پهريان آهن سي پويان ٿيندا، ۽ جي پويان آهن سي پهريان ٿيندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="20">
				<verse number="1">ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت ڪنهن گهر جي مالڪ مثل آهي، جو صبح جو سوير اُنهي لاءِ ٻاهر نڪتو تہ پنهنجي ڊاک جي باغ ۾ ڪمين کي بيهاري.</verse>
				<verse number="2">۽ جڏهن هنن سان اها ٻول ڪري چڪو تہ هڪ دينار روز ڏيندوسانوَ، تڏهن کين پنهنجي ڊاک جي باغ ۾ موڪليائين.</verse>
				<verse number="3">۽ پهر کن کانپوءِ، هو ٻاهر نڪتو ۽ ٻين کي بازار ۾ نڪمو بيٺل ڏٺائين:</verse>
				<verse number="4">۽ انهن کي چيائين تہ اوهين بہ ڊاک جي باغ ۾ وڃو، ۽ جيڪي حق هوندو سو آئون اوهان کي ڏيندس، ۽ اُهي ويا.</verse>
				<verse number="5">۽ وري ٻئي ۽ ٽئين پهر ٻاهر ويو، ۽ اڳي وانگر ڪيائين.</verse>
				<verse number="6">پوءِ جڏهن سج لهڻ ۾ ڪلاڪ کن باقي هو، تڏهن ٻاهر ويو، ۽ ڏٺائين تہ ٻيا بہ بيٺا آهن، ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين هتي سڄو ڏينهن ڇو نڪما ٿيا بيٺا آهيو؟</verse>
				<verse number="7">هنن چيس تہ ڇالاءِ جو اسان کي پورهئي تي ڪنهن ڪين بيهاريو آهي. هن چين تہ اوهين بہ ڊاک جي باغ ۾ وڃو.</verse>
				<verse number="8">۽ جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن ڊاک جي باغ جي مالڪ پنهنجي ڪمدار کي چيو تہ ڪمين کي سڏي پوئين کان وٺي پهرئين تائين کين مزوري ڏي.</verse>
				<verse number="9">جڏهن اُهي آيا جن ڪلاڪ کن ڪم ڪيو هو، تڏهن انهن مان هڪڙي هڪڙي کي دينار مليو.</verse>
				<verse number="10">۽ جيڪي پهريان آيا هئا، تن ڀانئيو تہ اسان کي زيادہ ملندو، پر انهن مان هرهڪ کي هڪڙو هڪڙو دينار مليو.</verse>
				<verse number="11">۽ جڏهن انهن کي بہ اوترو ئي مليو، تڏهن ڪُرڪي گهر جي مالڪ کي چوڻ لڳا تہ</verse>
				<verse number="12">اسان جن سڄو ڏينهن پورهيو ڪيو ۽ اُس سَٺي، تن کي تو هنن پوئين جي برابر ڪيو آهي، جن فقط هڪڙو ڪلاڪ ڪم ڪيو.</verse>
				<verse number="13">پر هن انهن مان هڪڙي کي ورندي ڏيئي چيو، تہ ميان، آئون توسان ظلم ڪونہ ٿو ڪريان: تو مون سان هڪ دينار جي ٻول ڪين ڪئي هئي ڇا؟</verse>
				<verse number="14">جيڪي تنهنجو حق آهي، سو وٺي روانو ٿيءُ؛ منهنجي مرضي آهي تہ هن پوئين کي بہ تو جيترو ڏيان.</verse>
				<verse number="15">مون کي اهو حق ڪونهي ڇا تہ پنهنجي پئسي سان جيئن وڻيم تيئن ڪريان؟ ڇالاءِ جو آئون ڀلو آهيان، تنهنڪري تون برو ٿو سمجهين ڇا؟</verse>
				<verse number="16">انهي طرح پويان پهريان ٿيندا، ۽ پهريان پويان.</verse>
				<verse number="17">۽ يسوع يروشلم ڏانهن ويندي رستي ۾ انهن ٻارهن شاگردن کي خلاصو وٺي ويو ۽ چيائين،</verse>
				<verse number="18">تہ ڏسو، اسين يروشلم ڏانهن ٿا هلون؛ ۽ ابن آدم سردار ڪاهنن ۽ فقيهن جي حوالي ڪيو ويندو، ۽ اُهي مٿس موت جي فتويٰ جاري ڪندا،</verse>
				<verse number="19">۽ هو غير قومن جي حوالي ڪيو ويندو، جي ساڻس ٺٺوليون ڪندا، ۽ کيس چهبڪ هڻندا، ۽ صليب تي چاڙهيندا، ۽ ٽئين ڏينهن هو جيئرو ٿي اُٿندو.</verse>
				<verse number="20">تنهن کانپوءِ زبديءَ جي پٽن جي ماءُ پنهنجن پٽن سميت وٽس آئي ۽ پيرين پئي هن کي عرض ڪرڻ لڳي.</verse>
				<verse number="21">۽ هن چيس تہ توکي ڇا گهرجي؟ هن عرض ڪيس، تہ حڪم ڪر تہ تنهنجي بادشاهت ۾ هنن منهنجن ٻن پٽن مان هڪڙو تنهنجي سڄي پاسي ويهي، ۽ ٻيو تنهنجي کٻي پاسي.</verse>
				<verse number="22">پر يسوع ورندي ڏيئي چيو، تہ اوهان کي خبر ڪانہ ٿي پوي تہ ڇا ٿا گهرو؛ جيڪو پيالو آئون پيئڻ وارو آهيان، تنهن جي پيئڻ جي اوهان کي طاقت آهي؟ هنن چيس تہ هائو، اسان کي طاقت آهي.</verse>
				<verse number="23">هن چين تہ مون وارو پيالو بيشڪ اوهين پيئندا، پر منهنجي ساڄي پاسي يا کاٻي پاسي ويهارڻ، سو منهنجي اختيار ۾ نہ آهي، پر اُهو انهن ئي جي لاءِ آهي جن لاءِ منهنجي پيءُ اُهو تيار ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="24">۽ جڏهن انهن ڏهن ڄڻن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو هنن ٻنهي ڀائرن تي اچي ڪاوڙيا.</verse>
				<verse number="25">پر يسوع پاڻ وٽ سڏي چين تہ اوهان کي خبر آهي تہ جيڪي غير قومن جا سردار آهن، سي اُنهن تي حڪم ٿا هلائين، ۽ سندن امير مٿن اختياري ٿا هلائين.</verse>
				<verse number="26">پر اوهان ۾ ائين نہ ٿيندو: بلڪ جيڪو اوهان ۾ وڏو ٿيڻ گهري، سو اوهان جو خادم ٿيندو؛</verse>
				<verse number="27">پر جيڪو اوهان مان پهريون ٿيڻ چاهي سو اوهان جو غلام ٿيندو؛</verse>
				<verse number="28">جهڙيءَ طرح ڪ ابن آدم انهي لاءِ ڪونہ آيو تہ سندس خدمت ٿئي، پر انهي لاءِ تہ پاڻ خدمت ڪري، ۽ گهڻن جي بدران پنهنجي جان قربان ڪري.</verse>
				<verse number="29">۽ جڏهن هو يريحو مان ٻاهر نڪتا، تڏهن وڏو ميڙاڪو پٺيانئس اچڻ لڳو.</verse>
				<verse number="30">۽ ڏسو، ٻہ انڌا جي رستي جي ڀر ۾ ويٺا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ يسوع ٿو لنگهي، تڏهن رڙ ڪري چوڻ لڳا تہ اي خداوند، ابن دائود، اسان تي رحم ڪر.</verse>
				<verse number="31">تنهن تي ماڻهن ڇڙٻ ڏيئي چين، تہ ماٺ ڪريو: پر هو پاڻ وڏو واڪو ڪري چوڻ لڳا تہ اي خداوند، ابن دائود، اسان تي رحم ڪر.</verse>
				<verse number="32">۽ يسوع بيهي رهيو ۽ کين سڏي چيائين تہ آئون اوهان جي لاءِ ڇا ڪريان؟</verse>
				<verse number="33">هنن چيس تہ اي خداوند، اسان جون اکيون کُلي پون.</verse>
				<verse number="34">۽ يسوع کي رحم آيو ۽ هنن جي اکين کي هٿ لاتائين: تہ يڪدم هو ڏسڻ وائسڻ لڳا، ۽ اُٿي سندس پٺيان هليا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="21">
				<verse number="1">۽ جڏهن هو يروشلم جي ويجهو، ۽ بيت فگا ۾ زيتون جي ٽڪر تي آيا، تڏهن يسوع ٻن شاگردن کي موڪليو،</verse>
				<verse number="2">۽ چيائين تہ انهي ڳوٺ ۾ وڃو، جو اوهان جي سامهون آهي، ۽ وڃڻ شرط اوهين هڪڙو گڏهہ ٻڌل ڏسندا، ۽ ساڻس هڪڙو کودڙو بہ هوندو: اُهي ڇوڙي مون وٽ وٺي اچو.</verse>
				<verse number="3">۽ جيڪڏهن ڪو اوهان کي ڪي چوي، تہ چئجوس، تہ خداوند کي انهي جي گهرج آهي؛ تہ هو انهي دم موڪلي ڏيندو.</verse>
				<verse number="4">هاڻ اهو هن لاءِ ٿيو تہ جيڪي نبيءَ چيو هو سو پورو ٿئي، تہ</verse>
				<verse number="5">”اوهين صيون جي ڌيءَ کي چئو تہ ڏس، تنهنجو بادشاهہ تو وٽ ٿو اچي، نماڻو ۽ گڏهہ تي چڙهيل، بلڪ گڏهہ جي ٻچي، يعني کودڙي تي.“</verse>
				<verse number="6">سو شاگرد ويا ۽ جيئن يسوع فرمايو هون، تيئن ڪيائون.</verse>
				<verse number="7">۽ گڏهہ ۽ کودڙي کي وٺي آيا، ۽ پنهنجا ڪپڙا لٽا اُنهن تي وڌائون؛ ۽ هو مٿس چڙهي ويٺو.</verse>
				<verse number="8">۽ ماڻهن مان گهڻن ئي پنهنجا ڪپڙا رستي تي کڻي وڇايا، ۽ ٻين وري وڻن جون ٽاريون وڍي اُهي کڻي رستي تي پکيڙيون.</verse>
				<verse number="9">۽ ماڻهن جا ميڙاڪا جي سندس اڳيان ۽ پٺيان پئي هليا، تن وڏي آواز سان چيو، تہ هوشعنا ابن دائود کي، مبارڪ آهي اُهو جو خداوند جي نالي اچي ٿو، عالم بالا ۾ هوشعنا!</verse>
				<verse number="10">۽ جڏهن هو يروشلم ۾ آيو، تڏهن سڄي شهر ۾ هلچل مچي ويئي، ۽ ماڻهو چوڻ لڳا تہ هي ڪير آهي؟</verse>
				<verse number="11">۽ ميڙاڪن چيو تہ هي گليل جي ناصرت وارو نبي يسوع آهي.</verse>
				<verse number="12">۽ يسوع خدا جي هيڪل ۾ گهڙيو، ۽ جن اتي خريد ۽ فروخت ويٺي ڪئي، تن سڀني کي ٻاهر ڪڍيائين، ۽ صرافن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="13">۽ انهن کي چيائين تہ لکيل آهي تہ ”منهنجو گهر دعا جو گهر سڏبو:“ پر اوهان انهي کي ڌاڙيلن جي پاٿاري بنائي آهي.</verse>
				<verse number="14">۽ انڌا ۽ منڊا هيڪل ۾ وٽس آيا، ۽ هن انهن کي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو.</verse>
				<verse number="15">پر جيڪي عجب جهڙا ڪم پئي ڪيائين، سي جڏهن سردار ڪاهنن ۽ فقيهن ڏٺا، ۽ انهن ٻارن کي ڏٺائون، جن هيڪل ۾ رڙيون ڪري پئي چيو تہ هوشعنا ابن دائود کي، تڏهن کين ڏاڍي چڙ لڳي.</verse>
				<verse number="16">۽ چوڻ لڳس، تہ هي جيڪي چون ٿا سو ڪي ٻڌين ٿو؟ ۽ يسوع چين تہ هائو، اوهان ڪڏهن ڪين پڙهيو آهي ڇا، تہ ”معصومن ۽ کير پياڪن جي واتان تنهنجي ڪامل تعريف ٿي ٿئي.“</verse>
				<verse number="17">۽ هو انهن کي ڇڏي شهر مان نڪري بيت عنياہ ڏانهن ويو، ۽ اُتي وڃي ٽڪيو.</verse>
				<verse number="18">هاڻي صبح جو جڏهن هو شهر ڏانهن ٿي موٽيو، تڏهن بک لڳس.</verse>
				<verse number="19">۽ رستي جي ڀرسان هڪڙو انجير جو وڻ ڏسي انهي ڏانهن آيو، ۽ ڏٺائين تہ پنن کانسواءِ منجهس ٻيو ڪي ڪينهي، سو هن کي چوڻ لڳو تہ اڄ ڏينهن کان وٺي ڪڏهن بہ تو ۾ ڦل نہ ٿئي، ۽ انهي دم اُهو انجير جو وڻ سُڪي ويو.</verse>
				<verse number="20">۽ جڏهن شاگردن اهو ڏٺو، تڏهن عجب ۾ پئي چوڻ لڳا تہ هي انجير جو وڻ ڪيئن هڪدم سُڪي ويو.</verse>
				<verse number="21">۽ يسوع ورندي ڏيئي چين، تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جي اوهين ايمان آڻيندا ۽ شڪ نہ ڪندا، تہ نہ رڳو جيئن هن انجير جي وڻ سان ڪيو ويو تيئن ڪري سگهندا، پر جي کڻي هن جبل کي چوندا تہ هتان کڄي وڃي سمنڊ ۾ پئُہ، تہ ائين بہ ٿي پوندو.</verse>
				<verse number="22">۽ جيڪي بہ اوهين ايمان رکي دعا ۾ گهُرندا، سو سڀ اوهان کي ملندو.</verse>
				<verse number="23">۽ جڏهن هو هيڪل ۾ آيو ۽ تعليم ڏيڻ لڳو، تڏهن سردار ڪاهنن ۽ اُمت جي بزرگن وٽس اچي چيو تہ تون اهي ڪم ڪهڙيءَ اختياريءَ سان ٿو ڪرين؟ ۽ ڪنهن توکي اها اختياري ڏني آهي؟</verse>
				<verse number="24">۽ يسوع ورندي ڏيئي چين تہ آئون بہ اوهان کان هڪڙو سوال ٿو پڇان، سو جي اوهين مون کي ٻڌائيندا تہ آئون بہ ٻڌائيندوسانوَ تہ ڪهڙيءَ اختياريءَ سان آئون هي ڪم ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="25">يوحنا جي بپتسما ڪٿان آئي؟ آسمان کان يا ماڻهن کان؟ ۽ هو پاڻ ۾ بحث ڪري چوڻ لڳا، تہ جي ٿا چئون تہ آسمان کان، تہ هو اسان کي چوندو، تڏهن هن کي ڇو نہ مڃيو؟</verse>
				<verse number="26">پر جي ٿا چئون تہ ماڻهن کان، تہ اسين خلق کان ٿا ڊڄون؛ ڇالاءِ جو سڀ يوحنا کي نبي ڪري ٿا سمجهن.</verse>
				<verse number="27">سو هنن يسوع کي جواب ڏيئي چيو تہ اسان کي خبر ڪانهي. هن بہ چين، تڏهن آئون بہ اوهان کي ڪين ٻڌائيندس تہ ڪهڙيءَ اختياريءَ سان آئون هي ڪم ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="28">پر اوهين ڇا ٿا ڀانئيو؟ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻہ پٽ هئا، ۽ هو پهرئين وٽ آيو ۽ چيائينس، تہ پٽ، اڄ وڃي ڊاک جي باغ ۾ ڪم ڪر.</verse>
				<verse number="29">۽ هن ورندي ڏيئي چيو تہ آئون ڪين ويندس: پر پوءِ هو پاڻهي پڇتائي اوڏانهن ويو.</verse>
				<verse number="30">وري هو ٻئي وٽ آيو، ۽ انهي کي بہ ائين چيائين، ۽ هن ورندي ڏيئي چيو تہ سائين آئون وڃان ٿو، پر ويو ڪين.</verse>
				<verse number="31">انهن ٻنهي مان پنهنجي پيءُ جي مرضيءَ تي ڪير هليو؟ هنن چيس تہ پهريون. يسوع چين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ محصولي ٺيڪيدار ۽ ڪسبياڻيون اوهان کان اڳي خدا جي بادشاهت ۾ وينديون.</verse>
				<verse number="32">ڇالاءِ تہ يوحنا اوهان وٽ سچائيءَ جي رستي آيو، ۽ اوهان هن کي نہ مڃيو، پر ٺيڪيدارن ۽ ڪسبياڻين کيس مڃيو: ۽ اوهان جيتوڻيڪ اهو ڏٺو، تڏهن بہ ايمان آڻڻ لاءِ توبهہ نہ ڪئي.</verse>
				<verse number="33">ٻيو مثال ٻڌو: هڪڙو گهر جو مالڪ هو، تنهن هڪڙو ڊاک جو باغ لڳايو. ۽ انهي جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، ۽ رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ منجهس هڪڙو حوض کوٽيائين، ۽ هڪڙو ٺلهہ ٺهرايائين، ۽ اُهو ڪن آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.</verse>
				<verse number="34">۽ جڏهن ڦل جي موسم ويجهي آئي، تڏهن انهن آبادگارن ڏانهن هن پنهنجا نوڪر موڪليا، تہ سندس ميوي جو حصو وٺي اچن.</verse>
				<verse number="35">۽ انهن آبادگارن سندس نوڪرن کي جهلي هڪڙي کي مار ڏنائون، ۽ ٻئي کي قتل ڪيائون ۽ ٽئين کي سنگسار ڪيائون.</verse>
				<verse number="36">وري هن اڳي کان گهڻا نوڪر موڪليا، تن سان بہ انهن اُها ساڳي ڪار ڪئي.</verse>
				<verse number="37">پر پوءِ هن اُنهن ڏانهن پنهنجو پٽ موڪليو، جو چيائين تہ هو منهنجي پٽ جي عزت رکندا.</verse>
				<verse number="38">پر جڏهن انهن آبادگارن هن جي پٽ کي ڏٺو، تڏهن پاڻ ۾ چيائون تہ هي وارث آهي، اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون، ۽ سندس ورثو هٿ ڪريون.</verse>
				<verse number="39">۽ انهن هن کي بہ جهلي باغ جي ٻاهر ڪڍي ماري وڌو.</verse>
				<verse number="40">تنهنڪري جڏهن باغ جو مالڪ ايندو، تڏهن انهن آبادگارن سان ڇا ڪندو؟</verse>
				<verse number="41">هنن چيس، تہ هو انهن بڇڙن سان ڏاڍيون جُٺيون ڪري کين چٽ ڪري ڇڏيندو، ۽ باغ ٻين آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏيندو، جي هر ڪنهن مند تي کيس ميوو ڏيندا رهندا.</verse>
				<verse number="42">۽ يسوع چين تہ اوهان ڪڏهن پاڪ ڪتاب ۾ نہ پڙهيو آهي ڇا تہ ”جنهن پهڻ کي اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي ڪنڊ جو سرو ڪيو ويو، هي خداوند جي طرفان ٿيو، ۽ اسان جي نظر ۾ بہ عجب جهڙي ڳالهہ آهي.“</verse>
				<verse number="43">تنهنڪري آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خدا جي بادشاهت اوهان کان کسي انهيءَ قوم کي ڏني ويندي، جا انهيءَ جو ڦل ڏيندي.</verse>
				<verse number="44">۽ جيڪو هن پهڻ تي ڪِرندو سو ڀڄي پرزا پرزا ٿي پوندو، پر جنهن تي اُهو ڪِرندو، تنهن کي چور چور ڪري ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="45">۽ جڏهن سردار ڪاهنن ۽ فريسين هن جا مثال ٻڌا، تڏهن سهي ڪيائون تہ هي اسان بابت ٿو چوي.</verse>
				<verse number="46">۽ جڏهن انهن کيس جهلڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن ماڻهن کان ڊنا، جو اُهي هن کي نبي ڪري ڄاڻندا هئا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="22">
				<verse number="1">۽ يسوع وري بہ مثالن ۾ هنن سان ڳالهائڻ لڳو، ۽ چيائين تہ</verse>
				<verse number="2">آسمان جي بادشاهت انهي بادشاهہ مثل آهي، جنهن پنهنجي پٽ جي شادي جي مجلس ڪئي.</verse>
				<verse number="3">۽ پنهنجا نوڪر موڪليائين تہ جن کي شاديءَ جي مجلس جي دعوت مليل آهي، تن کي سڏي اچو. پر انهن اچڻ جي نہ ڪئي.</verse>
				<verse number="4">وري هن ٻيا نوڪر موڪليا، ۽ چيائين تہ جن کي دعوت ملي آهي، تن کي چئو، تہ ڏسو، مون پنهنجي ماني تيار ڪرائي آهي، منهنجا وهڙا ۽ ٿلها ٿلها جانور ذبح ٿي چڪا آهن، ۽ سڀ شيون تيار آهن، اوهين شاديءَ جي مجلس تي اچو.</verse>
				<verse number="5">پر هنن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو، ۽ پنهنجي منهن هليا ويا، ڪو پنهنجي ٻنيءَ ڏانهن، ڪو پنهنجي واپار تي:</verse>
				<verse number="6">۽ ٻين وري هن جي نوڪرن کي جهلي بي عزت ڪري ماري وڌو.</verse>
				<verse number="7">تنهن تي بادشاهہ کي ڪاوڙ لڳي، ۽ هن پنهنجا نوڪر موڪلي انهن خونين کي برباد ڪيو، ۽ انهن جو شهر ساڙائي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="8">تڏهن هن پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ شاديءَ جي مجلس تيار آهي، مگر جن کي دعوت ڏني ويئي هئي، سي لائق نہ هئا،</verse>
				<verse number="9">تنهنڪري اوهين چوواٽن تي وڃو، ۽ جيڪي بہ ماڻهو ڏسو، تن کي شاديءَ جي مجلس جي دعوت ڏيو.</verse>
				<verse number="10">۽ اُهي نوڪر شاهي سڙڪن تي ويا، ۽ جيترا ماڻهو چڱا مٺا منهن پين، تن کي آڻي گڏ ڪيائون: سو شاديءَ واري جاءِ مهمانن سان ڀرجي ويئي.</verse>
				<verse number="11">پر جڏهن بادشاهہ مهمانن جي ڏسڻ لاءِ اندر آيو، تڏهن اتي هڪڙو ماڻهو ڏٺائين، جنهن کي شاديءَ جا ڪپڙا پيل ڪين هئا.</verse>
				<verse number="12">۽ انهي کي چيائين تہ ميان، شاديءَ جي ڪپڙن کانسواءِ تون هتي ڪيئن آيو آهين؟ پر هن ڪُڇيو ئي ڪين.</verse>
				<verse number="13">تڏهن بادشاهہ نوڪرن کي چيو تہ هن جا هٿ پير ٻَڌي ٻاهر اونداهيءَ ۾ ڪڍي ڇڏيوس، اتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو سڏيل گهڻا آهن پر چونڊيل آهن ٿورا.</verse>
				<verse number="15">تڏهن فريسي وڃي صلاح ڪرڻ لڳا تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي ڳالهائڻ ۾ ڦاسايون.</verse>
				<verse number="16">۽ انهن پنهنجن شاگردن کي هيرودين سان گڏي ڏانهنس موڪليو، جن وڃي چيس تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون سچو آهين، ۽ خدا جو رستو سچائيءَ سان ٿو سيکارين، ۽ ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿو رکين، ڇالاءِ جو تون ماڻهن جو لحاظ نٿو ڪرين.</verse>
				<verse number="17">تنهنڪري اسان کي ٻڌاءِ تہ تون ڪيئن ٿو ڀانئين؟ قيصر کي ڍل ڏيڻ واجب آهي يا نہ؟</verse>
				<verse number="18">پر يسوع هنن جي بدنيتي سهي ڪري چيو تہ اي رياڪارو، اوهين ڇو ٿا مون کي آزمايو؟</verse>
				<verse number="19">مون کي ڍل جو سڪو ڏيکاريو. ۽ هو وٽس هڪڙو دينار کڻي آيا.</verse>
				<verse number="20">۽ هن کين چيو تہ هي شڪل ۽ هي اکر ڪنهن جا آهن؟</verse>
				<verse number="21">هنن چيس تہ قيصر جا آهن؛ تڏهن چيائين تہ چڱو جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو، ۽ جيڪي خدا جو آهي، سو خدا کي.</verse>
				<verse number="22">۽ جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن عجب ۾ پئجي ويا ۽ هن کي ڇڏي هليا ويا.</verse>
				<verse number="23">انهي ڏينهن وٽس صدوقي آيا، جي چوندا آهن تہ قيامت آهي ئي ڪين: ۽ انهن کانئس پڇيو تہ</verse>
				<verse number="24">اي اُستاد، موسيٰ چيو آهي تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو مري وڃي ۽ اولاد ڪونہ هجيس، تہ انهي جو ڀاءُ سندس زال پرڻجي، ۽ پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.</verse>
				<verse number="25">هاڻي اسان وٽ هڪڙا ست ڀائر هئا، ۽ پهريون پرڻيو، ۽ مري ويو، ۽ اولاد نہ هئڻ ڪري پنهنجي زال ڀاءُ لاءِ ڇڏي ويو،</verse>
				<verse number="26">۽ ٻيو بہ اهڙيءَ طرح، ۽ ٽئين کان وٺي ستين تائين بہ انهي طرح.</verse>
				<verse number="27">انهن سڀني کان پوءِ اُها زال بہ مري ويئي.</verse>
				<verse number="28">تنهنڪري قيامت ۾ اُها زال انهن ستن ئي مان ڪنهن جي ٿيندي؟ ڇالاءِ جو سڀني وٽ رهي هئي.</verse>
				<verse number="29">پر يسوع ورندي ڏيئي چين تہ اوهين ڀلجو ٿا، جو نڪي پاڪ ڪتابن کي ڄاڻو ٿا، نڪي خدا جي قدرت کي.</verse>
				<verse number="30">ڇالاءِ جو قيامت ۾ ماڻهو نڪي پرڻبا، نڪي پرڻائبا، پر جيئن بهشت ۾ ملائڪ آهن تيئن ٿيندا.</verse>
				<verse number="31">پر جيڪي مري ويا آهن، تن جي جي اُٿڻ بابت جيڪي خدا اوهان کي فرمايو آهي، سو نہ پڙهيو اٿوَ ڇا تہ</verse>
				<verse number="32">”آئون ابراهيم جو خدا، اسحاق جو خدا آهيان؟“ خدا مئلن جو نہ، پر جيئرن جو خدا آهي.</verse>
				<verse number="33">۽ جڏهن ماڻهن اهو ٻُڌو، تڏهن هن جي تعليم ڪري عجب ۾ پئجي ويا.</verse>
				<verse number="34">پر جڏهن فريسين ٻڌو تہ هن صدوقين کي لاجواب ڪري ڇڏيو، تڏهن هو پاڻ ۾ گڏ ٿيا،</verse>
				<verse number="35">۽ منجهانئن هڪڙو شريعت جو عالم هو، تنهن کيس آزمائڻ لاءِ کانئس هڪڙو سوال پڇيو تہ</verse>
				<verse number="36">اي اُستاد، شريعت ۾ وڏو حڪم ڪهڙو آهي؟</verse>
				<verse number="37">هن چيس، تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجيءَ ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجيءَ ساريءَ جان سان، ۽ پنهنجي ساري عقل سان پيار ڪر.</verse>
				<verse number="38">اهو وڏو ۽ پهريون حڪم آهي.</verse>
				<verse number="39">۽ ٻيو انهي جهڙو هي آهي تہ تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر.</verse>
				<verse number="40">انهن ٻنهي حڪمن تي ساري توريت ۽ نبين جي ڪتابن جو مدار آهي.</verse>
				<verse number="41">هاڻي جڏهن فريسي گڏ ٿيا ويٺا هئا، تڏهن يسوع انهن کان هڪڙو سوال پڇيو تہ</verse>
				<verse number="42">مسيح بابت اوهين ڇا ٿا ڀانئيو؟ اُهو ڪنهن جو پٽ آهي؟ هنن چيس، تہ دائود جو.</verse>
				<verse number="43">هن چين تہ تڏهن ڪيئن دائود روح جي هدايت سان هن کي خداوند ٿو سڏي، جو چوي ٿو تہ</verse>
				<verse number="44">”خداوند، منهنجي خداوند کي چيو تہ تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيسين ڪ آئون تنهنجي دشمنن کي تنهنجن پيرن هيٺ ڪريان؟“</verse>
				<verse number="45">جيڪڏهن دائود هن کي خداوند ڪري ٿو سڏي، تڏهن ڪيئن هو سندس پٽ ٿيو؟</verse>
				<verse number="46">۽ ڪوبہ هن کي ورنديءَ ۾ هڪڙو اکر بہ چئي نہ سگهيو، نڪي وري انهي ڏينهن کان وٺي ڪنهن ماڻهوءَ کي کانئس وڌيڪ سوال پڇڻ جي همت ٿي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="23">
				<verse number="1">تڏهن يسوع ميڙاڪن ۽ پنهنجن شاگردن کي چيو تہ</verse>
				<verse number="2">فقيهہ ۽ فريسي موسيٰ جي گاديءَ تي ويٺا آهن:</verse>
				<verse number="3">تنهنڪري سڀ جيڪي هو اوهان کي ڪرڻ لاءِ چون، سو ڪريو ۽ عمل ۾ آڻيو: پر هنن جهڙا ڪم نہ ڪريو؛ ڇالاءِ جو جيئن هو چون ٿا، تيئن ڪن ڪين ٿا.</verse>
				<verse number="4">هائو، هو ڳريون ڀريون ٿا ٻَڌن، جي کڻڻ مشڪل آهن، ۽ اُهي ماڻهن جي ڪلهن تي کنيو رکن؛ پر پاڻ انهن کي آڱر سان بہ ڪين ٿا چورين.</verse>
				<verse number="5">پر هو پنهنجا سڀ ڪم ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ ٿا ڪن: ڇالاءِ جو هو پنهنجا تعويذ وڏا ٿا ڪن، ۽ پنهنجن قبائن جون دامنيون ڪشاديون ٿا ڪن،</verse>
				<verse number="6">۽ مجلس ۾ خاص جڳهون، ۽ عبادتگاهن ۾ اعليٰ درجي جون جايون پسند ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="7">۽ کين وڻي ٿو تہ ماڻهو اسان کي بازارن ۾ سلام ۽ ربي ڪري سڏين.</verse>
				<verse number="8">پر اوهين پاڻ کي ربي متان سڏايو، ڇالاءِ جو اوهان جو اُستاد هڪڙو آهي، ۽ اوهين سڀيئي ڀائر آهيو.</verse>
				<verse number="9">۽ زمين تي ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي پيءُ ڪري متان سڏيو، ڇالاءِ جو اوهان جو پيءُ هڪڙو آهي، جو آسمان ۾ آهي.</verse>
				<verse number="10">نڪي پاڻ کي هادي سڏائجو، ڇالاءِ جو اوهان جو هادي هڪڙو آهي، يعني مسيح.</verse>
				<verse number="11">پر جيڪو اوهان ۾ سڀ کان وڏو آهي سو اوهان جو خادم ٿيندو.</verse>
				<verse number="12">۽ جيڪو پاڻ کي مٿي ڪندو سو هيٺ ڪيو ويندو، ۽ جيڪو پاڻ کي هيٺ ڪندو سو مٿي ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="13">پر افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين آسمان جي بادشاهت ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو، جو نڪي اوهين پاڻ ٿا اندر وڃو، نڪي جيڪي اندر وڃن ٿا، تن کي گهڙڻ ٿا ڏيو.</verse>
				<verse number="14">(افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! جو اوهين بيوهہ زالن جي گهرن کي هضم ٿا ڪريو ۽ ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ ڊگهيون ڊگهيون دعائون ٿا گهرو. اوهان کي وڌيڪ سزا ملندي.)</verse>
				<verse number="15">افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين هڪڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي دين ۾ آڻڻ لاءِ سمنڊ ۽ سُڪي لتاڙي ٿا وڃو، ۽ جڏهن هو اوهان جي دين ۾ شريڪ ٿو ٿئي، تڏهن هن کي پاڻ کان ٻيڻو جهنم جو ٻار ٿا بڻايو.</verse>
				<verse number="16">افسوس آهي اوهان لاءِ، اي انڌا سونهان، جو چئو ٿا تہ جيڪو هيڪل جو قسم کڻندو سو ٻڌل آهي.</verse>
				<verse number="17">بيوَقوف ۽ انڌا؛ ٻنهي مان ڪهڙو وڏو آهي، سون يا هيڪل، جنهن انهي سون کي پاڪ ڪيو آهي؟</verse>
				<verse number="18">۽ چئو ٿا، تہ جيڪو قربانگاهہ جو قسم کڻندو تنهن لاءِ فڪر ڪونهي، پر جيڪو انهي تي رکيل نذر جو قسم کڻندو سو قرضي آهي.</verse>
				<verse number="19">انڌا، ٻنهي مان ڪهڙو وڏو آهي، نذر، يا قربانگاهہ جا نذر کي پاڪ ٿي ڪري؟</verse>
				<verse number="20">تنهنڪري جيڪو قربانگاهہ جو قسم ٿو کڻي سو انهيءَ جو، ۽ جيڪي شيون مٿس رکيل آهن تن سڀني جو قسم ٿو کڻي.</verse>
				<verse number="21">۽ جيڪو هيڪل جو قسم ٿو کڻي سو انهيءَ جو، ۽ جيڪو انهيءَ ۾ رهي ٿو تنهن جو قسم ٿو کڻي.</verse>
				<verse number="22">۽ جيڪو آسمان جو قسم ٿو کڻي سو خدا جي تخت جو، ۽ جيڪو انهي تي ويٺل آهي تنهن جو قسم ٿو کڻي.</verse>
				<verse number="23">افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين ڦودني ۽ سونف ۽ جِيري تي تہ ڏهون حصو ٿا ڏيو، پر جيڪي شريعت جون انهي کان ڳريون ڳالهيون آهن، يعني انصاف ۽ رحم ۽ ايمان، تن کي ڇڏي ڏنو اٿوَ: پر اِهي تہ اوهان کي ڪرڻ گهربيون هيون، ۽ هو ٻيون بہ ڇڏي ڏيڻ نہ کپنديون هيون.</verse>
				<verse number="24">اي انڌا سونهان، اوهين مڇر تہ ڇاڻي ٿا ڪڍو، پر اُٺ ڳهيو ٿا وڃو.</verse>
				<verse number="25">افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو ٻاهريون پاسو ملي صاف ٿا ڪريو، پر اندران اُهي ظلم ۽ زبردستيءَ سان ڀريون پيون آهن.</verse>
				<verse number="26">اي انڌا فريسي، پهرين وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو اندريون پاسو ملي صاف ڪر، تہ پوءِ انهن جو ٻاهريون پاسو بہ صاف ٿي پوندو.</verse>
				<verse number="27">افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين انهن قبرن وانگر آهيو، جن تي سيڙهي لڳل آهي، جي ٻاهران سهڻيون ٿيون ڏسجن، مگر اندران اُهي مڙدن جي هڏن ۽ هر طرح جي گندگيءَ سان ڀريون پيون آهن.</verse>
				<verse number="28">ساڳيو انهي طرح اوهين بہ ٻاهران ماڻهن کي نيڪ ڏسڻ ۾ ٿا اچو، مگر اندران مڪر ۽ بدڪاريءَ سان ڀريا پيا آهيو.</verse>
				<verse number="29">افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين نبين جون قبرون ٿا جوڙيو، ۽ راستبازن جون تربتون ٿا سينگاريو،</verse>
				<verse number="30">۽ چئو ٿا تہ جي اسين پنهنجن ابن ڏاڏن جي ڏينهن ۾ هجون ها تہ جيڪر نبين جي خون ۾ اُنهن سان شامل نہ ٿيون ها.</verse>
				<verse number="31">انهي ڪري اوهين پاڻ تي شاهدي ٿا ڀريو، تہ جن نبين کي قتل ڪيو، تن جا اسين ٻار آهيون.</verse>
				<verse number="32">سو اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جو ماڻ ڀري ٽمٽار ڪريو.</verse>
				<verse number="33">اي بريون بلائون، ۽ نانگن جا ٻچا، اوهين جهنم جي سزا کان ڪيئن ڇُٽندا؟</verse>
				<verse number="34">تنهنڪري ڏسو، آئون اوهان ڏانهن نبي ۽ داناءَ ماڻهو ۽ فقيهہ موڪليان ٿو: انهن مان ڪن کي اوهين قتل ڪندا ۽ صليب تي چاڙهيندا، ۽ ڪن کي اوهين پنهنجين عبادتگاهن ۾ چهبڪ هڻندا، ۽ شهر شهر ستائيندا وتندا.</verse>
				<verse number="35">انهيءَ لاءِ تہ سڀني راستبازن جو رت، جو زمين تي وهايو ويو هو، يعني راستباز هابيل جي رت کان وٺي، برڪياہ جي پٽ ذڪرياہ جي رت تائين، جنهن کي اوهان پاڪ جاءِ ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾ قتل ڪيو، سو سڀ اوهان جي گردن تي پوي.</verse>
				<verse number="36">آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اهي سڀ ڳالهيون هن پيڙهيءَ تي اينديون.</verse>
				<verse number="37">اي يروشلم، اي يروشلم، تون جو نبين کي قتل ٿو ڪرين، ۽ جيڪي تو ڏانهن موڪليا وڃن ٿا، تن کي سنگسار ٿو ڪرين ۽ جيئن ڪڪڙ پنهنجن ٻچن کي پنهنجن کنڀن هيٺ گڏ ڪندي آهي، تيئن ڪيترا نہ ڀيرا مون تنهنجن ٻچن کي گڏ ڪرڻ ٿي گهريو، پر اوهان نہ مڃيو!</verse>
				<verse number="38">ڏسو اوهان جو گهر ويران ٿيو پيو اٿوَ.</verse>
				<verse number="39">ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ اوهين هن کان پوءِ مون کي تيسين نہ ڏسندا، جيسين ڪ چوندا تہ اُهو مبارڪ آهي، جو خداوند جي نالي تي ٿو اچي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="24">
				<verse number="1">پوءِ يسوع هيڪل مان نڪتو، ۽ پنهنجو رستو وٺيو پئي ويو، تہ سندس شاگرد کيس هيڪل جون عمارتون ڏيکارڻ لاءِ وٽس آيا.</verse>
				<verse number="2">پر هن ورندي ڏيئي چين تہ هي سڀ شيون اوهين ڏسو ٿا؟ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هتي پهڻ پهڻ تي نہ رهندو جو ڊاٺو نہ ويندو.</verse>
				<verse number="3">۽ جڏهن هو زيتونن جي ٽڪر تي ويٺو هو، تڏهن شاگردن وٽس خلاصو اچي کيس چيو، تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون؟ ۽ تنهنجي اچڻ جي، ۽ دنيا جي پڄاڻيءَ جي ڪهڙي نشاني ٿيندي؟</verse>
				<verse number="4">۽ يسوع ورندي ڏيئي هنن کي چيو، تہ خبردار ٿجو، متان ڪو اوهان کي گمراهہ ڪري.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو گهڻا ئي منهنجي نالي سان ايندا، ۽ چوندا تہ آئون مسيح آهيان، ۽ ڪيترن ئي کي گمراهہ ڪندا.</verse>
				<verse number="6">۽ اوهين جنگين جون ڳالهيون، ۽ جنگين جا افواہ ٻڌندا: ڏسو، گهٻرائجي نہ وڃجو: ڇالاءِ جو اهي ڳالهيون ضرور ٿينديون؛ پر اڃا پڄاڻي نہ آئي آهي.</verse>
				<verse number="7">ڇوتہ قوم قوم تي، ۽ بادشاهت بادشاهت تي چڙهائي ڪندي؛ ۽ ڪيترن ئي هنڌ ڏڪار پوندا، ۽ زلزلا ٿيندا.</verse>
				<verse number="8">پر اهي سڀ ڳالهيون مصيبتن جي شروعات آهن.</verse>
				<verse number="9">انهيءَ وقت هو اوهان کي عذابن ڏيڻ لاءِ ٻين جي حوالي ڪندا، ۽ سڀ قومون منهنجي نالي ڪري اوهان سان عداوت رکنديون.</verse>
				<verse number="10">تڏهن گهڻا ئي گمراهہ ٿيندا، ۽ هڪ ٻئي کي جهلائيندا، ۽ هڪ ٻئي سان عداوت رکندا.</verse>
				<verse number="11">۽ گهڻا ئي ڪوڙا نبي اُٿندا، ۽ ڪيترن ئي کي گمراهہ ڪندا.</verse>
				<verse number="12">۽ بي ديني وڌي ويندي، تنهنڪري گهڻن جي محبت گهٽجي ويندي.</verse>
				<verse number="13">پر جيڪو توڙ تائين قائم رهندو سو ئي بچندو.</verse>
				<verse number="14">۽ بادشاهت جي هن خوشخبريءَ جي منادي ساري دنيا ۾ ڪئي ويندي، تہ سڀني قومن جي لاءِ شاهدي ٿئي؛ تنهن کانپوءِ پڄاڻي ٿيندي.</verse>
				<verse number="15">تنهنڪري جڏهن اوهين ڏسو، تہ اُها ويران ڪندڙ ۽ بڇان ڏيندڙ شيءِ پاڪ جاءِ ۾ بيٺي آهي جنهن بابت داني ايل نبي چئي ويو آهي، (جيڪو پڙهي سو ڀلي سمجهي)،</verse>
				<verse number="16">تڏهن جيڪي يهوديہ ۾ هجن، سي جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن.</verse>
				<verse number="17">جيڪو کڏ تي هجي سو پنهنجي گهر مان سامان ڪڍڻ لاءِ هيٺ نہ لهي:</verse>
				<verse number="18">۽ جيڪو ٻنيءَ ۾ هجي سو پنهنجو ڪپڙو کڻڻ لاءِ نہ موٽي.</verse>
				<verse number="19">پر افسوس آهي اُنهن لاءِ، جي پيٽ سان هونديون، ۽ اُنهن لاءِ، جن کي ٻار ٿڻن تي هوندا!</verse>
				<verse number="20">۽ اوهين دعا گهرو تہ اوهان جو ڀڄڻ سياري ۾ نہ ٿئي، نڪي سبت جي ڏينهن ٿئي.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو تڏهن وڏي مصيبت ايندي. اهڙي جا دنيا جي شروعات کان وٺي اڄ تائين ڪانہ آئي ۽ نہ ڪڏهن ايندي.</verse>
				<verse number="22">۽ جيڪڏهن اُهي ڏينهن گهٽايا نہ وڃن ها تہ جيڪر ڪوبہ انسان نہ بچي ها، پر چونڊيلن جي خاطر اُهي ڏينهن گهٽايا ويندا.</verse>
				<verse number="23">سو جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان کي کڻي چوي تہ ڏسو، اِجهو مسيح هِتي آهي، يا اِجهو هُتي آهي تہ متان اعتبار ڪريو.</verse>
				<verse number="24">ڇالاءِ جو ڪوڙا مسيح، ۽ ڪوڙا نبي اُٿندا، ۽ وڏيون نشانيون ۽ عجب ڪم ڏيکاريندا؛ انهي لاءِ تہ جي ٿي سگهي تہ اُنهن چونڊيلن کي گمراهہ ڪن.</verse>
				<verse number="25">ڏسو، مون اوهان کي اڳيئي ٻُڌائي ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="26">تنهنڪري جي هو اوهان کي چون، تہ ڏسو، هو رڻ پٽ ۾ آهي، تہ متان ٻاهر نڪتا آهيو. جي چون تہ ڏسو، هو اندرين ڪوٺين ۾ آهي، تہ متان اعتبار ڪريو.</verse>
				<verse number="27">ڇالاءِ تہ جيئن وڄ اُڀرندي کان کنوندي الهندي تائين چمڪاٽ ڪندي آهي، تيئن ابن آدم جو بہ اچڻ ٿيندو.</verse>
				<verse number="28">جتي ڍونڍ هوندو، ڳِجهون بہ اُتي ئي گڏ ٿينديون.</verse>
				<verse number="29">پر انهن ڏينهن جي مصيبت کانپوءِ هڪدم سج اونداهو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشني نہ ڏيندو، ۽ تارا آسمان مان ڪِري پوندا، ۽ آسمان جون طاقتون لُڏي وينديون.</verse>
				<verse number="30">۽ اُنهي وقت ابن آدم جي نشاني آسمان ۾ ظاهر ٿيندي: ۽ اُنهي مهل زمين جون سڀ قومون افسوس ڪنديون، ۽ اُهي ابن آدم کي قدرت ۽ وڏي شان ۽ شوڪت سان آسمان جي ڪڪرن ۾ ايندو ڏسنديون.</verse>
				<verse number="31">۽ هو تُريءَ جي وڏي آواز سان پنهنجا ملائڪ موڪليندو، ۽ اُهي آسمان جي هڪڙيءَ حد کان ٻيءَ حد تائين چئني ڪنڊن مان هن جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪندا.</verse>
				<verse number="32">هاڻي انجير جي وڻ مان سندس مثال سکو: جڏهن هن جي ٽاري نرم ٿي آهي ۽ پن ٿي ڪڍي، تڏهن اوهان کي خبر ٿي پوي تہ اونهارو ويجهو آهي.</verse>
				<verse number="33">ساڳيو انهيءَ طرح جڏهن هي سڀ ڳالهيون ڏسو، تڏهن اوهين بہ ڄاڻجو تہ هو ويجهو آهي، ڄڻ تہ در تي اچي بيٺو آهي.</verse>
				<verse number="34">آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جيسين هي سڀ ڳالهيون پوريون نہ ٿينديون، تيسين هيءَ پيڙهي گذري نہ ويندي.</verse>
				<verse number="35">آسمان ۽ زمين ٽري ويندا، پر منهنجو ڪلام ڪڏهن ڪين ٽرندو.</verse>
				<verse number="36">پر اُنهي ڏينهن يا گهڙيءَ جي ڪنهن کي بہ خبر ڪانهي، نڪا آسمان جي ملائڪن کي، نہ پٽ کي، پر رڳو پيءُ کي آهي.</verse>
				<verse number="37">۽ جيئن نوح جي ڏينهن ۾ ٿيو، تيئن ابن آدم جو بہ اچڻ ٿيندو.</verse>
				<verse number="38">ڇالاءِ جو جيئن ٻوڏ کان اڳ وارن ڏينهن ۾ ماڻهو کائيندا پيئندا هئا، ۽ پرڻبا ۽ پرڻائيندا هئا، جيسين ڪ اُهو ڏينهن آيو، جڏهن نوح ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو،</verse>
				<verse number="39">۽ جيسين ڪ ٻوڏ آئي ۽ انهن سڀني کي لوڙهي ويئي، تيسين انهن کي خبر ڪانہ هئي، تيئن ابن آدم جو بہ اچڻ ٿيندو.</verse>
				<verse number="40">اُنهي وقت ٻہ ڄڻا ٻنيءَ ۾ هوندا؛ هڪڙو کڄي ويندو ۽ ٻيو رهجي ويندو.</verse>
				<verse number="41">ٻہ زالون ويٺيون جنڊ پيهنديون؛ هڪڙي کڄي ويندي، ۽ ٻي رهجي ويندي.</verse>
				<verse number="42">تنهنڪري سجاڳ رهجو؛ ڇالاءِ جو اوهان کي خبر ڪانهي تہ ڪهڙي ڏينهن اوهان جو خداوند ايندو.</verse>
				<verse number="43">پر هيترو ڄاڻجو تہ جيڪڏهن گهر جي مالڪ کي خبر هجي ها تہ ڪهڙي پهر ۾ چور ايندو تہ جيڪر هو سجاڳ رهي ها، ۽ پنهنجي گهر کي کاٽ لڳڻ نہ ڏئي ها.</verse>
				<verse number="44">تنهنڪري اوهين بہ تيار رهو، ڇالاءِ جو جنهن گهڙيءَ جو اوهان کي خيال ئي ڪونہ هوندو، اُنهيءَ ۾ ابن آدم ايندو.</verse>
				<verse number="45">تڏهن اُهو ايماندار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس ڌڻي پنهنجن نوڪرن چاڪرن جي مٿان رکي وڃي، تہ انهن کي مهل سر کاڌو پيتو رسائي؟</verse>
				<verse number="46">مبارڪ آهي اُهو نوڪر، جنهن کي سندس ڌڻي جڏهن اچي، تڏهن ائين ڪندو ڏسي.</verse>
				<verse number="47">آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هو هن کي پنهنجي ساريءَ ملڪيت جو مختيار ڪندو.</verse>
				<verse number="48">پر جيڪڏهن اُهو خراب نوڪر پنهنجي دل ۾ چوندو، تہ منهنجي ڌڻيءَ اچڻ ۾ دير ڪئي آهي؛</verse>
				<verse number="49">۽ پنهنجن هم شريڪ نوڪرن کي مارڻ ڪُٽڻ لڳندو، ۽ شرابين سان گڏ کائيندو پيئندو؛</verse>
				<verse number="50">تہ انهي نوڪر جو ڌڻي اهڙي ڏينهن اچي سهڙندو، جنهن جو هن کي خيال بہ ڪونہ هوندو، ۽ هو اهڙيءَ گهڙيءَ ۾ ايندو، جنهن جي هن کي خبر ئي ڪانہ هوندي.</verse>
				<verse number="51">۽ انهي کي سخت عذاب ڏيئي، کيس رياڪارن سان شامل ڪندو: ۽ اتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="25">
				<verse number="1">تڏهن آسمان جي بادشاهت ڏهن ڪنوارين جي مثل آهي، جي ڏياٽيون کڻي گهوٽ کي گڏجڻ لاءِ نڪتيون.</verse>
				<verse number="2">۽ منجهانئن پنج اياڻيون هيون ۽ پنج سياڻيون.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو اياڻين جڏهن پنهنجون ڏياٽيون کنيون، تڏهن پاڻ سان تيل ڪونہ کنيائون.</verse>
				<verse number="4">پر سياڻين پنهنجين ڏياٽين سان گڏ پنهنجين ڪُپين ۾ تيل بہ کنيو.</verse>
				<verse number="5">هاڻي جيسين گهوٽ اچڻ ۾ دير لاتي، تيسين هنن کي ننڊ اچڻ لڳي، ۽ سمهي پيون.</verse>
				<verse number="6">پر اڌ رات جو هُل ٿيو تہ ڏسو گهوٽ ٿو اچي! نڪري اچي کيس گڏجو.</verse>
				<verse number="7">تنهن تي اُهي سڀ ڪنواريون اُٿيون ۽ پنهنجون ڏياٽيون تيار ڪيائون.</verse>
				<verse number="8">۽ اياڻين سياڻين کي چيو تہ پنهنجي تيل مان ڪجهہ اسان کي بہ ڏيو، ڇالاءِ جو اسان جون ڏياٽيون ٿيون اُجهامن.</verse>
				<verse number="9">پر سياڻين ورندي ڏيئي چيو، تہ متان اسان ۽ اوهان لاءِ پورو نہ ٿئي، تنهن کان بهتر آهي تہ وڃي دڪاندارن کان پنهنجي لاءِ خريد ڪري اچو.</verse>
				<verse number="10">۽ جيسين هو خريد ڪرڻ ويون، تيسين گهوٽ اچي سهڙيو، ۽ جيڪي تيار هيون، سي هن سان گڏجي شاديءَ جي مجلس ۾ ويون، ۽ در بند ٿي ويو.</verse>
				<verse number="11">تنهن کانپوءِ هو ٻيون ڪنئاريون بہ آيون، ۽ چوڻ لڳيون تہ اي خداوند اسان لاءِ در پَٽ.</verse>
				<verse number="12">پر هن ورندي ڏيئي چيو تہ، آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ آئون اوهان کي سڃاڻان ئي ڪين.</verse>
				<verse number="13">تنهنڪري سجاڳ رهو، ڇالاءِ جو اوهان کي انهي ڏينهن ۽ گهڙيءَ جي خبر ڪانهي.</verse>
				<verse number="14">ڇو تہ اهو هن ماڻهو وانگر آهي، جو ٻئي ملڪ ۾ ٿي ويو، ۽ پنهنجن نوڪرن کي سڏي پنهنجو مال ملڪيت اُنهن جي حوالي ڪيائين.</verse>
				<verse number="15">۽ هڪڙي کي هن پنج قنطار ڏنا، ٻئي کي ٻہ، ۽ ٽئين کي هڪڙو: هرهڪ کي سندس لياقت آهر: پوءِ پاڻ مسافريءَ تي ويو.</verse>
				<verse number="16">جنهن کي پنج قنطار مليا هئا، تنهن يڪدم وڃي انهن سان واپار هلايو، ۽ ٻيا پنج قنطار بہ ڪمايائين.</verse>
				<verse number="17">ساڳيءَ طرح جنهن کي ٻہ قنطار مليا هئا، تنهن بہ ٻيا ٻہ ڪمايا.</verse>
				<verse number="18">پر جنهن کي هڪڙو مليو هو، تنهن وڃي زمين ۾ کڏ کوٽي، پنهنجي ڌڻيءَ وارا پئسا لڪائي ڇڏيا.</verse>
				<verse number="19">هاڻي گهڻي وقت کانپوءِ اُنهن نوڪرن جو ڌڻي آيو، ۽ ساڻن ليکو لاهڻ لڳو.</verse>
				<verse number="20">۽ جنهن کي پنج قنطار مليا هئا، سو ٻيا پنج قنطار بہ کڻي آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ سائين، تو مون کي پنج قنطار ڏنا هئا: اِجهي پنج قنطار ٻيا بہ مون ڪمايا آهن.</verse>
				<verse number="21">سندس ڌڻيءَ کيس چيو تہ شاباس اٿيئي اي نيڪ ۽ ايماندار نوڪر: تون ٿوري ۾ ايماندار رهيو آهين، سو آئون توکي گهڻي جو مختيار ڪندس: تون پنهنجي ڌڻيءَ جي خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيءُ.</verse>
				<verse number="22">۽ جنهن کي ٻہ قنطار مليا هئا، تنهن بہ اچي چيو تہ سائين، تو مون کي ٻہ قنطار ڏنا هئا: اِجهي ٻہ ٻيا قنطار جي مون ڪمايا آهن.</verse>
				<verse number="23">سندس ڌڻيءَ چيس تہ شاباس اٿيئي، اي نيڪ ۽ ايماندار نوڪر: تون ٿوري ۾ ايماندار رهيو آهين، سو آئون توکي گهڻي جو مختيار ڪندس: تون پنهنجي ڌڻيءَ جي خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيءُ.</verse>
				<verse number="24">۽ جنهن کي هڪڙو قنطار مليو هو، تنهن بہ اچي چيس، تہ سائين، مون کي تنهنجي خبر هئي تہ تون سخت ماڻهو آهين، جتي تو پوکيو ئي ڪونهي اُتي لڻندو آهين، ۽ جتي تو ڇَٽيو ئي ڪونهي، اُتي گڏ ڪندو آهين:</verse>
				<verse number="25">سو مون کي ڊپ ٿيو، تنهنڪري مون وڃي تنهنجو قنطار زمين ۾ لڪائي ڇڏيو: اِجها پنهنجي شيءِ موٽائي وٺ.</verse>
				<verse number="26">پر سندس ڌڻيءَ ورندي ڏيئي چيس، تہ اي بڇڙا ۽ سست نوڪر، توکي خبر هئي تہ جتي نہ پوکيو اٿم اُتي گڏ ڪندو آهيان؛</verse>
				<verse number="27">تڏهن توکي گهربو هو تہ منهنجا پئسا صرافن وٽ رکين ها، تہ موٽي اچڻ مهل جيڪر آئون پنهنجي رقم وياج سوڌي اچي وٺان ها.</verse>
				<verse number="28">تنهنڪري اوهين هن کان اهو قنطار کسي وٺو، ۽ جنهن وٽ ڏهہ قنطار آهن انهي کي ڏيو.</verse>
				<verse number="29">ڇالاءِ جو جنهن وٽ ڪي آهي، تنهن کي ٻيو بہ ڏيو، ۽ انهي وٽ ججهو ئي گڏ ٿيندو: پر جنهن وٽ ڪي ڪينهي، تنهن کان پاڻ جيڪي وٽس آهي سو بہ کسي وٺبو.</verse>
				<verse number="30">۽ اوهين هن نڪمي نوڪر کي ٻاهر اونداهيءَ ۾ ڪڍي ڇڏيو: اُتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.</verse>
				<verse number="31">پر جڏهن ابن آدم پنهنجي جلال ۾ ايندو، ۽ سڀ ملائڪ بہ ساڻس هوندا، تڏهن هو پنهنجي جلال جي تخت تي اچي ويهندو.</verse>
				<verse number="32">۽ سڀني قومن کي آڻي هن جي اڳيان گڏ ڪندا، ۽ هو اُنهن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪندو، جهڙيءَ طرح ڪ ريڍار رڍن کي ٻڪرين کان ڌار ڪندو آهي:</verse>
				<verse number="33">۽ هو رڍن کي پنهنجي ساڄي پاسي بيهاريندو، پر ٻڪرين کي کٻي پاسي.</verse>
				<verse number="34">انهي وقت بادشاهہ ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ اي منهنجي پيءُ جا سڳورا اچو ۽ جيڪا بادشاهت دنيا جي شروعات کان ئي اوهان جي لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي سا ورثي ۾ وٺو:</verse>
				<verse number="35">ڇالاءِ جو آئون بکايل هوس ۽ اوهان مون کي کاڌو ڏنو: آئون اُڃايل هوس، ۽ اوهان مون کي پاڻي پياريو: آئون پرديسي هوس، اوهان مون کي جاءِ ڏني:</verse>
				<verse number="36">اُگهاڙو هوس ۽ اوهان مون کي ڪپڙو ڍڪايو: آئون بيمار هوس ۽ اوهين مون کي پڇڻ آيا: آئون قيد ۾ هوس ۽ اوهين مون وٽ پير ڀري آيا.</verse>
				<verse number="37">تڏهن اُهي راستباز ورندي ڏيئي چوندس، تہ اي خداوند اسان ڪڏهن توکي بکايل ڏسي کاڌو ڏنو؟ يا اُڃايل ڏسي پاڻي پياريو؟</verse>
				<verse number="38">۽ اسان ڪڏهن توکي پرديسي ڏسي جاءِ ڏني يا اُگهاڙو ڏسي ڪپڙو ڍڪايو؟</verse>
				<verse number="39">۽ اسين ڪڏهن توکي بيمار يا قيد ۾ ڏسي تو وٽ پير ڀري آياسين؟</verse>
				<verse number="40">۽ بادشاهہ ورندي ڏيئي چوندن تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جڏهن اوهان منهنجن هنن ڀائرن مان سڀ کان ننڍي سان ائين ڪيو، تہ مون سان ائين ڪيو.</verse>
				<verse number="41">تڏهن وري هو کٻي پاسي وارن کي چوندو تہ اي ملعونو، مون وٽان ٽري وڃو، ۽ وڃي هميشہ جي باهہ ۾ پئو، جا شيطان ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي.</verse>
				<verse number="42">ڇالاءِ جو آئون بکايل هوس، پر اوهان مون کي کاڌو نہ ڏنو: آئون اُڃايل هوس پر اوهان مون کي پاڻي نہ پياريو:</verse>
				<verse number="43">آئون پرديسي هوس پر اوهان مون کي جاءِ نہ ڏني؛ اُگهاڙو هوس پر اوهان مون کي ڪپڙو نہ ڍڪايو؛ بيمار ۽ قيد ۾ هوس پر اوهين مون وٽ پير ڀري نہ آيا.</verse>
				<verse number="44">تڏهن اُهي بہ ورندي ڏيئي چوندا، تہ اي خداوند، اسان ڪڏهن توکي بکايل، يا اُڃايل، يا پرديسي، يا اُگهاڙو، يا بيمار، يا قيد ۾ ڏٺو جو تنهنجي خدمت نہ ڪئي سون؟</verse>
				<verse number="45">تڏهن هو وراڻي ڏيئي چوندن، تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جڏهن اوهان هنن مان سڀ کان ننڍي سان ائين نہ ڪيو، تہ اوهان مون سان بہ ائين نہ ڪيو.</verse>
				<verse number="46">۽ انهن کي هميشہ جي سزا ملندي: پر راستبازن کي هميشہ جي زندگي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="26">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيو جو جڏهن يسوع هي ڳالهيون ڪري چڪو، تڏهن پنهنجن شاگردن کي چوڻ لڳو تہ</verse>
				<verse number="2">اوهان کي خبر آهي تہ ٻن ڏينهن کانپوءِ فسح جي عيد ايندي، ۽ ابن آدم کي صليب تي چاڙهڻ لاءِ جهلائيندا.</verse>
				<verse number="3">تڏهن سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن جا بزرگ قائفا نالي سردار ڪاهن جي ايوان ۾ اچي گڏ ٿيا؛</verse>
				<verse number="4">۽ انهن پاڻ ۾ گڏجي اها صلاح ڪئي تہ يسوع کي فريب سان ڦاسائي قتل ڪريون.</verse>
				<verse number="5">پر هنن چيو تہ عيد جي ڏينهن نہ، متان اُمت ۾ ڪو گوڙ پيدا ٿئي.</verse>
				<verse number="6">هاڻي جڏهن يسوع بيت عنياہ ۾ شمعون ڪوڙهيءَ جي گهر ۾ هو، ۽ ماني ويٺي کاڌائين،</verse>
				<verse number="7">تڏهن هڪڙي زال سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ قيمتي عطر کڻي وٽس آئي، ۽ اهو سندس مٿي تي اوتيائين.</verse>
				<verse number="8">پر جڏهن شاگردن اهو ڏٺو، تڏهن ڪاوڙجي چوڻ لڳا تہ ڪهڙي سبب ڪري هي زيان ڪيو ويو آهي؟</verse>
				<verse number="9">بلڪ هي عطر ڳچ پئسن تي وڪڻي غريبن کي ڏجي ها.</verse>
				<verse number="10">پر يسوع اها ڳالهہ سهي ڪري چين تہ اوهين هن زال کي ڇو ٿا ستايو؟ ڇالاءِ جو هن مون سان ڀلائي ڪئي آهي؛</verse>
				<verse number="11">غريب تہ هميشہ ئي اوهان وٽ هوندا: پر آئون هميشہ اوهان وٽ نہ هوندس.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ تہ هن جو منهنجي بدن تي هيءُ عطر اوتيو آهي سو منهنجي دفن جي تياريءَ واسطي ائين ڪيو اٿس.</verse>
				<verse number="13">آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جتي ڪٿي بہ ساري دنيا ۾ هن انجيل جي منادي ڪئي ويندي، اُتي جيڪي هن زال ڪيو آهي تنهن جو ذڪر بہ سندس يادگيريءَ لاءِ ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="14">تڏهن ٻارهن ڄڻن مان هڪڙو، جنهن جو نالو يهوداهہ اسڪريوتي هو، تنهن سردار ڪاهنن وٽ وڃي چيو تہ</verse>
				<verse number="15">جي آئون هن کي اوهان جي حوالي ڪريان تہ اوهين مون کي ڇا ڏيندا؟ ۽ هنن کيس ٽيهہ روپيا توري ڏنا.</verse>
				<verse number="16">۽ انهي وقت کان وٺي هن وجهہ پئي ڳوليو تہ ڪيئن کيس انهن جي حوالي ڪريان.</verse>
				<verse number="17">هاڻي فطيري عيد جي پهرئين ڏينهن شاگردن يسوع کي اچي چيو تہ تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي تہ اسين تنهنجي فسح کائڻ لاءِ ڪٿي وڃي تياري ڪريون؟</verse>
				<verse number="18">هن چيو تہ شهر ۾ فلاڻي ماڻهوءَ وٽ وڃو، ۽ چئوس تہ اُستاد ٿو چوي، تہ منهنجو وقت ويجهو آهي؛ آئون پنهنجن شاگردن سوڌو تنهنجي گهر ۾ فسح جي عيد ڪندس.</verse>
				<verse number="19">۽ شاگردن ائين ئي ڪيو جيئن يسوع فرمايو هُئن؛ ۽ هنن فسح جي تياري ڪئي.</verse>
				<verse number="20">هاڻي جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن هو ٻارهن ئي شاگردن سان گڏجي ماني کائڻ ويٺو؛</verse>
				<verse number="21">۽ اڃا کاڌائون ويٺي، تہ هن چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ اوهان مان هڪڙو مون کي جهلائيندو.</verse>
				<verse number="22">تنهن تي هو ڏاڍا غمگين ٿيا، ۽ هڪڙو هڪڙو ڪري چوڻ لڳس تہ اي خداوند آئون آهيان ڇا؟</verse>
				<verse number="23">۽ هن ورندي ڏيئي چيو، تہ جنهن پنهنجو هٿ مون سان گڏ ٿالهيءَ ۾ وڌو آهي سو ئي مون کي جهلائيندو.</verse>
				<verse number="24">ابن آدم بابت جيئن لکيل آهي تيئن هو وڃي ٿو: پر افسوس آهي انهي ماڻهوءَ تي، جنهن جي هٿان ابن آدم جهلائجي ٿو! اهو ماڻهو جي پيدا ئي نہ ٿئي ها تہ چڱو.</verse>
				<verse number="25">۽ يهوداهہ جنهن جهلايس، تنهن ورندي ڏيئي چيو، تہ اي اُستاد، اهو آئون آهيان ڇا؟ هن چيس، تہ تو پاڻهي چئي ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="26">۽ اڃا کاڌائون ئي ويٺي تہ يسوع ماني کنئي، ۽ برڪت گهُري اُها ڀڳائين، ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين، تہ وٺو، کائو، هي منهنجو بدن آهي.</verse>
				<verse number="27">۽ پيالو کڻي، شڪر ڪري هنن کي ڏنائين، ۽ چيائين، تہ اوهين سڀيئي هن مان پيئو؛</verse>
				<verse number="28">ڇالاءِ جو هيءُ عهد جو منهنجو اُهو رت آهي، جو گهڻن جي گناهن جي معافيءَ واسطي وهائجي ٿو.</verse>
				<verse number="29">پر آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ جنهن ڏينهن تائين آئون پنهنجي پيءُ جي بادشاهت ۾ اوهان سان گڏ اهو نئون نہ پيئان، تيسين هيءَ ڊاک جي رس وري ڪڏهن بہ نہ پيئندس.</verse>
				<verse number="30">۽ جڏهن هو زبور ڳائي چڪا تڏهن زيتونن جي جبل ڏانهن هليا ويا.</verse>
				<verse number="31">پوءِ يسوع هنن کي چيو تہ اوهين سڀ اڄ رات منهنجي سبب ڪري ٺوڪر کائيندا: ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”آئون ريڍار کي ماريندس ۽ ڌڻ جون رڍون رلي ڇلي وينديون.“</verse>
				<verse number="32">پر آئون جي اُٿندس، ۽ پوءِ اوهان کان اڳ ۾ گليل ڏانهن ويندس.</verse>
				<verse number="33">تڏهن پطرس ورندي ڏيئي چيس، تہ جي سڀيئي تنهنجي سبب ڪري ٺوڪر کائيندا، تہ بہ آئون ڪڏهن گمراهہ ڪين ٿيندس.</verse>
				<verse number="34">يسوع چيس، تہ آئون توکي سچ ٿو چوان، تہ اڄوڪي رات ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳ ۾ تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين.</verse>
				<verse number="35">پطرس چيس، تہ جي مون کي تو سان گڏ مرڻو پوي تہ بہ آئون تنهنجو انڪار ڪين ڪندس. ۽ ٻين سڀني شاگردن بہ انهيءَ طرح چيو.</verse>
				<verse number="36">پوءِ يسوع هنن سان گڏجي گتسمني نالي هڪڙي هنڌ آيو، ۽ پنهنجن شاگردن کي چيائين تہ اوهين هتي ويهو، جيسين ڪ آئون هوڏانهن وڃي دعا گهران.</verse>
				<verse number="37">۽ هن پطرس ۽ زبديءَ جي ٻن پٽن کي پاڻ سان کنيو، ۽ ڏاڍو غمگين ۽ پريشان ٿيڻ لڳو.</verse>
				<verse number="38">تڏهن هنن کي چيائين، تہ منهنجي جان ڏاڍي ڏک ۾ آهي، ڄڻ تہ موت آيو اٿم: اوهين هتي ترسو ۽ مون سان گڏ جاڳو.</verse>
				<verse number="39">۽ هو ٿورو اڳڀرو هليو، ۽ منهن ڀر ڪِري ۽ دعا گهُري چوڻ لڳو، تہ اي منهنجا ابا، جي ٿي سگهي تہ هيءُ پيالو مون تان ٽري وڃي: انهي هوندي بہ منهنجي مرضي نہ پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.</verse>
				<verse number="40">۽ هو شاگردن وٽ آيو، ۽ انهن کي سمهيل ڏسي پطرس کي چوڻ لڳو تہ هي ڇا، اوهين هڪڙي گهڙي بہ مون سان سجاڳ رهي نہ سگهيا؟</verse>
				<verse number="41">جاڳندا رهو ۽ دعا گهرو، تہ آزمائش ۾ نہ پئو: بيشڪ روح تہ تيار آهي مگر جسم ضعيف آهي.</verse>
				<verse number="42">وري ٻيو ڀيرو هو هليو ويو، ۽ دعا گهري چوڻ لڳو، تہ اي منهنجا ابا، جي هي منهنجي پيئڻ ڌاران ٽري نٿو سگهي، تہ جيئن تنهنجي مرضي آهي تيئن ٿئي.</verse>
				<verse number="43">۽ هو وري آيو ۽ ڏسي تہ اُهي سُتا پيا آهن؛ ڇالاءِ جو اُنهن جون اکيون ننڊاکڙيون هيون.</verse>
				<verse number="44">۽ وري بہ اُنهن کي ڇڏي هليو ويو، ۽ ٽيون ڀيرو بہ دعا گهري اُهي ساڳيا لفظ چيائين.</verse>
				<verse number="45">تنهن کانپوءِ هو شاگردن وٽ آيو ۽ چيائين، تہ هاڻي ڀلي سمهي ننڊون ڪريو ۽ آرام وٺو: ڏسو اُها گهڙي ويجهي آهي جو ابن آدم کي جهلي گنهگارن جي حوالي ڪندا.</verse>
				<verse number="46">اُٿو، هلو تہ هلون: ڏسو جيڪو مون کي جهلائي ٿو، سو اچي پهتو آهي.</verse>
				<verse number="47">۽ اڃا هن ڳالهايو ئي پئي تہ ڏسو، يهوداهہ جو هنن ٻارهن مان هڪڙو هو سو آيو، ۽ ساڻس هڪڙي وڏي جماعت ترارين ۽ لٺين سان هئي، جنهن کي سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن جي بزرگن موڪليو هو.</verse>
				<verse number="48">هاڻي جنهن هن کي جهلايو ٿي، تنهن هنن کي نشاني ڏيئي ڇڏي هئي، تہ جنهن کي آئون چُمان ٿو سو اٿوَ، اُنهي کي جهلجو.</verse>
				<verse number="49">۽ يڪدم هو يسوع وٽ اچي چوڻ لڳو تہ اي ربي، سلام: ۽ چميائينس.</verse>
				<verse number="50">تڏهن يسوع چيس تہ ميان، جنهن ڪم لاءِ آيو آهين سو ڪر. پوءِ هنن اچي يسوع تي هٿ وڌا، ۽ قابو ڪيائونس.</verse>
				<verse number="51">۽ ڏسو، جيڪي يسوع سان هئا، تن مان هڪڙي پنهنجو هٿ ڊگهيريو، ۽ پنهنجي ترار ڪڍندي ئي سردار ڪاهن جي نوڪر کي هنيائين، ۽ ڪن ڪَپي ڇڏيائينس.</verse>
				<verse number="52">تڏهن يسوع اُنهي کي چيو تہ تون پنهنجي ترار ورائي کپ ۾ وجهہ: ڇالاءِ جو جيڪي ترار کڻن ٿا، سي ترار سان ئي چٽ ٿيندا.</verse>
				<verse number="53">يا تون ڀانئين ٿو تہ آئون پنهنجي پيءُ کي عرض ڪري نٿو سگهان ڇا، تہ هو هينئر جو هينئر مون ڏانهن ٻارهن فوجن کان بہ مٿي ملائڪ موڪلي ڏئي؟</verse>
				<verse number="54">تڏهن پاڪ لکيتون ڪيئن پوريون ٿينديون، تہ ائين ضرور ٿيڻ گهرجي؟</verse>
				<verse number="55">اوڏيءَ مهل يسوع ميڙاڪن کي چوڻ لڳو تہ جيئن ڪنهن ڌاڙيل تي ڪاهي اچبو آهي، تيئن اوهين بہ مون کي جهلڻ لاءِ تراريون ۽ لٺيون کڻي آيا آهيو ڇا؟ آئون هر روز هيڪل ۾ ويهي تعليم ڏيندو هوس، ۽ اوهان مون کي ڪين پڪڙيو،</verse>
				<verse number="56">پر هي سڀ انهي ڪري ٿيو آهي تہ نبين جون لکيتون پوريون ٿين. تڏهن سندس سڀ شاگرد کيس ڇڏي ڀڄي ويا.</verse>
				<verse number="57">۽ جن يسوع کي جهليو هو، سي هن کي سردار ڪاهن قائفا جي گهر وٺي ويا، جتي فقيهہ ۽ بزرگ اچي گڏ ٿيا هئا.</verse>
				<verse number="58">پر پطرس سردار ڪاهن جي ايوان تائين پري کان هن جي پٺيان پئي آيو، ۽ اندر گهڙي سپاهين سان گڏ ويهي رهيو، انهي لاءِ تہ ڏسي تہ نيٺ ڇا ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="59">هاڻي سردار ڪاهن ۽ سڄي صدر مجلس، يسوع کي قتل ڪرڻ لاءِ سندس برخلاف ڪوڙي شاهدي ڳولڻ لڳا،</verse>
				<verse number="60">پر نہ ملين؛ جيتوڻيڪ گهڻا ئي ڪوڙا شاهد آيا. نيٺ هڪڙا ٻہ ڄڻا آيا،</verse>
				<verse number="61">۽ چوڻ لڳا تہ هن ماڻهوءَ چيو ٿي تہ آئون خدا جي هيڪل کي ڊاهي وري ٽن ڏينهن ۾ جوڙي ٿو سگهان.</verse>
				<verse number="62">۽ سردار ڪاهن اُٿي بيٺو ۽ چيائينس، تہ تون ڪوبہ جواب نٿو ڏين؟ هي توتي ڪهڙي شاهدي ٿا ڀرين؟</verse>
				<verse number="63">پر يسوع ماٺ ڪري بيهي رهيو، ۽ سردار ڪاهن چيس تہ آئون توکي زندہ خدا جو قسم ٿو ڏيان، تہ تون اسان کي ٻڌاءِ تہ تون خدا جو فرزند مسيح آهين ڇا؟</verse>
				<verse number="64">يسوع چيس تہ تو پاڻهي چئي ڏنو آهي، بلڪ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هن کان پوءِ اوهين ابن آدم کي قادر مطلق جي ساڄي هٿ تي ويٺل، ۽ آسمان جي ڪڪرن تي ايندو ڏسندا.</verse>
				<verse number="65">تڏهن سردار ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چوڻ لڳو تہ هن ڪفر بڪيو آهي: شاهدن جي ٻي اسان کي ڪهڙي گهرج آهي؟ ڏسو، اوهان ڪفر جي ڳالهہ ٻڌي آهي،</verse>
				<verse number="66">هاڻي ڇا ٿا ڀانئيو؟ هنن ورندي ڏيئي چيو تہ هو موت جي لائق آهي.</verse>
				<verse number="67">تڏهن هو مٿس ٿُڪون وجهڻ ۽ ٺونشا هڻڻ لڳا: ۽ ڪي چماٽون هڻي چوڻ لڳس تہ</verse>
				<verse number="68">اي مسيح، اسان کي نبوت ڪري ٻڌاءِ تہ ڪنهن توکي ڌڪ هنيو؟</verse>
				<verse number="69">هاڻي پطرس ٻاهر ايوان ۾ ويٺو هو: ۽ هڪڙيءَ نوڪرياڻيءَ اچي چيس تہ تون بہ هن گليل واري يسوع سان هئين.</verse>
				<verse number="70">پر هو سڀني جي اڳيان انڪار ڪري چوڻ لڳو، تہ مون کي خبر نہ آهي تہ تون ڇا ٿي چوين؟</verse>
				<verse number="71">۽ جڏهن هو نڪري ڏيڍيءَ ۾ ويو، تڏهن ٻيءَ نوڪرياڻيءَ ڏٺس، ۽ جيڪي اُتي حاضر هئا تن کي چوڻ لڳي، تہ هي ماڻهو بہ يسوع ناصريءَ سان هو.</verse>
				<verse number="72">۽ وري بہ هن قسم کڻي انڪار ڪري چيو تہ آئون هن ماڻهوءَ کي سڃاڻان ئي ڪين.</verse>
				<verse number="73">۽ ٿوري وقت کانپوءِ جيڪي اُتي بيٺا هئا، تن اچي پطرس کي چيو تہ سچ تون بہ هنن مان هڪڙو آهين؛ ڇالاءِ جو تنهنجي ڳالهائڻ مان پڌرو آهي.</verse>
				<verse number="74">تڏهن هو لعنت وجهڻ ۽ قسم کڻي چوڻ لڳو تہ آئون هن ماڻهو کي سڃاڻان ئي ڪين. ۽ اُنهي دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني.</verse>
				<verse number="75">۽ پطرس کي اُها ڳالهہ ياد آئي جا يسوع چئي هئي، تہ ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳي تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين. پوءِ هو ٻاهر وڃي زار زار روئڻ لڳو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="27">
				<verse number="1">هاڻي جڏهن صبح ٿيو، تڏهن سڀني سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن جي بزرگن يسوع کي ماري وجهڻ لاءِ سندس برخلاف صلاح مشورت ڪئي:</verse>
				<verse number="2">۽ هن کي ٻَڌي وٺي ويا، ۽ وڃي پلاطس حاڪم جي حوالي ڪيائونس.</verse>
				<verse number="3">تڏهن يهوداهہ، جنهن جهلايو هوس، تنهن جڏهن ڏٺو تہ هن کي ڏوهاري ٺهرايو اٿن، تڏهن پڇتائي اُهي ٽيهہ روپيا سردار ڪاهنن ۽ بزرگن وٽ کڻي آيو،</verse>
				<verse number="4">۽ چوڻ لڳو، تہ مون گناهہ ڪيو آهي، جو بي ڏوهيءَ کي جهلايو اٿم. پر هنن چيس تہ انهي ۾ اسان جو ڇا؟ تون ڄاڻ، تنهنجو ڪم ڄاڻي.</verse>
				<verse number="5">۽ هو اُهي روپيا هيڪل ۾ اُڇلائي هليو ويو، ۽ وڃي پاڻ کي ڦاسي ڏنائين.</verse>
				<verse number="6">پوءِ سردار ڪاهنن اُهي روپيا کڻي چيو، تہ هنن جو خزاني ۾ رکڻ روا نہ آهي، ڇالاءِ جو اها خون جي قيمت آهي.</verse>
				<verse number="7">سو هنن پاڻ ۾ صلاح ڪري انهن پئسن سان پرديسين کي دفن ڪرڻ لاءِ ڪنڀر جي ٻني خريد ڪئي.</verse>
				<verse number="8">جنهنڪري اُها ٻني اڄ ڏينهن تائين خون جي ٻني ٿي سڏجي.</verse>
				<verse number="9">تڏهن جيڪي يرمياهہ نبيءَ چيو هو، سو پورو ٿيو تہ ”جنهن جو ملهہ ڪن بني اسرائيلين رٿي ڇڏيو هو، تنهن جي قيمت لاءِ اُهي ٽيهہ روپيا هنن ورتا؛</verse>
				<verse number="10">۽ انهن اُهي روپيا ڪنڀر جي ٻنيءَ لاءِ ڏنا، جيئن خداوند مون کي فرمايو هو.“</verse>
				<verse number="11">هاڻي يسوع حاڪم جي حضور ۾ بيٺو هو: ۽ حاڪم پڇيس، تہ تون يهودين جو بادشاهہ آهين ڇا؟ يسوع چيس تہ تون پاڻ ٿو چوين.</verse>
				<verse number="12">۽ جڏهن سردار ڪاهنن ۽ بزرگن هن تي ڏوهہ مڙهيا، تڏهن ڪوبہ جواب نہ ڏنائين.</verse>
				<verse number="13">تڏهن پلاطس چيس تہ تون ٻُڌين نٿو تہ هو ڪيترين ڳالهين جي توتي شاهدي ٿا ڀرين؟</verse>
				<verse number="14">پر هن هڪڙي اکر جو بہ جواب ڪونہ ڏنس: تنهنڪري حاڪم کي ڏاڍو عجب لڳو.</verse>
				<verse number="15">هاڻي حاڪم جو اهو دستور هو تہ انهيءَ عيد تي جنهن بہ هڪڙي قيديءَ جي نالي ماڻهو چوندا هئس تنهن کي ڇڏيندو هو.</verse>
				<verse number="16">۽ انهي وقت هنن جو هڪڙو مشهور قيدي برابا نالي هو.</verse>
				<verse number="17">تنهنڪري جڏهن هو اچي گڏ ٿيا، تڏهن پلاطس چين تہ اوهان جي ڪهڙي مرضي آهي، تہ اوهان جي خاطر ڪنهن کي ڇڏي ڏيان؟ برابا کي يا يسوع کي، جو مسيح ٿو سڏجي؟</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو کيس خبر هئي تہ هن کي حسد جي ڪري جهلايو اٿن.</verse>
				<verse number="19">۽ اڃا هو عدالت جي گاديءَ تي ويٺو ئي هو، تہ سندس زال چوائي موڪليس تہ هن راستباز ماڻهوءَ کي ڪي بہ نہ ڪجانءِ: ڇالاءِ جو اڄ خواب ۾ مون هن جي ڪري ڏاڍو ڏک ڏٺو آهي.</verse>
				<verse number="20">هاڻي سردار ڪاهنن ۽ بزرگن خلق کي چوري انهيءَ تي بيهاريو تہ هو برابا جي لاءِ عرض ڪن، ۽ يسوع کي مارائين.</verse>
				<verse number="21">پر حاڪم ورندي ڏيئي چين تہ اوهان جي ڪهڙي مرضي آهي، تہ هنن ٻنهي مان ڪنهن کي اوهان جي خاطر ڇڏي ڏيان؟ هنن چيو تہ برابا کي.</verse>
				<verse number="22">پلاطس چين تہ تڏهن آئون يسوع کي ڇا ڪريان، جنهن کي مسيح ٿا چون؟ سڀني چيو تہ صليب تي چاڙهيوس.</verse>
				<verse number="23">هن چيو تہ ڇو، هن ڪهڙي برائي ڪئي آهي؟ پر هنن ڏاڍيون رڙيون ڪري چيو تہ صليب تي چاڙهيوس.</verse>
				<verse number="24">تنهنڪري جڏهن پلاطس ڏٺو تہ منهنجي نٿا مڃين، اُٽلندو گوڙ ٿو مچي، تڏهن پاڻي کڻي ماڻهن جي اڳيان هٿ ڌوتائين، ۽ چيائين تہ آئون هن راستباز ماڻهوءَ جي خون کان بي ڏوهو آهيان: اوهين پاڻ ڄاڻو.</verse>
				<verse number="25">۽ سڀني ماڻهن ورندي ڏيئي چيو، تہ ڀلي تہ هن جو خون اسان تي، ۽ اسان جي اولاد تي هجي.</verse>
				<verse number="26">تڏهن هن انهن جي خاطر برابا کي ڇڏي ڏنو، پر يسوع کي چهبڪ هڻائي، صليب تي چاڙهڻ لاءِ حوالي ڪيائين.</verse>
				<verse number="27">تڏهن حاڪم جا سپاهي يسوع کي محلات مان وٺي ويا، ۽ سڄي پلٽڻ وٽس آڻي گڏ ڪيائون.</verse>
				<verse number="28">۽ سندس ڪپڙا لاهي، هڪڙي قرمزي قبا ڍڪايائونس؛</verse>
				<verse number="29">۽ ڪنڊن جو هڪڙو تاج کڻي هن جي مٿي تي رکيائون، ۽ هڪڙي ڇڙهي ساڄي هٿ ۾ ڏنائونس، ۽ سندس اڳيان گوڏا کوڙي مسخري ڪري چوڻ لڳس، تہ سلام، اي يهودين جا بادشاهہ.</verse>
				<verse number="30">۽ مٿس ٿُڪون وڌائون، ۽ اُها ڇڙهي وٺي اُنهيءَ سان مٿي تي ڌڪ هنيائونس.</verse>
				<verse number="31">۽ جڏهن ساڻس مسخريون ڪري رهيا، تڏهن اُها قبا لاهي ورتائونس، ۽ سندس ڪپڙا ڍڪائي صليب تي چاڙهڻ لاءِ وٺي ويس.</verse>
				<verse number="32">جڏهن هو ٻاهر نڪتا، تڏهن ڪريني جو هڪڙو ماڻهو، شمعون نالي ڏٺائون: انهي کي بيگر ۾ جهلي پاڻ سان وٺي ويا تہ يسوع جو صليب کڻي هلي.</verse>
				<verse number="33">۽ جڏهن هو هن کي گلگتا نالي هڪڙي جاءِ تي وٺي آيا، جنهن جي معنيٰ آهي کوپراٽيءَ واري جاءِ،</verse>
				<verse number="34">تڏهن هن کي شراب پيئڻ لاءِ ڏنائون، جنهن ۾ پت گڏيل هو؛ ۽ جڏهن هن اُهو چکيو، تڏهن پيئڻ جي نہ ڪيائين.</verse>
				<verse number="35">۽ جڏهن هن کي صليب تي چاڙهي رهيا، تڏهن سندس ڪپڙن تي پُکا وجهي پاڻ ۾ ورهائي کنيائون.</verse>
				<verse number="36">۽ اُتي ويهي هن جي نگهباني ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="37">۽ سندس تهمت نامو لکي مٿانئس هڻي ڇڏيائون تہ ”هي يهودين جو بادشاهہ يسوع آهي.“</verse>
				<verse number="38">تنهن کان پوءِ ساڻس گڏ ٻن ڌاڙيلن کي بہ صليب تي چاڙهيائون؛ هڪڙو ساڄي پاسي ۽ ٻيو کاٻي پاسي.</verse>
				<verse number="39">۽ جيڪي اُتان لنگهي پئي ويا، تن مٿس ٽوڪون پئي هنيون، ۽ پنهنجا ڪنڌ ڌوڻي ٿي چيائون تہ</verse>
				<verse number="40">اي هيڪل کي ڊاهڻ ۽ ٽن ڏينهن ۾ اڏڻ وارا، پاڻ کي بچاءِ: جي تون خدا جو فرزند آهين تہ صليب تان لهي اچ.</verse>
				<verse number="41">هن ٻين کي ٿي بچايو، پر پاڻ کي نٿو بچائي سگهي. هو اسرائيل جو بادشاهہ آهي؛ هاڻ ڀلي تہ صليب تان هيٺ لهي اچي، تہ پوءِ اسين مٿس ايمان آڻيون.</verse>
				<verse number="42">۽ ساڳيءَ طرح سردار ڪاهنن، فقيهن ۽ بزرگن سان گڏجي چيو تہ</verse>
				<verse number="43">هو خدا تي ڀروسو ٿو رکي، سو جيڪڏهن هو کانئس خوش آهي تہ هاڻي ڇڏائيس، ڇالاءِ جو هن چيو ٿي، تہ آئون خدا جو فرزند آهيان.</verse>
				<verse number="44">۽ جيڪي ڌاڙيل ساڻس گڏ صليب تي چاڙهيا ويا هئا، تن بہ کيس ساڳيا طعنا پئي هنيا.</verse>
				<verse number="45">هاڻي ٻئي پهر کان وٺي ٽئين پهر تائين سڄي زمين تي اونداهي ڇانئجي ويئي.</verse>
				<verse number="46">۽ ٽئين پهر ڌاري، يسوع وڏي واڪي سان پڪاري چيو، ايلي ايلي، لما سبقتني، يعني، اي منهنجا خدا، اي منهنجا خدا، تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟</verse>
				<verse number="47">۽ جيڪي اُتي بيٺا هئا تن مان ڪن جڏهن اهو ٻڌو، تڏهن چوڻ لڳا تہ هي ماڻهو ايلياهہ کي ٿو سڏي.</verse>
				<verse number="48">۽ يڪدم انهن مان هڪڙو ڄڻو ڊوڙي ويو، ۽ اسفنج کڻي، سرڪي سان ڀري، ڪاني تي رکي، هن کي پيئڻ لاءِ ڏنائين.</verse>
				<verse number="49">۽ ٻين چيو تہ ڇڏي ڏيو، ڏسو تہ ايلياهہ هن کي بچائڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ.</verse>
				<verse number="50">۽ يسوع وري بہ وڏي واڪي سان پڪاري پنهنجو ساهہ ڏنو.</verse>
				<verse number="51">۽ ڏسو، هيڪل جو پردو چوٽيءَ کان وٺي تري تائين ڦاٽي ٻہ اڌ ٿي پيو، ۽ زلزلو ٿيو، ۽ ڏونگر ڏري پيا؛</verse>
				<verse number="52">۽ قبرون کُلي پيون، ۽ گهڻا ئي اولياءَ جي سمهيا پيا هئا، سي اُٿي کڙا ٿيا؛</verse>
				<verse number="53">۽ يسوع جي جي اُٿڻ کانپوءِ قبرن کان ٻاهر نڪري اچي انهي پاڪ شهر ۾ گهڙيا، ۽ گهڻن کي ڏسڻ ۾ آيا.</verse>
				<verse number="54">هاڻي صوبيدار، ۽ ٻيا جن ساڻس گڏ يسوع تي نگهباني پئي ڪئي، تن جڏهن زلزلو ۽ ٻيو جيڪي ٿيو هو سو ڏٺو، تڏهن ڏاڍا ڊڄي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ سچ پچ هي خدا جو فرزند هو.</verse>
				<verse number="55">۽ اُتي گهڻيون زالون جي گليل مان يسوع جي خدمت ڪنديون پٺيان آيون هيون، تن پريان بيٺي ڏٺو.</verse>
				<verse number="56">انهن ۾ مريم مگدليني ۽ يعقوب ۽ يوسيس جي ماءُ مريم، ۽ زبديءَ جي پٽن جي ماءُ هيون.</verse>
				<verse number="57">۽ جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن يوسف نالي هڪڙو دولتمند ماڻهو جو ارمتيہ جو ويٺل هو،</verse>
				<verse number="58">تنهن پلاطس وٽ وڃي يسوع جو لاش گهريو. تڏهن پلاطس ڏيڻ جو حڪم ڪيو.</verse>
				<verse number="59">۽ يوسف اهو لاش هٿ ڪري انهيءَ کي هڪڙي صاف سنهي چادر ۾ ويڙهي،</verse>
				<verse number="60">ٽڪر ۾ جا پنهنجي نئين قبر کوٽائي هئائين، تنهن ۾ اهو رکيائين؛ ۽ هن هڪڙو وڏو پهڻ ليٽائي آڻي قبر جي منهن تي رکيو ۽ هليو ويو.</verse>
				<verse number="61">۽ مريم مگدليہ ۽ هوءَ ٻي مريم ٻئي قبر جي سامهون ويهي رهيون.</verse>
				<verse number="62">هاڻي تياريءَ جي ڏينهن کان پوءِ ٻئي ڏينهن سردار ڪاهن ۽ فريسي گڏجي پلاطس وٽ آيا؛</verse>
				<verse number="63">۽ چيائونس تہ سائين، اسان کي ياد آهي تہ هو ٺڳ جڏهن اڃا جيئرو هو، تڏهن چوندو هو تہ ٽن ڏينهن کانپوءِ آئون وري جي اُٿندس.</verse>
				<verse number="64">تنهنڪري حڪم ڪر تہ ٽئين ڏينهن تائين قبر جي حفاظت ڪجي، متان سندس شاگرد اچي چورائي وڃنس، ۽ ماڻهن کي چون تہ هو مئلن مان جي اُٿيو آهي: تہ متان هيءَ پوئين ڀل پهرين کان بہ وڌيڪ خرابي پيدا ڪري.</verse>
				<verse number="65">پلاطس چين تہ اوهان وٽ پهري وارا تہ آهن، سو جيتري حفاظت ڪري سگهو اوتري وڃي ڪريو.</verse>
				<verse number="66">تڏهن هو پهري وارن کي ساڻ ڪري قبر تي ويا، ۽ پهڻ تي مهر هڻي، قبر جي حفاظت ڪيائون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="28">
				<verse number="1">هاڻي سبت کانپوءِ هفتي جي پهرئين ڏينهن جڏهن پرهہ ڦٽڻ لڳي، تڏهن مريم مگدليني ۽ هوءَ ٻي مريم قبر ڏسڻ آيون.</verse>
				<verse number="2">۽ ڏسو، ڏاڍو زور جو زلزلو ٿيو، ڇالاءِ جو خداوند جو هڪڙو ملائڪ آسمان مان لٿو، ۽ پهڻ کي ليٽائي پاسي ڪري، انهي تي چڙهي ويٺو.</verse>
				<verse number="3">هن جي شڪل وڄ جهڙي هئي، ۽ سندس پوشاڪ اڇي برف جهڙي،</verse>
				<verse number="4">۽ انهي جي ڊپ کان پهري وارا ڏڪي ويا، ۽ مڙدن وانگر ٿي پيا.</verse>
				<verse number="5">۽ انهي ملائڪ ورندي ڏيئي زالن کي چيو، تہ اوهين ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ اوهين يسوع کي ٿيون ڳوليو، جنهن کي صليب تي چاڙهيو هئائون.</verse>
				<verse number="6">اهو هتي ڪونهي؛ ڇوتہ جيئن هن پاڻ چيو هو، تيئن جي اُٿيو آهي.</verse>
				<verse number="7">اچو جتي خداوند ليٽيو پيو هو؛ اُها جاءِ ڏسو، ۽ جلد وڃي سندس شاگردن کي چئو تہ هو مئلن مان جي اُٿيو آهي؛ اِجهو اوهان کان اڳي گليل ۾ پيو وڃي، اُتي اوهين هن کي ڏسندا: مون اوهان کي چئي ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="8">۽ اُهي سگهو ئي ڊپ ۽ گهڻيئي خوشيءَ سان قبر وٽان نڪتيون، ۽ هن جي شاگردن کي خبر ڏيڻ لاءِ ڊوڙي ويون.</verse>
				<verse number="9">۽ ڏسو، يسوع کين گڏيو، ۽ چيائين تہ سلام، ۽ هنن اچي پيرن تي ڪِري کيس سجدو ڪيو.</verse>
				<verse number="10">تڏهن يسوع هنن کي چيو تہ ڊڄو نہ: وڃي منهنجن ڀائرن کي چئو تہ اوهين گليل ڏانهن وڃو، ۽ اُتي مون کي ڏسندا.</verse>
				<verse number="11">هاڻي هو اوڏانهن پئي ويون، تہ ڏسو، پهري وارن مان ڪي شهر ۾ آيا، ۽ جيڪي ٿي گذريو هو سو سڀ سردار ڪاهنن کي ٻڌايائون.</verse>
				<verse number="12">۽ جڏهن هنن بزرگن سان گڏجي صلاح مشورت ڪئي، تڏهن سپاهين کي گهڻا پئسا ڏيئي چيائون،</verse>
				<verse number="13">تہ اوهين چئو تہ رات جو جڏهن اسين سمهيا پيا هئاسين، تڏهن هن جا شاگرد آيا ۽ کيس چورائي کڻي ويا.</verse>
				<verse number="14">۽ جي اها ڳالهہ حاڪم جي ڪَن تي پيئي، تہ اسين پاڻهي هن کي سمجهائينداسين، ۽ اوهان کي خطري کان بچائي وٺنداسين.</verse>
				<verse number="15">تڏهن هنن اُهي پئسا ورتا ۽ جيئن کين سيکاريو هئائون تيئن ڪيائون: ۽ اها ڳالهہ يهودين ۾ پکڙجي ويئي ۽ اڄ ڏينهن تائين هلندي اچي.</verse>
				<verse number="16">پر اُهي يارهن شاگرد گليل ۾ انهي جبل ڏانهن ويا، جتي يسوع حڪم ڏيئي ڇڏيو هُئن.</verse>
				<verse number="17">۽ جڏهن کيس ڏٺائون، تڏهن سجدو ڪيائونس، پر ڪي شڪ ۾ هئا.</verse>
				<verse number="18">۽ يسوع وٽن اچي ساڻن ڳالهايو ۽ چيائين تہ آسمان ۽ زمين تي سڀ اختياري مون کي ڏني ويئي آهي.</verse>
				<verse number="19">تنهنڪري اوهين وڃي پيءُ، پٽ ۽ پاڪ روح جي نالي بپتسما ڏيئي سڀني قومن کي شاگرد ڪريو:</verse>
				<verse number="20">۽ هنن کي تعليم ڏيو تہ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن سڀني تي هلن، ۽ ڏسو، آئون هميشہ، بلڪ دنيا جي پڇاڙيءَ تائين، اوهان سان آهيان.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="41">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">يسوع مسيح ابن خدا جي خوشخبريءَ جي شروعات.</verse>
				<verse number="2">جيئن يسعياہ نبيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ ”ڏس، آئون پنهنجو پيغمبر توکان اڳ ۾ ٿو موڪليان، جو تنهنجو رستو تيار ڪندو؛</verse>
				<verse number="3">رڻ پٽ ۾ هڪڙي منادي ڪرڻ واري جو آواز ٿو اچي، تہ خداوند جو رستو تيار ڪريو، سندس واٽون سنيون ڪريو“؛</verse>
				<verse number="4">يوحنا آيو، ۽ رڻ پٽ ۾ بپتسما ڏيڻ، ۽ گناهن جي معافيءَ لاءِ توبهہ جي بپتسما جي منادي ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="5">۽ يهوديہ جي ساري ملڪ جا ماڻهو، ۽ يروشلم جا سڀ رهاڪو وٽس ويا؛ ۽ پنهنجا گناهہ باسي يردن نديءَ ۾ کانئس بپتسما ورتائون.</verse>
				<verse number="6">۽ يوحنا کي ملس جا ڪپڙا پيل هئا، ۽ چم جو ڪمربند چيلهہ تي ٻَڌل هوس، ۽ هو مڪڙ ۽ جهنگ جي ماکي کائيندو هو.</verse>
				<verse number="7">هن منادي ڪري چيو، تہ منهنجي پٺيان هڪڙو اچي ٿو، جو مون کان وڌيڪ طاقت وارو آهي؛ جنهن جي جُتيءَ جا ڌاڳا نِوڙي ڇوڙڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان.</verse>
				<verse number="8">مون اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏني آهي؛ پر هو اوهان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏيندو.</verse>
				<verse number="9">۽ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو جو يسوع گليل جي ناصرت مان اچي يوحنا کان يردن ۾ بپتسما ورتي.</verse>
				<verse number="10">۽ پاڻيءَ مان ٻاهر نڪرڻ شرط، هن آسمان کي کليل ۽ روح کي ڪبوتر وانگر پاڻ تي لهندو ڏٺو:</verse>
				<verse number="11">۽ آسمان مان آواز آيو، تہ تون منهنجو پيارو فرزند آهين، ۽ آئون تو مان گهڻو خوش آهيان.</verse>
				<verse number="12">۽ يڪدم روح هن کي رڻ پٽ ڏانهن موڪليو.</verse>
				<verse number="13">۽ هو چاليهہ ڏينهن رڻ پٽ ۾ هو، جتي شيطان هن کي پئي آزمايو، ۽ هو جهنگلي جانورن سان ٿي رهيو؛ ۽ ملائڪن سندس خدمت پئي ڪئي.</verse>
				<verse number="14">هاڻي يوحنا جي گرفتار ٿيڻ کانپوءِ، يسوع گليل ۾ آيو، ۽ خدا جي انجيل جي منادي ڪندي چيائين،</verse>
				<verse number="15">تہ وقت ڀرجي آيو آهي ۽ خدا جي بادشاهت ويجهي آئي آهي: توبهہ ڪريو ۽ انجيل تي ايمان آڻيو.</verse>
				<verse number="16">۽ گليل جي سمنڊ جي ڪناري تان لنگهندي، شمعون، ۽ شمعون جي ڀاءُ اندرياس کي سمنڊ ۾ ڄار وجهندو ڏٺائين: ڇالاءِ جو اُهي مهاڻا هئا.</verse>
				<verse number="17">۽ يسوع چين منهنجي پٺيان اچو تہ آئون اوهان کي ماڻهن جو مهاڻو بنائيندس.</verse>
				<verse number="18">تنهن تي هو يڪدم ڄار ڦٽا ڪري سندس پٺيان هليا.</verse>
				<verse number="19">هو اڃا ٿورو اڳڀرو هليو تہ زبديءَ جي پٽ يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کي ٻيڙيءَ تي ڄارن جي مرمت ڪندو ڏٺائين.</verse>
				<verse number="20">۽ انهن کي يڪدم سڏيائين، ۽ هو پنهنجي پيءُ زبديءَ کي مزدورن سان ٻيڙيءَ ۾ ڇڏي، پاڻ سندس پٺيان هليا.</verse>
				<verse number="21">پوءِ اُهي ڪفرناحوم ۾ ويا، ۽ هو يڪدم سبت جي ڏينهن عبادتگاهہ ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو.</verse>
				<verse number="22">۽ ماڻهو سندس تعليم ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويا: ڇالاءِ تہ انهن کي فقيهن وانگر نہ پر ائين ٿي سيکاريائين جيئن ڪو اختياريءَ وارو سيکاري.</verse>
				<verse number="23">۽ يڪدم انهن جي عبادت خاني ۾ هڪڙو ماڻهو، جنهن ۾ ڀوت هو، سو رڙ ڪري چوڻ لڳو</verse>
				<verse number="24">تہ اي يسوع ناصري، اسان جو تو سان ڪهڙو واسطو آهي؟ تون اسان کي برباد ڪرڻ آيو آهين ڇا؟ آئون توکي ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آهين؛ تون خدا جو پاڪ آهين.</verse>
				<verse number="25">پر يسوع دڙڪو ڏيئي چيس، تہ ماٺ ڪر، ۽ هن مان نڪري وڃ.</verse>
				<verse number="26">پوءِ اهو ڀوت هن کي پتوڙي، ۽ ڏاڍيون رڙيون ڪري هن مان نڪري آيو.</verse>
				<verse number="27">تنهن تي اُهي سڀيئي حيران ٿي ويا، ايتري قدر جو پاڻ ۾ پڇڻ لڳا تہ هي ڇا آهي؟ هيءَ نئين تعليم آهي! هو ڀوتن تي بہ اختياريءَ سان حڪم ٿو هلائي، ۽ اُهي کيس مڃين ٿا.</verse>
				<verse number="28">۽ يڪدم گليل جي ساري پرڳڻي ۾ چوڌاري جتي ڪٿي سندس هاڪ پئجي ويئي.</verse>
				<verse number="29">پوءِ جڏهن هو عبادتگاهہ مان نڪتا، تڏهن يعقوب ۽ يوحنا سان گڏجي يڪدم شمعون ۽ اندرياس جي گهر آيا.</verse>
				<verse number="30">اتي شمعون جي سس تپي پيئي هئي، جنهن جي هنن کيس يڪدم خبر ڏني.</verse>
				<verse number="31">هو آيو ۽ هن کي هٿ کان وٺي اُٿاري ويهاريائين، تہ تپ ڇڏي ويس، ۽ هوءَ اُٿي سندن خدمت ڪرڻ لڳي.</verse>
				<verse number="32">۽ شام جو جڏهن سج لٿو، تڏهن مريضن ۽ ڀوتاريلن کي هن وٽ وٺي آيا:</verse>
				<verse number="33">۽ سڄو شهر دروازي تي اچي گڏ ٿيو.</verse>
				<verse number="34">۽ ڪيترا ماڻهو جي طرح طرح جي مرضن ۾ گرفتار هئا، تن کي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين، ۽ ڪيترن جا ڀوت ڪڍيائين؛ ۽ انهن ڀوتن کي ڳالهائڻ نٿي ڏنائين، جو هو کيس سڃاڻندا هئا.</verse>
				<verse number="35">۽ صبح جو سج اُڀرڻ کان گهڻو اڳي هو اُٿي ٻاهر نڪتو، ۽ هڪڙي ويران هنڌ وڃي دعا گهُرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="36">۽ شمعون ۽ سندس ساٿي پٺيانس ويا.</verse>
				<verse number="37">۽ جڏهن لڌائونس، تڏهن چوڻ لڳس تہ سڀيئي توکي پيا ڳولين.</verse>
				<verse number="38">۽ هن کين چيو تہ هلو تہ ڪن ٻين ويجهڙن شهرن ۾ هلون تہ اُتي بہ آئون منادي ڪريان؛ جو انهي ئي ڪم لاءِ نڪتو آهيان.</verse>
				<verse number="39">۽ هو ساري گليل ۾ انهن جي عبادتگاهن ۾ وڃي منادي ڪندو ۽ ڀوت ڪڍندو رهيو.</verse>
				<verse number="40">۽ هڪڙو ڪوڙهيو وٽس آيو، جنهن نيزاري ڪري، ۽ اڳيانس گوڏا کوڙي چيس تہ جي تنهنجي مرضي هجي تہ مون کي ڇُٽائي پاڪ صاف ڪري ٿو سگهين.</verse>
				<verse number="41">تنهن تي هن کي رحم آيو ۽ هن پنهنجو هٿ ڊگهيري ڇهي چيس تہ منهنجي مرضي آهي، تہ تون ڇُٽي پاڪ صاف ٿيءُ.</verse>
				<verse number="42">۽ يڪدم هن جو ڪوڙهہ لهي ويو، ۽ ڇُٽي پاڪ صاف ٿي پيو.</verse>
				<verse number="43">۽ هن سخت تاڪيد ڪري يڪدم روانو ڪيس،</verse>
				<verse number="44">۽ چيائينس تہ ڏسج، متان ڪنهن کي ٻڌايو اٿيئي: پر وڃي ڪاهنن کي پاڻ ڏيکار ۽ پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ اُهي شيون نذر چاڙهہ، جن جو موسيٰ حڪم ڪيو آهي، تہ سندن لاءِ شاهدي ٿئي.</verse>
				<verse number="45">پر هن اها ڳالهہ ايتري وڃي هلائي ۽ ظاهر ڪئي، جو يسوع ڪنهن بہ شهر ۾ کليو کُلايو گهڙي نٿي سگهيو، پر ٻاهر ويران هنڌن ۾ وڃي رهيو، جتي سڀني پاسن کان ماڻهو وٽس پئي آيا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">۽ ڪن ڏينهن کانپوءِ جڏهن وري هو ڪفرناحوم ۾ آيو، تڏهن هل پئجي ويو تہ هو گهر آيو آهي.</verse>
				<verse number="2">۽ ايترا ماڻهو اچي ڪَٺا ٿيا جو جاءِ بلڪل ڪانہ هئي، بلڪ دروازي وٽ بہ نہ: ۽ هن انهن کي ڪلام ويٺي ٻڌايو.</verse>
				<verse number="3">۽ ماڻهو هڪڙي اڌرنگيءَ کي چئن ڄڻن کان کڻائي اتي وٺي آيا.</verse>
				<verse number="4">۽ جڏهن گوڙ جي ڪري وٽس اچي نہ سگهيا، تڏهن جتي هو ويٺو هو، اُتان ڇت کڻي کوليائون: ۽ جڏهن اُها ڀڃي پَٽي چڪا، تڏهن کٽولو جنهن تي اڌرنگي پيل هو، سو لاهي هيٺ ڪيائون.</verse>
				<verse number="5">۽ يسوع سندن ايمان ڏسي اڌرنگيءَ کي چيو، تہ پٽ تنهنجا گناهہ توکي معاف ٿيا.</verse>
				<verse number="6">پر اُتي ڪي فقيهي ويٺا هئا، جن پنهنجي دل ۾ دليل پئي ڊوڙايا،</verse>
				<verse number="7">تہ هي ماڻهو ائين ڇو ٿو چوي؟ هي تہ ڪفر ٿو بڪي: هڪڙي خدا کانسواءِ ٻيو ڪير گناهہ معاف ڪري ٿو سگهي؟</verse>
				<verse number="8">تڏهن يڪدم يسوع پنهنجي روح ۾ معلوم ڪيو تہ هو دل ۾ هي دليل ٿا آڻين، ۽ کين چيائين، تہ اوهين پنهنجي دل ۾ انهن ڳالهين بابت دليل ڇو ٿا ڊوڙايو؟</verse>
				<verse number="9">ڪهڙي ڳالهہ سولي آهي، اڌرنگيءَ کي هيئن چوڻ تہ تنهنجا گناهہ معاف ٿيا، يا هيئن چوڻ تہ اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻي گهُم ڦر؟</verse>
				<verse number="10">پر انهي لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ ابن آدم کي زمين تي گناهن معاف ڪرڻ جي اختياري آهي، (هن اڌرنگيءَ کي چيو تہ)</verse>
				<verse number="11">آئون توکي چوان ٿو تہ اُٿ، ۽ پنهنجو کٽولو کڻي پنهنجي گهر هليو وڃ.</verse>
				<verse number="12">۽ هو اُٿيو ۽ هڪدم پنهنجو کٽولو کڻي انهن سڀني جي اڳيان هليو ويو؛ ۽ انهي تي سڀيئي حيرت ۾ پئجي ويا، ۽ خدا جي وڏائي ڪري چوڻ لڳا تہ اسان ههڙو عجب رنگ ڪڏهن ڪونہ ڏٺو.</verse>
				<verse number="13">هو وري سمنڊ جو ڪنارو ڏيئي اُٿي هليو، ۽ ساري خلق وٽس آئي، ۽ هو انهن کي تعليم ڏيڻ لڳو.</verse>
				<verse number="14">۽ واٽ ويندي هن حلفيءَ جي پٽ ليويءَ کي اڪٽ تي ويٺل ڏٺو، ۽ انهي کي چيائين تہ منهنجي پٺيان اچ، ۽ هو اُٿي سندس پٺيان هليو.</verse>
				<verse number="15">۽ هيئن ٿيو جو يسوع هن جي گهر ماني ويٺي کاڌي، ۽ ڪيترائي محصولي ٺيڪيدار، ۽ گنهگار اچي ساڻس ۽ سندس شاگردن سان گڏ ويٺا: ڇالاءِ جو هو گهڻيئي هئا، ۽ سندس پٺيان هليا آيا هئا.</verse>
				<verse number="16">۽ جڏهن فريسين جي فقيهن هن کي انهن گنهگارن ۽ ٺيڪيدارن سان گڏ ماني کائيندو ڏٺو، تڏهن سندس شاگردن کي چوڻ لڳا، تہ هو محصولي ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن سان گڏ ويٺو کائي پيئي.</verse>
				<verse number="17">يسوع اها ڳالهہ ٻڌي هنن کي چيو، تہ جيڪي چڱا ڀلا آهن تن کي طبيب جي گهرج ڪانهي، پر جيڪي بيمار آهن تن کي آهي: آئون سچارن کي نہ، پر گنهگارن کي سڏڻ آيو آهيان.</verse>
				<verse number="18">هاڻي يوحنا جا شاگرد ۽ فريسي روزائتا هئا: تن اچي چيس تہ ڪهڙو سبب آهي جو يوحنا جا شاگرد ۽ فريسين جا شاگرد روزا ٿا رکن، پر تنهنجا شاگرد روزو ڪو نہ ٿا رکن؟</verse>
				<verse number="19">تنهن تي يسوع چين، تہ جڏهن گهوٽ ڄاڃين سان آهي، تڏهن هو ڪو روزو رکي سگهن ٿا ڇا؟ جيسين گهوٽ ساڻن هوندو، تيسين هو روزو ڪين رکندا.</verse>
				<verse number="20">پر اُهي ڏينهن ايندا جڏهن گهوٽ کانئن جدا ڪيو ويندو، پوءِ اُنهي ڏينهن هو روزو رکندا.</verse>
				<verse number="21">ڪوبہ ماڻهو پراڻي ڪوٽ تي ڪوري ڪپڙي جي چتي ڪونہ ٿو لڳائي، ڇالاءِ تہ اُها ڪوري چتي جا پراڻي ڪوٽ تي ٿي لڳائجي، يعني ڪوري پراڻي کي ڇڪي ٿي، پوءِ اُلٽو وڌيڪ انگ اچيو وڃي.</verse>
				<verse number="22">ڪوبہ ماڻهو، تازي انگوري رس پراڻن ساندارن ۾ ڪونہ ٿو ڀري! نہ تہ رس ساندارا ڦاڙي وجهندي، ۽ پوءِ مئي بہ ويئي تہ ساندارا بہ ويا: پر تازي رس نوَن ساندارن ۾ ڀربي آهي.</verse>
				<verse number="23">۽ هيئن ٿيو جو سبت جي ڏينهن هو اَن جي ٻنين مان پئي لنگهيو، تہ سندس شاگرد هلندي هلندي اَن جا سنگ پَٽڻ لڳا.</verse>
				<verse number="24">تنهن تي فريسين چيس، تہ ڏس، سبت جي ڏينهن هو اهڙو ڪم ڇو ٿا ڪن جو روا نہ آهي؟</verse>
				<verse number="25">انهن کي چيائين تہ اوهان ڪڏهن پڙهيو نہ آهي ڇا، تہ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي گهرج پيئي، ۽ بک لڳي هين، تڏهن ڇا ڪيو هئائون؟</verse>
				<verse number="26">ڪيئن نہ هو سردار ڪاهن ابياتر جي ڏينهن ۾ خدا جي گهر ۾ گهڙي ويو، ۽ نذر جون مانيون، جنهن جو کائڻ ڪاهنن کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي روا نہ آهي، سي کڻي کاڌائين، ۽ پنهنجن ساٿين کي بہ ڏنائين؟</verse>
				<verse number="27">۽ هنن کي چيائين تہ سبت ماڻهوءَ لاءِ ٺهيو آهي ۽ نہ ماڻهو سبت لاءِ:</verse>
				<verse number="28">انهي ڪري ابن آدم سبت جو بہ ڌڻي آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">۽ هو وري عبادتخاني ۾ ويو، ۽ اُتي هڪڙو ماڻهو هو جنهن جو هٿ سُڪل هو.</verse>
				<verse number="2">۽ هنن ويٺي نهاريس، تہ ڪٿي هو سبت جي ڏينهن ڇُٽائيس تہ مٿس تهمت آڻيون.</verse>
				<verse number="3">هن سُڪل هٿ واري ماڻهو کي چيو تہ وچ ۾ ٿي بيهہ.</verse>
				<verse number="4">۽ هنن کي چيائين تہ سبت جي ڏينهن نيڪي ڪرڻ روا آهي يا بدي ڪرڻ؟ جان بچائڻ، يا مارڻ؟ پر هنن کڻي ماٺ ڪئي.</verse>
				<verse number="5">تڏهن ڪاوڙ مان هنن ڏانهن نهاريائين، ڇو جو هنن جي سنگدليءَ تي ارمان ٿي آيس؛ پوءِ انهي ماڻهوءَ کي چيائين، تہ پنهنجو هٿ ڊگهير. ۽ هن اهو ڊگهيريو، تہ هٿ ڇُٽي پيس.</verse>
				<verse number="6">۽ فريسي ٻاهر نڪري ويا، ۽ يڪدم هيرودين سان سندس برخلاف صلاح مصلحت ڪرڻ لڳا تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي ماري کپائجي.</verse>
				<verse number="7">۽ يسوع پنهنجن شاگردن سان گڏجي سمنڊ جي پاسي نڪري ويو، ۽ گليل مان ماڻهن جو وڏو ميڙاڪو سندس پٺيان آيو: ۽ يهوديہ،</verse>
				<verse number="8">۽ يروشلم، ۽ ادوم، ۽ يردن جي پرينءَ ڀر، ۽ صور ۽ صيدا جي آس پاس کان ماڻهن جي هڪ وڏي ميڙاڪي جڏهن ٻڌو تہ هو ههڙا وڏا ڪم ٿو ڪري، تڏهن اُهي وٽس آيا.</verse>
				<verse number="9">۽ هن پنهنجن شاگردن کي چيو تہ گوڙ جي ڪري هڪڙي ننڍي ٻيڙي منهنجي لاءِ تيار بيٺي رهي تہ متان اُهي مون تي ڳاهٽ ٿين:</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو هن گهڻن کي ڇُٽايو هو، تنهنڪري جيڪي بہ ماڻهو مرض ۾ گرفتار هئا، سي کيس ڇهڻ لاءِ مٿس پئي ڳاهٽ ٿيا.</verse>
				<verse number="11">۽ جڏهن ڀوت کيس ڏسندا هئا، تڏهن اڳيانس ڪِري رڙيون ڪري چوندا هئا، تہ تون خدا جو فرزند آهين.</verse>
				<verse number="12">۽ هن بلڪل سخت تاڪيد ڪين تہ مون کي پڌرو نہ ڪريو.</verse>
				<verse number="13">پوءِ هو جبل تي چڙهي ويو، ۽ جن کي وڻيس، تن کي پاڻ ڏانهن سڏيائين، ۽ اُهي وٽس آيا.</verse>
				<verse number="14">۽ هن ٻارهن ڄڻا مقرر ڪيا، انهي لاءِ تہ هو ساڻس گڏ گذارين، ۽ هو کين منادي ڪرڻ لاءِ موڪلي،</verse>
				<verse number="15">۽ کين ڀوتن جي ڪڍڻ جي بہ اختياري هجي:</verse>
				<verse number="16">شمعون جنهن جو نالو پطرس بہ رکيائين؛</verse>
				<verse number="17">۽ زبديءَ جو پٽ يعقوب، ۽ يعقوب جو ڀاءُ يوحنا، جن تي بونرگس، يعني گجگوڙ جا پٽ نالو رکيائين:</verse>
				<verse number="18">۽ اندرياس، ۽ فلپس، ۽ برتلمئي، ۽ متي، ۽ توما، ۽ حلفيءَ جو پٽ يعقوب، ۽ ٿدي، ۽ شمعون ڪنعاني،</verse>
				<verse number="19">۽ يهوداہ اسڪريوتي، جنهن جهلايس. پوءِ هو هڪڙي گهر ۾ آيو.</verse>
				<verse number="20">۽ وري اُتي ايڏي خلق اچي مڙي جو هنن کي ماني کائڻ جي بہ فرصت نہ ٿي ملي.</verse>
				<verse number="21">۽ جڏهن سندس عزيزن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن کيس هٿ ڪرڻ لاءِ نڪتا: ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هي هوش کان ٻاهر آهي.</verse>
				<verse number="22">۽ فقيهہ جي يروشلم کان آيا هئا، تن چيو، تہ هن ۾ بعلزبول آهي، ۽ هو ڀوتن جي سردار جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍي.</verse>
				<verse number="23">انهن کي هو پاڻ وٽ ڪوٺي مثالن ۾ چوڻ لڳو، تہ ڀلا شيطان، شيطان کي ڪيئن ڪڍي سگهندو؟</verse>
				<verse number="24">۽ جيڪڏهن ڪنهن بادشاهت ۾ ڦيٽهڙو ٿو پوي، تہ اُها بادشاهت جٽاءُ ڪري نٿي سگهي.</verse>
				<verse number="25">۽ جيڪڏهن ڪنهن گهر ۾ ڦيٽهڙو پوندو تہ اُهو گهر بہ قائم رهي نہ سگهندو.</verse>
				<verse number="26">۽ جي شيطان پاڻ پنهنجي برخلاف کڙو ٿيندو ۽ ڦيٽهڙو وجهندو، تہ بيهي ڪين سگهندو، پر ختم ٿي ويندو.</verse>
				<verse number="27">پر ڪوبہ ماڻهو ڪنهن طاقت واري شخص جي گهر ۾ گهڙي سندس مال متاع ڦري نہ سگهندو، جيسين ڪ پهريائين انهي طاقت واري شخص کي نہ ٻَڌي؛ ۽ تنهن کانپوءِ هن جو گهر ڦريندو.</verse>
				<verse number="28">آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي بہ گناهہ بني آدم ڪيا هوندا، ۽ جيڪي بہ ڪفر جون ڳالهيون هنن چيون هونديون، سي سڀ هنن کي معاف ڪيون وينديون:</verse>
				<verse number="29">پر جيڪو پاڪ روح جي حق ۾ ڪفر بڪندو تنهن کي ڪڏهن بہ معافي نہ ملندي، اُٽلندو ابدي گناهہ جو ڏوهاري ٿيندو:</verse>
				<verse number="30">سو انهي لاءِ جو هنن چيو ٿي تہ هن ۾ ڀوت آهي.</verse>
				<verse number="31">پوءِ هن جي ماءُ ۽ ڀائر آيا، ۽ ٻاهر بيهي هن کي پاڻ وٽ سڏيائون.</verse>
				<verse number="32">۽ هن جي چوڌاري گهڻيئي ماڻهو ويٺا هئا، جن چيس تہ اِجهو تنهنجي ماءُ ۽ تنهنجا ڀائر ٻاهر بيٺا تنهنجي پڇا ڪن.</verse>
				<verse number="33">هن جواب ڏيئي چين، تہ منهنجي ماءُ ۽ منهنجا ڀائر ڪير آهن؟</verse>
				<verse number="34">۽ جيڪي سندس آس پاس ويٺا هئا، تن ڏانهن نظر گهمائي چوڻ لڳو، تہ اِجها منهنجي ماءُ ۽ اِجهي منهنجا ڀائر!</verse>
				<verse number="35">ڇالاءِ تہ جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب هلندو، سو ئي منهنجو ڀاءُ ۽ ڀيڻ ۽ ماءُ آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">۽ وري هو سمنڊ جي ڪنڌيءَ تي تعليم ڏيڻ لڳو، ۽ وٽس ايترا ماڻهو اچي مڙيا جو پاڻ سمنڊ تي هڪڙيءَ ٻيڙيءَ تي چڙهي ويٺو، ۽ ٻي ساري خلق ڪناري تي بيٺي رهي.</verse>
				<verse number="2">۽ هو اُنهن کي ڪيتريون ئي ڳالهيون مثالن ۾ سيکارڻ لڳو، ۽ پنهنجي تعليم ڏيندي چيائين،</verse>
				<verse number="3">تہ ٻڌو، ڏسو هڪڙو هاري ٻج ڇَٽڻ نڪتو،</verse>
				<verse number="4">۽ هيئن ٿيو جو ٻج ڇَٽڻ مهل ڪي داڻا اچي گَس تي ڪِريا، ۽ پکي اچي اُهي چُڳي ويا.</verse>
				<verse number="5">۽ ڪي ٽڪرائتي زمين تي ڪِريا، جتي گهڻي مٽي ڪانہ هئي، ۽ اُهي يڪدم ڦُٽي نڪتا، ڇالاءِ جو اُتي مٽي پوري ڪانہ هئي:</verse>
				<verse number="6">۽ جڏهن سج اُڀريو تڏهن اُهي سڙي ويا؛ ۽ پاڙ نہ هئڻ جي ڪري سُڪي ويا.</verse>
				<verse number="7">۽ ڪي ڪنڊين ۾ ڪِريا، ۽ ڪنڊين وڌي اُنهن کي گهُٽي وڌو، ۽ هنن ڦر ڪونہ جهليو.</verse>
				<verse number="8">۽ ڪي ڀليءَ زمين تي ڪِريا، ۽ اُهي اُڀريا، ۽ وڌيا، ۽ ڦر جهليائون، ڪن ٽيهوڻو، ڪن سٺوڻو، ۽ ڪن سؤڻو.</verse>
				<verse number="9">پوءِ هنن کي چوڻ لڳو تہ جنهن کي ٻُڌڻ لاءِ ڪَن آهن سو ڀلي ٻُڌي.</verse>
				<verse number="10">۽ جڏهن هو نويڪلو ٿيو، تڏهن اُنهن ٻارهن ۽ جيڪي سندس آس پاس هئا، تن اُنهن مثالن بابت پڇيس.</verse>
				<verse number="11">انهن کي چيائين تہ اوهان کي خدا جي بادشاهي جي ڳجهہ جي سمجهہ ڏني ويئي آهي، مگر جيڪي ٻاهر آهن تن کي سڀ ڳالهيون مثالن طور ٿيون ٻڌائجن،</verse>
				<verse number="12">تہ ڏسندي ڏسن ۽ نہ پروڙين، ۽ ٻڌندي ٻڌن ۽ نہ سمجهن؛ تہ متان ڦري اچن ۽ معافي ملين.</verse>
				<verse number="13">۽ چيائين تہ هي مثال سمجهہ ۾ نٿو اچيوَ ڇا؟ تڏهن سڀيئي مثال ڪيئن سمجهندا؟</verse>
				<verse number="14">پوکڻ وارو ڪلام ٿو پوکي.</verse>
				<verse number="15">۽ جيڪي گس تي ڪِريا، جتي ڪلام پوکيو ويو، سي اُهي آهن جي جڏهن ٻڌن ٿا تڏهن يڪدم شيطان اچي ٿو، ۽ جيڪو ڪلام انهن ۾ پوکيو ويو آهي سو ڪڍي ٿو وڃي.</verse>
				<verse number="16">۽ انهيءَ طرح جيڪي ٽڪرائتيءَ زمين تي پوکيل آهن، سي اُهي آهن جي جڏهن ڪلام ٻڌن، تڏهن يڪدم اُهي خوشيءَ سان قبول ٿا ڪن؛</verse>
				<verse number="17">پر پاڙ نہ هئڻ ڪري ٿوري وقت تائين جٽاءُ ٿا ڪن، ۽ جڏهن ڪلام جي ڪري سختي يا ستائڻ شروع ٿو ٿئي، تڏهن يڪدم ڀلجيو وڃن.</verse>
				<verse number="18">۽ ٻيا جيڪي ڪنڊين ۾ پوکيا ويا آهن، سي اُهي آهن جي ڪلام ٻڌن ٿا،</verse>
				<verse number="19">مگر دنيا جا فڪر، ۽ دولت جو فريب، ۽ ٻين شين جون خواهشون منجهن گهڙي ڪري ڪلام کي گهٽيو ٿيون ڇڏين، جنهنڪري اُهو ڦل جهلڻ کان رهجيو وڃي.</verse>
				<verse number="20">۽ جي ڀلي زمين ۾ پوکيا ويا، سي اُهي آهن جي ڪلام ٻڌن ٿا، ۽ قبول ٿا ڪن، ۽ ٽيهوڻو ۽ سٺوڻو ۽ سؤڻو ڦل ٿا ڏين.</verse>
				<verse number="21">۽ هنن کي چيائين تہ ڏيئو انهي لاءِ ٿو آڻجي ڇا تہ ماڻ هيٺ يا کٽولي هيٺ رکجي، ۽ نہ ڏياٽيءَ تي؟</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ جو ڪابہ شئي لڪل نہ آهي جا ظاهر نہ ٿيندي؛ ۽ ڪابہ شئي ڳجهي نہ آهي، جا پڌري نہ ٿيندي.</verse>
				<verse number="23">جي ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻڌڻ لاءِ ڪَن آهن سو ڀلي ٻڌي.</verse>
				<verse number="24">۽ چيائين، تہ جيڪي ٻڌو ٿا سو سنڀالي ٻڌو: جنهن ماپ سان اوهين مئي ڏيندا تنهن سان اوهان کي مئجي ملندو: ۽ اوهان کي پاڻ وڌيڪ ڏنو ويندو.</verse>
				<verse number="25">ڇالاءِ تہ جنهن وٽ ڪي آهي، تنهن کي ڏنو ويندو: ۽ جنهن وٽ ڪي ڪينهي، تنهن کان پاڻ جيڪي اٿس سو بہ کسي وٺبو.</verse>
				<verse number="26">۽ هن چيو، تہ خدا جي بادشاهت ائين آهي، جيئن ڪو ماڻهو زمين ۾ ٻج پوکي،</verse>
				<verse number="27">۽ رات جو سمهي ۽ ڏينهن جو جاڳي، ۽ ٻج اهڙيءَ طرح پيو اُڀري ۽ وڌي جو هن کي انهيءَ جو ڪوبہ سماءُ ڪونہ ٿو پوي.</verse>
				<verse number="28">۽ زمين پاڻهي ڦل پيدا ٿي ڪري؛ پهريائين سلو ٿو نڪري، پوءِ سنگ، تنهن کانپوءِ سنگن ۾ پڪل داڻا.</verse>
				<verse number="29">پر جڏهن اَن پچي ٿو رهي، تڏهن يڪدم هو انهي ۾ ڏاٽو ٿو وجهي، ڇالاءِ جو لاباري جو وقت اچي پهتو آهي.</verse>
				<verse number="30">۽ چيائين تہ خدا جي بادشاهت کي ڇا سان ڀيٽ ڪريون؟</verse>
				<verse number="31">يا ڪهڙي مثال ۾ اُن جو ذڪر ڪريون؟ اُها آهر جي داڻي وانگر آهي، جو جڏهن زمين ۾ پوکجي ٿو، تڏهن جيتوڻيڪ هو دنيا جي سڀني ٻجن کان ننڍو آهي:</verse>
				<verse number="32">تہ بہ پوکڻ کانپوءِ اُڀري سڀني ٻوٽن کان وڌي ٿو وڃي، ۽ وڏيون ٽاريون ٿو ڪڍي، انهي لاءِ تہ آسمان جا پکي اُنهي جي ڇانوَ هيٺ رهن.</verse>
				<verse number="33">۽ اهڙن ڪيترن ئي مثالن سان هو اُنهن کي سندن سمجهہ آهر ڪلام ٻڌائيندو هو؛</verse>
				<verse number="34">۽ مثالن کانسواءِ هو ساڻن ڳالهائيندو ئي ڪين هو: پر علحدگيءَ ۾ هو پنهنجن شاگردن کي سڀني ڳالهين جو مطلب سمجهائيندو هو.</verse>
				<verse number="35">۽ اُنهي ساڳي ڏينهن سانجهيءَ جو هنن کي چيائين، تہ هلو تہ پار هلون.</verse>
				<verse number="36">۽ خلق کي ڇڏي، جيئن هو تيئن ئي کيس ٻيڙيءَ ۾ پاڻ سان وٺي ويا، ۽ ٻيون ٻيڙيون بہ ساڻس هيون.</verse>
				<verse number="37">پوءِ اچي هڪڙو وڏو طوفان لڳو، ۽ لهرن ٻيڙيءَ تي اهڙو سٽڪو لائي ڏنو، جو ٻيڙي ڀرجڻ لڳي.</verse>
				<verse number="38">۽ پاڻ پاڇيل تي وهاڻو ڏيو سمهيو پيو هو، ۽ هنن اچي جاڳائي چيس، تہ اي اُستاد، توکي پرواهہ ئي ڪانهي ڇا تہ اسين برباد ٿا ٿيون؟</verse>
				<verse number="39">تنهن تي هو جاڳيو، ۽ واءُ کي جهڻڪيائين، ۽ سمنڊ کي چيائين، تہ بس، ماٺو ٿيءُ. پوءِ واءُ بيهي ويو ۽ ڏاڍي نوائي ٿي ويئي.</verse>
				<verse number="40">پوءِ هنن کي چيائين، تہ ڇو ٿا ڊڄو؟ اڃا بہ ايمان ڪونہ اٿوَ ڇا؟</verse>
				<verse number="41">۽ هو ڏاڍا ڊنا، ۽ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ هي تڏهن ڪير آهي، جو واءُ ۽ سمنڊ بہ سندس حڪم ٿا مڃين؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">۽ هو سمنڊ جي پرئين ڀر گراسينين جي ملڪ ۾ لنگهي آيا.</verse>
				<verse number="2">۽ اڃا ٻيڙيءَ تان مس لٿو، تہ يڪدم هڪڙو ماڻهو جنهن ۾ ڀوت هو سو قبرستان مان نڪري اچي گڏيس.</verse>
				<verse number="3">هو رهندو ئي قبرستان ۾ هو، ۽ کيس زنجيرن سان بہ ڪو ٻَڌي نٿي سگهيو؛</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو هن کي گهڻائي ڀيرا نيئرن ۽ زنجيرن سان ٻَڌو هئائون، تہ بہ هن زنجير ڇني، ۽ نيئر پرزا پرزا ڪري ڇڏيا هئا: ۽ ڪوبہ ماڻهو کيس قابو ڪري نٿي سگهيو.</verse>
				<verse number="5">۽ هو هميشہ رات ڏينهن قبرن ۽ ٽڪرن ۾ پيو رڙيون ڪندو هو، ۽ پاڻ کي پهڻن سان ڦٽيندو هو.</verse>
				<verse number="6">جڏهن هن يسوع کي پري کان ڏٺو، تڏهن ڊوڙي وڃي سجدو ڪيائينس؛</verse>
				<verse number="7">۽ وڏي سڏ رڙ ڪري چيائين، تہ اي يسوع، خدا تعاليٰ جا فرزند، منهنجو توسان ڪهڙو واسطو؟ خدا جي واسطي مون کي عذاب نہ ڏي.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو هن چيو هوس، تہ اي ڀوت، هن ماڻهوءَ مان نڪري اچ.</verse>
				<verse number="9">پوءِ پڇيائينس تہ تنهنجو نالو ڇا آهي؟ هن چيس تہ منهنجو نالو لشڪر آهي؛ ڇالاءِ جو اسين گهڻا آهيون.</verse>
				<verse number="10">۽ هن منٿ ڪري چيس، تہ اسان کي هن ملڪ مان تڙي نہ ڪڍ.</verse>
				<verse number="11">۽ اُتي جبل جي پاسي ۾ سوئرن جو هڪڙو وڏو ڌڻ پئي چريو،</verse>
				<verse number="12">۽ هو کيس منٿ ڪري چوڻ لڳا تہ اسان کي سوئرن ۾ گهڙڻ جي موڪل ڏي.</verse>
				<verse number="13">تنهن تي هن کين موڪل ڏني، ۽ اُهي ڀوت نڪري سوئرن ۾ وڃي پيا، ۽ اُهو ڌڻ، جو شمار ۾ اٽڪل ٻہ هزار هو، سو اُڀ ڪپريءَ تان ڌوڪيندو وڃي سمنڊ ۾ پيو، ۽ پاڻيءَ ۾ غوطا کائي مئو.</verse>
				<verse number="14">۽ جن انهن کي ويٺي چاريو، سي اُٿي ڀڳا ۽ وڃي شهر ۽ ٻهراڙيءَ ۾ اُها خبر ٻڌايائون. تنهن تي ماڻهو اُهو حال ڏسڻ لاءِ نڪري آيا.</verse>
				<verse number="15">۽ اچي ڏسن تہ اُهو ڀوتاريل ماڻهو، يعني جنهن ۾ ڀوتن جو لشڪر هو، سو يسوع وٽ ڪپڙا پهري، پوري هوش ۾ ويٺو آهي، تڏهن ڊپ وٺي وين.</verse>
				<verse number="16">۽ جن اُهو رنگ ڏٺو هو، تن انهي ڀوتاريل ماڻهوءَ جي حقيقت ۽ سوئرن جي ڳالهہ هنن کي ڪري ٻڌائي.</verse>
				<verse number="17">تنهن تي هو عرض ڪرڻ لڳس تہ اسان جي حدن مان نڪري هليو وڃ.</verse>
				<verse number="18">پوءِ جڏهن ٻيڙيءَ تي ٿي چڙهيو، تڏهن جنهن ماڻهوءَ ۾ ڀوت هئا، تنهن عرض ڪيس تہ مون کي پاڻ وٽ رهڻ ڏي.</verse>
				<verse number="19">پر هن موڪل نہ ڏنس، ۽ چيائينس تہ پنهنجي گهر وڃي پنهنجن عزيزن کي ٻڌاءِ تہ خداوند توسان ڪهڙي نہ ڀلائي ڪئي آهي، ۽ توتي ڪيترو نہ رحم ڪيو اٿس.</verse>
				<verse number="20">پوءِ هو هليو ويو، ۽ دڪاپلس ۾ وڃي پڌرو ڪرڻ لڳو تہ يسوع مون سان ڪهڙي نہ ڀلائي ڪئي: ۽ سڀ ماڻهو عجب ۾ پئجي ويا.</verse>
				<verse number="21">۽ جڏهن يسوع ٻيڙيءَ ۾ چڙهي وري پار آيو، تڏهن ماڻهن جو وڏو ميڙاڪو وٽس اچي گڏ ٿيو، ۽ هو سمنڊ جي ڪنڌيءَ تي هو.</verse>
				<verse number="22">۽ عبادتخاني جي سردارن مان هڪڙو يائرس نالي آيو؛ ۽ کيس ڏسي پيرين پيس،</verse>
				<verse number="23">۽ ڏاڍي نيزاري ڪري چوڻ لڳس تہ منهنجي ننڍي نياڻي مرڻ تي آهي: ڀلائي ڪري هلي هٿ گهمائينس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.</verse>
				<verse number="24">تنهن تي هو ساڻس گڏجي ويو، ۽ هڪڙو وڏو ميڙاڪو سندس پٺيان اُٿي هليو، ۽ ماڻهو مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا.</verse>
				<verse number="25">۽ هڪڙي زال جنهن کي ٻارهن ورهين کان رت وهندو هو،</verse>
				<verse number="26">۽ ڪيترن ئي طبيبن جي هٿان گهڻيون تڪليفون سَٺيون هئائين، ۽ جيڪي وٽس هو، سو سڀ خرچي کپائي رهي هئي، ۽ فائدو تہ ڪونہ رسيو هوس پر اُٽلندو وڌيڪ بيمار ٿيندي ويئي،</verse>
				<verse number="27">سا يسوع بابت ڳالهيون ٻڌي گوڙ ۾ پٺيانئس آئي، ۽ اچي سندس ڪپڙي کي هٿ لاتائين.</verse>
				<verse number="28">ڇالاءِ جو هن چيو ٿي تہ جي آئون رڳو سندس ڪپڙن کي کڻي هٿ لائينديس، تہ چڱي ڀلي ٿي پونديس.</verse>
				<verse number="29">۽ يڪدم رت وهڻ بند ٿي ويس، ۽ پاڻ ۾ سمجهيائين تہ هاڻ آئون انهي آزار کان ڇُٽي آهيان.</verse>
				<verse number="30">۽ يڪدم يسوع اندر ۾ ڄاتو تہ مون مان قدرت نڪتي آهي. تڏهن گوڙ ۾ ڦري چيائين تہ ڪنهن منهنجن ڪپڙن کي هٿ لاتو؟</verse>
				<verse number="31">۽ سندس شاگردن چيس تہ تون ڏسين ٿو تہ ماڻهو توتي ڳاهٽ پيا ٿين، پوءِ بہ چوين ٿو تہ ڪنهن مون کي هٿ لاتو؟</verse>
				<verse number="32">هن هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، تہ ڏسان تہ ڪنهن اهو ڪم ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="33">پر زال کي خبر هئي تہ ساڻس ڇا ٿيو آهي، سا ڊڄندي ۽ ڏڪندي اچي پيرين پيس، ۽ سموري ڳالهہ ڪري ٻڌايائينس.</verse>
				<verse number="34">تنهن تي هن چيس تہ ڌيءَ، تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي، سلامت هلي وڃ ۽ انهي آزار کان ڇُٽيئن.</verse>
				<verse number="35">اڃا هن ڳالهايو ئي پئي، تہ عبادتخاني جي سردار جي گهر مان ڪن ماڻهن اچي چيو تہ تنهنجي نياڻي مري ويئي:</verse>
				<verse number="36">هاڻي اُستاد کي وڌيڪ تڪليف ڇو ٿو ڏين؟ پر يسوع انهي چوڻ تي ڪوبہ ڌيان نہ ڏئي عبادتخاني جي سردار کي چيو تہ ڊڄ نہ، رڳو ايمان رک.</verse>
				<verse number="37">۽ هن پطرس، ۽ يعقوب، ۽ يعقوب جي ڀاءُ يوحنا کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ پنهنجي پٺيان اچڻ نہ ڏنو.</verse>
				<verse number="38">۽ هو عبادتخاني جي سردار جي گهر آيا، تہ ڇا ڏسي تہ گوڙ لڳو پيو آهي، ۽ ڏاڍو پيا روئن پِٽين.</verse>
				<verse number="39">پوءِ جڏهن اندر آيو تڏهن چيائين تہ اوهين هُل ڇو ٿا ڪريو، ۽ ڇو پيا روئو؟ ڇوڪري مئي ڪانهي، پر سُتي پيئي آهي.</verse>
				<verse number="40">تنهن تي هو مٿس کِلڻ لڳا. پر هن سڀني کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، ۽ رڳو ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ ۽ پنهنجن ساٿين کي پاڻ سان ڪري، اندر گهڙي انهي هنڌ ويو، جتي اُها ڇوڪري پيئي هئي.</verse>
				<verse number="41">۽ ڇوڪريءَ کي هٿ کان وٺي چوڻ لڳو، تہ ”تليتا قُومي؛“ جنهن جو ترجمو آهي، اي نينگر، آئون توکي چوان ٿو تہ اُٿ.</verse>
				<verse number="42">۽ يڪدم ڇوڪري اُٿي کڙي ٿي ۽ هلڻ لڳي؛ ڇالاءِ جو هوءَ ٻارهن ورهين جي هئي، ۽ هنن کي حد کان وڌيڪ حيراني لڳي ويئي.</verse>
				<verse number="43">پوءِ هن انهن کي سخت تاڪيد ڪئي تہ هن ڳالهہ جي ڪنهن کي بہ خبر نہ پوي: ۽ چيائين تہ ڪجهہ کائڻ لاءِ ڏيوس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">پوءِ هو اُتان نڪري پنهنجي وطن آيو، ۽ سندس شاگرد پٺيانئس آيا.</verse>
				<verse number="2">۽ جڏهن سبت جو ڏينهن آيو، تڏهن هو عبادتگاهہ ۾ تعليم ڏيڻ لڳو: ۽ گهڻا ماڻهو ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ هن ماڻهوءَ کي اِهي ڳالهيون ڪٿان آيون؟ ۽ اها ڪهڙي دانائي آهي جا هن ماڻهوءَ کي ملي آهي، ۽ سندس هٿان ڪيڏا نہ معجزا ٿا ٿين؟</verse>
				<verse number="3">هي اُهو واڍو نہ آهي ڇا، جو مريم جو پٽ، ۽ يعقوب، ۽ يوسيس، ۽ يهوداہ، ۽ شمعون جو ڀاءُ آهي؟ ۽ هن جون ڀينرون هتي اسان وٽ ڪينهن ڇا؟ سو هنن کيس قبول نہ ڪيو.</verse>
				<verse number="4">۽ يسوع هنن کي چيو تہ ڪنهن بہ نبيءَ جي پنهنجي وطن، ۽ پنهنجن مٽن مائٽن، ۽ پنهنجي گهر کانسواءِ ٻئي هنڌ بي عزتي ڪانہ ٿي ٿئي.</verse>
				<verse number="5">۽ اُتي هو ڪوبہ معجزو ڪري نہ سگهيو، سواءِ انهي کان تہ ٿورن بيمارن کي هٿ لائي شفا ڏنائين.</verse>
				<verse number="6">۽ هنن جي بي اعتقاديءَ تي ڏاڍو عجب لڳس. پوءِ هو چوڌاري ڳوٺن ۾ تعليم ڏيندو گهمندو رهيو.</verse>
				<verse number="7">۽ هن انهن ٻارهن ڄڻن کي پاڻ وٽ سڏيو، ۽ انهن کي ٻہ ٻہ ڪري روانو ڪيائين؛ ۽ کين ڀوتن تي اختياري ڏنائين؛</verse>
				<verse number="8">۽ تاڪيد ڪري ڇڏيائين، تہ سفر ۾ لٺ کانسواءِ ٻيو ڪي بہ نہ کڻجو؛ نڪا ماني، نڪا جهولي، نڪو هڙ ۾ پئسو؛</verse>
				<verse number="9">پر رڳو چاکڙيون پائجو: ۽ ٻہ ڪوٽ نہ پائجو.</verse>
				<verse number="10">۽ چيائين تہ جتي ڪنهن گهر ۾ وڃو، تہ جيسين وري اُتان نڪرو تيسين اُتي ئي ٽڪيا پيا هجو.</verse>
				<verse number="11">۽ جنهن هنڌ جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، ۽ اوهان جي نہ ٻُڌن، تن وٽان رواني ٿيڻ مهل اوهين پنهنجن پيرن جي مٽي اُتي ڇنڊي ڇڏجو، تہ ڀلي مٿن شاهدي ٿئي.</verse>
				<verse number="12">پوءِ اُهي روانا ٿيا، ۽ منادي ڪرڻ لڳا تہ توبهہ ڪريو.</verse>
				<verse number="13">۽ ڪيترا ڀوت ڪڍيائون، ۽ گهڻن ئي بيمارن کي تيل مکي چڱو ڀلو ڪيائون.</verse>
				<verse number="14">۽ هيروديس بادشاهہ اهي ڳالهيون ٻڌيون، ڇالاءِ جو هن جو نالو مشهور ٿي ويو هو، ۽ چوڻ لڳو تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو مئلن مان جي اُٿيو آهي، تنهنڪري هن جي هٿان اِهي معجزا ٿا ٿين.</verse>
				<verse number="15">پوءِ ٻين چيو، تہ اهو ايلياہ آهي، ۽ ڪن چيو تہ ڪو نبي آهي، يعني نبين مان هڪڙي جهڙو آهي.</verse>
				<verse number="16">پر جڏهن هيروديس هي ٻڌو، تڏهن چيائين تہ يوحنا، جنهن جي مون سسي لهرائي هئي، سو ئي جي اُٿيو آهي.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ تہ هيروديس پاڻ ماڻهو موڪلي يوحنا کي جهلايو هو، ۽ پنهنجي ڀاءُ فلپس جي زال هيرودياس جي خاطر قيدخاني ۾ وڌو هئائينس، جو هن سان پرڻجي ويٺو هو.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو يوحنا هيروديس کي چيو هو تہ توکي پنهنجي ڀاءُ جي زال کي رکڻ روا نہ آهي.</verse>
				<verse number="19">۽ هيرودياس جي ساڻس دشمني هئي، ۽ کيس مارائي ڇڏڻ جي مرضي هيس، مگر وس نٿي پڳس؛</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ جو هيروديس کي خبر هئي تہ يوحنا پاڪ ۽ راستباز ماڻهو آهي، تنهنڪري کانئس ڊڄندو هو، ۽ کيس صحيح سلامت رکندو هو؛ ۽ جڏهن هن جون ڳالهيون ٻُڌندو هو، تڏهن ڏاڍو مُنجهي پوندو هو، پر ٻُڌندو خوشيءَ سان هوس.</verse>
				<verse number="21">۽ هڪڙي موقعي تي جڏهن هيروديس پنهنجي جنم جي ڏينهن پنهنجن اميرن ۽ وڏن جنگي سردارن، ۽ گليل جي مکيہ ماڻهن جي ماني ڪئي هئي،</verse>
				<verse number="22">تڏهن خود هيرودياس جي ڌيءَ اندر آئي، ۽ ناچ ڪري هيروديس ۽ سندس مهمانن کي خوش ڪيائين؛ ۽ بادشاهہ اُنهيءَ ڇوڪريءَ کي چيو، تہ گهُر جيڪي گهُرڻو هجيئي تہ ڏيانءِ.</verse>
				<verse number="23">۽ قسم کڻي چيائينس تہ اڌ بادشاهت تائين جيڪي بہ گهرندئين سو ڏيندوسانءِ.</verse>
				<verse number="24">تنهن تي هوءَ ٻاهر نڪري ويئي، ۽ پنهنجي ماءُ کان پڇيائين تہ ڇا گهران؟ هن چيس تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي سسي.</verse>
				<verse number="25">سو يڪدم هوءَ تڪڙي تڪڙي اندر بادشاهہ وٽ آئي، ۽ عرض ڪري چيائينس تہ منهنجي مرضي آهي، تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي سسي هڪڙيءَ ٿالهيءَ ۾ وجهي هينئر جو هينئر مون کي ڏين.</verse>
				<verse number="26">تنهن تي بادشاهہ کي ڏاڍو ارمان ٿيو؛ پر پنهنجن قسمن جي ڪري، ۽ مهمانن جي خاطر، هن جو چوڻ موٽائي نہ سگهيو.</verse>
				<verse number="27">۽ يڪدم بادشاهہ پهري وارن سپاهين مان هڪڙي کي روانو ڪيو، ۽ حڪم ڏنائينس تہ وڃي هن جي سسي لاهي کڻي اچ: ۽ هن وڃي قيدخاني ۾ هن جي سسي لاٿي،</verse>
				<verse number="28">۽ ٿالهيءَ ۾ رکي کڻي آيو، ۽ انهيءَ ڇوڪريءَ کي ڏنائين؛ ۽ ڇوڪريءَ اُها وٺي پنهنجي ماءُ کي ڏني.</verse>
				<verse number="29">۽ جڏهن هن جي شاگردن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن آيا ۽ هن جو لاشو کڻي وڃي قبر ۾ رکيائون.</verse>
				<verse number="30">پوءِ رسول يسوع وٽ وري اچي گڏ ٿيا، ۽ جيڪي ڪم ڪيا هئائون، ۽ جيڪا تعليم ڏني هئائون، تنهن سڀ جو بيان ڪري ٻڌايائون.</verse>
				<verse number="31">۽ هن چين تہ اوهين پاڻ خلاصا ڪنهن ويران هنڌ تي هلو، ۽ ٿورو آرام ڪريو، ڇالاءِ جو ماڻهن جي گهڻي اچ وڃ لڳي پيئي هئي، ۽ هنن کي ماني کائڻ جيتري بہ فرصت ڪانہ ٿي ملي.</verse>
				<verse number="32">سو هو ٻيڙيءَ تي چڙهي خلاصا هڪڙي ويران هنڌ ڏانهن علحدگيءَ ۾ ويا.</verse>
				<verse number="33">پر ماڻهن هنن کي ويندو ڏٺو ۽ گهڻن سڃاڻي ورتن، ۽ اُهي سڀني شهرن مان نڪري گڏجي پيرين پنڌ اوڏانهن ڀڳا، ۽ هنن کان بہ اڳي وڃي اُتي سهڙيا.</verse>
				<verse number="34">پوءِ هو لهي آيو ۽ ماڻهن جو وڏو ميڙاڪو ڏٺائين، ۽ هن کي مٿن رحم آيو، ڇالاءِ تہ هو نڌڻڪين رڍن وانگر هئا؛ ۽ هو کين گهڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو.</verse>
				<verse number="35">۽ جڏهن هاڻ ڏينهن گهڻو گذري ويو هو، تڏهن سندس شاگرد وٽس آيا، ۽ چيائونس تہ هي هنڌ ويران آهي، ۽ ڏينهن بہ گهڻو گذري ويو آهي؛</verse>
				<verse number="36">هنن کي موڪل ڏي تہ آس پاس وارن ڳوٺن ۽ گهرن ۾ وڃي پنهنجي لاءِ ڪي ڪجهہ ڳنهي کائين.</verse>
				<verse number="37">پر هن ورندي ڏيئي چين تہ اوهين کائڻ لاءِ ڏيونِ. تڏهن هنن چيس تہ ڇا اسين ٻن سون دينارن جون مانيون خريد ڪري هنن کي کارايون؟</verse>
				<verse number="38">هن پڇين تہ اوهان وٽ ڪيتريون مانيون آهن؟ وڃي ڏسو. جڏهن ڏٺائون تڏهن اچي چيائون تہ پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون.</verse>
				<verse number="39">۽ هن حڪم ڏيئي چين تہ سڀيئي ٽوليون ٽوليون ٿي سائي گاهہ تي ويهي وڃو.</verse>
				<verse number="40">سو هو هڪ هڪ سؤ ۽ پنجاهہ پنجاهہ جون قطارون ڪري ويهي ويا.</verse>
				<verse number="41">پوءِ هن اُهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کنيون، ۽ آسمان ڏانهن نهاري برڪت گهُريائين، ۽ مانيون ڀڃي شاگردن کي ڏيندو ويو تہ هنن جي اڳيان رکن؛ ۽ ٻہ مڇيون بہ سڀني کي ورهائي ڏنائين.</verse>
				<verse number="42">۽ اُنهن مڙني کائي ڍءُ ڪيو.</verse>
				<verse number="43">۽ ٽڪر ٽيرا جيڪي بچيا تن مان ٻارهن کاريون ڀري کنيائون.</verse>
				<verse number="44">۽ جن اُهي مانيون کاڌيون سي پنج هزار مرد هئا.</verse>
				<verse number="45">۽ يڪدم هن پنهنجن شاگردن تي زور رکيو تہ اوهين ٻيڙيءَ تي چڙهي مون کان اڳي هن ڀر بيت صيدا ۾ هلو، جيسين آئون خلق کي روانو ڪريان.</verse>
				<verse number="46">پوءِ جڏهن هنن کان موڪلائي رهيو، تڏهن دعا گهرڻ لاءِ جبل تي ويو.</verse>
				<verse number="47">۽ جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن ٻيڙي سمنڊ جي وچ ۾ هئي، ۽ پاڻ اڪيلو سُڪيءَ تي هو.</verse>
				<verse number="48">۽ جڏهن ڏٺائين تہ هو ٻيڙي ڪاهي ڪاهي هلاک ٿيا آهن، ڇالاءِ جو واءُ کين اڻائو هو، تڏهن رات جي چوٿين پهر ڌاري، هو پاڻ سمنڊ تي پنڌ ڪري وٽن آيو، ۽ جيڪر کانئن لنگهي وڃي ها:</verse>
				<verse number="49">پر هنن کيس سمنڊ تي پنڌ ڪندو ڏسي ڀانئيو تہ ڪو شر آهي؛ سو رڙيون ڪرڻ لڳا:</verse>
				<verse number="50">ڇالاءِ جو هو سڀيئي کيس ڏسي دهلجي ويا هئا، پر هن يڪدم ساڻن ڳالهايو، ۽ چيائين تہ دلجاءِ ڪريو، آئون آهيان، ڊڄو نہ.</verse>
				<verse number="51">پوءِ هو وٽن ٻيڙيءَ تي ويو، ۽ واءُ بس ٿي ويو: ۽ هو اندر ۾ ڏاڍا حيران ٿي ويا؛</verse>
				<verse number="52">ڇالاءِ جو هنن مانين واري ڳالهہ نہ سمجهي هئي، پر سندن دل سخت ٿي ويئي هئي.</verse>
				<verse number="53">۽ جڏهن هو پار لنگهيا، تڏهن گنيسرت جي علائقي ۾ اچي لٿا، ۽ ڪناري تي اچي پڳهہ هنيائون.</verse>
				<verse number="54">۽ جڏهن هو ٻيڙيءَ تان لٿا، تڏهن ماڻهن يڪدم سڃاڻي ورتس.</verse>
				<verse number="55">۽ انهي ساري علائقي ۾ چوڌاري ڊوڙي ويا، ۽ جتي ٿي ٻڌائون تہ هو آيو آهي، اُتي بيمارن کي کٽولن تي کڻي ٿي آيا.</verse>
				<verse number="56">۽ ڳوٺن، ۽ شهرن، ۽ ٻهراڙيءَ ۾، جتي ڪٿي هو ويو ٿي، اُتي بيمارن کي بازارن ۾ آڻي ٿي رکيائون، ۽ منٿ ڪري ٿي چيائونس تہ اسان کي رڳو پنهنجي ڪپڙي جي دامن کي هٿ لائڻ ڏي: ۽ جيترن هٿ لاتس، اوترا مڙيئي ڇُٽي چڱا ڀلا ٿي پيا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">۽ فريسين ۽ فقيهن مان ڪي، جي يروشلم کان آيا هئا سي وٽس اچي گڏ ٿيا.</verse>
				<verse number="2">۽ هنن ڏٺو هو تہ سندس ڪي شاگرد پليت، يعني اڻ ڌوتلن هٿن سان ماني ٿا کائين.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ تہ فريسي ۽ سڀ يهودي پنهنجن وڏن جي روايت موجب، جيسين پنهنجا هٿ چڱيءَ طرح نہ ڌوئن، تيسين ڪين کائيندا آهن.</verse>
				<verse number="4">۽ جڏهن بازار کان اچن، تڏهن جيسين تڙ نہ ڪن، تيسين ڪين کائيندا آهن، ۽ ٻيون بہ گهڻيون ڳالهيون آهن جي هنن کي قائم رکڻ لاءِ وڏن کان مليل آهن، جيئن تہ پيالن ۽ لوٽن ۽ پتل جي ٿانوَن کي ڌوئڻ.</verse>
				<verse number="5">سو فريسين ۽ فقيهن کانئس پڇيو تہ تنهنجا شاگرد ڇالاءِ وڏن جي روايتن موجب نٿا هلن، پر پليت هٿن سان ماني ٿا کائين؟</verse>
				<verse number="6">هن چيو تہ اوهان رياڪارن بابت يسعياہ نبيءَ ڪهڙي نہ پوري پيشنگوئي ڪري ويو آهي، جو لکيل آهي تہ ”هيءَ اُمت پنهنجن چپن سان مون کي مانُ ٿي ڏئي، پر هنن جي دل مون کان پري آهي.</verse>
				<verse number="7">هو منهنجي عبادت اجائي ٿا ڪن، جو ماڻهن جا حڪم پنهنجي تعليم ڪيو ٿا سيکارين.“</verse>
				<verse number="8">اوهين خدا جي حڪم کي ڇڏي ماڻهن جي روايت کي قائم ٿا رکو.</verse>
				<verse number="9">اوهين پنهنجن روايتن رکڻ لاءِ خدا جي حڪم کي ڪهڙو نہ رد ٿا ڪريو.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو موسيٰ فرمايو آهي تہ پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجي پيءُ جي عزت ڪريو، ۽ جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ جي گلا ڪري، سو اُڦٽ ماريو وڃي.</verse>
				<verse number="11">پر اوهين چئو ٿا تہ جيڪڏهن ڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي چوندو تہ جنهن شيءِ مان توکي منهنجي هٿان فائدو رسي ها سا قربان، يعني خدا جي نذر ٿي چڪي؛</verse>
				<verse number="12">تہ اوهين هن کي وري پنهنجي پيءُ يا پنهنجي ماءُ لاءِ ڪي بہ ڪرڻ نٿا ڏيو؛</verse>
				<verse number="13">انهي طرح اوهين پنهنجي روايت جا جاري ڪئي اٿوَ، تنهن سان خدا جي ڪلام کي رد ڪري ٿا ڇڏيو: ۽ ٻيا بہ گهڻيئي اهڙا ڪم ٿا ڪريو.</verse>
				<verse number="14">۽ هن انهيءَ خلق کي وري پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ اوهين سڀ منهنجي ڳالهہ ٻڌو ۽ سمجهو:</verse>
				<verse number="15">ڪابہ شيءِ ٻاهران ماڻهوءَ ۾ گهڙي هن کي پليت ڪري نٿي سگهي، پر جيڪي شيون ماڻهوءَ جي اندران ٻاهر ٿيون نڪرن، اُهي ئي ماڻهوءَ کي پليت ٿيون ڪن.</verse>
				<verse number="16">(جنهن کي ڪن آهن سو ڀلي ٻڌي).</verse>
				<verse number="17">۽ جڏهن هو گوڙ مان نڪري آيو، تڏهن سندس شاگردن انهي مثال بابت کانئس پڇيو.</verse>
				<verse number="18">تنهن تي هنن کي چيائين، تہ اوهين بہ اهڙا بي سمجهہ آهيو ڇا؟ ايتري بہ خبر نٿي پويوَ تہ جيڪي ٻاهران انسان ۾ داخل ٿئي ٿو، سو هن کي پليت ڪري نٿو سگهي.</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ جو اُهو هن جي دل ۾ نٿو وڃي، پر هن جي پيٽ ۾ ٿو وڃي، ۽ اُتان جاءِ ضرور مان نڪريو وڃي؟ ائين چوڻ سان هن سڀني کاڌي جي شين کي پاڪ ٺهرايو.</verse>
				<verse number="20">۽ چيائين تہ جيڪي انسان مان ٻاهر ٿو نڪري، سو ئي انسان کي پليت ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو اندران ماڻهوءَ جي دل مان بڇڙا خيال ٿا نڪرن، يعني حرامڪاريون،</verse>
				<verse number="22">چوريون، خون، زناڪاريون، لالچون، بڇڙايون، ٺڳي، شهوت پرستي، بدنظري، گلاخوري، مغروري، بيوَقوفي:</verse>
				<verse number="23">اهي سڀ خراب شيون اندر مان ٿيون نڪرن، ۽ ماڻهوءَ کي پليت ٿيون ڪن.</verse>
				<verse number="24">پوءِ اُتان اُٿي صور ۽ صيدا جي حدن ڏانهن ويو. ۽ هڪڙي گهر ۾ اندر ويو، ۽ مرضي هيس تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي انهي جي خبر نہ پوي، پر لڪي نہ سگهيو.</verse>
				<verse number="25">مگر يڪدم هڪڙي زال جنهن جي ننڍڙي ڌيءَ ۾ ڀوت هو سا سندس خبر ٻڌي آئي، ۽ اچي پيرين پيس.</verse>
				<verse number="26">۽ اُها زال يونانڻ هئي، ۽ سور فينيڪي جي قوم جي هئي. تنهن نيزاري ڪري چيس، تہ منهنجي نياڻيءَ مان ڀوت ڪڍ.</verse>
				<verse number="27">۽ هن چيس تہ پهريائين ٻارن کي ڍءُ ڪرڻ ڏي: ڇالاءِ جو ائين واجب نہ آهي تہ ٻارن جي ماني ڪتن کي اُڇلائي ڏجي.</verse>
				<verse number="28">پر هن زال ورندي ڏيئي چيس تہ برابر خداوند: پر ڪتا بہ ميز جي هيٺان ٻارن جي ڪريلن ڀورن مان کائين ٿا.</verse>
				<verse number="29">۽ هن چيس تہ اها ڳالهہ برابر آهي، انهي ڪري تون وڃ، تنهنجي نياڻيءَ مان ڀوت نڪري ويو.</verse>
				<verse number="30">سو هوءَ پنهنجي گهر ويئي ۽ ڏٺائين تہ ڇوڪري هنڌ تي پيئي آهي، ۽ ڀوت نڪري ويو اٿس.</verse>
				<verse number="31">۽ وري هو صور جي حد مان نڪري، صيدا مان لنگهي، دڪاپلس جي حدن جو وچ ڏيئي، گليل جي سمنڊ ڏانهن آيو.</verse>
				<verse number="32">۽ ماڻهو هڪڙي شخص کي وٽس وٺي آيا، جو ٻوڙو هو، ۽ ڳالهائڻ ۾ بہ اٽڪ هيس؛ ۽ منٿ ڪيائونس تہ هن کي پنهنجو هٿ لاءِ.</verse>
				<verse number="33">۽ هو انهي کي گوڙ کان پاسيرو وٺي ويو، ۽ پنهنجون آڱريون هن جي ڪنن ۾ وڌائين، ۽ ڦيڻي ڪڍي هن جي زبان کي لاتائين؛</verse>
				<verse number="34">۽ آسمان ڏانهن نهاري ٿڌو ساهہ کنيائين، ۽ هن کي چيائين تہ افتح، يعني کُلي پئُہ.</verse>
				<verse number="35">۽ هن جا ڪن کُلي پيا، ۽ هن جي زبان جي تند ڇڙي پيئي، ۽ هو صاف ڳالهائڻ لڳو.</verse>
				<verse number="36">پوءِ هن کين تاڪيد ڪئي تہ ڪنهن سان بہ ڳالهہ متان ڪريو: پر جيترو هن وڌيڪ جهلين، اوترو ئي وڌيڪ هنن وڃي اها ڳالهہ پڌري ڪئي.</verse>
				<verse number="37">۽ هنن کي بيحد عجب لڳو، ۽ چوڻ لڳا تہ هن سڀ جيڪي ڪيو آهي سو چڱو آهي: بلڪ هو ٻوڙن کي ٻڌڻ جي، ۽ گونگن کي ڳالهائڻ جي بہ طاقت ٿو ڏئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">انهن ڏينهن ۾ جڏهن وري خلق اچي گڏ ٿي، ۽ وٽن کاڌي لاءِ ڪي بہ ڪين هو، تڏهن هن پنهنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو،</verse>
				<verse number="2">تہ مون کي هنن ماڻهن تي رحم ٿو اچي، جو هو ٽي ڏينهن ساندهہ مون سان گڏ رهيا آهن، ۽ کائڻ لاءِ ڪي بہ ڪين اٿن:</verse>
				<verse number="3">۽ جيڪڏهن آئون کين بکايل گهر موڪليندس تہ واٽ تي ماندا ٿي پوندا؛ ۽ منجهانئن ڪي تہ پري کان آيا آهن.</verse>
				<verse number="4">۽ سندس شاگردن ورندي ڏنس، تہ هتي سُڃ ۾ ايتري ماني ڪٿان اچي جو هنن ماڻهن جو پيٽ ڀرجي؟</verse>
				<verse number="5">تنهن تي پڇيائين تہ ڪيتريون مانيون ساڻ اٿوَ؟ ۽ هنن چيو تہ ست.</verse>
				<verse number="6">هن ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ زمين تي ويهي وڃو: ۽ اُهي ست مانيون کڻي شڪر ڪري ٽڪر ٽڪر ڀڃي شاگردن کي ڏنائين تہ اڳيائن رکن؛ ۽ انهن اُهي ماڻهن اڳيان رکيون.</verse>
				<verse number="7">۽ وٽن ٿوريون ڪُرڙيون هيون، تن تي بہ شڪرانا چئي کين ڏنائين، تہ اُهي بہ کڻي هنن جي اڳيان رکن.</verse>
				<verse number="8">۽ انهن کائي ڍءُ ڪيو، ۽ ٽڪر ٽيرا جيڪي بچيا هئا، تن جا ست کارا ڀري کنيائون.</verse>
				<verse number="9">اُهي اٽڪل چار هزار ماڻهو هئا: پوءِ هن کين موڪل ڏني.</verse>
				<verse number="10">۽ يڪدم هو پنهنجن شاگردن سميت ٻيڙيءَ ۾ چڙهي دلمنوتہ جي علائقي ۾ آيو.</verse>
				<verse number="11">پوءِ فريسي آيا ۽ اچي ساڻس بحث ڪرڻ لڳا، ۽ آزمائڻ لاءِ چيائونس تہ اسان کي ڪا آسمان مان نشاني ڏيکار.</verse>
				<verse number="12">هن پنهنجي اندر ۾ ٿڌو ساهہ کڻي چيو، تہ هن زماني جا ماڻهو ڇو ٿا نشاني گهرن؟ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن زماني جي ماڻهن کي ڪابہ نشاني ڏيڻ ۾ نہ ايندي.</verse>
				<verse number="13">۽ هنن کي ڇڏي وري ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پرينءَ ڀر هليو ويو.</verse>
				<verse number="14">۽ کين ماني کڻڻ وسري ويئي، ۽ ٻيڙيءَ ۾ هڪ مانيءَ کانسواءِ ساڻن ڪجهہ بہ نہ هو.</verse>
				<verse number="15">۽ هن تاڪيد ڪري چين، تہ خبردار ٿجو، فريسين جي خمير ۽ هيرودين جي خمير کان سنڀالجو.</verse>
				<verse number="16">سو هو هڪ ٻئي سان بحث ڪري چوڻ لڳا تہ اسان وٽ ماني ڪانهي.</verse>
				<verse number="17">۽ يسوع اُها ڳالهہ سهي ڪري کين چيو، تہ ڇو ٿا بحث ڪريو تہ اسان وٽ ماني ڪانهي؟ اڃا پروڙيو نٿا ڇا نڪي سمجهو ٿا؟ اوهان جي دل سخت ٿي پيئي آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="18">اکين هوندي بہ نٿا ڏسو ڇا؟ ۽ ڪنن هوندي بہ نٿا ٻڌو ڇا؟ ۽ ياد نٿو پويوَ ڇا؟</verse>
				<verse number="19">جڏهن مون پنجن هزارن لاءِ پنج مانيون ڀڳيون، تڏهن اوهان ٽڪرن ٽيرن جون ڪيتريون کاريون ڀري کنيون؟ هنن چيس تہ ٻارهن.</verse>
				<verse number="20">۽ جڏهن چئن هزارن لاءِ ست مانيون ڀڳم تڏهن ٽڪر ٽيرن جا ڪيترا کارا کنيوَ؟ ۽ هنن چيس تہ ست.</verse>
				<verse number="21">تڏهن چيائين تہ اڃا بہ نٿا سمجهو ڇا؟</verse>
				<verse number="22">پوءِ هو بيت صيدا ۾ آيا، ۽ هڪڙي انڌي کي وٽس آندائون، ۽ عرض ڪيائونس تہ هن کي هٿ لاءِ.</verse>
				<verse number="23">هن انهي انڌي کي هٿ کان وٺي ڳوٺ کان ٻاهر آندو، ۽ سندس اکين تي ڦيڻي لائي ۽ مٿس پنهنجا هٿ رکي پڇيائينس، تہ ڪي ڏسڻ ۾ اچيئي ٿو؟</verse>
				<verse number="24">هن مٿي نهاري چيو تہ آئون ماڻهو ڏسان ٿو، ڇالاءِ جو هو مون کي وڻن وانگر پنڌ ڪندا نظر ٿا اچن.</verse>
				<verse number="25">تڏهن وري هن پنهنجا هٿ هن جي اکين تي رکيا، ۽ هو چتائي نهارڻ لڳو، ۽ سڄو سارو ٿي پيو، ۽ سڀ شيون صاف ڏسڻ لڳو.</verse>
				<verse number="26">۽ هن گهر ڏانهن روانو ڪري چيس تہ اصل ڳوٺ ۾ وڃ ئي نہ.</verse>
				<verse number="27">پوءِ يسوع ۽ سندس شاگرد قيصريہ فلپي جي ڳوٺن ۾ ويا، ۽ رستي تي هن پنهنجن شاگردن کان پڇيو، تہ ماڻهو ڇا ٿا چون تہ آئون ڪير آهيان؟</verse>
				<verse number="28">هنن ورندي ڏيئي چيس تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو، ۽ ڪي چون ٿا تہ ايلياہ، پر ٻيا چون ٿا تہ نبين مان هڪڙو.</verse>
				<verse number="29">هن کانئن پڇيو، پر اوهين ڇا ٿا چئو تہ آئون ڪير آهيان؟ پطرس ورندي ڏيئي چيس تہ تون مسيح آهين.</verse>
				<verse number="30">تنهن تي هن تاڪيد ڪري ڇڏين تہ ڪنهن کي بہ مون بابت نہ ٻڌائجو.</verse>
				<verse number="31">پوءِ هو اُنهن کي تعليم ڏيڻ لڳو، تہ ضروري آهي تہ ابن آدم گهڻيون سختيون سَهي، ۽ بزرگ ۽ سردار ڪاهن ۽ فقيهہ کيس رد ڪن، ۽ هو ماريو وڃي، ۽ ٽن ڏينهن کانپوءِ جي اُٿي.</verse>
				<verse number="32">اها ڳالهہ هن کُلي کُلائي ڪئي. پوءِ پطرس هن کي جهلي جهڻڪڻ لڳو.</verse>
				<verse number="33">پر هن ڦري پنهنجن شاگردن ڏانهن نگاهہ ڪري پطرس کي ڇڙٻ ڏيئي چيو تہ اي شيطان، منهنجي اڳيان ٽر: ڇالاءِ تہ توکي خدا جي ڳالهين جو فڪر ڪونهي، پر فقط ماڻهن جي ڳالهين جو فڪر اٿيئي.</verse>
				<verse number="34">۽ هو خلق کي پنهنجن شاگردن سوڌو پاڻ وٽ سڏي چوڻ لڳو، تہ جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو منهنجي پٺيان اچڻ گهري تہ پنهنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان اچي.</verse>
				<verse number="35">ڇالاءِ جو جيڪو ڀانئين ٿو تہ پنهنجي جان بچايان، سو اُها وڃائيندو؛ ۽ جيڪو منهنجي واسطي ۽ انجيل جي واسطي پنهنجي جان وڃائيندو، سو اُها بچائيندو.</verse>
				<verse number="36">ڇالاءِ تہ ماڻهوءَ کي انهي مان ڇا حاصل جو سڄي دنيا هٿ ڪري، ۽ پنهنجي جان وڃائي.</verse>
				<verse number="37">ڇاڪاڻ تہ ماڻهو پنهنجي جان جي عيوض ڇا ڏيندو؟</verse>
				<verse number="38">ڇالاءِ تہ هن زناڪار ۽ گنهگار زماني ۾، جيڪو مون کان ۽ منهنجي ڪلام کان شرمائيندو، تنهن کان ابن آدم بہ، جڏهن هو پاڪ ملائڪن سان گڏ پنهنجي پيءُ جي جلال سان ايندو، تڏهن شرمائيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">۽ هن کين چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هتي جيڪي بيٺا آهن تن مان ڪي اهڙا آهن جي جيسين خدا جي بادشاهت کي قدرت سان آيل نہ ڏسندا، تيسين ڪنهن بہ طرح موت جو مزو نہ چکندا.</verse>
				<verse number="2">۽ ڇهن ڏينهن کانپوءِ يسوع پطرس ۽ يعقوب ۽ يوحنا کي پاڻ سان گڏ خلاصو هڪڙي مٿانهين جبل تي وٺي ويو، ۽ هنن جي روبرو سندس شڪل بدلجي پيئي:</verse>
				<verse number="3">۽ سندس پوشاڪ نوراني ٿي پيئي، ۽ اهڙي سفيد جو دنيا ۾ ڪوبہ ڌوٻي جيڪر اهڙي سفيد نہ ڪري سگهيس.</verse>
				<verse number="4">۽ ايلياہ، موسيٰ سان گڏ هنن کي ڏسڻ ۾ آيو، ۽ اُنهن يسوع سان پئي ڳالهيون ڪيون.</verse>
				<verse number="5">۽ پطرس يسوع کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اي اُستاد اسان جو هتي رهڻ چڱو آهي: تنهنڪري ٽي خيما جوڙيون، هڪڙو تو لاءِ، ٻيو موسيٰ لاءِ، ۽ ٽيون ايلياہ لاءِ.</verse>
				<verse number="6">ڇوتہ هن کان جواب ئي ڪونہ ٿي اُڪليو، جو ڏاڍو ڊپ اچي ٿيو هُئن.</verse>
				<verse number="7">۽ هڪڙي ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي: ۽ انهي ڪڪر مان آواز آيو، تہ هي منهنجو پيارو فرزند آهي، سندس ٻڌو.</verse>
				<verse number="8">۽ اوچتو جان کڻي هيڏانهن هوڏانهن نهارين، تہ يسوع کان سواءِ پاڻ سان ٻئي ڪنهن کي وري ڪونہ ڏٺائون.</verse>
				<verse number="9">۽ جڏهن اُهي جبل تان ٿي لٿا، تڏهن هن تاڪيد ڪري چين تہ جيسين ابن آدم مئلن مان جي نہ اُٿي، تيسين جيڪي ڏٺو اٿوَ، سو ڪنهن کي نہ ٻڌائجو.</verse>
				<verse number="10">هنن اها ڳالهہ دل تي رکي ڇڏي، ۽ پاڻ ۾ پئي بحث ڪيائون تہ مئلن مان جي اُٿڻ جي معنيٰ ڇا آهي؟</verse>
				<verse number="11">۽ هن کان پڇيائون تہ فقيهہ ڇو ٿا چون تہ پهريائين ايلياہ جو اچڻ ضروري آهي؟</verse>
				<verse number="12">هن چين تہ برابر پهريائين ايلياہ ايندو، ۽ سڀني شين کي موٽي پوري ٺاهہ ۾ آڻيندو: پر ابن آدم بابت ڪيئن لکيل آهي، تہ هو گهڻيون سختيون سهندو ۽ ماڻهو حقير ڪري ليکيندس؟</verse>
				<verse number="13">پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ ايلياہ اچي چڪو آهي، ۽ جيئن سندس بابت لکيل آهي، تيئن هن سان بہ جيڪي وڻين سو ڪري چڪا.</verse>
				<verse number="14">۽ جڏهن هو شاگردن وٽ آيا، تڏهن ڏسن تہ هنن جي چوڌاري وڏو ميڙاڪو لڳو پيو آهي، ۽ فقيهہ ساڻن بحث پيا ڪن.</verse>
				<verse number="15">۽ يڪدم سڀيئي ماڻهو هن کي ڏسي ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا، ۽ وٽس ڊوڙي اچي سلام ڪيائونس.</verse>
				<verse number="16">هن پڇين تہ اوهين هنن سان ڪهڙو بحث ٿا ڪريو؟</verse>
				<verse number="17">۽ ماڻهن مان هڪڙي ورندي ڏنس، تہ اي اُستاد، منهنجو پٽ، جنهن ۾ گونگو ڀوت آهي، تنهن کي آئون تو وٽ وٺي آيس؛</verse>
				<verse number="18">۽ جتي جتي اُهو جهليس ٿو، اُتي کنيو پٽ سان هڻيس، ۽ هو گجي پيو ڪڍي، ۽ ڏند پيو ڪرٽي، ۽ ڳريو سڙيو پيو وڃي: مون تنهنجن شاگردن کي چيو تہ هن مان اُهو ڪڍو؛ پر هو ڪڍي نہ سگهيا.</verse>
				<verse number="19">هن انهن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اي بي اعتقاد قوم، ڪيستائين آئون اوهان سان هوندس؟ ڪيستائين اوهان جي سهندس؟ مون وٽ وٺي اچوس.</verse>
				<verse number="20">۽ هو اُنهي کي وٽس وٺي آيا، ۽ جڏهن کيس هن ڏٺو، تڏهن يڪدم ڀوت هن کي ڏاڍو ولوڙيو، ۽ هو زمين تي ڪِري پيو، ۽ گجي ڪڍي ليٿڙڻ لڳو.</verse>
				<verse number="21">۽ پڻس کان پڇيائين تہ ڪيترن ڏينهن کان هن جو هي حال آهي؟ هن چيو تہ ننڍي هوندي کان وٺي.</verse>
				<verse number="22">۽ گهڻيئي ڀيرا ڀوت هن کي ماري وجهڻ لاءِ باهہ ۽ پاڻيءَ ۾ اُڇلائي وڌو آهي: پر جي تون ڪجهہ ڪري سگهين تہ اسان تي رحم ڪري اسان جي مدد ڪر.</verse>
				<verse number="23">يسوع هن کي چيو تہ ”جي تون ڪجهہ ڪري سگهين“! جيڪو ايمان ٿو آڻي، تنهن لاءِ سڀ ڪجهہ ٿي ٿو سگهي.</verse>
				<verse number="24">۽ يڪدم ڇوڪري جي پيءُ واڪو ڪري چيو، تہ آئون ايمان آڻيان ٿو؛ تون مون کي بي ايمانيءَ کان بچاءِ.</verse>
				<verse number="25">پوءِ جڏهن يسوع ڏٺو تہ ماڻهو ڊوڙندا پيا اچن ۽ گڏ ٿيندا ٿا وڃن، تڏهن ڀوت کي دڙڪو ڏيئي چيائين، تہ اي گونگا ۽ ٻوڙا ڀوت، آئون توکي حڪم ٿو ڏيان تہ هن مان نڪري وڃ، ۽ وري هن ۾ ڪڏهن بہ نہ گهڙج.</verse>
				<verse number="26">تنهن تي ڀوت رڙيون ڪري هن کي ڏاڍو ولوڙي نڪري ويو: ۽ ڇوڪر مردي جهڙو ٿي پيو، اهڙو جو گهڻن چيو تہ هي مري ويو آهي.</verse>
				<verse number="27">پر يسوع هٿ کان وٺي اُٿاريس، تہ اُٿي بيٺو.</verse>
				<verse number="28">۽ جڏهن هو گهر آيو، تڏهن سندس شاگردن خلاصو پڇيس، تہ اسين ڇو ڪڍي ڪين سگهياسونس؟</verse>
				<verse number="29">هن چين تہ اهو قسم سواءِ دعا جي ڪنهن ٻي طرح نڪرڻ جو ناهي.</verse>
				<verse number="30">پوءِ هو اُتان روانا ٿيا ۽ گليل مان لنگهيا، ۽ هن جي مرضي نہ هئي تہ ڪنهن کي سندس خبر پوي.</verse>
				<verse number="31">ڇالاءِ تہ هن پنهنجي شاگردن کي تعليم ڏني ۽ چيو، تہ ابن آدم ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو، ۽ اُهي کيس ماري وجهندا، ۽ جڏهن هو ماريو ويندو تڏهن ٽن ڏينهن کانپوءِ جي اُٿندو.</verse>
				<verse number="32">پر هن جو اهو چوڻ هنن کي سمجهہ ۾ ئي نٿي آيو، ۽ کانئس پڇڻ کان بہ ڊنا.</verse>
				<verse number="33">پوءِ هو ڪفرناحوم ۾ آيا، ۽ جڏهن هو گهر آيو تڏهن هنن کان پڇيائين تہ رستي ۾ ڇا تي بحث ٿي ڪيوَ؟</verse>
				<verse number="34">پر هنن ڪُڇيو ئي ڪين، ڇالاءِ جو رستي تي هنن پاڻ ۾ اهو ئي بحث ٿي ڪيو، تہ سڀ کان وڏو ڪير آهي.</verse>
				<verse number="35">۽ هو ويهي رهيو ۽ انهن ٻارهن کي سڏي چيائين، تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پهريون ٿيڻ گهري تہ اُهو سڀني کان پويون ٿئي، ۽ سڀني جو خادم ٿئي.</verse>
				<verse number="36">۽ هن هڪڙي ننڍڙي ٻار کي کڻي سندن وچ ۾ بيهاريو: ۽ انهي کي هنج ۾ کڻي هنن کي چيائين،</verse>
				<verse number="37">تہ جيڪو منهنجي نالي ههڙن ننڍڙن ٻارن مان هڪڙي کي قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ٿو ڪري: ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو مون کي نہ پر انهي کي قبول ٿو ڪري جنهن مون کي موڪليو آهي.</verse>
				<verse number="38">يوحنا هن کي چيو، تہ اي اُستاد، اسان هڪڙي ماڻهوءَ کي تنهنجي نالي ڀوتن کي ڪڍندو ڏٺو، ۽ اسان منع ڪيس، ڇالاءِ جو هن اسان جي پيروي نٿي ڪئي.</verse>
				<verse number="39">پر يسوع چين تہ منع نہ ڪريوس: ڇالاءِ جو اهڙو ڪو ماڻهو ڪونهي جو منهنجي نالي معجزو ڪري، ۽ سگهو ئي منهنجي بدگوئي ڪري سگهي.</verse>
				<verse number="40">ڇاڪاڻ تہ جو اسان جي برخلاف نہ آهي، سو اسان جي پاسي آهي.</verse>
				<verse number="41">ڇالاءِ تہ جيڪو بہ ماڻهو اوهان کي پاڻيءَ جو پيالو پياريندو، انهي لاءِ تہ اوهين مسيح جا آهيو، آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ اُهو پنهنجو اجر ڪڏهن ڪين وڃائيندو.</verse>
				<verse number="42">۽ هي ننڍڙا ٻار جن جو مون تي ايمان آهي، تن مان ڪنهن کي بہ جيڪو گمراهہ ڪندو، تنهن جي لاءِ بهتر ائين ٿيندو تہ هن جي ڳچيءَ ۾ جنڊ جو پڙ لڙڪائي سمنڊ ۾ اُڇلايو وڃي.</verse>
				<verse number="43">۽ جيڪڏهن تنهنجو هٿ توکي ڀُلائي، تہ وڍي ڇڏينس: تنهنجي لاءِ ٽُنڊو ئي زندگيءَ ۾ داخل ٿيڻ، انهي کان بهتر آهي تہ ٻن هٿن سان جهنم جي اڻ وسامندڙ باهہ ۾ پوين؛</verse>
				<verse number="44">(جتي هنن جو ڪينئون مري ئي نٿو ۽ جتي باهہ وسامي ئي نٿي.)</verse>
				<verse number="45">۽ جيڪڏهن تنهنجو پير توکي گمراهہ ڪري، تہ وڍي ڇڏينس: تنهنجي لاءِ منڊو ئي جياپي ۾ داخل ٿيڻ انهي کان بهتر آهي تہ ٻن پيرن سان جهنم ۾ وڃي پوين؛</verse>
				<verse number="46">(جتي هنن جو ڪينئون مري ئي نٿو ۽ جتي باهہ وسامي ئي نٿي.)</verse>
				<verse number="47">۽ جيڪڏهن تنهنجي اک توکي گمراهہ ڪري تہ ڪڍي ڇڏينس: بهتر آهي تہ تون ڪاڻو ئي خدا جي بادشاهت ۾ گهڙين؛ انهي کان تہ ٻن اکين سان جهنم ۾ وڃي پوين؛</verse>
				<verse number="48">(جتي هنن جو ڪينئون مري ئي نٿو ۽ جتي باهہ وسامي ئي نٿي.)</verse>
				<verse number="49">ڇالاءِ جو سڀڪو باهہ سان سلوڻو ٿيندو.</verse>
				<verse number="50">لوڻ تہ چڱو آهي، پر جي لوڻ جو سواد نڪري وڃي تہ ڇا سان انهي کي سلوڻو ڪندا؟ پاڻ ۾ لوڻ رکو، ۽ هڪ ٻئي سان صلح ۾ رهو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">۽ هو اُتان اُٿيو ۽ يهوداہ جي حدن ۾ يردن نديءَ جي پرينءَ ڀر آيو: ۽ وري بہ ماڻهن جو ميڙاڪو وٽس اچي گڏ ٿيو؛ ۽ جيئن سندس عادت هئي تيئن وري بہ انهن کي تعليم ڏيڻ لڳو.</verse>
				<verse number="2">۽ فريسي وٽس آيا، ۽ آزمائڻ لاءِ پڇيائونس تہ اهو روا آهي يا نہ، تہ مڙس پنهنجي زال کي ڪڍي ڇڏي؟</verse>
				<verse number="3">۽ هن جواب ڏيئي چين، تہ موسيٰ اوهان کي ڇا فرمايو آهي؟</verse>
				<verse number="4">هنن چيو تہ موسيٰ موڪل ڏني آهي تہ طلاق نامو لکي ڪڍي ڇڏجيس.</verse>
				<verse number="5">پر يسوع چين تہ اوهان جي سخت دليءَ جي ڪري هن اوهان جي لاءِ اهو حڪم لکيو.</verse>
				<verse number="6">پر دنيا جي شروعات کان هن (يعني خدا) هنن کي مڙس ۽ زال جوڙيو.</verse>
				<verse number="7">انهي ڪري مڙس پنهنجي ماءُ پيءُ کان جدا ٿي پنهنجي زال سان گڏجي رهندو؛</verse>
				<verse number="8">۽ هو ٻئي هڪ جسم ٿي ويندا، ايتري قدر جو پوءِ هو ٻہ جسم نہ آهن پر هڪ.</verse>
				<verse number="9">تڏهن جيڪي خدا ملائي ڇڏيو آهي، تنهن کي انسان جدا نہ ڪري.</verse>
				<verse number="10">۽ گهر ۾ شاگردن هن ڳالهہ بابت وري هن کان پڇيو.</verse>
				<verse number="11">۽ انهن کي چيائين تہ جيڪو پنهنجي زال کي ڪڍي ٻي پرڻبو، سو هن جي نسبت ۾ زنا ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="12">۽ جيڪڏهن هوءَ پاڻ پنهنجي مڙس کي ڇڏي ڏيندي، ۽ ٻئي سان پرڻبي تہ اُها زنا ٿي ڪري.</verse>
				<verse number="13">پوءِ ماڻهو ننڍڙن ٻارن کي وٽس وٺي آيا، انهي لاءِ تہ مٿن هٿ رکي، پر شاگردن انهن کي ڇينڀيو.</verse>
				<verse number="14">سو جڏهن يسوع اهو حال ڏٺو، تڏهن ڪاوڙجي هنن کي چيائين تہ ننڍڙن ٻارن کي مون وٽ اچڻ ڏيو؛ ۽ انهن کي منع نہ ڪريو: ڇالاءِ جو خدا جي بادشاهت اهڙن ئي جي آهي.</verse>
				<verse number="15">آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو خدا جي بادشاهي ننڍڙن ٻارن وانگر قبول نہ ڪندو، سو ڪنهن بہ طرح انهيءَ ۾ داخل نہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="16">پوءِ هنن کي هنج ۾ کڻي مٿن هٿ رکي کين دعا ڪيائين.</verse>
				<verse number="17">۽ هو رستي تان پئي ويو تہ هڪڙو ماڻهو ڊوڙندو وٽس آيو، ۽ سندس اڳيان گوڏا کوڙي پڇڻ لڳس، تہ اي نيڪ اُستاد، آئون ڇا ڪريان جو هميشہ جي زندگيءَ جو وارث ٿيان؟</verse>
				<verse number="18">يسوع چيس تہ تون مون کي نيڪ ڇو ٿو چوين؟ ڪوبہ نيڪ نہ آهي سواءِ هڪڙي جي يعني خدا جي.</verse>
				<verse number="19">توکي حڪمن جي خبر آهي، تہ خون نہ ڪر، زنا نہ ڪر، چوري نہ ڪر، ڪوڙي شاهدي نہ ڀر، ٺڳي نہ ڪر، پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر.</verse>
				<verse number="20">هن چيس، تہ اي اُستاد، آئون ننڍپڻ کان انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪندو آيو آهيان.</verse>
				<verse number="21">يسوع هن ڏانهن نظر ڪري کيس پيار ڪيو، ۽ چيائينس تہ اڃا تو ۾ هڪڙي گهٽتائي آهي: وڃ جيڪي اٿيئي سو وڪڻي غريبن کي ڏي، ۽ توکي آسمان ۾ خزانو ملندو: ۽ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.</verse>
				<verse number="22">پر انهي چوڻ تي هن جي منهن جو پنو ئي لهي ويو، ۽ غمگين ٿي هليو ويو: ڇالاءِ جو هو گهڻي ملڪيت وارو هو.</verse>
				<verse number="23">۽ يسوع آس پاس نظر ڪري پنهنجن شاگردن کي چيو، تہ دولتمند ماڻهو خدا جي بادشاهت ۾ ڪهڙي نہ مشڪلات سان داخل ٿا ٿين.</verse>
				<verse number="24">۽ شاگرد هن جي ڳالهين تي حيران ٿي ويا، پر يسوع وري ورندي ڏيئي چين، تہ اي ٻارو، جنهن جو ڀروسو دولت تي آهي، تنهن جو خدا جي بادشاهت ۾ گهڙڻ ڪهڙو نہ مشڪل آهي!</verse>
				<verse number="25">خدا جي بادشاهت ۾ دولتمند جي گهڙڻ کان سئيءَ جي پاکي مان اُٺ جو لنگهڻ وڌيڪ سولو آهي.</verse>
				<verse number="26">تنهن تي هو ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا، ۽ چوڻ لڳس تہ تڏهن ڪنهن کي نجات حاصل ٿي سگهندي؟</verse>
				<verse number="27">يسوع انهن ڏي نهاري چيو، تہ ماڻهن لاءِ اها ڳالهہ اڻ ٿيڻي آهي، پر خدا لاءِ نہ، ڇالاءِ جو خدا کان سڀ ڪجهہ ٿي ٿو سگهي.</verse>
				<verse number="28">پطرس هن کي چوڻ لڳو تہ ڏس، اسان سڀ ڪجهہ ڇڏي ڏنو آهي ۽ تنهنجي پٺيان آيا آهيون.</verse>
				<verse number="29">يسوع چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ ڪوبہ ماڻهو اهڙو ڪونهي جنهن منهنجي لاءِ، ۽ انجيل لاءِ، گهر، يا ڀائر، يا ڀينر، يا ماءُ، يا پيءُ، يا ٻار، يا ٻنيون ڇڏيون هجن،</verse>
				<verse number="30">۽ اُهي انهي کي هن زماني ۾ ئي سؤڻيون ٿي نہ ملن، ڇا گهر، ڇا ڀائر، ڇا ڀينر، ڇا مائر، ڇا ٻار، ڇا ٻنيون، اگرچہ عذابن سان؛ ۽ وري ايندڙ زماني ۾ هميشہ جي زندگي.</verse>
				<verse number="31">پر گهڻا جي پهريان آهن سي پويان ٿيندا، ۽ پويان پهريان.</verse>
				<verse number="32">پوءِ هو يروشلم ڏانهن رستو وٺيو پئي ويا، ۽ يسوع سندن اڳيان پئي ويو: ۽ اُهي عجب ۾ هئا؛ ۽ جيڪي سندن پٺيان پئي آيا سي ڊنا پئي، ۽ هو وري بہ انهن ٻارهن کي وٺي جيڪي ڳالهيون ساڻس ٿيڻيون هيون، سي ٻڌائڻ لڳو.</verse>
				<verse number="33">۽ چوڻ لڳن تہ اِجهو يروشلم ڏانهن ٿا هلون؛ ۽ ابن آدم سردار ڪاهنن ۽ فقيهن جي حوالي ڪيو ويندو؛ ۽ اُهي مٿس موت جي فتويٰ جاري ڪندا، ۽ کيس غير قومن جي حوالي ڪندا:</verse>
				<verse number="34">۽ اُهي ساڻس ٺٺوليون ڪندا، ۽ مٿس ٿُڪون اُڇلائيندا، ۽ کيس چهبڪ هڻندا، ۽ قتل ڪندس، ۽ ٽن ڏينهن کانپوءِ هو جي اُٿندو.</verse>
				<verse number="35">۽ زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا وٽس آيا، ۽ چيائونس تہ اي استاد، اسان جي مرضي آهي تہ جيڪي اسين توکان گهُرون، سو تون اسان لاءِ ڪرين.</verse>
				<verse number="36">هن چين تہ ڇا ٿا گهُرو تہ آئون اوهان لاءِ ڪريان؟</verse>
				<verse number="37">هنن چيس تہ اسان لاءِ هيءُ ڪر، تہ تنهنجي جلال ۾ اسان مان هڪڙو تنهنجي ساڄي پاسي ۽ ٻيو تنهنجي کاٻي پاسي ويهي.</verse>
				<verse number="38">پر يسوع چين تہ اوهان کي خبر ئي ڪانہ ٿي پوي تہ ڇا ٿا گهرو. جيڪو پيالو آئون پيان ٿو، تنهن جي پيئڻ جي اوهان کي طاقت آهي؟ يا جيڪا بپتسما آئون وٺان ٿو، تنهن جي وٺڻ جي طاقت اٿوَ؟</verse>
				<verse number="39">۽ هنن چيس تہ هائو، اسان کي طاقت آهي. يسوع چين تہ جيڪو پيالو آئون پيان ٿو، سو اوهين بہ پيئندا؛ ۽ جيڪا بپتسما آئون وٺان ٿو، سا اوهين بہ وٺندا.</verse>
				<verse number="40">مگر منهنجي ساڄي پاسي يا کاٻي پاسي ويهارڻ، سو منهنجو ڪم نہ آهي: پر اهو انهن لاءِ آهي، جنهن جي لاءِ تيار ڪيل آهي.</verse>
				<verse number="41">۽ جڏهن انهن ڏهن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو يعقوب ۽ يوحنا تي ڪاوڙجڻ لڳا.</verse>
				<verse number="42">پر يسوع انهن کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ اوهان کي خبر آهي تہ جيڪي غير قومن جا سردار ليکجن ٿا، سي انهن تي حڪم ٿا هلائين، ۽ سندن اميرن کي مٿن اختياري آهي.</verse>
				<verse number="43">پر اوهان ۾ ائين نہ ٿيندو:</verse>
				<verse number="44">۽ جيڪو اوهان ۾ پهريون ٿيڻ گهُري، سو سڀني جو غلام ٿئي.</verse>
				<verse number="45">ڇالاءِ تہ سچ پچ ابن آدم انهي لاءِ نہ آيو آهي تہ سندس خدمت ٿئي، پر پاڻ خدمت ڪري، ۽ گهڻن جي بدران پنهنجي جان فدا ڪري.</verse>
				<verse number="46">۽ اُهي يريحو ۾ آيا: ۽ يريحو مان هو پنهنجن شاگردن ۽ ماڻهن جي گوڙ سميت نڪتو ٿي، تہ تمائي جو پٽ، بارتمئي، جو هڪڙو انڌو فقير هو، سو رستي جي ڀرسان ويٺو هو.</verse>
				<verse number="47">۽ جڏهن هن ٻڌو تہ هيءُ يسوع ناصري آهي، تڏهن رڙ ڪري چوڻ لڳو، تہ اي يسوع، اي ابن دائود، مون تي رحم ڪر.</verse>
				<verse number="48">تنهن تي گهڻن ڇڙٻ ڏيئي چيس تہ ماٺ ڪر: پر هو پاڻ وڏو واڪو ڪري چوڻ لڳو، تہ اي ابن دائود، مون تي رحم ڪر.</verse>
				<verse number="49">۽ يسوع بيهي رهيو، ۽ چوڻ لڳو تہ هن کي سڏيو. هنن انڌي کي سڏيو، ۽ چيائونس تہ دلجاءِ ڪر؛ اُٿ، سڏيئي ٿو.</verse>
				<verse number="50">۽ هو پنهنجو ڪپڙو ڦٽو ڪري ٽپ ڏيئي اُٿيو، ۽ يسوع وٽ آيو.</verse>
				<verse number="51">۽ يسوع ورندي ڏيئي چيس تہ تون ڇا ٿو گهُرين تہ آئون تنهنجي لاءِ ڪريان؟ انڌي چيس تہ اي ربوني، اهو تہ آئون ڏسان وائسان.</verse>
				<verse number="52">تنهن تي يسوع چيس تہ وڃ، تنهنجي ايمان توکي سڄو ڪيو آهي، ۽ يڪدم هو ڏسڻ وائسڻ لڳو، ۽ رستي ۾ هن جي پٺيان هلڻ لڳو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">۽ جڏهن هو يروشلم جي ويجهو زيتونن جي ٽڪريءَ تي، بيت فگا ۽ بيت عنياهہ وٽ آيا، تڏهن هن پنهنجي شاگردن مان ٻن کي موڪليو،</verse>
				<verse number="2">۽ چيائين، تہ رستو وٺي انهي ڳوٺ ڏانهن وڃو، جو اوهان جي سامهون آهي: ۽ انهي ۾ گهڙڻ شرط، اوهين هڪڙو کودڙو ٻڌل ڏسندا، جنهن تي اڃا ڪوبہ ماڻهو نہ چڙهيو آهي، انهي کي ڇوڙي وٺي اچو.</verse>
				<verse number="3">۽ جيڪو اوهان کان کڻي پڇي تہ ڇو ٿا ائين ڪريو؟ تہ چئجوس تہ خداوند کي انهي جي گهرج آهي، ۽ هو يڪدم هن کي هتي ڏياري موڪليندو.</verse>
				<verse number="4">پوءِ هو هليا ويا، ۽ کودڙي کي گهٽيءَ ۾ هڪڙي در جي ٻاهران ٻڌل ڏسي ڇوڙڻ لڳا.</verse>
				<verse number="5">تہ جيڪي اُتي بيٺا هئا، تن مان ڪن انهن کي چيو، تہ ڇا ٿا ڪريو، ڇو ٿا کودڙو ڇوڙيو؟</verse>
				<verse number="6">انهن اُها ورندي ڏنين جا يسوع ٻڌائي ڇڏي هين: تنهن تي کين وڃڻ ڏنائون.</verse>
				<verse number="7">۽ هو اُهو کودڙو يسوع وٽ وٺي آيا، ۽ انهي تي پنهنجا ڪپڙا لٽا وڌائون، ۽ هو مٿس چڙهي ويٺو.</verse>
				<verse number="8">۽ گهڻن پنهنجا ڪپڙا رستي تي کڻي وڇايا، ۽ ٻين وري ٻنين مان ٽاريون وڍي اُهي کڻي پکيڙيون.</verse>
				<verse number="9">۽ جيڪي اڳيان پئي هليا، ۽ جيڪي پٺيان پئي آيا، تن وڏي آواز سان پئي چيو، تہ هوشعنا، مبارڪ آهي اُهو جو خداوند جي نالي ٿو اچي:</verse>
				<verse number="10">مبارڪ آهي اُها بادشاهت جا اچي ٿي، اسان جي پيءُ دائود جي بادشاهت، عالم بالا ۾ هوشعنا.</verse>
				<verse number="11">۽ هو يروشلم ۾ آيو، ۽ هيڪل ۾ ويو؛ ۽ جڏهن چوڌاري سڀني شين تي نظر گهمائي رهيو، ۽ اچي سانجهي ٿي، تڏهن ٻارهن سان بيت عنياہ ڏانهن روانو ٿيو.</verse>
				<verse number="12">۽ ٻئي ڏينهن جڏهن بيت عنياہ مان روانا ٿيا، تڏهن کيس بک لڳي.</verse>
				<verse number="13">۽ پري کان هڪڙو انجير جو وڻ ڏٺائين، جنهن ۾ پن هئا، ۽ اُتي آيو تہ من ڪو ڦل مليس: پر جڏهن هو اُنهي وٽ آيو، تڏهن ڏٺائين تہ پنن کانسواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين آهي؛ ڇالاءِ جو اُها انجير جي مند نہ هئي.</verse>
				<verse number="14">۽ هن ان کي چيو تہ اڄ ڏينهن کان وٺي ڪوبہ تو مان ڪڏهن ڦل نہ کائي، ۽ سندس شاگردن اها ڳالهہ ٻڌي.</verse>
				<verse number="15">پوءِ اُهي يروشلم ۾ آيا: ۽ هو هيڪل ۾ گهڙيو، ۽ جن اُتي خريد ۽ فروخت ويٺي ڪيو، تن کي ٻاهر ڪڍڻ لڳو، ۽ صرافن جا صندل، ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون، اونڌيون ڪري ڇڏيائين؛</verse>
				<verse number="16">۽ ڪنهن کي بہ هيڪل مان ڪو ٿانءُ کڻي لنگهڻ نہ ڏنائين.</verse>
				<verse number="17">۽ تعليم ڏيڻ لڳن، ۽ چيائين تہ ائين لکيل نہ آهي ڇا، تہ ”منهنجو گهر سڀني قومن لاءِ دعا جو گهر سڏبو؟“ پر اوهان انهي کي ڌاڙيلن جي پاٿاري کڻي بنايو آهي.</verse>
				<verse number="18">۽ سردار ڪاهن ۽ فقيهن اها ڳالهہ ٻڌي، ۽ هو وجهہ ڳولڻ لڳا تہ ڪيئن هن کي ماري کپايون: ڇالاءِ تہ هو کانئس پئي ڊنا، جو ساري خلق سندس تعليم تي حيران هئي.</verse>
				<verse number="19">۽ هو ڏهاڙي سانجهيءَ جو شهر کان نڪري ٻاهر ويندو هو.</verse>
				<verse number="20">۽ صبح جو جڏهن لنگهيو پئي ويا، تڏهن اهو انجير جو وڻ ڏٺائون تہ پاڙن تائين سُڪو پيو آهي.</verse>
				<verse number="21">تنهن تي پطرس کي اها ڳالهہ ياد پيئي ۽ چيائينس، تہ اي اُستاد، ڏس جنهن انجير جي وڻ کي تو پِٽيو هو، سو سُڪي ويو آهي.</verse>
				<verse number="22">يسوع ورندي ڏيئي انهن کي چيو تہ خدا تي ايمان آڻيو.</verse>
				<verse number="23">آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو هن جبل کي چوندو تہ اتان کڄي وڃي سمنڊ ۾ پئُہ، ۽ پنهنجي دل ۾ شڪ نہ آڻيندو، ۽ پڪ ڪري ڄاڻيندو تہ جيڪي چوان ٿو سو ٿيندو، تہ جيئن چوندو تيئن ئي ٿي پوندو.</verse>
				<verse number="24">تنهنڪري آئون اوهان کي چوان ٿو تہ سڀ جيڪي اوهين دعا ۾ گهُرو ٿا، تنهن لاءِ پڪ ڪري ڄاڻو تہ اسان کي مليو آهي، تہ اُهو اوهان کي ملندو.</verse>
				<verse number="25">۽ جڏهن بہ دعا گهُرو، تڏهن جي اوهان جو ڪنهن تي رنج هجي تہ انهي کي معافي ڏيو، انهي لاءِ تہ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو اوهان جا ڏوهہ بہ اوهان کي معاف ڪري.</verse>
				<verse number="26">(۽ جي اوهين معاف نہ ڪندا تہ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو بہ اوهان جا ڏوهہ معاف نہ ڪندو.)</verse>
				<verse number="27">۽ اُهي وري يروشلم ۾ آيا: ۽ جڏهن هن هيڪل ۾ پئي پسار ڪيو، تہ سردار ڪاهن ۽ فقيهہ ۽ بزرگ وٽس آيا؛</verse>
				<verse number="28">۽ چيائونس تہ تون اهي ڪم ڪهڙيءَ اختياريءَ سان ٿو ڪرين؟ يا انهن ڪمن ڪرڻ جي ڪنهن توکي اختياري ڏني آهي؟</verse>
				<verse number="29">يسوع چين تہ آئون بہ اوهان کان هڪڙو سوال ٿو پڇان، انهي جو اوهين مون کي جواب ڏيو، تہ پوءِ آئون اوهان کي ٻڌايان تہ ڪهڙيءَ اختياريءَ سان آئون هي ڪم ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="30">يوحنا جي بپتسما آسمان کان هئي يا ماڻهن کان؟ انهي جو مون کي جواب ڏيو.</verse>
				<verse number="31">۽ هو پاڻ ۾ بحث ڪري چوڻ لڳا، تہ جي ٿا چئون تہ آسمان کان، تہ چوندو تہ تڏهن ڇو هن کي نہ مڃيو،</verse>
				<verse number="32">پر جي ٿا چئون تہ ماڻهن کان، تہ خلق کان ڊنا ٿي، ڇالاءِ تہ سڀني يوحنا کي سچ پچ نبي ڪري ٿي سمجهيو.</verse>
				<verse number="33">تڏهن يسوع کي جواب ڏيئي چيائون، تہ اسان کي خبر ڪانهي. تنهن تي يسوع چين تہ تڏهن آئون بہ اوهان کي ڪين ٻڌائيندس تہ ڪهڙيءَ اختياريءَ سان آئون هي ڪم ٿو ڪريان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">۽ هو وري اُنهن سان مثالن ۾ ڳالهائڻ لڳو. ۽ چيائين تہ ڪنهن ماڻهوءَ هڪڙو ڊاک جو باغ لڳايو، ۽ انهي جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، ۽ رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ هڪڙو حوض کوٽيائين، ۽ هڪڙو ٺلهہ ٺهرايائين، ۽ اُهو ڪن آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.</verse>
				<verse number="2">۽ موسم ۾ انهن آبادگارن ڏي هڪڙو نوڪر موڪليائين، انهي لاءِ تہ انهن آبادگارن کان انهي ڊاک جي باغ جي ميوي جو حصو وٺي اچي.</verse>
				<verse number="3">۽ هنن انهي کي جهلي مار ڏني، ۽ خالي هٿين روانو ڪري ڇڏيائونس.</verse>
				<verse number="4">۽ وري هن انهن ڏانهن ٻيو نوڪر موڪليو، ۽ هنن انهي جو بہ مٿو ڦاڙي وڌو، ۽ جُٺ ڪيائونس.</verse>
				<verse number="5">پوءِ هن ٻيو موڪليو ۽ انهي کي هنن ماري وڌو: پوءِ ٻيا ڪيترا موڪليائين، جن مان ڪن کي مار ڏنائون ۽ ڪن کي اُڦٽ ماري وڌائون.</verse>
				<verse number="6">اڃا باقي هڪڙو هوس، جو سندس پيارو پٽ هو، تنهن کي سڀني کانپوءِ هنن ڏانهن موڪليائين، جو چيائين تہ هو انهي جي آبرو رکندا.</verse>
				<verse number="7">پر اُنهن آبادگارن پاڻ ۾ چيو تہ هي وارث آهي، اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون، تہ پوءِ ورثو اسان جو ٿيندو.</verse>
				<verse number="8">۽ انهن انهي کي جهلي ماري وڌو، ۽ ڊاک جي باغ جي ٻاهران اُڇلائي ڇڏيائونس.</verse>
				<verse number="9">هاڻي باغ جو مالڪ ڇا ڪندو؟ هو اچي آبادگارن کي چٽ ڪري ڇڏيندو، ۽ باغ ٻين کي ڏيندو.</verse>
				<verse number="10">اوهان هيءَ پاڪ لکيت بہ نہ پڙهي آهي ڇا، تہ ”جنهن پهڻ کي اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي ڪنڊ جو سرو ڪيو ويو:</verse>
				<verse number="11">هي خداوند جي طرفان ٿيو، ۽ اسان جي نظر ۾ عجب جهڙي ڳالهہ آهي؟“</verse>
				<verse number="12">تنهن تي هو کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا، ڇالاءِ جو سهي ڪيو هئائون تہ هي مثال اسان تي آندو اٿس، پر خلق کان ڊنا ٿي؛ ۽ هو کيس ڇڏي هليا ويا.</verse>
				<verse number="13">پوءِ هنن ڏانهنس ڪي فريسي ۽ هيرودي موڪليا تہ ڳالهائڻ ۾ هن کي ڦاسائين.</verse>
				<verse number="14">۽ جڏهن اُهي آيا، تڏهن هن کي چوڻ لڳا، تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون سچو آهين، ۽ ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿو رکين، ڇالاءِ جو تون ماڻهن جو لحاظ نٿو ڪرين، پر سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿو سيکارين: قيصر کي ڍل ڏيڻ واجب آهي يا نہ؟</verse>
				<verse number="15">اسين ڏيون يا نہ ڏيون؟ پر هن انهن جي رياڪاري سهي ڪري چيو، تہ اوهين ڇو ٿا مون کي آزمايو؟ هڪڙو دينار مون وٽ کڻي اچو تہ آئون ڏسان.</verse>
				<verse number="16">۽ هنن اهو آندو. پوءِ هن کين چيو تہ هيءَ شڪل ۽ هي اکر ڪنهن جا آهن؟ هنن ورندي ڏنس تہ قيصر جا.</verse>
				<verse number="17">تنهن تي يسوع چين، تہ جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي، ۽ جيڪي خدا جو آهي سو خدا کي ڏيو. ۽ هنن کي مٿس ڏاڍو عجب لڳو.</verse>
				<verse number="18">تنهن کانپوءِ صدوقي وٽس آيا، جي چوندا آهن تہ قيامت آهي ئي ڪانہ؛ انهن کانئس پڇيو تہ</verse>
				<verse number="19">اي استاد، موسيٰ اسان لاءِ لکي ويو آهي تہ جي ڪنهن ماڻهوءَ جو ڀاءُ مري وڃي، ۽ پٺيان زال بنا اولاد ڇڏي، تہ سندس ڀاءُ سندس زال پرڻجي، ۽ پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.</verse>
				<verse number="20">هاڻي ست ڀائر هئا: پهريون پرڻيو ۽ بي اولاد مري ويو،</verse>
				<verse number="21">پوءِ ٻيو هن سان پرڻيو، ۽ اهو بہ بي اولاد مري ويو؛ ۽ انهي طرح ٽيون بہ.</verse>
				<verse number="22">ايتري قدر جو ست ئي بي اولاد مري ويا. ۽ پڇاڙيءَ ۾ زال بہ مري ويئي.</verse>
				<verse number="23">هاڻي قيامت ۾ اُها زال انهن مان ڪنهن جي ٿيندي؟ ڇالاءِ جو ست ئي هن سان پرڻيا هئا.</verse>
				<verse number="24">يسوع انهن کي چيو، تہ اوهان جي گمراهہ ٿيڻ جو اهو سبب نہ آهي ڇا، جو نڪي پاڪ لکيتون ٿا ڄاڻو، نڪي خدا جي قدرت؟</verse>
				<verse number="25">ڇالاءِ تہ جڏهن مردا جي اُٿندا تڏهن نڪي پرڻبا نڪي پرڻائبا؛ پر جيئن آسمان ۾ ملائڪ آهن، تيئن هوندا.</verse>
				<verse number="26">پر مئلن بابت تہ هو جي اُٿندا، اوهان موسيٰ جي ڪتاب جي ٻوٽي واري بيان ۾ ڪين پڙهيو آهي ڇا، تہ ڪيئن خدا ساڻس ڳالهايو ۽ چيائينس، تہ آئون ابراهيم جو خدا، ۽ اسحاق جو خدا، ۽ يعقوب جو خدا آهيان؟</verse>
				<verse number="27">هو تہ مئلن جو نہ، پر جيئرن جو خدا آهي: اوهين ڏاڍي ڀُل ٿا ڪريو.</verse>
				<verse number="28">۽ فقيهن مان هڪڙو آيو، ۽ هنن کي سوال جواب ڪندو ٻڌائين، ۽ ڄاتائين تہ هن کين چڱو جواب ڏنو آهي؛ تڏهن هن کان پڇيائين تہ سڀني حڪمن مان پهريون ڪهڙو آهي؟</verse>
				<verse number="29">يسوع ورندي ڏني، تہ پهريون هي آهي، ”اي اسرائيل ٻڌ؛ خداوند اسان جو خدا، هڪڙو ئي خداوند آهي؛</verse>
				<verse number="30">۽ تون انهي خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي ساريءَ دل، ۽ پنهنجي ساريءَ جان، ۽ پنهنجي ساريءَ طاقت سان پيار ڪر.</verse>
				<verse number="31">ٻيو هي آهي، تہ تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر.“ انهن کان وڏو ٻيو حڪم ڪونهي.</verse>
				<verse number="32">تڏهن انهي فقيهہ چيس تہ واهہ! اي اُستاد، تو پوري ڳالهہ ڪئي آهي، تہ هو هڪڙو آهي؛ ۽ انهي کانسواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛</verse>
				<verse number="33">۽ انهي کي ساريءَ دل سان، ۽ ساري سمجهہ سان ۽ ساريءَ طاقت سان پيار ڪرڻ، ۽ پنهنجي پاڙيسري کي پاڻ جهڙو پيار ڪرڻ سڀني سوختني قربانين، ۽ صدقن کان وڌيڪ آهي.</verse>
				<verse number="34">جڏهن يسوع ڏٺو تہ هن سياڻپ جو جواب ڏنو آهي، تڏهن چيائين تہ تون خدا جي بادشاهت کان پري نہ آهين. انهي کانپوءِ ڪنهن کي بہ همت ڪانہ ٿي جو هن کان ڪو سوال پڇي.</verse>
				<verse number="35">۽ يسوع هيڪل ۾ تعليم ڏيندي چيو، تہ فقيهہ ڪيئن ٿا چون تہ مسيح ابن دائود آهي؟</verse>
				<verse number="36">دائود پاڻ پاڪ روح جي هدايت سان چيو آهي، تہ ”خداوند منهنجي خداوند کي چيو تہ تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيسين ڪ آئون تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن جي صندلي بڻايان.“</verse>
				<verse number="37">دائود تہ پاڻ هن کي خداوند ڪري ٿو سڏي، تڏهن ڪيئن هو سندس پٽ ٿيو؟ ۽ عام خلق هن جون ڳالهيون خوشيءَ سان ٿي ٻڌيون.</verse>
				<verse number="38">۽ تعليم ڏيندي هن چيو، تہ فقيهن کان سنڀالجو، جن کي ڊگها چوغا پائي گهمڻ وڻي ٿو، ۽ جي ڀانئين ٿا تہ بازارن ۾ اسان کي سلام،</verse>
				<verse number="39">۽ عبادتگاهن ۾ اعليٰ درجي جون جايون ۽ مجلس ۾ خاص جڳهون ملن:</verse>
				<verse number="40">جي بيوهہ زالن جا گهر هضم ڪيو وڃن، ۽ ڏيکارڻ لاءِ لنبيون لنبيون نمازون ٿا پڙهن؛ انهن کي ٻين کان وڌيڪ سزا ملندي.</verse>
				<verse number="41">پوءِ هو هيڪل جي خزاني جي سامهون ويهي رهيو، ۽ ڏٺائين تہ ڪيئن ماڻهو پئسا خزاني ۾ ٿا وجهن: ۽ ڪيترا جي دولتمند هئا، تن گهڻوئي ڪي اُن ۾ وڌو ٿي.</verse>
				<verse number="42">۽ هڪڙي غريب بيوهہ آئي ۽ انهيءَ ٻہ دمڙيون آڻي وڌيون، جي آڌيلي برابر آهن.</verse>
				<verse number="43">تڏهن هن پنهنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هي سڀ جيڪي خزاني ۾ پيا وجهن، تن کان هن غريب بيوهہ وڌيڪ وڌو آهي.</verse>
				<verse number="44">ڇالاءِ جو هنن وٽ جيڪي گهرج کان وڌيڪ هو، تنهن مان هن ۾ وڌو اٿن؛ پر هن پنهنجي تنگ حال هوندي بہ جيڪي هڙ ۾ هوس، سو سڀ کڻي وڌائين، بلڪ پنهنجي سموري ڪمائي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">جڏهن هو هيڪل مان ٻاهر نڪتو، تڏهن سندس شاگردن مان هڪڙي چيس، تہ اي اُستاد، ڏس هي ڪهڙا نہ پهڻ ۽ ڪهڙيون نہ عمارتون آهن!</verse>
				<verse number="2">يسوع چيس تہ تون هي وڏيون عمارتون ڏسين ٿو؟ هتي پهڻ پهڻ تي نہ رهندو، جو ڊاٺو نہ ويندو.</verse>
				<verse number="3">۽ جڏهن هو هيڪل جي سامهون زيتونن جي ٽڪر تي ويٺو هو، تڏهن پطرس، ۽ يعقوب، ۽ يوحنا، ۽ اندرياس، هن کان اڪيلائيءَ ۾ پڇيو تہ</verse>
				<verse number="4">اسان کي ٻڌاءِ تہ اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون؟ ۽ جنهن وقت اهي سڀ ڳالهيون پوري ٿيڻ تي اينديون؛ تنهن وقت جي ڪهڙي نشاني ٿيندي؟</verse>
				<verse number="5">يسوع چوڻ لڳن، تہ خبردار ٿجو متان ڪو اوهان کي گمراهہ ڪري.</verse>
				<verse number="6">گهڻا ئي منهنجي نالي سان ايندا، ۽ اچي چوندا تہ اُهو آئون آهيان؛ ۽ ڪيترن ئي کي گمراهہ ڪندا.</verse>
				<verse number="7">۽ جڏهن اوهين جنگين جون ڳالهيون ۽ جنگين جا افواهہ ٻُڌو، تڏهن گهٻرائجو نہ؛ اهي ڳالهيون ضرور ٿينديون، پر اڃا پڄاڻي نہ آئي آهي.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو قوم، قوم تي، ۽ بادشاهت، بادشاهت تي چڙهائي ڪندي، ڪيترن ئي هنڌ ڌرتي ڌٻندي، ۽ ڏڪار پوندا: اِهي ڳالهيون مصيبت جي شروعات آهن.</verse>
				<verse number="9">پر اوهين پنهنجي خبرداري ڪجو، ڇالاءِ جو هو اوهان کي عدالتن جي حوالي ڪندا؛ ۽ عبادتگاهن ۾ اوهان کي ماريندا ڪُٽيندا؛ ۽ منهنجي خاطر اوهان کي حاڪمن ۽ بادشاهن جي اڳيان کڙو ڪندا، تہ ڀلي اُنهن لاءِ شاهدي ٿئي.</verse>
				<verse number="10">۽ سڀني قومن ۾ ضرور پهريائين انجيل جي منادي ڪئي ويندي.</verse>
				<verse number="11">۽ جڏهن هو اوهان کي وٺي وڃي حوالي ڪن، تڏهن اڳيئي اهو فڪر نہ ڪجو تہ اسين ڇا چئون؟ پر جيڪي انهيءَ گهڙيءَ اوهان کي ڏنو وڃي سو چئجو: ڇالاءِ تہ ڳالهائيندڙ اوهين نہ هوندا پر پاڪ روح.</verse>
				<verse number="12">۽ ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ حوالي ڪندو، ۽ پيءُ پنهنجي پٽ کي، ۽ ٻار پنهنجن مائٽن جي برخلاف ڪمر ٻڌي انهن کي قتل ڪرائيندا.</verse>
				<verse number="13">۽ منهنجي نالي جي ڪري سڀيئي ماڻهو اوهان کي ڌڪاريندا: پر جيڪو توڙ تائين قائم رهندو، سو ئي نجات پائيندو.</verse>
				<verse number="14">پر جڏهن اوهين ويران ڪندڙ ۽ نفرت جهڙيءَ شيءِ کي اُتي بيٺل ڏسو، جتي هن کي بيهڻ نہ گهرجي، (جيڪو پڙهي سو ڀلي سمجهي)، تڏهن جيڪي يهوديہ ۾ هجن، سي جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن:</verse>
				<verse number="15">۽ جيڪو کڏ تي هجي سو هيٺ نہ لهي، نڪي پنهنجي گهر مان ڪا شيءِ ڪڍڻ لاءِ اندر گهڙي:</verse>
				<verse number="16">۽ جيڪو ٻنيءَ ۾ هجي سو پنهنجو ڪپڙو کڻڻ لاءِ موٽي نہ وڃي.</verse>
				<verse number="17">پر اُنهن لاءِ افسوس آهي، جي پيٽ سان هونديون، ۽ اُنهن لاءِ جن کي اُنهن ڏينهن ۾ ٻار ٿڻن تي هوندا!</verse>
				<verse number="18">۽ اوهين دعا گهُرو تہ شل اهو حال سياري ۾ نہ ٿئي.</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ جو اُهي ڏينهن اهڙا مصيبت جا ٿيندا، جهڙاڪ خدا جي پيدا ڪيل خلقت جي شروعات کان وٺي اڄ تائين نہ ٿيا آهن، ۽ نہ ڪڏهن ٿيندا.</verse>
				<verse number="20">۽ جيڪڏهن خداوند اُهي ڏينهن نہ گهٽائي ها تہ جيڪر ڪوبہ نہ بچي ها؛ پر چونڊيل، جن کي پاڻ چونڊيو اٿس، تن جي خاطر اهي ڏينهن گهٽايائين.</verse>
				<verse number="21">پوءِ اُنهي وقت جيڪڏهن ڪو کڻي اوهان کي چوي تہ ڏسو، اِجهو مسيح هِتي آهي، يا اِجهو هُتي آهي، تہ متان اعتبار ڪريو:</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ جو ڪوڙا مسيح ۽ ڪوڙا نبي اُٿندا، ۽ نشانيون ۽ حيرت جهڙا ڪم ڏيکاريندا، انهي لاءِ تہ جي ٿي سگهي تہ اُنهن چونڊيلن کي بہ گمراهہ ڪن.</verse>
				<verse number="23">پر اوهين خبردار ٿجو، ڏسو، مون اوهان کي سڀ ڳالهيون اڳيئي ٻُڌائي ڇڏيون آهن.</verse>
				<verse number="24">پر اُنهن ڏينهن ۾ انهيءَ مصيبت کان پوءِ سج ڪارو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشني نہ ڏيندو؛</verse>
				<verse number="25">۽ تارا آسمان مان ڪِرندا، ۽ جيڪي طاقتون آسمان ۾ آهن سي لُڏي وينديون.</verse>
				<verse number="26">۽ انهي وقت هو ابن آدم کي وڏيءَ قدرت ۽ شان سان ڪڪرن ۾ ايندو ڏسندا.</verse>
				<verse number="27">۽ انهي وقت هو ملائڪ موڪلي، پنهنجن چونڊيلن کي زمين جي حد کان، آسمان جي حد تائين، چئني طرفن کان آڻي گڏ ڪندو.</verse>
				<verse number="28">هاڻي انجير جي وڻ کان مثال سکو: جڏهن انهي جي ٽاري هاڻي نرم ٿي آهي ۽ پن ڪڍي ٿي، تڏهن اوهان کي خبر ٿي پوي تہ اونهارو ويجهو آهي؛</verse>
				<verse number="29">ساڳي طرح جڏهن اوهين اهي ڳالهيون ڏسو، تڏهن ڄاڻجو تہ هو بہ ويجهو آهي، ڄڻ تہ در تي اچي بيٺو آهي،</verse>
				<verse number="30">آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جيسين هي سڀ ڳالهيون پوريون نہ ٿينديون، تيسين هيءَ پيڙهي گذري نہ ويندي.</verse>
				<verse number="31">آسمان ۽ زمين گذر ڪري ويندا، پر منهنجو ڪلام ڪڏهن بہ نہ ٽرندو.</verse>
				<verse number="32">پر انهي ڏينهن يا اُنهيءَ گهڙيءَ جي ڪنهن کي بہ خبر ڪانهي، نہ آسمان جي ملائڪن کي، نڪي پٽ کي، پر فقط پيءُ کي.</verse>
				<verse number="33">خبردار، جاڳندا ۽ دعا گهُرندا رهجو، ڇالاءِ جو اوهان کي خبر ڪانهي تہ اُهو وقت ڪڏهن ايندو.</verse>
				<verse number="34">اهو انهي ماڻهوءَ وانگر آهي جو پرديس ۾ ويو هجي، ۽ گهر ڇڏڻ مهل پنهنجن نوڪرن کي اختياري ڏيئي هرهڪ کي پنهنجو پنهنجو ڪم سونپي ويو هجي، بلڪ دربان کي بہ حڪم ڏئي تہ سجاڳ رهہ.</verse>
				<verse number="35">تنهنڪري اوهين بہ سجاڳ رهو، ڇالاءِ جو اوهان کي خبر ڪانهي تہ گهر جو مالڪ ڪڏهن سانجهيءَ يا اڌ رات جو، يا ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ مهل، يا صبح جو ٿو اچي.</verse>
				<verse number="36">ائين نہ ٿئي جو هو اوچتو اچي اوهان کي سُتل ڏسي.</verse>
				<verse number="37">جيڪي آئون اوهان کي چوان ٿو، سو سڀني کي ٿو چوان، تہ سجاڳ رهو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">هاڻي ٻن ڏينهن کانپوءِ فسح ۽ فطيري مانيءَ جي عيد هئي، ۽ سردار ڪاهنن ۽ فقيهن وجهہ پئي ڳوليو تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي فريب سان ڦاسائي قتل ڪريون:</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو هنن چيو تہ عيد جي ڏينهن نہ، متان اُمت ۾ گوڙ ٿي پوي.</verse>
				<verse number="3">۽ جڏهن بيت عنياہ ۾، هن شمعون ڪوڙهئي جي گهر ۾ ماني ويٺي کاڌي، تڏهن هڪڙي زال سنگ مرمر جي عطرداني کڻي آئي، جنهن ۾ تمام قيمتي جٽاماسي جو عطر هو؛ ۽ اُها عطرداني ڀڃي هن جي مٿان اوتيائين.</verse>
				<verse number="4">پر ڪي اُتي هئا جي ڪاوڙجي چوڻ لڳا تہ ڪهڙي سبب ڪري هي عطر زيان ڪيو ويو آهي؟</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ تہ جيڪر هي عطر ٽن سون دينارن کان بہ زيادہ قيمت تي وڪڻي غريبن کي ڏجي ها. ۽ هو انهيءَ زال جي برخلاف سُر پُر ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="6">پر يسوع چيو تہ هن کي ڇڏي ڏيو، ڇو ٿا ستايوس؟ هن مون سان چڱائي ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو غريب تہ هميشہ ئي اوهان وٽ هوندا، ۽ جڏهن بہ اوهان جي مرضي ٿيندي، تڏهن هنن سان ڀلائي ڪري سگهندا، پر آئون هميشہ اوهان وٽ نہ هوندس.</verse>
				<verse number="8">هن کان جيڪي ٿي سگهيو، سو هن ڪيو آهي: هن منهنجي بدن کي دفن جي لاءِ اڳيئي عطر مکيو آهي.</verse>
				<verse number="9">آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جتي بہ ساريءَ دنيا ۾ انجيل جي منادي ڪئي ويندي، اُتي هن زال جيڪي ڪيو آهي، تنهن جو ذڪر سندس يادگيريءَ لاءِ ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="10">پوءِ يهوداہ اسڪريوتي، جو اُنهن ٻارهن مان هڪڙو هو، سو سردار ڪاهنن وٽ ويو، انهي لاءِ تہ هن کي سندن حوالي ڪري.</verse>
				<verse number="11">۽ جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي تڏهن خوش ٿيا، ۽ هن کي پئسن ڏيڻ جو انجام ڪيائون. پوءِ هن وجهہ پئي ڳوليو تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي هنن جي حوالي ڪريان.</verse>
				<verse number="12">۽ فطيري عيد جي پهرئين ڏينهن، جڏهن هنن فسح جي قرباني ٿي چاڙهي، تڏهن هن جي شاگردن کيس چيو تہ تنهنجي مرضي ڪهڙي آهي، تہ اسين تنهنجي فسح کائڻ جي ڪٿي وڃي تياري ڪريون؟</verse>
				<verse number="13">هن پنهنجن شاگردن مان ٻن کي موڪليو ۽ چيائين تہ شهر ۾ وڃو، ۽ اُتي اوهان کي هڪڙو ماڻهو گڏبو جو پاڻيءَ جو دلو کنيو ايندو: اُنهي جي پٺيان وڃجو؛</verse>
				<verse number="14">۽ جنهن گهر ۾ اُهو گهڙي وڃي، اُنهي جي مالڪ کي چئجو، تہ اُستاد چوي ٿو تہ منهنجو مهمان خانو ڪٿي آهي، جتي آئون پنهنجن شاگردن سان گڏ فسح کاوان؟</verse>
				<verse number="15">۽ اُهو پاڻهي اوهان کي ماڙيءَ تي بالاخانو سينگاريل ۽ تيار ٿيل ڏيکاريندو: اُتي اسان جي لاءِ تياري ڪجو.</verse>
				<verse number="16">سو شاگرد روانا ٿيا ۽ شهر ۾ آيا، جيئن هن چيو هون، تيئن اچي ڏٺائون، ۽ فسح تيار ڪيائون.</verse>
				<verse number="17">۽ جڏهن سانجهي ٿي تڏهن هو ٻارهن ئي سان گڏجي آيو.</verse>
				<verse number="18">۽ جڏهن کاڌائون ويٺي تڏهن يسوع چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ اوهان مان هڪڙو جو مون سان گڏ ويٺو کائي، سو مون کي جهلائيندو.</verse>
				<verse number="19">تنهن تي هو غمگين ٿيڻ لڳا، ۽ هڪڙو هڪڙو ٿي چوڻ لڳس، تہ آئون آهيان ڇا؟</verse>
				<verse number="20">هن چين تہ ٻارهن مان هڪڙو آهي بلڪ اُهو جو مون سان گڏ ٿالهيءَ مان ٿو ٻوڙي.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو ابن آدم تہ وڃي ٿو، جيئن ڪ سندس بابت لکيل آهي، پر افسوس اُنهي ماڻهوءَ تي آهي، جنهن جي هٿان ابن آدم جهلجي ٿو! اُنهي ماڻهوءَ لاءِ چڱو ٿئي ها جي هو ڄمي ئي نہ ها.</verse>
				<verse number="22">۽ اڃا کاڌائون ئي ويٺي، تہ هن ماني کنئي، ۽ برڪت ڏيئي اُها ڀڳائين، ۽ اُنهن کي ڏيئي چيائين، تہ وٺو، هي منهنجو بدن آهي.</verse>
				<verse number="23">۽ پيالو کڻي شڪر ڪري هنن کي ڏنائين، ۽ اُنهن سڀني اُنهي مان پيتو.</verse>
				<verse number="24">۽ چيائين تہ عهد جو هيءُ منهنجو رت آهي، جو گهڻن لاءِ وهائجي ٿو.</verse>
				<verse number="25">آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ آئون وري انهي ڏينهن تائين ڪڏهن ڊاک جي رس نہ پيئندس، جيستائين ڪ خدا جي بادشاهت ۾ اها نئين سر نہ پيئان.</verse>
				<verse number="26">۽ جڏهن زبور ڳائي چڪا، تڏهن هو زيتونن جي جبل ڏانهن هليا ويا.</verse>
				<verse number="27">۽ يسوع هنن کي چيو تہ اوهين سڀ گمراهہ ٿيندا، ڇالاءِ جو لکيل آهي، تہ ”آئون ريڍار کي ماريندس ۽ رڍون رُلي ڇلي وينديون.“</verse>
				<verse number="28">انهي هوندي بہ آئون پنهنجي جي اُٿڻ کانپوءِ، اوهان کان اڳي گليل ڏانهن ويندس.</verse>
				<verse number="29">پر پطرس چيس تہ جيتوڻيڪ سڀيئي ٺوڪر کائيندا، تہ بہ آئون گمراهہ ڪين ٿيندس.</verse>
				<verse number="30">يسوع هن کي چيو تہ آئون توکي سچ ٿو چوان تہ اڄ، بلڪ اڄوڪي رات، ڪڪڙ جي ٻن ڀيرن ٻانگ ڏيڻ کان اڳي تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين.</verse>
				<verse number="31">پر هن ڏاڍي جوش مان چيس تہ جيڪڏهن مون کي توسان گڏ مرڻو بہ پوي، تہ بہ آئون انڪار ڪين ڪندس. ۽ ٻين سڀني بہ انهيءَ طرح چيو.</verse>
				<verse number="32">۽ هو هڪڙي هنڌ آيا، جنهن کي گيتسمني سڏيندا هئا، ۽ هن پنهنجن شاگردن کي چيو، تہ اوهين هتي ويٺا رهو، جيسين ڪ آئون دعا گهران.</verse>
				<verse number="33">۽ هن پطرس ۽ يعقوب ۽ يوحنا کي پاڻ سان کنيو، ۽ ڏاڍو حيران ۽ پريشان ٿيڻ لڳو.</verse>
				<verse number="34">۽ هنن کي چيائين تہ منهنجي جان ڏاڍي ڏک ۾ آهي، ڄڻ تہ موت آيو اٿم: اوهين هتي ترسو، ۽ جاڳندا رهو.</verse>
				<verse number="35">۽ هو ٿورو اڳڀرو هليو ۽ زمين تي ڪِري دعا گهرڻ لڳو، تہ جي ٿي سگهي تہ هيءَ گهڙي مون کان ٽري وڃي.</verse>
				<verse number="36">۽ چيائين، تہ اي ابا، اي پيءُ، تون سڀ ڪجهہ ڪري ٿو سگهين؛ هي پيالو مون تان ٽار، اِنهي هوندي بہ منهنجي مرضي نہ، پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.</verse>
				<verse number="37">۽ هو موٽي آيو ۽ اچي هنن کي سُتل ڏسي، پطرس کي چيائين، تہ اي شمعون، تون بہ سمهيو پيو آهين؟ هڪڙي گهڙي بہ سجاڳ رهي نٿو سگهين؟</verse>
				<verse number="38">اوهين جاڳو، ۽ دعا گهُرو، تہ آزمائش ۾ نہ پئو: سچ روح تہ تيار آهي، مگر جسم ضعيف آهي؛</verse>
				<verse number="39">۽ وري هو هليو ويو، ۽ ساڳي ڳالهہ چئي دعا گهُريائين.</verse>
				<verse number="40">۽ وري اچي هنن کي سُتل ڏٺائين، ڇالاءِ جو هنن جون اکيون ننڊ ۾ ڀريون پيون هيون، ۽ خبر ئي نٿي پين تہ ڪهڙو جواب ڏيونس.</verse>
				<verse number="41">۽ هو ٽيون دفعو آيو، ۽ هنن کي چوڻ لڳو تہ هاڻي ڀلي سمهي ننڊون ڪريو، ۽ آرام وٺو: بس اُها گهڙي اچي پهتي آهي؛ اِجهو ابن آدم گنهگارن جي هٿن ۾ ڏنو ٿو وڃي.</verse>
				<verse number="42">اُٿو، هلو تہ هلون: ڏسو، جيڪو مون کي جهلائي ٿو سو ويجهو آيو آهي.</verse>
				<verse number="43">۽ يڪدم اڃا هن ڳالهايو ئي پئي تہ يهوداہ، جو ٻارهن مان هڪڙو هو، سو آيو، ۽ انهي سان گڏ هڪڙي جماعت ترارن ۽ لٺين سان هئي، جنهن کي سردار ڪاهنن ۽ فقيهن ۽ بزرگن موڪليو هو.</verse>
				<verse number="44">هاڻي جنهن هن کي جهلايو ٿي، تنهن هنن کي نشاني ڏيئي ڇڏي هئي، ۽ چيو هئائين، تہ جنهن کي آئون چُمان سو اٿوَ؛ انهي کي جهلجو ۽ سنڀالي وٺي وڃجوس.</verse>
				<verse number="45">۽ جڏهن هو اچي پهتو، تڏهن يڪدم وٽس اچي چيائين تہ اي اُستاد؛ ۽ چُميائينس.</verse>
				<verse number="46">تنهن تي هنن کڻي هٿ وڌس، ۽ قابو ڪيائونس.</verse>
				<verse number="47">پر جيڪي اُتي بيٺا هئا، تن مان هڪڙي پنهنجي ترار ڪڍي سردار ڪاهن جي نوڪر کي هنئي، ۽ هن جو ڪَن ڪَپي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="48">يسوع هنن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ جيئن ڪنهن ڌاڙيل تي ڪاهي اچبو آهي، تيئن اوهين بہ مون کي جهلڻ لاءِ ترارون ۽ لٺيون کڻي آيا آهيو ڇا؟</verse>
				<verse number="49">مون هر روز اوهان وٽ هيڪل ۾ تعليم پئي ڏني، ۽ اوهان تہ مون کي پڪڙيو ئي ڪين! پر هي انهي ڪري ٿيو آهي تہ پاڪ لکيتون پوريون ٿين.</verse>
				<verse number="50">پوءِ سڀ شاگرد کيس ڇڏي ڀڄي ويا.</verse>
				<verse number="51">۽ هڪڙو جوان ماڻهو جنهن جي اُگهاڙي بُت تي سنهي چادر پيل هئي، سو هن جي پٺيان پئي ويو، انهي کي بہ هنن کڻي جهليو.</verse>
				<verse number="52">پر هو اها سنهي چادر ڇڏي اُگهاڙو اُٿي ڀڳو.</verse>
				<verse number="53">۽ هو يسوع کي سردار ڪاهن وٽ وٺي آيا: ۽ اُتي سڀيئي سردار ڪاهن ۽ بزرگ ۽ فقيهہ هن وٽ اچي گڏ ٿيا.</verse>
				<verse number="54">۽ پطرس پري کان هن جي پٺيان پئي آيو، ۽ اصل سردار ڪاهن جي ايوان اندر گهڙي ويو، ۽ سپاهين سان گڏ باهہ تي ويٺي پاڻ سيڪيائين.</verse>
				<verse number="55">هاڻي سردار ڪاهن ۽ سڄي صدر مجلس يسوع کي قتل ڪرڻ لاءِ سندس برخلاف شاهدي ڳولڻ لڳي، پر ڪانہ ملين.</verse>
				<verse number="56">ڇالاءِ جو گهڻن ئي مٿس ڪوڙيون شاهديون ڏنيون، مگر سندن شاهديون پاڻ ۾ نٿي مليون.</verse>
				<verse number="57">۽ ڪي اُٿي بيٺا ۽ مٿس ڪوڙي شاهدي ڏيئي چوڻ لڳا تہ</verse>
				<verse number="58">اسان هن کي چوندو ٻُڌو آهي، تہ هي هيڪل جو هٿن سان جوڙيو ويو آهي، تنهن کي آئون ڊاهيندس، ۽ وري ٽن ڏينهن ۾ ٻيو اڏيندس، جو هٿن کانسواءِ جُڙيل هوندو.</verse>
				<verse number="59">پر انهي ۾ بہ سندن شاهدي پاڻ ۾ نٿي ملي.</verse>
				<verse number="60">تڏهن سردار ڪاهن وچ ۾ اُٿي بيٺو، ۽ يسوع کان پڇڻ لڳو تہ تون ڪوبہ جواب نٿو ڏين؟ هي تو تي ڪهڙي شاهدي ٿا ڀرن؟</verse>
				<verse number="61">پر هو ماٺ ڪري بيهي رهيو، ۽ ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنائين. وري بہ سردار ڪاهن سوال پڇيس ۽ چيائينس تہ تون انهي سڳوري جو فرزند، مسيح آهين ڇا؟</verse>
				<verse number="62">يسوع چيو تہ آئون آهيان: ۽ اوهين ابن آدم کي قدرت جي ساڄي پاسي ويٺل، ۽ آسمان جي ڪڪرن سان ايندو ڏسندا.</verse>
				<verse number="63">تنهن تي سردار ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا، ۽ چوڻ لڳو تہ اسان کي شاهدن جي ٻي ڪهڙي گهرج آهي؟</verse>
				<verse number="64">اوهان ڪفر جي ڳالهہ ٻڌي آهي: ڇا ٿا ڀانئيو؟ هنن سڀني اها فتويٰ ڏني تہ هي موت جي لائق آهي.</verse>
				<verse number="65">۽ ڪي مٿس ٿُڪون وجهڻ ۽ سندس منهن ڍڪڻ، ۽ کيس ٺونشا هڻڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳس تہ نبوت ڪر، ۽ سپاهين چماٽون هڻي هن کي پنهنجي حوالي ڪيو.</verse>
				<verse number="66">۽ جڏهن پطرس هيٺ ايوان ۾ هو، تڏهن سردار ڪاهن جي نوڪرياڻين مان هڪڙي آئي؛</verse>
				<verse number="67">۽ پطرس کي پاڻ سيڪيندو ڏسي، ڏانهنس نهاري چيائين، تہ تون بہ هن يسوع ناصريءَ سان هئين.</verse>
				<verse number="68">پر هن انڪار ڪري چيس تہ جيڪي تون چوين ٿي، سو نڪي آئون ڄاڻان ٿو، نڪي سمجهان ٿو. پوءِ هو نڪري ڏيڍيءَ ۾ ويو، تہ ڪڪڙ ٻانگ ڏني.</verse>
				<verse number="69">۽ انهيءَ نوڪرياڻيءَ ڏٺس، ۽ جيڪي اُتي بيٺا هئا، تن کي وري چوڻ لڳي، تہ هي هنن مان هڪڙو آهي.</verse>
				<verse number="70">پر هن وري بہ انڪار ڪيو، ۽ ٿوري وقت کانپوءِ جيڪي اُتي بيٺا هئا، تن پطرس کي چيو تہ سچ پچ تون هنن مان هڪڙو آهين؛ ڇالاءِ جو تون گليلي آهين.</verse>
				<verse number="71">پر هو لعنت وجهڻ لڳو، ۽ قسم کڻي چوڻ لڳو، تہ هي ماڻهو جنهن جي اوهين ڳالهہ ٿا ڪريو، تنهن کي تہ آئون سڃاڻان ئي ڪين.</verse>
				<verse number="72">۽ يڪدم ٻئي ڀيري ڪڪڙ ٻانگ ڏني. ۽ پطرس کي اُها ڳالهہ ياد پيئي، جو يسوع چيو هوس تہ ڪڪڙ ٻہ ڀيرا ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳي تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين. ۽ انهي بابت خيال ڪندي روئي ڏنائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="15">
				<verse number="1">۽ سردار ڪاهنن صبح ٿيڻ شرط بزرگن ۽ فقيهن ۽ سڄي صدر مجلس سان صلاح مشورت ڪئي، ۽ يسوع کي ٻَڌي وٺي ويا، ۽ پلاطس جي حوالي ڪيائونس.</verse>
				<verse number="2">پلاطس هن کان پڇيو، تہ تون يهودين جو بادشاهہ آهين ڇا؟ هن ورندي ڏيئي چيو تہ تون پاڻ ٿو چوين.</verse>
				<verse number="3">۽ سردار ڪاهنن هن تي گهڻيئي تهمتون آنديون.</verse>
				<verse number="4">پوءِ پلاطس وري پڇيس تہ تون ڪوبہ جواب نٿو ڏين؟ ڏس تو تي ڪيتريون نہ تهمتون ٿا آڻين.</verse>
				<verse number="5">پر يسوع وري ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنو؛ ايتري قدر جو پلاطس کي عجب لڳو.</verse>
				<verse number="6">هاڻي عيد تي جنهن بہ هڪڙي قيديءَ لاءِ هو عرض ڪندا هئس، تنهن کي سندن خاطر ڇڏي ڏيندو هو.</verse>
				<verse number="7">۽ هڪڙو ماڻهو برابا نالي هو، جو انهن فسادين سان گڏ قيد ۾ هو، جن فساد ڪندي خون ڪيو هو.</verse>
				<verse number="8">۽ ماڻهو ميڙ ڪري وٽس ويا، ۽ عرض ڪرڻ لڳس تہ جيئن تون هميشہ اسان لاءِ ڪندو آهين، تيئن هاڻ بہ ڪر.</verse>
				<verse number="9">پلاطس ورندي ڏيئي چين، تہ اوهان جي مرضي ڇا آهي تہ آئون يهودين جي بادشاهہ کي ڇڏي ڏيان؟</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو هن سهي ڪيو هو تہ سردار ڪاهنن هن کي حسد جي ڪري آڻي رجوع ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="11">پر سردار ڪاهنن خلق کي چوري بيهاريو تہ هو سندن خاطر انهي جي بدران برابا کي ڇڏي ڏئي.</verse>
				<verse number="12">پلاطس وري ورندي ڏيئي چين تہ تڏهن جنهن کي اوهين يهودين جو بادشاهہ ٿا سڏيو، تنهن کي آئون ڇا ڪريان؟</verse>
				<verse number="13">هنن وري واڪا ڪري چيو تہ هن کي صليب تي چاڙهہ.</verse>
				<verse number="14">پلاطس چين تہ ڇو، هن ڪهڙي برائي ڪئي آهي؟ پر هنن ڏاڍيون رڙيون ڪري چيس، تہ هن کي صليب تي چاڙهہ.</verse>
				<verse number="15">۽ پلاطس جي مرضي هئي تہ ماڻهن کي راضي ڪريان، تنهنڪري هنن جي خاطر برابا کي ڇڏي ڏنائين، ۽ يسوع کي چهبڪن هڻڻ کانپوءِ حوالي ڪيائين تہ وڃي صليب تي چاڙهيوس.</verse>
				<verse number="16">پوءِ سپاهي هن کي ايوان منجهہ وٺي ويا، جنهن کي پرئتورين ٿا چون؛ ۽ اُتي سڄي پلٽڻ آڻي گڏ ڪيائون.</verse>
				<verse number="17">۽ انهن کيس واڱڻائي رنگ جا ڪپڙا ڍڪايا، ۽ ڪنڊن جو هڪڙو تاج ڳتي مٿس رکيائون،</verse>
				<verse number="18">۽ سلام ڪري چوڻ لڳس، تہ سلام اي يهودين جا بادشاهہ!</verse>
				<verse number="19">۽ هن جي مٿي تي ڇڙين سان ڌڪ هنيائون، ۽ مٿس ٿُڪون اُڇلايائون، ۽ گوڏا کوڙي سجدو ڪيائونس.</verse>
				<verse number="20">۽ جڏهن ساڻس مسخري ڪري رهيا، تڏهن اُهي واڱڻائي ڪپڙا لاهي ورتائونس، ۽ سندس ڪپڙا ڍڪيائونس. ۽ صليب تي چاڙهڻ لاءِ کيس ٻاهر وٺي نڪتا.</verse>
				<verse number="21">۽ شمعون نالي هڪڙو ڪريني ماڻهو، سڪندر ۽ روفس جو پيءُ، جو ٻهراڙيءَ کان ٿي آيو، ۽ رستو وٺي اچي اُتان لنگهيو، تنهن کي بيگر ۾ جهليائون، تہ هن جو صليب کڻي هلي.</verse>
				<verse number="22">پوءِ هن کي گلگتا واري هنڌ وٺي آيا، جنهن جي معنيٰ آهي کوپراٽيءَ جي جاءِ.</verse>
				<verse number="23">۽ هن کي مئي پيئڻ لاءِ ڏنائون، جنهن ۾ مر گڏيل هئي، پر هن نہ پيتي.</verse>
				<verse number="24">۽ هن کي صليب تي چاڙهيائون، ۽ هن جي ڪپڙن تي پُکا وڌائون تہ ڪير ڪهڙو کڻي، انهي طرح پاڻ ۾ ورهائي کنيائون.</verse>
				<verse number="25">۽ جڏهن هن کي صليب تي چاڙهيائون، تڏهن ڏينهن جو هڪڙو پهر گذريو هو.</verse>
				<verse number="26">۽ سندس تهمت نامو لکي مٿس هڻي ڇڏيو هئائونس، تہ ”يهودين جو بادشاهہ“.</verse>
				<verse number="27">۽ ساڻس گڏ ٻن ڌاڙيلن کي صليب تي چاڙهيائون، هڪڙو سندس ساڄي پاسي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي.</verse>
				<verse number="28">۽ انهيءَ طرح اُها لکيت اچي پوري ٿي تہ ”هو گنهگارن ۾ ليکيو ويو“.</verse>
				<verse number="29">۽ جيڪي اُتان لنگهيا ٿي، تن هن تي ٺٺوليون ٿي ڪيون، ۽ پنهنجا ڪنڌ ڌوڻي چيائون ٿي تہ واهہ: هيڪل کي ڊاهڻ وارا ۽ ٽن ڏينهن ۾ اڏڻ وارا!</verse>
				<verse number="30">صليب تان لهي اچ ۽ پاڻ کي بچاءِ.</verse>
				<verse number="31">ساڳيءَ طرح سردار ڪاهنن بہ فقيهن سان گڏ پاڻ ۾ چرچا گهٻا ڪري چيو، تہ هن ٻين کي بچايو، پاڻ کي تہ بچائي نٿو سگهي.</verse>
				<verse number="32">هاڻ ڀلي مسيح، اسرائيل جو بادشاهہ، صليب تان هيٺ لهي اچي، تہ اسين ڏسون ۽ ايمان آڻيون. ۽ جي ساڻس گڏ صليب تي چاڙهيا ويا هئا، تن بہ هن کي طعنا هنيا.</verse>
				<verse number="33">۽ جڏهن ٻپهري ٿي، تڏهن سڄي زمين تي اونداهي ٿي ويئي، جا ٽئين پهر تائين هلي.</verse>
				<verse number="34">۽ ٽئين پهر يسوع وڏي آواز سان پڪاري چيو، تہ الوئي، الوئي، لما سبقتني؟ جنهن جو ترجمو آهي، اي منهنجا خدا، اي منهنجا خدا، تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟</verse>
				<verse number="35">۽ جيڪي اُتي بيٺل هئا، تن مان ڪن جڏهن اهو ٻُڌو، تڏهن چوڻ لڳا تہ ڏسو، هو ايلياهہ کي ٿو سڏي.</verse>
				<verse number="36">۽ هڪڙو ڄڻو ڊوڙيو ۽ اسفنج سرڪي سان ڀري ڪاني تي رکي هن کي پيئڻ لاءِ ڏنائين، ۽ چيائين تہ ڇڏي ڏيو؛ ڏسون تہ ايلياهہ هن کي هيٺ لاهڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ.</verse>
				<verse number="37">پوءِ يسوع وڏو واڪو ڪري دم ڏنو.</verse>
				<verse number="38">۽ هيڪل جو پردو چوٽيءَ کان وٺي تري تائين ڦاٽي ٻہ اڌ ٿي پيو.</verse>
				<verse number="39">۽ صوبيدار جو سندس سامهون اتي بيٺو هو، تنهن جڏهن ڏٺو تہ هن انهيءَ طرح ساهہ ڏنو، تڏهن چوڻ لڳو تہ سچ پچ هي ماڻهو خدا جو فرزند هو.</verse>
				<verse number="40">۽ اُتي زالون بہ هيون جن پري کان بيٺي ڏٺو، انهن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسيس جي ماءُ مريم، ۽ سلومي هيون؛</verse>
				<verse number="41">جي جڏهن هو گليل ۾ هو، تڏهن سندس خدمت ڪنديون سندس پٺيان آيون هيون؛ ۽ ٻيون بہ گهڻيون ئي زالون هيون، جي ساڻس گڏجي يروشلم ۾ آيون هيون.</verse>
				<verse number="42">۽ اهو تياريءَ جو ڏينهن هو، جو سبت جي ڏينهن کان اڳي ٿيندو آهي، ۽ جڏهن سانجهي ٿي،</verse>
				<verse number="43">تڏهن ارمتيہ وارو يوسف آيو، جو هڪڙو معزز مشير هو، ۽ پاڻ خدا جي بادشاهت جو منتظر هو؛ اُهو همت ڪري اندر گهڙي پلاطس وٽ ويو، ۽ يسوع جو لاش گهُريائين.</verse>
				<verse number="44">۽ پلاطس کي عجب لڳو تہ هو ايترو جلد ڪيئن مئو، ۽ صوبيدار کي پاڻ وٽ سڏي هن کان پڇيائين تہ هن کي مُئي ڪيتري دير ٿي آهي؟</verse>
				<verse number="45">۽ جڏهن صوبيدار کان انهيءَ جي خاطري ٿيس، تڏهن يوسف کي لاش ڏنائين.</verse>
				<verse number="46">۽ هن هڪڙي سنهي سڻيءَ جي چادر خريد ڪئي، ۽ هن کي لاهي انهيءَ سڻيءَ جي چادر ۾ ويڙهيائين، ۽ هڪڙيءَ قبر ۾ رکيائينس، جا هڪڙي ٽڪر ۾ کوٽيل هئي؛ ۽ هن هڪڙو پهڻ ليٽائي آڻي قبر جي منهن تي رکيو.</verse>
				<verse number="47">۽ جتي رکيائونس، اُهو هنڌ مريم مگدليني ۽ يوسف جي ماءُ مريم ڏٺو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="16">
				<verse number="1">جڏهن سبت جو ڏينهن گذري ويو، تڏهن مريم مگدليني ۽ يعقوب جي ماءُ مريم، ۽ سلومي، سرهاڻيون خريد ڪيون، انهي لاءِ تہ هن کي وڃي مکين.</verse>
				<verse number="2">۽ هفتي جي پهرئين ڏينهن تمام سويرو سج اُڀرئي مهل، قبر تي آيون.</verse>
				<verse number="3">۽ پاڻ ۾ پئي چيائون تہ ڪير اسان کي قبر جي منهن تان پهڻ هٽائي ڏيندو؟</verse>
				<verse number="4">۽ اڃا مٿي نهارين تہ ڏسن تہ اهو پهڻ جو تمام ڳرو هو، سو پاسي ٿيو پيو آهي.</verse>
				<verse number="5">۽ قبر ۾ گهڙي ڏسن تہ هڪڙو جوان ماڻهو اڇن ڪپڙن سان ساڄي پاسي ويٺو آهي؛ ۽ هو عجب ۾ پئجي ويون.</verse>
				<verse number="6">۽ انهي کين چيو تہ حيران نہ ٿيو، اوهين يسوع ناصريءَ کي ٿيون ڳوليو، جنهن کي صليب تي چاڙهيو هئائون: هو جي اُٿيو آهي؛ هو هتي ڪونهي: اِجها اها جاءِ جتي رکيو هئائونس!</verse>
				<verse number="7">پر وڃو، هن جي شاگردن، ۽ پطرس کي وڃي چئو، تہ هو اوهان کان اڳيئي گليل ڏانهن ٿو وڃي، اُتي اوهين هن کي ڏسندا، جيئن هن پاڻ اوهان کي چيو هو.</verse>
				<verse number="8">۽ هو ٻاهر نڪتيون ۽ قبر وٽان اُٿي ڀڳيون؛ ڇالاءِ جو هنن کي ڏڪڻي ۽ حيراني وٺي ويئي هئي: ۽ هنن ڪنهن سان بہ نہ ڳالهايو؛ ڇالاءِ جو هنن کي ڊپ اچي ٿيو هو.</verse>
				<verse number="9">هاڻ سويرو هفتي جي پهرئين ڏينهن، جڏهن هو جي اُٿيو، تڏهن پهرين مريم مگدليني، جنهن مان ست ڀوت ڪڍيا هئائين، تنهن کي ڏيکاري ڏنائين.</verse>
				<verse number="10">تنهن وڃي هن جي ساٿين کي ٻُڌايو، جن پئي ماتم ڪيو ۽ رُنو.</verse>
				<verse number="11">۽ جڏهن هنن ٻُڌو تہ هو جيئرو آهي، ۽ هن کيس ڏٺو آهي، تڏهن اعتبار ئي نہ آين.</verse>
				<verse number="12">۽ هنن ڳالهين کانپوءِ اُنهن مان ٻہ ڄڻا جي ٻهراڙيءَ ۾ پنڌ ڪندا پي ويا، تن کي ٻيءَ صورت ۾ ڏسڻ ۾ آيو.</verse>
				<verse number="13">۽ اُنهن وڃي ٻين سان ڳالهہ ڪئي: پر اُنهن جي ڳالهہ تي بہ هنن کي اعتبار ڪونہ آيو.</verse>
				<verse number="14">۽ انهي کانپوءِ جڏهن هنن گڏجي ماني ويٺي کاڌي، تڏهن هن انهن يارهن کي بہ ڏيکاري ڏني، ۽ سندن بي اعتقاديءَ ۽ سخت دليءَ جو طعنو هنيائين، ڇالاءِ جو جن هن کي جي اُٿڻ کانپوءِ ڏٺو هو، تن تي هنن اعتبار نہ ڪيو هو.</verse>
				<verse number="15">۽ هنن کي چيائين تہ اوهين ساريءَ دنيا ۾ وڃو، ۽ ساريءَ خلق جي اڳيان انجيل جي منادي ڪريو.</verse>
				<verse number="16">جيڪو ايمان آڻي بپتسما وٺندو، اُهو نجات حاصل ڪندو؛ پر جيڪو ايمان نہ آڻيندو، اُهو ڏوهاري ٺهرايو ويندو.</verse>
				<verse number="17">۽ ايمان آڻڻ وارن ۾ هي نشانيون هونديون: اُهي منهنجي نالي ڀوت ڪڍندا؛ ۽ نيون نيون ٻوليون ڳالهائيندا؛</verse>
				<verse number="18">۽ نانگ کڻندا، ۽ جيڪڏهن زهر پيئندا تہ انهي مان هنن کي ڪنهن بہ طرح جو جوکو نہ رسندو؛ اُهي بيمارن تي هٿ رکندا ۽ هو چڱا ڀلا ٿي پوندا.</verse>
				<verse number="19">سو خداوند يسوع هنن سان ڳالهائڻ کانپوءِ آسمان ۾ چاڙهيو ويو، ۽ خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.</verse>
				<verse number="20">۽ هنن وڃي هنڌ هنڌ منادي ڪئي، ۽ خداوند انهي ڪم ۾ ساڻن شامل رهيو، ۽ نشانيون جي پئي ٿيون، تن سان ڪلام کي ثابت ڪندو رهيو. آمين.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="42">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">اي معزز ٿئوفلس، جيئن تہ اُهي ڳالهيون جيڪي اسان جي اڳيان پوريون ٿيون آهن، تن جي ترتيب وار بيان لکڻ لاءِ گهڻن ڄڻن ڪم ۾ هٿ ڳنڍيو آهي،</verse>
				<verse number="2">۽ جهڙيءَ طرح جن شروع کان ئي پاڻ پنهنجين اکين سان ڏٺو، ۽ ڪلام جا خادم هئا، تن اهي اسان کي سونپي ڏنيون،</verse>
				<verse number="3">تنهنڪري مون کي پڻ ائين سهڻو نظر آيو، تہ جن ڳالهين جي مون شروع کان پوري پوري جاچ ڪئي آهي، سي سموريون سلسلي وار تو ڏانهن لکي موڪليان؛</verse>
				<verse number="4">تان تہ جن ڳالهين جي توکي تعليم مليل آهي، تن جي پڪ ٿئي ئي.</verse>
				<verse number="5">يهوديہ جي بادشاهہ هيروديس جي ڏينهن ۾، ابياہ جي فرقي مان، زڪرياہ نالي هڪڙو ڪاهن هو، ۽ سندس زال اليشبع هارون جي ڌيئرن مان هئي.</verse>
				<verse number="6">اُهي ٻئي خدا جي حضور ۾ راستباز، ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قاعدن تي بي قصور هلندڙ هئا.</verse>
				<verse number="7">پر کين اولاد ڪونہ هو، ڇو جو اليشبع سنڍ هئي، ۽ ٻئي عمر جا وڏا ٿي ويا هئا.</verse>
				<verse number="8">پوءِ هيئن ٿيو جو جڏهن هن خدا جي حضور ۾، پنهنجي فرقي جي واري تي، ڪاهن جو ڪم پئي ڪيو،</verse>
				<verse number="9">تڏهن مٿس هيءُ پُکو پيو، تہ ڪهانت جي رسم موجب خداوند جي پاڪ جاءِ ۾ وڃي لوبان ٻاري.</verse>
				<verse number="10">۽ ماڻهن جي سموري جماعت لوبان ساڙڻ جي مهل ٻاهر دعا پئي گهُري.</verse>
				<verse number="11">۽ خداوند جي ملائڪ، لوبان واري قربانگاهہ جي ساڄي پاسي بيهي، هن کي ڏيکاري ڏني.</verse>
				<verse number="12">۽ زڪرياہ هن کي ڏسندي ئي وائڙو ٿي ويو، ۽ ڊپ وٺي ويس.</verse>
				<verse number="13">پر ملائڪ چيس تہ اي زڪرياہ، ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو تنهنجو سوال اگهاڻو آهي، ۽ تنهنجي زال اليشبع کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو يوحنا رکج.</verse>
				<verse number="14">۽ توکي خوشي ۽ سرهائي ٿيندي؛ ۽ هن جي ڄمڻ ڪري گهڻا خوش ٿيندا؛</verse>
				<verse number="15">ڇوتہ هو خداوند جي نظر ۾ بزرگ ٿيندو، ۽ نڪو شراب ۽ نڪا نشي جي شيءِ پيئندو؛ ۽ ماءُ جي پيٽان ئي پاڪ روح سان ڀرپور ٿيندو.</verse>
				<verse number="16">۽ هو بني اسرائيل مان گهڻن کي ڦيري، خداوند سندن خدا ڏانهن آڻيندو:</verse>
				<verse number="17">۽ سندس اڳيان ايلياہ جي روح ۽ طاقت سان هلندو، تہ پيئرن جي دلين کي اولاد ڏانهن ڦيري، ۽ نافرمانن کي نيڪن جي سياڻپ ۾ هلائي، ۽ خداوند لاءِ هڪڙي اُمت ٺاهي تيار ڪري.</verse>
				<verse number="18">تڏهن زڪرياہ ملائڪ کي چيو تہ مون کي انهيءَ جي ڪيئن خبر پوندي؟ ڇالاءِ جو آئون پيرسن آهيان، ۽ منهنجي زال بہ اچي وڏي ٿي آهي.</verse>
				<verse number="19">تڏهن ملائڪ وراڻي ڏيئي چيس تہ آئون جبرائيل آهيان، جو خدا جي حضوريءَ ۾ بيٺو رهندو آهيان، ۽ مون کي انهي لاءِ موڪليو اٿس تہ تو سان ڪلام ڪريان، ۽ توکي هيءَ خوشخبري ٻڌايان.</verse>
				<verse number="20">۽ ڏس، تون گونگو ٿي پوندين، ۽ جنهن ڏينهن اهي ڳالهيون پوريون ٿينديون، تنهن ڏينهن تائين تون ڳالهائي ڪين سگهندين، ڇالاءِ تہ منهنجو ڪلام جو پنهنجي وقت تي پورو ٿيندو، تنهن تي تو اعتبار نہ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="21">۽ ماڻهو زڪرياہ لاءِ اکيون پائي ويٺا هئا، ۽ اهوئي عجب هون تہ هن پاڪ جاءِ ۾ هيتري دير ڇو لاتي آهي.</verse>
				<verse number="22">پوءِ جڏهن هو ٻاهر نڪتو تہ ساڻن ڳالهائي نہ سگهيو: تڏهن انهن سمجهيو تہ هن پاڪ جاءِ ۾ ڪا رويا ڏٺي آهي: ۽ هن هٿن جا اشارا پئي ڪين، پر ڳالهائي ڪين سگهيو.</verse>
				<verse number="23">۽ هيئن ٿيو جو جڏهن سندس خدمت ڪرڻ جا ڏينهن اچي پورا ٿيا، تڏهن هو پنهنجي گهر هليو ويو.</verse>
				<verse number="24">۽ انهن ڏينهن کانپوءِ سندس زال اليشبع حمل واري ٿي، ۽ پنج مهينا پنهنجو پاڻ پڌرو نہ ڪيائين، ۽ چوڻ لڳي،</verse>
				<verse number="25">تہ جنهن ڏينهن کان خداوند مون تي نظر ڪئي تہ مون تان ماڻهن جو مهڻو لاهي، تنهن ڏينهن مون سان هيئن ڪيائين.</verse>
				<verse number="26">۽ ڇهين مهيني خدا وٽان جبرائيل ملائڪ گليل جي ناصرت نالي شهر ۾ هڪ ڪنواريءَ ڏانهن موڪليو ويو،</verse>
				<verse number="27">جا دائود جي گهراڻي جي هڪ يوسف نالي شخص سان مڱيل هئي؛ ۽ انهيءَ ڪنواريءَ جو نالو مريم هو.</verse>
				<verse number="28">۽ هن وٽس اندر اچي چيو تہ سلام توکي، جنهن تي وڏو فضل ٿيو آهي، خداوند توساڻ آهي.</verse>
				<verse number="29">پر هوءَ هيءَ ڪلام ٻُڌي وائڙي ٿي ويئي، ۽ دل ۾ خيال ڪرڻ لڳي تہ هيءُ ڪهڙي قسم جو سلام آهي.</verse>
				<verse number="30">تڏهن ملائڪ چيس، تہ اي مريم! ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو خدا تو تي مهر ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="31">۽ ڏس، توکي حمل ٿيندو ۽ پٽ ڄمندئي، جنهن جو نالو يسوع رکج.</verse>
				<verse number="32">هو بزرگ ٿيندو، ۽ خدا تعاليٰ جو فرزند ڪري سڏبو، ۽ خداوند خدا کيس سندس پيءُ دائود جو تخت ڏيندو.</verse>
				<verse number="33">۽ هو يعقوب جي گهراڻي تي هميشہ بادشاهي ڪندو، ۽ سندس بادشاهت جي آخر ئي ڪانہ ٿيندي.</verse>
				<verse number="34">تڏهن مريم ملائڪ کي چيو، تہ اها ڳالهہ ڪيئن ٿيندي جو مون اڃا مرد جو منهن ئي ڪونہ ڏٺو آهي؟</verse>
				<verse number="35">تنهن تي ملائڪ وراڻي ڏيئي چيس، تہ پاڪ روح توتي نازل ٿيندو، ۽ خدا تعاليٰ جي قدرت توتي ڇانوَ ڪندي: تنهنڪري اُهو پاڪ جو ڄمندو سو خدا جو فرزند ڪوٺبو.</verse>
				<verse number="36">۽ ڏس، تنهنجي مائٽياڻي اليشبع بہ وڏيءَ عمر ۾ پٽ جي اُميد واري ٿي آهي، جنهن کي سڀ سنڍ چوندا هئا، تنهن کي بہ هيءُ ڇهون مهينو ڏٺو آهي.</verse>
				<verse number="37">ڇو جو خدا جو ڪوبہ ڪلام بي تاثير ڪين ٿيندو.</verse>
				<verse number="38">تڏهن مريم چيو تہ خداوند جي ٻانهي حاضر آهي، ڀلي تنهنجي ڪلام موجب مون سان ٿئي. پوءِ ملائڪ وٽانئس هليو ويو.</verse>
				<verse number="39">انهن ڏينهن ۾ مريم جلدي ڪري جابلو ملڪ ڏانهن، يهوديہ جي هڪڙي شهر ۾ ويئي؛</verse>
				<verse number="40">۽ زڪرياہ جي گهر ۾ وڃي اليشبع کي سلام ڪيائين.</verse>
				<verse number="41">۽ هيئن ٿيو جو جڏهن اليشبع مريم جو سلام ٻُڌو، تڏهن ٻار سندس پيٽ ۾ ٽپڻ لڳو؛ ۽ اليشبع پاڪ روح سان ڀرجي ويئي؛</verse>
				<verse number="42">۽ وڏي سڏ چيائين، تہ مبارڪ آهين تون زالن ۾، ۽ مبارڪ آهي تنهنجي پيٽ جو ڦل.</verse>
				<verse number="43">۽ مون سان اهڙو فضل ڪيئن ٿيو، جو منهنجي خداوند جي ماءُ مون وٽ لنگهي اچي؟</verse>
				<verse number="44">۽ ڏس، جڏهن تنهنجي سلام جو آواز منهنجي ڪنن تي پيو، تڏهن ٻار منهنجي پيٽ ۾ خوشيءَ وچان ٽپڻ لڳو.</verse>
				<verse number="45">۽ اها مبارڪ آهي جنهن ايمان آندو، ڇو جو جيڪي ڳالهيون خداوند جي پاران کيس ٻڌايون ويون آهن، سي پوريون ٿينديون.</verse>
				<verse number="46">تڏهن مريم چيو، تہ ”منهنجي جان خداوند جي وڏائي ٿي ڪري،</verse>
				<verse number="47">۽ منهنجو روح منهنجي نجات ڏيڻ واري خدا ۾ سرهو ٿيو آهي؛</verse>
				<verse number="48">ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي ٻانهيءَ جي نماڻائيءَ تي نظر ڪئي آهي. جو ڏس اڄ کان وٺي سڀ ڪنهن زماني جا ماڻهو مون کي مبارڪ ڪري ڪوٺيندا.</verse>
				<verse number="49">ڇوتہ جو قدرت وارو آهي، تنهن مون سان وڏو وڙ ڪيو آهي، ۽ سندس نالو پاڪ هجي.</verse>
				<verse number="50">۽ سندس ٻاجهہ پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ اُنهن تي آهي، جي کانئس ڊڄن ٿا.</verse>
				<verse number="51">هن پنهنجي ٻانهن جو زور ڏيکاريو آهي، ۽ جيڪي دل جا هٺيلا آهن، تن کي ڇڙوڇڙ ڪيو اٿس.</verse>
				<verse number="52">هن زور وارن کي تخت تان لاهي هيٺ ڪيو آهي، ۽ نماڻن کي چاڙهي مٿي ڪيو اٿس.</verse>
				<verse number="53">هن بکين کي چڱين شين سان ڍائي ڇڏيو آهي ۽ ڍاولن کي سکڻي هٿ موٽايو اٿس.</verse>
				<verse number="54">هن پنهنجي ٻانهي اسرائيل جي سار لڌي آهي،</verse>
				<verse number="55">تہ ابراهيم ۽ سندس اولاد سان هميشہ رحم ڪري، جيئن اسان جي ابن ڏاڏن کي فرمايو هئائين.“</verse>
				<verse number="56">۽ مريم هن وٽ اٽڪل ٽي مهينا ٽڪي، ۽ پوءِ پنهنجي گهر موٽي ويئي.</verse>
				<verse number="57">هاڻي اليشبع جا ڏينهن اچي ڀريا ۽ کيس پٽ ڄائو.</verse>
				<verse number="58">۽ جڏهن سندس پاڙي وارين ۽ مٽن مائٽن ٻڌو تہ خداوند مٿس ڏاڍي ٻاجهہ ڪئي آهي؛ تڏهن ساڻس گڏجي خوشي ڪيائون.</verse>
				<verse number="59">۽ هيئن ٿيو جو اُهي اٺين ڏينهن ٻار جي سنت ڪرڻ آيا، ۽ سندس پيءُ زڪرياہ جو نالو ٿي رکيائونس.</verse>
				<verse number="60">پر ماڻس جواب ڏيئي چيو تہ ائين نہ پر نالو يوحنا رکوس.</verse>
				<verse number="61">تڏهن انهن چيس، تہ تنهنجي گهراڻي مان تہ ڪنهن جو بہ اهو نالو ڪونهي.</verse>
				<verse number="62">تڏهن پڻس کي اشارا ڪيائون تہ تون ڪهڙو نالو رکڻ ٿو گهرينس؟</verse>
				<verse number="63">هن کانئن پَٽي گهُري ان تي لکيو، تہ هن جو نالو يوحنا آهي. ۽ سڀني کي ڏاڍو عجب لڳو.</verse>
				<verse number="64">۽ اُنهي دم سندس وات ۽ زبان کُلي پيا، ۽ هو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="65">تڏهن جيڪي اوسي پاسي رهندا هئا، تن سڀني کي ڊپ وٺي ويو، ۽ اهي سڀ ڳالهيون يهوديہ جي سڄي جابلو ملڪ ۾ هُلي ويون.</verse>
				<verse number="66">۽ جن اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تن سڀني اُهي دل ۾ رکي چيو، تہ هيءُ ڪهڙو ٻار ٿيندو؟ ڇالاءِ جو خداوند جو هٿ مٿس هو.</verse>
				<verse number="67">۽ سندس پيءُ زڪرياہ پاڪ روح سان ڀرجي ويو، ۽ نبوت ڪري چيائين تہ</verse>
				<verse number="68">”سڳورو هجي خداوند اسرائيل جو خدا، ڇوتہ هن پنهنجي اُمت تي نظر ڪري اُن کي نجات ڏني آهي.</verse>
				<verse number="69">۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي گهراڻي ۾، اسان لاءِ نجات جو سڱ کڙو ڪيو اٿس،</verse>
				<verse number="70">(جيئن ڪ اُنهي پنهنجن پاڪ نبين جي واتان فرمايو هو، جي جهان جي شروعات کان وٺي ٿيندا آيا آهن.)</verse>
				<verse number="71">يعني اسان جا دشمن ۽ سڀ جيڪي اسان سان عداوت ٿا رکن، تن سڀني کان اسان کي نجات بخشي اٿس؛</verse>
				<verse number="72">انهي لاءِ تہ اسان جن ابن ڏاڏن تي رحم آڻي، پنهنجو پاڪ عهد ياد فرمائي.</verse>
				<verse number="73">يعني اهو قسم جو اسان جي پيءُ ابراهيم سان کنيو هئائين،</verse>
				<verse number="74">تہ اسان کي هي عطا ڪري، تہ اسين پنهنجن دشمنن جي هٿان آزاد ٿي،</verse>
				<verse number="75">سندس پاڪ حضوريءَ ۾ پاڪيزگيءَ ۽ سچائيءَ سان ساري عمر بي ڊپا ٿي سندس عبادت ڪريون.</verse>
				<verse number="76">۽ اي ٻچا، تون خدا تعاليٰ جو نبي ڪري ڪوٺبين، ڇوتہ تون خداوند جا رستا تيار ڪرڻ لاءِ سندس اڳيان ٿي هلندين،</verse>
				<verse number="77">انهي لاءِ تہ سندس اُمت کي نجات جي خبر ڏين، جا هنن کي گناهن جي معافي ڪري ملندي.</verse>
				<verse number="78">هي اسان جي خدا جي رحمدليءَ ڪري ٿيندو، جنهنڪري پرهہ ڦٽيءَ جو سوجهرو آسمان مان اسان کي ڏيکاري ڏيندو،</verse>
				<verse number="79">تہ جي اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي ۾ ويٺا آهن، تن تي روشني چمڪي، ۽ اسان جا پير سلامتيءَ جي واٽ تي آڻي.“</verse>
				<verse number="80">۽ اُهو ٻار وڌندو، ۽ روح ۾ زور وٺندو ويو، ۽ جيستائين اسرائيل ۾ پاڻ پڌرو نہ ڪيائين، تيستائين رڻ پٽ ۾ رهندو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">هاڻي انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ قيصر اگستس اهو حڪم جاري ڪيو تہ سڄيءَ دنيا جي ماڻهن جا نالا لکجن.</verse>
				<verse number="2">هيءَ پهرين آدمشماري هئي، جا سوريہ جي حاڪم ڪورنيس جي ڏينهن ۾ ٿي.</verse>
				<verse number="3">تڏهن سڀڪو پنهنجي پنهنجي شهر ۾ نالو لکائڻ ويو.</verse>
				<verse number="4">۽ يوسف بہ گليل جي ناصرت نالي شهر مان، دائود جي يهوديہ واري شهر ۾ ويو، جنهن کي بيت الحم سڏيندا آهن، ڇالاءِ جو هو دائود جي گهراڻي ۽ نسل مان هو؛</verse>
				<verse number="5">انهي لاءِ تہ پنهنجي مڱ مريم، جا حمل واري هئي، تنهن سان گڏ نالو لکائي.</verse>
				<verse number="6">۽ هيئن ٿيو تہ اڃا هو اتي ئي هئا تہ مريم جا ڏينهن اچي ڀريا.</verse>
				<verse number="7">۽ انهيءَ پنهنجو پهريتو پٽ ڄڻيو، تنهن کي ٻاروتن ۾ ويڙهي آهر ۾ کڻي رکيائين، ڇوتہ اُنهن لاءِ سراءِ ۾ جاءِ ڪانہ هئي.</verse>
				<verse number="8">۽ انهي ملڪ ۾ ڪي ريڍار هئا، ۽ جن رات جو پنهنجي ڌڻ جي سنڀال پئي ڪئي.</verse>
				<verse number="9">۽ خداوند جو هڪڙو ملائڪ هنن وٽ اچي بيٺو، ۽ خداوند جو جلال انهن جي چوڌاري چمڪڻ لڳو: ۽ هو ڏاڍو ڊڄي ويا.</verse>
				<verse number="10">پر ملائڪ انهن کي چيو تہ ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو ڏسو، مون اوهان لاءِ وڏي خوشخبري آندي آهي، جا سڄيءَ اُمت لاءِ ٿيندي:</verse>
				<verse number="11">ڇوتہ اڄ دائود جي شهر ۾ اوهان لاءِ هڪڙو نجات ڏيڻ وارو ڄائو آهي، جو مسيح خداوند آهي.</verse>
				<verse number="12">۽ هن جي هيءَ نشاني اٿوَ، تہ اوهين هڪ ٻار کي ٻاروتن ۾ ويڙهيل ۽ آهر ۾ پيل ڏسندا.</verse>
				<verse number="13">۽ اوچتو ئي انهي ملائڪ سان گڏ آسماني لشڪر جو هڪڙو ڪٽڪ خدا جي واکاڻ ڪندو، ۽ هيئن چوندو ڏسڻ ۾ آيو،</verse>
				<verse number="14">تہ ”آسمان ۾ خدا جي وڏائي، ۽ زمين تي اُنهن ماڻهن منجهہ صلح، جن سان هو راضي آهي.“</verse>
				<verse number="15">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ملائڪ انهن وٽان آسمان ۾ هليا ويا، تڏهن ريڍار پاڻ ۾ چوڻ لڳا، تہ هلو تہ بيت الحم ۾ هلون، ۽ هيءَ ڳالهہ جا ٿي آهي ۽ جنهن جي خداوند اسان کي خبر ڏني آهي، سا هلي ڏسون.</verse>
				<verse number="16">۽ هو تڪڙا تڪڙا آيا، ۽ اچي مريم ۽ يوسف ٻنهي کي، ۽ آهر ۾ پيل ٻار کي ڏٺائون.</verse>
				<verse number="17">۽ جڏهن اهو ڏٺائون، تڏهن انهي ٻار بابت جيڪي ٻُڌو هئائون، سو پڌرو ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="18">۽ جيڪي ڳالهيون ريڍارن ڪيون، سي ٻڌي سڀني کي تعجب وٺي ويو.</verse>
				<verse number="19">پر مريم اهي سڀ ڳالهيون دل ۾ سانڍي انهن تي خيال ڪندي رهي.</verse>
				<verse number="20">۽ ريڍار سڀ ڪجهہ، جيئن کين چيو ويو هو، تيئن ڏسي خدا جي وڏائي ۽ واکاڻ ڪندا موٽي ويا.</verse>
				<verse number="21">۽ انهن ڏينهن کانپوءِ جڏهن هن جي ختني ڪرڻ جو وقت آيو، تڏهن سندس نالو يسوع رکيائون، جو نالو هن جي پيٽ ۾ پوڻ کان اڳي ملائڪ رکيو هو.</verse>
				<verse number="22">۽ جڏهن موسيٰ جي شريعت موجب سندن پاڪ ٿيڻ جا ڏينهن پورا ٿيا، تڏهن هن کي خداوند جي اڳيان حاضر ڪرڻ لاءِ يروشلم ۾ وٺي آيا،</verse>
				<verse number="23">(جيئن تہ خداوند جي شريعت ۾ لکيل آهي تہ سڀڪو پهريتو پٽ خداوند لاءِ پاڪ ڪري سڏبو)،</verse>
				<verse number="24">۽ خداوند جي شريعت جي ڪلام موجب، جوڙو قمرين جو، يا ٻہ ٻچا ڪبوترن جا، قرباني چاڙهڻ آيا.</verse>
				<verse number="25">۽ ڏسو، يروشلم ۾ شمعون نالي، هڪڙو شخص هو، جو راستباز ۽ ديندار ماڻهو هو، سو اسرائيل جي تسليءَ لاءِ اکيون پائي ويٺو هو، ۽ پاڪ روح مٿس هو.</verse>
				<verse number="26">۽ پاڪ روح ڄاڻايو هوس تہ جيسين خداوند جي مسيح کي نہ ڏسندين، تيسين ڪين مرندين.</verse>
				<verse number="27">هو روح جي هدايت تي هيڪل ۾ آيو، ۽ جڏهن اُنهيءَ ٻار يسوع کي سندس ماءُ پيءُ اندر وٺي آيا، تہ شريعت جي رسم موجب عمل ڪريون،</verse>
				<verse number="28">تڏهن هن کيس هنج ۾ کڻي خدا جي تعريف ڪئي، ۽ چوڻ لڳو تہ</verse>
				<verse number="29">”اي مالڪ هاڻي تون پنهنجي ٻانهي کي پنهنجي قول پٽاندر سلامتيءَ سان موڪل ٿو ڏين:</verse>
				<verse number="30">ڇو جو منهنجين اکين تنهنجي نجات ڏٺي آهي،</verse>
				<verse number="31">جا تو سڀني قومن جي اڳيان تيار ڪئي آهي،</verse>
				<verse number="32">تہ هو غير قومن کي روشني ڏيڻ لاءِ نور، ۽ تنهنجي اُمت اسرائيل جي وڏائي ٿئي.“</verse>
				<verse number="33">تڏهن جيڪي ڳالهيون هن بابت چيون ويون هيون، سي ٻُڌي هن جا ماءُ پيءُ ڏاڍو عجب کائڻ لڳا.</verse>
				<verse number="34">۽ شمعون کين برڪت ڏني، ۽ سندس ماءُ مريم کي چيائين تہ ڏس، هي ٻار اسرائيل ۾ گهڻن جي ڪِرڻ ۽ وري اُٿڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ هڪڙي نشان لاءِ آهي، جنهن جي مخالفت ٿيندي:</verse>
				<verse number="35">(بلڪ تنهنجي جان منجهان ترار لنگهي ويندي،) تہ گهڻن جي دلين جا خيال پڌرا ٿي پون.</verse>
				<verse number="36">۽ حنا نالي هڪڙي نبياڻيءَ، فنوئيل جي ڌيءَ، آشير جي قبيلي مان هئي، جا عمر رسيدہ هئي، ۽ پنهنجي ڪنوارپڻي کان پوءِ ست ورهيہ مڙس سان رهي هئي؛</verse>
				<verse number="37">۽ چوراسي ورهين کان بيوهہ هئي، ۽ ڪڏهن بہ هيڪل مان پير ٻاهر نہ ڪڍندي هئي، پر رات ڏينهن روزا رکي، ۽ دعائون گهُري، عبادت پيئي ڪندي هئي:</verse>
				<verse number="38">سا بہ اوڏيءَ مهل آئي ۽ خدا جو شڪر ڪيائين، ۽ جيڪي يروشلم جي ڇوٽڪاري لاءِ اکيون پائي ويٺا هئا، تن سڀني سان هن بابت ڳالهيون ڪرڻ لڳي.</verse>
				<verse number="39">۽ جڏهن هو خداوند جي شريعت موجب سڀ ڪجهہ پورو ڪري رهيا، تڏهن گليل ملڪ ۾ پنهنجي شهر ناصرت ڏانهن موٽي ويا.</verse>
				<verse number="40">۽ اُهو ٻار اُسرندو ويو، ۽ زور وٺندو ۽ سياڻپ سان ڀرپور ٿيندو ويو، ۽ خدا جو فضل مٿس هو.</verse>
				<verse number="41">۽ سندس ماءُ ۽ پيءُ هر سال فسح جي عيد تي يروشلم ۾ ويندا هئا.</verse>
				<verse number="42">۽ جڏهن هو ٻارهن ورهين جو ٿيو، تڏهن اُهي عيد جي رسم موجب اوڏانهن ويا.</verse>
				<verse number="43">۽ جڏهن اُهي ڏينهن پورا ڪري موٽيا ٿي، تڏهن يسوع ڇوڪر يروشلم ۾ رهجي ويو؛ ۽ سندس مائٽن کي خبر ڪانہ پيئي،</verse>
				<verse number="44">پر هنن ائين ڀانئيو تہ قافلي سان آهي. تنهنڪري هڪڙي ڏينهن جي منزل ڪري ويا؛ ۽ پوءِ پنهنجن مٽن مائٽن ۽ واقفڪارن ۾ کيس ڳولڻ لڳا:</verse>
				<verse number="45">۽ جڏهن نہ لڌن، تڏهن کيس ڳولڻ لاءِ موٽي يروشلم ڏانهن ويا.</verse>
				<verse number="46">۽ هيئن ٿيو جو ٽن ڏينهن کانپوءِ هنن هيڪل ۾ ڳولي اچي لڌس، جتي هو عالمن جي وچ ۾ ويٺو هو، ۽ سندن ڳالهيون بہ پئي ٻڌائين ۽ کانئن سوال بہ پئي پڇيائين:</verse>
				<verse number="47">۽ جن جن سندس ڳالهيون ٿي ٻُڌيون، تن کي سندس سمجهہ ۽ جوابن تي عجب ٿي لڳو.</verse>
				<verse number="48">۽ جڏهن هنن کيس ڏٺو، تڏهن عجب وٺي وين، ۽ ماڻس چيس، تہ پٽ، تو اسان سان هيئن ڇو ڪيو؟ ڏس، تنهنجي پيءُ ۽ مون ڏاڍي ڏک ۾ توکي پئي ڳوليو آهي.</verse>
				<verse number="49">تنهن تي هن چين تہ مون کي ڇو ٿي ڳوليوَ؟ اوهان ائين نٿي ڄاتو تہ اهو ضروري آهي تہ آئون پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ هجان؟</verse>
				<verse number="50">پر اها ڳالهہ جا کين چيائين سا هنن کي سمجهہ ۾ نہ آئي.</verse>
				<verse number="51">پوءِ هو ساڻن گڏجي ناصرت ۾ آيو؛ ۽ سندن چئي ۾ رهيو: ۽ سندس ماءُ اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي دل ۾ سانڍي رکيون.</verse>
				<verse number="52">۽ يسوع سياڻپ ۽ قد، ۽ خدا ۽ انسان جي مقبوليت ۾ وڌندو ويو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">هاڻي تبريس قيصر جي حڪومت جي پندرهين ورهيہ ۾، جن ڏينهن ۾ پنطيس پيلاطس يهوديہ جو حاڪم، ۽ هيروديس گليل جو حاڪم، ۽ ڀاڻس فلپس اِتوريہ ۽ ترخونيتس ملڪ جو حاڪم، ۽ لسانياس ابلينيءَ جو حاڪم هو،</verse>
				<verse number="2">۽ حنا ۽ ڪائفا سردار ڪاهن هئا، تن ڏينهن ۾ خدا جو ڪلام زڪرياہ جي پٽ يوحنا تي رڻ پٽ ۾ نازل ٿيو.</verse>
				<verse number="3">۽ هو يردن جي اوسي پاسي واري سموري ملڪ ۾ ويو، ۽ گناهن جي معافيءَ لاءِ توبهہ جي بپتسما جي منادي ڪرڻ لڳو؛</verse>
				<verse number="4">جيئن ڪ يسعياہ نبيءَ جي ڪلام جي ڪتاب ۾ لکيل آهي، ”تہ رڻ پٽ ۾ هڪڙي منادي ڪرڻ واري جو آواز ٿو اچي، تہ خداوند جو رستو تيار ڪريو، ۽ سندس واٽون سنيون ڪريو.</verse>
				<verse number="5">هرڪا ماٿري ڀرجي پوندي، ۽ هرڪو جبل ۽ ٽڪري هيٺ ڪئي ويندي، ۽ ڏنگا رستا سنوان ٿيندا، ۽ کڏن کوٻن واريون سڙڪون لسيون ٿي پونديون،</verse>
				<verse number="6">۽ هرڪو انسان خدا جي نجات ڏسندو.“</verse>
				<verse number="7">تڏهن جيڪي ماڻهن جا ميڙاڪا کانئس بپتسما وٺڻ پئي آيا، تن کي چيائين، تہ اي نانگن جا ٻچا، ايندڙ غضب کان ڀڄڻ لاءِ ڪنهن اوهان کي چتايو آهي؟</verse>
				<verse number="8">تنهنڪري توبهہ جي لائق ڦل اُپايو، ۽ پنهنجي دل ۾ ائين چوڻ جي نہ ڪريو تہ ابراهيم اسان جو پيءُ آهي: ڇالاءِ تہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خدا هنن پهڻن مان ابراهيم لاءِ ٻار پيدا ڪري ٿو سگهي.</verse>
				<verse number="9">بلڪ هينئر ئي وڻن جي پاڙ تي ڪهاڙي رکي ويئي آهي، تنهنڪري جيڪو وڻ چڱو ڦل نٿو ڏئي، تنهن کي وڍي باهہ ۾ وجهبو.</verse>
				<verse number="10">تنهن تي ميڙاڪن پڇيس، تہ تڏهن اسين ڇا ڪريون؟</verse>
				<verse number="11">هن وراڻي ڏيئي چين، تہ جنهن وٽ ٻہ ڪوٽ هجن، سو جنهن وٽ نہ هجي تنهن کي ڏئي، ۽ جنهن وٽ کاڌو هجي سو بہ ائين ئي ڪري.</verse>
				<verse number="12">۽ جڏهن محصولي ٺيڪيدار بہ بپتسما وٺڻ آيا ۽ چيائونس تہ اي اُستاد، اسين ڇا ڪريون؟</verse>
				<verse number="13">تڏهن انهن کي چيائين تہ جيڪي اوهان کي ٺهرائي ڏنو اٿن، تنهن کان زيادہ ماڻهن کان پيڙي نہ وٺو.</verse>
				<verse number="14">۽ سپاهين پڻ پڇيس تہ ڀلا اسين ڇا ڪريون؟ تن کي چيائين، تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ سان زور زبردستي نہ ڪريو، نڪي ڪنهن تي ڪوڙي تهمت آڻي ناحق وٺو، ۽ پنهنجي پگهار تي راضي رهو.</verse>
				<verse number="15">۽ اُمت انتظار ۾ هئي، ۽ سڀني دل ۾ يوحنا بابت خيال پئي پچايا تہ متان هي تہ مسيح ڪينهي؛</verse>
				<verse number="16">تہ يوحنا وراڻي ڏيئي اُنهن مڙني کي چيو، تہ آئون تہ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان؛ پر اُهو اچڻو آهي جو مون کان وڌيڪ قدرت وارو آهي، جنهن جي جُتيءَ جي ڌاڳن ڇوڙڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان. اُهو اوهان کي پاڪ روح ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو:</verse>
				<verse number="17">جنهن کي پنهنجو ڇڄ هٿ ۾ آهي، تہ پنهنجي ڳاهہ جي پڙ کي چڱيءَ طرح صاف ڪري، ۽ ڪڻڪ کي ميڙي پنهنجي ڀانڊي ۾ رکي، پر بهہ کي اهڙي باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جا وسامڻ جي نہ آهي.</verse>
				<verse number="18">۽ ٻيون بہ ڪيتريون نصيحتون ڏيئي ماڻهن کي خوشخبري ٻڌائيندو رهيو:</verse>
				<verse number="19">پر يوحنا، چوٿين ڀاڱي جي حاڪم هيروديس کي، سندس ڀاءُ فلپس جي زال هيرودياس جي ڳالهہ تان، ۽ جيڪي جيڪي برا ڪم ڪيا هئائين، تن سببان جهڻڪيو هو،</verse>
				<verse number="20">تنهنڪري هيروديس سڀ کان وڏي خرابي هيءَ ڪئي، جو هن کي کڻي قيد ۾ وڌائين.</verse>
				<verse number="21">پوءِ هيئن ٿيو جو جڏهن سڀيئي ماڻهو بپتسما وٺي چڪا، تڏهن يسوع بہ بپتسما وٺي دعا پئي گهُري، تہ آسمان کُلي پيو،</verse>
				<verse number="22">۽ پاڪ روح ڪبوتر جي شڪل ۾ مٿس اچي لٿو، ۽ آسمان مان آواز آيو، تہ تون منهنجو پيارو فرزند آهين؛ تو مان آئون گهڻو خوش آهيان.</verse>
				<verse number="23">۽ جڏهن يسوع پاڻ بہ تعليم ڏيڻ لڳو، تڏهن اٽڪل ٽيهن ورهين جي عمر هيس، (۽ ماڻهن جي ليکي) يوسف جو پٽ هو، ۽ يوسف عيليءَ جو.</verse>
				<verse number="24">۽ عيلي متات جو، ۽ اُهو ليويءَ جو، ۽ اُهو ملڪيءَ جو، ۽ اُهو ينا جو، ۽ اُهو يوسف جو،</verse>
				<verse number="25">۽ اُهو متتياہ جو، ۽ اُهو عاموس جو، ۽ اُهو ناحوم جو، ۽ اُهو اسلياهہ جو، ۽ اُهو نوگہ جو،</verse>
				<verse number="26">۽ اُهو ماعت جو، ۽ اُهو متتياہ جو، ۽ اُهو شمعيءَ جو، ۽ اُهو يوسيخہ جو، ۽ اُهو يوداہ جو،</verse>
				<verse number="27">۽ اُهو يوحنا جو، ۽ اُهو ريسا جو، ۽ اُهو زروبابل جو، ۽ اُهو شئلتي ايل جو، اُهو نيريءَ جو،</verse>
				<verse number="28">۽ اُهو ملڪيءَ جو، ۽ اُهو اديءَ جو، ۽ اُهو قوسام جو، ۽ اُهو المودام جو، ۽ اُهو عير جو،</verse>
				<verse number="29">۽ اُهو يشوع جو، ۽ اُهو اليعزر جو، ۽ اُهو يوريم جو، ۽ اُهو متات جو، ۽ اُهو ليويءَ جو،</verse>
				<verse number="30">۽ اُهو شمعون جو، ۽ اُهو يهوداہ جو، ۽ اُهو يوسف جو، ۽ اُهو يونان جو، ۽ اُهو الياقيم جو،</verse>
				<verse number="31">۽ اُهو ملي آہ جو، ۽ اُهو مناہ جو، ۽ اُهو متتاہ جو، ۽ اُهو ناتن جو، ۽ اُهو دائود جو،</verse>
				<verse number="32">۽ اُهو يشيءَ جو، ۽ اُهو عوبيد جو، ۽ اُهو بوعز جو، ۽ اُهو سلمون جو، ۽ اُهو نحشون جو،</verse>
				<verse number="33">۽ اُهو عميناداب جو، ۽ اُهو ارني جو، ۽ اُهو حصرون جو، ۽ اُهو فارص جو، ۽ اُهو يهوداہ جو،</verse>
				<verse number="34">۽ اُهو يعقوب جو، ۽ اُهو اسحاق جو، ۽ اُهو ابراهيم جو، ۽ اُهو تاراہ جو، ۽ اُهو ناحور جو،</verse>
				<verse number="35">۽ اُهو سروج جو، ۽ اُهو رعو جو، ۽ اُهو فلج جو، ۽ اُهو عبر جو، ۽ اُهو شلح جو،</verse>
				<verse number="36">۽ اُهو قينان جو، ۽ اُهو ارفڪسد جو، ۽ اُهو سم جو، ۽ اُهو نوح جو، ۽ اُهو لمڪ جو،</verse>
				<verse number="37">۽ اُهو مٿوشلح جو، ۽ اُهو حنوڪ جو، ۽ اُهو يارد جو، ۽ اُهو مهلل ايل جو ۽ اُهو قينان جو،</verse>
				<verse number="38">۽ اُهو انوش جو، ۽ اُهو سيت جو، ۽ اُهو آدم جو، ۽ اُهو خدا جو پٽ هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">۽ يسوع پاڪ روح سان ڀرجي يردن نديءَ تان موٽي آيو، ۽ روح جي هدايت تي رڻ پٽ ۾ پئي گهُميو،</verse>
				<verse number="2">۽ چاليهہ ڏينهن تائين شيطان کيس پئي آزمايو. ۽ اُنهن ڏينهن ۾ ڪجهہ بہ نہ کاڌائين: ۽ جڏهن ڏينهن پورا ٿيا تڏهن بک لڳيس.</verse>
				<verse number="3">تنهن تي شيطان چيس تہ جي تون خدا جو فرزند آهين، تہ هن پهڻ کي حڪم ڪر تہ ماني ٿي پوي.</verse>
				<verse number="4">تڏهن يسوع وراڻي ڏنيس، تہ لکيل آهي، تہ ”ماڻهو رڳو مانيءَ ڪري نٿو جيئي.“</verse>
				<verse number="5">پوءِ هو کيس هڪڙي مٿانهينءَ جاءِ تي وٺي ويو، ۽ هڪ پل ۾ دنيا جون سڀيئي بادشاهتون ڏيکاريائينس.</verse>
				<verse number="6">۽ شيطان چيس، تہ هيءَ سموري اختياري ۽ اُنهن جي وڏائي آئون توکي ڏيندس، ڇالاءِ جو اُها مون کي سونپيل آهي: ۽ جنهن کي وڻيم تنهن کي ٿو ڏيان.</verse>
				<verse number="7">سو جي تون منهنجي اڳيان سجدو ڪرين تہ هيءُ سڀ تنهنجو ٿيندو.</verse>
				<verse number="8">يسوع وراڻي ڏيئي چيس تہ لکيل آهي، تہ ”تون خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر، ۽ رڳو انهي ئي جي عبادت ڪر.“</verse>
				<verse number="9">تنهن کانپوءِ هو يروشلم ۾ وٺي ويس، ۽ هيڪل جي ڪنگري تي بيهاري چيائينس، تہ جي تون خدا جو فرزند آهين، تہ هتان پاڻ کي کڻي هيٺ ڪيراءِ:</verse>
				<verse number="10">ڇوتہ لکيل آهي تہ ”هو تنهنجي بابت پنهنجن ملائڪن کي حڪم ڏيندو تہ تنهنجي سنڀال ڪن:</verse>
				<verse number="11">۽ اُهي توکي پنهنجي هٿن تي جهلي وٺندا، متان تنهنجو پير پهڻ سان وڃي ٺوڪر کائي.“</verse>
				<verse number="12">تڏهن يسوع وراڻي ڏيئي چيس، تہ چيل آهي تہ ”تون خداوند پنهنجي خدا جي آزمائش نہ وٺج.“</verse>
				<verse number="13">پوءِ شيطان جڏهن سڀيئي آزمائشون وٺي چڪو، تڏهن ڪجهہ وقت تائين وٽانئس هليو ويو.</verse>
				<verse number="14">۽ يسوع روح جي قدرت سان ڀرجي گليل ڏانهن موٽيو، ۽ چوڌاري سڄي ملڪ ۾ سندس هاڪ پئجي ويئي.</verse>
				<verse number="15">۽ هو اُنهن جي عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو رهيو، ۽ سڀني پئي سندس واکاڻ ڪئي.</verse>
				<verse number="16">۽ هو ناصرت شهر ۾ آيو، جتي پاڻ نپنو هو، ۽ پنهنجي دستور موجب سبت جي ڏينهن عبادتخاني ۾ ويو، ۽ پڙهڻ لاءِ اُٿي بيٺو،</verse>
				<verse number="17">۽ يسعياہ نبيءَ جو ڪتاب ڏنائونس، سو کولي اُهو هنڌ ڪڍيائين، جتي هي لکيل هو تہ</verse>
				<verse number="18">”خداوند جو روح مون تي آهي، ڇوتہ غريبن کي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ مون کي مسح ڪيو اٿس، ۽ مون کي موڪليو اٿس تہ قيدين کي ڇُٽڻ جي، ۽ انڌن کي سڄي ٿيڻ جي خبر ٻڌايان، ۽ جيڪي لتاڙيل آهن، تن کي آزاد ڪريان،</verse>
				<verse number="19">۽ خداوند جي مقبول سال جي منادي ڪريان.“</verse>
				<verse number="20">پوءِ ڪتاب بند ڪري خدمتگار کي ڏنائين، ۽ پاڻ ويهي رهيو: ۽ عبادتخاني ۾ سڀني جون اکيون وڃي منجهس کُتيون.</verse>
				<verse number="21">تڏهن اُنهن کي چوڻ لڳو، تہ اڄ هيءَ لکيت اوهان جي ٻڌندي پوري ٿي آهي.</verse>
				<verse number="22">۽ سڀني سندس لاءِ شاهدي ڀري، ۽ جيڪي فضل ڀريون ڳالهيون سندس واتان نڪتيون، سي ٻڌي عجب کاڌائون ۽ چوڻ لڳا تہ هي يوسف جو پٽ نہ آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="23">تڏهن چيائينس تہ اوهين ضرور مون کي هيءُ مثال ڏيندا تہ اي طبيب، پاڻ کي تہ ڇُٽاءِ: جيڪي اسان ٻڌو آهي تہ تو ڪفرناحوم ۾ ڪيو آهي، سو هت پنهنجي وطن ۾ بہ ڪري ڏيکار.</verse>
				<verse number="24">۽ چيائين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ ڪنهن بہ نبيءَ جو پنهنجي وطن ۾ قدر نٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="25">پر آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ايلياہ جي ڏينهن ۾ جڏهن ساڍا ٽي ورهيہ آسمان پوريو پيو هو، ۽ سڄي ملڪ ۾ ڏڪر هو، تڏهن اسرائيل ۾ گهڻيئي بيوهہ زالون هيون،</verse>
				<verse number="26">پر ايلياہ صيدون ملڪ جي ضارفت شهر ۾ هڪڙيءَ بيوهہ زال کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن وٽ نہ موڪليو ويو.</verse>
				<verse number="27">۽ اليشع نبيءَ جي ڏينهن ۾ اسرائيل ۾ گهڻيئي ڪوڙهيا هئا، پر منجهانئن سوريہ جي ويٺل نعمان کانسواءِ ڪنهن بہ شفا ڪانہ پاتي.</verse>
				<verse number="28">تڏهن اهي ڳالهيون ٻُڌي جيڪي عبادتخاني ۾ هئا، سي سڀيئي اچي ڏاڍا ڪاوڙيا؛</verse>
				<verse number="29">۽ اُٿي کڙا ٿيا، ۽ شهر کان ڪڍي ٻاهر ڪيائونس، ۽ ٽڪري جنهن تي سندن شهر ٻَڌل هو، تنهن جي چوٽيءَ تي وٺي آيس تہ مٿان وٺي اُڇلائينس.</verse>
				<verse number="30">پر هو سندن وچان نڪري هليو ويو.</verse>
				<verse number="31">۽ هو ڪفرناحوم نالي گليل جي هڪڙي شهر ۾ آيو، ۽ سبت جي ڏينهن ماڻهن کي ويٺي سيکاريائين:</verse>
				<verse number="32">۽ اُهي سندس تعليم ٻُڌي حيرت ۾ پئجي ويا، ڇالاءِ تہ هن جو ڪلام اختياريءَ سان هو.</verse>
				<verse number="33">۽ عبادتخاني ۾ هڪڙو ماڻهو هو، جنهن تي ڪنهن ڀوت جي ڇانوَ هئي؛ تنهن وڏو واڪو ڪري چيو تہ</verse>
				<verse number="34">اي يسوع ناصري، اسان جو توسان ڪهڙو واسطو؟ تون اسان کي برباد ڪرڻ آيو آهين ڇا؟ مون کي خبر آهي تہ تون ڪير آهين، تون خدا جو قدوس آهين.</verse>
				<verse number="35">پوءِ يسوع دڙڪو ڏيئي چيس تہ ماٺ ڪر، ۽ هن مان نڪري اچ. تنهن تي ڀوت هن کي وچ ۾ ڪيرائي ڪنهن بہ ايذاءُ رسائڻ کانسواءِ منجهانئس نڪري آيو.</verse>
				<verse number="36">۽ سڀني کي عجب لڳو، ۽ پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هي ڪهڙو ڪلام آهي؟ ڇالاءِ جو هو اختياريءَ ۽ قدرت سان ڀوتن کي حڪم ٿو ڏئي، ۽ اُهي نڪريو اچن.</verse>
				<verse number="37">۽ اوسي پاسي واري ملڪ ۾ جتي ڪٿي سندس هاڪ پئجي ويئي.</verse>
				<verse number="38">پوءِ هو عبادتخاني مان اُٿي شمعون جي گهر ويو، ۽ اُتي شمعون جي سس کي ڏاڍو تپ چڙهيو هو؛ تنهن جي لاءِ کيس سوال ڪيائون.</verse>
				<verse number="39">تڏهن هو اُنهيءَ وٽ اچي بيٺو، ۽ تپ کي جهڻڪيائين، تہ تپ ڇڏي ويس، ۽ هوءَ اُمالڪ اُٿي کڙي ٿي، ۽ سندن خدمت ڪرڻ لڳي.</verse>
				<verse number="40">۽ سج لهڻ مهل جن ماڻهن وٽ طرح طرح جي مرضن ۾ ورتل بيمار هئا، سي سڀيئي انهن کي وٽس وٺي آيا، ۽ هن هرهڪ تي هٿ رکي کين چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="41">۽ ڪيترن مان ڀوت پڻ نڪتا، جن واڪو ڪري پئي چيو تہ تون خدا جو فرزند آهين. پر هن دڙڪو ڏيئي ڳالهائڻ کان روڪين: ڇالاءِ جو اُنهن کي خبر هئي تہ هو مسيح آهي.</verse>
				<verse number="42">پوءِ جڏهن صبح ٿيو، تڏهن هو نڪري هڪڙي ويران هنڌ ويو، ۽ ماڻهن جي ميڙاڪن اچي ڳولي لڌس، ۽ جهلڻ لڳس تہ اسان وٽان نہ وڃ.</verse>
				<verse number="43">پر هن چين تہ مون کي ٻين شهرن ۾ بہ خدا جي بادشاهت جي خوشخبري ٻڌائڻي آهي، ڇو جو آئون انهي لاءِ ئي موڪليو ويو آهيان.</verse>
				<verse number="44">۽ هو گليل جي عبادتخانن ۾ منادي ڪندو رهيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ماڻهو مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا، ۽ خدا جو ڪلام پئي ٻُڌائون، تڏهن هو گنيسرت واري ڍنڍ وٽ بيٺو هو،</verse>
				<verse number="2">۽ ڍنڍ جي ڪپ تي ٻہ ٻيڙيون بيٺل ڏٺائين: ۽ ماڻهن منجهانئن لهي پنهنجا ڄار پئي ڌوتا.</verse>
				<verse number="3">۽ انهن ٻيڙين مان هڪڙي، جا شمعون جي هئي، تنهن تي چڙهي کيس چيائين تہ ڪنڌيءَ کان پرڀرو ڪر. پوءِ پاڻ ٻيڙيءَ ۾ ويهي ماڻهن کي تعليم ڏيڻ لڳو.</verse>
				<verse number="4">۽ جڏهن تعليم ڏيئي چڪو، تڏهن شمعون کي چيائين، تہ تار پاڻيءَ ۾ هل، ۽ اوهين هڪ ڀن لاءِ پنهنجا ڄار وجهو.</verse>
				<verse number="5">تڏهن شمعون وراڻي ڏيئي چيس، تہ سائين، اسين سڄي رات ڳهيا آهيون، پر ڪي بہ هٿ ڪين آيو اٿئون، تہ بہ تنهنجي چوڻ تي ڄار وجهان ٿو.</verse>
				<verse number="6">۽ جڏهن ائين ڪيائون، تڏهن ايتريون مڇيون اچي ڦاٿيون جو ڄار ٿي ڦاٽن.</verse>
				<verse number="7">۽ ٻيءَ ٻيڙيءَ ۾ جي سندن سنگتي هئا، تن کي ڪوٺي چيائون تہ اسان جي اچي واهر ڪريو. تنهن تي هو آيا، ۽ ٻئي ٻيڙيون اهڙيون ڪري ڀريائون جو اچي ٻڏڻ لڳيون.</verse>
				<verse number="8">پر شمعون پطرس هي ڏسي يسوع جي پيرن تي ڪِري پيو، ۽ چيائين، تہ اي خداوند، مون وٽان وڃ، جو آئون گنهگار ماڻهو آهيان.</verse>
				<verse number="9">ڇوتہ مڇين جو هيڏو ڀن ڦاسي پيو تنهنڪري کيس ۽ ٻيا جي ساڻس هئا، تن کي عجب وٺي ويو:</verse>
				<verse number="10">۽ شمعون جا ڀائيوار زبديءَ جا پٽ، يعقوب ۽ يوحنا، سي بہ عجب ۾ پئجي ويا. ۽ يسوع شمعون کي چيو، تہ ڊڄ نہ، ڇو جو اڄ کان وٺي تون ماڻهن کي جهليندين.</verse>
				<verse number="11">۽ جڏهن هنن پنهنجون ٻيڙيون ڪنڌيءَ تي آنديون، تڏهن سڀ ڪجهہ ڇڏي اُٿي سندس پٺيان هليا.</verse>
				<verse number="12">۽ هيئن ٿيو جو هو هڪڙي شهر ۾ هو، تہ ڏسو، ڪو شخص جو سڄو ڪوڙهہ سان ڀريل هو، تنهن يسوع کي ڏسي پيرين پئي کيس نيزاري ڪري چيو تہ اي خداوند، جيڪڏهن تنهنجي مرضي هجي تہ مون کي ڇُٽائي پاڪ صاف ڪري ٿو سگهين.</verse>
				<verse number="13">۽ هن پنهنجو هٿ ڊگهيري، کيس هٿ لائي چيو تہ منهنجي مرضي آهي، تہ تون ڇُٽي پاڪ صاف ٿيءُ، ۽ يڪدم ڪوڙهہ لهي ويس.</verse>
				<verse number="14">تڏهن تاڪيد ڪري چيائينس تہ ڪنهن سان بہ چپ نہ چورج، پر وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار، ۽ موسيٰ جي حڪم موجب پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ نذرانو ڏي، تہ ڀلي اُنهن لاءِ شاهدي ٿئي.</verse>
				<verse number="15">پر پاڻ وڌيڪ سندس نالو ماڻهن ۾ پکڙجي ويو؛ ۽ سندس تعليم ٻڌڻ، ۽ پنهنجين بيمارين کان ڇُٽڻ لاءِ ماڻهن جا وڏا ميڙاڪا اچي مڙيا.</verse>
				<verse number="16">پر هو جهنگ ڏانهن هليو ويو، ۽ اُتي دعا وڃي گهُريائين.</verse>
				<verse number="17">۽ اُنهي وقت هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو، جو تعليم ويٺي ڏنائين، ۽ فريسي ۽ شريعت جا عالم بہ اتي ويٺا هئا، جي گليل ۽ يهوديہ جي هر ڪنهن ڳوٺ ۽ يروشلم مان آيا هئا: ۽ صحت ڏيڻ لاءِ خداوند جي قدرت وٽس موجود هئي.</verse>
				<verse number="18">۽ ڏسو، ماڻهو هڪڙي اڌرنگيءَ کي کٽولي تي کڻي آيا، ۽ ڪوشش ڪيائون تہ هن کي اندر کڻي وڃي سندس اڳيان رکون.</verse>
				<verse number="19">پر ماڻهن جي گوڙ ڪري اندر وڃڻ جي ڪا واٽ ڪانہ ملين، تنهنڪري کڏ تي چڙهي، ڇت منجهان کيس کٽولي سوڌو هيٺ لاهي، وچ ۾ يسوع جي اڳيان ڪري رکيائون.</verse>
				<verse number="20">۽ هن سندن ايمان ڏسي چيو، تہ اي ادا، تنهنجا گناهہ توکي معاف ٿيا.</verse>
				<verse number="21">تڏهن فقيهہ ۽ فريسي دليل ڊوڙائڻ لڳا، تہ هي ڪير آهي جو ڪفر ٿو بڪي؟ خدا کانسواءِ ٻيو ڪير گناهہ معاف ڪري ٿو سگهي؟</verse>
				<verse number="22">پر يسوع سندن دل جا دليل سهي ڪري جواب ڏيئي چين، تہ اوهين پنهنجي دل ۾ ڪهڙا دليل ٿا ڊوڙايو؟</verse>
				<verse number="23">ڪهڙي ڳالهہ سولي آهي، هيئن چوڻ تہ تنهنجا گناهہ معاف ٿيا، يا هيئن تہ اُٿي گهُم ڦر؟</verse>
				<verse number="24">پر هن لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ ابن آدم کي زمين تي گناهن معاف ڪرڻ جي اختياري آهي، (اڌرنگيءَ کي چيائين) تہ آئون توکي چوان ٿو تہ اُٿ، ۽ پنهنجو کٽولو کڻي گهر وڃ.</verse>
				<verse number="25">۽ هو اُنهي دم سندن اڳيان اُٿي کڙو ٿيو، ۽ جنهن تي پيو هو سو کنيائين، ۽ خدا جي تعريف ڪندو گهر هليو ويو.</verse>
				<verse number="26">۽ سڀيئي حيران ٿي ويا ۽ خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳا؛ ۽ ڏاڍو ڊپ وٺي وين، تہ اڄ اسان هڪ عجب رنگ ڏٺو آهي.</verse>
				<verse number="27">۽ هنن ڳالهين کانپوءِ هو ٻاهر هليو ويو، تہ ليويءَ نالي هڪڙي محصولي ٺيڪيدار کي اڪٽ تي ويٺل ڏٺائين، ۽ انهي کي چيائين، تہ منهنجي پٺيان اچ.</verse>
				<verse number="28">۽ هو سڀ ڪجهہ ڇڏي اُٿي سندس پٺيان هليو.</verse>
				<verse number="29">۽ ليويءَ سندس لاءِ پنهنجي گهر ۾ وڏي مجلس ڪئي، ۽ ٺيڪيدارن ۽ ٻين جي، هڪ وڏي خلق اچي اُنهن سان گڏ مانيءَ تي ويٺي.</verse>
				<verse number="30">۽ فريسي ۽ سندن فقيهہ، سندس شاگردن تي ڪُرڪي چوڻ لڳا تہ اوهين ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن سان گڏ ڇو ٿا کائو پيئو؟</verse>
				<verse number="31">۽ يسوع وراڻي ڏيئي چين، تہ جيڪي چڱا ڀلا آهن تن کي طبيب جي گهُرج ڪانهي، پر جيڪي بيمار آهن، تن کي آهي.</verse>
				<verse number="32">آئون سچارن کي نہ پر گنهگارن کي توبهہ جي لاءِ سڏڻ آيو آهيان.</verse>
				<verse number="33">تڏهن اُنهن چيس تہ يوحنا جا شاگرد اڪثر روزا رکندا آهن، ۽ دعائون گهُرندا آهن؛ ۽ فريسين جا شاگرد بہ ائين ڪندا آهن، پر تنهنجا شاگرد تہ پيا کائين پيئن.</verse>
				<verse number="34">تنهن تي يسوع چين تہ جيسين گهوٽ ڄاڃين سان آهي، تيسين اوهين اُنهن کي ڪو روزا رکائي ٿا سگهو ڇا؟</verse>
				<verse number="35">پر اُهي ڏينهن ايندا جڏهن گهوٽ کانئن جدا ڪيو ويندو، تڏهن اُنهن ڏينهن ۾ هو بہ روزا رکندا.</verse>
				<verse number="36">۽ اُنهن کي هڪڙو مثال پڻ چئي ٻڌايائين، تہ ڪوبہ ماڻهو نئين ڪوٽ مان ٽڪر ڦاڙي پراڻي ڪوٽ تي نٿو لڳائي، نہ تہ نئون بہ ڦاٽندو، ۽ نئون ٽڪر پراڻي سان ميل بہ ڪين ڪندو.</verse>
				<verse number="37">ڪوبہ ماڻهو تازي انگوري رس پراڻن ساندارن ۾ ڪونہ ٿو ڀري، نہ تہ تازي رس ساندارا ڦاڙي وجهندي، پوءِ رس بہ هاربي ۽ ساندارا بہ زيان ٿيندا.</verse>
				<verse number="38">پر تازي رس نوَن ساندارن ۾ ڀربي آهي.</verse>
				<verse number="39">۽ ڪوبہ ماڻهو رکيل شراب پي، نئين جو چاهہ نٿو ڪري، ڇو جو چوي ٿو تہ رکيل وڌيڪ سٺو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">۽ هڪڙي سبت جي ڏينهن هيئن ٿيو جو اَن جي ٻنين مان پئي لنگهيو، تڏهن سندس شاگرد سنگ پَٽي هٿن سان مهٽي کائڻ لڳا.</verse>
				<verse number="2">فريسين مان ڪن چيو، تہ جيڪو ڪم سبت جي ڏينهن ڪرڻ روا نہ آهي، سو اوهين ڇو ٿا ڪريو؟</verse>
				<verse number="3">يسوع وراڻي ڏيئي چين تہ اوهان هيءُ بہ نہ پڙهيو آهي ڇا، تہ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي تڏهن هن ڇا ڪيو؟</verse>
				<verse number="4">جو خدا جي گهر ۾ وڃي، نذر جون مانيون، جن جو کائڻ ڪاهنن کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي روا نہ آهي، سي کڻي کاڌائين، ۽ ٻيا جيڪي هئا، تن کي بہ ڏنائين؟</verse>
				<verse number="5">۽ يسوع چين تہ ابن آدم سبت جو مالڪ آهي.</verse>
				<verse number="6">۽ هيئن ٿيو جو ٻئي سبت جي ڏينهن هو عبادتخاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو، ۽ اُتي هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جو ساڄو هٿ سُڪل هو.</verse>
				<verse number="7">فقيهن ۽ فريسين ويٺي نهاريس تہ ڏسون تہ سبت جي ڏينهن ڇُٽائي ٿو يا نہ، تہ مٿس تهمت آڻڻ جو وجهہ مليئون.</verse>
				<verse number="8">پر هن کي سندن خيالن جي خبر هئي، سو سُڪل هٿ واري ماڻهوءَ کي چيائين، تہ اُٿي وچ ۾ کڙو ٿي بيهہ، ۽ هو اُٿي کڙو ٿي بيٺو.</verse>
				<verse number="9">يسوع چين تہ آئون اوهان کان هڪڙي ڳالهہ ٿو پڇان، تہ سبت جي ڏينهن نيڪي ڪرڻ روا آهي يا بدي ڪرڻ؟ جان بچائڻ يا مارڻ؟</verse>
				<verse number="10">۽ اُنهن سڀني ڏانهن چوڌاري نهاري انهي ماڻهوءَ کي چيائين، تہ پنهنجو هٿ ڊگهير، ۽ هن ائين ڪيو تہ هٿ ڇُٽي پيس.</verse>
				<verse number="11">پر هو ڄڻ ڇتا ٿي پيا، ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ يسوع سان ڇا ڪجي؟</verse>
				<verse number="12">۽ اُنهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ هو جبل تي دعا گهُرڻ لاءِ ويو، ۽ ساري رات خدا کان دعا پئي گهُريائين.</verse>
				<verse number="13">۽ جڏهن ڏينهن ٿيو تڏهن پنهنجن شاگردن کي سڏيائين، ۽ منجهانئن ٻارهن ڄڻا چونڊيائين، جن کي رسول پڻ ڪري ڪوٺيائين؛</verse>
				<verse number="14">يعني شمعون جنهن جو نالو پطرس بہ رکيائين، ۽ سندس ڀاءُ اندرياس، ۽ يعقوب ۽ يوحنا، فلپس ۽ برتلمئي،</verse>
				<verse number="15">۽ متي ۽ ٿوما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ شمعون جنهن کي زيلوتيس ڪري سڏيندا هئا،</verse>
				<verse number="16">يعقوب جو پٽ يهوداہ ۽ يهوداہ اسڪريوتي جنهن جهلايس.</verse>
				<verse number="17">۽ اُنهن سان گڏ هيٺ لهي هڪڙي ميدان ۾ اچي بيٺو، ۽ سندس شاگردن جي وڏي جماعت، ۽ سڄي يهوديہ ۽ يروشلم، ۽ صور ۽ صيدا جي سمنڊ جي ڀر مان ماڻهن جي وڏي خلق آئي، تہ سندس ڳالهيون ٻُڌن، ۽ پنهنجين بيمارين کان شفا پائين.</verse>
				<verse number="18">۽ جيڪي ڀوتن کان ستايل هئا، سي ڇُٽي پيا.</verse>
				<verse number="19">۽ سڄي ميڙاڪي جي مرضي هئي تہ هن کي هٿ لائيون، ڇالاءِ جو منجهانئس قدرت پئي نڪتي، ۽ سڀني کي شفا پئي بخشيائين.</verse>
				<verse number="20">پوءِ پنهنجن شاگردن ڏانهن نهاري چيائين، تہ مبارڪ آهيو اوهين غريب: ڇالاءِ جو خدا جي بادشاهت اوهان جي آهي.</verse>
				<verse number="21">مبارڪ آهيو اوهين، جي هاڻي بکون ٿا ڪڍو: ڇالاءِ جو اوهين ڍائبا. مبارڪ آهيو اوهين، جي هاڻي روئو ٿا، ڇالاءِ جو اوهين کِلندا.</verse>
				<verse number="22">مبارڪ آهيو اوهين، جڏهن ابن آدم جي ڪري ماڻهو اوهان کي ڌڪاريندا، ۽ اوهان کي ڪڍي ڌار ڪندا، ۽ ڦٽ لعنت ڪندا، ۽ اوهان جي نالي کي بڇڙو سمجهي رد ڪندا.</verse>
				<verse number="23">انهي ڏينهن اوهين سرها ٿجو، ۽ خوشيءَ وچان ٽپا ڏجو: جو ڏسو تہ آسمان ۾ اوهان جو اجر وڏو آهي: ڇو تہ هنن جا ابا ڏاڏا بہ نبين سان اهڙا ئي ساڳيا پار هليا هئا.</verse>
				<verse number="24">پر افسوس اوهان تي، جي دولتمند آهيو! ڇالاءِ جو اوهان کي پنهنجي تسلي ملي چڪي آهي.</verse>
				<verse number="25">افسوس اوهان تي، جي هينئر ڍاول آهيو! ڇالاءِ جو اوهين بکون ڪڍندا. افسوس اوهان تي، جي هاڻي کِلو ٿا! ڇالاءِ جو اوهين ماتم ڪندا ۽ روئندا.</verse>
				<verse number="26">افسوس اوهان تي، جڏهن سڀ ماڻهو اوهان کي ساراهيندا! ڇالاءِ جو هنن جا ابا ڏاڏا بہ ڪوڙن نبين سان ائين ئي ڪندا هئا.</verse>
				<verse number="27">پر اوهين جي ٻُڌو ٿا تن کي آئون چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن کي پيار ڪريو، جيڪي اوهان سان نفرت ڪن، تن سان ڀلائي ڪريو،</verse>
				<verse number="28">جيڪي اوهان کي پِٽين، تن جو خير گهرو، ۽ جيڪي اوهان سان جُٺيون ڪن، تن لاءِ دعا گهرو.</verse>
				<verse number="29">۽ جيڪو هڪڙي ڳل تي لپاٽ هڻيئي، تنهن کي ٻيو بہ ڦيرائي ڏي؛ ۽ جيڪو تنهنجو ڪوٽ کڻي وڃي، تنهن کي پهراڻ کڻڻ کان بہ نہ جهل.</verse>
				<verse number="30">جيڪو گهريئي تنهن کي ڏي؛ ۽ جيڪو تنهنجو مال کڻي وڃي تنهن کان وري نہ گهُر.</verse>
				<verse number="31">۽ جيئن اوهين ڀانئيو تہ ماڻهو اسان سان هلن، تيئن اوهين پڻ اُنهن سان هلو.</verse>
				<verse number="32">۽ جيڪي اوهان کي پيار ٿا ڪن، تن کي جي اوهين پيار ڪريو، تہ اُن لاءِ اوهان ڪهڙو ٿورو لهڻو؟ ڪيئن جو گنهگار بہ پنهنجن پيار ڪرڻ وارن کي پيار ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="33">جيڪي اوهان سان ڀلائي ٿا ڪن، تن سان جي اوهان ڀلائي ڪئي، تہ اوهان ڪهڙو ٿورو لهڻو؟ ڇو جو گنهگار بہ ائين ئي ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="34">۽ جن کان وري وٺڻ جي اُميد اٿوَ، تن کي جيڪڏهن اُڌارو ڏنوَ تہ اوهان ڪهڙو ٿورو لهڻو؟ ڇو تہ گنهگار بہ گنهگارن کي اُڌارو ڏيندا آهن، تہ کانئن وري اوترو ئي موٽائي وٺن.</verse>
				<verse number="35">پر اوهين پنهنجن دشمنن کي پيار ڪريو، ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو، اُڌارو ڏيو ۽ نااُميد نہ ٿيو، تہ اوهان جو اجر وڏو ٿيندو ۽ اوهين خدا تعاليٰ جا فرزند ٿيندا: ڇوتہ هو بي شڪرن ۽ برن تي مهربان آهي.</verse>
				<verse number="36">پوءِ جيئن اوهان جو پيءُ ٻاجهہ ڀريو آهي، تيئن اوهين بہ ٻاجهارا ٿيو.</verse>
				<verse number="37">۽ عيب جوئي نہ ڪريو، تہ اوهان جي بہ عيب جوئي نہ ٿئي، ۽ ڪنهن کي ڏوهاري نہ ٺهرايو، تہ اوهين بہ ڏوهاري نہ ٺهربا. آزاد ڪريو، تہ اوهان کي بہ آزدگي ملي:</verse>
				<verse number="38">ڏيندا رهو تہ اوهان کي بہ ٽمٽار ملندو، چڱو ماڻ دٻي دٻي، لوڏي لوڏي، وهندڙ ڪري اوهان جي جهول ۾ ڏيندا. ڇوتہ جنهن ماڻ سان اوهين مئي ڏيندا، تنهن ئي ماڻ سان موٽي اوهان کي مئجي ملندو.</verse>
				<verse number="39">۽ هڪڙو مثال ڏيئي چيائين تہ انڌو، انڌي جو سونهون ٿي سگهندو ڇا؟ ٻئي ڪين وڃي کڏ ۾ ڪِرندا ڇا؟</verse>
				<verse number="40">شاگرد پنهنجي اُستاد کان مٿي نہ آهي، پر هرڪو، جڏهن ڪامل ٿيو، تڏهن پنهنجي اُستاد جهڙو ٿي پوندو.</verse>
				<verse number="41">۽ تنهنجي ڀاءُ جي اک ۾ جو ڪٽر آهي، سو تون ڇو ٿو ڏسين، پر خود تنهنجي اک ۾ جو شهتير آهي، تنهن جو خيال ئي نٿو ڪرين؟</verse>
				<verse number="42">يا ڪيئن تون پنهنجي ڀاءُ کي چوندين، تہ ادا، مون کي تنهنجي اک مان ڪٽر ڪڍڻ ڏي، جڏهن تنهنجي اک ۾ جو شهتير پيو آهي سو نٿو ڏسين؟ اي رياڪار، پهريائين تون پنهنجي اک مان شهتير ڪڍ، تہ پوءِ پنهنجي ڀاءُ جي اک جو ڪٽر صاف ڏسي ڪڍي سگهندين.</verse>
				<verse number="43">ڇوتہ ڪوبہ چڱو وڻ خراب ڦل نٿو ڏئي، نڪي وري خراب وڻ چڱو ڦل ٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="44">ڇالاءِ تہ سڀ ڪنهن وڻ کي سندس ڦل مان سڃاڻبو آهي ڇوتہ ماڻهو ڪنڊين مان انجير نٿا ڇنن، ۽ نڪي ڪانڊيرن مان ڊاک.</verse>
				<verse number="45">نيڪ ماڻهو پنهنجي دل جي چڱي خزاني مان جيڪي چڱو آهي، سو ئي ڪڍي ٿو، ۽ خراب ماڻهو پنهنجي دل جي بڇڙي خزاني مان جيڪي بڇڙو آهي، سو ئي ٿو ڪڍي: ڇالاءِ تہ جيڪي دل ۾ ڀريل هوندس، سو ئي وات مان ڪڍندو.</verse>
				<verse number="46">اوهين مون کي خداوند، خداوند، ڇو ٿا چئو، ۽ جيڪي ڳالهيون اوهان کي چوان ٿو سي نٿا ڪريو؟</verse>
				<verse number="47">آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ جيڪو مون وٽ اچي ٿو، ۽ منهنجو ڪلام ٻُڌي اُنهي تي هلي ٿو، سو ڪنهن جي مثل آهي:</verse>
				<verse number="48">اُهو اُنهي ماڻهوءَ جي مثل آهي جنهن گهر اڏائڻ مهل هيٺ اونهو کوٽيو، ۽ ٽڪر تي پيڙهہ وڌائين: ۽ جڏهن اُٿل آئي، تڏهن نئين اُنهيءَ گهر تي اچي سٽڪا لاتا، ۽ اُن کي لوڏو ئي ڪين آيو، ڇوتہ سندس پيڙهہ ٽڪر تي هئي.</verse>
				<verse number="49">پر جيڪو ٻُڌي ٿو ۽ عمل نٿو ڪري، سو اُنهي ماڻهوءَ مثل آهي جنهن پيڙهہ کانسواءِ زمين تي گهر اڏايو، ۽ جڏهن نئين مٿس اچي سٽڪا لاتا، تڏهن اُهو يڪدم ڪِري پيو ۽ بلڪل برباد ٿي ويو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">۽ جڏهن هو ماڻهن کي پنهنجون سڀ ڳالهيون ٻُڌائي چڪو، تڏهن ڪفرناحوم ۾ آيو.</verse>
				<verse number="2">۽ هڪڙي صوبيدار جو نوڪر، جنهن سان هن جي ڏاڍي دل هئي، سو بيمار هو، ۽ مرڻ تي هو.</verse>
				<verse number="3">جڏهن هن يسوع بابت ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن يهودين جي بزرگن کي ڏانهنس موڪليائين، تہ منهنجي نوڪر کي اچي بچاءِ.</verse>
				<verse number="4">اُنهن يسوع وٽ اچي کيس ڏاڍو ليلائي چيو، تہ هو لائق ماڻهو آهي، تون مٿس اهو ٿورو ڪر:</verse>
				<verse number="5">ڇوتہ هو اسان جي قوم جو گهڻ گهرو آهي، ۽ پاڻ اسان کي اسان جو عبادتگاهہ جوڙائي ڏنو اٿس.</verse>
				<verse number="6">يسوع ساڻن گڏجي ويو، پر جڏهن گهر جي ويجهو آيو، تڏهن صوبيدار پنهنجن دوستن هٿان چوائي موڪليس، تہ اي خداوند، تڪليف نہ ڪر، ڇاڪاڻ تہ آئون انهيءَ لائق نہ آهيان جو تون منهنجي پَکي هيٺ اچين:</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري نڪي مون پاڻ کي لائق سمجهيو تہ تو وٽ اچان؛ پر تون کڻي واتان ڪلام ڪڍ، تہ منهنجو نوڪر ڇُٽي پوندو.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو آئون بہ ٻئي جي هٿ هيٺ آهيان، ۽ سپاهي منهنجي حڪم ۾ آهن، ۽ هڪڙي کي چوان تہ وڃ، تہ وڃي ٿو؛ ۽ ٻئي کي چوان تہ اچ، تہ اچي ٿو؛ ۽ پنهنجي نوڪر کي چوان تہ هي ڪر، تہ ڪري ٿو.</verse>
				<verse number="9">يسوع اهو ٻُڌي هن تي عجب کاڌو، ۽ جيڪي ماڻهو سندس پٺيان پئي آيا، تن ڏانهن منهن ڪري چيائين تہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ مون هيڏو ايمان اسرائيل ۾ بہ ڪونہ ڏٺو.</verse>
				<verse number="10">۽ جيڪي وٽس موڪليا ويا هئا، سي جڏهن گهر موٽي آيا، تڏهن ڏٺائون تہ نوڪر چڱو ڀلو آهي.</verse>
				<verse number="11">تنهن کانپوءِ هيئن ٿيو جو هو نائين نالي شهر ڏانهن ويو، ۽ سندس شاگرد ۽ هڪڙو وڏو ميڙاڪو ساڻس گڏ هو.</verse>
				<verse number="12">۽ جڏهن شهر جي دروازي جي ويجهو آيو، تڏهن ڏسو هڪڙي مڙدي کي ٻاهر کنيو پئي ويا. اُهو ماءُ جو هڪڙو ئي پٽ هو، ۽ اها بيوهہ زال هئي، ۽ شهر جا گهڻا ماڻهو ساڻس هئا.</verse>
				<verse number="13">۽ جڏهن خداوند هن کي ڏٺو، تڏهن مٿس ڪهل آيس ۽ چيائينس تہ روءُ نہ.</verse>
				<verse number="14">۽ ويجهو اچي جنازي کي هٿ لاتائين، تہ ڪانڌي بيهي رهيا. تڏهن چيائين، تہ اي جوان، آئون تو کي چوان ٿو تہ اُٿ.</verse>
				<verse number="15">تنهن تي اُهو مڙدو اُٿي ويٺو، ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳو. پوءِ هن کي کڻي سندس ماءُ جي حوالي ڪيائين.</verse>
				<verse number="16">۽ سڀني کي ڊپ وٺي ويو، ۽ خدا جي وڏائي ڪري چوڻ لڳا تہ اسان ۾ هڪڙو وڏو نبي جاڳيو آهي: ۽ خدا پنهنجي اُمت تي نظر ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="17">۽ سندس بابت اها ڳالهہ سڄي يهوديہ ۽ آس پاس واري سموري ملڪ ۾ چوڌاري هلي ويئي.</verse>
				<verse number="18">۽ يوحنا جي شاگردن اهي سڀ ڳالهيون وڃي کيس ٻُڌايون.</verse>
				<verse number="19">تنهن تي يوحنا پنهنجن شاگردن مان ٻن کي ڪوٺي خداوند وٽ موڪليو، ۽ پڇيائينس تہ جيڪو اچڻ وارو آهي سو تون ئي آهين، يا اسين ڪنهن ٻئي جي واٽ ڏسون؟</verse>
				<verse number="20">اُنهن ماڻهن وٽس اچي چيو، تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري اسان کي توکان پڇڻ لاءِ موڪليو آهي، تہ جيڪو اچڻ وارو آهي سو تون ئي آهين، يا اسين ڪنهن ٻئي جي واٽ ڏسون؟</verse>
				<verse number="21">اوڏيءَ ئي مهل هن گهڻن کي مرضن، ۽ آفتن، ۽ ڀوتن کان ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو، ۽ گهڻن ئي انڌن کي سڄو ڪيو هئائين.</verse>
				<verse number="22">يسوع وراڻي ڏيئي چين، تہ جيڪي ڳالهيون اوهان ڏٺيون ۽ ٻُڌيون آهن، سي يوحنا کي وڃي ٻڌايو؛ تہ انڌا ڏسن ٿا، ۽ منڊا هلن ٿا، ۽ ڪوڙهيا پاڪ صاف پيا ٿين، ۽ ٻوڙا ٻُڌن ٿا، ۽ مئل جي اُٿن ٿا، ۽ غريبن کي خوشخبري ٻُڌائي ٿي وڃي،</verse>
				<verse number="23">۽ مبارڪ اهو آهي جو منهنجي ڪري گمراهہ نٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="24">۽ جڏهن يوحنا جا قاصد هليا ويا، تڏهن هو ميڙاڪن کي يوحنا بابت چوڻ لڳو، تہ اوهين رڻ پٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا واءُ سان لڏندڙ ڪاني کي؟</verse>
				<verse number="25">پر تڏهن ٻاهر ڇا ڏسڻ ويا؟ اُچي پهريل ماڻهوءَ کي؟ ڏسو، جيڪي اُچا ڪپڙا ٿا پهرين، ۽ عيش ۽ مزي ۾ ٿا گذارين، سي بادشاهي محلاتن ۾ هوندا آهن.</verse>
				<verse number="26">پر تڏهن ٻاهر ڇا ڏسڻ ويا؟ نبيءَ کي؟ هائو، آئون اوهان کي چوان ٿو تہ نبيءَ کان بہ وڏي کي.</verse>
				<verse number="27">هي اُهو آهي جنهن بابت لکيل آهي، تہ ”ڏس، آئون پنهنجي پيغمبر کي توکان اڳ ۾ ٿو موڪليان، جو تنهنجو رستو تنهنجي اڳيان تيار ڪندو.“</verse>
				<verse number="28">آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪي بہ زال ذات مان ڄاول آهن، تن منجهان يوحنا کان ڪوبہ وڏو ڪونهي. انهي هوندي بہ خدا جي بادشاهي ۾ جيڪو ننڍو آهي، سو اُنهي کان وڏو آهي.</verse>
				<verse number="29">۽ عام خلق جن اهو ٻُڌو تن، ۽ محصولي ٺيڪيدارن، يوحنا جي بپتسما وٺي خدا جا انصاف مڃيا.</verse>
				<verse number="30">پر فريسين ۽ شريعت جي عالمن جو کانئس بپتسما نہ ورتي، تنهنڪري پنهنجي نسبت خدا جي ارادي کي رد ڪيائون.</verse>
				<verse number="31">سو هن زماني جي ماڻهن کي آئون ڪنهن سان مشابهت ڏيان؟ ۽ اُهي ڪنهن وانگر آهن؟</verse>
				<verse number="32">اُهي انهن ٻارن جي مثل آهن جي بازار ۾ ويهي، هڪ ٻئي کي سڏ ڪري ٿا چون تہ اسان اوهان لاءِ شرنائي وڄائي، پر اوهين نچيا ئي ڪين، اسان ماتم ڪيو، پر اوهان رُنو ئي ڪين.</verse>
				<verse number="33">ڇالاءِ تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو نہ ماني کائيندو ۽ نہ شراب پيئندو آيو، ۽ اوهين چئو ٿا تہ هن ۾ ڀوت آهي.</verse>
				<verse number="34">ابن آدم کائيندو پيئندو آيو آهي، ۽ اوهين چئو ٿا تہ ڏسو، پيٽير ۽ شرابي، محصولي ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن جو دوست!</verse>
				<verse number="35">پر جيڪي دانائيءَ جا ٻار آهن، تن منجهان ئي دانائي سچي ثابت ٿي ٿئي.</verse>
				<verse number="36">۽ فريسين مان هڪڙي عرض ڪيس، تہ مون وٽ هلي کاءُ. تڏهن هو فريسيءَ جي گهر ويو، ۽ کائڻ ويٺو.</verse>
				<verse number="37">تہ ڏسو اُنهي شهر جي هڪڙي زال جا گنهگار هئي، تنهن کي جڏهن سُڌ پئي تہ هو فريسيءَ جي گهر ماني ويٺو کائي، تڏهن سنگ مرمر جي عطردانيءَ ۾ عطر کڻي آئي.</verse>
				<verse number="38">۽ سندس پيرن وٽ پٺيانئس بيهي ڳوڙها ڳاڙي، سندس پير ڌوئڻ لڳي ۽ پنهنجي مٿي جي وارن سان انهن کي اُگهيائين؛ ۽ سندس پير چُمي، انهن تي عطر مکيائين.</verse>
				<verse number="39">پوءِ جنهن فريسيءَ سندس دعوت ڪئي هئي سو هيءُ ڏسي پنهنجي دل ۾ چوڻ لڳو، تہ جيڪڏهن هي شخص نبي هجي ها تہ جيڪر سهي ڪري ها، تہ هيءَ جا مون کي هٿ ٿي لائي سا ڪير آهي، ۽ ڪهڙي قسم جي زال آهي، جو هوءَ تہ گنهگار آهي.</verse>
				<verse number="40">تنهن تي يسوع اُنهي کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اي شمعون، توکي ڪي چوڻو اٿم. هن چيو، تہ اُستاد بيشڪ چئو.</verse>
				<verse number="41">تنهن تي هن چيو، تہ هڪڙي لهڻيدار جا ٻہ قرضدار هئا، هڪڙي کي پنج سؤ دينار لهڻندو هو، ۽ ٻئي کي پنجاهہ.</verse>
				<verse number="42">پر وٽن هو ڪي بہ ڪين جو کڻي ڏينس، تنهنڪري ٻنهي کي کڻي معاف ڪيائين. هاڻي اُنهن ٻنهي مان کيس گهڻو پيار ڪير ڪندو؟</verse>
				<verse number="43">شمعون وراڻي ڏيئي چيو، تہ آئون ڀانيان ٿو تہ جنهن کي گهڻو معاف ڪيائين سو. تڏهن چيائينس، تہ تو پوري ڳالهہ ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="44">۽ اُنهيءَ زال ڏانهن منهن ڪري شمعون کي چيائين تہ هن زال کي ڏسين ٿو؟ آئون تنهنجي گهر آيس، تہ تو مون کي پيرن ڌوئڻ لاءِ پاڻي بہ نہ ڏنو، پر هن منهنجا پير پنهنجن ڳوڙهن سان ڌوتا، ۽ پنهنجن وارن سان اُگهيا آهن.</verse>
				<verse number="45">تو مون کي چُميو بہ ڪين، پر جيئن آئون آيو آهيان، تيئن هن منهنجن پيرن چُمڻ کان بس ئي نہ ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="46">تو منهنجي مٿي تي تيل نہ مکيو، پر هن منهنجي پيرن تي عطر مکيو آهي.</verse>
				<verse number="47">انهي ڪري آئون توکي چوان ٿو تہ هن جا گناهہ جي گهڻا آهن سي معاف ٿيا، ڇوتہ هن گهڻو پيار ڪيو آهي: پر جنهن کي ٿورو معاف ٿيو آهي، سو ٿورو پيار ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="48">۽ اُنهيءَ زال کي چيائين، تہ تنهنجا گناهہ معاف ٿيا.</verse>
				<verse number="49">تڏهن جن ساڻس گڏ ويٺي کاڌو، سي پنهنجي دل ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ ڪير آهي جو گناهہ بہ معاف ٿو ڪري؟</verse>
				<verse number="50">پر هن انهيءَ زال کي چيو، تہ تنهنجي ايمان توکي بچايو آهي، سلامت هلي وڃ.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">تنهن کانپوءِ جلد ئي هيئن ٿيو تہ هو شهر شهر، ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ منادي ڪندو، ۽ خدا جي بادشاهت جي خوشخبري ٻڌائيندو پئي گهُميو، ۽ اُهي ٻارهن بہ ساڻس گڏ هئا،</verse>
				<verse number="2">۽ ڪي زالون جي ڀوتن ۽ مرضن کان ڇُٽي چڱيون ڀليون ٿيون هيون، تن ۾ مريم، جا مگدليني ڪري سڏبي هئي، ۽ جنهن مان ست ڀوت نڪتا هئا سا،</verse>
				<verse number="3">۽ هيروديس جي ديوان، خوزيءَ جي زال يونانہ، ۽ سوسنا، ۽ ٻيون بہ ڪيتريون هيون، جن پنهنجي مال سان سندس خدمت پئي ڪئي.</verse>
				<verse number="4">پوءِ جڏهن وڏو ميڙاڪو اچي مڙيو، ۽ شهر شهر جا ماڻهو وٽس پئي آيا، تڏهن هڪڙو مثال ڏيئي چيائين:</verse>
				<verse number="5">تہ هڪڙو هاري ٻج ڇَٽڻ نڪتو، ۽ ڇَٽڻ مهل ڪي داڻا اچي گس تي پيا؛ جي لتاڙجي ويا ۽ آسمان جا پکي اُهي چُڳي ويا.</verse>
				<verse number="6">۽ ڪي ٽڪر تي ڪِريا؛ ۽ اڃا اُڀريا ئي ڪين تہ سُڪي ويا، ڇوتہ انهن کي وَٽَ ڪانہ هئي.</verse>
				<verse number="7">۽ ٻيا ڪنڊين ۾ ڪِريا؛ ۽ ڪنڊيون، جي انهن سان گڏ اُڀريون، تن اُنهن کي گهُٽي وڌو.</verse>
				<verse number="8">۽ ٻيا ڀليءَ زمين تي ڪِريا؛ ۽ اُسري سؤڻو ڦر ڏنائون. اهي ڳالهيون ڪندي وڏا واڪي چيائين، تہ جنهن کي ٻُڌڻ لاءِ ڪَن آهن سو ڀلي ٻُڌي.</verse>
				<verse number="9">۽ سندس شاگردن پڇيس تہ هن مثال جو مطلب ڇا آهي؟</verse>
				<verse number="10">تڏهن هن چيو تہ اوهان کي خدا جي بادشاهت جي رازن جي سمجهہ ڏني ويئي آهي؛ پر ٻين کي مثالن طور ٻڌايو ويو آهي، تہ اُهي ڏسندي نہ ڏسن، ۽ ٻُڌندي نہ سمجهن.</verse>
				<verse number="11">هاڻي انهي مثال جو مطلب هي آهي: ٻج آهي خدا جو ڪلام.</verse>
				<verse number="12">جيڪي گس تي ڪِريا، سي اُهي آهن جن ٻُڌو آهي، پوءِ شيطان اچي اُنهي ڪلام کي سندن دل مان ڪڍيو وڃي، تہ متان ايمان آڻين ۽ نجات ملين.</verse>
				<verse number="13">۽ ٽڪر وارا اُهي آهن، جي جڏهن ڪلام ٻُڌن ٿا، تڏهن خوشيءَ سان مڃيو وٺن، پر پاڙ نہ هئڻ ڪري ٿوري وقت تائين ايمان آڻي، پوءِ آزمائش جي مهل ڦريو وڃن.</verse>
				<verse number="14">۽ جيڪي ڪنڊين ۾ ڪِريا سي اُهي آهن جن ٻُڌو آهي ۽ هلندي هلندي حياتيءَ جي فڪرن، ۽ دولت، ۽ عيش عشرتن ۾ ڦاسيو پون، ۽ سندن ڦل پچي ئي ڪين.</verse>
				<verse number="15">پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪِريا سي اُهي آهن، جي ڪلام ٻڌي سچيءَ ۽ سالم دل ۾ اُن کي سانڍيو رکن ٿا، ۽ صبر سان ڦل پيا اُپائين.</verse>
				<verse number="16">ڪوبہ ماڻهو ڏيئو ٻاري ٿانوَ سان نٿو ڍڪي، نڪي کٽولي هيٺان ٿو رکي، پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي، تہ جيڪي اندر اچن تن کي سوجهرو ملي.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو ڪي بہ لڪل نہ آهي جو پڌرو نہ ٿيندو، ۽ ڪي بہ ڳجهو نہ آهي، جنهن جي خبر نہ پوندي ۽ ظاهر نہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="18">تنهنڪري خبردار رهو، تہ اوهين ڪهڙيءَ طرح ٿا ٻُڌو: ڇوتہ جنهن وٽ ڪي آهي تنهن کي ڏنو ويندو؛ ۽ جنهن وٽ ڪي ڪينهي، تنهن کان اُهو بہ کسي وٺبو جو هو ڀانئين تہ مون وٽ آهي.</verse>
				<verse number="19">۽ سندس ماءُ ۽ ڀائر وٽس آيا، پر گوڙ جي ڪري هن تائين پهچي نہ سگهيا.</verse>
				<verse number="20">تنهن تي ڪن چيس، تہ تنهنجي ماءُ ۽ تنهنجا ڀائر ٻاهر بيٺا آهن، ۽ توکي گڏجڻ ٿا چاهين.</verse>
				<verse number="21">پر هنن کي ورندي ڏيئي چيائين، تہ منهنجي ماءُ ۽ منهنجا ڀائر هي آهن، جي خدا جو ڪلام ٿا ٻُڌن، ۽ اُن تي هلن ٿا.</verse>
				<verse number="22">۽ انهن ڏينهن ۾ هڪڙي ڀيري هيئن ٿيو، تہ هو پاڻ ۽ سندس شاگرد ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا، ۽ اُنهن کي چيائين تہ هلو تہ ڍنڍ جي پرينءَ ڀر هلون: ۽ اهي ٻيڙي ڇوڙي اُٿي هليا.</verse>
				<verse number="23">۽ اڃا پئي ويا تہ هن کي ننڊ اچي ويئي: ۽ ڍنڍ تي ڏاڍو واءُ اچي ڇٽڪيو؛ ۽ ٻيڙي پاڻيءَ سان ڀرجڻ لڳي، سو اُهي جان جي جوکي ۾ هئا.</verse>
				<verse number="24">تڏهن وٽس اچي جاڳائي چيائونس، تہ اي سائين، اي سائين، اسين تہ ٻُڏي وياسين. تنهن تي هو اُٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي لهرن کي جهڻڪيائين: جنهن ڪري اُهي بيهي ويا، ۽ نوائي ٿي ويئي.</verse>
				<verse number="25">۽ اُنهن کي چيائين تہ اوهان جو ايمان ڪيڏانهن ويو؟ ۽ اُهي ڊڄي ويا، ۽ عجب ۾ پئجي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ ڪير آهي، جو واءُ ۽ پاڻيءَ کي بہ حڪم ٿو ڪري ۽ اُهي مڃينس ٿا؟</verse>
				<verse number="26">پوءِ اُهي گراسينين جي ملڪ ۾ وڃي پهتا، جو گليل جي سامهون آهي.</verse>
				<verse number="27">۽ جڏهن هو سڪيءَ تي آيو، تڏهن اُنهي شهر جو هڪڙو ماڻهو گڏيس، جنهن ۾ ڀوت هئا؛ ۽ هو ڪيترن ڏينهن کان نڪي ڪپڙو ڪندو هو، نڪي گهر ۾ رهندو هو، پر قبرستان ۾ گذران ڪندو هو.</verse>
				<verse number="28">۽ جڏهن يسوع کي ڏٺائين، تڏهن کيس پيرين پئي وڏي سڏ رڙ ڪري چيائين، تہ اي يسوع، خدا تعاليٰ جا فرزند، منهنجو توسان ڪهڙو واسطو؟ آئون توکي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي.</verse>
				<verse number="29">ڇوتہ هن انهي ڀوت کي حڪم ڪيو هو تہ هن ماڻهوءَ مان نڪري وڃ: ڇالاءِ جو اڪثر اُهو ڀوت اُنهي کي اچي جهليندو هو، ۽ ماڻهو کيس زنجيرن ۽ نيئرن سان ٻَڌي قابو رکندا هئا، پر هو زنجيرن کي ڀڃي وجهندو هو، ۽ ڀوت کيس رڻ پٽ ۾ ڪاهي ويندو هو.</verse>
				<verse number="30">۽ يسوع کانئس پڇيو، تہ تنهنجو نالو ڇا آهي؟ هن چيو تہ ڪٽڪ، ڇوتہ گهڻن ڀوتن جو منجهس واسو هو.</verse>
				<verse number="31">۽ اُنهن کيس منٿ ڪئي تہ اسان کي اوڙاهہ ۾ وڃڻ جو حڪم نہ ڏي.</verse>
				<verse number="32">هاڻي اُتي سوئرن جو هڪڙو وڏو ڌڻ ٽڪر تي پئي چريو، پوءِ اُنهن کيس منٿ ڪئي تہ اسان کي هنن ۾ گهڙڻ جي موڪل ڏي. تنهن تي هن کين موڪل ڏني.</verse>
				<verse number="33">پوءِ ڀوت اُنهي ماڻهوءَ مان نڪري وڃي سوئرن ۾ پيا، ۽ اُهو ڌڻ اُڀ ڪپريءَ تان ڌوڪيندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو، ۽ ٻُڏي مُئو.</verse>
				<verse number="34">۽ چارڻ وارا اهو حال ڏسي اُٿي ڀڳا، ۽ وڃي شهر ۽ ٻهراڙيءَ ۾ اها خبر ٻڌايائون.</verse>
				<verse number="35">تنهن تي ماڻهو اهو حال ڏسڻ لاءِ نڪري آيا، ۽ يسوع وٽ اچي ڏسن تہ اُهو ماڻهو جنهن مان ڀوت نڪري ويا هئا، سو ڪپڙا پهري، پوري هوش ۾ يسوع جي پيرن وٽ ويٺو آهي: ۽ ڊپ وٺي وين.</verse>
				<verse number="36">۽ جن اهو رنگ ڏٺو هو، تن اُنهن کي ٻڌايو، تہ ڪهڙيءَ طرح هي ڀوتاريل شخص چڱو ڀلو ٿيو.</verse>
				<verse number="37">۽ گراسينين جي پاسي ڪنڌيءَ جي سڀني ماڻهن کيس منٿ ڪئي تہ اسان وٽان هليو وڃ؛ ڇوتہ انهن کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو هو: ۽ هو ٻيڙيءَ تي چڙهي موٽي ويو.</verse>
				<verse number="38">پر جنهن ماڻهوءَ مان ڀوت نڪري ويا هئا، تنهن کيس عرض ڪيو تہ مون کي پاڻ وٽ رهڻ ڏي: پر هن کيس روانو ڪري چيو تہ</verse>
				<verse number="39">پنهنجي گهر موٽي وڃ، ۽ وڃي ٻُڌاءِ تہ خدا تو سان ڪهڙي نہ ڀلائي ڪئي آهي، ۽ پوءِ هو هليو ويو، ۽ وڃي سڄي شهر ۾ پڌرو ڪيائين تہ يسوع مون سان ڪيڏي نہ ڀلائي ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="40">۽ جڏهن يسوع موٽي آيو، تڏهن ماڻهو هن کي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا، ڇوتہ سڀني سندس واٽ پئي ڏٺي.</verse>
				<verse number="41">۽ ڏسو، يائرس نالي هڪڙو ماڻهو جو عبادتخاني جو سردار هو، سو آيو، ۽ يسوع کي پيرين پئي عرض ڪيائينس تہ منهنجي گهر هل؛</verse>
				<verse number="42">ڇوتہ هن جي سڪيلڌي نياڻي، جنهن جي عمر اٽڪل ٻارهن ورهيہ هئي، اُها مرڻ تي هئي. ۽ جيئن هو هلندو پئي ويو، تيئن ماڻهو مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا.</verse>
				<verse number="43">۽ اُتي هڪڙي زال هئي، جنهن کي ٻارهن ورهين کان رت پوندو هو، ۽ جنهن پنهنجي سڄي موڙي طبيبن پٺيان وڃائي هئي، پر ڪوبہ ڇُٽائي نہ سگهيو هوس،</verse>
				<verse number="44">سا پٺيانئس آئي، ۽ اچي سندس ڪپڙي جي پلوَ کي هٿ لاتائين، ۽ اُنهي دم هن جو رت پوڻ بند ٿي ويو.</verse>
				<verse number="45">تڏهن يسوع چيو تہ مون کي ڪنهن هٿ لاتو؟ پوءِ جڏهن سڀيئي انڪار ڪرڻ لڳا، تڏهن پطرس ۽ ٻيا جيڪي ساڻس هئا، تن چيو، تہ سائين ميڙاڪا توتي ڳاهٽ پيا ٿين، ۽ توتي پيا ڪِرن.</verse>
				<verse number="46">پر يسوع چيو تہ ڪنهن تہ مون کي هٿ لاتو آهي، ڇوتہ مون سهي ڪيو تہ قدرت مون مان نڪتي آهي.</verse>
				<verse number="47">۽ جڏهن زال ڏٺو تہ آئون لڪي نہ سگهيس، تڏهن ڏڪندي ڏڪندي آئي، ۽ اچي کيس پيرين پئي، ۽ سڀني جي روبرو ٻڌايائين تہ ڪهڙي سبب مون توکي هٿ لاتو، ۽ ڪهڙيءَ طرح آئون يڪدم چڱي ڀلي ٿي پيس.</verse>
				<verse number="48">۽ هن چيس تہ ڌيءَ، تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي، سلامت هلي وڃ.</verse>
				<verse number="49">اڃا هن ڳالهايو ئي بيٺي تہ عبادتخاني جي سردار جي گهر مان ڪنهن اچي چيو، تہ تنهنجي نياڻي مري ويئي، هاڻي اُستاد کي تڪليف نہ ڏي.</verse>
				<verse number="50">پر يسوع هي ٻڌي کيس وراڻي ڏيئي چيو، تہ ڊڄ نہ، رڳو ايمان رک، تہ هوءَ بچي پوندي.</verse>
				<verse number="51">۽ جڏهن اُنهي گهر ۾ آيو، تڏهن پطرس ۽ يوحنا ۽ يعقوب، ۽ ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ کان سواءِ، ٻئي ڪنهن کي پاڻ سان اندر اچڻ نہ ڏنائين.</verse>
				<verse number="52">۽ سڀني اُنهيءَ لاءِ پئي رُنو پِٽيو، پر هن چيو تہ روئو نہ، ڇو تہ هوءَ مئي ڪانهي پر سُتي پيئي آهي.</verse>
				<verse number="53">پر هو مٿس کِلڻ ۽ ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، جو خبر هُين تہ هوءَ مري ويئي آهي.</verse>
				<verse number="54">پر هن سندس هٿ جهلي سڏي چيو، تہ اي نينگر، اُٿ.</verse>
				<verse number="55">۽ منجهس ساهہ وري اچي پيو، ۽ هوءَ يڪدم اُٿي ويٺي، ۽ هن حڪم ڏنو تہ ڪي کائڻ لاءِ ڏيوس.</verse>
				<verse number="56">۽ هن جي ماءُ پيءُ کي حيراني وٺي ويئي: پر هن تاڪيد ڪري چين تہ هي جيڪي ٿيو آهي، تنهن جي ڪنهن سان بہ ڳالهہ نہ ڪجو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">۽ هن پنهنجن ٻارهن شاگردن کي سڏي کين طاقت بخشي تہ هو سڀني ڀوتن تي اختياري رکن ۽ بيمارن کي شفا ڏين.</verse>
				<verse number="2">۽ کين موڪليائين تہ وڃي خدا جي بادشاهت جي منادي ڪريو، ۽ بيمارن کي چڱو ڀلو ڪريو.</verse>
				<verse number="3">۽ چيائين تہ واٽ لاءِ ڪي بہ نہ کڻجو؛ نہ لٺ، نہ جهولي، نہ ماني، نہ روڪڙ؛ نڪي ٻہ ٻہ ڪوٽ کڻجو.</verse>
				<verse number="4">۽ جنهن گهر ۾ وڃو، اُتي ئي ٽڪي پئجو، ۽ اُتان ئي روانا ٿجو.</verse>
				<verse number="5">۽ جيڪي بہ ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ اُنهي شهر کان ٻاهر نڪري پنهنجي پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو، تہ مٿن شاهدي ٿئي.</verse>
				<verse number="6">۽ اُهي روانا ٿيا، ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ خوشخبري ٻڌائيندا، ۽ سڀ ڪنهن هنڌ ماڻهن کي شفا ڏيندا رهيا.</verse>
				<verse number="7">هاڻي اهو سڄو احوال چوٿينءَ پتيءَ جي حاڪم هيروديس جي ڪَن پيو، ۽ هو ڏاڍو اچي مُنجهيو، جو ڪن پئي چيو تہ يوحنا مُئن مان جي اُٿيو آهي.</verse>
				<verse number="8">۽ ڪن پئي چيو ايلياہ جاڳيو آهي، ۽ ٻين وري پي چيو تہ آڳاٽن نبين مان ڪو وري جي اُٿيو آهي.</verse>
				<verse number="9">تنهن تي هيروديس چيو، تہ يوحنا جي تہ مون سسي لهرائي، پر هيءُ ڪير آهي جنهن جون ههڙيون ڳالهيون ٿيون ٻُڌجن، ۽ هن کيس ڏسڻ جي پئي ڪئي.</verse>
				<verse number="10">پوءِ رسول جڏهن موٽي آيا، تڏهن جيڪي ڪيو هئائون، تنهن جو بيان ڪري ٻڌايائونس ۽ هو اُنهن کي بيت صيدا نالي شهر ڏانهن خلاصو وٺي ويو.</verse>
				<verse number="11">پر جڏهن ميڙاڪن کي انهيءَ ڳالهہ جي سُڌ پيئي، تڏهن اُهي بہ سندس پٺيان اُٿي هليا: ۽ هو ساڻن خوشيءَ سان گڏيو، ۽ کين خدا جي بادشاهت جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳو، ۽ جيڪي چڱي ڀلي ٿيڻ جا محتاج هئا، تن کي چڱو ڀلو ڪيائين.</verse>
				<verse number="12">۽ اڃا سج لهڻ تي هو، تہ اُنهن ٻارهن کيس اچي چيو تہ ماڻهن کي موڪل ڏي تہ اوسي پاسي وارن ڳوٺن ۽ ٻنين ۾ وڃي ٽڪن، ۽ کائڻ پيئڻ جو ڪو بلو ڪن، ڇالاءِ جو اسين هت سُڃي هنڌ ۾ آهيون.</verse>
				<verse number="13">پر هن چين تہ اوهين کائڻ لاءِ ڏيون. اُنهن چيو تہ اسان وٽ تہ پنجن مانين ۽ ٻن مڇين ڌاران ٻيو ڪي بہ ڪينهي، باقي چئين تہ اسين سڀني لاءِ وڃي کاڌو ڳنهي اچون.</verse>
				<verse number="14">ڇوتہ اُهي پنج هزار کن مرد هئا. تڏهن شاگردن کي چيائين، تہ هنن کي پنجاهہ پنجاهہ جي قطار ڪري ويهاريو.</verse>
				<verse number="15">۽ اُنهن ائين ئي ڪري سڀني کي ويهاريو.</verse>
				<verse number="16">تڏهن پاڻ اُهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون وٺي آسمان ڏانهن نهاري اُنهن تي برڪت گهُريائين، ۽ اُهي ڀڃي شاگردن کي ڏيندو ويو، تہ ماڻهن جي اڳيان رکندا وڃن.</verse>
				<verse number="17">پوءِ اُنهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، ۽ جيڪي ٽڪر ٽيرا بچيا، تن جون ٻارهن کاريون ڀري کنيائون.</verse>
				<verse number="18">پوءِ هيئن ٿيو جو پاڻ نويڪلائيءَ ۾ دعا پئي گهريائين، ۽ شاگرد ساڻس هئا: تڏهن اُنهن کان پڇيائين تہ ماڻهو منهنجي نالي ڇا ٿا چون، تہ هي ڪير آهي؟</verse>
				<verse number="19">هنن جواب ڏيئي چيو تہ، ڪي چون ٿا تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو آهي، ۽ ڪي تہ ايلياہ آهي، ۽ ڪي چون ٿا تہ آڳاٽن نبين مان ڪو هڪڙو وري جي اُٿيو آهي.</verse>
				<verse number="20">۽ اُنهن کي چيائين، تہ اوهين ڇا ٿا چئو تہ آئون ڪير آهيان؟ تنهن تي پطرس ورندي ڏيئي چيس، تہ تون خدا جو مسيح آهين.</verse>
				<verse number="21">پر هن کين تاڪيد ڪري حڪم ڏنو تہ اها ڳالهہ ڪنهن سان نہ ڪجو؛</verse>
				<verse number="22">۽ چيائين تہ ابن آدم ضرور گهڻيون سختيون سهندو، ۽ بزرگ، ۽ سردار ڪاهن، ۽ فقيهہ کيس رد ڪري ۽ ماري وجهندا، ۽ هو ٽن ڏينهن کانپوءِ وري جي اُٿندو.</verse>
				<verse number="23">۽ سڀني کي چيائين، تہ جيڪو منهنجي پٺيان اچڻ گهُري، سو پنهنجي خوديءَ کي ماري، ۽ ڏهاڙي پنهنجو صليب کڻي، ۽ منهنجي پٺيان اچي.</verse>
				<verse number="24">ڇوتہ جيڪو ڀانئين تہ پنهنجي جان بچايان سو اُها وڃائيندو، پر جيڪو منهنجي ڪاڻ پنهنجي جان وڃائيندو، سو ئي اُنهي کي بچائيندو.</verse>
				<verse number="25">ڇوتہ جيڪڏهن ماڻهو سڄي دنيا کڻي هٿ ڪري، ۽ پنهنجي جان وڃائي يا اُنهي جو نقصان کڻي، تہ ڪهڙو فائدو ٿيندس؟</verse>
				<verse number="26">ڇالاءِ جو جيڪو مون کان ۽ منهنجي ڪلام کان شرمائيندو، تنهن کان جڏهن ابن آدم، پنهنجي جلال، ۽ پنهنجي پيءُ ۽ پاڪ ملائڪن جي جلال ۾ ايندو، تڏهن شرمائيندو.</verse>
				<verse number="27">پر آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي هت بيٺا آهن تن مان ڪي، جيستائين خدا جي بادشاهت کي نہ ڏسن، تيستائين ڪنهن بہ طرح موت جو مزو نہ چکندا.</verse>
				<verse number="28">۽ انهن ڳالهين کانپوءِ اٽڪل اٺ ڏينهن گذريا، تہ هيئن ٿيو جو پطرس ۽ يوحنا ۽ يعقوب کي پاڻ سان گڏ وٺي هڪڙي ٽڪر تي دعا گهرڻ لاءِ ويو.</verse>
				<verse number="29">۽ دعا پئي گهُريائين، تہ سندس منهن جي شڪل بدلجي ويئي، ۽ سندس پوشاڪ نوراني ٿي پيئي، ۽ وڄ وانگر چمڪڻ لڳي.</verse>
				<verse number="30">۽ ڏسو، ٻن ڄڻن پئي ساڻس ڳالهيون ڪيون، جي موسيٰ ۽ ايلياہ هئا؛</verse>
				<verse number="31">جن جلال ۾ ڏيکاري ڏني، ۽ سندس لاڏاڻي بابت ڳالهيون پئي ڪيائون، جو يروشلم ۾ ٿيڻو هو.</verse>
				<verse number="32">هاڻي پطرس ۽ سندس سنگتي ننڊاکڙا هئا: ۽ جڏهن سجاڳ ٿيا، تڏهن سندس جلال ڏسڻ ۾ آين، ۽ ٻہ ماڻهو ساڻس بيٺل ڏٺائون.</verse>
				<verse number="33">۽ جڏهن اُهي وٽانئس ويا ٿي، تڏهن هيئن ٿيو، جو پطرس، يسوع کي چيو، تہ اي سائين، اسان جو هتي رهڻ چڱو آهي، تنهنڪري ٽي تنبو کڻي ٿا کوڙيون، هڪڙو تو لاءِ، ٻيو موسيٰ لاءِ، ۽ ٽيون ايلياہ لاءِ: پر خبر ئي ڪانہ ٿي پيس تہ ڇا ٿو چوي.</verse>
				<verse number="34">۽ اڃا هن ائين پئي چيو، تہ ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي: ۽ جڏهن هو ڪڪر ۾ گهڙڻ لڳا، تڏهن ڊڄي ويا.</verse>
				<verse number="35">۽ ڪڪر مان آواز آيو، تہ هيءُ منهنجو فرزند آهي، منهنجو چونڊيل، اوهين سندس ٻُڌو.</verse>
				<verse number="36">۽ جڏهن اُهو آواز آيو، تڏهن يسوع اڪيلو ئي ڏسڻ ۾ آيو. پوءِ هنن کڻي ماٺ ڪئي، ۽ جيڪي ڳالهيون ڏٺيون هئائون، تن مان ڪابہ اُنهن ڏينهن ۾ ڪنهن سان نہ ڪيائون.</verse>
				<verse number="37">۽ ٻئي ڏينهن جڏهن هو جبل تان لٿا، تڏهن هيئن ٿيو جو هڪ وڏو ميڙاڪو اچي گڏيس.</verse>
				<verse number="38">۽ ڏسو، اُنهي ميڙاڪي مان هڪڙي ماڻهوءَ واڪو ڪري چيو، تہ اي اُستاد، آئون توکي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجي پٽ کي اچي ڏس، ڇوتہ هو منهنجو سڪيلڌو آهي.</verse>
				<verse number="39">۽ ڏسو، هڪڙو ڀوت اچي ٿو وٺيس، ۽ هو اوچتو رڙيون وٺيو ڪري، ۽ اهڙو ٿو ولوڙيس جو گجي پئي نڪريس؛ ۽ چچريو ڇڏيس، ۽ مس مس ٿو منجهانئس نڪري.</verse>
				<verse number="40">مون تنهنجن شاگردن کي عرض ڪيو تہ اُن کي ڪڍو، پر اُهي ڪڍي ڪين سگهيس.</verse>
				<verse number="41">تڏهن يسوع ورندي ڏيئي چيو، تہ اي بي اعتقاد ۽ ضدي قوم، آئون اوهان سان ڪيستائين هوندس، ۽ ڪيستائين اوهان جي سهندس؟ پنهنجي پٽ کي هتي وٺي اچ.</verse>
				<verse number="42">۽ اڃا هو آيو پئي تہ ڀوت کيس هيٺ ڪيرائي وڌو ۽ ڏاڍو ولوڙيائينس. پر يسوع ڀوت کي جهڻڪيو، ۽ ڇوڪر کي چڱو ڀلو ڪري پڻس جي حوالي ڪيائين.</verse>
				<verse number="43">۽ سڀيئي خدا جي وڏي قدرت ڏسي حيرانيءَ ۾ پئجي ويا. پر جڏهن سڀني ماڻهن هن جي ڪمن تي عجب پي کاڌو، تڏهن هن پنهنجن شاگردن کي چيو تہ</verse>
				<verse number="44">هي ڳالهيون پنهنجين دلين ۾ ڄمائي ڇڏيو، تہ ابن آدم ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="45">پر هنن اها ڳالهہ نہ سمجهي، ۽ اُها کانئن ڳجهي رهي، انهي لاءِ تہ اُها نہ سمجهن: ۽ اُنهي بابت کانئس پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.</verse>
				<verse number="46">۽ اُهي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا، تہ اسان ۾ سڀ کان وڏو ڪير آهي؟</verse>
				<verse number="47">پر يسوع سندن دل جو اِهو خيال سهي ڪري هڪڙو ننڍو ٻار وٺي پنهنجي ڀر ۾ بيهاريو،</verse>
				<verse number="48">۽ هنن کي چيائين، تہ جيڪو هن ننڍي ٻار کي منهنجي نالي قبول ڪندو، سو مون کي قبول ٿو ڪري؛ ۽ جيڪو مون کي قبول ڪندو، سو اُنهي کي قبول ٿو ڪري جنهن مون کي موڪليو آهي: ڇالاءِ جو جيڪو اوهان سڀني ۾ ننڍو آهي سو ئي وڏو ٿيندو.</verse>
				<verse number="49">تڏهن يوحنا وراڻي ڏيئي چيس تہ اي سائين، اسان هڪڙي ماڻهوءَ کي تنهنجي نالي ڀوت ڪڍندو ڏٺو؛ ۽ منع ڪئي سونس، ڇوتہ هو اسان سان گڏ نٿو هلي.</verse>
				<verse number="50">پر يسوع چين تہ منع نہ ڪريوس؛ ڇالاءِ جو جيڪو اوهان جي برخلاف نہ آهي سو اوهان جي پاسي آهي.</verse>
				<verse number="51">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سندس مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينهن ويجها آيا، تڏهن پڪو ارادو ڪري يروشلم ڏانهن رخ رکيائين تہ اوڏانهن وڃان.</verse>
				<verse number="52">۽ پاڻ کان اڳي قاصد موڪليائين: ۽ اُهي روانا ٿيا، ۽ سندس واسطي تياري ڪرڻ لاءِ سامرين جي هڪڙي ڳوٺ ۾ ويا.</verse>
				<verse number="53">پر اُنهن کيس نہ قبوليو، ڇالاءِ جو سندس رخ يروشلم ڏانهن هو.</verse>
				<verse number="54">تڏهن سندس شاگردن يعقوب ۽ يوحنا هي ڏسي چيو، تہ اي خداوند، تنهنجي مرضي هجي تہ اسين حڪم ڪريون تہ آسمان مان باهہ اچي اُنهن کي برباد ڪري ڇڏي؟</verse>
				<verse number="55">پر هن ڦري جهڻڪين. (۽ چيائين تہ اوهين نٿا ڄاڻو تہ ڪهڙي روح جا آهيو.</verse>
				<verse number="56">ڇالاءِ جو ابن آدم ماڻهن جي جان برباد ڪرڻ لاءِ نہ، پر بچائڻ لاءِ آيو آهي.) پوءِ اُهي ٻئي ڳوٺ ڏانهن هليا ويا.</verse>
				<verse number="57">۽ اُهي واٽ وٺيو پئي ويا، تہ هڪڙي ماڻهوءَ چيس، تہ جيڏانهن تون ويندين، اوڏانهن آئون بہ تنهنجي پٺيان هلندس.</verse>
				<verse number="58">يسوع چيس، تہ لومڙين کي ڏريون آهن، ۽ هوا جي پکين کي آکيرا آهن، پر ابن آدم کي اُها جاءِ ڪانهي جتي کڻي مٿو رکي.</verse>
				<verse number="59">۽ ٻئي کي چيائين، تہ تون منهنجي پٺيان اچ. پر هن چيس تہ اي خداوند، مون کي موڪل ڏي تہ پهريائين وڃي پنهنجي پيءُ کي دفن ڪريان.</verse>
				<verse number="60">پر هن چيس، تہ ڇڏ تہ مڙدا پنهنجن مڙدن کي دفن ڪن، پر تون وڃي خدا جي بادشاهت جي خبر ماڻهن کي ٻڌاءِ.</verse>
				<verse number="61">۽ ٻئي هڪڙي چيو، تہ اي خداوند، آئون تنهنجي پٺيان هلندس، پر پهريائين ڇڏينم تہ پنهنجي گهر جي ماڻهن کان موڪلائي اچان.</verse>
				<verse number="62">پر يسوع چيس تہ جيڪو پنهنجو هٿ هر تي رکي وري پٺتي ٿو نهاري، سو خدا جي بادشاهت جي لائق نہ آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">هاڻي انهي کانپوءِ خداوند ٻيا ستر ڄڻا مقرر ڪيا، ۽ اُنهن کي پاڻ کان اڳ ۾ سڀ ڪنهن شهر ۽ هنڌ، جتي پاڻ وڃڻو هو، اُتي ٻہ ٻہ ڪري موڪليائين.</verse>
				<verse number="2">۽ اُنهن کي چيائين تہ فصل تہ ڀلو آهي، پر پورهيت ٿورا آهن: تنهنڪري فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو، تہ پنهنجي فصل جي لاءِ پورهيت ڏياري موڪلي.</verse>
				<verse number="3">وڃو: ڏسو، آئون ڄڻ اوهان گهيٽن کي بگهڙن منجهہ ٿو موڪليان.</verse>
				<verse number="4">اوهين پاڻ سان ڪابہ ڳوٿري يا جهولي يا جتي نہ کڻجو، ۽ ڪنهن کي واٽ تي سلام نہ ڪجو.</verse>
				<verse number="5">۽ جنهن ڪنهن گهر ۾ وڃو، اُتي پهريائين چئجو تہ هن گهر کي سلام.</verse>
				<verse number="6">جيڪڏهن اُتي ڪو سلامتيءَ جو فرزند هوندو، تہ اوهان جو سلام مٿس رهندو، نہ تہ موٽي اوهان وٽ ايندو.</verse>
				<verse number="7">پوءِ اُنهي گهر ۾ ٽڪي پئجو، ۽ جيڪي ڪي اوهان کي ڏين، سو کائيندا پيئندا رهجو، ڇوتہ مزور پنهنجيءَ مزوريءَ جو حقدار آهي. گهر گهر نہ گهُمجو.</verse>
				<verse number="8">۽ جنهن جنهن شهر ۾ وڃو، ۽ اُتي ماڻهو اوهان کي قبول ڪن، تہ جيڪي ڪي اوهان جي اڳيان آڻي رکن سو کائجو:</verse>
				<verse number="9">۽ جيڪي اتي بيمار هجن تن کي چڱو ڀلو ڪجو، ۽ انهن کي چئجو تہ خدا جي بادشاهت اچي ويجهي پهتي اٿوَ.</verse>
				<verse number="10">پر جنهن جنهن شهر ۾ وڃو، ۽ جي اتي ماڻهو اوهان کي نہ قبولين، تہ انهن جي گهٽين ۾ نڪري هيئن چئجو،</verse>
				<verse number="11">تہ اوهان جي شهر جي مٽي جا اسان جي پيرن تي لڳي پيئي آهي سا بہ اوهان تي ڇنڊي ٿا ڇڏيون: پر ايترو ڄاڻجو تہ خدا جي بادشاهت ويجهي آئي آهي.</verse>
				<verse number="12">آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ انهي شهر کان سدوم شهر لاءِ اهو ڏينهن وڌيڪ سولو ٿيندو.</verse>
				<verse number="13">افسوس آهي توتي، اي خرازين! افسوس آهي توتي، اي بيت صيدا! ڇوتہ جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ها، تہ جيڪر اُهي کٿو ڍڪي، ۽ رک وجهي، ڪڏهانڪر ويهي توبهہ ڪن ها.</verse>
				<verse number="14">پر عدالت ۾ صور ۽ صيدا جو حال اوهان جي حال کان وڌيڪ سهڻ لائق ٿيندو.</verse>
				<verse number="15">۽ اي ڪفرناحوم، ڇا تون ڀانئين ٿو تہ توکي آسمان تائين چاڙهيندا؟ نہ، اُٽلندو توکي لاهي هيٺ عالم ارواح ۾ وجهندا.</verse>
				<verse number="16">۽ جيڪو اوهان جي ٿو ٻُڌي، سو منهنجي ٿو ٻُڌي؛ ۽ جيڪو اوهان کي نٿو مڃي، سو مون کي نٿو مڃي؛ ۽ جيڪو مون کي نٿو مڃي، سو اُنهي کي نٿو مڃي جنهن مون کي موڪليو آهي.</verse>
				<verse number="17">پوءِ اُهي ستر ڄڻا خوش ٿي موٽي آيا، ۽ اچي چيائونس، تہ اي خداوند، تنهنجي نالي تي ڀوت بہ اسان جي تابع آهن.</verse>
				<verse number="18">تڏهن پاڻ انهن کي چيائين، تہ مون شيطان کي وڄ وانگر آسمان مان ڪِرندو ڏٺو.</verse>
				<verse number="19">ڏسو، مون اوهان کي اختياري ڏيئي ڇڏي آهي، تہ سپن ۽ وڇن کي لتاڙي ڇڏيو، ۽ دشمن جي سموري زور تي غالب پئجي وڃو، ۽ ڪنهن بہ شيءِ مان اوهان کي ايذاءُ ڪڏهن ڪين رسندو.</verse>
				<verse number="20">پر انهيءَ ڪري خوش نہ ٿيو، تہ روح اوهان جي تابع آهن، پر هن ڪري خوش ٿيو، تہ اوهان جا نالا آسمان ۾ لکيل آهن.</verse>
				<verse number="21">انهيءَ گهڙيءَ هن پاڪ روح ۾ سرهو ٿي چيو، تہ اي ابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ، آئون تنهنجو شڪر ٿو ڪريان تہ تو هي ڳالهيون ڏاهن ۽ سمجهہ وارن کان ڳجهيون رکيون آهن، ۽ ٻارڙن کي ظاهر ڪري ڏيکاريون اٿيئي: هائو، ابا، ڇالاءِ جو تنهنجي نظر ۾ ائين چڱو آيو.</verse>
				<verse number="22">سڀيئي شيون مون کي منهنجي پيءُ سونپي ڇڏيون آهن: ۽ پيءُ کانسواءِ ڪوبہ ڪونہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آهي؛ نڪي پٽ کانسواءِ، ۽ انهي کانسواءِ جنهن تي پٽ اُهو ظاهر ڪري؛ ٻئي ڪنهن کي اها خبر آهي تہ پيءُ ڪير آهي؟</verse>
				<verse number="23">۽ شاگردن ڏانهن منهن ڪري انهن کي پنهنجيءَ پر ۾ چيائين، تہ مبارڪ آهن اُهي اکيون جي اِهو ٿيون ڏسن جيڪي اوهين پيا ڏسو:</verse>
				<verse number="24">ڇوتہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ گهڻن نبين ۽ بادشاهن جي خواهش هئي، تہ جيڪي اوهين ٿا ڏسو، سو ڏسن، پر نہ ڏٺائون، ۽ جيڪي اوهين ٿا ٻُڌو سو ٻُڌن، پر نہ ٻُڌائون.</verse>
				<verse number="25">۽ ڏسو، هڪڙو شريعت جو اُستاد اُٿي بيٺو، ۽ کيس آزمائڻ لاءِ چيائين، تہ اي اُستاد، آئون ڇا ڪريان جو هميشہ جي زندگيءَ جو وارث ٿيان؟</verse>
				<verse number="26">تڏهن پاڻ اُنهي کي چيائين، تہ شريعت ۾ ڇا لکيل آهي؟ توکي پڙهڻ ۾ ڪيئن ٿو اچي؟</verse>
				<verse number="27">هن ورندي ڏيئي چيو تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجيءَ سڄيءَ دل سان، ۽ پنهنجيءَ سڄيءَ جان سان، ۽ پنهنجيءَ سڄيءَ طاقت سان، ۽ پنهنجي سڄي عقل سان پيار ڪر، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر.</verse>
				<verse number="28">تنهن تي هن کي چيائين، تہ تو پورو جواب ڏنو آهي، ائين ڪر تہ زندگي ملندءِ.</verse>
				<verse number="29">پر هن پاڻ کي راستباز ٺهرائڻ لاءِ يسوع کي چيو، تہ منهنجو پاڙيسري ڪير آهي؟</verse>
				<verse number="30">يسوع وراڻي ڏيئي چيس، تہ هڪڙو ماڻهو يروشلم کان يريحو ڏانهن پئي ويو؛ ۽ ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، جن ڪپڙا بہ لاٿس، ۽ مار بہ ڏنائونس، ۽ اڌ مُئو ڪري ڇڏي ويس.</verse>
				<verse number="31">۽ اتفاقاَ هڪڙو ڪاهن انهي رستي کان پئي ويو، ۽ جڏهن هن کي ڏٺائين تہ پاسو ڪري هليو ويو.</verse>
				<verse number="32">۽ انهيءَ طرح هڪڙو ليوي بہ اُنهي هنڌ آيو، سو بہ هن کي ڏسي پاسو ڪري هليو ويو.</verse>
				<verse number="33">پر هڪڙو سامري مسافري ڪندي اچي اُتان نڪتو: اُن جڏهن کيس ڏٺو تڏهن ڪهل آيس،</verse>
				<verse number="34">۽ وٽس اچي سندس ڦٽن تي تيل ۽ دارون مکي اُنهن کي پَٽِي ٻَڌائين؛ ۽ پنهنجي وهٽ تي چاڙهي مهمان سراءِ ۾ وٺي آيس، ۽ سندس خدمت ڪيائين.</verse>
				<verse number="35">۽ ٻئي ڏينهن ٻہ دينار ڪڍي سراءِ واري کي ڏنائين، ۽ چيائينس تہ هن جي خدمت ڪج، ۽ جيڪي وڌيڪ خرچ ٿئي ئي سو آئون وري موٽندي اچي ڏيندوسانءِ.</verse>
				<verse number="36">هاڻي ڇا ٿو ڀانئين تہ اُهو شخص جو ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، تنهن جو هنن ٽنهي ڄڻن مان ڪير پاڙيسري ٿيو؟</verse>
				<verse number="37">تنهن تي هن چيو تہ جنهن کي مٿس ڪهل آئي. يسوع چيس تہ تون بہ وڃي ائين ئي ڪر.</verse>
				<verse number="38">هاڻي جڏهن هو پنهنجو رستو وٺي پئي ويا، تہ هو هڪڙي ڳوٺ ۾ ويو، ۽ اُتي مارٿا نالي هڪڙي زال هن کي پنهنجي گهر آڻي ٽڪايو.</verse>
				<verse number="39">۽ مريم نالي سنديس ڀيڻ هئي، جنهن يسوع جي پيرن وٽ ويهي سندس ڪلام ويٺي ٻُڌو.</verse>
				<verse number="40">پر مارٿا گهڻو ڪم ڪار ڪري ٿڪجي پيئي، ۽ وٽس اچي چيائين، تہ اي خداوند، توکي خيال ڪونہ ٿو پوي تہ منهنجي ڀيڻ مون کي ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ اڪيلو کڻي ڇڏيو آهي؟ هاڻي چئينس تہ اچي منهنجي مدد ڪري.</verse>
				<verse number="41">پر خداوند وراڻي ڏيئي چيس، تہ اي مارٿا، اي مارٿا، تون گهڻين ڳالهين جي فڪر ۽ هلاکيءَ ۾ آهين.</verse>
				<verse number="42">پر هڪڙي ڳالهہ زيادہ ضروري آهي؛ ۽ مريم اُهو چڱو حصو چونڊي کنيو آهي، جو کانئس ڪين کسبو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيو تہ هن هڪڙي هنڌ ويٺي دعا گهري، ۽ جڏهن گهري چڪو، تڏهن سندس شاگردن مان هڪڙي اچي چيس، تہ اي خداوند، جيئن يوحنا پنهنجن شاگردن کي سيکاريو هو، تيئن تون بہ اسان کي دعا گهرڻ سيکار.</verse>
				<verse number="2">هن کين چيو، تہ جڏهن اوهين دعا گهرو، تڏهن هيئن چئو تہ اي بابا، تون جو آسمان ۾ آهين، تنهنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي، تنهنجي بادشاهي اچي.</verse>
				<verse number="3">اسان جي ڏهاڙيءَ جي ماني هر روز اسان کي ڏي.</verse>
				<verse number="4">۽ اسان جا گناهہ اسان کي معاف ڪر؛ ڇالاءِ تہ جيڪي اسان جا قرضدار آهن، تن کي اسين معاف ٿا ڪريون، ۽ اسان کي آزمائش ۾ نہ آڻ.</verse>
				<verse number="5">۽ اُنهن کي چيائين، تہ اوهان منجهان اُهو ڪير آهي جنهن جو ڪو دوست هجي، سو آڌيءَ رات وٽس اچي چوي، تہ اي دوست، مون کي ٽي مانيون اُڌاريون ڏي؛</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ تہ منهنجو هڪڙو دوست مسافريءَ تان مون وٽ آيو آهي، ۽ مون وٽ ڪي بہ ڪينهي جو کڻي سندس اڳيان رکان؛</verse>
				<verse number="7">۽ اُهو اندران وراڻي ڏيئي چوي، تہ مون کي هلاک نہ ڪر: هاڻي در پوريو پيو آهي، ۽ منهنجا ٻار مون سان گڏ هنڌ تي سُتا پيا آهن، سو آئون اُٿي توکي ڏيئي نٿو سگهان.</verse>
				<verse number="8">آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ جيتوڻيڪ هو دوستيءَ جي ناتي ڪري اُٿي هن کي نہ بہ ڏئي، تڏهن بہ هن جي گهڻي ليلائڻ ڪري اُٿندو، ۽ جيتريون هن کي کپنديون هونديون، اوتريون ڏيندس.</verse>
				<verse number="9">۽ آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ گهُرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ، کڙڪايو تہ پَٽجيوَ.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ تہ جيڪو ڪو گهُري ٿو تنهن کي ملي ٿو، ۽ جيڪو ڳولي ٿو، تنهن کان لڀجي ٿو ۽ جيڪو کڙڪائي ٿو، تنهن جي لاءِ پَٽجي ٿو.</verse>
				<verse number="11">۽ اوهان منجهان اُهو ڪهڙو پيءُ آهي، جو پٽس اچي ماني گهُريس، تہ کيس پهڻ ڏئي؟ يا مڇي گهُريس، تہ مڇيءَ جي بدران سپ ڏئيس؟</verse>
				<verse number="12">يا بيدو گهُريس، تہ وڇون ڏئيس؟</verse>
				<verse number="13">پوءِ جيڪڏهن اوهين جي بڇڙا آهيو، سي پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيئي ٿا ڄاڻو، تہ ڪيترو نہ وڌيڪ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو اُنهن کي پاڪ روح ڏيندو، جيڪي کانئس گهُرن ٿا.</verse>
				<verse number="14">۽ پاڻ هڪڙي گونگي ڀوت کي ٿي ڪڍيائين، ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ڀوت نڪري ويو، تڏهن اُهو گونگو ڳالهائڻ لڳو، ۽ ماڻهو ڏاڍي عجب ۾ پيا.</verse>
				<verse number="15">پر اُنهن مان ڪن چيو تہ هيءُ ڀوتن جي سردار بعل زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍي.</verse>
				<verse number="16">۽ ٻين کيس آزمائڻ لاءِ چيو، تہ اسان کي ڪا آسمان مان نشاني ڏيکار.</verse>
				<verse number="17">پر هن سندن خيال سهي ڪري چين، تہ جنهن بادشاهت ۾ ڦيٽهڙو ٿو پوي، سا برباد ٿيو وڃي، ۽ جنهن گهر ۾ ڏڦيڙ ٿو پوي، سو گهر ڦٽيو پوي.</verse>
				<verse number="18">۽ جي شيطان بہ پنهنجي برخلاف ٿئي تہ سندس بادشاهت ڪيئن بيهي سگهندي؟ ڇوتہ اوهين منهنجي نالي چئو ٿا تہ هي بعل زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍي.</verse>
				<verse number="19">سو جي آئون بعل زبول جي مدد سان ڀوتن کي ڪڍان ٿو، تہ ڀلا اوهان جا پٽ ڪنهن جي مدد سان ٿا اُنهن کي ڪڍن؟ تنهنڪري اُهي ئي اوهان جو انصاف ڪندا.</verse>
				<verse number="20">پر جيڪڏهن آئون خدا جي قدرت سان ڀوتن کي ڪڍان ٿو، تہ تڏهن خدا جي بادشاهت اوهان وٽ اچي سهڙي آهي.</verse>
				<verse number="21">جڏهن ڪو طاقت وارو ماڻهو هٿيار پنوهار ٻَڌي پنهنجيءَ حويليءَ جي سنڀال ٿو ڪري، تڏهن ان جو مال متاع سلامت ٿو رهي؛</verse>
				<verse number="22">پر جي کانئس ڪو زور وارو مٿس چڙهي ڪري اچي ٿو غالب پويس، تہ پوءِ جن هٿيارن تي سندس زور هو، سي سڀ کسيو ٿو وٺيس، ۽ سندس مال لُٽي ورهائي ٿو ڇڏي.</verse>
				<verse number="23">جيڪو مون سان نہ آهي، سو منهنجي برخلاف آهي؛ ۽ جيڪو مون سان شامل ٿي گڏ نٿو ڪري، سو ڇڙوڇڙ ڪيو ڇڏي.</verse>
				<verse number="24">۽ جڏهن ڪو ڀوت ماڻهوءَ مان نڪري ٿو وڃي، تڏهن اُهو برن پٽن ۾ آرام ڳوليندو ٿو وتي، ۽ جڏهن آرام نٿو مليس، تڏهن چوي ٿو تہ آئون موٽي پنهنجي گهر ويندس، جتان نڪتو آهيان.</verse>
				<verse number="25">۽ جڏهن اچي ٿو تہ گهر کي ٻُهاريل ۽ سينگاريل ٿو ڏسي.</verse>
				<verse number="26">تڏهن هو وڃي پاڻ کان بہ خراب ست ٻيا ڀوت پاڻ سان وٺي ٿو اچي؛ ۽ اُهي اندر گهڙي اُتي رهن ٿا: ۽ انهي ماڻهوءَ جي پوئين حالت پهرينءَ کان بہ خراب ٿيو پوي.</verse>
				<verse number="27">هن اهي ڳالهيون پئي ڪيون تہ ڇا ٿيو جو ميڙاڪي مان هڪڙي زال وڏي سڏ چيس تہ مبارڪ آهي اُهو پيٽ، جنهن ۾ تون هئين، ۽ اُهي ٿڻ، جن کي تو ڌاتو.</verse>
				<verse number="28">تنهن تي هن چيو، تہ هائو، پر وڌيڪ مبارڪ آهن اُهي، جي خدا جو ڪلام ٻُڌن ٿا ۽ ان تي عمل ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="29">۽ جڏهن خلق وٽس پئي مڙي، تڏهن چوڻ لڳو تہ هن زماني جا ماڻهو بڇڙا آهن، اُهي نشاني ٿا گهرن، ۽ اُنهن کي يوناہ نبيءَ جي نشانيءَ ڌاران ٻي ڪابہ نشاني ڪانہ ڏني ويندي.</verse>
				<verse number="30">ڇوتہ جيئن نينواهہ جي ماڻهن لاءِ يوناہ نشان ٿيو، تيئن هن زماني جي ماڻهن لاءِ بہ ابن آدم نشاني ٿيندو.</verse>
				<verse number="31">ڏکڻ جي ملڪہ هن زماني جي ماڻهن سان گڏ عدالت ۾ اُٿي بيهندي، ۽ اُنهن کي ڏوهاري ٺهرائيندي، ڇالاءِ جو هوءَ ڏورانهين ملڪ کان سليمان جي سياڻپ ٻُڌڻ لاءِ آئي؛ ۽ ڏسو، هتي هڪڙو آهي جو سليمان کان بہ وڏو آهي.</verse>
				<verse number="32">نينواهہ جا ماڻهو هن زماني جي ماڻهن سان گڏ عدالت ۾ اُٿي بيهندا، ۽ اُنهن کي ڏوهاري ٺهرائيندا، ڇالاءِ جو اُنهن يوناہ جي مناديءَ تي توبهہ ڪئي؛ ۽ ڏسو، هتي هڪڙو آهي جو يوناہ کان بہ وڏو آهي.</verse>
				<verse number="33">ڪوبہ شخص ڏيئو ٻاري بهري ۾ يا ٽوئي هيٺ نہ، پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي، تہ جيڪي اندر اچن تن کي سوجهرو ملي.</verse>
				<verse number="34">بدن جو ڏيئو آهي تنهنجي اک: سو جي تنهنجي اک برابر هوندي، تہ تنهنجو سڄو بدن بہ روشنيءَ سان ڀريل هوندو، پر جي بڇڙي هوندي، تہ تنهنجو بدن بہ اونداهيءَ سان ڀريل هوندو.</verse>
				<verse number="35">تنهنڪري سنڀال، تہ تو ۾ جا روشني آهي سا اونداهي تہ ڪينهي؟</verse>
				<verse number="36">تنهنڪري جيڪڏهن تنهنجو سڄو بدن روشنيءَ سان ڀريل آهي، ۽ ڪنهن بہ ڀاڱي ۾ اونداهي نہ آهي، تہ ساڳيو جيئن ڏيئو پنهنجي تجليءَ سان توکي سوجهرو ٿو ڏئي، تيئن تنهنجو سڄو ئي بدن روشنيءَ سان ڀريل رهندو.</verse>
				<verse number="37">هاڻي اڃا ائين پئي چيائين، تہ هڪڙي فريسي اچي منٿ ڪيس تہ مون وٽ هلي ماني کاءُ. ۽ هو اندر وڃي ماني کائڻ ويٺو.</verse>
				<verse number="38">۽ جڏهن فريسيءَ ڏٺو تہ کائڻ کان اڳي پهريائين هٿ ڪين ڌوتائين، تڏهن ڏاڍو عجب لڳس.</verse>
				<verse number="39">تڏهن خداوند چيس، تہ اوهين فريسي وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو ٻاهريون پاسو ملي صاف ڪريو ٿا، پر اوهان جو اندر ڦرلٽ ۽ برائي سان ڀريو پيو آهي.</verse>
				<verse number="40">اي نادانو، جنهن ٻاهر ٺاهيو، اندر بہ اُنهي ئي ڪين ٺاهيو ڇا؟</verse>
				<verse number="41">پر جيڪي اندر جو آهي سو خيرات ڪري ڇڏيو؛ تہ ڏسو، سڀ ڪجهہ اوهان لاءِ پاڪ ٿيندو.</verse>
				<verse number="42">پر افسوس اوهان تي آهي، فريسيو! ڇاڪاڻ تہ ڦودني ۽ سداب ۽ سڀ ڪنهن ڀاڄيءَ مان ڏهون حصو ڏيو ٿا، پر انصاف ۽ خدا جو پيار ڇڏي ڏنو اٿوَ: پر واجب هو تہ هي بہ ڪريو ها ۽ اُهو بہ نہ ڇڏي ڏيو ها.</verse>
				<verse number="43">اي فريسيو، افسوس اوهان تي! ڇالاءِ جو اوهين عبادتخانن ۾ اعليٰ درجي جون جايون پسند ٿا ڪريو، ۽ اوهان کي وڻي ٿو تہ بازارن ۾ ماڻهو اسان کي سلام ڪن.</verse>
				<verse number="44">افسوس اوهان تي! ڇالاءِ جو اوهين اُنهن قبرن وانگر آهيو جي ڏسڻ ۾ ئي ڪين ٿيون اچن، جن تي ماڻهو هلن ٿا، پر انهن جي خبر ڪانہ ٿي رهين.</verse>
				<verse number="45">تڏهن شريعت جي هڪڙي عالم وراڻي ڏيئي چيو، تہ اي اُستاد، هي جيڪي تون چئين ٿو تنهن ۾ اسان کي بہ طعنو ٿو هڻين.</verse>
				<verse number="46">هن چيو، تہ اي شريعت جا عالمو، افسوس اوهان تي! جو اوهين ماڻهن تي اهڙا بار ٿا رکو جي کڄڻ مشڪل آهن، پر پاڻ انهن کي هڪڙي آڱر بہ نٿا لايو.</verse>
				<verse number="47">افسوس اوهان تي! جو اوهين نبين جون قبرون ٿا ٺاهيو، جن کي اوهان جي ابن ڏاڏن مارائي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="48">سو اوهين شاهد آهيو، ۽ جيڪي اوهان جي ابن ڏاڏن ڪيو، سو اوهان کي پسند آهي: ڇالاءِ تہ هنن کين مارايو، ۽ اوهين سندن قبرون پيا ٺاهيو.</verse>
				<verse number="49">انهي لاءِ خدا جي دانائيءَ فرمايو آهي، تہ آئون نبين ۽ رسولن کي اُنهن وٽ موڪليندس، جن مان اُهي ڪن کي ماري وجهندا، ۽ ڪن کي ستائيندا؛</verse>
				<verse number="50">انهي لاءِ تہ سڀني نبين جو خون، جو دنيا جي شروعات کان وٺي وهايو ويو آهي، تنهن جو هن زماني جي ماڻهن کان حساب وٺجي:</verse>
				<verse number="51">يعني هابيل جي خون کان وٺي زڪرياہ جو خون توڻي، جو قربانگاهہ ۽ پاڪ جاءِ جي وچ ۾ مارجي ويو: هائو، آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هن زماني جي ماڻهن کان انهي جو حساب وٺبو.</verse>
				<verse number="52">اي شريعت جا عالمو، افسوس اوهان تي! جو اوهان علم جي ڪنجي کسي ورتي: اوهين پاڻ تہ اندر ڪين گهڙيا، ۽ جيڪي اندر گهڙيا ٿي، تن کي بہ اوهان روڪيو.</verse>
				<verse number="53">۽ جڏهن هو اُتان نڪتو، تڏهن فقيهہ ۽ فريسي ورائي ويس، ۽ ڇيڙڻ لڳس تہ گهڻيون ڳالهيون ڪري.</verse>
				<verse number="54">۽ وجهہ پئي ڳوليائون تہ زبان مان ڪي ڪڍي تہ ڦاسايونس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">انهي وچ ۾ جڏهن هزارين ماڻهو اچي مڙيا، ايتري قدر جو هڪ ٻئي تي ڳاهٽ ٿيڻ لڳا، تڏهن پهريائين پهريائين پنهنجن شاگردن کي چوڻ لڳو تہ فريسين جو خمير، جو رياڪاري آهي، تنهن کان سنڀالجو.</verse>
				<verse number="2">پر ڪابہ اهڙي شيءِ ڪانهي جا ڍڪيل آهي ۽ پڌري نہ ٿيندي، ۽ ڳجهي آهي ۽ کولي نہ ويندي.</verse>
				<verse number="3">تنهنڪري جيڪي اوهان اونداهيءَ ۾ ڳالهايو آهي، سو سوجهري ۾ ٻُڌڻ ۾ ايندو، ۽ جيڪي ڳالهيون اوهان اندر ڪوٺين ۾ ڪن سن ۾ ڪيون آهن، تن جو کڏن تي هوڪو پوندو.</verse>
				<verse number="4">۽ آئون اوهان پنهنجن دوستن کي چوان ٿو، تہ جيڪي بدن کي قتل ٿا ڪن، ۽ تنهن کانپوءِ ڪي بہ ڪري نٿا سگهن، تن کان متان ڊنا آهيو.</verse>
				<verse number="5">پر آئون اوهان کي چتايان ٿو تہ ڊڄو انهي کان، جنهن کي مارڻ کانپوءِ جهنم ۾ وجهڻ جي قدرت آهي؛ هائو، آئون اوهان کي چوان ٿو تہ انهي کان ڊڄو.</verse>
				<verse number="6">ٽڪي جون پنج جهرڪيون ڪين ٿيون وڪامن ڇا؟ تہ بہ اُنهن مان هڪڙي بہ خدا کي نٿي وسري.</verse>
				<verse number="7">بلڪ اوهان جي مٿي جا وار بہ سڀ ڳڻيا پيا آهن. متان ڊنا آهيو: اوهان جو ملهہ تہ گهڻين جهرڪين کان مٿي آهي.</verse>
				<verse number="8">۽ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو ماڻهن جي اڳيان مون کي قبول ڪندو، تنهن کي ابن آدم بہ خدا جي ملائڪن اڳيان قبوليندو.</verse>
				<verse number="9">پر جيڪو ماڻهن جي اڳيان منهنجو انڪار ڪندو، تنهن جو خدا جي ملائڪن جي اڳيان انڪار ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="10">۽ جيڪو بہ ماڻهو ابن آدم جي برخلاف ڪا ڳالهہ چوندو، تنهن کي اُها معاف ڪئي ويندي، پر جيڪو بہ ماڻهو پاڪ روح جي بابت ڪفر بڪندو، تنهن کي اُهو معاف نہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="11">۽ جڏهن اُهي اوهان کي عبادتخانن، ۽ حاڪمن، ۽ اختياريءَ وارن اڳيان کڙو ڪن، تڏهن متان فڪر ڪيو اٿوَ، تہ ڪيئن يا ڪهڙي وراڻي ڏيون، يا ڇا چئون:</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو جيڪي اوهان کي چوڻ کپي سو پاڪ روح اُنهي ئي گهڙيءَ اوهان کي سيکاريندو.</verse>
				<verse number="13">۽ اُنهي گوڙ مان هڪڙي کيس چيو، تہ اي اُستاد، منهنجي ڀاءُ کي چئو تہ ورثي مان منهنجو حصو مون کي ورهائي ڏي.</verse>
				<verse number="14">پر هن چيس، تہ اي ادا، مون کي اوهان جي مٿان منصف يا امين ڪنهن ٺهرايو آهي؟</verse>
				<verse number="15">۽ هن چين تہ سنڀالجو، ۽ پاڻ کي هر طرح جي لالچ کان بچائيندا رهجو، ڇالاءِ جو ماڻهوءَ جي حياتيءَ جو مدار سندس ججهي مال متاع تي نہ آهي.</verse>
				<verse number="16">۽ هڪڙو مثال ڏيئي چيائين، تہ ڪنهن شاهوڪار جي ٻني ڏاڍي ڀلي ٿي:</verse>
				<verse number="17">سو دل ۾ خيال پچائي چوڻ لڳو، تہ هاڻي ڇا ڪريان، جو اُها جاءِ ڪانهيم جتي کڻي پنهنجو فصل ڪٺو ڪري رکان؟</verse>
				<verse number="18">تڏهن چوڻ لڳو تہ هيئن ٿو ڪريان، جو ڀانڊا ڊهرائي ٻيا وڏا ٿو جوڙايان، ۽ اُتي پنهنجو سمورو اَن ۽ مال متاع گڏ ڪري ٿو رکان.</verse>
				<verse number="19">۽ پنهنجي جيءَ کي چوندس تہ ٻيلي، تو وٽ ججهو ئي مال پيو آهي جو گهڻيئي سال هلندو؛ هاڻي سکي ٿيءُ، کاءُ پيءُ، ۽ موجون ماڻ.</verse>
				<verse number="20">پر خدا چيس، تہ اي نادان، اڄ ئي رات جو تنهنجي جان توکان ورتي ويندي، پوءِ جيڪي ميڙي رکيو اٿيئي، سو ڪنهن جو ٿيندو؟</verse>
				<verse number="21">تهڙيءَ ريت اُهو ماڻهو آهي جو پنهنجي لاءِ خزانو ميڙي ٿو رکي، پر خدا جي اڳيان شاهوڪار نہ آهي.</verse>
				<verse number="22">۽ هن پنهنجن شاگردن کي چيو تہ انهي لاءِ آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ پنهنجي جان لاءِ فڪر نہ ڪريو تہ ڇا کائينداسين، نڪي پنهنجي بُت لاءِ تہ ڇا پهرينداسين.</verse>
				<verse number="23">ڇالاءِ جو جان کاڌي کان، ۽ بُت ڪپڙن کان وڌيڪ آهي.</verse>
				<verse number="24">ڪانوَن کي جاچي ڏسو، تہ نڪي پوکين نڪي لُڻن، انهن کي نہ ڪوٺي آهي نہ ڀانڊو، تڏهن بہ خدا اُنهن کي کارائي ٿو: پوءِ اوهين پکين کان ڪيترو نہ وڌيڪ آهيو!</verse>
				<verse number="25">اوهان مان ڪير فڪر ڪري پنهنجو قد هڪڙو هٿ وڌائي ٿو سگهي؟</verse>
				<verse number="26">پوءِ جڏهن اوهان کان ههڙي خسيس ڳالهہ بہ ٿي نٿي سگهي، تڏهن ٻين شين لاءِ فڪر ڇو ٿا ڪريو؟</verse>
				<verse number="27">سوسن جا گل تہ جاچي ڏسو تہ ڪيئن ٿا اُڀرن؛ اُهي نڪي پورهيو ڪن، نڪي ڪَتين، تڏهن بہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خود سليمان پنهنجي سموري جلال هوندي بہ، اُنهن مان هڪڙي جهڙو بہ پهريل نہ هو.</verse>
				<verse number="28">پر جيڪڏهن جهنگ جو گاهہ، جو اڄ آهي ۽ سڀاڻي کڻي کوري ۾ اُڇلائبو، تنهن کي خدا اهڙيءَ طرح ٿو پهرائي، تڏهن اي ڪم اعتقادو، اوهان کي تہ پاڻ اُنهن کان گهڻو وڌيڪ ڪين پهرائيندو ڇا؟</verse>
				<verse number="29">۽ اها تلاش نہ ڪريو، تہ ڇا کائينداسين ۽ ڇا پيئنداسين؟ نڪي دل هڻو.</verse>
				<verse number="30">ڇوتہ دنيا جون قومون انهن سڀني شين جي ڳولا ۾ آهن. پر اوهان جي پيءُ کي خبر آهي تہ اوهان کي اُنهن شين جي گهُرج آهي.</verse>
				<verse number="31">پر اوهين خدا جي بادشاهت جي ڳولا ڪريو، ۽ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون.</verse>
				<verse number="32">اي ننڍڙا ڌڻ، ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو اوهان جي پيءُ جي اها مرضي آهي تہ اوهان کي بادشاهت عطا ڪري.</verse>
				<verse number="33">جيڪي اٿوَ سو وڪڻي خيرات ڪريو؛ پنهنجي لاءِ اهڙيون ڳوٿريون ٺاهيو جي پراڻيون نہ ٿين؛ يعني اهڙو مال آسمان ۾ ڪَٺو ڪري رکو جو کُٽي ئي نہ، جتي نہ چور ويجهو اچي، نہ ڪينئون خراب ڪري.</verse>
				<verse number="34">ڇالاءِ تہ جتي تنهنجو مال هوندو، دل بہ تنهنجي اُتي ئي هوندي.</verse>
				<verse number="35">پنهنجي ڪمر ڪشيل ۽ پنهنجا ڏيئا ٻرندا رکو؛</verse>
				<verse number="36">۽ اوهين پاڻ اُنهن ماڻهن وانگر ٿجو، جي پنهنجي مالڪ لاءِ اکيون پائي ويٺا هجن، تہ جڏهن شاديءَ جي مجلس تان موٽي اچي کڙڪائي، تہ اُمالڪ سندس لاءِ در کولين.</verse>
				<verse number="37">مبارڪ آهن اُهي نوڪر، جن کي سندن مالڪ اچڻ سان سجاڳ ٿو ڏسي: آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هو ڪمر ٻڌي کين کارائڻ لاءِ ويهاريندو، ۽ پاڻ اچي سندن خدمت ڪندو.</verse>
				<verse number="38">۽ جيڪڏهن هو رات جي ٻئي پهر اچي، ۽ اُنهن کي سجاڳ ڏسي، تہ مبارڪ آهن اُهي نوڪر.</verse>
				<verse number="39">پر هي ڄاڻي ڇڏيو، تہ جيڪڏهن گهر جي مالڪ کي سُڌ هجي ها تہ چور ڪهڙيءَ گهڙيءَ ايندو، تہ هوند جاڳي ويهي ها، ۽ گهر کي کاٽ لڳڻ ئي ڪين ڏئي ها.</verse>
				<verse number="40">تنهنڪري اوهين بہ تيار رهو، ڇالاءِ تہ جا گهڙي اوهان جي خيال ۾ بہ نہ هوندي، تنهن ۾ ئي ابن آدم اچي سهڙندو.</verse>
				<verse number="41">۽ پطرس چيو، تہ اي خداوند، هي مثال تون اسان کي ٿو چئين يا سڀني کي؟</verse>
				<verse number="42">تنهن تي خداوند چيو، تہ ايماندار ۽ سياڻو خدمتگار ڪير آهي، جنهن کي سندس ڌڻي پنهنجن نوڪرن چاڪرن مٿان رکي وڃي، تہ اُنهن کي مهل سر رسد رسائي؟</verse>
				<verse number="43">مبارڪ آهي اُهو نوڪر، جنهن کي سندس ڌڻي اچڻ مهل ائين ڪندو ڏسي.</verse>
				<verse number="44">آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هو کيس پنهنجي ساريءَ ملڪيت جي مٿان ڪري رکندو.</verse>
				<verse number="45">پر جيڪڏهن اُهو نوڪر پنهنجي دل ۾ چوي، تہ منهنجي مالڪ اچڻ ۾ دير ڪئي آهي، ۽ نوڪرن ۽ نوڪرياڻين کي مارڻ ڪُٽڻ لڳي، ۽ کائڻ پيئڻ ۽ نشي ۾ الوٽ ٿيڻ لڳي؛</verse>
				<verse number="46">تہ اُنهي نوڪر جو مالڪ اُنهي ڏينهن اچي سهڙندو، جنهن جو هن کي خيال بہ ڪونہ هوندو، ۽ اهڙيءَ گهڙيءَ ۾ ايندو، جنهن جي هن کي خبر ئي ڪانہ پوندي، ۽ هو اُنهي کي خوب چهبڪن سان ماريندو ۽ کيس ڪڍي کڻي بي ايمانن ۾ شامل ڪندو.</verse>
				<verse number="47">۽ اُهو نوڪر جنهن کي پنهنجي مالڪ جي مرضيءَ جي خبر هئي، ۽ تياري نہ ڪيائين، نڪي هن جي مرضيءَ موجب هليو، تنهن کي خوب مار ملندي.</verse>
				<verse number="48">پر جنهن کي خبر ڪانہ هئي، ۽ ڦٽڪن جي سزا جوڳو ڪم ڪيائين، تنهن کي ٿوري مار ملندي. ۽ جنهن کي گهڻو مليل آهي تنهن کان گهڻو طلب ڪيو ويندو؛ ۽ جنهن کي ججهو سونپيو هوندائون، انهي کان گهُرندا بہ وڌيڪ.</verse>
				<verse number="49">آئون زمين تي باهہ لڳائڻ آيو آهيان؛ ۽ جي اڳيئي لڳل هجي ها تہ ڪهڙو نہ چڱو؟</verse>
				<verse number="50">پر مون کي هڪڙي بپتسما وٺڻي آهي؛ ۽ جيسين اُها پوري نہ ٿئي تيسين آئون ڪهڙي نہ سوڙهہ ۾ آهيان!</verse>
				<verse number="51">اوهين ڀانئيو ٿا ڇا تہ آئون زمين تي صلح ڪرائڻ آيو آهيان؟ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ نہ، پر جدائي ڪرائڻ آيو آهيان.</verse>
				<verse number="52">ڇالاءِ جو اڄ کانپوءِ هڪڙي گهر جي پنجن ماڻهن مان ٽي ٻن کان وڇڙيل هوندا، ۽ ٻہ ٽن کان.</verse>
				<verse number="53">۽ پيءُ پٽ کان، ۽ پٽ پيءُ کان وڇڙندو؛ ماءُ ڌيءَ کان ۽ ڌيءَ ماءُ کان، سس ننهن کان ۽ ننهن سس کان.</verse>
				<verse number="54">۽ خلق کي بہ چيائين، تہ جڏهن اوهين اُلهندي ۾ ڪڪر مٿي ايندو ٿا ڏسو، تڏهن اُنهي دم چئو ٿا تہ مينهن آيو، ۽ ائين ٿئي ٿو.</verse>
				<verse number="55">۽ جڏهن ڏکڻ لڳندو ٿا ڏسو، تڏهن چئو ٿا تہ ڏاڍي لُڪ لڳندي، ۽ ائين ٿئي ٿو.</verse>
				<verse number="56">اي رياڪارو، اوهان کي زمين ۽ آسمان جي صورت سڃاڻڻ اچي ٿي، پر زماني کي سهي ڪري نٿا سگهو؟</verse>
				<verse number="57">۽ جيڪي حق آهي تنهن جو اوهين پاڻ ڇو انصاف نٿا ڪريو؟</verse>
				<verse number="58">۽ جڏهن تون پنهنجي مدعيءَ سان حاڪم وٽ پيو وڃين، تڏهن رستي تي ئي کانئس پلئُہ آجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪر، تہ متان هو توکي منصف وٽ وٺي وڃي، ۽ منصف توکي حولدار جي حوالي ڪري، ۽ حولدار قيدخاني ۾ وجهيئي.</verse>
				<verse number="59">آئون توکي چوان ٿو، تہ تون جيسين دمڙي دمڙيءَ تي چاڙهي نہ ڏيندين، تيسين ڪنهن بہ پر اُتان نہ نڪرندين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">هاڻي اُنهي مهل ڪي ماڻهو اُتي هئا، تن کيس اُنهن گليلين جي ڳالهہ ٻڌائي، جن جو رت پيلاطس سندن قربانين سان ملائي ڇڏيو هو.</verse>
				<verse number="2">هن جواب ڏيئي چين، تہ اوهين ڀانئيو ٿا ڇا تہ اُهي گليلي ٻين سڀني گليلين کان وڏا گنهگار هئا، ڇالاءِ جو هنن سان ههڙي جُٺ ٿي؟</verse>
				<verse number="3">آئون اوهان کي چوان ٿو تہ نہ: پر جيڪڏهن اوهين توبهہ نہ ڪندا تہ اوهين مڙيئي ساڳيءَ ريت چٽ ٿيندا.</verse>
				<verse number="4">يا اوهين ڀانئيو ٿا ڇا تہ اُهي ارڙهن ڄڻا جن تي شيلوخ منجهہ ٺلهہ ڪِري پيو، ۽ دٻجي مُئا، سي يروشلم جي سڀني رهاڪن کان وڌيڪ ڏوهاري هئا؟</verse>
				<verse number="5">آئون اوهان کي چوان ٿو تہ نہ: پر جيڪڏهن اوهين توبهہ نہ ڪندا تہ اوهين مڙيئي اُنهن وانگر چٽ ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="6">۽ هيءُ مثال ڏنائين، تہ هڪڙي ماڻهوءَ جي ڊاک جي باغ ۾ انجير جو وڻ لڳل هو، سو آيو تہ ڏسان تہ منجهس ڪو ڦل آهي يا نہ، پر نہ مليس.</verse>
				<verse number="7">تڏهن باغبان کي چيائين تہ ڏس، مون کي هن انجير جي وڻ مان ڦل ڳوليندي ٽي سال ٿيا آهن، پر ڦل ڪونہ ٿو ملي، تنهنڪري وڍي ڇڏينس؛ اجائي زمين ڇو والاريو بيٺو آهي.</verse>
				<verse number="8">تنهن تي هن جواب ڏيئي چيس، تہ اي مالڪ، هيءُ سال بہ ڇڏينس، تہ آئون سندس چَلهو کوٽي ڀاڻ ڏيانس:</verse>
				<verse number="9">۽ جيڪڏهن پوءِ ڦل جهليائين تہ واهہ، نہ تہ وڍي ڇڏجانس.</verse>
				<verse number="10">۽ سبت جي ڏينهن هڪڙي عبادتخاني ۾ ويٺي تعليم ڏنائين.</verse>
				<verse number="11">۽ ڏسو، هڪڙي زال هئي جنهن ۾ ارڙهن ورهين کان هڪڙو ڀوت هو، جنهن جي ڪري هوءَ ڪمزور ٿيندي ويئي، ۽ ڪُٻي ٿي پيئي هئي، ۽ پُٺي سنئين ٿي نٿي سگهي.</verse>
				<verse number="12">يسوع جڏهن هن کي ڏٺو، تڏهن سڏي چيائينس، تہ اي مائي، تون پنهنجي ڪمزوريءَ کان ڇُٽينءَ</verse>
				<verse number="13">۽ مٿس هٿ رکيائين، تہ اُمالڪ سنئين ٿي پيئي، ۽ خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳي.</verse>
				<verse number="14">۽ عبادتخاني جي سردار کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي جو يسوع سبت جي ڏينهن بيمار کي ڇُٽايو؛ تنهن جواب ڏيئي ميڙاڪي کي چيو، تہ ڇهہ ڏينهن آهن جنهن ۾ ماڻهن کي ڪم ڪرڻ روا آهي، تنهنڪري اُنهن ڏينهن تي اچي شفا پايو، ۽ نہ سبت جي ڏينهن.</verse>
				<verse number="15">پر خداوند کيس جواب ڏيئي چيو، تہ اي رياڪارو، سبت جي ڏينهن اوهان مان هرڪو پنهنجو ڏاند يا گڏهہ وٿاڻ مان ڇوڙي پاڻي پيارڻ ڪين وٺي ويندو آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="16">تڏهن هيءَ زال جا ابراهيم جي ڌيءَ آهي، جنهن کي شيطان ارڙهن سالن کان ٻَڌي قابو ڪيو هو، تنهن کي سبت جي ڏينهن اُنهي بند کان ڇڏائڻ روا نہ هو ڇا؟</verse>
				<verse number="17">هن جون هي ڳالهيون ٻُڌي جيڪي بہ سندس برخلاف هئا، سي سڀيئي ڦڪا ٿيا: ۽ جيڪي جلالي ڪم هن پئي ڪيا، تن جي ڪري ساري خلق سرهي پئي ٿي.</verse>
				<verse number="18">تنهنڪري هن چيو تہ خدا جي بادشاهت ڇا جي مثل آهي؟ ۽ اُن کي ڇا سان مشابهت ڏيان؟</verse>
				<verse number="19">اُها آهر جي داڻي وانگر آهي، جو ڪنهن شخص کڻي وڃي پنهنجي باغ ۾ پوکيو، ۽ اُهو وڌي وڻ ٿيو، ۽ آسمان جا پکي سندس ٽارين ۾ اچي رهيا.</verse>
				<verse number="20">۽ وري هن چيو تہ خدا جي بادشاهت کي ڇا سان مشابهت ڏيان؟</verse>
				<verse number="21">اُها خمير جي مثل آهي، جو ڪنهن زال کڻي وڃي اٽي جي ٽن ماڻن ۾ ملايو، تان جو سڄو خميرجي پيو.</verse>
				<verse number="22">۽ هو شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ تعليم ڏيندو، يروشلم ڏانهن سفر ڪندو پئي ويو.</verse>
				<verse number="23">۽ هڪڙي چيس تہ اي خداوند، جن کي نجات ملندي سي ٿورا آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="24">تڏهن اُنهن کي چيائين تہ سوڙهي دروازي مان گهڙڻ لاءِ دل و جان سان ڪوشش ڪريو: ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ گهڻا اندر گهڙڻ جي ڪندا، پر گهڙي ڪين سگهندا.</verse>
				<verse number="25">جڏهن هڪ دفعو گهر جو مالڪ اُٿيو ۽ در بند ڪيائين، ۽ اوهين ٻاهر بيهي در کڙڪائي چوڻ لڳندا تہ اي ڌڻي، اسان لاءِ در کول؛ ۽ هو جواب ڏيئي چوندو، تہ آئون اوهان کي نٿو سڃاڻان تہ ڪٿان جا آهيو.</verse>
				<verse number="26">تڏهن اوهين چوڻ لڳندا تہ اسان تنهنجي اڳيان کاڌو پيتو، ۽ تون اسانجين بازارن ۾ تعليم ڏيندو هئين؛</verse>
				<verse number="27">۽ هو چوندو، تہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ آئون نٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان جا آهيو؛ اوهين مڙيئي بدڪار مون وٽان ٽري وڃو.</verse>
				<verse number="28">جڏهن اوهين ابراهيم، ۽ اسحاق، ۽ يعقوب، ۽ سڀني نبين کي خدا جي بادشاهت ۾ ڏسندا، ۽ پاڻ کي ٻاهر ڌڪيل، تڏهن اُتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.</verse>
				<verse number="29">۽ اُهي اُڀرندي ۽ اُلهندي، ۽ اُتر ۽ ڏکڻ کان ايندا، ۽ اچي خدا جي بادشاهت ۾ ويهندا.</verse>
				<verse number="30">۽ ڏسو، ڪي پويان آهن سي پهريان ٿيندا، ۽ ڪي پهريان آهن سي پويان ٿيندا.</verse>
				<verse number="31">اوڏيءَ مهل ڪي فريسي اچي کيس چوڻ لڳا، تہ هتان نڪري هليو وڃ؛ ڇالاءِ جو هيروديس جي ڏاڍي مرضي آهي تہ توکي ماري ڇڏي.</verse>
				<verse number="32">۽ هن چين تہ انهي لومڙ کي وڃي چئو تہ ڏس، آئون اڄ ۽ سڀاڻ ڀوت پيو ڪڍان، ۽ ماڻهن کي ڇُٽائي چڱو ڀلو پيو ڪريان، ۽ پرينهن ڪماليت کي رسندس.</verse>
				<verse number="33">پر اڄ ۽ سڀاڻ ۽ پرينهن تہ مون کي پنهنجي واٽ هلڻي آهي: ڇالاءِ جو اها اڻ ٿيڻي آهي تہ ڪوبہ نبي يروشلم کان ٻاهر تباهہ ٿئي.</verse>
				<verse number="34">اي يروشلم، اي يروشلم، تون جو نبين کي قتل ٿو ڪرين، ۽ جيڪي تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن، تن کي سنگسار ٿو ڪرين! ڪيترا نہ ڀيرا مون، جيئن ڪڪڙ پنهنجن ٻچن کي پنهنجن کنڀن هيٺ گڏ ڪندي آهي، تيئن تنهنجن ٻچن کي گڏ ڪرڻ ٿي گهريو، پر اوهان نہ مڃيو!</verse>
				<verse number="35">ڏسو، اوهان جو گهر ويران ٿيو پيو آهي، ۽ آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ اوهين مون کي تيسين ڪين ڏسندا جيسين ڪ چوندا تہ مبارڪ آهي اُهو جو خداوند جي نالي ٿو اچي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيو جو سبت جي ڏينهن هو فريسين جي هڪڙي سردار جي گهر ماني کائڻ ويو، ۽ هنن چتائي ويٺي نهاريس.</verse>
				<verse number="2">۽ ڏسو، سندس اڳيان هڪڙو ماڻهو بيٺو هو، جنهن کي جلندر جي بيماري هئي.</verse>
				<verse number="3">۽ يسوع جواب ڏيئي شريعت جي عالمن ۽ فريسين کي چيو، تہ سبت جي ڏينهن شفا ڏيڻ روا آهي يا نہ؟</verse>
				<verse number="4">پر هنن کڻي ماٺ ڪئي. تڏهن انهي کي وٺي چڱو ڀلو ڪري موڪل ڏنائينس.</verse>
				<verse number="5">۽ هنن کي چيائين، تہ اوهان مان جيڪڏهن ڪنهن جو گڏهہ يا ڏاند کوهہ ۾ ڪِري پوي، تہ سبت جي ڏينهن جيڪر جهٽ ٻاهر ڪڍوس يا نہ؟</verse>
				<verse number="6">پر وري بہ اُنهن ڳالهين جو کانئن جواب ڪونہ اُڪليو.</verse>
				<verse number="7">۽ هن جڏهن ڏٺو تہ مهمان مٿي مٿي جايون ٿا پسند ڪن، تڏهن هنن کي هيئن چئي هڪڙو مثال ڏنائين،</verse>
				<verse number="8">تہ جڏهن ڪو توکي شاديءَ جي مانيءَ تي سڏي، تہ مٿينءَ جاءِ تي نہ ويهج، متان توکان بہ ڪنهن وڏي ماڻهوءَ کي ماني چئي هجيس،</verse>
				<verse number="9">پوءِ جنهن توکي ۽ هن کي سڏيو آهي، سو اچي چويئي تہ هن ماڻهوءَ کي جاءِ ڏي؛ ۽ توکي ڦڪو ٿي سڀ کان هيٺينءَ جاءِ تي ويهڻو پوي.</verse>
				<verse number="10">پر جڏهن توکي مانيءَ جي دعوت ملي، تڏهن سڀ کان هيٺينءَ جاءِ تي وڃي ويهہ، تہ جنهن توکي ڪوٺيو آهي، سو جڏهن اچي، تڏهن چويئي تہ ادا، مٿي اچي ويهہ: تہ جن سان گڏ کائڻ ويهين، تن اڳيان عزت ٿئي ئي.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ تہ جيڪو پاڻ کي مٿي ٿو ڪري، سو هيٺ ڪيو ويندو، ۽ جيڪو پاڻ کي هيٺ ٿو ڪري، سو مٿي ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="12">۽ جنهن کيس ڪوٺيو هو، تنهن کي پڻ چيائين، تہ جڏهن تون ڏينهن جي يا رات جي ماني ڪرين، تڏهن پنهنجن دوستن، يا ڀائرن، يا مٽن مائٽن، يا شاهوڪار پاڙيسرين کي نہ ڪوٺج، متان اُهي بہ وري توکي ڪوٺي بدر پاڙي ڇڏين.</verse>
				<verse number="13">پر جڏهن تون ماني ڪرين، تڏهن غريبن، ۽ ٽُنڊن، ۽ منڊن ۽ انڌن کي سڏج:</verse>
				<verse number="14">تہ توکي برڪت ملندي؛ ڇالاءِ جو اُنهن وٽ ڪي ڪينهي، جنهن سان کڻي تنهنجو بدر پاڙين: پر توکي نيڪن جي قيامت ۾ اجر ملندو.</verse>
				<verse number="15">پوءِ مهمانن مان هڪڙي اهي ڳالهيون ٻُڌي چيس، تہ مبارڪ آهي اُهو جو خدا جي بادشاهت ۾ ماني کائيندو.</verse>
				<verse number="16">پر هن چيس، تہ ڪنهن شخص هڪ وڏي مجلس ڪئي، ۽ گهڻن کي دعوت ڏنائين:</verse>
				<verse number="17">۽ مانيءَ مهل نوڪر کي موڪليائين تہ مهمانن کي وڃي چئُہ تہ هلو، جو هاڻي سڀ شيون تيار آهن.</verse>
				<verse number="18">پر اهي سڀيئي گڏجي عذر ڪرڻ لڳا. پهرئين چيس، تہ مون ٻني ورتي آهي، ۽ مون کي اُها ضرور وڃي ڏسڻي آهي: مهرباني ڪري مون لاءِ معافي گهرجانءِ.</verse>
				<verse number="19">۽ ٻئي چيو، تہ مون ڏاندن جا پنج جوڙا ڳڌا آهن، ۽ وڃان ٿو اُنهن کي آزمائڻ: مهرباني ڪري مون لاءِ معافي گهرجانءِ.</verse>
				<verse number="20">۽ ٻئي چيو، تہ مون شادي ڪئي آهي، سو مون کان آيو ڪين ٿيندو.</verse>
				<verse number="21">سو نوڪر اچي پنهنجي مالڪ سان اُهي ڳالهيون ڪيون. تڏهن گهر جي مالڪ ڪاوڙجي نوڪر کي چيو تہ جلدي ڪري شهر جي بازارن ۽ گهٽين ۾ وڃ، ۽ غريبن، ۽ ٽُنڊن، ۽ انڌن، ۽ منڊن کي هتي وٺي اچ.</verse>
				<verse number="22">پوءِ نوڪر چيو تہ اي مالڪ، جيئن تو فرمايو تيئن ڪيو اٿم، پر اڃا بہ جاءِ آهي.</verse>
				<verse number="23">تڏهن مالڪ نوڪر کي چيو، تہ سڙڪن، ۽ ٻنين جي دڳن تي وڃ، ۽ مجبور ڪري وٺي اچين، تہ منهنجو گهر ڀرجي پوي.</verse>
				<verse number="24">ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جن کي ڪوٺيو ويو هو، تن مان ڪوبہ شخص منهنجي ماني ڪين چکندو.</verse>
				<verse number="25">هاڻي ماڻهن جا ميڙاڪا ساڻس پئي ويا، تنهن تي هن ڦري چين تہ</verse>
				<verse number="26">جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان اچي، ۽ پنهنجي پيءُ، ۽ ماءُ، ۽ زال، ۽ ٻارن، ۽ ڀائرن، ۽ ڀينرن، بلڪ پنهنجي جان کي بہ نہ ڌڪاري، تہ اُهو منهنجو شاگرد ٿي نٿو سگهي.</verse>
				<verse number="27">جيڪو پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان نٿو اچي، سو منهنجو شاگرد ٿي نٿو سگهي.</verse>
				<verse number="28">ڇالاءِ جو اوهان مان اُهو ڪير آهي، جو جيڪڏهن ٺلهہ جوڙائڻ جي خواهش ڪري، تہ پهريائين ويهي اُن جو خرچ نہ ساري، تہ ان جي پوري ڪرڻ لاءِ هٿ ۾ پيسو اٿم يا نہ؟</verse>
				<verse number="29">تہ متان بنياد کڻائڻ کان پوءِ پورو ڪري نہ سگهي، تہ جيڪي بہ ڏسن، سي سڀيئي مٿس کِلن:</verse>
				<verse number="30">۽ چون تہ هن شخص اڏڻ شروع ڪيو، پر پورو ڪري ڪين سگهيو.</verse>
				<verse number="31">يا اُهو ڪهڙو بادشاهہ آهي جو جيڪڏهن ٻئي بادشاهہ سان جنگ ۾ مقابلو ڪرڻ وڃي، تہ پهريائين ويهي صلاح مصلحت نہ ڪري، تہ هو جو ويهن هزارن سان مون تي چڙهائي ڪري ٿو اچي، تنهن جي سامهون آئون پنهنجن ڏهن هزارن سان بيهي سگهندس يا نہ؟</verse>
				<verse number="32">نہ تہ هو اڃا پري ئي هوندو، تہ هن ڏانهن ايلچي موڪلي کانئس صلح جا شرط پڇندو.</verse>
				<verse number="33">سو ساڳيءَ ريت اوهان مان ڪوبہ جيسين ڪ جيڪي اٿس، سو سڀ ڇڏي نٿو ڏئي، تيسين اُهو منهنجو شاگرد ٿي نٿو سگهي.</verse>
				<verse number="34">لوڻ تہ چڱو آهي، پر جيڪڏهن خود لوڻ مان سواد نڪري وڃي تہ اُن کي ڇا سان سلوڻو ڪجي؟</verse>
				<verse number="35">پوءِ نہ اُهو زمين جي ڪم جو ٿيو نہ ڀاڻ جي ڪم جو، پر کنيو ڦٽو ڪنس. جنهن کي ڪَن هجن، سو ٻُڌي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="15">
				<verse number="1">هاڻي سڀ محصولي ٺيڪيدار ۽ گنهگار هن جون ڳالهيون ٻُڌڻ لاءِ وٽس پئي آيا.</verse>
				<verse number="2">۽ فريسي توڙي فقيهہ سُر پُر ڪري چوڻ لڳا، تہ هيءُ ماڻهو گنهگارن کي پاڻ وٽ اچڻ ۽ گڏ کائڻ ٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="3">تنهن تي هي مثال ڏيئي چيائين تہ</verse>
				<verse number="4">اوهان مان اُهو ڪير آهي، جنهن کي هڪ سؤ رڍون هجن، ۽ اُنهن مان هڪڙي گم ٿي وڃيس، تہ نوانوي جهنگ ۾ ڇڏي اُنهيءَ وڃايل جي پٺيان نہ رُلي، جيسين ڪ اُها لڀيس؟</verse>
				<verse number="5">پوءِ جڏهن لڀيس ٿي، تڏهن خوشيءَ وچان کنيو ڪلهن تي چاڙهيس،</verse>
				<verse number="6">۽ گهر اچڻ سان پنهنجا دوست ۽ پاڙيسري سڏي ٿو چوين تہ مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇالاءِ جو رڍ جا گم ٿي ويئي هيم سا لڌي آهي.</verse>
				<verse number="7">آئون اوهان کي چوان ٿو تہ ساڳيءَ طرح نوانوي سچار ماڻهو، جن کي توبهہ درڪار نہ آهي، تنهن کان هڪڙو گنهگار جو توبهہ ٿو ڪري، تنهن لاءِ آسمان ۾ وڌيڪ خوشي ٿيندي.</verse>
				<verse number="8">يا اُها ڪهڙي زال آهي، جنهن کي ڏهہ روپيا هجن، ۽ جي هڪڙو وڃيس هليو، تہ ڏيئو ٻاري ۽ گهر ٻُهاري، اُنهي کي چڱيءَ طرح نہ ڳولي، جيسين ڪ لڀيس؟</verse>
				<verse number="9">۽ جڏهن لڀيس ٿو، تڏهن پنهنجين ساهيڙين ۽ پاڙي وارين کي ڪوٺي ٿي چوي، تہ مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇالاءِ تہ رپيو جو گم ٿي ويو هوم سو لڌو اٿم.</verse>
				<verse number="10">ساڳيءَ ريت آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هڪڙو گنهگار جو توبهہ ٿو ڪري، تنهن لاءِ خدا جي ملائڪن ۾ خوشي ٿي ٿئي.</verse>
				<verse number="11">۽ هن هي بہ چيو، تہ هڪڙي شخص کي ٻہ پٽ هئا:</verse>
				<verse number="12">جن مان ننڍو پيءُ کي چوڻ لڳو، تہ اي بابا، ملڪيت جو حصو جو منهنجو ٿو ٿئي، سو مون کي ڏي. ۽ هن ملڪيت ورهائي ڏنين.</verse>
				<verse number="13">۽ اڃا گهڻا ڏينهن گذريا ئي ڪين، تہ ننڍو پٽ سڀ ڪجهہ ميڙي چونڊي ڏورانهين ملڪ جي مسافريءَ تي نڪتو، ۽ اُتي بدچالي ڪري پنهنجي ملڪيت اُڏائي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="14">۽ جڏهن سڀ کائي کپائي چڪو، تڏهن اُنهي ملڪ ۾ ڏاڍو ڏڪار اچي پيو؛ ۽ هو محتاج ٿيڻ لڳو.</verse>
				<verse number="15">سو وڃي انهي ملڪ جي هڪڙي ماڻهوءَ کي لڳو، جنهن پنهنجين ٻنين ۾ سوئرن چارڻ لاءِ موڪليس.</verse>
				<verse number="16">۽ جيڪي ڇَلون سوئرن پئي چَريون، سي هوند خوشيءَ سان کائي پيٽ ڀري ها، پر ڪنهن بہ ڪين ٿي ڏنس.</verse>
				<verse number="17">پر جڏهن هن پاڻ سنڀاليو، تڏهن چيائين تہ منهنجي پيءُ جي گهر ۾ ڪيترن نوڪرن کي ججهي ماني پيئي ملي، ۽ آئون هتي بک پيو مران!</verse>
				<verse number="18">آئون اُٿي پنهنجي پيءُ وٽ ويندس، ۽ چوندوسانس تہ اي بابا، مون آسمان جو ۽ تنهنجو گناهہ ڪيو آهي:</verse>
				<verse number="19">هاڻي انهيءَ لائق نہ آهيان جو تنهنجو پٽ چوايان، مون کي پنهنجن نوڪرن مان هڪڙو ڪري بيهار.</verse>
				<verse number="20">۽ هو اُٿي پيءُ وٽ آيو، پر اڃا پري ئي هو تہ پڻس ڏٺس، ۽ مٿس ڪهل اچي ويس، ۽ ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چُميائينس.</verse>
				<verse number="21">تڏهن پٽس چيس، تہ اي بابا، مون آسمان جو ۽ تنهنجو گناهہ ڪيو آهي: هاڻ انهيءَ لائق نہ آهيان جو تنهنجو پٽ چوايان.</verse>
				<verse number="22">پر پڻس نوڪرن کي چيو، تہ جلدي اُچي ۾ اُچو وڳو کڻي آڻي پهرايوس؛ ۽ هٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جُتي پارايوس:</verse>
				<verse number="23">۽ متارو وهڙو آڻي ڪُهو ۽ اچو تہ کائون پيئون ۽ خوشي ڪريون،</verse>
				<verse number="24">ڇالاءِ جو هيءُ منهنجو پٽ، جو مري ويو هو، سو وري جيئرو ٿيو آهي؛ گم ٿي ويو هو، سو لڌو آهي. ۽ اُهي خوشيون ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="25">هاڻي سندس وڏو پٽ جو ٻنيءَ تي هو، سو جڏهن اُتان موٽيو، ۽ گهر جي ويجهو آيو، تڏهن ڳائڻ وڄائڻ ۽ نچڻ جو پڙلاءُ ڪَن تي پيس.</verse>
				<verse number="26">تڏهن هڪڙي نوڪر کي سڏي پڇيائين تہ هي ڇا پيو ٿئي؟</verse>
				<verse number="27">هن چيس تہ تنهنجو ڀاءُ آيو آهي، ۽ تنهنجي پيءُ متارو وهڙو ڪُٺو آهي، ڇالاءِ جو هو صحيح سلامت وٽس آيو آهي.</verse>
				<verse number="28">پر هو اچي ڪاوڙيو، ۽ اندر ئي نہ وڃي. تنهن تي پڻس ٻاهر آيو، ۽ اچي سمجهايائينس.</verse>
				<verse number="29">پر هن جواب ڏيئي پيءُ کي چيو، تہ ڏس، هيترا سال آئون تنهنجي خدمت ۾ رهيو آهيان، ۽ ڪڏهن تنهنجي چئي کان ٻاهر نہ ويو آهيان: تہ بہ تو مون کي هڪڙو ڇيلو بہ نہ ڏنو، تہ آئون پنهنجن سنگتين سان وڃي خوشي ڪريان:</verse>
				<verse number="30">پر جڏهن هي تنهنجو پٽ آيو آهي، جنهن تنهنجي ملڪيت ڪڃرين ۾ برباد ڪري ڇڏي آهي، تڏهن اُنهي لاءِ متارو وهڙو ڪُٺو اٿيئي.</verse>
				<verse number="31">تنهن تي هن چيس، تہ پٽ، تون تہ هميشہ مون ساڻ آهين، ۽ جيڪي منهنجو آهي، سو سڀوئي تنهنجو آهي.</verse>
				<verse number="32">پر واجب هو تہ اسين شادماني ڪريون، ۽ خوشي ملهايون، ڇوتہ هيءُ تنهنجو ڀاءُ جو مري ويو هو، سو وري جيئرو ٿيو آهي؛ گم ٿي ويو هو، سو لڌو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="16">
				<verse number="1">هن شاگردن کي هيئن بہ چيو تہ ڪنهن شاهوڪار ماڻهوءَ جو هڪڙو گماشتو هو؛ جنهن تي ڪنهن اچي هن وٽ دانهن ڏني، تہ هو تنهنجو مال پيو لُٽي.</verse>
				<verse number="2">۽ هن سڏي چيس تہ هي تنهنجي بابت ڇا پيو ٻُڌان؟ پنهنجيءَ گماشتگيريءَ جو حساب ڏي، جو اڳتي آئون توکي گماشتو رکي ڪين سگهندس.</verse>
				<verse number="3">تڏهن هو گماشتو دل ۾ چوڻ لڳو، تہ منهنجو مالڪ تہ مون کان گماشتگيري کسي ٿو، سو آئون ڇا ڪريان؟ ڪوڏر هڻڻ جي مون ۾ وسعت ڪانهي، ۽ پنڻ کان شرم ٿو اچيم.</verse>
				<verse number="4">هاڻي هيءَ سٽ ٿو سٽيان، تہ جڏهن گماشتگيريءَ کان نڪران، تڏهن ماڻهو مون کي پنهنجي گهر ۾ اچڻ ڏين.</verse>
				<verse number="5">تنهن تي پنهنجي مالڪ جي هڪڙي هڪڙي قرضدار کي سڏي، پهرئين کي چوڻ لڳو، تہ منهنجي مالڪ کي ڪيترو قرض ڏيڻو اٿيئي؟</verse>
				<verse number="6">هن چيو تہ سؤ مڻ تيل جا. هن چيس تہ پنهنجو دستاويز کڻي جهٽ پنجاهہ لکي ڏي.</verse>
				<verse number="7">پوءِ ٻئي کي چيائين، تہ توتي گهڻو قرض آهي؟ هن چيو تہ سؤ مڻ ڪڻڪ جا. اُنهي کي چيائين تہ پنهنجو دستاويز کڻي اسي مڻ لکي ڏي.</verse>
				<verse number="8">۽ سندس مالڪ اُنهي کوٽي گماشتي جا انصاف مڃيا، ڇالاءِ جو هن پڪائي ڪئي هئي! ڪيئن جو هن دنيا جا ٻار پنهنجي زماني ۾ روشني جي ٻارن کان وڌيڪ سياڻا آهن.</verse>
				<verse number="9">۽ آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ ناراستيءَ جي دولت سان پنهنجي لاءِ دوست پيدا ڪري ڇڏيو، تہ جڏهن اُها کٽي وڃي، تڏهن اُهي اوهان کي مدامي مڪانن ۾ قبول ڪن.</verse>
				<verse number="10">جيڪو ٿوري ۾ ايماندار آهي، سو گهڻي ۾ بہ ايماندار ٿيندو: ۽ جيڪو ٿوري ۾ ڪپتيو آهي، سو گهڻي ۾ بہ ڪپتيو ٿيندو.</verse>
				<verse number="11">تنهنڪري جي اوهين ناراستيءَ جي دولت ۾ ايماندار نہ رهيا آهيو، تہ اوهان کي سچي دولت ڪير سونپيندو؟</verse>
				<verse number="12">۽ جڏهن اوهين پرائي مال ۾ ايماندار نہ ٿيا آهيو، تڏهن جيڪي خود اوهان جو آهي، سو ڪير ڏيندوَ؟</verse>
				<verse number="13">ڪوبہ نوڪر ٻن ڌڻين جي خدمت ڪري ڪين سگهندو: ڇالاءِ جو يا هو هڪڙي سان نفرت ڪندو، ۽ ٻئي کي پيار ڪندو؛ يا تہ وري هڪڙي سان ٺهندو، ۽ ٻئي کي ليکيندو ئي ڪين. اوهين خدا ۽ دولت ٻنهي جي خدمت ڪري ڪين سگهندا.</verse>
				<verse number="14">۽ فريسي جن کي پيسي جي ڏاڍي لالچ هئي، سي اُهي سڀ ڳالهيون ٻُڌي مٿس ٺٺولي ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="15">تن کي چيائين تہ اوهين اُنهن مان آهيو جي ماڻهن اڳيان پاڻ کي راستباز ٿا ٺهرائين، پر خدا اوهان جي دلين کي ڄاڻي ٿو؛ ڇالاءِ تہ جيڪي ماڻهن جي ليکي چڱو آهي، سو خدا جي اڳيان ڪراهت جهڙو آهي.</verse>
				<verse number="16">شريعت ۽ نبي، يوحنا تائين هئا، تنهن وقت کان وٺي خدا جي بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي پيئي ٿئي، ۽ هرڪو زور ڪيو اچيو اندر گهڙي.</verse>
				<verse number="17">شريعت جو هڪڙو نقطو ٽري وڃي، تنهن کان آسمان ۽ زمين جو ٽري وڃڻ سولو آهي.</verse>
				<verse number="18">جيڪو ماڻهو پنهنجيءَ زال کي طلاق ڏيئي ٻيءَ سان شادي ٿو ڪري، سو زنا ٿو ڪري: ۽ جيڪو اُنهي نڪتل زال سان شادي ٿو ڪري، سو بہ زنا ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="19">هاڻي هڪڙو شاهوڪار ماڻهو هو، جو اُچا، واڱڻائي ۽ سنها ڪپڙا پهريندو هو، ۽ روز سٺا سٺا طعام کائيندو هو.</verse>
				<verse number="20">انهي جي در تي لعزر نالي هڪ فقير، جو ناسورن جي ڦٽن سان ڀريو پيو هو، تنهن کي ويهاري ويندا هئا.</verse>
				<verse number="21">هو ڀانئيندو هو تہ شاهوڪار جي ميز جي جوٺ کائي پيٽ ڀريان؛ ۽ ڪتا پڻ اچي سندس ڦٽ چٽيندا هئا.</verse>
				<verse number="22">۽ هيئن ٿيو جو اُهو فقير مري ويو، ۽ ملائڪن کڻي وڃي ابراهيم جي هنج ۾ رکيس؛ ۽ شاهوڪار بہ مري ويو، ۽ وڃي دفن ڪيائونس.</verse>
				<verse number="23">۽ مئلن جي عالم ۾، جتي هو عذابن منجهہ هو، اُتي هن اکيون مٿي کڻي ڏٺو تہ پريان ابراهيم ۽ سندس هنج ۾ لعزر ڏسڻ ۾ آيس.</verse>
				<verse number="24">۽ هن پڪاري چيو تہ اي بابا ابراهيم، مون تي رحم ڪر، ۽ لعزر کي موڪل، تہ آڱر جي چوٽي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي منهنجي ڄڀ کي ٺاري، ڇالاءِ جو آئون هن ڄر ۾ پيو لڇان.</verse>
				<verse number="25">پر ابراهيم چيو، تہ پٽ، ياد ڪر، تہ توکي پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ سٺيون سٺيون شيون ٿي مليون، پر لعزر کي خراب شيون: مگر هاڻي هو آرام ۾ آهي، ۽ تون عذاب ۾ آهين.</verse>
				<verse number="26">تنهن کانسواءِ اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ ايڏو وڏو اوڙاهہ پيل آهي، جو جيڪي هتان اوهان ڏانهن وڃڻ جي ڪن، سي وڃي ڪين سگهندا؛ ۽ نہ وري ڪو اُتان اسان وٽ اچي سگهندو.</verse>
				<verse number="27">۽ هن چيو، تہ اي بابا، منهنجو توکي سوال آهي، تہ هن کي منهنجي پيءُ جي گهر موڪل؛</verse>
				<verse number="28">ڇالاءِ جو مون کي پنج ڀائر آهن؛ تہ اُنهن کي وڃي چتائي، تہ متان اُهي بہ هن عذاب جي جاءِ ۾ اچن.</verse>
				<verse number="29">پر ابراهيم چيو تہ اُنهن وٽ موسيٰ ۽ نبي آهن، اُنهن جي ٻُڌن.</verse>
				<verse number="30">تنهن تي هن چيو تہ نہ، بابا ابراهيم، جيڪڏهن ڪو مئلن مان اُنهن وٽ ويندو، تہ اُهي توبهہ ڪندا.</verse>
				<verse number="31">هن چيس، تہ جيڪڏهن هو موسيٰ ۽ نبين جي نٿا ٻُڌن، تہ جي ڪو مئلن منجهان جي اُٿندو، تہ اُنهي جي بہ ڪين مڃيندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="17">
				<verse number="1">۽ هن پنهنجن شاگردن کي چيو تہ اها اڻ ٿيڻي آهي تہ گمراهہ ٿيڻ جا سبب نہ اچن؛ پر افسوس آهي اُنهي تي، جنهن جي ڪري اهڙا سبب پيدا ٿا ٿين!</verse>
				<verse number="2">هنن ننڍڙن مان هڪڙي کي بہ جيڪو گمراهہ ٿو ڪري، تنهن کان هن جي لاءِ چڱو هيئن ٿيندو، تہ جنڊ جو پڙ سندس ڳچيءَ ۾ لڙڪائي هن کي سمنڊ ۾ کڻي اُڇلائجي.</verse>
				<verse number="3">سنڀالجو، جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ ڪو ڏوهہ ڪري تہ ڇينڀينس؛ ۽ جي توبهہ ڪري تہ معاف ڪرينس.</verse>
				<verse number="4">۽ جي هو ڏينهن ۾ ست دفعا تنهنجو ڏوهہ ڪري، ۽ ست دفعا تو وٽ موٽي اچي چوي تہ مون توبهہ ڪئي، تہ اُن کي معاف ڪج.</verse>
				<verse number="5">۽ رسولن خداوند کي چيو تہ اسان جو ايمان وڌاءِ.</verse>
				<verse number="6">خداوند چيو، تہ جيڪڏهن اوهان کي آهر جي داڻي جيترو ايمان هجي، تہ هن توت جي وڻ کي چئو تہ هتان پَٽجي وڃي سمنڊ ۾ لڳ، تہ هوند اُهو بہ اوهان جي مڃيندو.</verse>
				<verse number="7">پر اوهان ۾ اُهو ڪير آهي جنهن کي ڪو نوڪر هجي، جو هر پيو ڪاهيندو هجي، يا ڌڻ پيو چاريندو هجي، تہ اُن کي ٻنيءَ مان اچڻ شرط چوي تہ يڪدم اچي کائڻ تي ويهہ؛</verse>
				<verse number="8">پر اُٽلندو هيئن ڪين چوندس، تہ منهنجي رات جي ماني تيار ڪر، ۽ جيسين آئون کائي پي وٺان، تيسين ڪمر ڪشي منهنجو ڪم ڪار ڪر، ۽ پوءِ وڃي تون کاءُ پيءُ؟</verse>
				<verse number="9">هاڻي هن جو سندس حڪم موجب ڪيو، تنهنڪري هو نوڪر جو ٿورو مڃيندو ڇا؟</verse>
				<verse number="10">ساڳيو انهيءَ ريت اوهين بہ، جن ڪمن جو اوهان کي حڪم ڪيل آهي، سي سڀ جڏهن ڪري چڪو، تڏهن چئو تہ اسين نڪما نوڪر آهيون؛ جنهن ڪم ڪرڻ جو اسان تي فرض هو، سو ئي ڪيو اٿئون.</verse>
				<verse number="11">۽ هيئن ٿيو، تہ يروشلم ڏانهن ويندي هو سامريہ ۽ گليل جي وچان اچي لنگهيو.</verse>
				<verse number="12">۽ هڪڙي ڳوٺ ۾ ويو تہ ڏهہ ڪوڙهيا گڏيس، جن پريان بيهي،</verse>
				<verse number="13">رڙ ڪري چيو، تہ اي يسوع، اي سائين، اسان تي رحم ڪر.</verse>
				<verse number="14">هنن کي ڏسي چيائين، تہ وڃو ۽ وڃي ڪاهنن کي پاڻ ڏيکاريو. ۽ هيئن ٿيو، تہ اُهي ويندي ويندي ڇُٽي پاڪ صاف ٿي پيا.</verse>
				<verse number="15">پوءِ اُنهن مان هڪڙي جڏهن ڏٺو تہ آئون چڱو ڀلو ٿيو آهيان، تڏهن وڏي آواز سان خدا جي تعريف ڪندو موٽي آيو،</verse>
				<verse number="16">۽ هن جي پيرين پئي سندس شڪرانا بجا آندائين: ۽ هو سامري هو.</verse>
				<verse number="17">تڏهن يسوع جواب ڏيئي چيو، تہ ڏهہ ڪين ڇُٽي پاڪ صاف ٿيا؟ پوءِ اُهي باقي نوَ ڪٿي آهن؟</verse>
				<verse number="18">ڇا، هن ڌارئي بنا ڪوبہ ڪونہ موٽيو، جو اچي خدا جي تعريف ڪري؟</verse>
				<verse number="19">۽ هن کي چيائين تہ اُٿي هليو وڃ، تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي.</verse>
				<verse number="20">۽ فريسين پڇيس، تہ خدا جي بادشاهت ڪڏهن ايندي؟ تن کي جواب ڏيئي چيائين، تہ خدا جي بادشاهت ڪنهن جي ڏسندي نٿي اچي،</verse>
				<verse number="21">نڪي هو چوندا تہ اِجها هتي! ڇالاءِ جو ڏسو، خدا جي بادشاهت اوهان جي اندر ۾ آهي.</verse>
				<verse number="22">۽ هن شاگردن کي چيو تہ اُهي ڏينهن ايندا، جڏهن اوهين ابن آدم جي ڏينهن مان هڪڙي کي ڏسڻ لاءِ پيا سِڪندا، پر ڏسي ڪين سگهندا.</verse>
				<verse number="23">۽ اُهي اوهان کي چوندا، تہ اِجهو هتي! اِجهو هتي! پر متان ويا آهيو، يا اُنهن جي پٺيان لڳا آهيو:</verse>
				<verse number="24">ڇالاءِ تہ جيئن وڄ آسمان جي هڪڙي طرف کان کنوندي ٻي طرف وڃيو چمڪاٽ ڪري، تيئن ابن آدم بہ پنهنجي ڏينهن ظاهر ٿيندو.</verse>
				<verse number="25">پر پهريائين هو گهڻيون سختيون سهندو، ۽ هن زماني ۾ رد ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="26">۽ جيئن نوح جي ڏينهن ۾ ٿيو، تيئن ابن آدم جي ڏينهن ۾ بہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="27">اُهي کائيندا ۽ پيئندا هئا، پرڻبا ۽ پرڻائيندا هئا؛ جيسين ڪ اُهو ڏينهن آيو، جڏهن نوح ٻيڙيءَ ۾ گهڙيو، ۽ ٻوڏ آئي، ۽ اُنهن سڀني کي چٽ ڪري ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="28">۽ پڻ جيئن لوط جي ڏينهن ۾ بہ ٿيو؛ جو اُهي کائيندا پيئندا، خريد فروخت ڪندا، ۽ پوکيندا رهيا؛</verse>
				<verse number="29">پر جڏهن لوط سدوم مان نڪري ٻاهر ٿيو، تنهن وقت آسمان مان باهہ ۽ گندرف جو مينهن اچي وسيو، ۽ اُنهن سڀني کي چٽ ڪري ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="30">سو جنهن ڏينهن ابن آدم ظاهر ٿيندو، تنهن ڏينهن پڻ ساڳيو ائين ٿيندو.</verse>
				<verse number="31">انهي ڏينهن جي ڪو کڏ تي هجي، ۽ سندس سامان گهر ۾ هجي، تہ اُنهي جي ڪڍڻ لاءِ هيٺ نہ لهي: نڪي جيڪو ٻنيءَ ۾ هجي، سو موٽي وڃي.</verse>
				<verse number="32">لوط جي زال واري ڳالهہ ياد رکجو.</verse>
				<verse number="33">جيڪو پنهنجي جان بچائڻ جي ڪندو، سو اُها وڃائيندو، پر جيڪو وڃائيندو، سو ئي اُها بچائيندو.</verse>
				<verse number="34">آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ انهي رات ٻہ ماڻهو هڪڙي هنڌ تي سُتل هوندا، هڪڙو کڄي ويندو، ٻيو رهجي ويندو.</verse>
				<verse number="35">ٻہ زالون گڏ ويٺيون پيهنديون، هڪڙي کڄي ويندي ۽ ٻي رهجي ويندي.</verse>
				<verse number="36">(ٻنيءَ ۾ ٻہ ماڻهو هوندا، هڪڙو کڄي ويندو، ۽ ٻيو رهجي ويندو.)</verse>
				<verse number="37">۽ اُنهن جواب ڏيئي چيس، تہ اي خداوند، ڪٿي؟ هن چين تہ جتي ڍونڍ هوندو، ڳجهيون بہ اُتي ئي اچي مڙنديون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="18">
				<verse number="1">۽ انهيءَ مراد سان تہ هميشہ دعا گهرڻ کپي، ۽ ڪڏهن همت نہ هارجي، هن انهن کي هڪڙو مثال ڏيئي چيو،</verse>
				<verse number="2">تہ ڪنهن شهر ۾ هڪڙو قاضي هو، جنهن کي نہ هو خدا جو خوف، ۽ نہ ڪنهن ماڻهوءَ جي پرواهہ.</verse>
				<verse number="3">۽ اُنهي شهر ۾ هڪ بيوهہ زال رهندي هئي. سا بار بار وٽس اچي چوندي هئي، تہ منهنجو انصاف ڪر ۽ مدعيءَ کان بچائيم.</verse>
				<verse number="4">۽ هن ڪجهہ وقت تہ هن جي ڪين اُنائي: پر پوءِ دل ۾ چوڻ لڳو، تہ جيتوڻيڪ مون کي نڪو خدا جو ڊپ آهي نہ ڪا ڪنهن ماڻهوءَ جي پرواهہ؛</verse>
				<verse number="5">تہ بہ هيءَ زال مون کي ستائي ٿي، تنهنڪري آئون سندس انصاف ڪندس، تہ متان بار بار اچي منهنجي نڪ ۾ دم ڪري ڇڏي.</verse>
				<verse number="6">تڏهن خداوند چيو تہ ٻُڌو، تہ هيءُ بي انصاف قاضي ڇا ٿو چوي.</verse>
				<verse number="7">پوءِ خدا جا چونڊيل، جي رات ڏينهن کيس پيا پڪارين، تن لاءِ هو دير ڪندو ڇا؟ بلڪ انهن جو انصاف ڪين ڪندو ڇا؟</verse>
				<verse number="8">آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ هو جلد ئي سندن انصاف ڪندو. تہ بہ جڏهن ابن آدم ايندو، تڏهن زمين تي ايمان ڏسندو ڇا؟</verse>
				<verse number="9">۽ ڪي شخص جن کي پاڻ تي باور هو تہ اسين راستباز آهيون، ۽ ٻين سڀني کي ڪين جهڙو ڪري ليکيندا هئا، تن کي هيءُ بہ مثال ڏنائين:</verse>
				<verse number="10">تہ ٻہ ڄڻا هيڪل ۾ دعا گهرڻ ويا، هڪڙو فريسي هو ۽ ٻيو محصولي ٺيڪيدار.</verse>
				<verse number="11">فريسي بيهي پنهنجي دل ۾ هيئن دعا گهرڻ لڳو، تہ اي خداوند، آئون تنهنجا شڪرانا ٿو ڪريان تہ آئون ٻين ماڻهن جهڙو ڦورو، يا بي انصاف، يا زناڪار ڪين آهيان، نڪي وري هن محصولي ٺيڪيدار جهڙو آهيان.</verse>
				<verse number="12">آئون هفتي ۾ ٻہ لڱا روزو ٿو رکان، ۽ ڪمائيءَ جو ڏهون حصو خيرات ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="13">پر هن ٺيڪيدار پري بيهي مٿي آسمان ڏانهن اکيون بہ نہ کنيون، پر ڇاتي ڪُٽي چوڻ لڳو، تہ اي خدا، مون گنهگار تي رحم ڪر.</verse>
				<verse number="14">آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هو ٻيو ماڻهو نہ، پر هيءُ راستباز ٿي گهر موٽيو: ڇالاءِ تہ جيڪو پاڻ کي مٿي ٿو ڪري سو هيٺ ڪيو ويندو، پر جيڪو پاڻ کي هيٺ ٿو ڪري سو مٿي ڪيو ويندو.</verse>
				<verse number="15">هاڻي هو پنهنجن ٻارن کي وٽس وٺي آيا، تہ هو انهن تي هٿ رکي: پر شاگردن اهو ڏسي هنن کي ڇينڀيو.</verse>
				<verse number="16">پر يسوع هنن کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ ننڍن ٻارن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ۽ کين منع نہ ڪريو، ڇالاءِ تہ خدا جي بادشاهت اهڙن ئي جي آهي.</verse>
				<verse number="17">آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جيڪو بہ خدا جي بادشاهت ننڍڙي ٻار وانگر قبول نہ ڪندو، سو ڪنهن بہ طرح اُنهيءَ ۾ داخل نہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="18">۽ هڪڙي سردار اچي پڇيس، تہ اي نيڪ اُستاد، آئون ڇا ڪريان جو هميشہ جي زندگيءَ جو وارث ٿيان؟</verse>
				<verse number="19">يسوع چيس تہ تون مون کي نيڪ ڇو ٿو چوين؟ نيڪ تہ ڪوبہ ڪونهي، سواءِ هڪڙي جي، يعني خدا جي.</verse>
				<verse number="20">توکي حڪمن جي خبر آهي، تہ زنا نہ ڪر، خون نہ ڪر، چوري نہ ڪر، ڪوڙي شاهدي نہ ڀر، ماءُ پيءُ جي عزت ڪر.</verse>
				<verse number="21">هن چيو تہ آئون ننڍپڻ کان وٺي انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪندو آيو آهيان.</verse>
				<verse number="22">۽ جڏهن يسوع هي ٻُڌو، تڏهن چيائينس تہ اڃا تو ۾ هڪڙي گهٽتائي آهي، جيڪي اٿيئي سو سڀ وڪڻي غريبن کي ورهائي ڏي، تہ توکي آسمان ۾ خزانو ملندو: پوءِ اچي منهنجي پٺيان هل.</verse>
				<verse number="23">پر جڏهن هن اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن ڏاڍو غمگين ٿيو؛ ڇو جو هو ڏاڍو شاهوڪار هو.</verse>
				<verse number="24">۽ يسوع هن کي ڏسي چيو، تہ دولتمند ماڻهو خدا جي بادشاهت ۾ ڪهڙي نہ مشڪلات سان داخل ٿا ٿين!</verse>
				<verse number="25">دولتمند ماڻهوءَ جو خدا جي بادشاهت ۾ گهڙڻ، تنهن کان سئيءَ جي پاکي مان اُٺ جو لنگهڻ وڌيڪ سولو آهي.</verse>
				<verse number="26">۽ جن اهو ٻُڌو تن چيو، تہ تڏهن ڪير بچي سگهندو؟</verse>
				<verse number="27">پر هن چيو تہ جي ڳالهيون ماڻهن کان ٿي نہ ٿيون سگهن، سي خدا کان ٿي سگهنديون.</verse>
				<verse number="28">پطرس چيو تہ ڏس، اسين پنهنجو گهر ٻار ڇڏي تنهنجي پٺيان آيا آهيون.</verse>
				<verse number="29">هن چين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ ڪوبہ اهڙو ماڻهو ڪونهي جنهن خدا جي بادشاهت جي لاءِ گهر، يا زال، يا ڀائر، يا ماءُ پيءُ، يا ٻار ڇڏيا هجن،</verse>
				<verse number="30">تہ اُنهي کي هن زماني ۾ ڳچ جيترو زيادہ نہ ملي، ۽ ايندڙ جهان ۾ هميشہ جي زندگي.</verse>
				<verse number="31">۽ هن ٻارهن ئي کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ ڏسو، اسين يروشلم ڏانهن هلون ٿا، ۽ جيڪي ڳالهيون ابن آدم جي بابت نبي لکي ويا آهن، سي سڀيئي پوريون ٿينديون.</verse>
				<verse number="32">ڇالاءِ جو هو غير قومن جي حوالي ڪيو ويندو، ۽ اُهي ساڻس ٺٺوليون ڪندا، ۽ ساڻس جُٺيون ڪندا، ۽ مٿس ٿُڪون اُڇلائيندا:</verse>
				<verse number="33">۽ چهبڪ هڻندس، ۽ قتل ڪندس، ۽ ٽئين ڏينهن هو وري جي اُٿندو.</verse>
				<verse number="34">پر هنن کي انهن ڳالهين مان ڪابہ سمجهہ ۾ ڪين آئي، ۽ اها ڳالهہ کانئن ڳجهي رهي، ۽ جيڪي ڳالهيون چيون ويون، تن جي کين پروڙ ئي ڪانہ پيئي.</verse>
				<verse number="35">۽ هيئن ٿيو، جو جڏهن هو يريحو جي ويجهو آيو، تہ هڪڙي انڌي ماڻهوءَ رستي جي ڀر ۾ ويٺي پنيو:</verse>
				<verse number="36">۽ ميڙاڪي جي لنگهڻ جو گوڙ ٻُڌي پڇيائين تہ هي ڇا آهي؟</verse>
				<verse number="37">۽ هنن چيس تہ يسوع ناصري ٿو لنگهي.</verse>
				<verse number="38">تڏهن هن واڪو ڪري چيو، تہ اي يسوع، ابن دائود، مون تي رحم ڪر.</verse>
				<verse number="39">۽ جيڪي اڳيان پئي ويا، تن ڇڙٻ ڏيئي چيس تہ ماٺ ڪر: پر هو پاڻ هيڪاري وڏو واڪو ڪري چوڻ لڳو، تہ اي ابن دائود، مون تي رحم ڪر.</verse>
				<verse number="40">تنهن تي يسوع بيهي رهيو ۽ حڪم ڏنائين تہ مون وٽ وٺي اچوس. ۽ جڏهن هو ويجهو آيو، تڏهن پڇيائينس تہ</verse>
				<verse number="41">تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي تہ آئون تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان؟ هن چيو تہ اي خداوند، هيءُ تہ مون کي ديد ملي.</verse>
				<verse number="42">يسوع چيس تہ ديد وٺ: تنهنجي ايمان توکي سڄو ڪيو.</verse>
				<verse number="43">۽ يڪدم هو ڏسڻ وائسڻ لڳو، ۽ خدا جي وڏائي ڪندو هن جي پٺيان هلڻ لڳو: ۽ سڀيئي ماڻهو هي ڏسي خدا جي تعريف ڪرڻ لڳا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="19">
				<verse number="1">پوءِ هو يريحو ۾ آيو، ۽ اُتان پئي لنگهيو،</verse>
				<verse number="2">تہ ڏسو، زڪيءَ نالي هڪڙو ماڻهو هو جو محصولي ٺيڪيدارن جو وڏو هو، ۽ شاهوڪار بہ هو:</verse>
				<verse number="3">۽ سندس مرضي هئي تہ ڏسان تہ يسوع ڪير آهي، پر گوڙ جي ڪري ڏسي نٿي سگهيو، ڇوتہ پاڻ بندرو هو.</verse>
				<verse number="4">سو هو اڳڀرو ڊوڙي هڪڙي انجير جي وڻ تي وڃي چڙهي ويٺو، تہ اُتان ڏسي، ڇو جو هو اُنهيءَ واٽ کان لنگهڻو هو.</verse>
				<verse number="5">۽ جڏهن يسوع اُنهي هنڌ آيو، تڏهن مٿي نهاري چيائينس، تہ اي زڪي، جلدي ڪري لهي اچ، ڇالاءِ جو اڄ مون کي تنهنجي گهر ٽڪڻو آهي.</verse>
				<verse number="6">۽ هو جهٽ پٽ هيٺ لهي آيو، ۽ خوشيءَ سان هن کي پنهنجي گهر وٺي ويو.</verse>
				<verse number="7">۽ جڏهن اُنهن اهو ڏٺو، تڏهن سڀيئي سُر پُر ڪري چوڻ لڳا، تہ هو گنهگار جي گهر وڃي لٿو آهي.</verse>
				<verse number="8">پوءِ زڪي اُٿي بيٺو، ۽ خداوند کي چيائين تہ ڏس، اي خداوند، آئون پنهنجو اڌ مال غريبن کي ٿو ڏيان، جي ڪنهن ماڻهوءَ کان ڪي ناحق ورتو اٿم، تہ انهي کي چئوڻو ڪري موٽائي ٿو ڏيان.</verse>
				<verse number="9">يسوع چيو، تہ اڄ هن گهر ۾ نجات آئي آهي، ڪيئن جو هيءُ بہ ابراهيم جو اولاد آهي.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو ابن آدم جيڪي گمراهہ ٿي ويا آهن تن کي ڳولڻ ۽ بچائڻ آيو آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ هنن اهي ڳالهيون پئي ٻُڌيون، تہ هڪڙو مثال بہ ڏنائين ڇو جو هو يروشلم کي اچي ويجهو ٿيو هو، ۽ ڇالاءِ جو هو ائين سمجهي ويٺا هئا تہ خدا جي بادشاهت اِجها ٿي ظاهر ٿئي.</verse>
				<verse number="12">تنهن تي هن چيو تہ هڪڙو امير ڪنهن ڏورانهين ملڪ ڏانهن ٿي ويو، تہ اُتان پنهنجي لاءِ بادشاهت وٺي موٽي.</verse>
				<verse number="13">۽ هن پنهنجا ڏهہ نوڪر سڏي کين ڏهہ مهرون ڏنيون، ۽ چيائين، تہ جيسين آئون اچان، تيسين انهن سان واپار هلايو.</verse>
				<verse number="14">پر سندس شهر جي ماڻهن جي ساڻس نٿي پيئي، تن پٺيانئس ايلچي ڏياري موڪليا، تہ اسان جي مرضي نہ آهي تہ ڪو هيءُ ماڻهو اسان تي بادشاهي ڪري.</verse>
				<verse number="15">پوءِ هيئن ٿيو، تہ جڏهن هو بادشاهت وٺي موٽيو، تڏهن حڪم ڪيائين تہ جن نوڪرن کي پيسا ڏيئي ويو هوس، تن کي مون وٽ سڏي اچو تہ ڏسان تہ واپار ڪري ڇا کڻي ڪمائي رکيو اٿن.</verse>
				<verse number="16">تنهن تي پهرئين وٽس اچي چيو تہ اي سائين، تنهنجي مهر مان ٻيون ڏهہ مهرون پيدا ٿيون آهن.</verse>
				<verse number="17">تنهن کي هن چيو تہ شاباس، اي چڱا نوڪر، ڇوتہ تون ٿوري ۾ ئي ايماندار ٿيو آهين، ڏهن شهرن جو حاڪم ٿيءُ.</verse>
				<verse number="18">۽ ٻئي اچي چيو تہ اي سائين، تنهنجيءَ مهر مان پنج مهرون پيدا ٿيون.</verse>
				<verse number="19">تڏهن هن کي بہ چيائين تہ تون بہ پنجن شهرن جو حاڪم ٿيءُ.</verse>
				<verse number="20">پوءِ هڪڙي ٻئي اچي چيو، تہ اي سائين، اِجهو تنهنجي مهر، جا مون رومال ۾ ٻَڌي رکي هئي؛</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو آئون ڄاڻان ٿو تہ تون سخت ماڻهو آهين، تنهنڪري مون کي ڊپ ٿيو؛ جو جيڪي تو جمع نہ ڪيو آهي سو تون کڻين ٿو، ۽ جيڪي تو پوکيو نہ آهي، سو تون لُڻين ٿو.</verse>
				<verse number="22">هن چيس، تہ اي خراب نوڪر، تنهنجي ئي واتان آئون تنهنجو نبيرو ڪندس! جڏهن توکي سُڌ هئي تہ آئون سخت ماڻهو آهيان، ۽ جيڪي جمع ڪين ڪيو اٿم سو پيو کڻان، ۽ جيڪي پوکيو ئي ڪين اٿم سو پيو لُڻان؛</verse>
				<verse number="23">تڏهن تو منهنجا پئسا بئنڪ ۾ ڇو ڪين ڏنا، تہ آئون جڏهن موٽان، تڏهن وياج سوڌا اچي وٺان ها؟</verse>
				<verse number="24">تنهن تي جيڪي بيٺا هئا، تن کي چيائين، تہ اها مهر هن کان کسي، ڏهن مهرن واري کي ڏيو.</verse>
				<verse number="25">تڏهن هنن چيس، تہ سائين، هن وٽ تہ ڏهہ مهرون آهن.</verse>
				<verse number="26">آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جنهن وٽ آهي، تنهن کي ڏنو ويندو، پر جنهن وٽ ڪينهي، تنهن کان جيڪي اٿس، سو بہ کسي وٺبو.</verse>
				<verse number="27">ٻيو تہ منهنجا اُهي دشمن، جن جي مرضي نہ هئي تہ آئون مٿن بادشاهي ڪريان، تن کي هتي وٺي اچو، ۽ منهنجي سامهون انهن کي قتل ڪريو.</verse>
				<verse number="28">۽ جڏهن ائين چئي چڪو، تڏهن هو اڳتي وڌي يروشلم ڏانهن وڃڻ لڳو.</verse>
				<verse number="29">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو زيتون واري ٽڪر وٽ، بيت فگا ۽ بيت عنياہ جي ويجهو آيو، تڏهن ٻن شاگردن کي موڪلي چيائين تہ</verse>
				<verse number="30">اوهان جي سامهون جو ڳوٺ آهي اُتي وڃو، ۽ اندر گهڙڻ شرط اوهين هڪڙو کودڙو ٻڌل ڏسندا، جنهن تي ڪنهن بہ ماڻهوءَ اڃا تائين سواري ڪانہ ڪئي آهي؛ اُهو ڇوڙي وٺي اچو.</verse>
				<verse number="31">۽ جيڪڏهن ڪو اوهان کان کڻي پڇي، تہ ڇو ٿا ڇوڙيوس؟ تہ هيئن چئجو تہ خداوند کي انهي جي گهُرج آهي.</verse>
				<verse number="32">پوءِ جن کي موڪليائين سي ويا، ۽ جيئن چيو هئائين تيئن ڏٺائون.</verse>
				<verse number="33">۽ اُهي کودڙو ڇوڙڻ لڳا، تہ اُن جي مالڪن چين تہ کودڙو ڇو ٿا ڇوڙيو؟</verse>
				<verse number="34">هنن چيو تہ خداوند کي هن جي گهُرج آهي.</verse>
				<verse number="35">پوءِ اُنهي کي يسوع وٽ وٺي آيا، ۽ پنهنجا ڪپڙا کودڙي تي وجهي، يسوع کي اُن تي ويهاريائون.</verse>
				<verse number="36">۽ جڏهن هو اُٿي هليو، تڏهن هنن پنهنجا ڪپڙا رستي تي کڻي وڇايا.</verse>
				<verse number="37">۽ جڏهن هو زيتونن جي ٽڪر جي لاهيءَ جي ويجهو ويو، تڏهن شاگردن جي سڄي جماعت، جيڪي معجزا ڏٺا هئائون، تن سڀني جي ڪري خوشيءَ ۾ ڀرجي، وڏي آواز سان خدا جي واکاڻ ڪري چوڻ لڳي تہ،</verse>
				<verse number="38">مبارڪ آهي اُهو بادشاهہ جو خداوند جي نالي ٿو اچي: آسمان ۾ صلح، ۽ عالم بالا ۾ جلال.</verse>
				<verse number="39">۽ اُنهي خلق مان ڪن فريسين چيس، تہ اي اُستاد، پنهنجن شاگردن کي جهل.</verse>
				<verse number="40">هن جواب ڏيئي چيو تہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جي هنن ماٺ ڪئي، تہ خود پهڻ وٺي پڪاريندا.</verse>
				<verse number="41">پوءِ جڏهن ويجهو آيو، تڏهن شهر ڏسي مٿس بيهي رنائين.</verse>
				<verse number="42">۽ چيائين، تہ شل جيڪي امن واريون ڳالهيون آهن، تن کي تون، ها تون اڄوڪي ڏينهن سمجهين ها! پر هاڻي اُهي تنهنجين اکين کان لڪل آهن.</verse>
				<verse number="43">ڇوتہ اُهي ڏينهن توتي اچي ڪڙڪندا، جڏهن تنهنجا دشمن تنهنجي چوڌاري مورچو ٻَڌي توکي ويڙهي ويندا، ۽ چوطرف اچي توکي سوڙهو گهٽيندا!</verse>
				<verse number="44">۽ اُهي توکي، ۽ تو ۾ جيڪي تنهنجا ٻار آهن تن کي، وٺي پَٽ سان هڻندا، ۽ تو ۾ پهڻ پهڻ تي بہ نہ ڇڏيندا، ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن تو تي نظر ٿي، تنهن ڏينهن کي تو نہ سڃاتو.</verse>
				<verse number="45">پوءِ هو هيڪل ۾ ويو، ۽ جن واپار پئي ڪيو، تن کي هڪالي ڪڍڻ لڳو،</verse>
				<verse number="46">۽ چيائين، تہ لکيل آهي تہ منهنجو گهر عبادت جو گهر ٿيندو، پر اوهان کڻي انهي کي ڌاڙيلن جي پاٿاري بنايو آهي.</verse>
				<verse number="47">۽ هن هر روز هيڪل ۾ تعليم پئي ڏني، پر سردار ڪاهنن، ۽ فقيهن، ۽ اُمت جي بزرگن وجهہ پئي ڳوليو تہ هن کي ڪيئن ماري کپائي ڇڏيون؛</verse>
				<verse number="48">پر وس ڪونہ ٿي پُڳن؛ ڇالاءِ جو ماڻهو هن جي ڳالهين ٻُڌڻ لاءِ آتا هئا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="20">
				<verse number="1">۽ هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو، جو هن ماڻهن کي هيڪل ۾ ويٺي تعليم ڏني، ۽ انجيل جي منادي پئي ڪيائين؛ تہ سردار ڪاهن ۽ فقيهہ، بزرگن سان گڏجي وٽس آيا.</verse>
				<verse number="2">۽ چيائونس تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ ڪهڙيءَ اختياريءَ سان تون اِهي ڪم ٿو ڪرين؟ اُهو ڪير آهي جنهن توکي اها اختياري ڏني آهي؟</verse>
				<verse number="3">هن جواب ڏيئي چيو، تہ آئون بہ اوهان کان هڪڙو سوال ٿو پڇان، سو مون کي ٻُڌايو،</verse>
				<verse number="4">تہ يوحنا جي بپتسما آسمان کان هئي يا ماڻهن کان؟</verse>
				<verse number="5">تڏهن اُهي پاڻ ۾ بحث ڪري چوڻ لڳا تہ جي ٿا چئون آسمان کان، تہ هو اسان کي چوندو تڏهن هن کي ڇو نہ مڃيوَ؟</verse>
				<verse number="6">پر جي ٿا چئون ماڻهن کان، تہ ساري خلق اسان کي سنگسار ڪندي؛ ڇالاءِ جو هنن کي پڪ آهي تہ يوحنا نبي هو.</verse>
				<verse number="7">تڏهن هنن جواب ڏنو تہ اسان کي خبر ڪانهي تہ ڪٿان هئي.</verse>
				<verse number="8">تنهن تي يسوع چين تہ آئون بہ اوهان کي ڪين ٻڌائيندس تہ ڪهڙيءَ اختياريءَ سان هي ڪم ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="9">پوءِ هو ماڻهن کي هي مثال ڏيڻ لڳو، تہ هڪڙي ماڻهوءَ ڊاک جو باغ لڳايو، ۽ آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏنائين، ۽ پاڻ ڳچ وقت تائين ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.</verse>
				<verse number="10">۽ مند تي هڪڙي نوڪر کي آبادگارن وٽ موڪليائين، تہ کانئن ڊاک جي ميوي جو حصو وٺي اچي، پر آبادگارن هن کي مار ڏيئي سکڻي هٿ ڪڍي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="11">تنهن تي هن ٻيو نوڪر موڪليو، تنهن کي بہ مار ڏيئي ۽ جُٺ ڪري، خالي هٿين ڪڍي ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="12">تڏهن هن ٽيون بہ موڪليو، ۽ اُنهيءَ کي بہ ڦٽي هڪالي ڪڍي ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="13">تڏهن باغ جي مالڪ چيو تہ ڪريان سو ڪريان ڇا؟ هاڻ پنهنجو پيارو پٽ ٿو موڪليان، تہ من انهي جي عزت رکن.</verse>
				<verse number="14">پر جڏهن آبادگارن اُنهي کي ڏٺو، تڏهن پاڻ ۾ پهہ پچائڻ لڳا تہ هيءُ وارث آهي؛ اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون، تہ ورثو ئي اسان جو ٿئي.</verse>
				<verse number="15">پوءِ هن کي باغ کان ٻاهر ڪڍي ماري وڌائونس.</verse>
				<verse number="16">هاڻي باغ جو مالڪ اُنهن کي ڇا ڪندو؟ هو اچي آبادگارن کي چٽ ڪري ڇڏيندو، ۽ باغ ٻين کي ڏيندو. جڏهن هنن اهو ٻُڌو تڏهن چوڻ لڳا، تہ خدا خير ڪري!</verse>
				<verse number="17">پر هنن ڏانهن نهاري چيائين تہ هي جيڪي لکيل آهي، سو تڏهن ڇا آهي، تہ ”جنهن پهڻ کي رازن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي ڪنڊ جو سرو ڪيو ويو“؟</verse>
				<verse number="18">جيڪو اُنهي پهڻ تي ڪِرندو، سو ڀڄي پرزا پرزا ٿي پوندو، پر جنهن تي اُهو ڪِرندو، تنهن کي چور چور ڪري ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="19">۽ اوڏيءَ ئي مهل فقيهن ۽ سردار ڪاهنن ڪوشش ڪئي تہ جهليونس، ڇالاءِ جو اُنهن سهي ڪيو تہ هن هيءُ مثال اسان تي آندو آهي؛ پر ماڻهن کان ڊنا ٿي.</verse>
				<verse number="20">پوءِ هو هن کي اک ۾ رکندا آيا، ۽ جاسوس موڪليائون تہ ٻاهر سچار بنجي هن کي سندس ڳالهائڻ ۾ ڦاسائين، تہ حاڪم جي قبضي ۽ اختياريءَ ۾ ڏينس.</verse>
				<verse number="21">۽ اُنهن پڇيس، تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون جيڪي چئين ۽ سيکارين ٿو، سو برابر آهي ۽ ڪنهن جي بہ طرفداري نٿو ڪرين، پر خدا جو رستو سچائيءَ سان ٿو سيکارين:</verse>
				<verse number="22">اسان لاءِ قيصر کي محصول ڏيڻ واجب آهي يا نہ؟</verse>
				<verse number="23">پر هن سندن فريب سهي ڪري چيو تہ</verse>
				<verse number="24">مون کي دينار ڏيکاريو، انهي تي ڪنهن جي شڪل ۽ ڪنهن جا اکر آهن؟ هنن چيو تہ قيصر جا.</verse>
				<verse number="25">تنهن تي هن چين، تہ تنهنڪري جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو، ۽ جيڪي خدا جو آهي سو خدا کي.</verse>
				<verse number="26">۽ هو ماڻهن جي اڳيان هن کي سندس ڳالهين ۾ جهلي نہ سگهيا، ۽ کين سندس هن جواب تي ڏاڍو عجب لڳو ۽ کڻي ماٺ ڪيائون.</verse>
				<verse number="27">پوءِ ڪي صدوقي وٽس آيا، جي چوندا آهن تہ قيامت آهي ئي ڪانہ،</verse>
				<verse number="28">تن سوال پڇيس، تہ اي اُستاد، موسيٰ اسان لاءِ لکي ويو آهي تہ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو شادي ڪيل ڀاءُ بنا اولاد مري وڃي، تہ سندس ڀاءُ هن جي زال پرڻجي، تہ انهيءَ لاءِ اولاد پيدا ٿئي.</verse>
				<verse number="29">هاڻي هڪڙا ست ڀائر هئا، پهريون زال پرڻجي بنا اولاد مري ويو،</verse>
				<verse number="30">ٻيو بہ ائين،</verse>
				<verse number="31">۽ ٽيون بہ اُنهي سان پرڻيو، ۽ اهڙيءَ طرح ست ئي بنا اولاد مري ويا.</verse>
				<verse number="32">آخر زال بہ مري ويئي.</verse>
				<verse number="33">پوءِ قيامت ۾ اُنهن مان اُها ڪنهن جي زال ٿيندي؟ ڇالاءِ جو ست ئي هن سان پرڻيا هئا.</verse>
				<verse number="34">يسوع چين تہ هن دنيا جا ٻار پرڻبا ۽ پرڻائبا آهن،</verse>
				<verse number="35">پر جيڪي انهي لائق آهن تہ ايندڙ جهان ملين، ۽ قيامت ۾ جي اُٿن، سي نڪي پرڻبا نڪي پرڻايا ويندا آهن،</verse>
				<verse number="36">ڇالاءِ تہ اُهي وري ڪڏهن مرڻ جا نہ آهن، بلڪ اُهي ملائڪن جهڙا آهن، ۽ قيامت جا ٻار ٿيڻ سببان خدا جا ٻار آهن.</verse>
				<verse number="37">پر مردا جي ٿا اُٿن، سو تہ موسيٰ پاڻ ٻوٽي واري بيان ۾ ڏيکاري ويو آهي، جنهن مهل هو خداوند کي ابراهيم جو خدا، ۽ اسحاق جو خدا، ۽ يعقوب جو خدا ڪري ٿو سڏي.</verse>
				<verse number="38">هاڻي هو مئلن جو نہ، پر جيئرن جو خدا آهي؛ ڇالاءِ جو سڀيئي هن جي اڳيان جيئرا آهن.</verse>
				<verse number="39">۽ ڪن فقيهن جواب ڏيئي چيو، تہ اي اُستاد، تو پوري ڳالهہ ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="40">ڇالاءِ تہ هنن کي همت ئي ڪانہ ٿي، جو کانئس وڌيڪ سوال کڻي پڇن.</verse>
				<verse number="41">۽ هن چين تہ اُهي ڪيئن ٿا چون تہ مسيح دائود جو پٽ آهي؟</verse>
				<verse number="42">ڇو جو دائود پاڻ زبور جي ڪتاب ۾ چيو آهي، تہ ”خداوند منهنجي خداوند کي چيو، تہ تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ،</verse>
				<verse number="43">جيسين ڪ آئون تنهنجن دشمنن کي تنهنجن پيرن جي صندلي ڪريان.“</verse>
				<verse number="44">سو جڏهن دائود کيس خداوند ڪري ٿو سڏي، تڏهن ڪيئن هو سندس پٽ ٿيو؟</verse>
				<verse number="45">۽ سڀني ماڻهن جي ٻُڌندي هن پنهنجن شاگردن کي چيو تہ</verse>
				<verse number="46">فقيهن کان سنڀالجو جن کي ڊگها چوغا پائي گهمڻ وڻي ٿو، ۽ جي ڀانئين ٿا تہ بازارن ۾ اسان کي سلام، ۽ عبادتخانن ۾ اعليٰ درجي جون جايون، ۽ مجلسن ۾ خاص جڳهون ملن.</verse>
				<verse number="47">جي بيوهہ زالن جا گهر ئي هضم ڪيو وڃن، ۽ ڏيکارڻ لاءِ ڊگهيون ڊگهيون نمازون ٿا پڙهن: اُنهن کي وڌيڪ سزا ملندي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="21">
				<verse number="1">پوءِ جڏهن هن مٿي نهاريو، تہ ڏٺائين تہ شاهوڪار ماڻهو هيڪل جي خزاني ۾ پنهنجا نذرانا پيا وجهن.</verse>
				<verse number="2">۽ هڪ غريب بيوهہ زال کي ان ۾ ٻہ دمڙيون وجهندو ڏٺائين.</verse>
				<verse number="3">تنهن تي هن چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هي جيڪي خزاني ۾ پيا وجهن، تن سڀني کان هن غريب بيوهہ زال وڌيڪ وڌو آهي.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو هنن وٽ جيڪي گهُرج کان وڌيڪ هو، تنهن مان ڏنو اٿن: پر هن پنهنجي تنگ حال هوندي بہ پنهنجي سموري ڪمائي کڻي وڌي.</verse>
				<verse number="5">۽ ڪي هيڪل جي بابت چوڻ لڳا تہ ڪهڙن نہ عمدن پهڻن ۽ نذران جي شين سان سينگاريل آهي، تنهن تي هن چيو تہ</verse>
				<verse number="6">اُهي ڏينهن ايندا، جڏهن هي شيون جي اوهين ڏسو ٿا، تن مان پهڻ، پهڻ تي نہ رهندو، جو ڊاٺو نہ ويندو.</verse>
				<verse number="7">تڏهن هنن پڇيس تہ اي اُستاد، اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون؟ ۽ جڏهن اُهي ٿيڻ تي هونديون تڏهن انهي وقت جي ڪهڙي نشاني ٿيندي؟</verse>
				<verse number="8">هن چيو تہ سنڀالجو، متان گمراهہ ٿيو؛ ڇالاءِ جو گهڻا منهنجي نالي اچي چوندا تہ اُهو آئون آهيان ۽ وقت ويجهو آيو آهي: پر اوهين متان انهن جي پٺيان وڃو.</verse>
				<verse number="9">۽ جڏهن اوهين جنگين ۽ فسادن جا افواهہ ٻُڌو، تڏهن گهٻرائجو نہ، ڇو جو پهريائين اهي ڳالهيون ضرور ٿينديون؛ پر پڄاڻي هڪدم ڪين ايندي.</verse>
				<verse number="10">پوءِ چيائين تہ قوم، قوم تي، ۽ بادشاهت، بادشاهت تي چڙهائي ڪندي،</verse>
				<verse number="11">۽ ڏاڍا زلزلا ٿيندا، ۽ هنڌ هنڌ ڏڪار ۽ وبائون پونديون؛ آسمان مان هيبتناڪ حادثا ۽ ڳرا نشان ظاهر ٿيندا.</verse>
				<verse number="12">پر اُهي ڳالهيون ٿين، تنهن کان اڳي اهي اوهان کي اچي جهليندا، ۽ اوهان کي ستائيندا، ۽ عبادتخانن جي عدالت جي حوالي ڪندا، ۽ قيد خانن ۾ وجهندا، ۽ منهنجي نالي بادشاهن ۽ حاڪمن اڳيان اوهان کي کڙو ڪندا.</verse>
				<verse number="13">انهي جو نتيجو اوهان لاءِ شاهدي ڏيڻ جو موقعو ٿيندو.</verse>
				<verse number="14">تنهنڪري پنهنجين دلين ۾ ٺهرائي ڇڏيو، تہ اسين اڳ ۾ ئي فڪر نہ ڪنداسين تہ ڪهڙو جواب ڏيون؛</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ تہ آئون اوهان کي اهڙي زبان ۽ اهڙي سمجهہ ڏيندس، جو اوهان جي ڪنهن بہ دشمن کي طاقت نہ ٿيندي تہ اوهان جي سامهون ٿئي، يا اوهان کي رد قد ڏيئي سگهي.</verse>
				<verse number="16">پر اوهان جا پيئر، مائر، ڀائر، مٽ مائٽ، ۽ سڄڻ بہ اوهان کي جهلائيندا؛ بلڪ اوهان مان ڪن کي مارائي ڇڏيندا؛</verse>
				<verse number="17">۽ منهنجي نالي ڪري سڀ ماڻهو اوهان سان نفرت ڪندا.</verse>
				<verse number="18">پر اوهان جي مٿي جو هڪ وار بہ ونگو نہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="19">اوهين پنهنجي صبر سان پنهنجي جان بچائيندا.</verse>
				<verse number="20">پر جڏهن اوهين ڏسو تہ يروشلم کي لشڪر گهيري ويا آهن، تڏهن ڄاڻجو تہ سندس ويران ٿيڻ جو وقت ويجهو آهي.</verse>
				<verse number="21">پوءِ جيڪي يهوديہ ۾ هجن سي جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن، ۽ جيڪي شهر جي وچ ۾ هجن سي ٻاهر نڪري وڃن، ۽ جيڪي ٻهراڙيءَ ۾ هجن سي اندر شهر ۾ نہ گهڙن.</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ جو اُهي بدلي وٺڻ جا ڏينهن ٿيندا، تہ جيڪي ڳالهيون لکيل آهن سي سڀيئي پوريون ٿين.</verse>
				<verse number="23">افسوس آهي اُنهن لاءِ، جي اُنهن ڏينهن ۾ پيٽ سان هونديون، ۽ اُنهن لاءِ، جن کي ٻار ٿڻن تي هوندا! ڇالاءِ تہ زمين تي وڏي آفت ايندي، ۽ هن اُمت تي غضب اچي پوندو.</verse>
				<verse number="24">۽ اُهي ترار سان قتل ٿيندا، ۽ سڀني قومن منجهہ قيدي ٿي ويندا؛ ۽ يروشلم کي غير قومن وارا اچي لتاڙيندا، جيسين ڪ غير قومن جو وقت اچي پورو ٿئي.</verse>
				<verse number="25">۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارن ۾ نشان ظاهر ٿيندا، ۽ زمين تي قومن مٿان مصيبت اچي ڪڙڪندي، ۽ اُهي سمنڊ ۽ لهرن جي گوڙ ڪري حيران ۽ پريشان ٿي وينديون.</verse>
				<verse number="26">جيڪي آفتون زمين تي اچي نازل ٿينديون، تن جي اُلڪي ۾ ڊپ کان ماڻهن جو ساهہ ئي سُڪي ويندو، ڇالاءِ جو آسمان جون طاقتون ڏڪي وينديون.</verse>
				<verse number="27">تڏهن اُهي ابن آدم کي قدرت ۽ شان شوڪت سان ڪڪر ۾ ايندو ڏسندا.</verse>
				<verse number="28">پر جڏهن اُهي ڳالهيون ٿيڻ لڳن، تڏهن سنوان ٿي ڪنڌ مٿي ڪجو، ڇالاءِ جو اوهان جو ڇوٽڪارو ويجهو آيو آهي.</verse>
				<verse number="29">۽ هن هڪڙو مثال ڏيئي چين، تہ انجير جو وڻ ۽ ٻيا سڀيئي وڻ ڏسو؛</verse>
				<verse number="30">هاڻي جڏهن اُهي مورجن ٿا، تڏهن اوهين ڏسي سهي ٿا ڪريو، تہ اونهارو ويجهو آيو آهي.</verse>
				<verse number="31">تهڙيءَ طرح جڏهن اوهين هي ڳالهيون ٿينديون ڏسو، تڏهن ڄاڻجو تہ خدا جي بادشاهت ويجهي آئي آهي.</verse>
				<verse number="32">آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جيسين سڀيئي ڳالهيون پوريون ڪين ٿينديون، تيسين هيءَ پيڙهي گذري نہ ويندي.</verse>
				<verse number="33">آسمان ۽ زمين ٽري ويندا، پر منهنجو ڪلام ڪين ٽرندو.</verse>
				<verse number="34">مگر خبردار ٿجو تہ متان اوهان جون دليون هٻڇ، ۽ نشي، ۽ هن حياتيءَ جي فڪر ۾ ڦاسي پون، ۽ اُهو ڏينهن اوهان تي ڄار وانگر اچي ڪڙڪي:</verse>
				<verse number="35">ڇالاءِ جو اُهو ساريءَ دنيا جي سڀني رهاڪن تي اچي ڪڙڪندو.</verse>
				<verse number="36">پر اوهين هر وقت سجاڳ رهو ۽ دعا گهُرو تہ اهي جيڪي ڳالهيون ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ جي طاقت مليوَ، ۽ ابن آدم جي حضوريءَ ۾ بيهي سگهو.</verse>
				<verse number="37">۽ هو روز ڏينهن جو هيڪل ۾ تعليم ڏيندو هو، ۽ رات جو ٻاهر نڪري زيتون جي ٽڪر تي وڃي ٽڪندو هو.</verse>
				<verse number="38">۽ سڀيئي ماڻهو صبح جو سوير هيڪل ۾ سندس ڳالهيون ٻڌڻ ايندا هئا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="22">
				<verse number="1">هاڻي فطيري عيد، جنهن کي فسح ٿا چون، سا ويجهي آئي.</verse>
				<verse number="2">۽ سردار ڪاهنن ۽ فقيهن وجهہ پئي ڳوليو تہ هن کي ڪيئن ماري وجهون، ڇو جو اُهي خلق کان ڊنا ٿي.</verse>
				<verse number="3">۽ يهوداهہ جنهن کي اسڪريوتي ڪري سڏيندا هئا، ۽ جو ٻارهن مان هڪڙو هو، تنهن ۾ شيطان اچي گهڙيو.</verse>
				<verse number="4">۽ هن وڃي سردار ڪاهنن ۽ صوبيدارن سان صلاح ڪئي، تہ ڪهڙيءَ طرح هو کيس سندن حوالي ڪري.</verse>
				<verse number="5">تنهن تي هنن کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ کيس پيسن ڏيڻ جو واعدو ڪيائون.</verse>
				<verse number="6">۽ هن قبول ڪيو، ۽ وجهہ پئي ڳوليائين تہ جڏهن ماڻهو نہ هجن، تڏهن هن کي سندن حوالي ڪريان.</verse>
				<verse number="7">پوءِ فطيري عيد جو ڏينهن آيو، جنهن ڏينهن فسح جي قرباني چاڙهڻ ضرور هو.</verse>
				<verse number="8">تڏهن يسوع پطرس ۽ يوحنا کي موڪليو، تہ وڃي فسح تيار ڪن تہ کائين.</verse>
				<verse number="9">هنن چيس تہ تنهنجي مرضي ڪهڙي آهي تہ اسين ڪٿي تيار ڪريون؟</verse>
				<verse number="10">۽ اُنهن کي چيائين تہ ڏسو، شهر ۾ گهڙڻ سان اوهان کي هڪڙو ماڻهو گڏبو، جو دلو پاڻيءَ جو کنيو پيو ايندو، پوءِ جنهن گهر ۾ هو گهڙي وڃي، تنهن ۾ اوهين بہ پٺيانئس وڃجو،</verse>
				<verse number="11">۽ گهر جي مالڪ کي چئجو تہ اُستاد چوي ٿو تہ مهمان خانو ڪٿي آهي، تہ آئون پنهنجن شاگردن سان گڏ فسح کاوان؟</verse>
				<verse number="12">۽ هو اوهان کي ماڙيءَ تي هڪ وڏي ڪوٺي سينگاريل ڏيکاريندو؛ اُتي تياري ڪجو.</verse>
				<verse number="13">پوءِ هو روانا ٿيا، ۽ جيئن هن چيو هون، تيئن اچي ڏٺائون، ۽ هنن فسح تيار ڪيو.</verse>
				<verse number="14">۽ جڏهن اُها گهڙي آئي، تڏهن هو رسولن سان گڏجي ويٺو.</verse>
				<verse number="15">۽ هنن کي چيائين، تہ منهنجي ڏاڍي دل آهي تہ آئون ڏکن سهڻ کان اڳي اوهان سان گڏجي هيءُ فسح کان.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيسين اُهو خدا جي بادشاهت ۾ پورو نہ ٿئي، تيسين آئون اُهو وري ڪين کائيندس.</verse>
				<verse number="17">۽ هن پيالو کڻي شڪر ڪري چيو، تہ وٺي پاڻ ۾ ورهايو؛</verse>
				<verse number="18">ڇو جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيسين ڪ خدا جي بادشاهت نہ اچي، تيسين آئون ڊاک جي رس مان اڄ کانپوءِ ڪين پيئندس.</verse>
				<verse number="19">پوءِ ماني کڻي شڪر ڪري اُها ڀڳائين، ۽ هنن کي ڏيئي چيائين، تہ هيءُ منهنجو بدن آهي، جو اوهان لاءِ ڏنو ٿو وڃي، منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ئي ڪندا رهجو.</verse>
				<verse number="20">۽ ساڳيءَ ريت کائڻ کانپوءِ پيالو کڻي چيائين تہ هيءُ پيالو منهنجي رت ۾ اُهو نئون عهد آهي، جو اوهان لاءِ وهائجي ٿو.</verse>
				<verse number="21">پر ڏسو، جيڪو مون کي جهلائي ٿو، تنهن جو هٿ مون سان گڏ ميز تي آهي.</verse>
				<verse number="22">پر جيئن ابن آدم لاءِ ٺهرايل آهي، تيئن هو سچ پچ وڃي ٿو، پر افسوس آهي انهي ماڻهوءَ تي، جنهن جي هٿان هو جهلجي ٿو وڃي!</verse>
				<verse number="23">۽ اهي پاڻ ۾ پڇڻ لڳا تہ اسان مان اهو ڪير آهي جو ههڙو ڪم ڪندو؟</verse>
				<verse number="24">۽ منجهن اهو بہ تڪرار ٿيو تہ اسان سڀني ۾ وڏو ڪير ليکبو.</verse>
				<verse number="25">هن چين تہ غير قومن جا بادشاهہ مٿن حڪم ٿا هلائين، ۽ جن کي مٿن اختياري آهي، سي ڀلائي ڪندڙ سڏبا آهن.</verse>
				<verse number="26">پر اوهين انهن وانگر نہ ٿجو، مگر جيڪو اوهان ۾ وڏو هجي، سو پاڻ کي ننڍو ڪري، ۽ جيڪو سردار هجي سو انهيءَ وانگر ٿئي جو خدمت ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="27">ڇالاءِ جو وڏو ڪير آهي، جيڪو کائڻ ٿو ويهي، يا جيڪو خدمت ٿو ڪري؟ ڇا اهو ڪينهي جيڪو کائي ويٺو؟ پر آئون اوهان منجهہ انهيءَ وانگر آهيان جو خدمت ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="28">پر اوهين اُهي آهيو جي منهنجين آزمائشن ۾ مون سان گڏ رهندا آيا آهيو.</verse>
				<verse number="29">۽ جيئن منهنجي پيءُ مون لاءِ بادشاهت مقرر ڪئي آهي، تيئن آئون بہ اوهان لاءِ بادشاهت مقرر ٿو ڪريان،</verse>
				<verse number="30">تہ اوهين منهنجيءَ بادشاهت ۾ مون سان گڏ ميز تي کائو پيئو؛ ۽ اوهين تختن تي ويهي اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي عدالت ڪندا.</verse>
				<verse number="31">اي شمعون، شمعون، ڏس شيطان اوهان کي گهُري ورتو تہ اوهان کي ڪڻڪ وانگر ڳاهي:</verse>
				<verse number="32">پر مون تو لاءِ دعا گهُري تہ تنهنجي ايمان کي لوڏو نہ اچي: ۽ جڏهن تون ڦري موٽي مون ڏانهن اچين، تڏهن پنهنجن ڀائرن جي مدد ڪج.</verse>
				<verse number="33">تنهن تي هن چيس، تہ اي خداوند، آئون توسان قيدخاني ۾، بلڪ موت تائين هلڻ لاءِ تيار آهيان.</verse>
				<verse number="34">پر هن چيو تہ اي پطرس، آئون توکي چوان ٿو تہ اڄ ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳي تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين تہ آئون هن کي سڃاڻان ئي ڪين.</verse>
				<verse number="35">۽ هن چين تہ جڏهن مون اوهان کي بنا ڳوٿريءَ ۽ بنا جهوليءَ، يا بنا جُتيءَ موڪليو، تڏهن ڪنهن شيءِ جي اوهان کي گهٽتائي ٿي ڇا؟ هنن چيو تہ نہ.</verse>
				<verse number="36">تڏهن چيائين، تہ ڀلا هاڻي جنهن کي ڳوٿري هجي سو اُها کڻي، ۽ پڻ جهولي بہ. ۽ جنهن کي ترار نہ هجي، سو پنهنجو چوغو وڪڻي بہ اُها ڳنهي.</verse>
				<verse number="37">ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ هي جيڪي لکيل آهي تہ ”هو گنهگارن ۾ ليکيو ويو“ سو مون ۾ ضرور پورو ٿيڻو آهي: ڇالاءِ تہ جيڪي مون سان لاڳاپو ٿو رکي، سو ضرور پورو ٿيندو.</verse>
				<verse number="38">۽ هنن چيو تہ اي خداوند، اِجهو هتي ٻہ تراريون آهن. هن چيو تہ اهي بس آهن.</verse>
				<verse number="39">پوءِ هو ٻاهر نڪري آيو، ۽ پنهنجي دستور موجب زيتون واري ٽڪر تي ويو، ۽ شاگرد بہ پٺيانئس ويا.</verse>
				<verse number="40">۽ جڏهن هو اُنهي هنڌ آيو، تڏهن چيائين تہ دعا گهُرو متان آزمائش ۾ پئو.</verse>
				<verse number="41">پوءِ کانئن پهڻ جي اُڇل جيترو پنڌ جدا ٿي، گوڏا کوڙي دعا گهُرڻ لڳو تہ</verse>
				<verse number="42">اي بابا، جي تنهنجي مرضي هجي تہ هيءُ پيالو مون کان ٽاري ڇڏ، تنهن هوندي بہ منهنجي مرضي نہ، پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.</verse>
				<verse number="43">۽ اُتي آسمان مان هڪڙي ملائڪ کيس ڏيکاري ڏني، ۽ اُهو ڏڍ ڏيڻ لڳس.</verse>
				<verse number="44">۽ هو ڏاڍي تڪليف ۾ هئڻ سبب زيادہ گرميءَ سان دعا گهُرڻ لڳو، ۽ سندس پگهر رت جي وڏن ڦڙن وانگر ٿي زمين تي ٽمڻ لڳو.</verse>
				<verse number="45">۽ جڏهن دعا تان اُٿيو، تڏهن شاگردن وٽ آيو، ۽ ڏٺائين تہ ڏک جي ڪري سمهيا پيا آهن،</verse>
				<verse number="46">۽ چيائين، تہ سمهيا ڇو پيا آهيو؟ اُٿي دعا گهُرو، متان آزمائش ۾ پئو.</verse>
				<verse number="47">اڃا هن ڳالهايو ئي پئي تہ ڏسو، هڪڙي ٽولي اچي سهڙي ۽ اُنهن ٻارهن منجهان اُهو، جنهن کي يهوداهہ ڪري سڏيندا هئا، سو سندن اڳيان پئي آيو. ۽ هو ويجهو آيو تہ يسوع کي چُمي؛</verse>
				<verse number="48">پر يسوع چيس تہ اي يهوداهہ، تون ابن آدم کي چُمي ڏيئي ٿو جهلائين ڇا؟</verse>
				<verse number="49">پوءِ جڏهن سندس ساٿين ڏٺو تہ هاڻي ڇا ٿيندو، تڏهن چيائون تہ اي خداوند، اسين ترار هلايون؟</verse>
				<verse number="50">۽ اُنهن مان هڪڙي سردار ڪاهن جي نوڪر کي ڌڪ هڻي سندس ساڄو ڪَن وڍي وڌو.</verse>
				<verse number="51">پر يسوع جواب ڏيئي چيو تہ بس ٺهيو! پوءِ هن جي ڪَن کي هٿ لائي ڇُٽائي ڇڏيائينس.</verse>
				<verse number="52">تڏهن سردار ڪاهن، ۽ هيڪل جا صوبيدار ۽ بزرگ، جي مٿس ڪاهي آيا هئا، تن کي يسوع چيو تہ جيئن ڪنهن ڌاڙيل تي ڪاهي اچبو آهي، تيئن اوهين ترارن ۽ لٺين سان ڪاهي آيا آهيو ڇا؟</verse>
				<verse number="53">جڏهن آئون هر روز اوهان سان هيڪل ۾ هوندو هوس، تڏهن اوهان مون کي هٿ ئي ڪونہ لاتو، پر هينئر اوهان جي گهڙي آهي، ۽ اونداهيءَ جو زور آهي.</verse>
				<verse number="54">پوءِ هو جهلي وٺي ويس، ۽ سردار ڪاهن جي گهر وٺي آيس. پر پطرس پريان پريان پٺيان پئي آيو؛</verse>
				<verse number="55">۽ جڏهن اُهي اڱڻ جي وچ ۾ باهہ ٻاري گڏ ويٺا هئا، تڏهن پطرس بہ سندن وچ ۾ اچي ويٺو.</verse>
				<verse number="56">۽ هڪڙي نوڪرياڻيءَ باهہ جي سوجهري تي ويٺو ڏٺس، ۽ چتائي نهاري چيائين تہ هيءُ ماڻهو بہ هن سان هو.</verse>
				<verse number="57">پر هن الي چيو، تہ اي مائي، آئون تہ سڃاڻانس بہ ڪين.</verse>
				<verse number="58">۽ ٿوري دير کانپوءِ ٻئي ڄڻي ڏٺس، تنهن چيو تہ تون بہ تہ انهن مان آهين. پر پطرس چيو تہ ادا، آئون نہ آهيان.</verse>
				<verse number="59">وري ڪلاڪ کن کانپوءِ ڪنهن ٻئي يقين سان چيو، تہ سچ پچ هي شخص بہ هن سان هو، ڪيئن جو هو گليلي آهي.</verse>
				<verse number="60">پطرس چيو تہ ادا، آئون تہ سمجهان ئي نٿو تہ تون ڇا ٿو چوين. ۽ اُنهي دم اڃا هن ڳالهايو ئي پئي تہ ڪڪڙ ٻانگ ڏني.</verse>
				<verse number="61">۽ خداوند ڦري پطرس ڏانهن نهاريو، تنهن تي پطرس کي خداوند جي ڳالهہ ياد آئي، جو چيو هئائينس تہ اڄ ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳي ٽي ڀيرا تون منهنجو انڪار ڪندين.</verse>
				<verse number="62">۽ هو ٻاهر نڪري ويو، ۽ وڃي زار زار رنائين.</verse>
				<verse number="63">پوءِ جن ماڻهن يسوع کي پڪڙيو هو، تن مٿس ٺٺوليون پئي ڪيون ۽ ماريائونس پئي.</verse>
				<verse number="64">۽ سندس اکيون ٻَڌي پئي پڇيائونس، تہ نبوت ڪري ٻڌاءِ تہ ڪنهن توکي ڌڪ هنيو؟</verse>
				<verse number="65">۽ گاريون ڏيئي ڪيترا سخن ڳالهايائونس.</verse>
				<verse number="66">۽ اڃا ڏينهن ٿيو ئي ڪين، تہ اُمت جا بزرگ، يعني سردار ڪاهن ۽ فقيهہ اچي گڏ ٿيا ۽ هن کي پنهنجي صدر مجلس ۾ وٺي ويا، ۽ چيائونس تہ</verse>
				<verse number="67">جيڪڏهن تون مسيح آهين تہ اسان کي ٻُڌاءِ. پر هن چين تہ جي ٻُڌائيندوسانوَ تہ اوهين مڃيندا ئي ڪين؛</verse>
				<verse number="68">۽ جي پڇندوسانوَ تہ جواب ئي ڪونہ ڏيندا.</verse>
				<verse number="69">پر هن کانپوءِ ابن آدم خدا جي قدرت جي ساڄي پاسي ويهندو.</verse>
				<verse number="70">پوءِ اُهي سڀيئي چوڻ لڳا تہ تڏهن تون خدا جو پٽ آهين ڇا؟ هن چين تہ اوهان پاڻ ويٺا چئو تہ آئون آهيان.</verse>
				<verse number="71">تنهن تي هو چوڻ لڳا تہ اسان کي وڌيڪ شاهديءَ جي ڪهڙي گهرج آهي؟ ڇالاءِ تہ اسان پاڻ سندس واتان ٻُڌو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="23">
				<verse number="1">تڏهن سڄي جماعت اُٿي کڙي ٿي، ۽ پيلاطس وٽ وٺي آيس.</verse>
				<verse number="2">۽ اُهي مٿس تهمت رکي چوڻ لڳا، تہ اسان ڏٺو آهي تہ هي ماڻهو قوم کي بگاڙي ٿو، ۽ قيصر کي ڍل ڏيڻ کان منع ٿو ڪري، ۽ چوي ٿو تہ آئون پاڻ مسيح بادشاهہ آهيان.</verse>
				<verse number="3">تڏهن پيلاطس پڇيس تہ تون يهودين جو بادشاهہ آهين ڇا؟ هن جواب ڏيئي چيس تہ تون پاڻ ٿو چوين.</verse>
				<verse number="4">پوءِ پيلاطس سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن جي ميڙاڪي کي چيو تہ مون کي تہ هن ماڻهوءَ جو ڪوبہ قصور ڏسڻ ۾ ڪونہ ٿو اچي.</verse>
				<verse number="5">پر اهي هيڪاري زور شور سان چوڻ لڳا تہ هو سڄي يهوديہ ۾، يعني گليل کان وٺي ويندي هن هنڌ تائين تعليم ڏيئي ماڻهن ۾ وڳوڙ پيو وجهي.</verse>
				<verse number="6">پر جڏهن پيلاطس اهو ٻڌو، تڏهن پڇيائين تہ هي گليلي آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="7">۽ جڏهن هن کي خبر پيئي تہ هو هيروديس جي حد جو آهي، تڏهن هن کي هيروديس ڏانهن موڪليائين جو هو بہ تن ڏينهن ۾ يروشلم ۾ هو.</verse>
				<verse number="8">هاڻي جڏهن هيروديس يسوع کي ڏٺو، تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو، ڇالاءِ جو ڳچ وقت کان مرضي هيس تہ هن کي ڏسان، جو هن بابت گهڻيون ڳالهيون ٻُڌيون هئائين، ۽ اها اُميد هيس تہ هن کي ڪو معجزو ڪندو ڏسان.</verse>
				<verse number="9">۽ هن گهڻيئي سوال پڇيس، پر هن ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنس.</verse>
				<verse number="10">۽ سردار ڪاهن ۽ فقيهہ بہ بيهي هن تي ڏاڍيون تهمتون رکڻ لڳا.</verse>
				<verse number="11">۽ هيروديس پنهنجن سپاهين سان گڏجي کيس بي آبرو ڪيو، ۽ ساڻس ٺٺوليون ڪري، شاندار ويس پهرائي موٽائي پيلاطس ڏانهن موڪليائينس.</verse>
				<verse number="12">۽ انهي ئي ڏينهن هيروديس ۽ پيلاطس پاڻ ۾ ٺهي ويا، جو اڳي هو پاڻ ۾ وڙهيل هئا.</verse>
				<verse number="13">۽ پيلاطس سردار ڪاهنن، ۽ سردارن، ۽ عام خلق کي ڪوٺي گڏ ڪيو،</verse>
				<verse number="14">۽ چيائين، تہ اوهين هن شخص تي هيءَ تهمت رکي مون وٽ وٺي آيا آهيو، تہ هو اُمت کي بگاڙي ٿو، ڏسو مون اوهان جي اڳيان هن کي تپاسي ڏٺو آهي تہ جن ڳالهين جي اوهين مٿس تهمت ٿا رکو، تن جي نسبت ۾ مون کي هن منجهہ ڪوبہ قصور ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو آهي؛</verse>
				<verse number="15">بلڪ هيروديس کي بہ نہ، ڇوتہ هن کيس اسان وٽ موٽائي ڏياري موڪليو آهي. ۽ ڏسو، هن کان ڪوبہ موت جوڳو ڪم ڪونہ ٿيو آهي؛</verse>
				<verse number="16">تنهنڪري آئون سيکت ڏيئي ڇڏي ٿو ڏيانس.</verse>
				<verse number="17">(هاڻي هن کي عيد جي ڏينهن هڪڙو قيدي ضرور ڇڏڻو هو.)</verse>
				<verse number="18">پر اُنهن سڀني گڏجي هُل مچايو، ۽ چوڻ لڳا تہ هن ماڻهوءَ کي ڪڍ، ۽ برابا کي اسان جي خاطر ڇڏي ڏي.</verse>
				<verse number="19">جنهن کي شهر ۾ ڪنهن فساد ۽ خون ڪرڻ سبب قيد ۾ وڌو هئائون.</verse>
				<verse number="20">پر پيلاطس جي مرضي هئي تہ يسوع کي ڇڏي ڏيان، تنهنڪري وري ساڻن ڳالهيون ڪرڻ لڳو؛</verse>
				<verse number="21">پر انهن وٺي رڙ مچائي ڏني ۽ چوڻ لڳا تہ صليب تي چاڙهينس صليب تي!</verse>
				<verse number="22">هن ٽيون دفعو چين تہ ڇو؟ هن ماڻهوءَ ڪهڙي برائي ڪئي آهي؟ مون کي تہ هن ۾ ڪوبہ موت جوڳو سبب ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو آهي، تنهنڪري سزا ڏيئي ڇڏي ٿو ڏيانس.</verse>
				<verse number="23">پر هنن واڪو واڪاڻ لائي زور رکيو، تہ صليب تي چاڙهينس؛ ۽ گوڙ ڪري پنهنجي ڳالهہ کڻي ويا.</verse>
				<verse number="24">تنهن تي پيلاطس فتويٰ ڏني تہ سندن عرض قبول پوي.</verse>
				<verse number="25">۽ جيڪو ماڻهو فساد ۽ خون ڪري قيد ۾ پيو هو، تنهن لاءِ جو عرض ڪيو هئائونس، تنهن کي کڻي ڇڏيائين، پر يسوع کي سندن حوالي ڪيائين، تہ جيئن وڻينِ، تيئن ساڻس ڪن.</verse>
				<verse number="26">۽ جيئن هن کي وٺي پئي ويا، تہ هڪڙو ماڻهو شمعون ڪريني ٻهراڙيءَ مان پئي آيو، تنهن کي جهلي صليب کڻي مٿان رکيائونس، تہ يسوع جي پٺيان کڻي هلي.</verse>
				<verse number="27">۽ ماڻهن جو وڏو انبوهہ، ۽ ڪيتريون ئي زالون جن کيس ڏسي پئي رُنو، ۽ پار پئي ڪڍيائون، سي پٺيان پئي آيس.</verse>
				<verse number="28">پر يسوع انهن ڏانهن منهن ڪري چيو، تہ اي يروشلم جون ڌيئرون، مون لاءِ نہ روئو، پر پاڻ لاءِ ۽ پنهنجن ٻارن ٻچن لاءِ روئو.</verse>
				<verse number="29">ڇالاءِ جو ڏسو تہ اهي ڏينهن اچڻا آهن، جڏهن اُهي چوندا تہ مبارڪ اُهي جي سنڍ آهن، ۽ مبارڪ اُهي پيٽ جن نہ ڄڻيو، ۽ اُهي ٿڻ جن نہ ڌارايو!</verse>
				<verse number="30">تڏهن اهي جبلن کي چوڻ لڳندا تہ اسان تي اچي پئو: ۽ ٽڪرين کي تہ اسان کي لڪائي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="31">ڇوتہ جي سائي وڻ سان هيئن ٿا ڪن، تہ سُڪي سان ڇا نہ ڪندا.</verse>
				<verse number="32">۽ هن سان گڏ ٻيا ٻہ، جي ڏوهاري هئا، تن کي بہ مارڻ لاءِ وٺي ويا.</verse>
				<verse number="33">۽ جڏهن هو انهيءَ جاءِ وٽ آيا، جنهن کي کوپڙي ڪري ٿا چون، تڏهن هن کي صليب تي چاڙهيائون، ۽ پڻ اُنهن ڏوهارين کي بہ. هڪڙي کي ساڄي پاسي ۽ ٻئي کي ڏائي پاسي.</verse>
				<verse number="34">پوءِ يسوع چيو، تہ اي بابا، هنن کي معاف ڪر، ڇالاءِ جو خبر ئي ڪانہ ٿي پوينِ تہ ڇا ٿا ڪريون. ۽ هو سندس ڪپڙا ورهائي پُکا وجهڻ لڳا.</verse>
				<verse number="35">۽ خلق بيٺي ڏٺو: ۽ سردارن پڻ مٿس چٿرون ڪري پئي چيو تہ ٻين کي تہ بچايائين، هاڻ جي هيءُ خدا جو مسيح ۽ سندس چونڊيل آهي، تہ پاڻ کي بچائي.</verse>
				<verse number="36">۽ سپاهي پڻ مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا ۽ وٽس اچي سرڪو آڇيائونس.</verse>
				<verse number="37">۽ پئي چيائون تہ جي تون يهودين جو بادشاهہ آهين، تہ پاڻ کي بچاءِ.</verse>
				<verse number="38">۽ هن جي مٿان هڪڙو نوشتو لڳايل هو، تہ هيءُ يهودين جو بادشاهہ آهي.</verse>
				<verse number="39">۽ جن ڏوهارين کي ساڻس گڏ صليب تي چاڙهيو هئائون، تن مان هڪڙو مٿس ٽوڪبازي ڪري چوڻ لڳو، تہ تون اُهو مسيح آهين نہ؟ تڏهن پاڻ کي بہ بچاءِ ۽ اسان کي بہ بچاءِ.</verse>
				<verse number="40">پر ٻئي جواب ڏيئي هن کي ڇڙٻي چيو تہ تون خدا کان بہ نٿو ڊڄين، جو ڏس، توکي بہ تہ ساڳي ئي سزا ملي آهي؟</verse>
				<verse number="41">۽ اسان جي سزا تہ حقي واجبي آهي، جو اسين پنهنجو ڪيتو ٿا لوڙيون، پر هن ماڻهوءَ تہ ڪوبہ قصور ڪونہ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="42">پوءِ هن چيو، تہ اي يسوع، جڏهن تون پنهنجي بادشاهت ۾ اچين، تڏهن مون کي ياد ڪج.</verse>
				<verse number="43">۽ هن چيس، تہ تو کي سچ ٿو چوان، تہ تون اڄ ئي مون سان گڏ بهشت ۾ هوندين.</verse>
				<verse number="44">اها ٻنپهرن جي مهل هئي، ۽ ٽپهريءَ تائين سڄيءَ زمين تي اونداهي ٿي ويئي،</verse>
				<verse number="45">جو سج ڪاراٽجي ويو؛ ۽ پاڪ جاءِ جو پردو وچان ڏري پيو.</verse>
				<verse number="46">۽ يسوع وڏي آواز سان پڪاري چيو، تہ اي بابا، آئون پنهنجو روح تنهنجن هٿن ۾ ٿو سونپيان: ۽ ائين چئي دم ڏنائين.</verse>
				<verse number="47">۽ هي جيڪي ٿيو، سو صوبيدار ڏسي خدا جي تعريف ڪري چوڻ لڳو تہ بيشڪ هيءُ ماڻهو راستباز هو.</verse>
				<verse number="48">۽ ماڻهن جا ميڙاڪا جي هن حادثي تي اچي مڙيا هئا، تن جڏهن هي سڀ ڳالهيون ٿينديون ڏٺيون، تڏهن ڇاتيون ڪُٽيندا موٽيا.</verse>
				<verse number="49">۽ سندس سڀ ڄاڻ پڇاڻ وارا، ۽ اُهي زالون جي گليل مان ساڻس گڏجي آيون هيون، تن پريان بيٺي هي حال ڏٺو.</verse>
				<verse number="50">۽ ڏسو، يوسف نالي هڪڙو شخص جو مشير هو، ۽ نيڪ ۽ راستباز ماڻهو هو،</verse>
				<verse number="51">۽ سندن صلاح ۽ ڪم ۾ شامل راءِ نہ هو، اُهو يهودين جي هڪڙي شهر ارمتيہ جو ويٺل هو، ۽ خدا جي بادشاهت جو منتظر هو؛</verse>
				<verse number="52">انهيءَ پيلاطس وٽ وڃي يسوع جو لاش گهُريو.</verse>
				<verse number="53">پوءِ اُهو لاهي، اُچيءَ چادر ۾ ويڙهي هڪڙيءَ قبر ۾ وڃي رکيائين، جا ٽڪر ۾ کوٽيل هئي، ۽ جنهن ۾ اڳي ڪوبہ ماڻهو دفن ڪونہ ڪيو هئائون.</verse>
				<verse number="54">اُهو تياريءَ جو ڏينهن هو، ۽ سبت بہ شروع ٿي ٿيو.</verse>
				<verse number="55">۽ جيڪي زالون گليل مان ساڻس گڏ آيون هيون، سي بہ پٺيان ويون، ۽ وڃي قبر ڏٺائون ۽ اهو بہ تہ لاش ڪيئن رکيو اٿن؛</verse>
				<verse number="56">۽ اُنهن موٽي اچي سرهاڻيون ۽ عطر تيار ڪيا. ۽ سبت جي ڏينهن حڪم موجب آرام ڪيائون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="24">
				<verse number="1">پر هفتي جي پهرئين ڏينهن ڍڪيءَ جو، جيڪي سرهاڻيون تيار ڪيون هئائون، سي کڻي قبر تي آيون.</verse>
				<verse number="2">۽ اچي ڏسن تہ پهڻ ليٽيو قبر کان پاسي ٿيو پيو آهي.</verse>
				<verse number="3">۽ جڏهن اندر گهڙيون، تہ ڏسن تہ خداوند يسوع جو لاش آهي ئي ڪونہ.</verse>
				<verse number="4">۽ اڃا انهي ڪري هو وائڙيون ٿيون بيٺيون هيون، تہ ڏسو، ٻہ ماڻهو چمڪندڙ پوشاڪ ۾ وٽن اچي بيٺا.</verse>
				<verse number="5">تنهن تي هو ڊڄي ويون، ۽ جهٽ کڻي زمين تي سر جهڪايائون، تڏهن هنن چين تہ اوهين جيئري کي مُئلن ۾ ڇو ٿيون ڳوليو؟</verse>
				<verse number="6">هو هت ڪونهي، پر جي اُٿيو آهي. ياد اٿوَ تہ جڏهن اڃا هو گليل ۾ هو، تڏهن اوهان کي ڇا چيو هئائين،</verse>
				<verse number="7">تہ ضروري آهي تہ ابن آدم کي گنهگارن جي حوالي ڪن، ۽ صليب تي چاڙهين، ۽ هو ٽئين ڏينهن وري جي اُٿي.</verse>
				<verse number="8">۽ هنن کي سندس ڳالهيون ياد آيون،</verse>
				<verse number="9">۽ انهن قبر تان موٽي اچي هنن يارهن ۽ ٻين سڀني سان سڄو ذڪر ڪيو.</verse>
				<verse number="10">اُهي مريم مگدليني ۽ يوعانا، ۽ يعقوب جي ماءُ مريم ۽ ٻيون بہ جيڪي اُنهن سان هيون، تن رسولن سان اهي ڳالهيون ڪيون.</verse>
				<verse number="11">پر هنن اهي ڳالهيون آکاڻيءَ طور ڪري ڀانئيون، ۽ کين اُهي اعتبار ۾ ئي ڪين آيون.</verse>
				<verse number="12">پر پطرس اُٿي قبر ڏانهن ڊوڙيو، ۽ نِوڙي اندر نهاريائين تہ ڏسي تہ رڳا ڪفن جا ڪپڙا پيا آهن؛ ۽ جيڪي ٿيو هو، تنهن تي عجب کائيندو گهر موٽيو.</verse>
				<verse number="13">ڏسو، اُنهي ساڳئي ڏينهن منجهانئن ٻہ ڄڻا، امائوس نالي ڳوٺ ڏانهن پئي ويا، جو يروشلم کان پوڻا چار ڪوهہ پري هو،</verse>
				<verse number="14">۽ اهي سڀ جيڪي ٿي گذريو هو، تنهن بابت پاڻ ۾ ڳالهيون پئي ڪيائون.</verse>
				<verse number="15">۽ هيئن ٿيو تہ جيئن پاڻ ۾ ڳالهيون ٻولهيون پئي ڪيائون ۽ سوال پئي پڇيائون، تہ يسوع پاڻ ويجهو اچي ساڻن گڏ هلڻ لڳو.</verse>
				<verse number="16">پر هنن جون اکيون روڪجي ويون هيون، جيئن هن کي نہ سڃاڻن.</verse>
				<verse number="17">۽ هن چين تہ اوهين پاڻ ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ڪندا پيا وڃو؟ تنهن تي هو غمگين ٿي بيهي رهيا.</verse>
				<verse number="18">پوءِ اُنهن مان ڪليوپاس نالي هڪڙي شخص جواب ڏيئي چيس، تہ يروشلم ۾ تون ئي هڪڙو آهين ڇا، جنهن کي خبر ڪانهي تہ اڄ ڪلهہ اُتي ڪهڙيون ڳالهيون ٿي گذريون آهن؟</verse>
				<verse number="19">۽ هن چين تہ ڪهڙيون؟ تڏهن هنن چيس تہ يسوع ناصريءَ بابت، جو خدا توڙي ساري خلق اڳيان رهڻيءَ توڙي ڪهڻيءَ ۾ پهچ وارو نبي هو.</verse>
				<verse number="20">۽ ڪهڙيءَ طرح سردار ڪاهنن ۽ اسان جي حاڪمن کڻي جهلايس، تہ موت جي سزا مليس، ۽ صليب تي چاڙهيائونس.</verse>
				<verse number="21">پر اسان کي اُميد هئي تہ هن جي ئي هٿان اسرائيل جو ڇوٽڪارو ٿيندو. انهن ڳالهين کي اڄ هي ٽيون ڏينهن ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="22">ٻيو تہ انهي کانسواءِ اسان منجهان ڪي زالون جي اسر جو قبر تي ويون هيون، تن تہ اسان کي حيرانيءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي،</verse>
				<verse number="23">جو جڏهن انهن سندس لاش نہ لڌو، تڏهن اچي چوڻ لڳيون تہ اسان کي ملائڪن پڻ ڏيکاري ڏني آهي، جن چيو ٿي تہ هو جيئرو آهي.</verse>
				<verse number="24">۽ ڪي اسانجن سنگتين مان بہ قبر تي ويا هئا، ۽ جيئن زالن چيو هو، تيئن وڃي ڏٺائون؛ پر هو خود ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو.</verse>
				<verse number="25">تڏهن هن اُنهن کي چيو تہ اي نادان، ۽ نبين جي چئي مڃڻ ۾ بي پرواهہ!</verse>
				<verse number="26">ڇا مسيح کي ضرور ڪين هو تہ هي ڏک سهي، ۽ پوءِ پنهنجي جلال ۾ گهڙي؟</verse>
				<verse number="27">پوءِ موسيٰ ۽ ٻين نبين کان وٺي سندس بابت جيڪي ڳالهيون مڙني پاڪ لکيتن ۾ هيون، سي انهن کي کولي ٻُڌائڻ لڳو.</verse>
				<verse number="28">۽ جنهن ڳوٺ ڏانهن پئي ويا، تنهن کي اچي اوڏو پيا، ۽ هن اهڙو رخ رکيو جو ڄڻ اڳتي وڃڻو اٿس.</verse>
				<verse number="29">تڏهن هنن زور ڪيس تہ اسان وٽ ٽڪي پؤ، ڇالاءِ جو سانجهي ٿيڻ تي آهي، ۽ ڏينهن لڙي ويو هو. تڏهن هو ساڻن ٽڪڻ لاءِ اندر ويو.</verse>
				<verse number="30">۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن سان گڏ کائڻ ويٺو، تڏهن ماني کڻي اُن تي برڪت گهُريائين، ۽ پوءِ اُها ڀڃي هنن کي ڏنائين.</verse>
				<verse number="31">تڏهن هنن جون اکيون کُلي پيون، ۽ سڃاتائونس؛ تہ ايتري ۾ هو نظر کان غائب ٿي وين.</verse>
				<verse number="32">تنهن تي هو پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ جنهن مهل رستي تي اسان سان ڳالهيون پئي ڪيائين، ۽ پاڪ لکيتن جا راز اسان کي پي سمجهايائين، تنهن مهل اسان جي دل اندر ۾ ڪين پئي اُڇلون کاڌيون؟</verse>
				<verse number="33">۽ اوڏيءَ مهل هو اُٿي کڙا ٿيا، ۽ يروشلم ڏانهن موٽي آيا، ۽ اچي ڏسن تہ اهي يارهن ۽ سندس ساٿي سڀ پاڻ ۾ مڙيا ويٺا آهن،</verse>
				<verse number="34">۽ پيا چون تہ خداوند سچ پچ جي اُٿيو آهي، ۽ شمعون کي پاڻ ڏيکاريو اٿس.</verse>
				<verse number="35">تنهن تي رستي تي جيڪي ٿي گذريو هو، ۽ ڪيئن هنن مانيءَ ڀڃڻ مهل سڃاتس، سو هنن سربستو بيان ڪري ٻڌاين.</verse>
				<verse number="36">۽ اڃا هنن اهي ڳالهيون پئي ڪيون، تہ يسوع خود اچي وچ ۾ بيٺن، ۽ چيائين تہ السلام عليڪم.</verse>
				<verse number="37">پر هو دهلجي ويا، ۽ ڊپ وٺي وين؛ ۽ ڀانيائون تہ ڪو روح ٿا ڏسون.</verse>
				<verse number="38">هن چين تہ ڇو مُنجهي پيا آهيو، ۽ اوهان جي دل ۾ ڇو پيا دليل جاڳن؟</verse>
				<verse number="39">منهنجا هٿ ۽ پير ڏسو، تہ آئون اُهوئي آهيان؛ هٿ لائي ڏسوم؛ ڇالاءِ تہ جهڙا هڏا ۽ گوشت مون ۾ ٿا ڏسو، تهڙا روح ۾ ڪونہ ٿيندا آهن.</verse>
				<verse number="40">۽ ائين چئي هنن کي پنهنجا هٿ ۽ پير ڏيکاريائين.</verse>
				<verse number="41">۽ اڃا هنن کي خوشيءَ وچان اعتبار ئي نٿي آيو، ۽ حيرت ۾ هئا، تہ هن چين تہ اوهان وٽ هتي ڪا کائڻ جي شيءِ آهي؟</verse>
				<verse number="42">تنهن تي هنن پڪل مڇيءَ جو ٻيرو ڏنس،</verse>
				<verse number="43">۽ اُهو وٺي سندن اڳيان ويهي کاڌائين.</verse>
				<verse number="44">پوءِ چيائين تہ جڏهن اڃا آئون اوهان سان هوس، تڏهن اهي ڳالهيون مون اوهان سان ڪيون هيون، تہ منهنجي بابت جيڪي موسيٰ جي توريت، ۽ نبين جي ڪتابن، ۽ زبور ۾ لکيل آهي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.</verse>
				<verse number="45">پوءِ هنن جو ذهن کوليائين، تہ پاڪ لکيتن جي سمجهہ پوينِ.</verse>
				<verse number="46">۽ چوڻ لڳن تہ هيئن لکيل آهي تہ مسيح ڏک سهي، ۽ ٽئين ڏينهن مُئلن مان جي اُٿي،</verse>
				<verse number="47">۽ يروشلم کان وٺي سڀني قومن ۾ سندس نالي توبهہ ۽ گناهن جي معافيءَ جي منادي ڪئي وڃي.</verse>
				<verse number="48">اوهين انهن ڳالهين جا شاهد آهيو.</verse>
				<verse number="49">۽ ڏسو، تہ جنهن جو منهنجي پيءُ انجام ڪيو آهي، سو اوهان تي نازل ڪندس؛ پر جيسين ڪ اوهان کي مٿان طاقت نہ ملي، تيسين شهر ۾ رهجو.</verse>
				<verse number="50">۽ هو کين ٻاهر بيت عنياہ جي سامهون وٺي آيو ۽ هٿ کڻي کين برڪت ڏنائين.</verse>
				<verse number="51">۽ هيئن ٿيو، جو برڪت ڏيندي هنن کان جدا ٿي آسمان ۾ کڄي ويو.</verse>
				<verse number="52">۽ هنن کيس سجدو ڪيو، ۽ ڏاڍيءَ خوشيءَ سان يروشلم ۾ موٽي آيا.</verse>
				<verse number="53">۽ هر دم هيڪل ۾ وڃي خدا جي تعريف ڪندا رهيا.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="43">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">شروعات ۾ ڪلام هو، ۽ ڪلام خدا سان هو، ۽ ڪلام خدا هو.</verse>
				<verse number="2">اُهو ئي شروعات ۾ خدا سان هو.</verse>
				<verse number="3">۽ سڀ ڪجهہ اُنهي جي وسيلي پيدا ٿيو، ۽ ڪابہ شيءِ جا ٿي آهي، سا هن بنا نہ ٿي آهي.</verse>
				<verse number="4">هن ۾ زندگي هئي؛ ۽ اُها زندگي ماڻهن جو نُور هئي.</verse>
				<verse number="5">۽ نُور اونداهيءَ ۾ چمڪي ٿو، ۽ اونداهيءَ هن کي قبول نہ ڪيو.</verse>
				<verse number="6">يوحنا نالي هڪڙو شخص آيو، جو خدا وٽان موڪليو ويو هو.</verse>
				<verse number="7">اُهو شاهديءَ لاءِ آيو، تہ نُور بابت شاهدي ڀري، تہ سڀيئي هن جي ڪري ايمان آڻين.</verse>
				<verse number="8">هو پاڻ تہ نُور نہ هو، پر هو نُور بابت شاهدي ڏيڻ لاءِ آيو هو.</verse>
				<verse number="9">سچو نُور جو هرهڪ انسان کي روشن ٿو ڪري، سو جهان ۾ اچڻو هو.</verse>
				<verse number="10">اُهو دنيا ۾ هو، ۽ دنيا هن کان ئي پيدا ٿي، ۽ دنيا کيس نہ سڃاتو.</verse>
				<verse number="11">هو پنهنجن وٽ آيو، ۽ پنهنجن کيس قبول نہ ڪيو.</verse>
				<verse number="12">پر جن جن کيس قبول ڪيو، تن کي اِهو حق ڏنائين تہ خدا جا ٻار ٿين، بلڪ اُنهن کي جي سندس نالي تي ايمان ٿا آڻين:</verse>
				<verse number="13">جي نہ رت مان، نہ جسم جي خواهش مان، نہ انسان جي ارادي مان، پر خدا مان پيدا ٿيا.</verse>
				<verse number="14">۽ ڪلام مجسم ٿيو، ۽ فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ٿي اسان وٽ اچي رهيو؛ (۽ اسان سندس اهڙو جلال ڏٺو، جهڙو پيءُ جي هڪڙي ئي جو جلال).</verse>
				<verse number="15">يوحنا هن بابت شاهدي ڀري پڪاري چيو، تہ هي اُهو آهي جنهن بابت مون چيو هو تہ جيڪو منهنجي پٺيان ٿو اچي سو مون کان اڳي ٿيو آهي: ڇالاءِ جو هو مون کان اڳي هو.</verse>
				<verse number="16">۽ هن جي ڀرپورائيءَ مان اسان سڀني کي مليو آهي، يعني فضل تي فضل.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ تہ شريعت موسيٰ جي معرفت ملي؛ پر فضل ۽ سچائي يسوع مسيح جي معرفت آيا.</verse>
				<verse number="18">ڪنهن بہ ماڻهوءَ خدا کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي؛ هڪڙو ئي فرزند، جو پيءُ جي هنج ۾ آهي، تنهن ئي ظاهر ڪيو اٿس.</verse>
				<verse number="19">۽ يوحنا جي شاهدي هيءَ آهي، تہ جڏهن يهودين يروشلم مان ڪاهن ۽ لاوي وٽس موڪليا، تہ پڇي اچوس تہ تون ڪير آهين:</verse>
				<verse number="20">تڏهن هن قبول ڪيو ۽ انڪار ڪونہ ڪيائين، پر اقرار ڪيائين تہ آئون مسيح نہ آهيان.</verse>
				<verse number="21">هنن پڇيس تہ تڏهن ڪير آهين؟ ڇا تون ايلياہ آهين؟ هن چيو تہ آئون اُهو نہ آهيان. ڇا تون اُهو نبي آهين؟ هن جواب ڏنو تہ نہ.</verse>
				<verse number="22">تنهن تي هنن چيس تہ تڏهن تون ڪير آهين؟ تہ جن اسان کي موڪليو آهي، تن کي وڃي جواب ڏيون. تون پنهنجي بابت ڇا ٿو چوين؟</verse>
				<verse number="23">هن چيو تہ آئون انهي جو آواز آهيان جو رڻ پٽ ۾ منادي ڪري ٿو چوي، تہ ”خداوند جي واٽ سنئين ڪريو،“ جهڙيءَ طرح يسعياہ نبيءَ چيو آهي.</verse>
				<verse number="24">۽ اُنهن کي فريسين موڪليو هو.</verse>
				<verse number="25">۽ اُنهن کانئس پڇيو ۽ چيائونس، تہ جي تون نہ مسيح آهين، نہ ايلياہ، ۽ نہ اُهو نبي، تڏهن بپتسما ڇو ٿو ڏين؟</verse>
				<verse number="26">يوحنا جواب ڏيئي چين، تہ آئون پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، پر اوهان جي وچ ۾ هڪڙو بيٺو آهي، جنهن کي اوهين نٿا سڃاڻو،</verse>
				<verse number="27">اُهو ئي آهي جو منهنجي پٺيان ٿو اچي، جنهن جي جُتيءَ جي ڌاڳن ڇوڙڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان.</verse>
				<verse number="28">اهي ڳالهيون يردن جي پرئين ڀر بيت عنياہ ۾ ٿيون، جتي يوحنا بپتسما ٿي ڏني.</verse>
				<verse number="29">ٻئي ڏينهن هن يسوع کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي چيو، تہ ڏسو خدا جو گهيٽو، جو جهان جو گناهہ کڻي ٿو وڃي!</verse>
				<verse number="30">هيءُ اُهو آهي جنهن بابت مون چيو هو، تہ مون کان پوءِ هڪڙو شخص ٿو اچي، جو مون کان اڳي ٿيو آهي: ڇالاءِ جو هو مون کان اڳي هو.</verse>
				<verse number="31">۽ مون هن کي نٿي سُڃاتو؛ پر انهي لاءِ تہ هو اسرائيل اڳيان ظاهر ٿئي، آئون پاڻيءَ سان بپتسما ڏيندو آيس.</verse>
				<verse number="32">يوحنا شاهدي ڀري چيو، تہ مون روح کي ڪبوتر وانگر آسمان مان لهندو ۽ مٿس ويهندو ڏٺو آهي.</verse>
				<verse number="33">۽ مون هن کي نٿي سُڃاتو: پر جنهن مون کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيڻ لاءِ موڪليو، تنهن ئي مون کي چيو تہ جنهن تي روح کي لهندو ۽ مٿس ويهندو ڏسين، سو ئي اٿيئي جو پاڪ روح سان بپتسما ٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="34">۽ مون ڏٺو آهي، ۽ شاهدي ڀري اٿم تہ هيءُ خدا جو فرزند آهي.</verse>
				<verse number="35">وري ٻئي ڏينهن يوحنا ۽ سندس شاگردن مان ٻہ ڄڻا بيٺا هئا؛</verse>
				<verse number="36">تڏهن يسوع کي گهُمندو ڏسي، ڏانهنس نهاري چيائين، اِجهو خدا جو گهيٽو!</verse>
				<verse number="37">۽ هنن ٻن شاگردن هن کي ائين چوندو ٻُڌو، ۽ يسوع جي پٺيان ويا.</verse>
				<verse number="38">يسوع ڦري هنن کي ايندو ڏسي، کين چيو تہ اوهين ڇا ٿا ڳوليو؟ هنن چيس تہ اي ربي (يعني استاد) تون ڪٿي ٿو رهين؟</verse>
				<verse number="39">هن چيو تہ هلي ڏسو. پوءِ هو آيا ۽ جتي هو رهندو هو، اُهو هنڌ اچي ڏٺائون؛ ۽ اُهو ڏينهن وٽس ٽڪيا: اُهو اٽڪل ڏهين بجي جو وقت هو.</verse>
				<verse number="40">جن ٻن ڄڻن يوحنا جي ڳالهہ ٻُڌي هئي، ۽ سندس پٺيان آيا هئا، تن مان هڪڙو اندرياس، شمعون پطرس جو ڀاءُ هو.</verse>
				<verse number="41">هن پهريائين پنهنجي سڳي ڀاءُ شمعون کي وڃي ڳولي لڌو، ۽ چيائينس تہ اسان مسيح کي لڌو آهي (يعني ڪرستس کي).</verse>
				<verse number="42">هو کيس يسوع وٽ وٺي آيو. يسوع هن ڏانهن نهاري چيو تہ تون يوحنا جو پٽ شمعون آهين، تون ڪيفا، يعني پطرس ڪري سڏبين.</verse>
				<verse number="43">ٻئي ڏينهن يسوع گليل ۾ وڃڻ جو ارادو ڪيو، ۽ فلپس کي وڃي گڏيو، ۽ چيائينس تہ منهنجي پٺيان اچ.</verse>
				<verse number="44">اُهو فلپس بيت صيدا جو ويٺل هو، جتي اندرياس ۽ پطرس بہ رهندا هئا.</verse>
				<verse number="45">فلپس نتن ايل کي وڃي ڳولي لڌو، ۽ چيائينس تہ جنهن جو ذڪر موسيٰ توريت ۾، ۽ نبين پڻ ڪيو آهي، سو اسان لڌو آهي، يعني يوسف جو پٽ يسوع ناصري.</verse>
				<verse number="46">نتن ايل هن کي چيو تہ ناصرت مان بہ ڪا چڱي شيءِ نڪري سگهندي؟ فلپس چيس تہ ڀلا هلي ڏس.</verse>
				<verse number="47">يسوع نتن ايل کي پاڻ وٽ ايندو ڏسي سندس نالي چيو تہ ڏسو، سچو اسرائيلي، جنهن ۾ ڪابہ ڏائي ڏنگي ڪانهي!</verse>
				<verse number="48">نتن ايل کيس چيو تہ تون مون کي ڪيئن ٿو سڃاڻين؟ يسوع هن کي جواب ڏيئي چيو تہ جڏهن تون انجير جي وڻ هيٺان هُئين ۽ فلپس توکي ڪوٺيو، تنهن کان اڳي مون توکي ڏٺو.</verse>
				<verse number="49">نتن ايل جواب ڏنس تہ اي اُستاد، تون خدا جو فرزند آهين، تون اسرائيل جو بادشاهہ آهين.</verse>
				<verse number="50">يسوع هن کي جواب ڏيئي چيو، تہ مون جو توکي انجير جي وڻ هيٺان ڏٺو، تنهنڪري ايمان آندو اٿيئي ڇا؟ تون انهي کان بہ وڏيون ڳالهيون ڏسندين.</verse>
				<verse number="51">وري هن کي چيائين تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ اوهين آسمان کي کُليل ۽ خدا جي ملائڪن کي ابن آدم تي مٿي چڙهندو ۽ لهندو ڏسندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">پوءِ ٽئين ڏينهن گليل جي قانا شهر ۾ ڪا شادي هئي، ۽ يسوع جي ماءُ اُتي هئي:</verse>
				<verse number="2">۽ يسوع کي بہ سندس شاگردن سميت انهي شاديءَ تي دعوت ملي.</verse>
				<verse number="3">۽ جڏهن انگوري رس کُٽي پيئي، تڏهن يسوع جي ماءُ کيس چيو، تہ هنن وٽ تہ مئي آهي ئي ڪانہ.</verse>
				<verse number="4">يسوع هن کي چيو تہ مائي، منهنجو توسان ڪهڙو واسطو؟ منهنجي گهڙي اڃا ڪانہ آئي آهي.</verse>
				<verse number="5">هن جي ماءُ نوڪرن کي چيو، تہ جيڪي هو اوهان کي چوي، سو ڪريو.</verse>
				<verse number="6">اتي يهودين جي طهارت جي رسم موجب پٿر جا ڇهہ مَٽ، (هرهڪ اٽڪل ٻہ يا ٽي مڻو) رکيل هئا.</verse>
				<verse number="7">يسوع هنن کي چيو تہ هي مَٽ پاڻيءَ سان ڀريو، ۽ هنن اهي ڀري ٽمٽار ڪيا.</verse>
				<verse number="8">پوءِ کين چيائين تہ هاڻي ڪڍي مير مجلس وٽ کڻي وڃو، ۽ هو کڻي ويا.</verse>
				<verse number="9">۽ اُهو پاڻي جو هاڻي مئي ٿي پيو هو، سو جڏهن مير مجلس چکيو، ۽ خبر ڪانہ هيس تہ ڪٿان آيو آهي، (پر نوڪرن جن پاڻي ڪڍيو هو، تن کي خبر هئي) تڏهن هن گهوٽ کي سڏي چيو تہ</verse>
				<verse number="10">سڀڪو ماڻهو پهريائين اُچي مئي ڪڍندو آهي، ۽ جڏهن ماڻهو خوب پي رهندا آهن، تڏهن سادي ڪڍندو آهي: پر تو اُچي مئي هيستائين رکي ڇڏي هئي.</verse>
				<verse number="11">هيءَ سندس معجزن جي شروعات هئي، جا يسوع گليل جي قانا شهر ۾ ڪري، پنهنجو جلال ظاهر ڪيو، ۽ هن جي شاگردن مٿس ايمان آندو.</verse>
				<verse number="12">تنهن کانپوءِ هو ڪفرناحوم ۾ ويو، پاڻ ۽ سندس ماءُ، ۽ ڀائر، ۽ سندس شاگرد: ۽ هو اُتي گهڻا ڏهاڙا نہ رهيا.</verse>
				<verse number="13">پوءِ يهودين جي عيد فسح ويجهي هئي، ۽ يسوع يروشلم ڏانهن ويو.</verse>
				<verse number="14">۽ هن هيڪل ۾ ڍڳن ۽ رڍن ۽ ڪبوترن وڪڻڻ وارن ۽ صرافن کي ويٺل ڏٺو:</verse>
				<verse number="15">تنهن تي هن نوڙين جو چهبڪ ٺاهي، رڍن توڙي ڍڳن، مڙني کي هيڪل مان ڪڍي ڇڏيو، ۽ صرافن جا پيسا اُڇلائي سندن صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين؛</verse>
				<verse number="16">۽ ڪبوترن وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ اهي هتان کڻي وڃو؛ منهنجي پيءُ جي گهر کي بازار نہ بنايو.</verse>
				<verse number="17">اتي سندس شاگردن کي ياد آيو، تہ لکيل آهي تہ تنهنجي گهر جي غيرت مون کي کائي ويندي.</verse>
				<verse number="18">تڏهن يهودين جواب ڏيئي چيس، تہ تون جو هي ڪم ٿو ڪرين، تنهن لاءِ اسان کي ڪهڙي نشاني ٿو ڏيکارين؟</verse>
				<verse number="19">يسوع جواب ڏيئي چين تہ هن هيڪل کي ڊاهيو، تہ آئون ٽن ڏينهن ۾ اُهو کڙو ڪري بيهاريندس.</verse>
				<verse number="20">تڏهن يهودين چيو تہ هن هيڪل کي ٺهڻ ۾ ڇائيتاليهہ ورهيہ لڳا آهن، ۽ تون اُهو ٽن ڏينهن ۾ کڙو ڪري بيهاريندين ڇا؟</verse>
				<verse number="21">پر هن تہ پنهنجي بدن جي هيڪل بابت ڳالهہ ٿي ڪئي.</verse>
				<verse number="22">پوءِ جڏهن هو مُئلن مان جي اُٿيو، تڏهن سندس شاگردن کي ياد آيو تہ هن اها ڳالهہ ڪئي هئي: ۽ هنن کي پاڪ لکيت، ۽ يسوع جي ڪلام تي ايمان آيو.</verse>
				<verse number="23">هاڻي جڏهن هو عيد فسح جي وقت يروشلم ۾ هو، تڏهن معجزا جي ڏيکاريائين پئي، سي ڏسي گهڻن سندس نالي تي ايمان آندو.</verse>
				<verse number="24">پر يسوع پنهنجي نسبت هنن تي اعتبار نہ ڪيو، ڇالاءِ تہ هن سڀني کي سُڃاتو ٿي،</verse>
				<verse number="25">۽ هن کي ضرورت ڪانہ هئي تہ انسان بابت ڪوبہ شاهدي ڀري؛ ڪيئن جو هن ڄاتو ٿي تہ انسان ۾ ڇا ڇا آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">هاڻي فريسين مان هڪڙو شخص نيڪديمس نالي يهودين جو هڪ سردار هو:</verse>
				<verse number="2">سو رات جو وٽس آيو ۽ چيائينس تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون خدا جي طرفان اُستاد ٿي آيو آهين: ڇالاءِ تہ جيڪي معجزا تون ڏيکارين ٿو، سي جيڪر ڪوبہ ڏيکاري نہ سگهي، جيڪڏهن خدا ساڻس نہ هجي.</verse>
				<verse number="3">يسوع جواب ڏيئي چيس تہ آئون توکي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو نئين سر پيدا نہ ٿيندو تہ خدا جي بادشاهت ڏسي ڪين سگهندو.</verse>
				<verse number="4">نيڪديمس چيس تہ ماڻهو پيرسن ٿيو تہ پوءِ ڪيئن پيدا ٿي سگهندو؟ ٿيڻي آهي جو هو ٻيهر ماءُ جي پيٽ ۾ وڃي ۽ پيدا ٿئي؟</verse>
				<verse number="5">يسوع جواب ڏنس تہ آئون توکي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو پاڻيءَ ۽ روح مان پيدا نہ ٿيندو، تہ خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿي ڪين سگهندو.</verse>
				<verse number="6">جيڪي جسم مان پيدا ٿيو آهي، سو جسم آهي؛ ۽ جيڪي روح مان پيدا ٿيو آهي، سو روح آهي.</verse>
				<verse number="7">عجب نہ کاءُ جو مون توکي چيو تہ اوهان کي نئين سر پيدا ٿيڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="8">هوا کي جيڏانهن ٿو وڻي، تيڏانهن پيئي لڳي ۽ سندس آواز توکي ٻُڌڻ ۾ اچي ٿو، پر خبر نٿي پويئي تہ ڪٿان ٿي اچي ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃي؛ تهڙي ئي طرح جيڪو روح مان پيدا ٿيو آهي، سو بہ ائين آهي.</verse>
				<verse number="9">نيڪديمس جواب ڏنو ۽ چيائينس تہ اهي ڳالهيون ڪيئن ٿي سگهنديون؟</verse>
				<verse number="10">يسوع جواب ڏيئي چيس تہ تون اسرائيل جو اُستاد آهين ۽ پوءِ بہ اهي ڳالهيون نٿو سمجهين؟</verse>
				<verse number="11">آئون توکي سچ سچ ٿو چوان تہ اسين جيڪي ڄاڻون ٿا، تنهن جي ڳالهہ ٿا ڪريون، ۽ جيڪي ڏٺو اٿئون، تنهن جي شاهدي ٿا ڀريون؛ ۽ اوهين اسان جي شاهدي قبول نٿا ڪريو.</verse>
				<verse number="12">جيڪڏهن مون اوهان کي زمين جون ڳالهيون ٻُڌايون آهن ۽ اوهين ايمان نٿا آڻيو، تہ جي آسمان جون ڳالهيون ٻُڌائيندوسانوَ تہ ڪيئن ايمان آڻيندا؟</verse>
				<verse number="13">ڪوبہ ماڻهو آسمان ۾ چڙهي ڪونہ ويو آهي، سواءِ انهي جي جو آسمان مان لهي آيو آهي، يعني ابن آدم، جو آسمان ۾ آهي.</verse>
				<verse number="14">۽ جيئن موسيٰ نانگ کي رڻ پٽ ۾ مٿي چاڙهيو، تيئن ابن آدم بہ ضرور مٿي چاڙهيو ويندو:</verse>
				<verse number="15">تہ جيڪو بہ ايمان آڻي، تنهن کي منجهس هميشہ جي زندگي ملي.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو خدا جهان کي اهڙو پيار ڪيو، جو پنهنجو هڪڙو ئي فرزند ڏنائين، تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي، سو برباد نہ ٿئي، پر کيس هميشہ جي زندگي ملي.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ تہ خدا فرزند کي جهان ۾ انهي لاءِ ڪين موڪليو تہ جهان جي عدالت ڪري؛ پر انهي لاءِ تہ ان جي وسيلي نجات ملي.</verse>
				<verse number="18">جيڪو مٿس ايمان ٿو آڻي، تنهن جي عدالت نٿي ٿئي: پر جيڪو ايمان نٿو آڻي، تنهن جي عدالت تہ اڳيئي ٿي چڪي آهي، هن ڪري جو هن خدا جي هڪڙي ئي فرزند جي نالي تي ايمان نہ آندو آهي.</verse>
				<verse number="19">۽ عدالت جو سبب هيءُ آهي، جو نُور جهان ۾ آيو، ۽ ماڻهن اوندهہ کي نُور کان وڌيڪ پسند ڪيو، جو سندن ڪم بڇڙا هئا.</verse>
				<verse number="20">ڇوتہ هرڪو جو بڇڙائي ٿو ڪري، سو روشنائيءَ سان دشمني ٿو رکي ۽ روشنائيءَ ۾ نٿو اچي، جو متان سندس ڪمن جي ڪري ڏوراپو مليس.</verse>
				<verse number="21">پر جيڪو سچ تي ٿو هلي، سو روشنائيءَ ۾ ٿو اچي تہ سندس ڪم ظاهر ٿين، جو اُهي خدا جي مرضيءَ موجب ڪيل آهن.</verse>
				<verse number="22">هنن ڳالهين کانپوءِ يسوع ۽ سندس شاگرد يهوديہ ملڪ ۾ آيا؛ ۽ هو اُتي هنن سان گڏ رهي پيو، ۽ بپتسما ڏيڻ لڳو.</verse>
				<verse number="23">۽ يوحنا بہ شاليم جي ويجهو عينون ۾ بپتسما پئي ڏني، ڇو جو اتي پاڻي ججهو هو: ۽ ماڻهو پئي آيا ۽ بپتسما پئي ورتائون.</verse>
				<verse number="24">ڇالاءِ تہ يوحنا کي اڃا قيد ۾ ڪين وڌو هئائون.</verse>
				<verse number="25">پوءِ يوحنا جي شاگردن جو ڪنهن يهوديءَ سان طهارت جي رسم بابت بحث ٿيو.</verse>
				<verse number="26">۽ اُنهن يوحنا وٽ اچي کيس چيو تہ اي اُستاد، اُهو جو يردن جي هن ڀر تو ساڻ هو، جنهن بابت تو شاهدي ڀري آهي، ڏس اُهو بپتسما پيو ڏئي، ۽ سڀيئي ماڻهو هن وٽ پيا وڃن.</verse>
				<verse number="27">يوحنا جواب ڏيئي چيو، تہ جيسين ڪنهن ماڻهوءَ کي آسمان مان ڪجهہ عطا نہ ٿئي، تيسين کيس اُهو ملي نٿو سگهي.</verse>
				<verse number="28">اوهين پاڻ منهنجا شاهد آهيو جو مون چيو تہ آئون مسيح نہ آهيان، پر هن کان اڳ ۾ موڪليل آهيان.</verse>
				<verse number="29">جنهن جي ڪنوار آهي، سو ئي گهوٽ آهي: پر گهوٽ جو دوست، جو بيٺو سندس ٻُڌي، سو گهوٽ جي آواز تي ڏاڍو سرهو ٿو ٿئي: سو اُها منهنجي سرهائي پوري ٿي.</verse>
				<verse number="30">ضروري آهي تہ هو وڌي، پر آئون گهَٽجان.</verse>
				<verse number="31">جيڪو مٿان ٿو اچي، سو سڀني کان مٿي آهي: جيڪو زمين جو آهي، سو زمين جو ئي آهي ۽ زمين جون ئي ڳالهيون ٿو ڪري: جو آسمان کان ٿو اچي، سو سڀني کان مٿي آهي.</verse>
				<verse number="32">جيڪي هن ڏٺو ۽ ٻُڌو آهي، تنهن جي ئي شاهدي ٿو ڀري، ۽ ڪوبہ سندس شاهدي قبول نٿو ڪري.</verse>
				<verse number="33">جنهن سندس شاهدي قبول ڪئي آهي، تنهن هن ڳالهہ تي مهر هڻي ڇڏي آهي تہ خدا سچو آهي.</verse>
				<verse number="34">ڇالاءِ تہ جنهن کي خدا موڪليو آهي، سو خدا جون ڳالهيون ٿو ڪري: ڪيئن جو هو روح مَئي نٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="35">پيءُ فرزند کي پيار ٿو ڪري، ۽ سڀ ڪجهہ سندس هٿ ۾ ڏنو اٿس.</verse>
				<verse number="36">جيڪو فرزند تي ايمان ٿو آڻي، هميشہ جي زندگي تنهن جي آهي، پر جيڪو فرزند جي نٿو مڃي، سو زندگي تہ نہ پَسندو، پر اُلٽو خدا جو غضب مٿس ٿو رهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">پوءِ جڏهن خداوند کي خبر پيئي تہ فريسين ٻُڌو آهي تہ يسوع يوحنا کان بہ وڌيڪ شاگرد پيو ڪري ۽ بپتسما پيو ڏئي،</verse>
				<verse number="2">(اگرچہ يسوع پاڻ نہ، پر سندس شاگردن بپتسما ٿي ڏني)</verse>
				<verse number="3">تڏهن هو يهوديہ مان نڪري وري گليل ڏانهن روانو ٿيو.</verse>
				<verse number="4">۽ کيس سامريہ ملڪ مان لنگهڻو پيو.</verse>
				<verse number="5">پوءِ هو سامريہ جي هڪڙي سوخار نالي شهر وٽ، انهيءَ ٻنيءَ جي ڀر ۾ آيو، جا يعقوب پنهنجي پٽ يوسف کي ڏني هئي:</verse>
				<verse number="6">۽ اتي يعقوب جو کوهہ هو. پوءِ يسوع، جو مسافريءَ تان ٿڪجي آيو هو، سو ائين جو ائين کوهہ تي اچي ويٺو، اُهو اٽڪل ٻنپهرن جو وقت هو.</verse>
				<verse number="7">پوءِ اتي سامريا جي هڪڙي زال پاڻي ڀرڻ آئي. يسوع هن کي چيو تہ مون کي پاڻي پيار.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو هن جا شاگرد شهر مان کاڌو ڳنهڻ ويا هئا.</verse>
				<verse number="9">تڏهن انهيءَ سامري زال چيس تہ تون يهودي ٿي مون سامري زال کان پاڻي ڪيئن ٿو گهُرين؟ (ڇالاءِ جو يهودين جو سامرين سان ڪو رشتو ڪونهي).</verse>
				<verse number="10">يسوع جواب ڏيئي چيس تہ جي توکي خدا جي بخشش جي خبر هجي ها، ۽ ڄاڻين ها تہ اُهو ڪير آهي جو توکي چوي ٿو تہ مون کي پاڻي پيار؛ تہ تون جيڪر هن کان گهُرين ها، ۽ هو توکي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ها.</verse>
				<verse number="11">تڏهن انهي زال چيس، تہ اي سائين، تو وٽ تہ ڪو ڏول ڪونهي ۽ کوهہ اونهو آهي، پوءِ زندگيءَ جو پاڻي تو وٽ ڪٿان آيو؟</verse>
				<verse number="12">اسان جو ڏاڏو يعقوب جنهن اسان کي کوهہ ڏنو، ۽ جنهن مان پاڻ ۽ سندس پٽ ۽ سندس مال پيئندو هو، تنهن کان بہ تون وڏو آهين ڇا؟</verse>
				<verse number="13">يسوع جواب ڏيئي چيس، تہ هن پاڻيءَ مان جيڪو پيئي ٿو، تنهن کي وري بہ اُڃ لڳندي:</verse>
				<verse number="14">پر جو پاڻي آئون ڏيندوسانس، سو جيڪو پيئندو، تنهن کي وري اُڃ ڪانہ لڳندي؛ بلڪ پاڻي جو آئون ڏيندوسانس، سو ان ۾ پاڻيءَ جو هڪ چشمو ٿي پوندو، جو هميشہ جي زندگي تائين پيو وهندو.</verse>
				<verse number="15">انهيءَ زال چيس تہ اي سائين، اُهو پاڻي مون کي ڏي تہ نہ اُڃ لڳيم، نڪي هيترو پنڌ ڪري هت ڀرڻ اچان.</verse>
				<verse number="16">يسوع چيس تہ وڃي پنهنجي مڙس کي هت سڏي اچ.</verse>
				<verse number="17">زال جواب ڏيئي چيس تہ مون کي مڙس آهي ئي ڪونہ. يسوع چيس تہ تو پوري ڳالهہ ڪئي آهي تہ مڙس ڪونہ اٿم.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ تہ تون پنج مڙس ڪري چڪي آهين، ۽ هاڻي جنهن وٽ ٿي رهين، سو تنهنجو مڙس نہ آهي: اهو تو سچ چيو آهي.</verse>
				<verse number="19">زال چيس، تہ اي سائين، آئون سمجهان ٿي تہ تون ڪو نبي آهين.</verse>
				<verse number="20">اسان جا وڏا هن جبل تي عبادت ڪندا هئا؛ ۽ اوهين چئو ٿا تہ اها جاءِ جتي عبادت ڪرڻ گهرجي سا يروشلم ۾ آهي.</verse>
				<verse number="21">يسوع هن کي چيو تہ اي مائي، منهنجي ڳالهہ تي اعتبار ڪر تہ اُها گهڙي اچي ٿي، جڏهن اوهين نڪي هن جبل تي، نڪي يروشلم ۾، پيءُ جي عبادت ڪندا.</verse>
				<verse number="22">اوهين جنهن کي نٿا سڃاڻو، تنهن جي عبادت ٿا ڪريو، پر اسين جنهن کي ڄاڻون ٿا، تنهن جي عبادت ٿا ڪريون: ڇالاءِ تہ نجات يهودين منجهان آهي.</verse>
				<verse number="23">پر اُها گهڙي اچي ٿي، بلڪ هينئر اچي سهڙي آهي، جڏهن سچا عابد روح ۽ سچائيءَ سان پيءُ جي عبادت ڪندا: ڇالاءِ تہ پيءُ اهڙن ئي عابدن کي ٿو چاهي.</verse>
				<verse number="24">خدا روح آهي: ۽ جيڪي سندس عبادت ٿا ڪن، تن کي روح ۽ سچائيءَ سان عبادت ڪرڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="25">زال چيس، تہ مون کي خبر آهي تہ مسيح اچڻو آهي (جنهن کي ڪرستس ڪري ٿا چون)، جڏهن اُهو ايندو، تڏهن اسان کي سڀ ڳالهيون ٻُڌائيندو.</verse>
				<verse number="26">يسوع چيس تہ اُهو آئون آهيان جو تو سان ويٺو ڳالهايان.</verse>
				<verse number="27">ايتري ۾ سندس شاگرد آيا؛ ۽ عجب ۾ پيا تہ هو زال ذات سان ويٺو ڳالهائي؛ تہ بہ ڪنهن نہ چيو تہ توکي ڇا گهرجي؟ يا تون هن سان ڇو ٿو ڳالهائين؟</verse>
				<verse number="28">پوءِ زال پنهنجو دلو ڇڏي شهر ڏانهن ويئي، ۽ ماڻهن کي چوڻ لڳي تہ</verse>
				<verse number="29">اچو، هڪڙو ماڻهو تہ اچي ڏسو، جنهن سڀ جيڪي مون ڪيو آهي، سو مون کي ٻُڌايو اٿس: متان هيءُ مسيح تہ نہ آهي؟</verse>
				<verse number="30">پوءِ اُهي شهر مان نڪري وٽس آيا.</verse>
				<verse number="31">ايتري ۾ شاگردن عرض ڪري چيس، تہ اي اُستاد، ڪجهہ کاءُ.</verse>
				<verse number="32">پر هن چين تہ مون وٽ کائڻ لاءِ اُهو کاڄ آهي، جنهن جي اوهان کي خبر ڪانهي.</verse>
				<verse number="33">تڏهن شاگرد پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ڪنهن کائڻ لاءِ ڪي آڻي ڏنو اٿس ڇا؟</verse>
				<verse number="34">يسوع چين تہ منهنجو کاڄ هيءُ آهي، تہ جنهن موڪليو اٿم، تنهن جي مرضي بجا آڻيان، ۽ سندس ڪم پورو ڪريان.</verse>
				<verse number="35">اوهين چئو ڪين ٿا تہ فصل جي لهڻ ۾ اڃا باقي چار مهينا آهن؟ ڏسو، آئون اوهان کي ٿو چوان، تہ پنهنجيون اکيون مٿي کڻو، ۽ پوکن ڏانهن نهاريو، جو اُهي اڳيئي لاباري لاءِ پڪيون بيٺيون آهن.</verse>
				<verse number="36">لاهياري کي لائي ٿي ملي، ۽ هو هميشہ جي زندگيءَ لاءِ ڦل ٿو گڏ ڪري؛ تہ ڇا پوکڻ وارو، ۽ ڇا لُڻڻ وارو، ٻئي گڏجي سرها ٿين.</verse>
				<verse number="37">ڇالاءِ تہ اها چوڻي هتي اچيو لڳي، تہ هڪڙو پوکي ٿو، ٻيو لُڻي ٿو.</verse>
				<verse number="38">جنهن لاءِ اوهان بازون نہ هنيون آهن، تنهن جي لُڻڻ لاءِ اوهان کي موڪليم، ٻين بازون هنيون ۽ اوهين هنن جي پورهئي ۾ ڀائيوار ٿيا آهيو.</verse>
				<verse number="39">۽ انهي شهر جي گهڻن سامرين هن زال جي چوڻ ڪري مٿس ايمان آندو، جو هن شاهدي ڀري هئي تہ جيڪي جيڪي مون ڪيو آهي، سو سڀوئي مون کي ٻُڌايو اٿس.</verse>
				<verse number="40">پوءِ جڏهن اُهي سامري وٽس آيا، تڏهن عرض ڪيائونس تہ اسان وٽ اچي ٽڪ، ۽ هو اُتي ٻہ ڏهاڙا ٽڪي پيو.</verse>
				<verse number="41">۽ سندس ڪلام جي ڪري ٻين بہ گهڻن ايمان آندو؛</verse>
				<verse number="42">۽ هو زال کي چوڻ لڳا تہ اسين جو هاڻي مڃون ٿا، سو تنهنجي چوڻ ڪري نہ، پر اسان پاڻ ٻُڌي خاطري ڪئي آهي، ۽ ڄاڻون ٿا تہ سچ پچ هي جهان جو نجات ڏيندڙ آهي.</verse>
				<verse number="43">ٻن ڏينهن کانپوءِ هو اُتان روانو ٿي گليل ۾ ويو.</verse>
				<verse number="44">ڇالاءِ تہ يسوع پاڻ شاهدي ڀري تہ ڪنهن بہ نبيءَ کي پنهنجي وطن ۾ عزت نٿي ملي.</verse>
				<verse number="45">سو جڏهن هو گليل ۾ آيو، تڏهن گليلين کيس قبول ڪيو، ڇالاءِ جو يروشلم ۾ عيد تي جيڪي ڪم هن ڪيا هئا، سي سڀ هنن ڏٺا هئا: ڇوتہ خود انهن جو بہ عيد تي وڃڻ ٿيو هو.</verse>
				<verse number="46">پوءِ هو وري گليل جي قانا شهر ۾ آيو، جتي هن پاڻيءَ مان مئي ٺاهي هئي، ۽ اُتي هڪڙو امير هو، جنهن جو پٽ ڪفرناحوم ۾ بيمار هو.</verse>
				<verse number="47">جڏهن هن ٻُڌو تہ يسوع يهوديہ مان گليل ۾ آيو آهي، تڏهن وٽس ويو ۽ عرض ڪيائينس تہ هلي منهنجي پٽ کي چڱو ڀلو ڪر؛ جو هو مرڻ تي هو.</verse>
				<verse number="48">يسوع چيس تہ جيستائين اوهين نشانيون ۽ ڪرامتون نہ ڏسندا، تيستائين هرگز نہ مڃيندا.</verse>
				<verse number="49">امير کيس چيو، تہ سائين مون سان هل، متان ايتري ۾ منهنجو ٻارڙو نہ مري وڃي.</verse>
				<verse number="50">يسوع چيس تہ وڃ، تنهنجو پٽ بچيو. سو يسوع جيڪي چيس، تنهن تي هن ماڻهوءَ ايمان آندو، ۽ هو اُٿي هليو.</verse>
				<verse number="51">۽ اڃا واٽ تي ئي هو، تہ سندس نوڪر اڳواٽ اچي کيس گڏيا ۽ چيائونس تہ تنهنجو پٽ بچيو آهي.</verse>
				<verse number="52">تڏهن انهن کان پڇيائين تہ ڪهڙي وقت هو سکر ٿيڻ لڳو. هنن چيس تہ ڪلهہ صبح جو ستين بجي تپ لهي ويس.</verse>
				<verse number="53">تڏهن پڻس کي خبر پيئي تہ هي اهو ئي وقت هو، جڏهن يسوع کيس چيو تہ تنهنجو پٽ بچيو: ۽ پاڻ ۽ سندس سڄي خاندان ايمان آندو.</verse>
				<verse number="54">هي وري ٻيو معجزو آهي، جو يسوع يهوديہ مان گليل ۾ اچي ڏيکاريو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">هنن ڳالهين کانپوءِ يهودين جي هڪڙي عيد ٿي؛ ۽ يسوع يروشلم ۾ ويو.</verse>
				<verse number="2">اتي يروشلم ۾ رڍن واري در وٽ هڪ تلاءُ آهي، جنهن کي عبرانيءَ ۾ بيت حسدا ڪري ٿا سڏين، اُنهي کي پنج ڏيڍيون آهن.</verse>
				<verse number="3">تن ۾ ڪيترائي بيمار، ۽ انڌا، ۽ منڊا، ۽ سڙيل سُڪل پيا هوندا هئا. (اهي پاڻيءَ ۾ گوڙ ٿيڻ جا منتظر هوندا هئا،</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو ڪنهن ڪنهن مهل هڪڙو ملائڪ انهي تلاءَ ۾ لهي اچي پاڻيءَ ۾ چرپر ڪندو هو، ۽ پاڻيءَ جي اُڇل کانپوءِ جيڪو انهي تلاءَ ۾ پهرين گهڙندو هو، تنهن کي جيڪا بہ بيماري هوندي هئي، تنهن کان ڇُٽي پوندو هو.)</verse>
				<verse number="5">۽ اُتي هڪڙو ماڻهو هو، جو اٺٽيهن ورهين کان بيمار پيو هو.</verse>
				<verse number="6">۽ جڏهن يسوع هن کي اُتي پيل ڏٺو، ۽ خبر پيس تہ هو ڳچ وقت کان اهڙي حال ۾ آهي، تڏهن چيائينس تہ تنهنجي مرضي آهي تہ چڱو ڀلو ٿين؟</verse>
				<verse number="7">مريض جواب ڏنس، تہ سائين، جنهن مهل پاڻي اُڇل ٿو کائي، تنهن مهل اهڙو ماڻهو ڪونہ لڀيم جو کڻي تلاءَ ۾ وجهيم: پر آئون جيستائين اچان ئي اچان، تيستائين ٻيو مون کان اڳي گهڙيو پوي.</verse>
				<verse number="8">يسوع چيس تہ اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻي گهُم ڦر.</verse>
				<verse number="9">۽ هڪدم اهو ماڻهو ڇُٽي چڱو ڀلو ٿي پيو، ۽ کٽولو کڻي گهُمڻ ڦرڻ لڳو. اهو سبت جو ڏينهن هو.</verse>
				<verse number="10">تڏهن جيڪو ماڻهو ڇُٽي چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن کي يهودي چوڻ لڳا تہ اڄ سبت آهي، سو توکي کٽولو کڻڻ روا نہ آهي.</verse>
				<verse number="11">پر هن کين جواب ڏنو تہ جنهن مون کي ڇُٽايو آهي، تنهن ئي مون کي چيو تہ پنهنجو کٽولو کڻي گهُم ڦر.</verse>
				<verse number="12">انهن پڇيس تہ اهو ڪهڙو ماڻهو آهي جنهن توکي چيو، تہ کٽولو کڻي گهُم ڦر؟</verse>
				<verse number="13">پر جيڪو چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن کي خبر ڪانہ هئي تہ اُهو ڪير هو، ڇالاءِ تہ اتي گوڙ هئڻ سبب يسوع اُتان نڪري هليو ويو هو.</verse>
				<verse number="14">ٿوري وقت کانپوءِ يسوع هن کي هيڪل ۾ گڏيو، ۽ چيائينس تہ ڏس، هاڻي تون چڱو ڀلو ٿيو آهين: وري گناهہ نہ ڪج، متان هن کان بہ وڏي خرابي ٿئي ئي.</verse>
				<verse number="15">پوءِ انهي ماڻهوءَ وڃي يهودين کي ٻُڌايو تہ اُهو يسوع آهي، جنهن مون کي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="16">۽ انهي سبب ڪري يهودي، يسوع کي ستائڻ لڳا، ڇالاءِ جو هن سبت جي ڏينهن اهڙا ڪم ٿي ڪيا.</verse>
				<verse number="17">پر يسوع کين جواب ڏنو، تہ منهنجو پيءُ اڄ تائين ڪم پيو ڪري، ۽ آئون بہ پيو ڪم ڪريان.</verse>
				<verse number="18">انهي سبب ڪري يهودي هيڪاري کيس مارڻ لاءِ وجهہ ڳولڻ لڳا، ڇالاءِ جو هن نہ رڳو سبت ٿي ڀڳو، پر خدا کي خاص پنهنجو پيءُ سڏي، پاڻ کي خدا جي برابر ٿي ڪيائين.</verse>
				<verse number="19">تڏهن يسوع جواب ڏيئي چين، تہ آئون سچ سچ ٿو چوان تہ پٽ پنهنجي سر ڪي بہ ڪري نٿو سگهي، پر جيڪي پيءُ کي ڪندو ٿو ڏسي، سو ئي ٿو ڪري: ڇالاءِ جو جيڪي بہ ڪم هو ڪري ٿو، سي ئي پٽ بہ ساڳيءَ طرح ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="20">ڇوتہ پيءُ پٽ کي پيار ٿو ڪري، ۽ جيڪي بہ ڪم پاڻ ٿو ڪري، سي سڀ هن کي ٿو ڏيکاري؛ بلڪ انهن کان بہ وڏا ڪم ڏيکاريندس، تہ اوهان کي عجب لڳي.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو جيئن پيءُ مُردن کي اُٿاري ٿو ۽ جيارين ٿو، تيئن پٽ بہ جن کي وڻيس، تن کي جياري ٿو.</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ تہ پيءُ ڪنهن جي بہ عدالت نٿو ڪري، پر سموري عدالت پٽ جي حوالي ڪئي اٿس؛</verse>
				<verse number="23">تہ سڀيئي پٽ جي عزت ڪن، جهڙيءَ طرح ڪ پيءُ جي عزت ٿا ڪن. جيڪو پٽ جي عزت نٿو ڪري، سو پيءُ جي عزت نٿو ڪري، جنهن هن کي موڪليو آهي.</verse>
				<verse number="24">آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيڪو منهنجو ڪلام ٻُڌي ٿو، ۽ جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن کي مڃي ٿو، تنهن جي ئي هميشہ جي زندگي آهي، ۽ اُهو عدالت ۾ نٿو اچي، پر موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيو آهي.</verse>
				<verse number="25">آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ اُها گهڙي اچي ٿي، بلڪ هاڻي اچي سهڙي آهي، جنهن ۾ مُردا خدا جي فرزند جو آواز ٻُڌندا؛ ۽ جيڪي ٻُڌندا سي جيئندا.</verse>
				<verse number="26">ڇالاءِ تہ جيئن پيءُ کي خود پاڻ ۾ زندگي آهي، تيئن هن پٽ کي بہ بخشيو آهي تہ منجهس زندگي هجي:</verse>
				<verse number="27">۽ هن کي عدالت ڪرڻ جي پڻ اختياري ڏني اٿس، ڇالاءِ تہ هو ابن آدم آهي.</verse>
				<verse number="28">انهيءَ ڳالهہ تي عجب نہ کائو، ڇالاءِ تہ اُها گهڙي اچي ٿي، جڏهن سڀ جيڪي قبرن ۾ آهن، سي هن جو آواز ٻُڌندا،</verse>
				<verse number="29">۽ نڪري ايندا؛ جن نيڪي ڪئي آهي، سي زندگيءَ جي قيامت لاءِ ۽ جن بدي ڪئي آهي، سي عدالت جي قيامت لاءِ.</verse>
				<verse number="30">آئون پنهنجي سر ڪجهہ ڪري نٿو سگهان: جيئن ٻُڌان ٿو، تيئن ئي عدالت ٿو ڪريان، ۽ منهنجي عدالت سچي آهي، ڇوتہ آئون پنهنجي مرضي نہ، پر جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن جي مرضيءَ تي هلڻ ٿو گهُران.</verse>
				<verse number="31">جي آئون پاڻ پنهنجي شاهدي ڀريان تہ منهنجي شاهدي سچي نہ آهي.</verse>
				<verse number="32">اُهو ٻيو آهي جو منهنجي بابت شاهدي ٿو ڀري، ۽ آئون ڄاڻان ٿو تہ جيڪا شاهدي هو منهنجي بابت ڀري ٿو سا سچي آهي.</verse>
				<verse number="33">اوهان يوحنا ڏانهن چوائي موڪليو، ۽ هن سچ جي شاهدي ڀري.</verse>
				<verse number="34">پر مون کي انسان جي شاهدي قبول ڪانهي: تنهن هوندي بہ اهي ڳالهيون جي ڪيون اٿم، سي هن لاءِ تہ اوهان کي نجات ملي.</verse>
				<verse number="35">هو ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ ڏيئو هو: ۽ اوهان گهڙي ساعت هن جي سوجهري ۾ خوش رهڻ پسند ڪيو.</verse>
				<verse number="36">پر مون وٽ جا شاهدي آهي، سا يوحنا جي شاهدي کان بہ مٿي آهي: ڇالاءِ تہ جيڪي ڪم پيءُ مون کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن، يعني اُهي ساڳيا ڪم جي آئون پيو ڪريان، سي منهنجي بابت شاهدي ٿا ڀرين تہ پيءُ مون کي موڪليو آهي.</verse>
				<verse number="37">۽ پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن ئي منهنجي بابت شاهدي ڏني آهي. اوهان نہ ڪڏهن هن جو آواز ٻُڌو آهي، نڪي سندس صورت ڏٺي اٿوَ.</verse>
				<verse number="38">۽ اوهين هن جي ڪلام کي پنهنجي دل ۾ جاءِ نٿا ڏيو: ڇوتہ جنهن کي موڪليو اٿس، تنهن کي قبول نٿا ڪريو.</verse>
				<verse number="39">اوهين پاڪ لکيتون ڳوليو ڦوليو ٿا، ڇالاءِ جو ڀانئيو ٿا تہ انهن ۾ اسان لاءِ هميشہ جي زندگي آهي، ۽ اهي ئي آهن جي منهنجي بابت شاهدي ٿيون ڀرين؛</verse>
				<verse number="40">تہ بہ اوهين مون وٽ اچڻ جي نٿا ڪريو تہ زندگي مليوَ.</verse>
				<verse number="41">مون کي ماڻهن کان وڏائي ڪانہ گهرجي.</verse>
				<verse number="42">پر مون کي اوهان جي خبر آهي تہ اوهان ۾ خدا جي محبت ڪانهي.</verse>
				<verse number="43">آئون پنهنجي پيءُ جي نالي آيو آهيان، ۽ اوهين مون کي نٿا قبوليو، پر جيڪڏهن ڪو ٻيو پنهنجي نالي تي ايندو، تہ اُنهي کي قبوليندا.</verse>
				<verse number="44">اوهين جي هڪ ٻئي کان وڏائي ٿا گهُرو، پر اها وڏائي جا هڪڙي ئي خدا کان ٿي ملي تنهن جي ڳولا نٿا ڪريو، سي ڀلا ڪيئن ايمان آڻي سگهندا؟</verse>
				<verse number="45">اوهين ائين نہ سمجهو تہ ڪو آئون پيءُ وٽ اوهان تي دانهن ڏيندس: اوهان تي دانهن ڏيڻ وارو تہ آهي، يعني موسيٰ، جنهن تي اوهين ڀاڙي ويٺا آهيو.</verse>
				<verse number="46">ڇالاءِ تہ جي موسيٰ کي مڃو ها، تہ هوند مون کي بہ مڃو ها، ڪيئن جو هن منهنجي بابت لکيو آهي.</verse>
				<verse number="47">پر هن جي لکيتن کي ئي نٿا مڃو تہ منهنجون ڳالهيون ڪيئن مڃيندا؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">هنن ڳالهين کانپوءِ يسوع گليل جي سمنڊ، يعني تبرياس جي ڍنڍ جي پرئين ڀر هليو ويو.</verse>
				<verse number="2">۽ ماڻهن جو وڏو ميڙاڪو سندس پٺيان آيو، ڇاڪاڻ تہ بيمارن تي جي معجزا ٿي ڪيائين، سي هنن پئي ڏٺا.</verse>
				<verse number="3">يسوع جبل تي چڙهي ويو، ۽ اتي پنهنجن شاگردن سان گڏ وڃي ويٺو.</verse>
				<verse number="4">۽ يهودين جي عيد فسح ويجهي هئي.</verse>
				<verse number="5">پوءِ يسوع اکيون مٿي کڻي ڏٺو تہ هڪ وڏو ميڙاڪو وٽس پيو اچي، تڏهن فلپس کي چوڻ لڳو تہ هيترا جي کائيندا، سو ماني ڪٿان ڳنهون؟</verse>
				<verse number="6">پر هن کيس آزمائڻ لاءِ ائين چيو، ڇالاءِ تہ کيس خبر هئي تہ آئون ڇا ڪندس.</verse>
				<verse number="7">فلپس هن کي جواب ڏنو، تہ هڪڙي هڪڙي کي ٿورو کائڻ لاءِ ملي، تہ بہ اُنهن لاءِ ٻن سون دينارن جون مانيون پوريون نہ ٿينديون.</verse>
				<verse number="8">تڏهن سندس شاگردن مان هڪڙي شمعون پطرس جي ڀاءُ اندرياس چيس تہ</verse>
				<verse number="9">هتي هڪڙو ڇوڪرو آهي، جنهن وٽ جَوَن جون پنج مانيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آهن، پر اهي ايترن ماڻهن ۾ ڇا ٿينديون؟</verse>
				<verse number="10">يسوع چيو تہ ماڻهن کي ويهاري وڃو. ۽ انهي هنڌ گهڻو گاهہ هو. پوءِ اُهي مرد، جي شمار ۾ پنج هزار کن هئا، سي ويهي ويا.</verse>
				<verse number="11">تڏهن يسوع اُهي مانيون وٺي شڪر ڪري، جيڪي ويٺا هئا، تن کي ورهائي ڏنيون، ۽ انهيءَ طرح ڪُرڙين مان بہ جيترو گهُريائون، تيترو ڏنائين.</verse>
				<verse number="12">۽ جڏهن هو ڍءُ ڪري رهيا، تڏهن پنهنجن شاگردن کي چيائين، تہ ٽڪر ٽيرا جيڪي بچيا آهن، سي ميڙي کڻو، تہ ڪي بہ اجايو نہ وڃي.</verse>
				<verse number="13">تڏهن اُهي ميڙڻ لڳا، ۽ جَوَن جي پنجن مانين مان ٽڪر ٽيرا جي کائڻ وارن بچايا هئا، تن مان ٻارهن کاريون ڀري کنيائون.</verse>
				<verse number="14">پوءِ اهو معجزو جو هن ڪيو، سو ڏسي ماڻهو چوڻ لڳا تہ جيڪو نبي جهان ۾ اچڻو آهي، سو سچ پچ اهو ئي آهي.</verse>
				<verse number="15">پوءِ يسوع ڏٺو تہ هنن جو مطلب آهي تہ زور سان جهلي بادشاهہ ڪريونس، تنهنڪري هو موٽي جبل ڏانهن اڪيلو نڪري ويو.</verse>
				<verse number="16">جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن سندس شاگرد سمنڊ تي ويا،</verse>
				<verse number="17">۽ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سمنڊ جي پار ڪفرناحوم ڏانهن روانا ٿيا، ۽ مٿان اچي اونداهي ٿي، ۽ يسوع اڃا وٽن ڪونہ آيو هو.</verse>
				<verse number="18">۽ طوفان جي ڪري سمنڊ ۾ لهرون اُٿڻ لڳيون.</verse>
				<verse number="19">پوءِ جڏهن ٽي چار ميل کن ڪاهي ويا، تڏهن ڏٺائون تہ يسوع سمنڊ تي پنڌ ڪندو ٻيڙيءَ جي ويجهو پيو اچي، ۽ هو ڊڄي ويا.</verse>
				<verse number="20">پر هن چين تہ آئون آهيان، ڊڄو نہ.</verse>
				<verse number="21">تڏهن خوشيءَ سان هن کي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيائون، ۽ هڪدم ٻيڙي اُنهي هنڌ وڃي پهتي، جيڏانهن هو پئي ويا.</verse>
				<verse number="22">ٻئي ڏينهن اُهو ميڙاڪو، جو سمنڊ جي پرئين ڀر بيٺو هو، تنهن ڏٺو تہ اُتي تہ هڪڙي ٻيڙيءَ ڌاران ٻيو ڪي بہ ڪين هو، ۽ يسوع تہ پنهنجن شاگردن سان ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو ئي ڪين هو، پر سندس شاگرد اڪيلا ويا هئا.</verse>
				<verse number="23">(اگرچہ جتي خداوند جي شڪرانن چوڻ بعد هنن ماني کاڌي هئي، انهيءَ جاءِ جي ويجهو ٻيا مڇئا تبرياس کان آيا هئا).</verse>
				<verse number="24">سو جڏهن ميڙاڪي ڏٺو تہ نڪو يسوع آهي ۽ نڪي سندس شاگرد، تڏهن هو پاڻ انهن مڇئن ۾ چڙهي يسوع کي ڳولڻ لاءِ ڪفرناحوم ۾ آيا.</verse>
				<verse number="25">۽ جڏهن سمنڊ جي پار ڳولي اچي لڌائونس، تڏهن چيائونس تہ اي اُستاد، تون هتي ڪڏهن آئين؟</verse>
				<verse number="26">يسوع جواب ڏيئي چين، تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ اوهين جو مون کي ڳوليو ٿا، سو انهي لاءِ نہ تہ معجزا ڏٺا اٿوَ، پر انهي لاءِ جو مانيون کائي ڍءُ ڪيو اٿوَ.</verse>
				<verse number="27">جيڪو کاڄ فاني آهي، تنهن لاءِ محنت نہ ڪريو، پر اُنهي کاڄ لاءِ، جو هميشہ جي زندگيءَ تائين هلي ٿو، جو ابن آدم اوهان کي ڏيندو: ڇالاءِ تہ پيءُ يعني خدا، هن تي ئي مهر هنئي آهي.</verse>
				<verse number="28">تڏهن هنن چيس تہ اسين ڇا ڪريون جو خدا جا ڪم بجا آڻيون؟</verse>
				<verse number="29">يسوع جواب ڏيئي چين تہ خدا جو ڪم هيءُ آهي تہ جنهن کي موڪليو اٿس، تنهن تي ايمان آڻيو.</verse>
				<verse number="30">تنهن تي هنن چيس، تہ پوءِ تون اسان کي ڪهڙي نشاني ٿو ڏيکارين تہ اسين ڏسي توکي قبول ڪريون؟ تون ڪهڙو ڪم ٿو ڪرين؟</verse>
				<verse number="31">اسان جي ابن ڏاڏن رڻ پٽ ۾ من کاڌي، جيئن ڪ لکيل آهي، تہ هن کين کائڻ لاءِ آسمان مان ماني ڏني.</verse>
				<verse number="32">تڏهن يسوع چين، تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ اُهو موسيٰ ڪين هو جنهن اوهان کي آسمان مان ماني ڏني، پر منهنجو پيءُ اوهان کي آسمان مان سچي ماني ٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="33">ڇالاءِ تہ خدا جي ماني اُها آهي جا آسمان مان لهي اچي جهان کي زندگي ٿي ڏئي.</verse>
				<verse number="34">تنهن تي هنن چيس، تہ اي خداوند، اها ماني تہ اسان کي هميشہ ڏي.</verse>
				<verse number="35">يسوع چين تہ زندگيءَ جي ماني آئون آهيان، جيڪو مون وٽ ٿو اچي، تنهن کي ڪڏهن بک ڪين لڳندي، ۽ جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، تنهن کي ڪڏهن اُڃ ڪين لڳندي.</verse>
				<verse number="36">پر مون اوهان کي چيو تہ اوهان مون کي ڏٺو آهي تہ بہ ايمان نٿا آڻيو.</verse>
				<verse number="37">جيڪي بہ پيءُ مون کي ڏئي ٿو، سي مون وٽ ايندا، ۽ جيڪو مون وٽ اچي ٿو، تنهن کي آئون اصل ڪڍي ڪين ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="38">ڇالاءِ تہ آئون پنهنجيءَ مرضيءَ تي هلڻ لاءِ نہ، پر جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن جي مرضيءَ تي هلڻ لاءِ آسمان مان لهي آيو آهيان.</verse>
				<verse number="39">جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن جي مرضي هيءَ آهي، تہ جيڪي بہ مون کي ڏنو اٿس، تنهن مان ڪجهہ بہ نہ وڃايان، پر پوئين ڏينهن ان کي جياري اُٿاريان.</verse>
				<verse number="40">ڇالاءِ تہ منهنجي پيءُ جي هيءَ مرضي آهي، تہ هرهڪ جو پٽ کي ڏسي ٿو، ۽ مٿس ايمان ٿو آڻي، تنهن کي هميشہ جي زندگي ملي؛ ۽ آئون پوئين ڏينهن هن کي جياري اُٿاريندس.</verse>
				<verse number="41">تڏهن يهودي هن بابت سُر پُر ڪرڻ لڳا، ڇالاءِ جو هن چيو تہ آسمان مان جا ماني لهي آئي آهي، سا آئون آهيان.</verse>
				<verse number="42">۽ هو چوڻ لڳا تہ اهو يسوع يوسف جو پٽ آهي نہ، جنهن جي ماءُ پيءُ کي اسين سڃاڻون؟ تڏهن هينئر ڪيئن ٿو چوي تہ آئون آسمان مان لٿو آهيان؟</verse>
				<verse number="43">يسوع جواب ڏيئي چين تہ پاڻ ۾ سُر پُر نہ ڪريو.</verse>
				<verse number="44">ڪوبہ ماڻهو مون وٽ اچي نٿو سگهي، جيسين ڪ پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي، سو نہ ڇڪيس: ۽ آئون پوئين ڏينهن ان کي جياري اُٿاريندس.</verse>
				<verse number="45">نبين جي ڪتابن ۾ لکيل آهي، تہ ”اُهي سڀ خدا پاران سيکاريا ويندا.“ هرڪو جنهن پيءُ کان ٻُڌو آهي، ۽ وٽانئس سکيو آهي، سو مون وٽ ٿو اچي.</verse>
				<verse number="46">ائين نہ آهي تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ پيءُ کي ڏٺو آهي، سواءِ انهي جي، جو خدا وٽان آهي، تنهن ئي پيءُ کي ڏٺو آهي.</verse>
				<verse number="47">آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، هميشہ جي زندگي انهيءَ جي آهي.</verse>
				<verse number="48">زندگيءَ جي ماني آئون آهيان.</verse>
				<verse number="49">اوهان جي ابن ڏاڏن رڻ پٽ ۾ من کاڌي، ۽ اُهي مري ويا.</verse>
				<verse number="50">هيءَ اُها ماني آهي، جا آسمان مان لهي ٿي، تہ ماڻهو اُن مان کائي ۽ مري نہ وڃي.</verse>
				<verse number="51">آئون اُها زندہ ماني آهيان، جا آسمان مان لٿي آهي: جيڪڏهن ڪوبہ هن مانيءَ مان کائيندو تہ هميشہ جيئرو رهندو: بلڪ اُها ماني جا آئون جهان جي زندگيءَ لاءِ ڏيندس، سا آهي منهنجو گوشت.</verse>
				<verse number="52">تنهن تي يهودي پاڻ ۾ اچي اٽڪيا، ۽ چوڻ لڳا تہ هي ماڻهو اسان کي پنهنجو گوشت ڪيئن کائڻ لاءِ ڏيندو؟</verse>
				<verse number="53">تڏهن يسوع چين، تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جيسين اوهين ابن آدم جو گوشت نہ کائيندا، ۽ رت نہ پيئندا، تيسين اوهان ۾ زندگي هوندي ئي ڪانہ.</verse>
				<verse number="54">جيڪو منهنجو گوشت ٿو کائي ۽ منهنجو رت ٿو پيئي، هميشہ جي زندگي اُنهي جي آهي: آئون هن کي پوئين ڏينهن جياري اُٿاريندس.</verse>
				<verse number="55">ڇالاءِ تہ منهنجو گوشت سچ پچ کائڻ جي شيءِ آهي، ۽ منهنجو رت سچ پچ پيئڻ جي شيءِ آهي.</verse>
				<verse number="56">جيڪو منهنجو گوشت ٿو کائي ۽ منهنجو رت ٿو پيئي، سو مون ۾ ٿو رهي، ۽ آئون منجهس.</verse>
				<verse number="57">جيئن زندہ پيءُ مون کي موڪليو آهي، ۽ آئون پيءُ جي ڪري ٿو جيان؛ تيئن جيڪو مون کي ٿو کائي، سو پڻ منهنجي ڪري جيئندو.</verse>
				<verse number="58">هيءَ اُها ماني آهي، جا آسمان مان لٿي آهي: نہ جيئن اوهان جي ابن ڏاڏن کاڌي ۽ مري ويا: پر جيڪو هيءَ ماني ٿو کائي، سو هميشہ جيئرو رهندو.</verse>
				<verse number="59">اهي ڳالهيون هن ڪفرناحوم ۾ هڪ عبادتخاني ۾ تعليم ڏيڻ وقت چيون.</verse>
				<verse number="60">انهي ڪري سندس شاگردن مان گهڻن، جڏهن هيءُ ٻُڌو، تڏهن چوڻ لڳا تہ هيءَ ڳالهہ تہ سخت آهي؛ اِها ڪير ٻُڌي سگهندو؟</verse>
				<verse number="61">پر يسوع پنهنجي اندر ۾ ڄاتو تہ منهنجا شاگرد انهيءَ ڳالهہ تي سُر پُر ٿا ڪن، تڏهن چيائين تہ هيءَ ڳالهہ اوهان کي گمراهہ ٿي ڪري ڇا؟</verse>
				<verse number="62">ڀلا جيڪڏهن ابن آدم کي اوڏانهن چڙهي ويندو ڏسو، جتي هو اڳيئي هو، تہ پوءِ ڪيئن؟</verse>
				<verse number="63">جيارڻ وارو تہ روح آهي، جسم مان ڪو فائدو ڪونهي: هي ڳالهيون جيڪي مون اوهان کي چيون آهن، سي روح ۽ زندگي آهن.</verse>
				<verse number="64">پر اوهان مان ڪي آهن جي ايمان نٿا آڻين. ڇالاءِ تہ يسوع کي شروع کان خبر هئي تہ ڪهڙن ڪهڙن کي ايمان ڪونهي، ۽ ڪير مون کي جهلائيندو.</verse>
				<verse number="65">۽ هن چيو، تہ انهي سبب ڪري مون اوهان کي چيو آهي تہ ڪوبہ ماڻهو مون وٽ اچي نٿو سگهي، جيسين ڪ هن کي پيءُ وٽان اهڙي طاقت نہ ملي.</verse>
				<verse number="66">تنهن تي سندس گهڻا شاگرد پٺتي موٽي هليا ويا، ۽ وري ساڻس ڪڏهن گهُمڻ جي نہ ڪيائون.</verse>
				<verse number="67">تڏهن يسوع هنن ٻارهن ڄڻن کي چيو، تہ اوهين بہ وڃڻ چاهيو ٿا ڇا؟</verse>
				<verse number="68">شمعون پطرس جواب ڏنس، تہ اي خداوند، اسين ڪنهن وٽ وڃون؟ هميشہ جي زندگيءَ جون ڳالهيون تہ تو وٽ آهن.</verse>
				<verse number="69">۽ اسان ايمان آندو آهي، ۽ ڄاتو اٿئون تہ تون اُهو خدا جو قدوس آهين.</verse>
				<verse number="70">يسوع کين جواب ڏنو، تہ مون اوهان ٻارهن ئي کي ڪين چونڊيو آهي، ۽ اوهان مان هڪڙو شيطان آهي؟</verse>
				<verse number="71">هن هيءَ ڳالهہ شمعون اسڪريوتي جي پٽ يهوداهہ جي بابت ڪئي، ڇالاءِ تہ اُهوئي ٻارهن مان هڪڙو هو، جنهن جهلايس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">۽ هنن ڳالهين کانپوءِ يسوع گليل ۾ پئي گهُميو: ڇالاءِ تہ مرضي نہ هيس تہ يهوديہ ۾ گهُمان، جو يهودين کيس مارڻ لاءِ پئي وجهہ ڳوليا.</verse>
				<verse number="2">هاڻي يهودين جي تنبن جي عيد ويجهي هئي.</verse>
				<verse number="3">تڏهن سندس ڀائر چوڻ لڳس تہ هتان نڪري يهوديہ ۾ وڃ، تہ جيڪي ڪم تون پيو ڪرين، سي تنهنجا شاگرد بہ ڏسن.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ تہ ڪوبہ اهڙو ڪونهي جو جيڪي ڪري سو لڪائي، ۽ پوءِ بہ ڀانئين تہ مشهور ٿيان. جي تون اهي ڪم ٿو ڪرين تہ جهان کي پاڻ پڌرو ڪري ڏيکار.</verse>
				<verse number="5">ڇوتہ سندس ڀائرن بہ مٿس ايمان ڪونہ آندو هو.</verse>
				<verse number="6">تڏهن يسوع چين، تہ منهنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آهي، پر اوهان جو وقت تہ ٻارهوئي آهي.</verse>
				<verse number="7">ٿيڻي نہ آهي جو دنيا اوهان سان نفرت ڪري، پر مون سان نفرت ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ آئون هن بابت شاهدي ٿو ڏيان تہ سندس ڪم بڇڙا آهن.</verse>
				<verse number="8">اوهين عيد تي وڃو، منهنجو تہ اڃا انهيءَ عيد تي وڃڻ ڪونهي، جو منهنجو وقت اڃا ڀرجي ڪونہ آيو آهي.</verse>
				<verse number="9">انهن ڳالهين چوڻ کانپوءِ هو گليل ۾ ئي رهيو پيو هو.</verse>
				<verse number="10">پر جڏهن سندس ڀائر عيد تي هليا ويا، تڏهن پاڻ بہ ويو، نہ کُليو کُلايو، پر ڄڻ ڳُجهو پالهو.</verse>
				<verse number="11">تڏهن يهودي عيد تي کيس ڳولڻ لڳا، ۽ پئي چيائون تہ هو ڪٿي آهي؟</verse>
				<verse number="12">۽ هن بابت ماڻهن ۾ ڏاڍي سُر پُر هلي: ڪن پئي چيو تہ هو نيڪ ماڻهو آهي: ۽ ٻين پئي چيو تہ نہ، هو ماڻهن کي گمراهہ ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="13">تنهن هوندي بہ يهودين جي ڊپ کان ڪنهن بہ هن بابت کُلي کُلائي ڳالهہ نٿي ڪئي.</verse>
				<verse number="14">پوءِ جڏهن عيد جا اڌ جيترا ڏينهن گذريا، تہ يسوع هيڪل ۾ ويو ۽ تعليم ڏيڻ لڳو.</verse>
				<verse number="15">تنهن تي يهودي عجب ۾ پئي چوڻ لڳا تہ هن کي بنا پڙهڻ ڳڙهڻ جي علم ڪيئن آيو؟</verse>
				<verse number="16">پوءِ يسوع جواب ڏيئي چين تہ منهنجي تعليم منهنجي نہ آهي، پر انهي جي آهي جنهن موڪليو اٿم.</verse>
				<verse number="17">جيڪڏهن ڪو ماڻهو سندس مرضيءَ تي هلڻ ٿو گهُري، تہ کيس انهيءَ تعليم بابت خبر پوندي، تہ اُها خدا وٽان آهي يا آئون پاڻو ٿو چوان.</verse>
				<verse number="18">جو پاڻو ٿو چوي، سو پنهنجي وڏائي ٿو ڳولي: پر جيڪو انهيءَ جي وڏائي ٿو ڳولي، جنهن کيس موڪليو آهي، سو ئي سچو آهي ۽ منجهس کوٽ ڪونهي.</verse>
				<verse number="19">موسيٰ اوهان کي شريعت ڪين ڏني آهي ڇا، تہ بہ اوهان مان ڪو اُنهيءَ شريعت تي نٿو هلي؟ اوهين مون کي مارڻ جي ڇو ٿا ڪريو؟</verse>
				<verse number="20">ماڻهن جواب ڏنو تہ تو ۾ ڀوت آهي، ڪير توکي مارڻ جي ٿو ڪري؟</verse>
				<verse number="21">يسوع جواب ڏيئي چين، تہ مون هڪڙو ڪم ڪيو، ۽ اوهان مڙني کي حيرت وٺي ويئي آهي.</verse>
				<verse number="22">انهي سبب موسيٰ اوهان کي ختني جو حڪم ڏنو آهي. (نہ ڪ اُهو موسيٰ کان آهي پر ابن ڏاڏن کان)، ۽ سبت جي ڏينهن اوهين ماڻهوءَ جو ختنو ڪرائيندا آهيو.</verse>
				<verse number="23">جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو سبت جي ڏينهن ختنو ڪرائڻ ڪري موسيٰ جي شريعت جو حڪم نٿو ڀڄي؛ تہ پوءِ مون سان ڇو ڪاوڙيا آهيو، جو مون هڪڙي ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن سڄو سارو ڪري ڇڏيو؟</verse>
				<verse number="24">منهن ڏسي انصاف نہ ڪريو، پر حقي انصاف ڪريو.</verse>
				<verse number="25">تڏهن يروشلم جي ماڻهن مان ڪي چوڻ لڳا، تہ هيءُ اُهو نہ آهي جنهن کي مارڻ جي ٿا ڪن؟</verse>
				<verse number="26">۽ ڏسو، هو کُليو کُلايو بيٺو ڳالهائي، ۽ اُهي ڪي ڪين ٿا چوَنس. ائين آهي ڇا تہ سردار سچ پچ ڀانئين ٿا تہ هيءُ مسيح آهي؟</verse>
				<verse number="27">پر هن جي تہ اسان کي خبر آهي تہ هو ڪٿان جو آهي، مگر جڏهن مسيح ايندو، تڏهن ڪنهن کي بہ خبر ڪانہ رهندي تہ اُهو ڪٿان جو آهي.</verse>
				<verse number="28">پوءِ يسوع هيڪل ۾ تعليم ڏيندي وڏي آواز سان چيو، تہ اوهين مون کي سڃاڻو ٿا، ۽ خبر بہ اٿوَ تہ آئون ڪٿان جو آهيان؛ ۽ آئون پاڻو پاڻ نہ آيو آهيان، پر جنهن موڪليو اٿم، سو سچو آهي، جنهن کي اوهين نٿا سڃاڻو.</verse>
				<verse number="29">آئون سڃاڻانس ٿو، ڇالاءِ تہ آئون وٽانئس آهيان، ۽ انهي ئي مون کي موڪليو آهي.</verse>
				<verse number="30">تنهن تي هو کيس جهلڻ جي ڪوشش ۾ هئا، پر ڪنهن بہ هٿ نہ لاتس، ڇالاءِ جو اڃا سندس گهڙي ڪانہ آئي هئي.</verse>
				<verse number="31">پر انهن مان گهڻن مٿس ايمان آندو، ۽ هو چوڻ لڳا تہ مسيح جڏهن ايندو، تڏهن جيڪي معجزا هن ڪيا آهن، تن کان وڌيڪ ڪندو ڇا؟</verse>
				<verse number="32">فريسين ٻُڌو تہ ماڻهو هن جي بابت انهن ڳالهين جي سُر پُر پيا ڪن، تڏهن سردار ڪاهنن ۽ فريسين، حوالدارن کي موڪليو تہ وڃي پڪڙي اچوس.</verse>
				<verse number="33">تنهن تي يسوع چيو، تہ اڃا ٿوري ساعت آئون اوهان سان آهيان، پوءِ جنهن موڪليو اٿم، تنهن وٽ ويندس.</verse>
				<verse number="34">اوهين مون کي ڳوليندا، ۽ ڪين لهندا: ۽ جتي آئون آهيان، اوهين اچي ڪين سگهندا.</verse>
				<verse number="35">تڏهن يهودي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ ڪيڏانهن وڃڻو آهي، جو اسين لهي ڪين سگهنداسونس؟ يونان منجهہ جي ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهن، تن وٽ وڃي يونانين کي تعليم ڏيندو ڇا؟</verse>
				<verse number="36">اها ڳالهہ جا ڪيائين، تنهن جي معنيٰ ڇا، تہ اوهين مون کي ڳوليندا ۽ ڪين لهندا، ۽ جتي آئون آهيان، اُتي اوهين اچي ڪين سگهندا؟</verse>
				<verse number="37">تڏهن عيد جي پوئين ڏينهن، جو خاص ڏينهن هو، يسوع بيهي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ جيڪڏهن ڪو اُڃايل هجي تہ اُهو مون وٽ اچي پيئي.</verse>
				<verse number="38">جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، تنهن جي اندران، جيئن ڪ پاڪ ڪلام ۾ چيل آهي، زندگيءَ جي پاڻيءَ جون نديون وهنديون.</verse>
				<verse number="39">پر هن اها ڳالهہ روح بابت ڪئي، جو انهن کي جن مٿس ايمان آندو، ملڻو هو: ڇالاءِ جو روح اڃا نہ مليو هو، انهي ڪري جو يسوع اڃا پنهنجي جلال کي ڪين رسيو هو.</verse>
				<verse number="40">تنهن تي ماڻهن مان ڪي اهي ڳالهيون ٻُڌي چوڻ لڳا، تہ هيءُ سچ پچ اُهو نبي آهي.</verse>
				<verse number="41">۽ ٻيا چوڻ لڳا تہ هيءُ مسيح آهي پر ڪن وري چيو تہ مسيح ڪو گليل مان ايندو ڇا؟</verse>
				<verse number="42">پاڪ ڪلام ۾ ڪين چيل آهي تہ مسيح دائود جي نسل مان، ۽ بيت الحم، جو دائود جو ڳوٺ آهي، تنهن مان ايندو؟</verse>
				<verse number="43">تنهن تي هن جي ڪري ماڻهن ۾ اچي جدائي ٿي.</verse>
				<verse number="44">۽ انهن مان ڪن کيس پڪڙڻ جي ٿي ڪئي، پر ڪنهن بہ هٿ نہ لاتس.</verse>
				<verse number="45">تنهن تي حوالدار سردار ڪاهنن ۽ فريسين وٽ موٽي آيا، ۽ اُنهن کين چيو تہ اوهين هن کي ڇو نہ وٺي آيا؟</verse>
				<verse number="46">حوالدارن جواب ڏنو تہ ڪنهن بہ انسان اهڙيءَ طرح ڪڏهن ڪونہ ڳالهايو.</verse>
				<verse number="47">تڏهن فريسين کين جواب ڏنو، تہ متان اوهين بہ گمراهہ ٿيو؟</verse>
				<verse number="48">ڇا سردارن يا فريسين مان بہ ڪنهن مٿس ايمان آندو آهي؟</verse>
				<verse number="49">پر هيءَ خلق جا شريعت نٿي ڄاڻي، سا ئي پِٽيل آهي.</verse>
				<verse number="50">نيڪديمس (جو اڳي وٽس آيو هو، ۽ انهن مان هڪڙو هو) تنهن چين،</verse>
				<verse number="51">تہ پهريائين، جيسين ڪنهن ماڻهوءَ جي ڳالهہ نہ ٻُڌي آهي، ۽ نہ خبر پيئي آهي تہ هو ڇا ٿو ڪري، تيسين اسان جي شريعت ڪنهن جي بہ عدالت ڪري ٿي ڇا؟</verse>
				<verse number="52">هنن جواب ڏيئي چيس، تہ تون بہ گليل جو آهين ڇا؟ جاچ ڪري ڏس تہ گليل مان ڪوبہ نبي پيدا ٿيڻ وارو نہ آهي.</verse>
				<verse number="53">(۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويو.)</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">پر يسوع زيتون جي جبل تي ويو.</verse>
				<verse number="2">۽ صبح جو سوير وري هيڪل ۾ آيو، ۽ سڀ ماڻهو اچي وٽس مڙيا، ۽ هو ويهي کين تعليم ڏيڻ لڳو.</verse>
				<verse number="3">۽ فقيهن ۽ فريسين هڪڙيءَ زال کي آندو، جنهن کي زنا ڪندي پڪڙيو هئائون، ۽ تنهن کي وچ ۾ بيهاري</verse>
				<verse number="4">کيس چيائون تہ اي اُستاد، هيءَ زال اصل زنا ڪندي پڪڙي ويئي آهي.</verse>
				<verse number="5">هاڻي شريعت ۾ موسيٰ اسان کي فرمايو آهي تہ اهڙن کي سنگسار ڪري ڇڏيو، ڀلا تون هن جي بابت ڇا ٿو چوين؟</verse>
				<verse number="6">۽ ائين جو چيائون ٿي سو کيس آزمائڻ لاءِ، تہ مٿس تهمت آڻڻ جو سبب ملين. پر يسوع نِوڙي پنهنجيءَ آڱر سان زمين تي لکڻ لڳو.</verse>
				<verse number="7">مگر جڏهن هو کانئس پڇندا رهيا، تڏهن هن ڪنڌ مٿي ڪري چين، تہ اوهان مان جيڪو بيگناهہ هجي، سو پهريائين هن کي پهڻ هڻي.</verse>
				<verse number="8">۽ وري بہ هو نِوڙي پنهنجيءَ آڱر سان زمين تي لکڻ لڳو.</verse>
				<verse number="9">۽ جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن وڏي کان وٺي ننڍي تائين هڪڙو هڪڙو ٿي نڪري ويا: ۽ رڳو يسوع وڃي رهيو، ۽ اُها زال وچ ۾ بيٺي هئي.</verse>
				<verse number="10">يسوع ڪنڌ مٿي ڪري هن کي چيو، تہ اي مائي، اُهي ڪيڏانهن ويا؟ ڪنهن بہ توتي فتويٰ ڪانہ ڏني؟</verse>
				<verse number="11">هن چيو تہ اي خداوند، ڪنهن بہ نہ. يسوع چيس، تہ آئون بہ توتي فتويٰ نٿو ڏيان، هلي وڃ، اڄ کانپوءِ وري گناهہ نہ ڪج.</verse>
				<verse number="12">وري يسوع کين چيو تہ جهان جو سوجهرو آئون آهيان، جيڪو منهنجي پيروي ٿو ڪري، سو اونداهيءَ ۾ ڪين هلندو، بلڪ زندگيءَ جو سوجهرو ملندس.</verse>
				<verse number="13">تنهن تي فريسين چيس، تہ تون پاڻ پنهنجي شاهدي ٿو ڀرين، تنهنجي شاهدي سچي نہ آهي.</verse>
				<verse number="14">يسوع جواب ڏيئي چين تہ جيتوڻيڪ آئون پاڻ پنهنجي شاهدي ٿو ڀريان، تہ بہ منهنجي شاهدي سچي آهي؛ ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ آئون ڪٿان آيو آهيان، ۽ ڪيڏانهن ٿو وڃان؛ پر اوهان کي خبر ڪانهي تہ آئون ڪٿان آيو آهيان، يا ڪيڏانهن ٿو وڃان.</verse>
				<verse number="15">اوهين جسماني طور فيصلو ٿا ڪريو، آئون ڪنهن جو بہ فيصلو نٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="16">۽ جي کڻي آئون ڪنهن جو فيصلو ڪريان بہ، تہ منهنجو فيصلو سچو آهي، ڇالاءِ تہ آئون اڪيلو نہ آهيان، پر آئون ۽ پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي.</verse>
				<verse number="17">بلڪ اوهان جي شريعت ۾ بہ لکيل آهي تہ ٻن ڄڻن جي شاهدي سچي آهي.</verse>
				<verse number="18">هڪڙو آئون آهيان، جو پاڻ پنهنجي شاهدي ٿو ڀريان، ۽ ٻيو پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي، سو منهنجي بابت شاهدي ٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="19">تڏهن اُهي چوڻ لڳس تہ تنهنجو پيءُ ڪٿي آهي؟ يسوع جواب ڏنو تہ اوهين نڪي مون کي ٿا سڃاڻو، نڪي منهنجي پيءُ کي: جي مون کي سڃاڻو ها تہ جيڪر منهنجي پيءُ کي بہ سڃاڻو ها.</verse>
				<verse number="20">اهي ڳالهيون هيڪل ۾ تعليم ڏيندي خزاني ۾ چيائين: ۽ ڪنهن بہ ڪين پڪڙيس، جو سندس گهڙي اڃا ڪانہ آئي هئي.</verse>
				<verse number="21">تڏهن وري چيائين تہ آئون وڃان ٿو، ۽ اوهين مون کي ڳوليندا، پر جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اوڏانهن اوهين اچي ڪين سگهندا، ۽ اوهين پنهنجي گناهہ ۾ مرندا.</verse>
				<verse number="22">تنهن تي يهودي چوڻ لڳا، تہ متان پاڻ کي ماريندو تہ ڪين، جو چوي ٿو تہ جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اوڏانهن اوهين اچي ڪين سگهندا؟</verse>
				<verse number="23">۽ هن چين تہ اوهين آهيو هيٺ جا، ۽ آئون آهيان مٿان جو: اوهين هن دنيا جا آهيو، آئون هن دنيا جو نہ آهيان.</verse>
				<verse number="24">تنهنڪري مون چيو تہ اوهين پنهنجن گناهن ۾ مرندا: ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اوهين نہ مڃيندا تہ آئون اُهو ئي آهيان، تہ اوهين پنهنجن گناهن ۾ مرندا.</verse>
				<verse number="25">اُنهن چيس تہ تون ڪير آهين؟ يسوع چين تہ اُهو ئي آهيان، جو اصل کان اوهان کي چوندو آيو آهيان.</verse>
				<verse number="26">مون کي اوهان جي بابت گهڻو ڪي چوڻو آهي، ۽ فيصلو ڪرڻو آهي: پر جنهن مون کي موڪليو آهي سو سچو آهي، ۽ جيڪي کانئس ٻُڌو اٿم، سو ئي جهان کي ٻُڌايان ٿو.</verse>
				<verse number="27">هنن سمجهيو ئي ڪين تہ ڪو پيءُ جي بابت ٿو اسان کي چوي.</verse>
				<verse number="28">تڏهن يسوع چيو، تہ جڏهن اوهين ابن آدم کي مٿانهين تي چاڙهيندا، تڏهن اوهان کي خبر پوندي تہ آئون اُهو ئي آهيان، ۽ پاڻو ڪي ڪين ٿو ڪريان، پر جيئن پيءُ سيکاريو اٿم، تيئن ئي ٿو ٻُڌايان.</verse>
				<verse number="29">۽ جنهن موڪليو اٿم سو مون ساڻ آهي؛ هن مون کي اڪيلو ڪين ڇڏيو آهي، ڇالاءِ جو جيڪي ڳالهيون کيس وڻندڙ آهن، سي ئي آئون هر دم پيو ڪريان.</verse>
				<verse number="30">تنهن تي گهڻن کيس اهي ڳالهيون ڪندو ٻُڌي مٿس ايمان آندو.</verse>
				<verse number="31">تڏهن اهي يهودي جن کيس مڃيو هو، تن کي چوڻ لڳو، تہ جي اوهين منهنجي ڪلام تي قائم رهندا، تہ سچ پچ منهنجا شاگرد آهيو؛</verse>
				<verse number="32">۽ اوهان کي سچ جي خبر پوندي، ۽ سچ اوهان کي آزاد ڪندو.</verse>
				<verse number="33">هنن جواب ڏنس، تہ اسين ابراهيم جو اولاد آهيون، ۽ اڃا تہ ڪنهن جي غلامي ڪانہ ڪئي اٿئون: پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ اوهين آزاد ٿيندا.</verse>
				<verse number="34">يسوع کين جواب ڏنو تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪو گناهہ ٿو ڪري، سو گناهہ جو غلام آهي.</verse>
				<verse number="35">۽ غلام هميشہ گهر ۾ نٿو رهي، پر فرزند هميشہ رهي ٿو.</verse>
				<verse number="36">سو جيڪڏهن فرزند اوهان کي آزاد ڪندو تہ اوهين سچ پچ آزاد ٿيندا.</verse>
				<verse number="37">مون کي خبر آهي تہ اوهين ابراهيم جو اولاد آهيو؛ پوءِ بہ منهنجي مارڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو، سو انهي لاءِ جو منهنجو ڪلام اوهان ۾ نٿو سمائجي.</verse>
				<verse number="38">جيڪي مون پنهنجي پيءُ وٽ ڏٺو آهي سو چوان ٿو: ۽ اوهان وري جيڪي پنهنجي پيءُ کان ٻُڌو آهي، سو ٿا ڪريو.</verse>
				<verse number="39">هنن جواب ڏيئي چيس، تہ اسان جو پيءُ تہ ابراهيم آهي. يسوع چين تہ جي اوهين ابراهيم جو اولاد هجو ها، تہ هوند ابراهيم جهڙا ڪم ڪريو ها.</verse>
				<verse number="40">پر مون، جنهن اوهان کي سچ چيو آهي، جو خدا کان ٻُڌو اٿم، تنهن شخص کي مارڻ جي ٿا ڪريو: ابراهيم تہ ائين ڪين ڪيو.</verse>
				<verse number="41">اوهين پنهنجي پيءُ جا ڪم ٿا ڪريو. انهن چيس تہ اسين حرام مان ڪين ڄاوا آهيون؛ اسان جو هڪڙو ئي پيءُ آهي، يعني خدا.</verse>
				<verse number="42">يسوع چين تہ جي خدا اوهان جو پيءُ هجي ها تہ اوهين هوند مون کي پيار ڪريو ها، ڇالاءِ تہ آئون خدا مان نڪري هت آيو آهيان؛ آئون پاڻهي ڪين آيو آهيان پر هن موڪليو اٿم.</verse>
				<verse number="43">اوهين منهنجو ڳالهائڻ ڇو نٿا سمجهو؟ ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجو ڪلام ٻُڌڻ نٿا گهُرو.</verse>
				<verse number="44">اوهين پنهنجي پيءُ شيطان جا آهيو، ۽ مرضي اٿوَ تہ پنهنجي پيءُ جي خواهشن تي هلو. هُو تہ شروع کان ئي خوني هو، ۽ سچ تي نہ بيٺو، ڇالاءِ تہ سچ منجهس آهي ئي ڪونہ. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي، تہ پاڻو ٿو ڳالهائي، ڇوتہ هو ڪوڙو آهي ۽ ڪوڙ جو باني آهي.</verse>
				<verse number="45">پر ڇالاءِ تہ آئون سچ ٿو چوان، تنهنڪري مون تي ايمان نٿا آڻيو.</verse>
				<verse number="46">اوهان مان ڪير مون تي گناهہ ثابت ٿو ڪري؟ جي آئون سچ ٿو چوان تہ اوهين ڇو نٿا مون تي ايمان آڻيو؟</verse>
				<verse number="47">جيڪو خدا وٽان آهي، سو خدا جون ڳالهيون ٿو ٻُڌي، اوهين انهي ڪري اُهي نٿا ٻُڌو، ڇالاءِ تہ اوهين خدا وٽان نہ آهيو.</verse>
				<verse number="48">يهودين جواب ڏيئي چيس تہ اسان پوري ڳالهہ ڪين ڪئي آهي، تہ تون سامري آهين، ۽ تو ۾ ڀوت آهي؟</verse>
				<verse number="49">يسوع جواب ڏنو تہ مون ۾ ڀوت ڪونهي، پر آئون پنهنجي پيءُ جي عزت ٿو ڪريان، ۽ اوهين منهنجي بي عزتي ٿا ڪريو.</verse>
				<verse number="50">مگر آئون پنهنجي وڏائي نٿو ڳوليان: هڪڙو آهي جو ڳولي ٿو ۽ فيصلو ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="51">آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن ڪو منهنجي ڪلام تي هلندو، تہ اُهو موت اصل ئي ڪين ڏسندو.</verse>
				<verse number="52">يهودين چيس تہ هاڻي اسان سمجهيو تہ تو ۾ ڀوت آهي. ابراهيم مري ويو، ۽ نبي مري ويا، ۽ تون ٿو چئين تہ جيڪو منهنجي ڪلام تي هلندو، سو موت جو مزو اصل نہ چکندو.</verse>
				<verse number="53">اسان جو ابو ابراهيم، جو مري ويو، تنهن کان بہ تون وڏو آهين ڇا؟ ۽ نبي مري ويا: تون پاڻ کي ڇا ٿو سمجهين؟</verse>
				<verse number="54">يسوع جواب ڏنو، تہ جيڪڏهن آئون پنهنجي وڏائي ڪريان، تہ منهنجي وڏائي ڪي ڪينهي: منهنجو پيءُ پاڻ منهنجي وڏائي ڪرڻ وارو آهي؛ جنهن جي نالي چئو ٿا تہ هو اسان جو خدا آهي؛</verse>
				<verse number="55">اوهان هن کي نہ سڃاتو آهي، پر آئون کيس ڄاڻان ٿو؛ ۽ جيڪڏهن چوان تہ آئون نٿو ڄاڻانس، تہ جيڪر اوهان جهڙو ڪوڙو ٿيان: پر آئون ڄاڻانس ٿو، ۽ سندس ڪلام تي هلان ٿو.</verse>
				<verse number="56">اوهان جو ابو ابراهيم منهنجي ڏينهن ڏسڻ جي اُميد تي ڏاڍو خوش هو؛ ۽ هن اُهو ڏٺو، ۽ سرهو ٿيو.</verse>
				<verse number="57">تنهن تي يهودين چيس تہ تون پنجاهہ ورهين جو بہ ڪين آهين، ۽ تو ابراهيم کي ڏٺو آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="58">يسوع چين تہ اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ ابراهيم پيدا ٿيو، تنهن کان اڳي آئون آهيان.</verse>
				<verse number="59">تنهن تي کيس سنگسار ڪرڻ لاءِ هنن پهڻ کنيا: پر يسوع پاڻ کي کڻي لڪايو، ۽ هيڪل مان نڪري هليو ويو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">۽ جيئن واٽ وٺي پئي ويو تہ هڪڙي ماڻهوءَ کي ڏٺائين، جو ڄائي ڄم کان انڌو هو.</verse>
				<verse number="2">سندس شاگردن پڇيس تہ اي ربي، ڪنهن گناهہ ڪيو، هن ماڻهوءَ يا هن جي ماءُ پيءُ، جو هي انڌو ڄائو؟</verse>
				<verse number="3">يسوع جواب ڏنو، تہ نڪي هن گناهہ ڪيو آهي، نڪي هن جي ماءُ پيءُ: پر اهو انهي ڪري ٿيو آهي، تہ خدا جا ڪم هن ۾ پڌرا ٿين.</verse>
				<verse number="4">جيسين ڏينهن آهي، تيسين اسان کي انهي جا ڪم ڪرڻ کپن، جنهن مون کي موڪليو آهي: رات اچي ٿي تہ پوءِ ڪوبہ ڪم ڪري ڪونہ سگهندو.</verse>
				<verse number="5">جيسين آئون جهان ۾ آهيان، تيسين آئون جهان جو سوجهرو آهيان.</verse>
				<verse number="6">ائين چئي پٽ تي ڦيڻي وڌائين ۽ ڦيڻيءَ سان مٽي ڳوهي، اکين کي لاتائينس،</verse>
				<verse number="7">۽ چيائينس اُنهي تلاءَ ۾ وڃي ڌوءُ، جنهن جو نالو آهي شيلوخ (يعني موڪليل). پوءِ هو ويو، ۽ وڃي ڌوتائين، ۽ ڏسندو وائسندو آيو.</verse>
				<verse number="8">تڏهن پاڙيسرين ۽ جن کيس اڳي ڏٺو هو تہ هو فقير هو، سي چوڻ لڳا تہ هيءُ اُهو نہ آهي ڇا، جو ويٺو پنندو هو؟</verse>
				<verse number="9">ڪي چوڻ لڳا تہ اُهو ئي آهي، ۽ ٻيا چوڻ لڳا تہ نہ، پر اُنهي جهڙو آهي. پاڻ چيائين تہ آئون اُهو آهيان.</verse>
				<verse number="10">تڏهن چوڻ لڳس تہ تنهنجون اکيون ڪيئن کُليون؟</verse>
				<verse number="11">هن جواب ڏنو تہ اُهو شخص، جنهن کي يسوع ٿا ڪوٺين، تنهن مٽي ڳوهي منهنجين اکين تي لاتي، ۽ چيائينم تہ شيلوخ ۾ وڃي ڌوءُ: پوءِ آئون ويس، ۽ وڃي ڌوتم، ۽ ڏسڻ وائسڻ لڳس.</verse>
				<verse number="12">انهن چيو تہ اُهو ڪٿي آهي؟ هن چيو تہ مون کي خبر ڪانهي.</verse>
				<verse number="13">پوءِ اُهو جو اڳي انڌو هو، تنهن کي فريسين وٽ وٺي آيا.</verse>
				<verse number="14">۽ جنهن ڏينهن يسوع مٽي ڳوهي هن جون اکيون کوليون هيون، اُهو سبت جو ڏينهن هو.</verse>
				<verse number="15">تڏهن وري فريسين بہ پڇيس تہ ڪهڙيءَ طرح تون ڏسڻ وائسڻ لڳين؟ هن چين تہ منهنجين اکين تي مٽي لاتائين، ۽ مون وڃي ڌوتيون، ۽ هاڻي ڏسان وائسان ٿو.</verse>
				<verse number="16">تنهن تي فريسين مان ڪي چوڻ لڳا تہ هيءُ ماڻهو خدا وٽان نہ آهي، ڇالاءِ تہ هو سبت جو ڏينهن نٿو واري. پر ٻيا چوڻ لڳا تہ جو ماڻهو گنهگار آهي، سو اهڙا معجزا ڪيئن ڪري سگهندو؟ ۽ هنن جو پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيو.</verse>
				<verse number="17">تڏهن وري انهي انڌي کي چوڻ لڳا تہ هن جو تنهنجيون اکيون کوليون آهن، تنهن جي بابت تون ڇا ٿو چوين؟ هن چيو تہ هو نبي آهي.</verse>
				<verse number="18">تڏهن يهودين کي اُنهي بابت اعتبار نہ آيو تہ ڪو هو انڌو هو، ۽ پوءِ سڄو ٿيو آهي؛ جيستائين ڪ جنهن ماڻهوءَ جون اکيون کُليون هيون، تنهن جي ماءُ پيءُ کي سڏي نہ پڇيائون</verse>
				<verse number="19">تہ هيءُ اوهان جو پٽ آهي ڇا، جو چئو ٿا تہ انڌو هو؟ پوءِ هاڻي ڪيئن ڏسڻ وائسڻ لڳو آهي؟</verse>
				<verse number="20">هن جي مائٽن جواب ڏيئي چيو تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ هيءُ اسان جو پٽ آهي، ۽ انڌو ڄائو هو:</verse>
				<verse number="21">پر هاڻي ڪيئن ڏسڻ وائسڻ لڳو آهي، تنهن جي اسان کي خبر ڪانهي؛ يا ڪنهن سندس اکيون کوليون، سو اسين نٿا ڄاڻون: کانئس پڇو، هو بالغ آهي؛ پاڻ پنهنجي ڳالهہ ڪندو.</verse>
				<verse number="22">ائين جو سندس ماءُ پيءُ چيو، سو انهيءَ سببان جو يهودين کان ڊنا ٿي، ڇالاءِ جو يهودين اڳيئي ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو تہ جيڪڏهن ڪو هن کي مسيح ڪري مڃيندو تہ عبادتخاني مان ڪڍي ڇڏبس.</verse>
				<verse number="23">تنهنڪري سندس مائٽن چيو تہ هو بالغ آهي، کانئس پڇو.</verse>
				<verse number="24">تڏهن اُهو شخص جو اڳي انڌو هو، تنهن کي ٻيهر سڏي چيائون، تہ خدا جي وڏائي ڪر: اسان کي خبر آهي تہ اهو ماڻهو گنهگار آهي.</verse>
				<verse number="25">تنهن تي هن جواب ڏنو تہ هو گنهگار آهي يا نہ، تنهن جي مون کي خبر ڪانهي: هڪڙيءَ ڳالهہ جي خبر اٿم تہ اڳي انڌو هوس، ۽ هاڻي ڏسان وائسان ٿو.</verse>
				<verse number="26">تڏهن هنن چيو تہ توکي ڇا ڪيائين؟ ڪيئن تنهنجيون اکيون کوليائين؟</verse>
				<verse number="27">هن کين جواب ڏنو، تہ اڃا هينئر ٻڌايومانوَ، تہ بہ اوهان ڪين ٻُڌو: وري ڇو ٿا ٻُڌڻ چاهيو؟ اوهين بہ سندس شاگرد ٿيڻ ٿا گهرو ڇا؟</verse>
				<verse number="28">تڏهن اُنهن ڦٽ لعنت ڪري چيس، تہ تون ئي هن جو شاگرد آهين، پر اسين تہ موسيٰ جا شاگرد آهيون.</verse>
				<verse number="29">اسان کي خبر آهي تہ خدا، موسيٰ سان ڪلام ڪيو آهي: پر انهي ماڻهوءَ جي اسان کي خبر نہ آهي تہ ڪٿان جو آهي.</verse>
				<verse number="30">هن جواب ڏيئي چين تہ واهہ، هيءُ بہ هڪڙو عجب، هن منهنجيون اکيون کوليون آهن، تڏهن بہ اوهان کي خبر ڪانہ ٿي پوي تہ هو ڪٿان جو آهي.</verse>
				<verse number="31">اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا گنهگارن جي نٿو ٻُڌي، پر جيڪڏهن ڪو خدا پرست آهي ۽ سندس مرضيءَ تي ٿو هلي، تہ انهي جي هو ٻُڌي ٿو.</verse>
				<verse number="32">جهان جي شروعات کان وٺي ڪڏهن ٻُڌڻ ۾ ڪونہ آيو، تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ ڪنهن ڄائي ڄم کان انڌي جون اکيون کوليون.</verse>
				<verse number="33">جيڪڏهن هيءُ ماڻهو خدا وٽان نہ هجي ها، تہ ڪي بہ ڪري نہ سگهي ها.</verse>
				<verse number="34">هنن جواب ڏيئي چيس، تہ تون اصل ڄائو ئي گناهن ۾ آهين، سو تون ٿو اسان کي سيکارين؟ پوءِ هنن کيس ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="35">يسوع ٻُڌو تہ هن کي ڪڍي ڇڏيو اٿن؛ ۽ جڏهن ڳولي لڌائينس تڏهن چيائينس، تہ تون خدا جي فرزند تي ايمان ٿو آڻين؟</verse>
				<verse number="36">هن جواب ڏيئي چيو، تہ اي خداوند، اُهو ڪير آهي جو آئون مٿس ايمان آڻيان؟</verse>
				<verse number="37">يسوع چيس تہ تو اُنهي کي ڏٺو آهي، ۽ اُهوئي آهي جو تو سان بيٺو ڳالهائي.</verse>
				<verse number="38">تڏهن هن چيو، تہ اي خداوند، آئون ايمان آڻيان ٿو. پوءِ کيس سجدو ڪيائين.</verse>
				<verse number="39">يسوع چيو تہ آئون هن جهان ۾ عدالت جي لاءِ آيو آهيان، تہ جيڪي نٿا ڏسن سي ڏسي سگهن؛ ۽ جيڪي ڏسن وائسن ٿا سي انڌا ٿين.</verse>
				<verse number="40">پوءِ اُهي فريسي جي ساڻس هئا، تن اهي ڳالهيون ٻُڌي چيس، تہ اسين بہ انڌا آهيون ڇا؟</verse>
				<verse number="41">يسوع چين تہ جيڪڏهن انڌا هجو ها تہ اوهان تي ڏوهہ ڪونہ هجي ها، پر هاڻي جو چئو ٿا تہ اسين ڏسون ٿا، تنهنڪري اوهان تي ڏوهہ قائم آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪو رڍن جي واڙي ۾ دروازي کان نٿو گهڙي، پر ٻئي ڪنهن رستي کان ٽپي ٿو اچي، سو چور ۽ ڌاڙيل آهي.</verse>
				<verse number="2">پر جيڪو دروازي مان ٿو اندر گهڙي، سو رڍن جو ريڍار آهي.</verse>
				<verse number="3">اُنهي لاءِ دربان دروازو کولي ٿو؛ ۽ رڍون هن جي تنوار ٻُڌن ٿيون: ۽ هو نالو وٺي پنهنجين رڍن کي سڏي ٻاهر ٿو آڻي.</verse>
				<verse number="4">جڏهن هو پنهنجين سڀني رڍن کي ڪڍي ٻاهر ٿو ڪري، تڏهن اڳيانئن ٿي ٿو هلي، ۽ رڍون سندس تنوار سڃاڻن ٿيون.</verse>
				<verse number="5">۽ ڌارئي جي پٺيان ڪين وينديون، پر کانئس ڀڄنديون: ڇالاءِ تہ اُهي ڌارين جي تنوار نٿيون سڃاڻن.</verse>
				<verse number="6">اهو مثال يسوع کين ٻُڌايو، پر هنن کي سمجهڻ ۾ ڪين آيو تہ هيءُ اسان سان ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="7">تڏهن يسوع وري چين، تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ رڍن جو دروازو آئون آهيان.</verse>
				<verse number="8">سڀ جيڪي مون کان اڳي آيا، سي چور ۽ ڌاڙيل آهن: پر رڍن اُنهن جي نہ ٻُڌي.</verse>
				<verse number="9">آئون دروازو آهيان: جيڪو مون مان اندر گهڙندو، سو بچي پوندو، ۽ اندر ٻاهر ايندو ويندو ۽ چارو ملندس.</verse>
				<verse number="10">چور رڳو اُنهيءَ مراد سان ٿو اچي تہ چوري ڪري، ماري ۽ برباد ڪري: آئون انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ اُنهن کي زندگي ملي، بلڪ ججهي ملينِ.</verse>
				<verse number="11">چڱو ريڍار آئون آهيان: چڱو ريڍار رڍن لاءِ پنهنجي جان ٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="12">جيڪو مزور آهي ۽ نہ ريڍار، جو رڍن جو ڌڻي نہ آهي، سو بگهڙ کي ايندو ڏسي رڍن کي ڇڏي ڀڄي ٿو وڃي ۽ بگهڙ اُنهن کي جهلي ڇڙوڇڙ ڪيو ڇڏين.</verse>
				<verse number="13">هو ڀڄي ٿو وڃي، ڇالاءِ تہ هو مزور آهي، ۽ رڍن جو ڪو فڪر ڪونهيس.</verse>
				<verse number="14">چڱو ريڍار آئون آهيان، ۽ آئون پنهنجين رڍن کي سڃاڻان ٿو، ۽ منهنجيون رڍون مون کي سڃاڻن ٿيون؛</verse>
				<verse number="15">جيئن ڪ پيءُ مون کي سڃاڻي ٿو، تيئن آئون پيءُ کي سڃاڻان ٿو؛ ۽ آئون رڍن لاءِ پنهنجي جان ٿو ڏيان.</verse>
				<verse number="16">۽ منهنجيون ٻيون بہ رڍون آهن، جي هن واڙي جون نہ آهن: اُنهن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آهي، ۽ اُهي منهنجو آواز ٻُڌنديون؛ پوءِ هڪڙو ڌڻ ٿيندو ۽ هڪڙو ڌنار.</verse>
				<verse number="17">پيءُ جو مون کي پيار ٿو ڪري، سو انهيءَ لاءِ جو آئون پنهنجي جان ٿو ڏيان، تہ اُها وري وٺان.</verse>
				<verse number="18">ڪوبہ ماڻهو مون کان اُها کسي نٿو، پر آئون اُها پاڻهي ئي ٿو ڏيان. مون کي اُنهيءَ جي ڏيڻ جي اختياري آهي، ۽ انهي جي وري وٺڻ جي بہ اختياري اٿم. هيءُ حڪم مون کي پنهنجي پيءُ وٽان مليو آهي.</verse>
				<verse number="19">انهن ڳالهين ڪري يهودين ۾ وري بہ اچي اختلاف پيو.</verse>
				<verse number="20">۽ منجهانئن گهڻا چوڻ لڳا تہ هن ۾ ڀوت آهي ۽ چريو آهي: اوهين ڇو ٿا سندس ڳالهيون ٻُڌو؟</verse>
				<verse number="21">ٻيا چوڻ لڳا تہ هي ڪنهن ڀوتاريل جون ڳالهيون نہ آهن. ڇا ڪو ڀوت ڪنهن انڌي جون اکيون کولي ٿو سگهي؟</verse>
				<verse number="22">۽ يروشلم ۾ عيد تجديد هئي، ۽ سياري جي موسم هئي.</verse>
				<verse number="23">۽ يسوع هيڪل ۾ سليمان جي ڏيڍي ۾ پئي پسار ڪيو.</verse>
				<verse number="24">تڏهن يهودي ويڙهي ويس، ۽ چيائونس تہ تون اسان کي ڪيستائين شڪ ۾ رکندين؟ جيڪڏهن تون مسيح آهين تہ اسان کي صاف چئي ڏي.</verse>
				<verse number="25">يسوع کين جواب ڏنو تہ مون اوهان کي ٻڌايو آهي، پر اوهين ايمان نٿا آڻيو. جيڪي ڪم آئون پنهنجي پيءُ جي نالي ڪريان ٿو، سي ئي منهنجي لاءِ شاهدي ٿا ڀرين.</verse>
				<verse number="26">پر اوهين نٿا مڃو، ڇالاءِ جو اوهين منهنجين رڍن مان نہ آهيو.</verse>
				<verse number="27">منهنجيون رڍون منهنجو آواز ٻُڌن ٿيون، ۽ آئون اُنهن کي سڃاڻان ٿو، ۽ اُهي منهنجي پٺيان ٿيون اچن.</verse>
				<verse number="28">۽ آئون کين هميشہ جي زندگي ٿو ڏيان؛ ۽ اُهي ڪڏهن برباد ڪونہ ٿينديون ۽ ڪوبہ منهنجي هٿ مان اُنهن کي ڪين کسيندو.</verse>
				<verse number="29">منهنجو پيءُ جنهن اُهي مون کي ڏنيون آهن، سو سڀني کان وڏو آهي؛ ۽ ڪنهن کي بہ اها طاقت ڪانهي تہ پيءُ جي هٿ مان اُهي کسي سگهي.</verse>
				<verse number="30">آئون ۽ پيءُ هڪ آهيون.</verse>
				<verse number="31">تنهن تي يهودين کيس سنگسار ڪرڻ لاءِ وري بہ پهڻ کنيا.</verse>
				<verse number="32">يسوع کين جواب ڏنو، تہ مون پيءُ جي طرفان ڪيترائي چڱا ڪم اوهان کي ڏيکاريا آهن، پوءِ انهن مان ڪهڙو ڪم آهي، جنهن سبب اوهين مون کي سنگسار ٿا ڪريو؟</verse>
				<verse number="33">يهودين جواب ڏنس تہ اسين توکي ڪنهن چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ سنگسار نٿا ڪريون پر ڪفر بڪڻ ڪري؛ ڇالاءِ جو تون انسان ٿي پاڻ کي خدا ٿو ڪوٺين.</verse>
				<verse number="34">يسوع کين جواب ڏنو تہ اوهان جي شريعت ۾ ڪين لکيل آهي تہ ”مون چيو تہ اوهين خدا آهيو؟“</verse>
				<verse number="35">جيڪڏهن انهن کي ٿي خدا ڪري ڪوٺيائين، جن وٽ خدا جو ڪلام آيو، (۽ پاڪ لکيت تہ بدلجڻ جي نہ آهي)،</verse>
				<verse number="36">تہ هاڻي جنهن کي پيءُ پاڪ ڪري جهان ۾ موڪليو آهي، تنهن بابت ڇا ٿا چئو تہ تون ڪفر ٿو بڪين؛ ڇالاءِ جو مون چيو تہ آئون خدا جو فرزند آهيان؟</verse>
				<verse number="37">جيڪڏهن آئون پنهنجي پيءُ جا ڪم نہ ڪندو هجان تہ مون تي ايمان نہ آڻيو.</verse>
				<verse number="38">پر جي آئون اُهي ڪريان ٿو تہ جيتوڻيڪ اوهين مون تي ايمان نٿا آڻيو، تہ منهنجي ڪمن تي ايمان آڻيو: تہ اوهان کي خبر پوي ۽ سمجهو تہ پيءُ مون ۾ آهي ۽ آئون پيءُ ۾.</verse>
				<verse number="39">تڏهن اُهي وري بہ کيس جهلڻ جي ڪوشش ۾ هئا پر هو سندن هٿان نڪري ويو.</verse>
				<verse number="40">پوءِ هو موٽي يردن جي پرئين ڀر انهي هنڌ هليو ويو، جتي يوحنا پهريائين بپتسما ٿي ڏني؛ ۽ اتي هو رهي پيو.</verse>
				<verse number="41">۽ گهڻا وٽس آيا، ۽ اهي چوڻ لڳا تہ يوحنا تہ ڪوبہ معجزو ڪونہ ڏيکاريو، باقي جيڪي ڳالهيون يوحنا هن جي نالي چيون ٿي سي سڀ اچي لڳيون.</verse>
				<verse number="42">۽ اُتي گهڻن مٿس ايمان آندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">هاڻي لعزر نالي هڪڙو شخص، مريم ۽ سنديس ڀيڻ مارٿا جي ڳوٺ بيت عنياہ جو ويٺل، بيمار ٿي پيو.</verse>
				<verse number="2">مريم اُها هئي، جنهن خداوند کي عطر مکي سندس پير پنهنجي وارن سان اُگهيا هئا، تنهن جو ڀاءُ لعزر بيمار پيو هو.</verse>
				<verse number="3">تڏهن ڀينرن کيس چوائي موڪليو، تہ اي خداوند، جنهن کي تون پيار ٿو ڪرين سو بيمار آهي.</verse>
				<verse number="4">پر يسوع ٻُڌي چيو تہ هيءَ بيماري موت جي نہ آهي، پر خدا جي جلال جي واسطي آهي، تہ انهي ڪري خدا جي فرزند جي وڏائي ٿئي.</verse>
				<verse number="5">هاڻي يسوع جو مارٿا ۽ سنديس ڀيڻ ۽ لعزر تي پيار هو.</verse>
				<verse number="6">سو جڏهن ٻُڌائين تہ هو بيمار آهي، تڏهن جتي هو، اتي ٻہ ڏينهن رهي پيو.</verse>
				<verse number="7">تنهن کانپوءِ شاگردن کي چيائين، تہ هلو تہ وري يهوديہ ۾ هلون.</verse>
				<verse number="8">تڏهن شاگردن چيس تہ اي اُستاد، اڃا تازو يهودين توکي سنگسار ڪرڻ جي ٿي ڪئي، ۽ تون وري ٿو اوڏانهن هلين؟</verse>
				<verse number="9">يسوع جواب ڏنو تہ ڏينهن ۾ ٻارهن ڪلاڪ ڪينهن؟ جيڪڏهن ڪو روشنيءَ ۾ هلندو تہ ٿاٻڙبو ئي ڪين، ڇالاءِ جو هو دنيا جو سوجهرو ٿو ڏسي.</verse>
				<verse number="10">پر جيڪڏهن ڪو اوندهہ ۾ هلندو تہ ٿاٻڙبو، ڇالاءِ جو منجهس سوجهرو ڪونهي.</verse>
				<verse number="11">اهي ڳالهيون ڪري رهيو، تنهن کان پوءِ هنن کي چيائين تہ اسان جو دوست لعزر سمهي رهيو آهي؛ پر آئون هلان ٿو تہ هلي ننڊ مان جاڳايانس.</verse>
				<verse number="12">تڏهن شاگردن چيس تہ اي خداوند، جي سمهي رهيو آهي تہ بچي پوندو.</verse>
				<verse number="13">هاڻي يسوع هن جي موت بابت ڳالهہ ڪئي هئي، مگر هنن سمجهيو تہ ننڊ ۾ سمهي آرام ڪرڻ بابت ٿو چوي.</verse>
				<verse number="14">تڏهن يسوع صاف صاف چين تہ لعزر مري ويو آهي؛</verse>
				<verse number="15">۽ آئون اوهان جي خاطر خوش آهيان جو اتي نہ هوس، انهي لاءِ تہ اوهين ايمان آڻيو، پر هلو تہ وٽس هلون.</verse>
				<verse number="16">تڏهن توما، جنهن کي جاڙو بہ چوندا هئا، تنهن پنهنجن سنگتين کي چيو تہ هلو تہ پاڻ بہ هلي ساڻس گڏ مرون.</verse>
				<verse number="17">پوءِ جڏهن يسوع آيو، تڏهن خبر مليس تہ هن کي قبر ۾ رکئي چار ڏينهن ٿيا آهن.</verse>
				<verse number="18">هاڻي بيت عنياہ جو ڳوٺ يروشلم جي ويجهو اٽڪل ڪوهہ پنڌ تي هو؛</verse>
				<verse number="19">۽ گهڻيئي يهودي مارٿا ۽ مريم وٽ سندن ڀاءُ جي لاءِ عذرخواهي ڪرڻ آيا هئا.</verse>
				<verse number="20">پوءِ مارٿا جڏهن ٻُڌو تہ يسوع اچي رهيو آهي، تڏهن هن جي استقبال لاءِ نڪتي: پر مريم اڃا گهر ۾ ئي ويٺي هئي.</verse>
				<verse number="21">تڏهن مارٿا يسوع کي چيو، تہ اي خداوند، جي تون هتي هجين ها، تہ منهنجو ڀاءُ مري ئي ڪين ها.</verse>
				<verse number="22">۽ هاڻي بہ آئون ڄاڻان ٿي تہ تون خدا کان جيڪي بہ گهُرندين، سو خدا توکي ڏيندو.</verse>
				<verse number="23">يسوع چيس، تہ تنهنجو ڀاءُ جي اُٿندو.</verse>
				<verse number="24">مارٿا چيس تہ مون کي خبر آهي، تہ هو پوئين ڏينهن قيامت ۾ جي اُٿندو.</verse>
				<verse number="25">يسوع چيس، تہ قيامت ۽ زندگي آئون آهيان: جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، سو جي مري وڃي، تہ بہ جيئندو.</verse>
				<verse number="26">۽ جيڪو جيئرو آهي ۽ مون تي ايمان ٿو آڻي، سو ڪڏهن بہ ڪين مرندو، توکي اهو ايمان آهي؟</verse>
				<verse number="27">هن چيو تہ هائو، اي خداوند، منهنجو ايمان آهي تہ مسيح، خدا جو فرزند، جو جهان ۾ اچڻ وارو آهي، سو تون آهين.</verse>
				<verse number="28">۽ ائين چئي هوءَ ويئي هلي ۽ پنهنجيءَ ڀيڻ مريم کي پنهنجي منهن سڏي چيائين، تہ اُستاد آيو آهي ۽ توکي ٿو ڪوٺي.</verse>
				<verse number="29">اها ڳالهہ ٻُڌڻ شرط هوءَ يڪدم اُٿي کڙي ٿي، ۽ وٽس ويئي.</verse>
				<verse number="30">(هاڻي يسوع ڳوٺ ۾ ڪونہ آيو هو پر اڃا اُتي ئي هو، جتي مارٿا کيس وڃي گڏي هئي).</verse>
				<verse number="31">تڏهن يهودي جي ساڻس گهر ۾ هئا، ۽ دلداري پئي ڏنائونس، تن جڏهن مريم کي تڪڙو تڪڙو اُٿي ٻاهر ويندو ڏٺو، تڏهن هو بہ پٺيانئس ويا، جو ڀانيائون تہ قبر تي روئڻ ٿي وڃي.</verse>
				<verse number="32">پوءِ مريم اتي آئي، جتي يسوع هو، ۽ کيس ڏسي سندس پيرن تي ڪِري چوڻ لڳيس، تہ اي خداوند، جي تون هتي هجين ها تہ منهنجو ڀاءُ جيڪر مري ئي ڪين ها.</verse>
				<verse number="33">پوءِ يسوع ڏٺو تہ هوءَ روئي پيئي، ۽ يهودي جي ساڻس گڏ آيا آهن سي بہ پيا روئن، تڏهن دل ۾ رنج ٿيس، ۽ ارمان ڪيائين،</verse>
				<verse number="34">۽ چيائين، تہ اوهان هن کي ڪٿي رکيو آهي؟ هنن چيس، تہ اي خداوند، هلي ڏس.</verse>
				<verse number="35">يسوع روئي ڏنو.</verse>
				<verse number="36">تڏهن يهودي چوڻ لڳا تہ ڏسو، تہ هن سان ڪهڙي نہ دل هيس!</verse>
				<verse number="37">پر اُنهن مان ڪن چيو تہ جنهن انڌي جون اکيون سڄيون ڪيون، سو ايترو ڪين ڪري سگهي ها جو هيءُ ماڻهو اصل مري ئي نہ ها.</verse>
				<verse number="38">پوءِ يسوع کي وري بہ دل ۾ رنج ٿيو، ۽ قبر تي آيو. اُها هڪڙي غار هئي، ۽ ان جي آڏو هڪ پهڻ ڏنل هو.</verse>
				<verse number="39">يسوع چيو تہ پهڻ کي هٽايو. اُهو جو گذري ويو هو، تنهن جي ڀيڻ مارٿا کيس چيو، تہ اي خداوند، هو تہ اڳيئي بانس ڪري ويو هوندو، ڇالاءِ تہ چار ڏينهن ٿي ويا اٿس.</verse>
				<verse number="40">يسوع چيس، تہ مون ڪين چيو تہ جي ايمان آڻيندينءَ تہ خدا جو جلال ڏسندينءَ؟</verse>
				<verse number="41">تڏهن هنن پهڻ هٽايو، ۽ يسوع اکيون مٿي کڻي چيو تہ اي بابا، آئون تنهنجا شڪرانا ٿو ڪريان جو تو منهنجي ٻُڌي آهي.</verse>
				<verse number="42">۽ مون کي خبر هئي تہ تون هميشہ منهنجي ٻُڌندو آهين، پر خلق جا چوڌاري بيٺي آهي، تنهن جي سبب ائين چيم تہ هنن کي ايمان اچي تہ تو مون کي موڪليو آهي.</verse>
				<verse number="43">ائين چئي وڏي سڏ پڪاري چيائين، تہ اي لعزر، نڪري اچ.</verse>
				<verse number="44">پوءِ اُهو، جو مري ويو هو، سو هٿين پيرين ڪفن ۾ ٻَڌل نڪري آيو؛ ۽ سندس منهن رومال سان ويڙهيل هو. يسوع چين تہ ڇوڙيوس ۽ ڇڏيوس تہ وڃي.</verse>
				<verse number="45">تڏهن يهودي، جي مريم وٽ آيا هئا، تن مان گهڻن، جيڪي هن ڪيو هو سو ڏسي، مٿس ايمان آندو.</verse>
				<verse number="46">پر اُنهن مان ڪي فريسين وٽ هليا ويا، ۽ جيڪي يسوع ڪيو هو، سو وڃي کين ٻڌايائون.</verse>
				<verse number="47">تنهن تي سردار ڪاهن ۽ فريسي صدر مجلس گڏ ڪري چوڻ لڳا تہ اسين ڪريون ڇا ٿا؟ هيءُ ماڻهو تہ گهڻيئي معجزا پيو ڪري.</verse>
				<verse number="48">جي اسين ائين ئي ڇڏي ڏينداسونس تہ سڀ ماڻهو وڃي مٿس ايمان آڻيندا: پوءِ تہ رومي اچي اسان جي جڳهہ ۽ قوم تي قبضو ڪندا.</verse>
				<verse number="49">پر اُنهن مان هڪڙو ڄڻو قائفا نالي، جو اُنهي سال سردار ڪاهن هو، تنهن چين تہ اوهان کي خبر ئي ڪانہ ٿي پوي،</verse>
				<verse number="50">۽ اوهين سمجهو ئي ڪين ٿا تہ اوهان جي لاءِ چڱي ڳالهہ هيءَ ٿيندي تہ هڪڙو ڄڻو اُمت لاءِ مري، ۽ نہ سڄي قوم برباد ٿئي.</verse>
				<verse number="51">هاڻي اهو جو هن چيو سو پاڻو نہ چيائين: پر هو جو انهي ورهيہ جو سردار ڪاهن هو، تنهنڪري نبوت جي طور چيائين تہ يسوع کي هن قوم لاءِ مرڻ گهرجي؛</verse>
				<verse number="52">۽ نہ فقط هن قوم لاءِ، پر انهي لاءِ، تہ خدا جا ٻار جي ڇڙوڇڙ ٿيل آهن، تن کي گڏي آڻي هڪ ڪري.</verse>
				<verse number="53">پوءِ انهي ڏينهن کان وٺي هنن کيس قتل ڪرڻ جي صلاح مشورت ڪئي.</verse>
				<verse number="54">تنهنڪري يسوع انهيءَ کانپوءِ يهودين منجهہ کُليو کُلايو ڪين گهُمندو هو، پر اُتان رڻ پٽ جي ڀر واري ملڪ ۾، افرائيم نالي شهر ڏانهن هليو ويو؛ ۽ اتي شاگردن سان گڏ رهڻ لڳو.</verse>
				<verse number="55">هاڻي يهودين جي عيد فسح ويجهي هئي: ۽ ٻهراڙيءَ مان گهڻيئي پاڻ کي پاڪ ڪرڻ لاءِ فسح کان اڳي يروشلم ۾ ويا.</verse>
				<verse number="56">پوءِ يسوع کي ڳولڻ لڳا ۽ هيڪل ۾ بيهي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ڇا ٿا ڀانئيو، هو عيد تي ڪين ايندو؟</verse>
				<verse number="57">هاڻي سردار ڪاهنن ۽ فريسين حڪم ڏيئي ڇڏيو هو، تہ جيڪڏهن ڪنهن کي بہ خبر پوي تہ ڪٿي آهي تہ اچي ٻُڌائي، تہ هن کي پڪڙيون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">پوءِ فسح کان ڇهہ ڏينهن اڳي يسوع بيت عنياہ ۾ آيو، جتي لعزر هو، جنهن کي يسوع مُئلن مان جيئاريو هو.</verse>
				<verse number="2">تنهنڪري اُتي سندس رات جي ماني ڪيائون: ۽ مارٿا خدمت ڪرڻ تي بيٺي هئي، ۽ مهمان جيڪي ساڻس هئا، تن مان لعزر بہ هڪڙو هو.</verse>
				<verse number="3">پوءِ مريم اڌ سير ڳري ملهہ وارو سچي سرهي مَر جو عطر کڻي يسوع جي پيرن کي مکيو، ۽ پنهنجن وارن سان هن جا پير اُگهيائين: ۽ اُنهي عطر جي خوشبوءِ سان گهر ڀرجي ويو.</verse>
				<verse number="4">پر سندس شاگردن مان هڪڙو، يهوداهہ اسڪريوتي، جو جهلائڻ وارو هوس، تنهن چيو،</verse>
				<verse number="5">تہ هيءُ عطر ٽن سون دينارن تي وڪڻي غريبن کي ڇو نہ ڏنو ويو؟</verse>
				<verse number="6">هاڻي ائين جو چيائين سو انهي ڪري نہ، جو غريبن جو ڪو فڪر هوس؛ پر ڇالاءِ جو هو چور هو، ۽ ڳوٿري وٽس رهندي هئي، تنهنڪري جيڪي منجهس پوندو هو، سو پاڻ کڻندو هو.</verse>
				<verse number="7">تنهن تي يسوع چيو تہ ڇڏيوس تہ اهو منهنجي دفن جي ڏينهن لاءِ رکي.</verse>
				<verse number="8">ڇو جو غريب تہ هميشہ اوهان سان آهن: پر آئون اوهان وٽ هميشہ نہ هوندس.</verse>
				<verse number="9">پوءِ يهودين جي عام خلق کي خبر پيئي تہ هو اُتي آهي، سو اُهي نہ رڳو يسوع جي ڪري آيا، پر انهي لاءِ تہ لعزر، جنهن کي مُئلن مان جيئاريو هئائين، تنهن کي بہ هلي ڏسن.</verse>
				<verse number="10">پر سردار ڪاهنن صلاح مصلحت ڪئي تہ لعزر کي بہ مارجي؛</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو اُنهي جي ڪري يهودين مان گهڻن يسوع وٽ اچي مٿس ايمان آندو هو.</verse>
				<verse number="12">ٻئي ڏينهن هڪ وڏي خلق، جا عيد تي آئي هئي، تنهن جڏهن ٻُڌو تہ يسوع يروشلم ۾ ٿو اچي،</verse>
				<verse number="13">تڏهن کجين جون ٽاريون کڻي سندس استقبال لاءِ ويئي، ۽ پڪاري چوڻ لڳي تہ هوشعنا، مبارڪ آهي اُهو جو خداوند جي نالي ٿو اچي، ۽ جو اسرائيل جو بادشاهہ آهي.</verse>
				<verse number="14">۽ يسوع کي هڪڙو کودڙو مليو جنهن تي چڙهي ويٺو، جيئن ڪ لکيل آهي تہ،</verse>
				<verse number="15">”اي صيون جي ڌيءَ، ڊڄ نہ: ڏس، تنهنجو بادشاهہ کودڙي تي چڙهيو پيو اچي.“</verse>
				<verse number="16">سندس شاگردن کي پهريائين اهي ڳالهيون سمجهڻ ۾ ڪين ٿي آيون: پر جڏهن يسوع پنهنجي جلال کي رسيو، تڏهن اُنهن کي ياد آيو تہ اهي ڳالهيون هن بابت لکيل آهن، ۽ ائين ئي ماڻهن ساڻس ڪيو.</verse>
				<verse number="17">تڏهن جنهن مهل هن لعزر کي قبر مان سڏيو ۽ مُئلن مان جيئاريو هو، تنهن مهل جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن پئي شاهدي ڀري.</verse>
				<verse number="18">۽ پڻ انهي سبب ڪري ڪيترا ماڻهو سندس استقبال لاءِ ويا هئا، ڇالاءِ جو هنن ٻُڌو تہ هن اهو معجزو ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="19">تنهن تي فريسي پاڻ ۾ چوڻ لڳا، تہ خيال تہ ڪريو، اوهان جي ڪابہ ڪانہ ٿي هلي، ڏسو تہ سڄو جهان وڃي هن جي پٺيان لڳو آهي.</verse>
				<verse number="20">هاڻي جيڪي عيد تي عبادت لاءِ ويا هئا، تن مان ڪي يوناني هئا:</verse>
				<verse number="21">اُهي فلپس وٽ آيا، جو گليل واري بيت صيدا شهر جو ويٺل هو، ۽ سوال ڪري چيائونس، تہ سائين اسان جي مرضي آهي تہ يسوع کي ڏسون.</verse>
				<verse number="22">فلپس اچي اندرياس سان ڳالهہ ڪئي: پوءِ اندرياس ۽ فلپس اچي يسوع کي ٻُڌايو.</verse>
				<verse number="23">۽ يسوع جواب ڏيئي چيو، تہ اُها گهڙي آئي آهي جنهن ۾ ابن آدم جو جلال ظاهر ٿيندو.</verse>
				<verse number="24">آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيسين ڪڻڪ جو داڻو زمين ۾ ڪِري نہ مري، تيسين ڇڙي جو ڇڙو ٿو رهي، پر جي مري، تہ ججهو ڦل ٿو آڻي.</verse>
				<verse number="25">جيڪو پنهنجي جان کي پيار ٿو ڪري، سو اُها وڃائي ٿو، ۽ جيڪو هن دنيا ۾ پنهنجي جان کي ڌڪاري ٿو، سو هميشہ جي زندگيءَ لاءِ اُن کي بچائي ٿو.</verse>
				<verse number="26">جيڪڏهن ڪو منهنجي خدمت ڪري، تہ منهنجي پٺيان اچي؛ ۽ جتي آئون آهيان، اتي منهنجو خدمتگار بہ هوندو: جيڪڏهن ڪو منهنجي خدمت ڪري تہ اُنهي کي پيءُ عزت ڏيندو.</verse>
				<verse number="27">هاڻي منهنجي جان پريشان ٿي ٿئي، ۽ آئون ڇا چوان؟ اي بابا، هن گهڙيءَ کان مون کي بچاءِ. پر انهيءَ سبب تہ آئون هن گهڙيءَ کي رسيو آهيان.</verse>
				<verse number="28">اي بابا، پنهنجي نالي کي جلال ڏي. تنهن تي آسمان مان آواز آيو تہ مون جلال ڏنو اٿس، ۽ وري بہ ڏيندوسانس.</verse>
				<verse number="29">تڏهن خلق جا اُتي بيٺي هئي، سا هي ٻُڌي چوڻ لڳي تہ اُڀ گجيو: پر ٻيا چوڻ لڳا تہ ملائڪ ساڻس ڳالهايو.</verse>
				<verse number="30">يسوع جواب ڏيئي چيو، تہ هيءُ آواز منهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي لاءِ آيو آهي.</verse>
				<verse number="31">هاڻي هن دنيا جي عدالت ٿيندي: هاڻي هن دنيا جي سردار کي لوڌي ڪڍندا.</verse>
				<verse number="32">۽ جيڪڏهن آئون زمين کان مٿي چاڙهيو ويندس، تہ سڀني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندس.</verse>
				<verse number="33">پر ائين جو چيائين ٿي، تنهن مان مراد هيس تہ ڏيکاريان تہ ڪهڙيءَ طرح منهنجو موت ٿيندو.</verse>
				<verse number="34">تنهن تي ماڻهن جواب ڏنس، تہ اسان شريعت ۾ ٻُڌو آهي تہ مسيح هميشہ تائين جيئرو رهندو: پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابن آدم ضرور مٿي چاڙهيو ويندو؟ اهو ابن آدم ڪير آهي؟</verse>
				<verse number="35">تڏهن يسوع چين تہ اڃا ٿوري ساعت نُور اوهان وٽ آهي، جيسين نُور اوهان وٽ آهي، تيسين نُور ۾ هلو تہ متان اونداهي نہ اچي مٿان پئيوَ. ۽ جيڪو اونداهيءَ ۾ ٿو هلي، تنهن کي خبر ئي ڪانہ ٿي پوي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان.</verse>
				<verse number="36">جيسين نُور اوهان وٽ آهي، تيسين نُور تي ايمان آڻيو، تہ اوهين نُور جا ٻار ٿيو. جڏهن اهي ڳالهيون چئي چڪو، تنهن کانپوءِ يسوع اُتان روانو ٿيو، ۽ پوءِ انهن وٽ پاڻ کي پڌرو نہ ڪيائين.</verse>
				<verse number="37">پر جيتوڻيڪ سندن اڳيان هيترا معجزا ڪيا هئائين، تہ بہ اُنهن مٿس ايمان نہ آندو.</verse>
				<verse number="38">انهي لاءِ تہ يسعياہ نبيءَ جيڪو ڪلام ڪيو هو، سو پورو ٿئي تہ ”اي خداوند، اهو ڪير آهي جنهن اسان جي چوڻ تي اعتبار ڪيو آهي، ۽ اهو ڪير آهي جنهن تي خداوند جو هٿ ظاهر ٿيو آهي؟“</verse>
				<verse number="39">اهو ئي سبب آهي جو هو اعتبار ڪري نہ سگهيا، ڇالاءِ جو يسعياہ نبيءَ وري بہ چيو آهي تہ</verse>
				<verse number="40">”هن سندين اکيون انڌيون، ۽ سندين دل سخت ڪري ڇڏي آهي؛ تہ متان هو پنهنجين اکين سان ڏسن، ۽ پنهنجيءَ دل سان سمجهن، ۽ ڦري پون، ۽ آئون ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪريانِ.“</verse>
				<verse number="41">يسعياہ جو اهي ڳالهيون چيون ۽ سندس ذڪر ڪيو، سو هن ڪري جو هن سندس جلال ڏٺو.</verse>
				<verse number="42">تنهن هوندي بہ سردارن مان پڻ ڪيترن مٿس ايمان آندو، پر فريسين جي ڪري اقرار نٿي ڪيائون، تہ متان اسان کي عبادتخانن مان ڪڍي ڇڏين:</verse>
				<verse number="43">ڇالاءِ جو هنن خدا جي وڏائيءَ کان ماڻهن جي وڏائيءَ کي زيادہ پسند ٿي ڪيو.</verse>
				<verse number="44">۽ يسوع پڪاري چيو، تہ جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، سو مون تي نہ، پر اُنهيءَ تي ايمان ٿو آڻي، جنهن مون کي موڪليو آهي.</verse>
				<verse number="45">۽ جيڪو مون کي ٿو ڏسي، سو اُنهي کي ٿو ڏسي، جنهن مون کي موڪليو آهي.</verse>
				<verse number="46">آئون نُور ٿي جهان ۾ آيو آهيان، تہ جيڪو مون تي ايمان آڻي، سو اونداهيءَ ۾ نہ رهي.</verse>
				<verse number="47">جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجون ڳالهيون ٻُڌي ٿو ۽ اُنهن تي نٿو هلي، تنهن جي عدالت آئون نٿو ڪريان، ڇالاءِ جو آئون انهيءَ لاءِ ڪونہ آيو آهيان تہ دنيا جي عدالت ڪريان: پر انهيءَ لاءِ تہ دنيا کي بچايان.</verse>
				<verse number="48">جيڪو مون کي نٿو مڃي، ۽ منهنجون ڳالهيون قبول نٿو ڪري، تنهن جي عدالت ڪرڻ وارو هڪڙو آهي: ڪلام جو مون ڪيو آهي، سو ئي پوئين ڏينهن سندس عدالت ڪندو.</verse>
				<verse number="49">ڇالاءِ جو مون پاڻو ڪلام ڪونہ ڪيو آهي، پر پيءُ جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن ئي مون کي حڪم ڏنو آهي تہ ڇا چوان، ۽ ڇا ڳالهايان.</verse>
				<verse number="50">۽ آئون ڄاڻان ٿو تہ سندس حڪم هميشہ جي زندگي آهي: تنهنڪري جيڪي ڳالهيون آئون چوان ٿو، سي اصل جيئن منهنجي پيءُ مون کي چيون آهن، تيئن ئي ٿو چوان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">هاڻي فسح جي عيد کان اڳي جڏهن يسوع ڏٺو تہ منهنجي اُها گهڙي آئي آهي تہ دنيا مان لڏي پيءُ وٽ وڃان، تڏهن دنيا ۾ جيڪي پنهنجا هئس، تن تي جهڙو پيار هوس، تهڙو ئي توڙ تائين رکندو آيو.</verse>
				<verse number="2">۽ شيطان اڳيئي شمعون جي پٽ يهوداهہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ وڌو هو تہ هن کي وڃي جهلائي.</verse>
				<verse number="3">جڏهن يسوع ڄاتو تہ پيءُ سڀ ڪجهہ منهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي، ۽ آئون آيو بہ خدا وٽان آهيان، ۽ وڃان بہ خدا وٽ ٿو،</verse>
				<verse number="4">تڏهن مانيءَ تان اُٿي، ڪپڙا لاهي، ٽوال چيلهہ سان ٻَڌائين.</verse>
				<verse number="5">پوءِ ٿالهہ ۾ پاڻي وجهي شاگردن جا پير ڌوئڻ لڳو، ۽ چيلهہ سان جو ٽوال ٻَڌل هوس، تنهن سان اُگهڻ لڳن.</verse>
				<verse number="6">انهي طرح هو شمعون پطرس وٽ آيو؛ ۽ هن چيس، تہ اي خداوند، تون ٿو منهنجا پير ڌوئين؟</verse>
				<verse number="7">يسوع جواب ڏيئي چيس تہ جيڪي آئون ڪريان ٿو، تنهن جي توکي هاڻ خبر نٿي پوي، پر هن کان پوءِ سمجهندين.</verse>
				<verse number="8">پطرس چيس، تہ آئون پنهنجا پير توکي ڪڏهن بہ ڌوئڻ ڪين ڏيندس. يسوع جواب ڏنس، تہ جي پير نٿو ڌوئارين، تہ تنهنجو مون سان ڪو حصو ڪونهي.</verse>
				<verse number="9">شمعون پطرس چيس تہ اي خداوند، تڏهن نہ رڳو منهنجا پير، پر منهنجا هٿ ۽ مٿو بہ ڌوءُ.</verse>
				<verse number="10">يسوع چيس تہ جو وهنجيل آهي، تنهن کي پيرن ڌوئڻ کان سواءِ ٻي گهُرج ڪونهي، پر سڄو ئي پاڪ آهي: ۽ اوهين بہ پاڪ آهيو، پر سڀيئي نہ.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو هن کي خبر هئي تہ مون کي ڪير جهلائيندو، تنهنڪري چيائين تہ اوهين سڀ پاڪ نہ آهيو.</verse>
				<verse number="12">پوءِ جڏهن سندن پير ڌوئي چڪو، ۽ ڪپڙا پائي وري اچي ويٺو، تڏهن چيائين تہ سمجهو ٿا تہ مون اوهان سان ڇا ڪيو آهي؟</verse>
				<verse number="13">اوهين مون کي اُستاد ۽ خداوند ڪري ٿا سڏيو: سو برابر ٿا چئو، ڇالاءِ جو آئون آهيان.</verse>
				<verse number="14">هاڻي آئون جو خداوند ۽ اُستاد آهيان، تنهن جيڪڏهن اوهان جا پير ڌوتا آهن، تہ اوهان کي بہ هڪ ٻئي جا پير ڌوئڻ کپن.</verse>
				<verse number="15">ڇوتہ مون اوهان کي نمونو ڏنو آهي تہ جيئن مون اوهان سان ڪيو آهي، تيئن اوهين بہ ڪريو.</verse>
				<verse number="16">آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ نوڪر پنهنجي ڌڻيءَ کان وڏو نہ آهي؛ نڪي وري موڪليل پنهنجي موڪلڻ واري کان.</verse>
				<verse number="17">جيڪڏهن اوهين اهي ڳالهيون سمجهي انهن تي هلندا تہ مبارڪ آهيو.</verse>
				<verse number="18">آئون اوهان سڀني جي ڳالهہ نٿو ڪريان: جن کي مون چونڊيو آهي تن جي مون کي خبر آهي: پر هيءُ انهي لاءِ، تہ اُها پاڪ لکيت پوري ٿئي تہ ”جو منهنجي ماني ٿو کائي، تنهن ئي مون تي لت کنئي.“</verse>
				<verse number="19">هاڻي اِها ڳالهہ ٿئي، تنهن کان اڳيئي آئون اوهان کي چئي ٿو ڇڏيان، تہ پوءِ جڏهن ائين ٿئي، تہ اوهين ايمان آڻيو تہ آئون اُهو ئي آهيان.</verse>
				<verse number="20">آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جنهن کي آئون موڪليان ٿو، تنهن کي جيڪو قبول ٿو ڪري، سو مون کي ٿو قبول ڪري، ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو اُنهي کي قبول ٿو ڪري جنهن مون کي موڪليو آهي.</verse>
				<verse number="21">پوءِ جڏهن يسوع ائين چئي چڪو، تڏهن اندر ۾ پريشان ٿيڻ لڳو، ۽ شاهدي ڀري چيائين تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ اوهان مان هڪڙو مون کي جهلائيندو.</verse>
				<verse number="22">تنهن تي شاگرد وائڙا ٿي ويا تہ ڪنهن جي نالي ٿو چوي، سو هڪ ٻئي ڏانهن نهارڻ لڳا.</verse>
				<verse number="23">۽ سندس شاگردن مان هڪڙو، جنهن تي يسوع جو پيار هو، تنهن يسوع جي ڇاتيءَ تي ليٽي ويٺي کاڌو.</verse>
				<verse number="24">تڏهن شمعون پطرس اشارو ڏيئي چيس تہ اسان کي ٻُڌاءِ تہ ڪنهن جي بابت ٿو چوي.</verse>
				<verse number="25">پوءِ هن ائين ئي يسوع جي سيني تي ٽيڪ ڏيندي چيس، تہ اي خداوند، اُهو ڪير آهي؟</verse>
				<verse number="26">تڏهن يسوع کيس جواب ڏنو تہ جنهن کي آئون گرهہ ٻوڙي ڏيندس سو آهي. پوءِ گرهہ ٻوڙي کڻي شمعون اسڪريوتيءَ جي پٽ کي ڏنائين:</verse>
				<verse number="27">۽ گرهہ وٺڻ کانپوءِ شيطان اچي منجهس گهڙيو. تڏهن يسوع چيس تہ جيڪي ڪرين ٿو، سو سگهو ڪري وٺ.</verse>
				<verse number="28">هاڻي جن ويٺي کاڌو، تن مان ڪنهن کي بہ سماءُ ڪونہ پيو تہ ڪهڙي مطلب سان هن کي ائين چيائين،</verse>
				<verse number="29">ڇالاءِ جو ڪن ڀانئيو ٿي تہ يهوداهہ وٽ ڳوٿري رهندي آهي، تنهنڪري يسوع چويس ٿو تہ عيد لاءِ جيڪي شيون اسان کي کپن سي ڳنهہ؛ يا تہ ڪجهہ غريبن کي ڏي.</verse>
				<verse number="30">پوءِ هو گرهہ وٺي سڌو ٻاهر نڪري هليو ويو، ۽ اوڏيءَ مهل رات هئي.</verse>
				<verse number="31">پوءِ جڏهن هو ٻاهر ويو، تڏهن يسوع چيو، تہ هاڻي ابن آدم جو جلال ظاهر ٿيو، ۽ منجهس خدا جو بہ جلال ظاهر ٿيو؛</verse>
				<verse number="32">۽ جي خدا هن ۾ جلال حاصل ڪيو تہ خدا پاڻ ۾ هن کي جلال ڏيندو، بلڪ اِجهو ٿو ڏئيس.</verse>
				<verse number="33">اي ٻارو، آئون باقي ٿوري ساعت اوهان سان آهيان. اوهين مون کي ڳوليندا، ۽ جيئن مون يهودين کي چيو تہ جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اوڏانهن اوهين اچي ڪين سگهندا، تيئن هاڻي اوهان کي بہ ٿو چوان.</verse>
				<verse number="34">اوهان کي هڪڙو نئون حڪم ٿو ڏيان تہ اوهين هڪ ٻئي کي پيار ڪريو؛ تہ جيئن مون اوهان کي پيار ڪيو آهي، تيئن اوهين بہ هڪ ٻئي کي پيار ڪريو.</verse>
				<verse number="35">جيڪڏهن اوهان کي هڪ ٻئي لاءِ پيار آهي، تہ انهيءَ منجهان ئي سڀني کي خبر پوندي تہ اوهين منهنجا شاگرد آهيو.</verse>
				<verse number="36">شمعون پطرس چيس، تہ اي خداوند، تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ يسوع جواب ڏنو تہ جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اوڏانهن تون هينئر منهنجي پٺيان اچي ڪين سگهندين، پر پوءِ تون منهنجي پٺيان ايندين.</verse>
				<verse number="37">پطرس چيس تہ خداوند، ڇو آئون هينئر تنهنجي پٺيان اچي ڪين سگهندس؟ آئون تنهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.</verse>
				<verse number="38">يسوع جواب ڏنس تہ تون منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيندين؟ آئون توکي سچ سچ ٿو چوان تہ ڪڪڙ ٻانگ ئي ڪين ڏيندو، تنهن کان اڳي تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">پنهنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو، اوهين خدا تي ايمان ٿا رکو، مون تي بہ ايمان رکو.</verse>
				<verse number="2">منهنجي پيءُ جي گهر ۾ گهڻيئي جايون آهن؛ جي ائين نہ هجي ها تہ آئون اوهان کي ٻُڌايان ها، ڇالاءِ جو آئون انهيءَ ڪري ٿو وڃان تہ وڃي اوهان لاءِ جاءِ تيار ڪريان.</verse>
				<verse number="3">۽ جي آئون وڃي اوهان لاءِ جاءِ تيار ڪندس، تہ وري ايندس ۽ اوهان کي پاڻ سان وٺي ويندس، تہ جتي آئون آهيان، اُتي اوهين بہ هجو.</verse>
				<verse number="4">۽ جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اُنهيءَ واٽ جي اوهان کي خبر آهي.</verse>
				<verse number="5">توما چيس، تہ اي خداوند، اسان کي ايتري بہ خبر ڪانهي تہ تون ڪيڏانهن ٿو وڃين، سو وري واٽ جي خبر ڪيئن هونديسون؟</verse>
				<verse number="6">يسوع چيس تہ واٽ ۽ سچ ۽ زندگي آئون آهيان: منهنجي وسيلي ڌاران ڪوبہ پيءُ وٽ نٿو اچي.</verse>
				<verse number="7">جيڪڏهن اوهين مون کي سڃاڻو ها، تہ منهنجي پيءُ کي بہ سڃاڻو ها: اڄ کانپوءِ اوهين هن کي سڃاڻو ٿا ۽ کيس ڏٺو بہ اٿوَ.</verse>
				<verse number="8">فلپس چيو تہ اي خداوند، اسان کي پيءُ ڏيکار تہ اسان لاءِ بس آهي.</verse>
				<verse number="9">يسوع چيس، تہ اي فلپس، آئون هيترو وقت اوهان سان رهيو آهيان ۽ توهان مون کي سڃاتو ئي ڪين آهي؟ جنهن مون کي ڏٺو آهي، تنهن پيءُ کي ڏٺو آهي، پوءِ ڪيئن ٿو چئين تہ اسان کي پيءُ ڏيکار؟</verse>
				<verse number="10">تون ايمان نٿو آڻين تہ آئون پيءُ ۾ آهيان، ۽ پيءُ مون ۾؟ جيڪي ڳالهيون آئون اوهان کي چوان ٿو، سي پاڻو ڪين ٿو چوان: پر پيءُ جو مون ۾ رهي ٿو، سو پنهنجا ڪم ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="11">مون تي ايمان آڻيو تہ آئون پيءُ ۾ آهيان ۽ پيءُ مون ۾: نہ تہ هي ڪم جيڪي آئون ڪريان ٿو، تن جي ڪري ئي مون تي ايمان آڻيو.</verse>
				<verse number="12">آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، سو بہ اُهي ئي ڪم ڪندو، جي آئون ٿو ڪريان، ۽ انهن کان بہ وڏا ڪم ڪندو؛ ڇالاءِ تہ آئون پيءُ وٽ ٿو وڃان.</verse>
				<verse number="13">۽ جيڪي اوهين منهنجي نالي گهُرندا، سو آئون ڪندس تہ پٽ ۾ پيءُ کي جلال ملي.</verse>
				<verse number="14">جي اوهين منهنجي نالي تي ڪي بہ گهُرندا، تہ آئون اُهو ڪندس.</verse>
				<verse number="15">جي اوهين مون کي پيار ٿا ڪريو، تہ منهنجن حڪمن تي هلو.</verse>
				<verse number="16">۽ آئون پيءُ کي سوال ڪندس، ۽ هو اوهان کي ٻيو مددگار ڏيندو تہ اُهو اوهان سان هميشہ تائين رهي،</verse>
				<verse number="17">يعني سچ جو روح: جنهن کي دنيا حاصل ڪري نٿي سگهي؛ ڇالاءِ جو هوءَ نہ هن کي ڏسي ٿي، نہ سڃاڻي ٿي: اوهين هن کي سڃاڻو ٿا، ڇالاءِ جو هو اوهان سان رهي ٿو، ۽ اوهان ۾ هوندو.</verse>
				<verse number="18">آئون اوهان کي يتيم ڪري ڇڏي ڪين ويندس، آئون اوهان وٽ ايندس.</verse>
				<verse number="19">باقي گهڙي ساعت آهي، ۽ دنيا مون کي وڌيڪ نہ ڏسندي؛ پر اوهين مون کي ڏسندا: ڇالاءِ جو آئون جيان ٿو، تنهنڪري اوهين بہ جيئندا.</verse>
				<verse number="20">اُنهي ڏينهن اوهان کي خبر پوندي تہ آئون پنهنجي پيءُ ۾ آهيان، ۽ اوهين مون ۾ ۽ آئون اوهان ۾.</verse>
				<verse number="21">جنهن وٽ منهنجا حڪم آهن، ۽ جو اُهي بجا ٿو آڻي، سو ئي آهي جو مون کي پيار ٿو ڪري، ۽ جيڪو مون کي پيار ٿو ڪري، تنهن کي منهنجو پيءُ پيار ڪندو، ۽ آئون بہ پيار ڪندوسانس، ۽ کيس پاڻ پڌرو ڪري ڏيکاريندس.</verse>
				<verse number="22">يهوداهہ (نہ اسڪريوتي) چيس، تہ اي خداوند، ڇا ٿيو آهي جو تون اسان کي پنهنجو پاڻ پڌرو ڪري ڏيکاريندين، ۽ دنيا کي نہ؟</verse>
				<verse number="23">يسوع جواب ڏيئي چيس، تہ جيڪڏهن ڪو مون کي پيار ٿو ڪري، تہ اُهو منهنجي ڪلام تي هلندو، ۽ منهنجو پيءُ پيار ڪندس، ۽ اسين وٽس اينداسين ۽ اچي ساڻس گڏ رهنداسين.</verse>
				<verse number="24">جيڪو مون کي پيار نٿو ڪري، سو منهنجي ڪلام تي نٿو هلي: ۽ ڪلام جو اوهين ٻُڌو ٿا، سو منهنجو نہ، پر پيءُ جو آهي، جنهن مون کي موڪليو آهي.</verse>
				<verse number="25">مون اهي ڳالهيون اوهان سان رهي اوهان کي ٻُڌايون آهن.</verse>
				<verse number="26">پر مددگار يعني پاڪ روح، جنهن کي پيءُ منهنجي نالي موڪليندو، سو اوهان کي سڀ ڳالهيون سيکاريندو، ۽ جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي چيون آهن، سي سڀ اوهان کي ياد ڏياريندو.</verse>
				<verse number="27">آئون اوهان کي اطمينان ڏيئي ٿو وڃان؛ پنهنجو اطمينان اوهان کي ٿو ڏيان، ائين نٿو ڏيانوَ، جيئن دنيا ٿي ڏئي. اوهين پنهنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو.</verse>
				<verse number="28">اوهان ٻُڌو آهي جو چيومانوَ تہ آئون هليو ٿو وڃان، ۽ وري اوهان وٽ ايندس. جيڪڏهن اوهان جو مون تي پيار هجي ها، تہ هوند خوش ٿيو ها، جو آئون پيءُ وٽ ٿو وڃان: ڇوتہ پيءُ مون کان وڏو آهي.</verse>
				<verse number="29">۽ هاڻي اها ڳالهہ ٿئي، تنهن کان اڳ ۾ مون اوهان کي ٻُڌائي ڇڏيو آهي، تہ جڏهن ائين ٿئي تہ اوهين ايمان آڻيو.</verse>
				<verse number="30">هن کانپوءِ آئون اوهان سان گهڻيون ڳالهيون ڪين ڪندس، ڇالاءِ جو هن دنيا جو سردار اچي ٿو: جنهن جو مون سان ڪو واسطو ڪونهي؛</verse>
				<verse number="31">پر هيءُ انهي لاءِ ٿو ٿئي تہ دنيا کي خبر پوي تہ آئون پيءُ کي پيار ٿو ڪريان، ۽ جيئن پيءُ مون کي حڪم ڏنو آهي، تيئن ئي ٿو ڪريان. اُٿو، هلو تہ هتان هلون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="15">
				<verse number="1">ڊاک جي سچي ول آئون آهيان، ۽ منهنجو پيءُ باغبان آهي.</verse>
				<verse number="2">مون ۾ جيڪا ٽاري ڦل نٿي جهلي، تنهن کي هو ڪڍي ٿو ڇڏي: ۽ جيڪا ڦل جهلي ٿي، تنهن کي ڇانگي ٿو، تہ وڌيڪ ڦل ڏئي.</verse>
				<verse number="3">ڪلام جو مون اوهان کي ٻُڌايو آهي، تنهن جي ڪري اوهين اڳيئي پاڪ آهيو.</verse>
				<verse number="4">اوهين مون ۾ رهو، ۽ آئون اوهان ۾، جهڙيءَ طرح ٽاري جيسين ڊاک جي ول ۾ نہ رهي، تيسين پاڻ ڦل جهلي نٿي سگهي، تهڙيءَ طرح ٿيڻي نہ آهي جو جيسين اوهين مون ۾ نہ رهو، تيسين اوهين بہ ڦل جهليو.</verse>
				<verse number="5">آئون ڊاک جي ول آهيان، ۽ اوهين ٽاريون آهيو: جيڪو مون ۾ ٿو رهي، ۽ آئون ان ۾، سو ئي ججهو ڦل ٿو ڏئي: ڇالاءِ تہ مون ڌاران اوهين ڪجهہ بہ ڪري نٿا سگهو.</verse>
				<verse number="6">جيڪڏهن ڪو مون ۾ نہ رهندو، تہ ٽاريءَ وانگر اُن کي ڪڍي ڦٽو ڪبو، ۽ اُهو سُڪي ويندو؛ ۽ پوءِ اُنهن کي ميڙي چونڊي باهہ ۾ ٿا وجهن، ۽ اُهي سڙي ڀسم ٿا ٿين.</verse>
				<verse number="7">جيڪڏهن اوهين مون ۾ رهو ۽ منهنجون ڳالهيون اوهان ۾ رهن، تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گهُرو، ۽ ائين ئي ٿيندو.</verse>
				<verse number="8">هن ڳالهہ ۾ منهنجي پيءُ جو جلال ظاهر ٿو ٿئي، تہ اوهين گهڻو ڦل پيدا ڪريو؛ پوءِ اوهين منهنجا شاگرد ٿيندا.</verse>
				<verse number="9">جيئن پيءُ مون کي پيار ڪيو آهي، تيئن مون بہ اوهان کي پيار ڪيو آهي، منهنجي پيار ۾ رهندا اچجو.</verse>
				<verse number="10">جيڪڏهن اوهين منهنجا حڪم بجا آڻيندا تہ منهنجي پيار ۾ رهندا، جيئن ڪ مون پنهنجي پيءُ جا حڪم بجا آندا آهن، ۽ سندس پيار ۾ قائم آهيان.</verse>
				<verse number="11">اهي ڳالهيون مون اوهان سان انهي لاءِ ڪيون آهن، تہ منهنجي خوشي اوهان ۾ هجي، ۽ اوهان جي خوشي پوري ٿئي.</verse>
				<verse number="12">منهنجو حڪم هيءُ آهي، تہ اوهين هڪ ٻئي کي پيار ڪريو، جيئن مون اوهان کي پيار ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="13">هن کان مٿي ڪو پيار ڪونهي، جو ماڻهو پنهنجن دوستن لاءِ جان ڏئي.</verse>
				<verse number="14">جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي جيڪڏهن هلندا تہ منهنجا دوست آهيو.</verse>
				<verse number="15">هن کان پوءِ آئون اوهان کي نوڪر ڪري نٿو سڏيان؛ ڇالاءِ تہ نوڪر کي خبر نہ آهي تہ سندس مالڪ ڇا ٿو ڪري: پر مون اوهان کي دوست ڪري سڏيو آهي؛ ڇالاءِ تہ جيڪي ڳالهيون مون پنهنجي پيءُ وٽان ٻُڌيون آهن، سي سموريون اوهان کي ڄاڻايون اٿم.</verse>
				<verse number="16">اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، پر مون اوهان کي چونڊيو آهي، ۽ انهي لاءِ اوهان کي مقرر ڪيو اٿم تہ اوهين وڃي ڦل پيدا ڪريو، ۽ اوهان جو ڦل قائم رهي: تہ جيڪي بہ اوهين پيءُ کان منهنجي نالي گهُرو، سو هو اوهان کي ڏئي.</verse>
				<verse number="17">اوهان کي اِهو حڪم ٿو ڏيان، تہ اوهين هڪ ٻئي کي پيار ڪريو.</verse>
				<verse number="18">جيڪڏهن دنيا اوهان سان نفرت ٿي ڪري، تہ اوهان کي خبر آهي تہ اوهان کان اڳي مون سان بہ نفرت ڪئي اٿس.</verse>
				<verse number="19">جيڪڏهن اوهين دنيا جا هجو ها، تہ دنيا هوند پنهنجن کي ڀانئين ها، پر ڇالاءِ جو اوهين دنيا جا نہ آهيو، مگر مون اوهان کي دنيا مان چونڊي ڪڍيو آهي، تنهنڪري دنيا اوهان سان نفرت ٿي ڪري.</verse>
				<verse number="20">اها ڳالهہ جا مون اوهان کي ٻُڌائي آهي، تہ نوڪر پنهنجي ڌڻيءَ کان مٿي نہ آهي، سا ياد رکجو. جيڪڏهن اُنهن مون کي ستايو آهي، تہ اوهان کي بہ ستائيندا، جيڪڏهن منهنجين ڳالهين تي هليا آهن، تہ اوهان جي ڳالهين تي بہ هلندا.</verse>
				<verse number="21">پر اهي سڀ ڳالهيون هو منهنجي نالي ڪري اوهان سان ڪندا، ڇالاءِ جو جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن کي نٿا سڃاڻن.</verse>
				<verse number="22">جيڪڏهن آئون نہ اچان ها، ۽ ساڻن ڳالهيون نہ ڪريان ها، تہ مٿن ڏوهہ ڪونہ هجي ها: پر هاڻي انهن کي پنهنجي ڏوهہ لاءِ ڪو عذر ڪونهي.</verse>
				<verse number="23">جيڪو مون سان نفرت ٿو ڪري، سو منهنجي پيءُ سان بہ نفرت ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="24">جيڪڏهن آئون منجهن اهڙا ڪم نہ ڪريان ها، جي ٻئي ڪنهن بہ نہ ڪيا آهن، تہ مٿن ڏوهہ ڪونہ هجي ها: پر هاڻي تہ مون کي ۽ منهنجي پيءُ کي ڏٺو بہ اٿن، ۽ اسان ٻنهي سان نفرت ڪئي اٿن.</verse>
				<verse number="25">پر هيئن جو ٿيو آهي، سو انهيءَ لاءِ تہ ڪلام، جو هنن جي شريعت ۾ لکيل آهي، تہ ”مون سان ناحق نفرت ڪئي اٿن،“ سو پورو ٿئي.</verse>
				<verse number="26">پر جڏهن اُهو مددگار ايندو، جنهن کي آئون پيءُ وٽان اوهان وٽ موڪليندس، يعني سچ جو روح، جو پيءُ مان ٿو نڪري، تڏهن اُهو منهنجي بابت شاهدي ڀريندو:</verse>
				<verse number="27">۽ اوهين پاڻ شاهد آهيو، ڇالاءِ جو اوهين شروع کان وٺي مون سان رهيا آهيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="16">
				<verse number="1">اهي ڳالهيون مون اوهان کي انهيءَ لاءِ چيون آهن، تہ اوهين گمراهہ نہ ٿيو.</verse>
				<verse number="2">هو اوهان کي عبادتگاهن مان لوڌي ڪڍندا، بلڪ اُها گهڙي اچي ٿي، تہ جيڪو ڪو اوهان کي ماري وجهندو، سو ڀائيندو تہ آئون خدا جي خدمت ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="3">۽ اُهي ڳالهيون جو هو ڪندا، سو انهيءَ ڪري جو هنن نہ پيءُ کي سڃاتو آهي، ۽ نہ مون کي.</verse>
				<verse number="4">پر اهي ڳالهيون اوهان سان ڪيون اٿم تہ جڏهن انهن جي گهڙي اچي، تہ اوهان کي اُهي ياد پون تہ مون اوهان کي ٻُڌائي ڇڏيو هو. اهي ڳالهيون مون اوهان سان شروع ۾ نہ ڪيون، ڇالاءِ جو آئون اوهان سان هوس.</verse>
				<verse number="5">پر هاڻي آئون انهيءَ وٽ ٿو وڃان، جنهن مون کي موڪليو آهي؛ ۽ اوهان مان ڪوبہ ڪونہ ٿو پڇيم تہ ڪيڏانهن ٿو وڃين؟</verse>
				<verse number="6">پر مون اهي ڳالهيون اوهان سان ڪيون آهن، تنهنڪري اوهان جي دل ڏک سان ڀرجي ويئي آهي.</verse>
				<verse number="7">تنهن هوندي بہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ اوهان جي لاءِ فائدي واري ڳالهہ هيءَ آهي تہ آئون وڃان، ڇالاءِ تہ جيڪڏهن آئون نہ ويندس تہ اُهو مددگار اوهان وٽ ڪين ايندو؛ پر جي ويندس تہ وڃي اوهان ڏانهن موڪليندوسانس.</verse>
				<verse number="8">۽ اُهو جڏهن ايندو، تڏهن دنيا کي گناهہ، ۽ راستبازيءَ، ۽ عدالت نسبت ڏوهاري ٺهرائيندو:</verse>
				<verse number="9">گناهہ نسبت، جو هو مون تي ايمان نٿا آڻين؛</verse>
				<verse number="10">راستبازيءَ نسبت، جو آئون پيءُ وٽ ٿو وڃان ۽ اوهين مون کي وري نہ ڏسندا؛</verse>
				<verse number="11">عدالت نسبت جو هن دنيا جي سردار جي عدالت ٿي چڪي آهي.</verse>
				<verse number="12">مون کي اڃا بہ اوهان کي ڪيتريون ڳالهيون چوڻيون آهن، پر اهي اوهين هينئر سهي ڪين سگهندا.</verse>
				<verse number="13">پر جڏهن اهو، يعني سچ جو روح ايندو، تڏهن هو اوهان جو سونهون ٿي اوهان کي سموري سچ ۾ آڻيندو: ڇالاءِ جو هو پاڻو نہ چوندو، پر جيڪي ڳالهيون ٻُڌندو سي ئي چوندو: ۽ جيڪي ڳالهيون ٿيڻ واريون آهن، سي اوهان کي ظاهر ڪري ٻڌائيندو.</verse>
				<verse number="14">هو منهنجو جلال ظاهر ڪندو: ڇالاءِ تہ هو منهنجيون ڳالهيون وٺي اوهان کي کولي ٻُڌائيندو.</verse>
				<verse number="15">سڀ شيون جيڪي منهنجي پيءُ جون آهن سي منهنجون آهن: تنهنڪري مون چيو، تہ منهنجيون ڳالهيون وٺي اوهان کي کولي ٻُڌائيندو.</verse>
				<verse number="16">ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا؛ ۽ وري ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڏسندا.</verse>
				<verse number="17">تڏهن سندس شاگردن مان ڪي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ اسان کي ڇا ٿو چوي، تہ ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا، ۽ وري ٿوريءَ دير کانپوءِ مون کي ڏسندا: اهو انهي لاءِ جو آئون پيءُ وٽ ٿو وڃان؟</verse>
				<verse number="18">تڏهن چوڻ لڳا تہ هيءُ جو چوي ٿو تہ ٿوريءَ دير کانپوءِ سو ڇا آهي؟ اسين تہ سمجهون ئي نٿا تہ ڇا ٿو چوي؟</verse>
				<verse number="19">يسوع سهي ڪيو تہ هنن جي مرضي آهي تہ مون کان پڇن، تنهنڪري چيائين، تہ اوهين هن بابت ٿا پاڻ ۾ پڇو، جو مون چيو تہ ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا، ۽ وري ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڏسندا؟</verse>
				<verse number="20">آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ اوهين روئندا ۽ پِٽيندا، پر دنيا خوشي ڪندي: اوهان کي ڏک ٿيندو، پر اوهان جو ڏک ڦري خوشي ٿي پوندو.</verse>
				<verse number="21">زال کي جڏهن سور ٿيندا آهن، تڏهن تڪليف ٿيندي اٿس، ڇالاءِ جو سندس گهڙي اچي پهتي آهي، پر جڏهن ٻار ڄڻي ٿي وٺي، تڏهن جا خوشي ٿي ٿئيس، تہ هڪڙو انسان دنيا ۾ ڄائو آهي، تنهنڪري اُهو اهنج ياد ئي ڪونہ ٿو پويس.</verse>
				<verse number="22">سو هاڻي اوهان کي بہ ڏک ٿو ٿئي، پر آئون اوهان کي وري گڏبس، ۽ اوهان جي دل خوش ٿيندي، ۽ اوهان جي خوشي اوهان کان ڪوبہ ڪونہ کسيندو.</verse>
				<verse number="23">۽ اُنهي ڏينهن اوهين مون کان ڪي ڪين پڇندا. آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ اوهين پيءُ کان جيڪي گهُرندا، سو هو اوهان کي منهنجي نالي ڏيندو.</verse>
				<verse number="24">هيستائين اوهان منهنجي نالي ڪي بہ ڪين گهُريو آهي، گهُرو تہ مليوَ، تہ اوهان جي خوشي پوري ٿئي.</verse>
				<verse number="25">اهي ڳالهيون مون اوهان کي مثالن ۾ ٻُڌايون آهن، پر اُها گهڙي اچي ٿي جنهن ۾ آئون اوهان سان وري مثالن ۾ ڪين ڳالهائيندس، پر پيءُ بابت صاف صاف ڪري ٻڌائيندوسانوَ.</verse>
				<verse number="26">اُنهي ڏينهن منهنجي نالي اوهين گهُرندا: ۽ آئون اوهان کي نٿو چوان تہ ڪو آئون اوهان لاءِ پيءُ کي سوال ڪندس؛</verse>
				<verse number="27">ڇالاءِ تہ پيءُ پاڻ اوهان کي پيار ٿو ڪري، ڇالاءِ جو اوهان مون کي پيار ڪيو آهي ۽ ايمان آندو اٿوَ تہ آئون پيءُ وٽان آيس.</verse>
				<verse number="28">آئون پيءُ منجهان نڪري دنيا ۾ آيو آهيان، وري دنيا ڇڏي پيءُ وٽ ٿو وڃان.</verse>
				<verse number="29">سندس شاگردن چيو تہ ڏس، هاڻي تون صاف ويٺو چئين، ۽ مثالن ۾ ڪونہ ٿو ڳالهائين.</verse>
				<verse number="30">هاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ توکي سڀني ڳالهين جي خبر آهي، ۽ ضرور ئي ڪونہ اٿيئي تہ ڪو توکان پڇي، انهيءَ مان اسان کي ايمان آيو آهي تہ تون خدا وٽان آيو آهين.</verse>
				<verse number="31">يسوع کين جواب ڏنو تہ تڏهن هاڻي اوهين ايمان آڻيو ٿا؟</verse>
				<verse number="32">ڏسو، اُها گهڙي اچي ٿي، بلڪ آئي آهي، جو اوهين ٽڙي پکڙي هرڪو پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويندو، ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيندا: تہ بہ آئون اڪيلو نہ آهيان، ڇالاءِ جو پيءُ مون سان آهي.</verse>
				<verse number="33">اهي ڳالهيون مون اوهان کي انهيءَ لاءِ چيون آهن تہ مون ۾ اوهان کي اطمينان ملي. دنيا ۾ اوهين مصيبت ۾ آهيو: پر دلجاءِ ڪريو، آئون دنيا تي غالب آيو آهيان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="17">
				<verse number="1">اهي ڳالهيون يسوع ڪيون، ۽ پنهنجيون اکيون آسمان ڏانهن کڻي چيائين، تہ اي بابا، اُها گهڙي آئي آهي؛ پنهنجي فرزند جو جلال ظاهر ڪر، تہ فرزند تنهنجو جلال ظاهر ڪري:</verse>
				<verse number="2">جيئن تو هن کي سڀني ماڻهن تي اختياري بخشي آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي تو کيس ڏنا آهن، تن کي هو هميشہ جي زندگي بخشي.</verse>
				<verse number="3">۽ هميشہ جي زندگي هيءَ آهي، تہ هو تو هڪ سچي خدا کي، ۽ يسوع مسيح، جنهن کي تو موڪليو آهي، تنهن کي سڃاڻن.</verse>
				<verse number="4">جيڪو ڪم تو مون کي ڪرڻ لاءِ ڏنو، سو مون پورو ڪري زمين تي تنهنجو جلال ظاهر ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="5">هاڻي اي بابا، مون کي خود پاڻ سان اهو جلال ڏي، جو مون کي توسان دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳي هو.</verse>
				<verse number="6">جيڪي ماڻهو تو مون کي دنيا مان ڏنا آهن، تن کي مون تنهنجو نالو ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي: اُهي تنهنجا هئا، ۽ تو اُهي مون کي ڏنا آهن، ۽ انهن تنهنجو ڪلام بجا آندو آهي.</verse>
				<verse number="7">هاڻي هو ڄاڻن ٿا تہ جيڪي شيون تو مون کي ڏنيون آهن، سي سڀ تو وٽان آهن:</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ تہ ڪلام جو تو مون کي ڏنو، سو مون کين ڏنو آهي، ۽ اُهو هنن قبول ڪيو آهي، ۽ سچ پچ ڄاتو اٿن تہ آئون تو وٽان آيو آهيان، ۽ ايمان آندو اٿن تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.</verse>
				<verse number="9">آئون هنن لاءِ ٿو سوال ڪريان: دنيا لاءِ نٿو ڪريان، پر اُنهن لاءِ، جي تو مون کي ڏنا آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي تنهنجا آهن.</verse>
				<verse number="10">۽ سڀ جيڪي منهنجو آهي سو تنهنجو آهي، ۽ تنهنجو سو منهنجو: ۽ مون کي منجهن جلال مليو آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ هن کانپوءِ آئون دنيا ۾ نہ آهيان، پر اهي دنيا ۾ آهن، ۽ آئون تو وٽ ٿو اچان. اي پاڪ بابا، پنهنجو نالو جو تو مون کي ڏنو آهي، تنهن ۾ اُنهن کي رکي وٺ، تہ اُهي هڪ ٿين، جيئن اسين پاڻ هڪ آهيون.</verse>
				<verse number="12">جيسين آئون ساڻن هوس، تيسين تنهنجو نالو جو تو مون کي ڏنو آهي، تنهن ۾ کين رکندو آيو آهيان: ۽ مون انهن جي سنڀال ڪئي آهي، ۽ جيڪو برباد ٿيڻو هو، تنهن بنا ٻيو ڪوبہ منجهانئن برباد نہ ٿيو؛ اِنهي لاءِ تہ پاڪ لکيت پوري ٿئي.</verse>
				<verse number="13">پر هاڻي آئون تو وٽ ٿو اچان؛ ۽ اهي ڳالهيون جي دنيا ۾ چوان ٿو، سي انهي لاءِ تہ انهن کي منهنجي پوري خوشي حاصل ٿئي.</verse>
				<verse number="14">مون تنهنجو ڪلام کين ڏنو آهي؛ ۽ دنيا جي ساڻن نہ پيئي، ڇالاءِ جو اهي دنيا جا نہ آهن، جيئن آئون پڻ دنيا جو نہ آهيان.</verse>
				<verse number="15">آئون اهو ڪونہ ٿو گهُران، تہ تون کين دنيا مان ڪڍي وٺ، پر انهي بڇڙي کان رکي وٺينِ.</verse>
				<verse number="16">جيئن آئون هن دنيا جو نہ آهيان، تيئن اهي بہ هن دنيا جا نہ آهن.</verse>
				<verse number="17">سچ جي وسيلي کين پاڪ ڪر، تنهنجو ڪلام سچ آهي.</verse>
				<verse number="18">جيئن تو مون کي دنيا ۾ موڪليو آهي، تيئن مون بہ کين دنيا ۾ موڪليو آهي.</verse>
				<verse number="19">۽ انهن جي خاطر آئون پاڻ کي پاڪ ٿو ڪريان، تہ اهي پڻ سچ ۾ پاڪ ٿين.</verse>
				<verse number="20">آئون رڳو هنن لاءِ سوال نٿو ڪريان، پر انهن لاءِ بہ، جي سندن تعليم ٻُڌي مون تي ايمان آڻيندا:</verse>
				<verse number="21">تہ اهي سڀ هڪ ٿين، جيئن تون اي بابا، مون ۾، ۽ آئون تو ۾، تيئن اهي پڻ اسان ۾ ٿين: انهي لاءِ تہ دنيا ايمان آڻي تہ تو مون کي موڪليو آهي.</verse>
				<verse number="22">۽ جلال جو تو مون کي ڏنو آهي، سو مون کين ڏنو آهي؛ تہ اُهي هڪ ٿين، جيئن اسين هڪ آهيون.</verse>
				<verse number="23">آئون هنن ۾ ۽ تون مون ۾، تہ اهي پوريءَ طرح سان هڪ ٿي ڪماليت کي پهچن؛ انهي لاءِ تہ دنيا کي خبر پوي تہ تو مون کي موڪليو آهي، ۽ انهن کي پيار ڪيو اٿيئي، جيئن تو مون کي پيار ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="24">اي بابا، منهنجي مرضي آهي تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن، سي پڻ جتي آئون آهيان، اُتي مون سان هجن؛ انهي لاءِ تہ جو جلال تو مون کي پنهنجي پيار سان دنيا جي شروع کان اڳي ڏنو آهي سو هو ڏسن.</verse>
				<verse number="25">اي سچا بابا، دنيا توکي نہ سڃاتو، پر مون توکي سڃاتو آهي؛ ۽ هنن پاڻ ڄاتو آهي تہ تو مون کي موڪليو آهي؛</verse>
				<verse number="26">۽ مون تنهنجو نالو کين ڄاڻايو آهي، ۽ اڃا ڄاڻائيندس، انهيءَ لاءِ تہ جو پيار تو مون سان رکيو آهي، سو انهن ۾ هجي، ۽ آئون بہ منجهن هجان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="18">
				<verse number="1">جڏهن يسوع اهي ڳالهيون چئي چڪو، تڏهن پنهنجن شاگردن سان گڏ قدرون جي نهر جي پار لنگهي ويو، جتي هڪڙو باغ هو، جنهن ۾ پاڻ ۽ سندس شاگرد ويا.</verse>
				<verse number="2">هاڻي يهوداهہ جنهن جهلايس، تنهن کي پڻ انهي هنڌ جي خبر هئي، ڇالاءِ جو يسوع پنهنجن شاگردن سان گڏ اڪثر اوڏانهن ويندو هو.</verse>
				<verse number="3">پوءِ يهوداهہ پلٽڻ جي سپاهين جي ٽولي هٿ ڪري، ۽ سردار ڪاهنن ۽ فريسين کان حوالدار وٺي، شمعدانن ۽ مشعلن ۽ هٿيارن پنوهارن سان اُتي آيو.</verse>
				<verse number="4">هاڻي يسوع کي سڀ خبر هئي تہ مون سان ڇا ٿيڻو آهي، تنهنڪري نڪري آيو، ۽ چيائين تہ ڪنهن کي ٿا ڳوليو؟</verse>
				<verse number="5">هنن جواب ڏنو تہ يسوع ناصريءَ کي. يسوع چين تہ اُهو آئون آهيان. ۽ يهوداهہ جنهن جهلايس، سو بہ ساڻن بيٺو هو.</verse>
				<verse number="6">پوءِ هن جو ائين چيو تہ اُهو آئون آهيان، تنهن تي هو پٺتي هٽجي زمين تي ڪِري پيا.</verse>
				<verse number="7">تڏهن وري پڇيائين تہ ڪنهن کي ٿا ڳوليو؟ هنن چيو تہ يسوع ناصريءَ کي.</verse>
				<verse number="8">يسوع جواب ڏنو تہ مون اوهان کي چيو تہ اُهو آئون آهيان: سو جي مون کي ٿا ڳوليو، تہ هنن کي ڇڏيو تہ وڃن.</verse>
				<verse number="9">ائين انهي لاءِ ٿيو، تہ ڪلام جو هن چيو هو تہ ”جيڪي تو مون کي ڏنا، تن مان مون هڪڙو بہ نہ وڃايو،“ سو پورو ٿئي.</verse>
				<verse number="10">تنهن تي شمعون پطرس جنهن وٽ ترار هئي، تنهن اُها ڪڍي سردار ڪاهن جي نوڪر کي هنئي، ۽ ساڄو ڪَن ڪَپي ڇڏيائينس. هاڻي انهي نوڪر جو نالو ملخس هو.</verse>
				<verse number="11">تڏهن يسوع پطرس کي چيو، تہ ترار ورائي کپ ۾ وجهہ: پيالو جو پيءُ مون کي ڏنو آهي، سو آئون نہ پيان ڇا؟</verse>
				<verse number="12">تنهن تي انهيءَ ٽوليءَ ۽ سندس عملدار، ۽ يهودين جي حوالدارن يسوع کي جهلي ٻَڌو.</verse>
				<verse number="13">۽ پهريائين يوحنا وٽ وٺي ويس؛ ڇالاءِ تہ ڪائفا جو انهي ورهيہ سردار ڪاهن هو، تنهن جو هو سهرو هو.</verse>
				<verse number="14">هاڻي قائفا اُهو هو، جنهن يهودين کي صلاح ڏني هئي تہ چڱو ائين ٿيندو تہ هڪڙو ماڻهو اُمت جي خاطر مري.</verse>
				<verse number="15">۽ شمعون پطرس يسوع جي پٺيان هلندو ويو، ۽ پڻ اُهو ٻيو شاگرد بہ. هاڻي انهي شاگرد جي سردار ڪاهن سان واقفيت هئي، سو يسوع سان گڏ سردار ڪاهن جي ايوان ۾ اندر گهڙي ويو؛</verse>
				<verse number="16">پر پطرس دروازي وٽ ٻاهر ئي بيٺو هو. پوءِ اهو ٻيو شاگرد، جنهن جي سردار ڪاهن سان واقفيت هئي، سو ٻاهر دربان کي چئي پطرس کي بہ اندر وٺي ويو.</verse>
				<verse number="17">پوءِ هڪ نينگر جا دربان هئي، تنهن پطرس کي چيو تہ متان تون بہ هن ماڻهوءَ جي شاگردن مان آهين؟ هن چيو تہ آئون نہ آهيان.</verse>
				<verse number="18">هاڻي نوڪر ۽ حولدار ڪوئلن جي باهہ ٻاري اتي ويٺا هئا، ڇالاءِ تہ سيءُ پئي پيو؛ ۽ پاڻ بيٺي سيڪيائون: ۽ پطرس بہ ساڻن بيٺي پاڻ سيڪيو.</verse>
				<verse number="19">تڏهن سردار ڪاهن يسوع کان سندس شاگردن بابت ۽ سندس تعليم بابت سوال پڇيو.</verse>
				<verse number="20">يسوع جواب ڏنس تہ مون کُليو کُلايو دنيا سان ڳالهايو آهي، مون هميشہ عبادتخانن ۽ هيڪل ۾، جتي سڀ يهودي اچي ڪَٺا ٿيندا آهن، اتي تعليم ڏني آهي؛ ۽ ڳُجهو ڪي بہ ڪين چيو اٿم.</verse>
				<verse number="21">تون مون کان ڇو ٿو پڇين؟ جن ٻُڌو آهي، تن کان پڇ تہ مون کين ڇا ڇا چيو آهي: ڏس، جيڪي مون چيو آهي، تنهن جي کين خبر آهي.</verse>
				<verse number="22">۽ اڃا هن ائين چيو ئي ڪين، تہ حوالدار جي اتي بيٺا هئا، تن مان هڪڙي لپاٽ هڻي چيس، تہ سردار ڪاهن کي ٿو ائين جواب ڏين؟</verse>
				<verse number="23">يسوع جواب ڏنس تہ جي مون برو چيو آهي تہ برائيءَ جي شاهدي ڀر: پر جي چڱو چيو اٿم تہ ماريم ڇو ٿو؟</verse>
				<verse number="24">تنهن تي يوحنا کيس ٻَڌل ئي قائفا سردار ڪاهن وٽ ڏياري موڪليو.</verse>
				<verse number="25">هاڻي شمعون پطرس ويٺي پاڻ سيڪيو. تڏهن هنن چيس تہ متان تون بہ هن جي شاگردن مان آهين؟ هن انڪار ڪيو ۽ چيائين تہ آئون نہ آهيان.</verse>
				<verse number="26">سردار ڪاهن جي نوڪرن مان هڪڙو اُنهي جو مائٽ هو، جنهن جو ڪَن پطرس ڪَپيو هو، تنهن چيس تہ مون توکي ڪين ساڻس باغ ۾ ڏٺو؟</verse>
				<verse number="27">تنهن تي پطرس وري انڪار ڪيو: ۽ انهي دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني.</verse>
				<verse number="28">پوءِ قائفا وٽان يسوع کي محلات ۾ وٺي ويا: ۽ اڃا وڏو صبح هو ۽ هو پاڻ محلات ۾ نہ گهڙيا، انهي لاءِ تہ متان ڇپي نہ پون، پر فسح کائڻ جهڙا ٿين.</verse>
				<verse number="29">تڏهن پلاطس ٻاهر نڪري وٽن ويو، ۽ چيائين تہ اوهين هن ماڻهوءَ تي ڪهڙي تهمت ٿا رکو؟</verse>
				<verse number="30">هنن جواب ڏيئي چيس، تہ جيڪڏهن هيءُ ماڻهو بدڪار نہ هجي ها، تہ اسين جيڪر تنهنجي حوالي ئي ڪين ڪريونس ها.</verse>
				<verse number="31">تڏهن پلاطس چين، تہ اوهين پاڻ وٺي وڃوس، ۽ پنهنجي شريعت موجب سندس انصاف ڪريو. يهودين چيس تہ اسان کي ڪنهن جي بہ مارڻ جي اختياري نہ آهي.</verse>
				<verse number="32">سو انهي لاءِ تہ يسوع جو ڪلام ڪيو هو تہ منهنجو موت ڪهڙيءَ طرح ٿيندو، سو پورو ٿئي.</verse>
				<verse number="33">تڏهن پلاطس وري محلات ۾ ويو، ۽ يسوع کي سڏي چيائين تہ تون يهودين جو بادشاهہ آهين ڇا؟</verse>
				<verse number="34">يسوع جواب ڏنو تہ تون پاڻو ٿو ائين چئين، يا ٻين منهنجي نالي توکي چيو آهي؟</verse>
				<verse number="35">پلاطس جواب ڏنو، تہ آئون يهودي آهيان ڇا؟ تنهنجي قوم جي ماڻهن، ۽ سردار ڪاهنن توکي منهنجي حوالي ڪيو آهي: تو ڇا ڪيو آهي؟</verse>
				<verse number="36">يسوع جواب ڏنو، تہ منهنجي بادشاهت هن دنيا جي نہ آهي: جيڪڏهن منهنجي بادشاهت هن دنيا جي هجي ها تہ هوند منهنجا نوڪر وڙهن ها، انهي لاءِ تہ آئون يهودين جي حوالي نہ ڪيو وڃان: پر هاڻي منهنجي بادشاهت هتي جي نہ آهي.</verse>
				<verse number="37">تنهن تي پلاطس چيس، تہ تڏهن تون بادشاهہ آهين ڇا؟ يسوع جواب ڏنو، تہ تون خود ٿو چئين تہ آئون بادشاهہ آهيان. انهي لاءِ ئي آئون ڄائو آهيان، ۽ انهي لاءِ دنيا ۾ آيو آهيان، تہ سچ جي شاهدي ڀريان. جيڪو سچ جي پاسي آهي، سو منهنجو آواز ٻُڌي ٿو.</verse>
				<verse number="38">پلاطس چيس تہ سچ ڇا آهي؟ ۽ ائين چئي هو وري يهودين وٽ ٻاهر ويو، ۽ چيائين تہ مون کي تہ هن ۾ ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ٿو ڏسڻ ۾ اچي.</verse>
				<verse number="39">پر اوهان جو دستور آهي تہ آئون اوهان جي خاطر فسح تي هڪڙي ڄڻي کي ڇڏيندو آهيان؛ سو اوهان جي مرضي آهي تہ يهودين جي بادشاهہ کي اوهان جي خاطر ڇڏيان؟</verse>
				<verse number="40">تنهن تي هنن وري واڪو ڪري چيو تہ هن شخص کي نہ پر برابا کي ڇڏ! هاڻي برابا هڪڙو ڊاڪو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="19">
				<verse number="1">تنهن تي پلاطس يسوع کي چهبڪ هڻايا.</verse>
				<verse number="2">۽ سپاهين ڪنڊن جو تاج ڳتي مٿي تي رکيس، ۽ واڱڻائي ڪپڙا پهرايائونس؛</verse>
				<verse number="3">۽ وٽس اچي چوڻ لڳا، تہ سلام اي يهودين جا بادشاهہ! ۽ لپاٽون هنيائونس.</verse>
				<verse number="4">پوءِ پلاطس وري ٻاهر نڪتو، ۽ چيائين تہ اِجهو، آئون هن کي اوهان وٽ ٻاهر وٺي آيو آهيان، تہ اوهان کي خبر پوي تہ مون کي منجهس ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نٿو اچي.</verse>
				<verse number="5">پوءِ يسوع اُنهي ڪنڊن جي تاج ۽ واڱڻائي ڪپڙن سان ٻاهر نڪتو ۽ پلاطس چين تہ اِجهو، هيءُ ماڻهو!</verse>
				<verse number="6">پر سردار ڪاهنن ۽ حوالدارن اڃا ڏٺس ئي ڪين، تہ وٺي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ صليب تي چاڙهينس! صليب تي! پلاطس چين تہ اوهين پاڻ وٺي وڃي صليب تي چاڙهيوس: جو مون کي تہ منجهس ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نٿو اچي.</verse>
				<verse number="7">يهودين جواب ڏنس تہ اسان جي شريعت آهي، ۽ اُنهيءَ شريعت موجب هو موت جي لائق آهي، ڇالاءِ جو هن پاڻ کي خدا جو فرزند بنايو آهي.</verse>
				<verse number="8">پوءِ پلاطس جڏهن اهي حرف ٻُڌا، تڏهن هيڪاري اچي خوف ٿيس؛</verse>
				<verse number="9">۽ وري محلات ۾ اندر ويو ۽ يسوع کي چيائين، تہ تون ڪٿان جو آهين؟ پر يسوع ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنس.</verse>
				<verse number="10">تڏهن پلاطس چيس تہ تون مون سان نٿو ڪُڇين؟ توکي خبر ڪانهي تہ مون کي تنهنجي ڇڏڻ جي بہ اختياري آهي ۽ توکي صليب تي چاڙهڻ جي بہ اختياري اٿم؟</verse>
				<verse number="11">يسوع جواب ڏنس تہ جيڪڏهن توکي اُها مٿان نہ ملي ها، تہ تنهنجي مون تي ڪابہ اختياري ڪانہ هلي ها، تنهنڪري جنهن مون کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي، تنهن تي زيادہ گناهہ آهي.</verse>
				<verse number="12">تنهن تي پلاطس کيس ڇڏڻ جي ڪوشش ڪئي: پر يهودين واڪو ڪري چيو تہ جي تو هن ماڻهوءَ کي ڇڏيو آهي، تہ تون قيصر جو خيرخواهہ نہ آهين: جيڪو پاڻ کي بادشاهہ ٿو سڏائي سو قيصر جي برخلاف ٿو ڳالهائي.</verse>
				<verse number="13">پوءِ جڏهن پلاطس اهي حرف ٻُڌا، تڏهن يسوع کي ٻاهر وٺي آيو، ۽ اُهو هنڌ جنهن کي عبرانيءَ ۾ گبتا چبوترو ٿا چون، اُتي عدالت جي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو.</verse>
				<verse number="14">هاڻي اُهو فسح جي تياريءَ جو ڏينهن هو: ۽ اٽڪل ڇهون ڪلاڪ هو. ۽ هن يهودين کي چيو، تہ اِجهو اوهان جو بادشاهہ!</verse>
				<verse number="15">تنهن تي هنن رڙيون ڪري چيو تہ ڪڍينس! ڪڍينس! صليب تي چاڙهينس! پلاطس چين تہ اوهان جي بادشاهہ کي صليب تي چاڙهيان؟ سردار ڪاهنن جواب ڏنو تہ قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو بادشاهہ آهي ئي ڪونہ.</verse>
				<verse number="16">تنهن تي هن کيس صليب تي چاڙهڻ لاءِ سندس ٻانهن کڻي هنن جي حوالي ڪئي.</verse>
				<verse number="17">پوءِ هو يسوع کي وٺي هليا: ۽ هو پاڻ پنهنجو صليب کڻي اُنهي هنڌ آيو، جنهن کي عبرانيءَ ۾ گلگتا يعني کوپراٽيءَ واري جاءِ ڪوٺيندا آهن:</verse>
				<verse number="18">اُتي هن کي صليب تي چاڙهيائون، ۽ ساڻس گڏ ٻين ٻن ڄڻن کي بہ، هڪڙي کي هڪ پاسي، ۽ ٻئي کي ٻئي پاسي، ۽ وچ ۾ يسوع کي.</verse>
				<verse number="19">پلاطس هڪ سرنامو بہ لکي کڻي صليب تي هنيو. اُن تي هي حرف هئا، ”يسوع ناصري، يهودين جو بادشاهہ.“</verse>
				<verse number="20">پوءِ اُهو سرنامو گهڻن يهودين پڙهيو: ڇالاءِ تہ جنهن هنڌ يسوع کي صليب تي چاڙهيو هئائون، اُها جاءِ شهر جي ويجهو هئي: ۽ اُهي حرف عبرانيءَ ۽ لاطينيءَ ۽ يونانيءَ ۾ هئا.</verse>
				<verse number="21">تنهن تي يهودين جا سردار ڪاهن پلاطس کي چوڻ لڳا تہ ائين نہ لک تہ يهودين جو بادشاهہ، پر هيءُ تہ هن چيو آهي تہ آئون يهودين جو بادشاهہ آهيان.</verse>
				<verse number="22">پلاطس ورندي ڏني، تہ جيڪي لکيم سو لکيم.</verse>
				<verse number="23">پوءِ سپاهي جڏهن يسوع کي صليب تي چاڙهي چڪا، تڏهن سندس ڪپڙا کڻي چار حصا ڪيائون، هڪ هڪ لاءِ هڪ هڪ حصو؛ ۽ چوغو بہ کنيائون. هاڻي اُهو چوغو بنا ڳنڍ هو، يعني مٿان کان وٺي سڄو ئي اُڻيل هو،</verse>
				<verse number="24">تنهنڪري هنن پاڻ ۾ چيو تہ ڦاڙيونس نٿا، پر اچو تہ پُکا وجهون تہ ڪنهن جو ٿو ٿئي: سو انهي لاءِ تہ اُها پاڪ لکيت پوري ٿئي، جنهن ۾ چيل آهي، تہ ”اُنهن منهنجا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائي کنيا، ۽ منهنجي چوغي تي پُکا وڌائون.“ تنهنڪري ئي سپاهين ائين ڪيو.</verse>
				<verse number="25">هاڻي يسوع جي صليب وٽ سندس ماءُ، سندس ماسي، ڪلوپاس جي زال مريم، ۽ مريم مگدليني بيٺيون هيون.</verse>
				<verse number="26">پوءِ يسوع پنهنجي ماءُ، ۽ اُهو شاگرد جنهن تي سندس پيار هو، تن کي ڀر ۾ بيٺل ڏسي، پنهنجيءَ ماءُ کي چيو، تہ اي مائي، ڏس تنهنجو پٽ!</verse>
				<verse number="27">پوءِ وري اُنهي شاگرد کي چيائين، تہ ڏس تنهنجي ماءُ! ۽ اُنهيءَ گهڙيءَ کان وٺي اُهو شاگرد هن کي پنهنجي گهر وٺي ويو.</verse>
				<verse number="28">تنهن کانپوءِ يسوع جڏهن ڏٺو تہ هاڻي سڀ ڳالهيون اچي پوريون ٿيون آهن، تڏهن چيائين تہ مون کي اُڃ لڳي آهي، سو انهي لاءِ تہ پاڪ لکيت پوري ٿئي.</verse>
				<verse number="29">هاڻي اُتي هڪڙو ٿانءُ سرڪي سان ڀريو رکيو هو، پوءِ هنن اسفنج سرڪي سان ڀري زوفا جي ڪاٺيءَ تي رکي چوسڻ لاءِ ڏنس.</verse>
				<verse number="30">۽ يسوع جڏهن سرڪو وٺي رهيو تڏهن چيائين، تہ پورو ٿيو، ۽ ڪنڌ نِوڙائي جان ڏنائين.</verse>
				<verse number="31">اُهو تياريءَ جو ڏينهن هو، تنهنڪري يهودين پلاطس کي عرض ڪيو تہ هنن جون ڄنگهون ڀڃجن، ۽ کين کڻائي وڃجي، تہ لاش سبت جي ڏينهن صليب تي نہ رهن (ڇالاءِ تہ اُهو سبت جو ڏينهن هڪ خاص ڏينهن هو.)</verse>
				<verse number="32">تنهن تي سپاهي آيا ۽ اچي جيڪي هن سان گڏ صليب تي چاڙهيل هئا، تن مان پهريائين هڪڙي جون ڄنگهون ڀڳائون، پوءِ ٻئي جون.</verse>
				<verse number="33">پر جڏهن يسوع وٽ آيا، ۽ ڏٺائون تہ هن اڳيئي دم ڏنو آهي، تڏهن سندس ڄنگهون نہ ڀڳائون.</verse>
				<verse number="34">پر سپاهين مان هڪڙي وٺي ڀالو پاسريءَ ۾ هنيس، ۽ يڪدم رت ۽ پاڻي نڪري آيو.</verse>
				<verse number="35">۽ جنهن ڏٺو آهي، تنهن شاهدي ڀري آهي، ۽ سندس شاهدي سچي آهي: ۽ هن کي خبر آهي تہ هو سچ ٿو چوي، انهي لاءِ تہ اوهين پاڻ ايمان آڻيو.</verse>
				<verse number="36">ڇالاءِ جو هي ڳالهيون اِنهي لاءِ ٿيون، تہ اُها پاڪ لکيت پوري ٿئي، تہ ”سندس هڪڙو هڏو بہ ڪين ڀڄندو.“</verse>
				<verse number="37">۽ وري ٻيءَ لکيت ۾ آهي تہ ”جنهن کي چُڀائي هنيائون، تنهن ڏانهن نهاريندا.“</verse>
				<verse number="38">تنهن کانپوءِ ارمتياہ وارو يوسف، جو يسوع جو شاگرد هو، پر يهودين جي ڊپ کان لڪل هو، تنهن يسوع جو لاش کڻي وڃڻ لاءِ پلاطس کي عرض ڪيو، ۽ پلاطس موڪل ڏنيس. تڏهن هو آيو ۽ لاش کڻي ويو.</verse>
				<verse number="39">۽ نيڪديمس، جو پهريائين رات جو يسوع وٽ آيو هو، سو پڻ سوا مڻ کن مَر ۽ عود جو ملائي کڻي آيو.</verse>
				<verse number="40">پوءِ جيئن يهودين ۾ دفن ڪرڻ جو دستور آهي، تنهن موافق اُنهن بہ يسوع جو لاش کڻي سرهاڻين سان گڏ سنهن ڪپڙن ۾ ويڙهي ٻَڌو.</verse>
				<verse number="41">هاڻي جتي کيس صليب تي چاڙهيو هئائون، اُتي هڪڙو باغ هو؛ ۽ اُنهي باغ ۾ هڪڙي نئين قبر هئي، جنهن ۾ اڃا ڪنهن کي بہ نہ رکيو هئائون.</verse>
				<verse number="42">تنهن ڪري اُتي يهودين جي تياريءَ جي ڏينهن جي سبب يسوع کي کڻي رکيائون، (ڇالاءِ جو اُها قبر ويجهي هئي).</verse>
			</chapter>
			<chapter number="20">
				<verse number="1">هاڻي هفتي جي پهرئين ڏينهن اڃا اونداهي هئي، تہ ڍڪيءَ جو مريم مگدليني قبر تي آئي، ۽ ڏسي تہ قبر تان پهڻ هٽيو پيو آهي.</verse>
				<verse number="2">تنهن تي اُٿي ڊوڙي، ۽ شمعون پطرس ۽ اُنهي ٻئي شاگرد وٽ آئي، جنهن تي يسوع جو پيار هو، ۽ چيائين، تہ خداوند کي قبر مان کڻي ويا آهن، ۽ خبر ئي ڪانہ ٿي پوي تہ ڪٿي وڃي رکيو اٿنس.</verse>
				<verse number="3">تنهن تي پطرس ۽ اُهو ٻيو شاگرد اُٿي قبر ڏانهن روانا ٿيا.</verse>
				<verse number="4">۽ اُهي ٻئي گڏ ڊوڙڻ لڳا، ۽ اُهو ٻيو شاگرد پطرس کان اڳي تڪڙو نڪري ويو، ۽ قبر تي پهرين اچي پهتو؛</verse>
				<verse number="5">۽ نِوڙي اندر نهاريائين ۽ ڏسي تہ اُهي سنها ڪپڙا پيا آهن؛ تہ بہ اندر ڪين گهڙيو.</verse>
				<verse number="6">پوءِ شمعون پطرس جو هن جي پٺيان هو سو بہ آيو، ۽ گهڙي اندر قبر ۾ ويو، ۽ ڏٺائين تہ سنها ڪپڙا پيا آهن،</verse>
				<verse number="7">۽ اُهو رومال جو مٿي تي هوس، سو اُنهن سنهن ڪپڙن سان پيل ڪونهي، پر جدا هڪڙي هنڌ ويڙهيو رکيو آهي.</verse>
				<verse number="8">تنهن کانپوءِ اُهو ٻيو شاگرد بہ اندر گهڙي ويو، جو پهريائين قبر تي آيو هو، ۽ ڏٺائين ۽ ايمان آندائين.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ تہ اڃا تائين اها پاڪ لکيت تہ ”هو ضرور مُردن مان جي اُٿندو،“ سا ڪانہ سمجهي هئائون.</verse>
				<verse number="10">پوءِ شاگرد موٽي پنهنجي گهر هليا ويا.</verse>
				<verse number="11">پر مريم قبر تي ئي ٻاهر بيٺي رُنو: ۽ روئندي روئندي نِوڙي قبر ۾ نهاريائين</verse>
				<verse number="12">تہ ڏسي تہ جتي يسوع جو لاش پيل هو، اُتي ٻہ ملائڪ اڇن ڪپڙن سان ويٺا آهن، هڪڙو سيرانديءَ ۽ ٻيو پيرانديءَ.</verse>
				<verse number="13">تن کيس چيو تہ اي مائي، روئين ڇو ٿي؟ هن چين، ڇاڪاڻ تہ منهنجي خداوند کي کڻي هليا ويا آهن، ۽ خبر ئي ڪانهي تہ ڪٿي وڃي رکيو اٿنس.</verse>
				<verse number="14">ائين چئي اڃا پٺيان ڦري، تہ ڏسي تہ يسوع بيٺو آهي، پر سڃاتائين ڪين تہ ڪو يسوع آهي.</verse>
				<verse number="15">يسوع چيس، تہ اي مائي، روئين ڇو ٿي؟ ڪنهن کي ٿي ڳولين؟ هن ڀانئيو تہ باغ جو مالي آهي، تنهنڪري چيائينس، تہ سائين جيڪڏهن تون هتان کڻي ويو هجينس تہ ٻڌائينم تہ ڪٿي رکيو اٿئيس تہ آئون کڻي وڃانس.</verse>
				<verse number="16">يسوع چيس، مريم. هن ڦري عبرانيءَ ۾ چيس، ربوني؛ يعني اي اُستاد.</verse>
				<verse number="17">يسوع چيس تہ مون کي هٿ نہ لاءِ، ڇو جو آئون اڃا پيءُ وٽ چڙهي نہ ويو آهيان: پر منهنجن ڀائرن وٽ وڃ، ۽ چئينِ تہ آئون چڙهي وڃان ٿو پنهنجي پيءُ ۽ اوهان جي پيءُ وٽ، پنهنجي خدا ۽ اوهان جي خدا وٽ.</verse>
				<verse number="18">مريم مگدليني اچي شاگردن سان ڳالهہ ڪئي تہ مون خداوند کي ڏٺو آهي، ۽ مون سان هي هي ڳالهيون ڪيون اٿس.</verse>
				<verse number="19">پوءِ اُنهي ڏينهن، يعني هفتي جي پهرئين ڏينهن جڏهن سانجهي ٿي، ۽ اُها جاءِ جتي شاگرد هئا، تنهن جا دروازا يهودين جي خوف کان بند هئا، تڏهن يسوع اچي وچ ۾ بيٺو، ۽ چيائين تہ السلام عليڪم.</verse>
				<verse number="20">۽ ائين چئي هنن کي پنهنجا هٿ ۽ پنهنجي پاسري ڏيکاريائين. تنهن تي شاگرد خداوند کي ڏسي خوش ٿيا.</verse>
				<verse number="21">تڏهن يسوع وري چين تہ السلام عليڪم: جيئن پيءُ مون کي موڪليو آهي، تيئن آئون بہ اوهان کي ٿو موڪليان.</verse>
				<verse number="22">۽ ائين چئي مٿن ڦوڪيائين، ۽ چيائين تہ اوهين پاڪ روح وٺو:</verse>
				<verse number="23">جن جا گناهہ اوهين معاف ڪندا تن کي معاف ٿيا، ۽ جن جا اوهين قائم رکندا تن جا قائم رهيا.</verse>
				<verse number="24">پر توما، اُنهن ٻارهن مان هڪڙو، جنهن کي جاڙو ڪري سڏيندا هئا، سو يسوع جي اچڻ مهل ساڻن ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="25">تڏهن ٻيا شاگرد چوڻ لڳس تہ اسان خداوند کي ڏٺو آهي. پر هن چين تہ جيسين آئون سندس هٿن ۾ ڪلين جا نشان نہ ڏسان، ۽ ڪلين جي نشانن ۾ پنهنجي آڱر نہ وجهان، ۽ سندس پاسريءَ ۾ هٿ نہ وجهان، تيسين آئون اصل ڪين مڃيندس.</verse>
				<verse number="26">۽ اٺن ڏينهن کانپوءِ شاگرد وري اندر ويٺا هئا، ۽ توما بہ ساڻن هو ۽ دروازا بند هئا، تہ يسوع اچي وچ ۾ بيٺو، ۽ چيائين تہ السلام عليڪم.</verse>
				<verse number="27">تڏهن توما کي چيائين تہ پنهنجي آڱر هيڏانهن ڪري منهنجا هٿ ڏس، ۽ پنهنجو هٿ هيڏانهن ڪري منهنجيءَ پاسريءَ ۾ وجهہ، ۽ بي ايمان نہ ٿيءُ، پر ايمان آڻ.</verse>
				<verse number="28">توما جواب ڏيئي چيس، تہ اي منهنجا خداوند، اي منهنجا خدا!</verse>
				<verse number="29">يسوع چيس تہ تو مون کي ڏٺو آهي، تنهنڪري ايمان آندو اٿيئي: پر مبارڪ آهن اُهي، جن بنا ڏٺي ايمان آندو آهي.</verse>
				<verse number="30">۽ ٻيا بہ گهڻيئي معجزا يسوع شاگردن جي روبرو ڪيا، جي هن ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن:</verse>
				<verse number="31">پر هي اِنهي لاءِ لکيل آهي تہ اوهان کي ايمان اچي تہ يسوع خدا جو مسيح، ۽ ابن خدا آهي؛ ۽ ايمان آڻي سندس نالي جي ڪري زندگي حاصل ڪريو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="21">
				<verse number="1">هنن ڳالهين کانپوءِ يسوع وري شاگردن کي تبرياس سمنڊ جي ڪناري تي پاڻ ڏيکاريو؛ ۽ ڏيکاري هن طرح ڏنائين.</verse>
				<verse number="2">شمعون پطرس ۽ توما، جنهن کي جاڙو چوندا هئا، ۽ نتن ايل گليل جي قانا شهر وارو، ۽ زبديءَ جا پٽ، ۽ ٻيا بہ سندس شاگرد پاڻ ۾ ويٺا هئا.</verse>
				<verse number="3">شمعون پطرس هنن کي چيو تہ آئون وڃان ٿو مڇي مارڻ. انهن چيس تہ اسين بہ توسان ٿا هلون. پوءِ اُهي وڃي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا؛ ۽ اُنهيءَ رات ڪي بہ ڪين ملين.</verse>
				<verse number="4">پر اڃا پرهہ ڦٽي، تہ يسوع ڪناري تي اچي بيٺو، پر شاگردن نہ سڃاتو تہ هيءُ ڪو يسوع آهي.</verse>
				<verse number="5">تڏهن يسوع چين تہ اي ٻارو، اوهان وٽ ڪي کائڻ لاءِ آهي؟ هنن جواب ڏنس تہ نہ.</verse>
				<verse number="6">تڏهن چيائين تہ ٻيڙيءَ جي ساڄي پاسي ڄار وجهو تہ اوهان کي ملندو. تڏهن هنن ڄار وڌو، ۽ ايتريون مڇيون اچي ڦاٿيون جو هو ڇڪي ئي نہ سگهيا.</verse>
				<verse number="7">پوءِ اُهو شاگرد، جنهن تي يسوع جو پيار هو، تنهن پطرس کي چيو، تہ خداوند اٿيئي. جڏهن شمعون پطرس ٻُڌو تہ خداوند آهي، تڏهن ڪپڙو چيلهہ سان ٻَڌائين (ڇالاءِ تہ اُگهاڙو هو،) ۽ پوءِ سمنڊ ۾ ٽپي پيو.</verse>
				<verse number="8">پر ٻيا شاگرد مڇئي ۾ مڇين جو ڄار ڇڪيندا آيا (ڇالاءِ جو سُڪيءَ کان پري ڪين هئا، پر وچ ۾ اٽڪل ٻن سون وکن جو ويڇو هو).</verse>
				<verse number="9">پوءِ جڏهن سُڪيءَ تي آيا، تڏهن ٽانڊن جي باهہ تي مڇي پيل ڏٺائون، ۽ ماني بہ رکي هئي.</verse>
				<verse number="10">يسوع چين تہ مڇيون جيڪي ماريون اٿوَ، تن مان ٿوريون کڻي اچو.</verse>
				<verse number="11">تنهن تي شمعون پطرس ويو، ۽ هڪ سؤ ٽيونجاهہ وڏين مڇين سان ڀريل ڄار سُڪيءَ تي گهلي آيو. ۽ جيتوڻيڪ هيتريون مڇيون هيون تہ بہ ڄار نہ ڦاٽو.</verse>
				<verse number="12">يسوع چين تہ اچي نيرن ڪريو، ۽ ڪنهن کي بہ جرئت نہ ٿي جو کڻي پڇيس تہ تون ڪير آهين؟ ڇالاءِ جو خبر هُين تہ خداوند آهي.</verse>
				<verse number="13">يسوع اچي ماني کڻي کين ڏني، ۽ مڇي بہ ڏنائين.</verse>
				<verse number="14">هاڻي اُهو ٽيون گهُمرو هو، جو پنهنجي جي اُٿڻ کانپوءِ يسوع شاگردن کي ڏيکاري ڏني.</verse>
				<verse number="15">پوءِ جڏهن ناشتو ڪري چڪا، تہ يسوع شمعون پطرس کي چيو تہ شمعون بن يوحنا، تون مون کي هنن کان وڌيڪ پيار ٿو ڪرين؟ هن چيو تہ هائو، اي خداوند، تون ڄاڻين ٿو تہ آئون توکي چاهيان ٿو. هن چيس تہ منهنجن گهيٽن کي چارج.</verse>
				<verse number="16">تڏهن وري ٻيو گهُمرو چيائينس، تہ شمعون بن يوحنا، تون مون کي پيار ڪرين ٿو؟ هن چيو تہ هائو، اي خداوند، تون ڄاڻين ٿو تہ آئون توکي چاهيان ٿو. تڏهن هن چيس تہ منهنجيون رڍون سنڀالج.</verse>
				<verse number="17">وري ٽيون گهُمرو چيائينس تہ شمعون بن يوحنا، تون مون کي چاهين ٿو؟ پطرس کي رنج ٿيو جو هن ٽيون گهُمرو چيس تہ تون مون کي چاهين ٿو؟ هن چيس تہ اي خداوند، توکي سڀني ڳالهين جي خبر آهي، تون ڄاڻين ٿو تہ آئون توکي چاهيان ٿو. يسوع چيس تہ منهنجين رڍن کي چارج.</verse>
				<verse number="18">آئون توکي سچ سچ ٿو چوان تہ جڏهن تون جوان هُئين، تڏهن تون پنهنجو سندرو پاڻ هي ٻَڌندو هُئين، ۽ جيڏانهن توکي وڻندو هو اوڏانهن گهُمندو ڦرندو هُئين: پر جڏهن پوڙهو ٿيندين، تڏهن پنهنجا هٿ ڊگهيريندين، ۽ ٻيو توکي چيلهہ سان ٻَڌي اوڏانهن وٺي ويندو، جيڏانهن تنهنجي دل نہ چوندي.</verse>
				<verse number="19">هاڻي انهي چوڻ جي مراد اِها هيس، تہ ڏيکاريان تہ هو ڪهڙيءَ طرح دنيا مان لاڏاڻو ڪري خدا جو جلال ظاهر ڪندو. ۽ جڏهن هيءَ ڳالهہ ڪري چڪو، تنهن کانپوءِ چيائينس، تہ منهنجي پٺيان اچ.</verse>
				<verse number="20">پطرس پٺيان ڦري نهاريو ۽ ڏٺائين تہ اُهو شاگرد جنهن تي يسوع جو پيار هو، سو پٺيان پيو اچي؛ جنهن رات جي مانيءَ مهل بہ سندس سيني تي ٽيڪ ڏيئي چيو هوس تہ خداوند توکي ڪير جهلائيندو؟</verse>
				<verse number="21">پوءِ پطرس جڏهن هن کي ڏٺو، تڏهن يسوع کي چيائين تہ اي خداوند، هن جو ڪهڙو حال ٿيندو؟</verse>
				<verse number="22">يسوع چيس، تہ جيڪڏهن منهنجي مرضي هجي تہ جيستائين آئون اچان تيستائين هو رهي، تہ اُنهيءَ ۾ تنهنجو ڇا؟ تون منهنجي پٺيان اچ.</verse>
				<verse number="23">تنهن تي اُها ڳالهہ ڀائرن ۾ هُلي ويئي، تہ اُهو شاگرد مرندو ئي ڪين: جيتوڻيڪ يسوع ڪو هن کي ائين ڪين چيو تہ تون مرندين ئي ڪين، پر هيئن چيائين، تہ جيڪڏهن منهنجي مرضي هجي تہ جيستائين آئون اچان تيستائين هو رهي، تہ انهيءَ ۾ تنهنجو ڇا؟</verse>
				<verse number="24">هيءُ اُهو شاگرد آهي جو اُنهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڀري، ۽ اهي ڳالهيون لکيون اٿس: ۽ اسان کي خبر آهي تہ سندس شاهدي سچي آهي.</verse>
				<verse number="25">۽ ٻيون بہ گهڻيئي ڳالهيون آهن جي يسوع ڪيون، اُهي جي هڪڙي هڪڙي ڪري ويهي لکجن تہ آئون ڀانيان ٿو تہ ايترا ڪتاب لکجي وڃن جو هوند دنيا ۾ نہ مائجن.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="44">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">جنهن ڏينهن يسوع پنهنجي چونڊيلن رسولن کي پاڪ روح جي معرفت حڪم ڏيئي مٿي کڄي ويو،</verse>
				<verse number="2">تنهن ڏينهن تائين، اي ٿيوفلس، جيڪي ڪي هو ڪندو رهيو، توڙي سيکاريندو رهيو، سو سڀ ڪجهہ مون پنهنجي اڳوڻي ڪتاب ۾ قلمبند ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="3">۽ هن کين پنهنجي ڏک سهڻ کان پوءِ ڪيترين ئي ثابتين سان پاڻ کي جيئرو ڏيکاريو، جيئن تہ چاليهن ڏينهن تائين هنن کي پاڻ ڏيکاريندو رهيو، ۽ خدا جي بادشاهت جون ڳالهيون ڪندو رهيو:</verse>
				<verse number="4">۽ ساڻن گڏجي کين تاڪيد ڪيائين تہ يروشلم کان ٻاهر نہ وڃجو پر ابي جو واعدو، جيڪو اوهان مون کان ٻُڌو، تنهن جو انتظار ڪجو:</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو يوحنا تہ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني؛ پر اوهان کي ٿورن ئي ڏينهن کانپوءِ پاڪ روح سان بپتسما ملندي.</verse>
				<verse number="6">سو جڏهن هو اچي گڏ ٿيا، تڏهن کانئس پڇيائون، تہ اي خداوند، تون هينئر ئي اسرائيل جي بادشاهت کي وري قائم ڪندين ڇا؟</verse>
				<verse number="7">تڏهن چيائين تہ وقت ۽ معيادون، جي ابي پنهنجي وس رکيون آهن، تن کي ڄاڻڻ اوهان جو ڪم ناهي.</verse>
				<verse number="8">پر جڏهن پاڪ روح اوهان تي نازل ٿيندو، تڏهن اوهان کي طاقت ملندي: ۽ اوهين يروشلم ۾ توڙي سڄي يهوديہ ۽ سامريہ، بلڪ زمين جي حدن تائين منهنجا شاهد ٿيندا.</verse>
				<verse number="9">۽ اڃا ايترو چيائين، ۽ هنن بيٺي نهاريو، تہ هو مٿي کڄي ويو؛ ۽ هڪڙي ڪڪر جي ڪري سندن نظر کان غائب ٿي ويو.</verse>
				<verse number="10">۽ جيئن هو کڄي ويو ۽ هنن چتائي آسمان ڏانهن پئي نهاريو، تيئن اوچتو ئي ٻہ ماڻهو اڇن وڳن ۾، سندن پاسي ۾ اچي بيهي رهيا؛</verse>
				<verse number="11">۽ چيائون تہ اي گليليو، اوهين آسمان ڏانهن ڇو بيٺا نهاريو؟ اِهو يسوع، جو اوهان وٽان آسمان ۾ چاڙهيو ويو آهي، سو جيئن اوهان هن کي آسمان ڏانهن ويندو ڏٺو، تيئن وري بہ اوهان وٽ ايندو.</verse>
				<verse number="12">تڏهن هو زيتون نالي ٽڪر، جو يروشلم جي ويجهو آهي ۽ هڪ سبت جي ڏينهن جيترو پنڌ آهي، تنهن تان موٽي يروشلم ۾ آيا.</verse>
				<verse number="13">۽ جڏهن اتي پهتا، تڏهن اُنهيءَ ماڙيءَ تي چڙهي ويا، جتي پطرس، ۽ يوحنا، ۽ يعقوب، ۽ اندرياس، ۽ فلپس، ۽ توما، ۽ برتلمئي، ۽ متي، ۽ حلفي جو پٽ يعقوب، ۽ شمعون زلوتيس، ۽ يعقوب جو پٽ يهودا، اهي سڀيئي رهندا هئا.</verse>
				<verse number="14">اِهي مڙيئي، ۽ جيڪي زالون اُتي هيون، ۽ يسوع جي ماءُ مريم، ۽ سندس ڀائر، هڪ دل ٿي عبادت ڪرڻ ۽ دعا گهُرڻ ۾ مشغول رهندا هئا.</verse>
				<verse number="15">۽ اُنهن ڏينهن ۾ جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ ڄڻا اُتي اچي گڏ ٿيا هئا، تڏهن پطرس سڀني ڀائرن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو، ۽ چوڻ لڳو تہ اي ڀائرو،</verse>
				<verse number="16">پاڪ لکيت جو بيان پورو ٿيڻو هو، جو پاڪ روح اڳيئي دائود جي واتان، يهوداهہ جي بابت چيو هو جو يسوع جي جهلڻ وارن جو سونهون ٿيو:</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو هو اسان مان ئي هڪڙو ليکبو هو، ۽ هن خدمت جي ڪم ۾ حصو هوس.</verse>
				<verse number="18">(هاڻي اِنهي ماڻهوءَ، پنهنجي گناهہ جي اُجوري مان وڃي هڪڙي ٻني خريد ڪئي؛ ۽ اونڌو ٿي ڪِري پيو، ۽ پيٽ ڦاٽي پيس ۽ سڀ آنڊا نڪري آيس،</verse>
				<verse number="19">۽ هن ڳالهہ جي يروشلم جي سڀني رهاڪن کي خبر آهي. ايتري قدر جو انهيءَ ٻنيءَ جو نالو سندن ٻوليءَ ۾ اڪيلداما پئجي ويو، يعني خون جي ٻني.)</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ جو زبور جي ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ ”سندس رهڻ جي جاءِ ويران ٿي پوي ۽ اتي ڪوبہ ڪونہ رهي: ۽ سندس عهدو ٻئي ڪنهن کي ملي.“</verse>
				<verse number="21">تنهنڪري جيڪو وقت خداوند يسوع اسان وٽ ايندو ويندو هو، تنهن وقت ۾ جيڪي ماڻهو اسان سان گڏ گذاريندا هئا،</verse>
				<verse number="22">يعني يوحنا جي بپتسما کان وٺي، انهي ڏينهن تائين جڏهن ڪ هو اسان وٽان مٿي چڙهي ويو، تن مان هڪڙو ضرور يسوع جي وري جي اُٿڻ جو شاهد رهي.</verse>
				<verse number="23">۽ هنن ٻن ڄڻن کي کڙو ڪيو، هڪڙو يوسف، جنهن کي برسبا سڏيندا هئا، جنهن جو لقب يوسطس هو؛ ۽ ٻيو متياهہ.</verse>
				<verse number="24">پوءِ هنن دعا گهُري چيو، تہ اي خداوند، تون جو دلين جو ڄاڻڻ وارو آهين، سو تون ٻُڌاءِ تہ هنن ٻن مان تو ڪنهن کي چونڊيو آهي،</verse>
				<verse number="25">انهيءَ لاءِ تہ اهو هن خدمت ۽ رسالت ۾ اُها جاءِ وٺي، جنهن تان يهوداهہ خارج ٿيو، ۽ پنهنجي جاءِ ڏانهن هليو ويو.</verse>
				<verse number="26">پوءِ انهن جي لاءِ پُکا وڌائون؛ ۽ پُکو متياهہ جي نالي نڪتو؛ تڏهن اهو انهن يارهن رسولن ۾ شامل ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">هاڻي جڏهن پنتيڪوست (يا پنجاهون) ڏينهن آيو، تڏهن سڀ هڪڙي هنڌ اچي گڏ ٿيا.</verse>
				<verse number="2">۽ اوچتو ئي آسمان مان هڪڙو آواز آيو، جو سخت طوفان جي گهوگهٽ جهڙو هو، ۽ جنهن جاءِ ۾ هو ويٺا هئا، سا سڄي انهي سان ڀرجي ويئي.</verse>
				<verse number="3">۽ هنن کي باهہ جهڙيون ڄڀون ڌار ڌار ٿينديون ڏسڻ ۾ آيون؛ ۽ انهن مان هرهڪ تي هڪڙي ڄڀ اچي ويٺي.</verse>
				<verse number="4">۽ اهي سڀ پاڪ روح سان ڀرجي ويا، ۽ ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا، جيئن ڪ روح سندن هدايت ڪئي.</verse>
				<verse number="5">هاڻي ساري زمين تي جيڪي قومون آهن، تن مان ديندار يهودي يروشلم ۾ رهندا هئا.</verse>
				<verse number="6">سو جڏهن اهو گوڙ ٻُڌڻ ۾ آيو، تڏهن خلق اچي گڏ ٿي ۽ حيران ٿي ويئي، ڇالاءِ جو سڀني ماڻهن هنن کي پنهنجي پنهنجي ٻولي ڳالهائيندو ٻُڌو.</verse>
				<verse number="7">۽ سڀيئي حيرت ۾ پئي تعجب ڪرڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا تہ ڏسو، هي جيڪي ڳالهائين ٿا سي گليلي نہ آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="8">پوءِ ڪيئن اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي مادري زبان ٿو ٻُڌي؟</verse>
				<verse number="9">جيتوڻيڪ اسين پارٿي، ۽ ميدي ۽ عيلامي ۽ ميسپتاميا ۽ يهوديہ ۽ ڪپدڪيا ۽ پنطس ۽ آسيا</verse>
				<verse number="10">۽ فروگيا ۽ پمفوليہ ۽ مصر ۽ لبيا جي علائقي جا رهندڙ آهيون جو ڪرينيءَ جي طرف آهي، ۽ رومي مسافر خواہ يهودي خواہ سندن نومريد، ۽ ڪريتي ۽ عرب آهيون؛</verse>
				<verse number="11">اسين انهن کي پنهنجين ٻولين ۾ خدا جي وڏن وڏن ڪمن جو بيان ڪندو ٿا ٻُڌون.</verse>
				<verse number="12">۽ هو سڀ عجب ۾ پئجي، هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا، تہ هن جي معنيٰ ڇا آهي؟</verse>
				<verse number="13">پر ٻين وري ٺٺولي ڪري چيو تہ هي تازي شراب جي نشي ۾ آهن.</verse>
				<verse number="14">پر پطرس انهن يارهن سان گڏ بيهي، وڏي سڏ ڳالهائي چوڻ لڳو، تہ اي يهودي ۽ ٻيا اوهين سڀ جي يروشلم جا رهاڪو آهيو، جيڪي آئون چوان ٿو سو ڪَن ڏيئي ٻُڌو؛</verse>
				<verse number="15">تہ جيئن اوهين ڀانئيو ٿا تيئن هي نشئي نہ آهن؛ جو اڃا ڏينهن جو پهريون پهر مس ٿيو آهي؛</verse>
				<verse number="16">پر هيءَ اها ڳالهہ آهي، جا يوئيل نبي اڳيئي چئي ويو آهي؛</verse>
				<verse number="17">تہ ”خدا ٿو فرمائي تہ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو، جو آئون پنهنجو روح انسان ذات تي نازل ڪندس، ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئون نبوت ڪنديون، ۽ اوهان جا جوان رويا ڏسندا، ۽ اوهان جا پير مرد خواب ڏسندا:</verse>
				<verse number="18">بلڪ اُنهن ڏينهن ۾ آئون پنهنجن ٻانهن ۽ پنهنجين ٻانهين تي پنهنجو روح نازل ڪندس، ۽ اُهي بہ نبوت ڪندا.</verse>
				<verse number="19">۽ آئون مٿي آسمان ۾ عجائب غرائب، ۽ هيٺ زمين تي نشان ڏيکاريندس، جيئن تہ رت، باهہ ۽ دونهين جو غبار:</verse>
				<verse number="20">۽ خداوند جو ڏينهن يعني اُهو عظيم ۽ مشهور ڏينهن اچي، تنهن کان اڳيئي سج اونداهو ٿيندو، ۽ چنڊ رت ٿي پوندو.</verse>
				<verse number="21">۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو خدا جو نالو وٺندو، تنهن کي نجات ملندي.“</verse>
				<verse number="22">اي اسرائيليو، هي ڳالهيون ٻُڌو؛ يسوع ناصري هڪڙو شخص هو، ۽ جيڪي ڪرامتون ۽ نشانيون خدا سندس هٿان ڪيون، جن جي خود اوهان کي خبر آهي، تن مان ثابت ٿيو تہ هو خدا وٽان آيو آهي.</verse>
				<verse number="23">۽ جڏهن هو خدا جي مقرر انتظام ۽ پيش بينيءَ جي ڪري جهلايو ويو، تڏهن هن کي اوهان بي دين ماڻهن جي هٿان صليب تي چاڙهي مارايو:</verse>
				<verse number="24">پر اُنهيءَ کي خدا موت جي عذابن کان ڇڏائي اُٿاريو: ڇو جو ٿيڻي نہ هئي تہ هو موت جي قبضي ۾ رهي.</verse>
				<verse number="25">هن ڪري جو دائود هن بابت چيو آهي تہ ”آئون خداوند کي هميشہ پنهنجي روبرو پيو ڏسندو هوس؛ ڇالاءِ جو هو منهنجي ساڄي پاسي آهي، تہ متان مون کي لوڏو اچي:</verse>
				<verse number="26">تنهنڪري منهنجي دل سرهي ۽ منهنجي زبان خوش ٿي؛ بلڪ منهنجو جسم بہ اُميد ۾ رهندو:</verse>
				<verse number="27">ڇالاءِ جو تون منهنجي جان کي عالم ارواح ۾ ڇڏي نہ ڏيندين، نڪي پنهنجي مقدس کي سڙڻ ڏيندين.</verse>
				<verse number="28">تو مون کي زندگيءَ جون واٽون ڏيکاريون؛ تون مون کي پنهنجو ديدار ڏيکاري خوشيءَ سان مسرور ڪندين.“</verse>
				<verse number="29">اي ڀائرو، آئون اوهان کي کُليو کُلايو بابي دائود بابت ٻُڌائي ٿو سگهان تہ هو برابر مري ويو ۽ دفن بہ ٿيو، ۽ سندس قبر اڄ تائين موجود آهي.</verse>
				<verse number="30">هو نبي هو، ۽ خبر هيس تہ خدا مون سان انهيءَ ڳالهہ جو قسم کڻي چيو آهي تہ آئون تنهنجي نسل مان هڪڙي کي تنهنجي تخت تي ويهاريندس؛</verse>
				<verse number="31">سو اها پيش بيني ڪري هن مسيح جي وري جي اُٿڻ جي ڳالهہ ڪئي، تہ نڪي هو عالم ارواح ۾ ڇڏيو ويندو، نڪي سندس جسم سڙي ويندو.</verse>
				<verse number="32">اُنهي يسوع کي خدا جياريو، جنهن جا اسين سڀ شاهد آهيون.</verse>
				<verse number="33">هن کي خدا پنهنجي ساڄي هٿ تي سرفراز ڪيو، ۽ جيئن پيءُ اڳيئي واعدو ڪيو هوس، تيئن کيس پاڪ روح مليو، جو هن نازل ڪيو آهي، تنهنڪري هي اوهين ڏسو ۽ ٻُڌو ٿا.</verse>
				<verse number="34">ڇالاءِ جو دائود آسمان تي چڙهي ڪين ويو، پر هو پاڻ چوي ٿو تہ ”خداوند منهنجي خداوند کي چيو تہ تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ،</verse>
				<verse number="35">جيسين ڪ آئون تنهنجن دشمنن کي تنهنجي پيرن جي صندلي ڪريان.“</verse>
				<verse number="36">تنهنڪري اسرائيل جو سارو گهراڻو اهو يقين ڪري، تہ خدا انهي يسوع کي، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهيو، خداوند ۽ مسيح بہ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="37">هاڻي جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن اها سندن دلين ۾ چُڀي ويئي، ۽ پطرس ۽ ٻين رسولن کي چوڻ لڳا تہ اي ڀائرو، هاڻ اسين ڇا ڪريون؟</verse>
				<verse number="38">تڏهن پطرس چين تہ اوهين توبهہ ڪريو ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجن گناهن جي معافيءَ لاءِ يسوع مسيح جي نالي بپتسما وٺي، تہ پوءِ اوهان کي پاڪ روح جي بخشش ملندي.</verse>
				<verse number="39">ڇو جو اهو واعدو اوهان جي لاءِ ۽ اوهان جي ٻارن جي لاءِ، ۽ انهن سڀني جي لاءِ بہ آهي جي پري آهن، جن کي خداوند اسان جو خدا پاڻ ڏانهن سڏيندو.</verse>
				<verse number="40">۽ ٻيون بہ گهڻيون ڳالهيون ڪري، هنن جي دل تي ڄمائي کين سمجهايائين، تہ اوهين پاڻ کي هن ڏنگيءَ قوم کان بچايو.</verse>
				<verse number="41">تنهن تي جن هن جي ڳالهہ مڃي، تن کي بپتسما ملي: ۽ انهي ڏينهن اٽڪل ٽي هزار ماڻهو اچي ساڻن شامل ٿيا.</verse>
				<verse number="42">۽ اهي رسولن جي تعليم ۽ شراڪت ۾، ۽ ماني ڀڃڻ ۽ دعا گهُرڻ ۾ مشغول رهندا هئا.</verse>
				<verse number="43">پوءِ هر ڪنهن کي ڊپ ٿيڻ لڳو: ۽ رسول گهڻائي عجب جهڙا ڪم ۽ معجزا ڪندا هئا.</verse>
				<verse number="44">۽ جن ايمان آندو، سي سڀ گڏ گذاريندا هئا، ۽ سڀني شين ۾ شريڪ ٿي رهندا هئا؛</verse>
				<verse number="45">۽ هو پنهنجو مال ملڪيت وڪڻي جيڪي ملندو هون، سو پاڻ ۾ هر ڪنهن کي سندس گهُرج آهر ورهائي ڏيندا هئا.</verse>
				<verse number="46">۽ روزبروز هڪ دل ٿي هيڪل ۾ گڏ ٿيندا هئا، ۽ پنهنجن گهرن ۾ ماني ڀڃي خوشيءَ ۽ دل جي صفائيءَ سان کائيندا هئا،</verse>
				<verse number="47">۽ خدا جي تعريف ڪندا هئا؛ ۽ سڀني ماڻهن وٽ عزت هُين، ۽ جن کي نجات ٿي ملي، تن کي خداوند روزبروز آڻي ساڻن شامل ڪندو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">هاڻي پطرس ۽ يوحنا گڏجي ٽئين پهر جي نماز جي مهل هيڪل ڏانهن پئي ويا.</verse>
				<verse number="2">۽ هڪڙو ماڻهو جو ڄائي ڄم کان منڊو هو، تنهن کي ڏهاڙي هيڪل جي اندر در وٽ، جو سهڻو ڪري سڏبو هو، آڻي رکندا هئا؛ انهي لاءِ تہ جيڪي هيڪل ۾ اچن، تن کان خيرات گهُري.</verse>
				<verse number="3">تنهن پطرس ۽ يوحنا کي هيڪل ۾ گهڙندو ڏسي کانئن خيرات گهُري.</verse>
				<verse number="4">۽ پطرس توڙي يوحنا اکيون کُپائي چيس، تہ اسان ڏانهن نهار.</verse>
				<verse number="5">سو هن ڏانهن نهاريو، انهيءَ اُميد تي تہ هو مون کي ڪي ڏيندا.</verse>
				<verse number="6">پر پطرس چيس تہ رپو ۽ سون تہ مون وٽ ڪونهي؛ پر جيڪي اٿم سو توکي ڏيان ٿو. يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي اُٿي گهُم ڦر.</verse>
				<verse number="7">۽ کيس ساڄي هٿ کان وٺي اُٿاريائين، تہ اتي جو اتي سندس پيرن ۽ مُرين ۾ طاقت اچي ويئي.</verse>
				<verse number="8">پوءِ هو ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺو ۽ هلڻ لڳو، ۽ ساڻن گڏ هلندو، ۽ ٽپندو، ۽ خدا جي تعريف ڪندو هيڪل ۾ ويو.</verse>
				<verse number="9">۽ سڀني ماڻهن هن کي پنڌ ڪندو ۽ خدا جي تعريف ڪندو ڏٺو:</verse>
				<verse number="10">۽ سڃاتائونس تہ هي اُهو ئي آهي جو هيڪل جي سهڻي در وٽ ويهي پنندو هو: ۽ جيڪي مٿس ٿي گذريو هو، تنهن تي ڏاڍو عجب لڳن ۽ حيران ٿي ويا.</verse>
				<verse number="11">۽ اڃا هو پطرس ۽ يوحنا کي جهليو بيٺو هو، تہ سڀيئي ماڻهو ڏاڍي عجب ۾ پئجي انهي ورانڊي ۾ اچي گڏ ٿيا، جنهن کي سليماني ڪري سڏيندا آهن.</verse>
				<verse number="12">جڏهن پطرس اهو حال ڏٺو، تڏهن ماڻهن کي ورندي ڏيئي چيائين، تہ اي اسرائيليو، هن ماڻهوءَ تي عجب ڇو ٿو لڳيوَ؟ يا اسان ۾ اکيون پائي ڇو بيٺا آهيو، ڄڻ تہ اسان پنهنجيءَ قدرت ۽ دينداريءَ ڪري هن کي هلڻ جي طاقت ڏني آهي؟</verse>
				<verse number="13">ابراهيم، ۽ اسحاق ۽ يعقوب جي خدا، اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا، پنهنجي بندي يسوع کي جلال بخشيو، جنهن کي اوهان جهلايو، ۽ جڏهن پلاطس هن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن سندس اڳيان انڪاري ٿيا.</verse>
				<verse number="14">۽ اوهان انهي پاڪ ۽ راستباز جو انڪار ڪري، هڪڙي خونيءَ جي لاءِ عرض ڪيو تہ اسان لاءِ ڇڏيو وڃي،</verse>
				<verse number="15">۽ زندگيءَ جي مالڪ کي ماريوَ، جنهن کي خدا مُئلن مان جياريو. ۽ انهيءَ ڳالهہ جا اسين شاهد آهيون.</verse>
				<verse number="16">سو انهي نالي ڪري ۽ انهي جي نالي تي ايمان رکڻ جي ڪري، هي ماڻهو جنهن کي اوهين ڏسو ۽ سڃاڻو ٿا، سَگهو ٿيو آهي: هائو، سندس ايمان جو هن تي آهي، تنهن جي ئي ڪري اوهان سڀني جي اڳيان هو بلڪل چڱو ڀلو ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="17">۽ هاڻي اي ڀائرو، آئون سمجهان ٿو تہ اوهان جو هي ڪيو، سو اڻ ڄاڻائيءَ جي ڪري؛ ۽ اوهان جي حاڪمن بہ ائين ئي ڪيو.</verse>
				<verse number="18">پر جي ڳالهيون خدا پنهنجن سڀني نبين جي واتان اڳيئي ڏيکاريون هيون، تہ سندس مسيح ڏک سهندو، سي انهيءَ طرح پوريون ڪيائين.</verse>
				<verse number="19">تنهنڪري اوهين توبهہ ڪريو، ۽ ڦري اچو، تہ اوهان جا گناهہ ميٽجي وڃن، ۽ انهي طرح خداوند جي حضور مان تازگيءَ جا ڏينهن اچن؛</verse>
				<verse number="20">تہ هو، مسيح يعني يسوع کي موڪلي، جو اوهان جي لاءِ مقرر ٿيل آهي.</verse>
				<verse number="21">هو تيستائين ضرور آسمان ۾ رهندو، جيستائين ڪ سڀني ڳالهين جي بحال ٿيڻ جا ڏينهن اچن، جن بابت خدا پنهنجي پاڪ نبين جي واتان دنيا جي شروع کان وٺي چيو هو.</verse>
				<verse number="22">جيئن موسيٰ چيو تہ ”خداوند خدا اوهان لاءِ اوهان جي ڀائرن مان مون جهڙو هڪڙو نبي کڙو ڪندو؛ اهو جيڪي بہ ڳالهيون اوهان کي ٻُڌائي، سي سڀ ٻُڌجو.</verse>
				<verse number="23">۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو بہ ماڻهو انهيءَ نبيءَ جي ڳالهہ نہ ٻُڌندو، سو اُمت مان بلڪل برباد ٿي ويندو.“</verse>
				<verse number="24">هائو، ۽ سڀ نبي، سموئيل کان وٺي جيڪي بہ کانئس پوءِ ٿيا، تن مان جن جن نبوت ڪئي، تن سڀني بہ هنن ڏينهن جو ذڪر ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="25">اوهين نبين جو اولاد آهيو، ۽ انهي عهد جا شريڪ آهيو، جو خدا اوهان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو، جڏهن ڪ ابراهيم کي چيائين تہ ”تنهنجي نسل جي ڪري زمين جي سڀني قبيلن کي برڪت ملندي.“</verse>
				<verse number="26">سو پهريائين خدا پنهنجو بندو کڙو ڪري اوهان ڏانهن موڪليو، تہ اوهان مان هر ڪنهن کي سندس براين کان ڦيري برڪت ڏئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">اڃا هنن ماڻهن سان بيٺي ڳالهايو تہ ڪاهن ۽ هيڪل جو صوبيدار ۽ صدوقي مٿن ڪاهي آيا،</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو هنن ماڻهن کي تعليم پئي ڏني ۽ يسوع جو مثال ڏيئي وعظ پئي ڪيائون، تہ مُئلن جي قيامت ٿيندي؛ تنهنڪري هو ڏاڍا رنج ٿيا.</verse>
				<verse number="3">۽ کين پڪڙي کڻي قيدخاني ۾ وڌائون، جتي ٻئي ڏينهن جي صبح تائين پيا هئا: جو اوڏيءَ مهل سانجهي ٿي ويئي هئي.</verse>
				<verse number="4">پر منجهانئن گهڻا، جن اهو ڪلام ٻُڌو، تن ايمان آندو، ۽ ماڻهن جو تعداد اٽڪل پنج هزار اچي ٿيو.</verse>
				<verse number="5">۽ هيئن ٿيو جو ٻئي ڏينهن صبح جو انهن جا حاڪم، ۽ بزرگ، ۽ فقيهہ يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا.</verse>
				<verse number="6">۽ سردار ڪاهن حنا، ۽ قائفا، ۽ يوحنا، ۽ سڪندر، ۽ ٻيا جيڪي سردار ڪاهن جا مٽ مائٽ هئا، سي بہ اتي موجود هئا.</verse>
				<verse number="7">۽ اهي رسولن کي وچ ۾ بيهاري پڇڻ لڳا تہ ڪهڙي قدرت سان، يا ڪنهن جي نالي تي اوهان ائين ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="8">تڏهن پطرس پاڪ روح سان ڀرجي چين، تہ اي اُمت جا حاڪمو ۽ بزرگو،</verse>
				<verse number="9">جيڪڏهن اڄ اسان کان، جا ڀلائي هڪڙي ڪمزور ماڻهوءَ سان ڪئي ويئي آهي، تنهن جي نسبت ۾ پڇا ٿي ٿئي، تہ هو ڪيئن چڱو ڀلو ٿيو،</verse>
				<verse number="10">تہ اوهان سڀني کي، ۽ اسرائيل جي ساريءَ اُمت کي معلوم هجي، تہ يسوع مسيح ناصري، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهيو، ۽ جنهن کي خدا وري مُئلن مان جياريو، تنهن جي نالي تي، ۽ تنهن جي ڪري هي ماڻهو هتي اوهان جي اڳيان چڱو ڀلو ٿيو بيٺو آهي.</verse>
				<verse number="11">هيءُ اهو پهڻ آهي، جنهن کي اوهان اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي ڪنڊ جو سرو ٿيو.</verse>
				<verse number="12">۽ ڪنهن بہ ٻئي کان نجات ڪانهي؛ ڇالاءِ جو آسمان جي هيٺان ماڻهن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونهي، جنهن جي ڪري اسان کي نجات ملي.</verse>
				<verse number="13">هاڻي جڏهن هنن پطرس ۽ يوحنا جي همت ڏٺي، ۽ خبر پين تہ هو اڻ پڙهيل ۽ بي علم ماڻهو آهن، تڏهن عجب لڳن؛ ۽ کين سڃاتائون تہ هو يسوع ساڻ هوندا هئا.</verse>
				<verse number="14">۽ جيڪو ماڻهو چڱو ڀلو ٿيو، تنهن کي بہ ساڻن بيٺو ڏسي هنن جي برخلاف ڪي بہ چئي نہ سگهيا.</verse>
				<verse number="15">پر جڏهن کين حڪم ڏنائون تہ صدر مجلس مان ٻاهر نڪري وڃو، تڏهن هو پاڻ ۾ صلاح مشورت ڪرڻ لڳا،</verse>
				<verse number="16">۽ چيائون تہ اسين هنن ماڻهن کي ڇا ڪريون؟ ڇالاءِ جو انهيءَ ڳالهہ جي يروشلم جي سڀني رهاڪن کي خبر پئجي ويئي آهي، تہ هنن جي هٿان تحقيق هڪڙو وڏو معجزو ٿيو آهي، جنهن جو اسين انڪار ڪري ڪين سگهنداسين.</verse>
				<verse number="17">پر متان اها ڳالهہ ماڻهن ۾ زيادہ پکڙجي وڃي، تنهنڪري اچو تہ هنن کي دڙڪو ڏيون، تہ اڳتي انهي نالي جو ڪنهن سان بہ ذڪر نہ ڪن.</verse>
				<verse number="18">تڏهن هنن کي سڏي تاڪيد ڪيائون، تہ يسوع جي نالي ڪي ڪجهہ نہ چئو، نہ ڪا تعليم ڏيو.</verse>
				<verse number="19">پر پطرس ۽ يوحنا ورندي ڏيئي چيو، تہ اوهين انصاف ڪري ڏسو، تہ خدا جي نظر ۾ اها ڳالهہ ڪا برابر آهي ڇا، تہ خدا جي بدران اوهان جو چيو مڃجي.</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ جو ٿيڻي نہ آهي تہ جيڪي ڳالهيون اسان ڏٺيون ۽ ٻُڌيون آهن، سي نہ ڪريون.</verse>
				<verse number="21">۽ هنن وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنن؛ ڇالاءِ جو ماڻهن جي سببان کين سُجهيو ئي ڪين ٿي تہ ڪهڙيءَ طرح سزا ڏيون؛ جو جيڪي ٿي گذريو هو، تنهن جي ڪري سڀني ماڻهن خدا جي وڏائي پئي ڪئي.</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ تہ جو ماڻهو هن معجزي ڪري چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن جي عمر چاليهن ورهين کان بہ مٿي هئي.</verse>
				<verse number="23">۽ جڏهن هنن کي ڇڏي ڏنائون، تڏهن هو پنهنجن سنگتين وٽ آيا، ۽ جيڪي سردار ڪاهنن ۽ بزرگن چيو هون، سو سڄي ڳالهہ ڪري ٻُڌايائون.</verse>
				<verse number="24">۽ جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن سڀني گڏجي هڪ دل ٿي وڏي آواز سان خدا کي پڪاري چيو، تہ اي خداوند، تون اهو آهين جنهن آسمان ۽ زمين ۽ سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي منجهن آهي سو سڀ خلقيو؛</verse>
				<verse number="25">جنهن پاڪ روح جي وسيلي پنهنجي بندي، اسان جي ابي دائود جي واتان چيو تہ ”غير قومن ڇو گوڙ مچايو، ۽ اُمتن ڇو اجايا خيال ڪيا؟</verse>
				<verse number="26">زمين جا بادشاهہ سهي سنبري آيا، ۽ حاڪم اچي گڏ ٿيا، ۽ خداوند جو ۽ سندس مسيح جو مقابلو ڪرڻ لڳا.“</verse>
				<verse number="27">ڇالاءِ تہ سچ پچ هن شهر ۾ تنهنجو پاڪ بندو يسوع، جنهن کي تو مسح ڪيو هو، تنهن جي برخلاف هيروديس توڙي پنطس پلاطس، غير قومن ۽ اسرائيل جي اُمتن سوڌو اچي گڏ ٿيا،</verse>
				<verse number="28">تان تہ جيڪي تنهنجي هٿان ۽ تنهنجيءَ مرضيءَ پٽاندر اڳيئي مقرر ٿيل هو سو پورو ڪن.</verse>
				<verse number="29">هاڻي، اي خداوند، تون هنن جي دڙڪن تي نظر ڪر، ۽ پنهنجن بندن کي توفيق ڏي تہ تنهنجو ڪلام ڏاڍا بي ڊپا ٿي ٻُڌائين،</verse>
				<verse number="30">۽ جڏهن تون شفا ڏيڻ لاءِ پنهنجو هٿ ڊگهيرين، تڏهن تنهنجي پاڪ بندي يسوع جي نالي معجزا ۽ ڪرامتون ٿين.</verse>
				<verse number="31">۽ جڏهن هو دعا گهُري رهيا، تڏهن جنهن جاءِ ۾ هو گڏ ٿيا ويٺا هئا، سا اچي ڌڏڻ لڳي؛ ۽ هو سڀ پاڪ روح سان ڀرجي ويا، ۽ خدا جو ڪلام بي ڊپا ٿي ٻُڌائڻ لڳا.</verse>
				<verse number="32">۽ ايمان وارن جي جماعت يڪ دل ۽ يڪ جان هئي، ۽ منجهانئن ڪوبہ ائين ڪونہ چوندو هو تہ جيڪا ملڪيت مون وٽ آهي سا منهنجي آهي. بلڪ هو سڀني شين ۾ هڪ جهڙا ڀائيوار هوندا هئا.</verse>
				<verse number="33">۽ رسول ڏاڍيءَ قدرت سان خداوند يسوع جي جِي اُٿڻ جي شاهدي ڏيندا هئا: ۽ سڀني تي گهڻو فضل هوندو هو.</verse>
				<verse number="34">۽ منجهانئن ڪنهن کي بہ ڪمي ڪونہ هئي؛ هن ڪري جو جن ڪن کي زمين ۽ گهر هئا، سي سڀ وڪڻي انهن جي قيمت جا پيسا کڻي ايندا هئا،</verse>
				<verse number="35">۽ آڻي رسولن جي پيرن وٽ رکندا هئا: پوءِ هر ڪنهن کي گهُرج آهر ورهائي ڏيندا هئا.</verse>
				<verse number="36">۽ يوسف جنهن کي رسولن برناباس جو لقب ڏنو هو، (جنهن جي معنيٰ آهي نصيحت جو پٽ) ۽ جو ليوي هو، ۽ جنهن جو وطن ڪپرس هو،</verse>
				<verse number="37">تنهن وٽ هڪڙي ٻني هئي، جا هن وڪڻي ۽ انهيءَ جا پيسا آڻي رسولن جي پيرن وٽ رکيا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">پر حننياہ نالي هڪڙي ماڻهوءَ ۽ سندس زال صفيرا هڪڙي زمين وڪي.</verse>
				<verse number="2">۽ هن انهيءَ جي قيمت مان ڪجهہ لڪائي رکي ڇڏيو، جنهن جي سندس زال کي بہ خبر هئي؛ ۽ باقي آڻي رسولن جي پيرن وٽ رکيائين.</verse>
				<verse number="3">پر پطرس چيو تہ اي حننياہ، شيطان ڇو تنهنجي دل ۾ اهڙو خيال ڀريو آهي، جو تو پاڪ روح سان ڪوڙ ڳالهايو، ۽ زمين جي قيمت مان ڪجهہ رکي ڇڏيئي؟</verse>
				<verse number="4">جيسين اُها تو وٽ هئي، تيسين اها تنهنجي ملڪيت نہ هئي ڇا؟ ۽ وڪامڻ کانپوءِ بہ اُنهي جي قيمت تنهنجي قبضي ۾ نہ هئي ڇا؟ تو اها ڳالهہ پنهنجي دل ۾ ڪيئن رٿي؟ تو ماڻهن سان نہ، پر خدا سان ڪوڙ ڳالهايو.</verse>
				<verse number="5">۽ اها ڳالهہ ٻڌندي ئي حننياہ ڪِري پيو ۽ ساهہ نڪري ويس. ۽ جن اها ڳالهہ ٻُڌي، تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.</verse>
				<verse number="6">۽ جوانن اُٿي ڪفن ۾ ويڙهيس، ۽ ٻاهر کڻي ويس ۽ وڃي دفن ڪيائونس.</verse>
				<verse number="7">اٽڪل پهر کن کانپوءِ، سندس زال جنهن کي هن واقعي جي ڪابہ خبر ڪانہ هئي سا بہ آئي.</verse>
				<verse number="8">پطرس کيس چيو تہ مون کي ٻُڌاءِ تہ اوهان اها زمين هيتري وڪي هئي يا نہ؟ هن چيو تہ هائو، ايتري.</verse>
				<verse number="9">تنهن تي پطرس چيس تہ اوهان خداوند جي روح کي آزمائڻ لاءِ ٻَڌي ڇو ڪئي آهي؟ ڏس، جيڪي تنهنجي مڙس کي دفن ڪري آيا آهن، تن جا پير اڃا در تي آهن، سي توکي بہ ٻاهر کڻي ويندا.</verse>
				<verse number="10">۽ هوءَ يڪدم هن جي پيرن وٽ ڪِري پيئي، ۽ ساهہ ڏنائين: ۽ اهي جوان اندر آيا ۽ هن کي مُئل ڏسي ٻاهر کڻي ويس، ۽ مڙسس جي ڀرسان وڃي دفن ڪيائونس.</verse>
				<verse number="11">پوءِ ساري ڪليسيا ۽ جن اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.</verse>
				<verse number="12">۽ رسولن جي هٿان ماڻهن ۾ گهڻيئي معجزا ۽ ڪرامتون ٿينديون رهيون؛ ۽ هو سڀ يڪ دل ٿي سليمان جي ورانڊي ۾ گڏ ٿيندا هئا.</verse>
				<verse number="13">پر ٻين مان ڪنهن کي بہ همت نہ ٿي تہ ساڻن وڃي گڏجن؛ تڏهن بہ ماڻهو هنن جي وڏائي ڪندا هئا؛</verse>
				<verse number="14">۽ گهڻيئي مرد توڙي زالون، جن خداوند تي ايمان آندو، سي انهن سان شامل ٿيندا ويا؛</verse>
				<verse number="15">ايتري قدر جو ماڻهو بيمارن کي منجن ۽ کٽولن تي کڻي آڻي رستن تي رکندا هئا، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن پطرس اچي، تڏهن ٻيو نہ تہ من سندس پاڇو ئي منجهانئن ڪنهن تي پوي.</verse>
				<verse number="16">۽ يروشلم جي آس پاس وارن شهرن مان بہ ماڻهن جا ميڙاڪا اچي گڏ ٿيندا هئا، ۽ بيمارن کي، توڙي ڀوتاريلن کي وٺي ايندا هئا: ۽ انهن مان هر ڪنهن کي شفا ٿي ملي.</verse>
				<verse number="17">پر سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿي (جي صدوقين جي فرقي جا هئا)، تن کي ڏاڍا ساڙ لڳا ۽ هو اُٿي کڙا ٿيا،</verse>
				<verse number="18">۽ رسولن کي پڪڙي قيدخاني ۾ وڌائون.</verse>
				<verse number="19">پر خداوند جو هڪڙو ملائڪ رات جو قيدخاني جا در کولي انهن کي ٻاهر وٺي آيو ۽ چيائين تہ</verse>
				<verse number="20">وڃو ۽ هيڪل ۾ بيهي، هي زندگيءَ جون سڀ ڳالهيون ماڻهن کي ٻُڌايو.</verse>
				<verse number="21">۽ اها ڳالهہ ٻُڌي هو پرهہ ڦٽيءَ ڌاري هيڪل ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳا. پر جڏهن سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿي آيا، تڏهن صدر مجلس ۽ بني اسرائيل جي سڀني بزرگن کي گڏ ڪيائون، ۽ قيدخاني ۾ چوائي موڪليائون تہ انهن کي وٺي اچو.</verse>
				<verse number="22">پر سپاهي جڏهن قيدخاني ۾ آيا، تڏهن ڏسن تہ هو آهن ئي ڪين! ۽ موٽي اچي اها خبر ڏنائون.</verse>
				<verse number="23">۽ چيائون تہ اسان ڏٺو تہ قيدخانو تہ ڏاڍيءَ حفاظت سان بند ٿيل هو، ۽ پهري وارا دروازن تي بيٺا هئا، پر جڏهن کوليوسين، تہ ڏٺوسين تہ اندر ڪوبہ ماڻهو ڪونهي.</verse>
				<verse number="24">هاڻي جڏهن هيڪل جي صوبيدار ۽ سردار ڪاهنن هي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن انهن بابت اچي ڏاڍي فڪر ۾ پيا، تہ هن جو نتيجو ڪهڙو ٿيندو؟</verse>
				<verse number="25">ايتري ۾ هڪڙي ماڻهوءَ اچي کين ٻُڌايو تہ ڏسو، جن ماڻهن کي اوهان قيدخاني ۾ وڌو هو، سي هيڪل ۾ بيٺا ماڻهن کي تعليم ڏين.</verse>
				<verse number="26">تڏهن صوبيدار سپاهين سان گڏجي وڃي هنن کي وٺي آيو، پر زورازوريءَ نہ: ڇالاءِ جو هو ماڻهن کان ڊنا ٿي تہ متان اسان کي سنگسار ڪن.</verse>
				<verse number="27">۽ هنن کي وٺي آڻي مجلس جي اڳيان بيهاريائون. ۽ سردار ڪاهن کانئن پڇڻ لڳو،</verse>
				<verse number="28">تہ اسان اوهان کي سخت تاڪيد ڪئي هئي تہ انهي نالي تعليم نہ ڏيو: پر ڏسو، اوهان سڄي يروشلم کي پنهنجيءَ تعليم سان ڀري ڇڏيو آهي، ۽ ڀانئيو ٿا تہ انهي جو خون اسان جي سر تي هڻو.</verse>
				<verse number="29">پر پطرس ۽ ٻين رسولن ورندي ڏيئي چيو، تہ اسان کي ضرور آهي تہ ماڻهوءَ جي حڪم کان وڌيڪ خدا جو حڪم مڃيون.</verse>
				<verse number="30">اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا يسوع کي جياريو، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهي ماري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="31">پر خدا انهي کي مالڪ ۽ نجات ڏيندڙ ٿيڻ لاءِ پنهنجي ساڄي هٿ تي سرفراز ڪيو، انهي لاءِ تہ اسرائيل کي توبهہ جي توفيق ۽ گناهن جي معافي بخشي.</verse>
				<verse number="32">اسين انهيءَ ڳالهہ جا شاهد آهيون؛ ۽ پاڪ روح بہ، جو خدا انهن کي ڏنو آهي جي سندس حڪم ٿا مڃين.</verse>
				<verse number="33">پر هو هي ٻُڌي سڙي ويا، ۽ دل ۾ آين تہ هنن کي ماري وجهون.</verse>
				<verse number="34">پر گملي ايل نالي هڪڙو فريسي، جو شريعت جو عالم هو ۽ سڀني ماڻهن ۾ عزت وارو هو، تنهن مجلس ۾ اُٿي حڪم ڏنو تہ هنن ماڻهن کي ٿوري وقت لاءِ ٻاهر وٺي وڃو.</verse>
				<verse number="35">پوءِ انهن کي چيائين، تہ اي اسرائيليو، جيڪي اوهين هنن ماڻهن سان ڪريو سو سنڀالي ڪريو؛</verse>
				<verse number="36">ڇالاءِ جو ڪجهہ وقت ٿيو جو ٿيوداس اها دعويٰ ڪرڻ لڳو تہ آئون بہ ڪي آهيان؛ پوءِ ڪيترائي ماڻهو، اٽڪل چار سؤ ڄڻا وڃي ساڻس گڏيا. پر اهو بہ مارجي ويو؛ ۽ جيڪي سندس پوئلڳ هئا، سي سڀ ٽڙي پکڙي ويا، ۽ منجهانئن ڪي بہ ڪين ٿيو.</verse>
				<verse number="37">انهي شخص کان پوءِ آدمشماريءَ جي ڏينهن ۾ يهوداہ گليلي اُٿي کڙو ٿيو، ۽ ڪيترائي ماڻهو سندس پوئلڳ ٿيا: سو بہ چٽ ٿي ويو؛ ۽ جن کيس مڃيو، سي بہ دربدر ٿي ويا.</verse>
				<verse number="38">هاڻي آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ هنن ماڻهن کان پاسو ڪريو ۽ ڇڏي ڏيون: ڇالاءِ تہ جي هيءَ تجويز ۽ هيءُ ڪم ماڻهن جو هوندو تہ پاڻهي برباد ٿي ويندو.</verse>
				<verse number="39">پر جي اهو ڪم خدا جو آهي، تہ اوهين انهي کي برباد ڪري ڪين سگهندا؛ متان ائين ٿئي تہ اوهين خدا جو بہ مقابلو ڪريو.</verse>
				<verse number="40">هنن سندس ڳالهہ مڃي ۽ رسولن کي پاڻ وٽ سڏي ڦٽڪا هڻايائون، ۽ سخت تاڪيد ڪيائون تہ يسوع جي نالي تي ڪي بہ ڪين چئجو، ۽ پوءِ ڇڏي ڏنائون.</verse>
				<verse number="41">سو هو مجلس منجهان هن ڪري خوشيون ڪندا نڪري ويا، تہ انهي نالي جي ڪري اسان کي بي عزت ڪرڻ جو لائق سمجهيو اٿن.</verse>
				<verse number="42">۽ روزبروز هيڪل ۾، ۽ گهرن ۾، تعليم ڏيڻ ۽ انهيءَ جي خوشخبريءَ ٻُڌائڻ کان هٽيا ئي ڪين، تہ يسوع ئي مسيح آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">هاڻي انهن ڏينهن ۾، جڏهن شاگردن جو شمار وڌندو ويو، تڏهن يونان جا يهودي عبرانين جي شڪايت ڪرڻ لڳا، ڇالاءِ جو روزمرہ جي کاڌي جي ورڇ وقت، سندن بيوهہ زالن جي پوري پوئواري ڪانہ ٿيندي هئي.</verse>
				<verse number="2">تنهن تي انهن ٻارهن رسولن شاگردن جي جماعت کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ اها ڳالهہ واجب ناهي تہ اسين خدا جي ڪلام کي ڇڏي کائڻ پيئڻ جو بندوبست ڪريون.</verse>
				<verse number="3">تنهنڪري اي ڀائرو، اوهين پاڻ مان ست ڄڻا معتبر چونڊي ڪڍو، جي پاڪ روح ۽ دانائيءَ سان ڀرپور هجن، جن کي انهي ڪم تي مقرر ڪريون.</verse>
				<verse number="4">پر اسين دعا ۽ ڪلام جي خدمت ۾ مشغول رهنداسين.</verse>
				<verse number="5">اها ڳالهہ ساريءَ جماعت کي پسند آئي، ۽ هنن استيفنس نالي شخص، جو ايمان ۽ پاڪ روح سان ڀرپور هو، ۽ فلپس، ۽ پرخرس، ۽ نيڪانور، ۽ تيمون، ۽ پرمناس، ۽ نيڪلاس جو انتاڪيہ جو نو مريد هو، تن کي چونڊي ڪڍيو:</verse>
				<verse number="6">۽ کين رسولن جي اڳيان آڻي بيهاريائون: جن دعا گهُري مٿن هٿ رکيا.</verse>
				<verse number="7">۽ خداوند جو ڪلام پکڙندو ويو، ۽ شاگردن جو شمار يروشلم ۾ تمام گهڻو وڌندو ويو؛ ۽ ڪاهنن جي وڏي جماعت ايمان جي تابع ٿي.</verse>
				<verse number="8">۽ استيفنس فضل ۽ قوت سان ڀرجي ماڻهن ۾ وڏا وڏا عجب جهڙا ڪم ۽ معجزا ڪندو هو.</verse>
				<verse number="9">پر جو عبادتخانو لبرتينن جو سڏبو هو، تنهن مان، ۽ ڪرين، ۽ سڪندرين مان، ۽ جي ڪلڪيہ ۽ آسيا جا هئا، تن مان ڪي اُٿي کڙا ٿيا ۽ استيفنس سان بحث ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="10">۽ جنهن دانائيءَ ۽ روح سان هو ڳالهائيندو هو، تنهن جو مقابلو هو ڪري ڪين سگهندا هئا.</verse>
				<verse number="11">تنهن تي هنن ڪن ماڻهن کي سيکاريو، تہ چئو، تہ اسان هن کي موسيٰ ۽ خدا بابت ڪفر جون ڳالهيون ڪندو ٻُڌو آهي.</verse>
				<verse number="12">سو خلق کي، ۽ بزرگن ۽ فقيهن کي وٺي چوريائون، ۽ مٿس ڪاهي آيا ۽ جهلي صدر مجلس ۾ وٺي ويا؛</verse>
				<verse number="13">۽ ڪوڙا شاهد کڙا ڪيائون، جن چيو تہ هي ماڻهو هن پاڪ جاءِ ۽ شريعت جي برخلاف ڳالهائڻ کان بس ئي نٿو ڪري:</verse>
				<verse number="14">ڇوتہ اسان هن کي هيئن چوندو ٻُڌو آهي، تہ اِهو يسوع ناصري هن جاءِ کي برباد ڪندو، ۽ جيڪي رسمون موسيٰ اسان کي ڏيئي ويو آهي، تن کي بدلائي ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="15">۽ جيڪي مجلس ۾ ويٺا هئا، تن سڀني هن ڏانهن چتائي نهاريو، ۽ هن جو منهن کين ملائڪ جي منهن جهڙو ڏسڻ ۾ آيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">تنهن تي سردار ڪاهن پڇيس تہ اهي ڳالهيون ائين آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="2">هو چوڻ لڳو تہ اي ڀائرو ۽ بزرگو ٻُڌو: اسان جو پيءُ ابراهيم حاران ۾ وڃي رهيو، تنهن کان اڳي جڏهن ميسپتاميا ۾ رهندو هو، تڏهن خدا ذوالجلال مٿس ظاهر ٿيو،</verse>
				<verse number="3">۽ چيائينس، تہ تون پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي مائٽن مان نڪري اُنهي ملڪ ۾ وڃ جو آئون توکي ڏيکاريندس.</verse>
				<verse number="4">تڏهن هو ڪسدين جي ملڪ مان نڪري حاران ۾ اچي رهڻ لڳو: ۽ جڏهن سندس پيءُ مري ويو، تڏهن خدا کيس هن ملڪ ۾ وٺي آيو، جتي اوهين اڃا تائين رهندا اچو.</verse>
				<verse number="5">۽ هن ملڪ ۾ ڪابہ ميراث ڪانہ ڏنائينس، نہ، بلڪ پير رکڻ جيتري جاءِ بہ ڪانہ ڏنائينس؛ ۽ جيتوڻيڪ هن کي اولاد ڪونہ هو، تہ بہ اهو واعدو ڪيائينس تہ اِهو ملڪ توکي ۽ توکان پوءِ تنهنجي نسل کي ملڪيت ڪري ڏيندس.</verse>
				<verse number="6">۽ خدا هيئن بہ چيو، تہ تنهنجو نسل هڪڙي ڌارئي ملڪ ۾ وڃي رهندو؛ جتي هن کي چار سؤ ورهيہ غلاميءَ ۾ رکندا، ۽ ساڻن بري هلت ڪندا.</verse>
				<verse number="7">۽ خدا هيئن بہ چيو، تہ جنهن قوم جي غلامي ۾ هو هوندا، تنهن کي آئون سزا ڏيندس: تنهن کانپوءِ هو اُتان نڪري اچي هن هنڌ منهنجي عبادت ڪندا.</verse>
				<verse number="8">۽ ساڻس ختني جو عهد ڪيائين. پوءِ ابراهيم کي اسحاق ڄائو، ۽ هن اٺين ڏينهن هن جو ختنو ڪيو؛ ۽ اسحاق مان يعقوب، ۽ يعقوب مان ٻارهن قبيلن جا بزرگ پيدا ٿيا.</verse>
				<verse number="9">۽ اُنهن بزرگن کي يوسف تي جو حسد آيو، سو کيس وڪڻي ڇڏيائون تہ مصر ۾ وٺي وڃنس؛ پر خدا ساڻس هو.</verse>
				<verse number="10">۽ کيس سڀني مصيبتن کان ڇڏايائين، ۽ دانائي بخشيائينس، سو هو فرعون وٽ قبول پيو، جنهن هن کي مصر ۽ پنهنجي سڄي گهر تي حاڪم ڪيو.</verse>
				<verse number="11">پوءِ ساري مصر ۽ ڪنعان ۾ اچي ڏڪار پيو، ۽ وڏي مصيبت اچي ڪڙڪي: ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي کاڌو ملي نٿي سگهيو.</verse>
				<verse number="12">پر جڏهن يعقوب ٻُڌو تہ مصر ۾ اَن آهي، تڏهن هن اسان جي ابن ڏاڏن کي پهريون ڀيرو اوڏانهن موڪليو.</verse>
				<verse number="13">۽ ٻئي ڀيري يوسف پنهنجي ڀائرن کي پاڻ سڃاڻايو؛ ۽ فرعون کي خبر پيئي تہ يوسف ڪهڙيءَ قوم جو آهي.</verse>
				<verse number="14">پوءِ يوسف پنهنجي پيءُ يعقوب کي ۽ پنهنجي سڀني مائٽن کي، جي پنجهتر ڄڻا هئا، پاڻ وٽ گهُرائي ورتو.</verse>
				<verse number="15">سو يعقوب مصر ۾ ويو؛ اُتي هو پاڻ ۽ اسان جا ابا ڏاڏا گذر ڪري ويا؛</verse>
				<verse number="16">۽ اُنهن کي کڻي وڃي شڪم ۾ اُنهي قبرستان ۾ دفن ڪيائون، جو ابراهيم شڪم ۾ حمور جي پٽن کان رپيا ڏيئي خريد ڪيو هو.</verse>
				<verse number="17">پر جيڪو واعدو خدا ابراهيم سان ڪيو هو، تنهن جو مدو جڏهن پورو ٿيڻ تي آيو، تڏهن مصر ۾ اها قوم وڌي گهڻي ٿي ويئي؛</verse>
				<verse number="18">۽ مصر تي ٻيو بادشاهہ قائم ٿيو، جو يوسف کي سڃاڻندو ئي ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="19">تنهن اسان جي قوم سان ڊوهہ ڪري، اسان جي ابن ڏاڏن سان اهڙي بري هلت ڪئي، جو هنن کي پنهنجا ٻار ٻاهر اُڇلائي ڇڏڻا پيا، تہ جيئرا نہ رهن.</verse>
				<verse number="20">اُنهن ڏينهن ۾ موسيٰ ڄائو، جو ڏاڍو خوبصورت هو، ۽ ٽن مهينن تائين هو پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ نپنو؛</verse>
				<verse number="21">۽ جڏهن اُنهي کي ٻاهر اُڇلايائون، تڏهن فرعون جي ڌيءَ کڻي ورتس، ۽ پنهنجو پٽ ڪري پاليائينس.</verse>
				<verse number="22">۽ موسيٰ کي مصرين جي سڀ ڪنهن قسم جي حڪمت جي تعليم ملي: ۽ هو ڪلام توڙي ڪمن ۾ طاقت وارو هو.</verse>
				<verse number="23">پر جڏهن هو اٽڪل چاليهن ورهين جو ٿيو، تڏهن سندس دل ۾ آيو، تہ وڃي ڏسان تہ منهنجي ڀائرن، بني اسرائيلين جو ڪهڙو حال آهي.</verse>
				<verse number="24">۽ جڏهن ڏٺائين تہ اُنهن مان هڪڙي تي ظلم پيو ٿئي، تڏهن سندس مدد ڪيائين، ۽ جنهن تي ظلم پئي ٿيو، تنهن جو وير ورتائين، ۽ اُنهي مصريءَ کي ماري ڇڏيائين:</verse>
				<verse number="25">۽ ڀانيائين تہ منهنجا ڀائر سمجهندا تہ خدا منهنجي هٿان کين ڇوٽڪارو ڏيندو؛ پر هنن سمجهيو ئي ڪين.</verse>
				<verse number="26">۽ ٻئي ڏينهن وري هنن مان ٻن کي پاڻ ۾ وڙهندو ڏسي وٽن ويو، ۽ کين پاڻ ۾ پرچائڻ جي ارادي سان چيائين، اوهين ڀائر آهيو، هڪ ٻئي تي ظلم ڇو ٿا ڪريو؟</verse>
				<verse number="27">پر جنهن پاڙيسريءَ تي ظلم پئي ڪيو، تنهن پري ڌڪي چيس تہ توکي اسان جي مٿان حاڪم ۽ قاضي ڪنهن مقرر ڪيو آهي؟</verse>
				<verse number="28">جيئن تو ڪالهہ هن مصريءَ کي ماري وڌو، تيئن مون کي بہ ماري ڇڏيندين ڇا؟</verse>
				<verse number="29">۽ موسيٰ ايترو ٻُڌي اُٿي ڀڳو، ۽ وڃي مديان جي ملڪ ۾ پرديسي ٿي رهڻ لڳو، جتي کيس ٻہ پٽ ڄاوا.</verse>
				<verse number="30">۽ جڏهن چاليهہ ورهيہ پورا ٿيا، تڏهن سينا جبل جي رڻ پٽ ۾ هڪڙي ٻوٽي ۾ باهہ جي مچ منجهہ ملائڪ هن کي ڏيکاري ڏني.</verse>
				<verse number="31">جڏهن موسيٰ اهو ڏٺو، تڏهن اُنهي نظاري تي عجب لڳس، ۽ چتائي ڏسڻ لاءِ جيئن ويجهو ٿيو، تيئن خداوند جو آواز آيس،</verse>
				<verse number="32">تہ آئون تنهنجن ابن ڏاڏن جو خدا، ابراهيم جو، ۽ اسحاق جو، ۽ يعقوب جو خدا آهيان. تڏهن موسيٰ ڏڪي ويو، ۽ اوڏانهن نهارڻ جي همت نہ ٿيس.</verse>
				<verse number="33">پر خداوند چيس، تہ پنهنجي پيرن مان جُتي لاهي ڇڏ: ڇالاءِ جو جنهن جاءِ تي تون بيٺو آهين، سا پاڪ زمين آهي.</verse>
				<verse number="34">تحقيق جيڪا منهنجي اُمت مصر ۾ آهي، تنهن جي مصيبت ڏٺي اٿم، ۽ سنديس آهہ ٻُڌي اٿم، ۽ کيس ڇڏائڻ لاءِ لهي آيو آهيان: ۽ هاڻي اچ، آئون توکي مصر ۾ موڪليندس.</verse>
				<verse number="35">اُهوئي موسيٰ، جنهن کي هنن قبول نہ ڪيو، پر چيائونس تہ ڪنهن توکي حاڪم ۽ قاضي مقرر ڪيو آهي، تنهن کي ئي خدا حاڪم ۽ ڇوٽڪارو ڏيڻ وارو ٺهرائي، انهي ملائڪ جي وسيلي موڪليو، جنهن هن کي ٻوٽي ۾ ڏيکاري ڏني هئي.</verse>
				<verse number="36">اهوئي شخص هنن کي ڪڍي آيو؛ ۽ مصر ۾، ۽ ڳاڙهي سمنڊ ۾، ۽ رڻ پٽ ۾، چاليهہ ورهيہ عجب جهڙا ڪم ڪيائين، ۽ نشان ڏيکاريائين.</verse>
				<verse number="37">هيءُ اهوئي موسيٰ آهي، جنهن بني اسرائيل کي چيو تہ خداوند اوهان جي ڀائرن منجهان اوهان جي لاءِ مون جهڙو هڪڙو نبي کڙو ڪندو.</verse>
				<verse number="38">هي اُهو ئي آهي جو رڻ پٽ ۾ ڪليسيا منجهہ اُنهي ملائڪ سان هو، جنهن سينا جبل تي ساڻس ڳالهايو، ۽ جو اسان جي ابن ڏاڏن سان هو؛ انهي کي زندگيءَ جو ڪلام مليو تہ اسان کي پهچائي ڏي:</verse>
				<verse number="39">۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي مرضي نہ هئي تہ کيس مڃيون، بلڪ هن کي پاڻ وٽان ڌڪي ڪڍيائون، ۽ سندن دلين جو لاڙو مصر ڏانهن ٿيو،</verse>
				<verse number="40">۽ هارون کي چيائون تہ اسان کي اهڙا معبود جوڙي ڏي، جي اسان جي رهبري ڪن، ڇالاءِ جو اسان کي خبر ئي ڪانهي تہ هي موسيٰ، جو اسان کي مصر ملڪ مان وٺي آيو آهي، تنهن کي ڇا ٿيو.</verse>
				<verse number="41">تن ڏينهن ۾ هنن هڪڙو گابو ٺاهيو ۽ انهي بُت تي قرباني چاڙهيائون ۽ جيڪي پنهنجن هٿن سان ٺاهيو هئائون، سو ڏسي خوش ٿيا.</verse>
				<verse number="42">پر خدا هنن کان منهن موڙيو ۽ ڇڏي ڏنائينِ، تہ وڃي آسمان جي لشڪر کي پوڄين، جيئن نبين جي ڪتاب ۾ لکيل آهي، تہ ”اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهان رڻ پٽ ۾ چاليهہ ورهيہ جانور ڪُهي منهنجي لاءِ قربانيون چاڙهيون ڇا؟</verse>
				<verse number="43">۽ اوهان مولڪ جو تنبو، ۽ پنهنجي ديوتا رفان جو تارو، ۽ جي مورتون اوهان پوڄڻ لاءِ جوڙيون، سي ساڻ کنيون؛ هاڻي آئون اوهان کي بابل کان بہ پري ڪڍي ڇڏيندس.“</verse>
				<verse number="44">اسان جي ابن ڏاڏن وٽ رڻ پٽ ۾ شاهديءَ جو تنبو هو، جهڙيءَ طرح موسيٰ کي ڪلام ڪرڻ واري حڪم ڏنو هو، تہ جيڪو نمونو تو ڏٺو آهي، تنهن جهڙو ٺاهہ.</verse>
				<verse number="45">۽ جڏهن اسان جي ابن ڏاڏن انهن قومن جي ملڪيت وڃي هٿ ڪئي، جن کي خدا سندن اڳيان ڪڍي ڇڏيو هو، تڏهن اهو تنبو جو کين مليو هو، سو يشوع سان گڏ کڻي آيا؛ ۽ اُهو دائود جي وقت تائين رهيو.</verse>
				<verse number="46">دائود خدا وٽ قبول پيو، ۽ هن عرض ڪيو تہ يعقوب جي خدا جي لاءِ ڪا جاءِ تيار ڪرڻ جي اجازت مليم.</verse>
				<verse number="47">پر سليمان ئي خدا لاءِ هڪڙو گهر اڏايو.</verse>
				<verse number="48">انهي هوندي بہ خدا تعاليٰ هٿن سان جوڙيل گهرن ۾ نٿو رهي؛ جيئن نبي چوي ٿو تہ،</verse>
				<verse number="49">”خداوند فرمايو تہ آسمان منهنجو تخت آهي، ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي: اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گهر جوڙيندا؟ يا منهنجي آرام جي جاءِ ڪٿي آهي؟</verse>
				<verse number="50">اهي سڀ شيون منهنجي هٿن نہ جوڙيون آهن ڇا؟“</verse>
				<verse number="51">اوهين جي ضدي، ۽ دل ۽ ڪَنن جا نامختون آهيو، سي هميشہ پاڪ روح جو مقابلو ٿا ڪريو، جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا، تيئن اوهين بہ ٿا ڪريو.</verse>
				<verse number="52">اهو ڪهڙو نبي هو، جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ ۽ جن انهي راستباز جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني، تن کي ماري وڌائون؛ جنهن جا اوهين هاڻ جهلائڻ ۽ مارڻ وارا ٿيا آهيو؛</verse>
				<verse number="53">اوهين اُهي آهيو، جن کي شريعت ملائڪن جي معرفت ملي، پر اوهان انهي تي عمل نہ ڪيو.</verse>
				<verse number="54">هاڻي جڏهن هنن اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن دل ۾ سڙي ويا، ۽ هن تي ڏند ڪرٽڻ لڳا.</verse>
				<verse number="55">پر هن پاڪ روح سان ڀرجي آسمان ڏانهن چتائي نهاريو، ۽ خدا جو جلال ۽ يسوع کي خدا جي ساڄي پاسي بيٺل ڏٺائين؛</verse>
				<verse number="56">۽ چيائين تہ اِجهو، آئون ڏسان ٿو تہ آسمان کُليو پيو آهي ۽ ابن آدم خدا جي ساڄي پاسي بيٺو آهي.</verse>
				<verse number="57">پر هنن وٺي زور سان واڪا ڪيا ۽ پنهنجا ڪَن کڻي بند ڪيائون، ۽ ايڪو ڪري مٿس ڪاهي آيا؛</verse>
				<verse number="58">۽ کيس شهر کان ٻاهر ڪڍي سنگسار ڪرڻ لڳا؛ ۽ شاهدن پنهنجا ڪپڙا شائول نالي هڪڙي جوان جي پيرن وٽ وڃي رکيا.</verse>
				<verse number="59">۽ جيئن هنن استيفنس کي سنگسار پي ڪيو، تہ هن خداوند کي پڪاري چيو تہ، اي خداوند يسوع! منهنجو روح قبول ڪر.</verse>
				<verse number="60">۽ هن گوڏا کوڙي وڏي سڏ چيو، تہ اي خداوند، هي ڏوهہ هنن تي نہ وجهہ. ايترو چئي هو سمهي پيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">۽ شائول هن جي قتل ڪرڻ تي راضي هو. ۽ انهن ڏينهن ۾ جيڪا ڪليسيا يروشلم ۾ هئي، تنهن تي ڏاڍو ظلم ٿيڻ لڳو؛ ۽ رسولن کانسواءِ باقي ٻيا سڀ يهوديہ ۽ سامريہ جي ملڪن ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا.</verse>
				<verse number="2">۽ ديندار ماڻهن استيفنس کي وڃي دفن ڪيو، ۽ انهي لاءِ ڏاڍو ماتم ڪيائون.</verse>
				<verse number="3">پر شائول ڪليسيا کي تباهہ ڪندو رهيو، ۽ گهر گهر ۾ گهڙي مردن ۽ زالن کي گهلي قيد ڪرائيندو هو.</verse>
				<verse number="4">تنهنڪري جيڪي هاڻي ٽڙي پکڙي ويا هئا، سي هر ڪنهن هنڌ ڪلام جي خوشخبري ڏيندا رهيا.</verse>
				<verse number="5">۽ فلپس سامريہ جي شهر ۾ ويو ۽ اتي مسيح جي منادي ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="6">۽ جيڪي معجزا فلپس ڪندو هو، سي جڏهن ماڻهن ڏٺا ۽ ٻُڌا، تڏهن سڀيئي گڏجي سندس ڳالهيون دل سان ٻُڌڻ لڳا؛</verse>
				<verse number="7">جو ڪيترائي ماڻهو جن ۾ ناپاڪ روح هئا، سي انهن مان واڪا ڪندا نڪري پئي ويا؛ ۽ ڪيترائي جن کي اڌ رنگ هو ۽ جيڪي منڊا هئا، سي ڇُٽي چڱا ڀلا ٿي ويا.</verse>
				<verse number="8">سو انهي شهر ۾ ڏاڍي خوشي ٿي ويئي.</verse>
				<verse number="9">پر انهي شهر ۾ شمعون نالي هڪڙو ماڻهو هو، جو هن کان اڳي جادوگريءَ ڪري سامريہ جي ماڻهن کي عجب ۾ وجهندو هو، ۽ چوندو هو تہ آئون بہ ڪو وڏو ماڻهو آهيان:</verse>
				<verse number="10">۽ ننڍڙا توڙي وڏا سڀيئي کيس مڃيندا هئا، تہ هي ماڻهو خدا جي اُها قدرت آهي، جنهن کي عظيم ڪري سڏبو آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ هو کيس مڃيندا هئا جو هن گهڻيءَ مدت کان پنهنجي جادوءَ جي ڪري کين حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو.</verse>
				<verse number="12">پر فلپس، جنهن خدا جي بادشاهت ۽ يسوع مسيح جي نالي جي منادي پي ڪئي، تنهن جي ڳالهين تي جڏهن ايمان آين، تڏهن هو مرد توڙي زالون بپتسما وٺڻ لڳا.</verse>
				<verse number="13">۽ خود شمعون کي بہ ايمان آيو؛ ۽ بپتسما وٺي فلپس سان گڏ رهڻ لڳو؛ ۽ نشان ۽ وڏا وڏا معجزا ٿيندا ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو.</verse>
				<verse number="14">هاڻي جيڪي رسول يروشلم ۾ هئا، تن کي جڏهن خبر پيئي، تہ سامرين خدا جو ڪلام مڃيو آهي، تڏهن پطرس ۽ يوحنا کي انهن ڏانهن موڪليائون.</verse>
				<verse number="15">سي جڏهن اتي اچي پهتا، تڏهن سندن لاءِ دعا گهُريائون تہ کين پاڪ روح ملي؛</verse>
				<verse number="16">ڇو جو اڃا اهو منجهانئن ڪنهن تي بہ نازل ڪين ٿيو هو، پر فقط خداوند يسوع جي نالي تي بپتسما ملي هُين.</verse>
				<verse number="17">پوءِ هنن مٿن هٿ رکيا ۽ کين پاڪ روح مليو.</verse>
				<verse number="18">هاڻي جڏهن شمعون ڏٺو تہ رسولن جي هٿن رکڻ ڪري پاڪ روح ٿو ملي، تڏهن کين پيسا آڇيائين،</verse>
				<verse number="19">۽ چيائين تہ مون کي بہ اها اختياري ڏيو تہ جنهن تي هٿ رکان، تنهن کي پاڪ روح ملي.</verse>
				<verse number="20">پر پطرس چيس تہ شل تنهنجا پيسا تو سوڌو چٽ ٿين، جو ڀانئين ٿو تہ خدا جي بخشش پيسن سان ملي پوندي.</verse>
				<verse number="21">هن ڳالهہ ۾ تنهنجو نڪو حصو آهي نڪو ورثو: ڇالاءِ جو تنهنجي دل خدا جي اڳيان سچي نہ آهي.</verse>
				<verse number="22">تنهنڪري پنهنجي انهيءَ بڇڙائيءَ کان توبهہ ڪر ۽ خداوند کان دعا گهُر تہ شايد تنهنجي دل جي اهڙي خيال جي معافي مليئي.</verse>
				<verse number="23">ڇو جو مون کي ڏسڻ ۾ ٿو اچي تہ تون ساڙ سان سڙيل ۽ بدڪاريءَ جي بندَ ۾ اچي پيو آهين.</verse>
				<verse number="24">تڏهن شمعون ورندي ڏيئي چيو، تہ اوهين منهنجي لاءِ خداوند کان دعا گهُرو تہ جيڪي ڳالهيون اوهان ڪيون آهن، تن مان ڪابہ مون تي نہ اچي.</verse>
				<verse number="25">هاڻي جڏهن هو شاهدي ڏيئي ۽ خدا جو ڪلام ٻُڌائي رهيا، تڏهن يروشلم ڏانهن موٽيا، ۽ سامرين جي گهڻن ئي ڳوٺن ۾ خوشخبري ٻُڌايائون.</verse>
				<verse number="26">پر خداوند جي ملائڪ فلپس کي چيو تہ اُٿي ڏکڻ جي پاسي اُنهي رستي ڏانهن وڃ جو يروشلم کان غزہ ڏانهن ٿو وڃي: اُهو رڻ پٽ منجهان آهي.</verse>
				<verse number="27">سو هو اُٿي روانو ٿيو: تہ ڏسو، حبش جو هڪڙو خوجو، جو حبشين جي راڻيءَ ڪنداڪيءَ جو هڪڙو وزير هو، ۽ سندس خزاني جو ناظر هو، ۽ يروشلم ۾ عبادت ڪرڻ آيو هو؛</verse>
				<verse number="28">سو موٽي پئي ويو، ۽ پنهنجيءَ گاڏيءَ ۾ ويٺي يسعياہ نبيءَ جو ڪتاب پڙهيائين.</verse>
				<verse number="29">تہ روح فلپس کي چيو تہ ويجهو وڃي انهيءَ گاڏيءَ سان گڏج.</verse>
				<verse number="30">تڏهن فلپس وٽس ڊوڙي ويو، ۽ هن کي يسعياہ نبيءَ جو ڪتاب پڙهندو ٻُڌائين، ۽ چيائين تہ جيڪي تون پڙهين ٿو سو ڪي سمجهين بہ ٿو؟</verse>
				<verse number="31">هن چيو تہ جيستائين ڪو مون کي نہ سمجهائي، تيستائين آئون ڪيئن سمجهان؟ پوءِ هن فلپس کي منٿ ڪئي تہ اچي مون سان گڏ ويهہ.</verse>
				<verse number="32">هاڻي اِنهي پاڪ ڪتاب جو هنڌ جو هن پئي پڙهيو، سو هيءُ هو، ”هو هڪڙيءَ رڍ وانگر آهي جنهن کي ڪُهڻ لاءِ وٺي ويا، ۽ جهڙيءَ طرح ڪو گهيٽو پنهنجي اُن ڪترڻ واري جي اڳيان گونگو ٿي بيهندو آهي، تهڙيءَ طرح هو بہ پنهنجو وات نٿو پَٽي؛</verse>
				<verse number="33">ساڻس جُٺ ڪيائون، ۽ سندس انصاف ڪين ٿيو؛ سندس پيڙهيءَ جو احوال ڪير بيان ڪندو؟ ڇالاءِ جو سندس جان زمين تان کڄي ويئي.“</verse>
				<verse number="34">۽ اُنهي خوجي فلپس کي ورندي ڏيئي چيو، تہ ڀلائي ڪري ٻُڌاءِ تہ نبي جو هي ٿو چوي سو ڪنهن جي بابت؟ پنهنجي بابت، يا ڪنهن ٻئي جي بابت؟</verse>
				<verse number="35">تڏهن فلپس پنهنجو وات کولي پاڪ ڪتاب کي اُنهي هنڌ کان شروع ڪري کيس يسوع جي خوشخبري ٻُڌائي.</verse>
				<verse number="36">۽ جڏهن اڳتي هلندي هلندي هڪڙيءَ جاءِ تي اچي پهتا، جتي پاڻي هو، تڏهن خوجي چيو تہ اِجهو پاڻي موجود آهي؛ مون کي بپتسما وٺڻ کان ڪهڙي روڪ آهي؟</verse>
				<verse number="37">(تڏهن فلپس چيس تہ جي تون پوريءَ دل سان ايمان ٿو آڻين تہ ڀلي بپتسما وٺ. ۽ هن چيو تہ آئون ايمان ٿو آڻيان تہ يسوع مسيح خدا جو فرزند آهي.)</verse>
				<verse number="38">سو هن گاڏيءَ بيهارڻ جو حڪم ڏنو ۽ فلپس توڙي خوجو ٻئي لهي پاڻيءَ ۾ گهڙيا، ۽ هن کيس بپتسما ڏني.</verse>
				<verse number="39">۽ جڏهن هو پاڻيءَ مان نڪتا، تڏهن خداوند جو روح فلپس کي وٺي ويو؛ ۽ خوجي وري هن کي ڪين ڏٺو، ۽ هو خوش ٿي پنهنجو رستو وٺيو هليو ويو.</verse>
				<verse number="40">پر فلپس ازوٽس ۾ وڃي نڪتو، ۽ وچ مان لنگهندو سڀني شهرن ۾ خوشخبري ٻُڌائيندو ويو، تان جو قيصريہ ۾ اچي پهتو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">پر شائول اڃا بہ خداوند جي شاگردن کي ڌمڪائڻ ۽ قتل ڪرڻ جي خيال ۾ ٻڏل هو. سو سردار ڪاهن وٽ ويو،</verse>
				<verse number="2">۽ چيائينس تہ مون کي دمشق جي عبادتخانن لاءِ انهيءَ مضمون تي خط لکي ڏي، تہ جن مردن خواہ زالن کي انهي طريقي تي ڏسان، تن کي ٻَڌائي يروشلم ۾ وٺي اچان.</verse>
				<verse number="3">۽ واٽ ويندي جڏهن هو دمشق جي ويجهو آيو، تڏهن اوچتو آسمان مان هڪڙي روشني اچي سندس چوڌاري چمڪڻ لڳي:</verse>
				<verse number="4">۽ هو زمين تي ڪِري پيو، ۽ هڪڙو آواز ٻُڌائين جنهن چيس، تہ اي شائول، اي شائول، تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟</verse>
				<verse number="5">تڏهن هن چيو تہ اي خداوند، تون ڪير آهين؟ هن چيو تہ آئون يسوع آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو:</verse>
				<verse number="6">پر اُٿي بيهہ ۽ شهر ۾ وڃ، ۽ جيڪي ڪرڻو اٿيئي سو توکي ٻُڌائبو.</verse>
				<verse number="7">۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، سي موڳا ٿي بيهي رهيا، جو هنن آواز تہ ٻُڌو ٿي، پر ڏٺائون ڪنهن کي بہ ڪين.</verse>
				<verse number="8">۽ شائول زمين تان اُٿيو، ۽ جڏهن اکيون پٽيائين، تڏهن ڪي بہ ڏسي ڪين سگهيو، ۽ ٻيا کيس هٿ کان جهلي دمشق ۾ وٺي آيا.</verse>
				<verse number="9">۽ ٽي ڏينهن هو ڏسي نٿي سگهيو، ۽ نڪي کاڌائين نڪي پيتائين.</verse>
				<verse number="10">هاڻي دمشق ۾ حنانياہ نالي هڪڙو شاگرد هو، تنهن کي خداوند رويا ۾ چيو، تہ اي حنانياہ! هن چيو، تہ اي خداوند، اِجهو حاضر آهيان.</verse>
				<verse number="11">خداوند چيس تہ اُٿ، انهيءَ گهٽيءَ ۾ وڃ، جنهن کي سنئين ڪري سڏيندا آهن، ۽ يهوداهہ جي گهر ۾، ترسس واري شائول جي وڃي پڇا ڪر: ڇالاءِ جو ڏس، هو دعا پيو گهُري؛</verse>
				<verse number="12">۽ هن ڏٺو آهي تہ هڪڙو ماڻهو حنانياہ نالي اندر آيو آهي، ۽ مٿس هٿ رکيا اٿس، انهي لاءِ تہ کيس وري ڏسڻ جي طاقت ملي.</verse>
				<verse number="13">پر حنانياہ ورندي ڏني، تہ اي خداوند، مون گهڻن کان هن ماڻهوءَ بابت ٻُڌو آهي تہ يروشلم ۾ تنهنجي پاڪ ٿيلن سان ڪهڙيون نہ جُٺيون ڪيون اٿس:</verse>
				<verse number="14">۽ هتي بہ سردار ڪاهن کان هن کي اختيار مليو آهي، تہ جيڪي ماڻهو تنهنجو نالو وٺن ٿا، تن سڀني کي گرفتار ڪري.</verse>
				<verse number="15">پر خداوند چيس تہ تون وڃ: ڇالاءِ جو هو منهنجو هڪڙو چونڊيل وسيلو آهي، تہ هو غير قومن، ۽ بادشاهن، ۽ بني اسرائيل وٽ منهنجو نالو ظاهر ڪري:</verse>
				<verse number="16">جو آئون ڏيکاريندوسانس تہ منهنجي نالي جي صدقي کيس ڪيترا نہ ڏک سهڻا پوندا.</verse>
				<verse number="17">پوءِ حنانياہ اُٿي هليو، ۽ انهي گهر ۾ ويو ۽ مٿس پنهنجا هٿ رکي چوڻ لڳو، تہ ادا شائول، جنهن خداوند يسوع توکي واٽ تي ڏيکاري ڏني هئي، تنهن مون کي موڪليو آهي تہ توکي ڏسڻ جي طاقت ملي، ۽ تون پاڪ روح سان ڀرجي وڃين.</verse>
				<verse number="18">۽ انهي دم ڄڻ تہ هن جي اکين تان ڇلر ڪِري پيا، ۽ هو ڏسڻ وائسڻ لڳو؛ ۽ اُٿي بپتسما ورتائين؛</verse>
				<verse number="19">پوءِ هن ماني کاڌي ۽ طاقت آيس. ڪجهہ ڏينهن تائين هو ۽ دمشق ۾ جيڪي شاگرد هئا، تن سان گڏ گذاريندو رهيو.</verse>
				<verse number="20">۽ يڪدم وڃي عبادتخانن ۾ يسوع جي منادي ڪرڻ لڳو تہ هو خدا جو فرزند آهي.</verse>
				<verse number="21">۽ جن هن جي اها ڳالهہ ٻُڌي، سي سڀ حيران ٿي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ هي اهو ناهي ڇا، جو جيڪي يروشلم ۾ هي نالو وٺي دعا گهُرندا هئا، تن کي ستائيندو هو، ۽ هتي بہ انهي ارادي سان آيو هو تہ انهن کي ٻَڌي سردار ڪاهنن وٽ وٺي وڃي؟</verse>
				<verse number="22">پر شائول ڏينهون ڏينهن زور وٺندو ويو، ۽ جيڪي يهودي دمشق ۾ رهندا هئا، تن کي مُنجهائي ڇڏيائين، جو ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ اهوئي مسيح آهي.</verse>
				<verse number="23">۽ جڏهن ڳچ جيترا ڏينهن گذري ويا، تڏهن يهودين پاڻ ۾ گڏجي اها صلاح ڪئي تہ هن کي ماري وجهون:</verse>
				<verse number="24">پر شائول کي سندن منصوبي جي خبر پئجي ويئي. مگر اهي رات ڏينهن شهر جي دروازن تي پهرو پيا ڏيندا هئا تہ هن کي ماريون:</verse>
				<verse number="25">پر سندس شاگردن رات جي وقت هن کي هڪڙي کاري ۾ ويهاري شهر جي ڀت کان هيٺ لاهي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="26">۽ جڏهن هو يروشلم ۾ آيو، تڏهن ڀانيائين تہ شاگردن سان وڃي گڏجان، پر اهي سڀيئي کانئس ڊنا ٿي، جو اعتبار ئي نٿي آين تہ هو بہ ڪو شاگرد آهي.</verse>
				<verse number="27">پر برناباس هن کي وٺي رسولن وٽ آيو، ۽ هنن کي ٻُڌايائين تہ ڪهڙيءَ طرح هن واٽ تي خداوند کي ڏٺو، ۽ انهي ساڻس ڳالهايو، ۽ ڪيئن دمشق ۾ بي ڊپو ٿي يسوع جي نالي جي منادي ڪيائين.</verse>
				<verse number="28">پوءِ هو يروشلم ۾ ساڻن گڏ ايندو ويندو هو.</verse>
				<verse number="29">۽ همت جهلي خداوند جي منادي پيو ڪندو هو: ۽ يوناني يهودين سان گفتگو ۽ بحث بہ پيو ڪندو هو، پر هو سندس مارڻ جا وجهہ پيا ڳوليندا هئا.</verse>
				<verse number="30">۽ جڏهن ڀائرن کي خبر پيئي تڏهن هن کي قيصريہ ۾ وٺي آيا، ۽ اُتان ترسس ڏانهن روانو ڪيائونس.</verse>
				<verse number="31">تنهن کانپوءِ ساري يهوديہ، ۽ گليل، ۽ سامريہ ۾ ڪليسيا کي امن مليو، ۽ اُها قائم ٿيندي ويئي؛ ۽ خداوند جي ڊپ ۾ هلندي ۽ پاڪ روح جي تسلي ۾ وڌندي ويئي.</verse>
				<verse number="32">۽ هيئن ٿيو جو جيئن پطرس سڀ ڪنهن هنڌ پي گشت ڪيو، تيئن انهن پاڪ ٿيلن وٽ بہ وڃي پهتو جي لدہ ۾ رهندا هئا.</verse>
				<verse number="33">اتي هن هڪڙو ماڻهو اينياس نالي ڏٺو، جو اٺن ورهين کان کٽولي تي پيو هو، جو هن کي اڌ رنگ جي بيماري هئي.</verse>
				<verse number="34">۽ پطرس هن کي چيو تہ ”اينياس، يسوع مسيح توکي ڇُٽائي چڱو ڀلو ٿو ڪري! اُٿ، اُٿي پنهنجو هنڌ وڇاءِ.“ ۽ انهي دم هو اُٿي کڙو ٿيو.</verse>
				<verse number="35">۽ جيڪي لدہ ۽ شارون ۾ رهندا هئا، تن سڀني هن کي ڏٺو، ۽ خداوند ڏانهن ڦريا.</verse>
				<verse number="36">هاڻي يافا ۾ هڪڙي شاگردياڻي هئي، جنهن جو نالو طبيتا هو، جنهن جي معنيٰ آهي ”هرڻي“؛ اُها زال گهڻا ئي نيڪ ڪم ڪندي ۽ خيراتون ڏيندي هئي.</verse>
				<verse number="37">۽ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو جو هوءَ بيمار ٿي مري ويئي: ۽ اُنهيءَ کي غسل ڪرائي ماڙيءَ تي هڪڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ کڻي رکيو هئائون.</verse>
				<verse number="38">جيئن تہ لدہ يافا جي ويجهو هو، شاگردن ٻُڌو تہ پطرس اتي آهي، تڏهن ٻہ ماڻهو وٽس موڪلي منٿ ڪيائونس تہ اسان وٽ جلدي هليو اچ.</verse>
				<verse number="39">تڏهن پطرس اُٿي ساڻن هليو. ۽ جڏهن هو اُتي اچي پهتو، تڏهن اُنهيءَ ماڙيءَ تي وٺي آيس، ۽ سڀ بيوهون روئنديون وٽس اچي بيٺيون؛ ۽ جيڪي ڪُرتا ۽ ڪپڙا هن سندن لاءِ جوڙيا هئا، سي ڏيکارڻ لڳيس.</verse>
				<verse number="40">پر پطرس اُنهن سڀني کي ٻاهر ڪڍي گوڏا کوڙي دعا گهُرڻ لڳو؛ ۽ لاشي ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو، تہ اي طبيتا اُٿ! ۽ هن پنهنجون اکيون پَٽيون، ۽ جڏهن پطرس کي ڏٺائين، تڏهن اُٿي ويهي رهي.</verse>
				<verse number="41">پوءِ هن هٿ ڏيئي اُٿاريس، ۽ انهن پاڪ ٿيلن ۽ بيوهن کي سڏي اُها جيئري جاڳندي سندن حوالي ڪيائين.</verse>
				<verse number="42">سو اها ڳالهہ ساري يافا ۾ مشهور ٿي ويئي، ۽ گهڻن ئي کي خداوند تي ايمان آيو.</verse>
				<verse number="43">۽ هو گهڻائي ڏينهن يافا ۾ هڪڙي شمعون نالي چمار وٽ رهي پيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">هاڻي قيصريہ ۾ ڪرنيليس نالي هڪڙو ماڻهو هوندو هو، جو انهيءَ پلٽڻ جو صوبيدار هو، جنهن کي اطالياني پلٽڻ ڪري سڏيندا هئا.</verse>
				<verse number="2">هو ديندار ماڻهو هو، ۽ پاڻ توڙي سندس گهراڻو سڀ خدا جو ڊپ رکندا هئا؛ ۽ هو اُمت کي گهڻي خيرات ڏيندو هو، ۽ هميشہ خدا کان دعا گهُرندو هو.</verse>
				<verse number="3">هن هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽين بجي رويا ۾ صاف صاف خدا جي هڪڙي ملائڪ کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺو، جنهن چيس تہ اي ڪرنيليس!</verse>
				<verse number="4">۽ هن ڏانهنس چتائي نهاريو، ۽ ڊڄي ڊڄي چيائين، تہ اي خداوند ڇا آهي؟ هن چيس تہ تنهنجون دعائون ۽ تنهنجون خيراتون خدا جي حضور ۾ قبول پيون آهن.</verse>
				<verse number="5">هاڻي تون يافا ۾ ماڻهو موڪلي هڪڙي شخص شمعون کي گهُرائي وٺ؛ جنهن کي پطرس ٿا سڏين.</verse>
				<verse number="6">اهو شمعون نالي هڪڙي چمار وٽ ٽڪيو پيو آهي، جنهن جو گهر سمنڊ جي ڪناري تي آهي.</verse>
				<verse number="7">۽ جنهن ملائڪ ساڻس ڳالهايو، سو جڏهن هليو ويو، تڏهن هن پنهنجي ٻن نوڪرن کي، ۽ جيڪي سپاهي هميشہ سندس خدمت ۾ رهندا هئا، تن مان هڪڙي ديندار سپاهيءَ کي سڏيو،</verse>
				<verse number="8">۽ سڀ ڳالهيون ٻُڌائي کين يافا ڏانهن موڪليائين.</verse>
				<verse number="9">هاڻي ٻئي ڏينهن، جڏهن هو اڃا پنڌ ۾ هئا ۽ شهر جي ويجهو پهتا، تڏهن اٽڪل ٻپهريءَ مهل پطرس دعا گهُرڻ لاءِ کڏ تي چڙهي ويو:</verse>
				<verse number="10">پوءِ اچي بُک لڳيس، سو ڀانيائين تہ ڪي کان: پر اڃا هنن تياري پئي ڪئي، تہ هو وجد ۾ اچي ويو؛</verse>
				<verse number="11">۽ ڇا ٿو ڏسي، تہ آسمان کُليو پيو آهي ۽ هڪڙو ٿانءُ وڏيءَ چادر وانگر چئني ڪُنڊن کان لٽڪيل هيٺ زمين تي پيو لهي:</verse>
				<verse number="12">جنهن ۾ زمين جي سڀني قسمن جا چوپايا جانور ۽ سرڻا ۽ آسمان جا پکي آهن.</verse>
				<verse number="13">پوءِ هڪڙو آواز آيس، تہ اي پطرس اُٿ، ڪُهي کاءُ.</verse>
				<verse number="14">پر پطرس چيو تہ اي خداوند، هرگز نہ؛ ڇالاءِ جو مون ڪڏهن بہ ڪا حرام يا ناپاڪ شيءِ نہ کاڌي آهي.</verse>
				<verse number="15">وري ٻيو ڀيرو آواز آيس تہ جيڪي خدا پاڪ ڪيو آهي، تنهن کي تون حرام نہ سمجهہ.</verse>
				<verse number="16">ٽي ڀيرا ائين ئي ٿيو، پوءِ اُمالڪ اُهو ٿانءُ آسمان ڏانهن کڄي ويو.</verse>
				<verse number="17">هاڻي جڏهن پطرس پنهنجي دل ۾ انهي فڪر ۾ هو تہ هي رويا جا مون ڏٺي، تنهن جي معنيٰ ڇا آهي؟ تہ ڏسو، اُهي ماڻهو، جن کي ڪرنيليس موڪليو هو، سي شمعون جو گهر پُڇائي، دروازي تي اچي بيٺا؛</verse>
				<verse number="18">۽ سڏ ڪري پڇڻ لڳا، تہ شمعون، جنهن کي پطرس ڪري چوندا آهن، سو ڪو اُتي ٽڪيل آهي؟</verse>
				<verse number="19">۽ اڃا پطرس انهيءَ رويا تي خيال پئي ڪيو.</verse>
				<verse number="20">تہ روح چيس تہ ڏس، ٽي ماڻهو توکي پيا ڳولين، اُٿي، هيٺ لهي وڃ ۽ ڪنهن بہ شڪ شبهي کانسواءِ ساڻن گڏجي هليو وڃ، ڇو جو مون هنن کي موڪليو آهي.</verse>
				<verse number="21">تڏهن پطرس لهي انهن ماڻهن وٽ آيو ۽ چيائين، تہ اِجهو، جنهن کي اوهين ڳوليو ٿا، سو آئون آهيان: اوهين ڪيئن آيا آهيو؟</verse>
				<verse number="22">هنن چيس تہ ڪرنيليس صوبيدار، جو راستباز ۽ خدا ترس ماڻهو آهي، ۽ يهودين جي سڄيءَ قوم ۾ ڏاڍي ساراهہ اٿس، تنهن کي خدا کان پاڪ ملائڪ جي وسيلي هدايت ملي آهي، تہ توکي پنهنجي گهر گهُرائي توکان ڪلام ٻُڌي.</verse>
				<verse number="23">تنهن تي هن کين سڏي پاڻ وٽ ٽڪايو. ۽ ٻئي ڏينهن هو اُٿي ساڻن روانو ٿيو، ۽ يافا مان ڪي ڀائر بہ ساڻن گڏجي ويا.</verse>
				<verse number="24">۽ ٻئي ڏينهن هو قيصريہ ۾ وڃي پهتا، ۽ ڪرنيليس پنهنجن عزيزن ۽ خاص دوستن کي سڏي گڏ ڪري هنن جي انتظار ۾ هو.</verse>
				<verse number="25">۽ هيئن ٿيو جو جڏهن پطرس اندر گهڙڻ لڳو، تہ ڪرنيليس وڃي گڏيس ۽ پيرين پئي سجدو ڪيائينس.</verse>
				<verse number="26">پر پطرس اُٿاري چيس تہ اُٿي بيهہ؛ آئون پاڻ بہ تہ انسان آهيان.</verse>
				<verse number="27">۽ هن سان ڳالهيون ڪندو اندر ويو؛ ۽ ڏسي تہ گهڻائي گڏ ٿيا ويٺا آهن:</verse>
				<verse number="28">تڏهن اُنهن کي چيائين تہ خود اوهان کي خبر آهي تہ ڪنهن بہ يهوديءَ کي ٻي قوم واري ماڻهوءَ سان سنگت رکڻ يا انهي وٽ لنگهي وڃڻ روا نہ آهي؛ تنهن هوندي بہ خدا مون کي ڏيکاريو آهي تہ آئون ڪنهن کي بہ پليت يا ناپاڪ نہ سڏيان.</verse>
				<verse number="29">انهي ڪري جڏهن مون کي سڏڻ آيا، تڏهن ڪنهن بہ عذر کانسواءِ آئون هليو آيس. هاڻي ٻُڌايو تہ مون کي ڇو گهُرايو اٿوَ؟</verse>
				<verse number="30">تڏهن ڪرنيليس چيو تہ چار ڏينهن ٿيندا تہ هيڏيءَ مهل مون پنهنجي گهر ۾ ٽپهريءَ جي دعا پئي گهُري، تہ اوچتو هڪڙو ماڻهو چمڪندڙ پوشاڪ پائي منهنجي اڳيان اچي بيٺو،</verse>
				<verse number="31">۽ چوڻ لڳو، تہ اي ڪرنيليس، تنهنجي دعا قبول پيئي آهي، ۽ تنهنجي خيرات خدا جي حضور ۾ ياد آهي.</verse>
				<verse number="32">تنهنڪري ڪي ماڻهو يافا ۾ موڪلي شمعون، جنهن کي پطرس ڪري سڏيندا آهن، تنهن کي پاڻ وٽ گهُرائي وٺ؛ اهو سمنڊ جي ڪناري تي شمعون چمار جي گهر ۾ ٽڪيل آهي.</verse>
				<verse number="33">سو يڪدم تو ڏانهن ماڻهو موڪليم؛ ۽ تو چڱو ڪيو جو آئين. سو هاڻ اسين سڀ خدا جي حضور ۾ حاضر آهيون، انهي لاءِ تہ جيڪي خداوند توکي فرمايو آهي، سو سڀ ٻُڌون.</verse>
				<verse number="34">تڏهن پطرس پنهنجو وات کولي چوڻ لڳو تہ مون کي پڪ آهي تہ خدا ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي پاسخاطري نٿو ڪري؛</verse>
				<verse number="35">پر سڀ ڪنهن قوم ۾ جيڪو کانئس ڊڄي ٿو ۽ راستبازيءَ تي هلي ٿو، سو وٽس قبول ٿو پوي.</verse>
				<verse number="36">جيڪو ڪلام هن بني اسرائيل ڏانهن موڪليو، جڏهن ڪ يسوع مسيح (جو سڀني جو خداوند آهي) تنهن جي وسيلي صلح جي خوشخبري ٻُڌايائين.</verse>
				<verse number="37">تنهن ڪلام جي خود اوهان کي خبر آهي، تہ يوحنا بپتسما جي منادي ڪئي، تنهن کانپوءِ گليل کان شروع ٿي ساري يهوديہ ۾ مشهور ٿي ويو،</verse>
				<verse number="38">تہ ڪيئن خدا، پاڪ روح ۽ قدرت سان يسوع ناصريءَ کي مسح ڪيو: پوءِ اُهو ڀلايون ڪندو، ۽ جن کي شيطان ستائيندو هو، تن کي ڇُٽائيندو پئي گهُميو، ڇالاءِ جو خدا هن سان هو.</verse>
				<verse number="39">۽ جيڪي ڪہ هن يهودين جي ملڪ ۾، ۽ يروشلم ۾ ڪيو، تنهن سڀ جا اسين شاهد آهيون. پر هنن کيس صليب تي چاڙهي لٽڪائي ماريو.</verse>
				<verse number="40">پر خدا هن کي ٽئين ڏينهن جياري اُٿاريو ۽ پڌرو ڪري ڏيکاريو.</verse>
				<verse number="41">نہ سڄيءَ اُمت کي، پر انهن شاهدن کي، جن کي خدا اڳيئي چونڊيو هو؛ يعني اسان کي، جي جڏهن هو وري جي اُٿيو، تڏهن ساڻس گڏ کائيندا پيئندا هئاسين.</verse>
				<verse number="42">۽ هن اسان کي حڪم ڏنو، تہ اُمت ۾ وڃي منادي ڪريو، ۽ شاهدي ڏيو تہ هي اهو ئي آهي جو خدا جي طرفان جيئرن ۽ مُئلن جي عدالت ڪندڙ مقرر ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="43">سڀ نبي انهي جي شاهدي ٿا ڏين تہ جيڪو مٿس ايمان آڻيندو، تنهن کي سندس نالي گناهن جي معافي ملندي.</verse>
				<verse number="44">اڃا پطرس اهي ڳالهيون پئي ڪيون تہ جن اهو ڪلام پئي ٻُڌو، تن سڀني تي پاڪ روح اچي نازل ٿيو.</verse>
				<verse number="45">۽ جيڪي مختون ايمان وارا پطرس سان گڏجي آيا هئا، سي سڀيئي حيران ٿي ويا تہ روح جي بخشش غير قومن کي بہ ملي.</verse>
				<verse number="46">ڇالاءِ جو انهن کي جدا جدا ٻوليون ڳالهائيندو ۽ خدا جي وڏائي ڪندو ٻُڌائون. تڏهن پطرس ورندي ڏيئي چيو تہ</verse>
				<verse number="47">ڪو ماڻهو پاڻي روڪي ٿو سگهي ڇا، تہ جن کي اسان وانگر پاڪ روح مليو آهي، تن کي بپتسما نہ ملي؟</verse>
				<verse number="48">سو حڪم ڏنائين تہ هنن کي يسوع مسيح جي نالي تي بپتسما ڏيو. تنهن کانپوءِ هنن عرض ڪيس تہ ڪي ڏينهن اسان وٽ ٽڪي پئو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">هاڻي جيڪي رسول ۽ ڀائر يهوديہ ۾ هئا، تن ٻُڌو تہ غير قومن بہ خدا جو ڪلام مڃيو آهي.</verse>
				<verse number="2">۽ جڏهن پطرس يروشلم ۾ آيو، تڏهن جيڪي مختون هئا، سي ساڻس بحث ڪرڻ لڳا،</verse>
				<verse number="3">تہ تون نامختونن وٽ وئين ۽ وڃي ساڻن گڏ کاڌءِ.</verse>
				<verse number="4">پر پطرس شروع کان وٺي ساري ڳالهہ پيرائتي سمجهائي چين تہ،</verse>
				<verse number="5">مون يافا جي شهر ۾ دعا پئي گهُري تہ وجد ۾ هڪ رويا ڏٺم تہ هڪ ٿانءُ وڏي چادر وانگر چئني ڪُنڊن کان لٽڪيل آسمان مان هيٺ لهندو ٿو اچي؛ جو مون تائين اچي پهتو:</verse>
				<verse number="6">تنهن تي جڏهن چتائي نهاريم تہ ڏٺم تہ زمين جا چوپايا جانور، ۽ جهنگ جا مرون، ۽ سُرندڙ ڪينئان، ۽ آسمان جا پکي آهن.</verse>
				<verse number="7">۽ هڪڙو آواز بہ ٻُڌم، جنهن مون کي چيو، تہ اي پطرس، اُٿ؛ ڪُهي کاءُ.</verse>
				<verse number="8">پر مون چيو تہ اي خداوند، هرگز نہ: ڇو جو ڪابہ حرام يا ناپاڪ شيءِ ڪڏهن بہ منهنجي وات ۾ نہ ويئي آهي.</verse>
				<verse number="9">پر ٻئي ڀيري اُنهي جي جواب ۾ آسمان مان آواز آيو، تہ جيڪي خدا پاڪ ڪيو آهي، تنهن کي تون حرام ڪري نہ سمجهہ.</verse>
				<verse number="10">۽ ٽي ڀيرا ائين ئي ٿيو؛ پوءِ اُهي سڀيئي شيون آسمان ڏانهن کڄي ويون.</verse>
				<verse number="11">۽ ڏسو، جن ٽن ماڻهن کي قيصريہ مان مون ڏانهن موڪليو هئائون، سي اُنهي ئي دم اُنهيءَ گهر جي اڳيان اچي بيٺا، جنهن ۾ اسين هئاسين.</verse>
				<verse number="12">۽ روح مون کي چيو تہ بنا ڪنهن بہ هٻڪ جي ساڻن گڏجي وڃ ۽ اهي ڇهہ ڀائر بہ مون سان گڏجي هليا؛ ۽ اسين انهيءَ ماڻهوءَ جي گهر ۾ داخل ٿياسين:</verse>
				<verse number="13">۽ هن اسان کي چيو تہ مون ڏٺو تہ ملائڪ منهنجي گهر ۾ بيٺو آهي، جنهن چيم تہ يافا ۾ ماڻهو موڪلي اُنهي شمعون کي گهُرائي وٺ، جنهن کي پطرس ڪري چوندا آهن؛</verse>
				<verse number="14">۽ هو توکي اهو ڪلام ٻُڌائيندو، جنهنڪري تنهنجي ساري گهر کي نجات ملندي.</verse>
				<verse number="15">۽ اڃا آئون ڳالهائڻ لڳس، تہ پاڪ روح هنن تي بلڪل اهڙيءَ طرح اچي نازل ٿيو، جهڙيءَ طرح ڪ شروع ۾ اسان تي نازل ٿيو هو.</verse>
				<verse number="16">۽ مون کي خداوند جي اُها ڳالهہ ياد آئي جا هن چئي هئي، تہ يوحنا تہ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني، پر اوهان کي پاڪ روح سان بپتسما ملندي.</verse>
				<verse number="17">سو جڏهن اسان خداوند يسوع مسيح تي ايمان آندو هو، تڏهن جا بخشش اسان کي عطا ڪئي هئائين سا اُنهن کي بہ ڏنائين، تہ پوءِ آئون ڪير هوس جو خدا کي روڪي سگهان؟</verse>
				<verse number="18">۽ جڏهن هنن اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن کڻي ماٺ ڪيائون ۽ خدا جي تعريف ڪري چيائون تہ تڏهن خدا غير قومن کي بہ زندگيءَ جي لاءِ توبهہ جي توفيق بخشي آهي.</verse>
				<verse number="19">هاڻي جيڪا مصيبت استيفنس جي ڪري اچي پيئي هئي، تنهنڪري جيڪي ٽڙي پکڙي ويا هئا، سي گهُمندي گهُمندي فينيڪي، ۽ ڪپرس، ۽ انتاڪيہ تائين وڃي نڪتا، پر يهودين کانسواءِ ڪنهن بہ ٻئي کي ڪلام ڪين ٻُڌائيندا هئا.</verse>
				<verse number="20">پر منجهانئن ڪي ڪپرس ۽ ڪرين جا ماڻهو هئا، جي انتاڪيہ ۾ آيا هئا، اُهي يونانين کي بہ خداوند جي خوشخبري ٻُڌائڻ لڳا.</verse>
				<verse number="21">۽ خداوند جو هٿ مٿن هو: ۽ گهڻائي جن ايمان آندو سي خداوند ڏانهن ڦريا.</verse>
				<verse number="22">۽ سندن هيءَ خبر يروشلم واريءَ ڪليسيا جي ڪنن تائين وڃي پهتي: ۽ اُنهن برناباس کي انتاڪيہ تائين موڪليو.</verse>
				<verse number="23">۽ جڏهن هو اُتي آيو، تڏهن خداوند جو فضل ڏسي خوش ٿيو؛ ۽ هنن سڀني کي سمجهايائين تہ دليون جانيون خداوند ۾ وفادار رهو:</verse>
				<verse number="24">ڇالاءِ جو هو پاڻ نيڪ شخص هو، ۽ پاڪ روح ۽ ايمان سان ڀرپور هو: ۽ گهڻائي ماڻهو خداوند جي ڪليسيا ۾ اچي شامل ٿيا.</verse>
				<verse number="25">پوءِ هو شائول جي ڳولا ۾ ترسس ڏانهن ويو:</verse>
				<verse number="26">۽ جڏهن لڌائينس، تڏهن انتاڪيہ ۾ وٺي آيس. ۽ هيئن ٿيو جو هو هڪڙو سڄو سال ڪليسيا سان گڏ رهندا آيا، ۽ گهڻن ماڻهن کي تعليم ڏيندا رهيا؛ ۽ شاگرد پهريائين انتاڪيہ ۾ مسيحي سڏجڻ لڳا.</verse>
				<verse number="27">هاڻي هيئن ٿيو جو انهن ڏينهن ۾ ڪي نبي يروشلم مان انتاڪيہ ۾ آيا،</verse>
				<verse number="28">۽ منجهانئن هڪڙو اگبس نالي اُٿي بيٺو، ۽ روح جي وسيلي چيائين تہ ساريءَ دنيا تي ڏاڍو ڏڪار پوڻو آهي: جو ڪلوديس جي ڏينهن ۾ اچي پيو.</verse>
				<verse number="29">سو شاگردن مان هرهڪ ارادو ڪيو تہ جيڪي ڀائر يهوديہ ۾ رهندا آهن، تن ڏانهن پنهنجي وسعت آهر ڪجهہ مدد طور موڪليون.</verse>
				<verse number="30">سو ائين ئي ڪيائون، ۽ برناباس ۽ شائول جي هٿان بزرگن ڏانهن ڏياري موڪليائون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">هاڻي انهن ڏينهن ۾ هيروديس بادشاهہ ڪليسيا مان ڪن کي ستائڻ جي لاءِ پنهنجو هٿ کنيو؛</verse>
				<verse number="2">۽ يوحنا جي ڀاءُ يعقوب کي ترار سان مارائي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="3">۽ جڏهن ڏٺائين تہ يهودين کي اها ڳالهہ چڱي لڳي، تڏهن پطرس کي بہ جهلايائين. اهي فطيري عيد جا ڏينهن هئا.</verse>
				<verse number="4">۽ کيس جهلڻ کانپوءِ کڻي قيد ۾ وڌائينس، ۽ مٿس پهرو ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاهين جون چار چونڪيون رکي، انهن جي حوالي ڪيائينس، انهي مراد سان تہ فسح جي عيد کانپوءِ کيس ڪڍي ماڻهن جي اڳيان حاضر ڪندس.</verse>
				<verse number="5">سو پطرس تہ قيدخاني ۾ پهري هيٺ هو؛ پر ڪليسيا سندس لاءِ ڏاڍيءَ دل سان خدا کان دعا پئي گهُري.</verse>
				<verse number="6">۽ جڏهن هيروديس کيس ٻاهر وٺي اچڻ تي هو، تڏهن انهيءَ رات پطرس ٻن زنجيرن سان ٻَڌل ٻن سپاهين جي وچ ۾ سمهيو پيو هو، ۽ سپاهين دروازي جي اڳيان پهرو پئي ڏنو.</verse>
				<verse number="7">تہ ڏسو، خداوند جو ملائڪ اچي سندس اڳيان بيٺو، ۽ ڪوٺڙيءَ ۾ روشنائي چمڪڻ لڳي؛ ۽ هن پطرس کي پاسي تي هٿ لائي جاڳائي چيو، تہ جلدي اُٿ. ۽ هٿڪڙيون سندس هٿن مان ڪِري پيون.</verse>
				<verse number="8">پوءِ ملائڪ چيس، تہ ڪمر ٻَڌ ۽ جُتي پاءِ، ۽ هن ائين ئي ڪيو. وري چيائينس، تہ پنهنجو چوغو پاءِ، ۽ منهنجي پٺيان هليو اچ.</verse>
				<verse number="9">سو هو ٻاهر نڪري سندس پٺيان ويو؛ ۽ ايتري خبر نہ پيس تہ جيڪي ملائڪ ٿو ڪري، سو سچ پچ ائين آهي، پر ڀانيائين تہ آئون ڪا رويا ٿو ڏسان.</verse>
				<verse number="10">۽ جڏهن هو پهرينءَ ۽ ٻيءَ چونڪيءَ مان نڪري اُنهي لوهہ جي دروازي وٽ آيا، جنهن مان شهر ڏانهن وڃڻ جو رستو هو، تڏهن اهو سندن لاءِ پاڻهي پَٽجي پيو، ۽ هو ٻاهر نڪري هڪڙيءَ گهٽيءَ مان لنگهي ويا؛ ۽ انهي دم ملائڪ وٽانئس هليو ويو.</verse>
				<verse number="11">۽ جڏهن پطرس هوش ۾ آيو، تڏهن چوڻ لڳو تہ هاڻي مون کي پڪ ٿي آهي تہ خداوند پنهنجو ملائڪ موڪلي مون کي هيروديس جي چنبي مان، ۽ جيڪا يهودي قوم جي اُميد هئي، تنهن کان ڇڏايو آهي.</verse>
				<verse number="12">۽ جڏهن انهيءَ ڳالهہ تي ويچار ڪري رهيو تڏهن هو، يوحنا جنهن کي مرقس ڪري چوندا هئا، تنهن جي ماءُ مريم جي گهر آيو؛ اُتي گهڻا ئي اچي گڏ ٿيا هئا ۽ دعا پئي گهُريائون.</verse>
				<verse number="13">۽ جڏهن هن در کڙڪايو، تڏهن رودا نالي هڪڙي ڇوڪري ڏسڻ آئي تہ ڪير آهي.</verse>
				<verse number="14">۽ جڏهن سڃاتائين تہ هي پطرس جو آواز آهي، تڏهن خوشي وچان در پَٽڻ کان اڳيئي اندر ڊوڙي وڃي ٻُڌايائين تہ پطرس در تي بيٺو آهي.</verse>
				<verse number="15">هنن چيس تہ تون چري آهين. پر هوءَ يقين سان چوندي رهي تہ ائين ئي آهي. هنن چيو تہ اهو سندس ملائڪ هوندو.</verse>
				<verse number="16">پر پطرس در کڙڪائيندو رهيو، ۽ جڏهن هنن در کوليو، تڏهن کيس ڏسي حيران ٿي ويا.</verse>
				<verse number="17">پر هن هٿ سان اشارو ڏيئي چين تہ ماٺ ڪريو، پوءِ ٻُڌايائين تہ ڪيئن خداوند کيس قيدخاني مان ڇڏايو. ۽ چيائين تہ هن ڳالهہ جي يعقوب ۽ ٻين ڀائرن کي خبر ڏجو. پوءِ پاڻ نڪري ٻئي هنڌ هليو ويو.</verse>
				<verse number="18">هاڻي جڏهن صبح ٿيو، تڏهن سپاهين ۾ ڏاڍي ڦڙڦوٽ پئجي ويئي تہ پطرس ڪيڏانهن ويو؟</verse>
				<verse number="19">۽ جڏهن هيروديس هن جي ڳولا ڪئي پر نہ لڌو، تڏهن هن پهري وارن کان پڇاڳاڇا ڪئي، پوءِ حڪم ڏنائين تہ کين قتل ڪري ڇڏيو. ۽ پاڻ يهوديہ مان نڪري وڃي قيصريہ ۾ رهيو.</verse>
				<verse number="20">هاڻي هيروديس صور ۽ صيدون جي ماڻهن تي ڏاڍو ڪاوڙيل هو؛ ۽ اُهي پاڻ ۾ صلاح ڪري وٽس آيا، ۽ بلاسطس، جو بادشاهہ جو ناظر هو، تنهن کي پنهنجي پاسي ڪري عرض ڪيائونس تہ اسان سان پرچاءُ ڪر، ڇالاءِ جو هنن کي بادشاهہ جي ملڪ مان سيڌو سامان پهچندو هو.</verse>
				<verse number="21">پوءِ هيروديس هڪڙو ڏينهن مقرر ڪري بادشاهي پوشاڪ ڍڪي تخت تي اچي ويٺو، ۽ سندن اڳيان هڪڙي تقرير ڪيائين.</verse>
				<verse number="22">۽ ماڻهو واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ هي خدا ٿو ڳالهائي، نہ انسان.</verse>
				<verse number="23">۽ اُنهي دم خدا جي ملائڪ اچي ماريس، ڇالاءِ جو هن خدا کي وڏائي نہ ڏني؛ ۽ ڪينئان پئجي ويس، ۽ مري ويو.</verse>
				<verse number="24">پر خدا جو ڪلام وڌندو ۽ پکڙندو ويو.</verse>
				<verse number="25">۽ برناباس ۽ شائول پنهنجي خدمت پوري ڪري، ۽ يوحنا جنهن کي مرقس سڏيندا هئا، تنهن کي پاڻ سان وٺي يروشلم ۾ آيا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">هاڻي انتاڪيہ ۾ جيڪا ڪليسيا هئي، تنهن ۾ نبي ۽ معلم هوندا هئا، جيئن تہ برناباس ۽ شمعون جنهن کي ڪارو سڏيندا هئا، ۽ ڪيرين جو رهاڪو لوسيس، ۽ منائين، جو ملڪ جي چوٿين پتيءَ جي حاڪم هيروديس جي درٻار ۾ رهندو هو، ۽ شائول.</verse>
				<verse number="2">جڏهن هنن روزا رکي خداوند جي عبادت پئي ڪئي، تڏهن پاڪ روح چين تہ جنهن ڪم لاءِ مون برناباس ۽ شائول کي چونڊيو آهي، تنهن ڪم لاءِ کين منهنجي واسطي ڌار ڪريو.</verse>
				<verse number="3">تڏهن هنن روزا رکي ۽ دعا گهُري، مٿن هٿ رکيا، ۽ کين روانو ڪيائون.</verse>
				<verse number="4">سو اهي پاڪ روح جي موڪلڻ موجب سلوڪيہ ڏانهن ويا؛ ۽ اتان جهاز تي چڙهي ڪپرس ڏانهن روانا ٿيا.</verse>
				<verse number="5">۽ جڏهن سلميس ۾ اچي پهتا، تڏهن يهودين جي عبادتخانن ۾ خدا جي ڪلام جي منادي ڪرڻ لڳا: ۽ يوحنا ساڻن هو.</verse>
				<verse number="6">۽ جڏهن هو سارو ٻيٽ لنگهي پافس ۾ اچي پهتا، تڏهن اتي هڪڙو يهودي جادوگر ڏٺائون، جو ڪوڙو نبي هو، ۽ جنهن جو نالو بريسوع هو.</verse>
				<verse number="7">هو صوبي جي حاڪم سرگيس پولس سان هو، جو سمجهو ماڻهو هو. انهي برناباس ۽ شائول کي پاڻ وٽ گهُرائي خدا جو ڪلام ٻُڌڻ جي مرضي ڏيکاري.</verse>
				<verse number="8">پر اليماس يعني جادوگر (ڇوتہ انهي لقب جي معنيٰ اها آهي) سندن برخلاف ٿي بيٺو، جو ڀانيائين تہ حاڪم کي ايمان آڻڻ کان روڪيان.</verse>
				<verse number="9">پر شائول، جنهن کي پولس بہ چوندا آهن، تنهن پاڪ روح سان ڀرجي ڏانهنس چتائي نهاريو،</verse>
				<verse number="10">۽ چوڻ لڳو تہ ”اي شيطان زادا، تون جو هر قسم جي ٺڳيءَ ۽ بدڪاريءَ سان ڀريل، ۽ هر طرح جي نيڪيءَ جو دشمن آهين، تون خداوند جي سنئين واٽن کي ڦيرائڻ کان بس ڪين ڪندين؟</verse>
				<verse number="11">هاڻي ڏس، تو تي خداوند جي مار پوندي، ۽ تون انڌو ٿي پوندين، ۽ ڪجهہ مدت تائين سج بہ ڏسڻ ۾ ڪين ايندءِ.“ ۽ هڪدم هن تي ڌنڌ ۽ اونداهي اچي پيئي؛ ۽ هو هيڏانهن هوڏانهن هٿوراڙيون هڻڻ لڳو تہ ڪو کيس هٿ کان وٺي هلي.</verse>
				<verse number="12">تڏهن حاڪم هي حال ڏسي خداوند جي تعليم تي حيران ٿي ويو، ۽ ايمان آندائين.</verse>
				<verse number="13">هاڻي پولس ۽ سندس سنگتي پافس مان جهاز تي چڙهي روانا ٿيا، ۽ پرگا ۾ آيا، جو پمفوليہ ۾ آهي؛ پر يوحنا هنن کي ڇڏي موٽي يروشلم ۾ آيو.</verse>
				<verse number="14">پر هو پرگا مان لنگهي پسديہ واري انتاڪيہ شهر ۾ آيا، ۽ سبت جي ڏينهن عبادتخاني ۾ وڃي ويٺا.</verse>
				<verse number="15">۽ جڏهن توريت ۽ نبين جو ڪتاب پڙهي رهيا، تڏهن عبادتخاني جي سردارن سڏائي چين تہ اي ڀائرو، جيڪڏهن اوهان کي ڪا نصيحت جي ڳالهہ ماڻهن کي ٻُڌائڻي هجي تہ ٻُڌايو.</verse>
				<verse number="16">تنهن تي پولس اُٿي بيٺو ۽ هٿ سان اشارو ڏيئي چوڻ لڳو تہ اي اسرائيليو! ۽ اوهين جن کي خدا جو ڊپ آهي، سي ڪَن ڏيئي ٻُڌو،</verse>
				<verse number="17">هن اسرائيلي اُمت جي خدا اسان جي ابن ڏاڏن کي چونڊي ڪڍيو، ۽ جڏهن اُها اُمت مصر ملڪ ۾ مسافر ٿي رهندي هئي، تڏهن اُن کي سرفراز ڪيائين، ۽ زور واري ٻانهن سان کين اُتان ڪڍي آيو.</verse>
				<verse number="18">۽ اٽڪل چاليهن ورهين جي مدت تائين رڻ پٽ ۾ سندن ڪمن جي برداشت ڪيائين.</verse>
				<verse number="19">۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ ست قومون برباد ڪري، اٽڪل ساڍين چئن صدين تائين کين سندن ملڪ ورثي ۾ ڏيئي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="20">۽ اِنهن ڳالهين کانپوءِ هنن لاءِ سموئيل نبيءَ جي زماني تائين قاضي مقرر ڪيائين.</verse>
				<verse number="21">تنهن کانپوءِ هنن بادشاهہ گهُريو؛ ۽ خدا چاليهن ورهين جي عرصي تائين بنيمين جي قبيلي مان قيش جي پٽ شائول کي سندن بادشاهہ ڪيو.</verse>
				<verse number="22">۽ جڏهن اُنهي کي برطرف ڪيائين، تڏهن دائود کي سندن بادشاهہ بنايائين؛ ۽ هيءَ شاهدي ڏيئي چيائين، تہ مون کي هڪڙو ماڻهو، يسيءَ جو پٽ دائود، پنهنجي دل وٽان مليو آهي، جو سڀ ڪنهن طرح منهنجيءَ مرضيءَ تي هلندو.</verse>
				<verse number="23">جيئن خدا واعدو ڪيو هو، تيئن ئي هن دائود جي نسل مان اسرائيل وٽ هڪڙو ڇوٽڪارو ڏيندڙ، يعني يسوع کي موڪليو؛</verse>
				<verse number="24">جنهن جي اچڻ کان اڳي يوحنا اسرائيل جي ساري اُمت جي اڳيان هن ڳالهہ جي منادي ڪئي، تہ توبهہ ڪري بپتسما وٺو.</verse>
				<verse number="25">۽ جڏهن يوحنا پنهنجو دور پورو ڪرڻ تي هو، تڏهن چيائين، تہ اوهين ڀانئيو ٿا تہ آئون ڪير آهيان؟ آئون اُهو ناهيان؛ پر ڏسو، مون کانپوءِ اُهو شخص ٿو اچي، جنهن جي پيرن جي جُتيءَ جي ڌاڳن ڇوڙڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان.</verse>
				<verse number="26">اي ڀائرو، ابراهيم جا اولاد، ۽ اي خدا ترس ماڻهو، اسان وٽ اِهو نجات جو ڪلام موڪليو ويو آهي.</verse>
				<verse number="27">ڇالاءِ جو يروشلم جي رهاڪن ۽ سندن حاڪمن، نڪي کيس قبوليو، نڪي نبين جون ڳالهيون، جي هر ڪنهن سبت جي ڏينهن پڙهبيون آهن، سمجهيون؛ اِنهي سبب، جا فتويٰ جاري ڪيائين، تنهن سان نبين جون ڳالهيون پوريون ڪيائون.</verse>
				<verse number="28">۽ جيتوڻيڪ هنن کي انهي جي مارڻ جو ڪوبہ سبب ڪونہ مليو، تڏهن بہ هنن پلاطس کي عرض ڪيو تہ کيس مارائي ڇڏ.</verse>
				<verse number="29">۽ جيڪي ڳالهيون سندس بابت لکيل هيون، سي سڀ جڏهن پوريون ڪيائون، تڏهن هن کي صليب تان لاهي قبر ۾ رکيائون.</verse>
				<verse number="30">پر خدا کيس مُئلن مان جياريو.</verse>
				<verse number="31">۽ جيڪي ساڻس گڏ گليل مان يروشلم ۾ آيا هئا، سي گهڻن ڏينهن تائين کيس ڏسندا رهيا، ۽ اُهي ئي اُمت جي اڳيان سندس شاهد آهن.</verse>
				<verse number="32">۽ جيڪو واعدو اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو ويو هو، تنهن جي خوشخبري اسان آندي آهي؛</verse>
				<verse number="33">تہ ڪيئن خدا يسوع کي جياري، اسان جي اولاد جي لاءِ اُهو واعدو پورو ڪيو؛ جيئن ڪ ٻئي زبور ۾ لکيل آهي تہ ”تون منهنجو پٽ آهين، اڄ تون مون کان پيدا ٿئين.“</verse>
				<verse number="34">باقي اها ڳالهہ تہ هن اُنهي کي اهڙيءَ طرح مُئلن مان جياريو جو هو وري مرڻ جو ناهي، تنهن بابت هن هيئن چيو آهي، تہ ”آئون توکي دائود واريون پاڪ ۽ سچيون نعمتون ڏيندس.“</verse>
				<verse number="35">ڇالاءِ جو ٻئي زبور ۾ هيئن بہ چوي ٿو تہ ”تون پنهنجي پاڪ ٿيل کي سڙي وڃڻ ڪين ڏيندين.“</verse>
				<verse number="36">ڇالاءِ جو دائود تہ پنهنجي وقت ۾ خدا جي مرضيءَ پٽاندر هلندو هو، تنهن کانپوءِ پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي گڏيو، ۽ سڙي مري ويو:</verse>
				<verse number="37">پر جنهن کي خدا جياريو، سو سڙي ڪين ويو.</verse>
				<verse number="38">تنهنڪري، اي ڀائرو، اوهان کي روشن هجي، تہ انهي جي وسيلي اوهان کي گناهن جي معافيءَ جي خبر ٿي ڏجي؛</verse>
				<verse number="39">۽ جيڪو ايمان ٿو آڻي، سو هن جي ئي ڪري انهن سڀني ڳالهين کان سچو ٺهرائبو، جن کان موسيٰ جي شريعت ڪري اوهين سچا ٺهرجي نٿي سگهيا.</verse>
				<verse number="40">تنهنڪري خبردار رهجو تہ جيڪي نبي چئي ويا آهن، سو متان اوهان تي اچي پوي.</verse>
				<verse number="41">”اوهين جي حقارت ٿا ڪريو، سي ڏسي عجب ۾ پئجي وڃو؛ ۽ برباد ٿي وڃو، ڇالاءِ جو آئون اوهان جي زماني ۾ هڪڙو ڪم ڪندس، اهڙو جو جيڪڏهن ڪو اوهان کي بيان ڪري ٻُڌائي تہ اوهين ڪڏهن بہ مٿس اعتبار ڪين آڻيندا.“</verse>
				<verse number="42">۽ جڏهن هو ٻاهر نڪتا، تڏهن ماڻهن کين منٿ ڪري چيو، تہ اهي ڳالهيون ورندي سبت جي ڏينهن بہ اسان کي ٻُڌائجو.</verse>
				<verse number="43">پوءِ جڏهن جماعت برخاست ٿي، تڏهن گهڻا يهودي، ۽ سندن ڪيترا ديندار نومريد، پولس ۽ برناباس جي پٺيان آيا، ۽ هنن ساڻن گفتگو ڪري کين همتايو تہ خدا جي فضل تي قائم رهندا اچو.</verse>
				<verse number="44">۽ ورندي سبت جي ڏينهن اٽڪل سڄو شهر خدا جو ڪلام ٻُڌڻ لاءِ اچي گڏ ٿيو.</verse>
				<verse number="45">پر جڏهن يهودين هيترا ماڻهو ڏٺا، تڏهن ڏاڍا ساڙ لڳن، ۽ جيڪي ڳالهيون پولس پي ڪيون، تن جي برخلاف ڳالهائڻ ۽ ڪفر بڪڻ لڳا.</verse>
				<verse number="46">سو پولس ۽ برناباس همت جهلي ڳالهائڻ لڳا ۽ چيائون تہ ضرور هو تہ خدا جو ڪلام پهريائين اوهان کي ٻُڌائجي: پر جيئن تہ اوهان اهو ريٽي ڇڏيو آهي، ۽ هميشہ جي زندگيءَ جو پاڻ کي لائق ئي نٿا سمجهو، تنهنڪري ڏسو، اسين ڦري غير قومن ڏانهن ٿا وڃون.</verse>
				<verse number="47">ڇالاءِ جو خداوند اسان کي هيءُ حڪم ڏنو آهي، تہ ”مون توکي غير قومن جي لاءِ نُور مقرر ڪيو آهي، تہ تون زمين جي ڇيڙي تائين نجات جو وسيلو ٿين.“</verse>
				<verse number="48">۽ جڏهن غير قومن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن خوش ٿيا، ۽ خدا جي ڪلام جي وڏائي ڪرڻ لڳا، ۽ جيڪي هميشہ جي زندگيءَ لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا، تن سڀني ايمان آندو.</verse>
				<verse number="49">۽ خداوند جو ڪلام انهي ساري علائقي ۾ پکڙجي ويو.</verse>
				<verse number="50">پر يهودين خدا پرست آبروءَ وارين زالن کي، ۽ شهر جي مکيہ ماڻهن کي چوريو، ۽ پولس ۽ برناباس تي ظلم کڙو ڪرايو، ۽ هنن کي پنهنجي سرحد کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائون.</verse>
				<verse number="51">پر هو پنهنجن پيرن جي مٽي مٿن ڇنڊي، اڪونيم ۾ هليا ويا.</verse>
				<verse number="52">۽ شاگرد خوشيءَ سان ۽ پاڪ روح سان ڀرجي ويا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">۽ اڪونيم ۾ هيئن ٿيو جو هو گڏجي يهودين جي عبادتخاني ۾ ويا، ۽ اهڙي تقرير ڪيائون جو يهودين توڙي يونانين جي هڪڙي وڏي جماعت ايمان آندو.</verse>
				<verse number="2">پر جيڪي يهودي نافرمان هئا، تن غير قومن جي دلين کي چوري، ڀائرن جي برخلاف بدگمان ڪيو.</verse>
				<verse number="3">تنهنڪري هو ڳچ ڏينهن تائين اُتي ترسي پيا، ۽ اُنهي خداوند جي ڀروسي تي همت سان ڳالهائيندا رهيا، جو سندن هٿان نشان ۽ ڪرامتون ڏيکاري، پنهنجي فضل جي ڪلام جي شاهدي ڏيندو رهيو.</verse>
				<verse number="4">پر شهر جي ماڻهن ۾ اچي ڦوٽ پيئي؛ ۽ ڪي يهودين جي طرف ٿيا ۽ ڪي رسولن جي.</verse>
				<verse number="5">۽ جڏهن غير قومون ۽ يهودي، پنهنجي سردارن سان گڏ هنن کي بي آبرو ۽ سنگسار ڪرڻ جي لاءِ مٿن ڪاهي آيا،</verse>
				<verse number="6">تڏهن کين هن ڳالهہ جي خبر پئجي ويئي، ۽ هو لڪائونيہ جي شهرن، لسترہ ۽ دربي ۽ اُنهي جي آسپاس واري ملڪ ڏانهن ڀڄي ويا.</verse>
				<verse number="7">۽ اُتي خوشخبري ٻُڌائيندا رهيا.</verse>
				<verse number="8">۽ لسترہ ۾ هڪڙو ماڻهو ويٺو هوندو هو، جو پيرن کان جڏو ۽ ڄائي ڄم کان منڊو هو، ۽ ڪڏهن بہ پنڌ نہ ڪيو هئائين.</verse>
				<verse number="9">تنهن پولس کي ڳالهائيندو ٻُڌو: ۽ پولس هن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ سهي ڪيائين تہ کيس اهڙو ايمان آهي جو هو چڱو ڀلو ٿي سگهندو؛</verse>
				<verse number="10">سو زور سان چيائينس تہ پيرن ڀر سنئون ٿي بيهہ: ۽ هو ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺو، ۽ هلڻ لڳو.</verse>
				<verse number="11">۽ پولس جيڪي ڪيو هو، سو جڏهن ماڻهن ڏٺو، تڏهن وڏي واڪي لڪايونيہ جي ٻوليءَ ۾ چوڻ لڳا، تہ ديوتا انسان جي صورت ۾ لهي اسان وٽ آيا آهن.</verse>
				<verse number="12">۽ هنن برناباس جي نالي چيو تہ هيءُ زيوس آهي، ۽ پولس جي نالي چيو تہ هي هرميس آهي؛ ڇالاءِ جو اُهو مکيہ ڳالهائڻ وارو هو.</verse>
				<verse number="13">۽ زيوس، جنهن جو مندر شهر جي سامهون هو، تنهن جو پوڄاري، ڏاند ۽ گلن جا هار کڻي دروازن تي آيو، ۽ ماڻهن سان گڏجي قرباني چاڙهڻ تي هو.</verse>
				<verse number="14">پر جڏهن رسولن، يعني برناباس ۽ پولس اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڊوڙي وڃي ماڻهن جي وچ ۾ پيا، ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ</verse>
				<verse number="15">اي صاحبو، اوهين هي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوهان جا هم جنس انسان آهيون، ۽ اوهان کي خوشخبري ٿا ٻُڌايون، تہ اوهين هنن ڪوڙين شين کان پاسو ڪري، انهي جيئري خدا ڏانهن ڦري اچو، جنهن آسمان ۽ زمين ۽ سمنڊ، ۽ ٻيو جيڪي منجهن آهي سو پيدا ڪيو آهي:</verse>
				<verse number="16">جنهن گذريل زماني ۾ سڀني قومن کي پنهنجي پنهنجي رستي تي هلڻ ڏنو،</verse>
				<verse number="17">تنهن هوندي بہ هو هنن ڳالهين جي ڪري پنهنجي بابت شاهدي ڏيندو رهيو، جو هن ڀلايون ڪيون، ۽ آسمان مان اوهان لاءِ مينهن وسايائين، ۽ ڀلا فصل بخشيائين، ۽ اوهان جي دلين کي کاڌي ۽ خوشيءَ سان ڀري ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="18">۽ اهي ڳالهيون ڪري، مَسين مَسين ماڻهن کي روڪيائون تہ سندن لاءِ قرباني نہ چاڙهين.</verse>
				<verse number="19">پر ڪي يهودي انتاڪيہ ۽ اڪونيم مان اتي آيا، ۽ ماڻهن کي پنهنجي پاسي ڪري پولس کي سنگسار ڪيائون؛ ۽ ڀانيائون تہ هو مري ويو آهي، سو گهلي شهر کان ٻاهر ڇڏي آيس.</verse>
				<verse number="20">پر اڃا شاگرد سندس آسپاس بيٺا هئا، تہ هو اُٿي بيٺو، ۽ شهر ۾ آيو؛ ۽ ٻئي ڏينهن برناباس سان گڏجي دربي ڏانهن ويو.</verse>
				<verse number="21">۽ جڏهن هو انهي شهر ۾ خوشخبري ٻُڌائي رهيا، ۽ گهڻا شاگرد ڪيائون، تڏهن موٽي لسترہ، ۽ اڪونيم، ۽ انتاڪيہ ۾ آيا.</verse>
				<verse number="22">۽ شاگردن جي دلين کي مضبوط ڪندا رهيا، ۽ ايمان تي قائم رهڻ لاءِ سمجهائيندا رهيا، ۽ چوندا هئا تہ ضرور آهي تہ اسين گهڻيون مصيبتون سهي خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿيون.</verse>
				<verse number="23">۽ جڏهن هرهڪ ڪليسيا ۾ سندن لاءِ بزرگ مقرر ڪري رهيا، ۽ هنن جي لاءِ روزا رکي دعا گهُري رهيا، تڏهن کين خدا، جنهن تي ايمان آندو هئائون، تنهن جي حوالي ڪيائون.</verse>
				<verse number="24">۽ پوءِ پسديہ مان لنگهي پمفوليہ ۾ آيا.</verse>
				<verse number="25">۽ جڏهن پرگا ۾ ڪلام ٻُڌائي رهيا، تڏهن اطاليہ ڏانهن هليا ويا؛</verse>
				<verse number="26">۽ اُتان جهاز تي چڙهي انتاڪيہ ڏانهن روانا ٿيا، جتي کين انهي ڪم جي لاءِ، جو هنن هاڻ پورو ڪيو هو، خدا جي فضل لاءِ سونپيو هئائون.</verse>
				<verse number="27">۽ اُتي اچي جڏهن ڪليسيا کي گڏ ڪيائون، تڏهن جيڪي خدا سندن معرفت ڪيو هو ۽ ڪهڙيءَ طرح غير قومن جي لاءِ ايمان جو در کوليو هئائين، سو سڀ بيان ڪري ٻُڌايائون.</verse>
				<verse number="28">۽ هو شاگردن وٽ ڳچ وقت ٽڪي پيا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="15">
				<verse number="1">۽ ڪي ماڻهو يهوديہ مان اچي ڀائرن کي هيءَ تعليم ڏيڻ لڳا، تہ جيئن موسيٰ جي رسم آهي تيئن، جيسين اوهان جو ختنو نہ ٿيندو، تيسين اوهان کي نجات ملي نہ سگهندي.</verse>
				<verse number="2">۽ جڏهن پولس ۽ برناباس سان هنن جو گهڻو بحث ۽ تڪرار هليو؛ تڏهن ڀائرن اهو ٺهراءُ ڪيو تہ پولس ۽ برناباس ۽ انهن مان ڪي ٻيا، انهي سوال بابت رسولن ۽ بزرگن وٽ يروشلم ۾ وڃن.</verse>
				<verse number="3">تنهنڪري ڪليسيا کين روانو ڪيو، ۽ هو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگهي، واٽ تي ٻُڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومون خدا ڏانهن ڦري آيون آهن. اهو ٻُڌي ڀائرن کي نهايت خوشي ٿي.</verse>
				<verse number="4">۽ جڏهن يروشلم ۾ اچي پهتا، تڏهن ڪليسيا ۽ رسولن ۽ بزرگن هنن جو استقبال ڪيو، ۽ جيڪي خدا سندن معرفت ڪيو هو، سو سڀ هنن بيان ڪري ٻُڌايو.</verse>
				<verse number="5">پر فريسين جي فرقي مان جن ايمان آندو هو، تن مان ڪي اُٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا تہ ضرور آهي تہ هنن جو ختنو ٿئي، ۽ کين حڪم ڏنو وڃي تہ موسيٰ جي شريعت تي هلن.</verse>
				<verse number="6">پوءِ رسول ۽ بزرگ انهيءَ ڳالهہ تي ويچار ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا.</verse>
				<verse number="7">۽ جڏهن گهڻو بحث مباحثو هلي رهيو، تڏهن پطرس اُٿي هنن کي چيو تہ اي ڀائرو، اوهان کي خبر آهي تہ ڳچ وقت کان خدا اوهان مان مون کي چونڊي ڪڍيو تہ غير قومون منهنجي واتان خوشخبريءَ جو ڪلام ٻُڌي ايمان آڻين.</verse>
				<verse number="8">۽ خدا، جو دلين جو ڄاڻڻ وارو آهي، تنهن هنن کي بہ اسان وانگر پاڪ روح ڏيئي سندن لاءِ شاهدي ڏني؛</verse>
				<verse number="9">۽ ايمان جي وسيلي هنن جون دليون پاڪ ڪري، اسان جي ۽ هنن جي وچ ۾ ڪوبہ فرق ڪونہ رکيائين.</verse>
				<verse number="10">تنهنڪري اهڙي پاڃاري جا نڪي اسان جا ابا ڏاڏا ۽ نڪي اسين کڻي ٿي سگهياسين، سا اوهين شاگردن جي ڪنڌ تي رکي خدا کي ڇو ٿا آزمايو؟</verse>
				<verse number="11">اسان کي يقين آهي تہ اسان کي بہ خداوند يسوع جي فضل سان ائين ئي نجات ملندي، جيئن هنن کي ملندي.</verse>
				<verse number="12">۽ سڄي جماعت ماٺ ڪري برناباس ۽ پولس جو اهو بيان ويٺي ٻُڌو تہ خدا سندن معرفت غير قومن ۾ ڪهڙا ڪهڙا نشان ۽ ڪرامتون ڪيون هيون.</verse>
				<verse number="13">۽ جڏهن هنن بس ڪئي، تڏهن يعقوب ورندي ڏيئي چيو، تہ اي ڀائرو، منهنجي ڳالهہ ٻُڌو؛</verse>
				<verse number="14">شمعون بيان ڪيو آهي تہ ڪهڙيءَ طرح خدا، شروعات ۾ غير قومن تي نظر ڪئي، انهي لاءِ تہ انهن مان پنهنجي نالي لاءِ هڪڙي اُمت چونڊي ڪڍي.</verse>
				<verse number="15">۽ جيڪي نبي چئي ويا آهن، سو بہ انهيءَ سان ملي ٿو اچي، جيئن لکيل آهي تہ</verse>
				<verse number="16">”هنن ڳالهين کانپوءِ آئون موٽي ايندس، ۽ دائود جو تنبو، جو ڪِري پيو آهي، سو وري کڙو ڪندس؛ ۽ ڦاٽل ٽٽل جي مرمت ڪري انهي کي وري کڙو ڪري بيهاريندس؛</verse>
				<verse number="17">انهي لاءِ تہ باقي رهيل ماڻهو، ۽ سڀ غير قومون جي منهنجي نالي جون ٿيون سڏجن، سي خداوند جي ڳولا ڪن،</verse>
				<verse number="18">خداوند ائين ٿو فرمائي، جو دنيا جي شروع کان وٺي اهي ڳالهيون ٻُڌائيندو آيو آهي.“</verse>
				<verse number="19">تنهنڪري منهنجو فيصلو هي آهي، تہ غير قومن مان جيڪي خدا ڏانهن ڦري ٿا اچن، تن کي اسين تڪليف نہ ڏيون؛</verse>
				<verse number="20">پر کين لکي موڪليون تہ جيڪي شيون بُتن تي چاڙهي ناپاڪ ڪيون اٿن، ۽ زنا، ۽ جن جانورن کي گهوگهو ڏيئي ماريو اٿن، تن سڀني کان، ۽ رت کان پاسو ڪن.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو قديم زماني کان وٺي هر شهر ۾ موسيٰ جي توريت ٻُڌائڻ وارا هلندا ٿا اچن، جي سڀ ڪنهن سبت جي ڏينهن عبادتخانن ۾ اها پڙهندا آهن.</verse>
				<verse number="22">تڏهن رسولن ۽ بزرگن توڙي سڄيءَ ڪليسيا مناسب ڄاتو تہ پاڻ مان ڪي ماڻهو چونڊي، پولس ۽ برناباس سان گڏ انتاڪيہ ڏانهن موڪلين، يعني يهوداہ، جنهن کي برسبا ٿا چون، ۽ سيلاس؛ جي ٻئي ڀائرن ۾ مکيہ ماڻهو هئا:</verse>
				<verse number="23">۽ سندن هٿان هيئن لکي موڪليائون تہ جيڪي غير قومن وارا ڀائر انتاڪيہ، ۽ شام، ۽ ڪلڪيہ ۾ ٿا رهن، تن کي رسولن ۽ بزرگن جا سلام رسن:</verse>
				<verse number="24">جيئن تہ اسان ٻُڌو آهي تہ ڪي ماڻهو، جن کي اسان ڪو حڪم ڪونہ ڏنو هو، تن اسان وٽان وڃي ڪي ڳالهيون ڪري اوهان کي مُنجهائي ڇڏيو آهي، ۽ اوهان جي دلين ۾ رولو وجهي ڇڏيو اٿن؛</verse>
				<verse number="25">سو اسان پاڻ ۾ هم صلاح ٿي مناسب ڄاتو تہ ڪي ماڻهو چونڊي، پنهنجن پيارن برناباس ۽ پولس سان گڏ اوهان ڏانهن موڪليون؛</verse>
				<verse number="26">اِهي ٻئي اهڙا ماڻهو آهن، جن اسان جي خداوند يسوع مسيح جي نالي تي پنهنجو ساهہ سهسايو آهي.</verse>
				<verse number="27">تنهنڪري اسان يهوداہ ۽ سيلاس کي موڪليو آهي، جي پاڻ اهي ساڳيون ڳالهيون پنهنجي سر اوهان کي ٻُڌائيندا.</verse>
				<verse number="28">ڇو جو پاڪ روح کي ۽ اسان کي مناسب نظر آيو، تہ هنن ضروري ڳالهين کانسواءِ اوهان تي ٻيو بار نہ وجهون؛</verse>
				<verse number="29">تہ جيڪي قربانيون بُتن تي چاڙهيندا آهن، ۽ رت، ۽ جيڪي جانور گهٽي ماريندا آهن، ۽ زنا، تن سڀني کان پاسو ڪريو؛ ۽ جيڪڏهن اوهين پاڻ کي انهن کان پاسي رکندا تہ اوهان جي لاءِ ڀلو ٿيندو. شال سلامت رهو.</verse>
				<verse number="30">سو هو موڪلائي نڪتا ۽ انتاڪيہ ۾ اچي پهتا؛ ۽ جماعت کي گڏ ڪري اُهو خط کين ڏنائون.</verse>
				<verse number="31">جڏهن هنن اُهو پڙهيو، تڏهن جا تسلي مِليَنِ، تنهنڪري خوش ٿيا.</verse>
				<verse number="32">۽ يهوداہ ۽ سيلاس، جي پاڻ بہ نبي هئا، تن گهڻيئي ڳالهيون ٻُڌائي ڀائرن کي نصيحت ڪري مضبوط ڪيو.</verse>
				<verse number="33">۽ ڪجهہ وقت اُتي گذاري، پوءِ اتي جي ڀائرن کان خير سلامتيءَ سان موڪلائي، اُنهن ڀائرن ڏانهن روانا ٿيا جن موڪليو هون.</verse>
				<verse number="34">(پر سيلاس اتي ئي رهڻ پسند ڪيو.)</verse>
				<verse number="35">پر پولس ۽ برناباس انتاڪيہ ۾ ترسي پيا، ۽ ٻين بہ ڪيترن ئي سان گڏجي خداوند جي ڪلام جي تعليم ڏيندا، ۽ اُنهي جي خوشخبري ٻُڌائيندا رهيا.</verse>
				<verse number="36">ڪن ڏينهن کانپوءِ برناباس پولس کي چيو، تہ هل تہ انهن شهرن ۾ هلون، جن ۾ اسان خداوند جو ڪلام ٻڌايو هو، ۽ ڏسون تہ اُنهن جو ڪهڙو حال آهي.</verse>
				<verse number="37">۽ برناباس کي دل ۾ آيو تہ يوحنا، جنهن کي مرقس ٿا چون، تنهن کي بہ پاڻ سان وٺيو هلن.</verse>
				<verse number="38">پر پولس مناسب نہ سمجهيو تہ جو شخص پمفوليہ مان کانئن ڌار ٿي ويو هو، ۽ اِنهي ڪم لاءِ ساڻن نہ هليو، تنهن کي ساڻ کڻجي.</verse>
				<verse number="39">تنهن تي اهڙو سخت تڪرار ٿيو، جو هو هڪ ٻئي کان ڌار ٿي پيا. ۽ برناباس مرقس کي وٺي جهاز تي چڙهي ڪپرس ڏانهن روانو ٿيو؛</verse>
				<verse number="40">پر پولس سيلاس کي پسند ڪري کنيو؛ ۽ ڀائرن هن کي خدا جي فضل جي حوالي ڪيو؛ پوءِ هو روانو ٿيو.</verse>
				<verse number="41">۽ ڪليسيائن کي مضبوط ڪندو، شام ۽ ڪلڪيہ مان لنگهي ويو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="16">
				<verse number="1">۽ هو دربي ۽ لسترہ ۾ بہ آيو: ۽ ڏسو، هڪڙو شاگرد تيمٿيس نالي اُتي هو. هو هڪڙيءَ يهودڻ جنهن ايمان آندو هو، تنهن جو پٽ هو، پر سندس پيءُ يوناني هو،</verse>
				<verse number="2">۽ لسترہ ۽ اڪونيم جي ڀائرن ۾ معتبر ليکجڻ ۾ ايندو هو.</verse>
				<verse number="3">پولس جي مرضي هئي تہ اُهو ساڻس هلي؛ پر جيڪي يهودي اُتي هئا، تن جي ڪري هن جو ختنو ڪيائين، ڇالاءِ جو اُنهن سڀني کي خبر هئي تہ هن جو پيءُ يوناني هو.</verse>
				<verse number="4">۽ جيئن هو شهرن مان لنگهندا ويا، تيئن جيڪي حڪم رسولن ۽ بزرگن يروشلم ۾ جاري ڪيا هئا، سي کين مڃڻ لاءِ ڏيندا ويا.</verse>
				<verse number="5">سو ڪليسيائون روز بروز ايمان ۾ مضبوط ٿينديون ۽ تعداد ۾ وڌنديون ويون.</verse>
				<verse number="6">۽ هو فروگيہ ۽ گلتيہ جي ملڪن مان لنگهي ويا، جو پاڪ روح هنن کي آسيا ۾ ڪلام ٻُڌائڻ کان منع ڪئي هئي؛</verse>
				<verse number="7">۽ جڏهن موسيہ جي سامهون آيا، تڏهن ڪوشش ڪيائون تہ بتونيہ ۾ وڃون؛ پر يسوع جي روح کين وڃڻ نہ ڏنو؛</verse>
				<verse number="8">تڏهن اُهي موسيہ وٽان لنگهي تروآس ۾ آيا.</verse>
				<verse number="9">۽ پولس کي رات جو هڪڙي رويا ڏسڻ ۾ آئي؛ تہ مڪدونيہ جو هڪڙو ماڻهو بيهي منٿ ڪري ٿو چويس، تہ مڪدونيہ ۾ اچي اسان جي مدد ڪر.</verse>
				<verse number="10">هن جي انهي رويا ڏسندي شرط اسان هڪدم مڪدونيہ ۾ وڃڻ جو سعيو ڪيو؛ جو سمجهيوسين تہ خدا هنن کي خوشخبري ٻُڌائڻ لاءِ اسان کي ڪوٺيو آهي.</verse>
				<verse number="11">تنهنڪري تروآس مان جهاز تي چڙهي روانا ٿي، اسين سڌا سموتراڪيءَ ڏانهن آياسين، ۽ ٻئي ڏينهن نياپلس ۾ آياسين؛</verse>
				<verse number="12">اُتان وري فلپيءَ ۾ پهتاسين، جو مڪدونيہ جو هڪڙو شهر، ۽ اُنهي پرڳڻي جو مکيہ شهر آهي، ۽ رومي ماڻهن جي بيٺڪ آهي: ۽ انهي شهر ۾ اسين ڪي ڏينهن ٽڪي پياسين.</verse>
				<verse number="13">۽ سبت جي ڏينهن شهر جي دروازي کان ٻاهر نديءَ جي ڪناري تي وياسين، جتي اسان ڀانئيو تہ دعا گهُرڻ جي ڪا جاءِ هوندي؛ ۽ اُتي ويهي جيڪي زالون اچي گڏ ٿيون هيون، تن سان گفتگو ڪرڻ لڳاسين.</verse>
				<verse number="14">۽ ٿواتيرہ شهر جي لديہ نالي هڪڙي خدا پرست زال، جا واڱڻائي رنگ جو مال وڪڻندي هئي، تنهن بہ اسان جي ڳالهہ پئي ٻُڌي: انهيءَ جي دل خدا کولي، تہ جيڪي ڳالهيون پولس پئي ڪيون، سي ڌيان ڏيئي ٻُڌي.</verse>
				<verse number="15">۽ جڏهن انهيءَ، توڙي سندس گهر جي سڀني ڀاتين بپتسما ورتي، تڏهن اسان کي منٿ ڪري چوڻ لڳي تہ جيڪڏهن اوهين مون کي خداوند جي ايماندار بندي ڪري ٿا سمجهو، تہ منهنجي گهر هلي رهو. ۽ زور ڪري اسان کي وٺي ويئي.</verse>
				<verse number="16">۽ هيئن ٿيو تہ جيئن اسين اُنهيءَ دعا گهُرڻ واري جاءِ ڏانهن پئي وياسين، تيئن اسان کي هڪڙي ٻانهي گَڏِي، جنهن ۾ غيب دان ڀوت هوندو هو، سا اڳڪٿيون ڪري پنهنجي ڌڻين کي گهڻو ئي ڪمائي ڏيندي هئي.</verse>
				<verse number="17">۽ اُها پولس ۽ اسان جي پٺيان اچي واڪا ڪري چوڻ لڳي، تہ هي ماڻهو خدا تعاليٰ جا بندا آهن، جي اوهان کي نجات جي واٽ ٿا ڏيکارين.</verse>
				<verse number="18">۽ گهڻن ڏينهن تائين هن ائين پي ڪيو، سو پولس کي ڏاڍو رنج ٿيو، تنهن ڦري اُنهي ڀوت کي چيو، تہ آئون توکي يسوع مسيح جي نالي حڪم ٿو ڏيان تہ هن مان نڪري وڃ. ۽ اوڏيءَ مهل ئي اُهو نڪري ويو.</verse>
				<verse number="19">پر جڏهن هن جي ڌڻين ڏٺو تہ اسان جي ڪمائيءَ جي اُميد هلي ويئي، تڏهن پولس ۽ سيلاس کي پڪڙي چونڪ ۾ حاڪمن وٽ گهلي وٺي آيا؛</verse>
				<verse number="20">۽ کين عملدارن وٽ آڻي چوڻ لڳا، تہ هي ماڻهو جي يهودي آهن، تن اسان جي شهر ۾ گوڙ کڻي مچايو آهي،</verse>
				<verse number="21">۽ اهڙيون رسمون ڪڍيون اٿن، جي اسان رومين کي قبول ڪرڻ، ۽ اُنهن تي هلڻ روا ناهن.</verse>
				<verse number="22">سو خلق بہ گڏجي مٿن ڪاهي آئي؛ ۽ عملدارن سندن ڪپڙا ڦاڙي لاهي حڪم ڏنو، تہ ڦٽڪا هڻون.</verse>
				<verse number="23">۽ جڏهن گهڻا ڦٽڪا هڻائي چُڪن، تڏهن کڻي قيدخاني ۾ وڌائون، ۽ داروغي کي تاڪيد ڪيائون تہ کين قابو رکي.</verse>
				<verse number="24">تنهن هي حڪم ملڻ ڪري اُنهن کي اندرئين قيدخاني ۾ کڻي وڌو، ۽ سندن ٽنگون ڪاٺ ۾ قابو ڪري ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="25">پر آڌيءَ رات ڌاري پولس ۽ سيلاس دعا پئي گهُري، ۽ خدا جي تعريف جا گيت پي ڳايائون، جي قيدين پئي ٻُڌا؛</verse>
				<verse number="26">تہ اوچتو ئي اوچتو اهڙو زلزلو اچي ٿيو، جو قيدخاني جي عمارت جي پيڙهہ ئي لُڏي ويئي، ۽ انهي دم سڀ دروازا پَٽجي پيا، ۽ سڀني جون ٻيڙيون کُلي پيون.</verse>
				<verse number="27">تنهن تي داروغو ننڊ مان جاڳي پيو، ۽ ڏٺائين تہ قيدخاني جا در کُليا پيا آهن، ۽ ڀانيائين تہ قيدي ڀڄي ويا آهن، تنهنڪري پنهنجي ترار ڪڍي پاڻ کي مارڻ تي هو؛</verse>
				<verse number="28">پر پولس وڏي سڏ پڪاري چيس، تہ پاڻ کي ايذاءُ نہ پهچاءِ، ڇالاءِ جو اسين سڀ هتي موجود آهيون.</verse>
				<verse number="29">تڏهن هن ڏيئا گهرايا ۽ اندر ٽپي ويو، ۽ ڊپ جي ڪري ڏڪندو ڏڪندو پولس ۽ سيلاس جي پيرن تي وڃي ڪِريو.</verse>
				<verse number="30">پوءِ کين ٻاهر وٺي آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ سائين، آئون ڇا ڪريان تہ نجات مليم؟</verse>
				<verse number="31">هنن چيس تہ خداوند يسوع تي ايمان آڻ تہ توکي، ۽ تنهنجي گهراڻي کي نجات ملندي.</verse>
				<verse number="32">پوءِ انهن هن کي ۽ سندس سڀني گهر وارن کي خداوند جو ڪلام ٻُڌايو.</verse>
				<verse number="33">۽ هن رات جي اُنهي وقت کين وٺي وڃي سندن ڦٽ ڌوتا، ۽ اوڏيءَ مهل ئي هن ۽ سندس سڀني ڀاتين بپتسما ورتي.</verse>
				<verse number="34">۽ هنن کي پنهنجي گهر آڻي سندن اڳيان ماني رکيائين، ۽ پاڻ ۽ سندس سارو گهراڻو، جن خدا تي ايمان آندو هو، سي ڏاڍو خوش ٿيا.</verse>
				<verse number="35">پر جڏهن صبح ٿيو، تڏهن عملدارن، حوالدارن جي هٿان چوائي موڪليو تہ انهن ماڻهن کي ڇڏي ڏيو.</verse>
				<verse number="36">۽ داروغي اها ڳالهہ پولس کي ٻُڌائي، ۽ چيائينس تہ عملدارن حڪم ڏنو آهي تہ اوهان کي ڇڏي ڏجي: سو هاڻي نڪري اچو ۽ خير سلامتيءَ سان هليا وڃو.</verse>
				<verse number="37">پر پولس هنن کي چيو تہ اسين جي رومي آهيون، تن کي بنا قصور ثابت ڪئي عام خلق جي اڳيان مار ڏيئي قيدخاني ۾ کڻي وڌو اٿن، سو هاڻ اسان کي ماٺ ميٺ ۾ ڪڍي ڇڏيندا ڇا؟ ائين ڪڏهن نہ ٿيندو؛ ڀلي تہ اُهي پاڻ اچي اسان کي ڪڍن.</verse>
				<verse number="38">تنهن تي حوالدارن اهي ڳالهيون وڃي عملدارن کي ٻُڌايون: تن جڏهن ٻُڌو تہ هي رومي آهن، تڏهن ڊپ ٿين؛</verse>
				<verse number="39">پوءِ هنن اچي کين آزي نيزاري ڪئي؛ ۽ جڏهن ٻاهر وٺي آين، تڏهن چيائون تہ شهر مان نڪري هليا وڃو.</verse>
				<verse number="40">۽ هو قيدخاني مان نڪري لديہ جي گهر آيا: ۽ ڀائرن سان گڏجي کين تسلي ڏيئي پوءِ روانا ٿيا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="17">
				<verse number="1">هاڻي هو امفپلس ۽ اپلونيہ مان لنگهي ٿسلونيڪيءَ ۾ آيا، جتي يهودين جو عبادتخانو هو:</verse>
				<verse number="2">۽ پولس پنهنجي دستور موجب انهن وٽ ويو، ۽ ٽن هفتن تائين هر سبت جي ڏينهن پاڪ ڪتاب مان ساڻن بحث ڪيائين،</verse>
				<verse number="3">۽ کولي کولي دليل ڏيئي چيائين، تہ اِهو ضرور هو تہ مسيح ڏک سهي، ۽ مُئلن مان جيئرو ٿي اُٿي؛ ۽ هي يسوع، جنهن جي آئون اوهان کي خبر ٿو ڏيان، سو ئي مسيح آهي.</verse>
				<verse number="4">۽ منجهانئن ڪن مڃيو، ۽ پولس ۽ سيلاس سان اچي گڏيا؛ ۽ گهڻا ئي ديندار يوناني ۽ ڪيتريون ئي شريف زالون بہ ساڻن گڏ شامل ٿيون.</verse>
				<verse number="5">پر يهودين حسد جي ڪري ڪي بازاري بدمعاش پاڻ سان وٺي گڏ ڪري شهر ۾ آڻي گڙٻڙ مچائي؛ ۽ ياسون جي گهر تي ڪاهي آيا، تہ انهن کي خلق جي اڳيان وٺي اچن.</verse>
				<verse number="6">۽ جڏهن اُهي نہ ملين، تڏهن ياسون، ۽ ڪن ڀائرن کي گهلي، شهر جي حاڪمن وٽ وٺي آيا، ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ هي ماڻهو، جن جهان ۾ گڙٻڙ مچائي ڇڏي آهي، سي هتي بہ آيا آهن؛</verse>
				<verse number="7">۽ اُنهن کي ياسون پاڻ وٽ ٽڪايو آهي: ۽ اِهي سڀ قيصر جي حڪمن جي برخلاف ٿا هلن، جو چون ٿا تہ بادشاهہ ڪو ٻيو آهي، يعني يسوع.</verse>
				<verse number="8">جڏهن ماڻهن ۽ حاڪمن اِهي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن مُنجهي پيا.</verse>
				<verse number="9">پوءِ ياسون ۽ اُنهن ٻين کان ضامن وٺي کين ڇڏي ڏنائون.</verse>
				<verse number="10">۽ ڀائرن هڪدم راتوواهہ پولس ۽ سيلاس کي بيريہ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو: ۽ جڏهن هو اتي پهتا، تڏهن يهودين جي عبادتخاني ۾ ويا.</verse>
				<verse number="11">هاڻي هي ٿسلونيڪيءَ جي يهودين کان وڌيڪ چڱا ماڻهو هئا، جو هنن وڏي شوق سان ڪلام قبول ڪيو، ۽ روز بروز پاڪ ڪتاب پڙهي ڏسندا هئا تہ اِهي ڳالهيون برابر ائين آهن يا نہ.</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري اُنهن مان گهڻن ايمان آندو؛ ۽ يونانين مان بہ گهڻين ئي عزت وارين زالن توڙي مردن ايمان آندو.</verse>
				<verse number="13">پر جڏهن ٿسلونيڪيءَ جي يهودين کي خبر پيئي تہ پولس بيريہ ۾ خدا جي ڪلام جي منادي پيو ڪري، تڏهن اُتي بہ وڃي ماڻهن کي چوريائون، ۽ منجهن گوڙ مچايائون.</verse>
				<verse number="14">تنهن تي ڀائرن پولس کي هڪدم روانو ڪري ڇڏيو تہ سمنڊ تائين نڪري وڃي؛ پر سيلاس ۽ تيمٿيس اُتي ئي رهي پيا.</verse>
				<verse number="15">پر جيڪي پولس کي اُماڻڻ ويا هئا، سي کيس اٿينيءَ تائين وٺي آيا، ۽ اُتان سيلاس ۽ تيمٿيس لاءِ اهو حڪم وٺي روانا ٿيا، تہ جلدي مون وٽ هليا اچو.</verse>
				<verse number="16">هاڻي جڏهن پولس هنن جي لاءِ اٿينيءَ ۾ ترسيو پيو هو، تڏهن ڏٺائين تہ سڄو شهر بُتن سان ڀريو پيو آهي، ۽ سندس روح رنجيدو ٿي ويو.</verse>
				<verse number="17">تنهنڪري هو عبادتخاني ۾، يهودين ۽ ديندار ماڻهن سان، ۽ بازار ۾ جيڪي گڏبا هئس تن سان، هر روز بحث ڪندو هو.</verse>
				<verse number="18">۽ ڪي اپڪوري ۽ ستوئيڪي فيلسوف بہ ساڻس مقابلو ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ هي ڪو ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڀانئجي؛ ڇالاءِ جو هن يسوع ۽ قيامت جي منادي پئي ڪئي.</verse>
				<verse number="19">پوءِ هو انهي کي اريوپگس نالي هڪڙيءَ جاءِ تي وٺي ويا، ۽ چوڻ لڳس تہ اسان کي ٻُڌاءِ تہ هيءَ نئين تعليم جا تون ڏين ٿو سا ڪهڙي آهي؟</verse>
				<verse number="20">ڇوتہ تون ڪي اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين، جي اسان کي عجب جهڙيون پيون لڳن: سو مرضي اٿئون تہ ٻُڌون تہ انهن جو مطلب ڇا آهي.</verse>
				<verse number="21">(هاڻي اٿينيءَ جا سڀ رهاڪو، ۽ ٻيا پرديسي ماڻهو جي اتي رهندا هئا، سي فرصت جي وقت ٻي ڪا ڪرت ڪانہ ڪندا هئا، پر رڳو نيون نيون ڳالهيون ٻُڌندا ۽ ٻُڌائيندا هئا).</verse>
				<verse number="22">تڏهن پولس، اريوپگس جي وچ ۾ بيهي چوڻ لڳو، تہ اي اٿينيءَ جا رهاڪو، آئون ڏسان ٿو تہ اوهين سڀني ڳالهين ۾ مذهبي دلچسپي ٿا رکو.</verse>
				<verse number="23">ڇالاءِ جو مون گهُمندي گهُمندي اوهان جي عبادت جي شين تي غور ڪيو، تہ هڪڙي قربانگاهہ ڏٺيم جنهن تي لکيل هو، ”نامعلوم خدا جي لاءِ.“ سو جنهن جي ڄاڻڻ سڃاڻڻ کانسواءِ اوهين عبادت ٿا ڪريو، تنهن جي آئون اوهان کي خبر ٿو ڏيان.</verse>
				<verse number="24">جنهن خدا دنيا ۽ جيڪي شيون منجهس آهن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آهن، سو آسمان ۽ زمين جو خدا ٿي ڪري، هٿن جي جوڙيلن مندرن ۾ نٿو رهي؛</verse>
				<verse number="25">نڪي ڪنهن شيءِ جو محتاج آهي، جو ماڻهن جي هٿان خدمت گهُري، ڇوتہ هو پاڻ سڀني کي زندگي ۽ ساهہ ۽ سڀ ڪجهہ ٿو ڏئي؛</verse>
				<verse number="26">۽ هن هڪڙي ئي اصل مان ماڻهن جون سڀ قومون روءِ زمين تي رهڻ لاءِ پيدا ڪيون، ۽ سندن لاءِ ٺهرايل وقت ۽ رهڻ جون حدون مقرر ڪري ڇڏيائين؛</verse>
				<verse number="27">تہ هو اُميد رکي خدا جي ڳولا ڪن، ۽ من هن ڏانهن ڦري هن کي ڳولي لهن؛ جيتوڻيڪ هو اسان مان ڪنهن کان بہ پري نہ آهي:</verse>
				<verse number="28">ڇو جو منجهس ئي اسين جيئون ۽ هلون چلون ٿا، ۽ اسان جي هستي بہ منجهس ئي آهي؛ جيئن تہ خود اوهانجن شاعرن مان بہ ڪن چيو آهي، تہ اسين انهي جو اولاد آهيون.</verse>
				<verse number="29">تنهنڪري اسين جي خدا جو اولاد آهيون، تن کي هي سمجهڻ نہ گهرجي تہ خدا جي ذات انهي سون يا چانديءَ يا پهڻ جهڙي آهي، جي اسان جي هنر ۽ حڪمت سان گهڙيل آهن.</verse>
				<verse number="30">تنهنڪري جن زمانن ۾ ماڻهو اڻڄاڻ هئا، تن زمانن ۾ خدا چشم پوشي ڪئي؛ پر هاڻي هو ماڻهن کي حڪم ٿو ڏئي تہ جتي هجن، اتي سڀيئي توبهہ ڪن:</verse>
				<verse number="31">ڇالاءِ جو هن هڪڙو ڏينهن ٺهرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هو جهان جي عدالت راستيءَ سان، انهي ماڻهوءَ جي وسيلي ڪندو، جنهن کي هن اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ کيس مُئلن مان جياري سڀني ماڻهن کي انهي جي ثابتي ڏني اٿس.</verse>
				<verse number="32">هاڻي جڏهن هنن مُئلن جي جيئري ٿيڻ جو ٻُڌو، تڏهن ڪي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، پر ٻين چيو تہ اسان کي اها ڳالهہ وري بہ ٻُڌائج.</verse>
				<verse number="33">پوءِ پولس منجهانئن نڪري هليو ويو.</verse>
				<verse number="34">پر ڪي ماڻهو ساڻس وڃي گڏيا، ۽ ايمان آندائون: منجهن ديونوسوس، جو اريوپگس جو هڪڙو مشير هو، ۽ هڪڙي زال دمرس نالي هئي، ۽ ٻيا بہ ساڻن هئا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="18">
				<verse number="1">انهن ڳالهين کانپوءِ پولس اٿينيءَ مان روانو ٿيو ۽ ڪرنٿيس ۾ آيو.</verse>
				<verse number="2">اُتي هن کي اڪولہ نالي هڪڙو يهودي مليو، جنهن جو وطن پنطس هو، ۽ پنهنجي زال پرسڪلہ سان گڏ تازو اطاليہ مان آيو هو؛ ڇالاءِ جو ڪلوديس حڪم ڏنو هو تہ سڀ يهودي روم مان نڪري وڃن: ۽ هو انهن وٽ آيو.</verse>
				<verse number="3">۽ جيئن تہ سندن ڌنڌو ساڳيو ئي هو، تنهنڪري وڃي ساڻن رهيو ۽ اُهي گڏجي ڪم ڪرڻ لڳا؛ ڇو جو هو تنبو جوڙيندا هئا.</verse>
				<verse number="4">۽ هو هر ڪنهن سبت جي ڏينهن عبادتخاني ۾ وڃي بحث ڪندو هو، ۽ يهودين توڙي يونانين کي مڃائيندو هو.</verse>
				<verse number="5">هاڻي جڏهن سيلاس ۽ تيمٿيس مڪدونيہ مان آيا، تڏهن پولس ڪلام ٻُڌائڻ ۾ ڏاڍو مشغول هو، ۽ يهودين کي انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي پئي چيائين تہ يسوع ئي مسيح آهي.</verse>
				<verse number="6">۽ جڏهن اُهي سندس سامهون ٿيڻ ۽ ڪفر بڪڻ لڳا، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڇنڊي کين چيو، تہ اوهان جو خون اوهان ئي جي سر تي هجي؛ آئون ڇُٽل آهيان. اڄ کانپوءِ آئون غير قومن ڏانهن ويندس.</verse>
				<verse number="7">پوءِ هو اتان هليو ويو، ۽ هڪڙي شخص طيطس يوستس جي گهر ويو، جو خدا پرست هو، ۽ جنهن جو گهر عبادتخاني سان لڳو لڳ هو.</verse>
				<verse number="8">۽ عبادتخاني جي سردار ڪرسپس، توڙي سندس خاندان، خدا تي ايمان آندو؛ ۽ ڪيترن ئي ڪرنٿين بہ پولس جي ڳالهہ ٻُڌي ايمان آندو ۽ بپتسما ورتائون.</verse>
				<verse number="9">۽ خداوند رات جو رويا ۾ پولس کي چيو تہ ڊڄ نہ، نڪي ٻُڌائڻ کان بس ڪر؛</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو آئون تو سان آهيان، ۽ ڪوبہ ماڻهو تو تي حملو ڪري توکي ايذاءُ ڪين رسائيندو؛ ڇالاءِ جو هن شهر ۾ منهنجا گهڻيئي ماڻهو آهن.</verse>
				<verse number="11">تنهنڪري هو ڏيڍ ورهيہ اُتي رهي پيو، ۽ هنن کي خدا جو ڪلام سيکاريندو رهيو.</verse>
				<verse number="12">پر جن ڏينهن ۾ گليو، اخيہ جو حاڪم هو، تن ڏينهن ۾ يهودي پاڻ ۾ ٻَڌي ڪري پولس تي ڪاهي آيا، ۽ عدالت ۾ وٺي آيس؛</verse>
				<verse number="13">۽ چوڻ لڳا تہ هي شخص ماڻهن کي شريعت جي برخلاف خدا جي عبادت ڪرڻ ٿو سيکاري.</verse>
				<verse number="14">پر جڏهن پولس ڳالهائڻ تي هو، تڏهن گليو يهودين کي چيو، تہ اي يهودي قوم، جيڪڏهن اها ڪا ظلم زبردستي يا وڏي برائيءَ جي ڳالهہ هجي ها، تہ پوءِ واجبي آهي تہ آئون صبر ڪري اوهان جي ٻُڌان:</verse>
				<verse number="15">پر جيڪڏهن اهي اهڙا سوال آهن، جن جو واسطو لفظن ۽ نالن ۽ خاص اوهان جي شريعت سان آهي، تہ پوءِ اوهين ڄاڻو، اوهان جو ڪم ڄاڻي، منهنجي مرضي نہ آهي تہ آئون انهن ڳالهين جو منصف ٿيان.</verse>
				<verse number="16">ائين چئي هنن کي عدالت مان هڪالي ڪڍيائين.</verse>
				<verse number="17">پوءِ هنن سڀني عبادتخاني جي سردار سوسٿنيس کي پڪڙي عدالت جي اڳيان مارڪٽ ڪئي. ۽ گليو کي انهن ڳالهين جي ڪابہ پرواهہ ڪانہ هئي.</verse>
				<verse number="18">هاڻي پولس ٻيا بہ گهڻا ڏينهن اُتي رهيو، پوءِ ڀائرن کان موڪلائي جهاز تي چڙهي شام ڏانهن روانو ٿيو، ۽ ساڻس گڏ پرسڪلہ ۽ اڪولہ بہ هئا. ۽ جيئن تہ هن منت مڃي هئي تيئن ڪنخريہ ۾ پنهنجو مٿو بہ ڪُوڙايائين.</verse>
				<verse number="19">پوءِ هو افسس ۾ اچي پهتا؛ ۽ کين اتي ڇڏي، عبادتخاني ۾ وڃي يهودين سان بحث ڪرڻ لڳو.</verse>
				<verse number="20">۽ جڏهن چيائونس تہ اڃا بہ ڪجهہ وقت ٽڪي پئو، تڏهن هن نہ مڃيو؛</verse>
				<verse number="21">پر کانئن هيئن چئي موڪلايائين تہ جي خدا گهُريو تہ آئون وري اوهان وٽ موٽي ايندس. پوءِ افسس مان جهاز تي چڙهي روانو ٿيو.</verse>
				<verse number="22">۽ جڏهن قيصريہ ۾ اچي لٿو، تڏهن وڃي ڪليسيا کي سلام ڪيائين، ۽ پوءِ انتاڪيہ ڏانهن ويو.</verse>
				<verse number="23">ڪجهہ وقت اتي گذاري اُتان نڪتو، ۽ هڪ ٻئي پٺيان گلتيہ ۽ فروگيہ جي ملڪن مان لنگهندو سڀني شاگردن کي مضبوط ڪندو ويو.</verse>
				<verse number="24">هاڻي اپلوس نالي هڪڙو يهودي جو سڪندريہ جو رهاڪو هو، سو افسس ۾ آيو؛ هو عالم شخص ۽ پاڪ ڪتابن ۾ ڏاڍو قابل هو.</verse>
				<verse number="25">هن ماڻهوءَ کي خداوند جي واٽ جي تعليم ملي هئي، ۽ روحاني جوش بہ هوندو هوس، تنهنڪري جي ڳالهيون يسوع جي بابت آهن، تن جي صحيح صحيح تعليم ڏيندو هو، ۽ تقريرون ڪندو هو؛ پر رڳو يوحنا جي بپتسما جي خبر هيس.</verse>
				<verse number="26">هو همت جهلي عبادتخاني ۾ ڳالهائڻ لڳو؛ پر جڏهن پرسڪلہ ۽ اڪولہ هن جي تقرير ٻُڌي، تڏهن هن کي پاڻ وٽ وٺي آيا، ۽ خدا جي واٽ جي وڌيڪ چڱيءَ طرح سمجهاڻي ڏنائونس.</verse>
				<verse number="27">۽ جڏهن مرضي ٿيس تہ پار لنگهي اخيہ ۾ وڃان، تڏهن ڀائرن هن کي همتايو، ۽ شاگردن ڏانهن لکيائون تہ قبول ڪجوس. ۽ جڏهن هو اتي اچي پهتو، تڏهن جن فضل جي ڪري ايمان آندو هو، تن جي گهڻي مدد ڪيائين:</verse>
				<verse number="28">ڇالاءِ جو هو پاڪ ڪتابن مان خوب ثابت ڪري ڏيکاريندو هو تہ يسوع ئي مسيح آهي، ۽ کُليو کُلايو يهودين کي لاجواب ڪري ڇڏيندو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="19">
				<verse number="1">۽ هيئن ٿيو جو اڃا اپلوس ڪرنٿيس ۾ ئي هو، تہ پولس مٿين پرڳڻي مان ٿي افسس ۾ آيو، ۽ اُتي ڪن شاگردن کي گڏيو.</verse>
				<verse number="2">۽ انهن کي چيائين تہ جڏهن اوهان ايمان آندو، تڏهن اوهان کي پاڪ روح مليو؟ هنن چيس تہ اسان تہ ٻُڌو بہ ڪونهي تہ ڪو پاڪ روح نازل ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="3">هن چيو تہ تڏهن اوهان ڪهڙي بپتسما ورتي؟ هنن چيو تہ يوحنا جي بپتسما.</verse>
				<verse number="4">تنهن تي پولس چيو، تہ يوحنا توبهہ جي بپتسما ڏيندو هو، ۽ ماڻهن کي چوندو هو تہ جيڪو مون کانپوءِ اچڻ وارو آهي، يعني يسوع، تنهن تي ايمان آڻجو.</verse>
				<verse number="5">جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن خداوند جي نالي بپتسما ورتائون.</verse>
				<verse number="6">۽ جڏهن پولس پنهنجا هٿ هنن تي رکيا، تڏهن پاڪ روح مٿن آيو؛ ۽ هو جدا جدا ٻوليون ڳالهائڻ ۽ پيشنگوئيون ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="7">۽ هو مڙيئي اٽڪل ٻارهن ڄڻا هئا.</verse>
				<verse number="8">پوءِ هو عبادتخاني ۾ وڃي ٽن مهينن جي عرصي تائين همت سان ڳالهائيندو رهيو، ۽ خدا جي بادشاهت جي ڳالهين بابت بحث ڪندو ۽ ماڻهن کي مڃائيندو رهيو.</verse>
				<verse number="9">پر جڏهن ڪن سخت دل ٿي نہ مڃيو، ۽ ماڻهن جي اڳيان انهي طريقي جي گلا ڪرڻ لڳا، تڏهن هن کانئن پاسو ڪيو، ۽ شاگردن کي بہ ڌار ڪيائين، ۽ هر روز ترونس جي مدرسي ۾ بحث ڪندو رهيو.</verse>
				<verse number="10">۽ اهڙيءَ طرح ٻہ ورهيہ گذري ويا؛ انهي ڪري جيڪي آسيہ ۾ رهندا هئا، يهودي توڙي يوناني، تن سڀني خدا جو ڪلام ٻُڌو.</verse>
				<verse number="11">۽ خدا پولس جي هٿان خاص معجزا ڏيکاريندو هو،</verse>
				<verse number="12">ايتري قدر جو سندس بُت تان رومال ۽ بوڇڻ ڇُهائي کڻي وڃي بيمارن کي ڏيندا هئا، تہ هنن کي مرض ڇڏي ويندا هئا، ۽ ڀوت نڪري ويندا هُئن.</verse>
				<verse number="13">پر ڪي رولو يهودي، جي ڀوپا هئا، تن هي رستو ورتو، تہ جن ۾ ڀوت هجن، تن کي خداوند يسوع جو نالو وٺي هيئن چون، تہ ”يسوع، جنهن جي منادي پولس ٿو ڪري، تنهن جي نالي جي آئون توکي ڊوهي ٿو ڏيان.“</verse>
				<verse number="14">۽ هڪڙي يهودي سردار ڪاهن سڪيوا جا ست پٽ هئا، جن ائين پئي ڪيو،</verse>
				<verse number="15">۽ ڀوت ورندي ڏيئي هنن کي چيو تہ يسوع جي تہ مون کي خبر آهي، ۽ پولس کي بہ آئون سڃاڻان ٿو، پر اوهين ڪير آهيو؟</verse>
				<verse number="16">۽ جنهن شخص ۾ ڀوت هو، سو ٽپو ڏيئي وڃي مٿن پيو، ۽ ٻنهي کي قابو ڪري مٿن اهڙو غالب پيو جو هو اُگهاڙا ٿي ڦٽجي نڪري اُٿي ڀڳا.</verse>
				<verse number="17">۽ يهودي توڙي يوناني جي افسس ۾ رهندا هئا، تن سڀني کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پئجي ويئي ۽ ڊپ وٺي وين، ۽ خداوند يسوع جي نالي جي تعريف ٿيڻ لڳي.</verse>
				<verse number="18">جن ايمان آندو هو، تن مان بہ گهڻن اچي پنهنجا پنهنجا ڪم ڪرتوت باسيا ۽ ٻُڌايا.</verse>
				<verse number="19">۽ ڪيترائي جادوگر پنهنجا ڪتاب گڏ ڪري کڻي آيا ۽ سڀني جي اڳيان ساڙي ڇڏيائون: ۽ انهن جي قيمت جو حساب ڪيائون تہ پنجاهہ هزار رپيا ٿيا.</verse>
				<verse number="20">انهيءَ طرح خداوند جو ڪلام ڏاڍو وڌندو ۽ زور وٺندو ويو.</verse>
				<verse number="21">هاڻي جڏهن هي ڳالهيون ٿي رهيون، تڏهن پولس دل ۾ ارادو ڪيو تہ مڪدونيہ ۽ اخيہ مان ٿي يروشلم ۾ ويندس، ۽ چيائين تہ اتي وڃڻ کانپوءِ آئون روما بہ ضرور ڏسندس.</verse>
				<verse number="22">۽ پنهنجن مددگارن منجهان ٻن ڄڻن تيمٿيس ۽ اراستس کي مڪدونيہ ڏانهن موڪليائين، ۽ پاڻ ٿوري وقت لاءِ آسيہ ۾ رهجي پيو.</verse>
				<verse number="23">اُنهن ڏينهن ۾ انهي طريقي جي سببان ڏاڍي گڙٻڙ ٿيڻ لڳي.</verse>
				<verse number="24">ڇالاءِ جو هڪڙو ماڻهو دميتريس نالي سونارو، جو ارتمس ديوي جا ننڍڙا روپا مندر جوڙيندو هو، سو انهي ڌنڌي وارن لاءِ گهڻوئي ڪم ڪڍي وجهندو هو:</verse>
				<verse number="25">اُهي، ۽ ٻيا جي ساڳيو ڌنڌو ڪندا هئا، تن سڀني کي هو گڏ ڪري چوڻ لڳو، تہ اي ڀائرو، اوهان کي خبر آهي تہ هن ڌنڌي مان ئي اسان جو گذران سکيو سهنجو پيو ٿئي.</verse>
				<verse number="26">۽ اوهين ڏسو توڙي ٻُڌو ٿا تہ نہ رڳو افسس ۾، پر ساري آسيہ ۾، هن پولس گهڻن ماڻهن کي اهڙيءَ طرح سيکاريو آهي جو هو ڦري ويا آهن؛ هو چوي ٿو تہ هي جي هٿ جا ٺهيل آهن، سي ديوتا نہ آهن.</verse>
				<verse number="27">انهيءَ مان نہ رڳو اهو خطرو آهي تہ اسان جي ڌنڌي جي بي عزتي ٿيندي، پر مهاديويءَ ارتمس جو مندر بہ ڪين جهڙو ليکجڻ ۾ ايندو؛ ۽ جنهن کي سارو آسيہ، بلڪ سڄي دنيا پوڄي ٿي، تنهن جي وڏائي هلي ويندي.</verse>
				<verse number="28">۽ جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويا، ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”افسين جي ديوي ارتمس جي جيءَ.“</verse>
				<verse number="29">۽ سڄي شهر ۾ گوڙ مچي ويو ۽ هو سڀ گڏجي گيوس ۽ ارسترخس، جي مڪدونيہ جا ماڻهو هئا، ۽ سفر ۾ پولس جا ساٿي هئا، تن کي پڪڙي تماشگاهہ ۾ وٺي آيا.</verse>
				<verse number="30">۽ جڏهن پولس جي مرضي ٿي تہ هو ماڻهن جي گوڙ ۾ وڃي، تڏهن شاگردن وڃڻ نہ ڏنس.</verse>
				<verse number="31">۽ آسيہ جي مکيہ عملدارن مان ڪن، جي سندس سڄڻ هئا، چوائي موڪليس ۽ منٿ بہ ڪيائونس تہ ”متان تماشگاهہ ۾ وڃي پاڻ کي جوکي ۾ وجهين.“</verse>
				<verse number="32">سو ڪن واڪا ڪري هڪڙي ڳالهہ پي ڪئي، ڪن ٻي؛ ڇالاءِ جو جيڪي اچي گڏ ٿيا هئا، تن ۾ گڙٻڙ پئجي ويئي، ۽ منجهانئن گهڻن کي تہ اها بہ خبر ڪانہ هئي تہ هتي ڇو اچي گڏ ٿيا آهيون.</verse>
				<verse number="33">پوءِ سڪندر، جنهن کي يهودي گوڙ مان ڪڍي آيا، تنهن کي کڻي اڳواڻ ڪيائون. ۽ سڪندر هٿ سان اشارو ڏنو، ۽ مرضي هيس تہ ماڻهن جي اڳيان بچاءُ ڏيان.</verse>
				<verse number="34">پر جڏهن ڏٺائون تہ هي يهودي آهي، تڏهن سڀني گڏجي ٻن ڪلاڪن تائين وڏي سڏ پڪاري پئي چيو، تہ ”افسين جي ديوي ارتمس جي جئي.“</verse>
				<verse number="35">پوءِ شهر جي مکيہ عملدار ماڻهن کي ماٺ ڪرائي چيو، تہ ”اي افسيو، اُهو ڪهڙو ماڻهو آهي جنهن کي خبر نہ آهي تہ افسس شهر مهاديوي ارتمس جي مندر جو، ۽ جيڪو پتلو زيوس مان ڪِريو هو، تنهن جو پوڄاري آهي؟</verse>
				<verse number="36">پوءِ جڏهن هنن ڳالهين جو انڪار ڪري نہ ٿو سگهجي، تڏهن اوهان کي گهرجي تہ ٿڌا ٿيو، ۽ اُٻهرا ٿي ڪجهہ بہ نہ ڪريو.</verse>
				<verse number="37">ڇو جو هي ماڻهو جن کي اوهين هتي وٺي آيا آهيو، سي نڪي مندرن جا ڦرڻ لُٽڻ وارا آهن، نڪي اسان جي ديويءَ تي ڪفر بڪڻ وارا آهن.</verse>
				<verse number="38">تنهنڪري دميتريس، ۽ ٻيا جيڪي سندس ڌنڌي وارا ساڻس گڏ آهن، تن کي جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ تي ڪا دعويٰ ڪرڻي آهي تہ عدالت کُليل آهي ۽ حاڪم ويٺا آهن؛ ڀلي تہ وڃي مقدمو ڪن.</verse>
				<verse number="39">پر جي اوهان کي ڪن ٻين ڳالهين بابت صفائي ڪرڻي آهي تہ انهي جو فيصلو باقاعدي مجلس ۾ ٿيندو.</verse>
				<verse number="40">ڇالاءِ جو انديشو آهي تہ جيڪو دنگو اڄ ٿيو آهي، تنهن جي ڪري اسان تي ڪا تهمت اچي، جو انهي جو ڪو سبب ئي ڪونهي: اسين هن هنگامي جو ڪوبہ واجبي سبب ڏيئي ڪين سگهنداسين.“</verse>
				<verse number="41">ائين چئي هن مجلس برخاست ڪري ڇڏي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="20">
				<verse number="1">جڏهن هل بس ٿيو، تڏهن پولس شاگردن کي سڏي انهن کي نصيحت ڪئي، پوءِ کانئن موڪلائي مڪدونيہ ڏانهن وڃڻ لاءِ روانو ٿيو.</verse>
				<verse number="2">۽ جڏهن اهي پاسا گهُمي رهيو، ۽ گهڻيئي نصيحتون ڪري رهيو، تڏهن يونان ۾ آيو.</verse>
				<verse number="3">۽ ٽي مهينا اُتي رهي، جڏهن جهاز جي رستي شام ڏانهن وڃڻ تي هو، تڏهن يهودين سندس برخلاف هڪڙو منصوبو کڙو ڪيو: تنهنڪري هن ارادو ڪيو تہ مڪدونيہ مان ٿي موٽي وڃان.</verse>
				<verse number="4">۽ بريہ واري پورس جي پٽ سوپترس، ۽ ٿسلونيڪي وارن مان ارسترخس، ۽ سڪندس، ۽ دربي وارو گيوس، ۽ تيمٿيس، ۽ آسيہ مان تخڪس ۽ تروفيمس، اهي ساڻس گڏ آسيہ تائين ويا.</verse>
				<verse number="5">پر اهي اڳيئي وڃي تروآس ۾ اسان جي لاءِ ترسي ويٺا.</verse>
				<verse number="6">۽ فطيري مانيءَ وارن ڏينهن کانپوءِ، اسين فلپيءَ مان جهاز تي چڙهي روانا ٿياسين، ۽ پنجن ڏينهن ۾ تروآس ۾ اچي وٽن پهتاسين؛ ۽ اتي ست ڏينهن ٽڪي پياسين.</verse>
				<verse number="7">۽ هفتي جي پهرئين ڏينهن جڏهن اسين ماني ڀڃڻ لاءِ گڏ ٿياسين، تڏهن پولس ٻئي ڏينهن اُتان نڪرڻ جي ارادي سان، ڳالهہ ٻولهہ ڪرڻ لڳو، ۽ آڌيءَ رات تائين تقرير ڪندو رهيو.</verse>
				<verse number="8">۽ جنهن ماڙيءَ تي اسين گڏ ٿيا هئاسين، اتي گهڻائي ڏيئا پي ٻريا.</verse>
				<verse number="9">۽ دريءَ تي هڪڙو جوان يوتخس نالي ويٺو هو، جنهن کي ڏاڍي گهري ننڊ کڻي ويئي، ۽ جيئن پولس اڃا بہ وڌيڪ وقت تقرير ڪندو رهيو، تيئن هو ننڊ جي خمار ۾ ٽماڙ تان هيٺ ڪِري پيو، جو مُئل اچي کنيائونس.</verse>
				<verse number="10">۽ پولس هيٺ لهي وڃي مٿانئس ليٽي پيو، ۽ کيس ڀاڪر پائي چوڻ لڳو تہ گوڙ نہ ڪريو؛ جو اڃا منجهس ساهہ آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ جڏهن هو مٿي ويو، تڏهن ماني ڀڳائين، ۽ کائڻ ويٺو، ۽ گهڻي وقت تائين هنن سان ويٺي ڳالهايائين، تان جو اچي پرهہ ڦٽي؛ پوءِ هو اُٿي روانو ٿيو.</verse>
				<verse number="12">۽ هو انهي ڇوڪري کي جيئرو وٺي آيا ۽ ڏاڍي دلجاءِ ٿين.</verse>
				<verse number="13">پر اسين اڳيئي وڃي جهاز تي چڙهي اسس ڏانهن روانا ٿياسين، انهي مراد سان تہ اُتي پولس کي بہ چاڙهينداسين: جو ائين ٺهراءُ ڪيو هئائين تہ پاڻ پيرين پنڌ اُتي ايندو.</verse>
				<verse number="14">۽ جڏهن هو اسس ۾ اسان کي گڏيو، تڏهن کيس چاڙهي اسين متوليني ۾ آياسين.</verse>
				<verse number="15">۽ اتان جهاز هاڪاري ٻئي ڏينهن خيوس جي سامهون آياسين؛ ۽ ورندي ٻئي ڏينهن سامس وٽ پهتاسين؛ ۽ انهي جي ٻئي ڏينهن وري مليتس ۾ آياسين،</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو پولس ارادو ڪيو هو تہ افسس وٽان ٿيندو وڃي، متان آسيہ ۾ دير لڳيس؛ ۽ اها تڪڙ هن ڪري ٿي ڪيائين تہ جي ٿي سگهيس تہ پنتيڪوست جو ڏينهن وڃي يروشلم ۾ گذاري.</verse>
				<verse number="17">۽ مليتس مان افسس ڏانهن ماڻهو موڪلي ڪليسيا جي بزرگن کي پاڻ وٽ گهرايائين.</verse>
				<verse number="18">۽ جڏهن اهي وٽس آيا، تڏهن چيائين، تہ اوهان کي خبر آهي تہ پهرئين ڏينهن جڏهن مون آسيہ ۾ پير پاتو، تنهن ڏينهن کان وٺي ڪهڙيءَ طرح سارو وقت اوهان سان گذاريو اٿم.</verse>
				<verse number="19">۽ دل جي ڏاڍيءَ نماڻائيءَ سان، ڳوڙها ڳاڙي، ۽ جيڪي آزمائشون يهودين جي منصوبن ڪري مون تي پئي آيون تن هوندي بہ، خداوند جي خدمت پئي ڪئي اٿم:</verse>
				<verse number="20">۽ ڪهڙيءَ طرح جيڪي ڳالهيون اوهان جي فائدي جون هيون، سي اوهان کي ٻُڌائڻ کان نہ هٽيس، ۽ اوهان کي جماعت ۾ توڙي گهر گهر تعليم ڏيندو رهيس.</verse>
				<verse number="21">۽ يهودين توڙي يونانين وٽ اها شاهدي پئي ڏني اٿم، تہ خدا جي حضور ۾ توبهہ ڪريو، ۽ اسان جي خداوند يسوع مسيح تي ايمان آڻيو.</verse>
				<verse number="22">هاڻي ڏسو، آئون روح جي هدايت سان يروشلم ڏانهن ٿو وڃان، ۽ اهو سماءُ نہ اٿم تہ اتي مون سان ڇا ڇا ٿيندو:</verse>
				<verse number="23">رڳو ايترو، تہ پاڪ روح سڀ ڪنهن شهر ۾ شاهدي ڏيئي مون کي ٻُڌائي ٿو، تہ بند ۽ مصيبتون منهنجي لاءِ تيار رکيون آهن.</verse>
				<verse number="24">پر مون کي پنهنجي جان جو فڪر ڪونهي، نڪي اُنهيءَ سان اهڙي دل اٿم، فقط اِهو فڪر اٿم تہ آئون پنهنجو دور پورو ڪريان، ۽ جيڪا خدمت خداوند يسوع کان مون کي ملي آهي، سا پوري ڪريان؛ يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.</verse>
				<verse number="25">هاڻي ڏسو، مون کي پڪ آهي تہ اوهين سڀ، جن ۾ آئون بادشاهت جي منادي ڪندو گهُمندو هوس، وري منهنجو منهن ڪين ڏسندا.</verse>
				<verse number="26">تنهنڪري اڄوڪي ڏينهن اوهان جي اڳيان شاهدي ڀري ٿو چوان تہ آئون سڀني ماڻهن جي خون کان پاڪ آهيان.</verse>
				<verse number="27">ڇالاءِ جو آئون خدا جي ساري مرضي اوهان کي ٻُڌائڻ کان نہ هٽيس.</verse>
				<verse number="28">اوهين پنهنجي ۽ اُنهي ساري ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن جو پاڪ روح اوهان کي نگهبان مقرر ڪيو آهي، ۽ خدا جي انهيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رهجو، جا هن خاص پنهنجي رت سان خريد ڪئي.</verse>
				<verse number="29">مون کي خبر آهي تہ منهنجي وڃڻ کانپوءِ ڏاريندڙ بگهڙ اوهان ۾ اچي پوندا، ۽ ڌڻ تي ڪوبہ قياس ڪونہ ڪندا؛</verse>
				<verse number="30">۽ خود اوهان منجهان ئي اهڙا ماڻهو نڪرندا، جي شاگردن کي پنهنجي پاسي آڻڻ لاءِ اُبتيون اُبتيون ڳالهيون ڪندا.</verse>
				<verse number="31">تنهنڪري اوهين سجاڳ رهجو، ۽ ياد رکجو، تہ ٽي ورهيہ برابر مون رات ڏينهن ڳوڙها ڳاڙي هر ڪنهن کي سمجهائڻ کان بس نہ ڪئي.</verse>
				<verse number="32">۽ هاڻي آئون اوهان کي خدا ۽ سندس فضل واري ڪلام جي سپرد ٿو ڪريان، جنهن کي قدرت آهي تہ اوهان کي قائم ڪري، ۽ جي پاڪ ٿيل آهن، تن سڀني سان گڏ ورثو ڏئي.</verse>
				<verse number="33">مون ڪنهن جي بہ چاندي ۽ سون يا ڪپڙي جي لالچ نہ ڪئي.</verse>
				<verse number="34">خود اوهان کي خبر آهي تہ هنن هٿن منهنجون ۽ منهنجي سنگتين جون گهُرجون پئي پليون.</verse>
				<verse number="35">سڀني ڳالهين بابت مون اوهان کي نمونو ڏيئي ڏيکاريو تہ ڪهڙيءَ طرح محنت ڪري، جيڪي ضعيف آهن تن جي مدد ڪرڻ گهُرجي ۽ خداوند يسوع جو ڪلام ياد رکڻ گهُرجي، جنهن پاڻ چيو، تہ ”وٺڻ کان ڏيڻ مبارڪ آهي.“</verse>
				<verse number="36">جڏهن هو ايترو چئي رهيو، تڏهن گوڏا کوڙي هنن سڀني سان گڏ دعا گهُريائين.</verse>
				<verse number="37">۽ هنن سڀني زار زار رُنو ۽ پولس کي ڀاڪر پائي چُميائونس،</verse>
				<verse number="38">۽ سڀ کان وڌيڪ ڏک انهي ڪري ٿِيُنِ جو هن چيو هو تہ اوهين منهنجو منهن وري ڪين ڏسندا. پوءِ هن کي جهاز تائين اُماڻي آيا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="21">
				<verse number="1">نيٺ جڏهن کانئن ڌار ٿياسين، ۽ جهاز تي چڙهي روانا ٿياسين، تڏهن سنئون رستو وٺي قوس ۾ آياسين، ۽ ٻئي ڏينهن روڊس ۾ پهتاسين، ۽ اُتان وري پطرا ۾ آياسين.</verse>
				<verse number="2">۽ هڪڙو جهاز جو فينيڪيءَ ڏانهن سڌو وڃڻو هو سو مليوسين، تنهن تي چڙهي روانا ٿياسين.</verse>
				<verse number="3">۽ جڏهن ڪپرس ڏسڻ ۾ آيو، تڏهن اُنهي کي کٻي پاسي ڇڏي اسين شام ڏانهن هلياسين، ۽ صور ۾ وڃي لٿاسين: جو اُتي جهاز کي پنهنجو مال لاهڻو هو.</verse>
				<verse number="4">اُتي جڏهن شاگردن کي ڳولي لڌوسين، تڏهن ست ڏينهن اُتي ٽڪي پياسين، ۽ هنن روح جي هدايت سان پولس کي چيو تہ يروشلم ۾ نہ وڃ.</verse>
				<verse number="5">۽ جڏهن هيئن ٿيو جو اُهي ڏينهن ڀرجي آيا، تڏهن اُتان روانا ٿياسين، ۽ هو سڀيئي پنهنجين زالن ۽ ٻارن سميت اسان سان گڏ هليا آيا، جيستائين ڪ شهر کان نڪري ٻاهر ٿياسين: پوءِ سمنڊ جي ڪناري تي گوڏا کوڙي دعا گهُريسون.</verse>
				<verse number="6">پوءِ هڪ ٻئي کان موڪلائي، اسين جهاز تي چڙهياسين، ۽ هو موٽي گهر هليا ويا.</verse>
				<verse number="7">۽ اسين صور کان جهاز جو سفر پورو ڪري پطليمس ۾ اچي پهتاسين؛ ۽ ڀائرن سان خوش خير عافيت ڪئي سين، ۽ هڪڙو ڏينهن وٽن رهياسين.</verse>
				<verse number="8">ٻئي ڏينهن روانا ٿي ڪري قيصريہ ۾ آياسين، ۽ فلپس مبشر جو انهن ستن مان هو، تنهن جي گهر وڃي ساڻس گڏ رهڻ لڳاسين.</verse>
				<verse number="9">هاڻي انهيءَ ماڻهوءَ کي چار ڪنواريون ڌيئرون هيون، جي نبوت ڪنديون هيون.</verse>
				<verse number="10">۽ جڏهن اسين اُتي گهڻا ڏينهن ٽڪي پياسين، تڏهن يهوديہ مان اگبس نالي هڪڙو نبي اچي نڪتو،</verse>
				<verse number="11">۽ اسان وٽ اچي، پولس جو ڪمربند کڻي، پنهنجا هٿ پير ٻَڌي چوڻ لڳو، تہ پاڪ روح هيئن ٿو چوي، تہ جنهن شخص جو هي ڪمربند آهي، تنهن کي يهودي يروشلم ۾ هن طرح ٻَڌندا، ۽ غير قومن جي حوالي ڪري ڇڏيندا.</verse>
				<verse number="12">جڏهن اسان اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن اسان، توڙي اتي جي رهاڪن پولس کي منٿ ڪئي تہ يروشلم ڏانهن نہ وڃ.</verse>
				<verse number="13">تنهن تي هن ورندي ڏني، تہ اوهين هي ڇا ٿا ڪريو، جو روئي رڙي منهنجي دل ٿا ڀڃو! ڇالاءِ جو آئون تہ خداوند يسوع جي نالي تي يروشلم ۾ نہ رڳو ٻَڌجڻ لاءِ تيار آهيان، پر مرڻ لاءِ بہ.</verse>
				<verse number="14">۽ جڏهن هن نہ مڃيو، تڏهن اسان هيترو چئي کڻي بس ڪئي، تہ جيڪا خداوند جي مرضي هجي، سا پوري ٿئي.</verse>
				<verse number="15">انهن ڏينهن کانپوءِ اسين پنهنجو سامان سڙو کڻي يروشلم ڏانهن وياسين.</verse>
				<verse number="16">۽ قيصريہ جي شاگردن مان بہ ڪي اسان سان گڏجي هليا، ۽ هنن ڪپرس جي هڪڙي رهاڪو مناسون کي بہ ساڻ کنيو، جو جهونو شاگرد هو، ۽ جنهن وٽ اسان کي ٽڪڻو هو.</verse>
				<verse number="17">۽ جڏهن اسين يروشلم ۾ پهتاسين، تڏهن ڀائرن خوشيءَ سان اسان جو استقبال ڪيو.</verse>
				<verse number="18">۽ ٻئي ڏينهن پولس اسان سان گڏجي يعقوب وٽ هليو ۽ سڀ بزرگ بہ اُتي ويٺا هئا.</verse>
				<verse number="19">۽ جڏهن هو اُنهن کي سلام ڪري رهيو، تڏهن جيڪي خدا سندس خدمت جي وسيلي غير قومن ۾ ڪيو هو، سو ترتيب وار ٻُڌايائين.</verse>
				<verse number="20">۽ جڏهن انهن اهو ٻُڌو، تڏهن خدا جي تعريف ڪرڻ لڳا، ۽ چيائونس، تہ ادا، توکي خبر آهي تہ يهودين منجهان ڪيترائي هزار آهن جن ايمان آندو آهي؛ ۽ اهي سڀ شريعت بابت ڏاڍا جوشيلا آهن:</verse>
				<verse number="21">۽ تنهنجي نالي ٻُڌو اٿن تہ غير قومن ۾ جيڪي يهودي آهن، تن سڀني کي تون سيکارين ٿو تہ موسيٰ کي ڇڏي ڏين، ۽ چئين ٿو تہ نڪي پنهنجن ٻارن جو ختنو ڪرايو، نڪي رسمن تي هلو.</verse>
				<verse number="22">تڏهن هاڻي ڇا ڪجي؟ هنن کي ضرور خبر پوندي تہ تون آيو آهين.</verse>
				<verse number="23">تنهنڪري جيئن اسين توکي چئون ٿا تيئن ڪر: اسان وٽ چار ماڻهو آهن، جن منت مڃي آهي؛</verse>
				<verse number="24">اُنهن کي وٺي وڃ، ۽ پاڻ کي وڃي هنن سان گڏ پاڪ ڪر، ۽ هنن جو اُجورو ڏي تہ هو پنهنجا مٿا ڪوڙائين. پوءِ سڀني کي سُڌ پوندي تہ جيڪي ڳالهيون تنهنجي نسبت ٻُڌيون اٿن، سي سچيون ناهن؛ بلڪ تون پاڻ بہ شريعت تي عمل ڪرين ٿو ۽ پوريءَ طرح هلين ٿو.</verse>
				<verse number="25">پر غير قومن منجهان جن ايمان آندو آهي، تن جي نسبت ۾ اسان فيصلو ڪري لکيو هو، تہ هنن کي گهُرجي تہ جيڪي قربانيون بُتن تي چاڙهيل آهن تن کان، ۽ رت کان، ۽ جن جانورن کي گهُٽي ماريو اٿن تن کان، ۽ زنا کان پاسو ڪن.</verse>
				<verse number="26">تنهن تي پولس اُنهن ماڻهن کي وٺي، ٻئي ڏينهن پاڻ کي هنن سان گڏ پاڪ ڪري هيڪل ۾ ويو، ۽ خبر ڏنائين تہ جڏهن پاڪ ٿيڻ جا ڏينهن پورا ٿيندا، تڏهن اُنهن مان هڪڙي هڪڙي جي لاءِ قرباني چاڙهي ويندي.</verse>
				<verse number="27">۽ جڏهن اُهي ست ڏينهن پوري ٿيڻ تي آيا، تڏهن آسيہ جي يهودين هن کي هيڪل ۾ ڏسي سڀني ماڻهن کي چوريو ۽ وڃي پڪڙيائونس،</verse>
				<verse number="28">۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ اي اسرائيل جا رهاڪو، مدد ڪريو: هيءُ اُهو ماڻهو آهي جو جتي ڪٿي سڀني ماڻهن کي اُمت، ۽ شريعت، ۽ هن مڪان جي برخلاف سيکاريندو وتي. تنهن کانسواءِ هي يونانين کي بہ هيڪل ۾ وٺي آيو آهي ۽ هن پاڪ مڪان کي پليت ڪيو اٿس.</verse>
				<verse number="29">ڇالاءِ جو هنن افسس واري تروفمس کي ساڻس گڏ شهر ۾ ڏٺو هو، ۽ ڀانيائون تہ پولس انهي کي هيڪل ۾ وٺي آيو آهي.</verse>
				<verse number="30">تڏهن ساري شهر ۾ گوڙ مچي ويو، ۽ ماڻهو ڊوڙي اچي گڏ ٿيا، ۽ پولس کي پڪڙي هيڪل مان گهلي ٻاهر ڪڍي آيا: ۽ هڪدم در بند ٿي ويا.</verse>
				<verse number="31">۽ هو کيس ماري وجهڻ جي سعيي ۾ هئا، تہ پلٽڻ جي سردار کي خبر وڃي پهتي تہ ساري يروشلم ۾ وڳوڙ پئجي ويو آهي.</verse>
				<verse number="32">سو هڪدم سپاهي ۽ صوبيدار وٺي ڊوڙندو وٽن آيو، ۽ جڏهن هنن پلٽڻ جي سردار ۽ سپاهين کي ڏٺو، تڏهن پولس کي مارڻ کان بس ڪيائون.</verse>
				<verse number="33">پوءِ پلٽڻ جي سردار ويجهو اچي هن کي گرفتار ڪيو، ۽ حڪم ڏنائين تہ ٻن زنجيرن سان ٻَڌوس؛ ۽ پڇا ڪرڻ لڳو تہ هي ڪير آهي ۽ ڇا ڪيو اٿس؟</verse>
				<verse number="34">۽ گوڙ مان واڪا ڪري ڪن هڪڙي ڳالهہ پئي ڪئي، ۽ ڪن ٻي ڳالهہ، ۽ ايترو هُل هو جو خبر ڪانہ ٿي پيئي تہ حقيقت ڇا آهي. تڏهن حڪم ڏنائين تہ هن کي قلعي ۾ وٺي اچو.</verse>
				<verse number="35">جڏهن پولس ڏاڪڻ وٽ آيو، تڏهن هيئن ٿيو جو ايترا ماڻهو ڪاهي اچي مٿانئس پيا جو سپاهين کي کيس کڻڻو پيو؛</verse>
				<verse number="36">ڇالاءِ جو ماڻهن جو گوڙ پٺيان واڪا ڪندي پئي آيو، تہ ”ماري وجهوس.“</verse>
				<verse number="37">جڏهن پولس کي قلعي منجهہ وٺي وڃڻ تي هئا، تڏهن هن پلٽڻ جي سردار کي چيو تہ مون کي موڪل آهي تہ توکي ڪجهہ چوان؟ تنهن تي هن چيس تہ توکي يوناني ٻولي اچي ٿي ڇا؟</verse>
				<verse number="38">تون اُهو مصري نہ آهين ڇا، جو ڪي ڏينهن ٿيا تہ فساد مچائي چار هزار خوني وٺي جهنگ ۾ ويو هئين؟</verse>
				<verse number="39">پر پولس چيو تہ آئون يهودي آهيان، ترسس جو ويٺل آهيان جو ڪليڪيہ جو هڪڙو مشهور شهر آهي؛ منهنجو عرض آهي تہ مون کي ماڻهن سان ڳالهائڻ جي موڪل ڏي.</verse>
				<verse number="40">جڏهن هن موڪل ڏنس، تڏهن پولس ڏاڪڻ تي بيهي ماڻهن کي هٿ سان اشارو ڏنو؛ ۽ جڏهن ڏاڍي ماٺ ٿي ويئي، تڏهن عبراني ٻوليءَ ۾ هنن کي هيئن چوڻ لڳو تہ،</verse>
			</chapter>
			<chapter number="22">
				<verse number="1">اي ڀائرو ۽ بزرگو، جيڪو پنهنجو بچاءُ هاڻ آئون اوهان کي ڏيان ٿو، سو ٻُڌو.</verse>
				<verse number="2">۽ جڏهن هنن ٻُڌو تہ عبراني ٻوليءَ ۾ ٿو ڳالهائي، تڏهن هيڪاري کڻي ماٺ ڪيائون. پوءِ هن چيو تہ،</verse>
				<verse number="3">آئون يهودي آهيان جو ڪليڪيہ جي ترسس شهر ۾ پيدا ٿيس؛ ۽ هن شهر ۾ گميليل جي قدمن ۾ علم حاصل ڪيم، ۽ ابن ڏاڏن جي شريعت جي پوري پوري تعليم ملي اٿم، ۽ جهڙيءَ طرح اوهين مڙيئي اڄ خدا جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آهيو، تهڙيءَ طرح آئون بہ هوندو هوس:</verse>
				<verse number="4">۽ مون هن طريقي وارن، مردن توڙي زالن، کي ٻڌرائي ۽ قيد خانن ۾ وجهرائي ايتري قدر ستايو جو موت تائين بہ نہ ڇڏيومان.</verse>
				<verse number="5">جيئن تہ سردار ڪاهن ۽ بزرگ منهنجا شاهد آهن، جو اُنهن مون کي ڀائرن لاءِ خط ڏنا، جي وٺي آئون دمشق ڏانهن روانو ٿيس، تہ جيڪي اُتي هجن تن کي بہ ٻڌرائي يروشلم ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي اچان.</verse>
				<verse number="6">۽ هيئن ٿيو جو جڏهن آئون سفر ڪندو دمشق کي ويجهو آيس، تڏهن ٻنپهرن ڌاري اوچتو ئي اوچتو هڪڙي وڏي روشنائي آسمان مان منهنجي چوڌاري اچي چمڪڻ لڳي.</verse>
				<verse number="7">۽ آئون زمين تي ڪِري پيس، ۽ هڪڙو آواز ٻُڌڻ ۾ آيم، تہ اي شائول، اي شائول، تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟</verse>
				<verse number="8">تڏهن مون جواب ڏنو، تہ اي خداوند تون ڪير آهي؟ هن مون کي چيو، تہ آئون يسوع ناصري آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو.</verse>
				<verse number="9">۽ جيڪي مون سان هئا، تن اها روشنائي برابر ڏٺي، پر جنهن مون سان ڳالهايو ٿي، تنهن جو آواز ڪونہ ٻُڌو.</verse>
				<verse number="10">تڏهن مون چيو، تہ اي خداوند، آئون ڇا ڪريان؟ خداوند مون کي چيو تہ اُٿي دمشق ۾ وڃ، ۽ جيڪي تنهنجي ڪرڻ لاءِ ٺهرايو ويو آهي، سو سڀ توکي ٻُڌايو ويندو.</verse>
				<verse number="11">۽ جڏهن انهيءَ روشنائيءَ جي تجلي ڪري آئون ڏسي نہ سگهيس، تڏهن منهنجا سنگتي مون کي هٿ کان جهلي دمشق ۾ وٺي آيا.</verse>
				<verse number="12">۽ حنانياہ نالي هڪڙو شخص، جو شريعت موجب ديندار هو، ۽ جيڪي يهودي اُتي رهندا هئا، تن ۾ معتبر هو،</verse>
				<verse number="13">سو مون وٽ آيو، ۽ منهنجي ڀر ۾ بيهي مون کي چوڻ لڳو تہ ادا شائول ديد وٺ. ۽ اوڏيءَ مهل منهنجيون اکيون کُليون ۽ مون کيس ڏٺو.</verse>
				<verse number="14">تڏهن هن چيو تہ اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا توکي هن لاءِ مقرر ڪيو آهي، تہ توکي خبر پوي تہ سندس مرضي ڪهڙي آهي، ۽ اُنهي سچار کي ڏسين، ۽ کيس ڳالهائيندو ٻُڌين.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو جيڪي تو ڏٺو ۽ ٻُڌو آهي، تنهن جو سڀني ماڻهن جي اڳيان سندس شاهد ٿيندين.</verse>
				<verse number="16">۽ هاڻي دير ڇو ٿو ڪرين؟ اُٿي سندس نالي دعا گهُري بپتسما وٺ تہ تنهنجا گناهہ ڌوپي پون.</verse>
				<verse number="17">۽ هيئن ٿيو جو جڏهن آئون يروشلم ۾ آيس ۽ هيڪل ۾ دعا پئي گهُريم، تڏهن آئون بيخود ٿي ويس،</verse>
				<verse number="18">۽ ڏٺم تہ هو چويم ٿو تہ سَگهو ٿيءُ، يروشلم مان جلد نڪري وڃ، جو هو منهنجي بابت تنهنجي شاهدي قبول ڪين ڪندا.</verse>
				<verse number="19">۽ مون چيو تہ اي خداوند، خود هنن کي خبر آهي تہ جن تو تي ايمان آندو هو، تن کي آئون قيد ڪرائيندو هوس، ۽ هنڌ هنڌ عبادتخانن ۾ مار ڏياريندو هوس.</verse>
				<verse number="20">۽ جڏهن تنهنجي شهيد استيفنس جو رت ٿي وهايائون، تڏهن آئون بہ اُتي بيٺو هوس ۽ انهيءَ ڳالهہ ۾ راضي هوس، ۽ جن کيس ماريو ٿي، تن جي ڪپڙن جي سنڀال پي ڪيم.</verse>
				<verse number="21">پوءِ مون کي چيائين تہ هتان روانو ٿيءُ، ڇالاءِ جو آئون توکي هتان پري غير قومن ۾ موڪليندس.</verse>
				<verse number="22">ايستائين هو سندس ٻُڌندا رهيا، پوءِ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ههڙي ماڻهوءَ کي زمين تان چٽ ڪري ڇڏيو، جو سندس جيئرو رهڻ ئي واجب نہ آهي.</verse>
				<verse number="23">۽ جڏهن هو واڪا ڪرڻ ۽ ڪپڙا اُڇلائڻ ۽ ڌوڙ اُڏائڻ لڳا،</verse>
				<verse number="24">تڏهن پلٽڻ جي سردار حڪم ڏنو تہ قلعي ۾ وٺي وڃوس، ۽ چيائين تہ چهبڪ هڻي سندس زباني وٺو تہ مون کي خبر پوي تہ مٿس جو اهڙا واڪا ٿا ڪن سو ڇو.</verse>
				<verse number="25">جڏهن چم جي وڍين سان ٻَڌي رهيس، تڏهن جو صوبيدار پاسي ۾ بيٺو هوس، تنهن کي پولس چيو تہ اهو ڪو باقاعدي ڪم ٿا ڪريو ڇا، تہ جيڪو ماڻهو رومي آهي، ۽ جنهن تي ڪو ڏوهہ ثابت ڪونہ ٿيو آهي، تنهن کي چهبڪ ٿا هڻو؟</verse>
				<verse number="26">جڏهن صوبيدار اهو ٻُڌو، تڏهن پنهنجي سردار وٽ ويو ۽ چيائينس تہ تون ڇا ٿو ڪرين؟ هي ماڻهو تہ رومي آهي.</verse>
				<verse number="27">تڏهن پلٽڻ جي سردار چيس تہ مون کي ٻُڌاءِ تہ تون رومي آهين ڇا؟ هن چيو تہ هائو.</verse>
				<verse number="28">تنهن تي پلٽڻ جي سردار ورندي ڏني تہ مون وڏي رقم ڏيئي روم جي شهريءَ جا حق حاصل ڪيا. پوءِ پولس چيو تہ آئون ڄائي ڄم کان رومي آهيان.</verse>
				<verse number="29">پوءِ جيڪي هن جي زباني وٺڻ تي هئا، سي هڪدم هن کي ڇڏي هليا ويا؛ ۽ پلٽڻ جي سردار کي بہ جڏهن خبر پيئي تہ هو رومي آهي، تڏهن ڊڄي ويو جو هن کي ٻَڌايو هئائين.</verse>
				<verse number="30">پر ٻئي ڏينهن اِنهي لاءِ تہ پڪي خبر پويس تہ يهودي مٿس ڪهڙو ڏوهہ ٿا مڙهين؛ هن کيس ڇوڙائي ڇڏيو ۽ سردار ڪاهن، ۽ ساري صدر مجلس کي گڏ ٿيڻ جو حڪم ڏنائين، ۽ پولس کي هيٺ وٺي آيو ۽ سندن وچ ۾ بيهاريائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="23">
				<verse number="1">تڏهن پولس مجلس ڏانهن غور سان چتائي نهاريو ۽ چيائين، تہ اي ڀائرو، اڄ تائين مون پنهنجي عمر خدا جي حضور ۾ پوريءَ نيڪ نيتيءَ سان پئي گذاري آهي.</verse>
				<verse number="2">تنهن تي سردار ڪاهن حنانياہ، جيڪي سندس ڀرسان بيٺا هئا، تن کي حڪم ڏنو تہ ٻُوٿ وارو ڌڪ هڻوس.</verse>
				<verse number="3">تڏهن پولس هن کي چيو تہ اي چوناريل ڀِت، تو تي خدا جي مار پوندي؛ تون شريعت موجب منهنجي عدالت ڪرڻ ويٺو آهين، ۽ شريعت جي برخلاف مون کي مار ڏيارڻ جو حڪم ٿو ڏين؟</verse>
				<verse number="4">تنهن تي جيڪي ڀرسان بيٺا هئس، تن چيس تہ تون خدا جي سردار ڪاهن کي گهٽ وڌ ٿو ڳالهائين؟</verse>
				<verse number="5">تڏهن پولس چيو، تہ اي ڀائرو، مون کي خبر ڪانہ هئي تہ هي ڪو سردار ڪاهن آهي؛ ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”تون پنهنجي قوم جي سردار جي گلا نہ ڪر.“</verse>
				<verse number="6">پر جڏهن پولس سهي ڪيو تہ هنن ۾ ڪي صدوقي آهن، ۽ ڪي فريسي، تڏهن مجلس ۾ وڏي سڏ چيائين، تہ اي ڀائرو، آئون فريسي ۽ فريسين جو اولاد آهيان؛ ۽ انهيءَ اُميد لاءِ تہ جيڪي مري ويا آهن سي وري جي اُٿندا، مون تي هي مقدمو ٿو هلي.</verse>
				<verse number="7">اڃا ايترو چيائين ڪين تہ فريسين ۽ صدوقين جي وچ ۾ اچي تڪرار لڳو، ۽ مجلس ۾ اچي ڦوٽ پيئي؛</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو صدوقي چون ٿا تہ نڪا قيامت آهي، نڪي ملائڪ، نڪي روح؛ پر فريسي ٻئي ڳالهيون مڃين ٿا.</verse>
				<verse number="9">پوءِ تہ ڏاڍو گوڙ اچي متو، ۽ فريسين جي طرف جا ڪي عالم اُٿي بيٺا، ۽ جهيڙو ڪري چوڻ لڳا تہ اسين هن ماڻهوءَ ۾ ڪابہ خرابي ڪانہ ٿا ڏسون: ۽ جي ڪنهن روح يا ملائڪ ساڻس ڳالهايو هوندو تہ پوءِ ڇا؟</verse>
				<verse number="10">جڏهن ڏاڍو تڪرار ٿي پيو، تڏهن پلٽڻ جي سردار کي اهو ڊپ ٿيو تہ متان پولس کي ڏاري ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏين، تنهنڪري سپاهين کي حڪم ڏنائين تہ وڃي گوڙ مان هن کي زوريءَ قلعي ۾ وٺي اچو.</verse>
				<verse number="11">جڏهن رات ٿي، تڏهن خداوند وٽس اچي بيٺو ۽ چيائينس تہ دلجاءِ ڪر، ڇالاءِ جو جيئن تو يروشلم ۾ منهنجي بابت شاهدي ڏني آهي، تيئن روما ۾ بہ توکي شاهدي ڏيڻي پوندي.</verse>
				<verse number="12">۽ جڏهن ڏينهن ٿيو، تڏهن يهودين پاڻ ۾ ٻَڌي ڪئي ۽ لعنت وجهي چيائون، تہ جيسين پولس کي ماري نہ وجهنداسين، تيسين نڪي کائينداسين، نڪي پيئنداسين.</verse>
				<verse number="13">۽ جن اهو منصوبو ڪيو هو، سي چاليهن کان بہ وڌيڪ هئا.</verse>
				<verse number="14">اُهي سردار ڪاهنن ۽ بزرگن وٽ آيا ۽ چوڻ لڳا تہ اسان قسم کنيو آهي تہ جيسين پولس کي ماري نہ وجهون، تيسين جي کڻي ڪي چکون تہ لعنت اٿئون.</verse>
				<verse number="15">تنهنڪري هاڻي اوهين صدر مجلس وارن سان گڏجي پلٽڻ جي سردار کي چئو تہ هن کي اوهان وٽ وٺي اچي، ڄڻ تہ اوهان جي مرضي آهي تہ سندس معاملي جي اڃا بہ وڌيڪ تپاس ڪريو؛ ۽ اڃا هو پهچندو ئي ڪين تہ اسين ماري وجهنداسونس.</verse>
				<verse number="16">پر پولس جي ڀاڻيجي جڏهن ٻُڌو تہ هو هن جي لاءِ اڳ جهليو بيٺا آهن، تڏهن قلعي ۾ اچي پولس کي ٻَڌايائين.</verse>
				<verse number="17">تنهن تي پولس صوبيدارن مان هڪڙي کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ هن جوان کي پلٽڻ جي سردار وٽ وٺي وڃو، جو کيس ڪجهہ چوڻو اٿس.</verse>
				<verse number="18">تنهن تي اُهو هن کي وٺي پلٽڻ جي سردار وٽ ويو، ۽ چيائينس تہ پولس قيديءَ مون کي سڏي عرض ڪيو تہ هن جوان کي تو وٽ وٺي اچان، جو توکي ڪجهہ ٻُڌائڻو اٿس.</verse>
				<verse number="19">تڏهن پلٽڻ جي سردار هٿ کان وٺي پاسي ڪري خلاصو ٿي پڇيس تہ مون کي ڇا چوڻو اٿيئي؟</verse>
				<verse number="20">تنهن تي هن چيو تہ يهودين پاڻ ۾ صلاح ڪئي آهي تہ توکي عرض ڪن تہ سڀاڻي پولس کي مجلس ۾ وٺي اچ، ڄڻ تہ کين سندس بابت اڃا بہ وڌيڪ تپاس ڪرڻي آهي.</verse>
				<verse number="21">پر تون سندن ڳالهہ نہ مڃج؛ ڇالاءِ جو منجهانئن چاليهن کان بہ گهڻا ماڻهو لڪا ويٺا آهن، جن لعنت وجهي قسم کنيو آهي تہ جيسين هن کي ماري نہ وجهنداسين، تيسين نڪي کائينداسين، نڪي پيئنداسين؛ ۽ هاڻ هو سنبريو ويٺا آهن ۽ رڳو تنهنجي انجام جي واٽ پيا ڏسن.</verse>
				<verse number="22">سو پلٽڻ جي سردار انهيءَ ماڻهوءَ کي موڪل ڏني، ۽ تاڪيد ڪيائينس تہ ڪنهن کي متان چوين تہ اهي ڳالهيون تو مون کي ٻڌايون آهن.</verse>
				<verse number="23">پوءِ ٻن صوبيدارن کي پاڻ گهُرائي چيائين تہ ٻہ سؤ سپاهي، ۽ ستر گهوڙي سوار، ۽ ٻہ سؤ نيزي بردار تيار ڪريو تہ پهر رات گذري قيصريہ ۾ وڃن.</verse>
				<verse number="24">۽ هي بہ حڪم ڏنائين تہ وهٽ موجود رکجو تہ پولس کي چاڙهي فيلڪس حاڪم وٽ صحيح سلامت وٺي وڃن.</verse>
				<verse number="25">۽ هن مضمون جو خط لکيائين، تہ</verse>
				<verse number="26">جناب فيلڪس صاحب بهادر حاڪم کي ڪلوديس لوسياس جا سلام پهچن.</verse>
				<verse number="27">هن ماڻهوءَ کي يهودين پڪڙيو هو، ۽ ذري گهٽ مارڻ تي هئا، تہ آئون سپاهين سان وڃي مٿانئن پيس ۽ ڇڏايومانس، ڇالاءِ جو مون کي خبر پئجي ويئي تہ هو رومي آهي.</verse>
				<verse number="28">پوءِ کيس سندن صدر مجلس ۾ وٺي آيس، تہ خبر پويم تہ هو جو مٿس ڏوهہ ٿا مڙهين، سو ڇو؟</verse>
				<verse number="29">۽ خبر پيم تہ هنن پنهنجيءَ شريعت جي ئي ڳالهين جي سببان مٿس تهمت رکي آهي، مگر مٿس اهڙو ڪو الزام نہ آندو هئائون جو موت يا قيد جي سزا جوڳو هجي.</verse>
				<verse number="30">۽ جڏهن مون کي خبر پيئي تہ هن ماڻهوءَ جي برخلاف هڪڙو منصوبو کڙو ٿيڻو آهي، تڏهن هڪدم کيس تو ڏانهن ڏياري موڪليم ۽ سندس مدعين کي بہ حڪم ڏنم تہ جيڪي سندس برخلاف چوڻو اٿن، سو تو وٽ اچي چَون.</verse>
				<verse number="31">پوءِ جيئن سپاهين کي حڪم ڏنو ويو، تيئن هو پولس کي راتوواهہ انتپطرس ۾ وٺي آيا.</verse>
				<verse number="32">پر ٻئي ڏينهن هو پاڻ قلعي ڏانهن موٽيا، ۽ گهوڙي سوارن کي اتي ڇڏيائون تہ ساڻس گڏجي وڃن.</verse>
				<verse number="33">۽ جڏهن هو قيصريہ ۾ اچي پهتا ۽ حاڪم کي خط ڏنائون، تڏهن پولس کي بہ سندس اڳيان حاضر ڪيائون.</verse>
				<verse number="34">۽ جڏهن هن اُهو خط پڙهيو، تڏهن پڇيائين تہ هي ڪهڙي پرڳڻي جو آهي؛ ۽ جڏهن خبر پيس تہ هو ڪليڪيہ جو آهي،</verse>
				<verse number="35">تڏهن چوڻ لڳو تہ جڏهن تنهنجا مدعي ايندا تہ پوءِ آئون تنهنجو مقدمو هلائيندس: ۽ حڪم ڏنائين تہ هيروديس جي درٻار واريءَ جاءِ ۾ پهري هيٺ رکوس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="24">
				<verse number="1">۽ پنجن ڏينهن کانپوءِ سردار ڪاهن حنانياہ، ڪن بزرگن سان گڏجي، ۽ طرطلس نالي هڪڙو وڪيل ساڻ ڪري آيو؛ پوءِ اُنهن حاڪم جي اڳيان پولس تي فرياد ڪيو.</verse>
				<verse number="2">۽ جڏهن اُنهي کي سڏ ٿيو، تڏهن طرطلس مٿس تهمت آڻي چوڻ لڳو، تہ جناب فيلڪس صاحب بهادر! اسين حضور جن جي وسيلي ڏاڍي امن ۾ ٿا گذاريون، ۽ تنهنجي دور انديشيءَ جي ڪري هن قوم جي لاءِ ڪيترائي سڌارا ٿيندا وڃن ٿا،</verse>
				<verse number="3">۽ اسين هر طرح ۽ هر هنڌ ڏاڍي شڪرگذاريءَ سان تنهنجا ٿورا مڃيندا ٿا رهون.</verse>
				<verse number="4">پر توکي وڌيڪ تڪليف نہ ڏيان، تنهنڪري توکي عرض ٿو ڪريان تہ تون مهرباني ڪري اسان جون ٻہ ٽي ڳالهيون ٻُڌ:</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو اسان جي نظر ۾ هيءُ ماڻهو هڪڙي وڏي آفت آهي، ۽ دنيا جي سڀني يهودين ۾ فساد مچائيندڙ، ۽ ناصرين جي بدعتي فرقي جو هڪڙو مهندار آهي:</verse>
				<verse number="6">۽ هيءَ بہ ڪوشش ڪئي اٿس تہ هيڪل جي بي عزتي ڪري: پر اسان پڪڙي ورتس، (۽ اسان جي مرضي هئي تہ پنهنجي شريعت موجب هن جو انصاف ڪريون،</verse>
				<verse number="7">پر لوسياس سردار اچي زوريءَ اسان جي هٿان هن جي ٻانهن کسي ويو.</verse>
				<verse number="8">۽ هن جي مدعين کي حڪم ڏنائين تہ تو وٽ اچن)، ۽ جن ڳالهين جو اسين مٿس ڏوهہ ٿا مڙهيون، تن جي پڇا جڏهن تون پاڻ پنهنجي سر ڪندين، تڏهن توکي معلوم ٿيندو.</verse>
				<verse number="9">۽ يهودي بہ انهيءَ تهمت لڳائڻ ۾ اچي شامل ٿيا، ۽ چيائون تہ اهي ڳالهيون برابر ائين ئي آهن.</verse>
				<verse number="10">۽ جڏهن حاڪم پولس کي اشارو ڪيو، تڏهن هن ورندي ڏني، تہ مون کي خبر آهي تہ گهڻن ورهين کان تون هن قوم جي عدالت ڪندو آيو آهين؛ تنهنڪري خوشيءَ سان آئون پنهنجو بچاءُ ٿو ڏيان.</verse>
				<verse number="11">ڀلي تہ جاچ ڪري ڏس تہ ٻارهن ڏينهن مس ٿيندا جو آئون يروشلم ۾ عبادت ڪرڻ ويو هوس؛</verse>
				<verse number="12">۽ هنن مون کي نڪي هيڪل ۾ بحث ڪندو، نڪي ماڻهن ۾ فساد مچائيندو ڏٺو؛ نڪي عبادتخانن ۾، نڪي شهر ۾.</verse>
				<verse number="13">نڪي وري جن ڳالهين جو مون تي هاڻي الزام آندو اٿن، تن جي ثابتي ڏيئي ٿا سگهن.</verse>
				<verse number="14">پر هيترو آئون تنهنجي اڳيان قبول ٿو ڪريان تہ جنهن طريقي کي هي بدعتي ٿا سڏين، اُنهي ۾ آئون پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت ٿو ڪريان؛ ۽ جيڪي ڳالهيون شريعت موجب آهن، ۽ جي نبين جي ڪتابن ۾ لکيل آهن، سي سڀيئي مڃان ٿو.</verse>
				<verse number="15">۽ خدا ۾ اها اُميد اٿم، جا خود کين بہ آهي، تہ نيڪن توڙي بدڪارن ٻنهي جي قيامت ٿيندي.</verse>
				<verse number="16">تنهنڪري آئون انهي سعيي ۾ آهيان تہ هميشہ خدا ۽ ماڻهن جي نسبت ڪنهن بہ ڏوهہ جي ڪري منهنجو ضمير مون کي ملامت نہ ڪري.</verse>
				<verse number="17">هاڻي آئون گهڻن ورهين کان پوءِ آيس تہ پنهنجي قوم کي خيرات ڏيان ۽ نذر چاڙهيان.</verse>
				<verse number="18">جڏهن ائين پي ڪيم، ۽ هيڪل ۾ پاڪ حالت ۾ هوس، تڏهن هنن مون کي ڪو گوڙ يا دنگو ڪندو ڪونہ ڏٺو؛ پر آسيہ جا ڪي يهودي هئا،</verse>
				<verse number="19">جن کي جيڪڏهن مون تي ڪا تهمت آڻڻي هئي، تہ هتي تنهنجي اڳيان اچڻ گهُربو هون،</verse>
				<verse number="20">نہ تہ هي ماڻهو پاڻ چون، تہ جڏهن آئون صدر مجلس جي اڳيان اچي حاضر ٿيو هوس، تڏهن مون ۾ ڪهڙي خرابي ڏٺائون،</verse>
				<verse number="21">سواءِ هن ڳالهہ جي، تہ مون هنن جي وچ ۾ بيهي وڏي سڏ چيو تہ مُئلن جي جي اُٿڻ بابت اڄ اوهان جي اڳيان مون کان پڇا ٿي ٿئي.</verse>
				<verse number="22">پر فيلڪس کي جو انهي طريقي جي وڌيڪ خبر هئي، تنهن هنن کي ترسائي ڇڏيو، ۽ چيائين تہ جڏهن پلٽڻ جو سردار لوسياس ايندو، تڏهن آئون اوهان جو معاملو فيصل ڪندس.</verse>
				<verse number="23">پوءِ هن صوبيدار کي حڪم ڏنو تہ هن کي نظربند رکو، مگر سُکيو رکجوس، ۽ سندس دوستن مان ڪنهن کي بہ سندس خدمت ڪرڻ کان نہ روڪجو.</verse>
				<verse number="24">پوءِ ڪن ڏينهن کانپوءِ فيلڪس پنهنجي زال دروسلہ سان گڏجي آيو، جا يهودڻ هئي؛ ۽ پولس کي سڏائي سندس واتان مسيح جي دين بابت بيان ويهي ٻُڌائين.</verse>
				<verse number="25">۽ جڏهن هن سچائيءَ، ۽ پرهيزگاريءَ، ۽ ايندڙ عدالت بابت ويٺي سمجهايو، تڏهن فيلڪس کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو، ۽ ورندي ڏنائينس تہ هاڻي وڃ، جڏهن وري مون کي فرصت ملندي، تڏهن آئون توکي پاڻ وٽ گهرائيندس.</verse>
				<verse number="26">تنهن کانسواءِ هن کي اها بہ اُميد هئي تہ پولس ڪا رقم ڏيندم: تنهنڪري بہ هن کي وري وري سڏائي ساڻس گفتگو ڪندو هو.</verse>
				<verse number="27">پر جڏهن ٻہ ورهيہ گذري ويا، تڏهن فيلڪس جي جاءِ تي پرڪيوس فيستس آيو؛ ۽ فيلڪس جي مرضي هئي تہ يهودين ۾ سرخرو ٿيان، تنهنڪري پولس کي قيد ۾ ئي ڇڏي هليو ويو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="25">
				<verse number="1">سو جڏهن فيستس انهي پرڳڻي ۾ آيو، تڏهن ٽن ڏينهن کانپوءِ هو قيصريہ مان يروشلم ۾ ويو.</verse>
				<verse number="2">۽ سردار ڪاهنن ۽ يهودين جي بزرگن وٽس پولس تي دانهن ڪئي؛ ۽ عرض ڪيائونس تہ</verse>
				<verse number="3">ڀلائي ڪري هن کي يروشلم ۾ گهُراءِ؛ ۽ پاڻ اهو وجهہ پئي ڳوليائون تہ رستي ۾ هن کي ماري کپائي ڇڏيون.</verse>
				<verse number="4">پر فيستس جواب ڏنو تہ پولس قيصريہ ۾ قيد آهي، ۽ آئون پاڻ جلد اوڏانهن وڃڻ وارو آهيان،</verse>
				<verse number="5">تنهنڪري اوهان مان جيڪي معتبر آهن، سي مون سان گڏ هلن، ۽ جيڪڏهن اُنهي ماڻهوءَ ڪا خطا ڪئي هوندي تہ پوءِ ڀلي مٿس تهمت رکن.</verse>
				<verse number="6">۽ هو منجهن اٺ ڏهہ ڏينهن کن ٽڪي پوءِ قيصريہ ۾ ويو، ۽ ٻئي ڏينهن عدالت جي ڪرسيءَ تي ويهي حڪم ڪيائين تہ پولس کي وٺي اچو.</verse>
				<verse number="7">۽ جڏهن اُهو اچي حاضر ٿيو، تڏهن جيڪي يهودي يروشلم مان آيا هئا، سي سندس چوڌاري بيهي ويا ۽ مٿس ڏاڍيون ڳريون تهمتون رکيائون، پر انهن جي ثابتي ڏيئي نہ سگهيا.</verse>
				<verse number="8">مگر پولس پنهنجي بچاءَ ۾ چيو، تہ مون نڪو يهودين جي شريعت جو ڪو ڏوهہ ڪيو آهي، نہ هيڪل جو، نڪي قيصر جو.</verse>
				<verse number="9">پر فيستس جي مرضي هئي تہ يهودين ۾ سرخرو ٿيان، تنهنڪري پولس کي ورندي ڏيئي چيائين تہ يروشلم ۾ هلندين تہ اتي منهنجي اڳيان هنن ڳالهين جو فيصلو ٿئي؟</verse>
				<verse number="10">پر پولس چيو تہ آئون قيصر جي عدالت جي ڪرسيءَ اڳيان بيٺو آهيان، منهنجو فيصلو هتي ٿيڻ گهرجي؛ يهودين جو مون ڪوبہ قصور ڪونہ ڪيو آهي، جيئن خود توکي نيڪ روشن آهي.</verse>
				<verse number="11">تنهنڪري جي آئون قصوروار آهيان، ۽ موت جي سزا جوڳو ڪم ڪيو اٿم، تہ آئون مرڻ کان انڪار ڪونہ ٿو ڪريان: پر جن ڳالهين جو هي مون تي الزام ٿا آڻين، تن مان جي ڪابہ سچي ڪانهي، تہ پوءِ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي اهو حق ڪونهي تہ مون کي سندن حوالي ڪري.</verse>
				<verse number="12">آئون قيصر وٽ اپيل ٿو ڪريان. تڏهن فيستس صلاحڪارن سان صلاح مصلحت ڪري ورندي ڏني، تہ تو قيصر وٽ اپيل ڪئي آهي، سو توکي قيصر وٽ وڃڻو پوندو.</verse>
				<verse number="13">هاڻي ڪن ڏينهن کانپوءِ اگرپا بادشاهہ ۽ برنيڪي قيصريہ ۾ فيستس سان ملاقات ڪرڻ آيا.</verse>
				<verse number="14">۽ هو ڪيترا ڏينهن اتي ٽڪي پيا، سو فيستس پولس جي مقدمي جو احوال بادشاهہ کي ٻُڌايو، ۽ چيائين تہ هڪڙو شخص آهي جنهن کي فيلڪس قيد ۾ ڇڏي ويو آهي؛</verse>
				<verse number="15">جنهن تي، جڏهن آئون يروشلم ۾ هوس، تڏهن سردار ڪاهنن ۽ يهودين جي بزرگن مون وٽ فرياد ڪيو، ۽ عرض ڪيائون تہ سزا ڏينس.</verse>
				<verse number="16">پر مون کين جواب ڏنو تہ جيسين جوابدار فريادين جي روبرو نہ ٿئي، ۽ جا تهمت مٿس رکن، تنهن جي بچاءُ ڏيڻ جو وجهہ نہ مليس، تيسين کيس سزا ڏيڻ، رومين جو دستور نہ آهي.</verse>
				<verse number="17">سو جڏهن هو هتي اچي گڏ ٿيا، تڏهن مون دير ڪانہ ڪئي، پر ٻئي ڏينهن عدالت جي ڪرسيءَ تي ويهي حڪم ڏنم تہ انهيءَ ماڻهو کي وٺي اچو.</verse>
				<verse number="18">پر جڏهن سندس مدعي اٿي بيٺا، تڏهن جن ڏوهن جو مون کي گمان هو، تن مان ڪنهن جو بہ الزام مٿس ڪين آندائون.</verse>
				<verse number="19">پر هنن جي وچ ۾ پنهنجي مذهب بابت تڪرار هو ۽ هڪڙي شخص يسوع بابت، جو مري ويو هو، پر جنهن جي نسبت ۾ پولس ٿي چيو تہ جيئرو آهي.</verse>
				<verse number="20">۽ جيئن تہ مون کي سمجهہ ۾ ڪين آيو تہ انهن ڳالهين جي دريافت ڪيئن ڪجي، سو کانئس پڇيم تہ يروشلم ۾ وڃڻ تي راضي آهين، تہ اُتي هنن ڳالهين جو فيصلو ٿئي؟</verse>
				<verse number="21">پر جڏهن پولس عرض ڪيو تہ منهنجي مقدمي جو فيصلو شهنشاهہ جي عدالت ۾ ٿئي، تڏهن مون حڪم ڏنو تہ جيسين آئون قيصر ڏانهن موڪليانس، تيسين بند رهي.</verse>
				<verse number="22">تڏهن اگرپا فيستس کي چيو تہ منهنجي پاڻ اها مرضي آهي تہ انهي ماڻهوءَ جي ڳالهہ ٻُڌان. هن چيو تہ سڀاڻي ئي تون هن جي ڳالهہ ٻُڌج.</verse>
				<verse number="23">سو ٻئي ڏينهن جڏهن اگرپا ۽ برنيڪي ڏاڍي دٻدٻي سان آيا، ۽ پلٽڻ جي سردارن ۽ شهر جي مکيہ ماڻهن سان گڏ ديوان عام ۾ داخل ٿيا، تڏهن فيستس جي حڪم سان، پولس کي آڻي حاضر ڪيائون.</verse>
				<verse number="24">پوءِ فيستس چوڻ لڳو، تہ اي اگرپا بادشاهہ، ۽ اوهين سڀيئي جي هتي موجود آهيو، هن شخص کي ڏسو، جنهن بابت يهودين جي سڄي خلق يروشلم ۾ توڙي هتي مون وٽ فرياد ڪيو، ۽ واڪا ڪري چيائون تہ ههڙي ماڻهوءَ کي جيئرو ئي رهڻ نہ ڏجي.</verse>
				<verse number="25">پر مون کي خبر پيئي تہ هن موت جي سزا جوڳو ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ڪيو آهي: پر جڏهن هن پاڻ شهنشاهہ وٽ اپيل ڪئي، تڏهن ٺهراءُ ڪيم تہ کيس اوڏانهن موڪليان.</verse>
				<verse number="26">مگر سندس بابت مون کي ڪابہ پڪي خبر ڪانهي جا پنهنجي مالڪ ڏانهن لکي موڪليان. تنهنڪري مون هن کي اوهان جي اڳيان، خاص ڪري، اي اگرپا بادشاهہ، تنهنجي اڳيان، حاضر ڪيو آهي، تہ هن تحقيقات مان ڪا لکڻ جهڙيءَ ڳالهہ جي خبر پويم.</verse>
				<verse number="27">ڇالاءِ جو آئون سمجهان ٿو تہ اِها ڳالهہ غير واجبي آهي تہ قيديءَ کي روانو ڪريان، پر جيڪي تهمتون مٿس آهن، سي نہ ٻُڌايان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="26">
				<verse number="1">۽ اگرپا پولس کي چيو تہ هاڻي توکي ڳالهائڻ جي موڪل آهي. تڏهن پولس پنهنجو هٿ ڊگهيري، هن طرح پنهنجو بچاءُ ڏيڻ لڳو، تہ</verse>
				<verse number="2">اي اگرپا بادشاهہ، آئون پاڻ کي نصيب وارو ٿو سمجهان، جو اڄ تنهنجي اڳيان انهن ڳالهين جو بچاءُ ڏيڻو اٿم، جن بابت يهودين مون تي تهمت رکي آهي:</verse>
				<verse number="3">خاص هن ڪري، جو تون يهودين جي سڀني ريتن ۽ رسمن کان خوب واقف آهين: تنهنڪري منهنجو عرض آهي، تہ تون تحمل ڪري منهنجي ٻُڌ.</verse>
				<verse number="4">شروع کان ئي مون پنهنجي زندگي پنهنجي قوم ۽ يروشلم ۾ گذاري آهي، ۽ ننڍڙي هوندي کان وٺي ڪيئن پي رهيو آهيان، تنهن جي سڀني يهودين کي خبر آهي.</verse>
				<verse number="5">۽ مرضي هجين تہ شاهدي ڏيئي سگهندا، ڇو جو منهنجي بابت ايتري خبر اٿن تہ شروع کان ئي، آئون پنهنجي مذهب جي سڀني کان سخت پابند فرقي موجب، ڪيئن نہ فريسي ٿي گذاريندو هوس.</verse>
				<verse number="6">۽ هاڻي، جو واعدو خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، تنهن جي پوري ٿيڻ جي اُميد سبب مون کي هتي عدالت ۾ کڙو ڪيو اٿن.</verse>
				<verse number="7">۽ انهي واعدي جي پوري ٿيڻ جي اُميد تي اسان جا ٻارهن ئي قبيلا ڏاڍي دل سان رات ڏينهن خدا جي عبادت پيا ڪن. انهيءَ ئي اميد جي ڪري، بادشاهہ سائين، يهودين مون تي هيءَ تهمت رکي آهي.</verse>
				<verse number="8">اوهين ڇو ٿا ڀانئيو تہ اها ڳالهہ وسهڻ جهڙي نہ آهي تہ خدا مُئلن کي جياري ٿو؟</verse>
				<verse number="9">۽ آئون پاڻ ڀائيندو هوس تہ يسوع ناصري جي نالي جي برخلاف مون کي گهڻو ئي ڪي ڪرڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="10">۽ يروشلم ۾ آئون ائين ڪندو هوس، ۽ سردار ڪاهنن کان اختياري وٺي گهڻن ئي پاڪ ٿيلن کي قيد ۾ بہ وجهائيندو هوس، ۽ سندن قتل ٿيڻ وقت سندن برخلاف پنهنجي راءِ ڏنيم.</verse>
				<verse number="11">۽ سڀني عبادتخانن ۾، گهڻائي ڀيرا کين سزا ڏياري، زورازوريءَ کانئن ڪفر بڪائيندو هوس؛ بلڪ سندن برخلاف اهڙو ڇتو ٿي پيس، جو کين ٻين شهرن ۾ بہ وڃي ستائيندو هوس.</verse>
				<verse number="12">انهيءَ لاءِ سردار ڪاهن کان اختياري ۽ پروانو وٺي، جڏهن آئون دمشق ڏانهن پئي ويس،</verse>
				<verse number="13">تڏهن اي بادشاهہ، ٻنپهرن جي وقت واٽ تي ڏٺم تہ آسمان مان هڪڙو سوجهرو، جو سج کان بہ وڌيڪ روشنائيءَ وارو هو، سو مون تي ۽ منهنجي سنگتين تي اچي چمڪيو.</verse>
				<verse number="14">۽ جڏهن اسين سڀ زمين تي ڪِري پياسين، تڏهن مون هڪڙو آواز ٻُڌو، جنهن عبراني ٻوليءَ ۾ مون کي چيو تہ اي شائول، اي شائول، تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟ پڻياٺيءَ تي لت هڻڻ تنهنجي لاءِ ڏکيو آهي.</verse>
				<verse number="15">۽ مون چيو تہ اي خداوند، تون ڪير آهين؟ تڏهن خداوند چيو، تہ آئون يسوع آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو.</verse>
				<verse number="16">پر اُٿي بيهہ: ڇالاءِ جو مون انهي مطلب لاءِ توکي ڏيکاري ڏني آهي تہ توکي انهن سڀني ڳالهين جو خدمتگار ۽ شاهد مقرر ڪريان، جن لاءِ تو مون کي ڏٺو آهي، ۽ جن لاءِ آئون توکي ڏيکاري ڏيندس؛</verse>
				<verse number="17">۽ اُمت ۽ غير قومن، جن ڏانهن آئون توکي موڪليان ٿو، تن کان آئون توکي بچائيندو رهندس؛</verse>
				<verse number="18">تہ تون سندن اکيون کولين، تہ هو اونداهيءَ کان سوجهري ڏانهن، ۽ شيطان جي اختياريءَ کان خدا ڏانهن ڦرن؛ ۽ انهيءَ لاءِ تہ مون تي ايمان آڻڻ ڪري گناهن جي معافي ملين، ۽ جيڪي پاڪ ٿيا آهن، تن سان گڏ ورثو ملين.</verse>
				<verse number="19">سو، اي بادشاهہ، آسمان مان جو اهو رويا ڏٺم، تنهن کان منهن نہ موڙيم.</verse>
				<verse number="20">پهريائين دمشق جي ماڻهن کي، ۽ پوءِ يروشلم ۾، ۽ يهوديہ جي ساري ملڪ ۾، ۽ غير قومن کي بہ چوندو رهيس تہ اُهي توبهہ ڪري خدا ڏانهن ڦرن؛ ۽ اهڙا ڪم ڪن جي توبهہ ڪندڙن جي لائق هجن.</verse>
				<verse number="21">انهيءَ ڪري يهودين مون کي هيڪل ۾ پڪڙي ماري وجهڻ جي ڪوشش ڪئي.</verse>
				<verse number="22">پر خدا جي مدد سان اڄ تائين آئون قائم رهندو اچان، ۽ ننڍي توڙي وڏي جي اڳيان شاهدي ڏيندو اچان، ۽ رڳو اُهي ڳالهيون ٿو ٻُڌايان، جن بابت نبي ۽ موسيٰ اڳيئي چئي ويا آهن تہ ٿينديون؛</verse>
				<verse number="23">يعني تہ مسيح ضرور ڏک سهندو، ۽ اهوئي پهرين مُئلن مان جي اُٿندو، تہ اُمت کي توڙي غير قومن کي سوجهري جي خبر ٻُڌائي.</verse>
				<verse number="24">اڃا هن انهيءَ طرح پنهنجو بچاءُ پئي ڏنو، تہ فيستس واڪو ڪري چيو، تہ اي پولس، تون ديوانو ٿي پيو آهين؛ تنهنجي گهڻي علم توکي چريو ڪري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="25">پر پولس چيو، تہ جناب فيستس بهادر، آئون ديوانو نہ آهيان، پر سچ ۽ عقل جون ڳالهيون ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="26">ڇالاءِ جو بادشاهہ جنهن سان صاف صاف بيٺو ڳالهايان، تنهن کي اها بہ خبر آهي، ۽ پڪ اٿم تہ انهن مان ڪابہ ڳالهہ کانئس لڪل ڪانهي؛ ڇو جو اها ڳالهہ ڪنڊ پاسي ۾ ڪانہ ٿي آهي.</verse>
				<verse number="27">اي اگرپا بادشاهہ، تون نبين کي مڃين ٿو؟ مون کي خبر آهي تہ تون مڃين ٿو.</verse>
				<verse number="28">تڏهن اگرپا پولس کي چيو، تہ تون ٿوريءَ ئي ڪوشش سان مون کي مسيحي ڪرڻ ٿو گهُرين.</verse>
				<verse number="29">پولس چيو، تہ شل خدا ڪري تہ ٿوريءَ سان يا گهڻيءَ سان، نہ رڳو تون، پر جيڪي ماڻهو اڄ منهنجي بيٺا ٻُڌن، سي سڀيئي اهڙا ٿين جهڙو آئون آهيان، سواءِ هنن زنجيرن جي.</verse>
				<verse number="30">اتي بادشاهہ اُٿي کڙو ٿيو، ۽ حاڪم ۽ برنيڪي ۽ ٻيا جيڪي ساڻن ويٺا هئا، سي بہ اُٿيا:</verse>
				<verse number="31">۽ جڏهن هو ٻاهر نڪتا، تڏهن هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪيائون ۽ چيائون تہ هن ماڻهوءَ ڪوبہ اهڙو ڪم ڪونہ ڪيو آهي جو موت يا قيد جي سزا مليس.</verse>
				<verse number="32">پوءِ اگرپا فيستس کي چيو، تہ جيڪڏهن هي ماڻهو قيصر وٽ اپيل نہ ڪري ها تہ جيڪر ڇُٽي وڃي ها.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="27">
				<verse number="1">۽ جڏهن اهو ٺهراءُ ٿيو تہ اسين جهاز ۾ چڙهي اطاليہ ڏانهن وڃون، تڏهن هنن پولس ۽ ٻين قيدين کي شهنشاهي پلٽڻ جي هڪڙي يوليس نالي صوبيدار جي حوالي ڪيو.</verse>
				<verse number="2">۽ ادرموتيم جو هڪڙو جهاز، جو آسيہ جي ڪناري وارن شهرن ڏانهن وڃڻو هو، تنهن تي چڙهي اسين روانا ٿياسين، ۽ ٿسلونيڪيءَ جو هڪڙو مڪدوني ارسترخس نالي اسان سان هو.</verse>
				<verse number="3">۽ ٻئي ڏينهن اسين صيدون ۾ اچي پهتاسين؛ ۽ يوليس پولس تي مهرباني ڪئي، ۽ موڪل ڏنائينس تہ دوستن وٽ وڃي، ۽ تازگي حاصل ڪري.</verse>
				<verse number="4">۽ اُتان جهاز اڳتي هلائي ڪپرس جي آڙ وٺي لنگهياسين، جو واءُ اڻائو هو.</verse>
				<verse number="5">۽ جڏهن ڪلڪيہ ۽ پمفوليہ جي پاسي واري سمنڊ مان لنگهياسين، تڏهن مورا ۾ آياسين، جو لوڪيہ جو هڪڙو شهر آهي.</verse>
				<verse number="6">۽ اُتي انهي صوبيدار کي سڪندريہ جو هڪڙو جهاز مليو، جو اطاليہ ڏانهن ٿي ويو؛ تنهن ۾ اسان کي کڻي چاڙهيائين.</verse>
				<verse number="7">۽ ڪيترائي ڏينهن آهستي آهستي پئي وياسين، پوءِ جيئن تيئن ڪري ڪندوس جي سامهون پهتاسين، ۽ واءُ اسان کي اڳتي وڌڻ نہ ڏنو، تنهنڪري سلمونيءَ جي سامهون لنگهي، ڪريتي جي آڙ ۾ هلياسين؛</verse>
				<verse number="8">۽ مشڪل سان انهيءَ جو ڪنارو ڏيئي هلي هلي سهڻي بندر تي پهتاسين، جنهن جي ويجهو لسيہ شهر آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ جڏهن ڳچ مدت گذري ويئي، ۽ روزن جا ڏينهن لنگهي وڃڻ جي ڪري، جهاز جي مسافري هاڻي جوکائتي ٿي پيئي هئي، تڏهن پولس هنن کي صلاح ڏيئي چوڻ لڳو،</verse>
				<verse number="10">اي صاحبو، آئون سمجهان ٿو تہ هن سفر ۾ تڪليف ۽ گهڻو نقصان ٿيڻو آهي، نہ رڳو مال ۽ جهاز جو، پر اسان جي حياتيءَ جو بہ.</verse>
				<verse number="11">پر صوبيدار، ناکئي ۽ جهاز جي مالڪ جون ڳالهيون، پولس جي ڳالهين کان وڌيڪ مڃيون.</verse>
				<verse number="12">۽ اهو بندر سياري ڪاٽڻ لاءِ چڱو نہ هو، تنهنڪري گهڻن جي صلاح ٿي تہ اتان اڳتي هلجي، ۽ جي ٿي سگهي تہ فينڪس ۾ هلي سيارو گذارجي؛ جو ڪريتيءَ جو بندر آهي ۽ سندس رخ اُتر اُڀرندي ڏانهن آهي.</verse>
				<verse number="13">۽ جڏهن ڏکڻ جو واءُ آهستي آهستي لڳڻ شروع ٿيو، تڏهن هنن ڀانئيو تہ هاڻ اسان جو مطلب پورو ٿيو، تنهنڪري لنگر کڻي ڪريتيءَ جو ڪنارو ڏيئي هليا.</verse>
				<verse number="14">اڃا ڪو گهڻو وقت ڪونہ گذريو، تہ هڪڙو طوفان اچي ڇٽڪيو، جنهن کي يوراڪلون ٿا چون:</verse>
				<verse number="15">۽ جڏهن جهاز اچي ڦاٿو، ۽ واءُ کي سامهون ٿي نہ سگهيو، تڏهن لاچار ٿي اسان ڇڏي ڏنس، ۽ ڌڪجي پئي وياسين.</verse>
				<verse number="16">۽ ڪودہ نالي هڪڙي ننڍڙي ٻيٽ جي آڙ ۾ لنگهي، جيئن تيئن ڪري ٻيڙي هٿ ڪئي سين؛</verse>
				<verse number="17">۽ جڏهن انهيءَ کي چاڙهي مٿي ڪيائون، تڏهن جهاز جي هيٺين پاسي کي چوڌاري رسا ٻَڌي مضبوط ڪيائون؛ پوءِ هنن کي ڊپ ٿيو تہ متان ڌڪجي وڃي سورتس، يعني ريتيءَ ۾ ڦاسون، تنهنڪري جهاز جو سڙهہ ۽ آلات لاهي هيٺ ڪيائون، پوءِ ڌڪبا هليا ويا.</verse>
				<verse number="18">۽ جڏهن طوفان اسان کي ڏاڍو هلاک ڪيو، تڏهن ٻئي ڏينهن هنن جهاز جو بار کڻي واميو؛</verse>
				<verse number="19">۽ ٽئين ڏينهن هنن پنهنجن هٿن سان جهاز جو سارو سامان اُڇلائي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="20">۽ جڏهن ڏينهن جا ڏينهن نڪي سج نڪي تارا ڏسڻ ۾ آيا، ۽ سخت طوفان لڳندو رهيو، تڏهن نيٺ بچڻ جي ڪابہ اُميد ڪانہ رهيسين.</verse>
				<verse number="21">سو ڪيترائي ڏينهن کاڌي کانسواءِ گذري وِين، تڏهن پولس سندن وچ ۾ بيهي چوڻ لڳو، تہ صاحبو، اوهان کي گهُربو هو تہ منهنجي ڳالهہ مڃو ها ۽ ڪريتيءَ کان روانا نہ ٿيو ها، تہ هيءَ تڪليف ۽ نقصان نہ رسيوَ ها.</verse>
				<verse number="22">هاڻي منهنجي صلاح اٿوَ تہ دلجاءِ ڪريو: ڇالاءِ جو اوهان مان ڪنهن جيءَ بہ جان جو نقصان نہ ٿيندو، پر رڳو جهاز ويندو.</verse>
				<verse number="23">ڇاڪاڻ جو خدا، جنهن جو آئون آهيان، ۽ جنهن جي عبادت ٿو ڪريان، تنهن جو ملائڪ رات جو مون وٽ آيو،</verse>
				<verse number="24">۽ چيائين، تہ اي پولس، ڊڄ نہ، تون ضرور قيصر جي اڳيان پيش ٿيندين: ۽ ڏس هي جيڪي جهاز ۾ تو سان گڏ آهن، تن سڀني کي خدا تنهنجي خاطر بچايو آهي.</verse>
				<verse number="25">تنهنڪري اي صاحبو، دلجاءِ ڪريو، جو منهنجو خدا تي پورو يقين آهي، تہ جيئن مون کي چيو اٿس تيئن ئي ٿيندو،</verse>
				<verse number="26">۽ اسين ضرور ڪنهن ٻيٽ تي وڃي پونداسين.</verse>
				<verse number="27">پر جڏهن چوڏهين رات آئي ۽ اسين ادريہ جي سمنڊ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڌڪجي پئي وياسين، تڏهن آڌيءَ رات ڌاري خلاصين سمجهيو تہ ڪنهن ملڪ کي ويجهو پوندا ٿا وڃون؛</verse>
				<verse number="28">۽ هنن پاڻيءَ جو ترو ورتو، تہ ويهہ پرهہ نڪتو: ٿورو اڳڀرو هلي وري بہ ترو ورتائون، تہ پندرهن پرهہ ٿيا.</verse>
				<verse number="29">تنهن تي اهو ڊپ ٿِيُنِ تہ متان ٽڪر تي وڃي لڳون، سو جهاز جي پاڇيل کان چار لنگر لاهي صبح ٿيڻ جي انتظار ۾ ويهي رهيا.</verse>
				<verse number="30">۽ جڏهن خلاصي انهي سعيي ۾ هئا تہ جهاز مان ڀڄي وڃون، ۽ ٻيڙي بہ سمنڊ ۾ لاهي ڇڏيائون، انهي بهاني تي تہ ڄڻ جهاز جي آڳيل تان لنگر لاهينداسين؛</verse>
				<verse number="31">تڏهن پولس صوبيدار ۽ سپاهين کي چيو، تہ جيڪڏهن هي جهاز تي نہ رهندا تہ اوهان جو بچڻ ڪونهي.</verse>
				<verse number="32">تنهن تي سپاهين ٻيڙيءَ جا رسا ڪَپي ڇڏيا، ۽ ڇڏي ڏنائونس.</verse>
				<verse number="33">اڃا صبح ٿيڻ تي هو تہ پولس سڀني کي عرض ڪيو تہ ڪجهہ کائو، ۽ چيائين تہ اوهان کي انتظار ڪندي ڪندي، ۽ بکون ڪڍندي اڄ ڏهون ڏينهن اچي ٿيو آهي، جو ڪي بہ ڪين کاڌو اٿوَ.</verse>
				<verse number="34">تنهنڪري آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ ڪجهہ کائو، ڇالاءِ تہ انهي ۾ اوهان جو بچاءُ آهي: ڇو جو اوهان مان ڪنهن جي مٿي جو هڪڙو وار بہ ونگو نہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="35">۽ جڏهن ائين چئي رهيو ۽ ماني ورتائين، تڏهن سڀني جي اڳيان خدا جو شڪر ڪري اُها ڀڃي کائڻ لڳو.</verse>
				<verse number="36">تڏهن ٻين سڀني کي بہ دلجاءِ ٿي، ۽ پاڻ بہ ماني کاڌائون.</verse>
				<verse number="37">۽ جهاز ۾ اسين مڙيئي ٻہ سؤ ڇاهتر ڄڻا هئاسين.</verse>
				<verse number="38">۽ جڏهن هنن کائي ڍءُ ڪيو، تڏهن ڪڻڪ کڻي سمنڊ ۾ اُڇلايائون تہ جهاز هلڪو ٿئي.</verse>
				<verse number="39">۽ جڏهن ڏينهن ٿيو، تڏهن خبر ئي ڪانہ پين تہ هيءُ ڪهڙو ملڪ آهي: پر هڪڙي کاري ڏٺائون جنهن جو ڪنارو صاف هو، ۽ هو پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ جي ٿي سگهي تہ جهاز کي انهي ڪناري تي وڃي بيهارجي.</verse>
				<verse number="40">پوءِ لنگر ڇوڙي سمنڊ ۾ ڇڏي ڏنائون، ۽ اوڏيءَ مهل ئي ونجهن سان رسا بہ کڻي ڇوڙيائون ۽ آڳيل وارو سڙهہ واءُ جي رخ تي چاڙهي ڪناري ڏانهن وڌڻ لڳا.</verse>
				<verse number="41">پر هڪڙي اهڙي هنڌ اچي پيا، جتي ٻنهي پاسي سمنڊ جو زور هو، ۽ اُتي جهاز وڃي گَتو، ۽ آڳيل تہ لڳي قابو ٿي پيئي، مگر پاڇيل لهرن جي سٽڪي جي ڪري ڀڄڻ لڳي.</verse>
				<verse number="42">۽ سپاهين پاڻ ۾ اها صلاح ڪئي تہ قيدين کي ماري ڇڏجي، متان منجهانئن ڪو تري ڀڄي وڃي.</verse>
				<verse number="43">پر صوبيدار جي مرضي هئي تہ پولس کي بچايان، سو هنن کي انهي ارادي کان روڪيائين؛ ۽ حڪم ڏنائين تہ جيڪي تري سگهن، سي پهرين جهاز مان ٽپو ڏيئي پاڻيءَ ۾ پون ۽ ڪناري تي وڃي پهچن:</verse>
				<verse number="44">ٻين مان، ڪي تختن تي، ڪي جهاز جي ٻين شين تي نڪري وڃن. نيٺ ائين ٿيو ۽ سڀيئي صحيح سلامت وڃي سُڪيءَ تي پهتا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="28">
				<verse number="1">۽ جڏهن اسين بچي نڪتاسين، تڏهن معلوم ٿيو تہ انهي ٻيٽ جو نالو مليطي آهي.</verse>
				<verse number="2">۽ اُتي جي جهنگلي ماڻهن اسان تي ڏاڍي مهرباني ڪئي، جو مينهن ۽ سيءَ جي ڪري باهہ ٻاري اسان جي خاطرداري ڪيائون.</verse>
				<verse number="3">پر جڏهن پولس ڪاٺين جي ڀري گڏ ڪري باهہ ۾ ٿي وڌي، تڏهن هڪڙو نانگ گرمائش جي ڪري نڪري آيو ۽ هن جي هٿ کي چنبڙي پيو.</verse>
				<verse number="4">جڏهن جهنگلين اها بلا هن جي هٿ مان لڙڪندي ڏٺي، تڏهن هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ بيشڪ هيءُ ماڻهو خوني آهي، ۽ جيتوڻيڪ سمنڊ کان بچي نڪتو آهي، تہ بہ انصاف هن کي جيئرو رهڻ نٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="5">پر هن اها بلا اُڇلائي باهہ ۾ ڇنڊي ڇڏي، ۽ کيس ڪوبہ ايذاءُ ڪونہ پهتو.</verse>
				<verse number="6">پر هنن ڀانئيو تہ هيءُ سُڄي پوندو، يا اوچتو ڪِري مري ويندو، پر گهڻي وقت تائين اهو انتظار ڪڍيائون ۽ ڏٺائون تہ هن کي ڪي بہ ڪين ٿيو، تڏهن ٻيو خيال ڪيائون، ۽ چوڻ لڳا تہ هي ڪو ديوتا آهي.</verse>
				<verse number="7">هاڻي انهي هنڌ جي ويجهو پبلوس جي زمين هئي، جو اُنهي ٻيٽ جو سردار هو؛ سو اسان کي پنهنجي گهر وٺي ويو ۽ ڏاڍي مهرباني ڪري ٽي ڏينهن اسان جي مهماني ڪيائين.</verse>
				<verse number="8">۽ هيئن ٿيو جو پبلوس جو پيءُ تپ ۽ پيچش جي ڪري بيمار پيو هو: تنهن وٽ پولس لنگهي ويو، ۽ دعا گهُري مٿس هٿ رکي کيس ڇُٽايائين.</verse>
				<verse number="9">جڏهن ائين ٿيو، تڏهن انهي ٻيٽ ۾ باقي ٻيا جيڪي بيمار هئا، سي بہ آيا ۽ هو بہ چڱا ڀلا ڪيا ويا.</verse>
				<verse number="10">اُنهن بہ اسان کي گهڻو مانُ ڏنو؛ ۽ جڏهن روانا ٿي ٿياسين، تڏهن جيڪي گهُربو هيوسين، سو جهاز تي آڻي رکيائون.</verse>
				<verse number="11">۽ ٽن مهينن کانپوءِ سڪندريہ جي هڪڙي جهاز تي چڙهي اسين روانا ٿياسين. انهيءَ جهاز سڄو سيارو انهي ٻيٽ ۾ گذاريو هو، ۽ اُن جو نشان ”ڊئيسڪوري“ يعني جاڙا ديوتا هو.</verse>
				<verse number="12">جڏهن سوراڪوسا ۾ اچي پهتاسين، تڏهن ٽي ڏينهن اُتي رهي پياسين.</verse>
				<verse number="13">۽ اُتان ڦيرو ڏيئي ريگيوم ۾ آياسين: ۽ هڪڙي ڏينهن کانپوءِ ڏکڻ لڳو، ۽ ٻئي ڏينهن اسين پتيوليءَ ۾ آياسين.</verse>
				<verse number="14">جتي ڪن ڀائرن کي گڏياسين، جن اسان کي زور ڪري هفتو کن پاڻ وٽ ٽڪائي ڇڏيو، سو نيٺ روما ۾ پهتاسين.</verse>
				<verse number="15">اتي ڀائرن اسان جي اچڻ جو ٻُڌو؛ ۽ اسان کي گڏجڻ لاءِ اپيوس جي چونڪ ۾ ٽن سراين تائين آيا؛ جن کي ڏسي پولس خدا جو شڪر ڪيو، ۽ خاطر جمع ٿيس.</verse>
				<verse number="16">۽ جڏهن روم ۾ پهتاسين، تڏهن پولس کي خلاصو رهڻ جي موڪل ملي، پر هڪڙو سپاهي مٿس پهرو ڏيندو هو.</verse>
				<verse number="17">۽ هيئن ٿيو جو ٽن ڏينهن کانپوءِ هن يهودين جي مکيہ ماڻهن کي پاڻ وٽ گهُرايو: ۽ جڏهن اهي اچي گڏ ٿيا، تڏهن انهن کي چيائين تہ اي ڀائرو، جيتوڻيڪ مون اُمت يا اباڻين رسمن جي برخلاف ڪجهہ نہ ڪيو هو، تہ بہ يروشلم مان قيد ڪرائي مون کي رومين جي حوالي ڪيو اٿن.</verse>
				<verse number="18">جڏهن انهن منهنجي دريافت ڪئي، تڏهن مرضي هُين تہ ڇڏي ڏيونس، جو موت جي سزا جو قصور مون ۾ ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="19">پر جڏهن يهودي انهي جي برخلاف ڳالهائڻ لڳا، تڏهن لاچار ٿي مون قيصر وٽ اپيل ڪئي؛ نہ اِنهي لاءِ تہ مون کي پنهنجي قوم تي ڪو الزام هڻڻو هو.</verse>
				<verse number="20">هاڻي انهي مطلب لاءِ مون اوهان کي گهُرايو آهي تہ آئون اوهان سان گڏجان، ۽ اوهان سان ڳالهہ ٻولهہ ڪريان: ڇالاءِ تہ جيڪا اسرائيل جي اُميد آهي، تنهن جي ڪري ئي مون کي هن زنجير ۾ ٻَڌو اٿن.</verse>
				<verse number="21">تڏهن هنن چيس تہ نڪي اسان کي يهوديہ مان تنهنجي بابت خط پٽ آيو آهي، نڪي ڀائرن مان ڪنهن هتي اچي خبر ڏني آهي، يا ڪا بري ڳالهہ ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="22">پر چڱو ٿيندو تہ جيڪي تنهنجا خيال آهن، سي اسان کي ٻُڌاءِ: باقي هن فرقي جي بابت اسان کي خبر آهي تہ جتي ڪٿي انهي جي گلا آهي.</verse>
				<verse number="23">۽ جڏهن انهن ساڻس هڪڙو ڏينهن ٺهرايو، تڏهن گهڻائي گڏ ٿي سندس رهڻ واري هنڌ آيا، پوءِ هو خدا جي بادشاهت بابت شاهدي ڏيئي، ۽ يسوع جي بابت موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي ڪتابن مان دليل ڏيئي، صبح کان وٺي شام تائين کين سمجهائيندو رهيو.</verse>
				<verse number="24">۽ ڪن اهي ڳالهيون مڃيون ۽ ڪن ڪين مڃيون.</verse>
				<verse number="25">۽ هو پاڻ ۾ هڪ راءِ نہ ٿيا ۽ وڃڻ تي هئا، پر تنهن کان اڳي پولس هيءَ هڪڙي ڳالهہ چين، تہ پاڪ روح يسعياہ نبيءَ جي معرفت اوهان جي ابن ڏاڏن کي چڱو چيو،</verse>
				<verse number="26">تہ ”تون اُنهيءَ اُمت وٽ وڃ ۽ چئين تہ اوهين ڪنن سان ٻُڌندا، ۽ ڪنهن بہ طرح سمجهندا ئي ڪين؛ ۽ اکين سان ڏسندا پر پروڙيندا ئي ڪين.</verse>
				<verse number="27">ڇالاءِ جو هن اُمت جي دل ڪُند ٿي پيئي آهي، ۽ سندن ڪَن گهٻرا ٿي پيا آهن، ۽ پنهنجيون اکيون پوري ڇڏيون اٿن، انهي لاءِ تہ متان پنهنجين اکين سان پروڙي وٺن، ۽ پنهنجن ڪنن سان ٻُڌي وٺن، ۽ ڦري اچن، تہ آئون کين شفا ڏيان.“</verse>
				<verse number="28">سو اوهان کي معلوم هجي، تہ هي خدا جو ڇوٽڪارو غير قومن وٽ موڪليو ٿو وڃي؛ ۽ اُهي ٻُڌندا.</verse>
				<verse number="29">(۽ جڏهن هو اهي ڳالهيون ڪري چڪو، تڏهن يهودي هڪ ٻئي سان گهڻو بحث ڪندا هليا ويا.)</verse>
				<verse number="30">۽ هو پورا ٻہ ورهيہ پنهنجي مسواڙ واري گهر ۾ رهندو آيو، ۽ جيڪي وٽس ايندا هئا، تن سان گڏبو هو.</verse>
				<verse number="31">۽ ڪنهن بہ رنڊڪ کانسواءِ ڏاڍيءَ همت سان هو خدا جي بادشاهت جي منادي ڪندو ۽ خداوند يسوع مسيح بابت تعليم ڏيندو رهيو.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="45">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">پولس، جو يسوع مسيح جو غلام آهي، ۽ رسول ٿيڻ جي لاءِ سڏيو ويو آهي، ۽ خدا جي انهيءَ خوشخبريءَ جي ڏيڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي،</verse>
				<verse number="2">جنهن خوشخبريءَ جو واعدو هن اڳيئي پاڪ لکيتن ۾ پنهنجن نبين جي معرفت،</verse>
				<verse number="3">پنهنجي فرزند اسان جي خداوند يسوع مسيح جي بابت ڪيو، جو جسم جي ڪري دائود جي نسل مان پيدا ٿيو هو،</verse>
				<verse number="4">پر پاڪيزگيءَ جي روح جي ڪري، مُئلن مان جي اُٿڻ جي سببان قدرت سان خدا جو فرزند ثابت ٿيو؛</verse>
				<verse number="5">جنهن جي معرفت اسان کي فضل ۽ رسالت ملي، انهي لاءِ تہ سندس نالي جي خاطر سڀني قومن مان ماڻهو ايمان جا تابعدار ٿين،</verse>
				<verse number="6">جن ۾ اوهين بہ سڏيا ويا آهيو، تہ يسوع مسيح جا پوئلڳ ٿيو:</verse>
				<verse number="7">تنهن پولس جي طرفان، انهن سڀني ڏانهن، جي روما ۾ خدا جا پيارا آهن، ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آهن: اوهان تي اسان جي پيءُ خدا، ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي هجي.</verse>
				<verse number="8">پهريائين، تہ اوهان سڀني جي حق ۾ يسوع مسيح جي وسيلي پنهنجي خدا جو شڪر ٿو ڪريان، جو اوهان جي ايمان جي ساريءَ دنيا ۾ پڌرائي ٿي ويئي آهي.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو خدا منهنجو شاهد آهي، جنهن جي فرزند جي خوشخبري ٻُڌائڻ ڪري آئون پنهنجي روح سان سندس عبادت ٿو ڪريان، تہ ڪيئن نہ آئون هردم اوهان کي پنهنجين دعائن ۾ ياد پيو ڪريان،</verse>
				<verse number="10">۽ هميشہ اهو سوال پيو ڪريان، تہ نيٺ ڪنهن نہ ڪنهن رستي خدا جي مرضيءَ موجب اوهان وٽ اچڻ جو شل مون کي ڪو وجهہ ملي.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو مون کي اوهان جي ڏسڻ جي ڏاڍي سڪ آهي، انهي لاءِ تہ اوهان کي ڪا روحاني بخشش پهچايان، جنهن جي ڪري اوهين قائم ٿيو:</verse>
				<verse number="12">يعني تہ پاڻ ۾ گڏجي هڪ ٻئي جي انهي ايمان جي ڪري تسلي حاصل ڪريون، جو اوهان ۾ بہ آهي ۽ مون ۾ بہ.</verse>
				<verse number="13">۽ اي ڀائرو، منهنجي مرضي نہ آهي تہ اوهين انهيءَ ڳالهہ کان بي خبر رهو تہ ڪيترائي ڀيرا مون اوهان ڏانهن اچڻ جو ارادو ڪيو هو، انهي لاءِ تہ جهڙيءَ طرح ٻين قومن مان مون کي ڦل مليو آهي، تهڙيءَ طرح اوهان ۾ بہ ڪو ڦل مليم، پر هيستائين روڪ پئي ٿي اٿم.</verse>
				<verse number="14">آئون يونانين توڙي غير يونانين، ڏاهن توڙي بي عقلن، ٻنهي جو قرضدار آهيان.</verse>
				<verse number="15">سو آئون پنهنجي وس آهر اوهان روما وارن کي بہ خوشخبري ٻُڌائڻ لاءِ تيار آهيان.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو مون کي انهيءَ خوشخبريءَ جي ڪري شرم نٿو اچي: انهي لاءِ تہ جيڪو بہ اُن تي ايمان ٿو آڻي، تنهن جي واسطي، يعني پهرين يهوديءَ جي واسطي، پوءِ يونانيءَ جي واسطي، نجات جي لاءِ اها خدا جي قدرت آهي.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو انهيءَ ۾ خدا جي راستبازي ايمان جي وسيلي ايمان لاءِ ظاهر ٿي ٿئي، جيئن ڪ لکيل آهي، تہ ”راستباز ايمان جي ڪري جيئرو رهندو.“</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو جيڪي ماڻهو پنهنجيءَ ناراستيءَ جي ڪري سچ کي لڪايو ڇڏين، تن جي هر طرح جي بي دينيءَ ۽ ناراستيءَ تي آسمان مان خدا جو غضب ظاهر ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="19">هن ڪري جو جيڪي خدا جي بابت معلوم ٿي ٿو سگهي، سو هنن جي اندر ۾ ظاهر آهي؛ جو خدا مٿن اهو ظاهر ڪيو.</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ تہ هن جون ناديدني صفتون، يعني سندس ازلي قدرت ۽ الوهيت، اهي دنيا جي پيدائش کان وٺي خلقيل شين مان معلوم ٿيڻ ڪري ظاهر ظهور پيون ڏسجن، انهي لاءِ تہ هنن کي ڪو عذر نہ رهي.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو خدا کي سڃاڻي، هنن سندس خدائيءَ جي لائق وڏائي نہ ڪئي، ۽ نڪي سندس شڪرگذاري ڪئي، پر پنهنجن اجاين خيالن ڪري مُنجهي پيا، ۽ سندن بي سمجهہ دلين تي اوندهہ ڇانئجي ويئي.</verse>
				<verse number="22">۽ پاڻ کي ڏاهو چوائي بي عقل ٿي پيا،</verse>
				<verse number="23">۽ غير فاني خدا جي جلال کي فاني انسان، ۽ پکين، ۽ چوپاين، ۽ سُرندڙ جانورن جي شڪل جهڙيءَ صورت ۾ آندائون.</verse>
				<verse number="24">انهي ڪري خدا اُنهن جي دلين جي خواهش موجب کين ناپاڪيءَ ۾ ڇڏي ڏنو، تہ اُنهن جا بدن پاڻ ۾ بي آبرو ڪيا وڃن:</verse>
				<verse number="25">ڇالاءِ جو اُنهن خدا جي سچ جي بدران ڪوڙ کي قبوليو، ۽ مخلوقات جي عبادت ۽ بندگي ڪيائون، ۽ اُنهي خالق کي ڇڏي ڏنائون جو هميشہ جلال وارو آهي. آمين.</verse>
				<verse number="26">انهي سبب ڪري خدا هنن کي گندين خواهشن ۾ ڇڏي ڏنو، ڇالاءِ جو هنن جي زالن پنهنجو طبعي ڪم مٽائي اُهو ڪيو جو طبع جي برخلاف آهي.</verse>
				<verse number="27">۽ ساڳيءَ طرح مردن زالن سان طبعي ڪم ڇڏي، هڪ ٻئي جي شهوت ۾ مست ٿي ويا، ۽ مردن، مردن سان ڪارو منهن ڪري پنهنجو پاڻ ۾ پنهنجي گمراهيءَ جوڳو بدلو پاتو.</verse>
				<verse number="28">۽ جهڙيءَ طرح هنن خدا کي سڃاڻڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح خدا بہ کين ناپسند خيالن ۾ ڇڏي ڏنو تہ نالائقيءَ جا ڪم ڪندا وتن؛</verse>
				<verse number="29">۽ هو هر طرح جي ناراستيءَ، بدي، لالچ، بدخواهيءَ، ريس، خون، جهيڙي، ٺڳي، ۽ بغض سان ڀرجي ويا، ۽ چغلخور،</verse>
				<verse number="30">گلاخور، خدا جي نظر ۾ نفرتي، بي ادب، مغرور، ٻٽاڪي، خراب ڳالهيون بنائيندڙ، ماءُ پيءُ جا نافرمان،</verse>
				<verse number="31">بي سمجهہ، واعدي شڪن، طبعي محبت کان خالي، ۽ بيرحم ٿي پيا:</verse>
				<verse number="32">۽ هنن کي خدا جي انهي حڪم جي خبر آهي، تہ جيڪي اهڙا ڪم ٿا ڪن، سي موت جي لائق آهن، انهيءَ هوندي بہ نہ رڳو هو پاڻ اُهي ساڳيا ڪم پيا ڪن، پر ٻيا جيڪي اُهي ڪن ٿا، تن سان راضي ٿا رهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">اي انسان، تون کڻي ڪير بہ هجين، پر تون جو ٻين تي ڏوهہ ٿو رٿين، تنهن لاءِ توکي ڪو عذر ڪونهي: ڇالاءِ جو جنهن ڳالهہ بابت تون ٻئي تي ڏوهہ ٿو رکين، تنهن جو تون پاڻ کي ڏوهاري ٿو ٺهرائين، هن ڪري تہ تون جو ڏوهہ ٿو رکين، سو پاڻ اُهي ڪم ٿو ڪرين.</verse>
				<verse number="2">۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي اهڙا ڪم ٿا ڪن، تن جو انصاف خدا جي طرفان حق موجب ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="3">اي انسان، تون جو اهڙن ڪمن ڪرڻ وارن تي ڏوهہ ٿو رکين، ۽ پاڻ اُهي ئي ساڳيا ڪم ٿو ڪرين، سو ائين سمجهين ٿو ڇا، تہ خدا جي عدالت کان بچي ويندين؟</verse>
				<verse number="4">يا تون سندس ڀلائي ۽ تحمل، ۽ صبر جي نعمتن کي حقير ٿو ليکين ڇا، ۽ ايترو نٿو سمجهين تہ خدا جي ڀلائي توکي توبهہ ڏانهن مائل ٿي ڪري؟</verse>
				<verse number="5">پر تون جو سخت دل ٿيو آهين، ۽ توبهہ نٿو ڪرين، سو اُنهي غضب جي ڏينهن لاءِ پنهنجي واسطي غضب ميڙي پيو گڏ ڪرين، جنهن ۾ خدا جي سچي عدالت ظاهر ٿيندي؛</verse>
				<verse number="6">اُهو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجن پنهنجن ڪمن موجب بدلو ڏيندو:</verse>
				<verse number="7">جيڪي نيڪي ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهي، جلال ۽ عزت ۽ بقا جا طالب آهن، تن کي هو هميشہ جي زندگي ڏيندو:</verse>
				<verse number="8">پر جيڪي خلل ٿا وجهن ۽ سچ کي نٿا مڃين، پر ناراستيءَ کي ٿا مڃين، تن تي غضب ۽ قهر پوندو؛</verse>
				<verse number="9">۽ مصيبت ۽ لوڇ، سڀ ڪنهن بدڪار ماڻهوءَ جي جان تي ايندي، پهرين يهوديءَ تي، ۽ پوءِ يوناني تي:</verse>
				<verse number="10">پر وڏائي ۽ عزت ۽ سلامتي سڀ ڪنهن چڱي ڪم ڪندڙ کي ملندي، پهرين يهوديءَ کي، ۽ پوءِ يونانيءَ کي؛</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو خدا وٽ ڪنهن جي بہ پاسخاطري ڪانهي.</verse>
				<verse number="12">جن شريعت ملڻ کانسواءِ گناهہ ڪيو، سي سڀ شريعت کانسواءِ چٽ ٿيندا: ۽ جن شريعت هيٺ گناهہ ڪيو، تن جو انصاف بہ شريعت موجب ٿيندو؛</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو شريعت جي ٻُڌڻ وارا خدا جي اڳيان سچا ناهن، پر شريعت تي عمل ڪرڻ وارا سچا ٺهربا.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو غير قومون، جن وٽ شريعت ڪانهي، سي جڏهن طبيعت موجب شريعت جهڙا ڪم ٿيون ڪن، تڏهن جيتوڻيڪ هنن وٽ شريعت نہ آهي، تہ بہ هو پنهنجي لاءِ پاڻ شريعت آهن،</verse>
				<verse number="15">هن ڪري جو هو ڏيکارين ٿيون تہ شريعت جون ڳالهيون سندن دلين تي لکيل آهن، ۽ سندن ضمير انهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي، ۽ سندن خيال پاڻ ۾ هڪٻئي تي، يا الزام ٿا آڻين يا ڇُٽل ٿا رکن؛</verse>
				<verse number="16">انهي ڏينهن لاءِ، جڏهن خدا منهنجي خوشخبريءَ موجب يسوع مسيح جي وسيلي ماڻهن جي پوشيدہ ڳالهين جو انصاف ڪندو.</verse>
				<verse number="17">پر جيڪڏهن تون پاڻ کي يهودي ٿو ڪوٺائين، ۽ شريعت تي اعتقاد ٿو رکين، ۽ خدا تي فخر ٿو ڪرين،</verse>
				<verse number="18">۽ سُڌ اٿيئي تہ سندس مرضي ڪهڙي آهي، ۽ شريعت جي تعليم حاصل ڪري، جيڪي ڳالهيون تمام چڱيون آهن، سي پسند ٿو ڪرين،</verse>
				<verse number="19">۽ اها پڪ اٿيئي تہ تون پاڻ انڌن جو سونهون آهين، ۽ جيڪي اونداهيءَ ۾ آهن، تن جو سوجهرو آهين؛</verse>
				<verse number="20">بي عقلن جو سڌاريندڙ، ۽ ٻارن جو سيکاريندڙ آهين، ۽ علم ۽ سچ جي صورت شريعت ۾ تو وٽ موجود آهي؛</verse>
				<verse number="21">تنهنڪري تون جو ٻين کي سيکارين ٿو، سو پنهنجو پاڻ کي نٿو سيکارين ڇا؟ تون جو وعظ ڪري ٿو چئين تہ چوري نہ ڪر، سو تون پاڻ چوري ٿو ڪرين ڇا؟</verse>
				<verse number="22">تون جو چوين ٿو، تہ زنا نہ ڪر، سو پاڻ زنا ٿو ڪرين ڇا؟ تون جو بُتن کان نفرت ٿو ڪرين، سو مندرن کي ڦرين ٿو ڇا؟</verse>
				<verse number="23">تون جو شريعت تي فخر ٿو ڪرين، سو شريعت کي ڀڃي خدا جي بي عزتي ٿو ڪرين ڇا؟</verse>
				<verse number="24">جيئن لکيل بہ آهي، تہ ”اوهان جي ئي ڪري غير قومن وارا خدا جي نالي ڪفر ٿا بڪن.“</verse>
				<verse number="25">ڇالاءِ جو ختني مان بيشڪ فائدو آهي، پر تڏهن جڏهن تون شريعت تي عمل ڪندين، پر جي شريعت تي نٿو هلين، تہ پوءِ تنهنجو ختنو جهڙو آهي، تهڙو ناهي.</verse>
				<verse number="26">تنهنڪري جنهن شخص جو ختنو ٿيل نہ آهي، سو جيڪڏهن شريعت جي حڪمن تي عمل ڪندو، تہ سندس نامختوني بہ ختني جهڙي ڪري نہ ليکبي ڇا؟</verse>
				<verse number="27">۽ جنهن شخص جو قوميت جي ڪري ختنو ٿيل نہ آهي، سو جيڪڏهن شريعت تي عمل ڪندو، تہ تون جو ڪلام ۽ ختني هوندي بہ شريعت تي نٿو هلين، تنهن کي اُهو قصوروار نہ ٺهرائيندو ڇا؟</verse>
				<verse number="28">ڇالاءِ تہ اُهو يهودي نہ آهي جو نالي ڪري آهي، ۽ نڪي اُهو ختنو آهي جو ظاهري ۽ جسماني آهي.</verse>
				<verse number="29">پر يهودي اُهو آهي، جو اندر ۾ يهودي آهي، ۽ ختنو اُهو آهي، جو دل جو ۽ روحاني آهي، نہ نالي جو: اهڙي جي تعريف ماڻهن کان نہ، پر خدا جي طرفان ٿي ٿئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">تڏهن يهوديءَ کي ڪهڙو نفعو آهي؟ يا ختني مان ڪهڙو فائدو آهي؟</verse>
				<verse number="2">هر ڪنهن طرح گهڻو: پهرين تہ خدا جو ڪلام انهن کي سونپيو ويو.</verse>
				<verse number="3">۽ جيڪڏهن ڪن ايمان نہ آندو تہ ڇا ٿيو؟ هنن جي ايمان نہ آڻڻ ڪري خدا جي وفاداري نڪمي ٿي پوندي ڇا؟</verse>
				<verse number="4">بلڪل نہ، پر ڀلي تہ خدا سچو ليکجي ۽ سڀ ڪو ماڻهو ڪوڙو ليکجڻ ۾ اچي، جيئن ڪ لکيل آهي، تہ ”تون پنهنجن ڳالهين ۾ سچو ٺهرين، پنهنجي مقدمي ۾ فتحياب ٿين.“</verse>
				<verse number="5">پر جيڪڏهن اسان جي ناراستيءَ جي ڪري خدا جي خوبي ظاهر ٿي ٿئي، تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ خدا بي انصاف آهي ڇا، جو غضب نازل ٿو ڪري؟ (هي آئون انساني طور ٿو چوان.)</verse>
				<verse number="6">بلڪل نہ، تڏهن خدا ڪهڙيءَ طرح جهان جو انصاف ڪندو؟</verse>
				<verse number="7">پر جيڪڏهن منهنجي ڪوڙ جي ڪري خدا جي سچائي ايترو وڌيڪ پڌري ٿي، جو سندس جلال ظاهر ٿيو، تڏهن مون تي گنهگار وانگر ڪيئن ٿي فتويٰ جاري ڪرڻ ۾ اچي؟</verse>
				<verse number="8">(۽ جيئن ڪ اسان تي ڪوڙي تهمت ٿا لڳائين ۽ سيکارين ٿا، تہ اسان جو چوڻ آهي) تہ ڇو نہ اسين برائي ڪريون، تہ انهيءَ مان ڀلائي نڪري؟ پر اهڙن جو ڏوهاري ليکجڻ انصاف آهي.</verse>
				<verse number="9">تڏهن ڇا ٿيو؟ اسان جي حالت کانئن بري آهي ڇا؟ اصل ئي نہ: ڇالاءِ جو اسان اڳي بہ ڏيکاريو آهي، تہ يهودي توڙي يوناني سڀيئي گناهہ ۾ ڦاٿل آهن،</verse>
				<verse number="10">جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”ڪوبہ راستباز ڪونهي، نہ، هڪڙو بہ ڪونهي؛</verse>
				<verse number="11">سمجهدار ڪوبہ ڪونهي، ڪوبہ اهڙو ناهي، جو خدا جو طالب هجي؛</verse>
				<verse number="12">اُهي سڀ گمراهہ ٿي ويا آهن، مڙيئي نڪما ٿي پيا آهن؛ نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي، نہ هڪڙو بہ نہ:</verse>
				<verse number="13">هنن جي نڙي هڪڙي کليل قبر آهي؛ پنهنجي زبان سان هنن ٺڳي ڪئي آهي: ۽ سندن چپن ۾ نانگن جو زهر آهي:</verse>
				<verse number="14">هنن جو وات لعنت ۽ ڪراهت سان ڀريل آهي:</verse>
				<verse number="15">سندن پير رت وهائڻ لاءِ تڪڙا ٿا هلن؛</verse>
				<verse number="16">سندن واٽن ۾ تباهي ۽ مصيبت آهي؛</verse>
				<verse number="17">۽ سلامتيءَ جي رستي کان ناواقف آهن:</verse>
				<verse number="18">هنن جي اکين ۾ خدا جو خوف ڪونهي.“</verse>
				<verse number="19">هاڻي اسان کي خبر آهي تہ جيڪي شريعت فرمائي ٿي، سو اُنهن کي ٿي فرمائي جيڪي شريعت جي تابع آهن، انهي لاءِ تہ ڪوبہ ڪُڇي نہ سگهي، ۽ سارو جهان خدا جي اڳيان سزا جو لائق ٺهرايو وڃي.</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ جو شريعت جي ڪمن جي ڪري ڪوبہ ماڻهو سندس نظر ۾ راستباز ڪين ٺهرندو: ڇالاءِ جو شريعت جي وسيلي ئي گناهہ جي خبر ٿي پوي.</verse>
				<verse number="21">پر هاڻي خدا جي راستبازي ظاهر ٿي آهي، جنهن جو شريعت سان ڪوبہ لاڳاپو ڪونهي، جنهن جي شاهدي شريعت ۽ نبين ڀري آهي؛</verse>
				<verse number="22">يعني خدا جي اُها راستبازي جا يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري سڀني ايماندارن کي حاصل ٿي ٿئي، ڇالاءِ جو ڪوبہ فرق ڪونهي،</verse>
				<verse number="23">انهي لاءِ تہ سڀني گناهہ ڪيو آهي، ۽ خدا جي جلال کان محروم آهن؛</verse>
				<verse number="24">۽ اُهي سندس فضل جي ڪري، جيڪا نجات مسيح يسوع ۾ آهي تنهن جي وسيلي، مفت راستباز ٿا ليکجن.</verse>
				<verse number="25">انهي (يسوع مسيح) کي خدا سندس رت جي ڪري، هڪڙو اهڙو ڪفارو ٺهرايو، جو ايمان آڻڻ ڪري فائدي وارو ٿئي؛ انهي لاءِ تہ جيڪي گناهہ اڳي ٿيا آهن، ۽ جن بابت خدا تحمل ڪري گذر ڪيو هو، تن بابت پنهنجي راستبازي ظاهر ڪري؛</verse>
				<verse number="26">هائو، هينئر ئي هو پنهنجي راستبازي ظاهر ٿو ڪري، انهي لاءِ تہ هو پاڻ بہ راستباز رهي ۽ جيڪو يسوع تي ايمان ٿو آڻي، تنهن کي بہ راستباز ٺهرائي.</verse>
				<verse number="27">تڏهن فخر ڪرڻ جو ڪهڙو سبب آهي؟ ڪوبہ نہ، ڪهڙي قسم جي شريعت ڪري؟ ڇا عملن جي شريعت جي ڪري؟ نہ، پر ايمان جي شريعت جي ڪري.</verse>
				<verse number="28">تنهنڪري اسين ائين ٿا سمجهون تہ ماڻهو شريعت جي عملن کانسواءِ رڳو ايمان جي ئي ڪري راستباز ٺهرايو ٿو وڃي.</verse>
				<verse number="29">يا خدا رڳو يهودين جو ئي خدا آهي؟ هو غير قومن جو بہ خدا ناهي ڇا؟ هائو، غير قومن جو بہ آهي:</verse>
				<verse number="30">جي ائين آهي تہ خدا هڪڙو آهي، جو مختونن کي بہ ايمان جي ڪري راستباز ٺهرائيندو، ۽ جيڪي نامختون آهن، تن کي بہ ايمان جي ڪري.</verse>
				<verse number="31">تڏهن اسين شريعت کي ايمان جي ڪري رد ٿا ڪريون ڇا؟ اصل ئي نہ، بلڪ اسين شريعت کي قائم ٿا ڪريون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">تڏهن اسين ڇا چئون، تہ ابراهيم، جو جسماني طور اسان جو ابو هو، تنهن کي ڇا حاصل ٿيو؟</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو جيڪڏهن ابراهيم عملن جي ڪري راستباز ٺهرايو وڃي ها، تہ فخر ڪرڻ جو سبب هجيس ها، پر خدا جي حضور ۾ نہ.</verse>
				<verse number="3">پاڪ ڪتاب ڇا ٿو فرمائي؟ تہ ”ابراهيم خدا تي ايمان آندو، ۽ اهو سندس لاءِ راستبازي ليکيو ويو.“</verse>
				<verse number="4">هاڻي جيڪو ماڻهو ڪم ٿو ڪري، تنهن جو اُجورو بخشش نہ، پر حق ڪري ٿو ليکجي.</verse>
				<verse number="5">پر جيڪو ماڻهو ڪم نٿو ڪري، مگر انهي تي ايمان ٿو آڻي جو بي دين کي راستباز ٿو ٺهرائي، تنهن جو ايمان راستبازي ڪري ٿو ليکجي.</verse>
				<verse number="6">جهڙيءَ طرح ڪ جنهن ماڻهوءَ کي خدا ڪمن کانسواءِ راستباز ٿو ليکي، تنهن کي دائود بہ مبارڪ ٿو چوي:</verse>
				<verse number="7">”مبارڪ اهي آهن، جن جا ڏوهہ معاف ٿي ويا، ۽ جن جا گناهہ ڍڪجي ويا.</verse>
				<verse number="8">مبارڪ اهو ماڻهو آهي، جنهن جو گناهہ خداوند حساب ۾ ڪين آڻيندو.“</verse>
				<verse number="9">تڏهن اها برڪت مختونن جي ئي لاءِ آهي، يا انهن جي لاءِ بہ جيڪي نامختون آهن؟ ڇالاءِ جو اسين چئون ٿا تہ ابراهيم جي لاءِ سندس ايمان راستبازي ليکيو ويو.</verse>
				<verse number="10">تڏهن ڪيئن لکيو ويو؟ ختني جي حالت ۾ يا نامختونيءَ ۾؟ ختني جي حالت ۾ نہ، پر بنا ختني واريءَ حالت ۾.</verse>
				<verse number="11">۽ کيس ختني جو نشان مليو، تہ انهي ايمان جي راستبازيءَ تي اها مهر ٿئي جو ايمان هن کي بنا ختني واريءَ حالت ۾ هو، انهي لاءِ تہ هو انهن سڀني جو ابو ٿئي، جي بنا ختني جي حالت ۾ آهن تہ بہ ايمان ٿا آڻين، تہ انهن جي لاءِ بہ راستبازي ليکي وڃي؛</verse>
				<verse number="12">۽ انهن ختني وارن جو بہ ابو ٿئي، جن جو نہ فقط ختنو ٿيل آهي پر جي اسان جي پيءُ ابراهيم جي انهي ايمان جي پيروي بہ ٿا ڪن، جو هن کي بنا ختني واريءَ حالت ۾ هو.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ تہ ابراهيم يا سندس نسل کي جو واعدو ڏنو ويو هو، تہ تون جهان جو وارث ٿيندين، سو نہ شريعت جي ڪري، پر ايمان جي راستبازيءَ ڪري.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ تہ جيڪڏهن شريعت وارا ئي وارث ٿيندا تہ ايمان اجايو ٿيو، ۽ واعدو نڪمو ٿيو:</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو شريعت تہ غضب پيدا ٿي ڪري، پر جتي شريعت ڪانهي اُتي نافرماني بہ ڪانهي.</verse>
				<verse number="16">انهي سببان اهو ورثو ايمان ڪري ٿو ملي، تہ اُهو فضل موجب هجي؛ هِن لاءِ تہ اهو واعدو ساري نسل لاءِ قائم رهي؛ نہ فقط اُنهي نسل جي لاءِ جنهن وٽ شريعت آهي، پر انهي جي لاءِ بہ جنهن کي اسان سڀني جي پيءُ ابراهيم جهڙو ايمان آهي.</verse>
				<verse number="17">(جهڙيءَ طرح ڪ لکيل آهي تہ ”مون توکي گهڻين قومن جو پيءُ ٺهرايو آهي.“) يعني اُنهي خدا جي اڳيان جنهن تي هن ايمان آندو، جو مُئلن کي جياري ٿو، ۽ جي شيون ناهن تن کي ائين ٿو سڏي ڄڻ تہ اُهي اڳيئي آهن.</verse>
				<verse number="18">نااُميديءَ جي حالت ۾ هن اُميد رکي ايمان آندو، انهي لاءِ تہ جيڪي چيو ويو هو، تہ ”تنهنجو نسل اهڙو ٿيندو“ تنهن موجب هو گهڻين قومن جو پيءُ ٿئي.</verse>
				<verse number="19">۽ هو جو اٽڪل سؤ ورهين جو هو، تنهن پنهنجي جسم کي مُردي جهڙو ٿي سمجهيو، ۽ ڄاتائين ٿي تہ سارہ بہ سنڍ آهي، تنهن هوندي بہ سندس ايمان گهٽ ڪين ٿيو:</verse>
				<verse number="20">۽ نڪي بي ايمان ٿي خدا جي واعدي تي شڪ ڪيائين، بلڪ ايمان ۾ پڪو ٿي خدا جي تعريف ڪيائين،</verse>
				<verse number="21">۽ کيس پورو يقين هو تہ جيڪو واعدو هن ڪيو آهي، سو پورو بہ ڪري ٿو سگهي.</verse>
				<verse number="22">انهي سبب ڪري هن جي لاءِ اها راستبازي ليکي ويئي.</verse>
				<verse number="23">هاڻي اها سندس لاءِ راستبازي ليکجڻ ۾ آئي، سا ڳالهہ فقط هن جي لاءِ ڪانہ ليکي ويئي هئي؛</verse>
				<verse number="24">پر اسان جي لاءِ بہ، جن جي واسطي ايمان راستبازي ليکبو، انهي لاءِ تہ اسان مٿس ايمان آندو آهي، جنهن اسان جي خداوند يسوع کي مُئلن مان جياريو،</verse>
				<verse number="25">جو اسانجن گناهن جي لاءِ (موت جي) حوالي ڪيو ويو ۽ اسان کي راستباز ٺهرائڻ لاءِ جياريو ويو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">تنهنڪري جڏهن اسين ايمان جي ڪري راستباز ٺهرايا وياسين، تڏهن اچو تہ پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي خدا سان ميل ميلاپ ڪريون.</verse>
				<verse number="2">جنهن جي وسيلي ايمان جي ڪري انهي فضل تائين اسان جي پهچ ٿي، جنهن تي اسين قائم آهيون؛ ۽ اچو تہ جا اُميد اسان کي خدا جي جلال جي آهي، تنهن تي فخر ڪريون.</verse>
				<verse number="3">نہ رڳو ايترو پر پنهنجين مصيبتن ۾ بہ خوشي ڪريون: جو اسان کي خبر آهي تہ مصيبت مان صبر پيدا ٿو ٿئي؛</verse>
				<verse number="4">۽ صبر مان پختائي؛ ۽ پختائيءَ مان اُميد:</verse>
				<verse number="5">۽ اُميد مان شرمندگي حاصل نٿي ٿئي؛ ڇالاءِ تہ پاڪ روح، جو اسان کي ڏنو ويو آهي، تنهن جي وسيلي سان خدا جو پيار اسانجين دلين ۾ اوتيو ويو آهي.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ تہ جڏهن اسين اڃا ڪمزور ئي هئاسين، تڏهن عين وقت تي مسيح بي دينن جي خاطر مُئو.</verse>
				<verse number="7">ڪنهن راستباز ماڻهوءَ جي لاءِ ڪو مشڪل جان ڏيندو، پر شايد ڪنهن نيڪ انسان جي لاءِ ڪو ماڻهو همت ڪري پنهنجي جان ڏئي،</verse>
				<verse number="8">پر خدا پنهنجي پيار جي خوبي هن طرح اسان تي ظاهر ٿو ڪري، جو جڏهن اسين اڃا گنهگار ئي هئاسين تڏهن مسيح اسان جي خاطر مُئو.</verse>
				<verse number="9">سو هاڻي اسين جي سندس رت جي سببان راستباز ٺهرايا ويا آهيون، تنهن لاءِ خاطري اٿئون تہ انهي جي ئي وسيلي خدا جي غضب کان بچي پونداسين.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ اسين دشمن هئاسين تڏهن بہ سندس فرزند جي موت جي وسيلي خدا سان اسان جو ميل ميلاپ ٿيو، تڏهن هاڻي خاطري اٿئون تہ ميل ميلاپ ٿيڻ کان پوءِ، اُنهي جي حياتيءَ جي وسيلي ضرور بچي پونداسين؛</verse>
				<verse number="11">۽ نہ رڳو ايترو، پر اسين خدا ۾ پنهنجي خداوند يسوع جي سبب ڏاڍي خوشي ٿا ڪريون، جنهن جي وسيلي هاڻ اسان جو ميل ميلاپ ٿي چڪو آهي.</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري جيئن هڪڙي ماڻهوءَ جي ڪري گناهہ دنيا ۾ آيو، ۽ گناهہ جي سبب موت آيو، ۽ موت سڀني ماڻهن ۾ پکڙجي ويو، ڇالاءِ جو سڀني گناهہ ڪيو.</verse>
				<verse number="13">ڇو جو شريعت ملي، تنهن کان اڳي گناهہ دنيا ۾ هو، پر جتي شريعت ڪانهي اُتي گناهہ بہ ليکجڻ ۾ نٿو اچي.</verse>
				<verse number="14">انهي هوندي بہ آدم کان وٺي موسيٰ تائين موت اُنهن تي بہ حڪمراني ڪئي، جن انهي آدم جي نافرمانيءَ جهڙو گناهہ نہ ڪيو، پر اُنهي شخص جو مثل هو جو اچڻ وارو هو.</verse>
				<verse number="15">پر جيڪو گناهہ جو حال آهي، سو فضل جي بخشش جو نہ آهي. ڇالاءِ جو جيڪڏهن هڪڙي شخص جي ڏوهہ جي ڪري گهڻا ماڻهو مري ويا، تہ هڪڙي ئي شخص يعني يسوع مسيح جي فضل جي ڪري، گهڻن ئي ماڻهن کي خدا جو فضل ۽ بخشش زيادہ انداز ۾ ملي.</verse>
				<verse number="16">۽ بخشش جو حال اهڙو نہ آهي جهڙو انهيءَ هڪڙي شخص جي گناهہ ڪرڻ ڪري ٿيو: ڇالاءِ جو هڪڙي ئي ڏوهہ ڪري فتويٰ جاري ٿي، جنهن موجب سزا جو حڪم مليو، پر گهڻن ڏوهن ڪري فضل جي بخشش جاري ٿي، جنهن موجب ماڻهو راستباز ٺهرايا ويا.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو جيڪڏهن هڪڙي ئي شخص جي ڏوهہ ڪري موت اُنهي هڪڙي جي وسيلي حڪمراني ڪئي؛ تہ جي ماڻهو فضل ۽ سچائيءَ جي بخشش گهڻي انداز ۾ حاصل ٿا ڪن، سي ڪيترو نہ وڌيڪ هڪڙي شخص، يعني يسوع مسيح جي وسيلي، هميشہ جي زندگيءَ ۾ بادشاهي ڪندا.</verse>
				<verse number="18">انهي ڪري جيئن هڪڙي ڏوهہ جي سبب اها فتويٰ ملي، جنهن ڪري سڀني ماڻهن تي سزا جو حڪم جاري ٿيو؛ تيئن راستبازيءَ جي هڪڙي ڪم سبب فضل جي بخشش ملي، تہ سڀيئي ماڻهو راستباز ٺهرايا وڃن ۽ زندگي حاصل ڪن.</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ تہ جيئن هڪڙي شخص جي نافرمانيءَ ڪري گهڻا گنهگار ٺهرايا ويا، تيئن ئي هڪڙي شخص جي فرمانبرداريءَ ڪري گهڻا راستباز ٺهرايا ويندا.</verse>
				<verse number="20">شريعت وچ ۾ آئي انهي لاءِ تہ ڏوهہ وڌيڪ ٿئي؛ پر جتي گناهہ گهڻو ٿيو آهي، اُتي فضل هيڪاري وڌيڪ ٿيو:</verse>
				<verse number="21">انهي لاءِ تہ جيئن گناهہ موت جي ڪري بادشاهي ڪئي، تيئن فضل بہ راستبازيءَ جي ڪري، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي هميشہ جي زندگيءَ لاءِ بادشاهي ڪري.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">تڏهن اسين ڇا چئون؟ گناهہ ڪندا رهون تہ فضل وڌيڪ ٿئي؟</verse>
				<verse number="2">اصل ئي نہ! اسين، جي گناهہ جي نسبت ۾ مُئاسين، سي ڪهڙيءَ طرح اُنهي ۾ اڃا حياتي گذاريون؟</verse>
				<verse number="3">يا اوهان کي اها خبر نہ آهي ڇا تہ اسين سڀ، جن مسيح يسوع ۾ بپتسما ورتي، تن اُنهي جي موت ۾ بپتسما ورتي؟</verse>
				<verse number="4">تنهنڪري اسين هن جي موت ۾ بپتسما جي وسيلي هن سان گڏ دفن ٿياسين: انهي لاءِ تہ جيئن مسيح پيءُ جي جلال جي وسيلي مُئلن مان جياريو ويو، تيئن اسين بہ نئين زندگيءَ ۾ هلون.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو جيڪڏهن سندس موت جي مشابهت ۾ اسين هن سان شامل ٿيا آهيون، تہ هن جي جي اُٿڻ جي مشابهت ۾ بہ اسين هن سان ضرور شامل ٿينداسين.</verse>
				<verse number="6">اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جي پراڻي انسانيت هن سان گڏ صليب تي چاڙهي ويئي، انهي لاءِ تہ گناهہ جو بدن بيڪار ٿي وڃي، تہ اسين اڳتي گناهہ جي غلاميءَ ۾ نہ رهون؛</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو جيڪو مُئو، سو گناهہ کان ڇُٽي ويو.</verse>
				<verse number="8">پر جيڪڏهن اسين مسيح سان گڏ مُئاسين، تہ اها پڪ اٿئون تہ اُنهي سان گڏ جيئنداسين بہ،</verse>
				<verse number="9">جو ڄاڻون ٿا تہ مسيح، جو مُئلن مان جيئرو ٿي اُٿيو، سو وري مرڻ جو نہ آهي، هاڻي وري موت جو انهي تي ڪوبہ اختيار ڪونهي.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ تہ مسيح جو مُئو، سو گناهہ جي نسبت ۾ هڪڙو ڀيرو مُئو: پر هاڻي جو جيئرو آهي سو خدا جي نسبت جيئرو آهي.</verse>
				<verse number="11">ساڳيو انهيءَ طرح اوهين بہ پاڻ کي گناهہ جي نسبت مُئل سمجهو، پر خدا جي نسبت مسيح يسوع ۾ جيئرا سمجهو.</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري گناهہ کي پنهنجي فاني جسم ۾ بادشاهي ڪرڻ نہ ڏيو، متان اوهين سندن خواهشن جي تابعداري ڪريو.</verse>
				<verse number="13">نڪي پنهنجن عضون کي گناهہ جي حوالي ڪريو تہ ناراستيءَ جا هٿيار ٿين، پر پاڻ کي مُئلن مان جيئرو سمجهي، خدا جي حوالي ڪريو، تہ راستبازيءَ جا هٿيار ٿين.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو گناهہ اوهان تي حڪم ڪين هلائيندو، جو اوهين شريعت جي تابع نہ پر فضل جي تابع آهيو.</verse>
				<verse number="15">پوءِ ڇا؟ اسين انهي ڪري گناهہ ڪريون ڇا تہ شريعت جي تابع نہ، پر فضل جي تابع آهيون؟ اصل ئي نہ!</verse>
				<verse number="16">اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ جنهن جي تابعداريءَ جي لاءِ اوهين پاڻ کي غلامن وانگر حوالي ٿا ڪريو، ۽ جنهن جو حڪم ٿا مڃو، انهي جا غلام آهيو؛ خواهہ گناهہ جا، جنهن جو نتيجو موت آهي، خواهہ فرمانبرداريءَ جا، جنهن جو نتيجو راستبازي آهي؟</verse>
				<verse number="17">پر خدا جو شڪر آهي، جو جيتوڻيڪ اوهين گناهہ جا غلام هئا، تہ بہ جيڪا تعليم اوهان کي ڏني ويئي، تنهن جا دل سان تابعدار ٿيا؛</verse>
				<verse number="18">۽ گناهہ کان آزاد ٿي اوهين راستبازيءَ جا غلام ٿيا آهيو.</verse>
				<verse number="19">اوهان جي جسماني ڪمزوريءَ جي سبب آئون انساني طور ٿو ڳالهايان. ڇالاءِ جو جيئن اوهان پنهنجا عضوا بدڪاري ڪرڻ لاءِ، ناپاڪائيءَ ۽ بدڪاريءَ جي غلامي جي حوالي ڪري ڇڏيا هئا، تيئن هاڻي پنهنجا عضوا پاڪ ٿيڻ جي لاءِ راستبازيءَ جي غلاميءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ جو جڏهن اوهين گناهہ جا غلام هئا، تڏهن راستبازيءَ جي نسبت ۾ آزاد هئا.</verse>
				<verse number="21">پوءِ جن ڪمن جي ڪري اوهان کي هاڻي شرم ٿو اچي، تن مان اُنهي وقت اوهان کي ڪهڙو فائدو مليو؟ ڇالاءِ جو انهن ڪمن جو نتيجو آخر موت آهي.</verse>
				<verse number="22">پر هاڻي جڏهن گناهہ کان آزاد ڪيا ويا آهيو ۽ خدا جا غلام ٿيا آهيو، تڏهن اوهان کي انهي جو ڦل، يعني پاڪيزگي حاصل ٿي ٿئي، جنهن جو نتيجو هميشہ جي زندگي آهي.</verse>
				<verse number="23">ڇالاءِ جو گناهہ جي مزوري موت آهي، پر خدا جي بخشش اسان جي خداوند مسيح يسوع ۾ هميشہ جي زندگي آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">ٻيو تہ اي ڀائرو، اوهين نٿا ڄاڻو ڇا (آئون اُنهن ماڻهن سان ٿو ڳالهايان جي شريعت کان واقف آهن،) تہ جيسين ماڻهو حيات آهي تيسين شريعت جو اُنهي تي حڪم ٿو هلي؟</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو جنهن زال جو مڙس حيات آهي، سا هن جي حياتيءَ تائين شريعت موجب ساڻس ٻَڌل آهي؛ پر جي اُهو مڙس مري وڃي تہ پوءِ هوءَ مڙس جي شريعت کان ڇُٽل آهي.</verse>
				<verse number="3">تنهنڪري جيڪڏهن مڙس جي جيئري هوءَ ٻئي مرد سان وڃي ڳنڍجي، تہ اُها زناڪار سڏبي: پر جيڪڏهن مڙس مري وڃيس تہ پوءِ هوءَ مڙس جي شريعت کان آزاد آهي، ۽ جي ٻئي مرد سان وڃي شادي ڪري تہ هوءَ زناڪار نہ آهي.</verse>
				<verse number="4">تنهنڪري، اي منهنجا ڀائرو، اوهين بہ مسيح جي بدن جي وسيلي شريعت جي نسبت مُئل ٿيا؛ انهي لاءِ تہ ٻئي جا ٿيو، يعني انهي جا جو مُئلن مان جي اُٿيو، تہ اسين سڀ خدا جي لاءِ ڦل پيدا ڪريون.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو جڏهن اسين جسماني هئاسين، تڏهن خراب خواهشون، جي شريعت جي ڪري ظاهر ٿي ٿيون، تن اسانجن عضون تي اهڙو اثر ٿي ڪيو، جنهن جو نتيجو موت آهي.</verse>
				<verse number="6">پر هاڻي اسين شريعت کان ڇُٽل آهيون، ڇو جو جنهن شئي سان ٻَڌل هئاسين، انهي جي نسبت مُئاسين؛ تنهنڪري هاڻي جيڪا خدمت ٿا ڪريون، سا پراڻي لکيلن حڪمن سان نہ، پر روح جي نئين زندگيءَ سان.</verse>
				<verse number="7">تڏهن اسين ڇا چئون؟ شريعت گناهہ آهي ڇا؟ اصل ئي نہ! انهي هوندي بہ شريعت کانسواءِ مون کي گناهہ جي خبر ڪانہ پوي ها: ڇالاءِ جو جيڪڏهن شريعت نہ چوي ها تہ تون لالچ نہ ڪر، تہ جيڪر مون کي لالچ جي خبر نہ پوي ها.</verse>
				<verse number="8">پر گناهہ وجهہ وٺي، اُنهي حڪم جي ڪري، مون ۾ هر طرح جي لالچ پيدا ڪئي. ڇالاءِ جو شريعت کانسواءِ گناهہ مُئل آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ ڪنهن زماني ۾ آئون شريعت کانسواءِ جيئرو هوس، پر جڏهن حڪم آيو، تڏهن گناهہ جيئرو ٿيو، ۽ آئون مري ويس.</verse>
				<verse number="10">جنهن حڪم جي مراد هئي تہ زندگي ملي، سو منهنجي حق ۾ موت جو سبب ٿي پيو.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو گناهہ وجهہ وٺي حڪم جي وسيلي مون کي برغلايو، ۽ اُنهي جي وسيلي مون کي ماري وڌائين.</verse>
				<verse number="12">تڏهن شريعت پاڪ آهي، ۽ حڪم بہ پاڪ ۽ راستباز ۽ چڱو آهي.</verse>
				<verse number="13">تڏهن جيڪا شيءِ چڱي آهي، سا منهنجي لاءِ موت ٿي ڇا؟ اصل ئي نہ! پر گناهہ چڱي شئي جي وسيلي منهنجي لاءِ موت جو سبب ٿيو، اُنهي لاءِ تہ گناهہ جي گنهگاري ظاهر ٿئي، ۽ حڪم جي وسيلي گناهہ تمام خراب معلوم ٿئي.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت تہ روحاني آهي پر آئون جسماني آهيان، ۽ گناهہ جي هٿ ۾ وڪاڻل آهيان.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ تہ جيڪي آئون ڪريان ٿو، تنهن جي مون کي خبر نٿي پوي: ڇالاءِ تہ جيڪي ڪرڻ گهُران ٿو سو آئون نٿو ڪريان، پر جنهن کان نفرت ٿو ڪريان، سو ئي آئون ڪريان ٿو.</verse>
				<verse number="16">پر جيڪڏهن آئون اُهو ٿو ڪريان جو ڪرڻ نٿو گهُران، تہ آئون قبول ڪري چُڪس تہ شريعت چڱي آهي.</verse>
				<verse number="17">هاڻي انهيءَ حالت ۾ ڪرڻ وارو آئون نہ آهيان، پر گناهہ جو مون ۾ گهر ڪري ويٺو آهي، سو ئي ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو آئون ڄاڻان ٿو تہ مون ۾، يعني منهنجي بدن ۾، نيڪي نٿي رهي، ڇوتہ دل تہ ڏاڍي اٿم تہ نيڪي ڪريان، پر ڪرڻ جي طاقت ڪانہ اٿم.</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ جو جيڪا نيڪي ڪرڻ گهُران ٿو، سا نٿو ڪريان، پر جيڪا بدي ڪرڻ نٿو گهُران، سا ئي پيو ڪريان.</verse>
				<verse number="20">پر جي آئون اُهو ڪريان ٿو جو ڪرڻ نٿو گهُران، تہ پوءِ انهي جي ڪرڻ وارو آئون نہ آهيان، پر گناهہ آهي، جو مون ۾ گهر ڪري ويٺو آهي.</verse>
				<verse number="21">تنهنڪري آئون هيءَ شريعت ٿو ڏسان، تہ جڏهن آئون نيڪي ڪرڻ ٿو گهُران، تڏهن برائي اچيو حاضر ٿئي.</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ جو اندر واريءَ انسانيت جي ڪري مون کي خدا جي شريعت پسند ٿي اچي:</verse>
				<verse number="23">پر مون کي پنهنجن عضون ۾ هڪڙي ٻئي قسم جي شريعت نظر ٿي اچي، جا منهنجي عقل جي شريعت سان وڙهي، مون کي اُنهي گناهہ جي شريعت جي حوالي ٿي ڪري، جو منهنجن عضون ۾ موجود آهي.</verse>
				<verse number="24">افسوس، آئون ڪهڙو نہ ڪمبخت ماڻهو آهيان! ڪير مون کي هن موت جي بدن کان ڇڏائيندو؟</verse>
				<verse number="25">آئون پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي خدا جو شڪر ٿو ڪريان. مطلب تہ آئون پاڻ پنهنجي عقل سان خدا جي شريعت جي، مگر بدن سان گناهہ جي شريعت جي تابعداري ٿو ڪريان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">تنهنڪري هاڻي جيڪي مسيح يسوع ۾ آهن، تن تي سزا جو حڪم ڪونهي.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو زندگيءَ جي روح جي شريعت جا مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن مون کي گناهہ ۽ موت جي شريعت کان آزاد ڪري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="3">هن ڪري جو جيڪو ڪم شريعت جسم جي ڪمزور هئڻ سبب نہ ڪري سگهي، سو خدا ڪيو، يعني هن پنهنجي ئي فرزند کي گناهہ جي جسم جي صورت ۾، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ موڪلي، گناهہ تي جسم ۾ سزا جي فتويٰ ڏني:</verse>
				<verse number="4">انهي لاءِ تہ اسين جي جسم موجب نہ پر روح موجب هلون ٿا، سي شريعت جو حق پورو ڪريون.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ تہ جيڪي جسماني آهن، سي جسماني ڳالهين جو فڪر ٿا ڪن؛ پر جي روحاني آهن، سي روحاني ڳالهين جو فڪر ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="6">هن ڪري جو جسماني نيت موت آهي، پر روحاني نيت زندگي ۽ سلامتي آهي.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ تہ جسماني نيت خدا سان دشمني آهي؛ جو اُها نڪي خدا جي شريعت جي تابع آهي نڪي ٿي سگهي ٿي:</verse>
				<verse number="8">۽ جيڪي جسماني آهن سي خدا کي خوش ڪري نٿا سگهن.</verse>
				<verse number="9">مگر اوهين جسماني نہ، پر روحاني آهيو، بشرطيڪ خدا جو روح اوهان ۾ رهي ٿو. جنهن ماڻهوءَ ۾ مسيح جو روح نہ آهي سو مسيح جو ناهي.</verse>
				<verse number="10">۽ جي مسيح اوهان ۾ آهي، تہ بدن گناهہ جي ڪري مُئل آهي، پر روح راستبازيءَ جي ڪري جيئرو آهي.</verse>
				<verse number="11">جيڪڏهن اُنهي جو روح اوهان ۾ رهي ٿو، جنهن يسوع کي مُئلن مان جياريو، تہ جنهن مسيح يسوع کي مُئلن مان جياريو، سو پنهنجي روح جي وسيلي، جو اوهان ۾ ٿو رهي، اوهان جي فاني بدنن کي بہ جياريندو.</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري، اي ڀائرو، اسين قرضدار تہ آهيون، پر جسم جا نہ، جو جسم موجب حياتي گذاريون:</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين جسم موجب حياتي گذاريندا تہ ضرور مرندا؛ پر جي روح سان بدن جي ڪمن کي فنا ڪندا، تہ جيئرا رهندا.</verse>
				<verse number="14">هن ڪري جو جيڪي خدا جي روح جي موجب هلن ٿا، سي خدا جا ٻار آهن.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو اوهان کي غلاميءَ جو روح نہ مليو، جو اوهان کي وري ڊپ ٿئي؛ پر اوهان کي اُهو روح مليو آهي جنهن ڪري گود جا پٽ چوايو. سو جڏهن اسين ابا يعني اي پيءُ، ڪري ٿا سڏيون،</verse>
				<verse number="16">تڏهن اُهو روح پاڻ اسان جي روح سان گڏ شاهدي ٿو ڀري، تہ اسين خدا جا ٻار آهيون:</verse>
				<verse number="17">۽ جي ٻار آهيون، تہ وارث بہ آهيون، يعني خدا جا وارث، ۽ مسيح سان ورثي ۾ هم شريڪ آهيون؛ بشرطيڪ هن سان گڏ ڏک سهون، تہ انهي سان گڏ جلال بہ حاصل ڪريون.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو آئون سمجهان ٿو تہ هن زماني جا ڏک سور اُنهي جلال سان مقابلي ڪرڻ جي لائق نہ آهن، جو اسان تي ظاهر ٿيڻ وارو آهي.</verse>
				<verse number="19">تنهنڪري مخلوقات ڏاڍي شوق سان خدا جي فرزندن جي ظاهر ٿيڻ جي منتظر آهي،</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ جو مخلوقات فاني حالت جي تابع ڪئي ويئي، نہ پنهنجي مرضيءَ سان، پر انهي جي ڪري جنهن کيس انهيءَ اُميد تي تابع ڪيو؛</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو مخلوقات بہ فنا جي غلاميءَ کان ڇُٽي، خدا جي فرزندن جي جلال جي آزاديءَ ۾ داخل ٿيندي.</verse>
				<verse number="22">اسان کي خبر آهي تہ ساري مخلوقات هن وقت تائين گڏجي پيئي ڪنجهي ۽ سور کائي،</verse>
				<verse number="23">۽ نہ رڳو مخلوقات پر اسين پاڻ بہ، جن کي روح جو پهريون ڦل مليو آهي، سي پنهنجي اندر ۾ پيا ڪنجهون ۽ پنهنجي گود جا پٽ ٿيڻ لاءِ، يعني پنهنجي بدن جي ڇوٽڪاري لاءِ، منتظر ٿيو ويٺا آهيون.</verse>
				<verse number="24">ڇالاءِ تہ انهيءَ اُميد جي لاءِ اسان کي نجات ملي. پر جنهن شيءِ جي اُميد اٿئون سا جي ڏسڻ ۾ اچي تہ پوءِ اُميد ڇا جي؟ ڇو جو اهڙو ڪير آهي، جو ڪا شيءِ ڏسي، پوءِ بہ انهي لاءِ اُميد رکي؟</verse>
				<verse number="25">پر جي اسين انهي شيءِ جي اُميد رکون ٿا جا نٿا ڏسون، تہ پوءِ صبر سان اسين انهيءَ جي لاءِ منتظر ٿا رهون.</verse>
				<verse number="26">۽ ساڳيءَ طرح روح بہ اسان جي ڪمزوريءَ ۾ مدد ٿو ڪري: ڇوتہ اسان کي خبر نہ آهي تہ ڇا جي لاءِ، ۽ ڪهڙيءَ طرح دعا گهُرون؛ پر روح پاڻ اندر جي اُڌمن سان اسان جي شفاعت پيو ڪري.</verse>
				<verse number="27">۽ جيڪو دلين جي پرکڻ وارو آهي سو ڄاڻي ٿو تہ روح جي نيت ڪهڙي آهي، ڇالاءِ جو هو خدا جي مرضيءَ موجب پاڪ ٿيلن جي شفاعت ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="28">۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي خدا سان پيار ٿا رکن، تن جي لاءِ سڀ شيون گڏجي ڀلائي پيدا ٿيون ڪن، يعني انهن جي لاءِ جي سندس ارادي موجب سڏيا ويا آهن.</verse>
				<verse number="29">ڇالاءِ جو جن کي هن اڳيئي ٿي ڄاتو، تن کي هن اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو، تہ سندس فرزند جا هم شڪل ٿين، انهي لاءِ تہ هو گهڻن ڀائرن ۾ پهريتو ٿئي.</verse>
				<verse number="30">۽ جن کي هن اڳيئي مقرر ڪيو، تن کي سڏيائين بہ؛ ۽ جن کي سڏيائين، تن کي راستباز بہ ٺهرايائين؛ ۽ جن کي راستباز ٺهرايائين، تن کي جلال بہ بخشيائين.</verse>
				<verse number="31">تڏهن هنن ڳالهين بابت اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جي برخلاف آهي؟</verse>
				<verse number="32">جنهن خود پنهنجي ئي فرزند کي اسان کان وانجهي نہ رکيو، پر اسان سڀني جي لاءِ هن کي موت جي حوالي ڪيائين، سو ڀلا ساڻس گڏ اسان کي سڀ شيون ڪيئن نہ بخشي ڏيندو؟</verse>
				<verse number="33">ڪير خدا جي چونڊيلن تي ڪنهن بہ ڳالهہ جو الزام آڻيندو؟ خدا اُهو آهي جو کين راستباز ٿو ٺهرائي؛</verse>
				<verse number="34">ڪير آهي جو سزا جي فتويٰ ڏيندو؟ مسيح يسوع ڏيندو ڇا، جو مري ويو، بلڪ مُئلن مان جي اُٿيو، جو خدا جي ساڄي پاسي آهي، ۽ اسان جي شفاعت بہ ڪري ٿو؟</verse>
				<verse number="35">ڪير اسان کي مسيح جي پيار کان ڌار ڪندو؟ مصيبت، يا تنگي، يا ظلم، يا ڏڪار، يا اوگهڙ، يا خطرو، يا ترار؟</verse>
				<verse number="36">جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”تنهنجي خاطر سارو ڏينهن پيا مارجون، اسين ڪوس جي رڍن وانگر ليکجي وياسين.“</verse>
				<verse number="37">بلڪ جنهن اسان کي پيار ڪيو، تنهن جي وسيلي اسين فتح کان وڌيڪ ٿا حاصل ڪريون.</verse>
				<verse number="38">ڇالاءِ جو مون کي يقين آهي تہ نہ موت، نہ حياتي، نہ ملائڪ، نہ حڪومتون، نہ حال جون نہ استقبال جون شيون، نہ طاقتون</verse>
				<verse number="39">نہ اوچائي، نہ اونهائي، نہ مخلوق جي ٻي ڪا شيءِ اسان کي خدا جي انهي پيار کان ڌار ڪري سگهندي جو اسان جي خداوند مسيح يسوع ۾ آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">آئون مسيح ۾ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نٿو ڳالهايان، ۽ منهنجي دل بہ مون سان پاڪ روح ۾ شاهدي ٿي ڀري،</verse>
				<verse number="2">تہ مون کي ڏاڍو رنج آهي، ۽ منهنجي دل ۾ سدائين درد ٿو رهي.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو آئون جيڪر ڀانيان تہ منهنجا ڀائر جي جسم جي ڪري منهنجا مائٽ آهن، تن جي خاطر آئون پاڻ لعنتي بڻجي مسيح کان جدا ٿيان.</verse>
				<verse number="4">اُهي اسرائيلي آهن، ۽ گود جي اولاد ٿيڻ جو حق، ۽ جلال، ۽ عهد، ۽ شريعت، ۽ خدا جي عبادت، ۽ واعدا انهن ئي جا آهن، ۽ قوم جا ابا ڏاڏا بہ انهن جا آهن؛</verse>
				<verse number="5">۽ جسم جي لاڳاپي ڪري مسيح بہ اُنهن ئي جو آهي، جو سڀني جي مٿان هميشہ تائين سڳورو خدا آهي. آمين.</verse>
				<verse number="6">پر ائين نہ آهي تہ ڄڻ خدا جو ڪلام اجايو ويو، ڇالاءِ جو جيڪي اسرائيل جو اولاد آهن سي سڀ اسرائيلي نہ آهن:</verse>
				<verse number="7">نڪي ابراهيم جي نسل مان هئڻ سبب اهي سڀ سندس ٻار ليکيا ويا آهن: پر لکيل آهي تہ ”اسحاق کان ئي تنهنجو نسل سڏيو ويندو.“</verse>
				<verse number="8">مطلب تہ جسماني ٻار خدا جا ٻار ناهن؛ پر جيڪي واعدي جا ٻار آهن، سي ئي نسل ٿا ليکجن.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو واعدي جو ڪلام هي آهي تہ ”آئون هن وقت ڌاري موٽي ايندس، ۽ سارہ کي پٽ ڄمندو.“</verse>
				<verse number="10">۽ نہ رڳو ايترو؛ پر ربقہ بہ هڪڙي شخص مان، يعني اسان جي ابي اسحاق مان، حاملہ ٿي،</verse>
				<verse number="11">۽ جڏهن ٻار اڃا ڄاوا ئي ڪين هئا، ۽ نہ اُنهن ڪو چڱو يا مَٺو ڪم ڪيو هو، تہ بہ انهي لاءِ تہ خدا جو ارادو سڏڻ واري جي مرضيءَ موجب چونڊ تي منحصر هجي، ۽ نہ عملن تي،</verse>
				<verse number="12">تڏهن اُنهي کي چيو ويو تہ ”وڏو ننڍي جي خدمت ڪندو.“</verse>
				<verse number="13">جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”يعقوب کي مون پيار ڪيو، پر عيسو کي ڌڪاريم.“</verse>
				<verse number="14">تڏهن اسين ڇا چئون؟ خدا وٽ بي انصافي آهي ڇا؟ اصل ئي نہ!</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو هو موسيٰ کي چوي ٿو تہ ”جنهن تي رحم ڪرڻو اٿم، تنهن تي رحم ڪندس ۽ جنهن تي ترس ڪرڻو اٿم، تنهن تي ترس ڪندس.“</verse>
				<verse number="16">تنهنڪري اهو نہ خواهش ڪندڙ تي منحصر آهي، نڪي ڊوڙ ڊڪ تي، پر خدا تي منحصر آهي، جو رحم ڪندڙ آهي.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو پاڪ لکيت ۾ فرعون کي فرمايل آهي تہ ”اُنهي ئي لاءِ مون توکي کڙو ڪيو، تہ آئون تنهنجي ڪري پنهنجي قدرت ظاهر ڪريان، ۽ منهنجو نالو ساريءَ زمين تي پڌرو ٿي وڃي.“</verse>
				<verse number="18">تنهنڪري هو جنهن تي رحم ڪرڻ ٿو گهُري، تنهن تي رحم ٿو ڪري، ۽ جنهن کي سخت دل ڪرڻ ٿو گهُري، تنهن کي سخت دل ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="19">تڏهن تون مون کي چوندين تہ پوءِ هو قصوروار ڇو ٿو ٺهرائي؟ ڪير هن جي ارادي جو مقابلو ڪري ٿو سگهي؟</verse>
				<verse number="20">اي انسان، ڀلا تون ڪير آهين جو خدا جي سامهون جواب ٿو ڏين؟ جڙيل شيءِ ڪا جوڙيندڙ کي چوندي ڇا تہ تو مون کي ههڙو ڇو جوڙيو؟</verse>
				<verse number="21">يا ڪنڀار کي مٽيءَ تي اهو اختيار نہ آهي ڇا، تہ هڪڙي ئي پنوڙي مان هڪڙو ٿانءُ عزت جي لاءِ جوڙي، ۽ ٻيو ٿانءُ بي عزتيءَ جي لاءِ؟</verse>
				<verse number="22">ڪهڙو عجب آهي جي خدا پنهنجو غضب ڏيکارڻ ۽ پنهنجي قدرت ظاهر ڪرڻ جي ارادي سان جيڪي غضب جا ٿانوَ ڀڃي چٽ ڪرڻ جي لائق هئا، تن سان ڏاڍي صبر ۽ تحمل سان پيش آيو:</verse>
				<verse number="23">۽ اهو هن لاءِ ٿيو تہ جيڪي رحم جا ٿانوَ هن جلال جي واسطي اڳيئي تيار ڪيا هئا، تن تي پنهنجي جلال جي نعمت ظاهر ڪري،</verse>
				<verse number="24">يعني اسان تي، جن کي هن نہ فقط يهودين مان، پر غير قومن مان بہ سڏيو آهي.</verse>
				<verse number="25">جيئن تہ هو هوسيع نبيءَ جي ڪتاب ۾ بہ ٿو فرمائي تہ ”جيڪا منهنجي اُمت نہ هئي، تنهن کي پنهنجي اُمت سڏيندس، ۽ جا پياري نہ هئي، تنهن کي پياري چوندس.“</verse>
				<verse number="26">”۽ ائين ٿيندو تہ جنهن هنڌ هنن کي ائين چيو ويو هو، تہ اوهين منهنجي اُمت نہ آهيو، انهي هنڌ هو جيئري خدا جا فرزند سڏبا.“</verse>
				<verse number="27">۽ يسعياہ، اسرائيل جي نسبت ۾ پڪاري چوي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ بني اسرائيل جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جيترو هوندو، تہ بہ اُنهن مان ڪي ٿورا ئي بچندا.</verse>
				<verse number="28">ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي ڪلام کي زمين تي قطعي طور پورو ڪري، انهي موجب عمل ڪندو.“</verse>
				<verse number="29">۽ جيئن يسعياہ نبي اڳيئي چئي ويو آهي تہ ”جي لشڪرن جو خداوند اسان جو ڪوبہ اولاد باقي نہ ڇڏي ها، تہ اسين سدوم ۽ عموراہ وانگر ٿيون ها.“</verse>
				<verse number="30">تڏهن اسين ڇا چئون؟ هي، تہ جن غير قومن راستبازيءَ جي ڳولا نہ ڪئي، تن کي اُها ملي، يعني اها راستبازي جا ايمان جي ڪري آهي.</verse>
				<verse number="31">پر اسرائيل، جو راستبازيءَ جي شريعت جي ڳولا ۾ هو، سو انهيءَ شريعت تائين ڪونہ پهتو.</verse>
				<verse number="32">سو ڇو؟ هن ڪري تہ هنن اُنهيءَ کي ايمان سان نہ ڳوليو، پر ڄڻ تہ عملن سان. هنن ٿاٻڙائڻ واري پهڻ تي ٿاٻو کاڌو؛</verse>
				<verse number="33">جيئن ڪ لکيل آهي، تہ ”ڏسو، آئون صيون ۾ ٿاٻي کارائڻ وارو پهڻ ۽ ٺوڪر کارائڻ واري ڇپ ٿو رکان: ۽ جيڪو مٿس ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">اي ڀائرو، منهنجي دلي خواهش، ۽ هنن جي لاءِ خدا اڳيان منهنجو سوال اهو آهي، تہ شل کين نجات ملي.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو آئون هنن لاءِ اها شاهدي ٿو ڀريان، تہ انهن کي خدا جي لاءِ جوش تہ آهي، پر سمجهہ موجب نہ.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو هنن خدا جي راستبازيءَ کان ناواقف رهي، پنهنجي راستبازي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ خدا جي راستبازيءَ جا تابعدار نہ ٿيا.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو مسيح شريعت جي تڪميل آهي، تہ جيڪو بہ ايمان آڻي سو راستباز ٺهري.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو موسيٰ لکي ٿو تہ ”جيڪو ماڻهو اُنهي راستبازيءَ تي عمل ڪري ٿو جا شريعت موجب آهي، سو انهيءَ ڪري جيئرو رهندو.“</verse>
				<verse number="6">پر جا راستبازي ايمان جي ڪري آهي، سا هيئن ٿي چوي تہ ”تون پنهنجي دل ۾ نہ چئُہ تہ ڪير آسمان تي چڙهندو؟“ (اِهو ٿيو مسيح کي هيٺ لاهڻ.)</verse>
				<verse number="7">يا ”ڪير اوڙاهہ ۾ لهي ويندو؟“ (اهو ٿيو مسيح کي مُئلن مان مٿي آڻڻ.)</verse>
				<verse number="8">پر اُها ڇا ٿي چوي؟ هيءُ تہ ”ڪلام توکي ويجهو آهي، بلڪ تنهنجي وات ۾ ۽ تنهنجي دل ۾ آهي:“ اهو ئي ايمان جو ڪلام آهي، جنهن جي اسين منادي ٿا ڪريون.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ تہ جيڪڏهن تون پنهنجي وات سان يسوع کي خداوند ڪري قبوليندين، ۽ پنهنجي دل ۾ ايمان آڻيندين تہ خدا هن کي مُئلن مان جياريو، تہ توکي نجات ملندي:</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو راستبازيءَ لاءِ ماڻهو دل سان ايمان ٿو آڻي، ۽ نجات جي واسطي وات سان اقرار ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="11">پاڪ ڪتاب چوي ٿو تہ ”جيڪو مٿس ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو يهوديءَ ۽ يونانيءَ ۾ ڪوبہ تفاوت ڪونهي، هن ڪري جو اهو ئي خداوند سڀني جو خداوند آهي، ۽ جيڪي کيس پڪارين ٿا، تن سڀني لاءِ فياض آهي.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو ”جيڪو بہ خداوند جو نالو وٺي پڪاريندو، تنهن کي نجات ملندي.“</verse>
				<verse number="14">مگر جنهن تي هنن ايمان ڪونہ آندو آهي، تنهن کي ڪيئن پڪاريندا؟ ۽ جنهن جو ذڪر اُنهن ڪونہ ٻُڌو آهي، اُنهي تي ڪيئن ايمان آڻيندا؟ ۽ منادي ڪرڻ واري کانسواءِ هو ڪيئن ٻُڌندا؟</verse>
				<verse number="15">۽ جيسين هو موڪليا نہ وڃن، تيسين ڪيئن منادي ڪندا؟ جيئن لکيل آهي تہ، ”جيڪي چڱين ڳالهين جي خوشخبري ٿا آڻين، تن جا قدم ڪهڙا نہ مبارڪ آهن!“</verse>
				<verse number="16">پر اُنهن سڀني اها خوشخبري ڌيان ڏيئي ڪين ٻُڌي. ڇالاءِ جو يسعياهہ نبي چوي ٿو تہ ”اي خداوند اسان جي پيغام تي ڪنهن ايمان آندو؟“</verse>
				<verse number="17">انهيءَ طرح جڏهن مسيح جو ڪلام ٿو ٻُڌائجي، تڏهن ٻُڌڻ سان ايمان پيدا ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="18">پر آئون چوان ٿو تہ هنن نہ ٻُڌو ڇا؟ هائو، بيشڪ، جيئن لکيل آهي، تہ ”هنن جو آواز ساري زمين تي ڦهلجي ويو، ۽ سندن ڪلام دنيا جي حدن تائين وڃي پهتو.“</verse>
				<verse number="19">پر آئون چوان ٿو تہ اسرائيل کي خبر نہ هئي ڇا؟ پهرين تہ موسيٰ چوي ٿو، تہ ”آئون اوهان کي هنن تي غيرت ڏياريندس جي ڪابہ قوم نہ آهن، آئون اوهان کي بي سمجهہ قوم جي وسيلي ڪاوڙائيندس.“</verse>
				<verse number="20">يسعياہ نبي ڏاڍيءَ همت سان چوي ٿو تہ، ”جن مون کي نہ ڳوليو، تن مون کي لڌو، جن منهنجي پڇا بہ نہ ڪئي، تن تي آئون ظاهر ٿيس.“</verse>
				<verse number="21">پر اسرائيل جي بابت هو چوي ٿو تہ ”آئون سڄو ڏينهن هڪڙيءَ نافرمان ۽ ضدي اُمت ڏانهن پنهنجا هٿ ڊگهيريندو رهيس.“</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">تڏهن آئون چوان ٿو تہ خدا پنهنجي اُمت کي رد ڪيو ڇا؟ اصل ئي نہ! ڇالاءِ جو آئون بہ اسرائيلي آهيان، ۽ ابراهيم جي نسل، ۽ بنيمين جي قبيلي مان آهيان.</verse>
				<verse number="2">خدا پنهنجي اُنهيءَ اُمت کي رد ڪونہ ڪيو جنهن جي اڳيئي خبر هيس. يا اوهين نٿا ڄاڻو ڇا، تہ پاڪ ڪتاب ايلياہ جي باري ۾ ڇا ٿو فرمائي؟ ڪيئن هو اسرائيل جي برخلاف خدا جي اڳيان دانهن ٿو ڪري؟</verse>
				<verse number="3">تہ ”اي خداوند، هنن تنهنجن نبين کي ماري وڌو آهي، ۽ تنهنجون قربانگاهون ڊاهي ڇڏيون اٿن: باقي آئون اڪيلو وڃي بچيو آهيان، سو منهنجي پٺيان بہ هٿ ڌوئي لڳا آهن.“</verse>
				<verse number="4">پر خدا پنهنجي جواب ۾ هن کي ڇا چيو؟ تہ ”مون پنهنجي لاءِ ست هزار ماڻهو بچائي ڇڏيا آهن، جن بعل جي اڳيان سجدو نہ ڪيو آهي.“</verse>
				<verse number="5">ساڳيءَ طرح هن وقت بہ فضل جي چونڊ موجب ڪي ٿورا باقي آهن.</verse>
				<verse number="6">پر جيڪڏهن اهو فضل جي ڪري آهي تہ اهو عملن جي ڪري نہ ٿيو، نہ تہ فضل، فضل نہ رهيو.</verse>
				<verse number="7">تڏهن ڪهڙو نتيجو نڪتو؟ جيڪي اسرائيل ٿو ڳولي، سو هن کي نہ مليو؛ پر چونڊيلن کي اهو ملي ويو، ۽ باقي ٻيا سخت دل ڪيا ويا.</verse>
				<verse number="8">جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”خدا هنن کي اڄوڪي ڏينهن تائين موڳائيءَ جو روح ڏنو، ۽ اهڙيون اکيون ڏنيون جي نہ ڏسن، ۽ اهڙا ڪَن ڏنا جي نہ ٻُڌن.“</verse>
				<verse number="9">۽ دائود چوي ٿو تہ ”ڀلي تہ هنن جي عيد سندن لاءِ ڄار، ۽ ڦندو، ۽ ٿاٻي کائڻ جو پهڻ، ۽ بدلي جو سبب ٿئي:</verse>
				<verse number="10">ڀلي تہ هنن جي اکين جي اڳيان اونداهي اچي وڃي تہ هو نہ ڏسن، ۽ تون هيئن ڪر تہ سندن پٺي سدائين جهُڪي پيئي هجي.“</verse>
				<verse number="11">تڏهن آئون چوان ٿو تہ هنن انهي لاءِ ٿاٻو کاڌو ڇا تہ ڪِري پون؟ اصل ئي نہ! پر هنن جي ٿاٻڙجڻ ڪري غير قومن کي نجات ملي، انهي لاءِ تہ غيرت اچينِ.</verse>
				<verse number="12">هاڻي جي هنن جو ٿاٻڙجڻ جهان جي لاءِ دولت جو سبب ٿيو، ۽ هنن جي گهٽتائي غير قومن جي لاءِ دولت ٿي، تہ سندن ڀرپورائي ڪيڏي نہ وڏي دولت جو سبب ٿيندي؟</verse>
				<verse number="13">پر آئون اوهان غير قومن سان ٿو ڳالهايان. ڇوتہ آئون غير قومن جو رسول آهيان، تنهنڪري پنهنجي خدمت جي وڏائي ٿو ڪريان:</verse>
				<verse number="14">انهي لاءِ تہ من ڪنهن بہ طرح پنهنجن قوم وارن کي غيرت ڏياري منجهانئن ڪن کي بچايان.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ تہ جيڪڏهن هنن جي خارج ٿيڻ ڪري جهان جو ميل ميلاپ ٿيو، تہ سندن قبول پوڻ ڪري موت مان زندگيءَ کانسواءِ ٻيو ڇا ٿيندو؟</verse>
				<verse number="16">۽ جي نذراني جو پهريون چاڻو پاڪ آهي، تہ سڄو ڳوهيل اٽو بہ پاڪ آهي: ۽ جي پاڙ پاڪ آهي تہ ٽاريون بہ پاڪ آهن.</verse>
				<verse number="17">پر جي ڪي ٽاريون ڀڃي ڇڏيون ويون، ۽ تون جهنگلي زيتون ٿي انهن ۾ پيوند ڪيو وئين، ۽ زيتون جي وڻ جي سڻڀيءَ رس واريءَ پاڙ ۾ هنن سان شريڪ ٿي وئين؛</verse>
				<verse number="18">تہ انهن ٽارين تي فخر نہ ڪر، پر جي فخر ڪندين تہ هيئن ڄاڻ تہ تون پاڙ کي نٿو کڻين، پر پاڙ توکي ٿي کڻي.</verse>
				<verse number="19">تڏهن تون چوندين تہ ٽاريون انهي لاءِ ڀڳيون ويون تہ آئون پيوند ٿيان.</verse>
				<verse number="20">چڱو، هو تہ پنهنجي بي ايمانيءَ ڪري ڀڳيون ويون، ۽ تون پنهنجي ايمان جي ڪري قائم بيٺو آهين. سو مغرور نہ ٿيءُ، پر خوف ڪر،</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ تہ جيڪڏهن خدا اصلي ٽارين کي نہ ڇڏيو، تہ توکي بہ ڪين ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="22">تڏهن تون خدا جي مهرباني ۽ سختي ڏس: سختي اُنهن تي جي ڪِري پيا، پر خدا جي مهرباني تو تي، بشرطيڪ تون سندس مهربانيءَ تي قائم رهندين: نہ تہ تون بہ وڍجي ويندين.</verse>
				<verse number="23">۽ هو بہ، جي پنهنجي بي ايمانيءَ ۾ نہ رهندا، تہ پيوند ڪيا ويندا، ڇالاءِ جو خدا هنن کي وري پيوند ڪرڻ لاءِ طاقت وارو آهي.</verse>
				<verse number="24">هن ڪري جو جڏهن تون زيتون جي جهنگلي وڻ مان وڍجي ۽ چڱي زيتون ۾ طبعي حالت جي برخلاف پيوند ٿي وئين: تہ جيڪي اصلي ٽاريون آهن سي خود پنهنجي زيتون جي وڻ ۾ ڪيترو نہ وڌيڪ پيوند ٿي وينديون؟</verse>
				<verse number="25">ڇالاءِ جو اي ڀائرو، منهنجي اها مرضي نہ آهي تہ پنهنجي هٺ جي ڪري پاڻ کي ڏاهو سمجهي اوهين هن راز کان غير واقف رهو؛ تہ اسرائيل ۾ جا ڪجهہ قدر سنگدلي پيدا ٿي آهي، سا انهي لاءِ تہ غير قومون پوريءَ طرح داخل ڪيون وڃن.</verse>
				<verse number="26">انهيءَ طرح سڀيئي اسرائيلي نجات پائيندا؛ جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”صيون مان نجات ڏيندڙ ايندو، ۽ بي دينيءَ کي يعقوب مان دفع ڪندو:</verse>
				<verse number="27">۽ جڏهن آئون هنن جا گناهہ ميٽي ڇڏيندس، تڏهن ساڻن منهنجو هي عهد ٿيندو.“</verse>
				<verse number="28">سو انجيل جي نسبت هو اوهان جي خاطر دشمن آهن: پر چونڊ جي نسبت هو بزرگن جي خاطر پيارا آهن.</verse>
				<verse number="29">ڇالاءِ جو خدا جون نعمتون ۽ سندس ڪوٺ بي تبديل آهن.</verse>
				<verse number="30">هن ڪري جو جهڙيءَ طرح اوهين گذريل وقت ۾ خدا جي نافرماني ڪندا هئا، پر هاڻي سندن نافرمانيءَ جي سبب اوهان تي رحم ٿيو آهي،</verse>
				<verse number="31">تهڙيءَ طرح هاڻي هو بہ نافرمان ٿيا آهن، تہ اوهان تي رحم ٿيڻ ڪري هو بہ رحم حاصل ڪن.</verse>
				<verse number="32">ڇالاءِ جو خدا سڀني کي نافرمانيءَ ۾ گرفتار ٿيڻ ڏنو، تہ هو سڀني تي رحم ڪري.</verse>
				<verse number="33">واهہ واهہ، خدا جي دولت ۽ حڪمت ۽ علم ڪهڙو نہ بي بيان آهي! سندس فيصلا ڪهڙا نہ سمجهہ کان ٻاهر آهن، ۽ سندس رستن جو پتو پئجي نٿو سگهي!</verse>
				<verse number="34">ڇالاءِ جو خداوند جي عقل کي ڪنهن ڄاتو آهي؟ يا ڪير سندس صلاحڪار ٿيو آهي؟</verse>
				<verse number="35">يا ڪنهن پهرين هن کي ڪي ڏنو آهي، تہ کيس وري هن جو عيوضو ڏنو وڃي؟</verse>
				<verse number="36">ڇالاءِ جو سڀ شيون اُنهي جي طرفان ۽ انهي جي وسيلي ۽ اُنهي جي لاءِ آهن. اُنهي جو هميشہ تائين جلال هجي. آمين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">تنهنڪري، اي ڀائرو، آئون اوهان کي خدا جي رحمتن جو واسطو وجهي عرض ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجا بدن اهڙيءَ قربانيءَ ٿيڻ جي لاءِ نذر ڪريو جا زندہ، ۽ پاڪ، ۽ خدا کي پسند هجي، ۽ اُها ئي اوهان جي مناسب عبادت آهي.</verse>
				<verse number="2">۽ هن جهان جو نمونو اختيار نہ ڪريو: پر پنهنجيءَ دل جي نئون ٿيڻ ڪري بدلجي وڃو، تہ آزمودي مان سمجهي سگهو، تہ خدا جي چڱي، ۽ پسنديدہ، ۽ ڪامل مرضي ڪهڙي آهي.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو آئون انهي فضل جي وسيلي جو مون کي مليو آهي، اوهان مان هرهڪ کي چوان ٿو، تہ جهڙو سمجهڻ گهرجي، تنهن کان وڌيڪ ڪير بہ پاڻ کي نہ سمجهي؛ پر جيئن خدا هر ڪنهن کي اندازي جي موافق ايمان تقسيم ڪيو آهي، انهي موجب پاڻ کي اوترو ئي سمجهي.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو جيئن اسان جي هڪڙي بدن ۾ گهڻيئي عضوا آهن، ۽ سڀني عضون جو هڪڙو ئي ساڳيو ڪم ڪونهي:</verse>
				<verse number="5">تيئن اسين بہ، جي گهڻا آهيون، سي مسيح ۾ هڪڙو ئي بدن آهيون، ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا عضوا آهيون.</verse>
				<verse number="6">۽ جو فضل اسان کي ڏنو ويو هو، اُنهي موجب اسان کي جدا جدا نعمتون مليون آهن، تنهنڪري جي نبوت ملي هجي تہ اسين پنهنجي ايمان جي اندازي موجب نبوت ڪريون؛</verse>
				<verse number="7">يا جي خدمت ملي هجي تہ پنهنجي خدمت ۾ پاڻ کي مشغول رکون؛ يا جيڪو تعليم ڏيڻ وارو هجي سو تعليم ڏيڻ ۾ لڳو رهي؛</verse>
				<verse number="8">يا جيڪو نصيحت ڪندڙ هجي سو نصيحت ڪرڻ ۾ رڌل رهي: جيڪو خيرات ڏئي سو سخاوت سان ڏئي؛ جيڪو حاڪم هجي، سو لياقت سان حڪم هلائي؛ جيڪو رحم ڏيکاري سو خوشيءَ سان ڏيکاري.</verse>
				<verse number="9">پيار ۾ رياڪاري نہ هئڻ گهرجي. بديءَ کان نفرت ڪريو، ۽ نيڪيءَ سان دل لڳايو.</verse>
				<verse number="10">برادراني محبت سان هڪ ٻئي کي گهڻو پيار ڪريو؛ هڪ ٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڏيو؛</verse>
				<verse number="11">محنت ۾ سستي نہ ڪريو؛ روحاني جوش ۾ ڀرپور رهو؛ خداوند جي خدمت ڪندا رهو؛</verse>
				<verse number="12">اُميد ۾ خوش رهو؛ مصيبت ۾ تحمل ڪريو، دعا گهرڻ ۾ هميشہ مشغول رهو؛</verse>
				<verse number="13">پاڪ ٿيلن جون احتياجون رفع ڪريو؛ مهمان نوازيءَ جا عادتي ٿيو.</verse>
				<verse number="14">جي اوهان کي ستائين، تن لاءِ برڪت گهُرو؛ برڪت گهُرو پر لعنت نہ ڪريو.</verse>
				<verse number="15">جيڪي خوشي ڪن تن سان خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان روئو.</verse>
				<verse number="16">پاڻ ۾ يڪدل ٿي رهو. وڏن وڏن خيالن تي پنهنجي دل نہ ڄمايو، پر جيڪي نماڻا آهن تن سان سنگت رکو. پاڻ کي عقل وارا نہ سمجهو.</verse>
				<verse number="17">بديءَ جي عيوض ڪنهن سان بدي نہ ڪريو. جي ڳالهيون سڀني ماڻهن جي نظر ۾ چڱيون آهن، تن جو خيال رکو.</verse>
				<verse number="18">جي ٿي سگهي تہ وس پڄندي سڀني ماڻهن سان ميل ميلاپ ۾ رهو.</verse>
				<verse number="19">اي عزيزو، پاڻ پنهنجو وير نہ وٺو، پر (خدا جي) غضب کي واٽ ڏيو: ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ خداوند فرمائي ٿو، تہ ”وير وٺڻ منهنجو ڪم آهي، بدلو آئون ئي ڏيندس.“</verse>
				<verse number="20">پر جي تنهنجو دشمن بکيو هجي تہ انهي کي ماني کاراءِ؛ جي هو اُڃيو هجي تہ پاڻي پيارينس، ڇالاءِ جو ائين ڪرڻ سان تون اُنهي جي مٿي تي ٽانڊن جو ڍير ڪندين.</verse>
				<verse number="21">بديءَ کان هارجي نہ وڃو، پر نيڪيءَ جي ذريعي بديءَ تي غالب پئو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">سڀڪو ماڻهو اعليٰ حڪومتن جو تابعدار رهي: ڇالاءِ جو اهڙي ڪابہ حڪومت ڪانهي جا خدا جي طرفان نہ هجي، جيڪي بہ حڪومتون آهن سي خدا جي طرفان مقرر ٿيل آهن.</verse>
				<verse number="2">تنهنڪري جيڪو حڪومت جي سامهون ٿو ٿئي، سو خدا جي حڪم جي مخالفت ٿو ڪري: ۽ جيڪي مخالفت ڪندا سي پنهنجي سزا لوڙيندا.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو نيڪ ماڻهوءَ کي حاڪم جو ڊپ ڪونهي پر بدڪار کي آهي. ڇا تون ڀانئين ٿو تہ توکي حاڪم جو ڊپ نہ رهي؟ تہ پوءِ نيڪي ڪر تہ اُهو تنهنجي تعريف ڪندو:</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ تہ هو تنهنجي ڀلي لاءِ خدا جو خادم آهي. پر جي تون بدي ڪرين تہ ڊڄ؛ ڇالاءِ جو هو ترار بي سبب نٿو کڻي: هن ڪري جو هو خدا جو خادم آهي ۽ سندس غضب موجب بدڪار کي سزا ٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="5">تنهنڪري اوهان کي نہ فقط اُنهي غضب جي ڪري، پر پنهنجي ضمير جي خاطر بہ تابعدار رهڻ کپي.</verse>
				<verse number="6">انهي سبب اوهين ڍل بہ ٿا ڀريو؛ جو هو خدا جا خادم آهن، ۽ انهي ئي ڪم ۾ مشغول ٿا رهن.</verse>
				<verse number="7">سڀني جو حق ادا ڪريو: جنهن کي ڍل ڏيڻي هجي، تنهن کي ڍل ڏيو؛ جنهن کي محصول ڏيڻو هجي، تنهن کي محصول ڏيو؛ جنهن کان ڊڄڻ گهرجي، تنهن کان ڊڄو، جنهن جي عزت ڪرڻ گهرجي، تنهن جي عزت ڪريو.</verse>
				<verse number="8">پاڻ ۾ محبت کانسواءِ ڪنهن شيءِ جا بہ قرضدار نہ ٿيو: ڇالاءِ جو جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ سان محبت ٿو ڪري تنهن شريعت پوري ڪئي.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو هي حڪم تہ زنا نہ ڪر، خون نہ ڪر، چوري نہ ڪر، ۽ ٻيو جيڪو حڪم هوندو، سو هن هڪڙيءَ ڳالهہ ۾ اچيو وڃي، تہ تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙي محبت ڪر.</verse>
				<verse number="10">محبت پنهنجي پاڙيسريءَ سان بدي نٿي ڪري، تنهنڪري محبت شريعت جي تعميل آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ وقت کي سڃاڻي ائين ڪريو، انهي لاءِ تہ هينئر ئي اهو وقت اچي پهتو آهي، جنهن ۾ اوهين ننڊ مان سجاڳ ٿيو: ڇوتہ جنهن وقت اسان ايمان آندو هو، تنهن وقت جي نسبت ۾ هينئر اسان جي نجات زيادہ ويجهي آئي آهي.</verse>
				<verse number="12">رات گهڻي گذري ويئي آهي، ۽ ڏينهن ٿيڻ تي آهي: تنهنڪري اچو تہ اوندهہ جا ڪم ڇڏي سوجهري جا هٿيار ٻَڌون.</verse>
				<verse number="13">۽ اهڙيءَ طرح شائستگيءَ سان هلون جيئن ڏينهن جو هلبو آهي، نہ ناچ رنگ ۽ نشي ۾، نہ زناڪاريءَ ۽ شهوت پرستيءَ ۾، نہ جهيڙي ۽ حسد ۾:</verse>
				<verse number="14">پر خداوند يسوع مسيح کي پوشاڪ وانگر ڍڪيو، ۽ جسم جي خواهش کي پوري ڪرڻ لاءِ خيال نہ پچايو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">جنهن جو ايمان ڪمزور آهي تنهن کي پاڻ وٽ وٺي اچو، پر اجايو بحث ڪرڻ جي لاءِ نہ.</verse>
				<verse number="2">هڪڙي ماڻهوءَ جو اهو اعتقاد آهي تہ هرڪا شيءِ کائڻ روا آهي، پر جنهن جو ايمان ڪمزور آهي سو ڀاڄي ٿو کائي.</verse>
				<verse number="3">جيڪو کائي ٿو سو نہ کائڻ واري کي حقير نہ سمجهي، ۽ جيڪو نٿو کائي سو کائڻ واري تي الزام نہ لڳائي: ڇالاءِ جو خدا هن کي قبول ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="4">تون ڪير آهين جو ٻئي جي نوڪر تي الزام ٿو آڻين؟ هن جو قائم رهڻ يا ڪِري پوڻ، سو سندس ڌڻيءَ جي هٿ ۾ آهي. هائو، هو قائم ڪيو ويندو؛ ڇالاءِ جو خداوند کي هن جي قائم ڪرڻ جي طاقت آهي.</verse>
				<verse number="5">هڪڙو ماڻهو هڪڙي ڏينهن کي ٻئي کان بهتر ٿو سمجهي، ٻيو ماڻهو سڀ ڏينهن هڪجهڙا ٿو سمجهي. ڀلي تہ سڀڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي دل ۾ پورو يقين رکي.</verse>
				<verse number="6">جيڪو ڪنهن ڏينهن کي سڳورو ٿو سمجهي سو خداوند جي ڪري ائين سمجهي ٿو: ۽ جيڪو کائي ٿو سو خداوند جي خاطر ٿو کائي، ڇالاءِ جو خدا جو شڪر ٿو ڪري؛ ۽ جيڪو نٿو کائي سو بہ خدا جي خاطر نٿو کائي، ۽ خدا جو شڪر ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو اسان مان ڪوبہ پنهنجي لاءِ نٿو جيئي، نڪي پنهنجي لاءِ ٿو مري.</verse>
				<verse number="8">هن ڪري جو جي اسين چئون ٿا تہ خداوند جي لاءِ ٿا جيئون؛ يا جي اسين مرون ٿا، تہ بہ خداوند جي لاءِ ٿا مرون: تنهنڪري جي اسين جيئون توڙي مرون، تہ بہ خداوند جا ئي آهيون.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو مسيح انهي مطلب لاءِ مُئو ۽ وري جي اُٿيو، تہ هو مُئلن توڙي جيئرن، ٻنهي جو خداوند ٿئي.</verse>
				<verse number="10">پر تون پنهنجي ڀاءُ تي ڇو ٿو الزام لڳائين؟ يا وري ڇو تون پنهنجي ڀاءُ کي حقير ٿو ڄاڻين؟ ڇالاءِ جو اسين سڀيئي خدا جي عدالت جي تخت جي اڳيان بيهنداسين؛</verse>
				<verse number="11">هن ڪري جو لکيل آهي تہ ”خداوند فرمائي ٿو، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم تہ سڀڪو منهنجي اڳيان گوڏا کوڙيندو، ۽ سڀڪا زبان خدا جي تعريف ڪندي.“</verse>
				<verse number="12">انهيءَ طرح اسان مان هرڪو پنهنجو پنهنجو حساب خدا کي ڏيندو.</verse>
				<verse number="13">تنهنڪري گهرجي تہ اڳتي اسين هڪ ٻئي تي الزام نہ لڳايون: بلڪ هي مناسب آهي تہ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي ڀاءُ جي رستي ۾ ڪا اهڙي شيءِ نہ رکي جنهنڪري هو ٿاٻو کائي يا ڪِري پوي.</verse>
				<verse number="14">آئون ڄاڻان ٿو، ۽ خداوند يسوع ۾ مون کي يقين آهي، تہ ڪابہ شيءِ پاڻوهي ناپاڪ نہ آهي: سواءِ هن جي تہ جيڪو ڪنهن شيءِ کي ناپاڪ سمجهي ٿو، تنهن جي لاءِ اُها ناپاڪ آهي.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو جيڪڏهن تنهنجي ڀاءُ کي تنهنجي کاڌي ڪري رنج ٿو ٿئي، تہ پوءِ تون اڃا پيار جي قاعدي تي نٿو هلين. جنهن شخص جي خاطر مسيح پنهنجي جان ڏني، تنهن کي تون پنهنجي کاڌي جي سبب برباد نہ ڪر.</verse>
				<verse number="16">پنهنجي نيڪيءَ جي بدنامي ٿيڻ نہ ڏي:</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو خدا جي بادشاهت کائڻ پيئڻ تي منحصر نہ آهي، پر راستبازي، ۽ ميل ميلاپ، ۽ انهيءَ خوشيءَ تي ٻَڌل آهي جا پاڪ روح جي طرفان آهي.</verse>
				<verse number="18">۽ جيڪو انهيءَ طرح مسيح جي خدمت ٿو ڪري سو خدا کي پسند آهي، ۽ ماڻهن وٽ قبول پيل آهي.</verse>
				<verse number="19">تنهنڪري اچو تہ جن ڳالهين مان صلح پيدا ٿئي تن ڳالهين جا طالب ٿيون، تہ هڪ ٻئي کي سڌاري سگهون.</verse>
				<verse number="20">کاڌي جي ڪري خدا جي ڪم کي نقصان نہ رسايو. سڀ شيون بيشڪ پاڪ آهن: پر انهي ماڻهوءَ جي لاءِ اها شيءِ خراب آهي جنهن جي کائڻ ڪري هو گمراهہ ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="21">چڱو ائين آهي تہ تون نہ گوشت کاءُ، نہ شراب پيءُ، نڪي ڪو اهڙو ڪم ڪر جنهن جي ڪري تنهنجو ڀاءُ گمراهہ ٿئي.</verse>
				<verse number="22">جيڪو تنهنجو اعتقاد آهي سو خدا جي اڳيان پنهنجي دل ئي ۾ رک؛ مبارڪ آهي اُهو ماڻهو، جو جيڪا شيءِ هن جي نظر ۾ چڱي آهي، تنهن تي شڪ شبهو نٿو ڪري.</verse>
				<verse number="23">پر جيڪو ڪنهن شيءِ ۾ شڪ شبهو رکي کائيندو، اُهو ڏوهاري ٺهربو، ڇالاءِ جو هو اُها اعتقاد سان نٿو کائي؛ ۽ جيڪي اعتقاد کان ناهي سو گناهہ آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="15">
				<verse number="1">هاڻي اسين جي مضبوط آهيون، تن کي گهرجي تہ هيڻن جون ڪمزوريون برداشت ڪريون، ۽ نہ پاڻ کي خوش ڪريون.</verse>
				<verse number="2">اسان مان هر ڪنهن کي گهرجي تہ پنهنجي پاڙيسريءَ کي سندس ڀلائيءَ لاءِ اهڙو خوش ڪريون جو هن جو سڌارو ٿئي.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ تہ مسيح بہ پاڻ کي خوش نہ ڪيو، پر لکيل آهي تہ ”جن توکي طعنا هنيا، تن جا طعنا مون تي اچي پيا.“</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ تہ جيڪي بہ ڳالهيون اڳي لکيون ويون هيون، سي اسان جي تعليم لاءِ لکيون ويون، تہ صبر جي ڪري، ۽ پاڪ لکيتن جي تسلي جي ڪري، اسان کي اُميد حاصل ٿئي.</verse>
				<verse number="5">هاڻي صبر ۽ تسلي ڏيڻ وارو خدا شل اوهان کي هي بخشي، تہ مسيح يسوع ۾ اوهين پاڻ ۾ يڪدل ٿي گذاريو:</verse>
				<verse number="6">انهي لاءِ تہ اوهين يڪدل ۽ يڪ زبان ٿي اسان جي خداوند يسوع مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي وڏائي ڪريو.</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري جيئن مسيح خدا جي جلال لاءِ اوهان کي قبول ڪيو، تيئن اوهين بہ هڪ ٻئي کي قبول ڪريو.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو آئون چوان ٿو تہ مسيح خدا جي راستبازيءَ خاطر مختونن جو خادم ٿيو آهي، انهي لاءِ تہ جيڪي واعدا ابن ڏاڏن سان ڪيا ويا هئا سي پورا ڪري،</verse>
				<verse number="9">۽ غير قومون بہ خدا جي رحم ڪري سندس جلال ظاهر ڪن. جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”انهي ڪري آئون غير قومن ۾ تنهنجي تعريف ڪندس، ۽ تنهنجي نالي جا گيت ڳائيندس.“</verse>
				<verse number="10">۽ وري چوي ٿو تہ ”اي غير قومون، سندس اُمت سان گڏ خوشيون ڪريو.“</verse>
				<verse number="11">۽ وري بہ ٿو چوي تہ، ”اي غير قومون، اوهين سڀ خدا جي ساراهہ ڪريو، ۽ سڀيئي قومون سندس تعريف ڪن.“</verse>
				<verse number="12">۽ وري يسعياہ نبي بہ چوي ٿو، تہ ”يسيءَ جي پاڙ ڦٽندي، يعني اهو شخص غير قومن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ ايندو، جنهن تي غير قومون اُميد رکنديون.“</verse>
				<verse number="13">هاڻي خدا، جو اُميد ٿو بخشي، سو شل اوهان کي ايمان آڻڻ جي ڪري خوشي ۽ اطمينان سان ڀرپور ڪري، تہ اوهين پاڪ روح جي قدرت سان اُميد ۾ وڌندا وڃو.</verse>
				<verse number="14">اي منهنجا ڀائرو، مون کي بہ پاڻ اوهان جي نسبت ۾ اهو يقين آهي تہ اوهين نيڪيءَ سان ڀريل، ۽ سڀ علم سان ڀرپور آهيو، ۽ هڪ ٻئي کي نصيحت بہ ڪري سگهو ٿا.</verse>
				<verse number="15">تڏهن بہ آئون ڪجهہ قدر جرئت ڪري اوهان ڏانهن لکان ٿو ۽ ياد ٿو ڏياريانوَ، ڇو جو خدا مون کي اهو فضل بخشيو آهي،</verse>
				<verse number="16">تہ آئون غير قومن لاءِ مسيح يسوع جو خادم ٿيان، ۽ ڪاهنت وانگر خدا جي خوشخبريءَ جي خدمت ڪريان، انهي لاءِ تہ غير قومون نذر جي طور پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ٿي قبول پون.</verse>
				<verse number="17">تنهنڪري مسيح يسوع ۾ مون کي خدا جي خدمت تي فخر آهي.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو مون کي اهڙي همت ڪانهي تہ جيڪي ڳالهيون غير قومن جي تابع ڪرڻ لاءِ، قول توڙي فعل سان مسيح منهنجي معرفت ڪيون، تن کانسواءِ ڪنهن ٻي ڳالهہ جو ذڪر ڪريان،</verse>
				<verse number="19">يعني اُهي ڳالهيون جي نشانين ۽ معجزن جي طاقت سان، ۽ پاڪ روح جي قدرت سان ظاهر ٿيون؛ ايتري قدر جو مون يروشلم کان وٺي چئني پاسي اِلرڪم تائين مسيح جي خوشخبريءَ جي پوريءَ طرح منادي ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="20">۽ اهو پڪو ارادو ڪيو اٿم تہ جتي مسيح جو نالو اڳي نہ ورتو ويو آهي، اتي سندس خوشخبريءَ جي منادي ڪريان، انهي لاءِ تہ ٻئي ماڻهوءَ جي بنياد تي عمارت نہ اڏيان؛</verse>
				<verse number="21">پر جيئن لکيل آهي تہ ”جن کي اُنهي جي خبر نہ پهتي آهي سي ڏسندا، ۽ جن نہ ٻُڌو آهي سي سمجهندا.“</verse>
				<verse number="22">انهي ڪري آئون اوهان ڏانهن اچڻ کان ڪيترائي ڀيرا روڪيو ويس.</verse>
				<verse number="23">پر هاڻي هنن ملڪن ۾ منهنجي ڪابہ ضرورت ڪانہ رهي آهي، ۽ گهڻن ورهين کان اوهان ڏانهن اچڻ جي سڪ اٿم.</verse>
				<verse number="24">تنهنڪري جڏهن آئون اسپين ڏانهن ويندس، تڏهن اُميد اٿم تہ انهي سفر ۾ اوهان وٽان ٿيندو ويندس. ڇالاءِ تہ جڏهن اوهان جي صحبت مان ڪجهہ قدر منهنجي دل ڀربي، تڏهن اوهين مون کي انهي پاسي روانو ڪجو.</verse>
				<verse number="25">پر في الحال آئون پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪرڻ لاءِ يروشلم ڏانهن ٿو وڃان.</verse>
				<verse number="26">ڇالاءِ جو مڪدونيہ ۽ اخيہ وارن جي مرضي آهي تہ يروشلم جي پاڪ ٿيلن ۾ جي غريب آهن، تن لاءِ ڪجهہ نذرانو موڪلين.</verse>
				<verse number="27">هائو، ائين چڱو آهي، ڇو جو هو انهن جا قرضدار بہ آهن، ڇالاءِ تہ جيڪڏهن غير قومون روحاني برڪتن ۾ ساڻن شريڪ ٿيون آهن، تہ مٿن لازم آهي تہ جسماني برڪتن ۾ هنن جي خدمت ڪن.</verse>
				<verse number="28">تنهنڪري جڏهن آئون اهو ڪم پورو ڪندس، ۽ جيڪي گڏ ٿيو، سو هنن کي پهچائي ڏيندس، تڏهن اوهان وٽان ٿيندو اسپين ڏانهن ويندس.</verse>
				<verse number="29">۽ مون کي خبر آهي تہ جڏهن آئون اوهان وٽ ايندس، تڏهن مسيح جي ڪامل برڪت کنيو ايندس.</verse>
				<verse number="30">هاڻي اي ڀائرو، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي خاطر، ۽ روح جي محبت جي خاطر، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ مون سان گڏجي مون لاءِ دليون جانيون خدا کان دعا گهُرندا رهو؛</verse>
				<verse number="31">تہ يهوديہ ۾ جيڪي نافرمان آهن، تن کان آئون ڇُٽي پوان، ۽ يروشلم ۾ جيڪا خدمت ڪرڻي اٿم، سا شل پاڪ ٿيلن وٽ قبول پوي؛</verse>
				<verse number="32">۽ خدا جي مرضيءَ موجب خوشيءَ سان اوهان وٽ اچي، اوهان سان گڏ آرام حاصل ڪريان.</verse>
				<verse number="33">هاڻي خدا، جو اطمينان جو چشمو آهي، سو شل اوهان سڀني سان هجي. آمين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="16">
				<verse number="1">آئون اوهان کي فيبيءَ جي سفارش ٿو ڪريان، جا اسان جي ڀيڻ ۽ ڪنخريہ جي خادمہ آهي،</verse>
				<verse number="2">تہ اوهين هن کي خداوند ۾ قبول ڪريو، جيئن پاڪ ٿيلن کي واجب آهي، ۽ جنهن ڳالهہ ۾ اوهان جي ضرورت هجيس، تنهن ۾ سندس مدد ڪجو، ڇالاءِ جو هوءَ پاڻ بہ گهڻن ئي جي مددگار ٿي رهي آهي، بلڪ خود منهنجي بہ.</verse>
				<verse number="3">پرسڪا ۽ اِڪولہ، جي مسيح يسوع ۾ مون سان گڏ خدمتگار آهن، تن کي سلام ڏجو،</verse>
				<verse number="4">جي منهنجي حياتيءَ جي لاءِ پنهنجو سر ڏيڻ لاءِ تيار هئا، تن جو نہ فقط آئون شڪرگذار آهيان، پر غير قومن جو سڀ ڪليسيائون بہ.</verse>
				<verse number="5">۽ جيڪا ڪليسيا اُنهن جي گهر ۾ آهي، انهي کي بہ سلام ڏجو. منهنجي پياري اپينتس کي سلام ڏجو، جو مسيح جي لاءِ آسيہ جو پهريون ڦل آهي.</verse>
				<verse number="6">مريم کي سلام ڏجو، جنهن اوهان جي لاءِ گهڻي محنت ڪئي.</verse>
				<verse number="7">منهنجن مائٽن ۽ مون سان گڏ قيد ٿيلن، اندرنيڪس ۽ يونياس کي سلام ڏجو، جي رسولن ۾ مشهور آهن، ۽ مون کان اڳي مسيح ۾ شامل ٿيا آهن.</verse>
				<verse number="8">امپلياطس کي سلام ڏجو، جو خداوند ۾ منهنجو پيارو آهي.</verse>
				<verse number="9">اُربانس، جو مسيح ۾ مون سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آهي، تنهن کي ۽ منهنجي پياري استخس کي سلام ڏجو.</verse>
				<verse number="10">اپليس، جو مسيح جو مقبول آهي، تنهن کي سلام ڏجو. ۽ جيڪي ارستبولس جي گهر جا ڀاتي آهن، تن کي سلام ڏجو.</verse>
				<verse number="11">منهنجي مائٽ هيروديون کي سلام ڏجو. نرڪسس جي گهر وارا، جي خداوند ۾ آهن، تن کي سلام ڏجو.</verse>
				<verse number="12">تروفينا ۽ تروفوسہ، جي خداوند ۾ محنت ٿيون ڪن، تن کي سلام ڏجو. پياري پرسس کي سلام ڏجو، جنهن خداوند ۾ گهڻو پورهيو ڪيو.</verse>
				<verse number="13">روفس، جو خداوند ۾ چونڊيل آهي، ۽ سندس ماءُ، جا منهنجي بہ ماءُ آهي، تن کي سلام ڏجو.</verse>
				<verse number="14">اسنڪرتس ۽ فلگون ۽ هروميس ۽ پترباس ۽ هرماس ۽ ٻيا جيڪي ڀائر ساڻن آهن تن کي سلام ڏجو.</verse>
				<verse number="15">فِللگس ۽ يوليہ ۽ نيريوس ۽ سندس ڀيڻ، ۽ المپاس ۽ اُنهن سڀني پاڪ ٿيلن کي، جي ساڻن آهن، تن کي سلام ڏجو.</verse>
				<verse number="16">هڪ ٻئي کي پاڪ چُمي ڏيئي سلام چئجو. مسيح جون سڀ ڪليسيائون اوهان کي سلام ٿيون ڏين.</verse>
				<verse number="17">هاڻي ڀائرو، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ جيڪا تعليم اوهان کي ملي آهي، تنهن جي برخلاف جيڪي نفاق ٿا وجهن ۽ گمراهہ ڪرڻ جو سبب ٿا بڻجن، تن کي نظر ۾ رکجو، ۽ کانئن پاسو ڪجو.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو جيڪي اهڙا آهن سي اسان جي خداوند مسيح جي خدمت نہ پر پنهنجي پيٽ جي ٿا ڪن؛ ۽ پنهنجي سڻڀيءَ ۽ مٺي ٻوليءَ سان ڀورڙن جون دليون ٿا ٺڳين.</verse>
				<verse number="19">هن ڪري جو اوهان جي فرمانبرداري سڀني ماڻهن کي معلوم ٿي ويئي آهي، تنهنڪري آئون اوهان جي ڪري ڏاڍو خوش ٿو ٿيان: پر منهنجي مرضي آهي تہ اوهين چڱين ڳالهين ۾ ڏاها، ۽ خراب ڳالهين ۾ ڀورڙا ٿي رهو؛</verse>
				<verse number="20">پوءِ خدا، جو اطمينان جو چشمو آهي، سو شيطان کي سگهو ئي اوهان جي پيرن هيٺ لتاڙي ڇڏيندو. اسان جي خداوند يسوع مسيح جو فضل شل اوهان سڀني تي هجي.</verse>
				<verse number="21">منهنجو هم خدمت تيمٿيس، منهنجا مائٽ لوڪيس ۽ ياسون ۽ سوسيپطرس اوهان کي سلام ٿا ڏين.</verse>
				<verse number="22">آئون ترتيس، هن خط جو لکندڙ، خداوند ۾ اوهان کي سلام ٿو ڏيان.</verse>
				<verse number="23">منهنجو ۽ ساريءَ ڪليسيا جو مهماندار گيس اوهان کي سلام ٿو ڏئي. ارستس، شهر جو خزانچي ۽ ڪوارتس اسان جو ڀاءُ، اوهان کي سلام ٿا ڏين.</verse>
				<verse number="24">(اسان جي خداوند يسوع مسيح جو فضل اوهان سڀني تي هجي. آمين.)</verse>
				<verse number="25">هاڻي جو راز ازل کان وٺي پوشيدہ رکيو ويو هو، ۽ جو هاڻي ازلي خدا جي حڪم موجب نبين جي لکيتن جي وسيلي، سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهي لاءِ تہ هو ايمان جا تابعدار ٿين،</verse>
				<verse number="26">تنهن راز جي ظاهر ٿيڻ موجب خدا منهنجي خوشخبري، يعني يسوع مسيح جي بابت جيڪا منادي ٿي آهي، تنهن ۾ اوهان کي مضبوط ڪري؛</verse>
				<verse number="27">۽ انهي واحد ۽ داناءُ خدا جو جلال يسوع مسيح جي معرفت هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="46">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب يسوع مسيح جو رسول ٿيڻ لاءِ سڏيو ويو آهي، ۽ ڀاءُ سوسٿنيس جي طرفان،</verse>
				<verse number="2">خدا جي انهي ڪليسيا ڏانهن جا ڪرنٿس ۾ آهي، يعني انهن ڏانهن جي مسيح يسوع ۾ پاڪ ڪيا ويا آهن، ۽ انهي لاءِ سڏيا ويا آهن تہ انهن سڀني سان گڏجي پاڪ ٿين، جي هر ڪنهن هنڌ پنهنجي ۽ اسان جي خداوند يسوع مسيح جو نالو ٿا وٺن.</verse>
				<verse number="3">اسان جي پيءُ خدا، ۽ خداوند يسوع مسيح کان فضل ۽ اطمينان اوهان کي ملندو رهي.</verse>
				<verse number="4">آئون هميشہ اوهان لاءِ خدا جي انهي فضل جي ڪري شڪر ٿو ڪريان، جو هن مسيح يسوع ۾ اوهان تي ڪيو آهي،</verse>
				<verse number="5">جو اوهين انهي ۾ ٿي ڪري سڀني ڳالهين ۾، يعني ڪلام ۽ علم ۾ دولتمند ٿي ويا آهيو،</verse>
				<verse number="6">جيئن مسيح جي شاهدي اوهان ۾ قائم آهي،</verse>
				<verse number="7">جنهنڪري اوهان کي ڪنهن بہ نعمت جي ڪمي ڪانهي، ۽ اسان جي خداوند يسوع مسيح جي ظاهر ٿيڻ جي انتظار ۾ آهيو؛</verse>
				<verse number="8">جو اوهان کي پڇاڙيءَ تائين قائم بہ رکندو، انهي لاءِ تہ اوهين اسان جي خداوند يسوع مسيح جي ڏينهن بي عيب هجو.</verse>
				<verse number="9">خدا سچو آهي، جنهن اوهان کي پنهنجي فرزند، اسان جي خداوند يسوع مسيح سان شريڪ ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي.</verse>
				<verse number="10">هاڻي اي ڀائرو، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي نالي اوهان کي عرض ٿو ڪريان، تہ اوهين سڀيئي هڪ ڳالهہ تي اچي بيهو: ۽ اوهان ۾ ڪي بہ جدائيون نہ پون، بلڪ اوهين يڪدل ۽ يڪراءِ ٿي پاڻ ۾ گڏجي يڪ مُشت ٿيو.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو اي ڀائرو، اوهان جي نسبت مون کي ڪلوئيءَ جي گهراڻي وارن کان معلوم ٿيو آهي تہ اوهان ۾ جهيڙا جهڳڙا آهن.</verse>
				<verse number="12">هاڻي منهنجو مطلب هي آهي تہ اوهان مان ڪو پيو چوي تہ آئون پولس جو آهيان، ۽ ڪو تہ آئون اپلوس جو آهيان، ۽ ڪو تہ آئون ڪيفاس جو آهيان، ۽ ڪو تہ آئون مسيح جو آهيان.</verse>
				<verse number="13">ڇا مسيح تقسيم ٿي ويو آهي؟ ڇا اوهان جي لاءِ پولس صليب تي چاڙهيو ويو هو؟ يا اوهان پولس جي نالي بپتسما ورتي هئي؟</verse>
				<verse number="14">آئون خدا جو شڪر ٿو ڪريان تہ مون ڪرسپس ۽ گيس کان سواءِ اوهان مان ڪنهن کي بہ بپتسما نہ ڏني؛</verse>
				<verse number="15">تہ متان ڪو ماڻهو چوي تہ اوهان کي منهنجي نالي تي بپتسما ملي.</verse>
				<verse number="16">(مون استفناس جي گهراڻي کي بہ بپتسما ڏني، انهن کانسواءِ مون کي نٿو سُجهي تہ ٻئي ڪنهن کي مون بپتسما ڏني.)</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو مسيح مون کي بپتسما ڏيڻ لاءِ نہ، پر خوشخبري ٻُڌائڻ لاءِ موڪليو، سو بہ فصيح ڏاهپ ڪري نہ، متان مسيح جو صليب بي اثر ٿي پوي.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو صليب جو پيغام اُنهن لاءِ بيوَقوفي آهي جي برباد پيا ٿين، پر اسين جي نجات حاصل پيا ڪريون، تن جي لاءِ اهو خدا جي قدرت آهي.</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ جو لکيل آهي، تہ ”آئون ڏاهن جي ڏاهپ چٽ ڪندس، ۽ سياڻن جي سياڻپ رد ڪندس.“</verse>
				<verse number="20">ڪٿي آهي ڏاهو؟ ڪٿي آهي عالم؟ ڪٿي آهي جهان جو بحث ڪندڙ؟ خدا جهان جي ڏاهپ کي بيوَقوفي ڪري نہ ڇڏيو آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو جڏهن خدا جي ڏاهپ موجب جهان پنهنجي ڏاهپ سان خدا کي نہ سڃاتو، تڏهن خدا جي اها مرضي ٿي تہ مناديءَ جي بيوَقوفيءَ جي وسيلي، ايمان آڻڻ وارن کي نجات ڏئي.</verse>
				<verse number="22">هن ڪري جو يهودي نشان ٿا گهُرن، ۽ يوناني ڏاهپ جا طالب آهن،</verse>
				<verse number="23">پر اسين مسيح مصلوب جي منادي ٿا ڪريون، جو يهودين جي لاءِ ٿاٻي کائڻ جو پهڻ، ۽ غير قومن جي لاءِ بيوَقوفي آهي؛</verse>
				<verse number="24">پر يهودي توڙي يوناني، جي سڏيا ويا آهن، تن جي لاءِ مسيح خدا جي قدرت ۽ خدا جي ڏاهپ آهي.</verse>
				<verse number="25">ڇالاءِ جو خدا جي بيوَقوفي ماڻهن کان زيادہ ڏاهپ واري آهي، ۽ خدا جي ڪمزوري ماڻهن کان زيادہ زور واري آهي.</verse>
				<verse number="26">ڇالاءِ جو اي ڀائرو، اوهان کي جا ڪوٺ ٿي آهي، تنهن تي نظر ڪري ڏسو، اوهان مان ڪي گهڻا دنياوي طور ڏاها نہ هئا، نڪي گهڻا زوراور هئا، نڪي گهڻا شاهاڻا هئا.</verse>
				<verse number="27">پر خدا جهان جي بيوَقوفن کي چونڊيو، انهي لاءِ تہ جيڪي ڏاها آهن، تن کي شرمندو ڪري؛ ۽ خدا جهان جي ڪمزورن کي چونڊيو تہ زور وارن کي شرمندو ڪري؛</verse>
				<verse number="28">۽ خدا جهان جي ڪميڻن ۽ حقيرن، يعني جيڪي ليکي ۾ ئي ڪين هئا، تن کي چونڊيو، انهي لاءِ تہ جيڪي ليکجڻ ۾ اچن ٿا، تن کي نيست ڪري؛</verse>
				<verse number="29">تہ متان ڪو انسان خدا جي اڳيان فخر ڪري.</verse>
				<verse number="30">اُهو ئي اوهان جو مسيح يسوع ۾ اصل آهي، جنهن کي خدا اسان جي لاءِ دانائي بنايو، يعني اسان جي راستبازي، ۽ پاڪيزگي، ۽ نجات.</verse>
				<verse number="31">انهي لاءِ تہ جيئن لکيل آهي تہ ”جيڪو فخر ڪري سو خداوند تي فخر ڪري.“</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">اي ڀائرو، جڏهن آئون اوهان وٽ آيس، تڏهن اعليٰ درجي جي تقرير ۽ ڏاهپ سان خدا جي راز جي منادي ڪين ڪيم.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو مون پڪو ارادو ڪيو هو تہ اوهان منجهہ رهي، يسوع مسيح، بلڪ مسيح مصلوب کانسواءِ، ٻيو ڪي ڪين ڄاڻيندس.</verse>
				<verse number="3">۽ جڏهن آئون اوهان وٽ هوس، تڏهن ڪمزوريءَ، ۽ گهڻي ڊپ، ۽ ڏڪڻيءَ جي حالت ۾ رهيس.</verse>
				<verse number="4">۽ منهنجي تقرير ۽ منهنجي منادي ڏاهپ جي دلڪش لفظن ۾ نہ هئي، مگر روح ۽ قدرت جي ڪري ثابت ٿي ويئي،</verse>
				<verse number="5">انهي لاءِ تہ اوهان جو ايمان اسان جي ڏاهپ تي نہ، پر خدا جي قدرت تي قائم رهي.</verse>
				<verse number="6">انهي هوندي بہ جيڪي ڪامل آهن، تن کي اسين ڏاهپ جون ڳالهيون ٿا ٻُڌايون. پر نہ هن دنيا جي ڏاهپ، نڪي هن دنيا جي حاڪمن جي ڏاهپ، جي نيست ٿي ويندا.</verse>
				<verse number="7">پر اسين هڪ راز يعني خدا جي اُها دانائي جا پوشيدہ هئي، ۽ جنهن کي خدا جهان جي شروعات کان اڳيئي اسان جي جلال لاءِ مقرر ڪيو هو، تنهن جو بيان ٿا ڪريون.</verse>
				<verse number="8">هن جهان جي حاڪمن مان ڪنهن کي انهي جي سمجهہ ڪانہ هئي؛ ڇالاءِ تہ جي کين انهي جي سمجهہ هجي ها، تہ جلال واري خداوند کي صليب تي ڪين چاڙهين ها.</verse>
				<verse number="9">پر جيئن لکيل آهي، تہ ”جيڪي شيون اکين نہ ڏٺيون ۽ ڪنن نہ ٻُڌيون، ۽ جي ماڻهوءَ جي خيال ۾ نہ آيون، سي سڀ خدا اُنهن جي لاءِ تيار ڪيون جي کيس پيار ٿا ڪن.“</verse>
				<verse number="10">اُهي خدا پنهنجي روح جي وسيلي اسان تي ظاهر ڪيون: ڇالاءِ جو روح سڀني ڳالهين کي پرکي ٿو، بلڪ خدا جي ڳوڙهين ڳالهين کي سمجهي ٿو وٺي.</verse>
				<verse number="11">ڇوتہ ماڻهن منجهہ اهو ڪير آهي جو ماڻهوءَ جا خيال ٿو سمجهي، سواءِ انهي ماڻهوءَ جي روح جي، جو منجهس آهي؟ ساڳيءَ طرح خدا جا خيال خدا جي روح کانسواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ ٿو سمجهي.</verse>
				<verse number="12">۽ اسان کي دنيا جو روح نہ، پر اهو روح مليو جو خدا جي طرفان آهي، انهي لاءِ تہ اسين خدا جي نعمتن کي سمجهي سگهون.</verse>
				<verse number="13">انهن ڳالهين جو اسين اهڙن لفظن ۾ بيان نٿا ڪريون، جي ماڻهوءَ جي ڏاهپ ٿي سيکاري، پر اهڙن ۾ جي روح ٿو سيکاري، ۽ روحاني ڳالهين جو روحاني ڳالهين سان مقابلو ٿا ڪريون.</verse>
				<verse number="14">هاڻي جسماني ماڻهو خدا جي روح جون ڳالهيون قبول نٿو ڪري، ڇالاءِ جو اُهي هن جي لاءِ بيوَقوفي آهن، ۽ اهي هو سمجهي بہ نہ ٿو سگهي، ڇالاءِ جو اهي روحاني طرح جاچي سگهبيون آهن.</verse>
				<verse number="15">پر جيڪو روحاني ماڻهو آهي سو سڀ ڳالهيون جاچي ٿو، پر خود کيس ڪو ٻيو نٿو جاچي.</verse>
				<verse number="16">”ڇالاءِ جو اهو ڪير آهي جنهن خدا جي خيالن کي سمجهيو آهي جو کيس سيکاري سگهي؟“ پر اسان ۾ مسيح جي سمجهہ آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">۽ اي ڀائرو، آئون اوهان سان اهڙيءَ طرح ڳالهائي نہ سگهيس جهڙيءَ طرح اُنهن سان ڳالهائبو آهي جي روحاني آهن، پر اهڙيءَ طرح جيئن جسماني ماڻهن سان ڳالهائبو آهي، يعني انهن سان جي مسيح ۾ ٻارڙا آهن.</verse>
				<verse number="2">مون اوهان کي کير پياريو پر کاڌو نہ کارايو، ڇالاءِ جو اوهين اڃا انهي کي هضم ڪرڻ جهڙا نہ هئا، نڪي هاڻي اهڙا ٿيا آهيو؛</verse>
				<verse number="3">هن ڪري جو اوهين اڃا جسماني آهيو، ڇو جو جڏهن اوهان ۾ حسد ۽ جهيڙو جهڳڙو آهي، تڏهن اوهين جسماني ناهيو ڇا، ۽ دنياوي ماڻهن وانگر نٿا هلو ڇا؟</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ تہ جڏهن هڪڙو چوي ٿو تہ آئون پولس جو آهيان، ۽ ٻيو چوي ٿو تہ آئون اپلوس جو آهيان، تڏهن اوهين عام ماڻهو نہ ٿيا تہ ٻيو ڇا؟</verse>
				<verse number="5">اپلوس ڪير آهي؟ ۽ پولس ڪير آهي؟ اُهي خادم آهن جن جي وسيلي اوهان ايمان آندو، ۽ جيئن هر ڪنهن کي خدا برڪت ڏني تيئن هن خدمت ڪئي.</verse>
				<verse number="6">مون پوکيو ۽ اپلوس پاڻي ڏنو، پر خدا انهي کي وڌايو.</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري پوکيندڙ يا پاڻي ڏيندڙ ٻئي ڪي ڪين آهن، پر خدا ئي آهي جو وڌائي ٿو.</verse>
				<verse number="8">هاڻي جيڪو پوکي ٿو ۽ جيڪو پاڻي ڏئي ٿو، سي ٻئي هڪ آهن، ۽ هر ڪنهن کي سندس پورهئي موجب اُجورو ملندو.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو اسين سڀ خدا سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا آهيون، اوهين خدا جي پوک ۽ خدا جي عمارت آهيو.</verse>
				<verse number="10">جيڪو خدا جو فضل مون کي عطا ٿيو هو، تنهن موجب مون هڪڙي اُستاد رازي وانگر بنياد وڌو، ۽ ٻيو انهي تي اڏاوت ٿو ڪري. پر هرهڪ ماڻهوءَ کي خبردار رهڻ کپي تہ اهو مٿس ڪيئن ٿو اڏاوت ڪري.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو جيڪو بنياد پيل آهي، سو يسوع مسيح آهي، تنهن کانسواءِ ٻيو بنياد ڪوبہ ماڻهو وجهي ڪين سگهندو.</verse>
				<verse number="12">پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهي بنياد تي سون، رپو، جواهر، ڪاٺ، گاهہ يا ڪکن جي اڏاوت ڪندو،</verse>
				<verse number="13">تہ هر ڪنهن جو ڪم ظاهر ٿي پوندو، ڇالاءِ جو اُهو ڏينهن انهن کي پڌرو ڪندو، جڏهن باهہ نازل ٿيندي، ۽ خود باهہ هرهڪ ماڻهوءَ جو ڪم پرکيندي تہ ڪهڙي قسم جو آهي.</verse>
				<verse number="14">جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪم، جو هن تي اڏيل هوندو، سو جٽاءُ ڪندو تہ انهي کي اُجورو ملندو.</verse>
				<verse number="15">جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪم سڙي ويندو تہ انهي کي نقصان رسندو، پر هو پاڻ بچي ويندو، پر ٻرندي ٻرندي.</verse>
				<verse number="16">اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهين خدا جي هيڪل آهيو، ۽ خدا جو روح اوهان ۾ ٿو رهي؟</verse>
				<verse number="17">جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا جي هيڪل برباد ڪندو تہ خدا انهي کي برباد ڪندو، ڇالاءِ جو خدا جي هيڪل پاڪ آهي ۽ اُها هيڪل اوهين آهيو.</verse>
				<verse number="18">ڪوبہ ماڻهو پاڻ کي نہ ٺڳي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان منجهان ڀانئين تہ هن جهان ۾ ڏاهو ليکجان تہ بيوَقوف ٿئي، تان تہ هو ڏاهو ٿي پوي.</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ جو هن جهان جي ڏاهپ خدا جي اڳيان بيوَقوفي آهي. هن ڪري جو لکيل آهي تہ ”هو ڏاهن کي سندن هوشياريءَ ۾ ٿو ڦاسائي.“</verse>
				<verse number="20">۽ هيئن بہ چيل آهي، تہ ”خداوند ڏاهن جا خيال ڄاڻي ٿو تہ اجايا آهن.“</verse>
				<verse number="21">تنهنڪري ڪوبہ انسان تي فخر نہ ڪري. ڇالاءِ جو سڀ شيون اوهان جون آهن،</verse>
				<verse number="22">ڇا پولس ڇا اپلوس، ڇا ڪيفاس، ڇا جهان، ڇا حياتي، ڇا موت، ڇا هاڻوڪي وقت جون شيون، ڇا ايندڙ وقت جون شيون، سڀ اوهان جون آهن؛</verse>
				<verse number="23">۽ اوهين مسيح جا آهيو، ۽ مسيح خدا جو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">گهرجي تہ ماڻهو اسان کي مسيح جا خادم ۽ خدا جي رازن جا مختيار سمجهن.</verse>
				<verse number="2">هاڻي مختيارن ۾ اها ڳالهہ ضروري آهي تہ هو ايماندار هجن.</verse>
				<verse number="3">پر منهنجي نظر ۾ اها ڳالهہ تمام خسيس آهي تہ اوهين يا ڪابہ انساني عدالت منهنجي جاچ ڪري، بلڪ آئون پاڻ بہ پنهنجي جاچ نٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو آئون پنهنجي برخلاف ڪي بہ ڪين ٿو ڄاڻان، تڏهن بہ انهي ڪري آئون راستباز نٿو ٺهرجان. پر منهنجو جاچيندڙ خداوند آهي.</verse>
				<verse number="5">تنهنڪري جيسين ڪ خداوند نہ اچي، تيسين وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، جو هو اونداهيءَ ۾ لڪل شيون سوجهري ۾ آڻيندو ۽ دلين جون رٿون ظاهر ڪندو. پوءِ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي تعريف خدا جي طرفان ٿيندي.</verse>
				<verse number="6">هاڻي اي ڀائرو، انهن ڳالهين ۾ مون اوهان جي خاطر پنهنجو ۽ اپلوس جو ذڪر مثال طور ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ اوهين اسان کان سکو تہ جيڪي پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تنهن موجب هلو، ۽ اوهان مان ڪو هڪڙي جو طرف وٺي ٻئي جي برخلاف نہ ڳالهائي.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو تو ۾ ۽ ٻئي ۾ تفاوت ڪير ٿو پيدا ڪري؟ ۽ تو وٽ اُها ڪهڙي شيءِ آهي جا توکي نہ ملي آهي؟ پر جي اُها توکي مفت ملي آهي، تہ پوءِ فخر ڇو ٿو ڪرين، جو ڄڻ تہ ڪانہ ملي اٿيئي؟</verse>
				<verse number="8">اوهين اڳيئي ڍاول آهيو! اوهين اڳيئي دولتمند ٿيا آهيو! اوهان اسان کانسواءِ بادشاهي ڪئي آهي! هائو، شل اوهين بادشاهي ڪريو، تہ من اسين بہ اوهان سان گڏ بادشاهي ڪريون!</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو آئون ڀانيان ٿو تہ خدا اسان رسولن کي سڀني کان پويون ٺهرائي، اهڙن ماڻهن وانگر پڌرو ڪيو آهي، جن کي موت جي سزا ڏنل هجي؛ هن ڪري جو اسين جهان ۽ ملائڪن ۽ ماڻهن لاءِ هڪڙو تماشو ڪيا ويا آهيون.</verse>
				<verse number="10">اسين مسيح جي خاطر بيوقوف آهيون، پر اوهين مسيح ۾ ڏاها آهيو؛ اسين ضعيف آهيون، پر اوهين زور وارا آهيو. اوهين عزت وارا آهيو، پر اسين بي عزت آهيون.</verse>
				<verse number="11">بلڪ هن گهڙيءَ تائين اسين بکيا ۽ اُڃيا ۽ اُگهاڙا بہ آهيون، ۽ ڌڪا پيا کائون، ۽ ڪا رهڻ جي جاءِ ڪانہ اٿئون؛</verse>
				<verse number="12">۽ پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪيو پيا هڄون. جڏهن اسان کي گهٽ وڌ ٿا ڳالهائين، اسين کين دعا ٿا ڏيون، جڏهن اسان کي ستائين ٿا، اسين صبر سان پيا سهون؛</verse>
				<verse number="13">جڏهن اسان جي بدنامي ٿا ڪن، اسين منٿ زاري ٿا ڪريون؛ اسين هن وقت تائين جهان جو گند ڪچرو ۽ سڀني شين جي ٻهر وانگر پيا ليکجون.</verse>
				<verse number="14">آئون هي ڳالهيون انهي لاءِ نٿو لکان تہ اوهان کي شرمندو ڪريان، پر پنهنجا پيارا ٻار ڄاڻي اوهان کي نصيحت ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ اوهان کي مسيح ۾ ڏهہ هزار اُستاد هجن تہ بہ اوهان جا گهڻا ابا ناهن. ڇالاءِ جو خوشخبريءَ جي وسيلي آئون ئي اوهان جو مسيح يسوع ۾ پيءُ ٿيس.</verse>
				<verse number="16">تنهنڪري آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ اوهين بہ مون جهڙا ٿيو.</verse>
				<verse number="17">انهي سبب ڪري مون تيمٿيس کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي، جو خداوند ۾ منهنجو پيارو ۽ ايماندار فرزند آهي، ۽ اُهو منهنجي هلت چلت جا مسيح ۾ آهي سا اوهان کي ياد ڏياريندو، جيئن ڪ آئون جتي ڪٿي سڀ ڪنهن ڪليسيا ۾ تعليم ڏيندو رهيو آهيان.</verse>
				<verse number="18">هاڻي ڪي ٻٽاڪ پيا هڻن، جو ڀائين ٿا تہ آئون اوهان وٽ ايندس ئي ڪونہ.</verse>
				<verse number="19">پر جي خدا جي مرضي ٿي تہ آئون جلد اوهان وٽ ايندس، ۽ جيڪي ٻٽاڪي آهن تن جي ڳالهين جي نہ، پر هنن جي طاقت جي خبر لهندس.</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ جو خدا جي بادشاهت ڳالهين تي نہ پر طاقت تي منحصر آهي.</verse>
				<verse number="21">اوهين ڇا ٿا گهُرو؟ آئون لٺ کڻي اوهان وٽ اچان يا پيار ۽ نرم مزاجيءَ سان؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">ايتري قدر بہ ٻُڌڻ ۾ ٿو اچي تہ اوهان ۾ زناڪاري آهي، ۽ زناڪاري بہ اهڙي جا غير قومن ۾ بہ ڪانهي؛ بلڪ اوهان مان هڪڙو تہ پنهنجي پيءُ جي زال ويهاريو ويٺو آهي.</verse>
				<verse number="2">اوهين انهي تي افسوس تہ ڪونہ ٿا ڪريو، تہ جنهن اهڙو ڪم ڪيو آهي تنهن کي پنهنجي وچان ڪڍي ڇڏڻ بدران پاڻ ٻٽاڪون پيا هڻو.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو آئون جو جسم جي ڪري غير حاضر آهيان، پر روح جي ڪري حاضر آهيان، سو انهي ڪم ڪرڻ واري تي اڳيئي خداوند يسوع جي نالي اهڙي طرح فتويٰ ڏيئي چڪو آهيان ڄڻ تہ آئون هڪيو حاضر هوس.</verse>
				<verse number="4">جڏهن اوهين ۽ منهنجو روح خداوند يسوع جي قدرت سان پاڻ ۾ گڏجو،</verse>
				<verse number="5">تڏهن اهڙي شخص کي جسم جي برباديءَ لاءِ شيطان جي حوالي ڪري ڇڏجو، تہ هن جو روح خداوند يسوع جي ڏينهن بچي پوي.</verse>
				<verse number="6">اوهين جو فخر ٿا ڪريو سو چڱو نہ آهي. اها خبر نہ اٿوَ ڇا، تہ ٿورو ئي خمير ساري ڳوهيل اٽي کي خميرو ڪيو ڇڏي؟</verse>
				<verse number="7">جيئن تہ اوهين بي خمير آهيو، پراڻو خمير ڪڍي ڦٽو ڪريو، تہ نئون تازو ڳوهيل اٽو ٿي پئو. ڇالاءِ جو اسان جو فسح بہ قربان ٿي ويو آهي، يعني مسيح.</verse>
				<verse number="8">تنهنڪري اچو تہ عيد ڪريون، نہ پراڻي خمير سان، نڪي برائيءَ ۽ شرارت جي خمير سان، پر صاف دليءَ ۽ سچائيءَ جي بي خميري مانيءَ سان.</verse>
				<verse number="9">مون پنهنجي خط ۾ اوهان ڏانهن لکيو هو تہ زناڪارن سان صحبت نہ رکو.</verse>
				<verse number="10">ائين نہ آهي تہ هن جهان جي زناڪارن سان يا لالچين ۽ ظالمن سان، يا بت پرستن سان لاڳاپا ئي لاهي ڇڏيو، ڇالاءِ جو ائين ڪرڻ سان اوهان کي ضرور جهان مان نڪري وڃڻو پوندو.</verse>
				<verse number="11">پر هاڻي آئون اوهان کي لکان ٿو تہ جيڪي ڀائر ٿا سڏائين، تن مان جيڪڏهن ڪو زناڪار، يا لالچي، يا بت پرست، يا گلاخور، يا شرابي، يا ظالم هجي تہ انهي سان صحبت نہ رکو، ۽ اهڙي ماڻهوءَ سان گڏ کائو بہ نہ.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ تہ جيڪي ڌاريا آهن تن تي فتويٰ ڏيڻ سان منهنجو ڪهڙو واسطو؟ ائين نہ آهي ڇا تہ اوهين انهن تي فتويٰ ڏيندا جي پنهنجا آهن؟</verse>
				<verse number="13">پر جيڪي ٻاهر آهن تن تي خدا فتويٰ ٿو ڏئي. سو اُنهي شرير ماڻهوءَ کي پاڻ منجهان ڪڍي ڇڏيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">اوهان مان ڪنهن کي اهڙي همت آهي ڇا تہ جي ٻئي ڪنهن سان معاملو هجيس تہ فيصلي جي لاءِ پاڪ ٿيلن وٽ نہ، پر بي دينن وٽ وڃي؟</verse>
				<verse number="2">يا ايترو نٿا ڄاڻو ڇا تہ پاڪ ٿيل دنيا جو انصاف ڪندا؟ ۽ جي دنيا جو انصاف اوهان جي هٿان ٿيڻو آهي، تہ ننڍڙن معاملن جي فيصل ڪرڻ جا بہ اوهين لائق نہ آهيو ڇا؟</verse>
				<verse number="3">اوهين ايترو نٿا ڄاڻو ڇا تہ اسين ملائڪن جو انصاف ڪنداسين؟ تڏهن دنياوي معاملا ڇو نہ فيصل ڪريون؟</verse>
				<verse number="4">تنهنڪري جي اوهان کي دنياوي معاملا فيصل ڪرائڻا هجن، تہ انهن جي فيصلي لاءِ جيڪي ڪليسيا ۾ ڪين جهڙا ٿا ليکجن تن کي مقرر ڪندا ڇا؟</verse>
				<verse number="5">اهو اوهان کي انهي ڪري ٿو چوان تہ شرم اچيوَ. ائين آهي ڇا تہ اوهان ۾ هڪڙو ڏاهو ماڻهو بہ لڀي نٿو سگهي، جو پنهنجن ڀائرن جو فيصلو ڪري،</verse>
				<verse number="6">پر ڀاءُ ڀاءُ تي مقدمو ٿو هلائي، سو بہ بي دينن جي اڳيان؟</verse>
				<verse number="7">پر حقيقت ڪري اها اصل اوهان جي شڪست آهي جو اوهين هڪ ٻئي تي مقدما ٿا ڪريو. انهي کان ظلم سهڻ ڇو نٿا بهتر ڄاڻو؟ ۽ ڦرجڻ ڇو نٿا قبول ڪريو؟</verse>
				<verse number="8">پر اوهين پاڻ ظلم ٿا ڪريو ۽ ڦريو پيا، سو بہ پنهنجن ڀائرن کي.</verse>
				<verse number="9">يا اوهين نٿا ڄاڻو تہ بدڪار خدا جي بادشاهت جا وارث نہ ٿيندا؟ ڀلجي نہ وڃو، نڪي زناڪار، نڪي بُت پرست، نڪي حرامڪار، نڪي عياش، نڪي لونڊي باز،</verse>
				<verse number="10">نڪي چور، نڪي لالچي، نڪي شرابي، نڪي گارگند ڏيندڙ، نڪي ظالم خدا جي بادشاهت جا وارث ٿيندا.</verse>
				<verse number="11">۽ اوهان مان ڪي اهڙا ئي هئا، پر اوهين خداوند يسوع مسيح جي نالي سان ۽ اسان جي خدا جي روح سان ڌوپي ويا، ۽ پاڪ ٿي ويا، ۽ راستباز ٺهرايا ويا.</verse>
				<verse number="12">سڀ شيون منهنجي لاءِ روا آهن، پر سڀ شيون فائدي واريون نہ آهن. سڀ شيون منهنجي لاءِ روا تہ آهن، پر آئون ڪنهن جو بہ غلام ڪين ٿيندس.</verse>
				<verse number="13">کاڌو پيٽ لاءِ آهي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ، پر خدا ٻنهي کي چٽ ڪري ڇڏيندو. بدن زناڪاريءَ جي لاءِ ڪينهي پر خداوند جي لاءِ آهي، ۽ خداوند بدن جي لاءِ آهي.</verse>
				<verse number="14">۽ خدا اسان کي بہ پنهنجي قدرت سان اُٿاريندو، جنهن خداوند کي بہ جياري اُٿاريو.</verse>
				<verse number="15">اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهان جا بدن مسيح جا عضوا آهن؟ تڏهن آئون مسيح جا عضوا کڻي ڪنهن ڪسبيءَ جا عضوا ڪريان ڇا؟ اصل ئي نہ!</verse>
				<verse number="16">يا اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ جيڪو ڪڃريءَ سان گڏ ٿو ٿئي، سو اُنهي سان هڪ بدن ٿو ٿئي؟ ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”اُهي ٻئي هڪڙو جسم ٿي پوندا.“</verse>
				<verse number="17">پر جيڪو خداوند سان گڏ ٿو ٿئي، سو انهي سان هڪڙو روح ٿيو پوي.</verse>
				<verse number="18">زناڪاريءَ کان ڀڄو جيڪو بہ گناهہ ماڻهو ڪري ٿو، سو بدن کان ٻاهر آهي، پر جيڪو زنا ٿو ڪري، سو خود پنهنجي بدن جي برخلاف گناهہ ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="19">اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهان جو بدن پاڪ روح جي هيڪل آهي، جو اوهان ۾ رهي ٿو ۽ جو اوهان کي خدا کان مليل آهي؟ ۽ اوهين پاڻ پنهنجا نہ آهيو؛</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ تہ ملهہ ڳڌل آهيو. تنهنڪري پنهنجي بدن سان خدا جو جلال ظاهر ڪريو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">هاڻي جن ڳالهين بابت اوهان لکيو هو، تن بابت منهنجو چوڻ آهي، تہ ماڻهوءَ لاءِ چڱو ائين آهي تہ ڪنهن زال کي هٿ نہ لائي.</verse>
				<verse number="2">پر متان زناڪاريون ٿين، تنهنڪري ڀلي تہ هرڪو مرد ۽ هرڪا زال شادي ڪري.</verse>
				<verse number="3">مڙس، زال جا حق ادا ڪري، ۽ ساڳيءَ طرح زال بہ مڙس جو حق ادا ڪري.</verse>
				<verse number="4">زال پنهنجي بدن جي مختيار نہ آهي، پر سندس مڙس؛ ۽ ساڳيءَ طرح مڙس بہ پنهنجي بدن جو مختيار نہ آهي، پر سندس زال.</verse>
				<verse number="5">اوهين هڪ ٻئي کان ڌار نہ رهو، پر فقط ٿوري وقت لاءِ ٻنهي جي رضامنديءَ سان ائين ڪريو، تہ اوهين دعا ۾ لڳي سگهو. ۽ پوءِ وري پاڻ ۾ گڏ ٿيو، متان نفس جي غالب پوڻ ڪري شيطان اوهان کي آزمائي.</verse>
				<verse number="6">پر انهيءَ ڳالهہ جي آئون اجازت ٿو ڏيان ۽ نہ حڪم ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="7">انهي هوندي بہ منهنجي اها خواهش آهي تہ سڀ ماڻهو مون جهڙا هجن. پر هرهڪ ماڻهوءَ کي خدا کان پنهنجي پنهنجي بخشش ملي آهي، هڪڙي کي هِن طرح، ٻئي کي هُن طرح.</verse>
				<verse number="8">پر ڪنوارين ۽ بيوهہ زالن کي منهنجو چوڻ آهي تہ جيئن آئون اڪيلو ٿو رهان، تيئن هو بہ رهن تہ چڱو آهي.</verse>
				<verse number="9">پر جي هو پاڻ کي جهلي نٿيون سگهن تہ ڀلي پرڻجن. ڇالاءِ جو سڙڻ کان پرڻجڻ بهتر آهي.</verse>
				<verse number="10">جيڪي پرڻيل آهن تن کي آئون نہ پر خداوند حڪم ٿو ڏئي، تہ زال پنهنجي مڙس کان ڌار نہ ٿئي،</verse>
				<verse number="11">(پر جي کڻي ڌار ٿئي تہ وري نہ پرڻجي، يا وري پنهنجي مڙس سان پرچي وڃي؛) ۽ مڙس پنهنجي زال کي طلاق نہ ڏئي.</verse>
				<verse number="12">باقي ٻين کي منهنجو چوڻ آهي، نہ خداوند جو، تہ جيڪڏهن ڪنهن ڀاءُ جي زال ٻئي دين جي هجي، ۽ اُها ساڻس گڏ رهڻ ۾ راضي هجي، تہ هو اُنهي کي ڇڏي نہ ڏئي.</verse>
				<verse number="13">۽ جنهن زال جو مڙس ٻئي دين جو هجي، ۽ اُهو ساڻس گڏ رهڻ ۾ راضي هجي، تہ اُها پنهنجي مڙس کي ڇڏي نہ ڏئي.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ تہ جيڪو مڙس ٻئي مذهب جو آهي سو زال جي ڪري پاڪ ٿو ٿئي، ۽ جيڪا زال ٻئي مذهب جي آهي سا مسيحي مڙس جي ڪري پاڪ ٿي ٿئي. نہ تہ جيڪر اوهان جا ٻار ناپاڪ ٿي پون، پر هاڻ اُهي پاڪ آهن.</verse>
				<verse number="15">پر جي ٻئي دين وارو ساٿي ڌار ٿيڻ گهُري تہ ڀلي ڌار ٿئي؛ اهڙيءَ حالت ۾ ڪو ڀاءُ يا ڀيڻ ٻَڌل نہ آهي. ڇالاءِ جو خدا اسان کي اطمينان جي لاءِ سڏيو آهي.</verse>
				<verse number="16">اي زال، توکي ڪهڙي خبر تہ شايد تنهنجي ڪري تنهنجو مڙس بچي پوي؟ يا اي مڙس، توکي ڪهڙي خبر تہ شايد تنهنجي ڪري تنهنجي زال بچي پوي؟</verse>
				<verse number="17">رڳو جيئن خداوند هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو حصو ورهائي ڏنو آهي، ۽ جيئن خدا هر هڪ کي سڏيو آهي، تيئن اهو هلي. ۽ اهو قانون آئون سڀني ڪليسيائن جي لاءِ مقرر ڪري ٿو ڇڏيان.</verse>
				<verse number="18">جيڪڏهن ڪو مختون سڏيو وڃي تہ اُهو ختني سان ئي رهي. جيڪڏهن ڪو نامختون سڏيو وڃي تہ اُهو ختنو نہ ڪرائي.</verse>
				<verse number="19">ختنو ڪرائڻ توڙي نہ ڪرائڻ ڪي بہ ڪينهي پر خدا جي حڪمن تي هلڻ سڀ ڪجهہ آهي.</verse>
				<verse number="20">هرڪو ماڻهو اُنهي حالت ۾ رهي جنهن ۾ هو سڏيو ويو هجي.</verse>
				<verse number="21">جي تون غلاميءَ ۾ سڏيو ويو هجين تہ فڪر نہ ڪر. پر جي آزاد ٿي سگهين تہ اُهو بهتر ڄاڻ.</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ جو جيڪو غلاميءَ جي حالت ۾ خداوند ۾ سڏيو ويو، سو خداوند جو آزاد ڪيل آهي. ساڳيءَ طرح جيڪو آزاديءَ جي حالت ۾ سڏيو ويو، سو مسيح جو غلام آهي.</verse>
				<verse number="23">اوهين ملهہ ڳڌل آهيو، ماڻهن جا غلام نہ ٿيو.</verse>
				<verse number="24">اي ڀائرو، سڀڪو ماڻهو جنهن حالت ۾ سڏيو ويو هجي، تنهن ۾ خدا سان رهي.</verse>
				<verse number="25">هاڻي ڪنوارين جي نسبت ۾ مون کي خداوند جو ڪوبہ حڪم مليل ڪونهي، پر آئون پنهنجي راءِ انهي ماڻهوءَ وانگر ٿو ڏيان، جو خدا جي رحم ڪري معتبر آهي.</verse>
				<verse number="26">منهنجي خيال ۾ هاڻوڪيءَ مصيبت جي ڪري بهتر هيئن آهي، تہ جهڙو ماڻهو آهي تهڙو رهي.</verse>
				<verse number="27">جيڪڏهن تنهنجي زال آهي تہ ڌار ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪر. جيڪڏهن تنهنجي زال ڪانهي تہ زال جي ڳولا نہ ڪر.</verse>
				<verse number="28">پر جي شادي ڪندين تہ بہ تو گناهہ ڪونہ ڪيو، ۽ جي ڪا ڪنواري شادي ڪري تہ بہ گناهہ ڪونہ ڪيائين. مگر جيڪي شادي ٿا ڪن سي دنياوي ڏک سهندا، ۽ منهنجي مرضي آهي تہ اوهين انهن کان بچيا رهو.</verse>
				<verse number="29">پر اي ڀائرو، آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ وقت تنگ اچي ٿيو آهي، تنهنڪري اڳتي سگهرا ڇڙن جهڙا ٿي رهن،</verse>
				<verse number="30">۽ جيڪي روئن ٿا سي بہ اهڙا ٿين ڄڻ تہ هو روئن ئي نٿا؛ ۽ جيڪي خوشي ٿا ڪن سي اهڙا ٿين جو ڄڻ تہ هو خوشي ڪانہ ٿا ڪن، ۽ جيڪي خريد ٿا ڪن سي اهڙا ٿين جو ڄڻ تہ هنن وٽ ڪابہ ملڪيت ڪانهي؛</verse>
				<verse number="31">جيڪي دنياداريءَ ۾ آهن سي انهي ۾ غلطان نہ ٿين، ڇالاءِ جو هن دنيا جو ڍنگ مٽجندو ٿو وڃي.</verse>
				<verse number="32">منهنجي مرضي آهي تہ اوهين فڪرن کان آزاد رهو. جيڪو ڪنوارو آهي سو خداوند جي ڳالهين بابت، انهي فڪر ۾ ٿو رهي تہ ڪهڙي طرح خداوند کي راضي ڪريان؛</verse>
				<verse number="33">پر جيڪو پرڻيل آهي سو دنيا جي ڳالهين بابت انهي فڪر ۾ آهي تہ ڪيئن پنهنجي زال کي راضي رکان.</verse>
				<verse number="34">پر پرڻيل زال ۽ ڪنواريءَ جي وچ ۾ بہ تفاوت آهي. جيڪا ڪنواري آهي سا خداوند جي ڳالهين بابت انهي فڪر ۾ آهي تہ جسم ۾ توڙي روح ۾ پاڪ رهي، پر جيڪا پرڻيل آهي سا دنيا جي شين بابت انهي فڪر ۾ آهي تہ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي مڙس کي راضي رکان.</verse>
				<verse number="35">۽ اهو آئون اوهان جي فائدي لاءِ ٿو چوان، نہ انهي لاءِ تہ اوهان کي ڦاسايان، پر انهي لاءِ تہ جيئن مناسب آهي تيئن اوهين بنا ڪنهن رنڊڪ جي خداوند جي خدمت ۾ مشغول رهيو.</verse>
				<verse number="36">جي ڪو ماڻهو سمجهي تہ هو پنهنجي مَڱ سان واجب هلت نٿو هلي، ۽ جي هن جي خواهش آهي تہ جيئن وڻيس تيئن ڪري: ڀلي تہ شادي ڪن، انهي ۾ گناهہ ڪونهي.</verse>
				<verse number="37">پر جيڪو پنهنجي دل ۾ قائم ٿو رهي ۽ اهڙي ڪابہ ضرورت نٿي ٿئيس، بلڪ پنهنجي ارادي جي پوري ڪرڻ جي طاقت اٿس، ۽ پنهنجي دل ۾ اهو پڪو ٺهراءُ ڪيو اٿس تہ پنهنجي مَڱ کي ڪنواري رکندس، تہ ائين چڱو ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="38">انهيءَ طرح جيڪو پنهنجي مَڱ سان شادي ٿو ڪري، سو چڱو ٿو ڪري، ۽ جيڪو شادي نٿو ڪري، سو وڌيڪ چڱو ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="39">زال ايتري عرصي تائين مڙس سان ٻَڌل آهي، جيستائين هو جيئرو آهي پر جڏهن مڙس مري ٿو وڃي، تڏهن آزاد ٿي ٿئي، پوءِ جنهن سان وڻيس تنهن سان پرڻجي، پر رڳو خداوند ۾.</verse>
				<verse number="40">پر جي نہ پرڻبي تہ منهنجي راءِ ۾ زيادہ خوش رهندي: ۽ آئون ڀانيان ٿو تہ خدا جو روح مون ۾ بہ آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">هاڻي بُتن جي قربانين جي بابت: اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان سڀني کي علم آهي. علم مغروري پيدا ٿو ڪري، پر محبت مان سڌارو ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="2">جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀانئين تہ آئون ڪي ڪجهہ ڄاڻان ٿو، تہ هو اڃا ايترو نٿو ڄاڻي جيترو ڄاڻڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="3">پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا سان محبت ٿو رکي، تہ خدا هن کي سڃاڻي ٿو.</verse>
				<verse number="4">هاڻي جيڪي شيون بُتن تي قربانيءَ طور ٿا چاڙهين تن بابت، اسان کي خبر آهي تہ بُت دنيا ۾ ڪي بہ ڪين آهن، ۽ هڪڙي کانسواءِ ٻيو ڪو خدا ڪونهي.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ آسمان ۾ توڙي زمين تي گهڻا ئي آهن جن کي خدا ڪري ٿا سڏين، جيئن تہ گهڻا ئي ديوتا ۽ ڌڻي آهن،</verse>
				<verse number="6">تہ بہ اسان جي لاءِ هڪڙو ئي خدا آهي، يعني پيءُ، جنهن کان سڀ شيون آهن، ۽ اسين بہ انهي لاءِ آهيون، ۽ خداوند بہ هڪڙو ئي آهي، يعني يسوع مسيح، جنهن جي وسيلي سڀ شيون موجود آهن، ۽ اسين بہ انهي جي وسيلي آهيون.</verse>
				<verse number="7">انهي هوندي بہ سڀني ماڻهن کي اهو علم ڪونهي. پر ڪي، جي اڄ تائين بُتن تي هريل آهن، سي جڏهن قرباني چاڙهيل شيءِ مان کائين ٿا، تڏهن اُنهن جي دل پختي نہ هئڻ ڪري پليت ٿي پوي ٿي.</verse>
				<verse number="8">پر کاڌو خدا وٽ اسان جي سفارش ڪانہ ڪندو، نڪي جي نہ کائينداسين تہ اسان کي ڪو نقصان پهچندو، نڪي جي کائينداسين تہ اسان کي ڪو فائدو ٿيندو.</verse>
				<verse number="9">پر خبردار رهو متان اوهان جي هن آزاديءَ جي ڪري جيڪي بہ ايمان ۾ ڪمزور آهن سي گمراهہ ٿي وڃن.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ تہ جيڪڏهن ڪو، تو علم واري کي بُتن جي مندر ۾ ويهي بُتن تي چاڙهيل قربانيءَ جون شيون کائيندو ڏسي، تہ جي هن جو ايمان ڪمزور هوندو تہ هن جي دل ڪانہ ٿيندي تہ جيڪي شيون بُتن تي قربانيءَ طور چاڙهيل آهن سي هو بہ کائي؟</verse>
				<verse number="11">ائين تنهنجي علم جي ڪري اهو جو ايمان ۾ ڪمزور آهي سو برباد ٿو ٿئي، يعني اُهو ڀاءُ، جنهن جي لاءِ مسيح مُئو.</verse>
				<verse number="12">انهيءَ طرح جڏهن اوهين ڀائرن جو گناهہ ٿا ڪريو، ۽ هنن جي ڪمزور دلين کي زخمي ٿا ڪريو، تڏهن اوهين مسيح جا گنهگار ٿا ٿيو.</verse>
				<verse number="13">تنهنڪري جي کاڌو منهنجي ڀاءُ کي گمراهہ ٿو ڪري تہ آئون ڪڏهن بہ گوشت نہ کائيندس، تہ متان آئون پنهنجي ڀاءُ کي گمراهہ ڪريان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">آئون آزاد نہ آهيان ڇا؟ آئون رسول نہ آهيان ڇا؟ مون اسان جي خداوند يسوع کي نہ ڏٺو آهي ڇا؟ اوهين خداوند ۾ منهنجي ڪاريگري نہ آهيو ڇا؟</verse>
				<verse number="2">جيڪڏهن آئون ٻين جي لاءِ رسول نہ آهيان، تہ بہ لٿي پٿي اوهان جي لاءِ تہ آهيان؛ ڇالاءِ جو اوهين پاڻ خداوند ۾ منهنجي رسالت جي مُهر آهيو.</verse>
				<verse number="3">جيڪي منهنجو امتحان وٺڻ ٿا چاهين، تن کي منهنجو جواب هي آهي.</verse>
				<verse number="4">اسان کي کائڻ پيئڻ جو اختيار ڪونهي ڇا؟</verse>
				<verse number="5">اسان کي اهو اختيار ناهي ڇا تہ جيئن ٻيا رسول، ۽ خداوند جا ڀائر ۽ ڪيفاس ٿا ڪن، تيئن ڪنهن مسيحي زال سان شادي ڪري کيس پاڻ سان رکون؟</verse>
				<verse number="6">يا فقط مون کي ۽ برناباس کي اهو اختيار ڪونهي تہ پورهئي ڪرڻ کان نہ ڇُٽون؟</verse>
				<verse number="7">ڪڏهن ڪو سپاهي پنهنجي خرچ تي جنگ ڪري ٿو ڇا؟ اهو ڪير آهي جو ڊاک جو منهہ پوکي ٿو ۽ انهي جو ڦل نٿو کائي؟ يا ڪير ڌڻ چاري ٿو ۽ ڌڻ جو کير نٿو پيئي؟</verse>
				<verse number="8">اهي ڳالهيون آئون انسانن جي دستور موجب ٿو چوان ڇا؟ يا شريعت بہ ائين نٿي چوي ڇا؟</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي تہ ”جڏهن ڪو ڏاند اَن ڳاهي، تڏهن اُن جو ٻُوٿ نہ ٻَڌ.“ هاڻي خدا کي رڳو ڏاندن جو فڪر آهي ڇا؟</verse>
				<verse number="10">يا هو خاص اسان جي لاءِ بہ ائين ٿو چوي؟ هائو، اهو اسان لاءِ لکيو ويو آهي، تہ هاريءَ کي اُميد رکي هر ڏيڻ گهرجي، ۽ جيڪو اَن ڳاهي ٿو تنهن کي اها اميد رکڻ گهرجي تہ انهي مان حصو ملندس.</verse>
				<verse number="11">جيڪڏهن اسان اوهان لاءِ روحاني شيون پوکيون، تہ اها ڪا وڏي ڳالهہ آهي ڇا تہ اسين اوهان جي جسماني شين ۾ حصيدار ٿيون؟</verse>
				<verse number="12">جيڪڏهن ٻين کي اوهان جي مٿان اهو اختيار آهي تہ اسان کي انهي کان وڌيڪ نہ آهي ڇا؟ انهي هوندي بہ اسان اهو اختيار نہ هلايو، پر اسين سڀ ڪجهہ برداشت ٿا ڪريون، انهي لاءِ تہ مسيح جي خوشخبري ڦهلائڻ ۾ ڪا رنڊڪ نہ وجهون.</verse>
				<verse number="13">اوهان کي خبر ڪانهي ڇا تہ جيڪي هيڪل ۾ خدمت ٿا ڪن سي هيڪل جي شين مان ٿا کائين؛ ۽ جيڪي قربانگاهہ جي خدمت ٿا ڪن، تن کي قربانگاهہ مان حصو ٿو ملي؟</verse>
				<verse number="14">انهيءَ طرح خداوند بہ ائين ٺهرايو آهي، تہ جيڪي انجيل جي منادي ٿا ڪن، تن جو گذران انجيل جي ڪري ئي ٿئي.</verse>
				<verse number="15">پر مون اهو رستو استعمال ڪونہ ڪيو آهي، ۽ آئون هي ڳالهيون انهي لاءِ نٿو لکان تہ منهنجي نسبت ۾ ائين ڪرڻ ۾ اچي. متان ڪو ماڻهو منهنجو فخر کسي وٺي تنهن کان منهنجي لاءِ مرڻ بهتر آهي.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو جيڪڏهن آئون انجيل جي منادي ٿو ڪريان، تہ مون کي فخر ڪرڻ جو سبب ڪونهي، ڇالاءِ جو اهو منهنجو فرض آهي. ۽ جيڪڏهن انجيل جي منادي نہ ڪريان، تہ منهنجي حال تي افسوس!</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ تہ جي آئون پنهنجي مرضيءَ سان ائين ٿو ڪريان تہ انهي جو مون کي اُجورو ٿو ملي، پر جي پنهنجي مرضيءَ کانسواءِ ٿو ڪريان تہ پوءِ اِها مختياري مون کي سونپيل آهي.</verse>
				<verse number="18">تڏهن منهنجو اُجورو ڪهڙو ٿيو؟ اهو تہ جڏهن انجيل جي منادي ڪريان تڏهن اُها مفت ٻُڌايان، ۽ انجيل جي نسبت ۾ جيڪو منهنجو حق آهي، سو پوريءَ طرح ڪم نہ آڻيان.</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ آئون سڀني ماڻهن کان آزاد هوس، تہ بہ مون پاڻ کي سڀني جو غلام ڪيو، انهي لاءِ تہ گهڻن کي ڇڪي آڻيان.</verse>
				<verse number="20">۽ يهودين جي لاءِ آئون يهودين جهڙو ٿيس تہ يهودين کي هٿ ڪريان؛ جيڪي شريعت جي ماتحت آهن، انهن جي لاءِ آئون شريعت جي ماتحت ٿيس، جيتوڻيڪ آئون پاڻ شريعت جي ماتحت نہ هوس، سو انهي لاءِ تہ شريعت وارن کي هٿ ڪريان.</verse>
				<verse number="21">جن وٽ شريعت ڪانهي، تن جي لاءِ آئون بي شريعت جهڙو ٿيس، اگرچہ خدا جي اڳيان آئون بي شريعت نہ هوس، پر مسيح جي شريعت هيٺ هوس، سو انهي لاءِ تہ جيڪي بي شريعت آهن تن کي هٿ ڪريان.</verse>
				<verse number="22">ڪمزورن جي لاءِ آئون ڪمزور ٿيس تہ ڪمزورن کي بچايان، آئون سڀني ماڻهن جي لاءِ سڀ ڪجهہ ٿيو آهيان، تہ هر طرح سان ڪن کي بچايان.</verse>
				<verse number="23">۽ آئون انجيل جي واسطي سڀ ڪجهہ ٿو ڪريان، تہ انهيءَ جي بخشش ۾ حصيدار ٿيان.</verse>
				<verse number="24">اوهان کي خبر ڪانهي ڇا تہ شرط ۾ ڊوڙڻ وارا تہ سڀيئي ٿا ڊوڙن، مگر انعام فقط هڪڙي کي ٿو ملي؟ اوهين بہ اهڙيءَ طرح ڊوڙو جو انعام حاصل ڪريو.</verse>
				<verse number="25">هرڪو پهلوان سڀني ڳالهين ۾ پرهيز ٿو ڪري. هاڻي هو جو ائين ٿا ڪن، سو فاني تاج حاصل ڪرڻ لاءِ، پر اسين غير فانيءَ لاءِ.</verse>
				<verse number="26">تنهنڪري آئون بہ بي ٺڪاڻي نٿو ڊوڙان؛ نڪي آئون هوا کي مُڪون ٿو هڻان؛</verse>
				<verse number="27">بلڪ آئون پنهنجي بدن کي مُڪون ٿو هڻان ۽ انهي کي قابو ٿو ڪريان، تہ متان ٻين کي منادي ڪرڻ کانپوءِ پاڻ قبول نہ پوان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">اي ڀائرو، منهنجي مرضي نہ آهي تہ اوهين انهيءَ ڳالهہ کان ناواقف رهو، تہ اسان جي ابن ڏاڏن تي ڪڪر جي ڇانوَ هئي، ۽ سڀيئي سمنڊ مان لنگهي ويا،</verse>
				<verse number="2">۽ سڀني انهي ڪڪر ۽ سمنڊ ۾ موسيٰ جي بپتسما ورتي،</verse>
				<verse number="3">۽ سڀني اها ساڳي روحاني خوراڪ کاڌي،</verse>
				<verse number="4">۽ سڀني اُهو ساڳيو روحاني پاڻي پيتو. ڇالاءِ جو جيڪو روحاني ٽڪر سندن پٺيان پي آيو، تنهن مان هو پاڻي پيئندا هئا، ۽ اهو ٽڪر مسيح هو.</verse>
				<verse number="5">انهي هوندي بہ اُنهن مان گهڻن سان خدا راضي نہ ٿيو، ڇالاءِ جو اهي رڻ پٽ ۾ مارجي ڪيرايا ويا.</verse>
				<verse number="6">هاڻي اهي ڳالهيون اسان جي لاءِ مثال هيون، انهي لاءِ تہ اسين خراب شين جي خواهش نہ ڪريون، جيئن هنن ٿي ڪئي.</verse>
				<verse number="7">نڪي اوهين بُت پرست ٿيو، جهڙا هنن مان ڪي ٿيا هئا، جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”ماڻهو کائڻ پيئڻ ويٺا ۽ نچڻ ٽپڻ اُٿيا.“</verse>
				<verse number="8">نڪي اسان کي زناڪاري ڪرڻ کپي، جيئن هنن مان ڪن ڪئي، ۽ پوءِ هڪڙي ئي ڏينهن ٽيويهہ هزار مارجي ويا.</verse>
				<verse number="9">نڪي اسان کي خداوند جي آزمائش وٺڻ کپي، جيئن هنن مان ڪن ورتي، ۽ پوءِ نانگن ڏنگي چٽ ڪين.</verse>
				<verse number="10">نڪي اوهين ڪُرڪو ڪنجهو، جيئن هنن مان ڪي ڪُرڪيا ۽ برباد ڪرڻ واري برباد ڪري ڇڏين.</verse>
				<verse number="11">هاڻي اهي ڳالهيون اُنهن سان ٿيون تہ هو عبرت وٺن، ۽ اسين جي آخرين زماني ۾ آهيون تن جي نصيحت لاءِ اهي لکيون ويون.</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري جيڪو پاڻ کي قائم ٿو سمجهي، سو سنڀال ڪري تہ متان ڪِري پوي.</verse>
				<verse number="13">اوهان تي ڪا اهڙي آزمائش ڪانہ اچي پيئي آهي جا انسان سهي نہ سگهي: پر خدا سچو آهي، ۽ جيترو اوهين سهي ٿا سگهو تنهن کان وڌيڪ آزمائش ۾ اوهان کي پوڻ ڪين ڏيندو، پر آزمائش سان گڏ بچي نڪرڻ جو رستو بہ ٺاهي ڏيندو، تہ اُها اوهين برداشت ڪري سگهو.</verse>
				<verse number="14">تنهنڪري، اي عزيزو، بُت پرستيءَ کان ڀڄو.</verse>
				<verse number="15">آئون اوهان سان سمجهو ماڻهو ڄاڻي ٿو ڳالهايان، ۽ جيڪي چوان ٿو تنهن جي جاچ ڪريو.</verse>
				<verse number="16">جنهن برڪت جي پيالي تي اسين برڪت ٿا گهُرون، سو مسيح جي رت جي شراڪت ناهي ڇا؟ جيڪا ماني اسين ڀڃون ٿا، سا مسيح جي بدن جي شراڪت ناهي ڇا؟</verse>
				<verse number="17">جيئن هڪڙي ماني آهي، تيئن اسين جي گهڻا آهيون سي هڪڙو بدن آهيون، ڇالاءِ جو اسين سڀيئي هڪڙيءَ ئي مانيءَ ۾ ڀائيوار ٿا ٿيون.</verse>
				<verse number="18">جيڪي جسماني طور اسرائيلي آهن تن ڏانهن نهاريو، قربانين کائڻ وارا قربانگاهہ جا ڀائيوار نہ آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="19">تڏهن آئون ڇا ٿو چوان؟ ائين ٿو چوان ڇا تہ بُتن جي قرباني بہ ڪا شيءِ آهي، يا بُت بہ ڪا شيءِ آهي؟</verse>
				<verse number="20">نہ، بلڪ آئون چوان ٿو تہ جيڪي شيون غير قومون قرباني ٿيون ڪن، سي خدا جي لاءِ قربانيون نہ ٿيون ڪن، پر ڀوتن جي لاءِ ٿيون ڪن. ۽ منهنجي مرضي ناهي تہ اوهين ڀوتن جا ڀائيوار ٿيو.</verse>
				<verse number="21">اوهين خداوند جو پيالو ۽ ڀوتن جو پيالو ٻئي پي نٿا سگهو. اوهين خداوند جي ميز ۽ ڀوتن جي ميز ٻنهي جا ڀائيوار ٿي نٿا سگهو.</verse>
				<verse number="22">اسين خداوند کي غيرت ڏياريون ٿا ڇا؟ ۽ اسين هن کان زور وارا آهيون ڇا؟</verse>
				<verse number="23">سڀ شيون روا آهن، پر سڀ شيون فائدي واريون نہ آهن. سڀ شيون روا آهن، پر سڀني شين مان سڌارو نٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="24">ڪوبہ ماڻهو پنهنجو فائدو نہ ڳولي، پر ٻئي جو ڳولي.</verse>
				<verse number="25">جيڪي ڪاسائين جي دڪانن تي وڪامي ٿو، سو کائو، ۽ پنهنجي ضمير خاطر ڪوبہ سوال نہ پڇو.</verse>
				<verse number="26">ڇالاءِ جو ”زمين ۽ انهي جي ڀرپوري خداوند جي آهي.“</verse>
				<verse number="27">جن ايمان نہ آندو آهي تن مان جيڪڏهن ڪو اوهان کي دعوت ڏئي، ۽ اوهين وڃڻ لاءِ راضي هجو، تہ جيڪي اوهان جي اڳيان رکيو وڃي سو کائو، ۽ ضمير خاطر ڪوبہ سوال نہ پڇو.</verse>
				<verse number="28">پر جي ڪو ماڻهو اوهان کي چوي تہ هيءَ شيءِ قرباني ٿيل آهي، تہ انهيءَ چتائڻ واري جي خاطر، ۽ ضمير خاطر نہ کائو.</verse>
				<verse number="29">ضمير مان منهنجو مطلب تنهنجي ضمير جو نہ، پر هن ٻئي جي ضمير جو آهي؛ ڀلا منهنجي آزادي ڇو ٻئي جي شڪ ڪرڻ سان آزمائڻ ۾ اچي؟</verse>
				<verse number="30">جيڪڏهن آئون شڪر ڪري ٿو کان، تہ جنهن ڳالهہ جي لاءِ شڪر ٿو ڪريان، تنهن جي ڪري ڇو منهنجي بدنامي ٿئي؟</verse>
				<verse number="31">تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو يا جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ خدا جي جلال جي واسطي ڪريو.</verse>
				<verse number="32">يهودين کي يا يونانين کي، يا خدا جي ڪليسيا کي گمراهہ نہ ڪريو:</verse>
				<verse number="33">جهڙيءَ طرح آئون سڀ ڪنهن کي سڀني ڳالهين ۾ راضي ٿو ڪريان، ۽ پنهنجي فائدي جو نہ، پر گهڻن جي فائدي جو طالب آهيان، انهي لاءِ تہ نجات ملينِ.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">اوهين بہ منهنجي پيروي ڪريو، جيئن آئون مسيح جي پيروي ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="2">هاڻي آئون اوهان جي تعريف ٿو ڪريان جو اوهين سڀني ڳالهين ۾ مون کي ياد ٿا ڪريو، ۽ جهڙيءَ طرح مون اوهان کي روايتون ڏنيون آهن، تهڙيءَ طرح اوهين اُنهن کي قائم رکندا ٿا اچو.</verse>
				<verse number="3">پر منهنجي مرضي آهي تہ اوهين ڄاڻو تہ سڀ ڪنهن مرد جو سر مسيح آهي، ۽ زال جو سر مرد آهي، ۽ مسيح جو سر خدا آهي.</verse>
				<verse number="4">جيڪو ماڻهو پنهنجو مٿو ڍڪي دعا ٿو گهُري، يا نبوت ٿو ڪري، سو پنهنجي مٿي کي بي آبرو ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="5">پر جيڪا زال پنهنجو مٿو اُگهاڙو ڪري دعا ٿي گهُري، يا نبوت ٿي ڪري، سا پنهنجي مٿي کي بي آبرو ٿي ڪري؛ ڇالاءِ جو ائين ڪرڻ اهڙو آهي جهڙو ڄڻ تہ انهي زال جو مٿو ڪُوڙيل آهي.</verse>
				<verse number="6">جيڪا زال چادر نٿي ڍڪي، سا وار بہ ڪترائي؛ پر جيڪڏهن زال جي لاءِ وار ڪترائڻ شرم جي ڳالهہ آهي، تہ چادر ڍڪي.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو مرد کي بيشڪ پنهنجو مٿو ڍڪڻ نہ گهرجي، هن ڪري جو هو خدا جي صورت ۽ وڏائي آهي؛ پر زال مرد جي وڏائي آهي.</verse>
				<verse number="8">(ڇالاءِ جو مرد زال مان ناهي، پر زال مرد مان آهي،</verse>
				<verse number="9">نڪي مرد زال جي لاءِ پيدا ٿيو آهي، پر زال مرد جي لاءِ پيدا ٿي آهي.)</verse>
				<verse number="10">انهي سبب زال کي گهرجي تہ ملائڪن جي ڪري پنهنجي مٿي تي اختياريءَ جي نشاني رکي.</verse>
				<verse number="11">(انهي هوندي بہ خداوند ۾ نڪي زال مڙس کانسواءِ آهي، نڪي مرد زال کانسواءِ.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو جيئن زال مرد مان آهي تيئن مرد بہ زال جي ڪري آهي، پر سڀ شيون خدا کان آهن.)</verse>
				<verse number="13">اوهين پاڻهي انصاف ڪري ڏسو، ڀلا اهو ڪو مناسب آهي ڇا تہ زال مٿي اُگهاڙي خدا کان دعا گهُري؟</verse>
				<verse number="14">خود طبعي طور اوهان کي خبر نٿي پوي ڇا تہ جيڪڏهن ڪنهن مرد کي ڊگها وار هوندا تہ اها سندس بي آبرو آهي؟</verse>
				<verse number="15">پر جيڪڏهن زال جا وار ڊگها هوندا تہ اها سندس زينت آهي، ڇالاءِ جو وار هن کي پردي لاءِ ڏنا ويا آهن.</verse>
				<verse number="16">پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو تڪراري ڏسڻ ۾ اچي تہ انهي کي چئجو تہ اهو اسان جو دستور نہ آهي، نڪي خدا جي ڪليسيائن جو آهي.</verse>
				<verse number="17">پر هن نصيحت سان آئون اوهان جي تعريف نٿو ڪريان، ڇالاءِ جو جڏهن اوهين گڏ ٿا ٿيو، تڏهن انهي مان فائدو ڪونہ ٿو ٿئي، بلڪ نقصان ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو پهريائين مون کي ٻُڌڻ ۾ آيو آهي تہ ڪليسيا ۾ گڏ ٿيڻ وقت اوهان ۾ جدائيون ٿيون ٿين؛ ۽ انهيءَ ڳالهہ تي مون کي ڪجهہ قدر اعتبار بہ اچي ٿو؛</verse>
				<verse number="19">هن ڪري جو اوهان جي وچ ۾ ضرور بدعتون هونديون تہ اوهين ثابت ڪريو تہ ڪير قبول آهن.</verse>
				<verse number="20">تنهنڪري جڏهن اوهين پاڻ ۾ گڏ ٿا ٿيو، تڏهن جيڪي کائو ٿا، سو عشاءِ رباني ڪونهي،</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ تہ جڏهن اوهين کائو ٿا، تڏهن هرڪو پنهنجي ماني ٻئي کان اڳ ۾ کايو وٺي، ۽ هڪڙو بکايل رهجيو وڃي تہ ٻيو نشئي ٿيو پوي.</verse>
				<verse number="22">ڇا کائڻ پيئڻ لاءِ اوهان کي پنهنجا گهر ڪينهن؟ يا خدا جي ڪليسيا کي حقير ٿا سمجهو، ۽ جن وٽ ڪي ڪينهي، تن کي شرمندو ٿا ڪريو؟ آئون اوهان کي ڇا چوان؟ انهي ڪري آئون اوهان جي تعريف ڪريان ڇا؟ آئون اوهان جي تعريف ڪانہ ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="23">ڇالاءِ جو اها ڳالهہ مون کي خداوند کان ملي، ۽ مون اوهان کي پهچائي ڏني، تہ ڪهڙيءَ طرح جنهن رات خداوند يسوع حوالي ڪيو ويو، هن ماني کنئي،</verse>
				<verse number="24">۽ جڏهن شڪر ڪري رهيو، تڏهن اُها ڀڃي چيائين، تہ هي منهنجو بدن آهي جو اوهان جي واسطي آهي: منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ڪندا رهجو.</verse>
				<verse number="25">ساڳيءَ طرح ماني کائڻ کان پوءِ هن پيالو بہ کنيو، ۽ چيائين تہ هي پيالو منهنجي رت ۾ نئون عهد آهي؛ جڏهن بہ اوهين اهو پيئو، منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ڪندا رهجو.</verse>
				<verse number="26">ڇالاءِ جو جڏهن بہ اوهين هي ماني کائو ٿا، ۽ هي پيالو پيئو ٿا، تڏهن خداوند جي موت جي پڌرائي ٿا ڪريو، جيسين ڪ هو پاڻ اچي.</verse>
				<verse number="27">تنهنڪري جيڪو بي پرواهيءَ سان خداوند جي ماني کائيندو، ۽ پيالو پيئندو، سو خداوند جي بدن ۽ رت جي نسبت ۾ ڏوهاري ٿيندو.</verse>
				<verse number="28">تنهنڪري هرڪو ماڻهو پاڻ کي پرکي ۽ خيال سان انهيءَ مانيءَ مان کائي ۽ انهيءَ پيالي مان پيئي.</verse>
				<verse number="29">ڇالاءِ تہ جيڪو کائي پيئي ٿو، سو جي خداوند جي بدن جو خيال نٿو رکي، تہ پنهنجي لاءِ سزا ٿو ڪمائي.</verse>
				<verse number="30">انهي سبب اوهان مان گهڻا ڪمزور ۽ بيمار آهن ۽ ڪيترا مري بہ ويا آهن.</verse>
				<verse number="31">پر جي اسين پاڻ کي جاچيون ها تہ اسان کي سزا نہ ملي ها.</verse>
				<verse number="32">پر جڏهن خداوند اسان کي جاچي ٿو تڏهن اسان کي سيکت ٿو ڏئي، انهي لاءِ تہ اسين دنيا سان گڏ ڏوهاري ثابت نہ ٿيون.</verse>
				<verse number="33">تنهنڪري اي منهنجا ڀائرو، جڏهن اوهين کائڻ لاءِ گڏ ٿيو، تڏهن هڪ ٻئي لاءِ ترسو.</verse>
				<verse number="34">جيڪڏهن ڪنهن کي بک هجي تہ ڀلي پنهنجي گهر کائي، تہ متان اوهان جو گڏ ٿيڻ سزا جو سبب ٿئي. باقي ٻيون ڳالهيون جڏهن آئون ايندس، تڏهن اچي درست ڪندس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">هاڻي اي ڀائرو، منهنجي مرضي نہ آهي تہ روحاني نعمتن جي نسبت اوهين ناواقف رهو.</verse>
				<verse number="2">اوهين ڄاڻو ٿا تہ جڏهن اوهين غير قوم جا هئا، تڏهن گونگن بُتن جي پٺيان، جيئن ڪو اوهان کي وٺي ويندو هو، تيئن ويندا هئا.</verse>
				<verse number="3">تنهنڪري آئون اوهان کي چتايان ٿو تہ جيڪو خدا جي روح جي هدايت سان ٿو ڳالهائي، سو ائين نٿو چوي تہ يسوع لعنتي آهي، نہ وري ڪو ماڻهو پاڪ روح کان سواءِ چئي سگهي ٿو تہ يسوع خداوند آهي.</verse>
				<verse number="4">هاڻي نعمتون تہ طرح طرح جون آهن، پر روح هڪڙو ئي آهي.</verse>
				<verse number="5">۽ خدمتون بہ طرح طرح جون آهن، پر خداوند هڪڙو ئي آهي؛</verse>
				<verse number="6">تاثيرون بہ طرح طرح جون آهيون، پر خدا هڪڙو ئي آهي جو سڀني ۾ هر طرح جو اثر پيدا ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="7">پر هرهڪ کي روح جو ظهور سڀني جي فائدي لاءِ ٿو ملي.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو هڪڙي کي روح جي وسيلي سياڻپ جو ڪلام ٿو ملي، ٻئي کي ساڳئي روح موجب علميت جو ڪلام،</verse>
				<verse number="9">ڪنهن کي ساڳئي روح جي ڪري ايمان ٿو ملي، ۽ ڪنهن کي انهي هڪڙي ئي روح جي ڪري شفا ڏيڻ جون نعمتون،</verse>
				<verse number="10">۽ ڪنهن کي معجزن ڪرڻ جون طاقتون، ڪنهن کي نبوت، ڪنهن کي روحن جي سياڻپ، ڪنهن کي طرح طرح جون ٻوليون، ۽ ڪنهن کي ٻولين جو ترجمو ڪرڻ،</verse>
				<verse number="11">پر اهي سڀيئي ڪم هڪڙو ساڳيو روح ٿو ڪري، جو پنهنجي مرضيءَ موجب هرهڪ کي ڌار ڌار نعمت ورهائي ٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو جيئن بدن هڪڙو آهي ۽ ان جا عضوا گهڻا آهن ۽ بدن جا سڀ عضوا، اگرچہ گهڻا آهن، تہ بہ گڏجي هڪ بدن آهن، تيئن مسيح بہ آهي.</verse>
				<verse number="13">ڇو جو اسان سڀني کي هڪڙي ئي روح جي ڪري هڪڙي ئي بدن ۾ بپتسما ملي، پوءِ ڇا يهودي، ڇا يوناني، ڇا غلام، ڇا آزاد، ۽ سڀني کي هڪڙي ئي روح مان پياريو ويو.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ تہ بدن بہ هڪڙو عضوو ناهي پر منجهس گهڻا آهن.</verse>
				<verse number="15">جيڪڏهن پير چوي تہ آئون هٿ نہ آهيان، تنهنڪري آئون بدن جو ناهيان، تہ انهي ڪري ائين ناهي تہ اُهو بدن جو ڪونهي.</verse>
				<verse number="16">۽ جيڪڏهن ڪَن کڻي چوي تہ آئون اک نہ آهيان، تنهنڪري بدن جو نہ آهيان، تہ انهي ڪري ائين ناهي تہ هو بدن جو ڪونهي.</verse>
				<verse number="17">جيڪڏهن سارو بدن اک هجي ها تہ ٻُڌڻ ڪٿي ٿئي ها؟ جيڪڏهن سارو بدن ٻُڌڻ هجي ها تہ سنگهڻ ڪٿان ٿئي ها؟</verse>
				<verse number="18">پر حقيقت ڪري خدا هرهڪ عضوي کي بدن ۾ پنهنجي مرضيءَ موافق رکيو آهي.</verse>
				<verse number="19">۽ جي هو سڀ هڪ عضوو هجن ها تہ بدن ڪٿي هجي ها؟</verse>
				<verse number="20">پر هاڻي عضوا تہ گهڻا ئي آهن، پر بدن هڪڙو ئي آهي.</verse>
				<verse number="21">۽ اک هٿ کي چئي نٿي سگهي تہ مون کي تنهنجي گهُرج ڪانهي يا وري مٿو پيرن کي چئي نٿو سگهي تہ مون کي اوهان جي گهُرج ڪانهي.</verse>
				<verse number="22">نہ، بلڪ بدن جا اُهي عضوا، جي زيادہ نازڪ ڏسڻ ۾ ٿا اچن، سي پاڻ وڌيڪ ضروري آهن.</verse>
				<verse number="23">۽ بدن جا اُهي عضوا، جن کي اسين ٻين کان گهٽ ٿا سمجهون، تن جو تمام گهڻو قدر ٿا ڪريون، ۽ اسان جا بي زيبا عضوا تمام گهڻي زيب وارا ٿا ٿين،</verse>
				<verse number="24">۽ اسان جا زيب وارا عضوا گهڻي ڪم وارا ثابت نٿا ٿين. پر خدا بدن کي اهڙيءَ طرح بنايو جو جيڪو عضوو گهٽ هو، تنهن کي تمام گهڻي عزت ڏنائين؛</verse>
				<verse number="25">انهي لاءِ تہ بدن ۾ ڪو تفرقو نہ پوي، ۽ سڀيئي عضوا هڪ ٻئي جي هڪ جهڙي سنڀال ڪن.</verse>
				<verse number="26">۽ جي هڪڙي عضوي کي ايذاءُ ٿو رسي، تہ سڀني عضون کي انهي سان گڏ ايذاءُ ٿو رسي، يا جي هڪڙي عضوي کي عزت ٿي ملي، تہ سڀني عضون کي انهي سان گڏ خوشي ٿي ٿئي.</verse>
				<verse number="27">هاڻي اوهين مسيح جو بدن آهيو، ۽ ڌار ڌار سندس عضوا آهيو.</verse>
				<verse number="28">۽ خدا ڪليسيا ۾ ڪيترن ئي کي مقرر ڪيو آهي، پهريان رسول، ٻيا نبي، ٽيان تعليم ڏيندڙ، پوءِ معجزا ڪندڙ، پوءِ شفا ڏيندڙ، مددگار، حڪومت هلائيندڙ، ۽ قسم قسم ٻوليون ڳالهائيندڙ،</verse>
				<verse number="29">سڀئي رسول آهن ڇا؟ سڀيئي نبي آهن ڇا؟ سڀيئي تعليم ڏيندڙ آهن ڇا؟ سڀئي معجزا ڪندڙ آهن ڇا؟</verse>
				<verse number="30">سڀني کي شفا ڏيڻ جي طاقت آهي ڇا؟ سڀيئي قسمين قسمين ٻوليون ڳالهائين ٿا ڇا؟ سڀيئي ترجمو ڪن ٿا ڇا؟</verse>
				<verse number="31">پر اوهين وڏين وڏين نعمتن جي آرزو رکو. ۽ آئون اوهان کي اڃا بہ نهايت عمدو رستو ڏيکاريان ٿو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">جيڪڏهن آئون ماڻهن توڙي ملائڪن جون ٻوليون ڳالهايان پر محبت نہ هجيم، تہ آئون وڄندڙ پتل ۽ ڇڻڪندڙ جهانجهہ آهيان.</verse>
				<verse number="2">۽ جي مون کي نبوت مليل هجي، ۽ سڀيئي راز ۽ سڀ علم ڄاڻندو هجان، ۽ جي منهنجو ايمان اهڙو ڪامل هجي جو جبلن کي هٽائي پاسي ڪري ڇڏيان، پر محبت نہ هجيم، تہ آئون ڪي ڪين آهيان.</verse>
				<verse number="3">۽ جي آئون پنهنجو سڀوئي مال ملڪيت غريبن کي کارائي ڇڏيان، ۽ پنهنجو بدن سڙڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيان، پر محبت نہ هجيم، تہ انهي مان مون کي ڪو فائدو ڪونهي.</verse>
				<verse number="4">محبت صابر ۽ مهربان آهي؛ محبت ريس نٿي ڪري، محبت پاڻ کي نٿي پڏائي، محبت ٻٽاڪ نٿي هڻي؛</verse>
				<verse number="5">محبت اڍنگي هلت نٿي هلي، پنهنجو فائدو نٿي ڳولي، ڪاوڙجي نٿي، بدگماني نٿي ڪري؛</verse>
				<verse number="6">بدڪاريءَ ۾ خوش نٿي ٿئي، پر سچائيءَ ۾ خوش ٿي رهي.</verse>
				<verse number="7">محبت سڀ ڪجهہ سهي ٿي، سڀ ڪنهن ڳالهہ تي اعتبار ٿي ڪري، سڀني ڳالهين ۾ اُميد رکي ٿي، سڀني ڳالهين جي برداشت ڪري ٿي.</verse>
				<verse number="8">محبت کي زوال ڪونهي؛ پر جي نبوتون هونديون تہ اهي بند ٿي وينديون؛ جي زبانون هونديون تہ اُهي بس ٿي وينديون؛ جي علم هوندو تہ اُهو ميٽجي ويندو.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو اسان جو علم ناقص آهي ۽ اسان جي نبوت ڪامل ناهي؛</verse>
				<verse number="10">پر جڏهن ڪامليت ايندي، تڏهن گهٽتائي نڪري ويندي.</verse>
				<verse number="11">جڏهن آئون ٻار هوس، تڏهن ٻارن وانگر ڳالهائيندو هوس، ٻارن وانگر سمجهندو هوس ٻارن وانگر خيال ڪندو هئس، پر جڏهن آئون بالغ ٿيس، تڏهن ٻاراڻيون ڳالهيون ڇڏي ڏنم.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو هاڻي اسين آرسيءَ ۾ جهڪيءَ طرح ٿا ڏسون، پوءِ منهن مقابل ڏسنداسين. هاڻي آئون ٿورو ٿورو ٿو سڃاڻان، پوءِ آئون اهڙيءَ طرح سڃاڻيندس، جهڙي طرح آئون پاڻ سڃاتو ويو آهيان.</verse>
				<verse number="13">هاڻي ايمان، اُميد ۽ محبت اهي ٽيئي دائمي آهن، پر انهن سڀني ۾ محبت وڏي آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">محبت جا طالب ٿيو، ۽ شوق سان روحاني نعمتن جي آرزو رکو، خاص ڪري انهي لاءِ تہ نبوت ڪريو.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ تہ جيڪو نامعلوم ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو، سو ماڻهن سان نٿو ڳالهائي، پر خدا سان ٿو ڳالهائي؛ هن ڪري جو ڪوبہ ماڻهو اها ٻولي نٿو سمجهي، مگر هو تہ روح جي ڪري ڳُجهيون ڳالهيون ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="3">پر جيڪو نبوت ٿو ڪري سو ماڻهن سان سڌاري، ۽ نصيحت، ۽ دلاسي جون ڳالهيون ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="4">جيڪو نامعلوم ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو سو پنهنجو سڌارو ٿو ڪري، پر جيڪو نبوت ٿو ڪري سو ڪليسيا کي ٿو سڌاري.</verse>
				<verse number="5">جيتوڻيڪ منهنجي مرضي آهي تہ اوهين سڀ نامعلوم ٻوليون ڳالهايو، پر بهتر ائين آهي تہ نبوت ڪريو. ۽ جيڪو نامعلوم ٻوليون ٿو ڳالهائي سو جيڪڏهن ڪليسيا جي سڌاري لاءِ ترجمو نہ ڪري سگهي، تہ انهي کان نبوت ڪندڙ وڏو آهي.</verse>
				<verse number="6">پر هاڻي اي ڀائرو، جيڪڏهن آئون اوهان وٽ اچي نامعلوم ٻولين ۾ ڳالهايان، پر مڪاشفي، يا علم، يا نبوت، يا تعليم جي رستي نہ ڳالهايان، تہ آئون اوهان کي ڪهڙو فائدو رسائيندس؟</verse>
				<verse number="7">بي جان شيون، جيئن تہ بانسري يا بربط، جن مان آواز ٿو نڪري، تن جي آوازن ۾ بہ جي تفاوت نہ هوندو تہ ڪيئن معلوم ٿي سگهندو تہ بانسري يا بربط جو ڪهڙو سُر آهي؟</verse>
				<verse number="8">۽ جيڪڏهن تُريءَ جو آواز چٽو نہ هوندو، تہ ڪير پاڻ کي جنگ جي لاءِ تيار ڪندو؟</verse>
				<verse number="9">انهيءَ طرح اوهين بہ جيڪي زبان سان ڳالهائيندا، سو جيسين سمجهہ ۾ نہ ايندو، تيسين ڪيئن خبر پوندي تہ ڇا ٿا ڳالهايو؟ بلڪ ڄڻ تہ هوا سان ٿا ڳالهايو.</verse>
				<verse number="10">دنيا ۾ کڻي گهڻن ئي قسمن جون ٻوليون هجن، پر تن مان ڪابہ اهڙي ڪانهي جا بي معنيٰ هجي؛</verse>
				<verse number="11">پر جيڪڏهن اها ٻولي مون کي نہ ايندي هوندي تہ ڳالهائڻ واري جي نظر ۾ آئون ڌاريو ٿيندس، ۽ ڳالهائڻ وارو بہ منهنجي نظر ۾ ڌاريو ٿيندو.</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري اوهين بہ، جن کي روحاني نعمتن جي آرزو آهي، سي اها ڪوشش ڪريو تہ اوهان جي نعمتن جي وڌڻ ڪري ڪليسيا جو سڌارو ٿئي.</verse>
				<verse number="13">تنهنڪري جيڪو ڪنهن ڌاريءَ ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو، تنهن کي دعا گهُرڻ کپي تہ ترجمو بہ ڪري سگهي.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو جيڪڏهن آئون ڪنهن ڌاريءَ ٻوليءَ ۾ دعا گهُران، تہ منهنجو روح دعا گهُري ٿو، پر منهنجو عقل بيڪار آهي.</verse>
				<verse number="15">تڏهن ڇا ڪجي؟ آئون روح سان بہ دعا گهُرندس ۽ عقل سان بہ دعا گهُرندس: آئون روح سان بہ ڳالهائيندس ۽ عقل سان بہ ڳالهائيندس.</verse>
				<verse number="16">نہ تہ جي تون فقط روح سان دعا ڪندين تہ جيڪو ناواقف آهي سو تنهنجي شڪرگذاريءَ ڪرڻ تي ڪيئن آمين چوندو، جڏهن جيڪي تون چوين ٿو سو هو نٿو سمجهي؟</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو تون تہ برابر چڱيءَ طرح شڪرگذاري ٿو ڪرين، پر هن ٻئي کي تہ فائدو ڪونہ ٿو رسي.</verse>
				<verse number="18">آئون خدا جو شڪر ٿو ڪريان، تہ آئون اوهان سڀني کان زيادہ ٻوليون ٿو ڳالهايان؛</verse>
				<verse number="19">تنهن هوندي بہ ڪليسيا ۾ نامعلوم ٻوليءَ ۾ ڏهہ هزار لفظ ڳالهائڻ کان مون کي اهو زيادہ پسند آهي تہ سمجهہ سان پنج لفظ ڳالهايان، تہ ٻين کي بہ تعليم ڏيئي سگهان.</verse>
				<verse number="20">اي ڀائرو، اوهين سمجهہ ۾ ٻار نہ ٿيو، بديءَ ۾ تہ ٻارڙا ٿيا، پر سمجهہ ۾ بالغ ٿيو.</verse>
				<verse number="21">شريعت ۾ لکيل آهي تہ خداوند فرمائي ٿو تہ ”آئون ڌارين ماڻهن جي ٻولين ۽ ڌارين ماڻهن جي واتان هن اُمت سان ڳالهائيندس، تہ بہ هو منهنجي نہ ٻُڌندا.“</verse>
				<verse number="22">تنهنڪري ٻوليون ايمان وارن جي لاءِ نہ پر جيڪي ايمان وارا نہ آهن تن لاءِ نشان آهن، ۽ نبوت انهن لاءِ نشان نہ آهي جيڪي ايمان وارا نہ آهن، پر انهن لاءِ آهي، جيڪي ايمان وارا آهن.</verse>
				<verse number="23">تنهنڪري جيڪڏهن ساري ڪليسيا هڪڙي هنڌ گڏ ٿئي، ۽ سڀيئي ڌاريون ٻوليون ڳالهائين، ۽ جيڪڏهن اوپرا يا بي دين ماڻهو اندر لنگهي اچن، تہ اُهي ائين ڪين چوندا تہ اوهين چريا آهيو؟</verse>
				<verse number="24">پر جيڪڏهن سڀ نبوت ڪندا ۽ ڪو بي دين يا اوپرو ماڻهو اندر لنگهي ايندو، تہ سڀيئي هن کي قائل ڪندا ۽ کيس پرکي وٺندا،</verse>
				<verse number="25">۽ سندس دل جا ڳُجهہ ظاهر ٿي پوندا، ۽ نيٺ هو گوڏا کوڙي خدا کي سجدو ڪندو، ۽ قبول ڪندو تہ تحقيق خدا اوهان ۾ آهي.</verse>
				<verse number="26">تڏهن اي ڀائرو ڇا؟ جيڪڏهن اوهين گڏ ٿيو ٿا، تڏهن ڪو زبور ٿو ڳائي، ڪو تعليم ٿو ڏئي، ڪو مڪاشفو ٿو ظاهر ڪري، ڪو نامعلوم ٻولي ٿو ڳالهائي، ۽ ڪو سمجهاڻي ٿو ڏئي، پر اهي سڀ ڳالهيون سڌاري لاءِ هئڻ گهرجن.</verse>
				<verse number="27">جيڪڏهن ڪي ماڻهو نامعلوم ٻوليءَ ۾ ڳالهائين، تہ ٻہ، يا وڌيڪ ۾ وڌيڪ ٽي ڄڻا ٿي ڳالهائين، سي بہ واري واري؛ ۽ هڪڙو سمجهائيندو رهي.</verse>
				<verse number="28">پر جي ترجمي ڪرڻ وارو نہ هجي تہ اُهي ڪليسيا ۾ ماٺ ڪيو ويٺا هجن، ۽ پاڻ سان ۽ خدا سان ڳالهائين.</verse>
				<verse number="29">۽ نبوت ڪرڻ وارا بہ ٻہ يا ٽي ڳالهائين، ۽ ٻيا هنن جي ڪلام جي جاچ ڪن.</verse>
				<verse number="30">پر جي ٻئي ڪنهن ويٺل کي الهام اچي وڃي، تہ هو پهريان ماٺ ڪري ويهن.</verse>
				<verse number="31">ڇالاءِ جو اوهين سڀيئي هڪڙو هڪڙو ٿي نبوت ڪري سگهندا، انهي لاءِ تہ سڀيئي سکن ۽ نصيحت حاصل ڪن؛</verse>
				<verse number="32">۽ نبين جا روح نبين جي تابع آهن.</verse>
				<verse number="33">ڇالاءِ تہ خدا گڙٻڙ جو نہ پر اطمينان جو خدا آهي. جيئن پاڪ ٿيلن جي سڀني ڪليسيائن ۾ آهي،</verse>
				<verse number="34">زالن کي جماعت ۾ ماٺ ڪري ويهڻ کپي، ڇالاءِ جو هنن کي ڳالهائڻ جي اجازت ڪانهي، پر کين تابعدار رهڻ کپي، جيئن شريعت ۾ بہ فرمايل آهي.</verse>
				<verse number="35">۽ جي هو ڀانئين تہ ڪجهہ سِکون تہ اُهو هنن کي گهر ۾ پنهنجن مڙسن کان پڇڻ کپي، ڇالاءِ جو زال جي لاءِ اها شرم جي ڳالهہ آهي تہ جماعت ۾ ڳالهائي.</verse>
				<verse number="36">ڇا خداوند جو ڪلام اوهان منجهان نڪتو؟ يا رڳو اوهان وٽ آيو؟</verse>
				<verse number="37">جيڪڏهن ڪو پاڻ کي نبي يا روحاني ماڻهو سمجهي، تہ ڄاڻي تہ جيڪي ڳالهيون آئون اوهان ڏانهن لکان ٿو، سي خداوند جا حڪم آهن.</verse>
				<verse number="38">پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو نہ مڃي تہ نہ مڃي.</verse>
				<verse number="39">تنهنڪري، اي منهنجا ڀائرو، دل سان نبوت ڪرڻ جي آرزو رکو، ۽ ڌارين ٻولين ۾ ڳالهائڻ جي منع نہ ڪريو.</verse>
				<verse number="40">پر سڀ ڳالهيون فضيلت سان ۽ ترتيب وار ڪرڻ کپن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="15">
				<verse number="1">هاڻي، اي ڀائرو، آئون اوهان کي اُها خوشخبري ٿو ٻُڌايان، جنهن جي اوهان ۾ منادي ڪئي هُيم، ۽ جا اوهان قبول ڪئي، ۽ جنهن تي اوهين قائم بہ آهيو،</verse>
				<verse number="2">۽ جنهن جي ڪري اوهان کي نجات ملي آهي؛ بشرطيڪ جيڪا خوشخبري مون اوهان کي ٻُڌائي هئي، تنهن تي اوهين قائم رهو، نہ تہ اوهان جو ايمان آڻڻ اجايو ٿيو.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو پهرين مون اوهان کي اُها ڳالهہ پهچائي ڏني جا مون کي بہ ملي هئي، تہ پاڪ لکيت موجب مسيح اسانجن گناهن جي لاءِ مُئو،</verse>
				<verse number="4">۽ دفن ٿيو، ۽ پاڪ لکيت موجب ٽئين ڏينهن جي اُٿيو،</verse>
				<verse number="5">۽ ڪيفاس کي، ۽ پوءِ اُنهن ٻارهن کي ڏيکاري ڏنائين،</verse>
				<verse number="6">تنهن کان پوءِ هڪڙي ئي وقت پنجن سون ڀائرن کان بہ گهڻن کي ڏيکاري ڏنائين، جن مان گهڻا اڃا تائين موجود آهن، پر ڪي سمهي رهيا آهن.</verse>
				<verse number="7">تنهن کانپوءِ هن يعقوب کي ڏيکاري ڏني، تنهن کانپوءِ سڀني رسولن کي.</verse>
				<verse number="8">۽ سڀني کانپوءِ هن مون کي بہ ڏيکاري ڏني، جو ڄڻ تہ اڌوري وقت تي ڄائو هوس.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو آئون رسولن ۾ سڀني کان ننڍو آهيان ۽ رسول سڏجڻ جو لائق نہ آهيان، ڇو جو مون خدا جي ڪليسيا کي ستايو هو.</verse>
				<verse number="10">پر جيڪي آهيان سو خدا جي فضل سان آهيان، ۽ سندس فضل، جيڪو مون کي مليو، سو اجايو نہ ٿيو. پر مون پاڻ هنن سڀني کان گهڻي محنت ڪئي، انهي هوندي بہ اهو آئون ڪين هوس، پر خدا جو فضل هو، جو مون سان هو.</verse>
				<verse number="11">تڏهن آئون توڙي هُو، اسين اها ئي منادي پيا ڪريون، ۽ اوهان انهيءَ تي ايمان آندو.</verse>
				<verse number="12">هاڻي جيڪڏهن مسيح جي نسبت ۾ اها منادي ٿي ڪجي تہ هو مُئلن مان جي اُٿيو آهي، تڏهن اوهان مان ڪي ڪيئن چون ٿا تہ مُئلن جي قيامت ڪانهي؟</verse>
				<verse number="13">پر جيڪڏهن مُئلن جي قيامت ڪانہ آهي، تہ مسيح بہ جي ڪونہ اُٿيو آهي؛</verse>
				<verse number="14">۽ جي مسيح جي ڪونہ اُٿيو آهي تہ اسان جي منادي اجائي آهي، ۽ اوهان جو ايمان بہ اجايو آهي.</verse>
				<verse number="15">هائو، پوءِ اسين خدا جا ڪوڙا شاهد ثابت ٿيا آهيون؛ ڇالاءِ جو خدا جي بابت اسان شاهدي ڏني تہ هن مسيح کي جياريو: پر جي مُئل جي نٿا اُٿن تہ هن انهي کي بہ نہ جياريو.</verse>
				<verse number="16">پر جيڪڏهن مُئل جي نٿا اُٿن تہ مسيح بہ جي نہ اُٿيو:</verse>
				<verse number="17">۽ جي مسيح جي نہ اُٿيو آهي تہ اوهان جو ايمان اجايو آهي، ۽ اوهين اڃا پنهنجن گناهن ۾ پيا آهيو.</verse>
				<verse number="18">تڏهن جيڪي مسيح ۾ سمهي پيا آهن، سي بہ برباد ٿي ويا.</verse>
				<verse number="19">جيڪڏهن اسين رڳو هن حياتيءَ ۾ مسيح ۾ اُميد ٿا رکون تہ سڀني ماڻهن کان وڌيڪ بدنصيب آهيون.</verse>
				<verse number="20">پر هاڻي مسيح مُئلن مان برابر جي اُٿيو آهي، ۽ جيڪي سمهي پيا آهن، تن ۾ هو پهريون ڦل ٿيو.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو جيئن انسان جي ڪري موت آيو، تيئن انسان جي ئي ڪري مُئلن جي قيامت بہ آئي.</verse>
				<verse number="22">هن ڪري جو جيئن آدم جي ڪري سڀيئي مرن ٿا، تيئن مسيح جي ڪري سڀيئي وري جيئرا ڪيا ويندا.</verse>
				<verse number="23">پر سڀڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي واري سان، پهريون ڦل مسيح، پوءِ سندس اچڻ تي جيڪي مسيح جا آهن.</verse>
				<verse number="24">انهي کان پوءِ آخرت ايندي، جڏهن هو سڀ حڪومت، ۽ سڀ اختياري، ۽ سڀ طاقت نيست ڪري بادشاهت خدا کي، يعني پيءُ کي سونپي ڏيندو.</verse>
				<verse number="25">ڇالاءِ جو جيستائين هو پنهنجن سڀني دشمنن کي پنهنجي پيرن هيٺ نہ آڻيندو، تيستائين هو ضرور بادشاهي ڪندو.</verse>
				<verse number="26">سڀ کان پويون دشمن جو نيست ڪيو ويندو سو آهي موت.</verse>
				<verse number="27">ڇالاءِ جو خدا سڀ ڪجهہ هن جي پيرن هيٺ ڪيو آهي. پر جڏهن هو چوي ٿو تہ سڀ ڪجهہ سندس تابع ڪيو ويو آهي، تڏهن ايترو ظاهر آهي تہ جنهن سڀ ڪجهہ هن جي تابع ڪيو سو ڌار رهيو.</verse>
				<verse number="28">۽ جڏهن سڀ ڪجهہ هن جي تابع ٿي ويو، تڏهن فرزند پاڻ بہ اُنهي جي تابع ٿي ويندو، جنهن سڀ ڪجهہ سندس تابع ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ خدا سڀ ۾ سڀ ڪجهہ هجي.</verse>
				<verse number="29">نہ تہ جيڪي مُئلن جي لاءِ بپتسما ٿا وٺن، سي ڇا ڪندا؟ جيڪڏهن مُئل اصل جي نٿا اُٿن، تڏهن هو اُنهن جي لاءِ ڇو ٿا بپتسما وٺن؟</verse>
				<verse number="30">۽ ڇو اسين بہ هر گهڙي خطري ۾ پيا گذاريون؟</verse>
				<verse number="31">اي ڀائرو، مون کي انهي فخر جو قسم آهي جو اسان جي خداوند مسيح يسوع ۾ اوهان تي اٿم، تہ آئون ڏهاڙي پيو مران.</verse>
				<verse number="32">جيڪڏهن آئون انسان وانگر افسس ۾ جانورن سان وڙهيس، تہ انهي مان مون کي ڪهڙو فائدو؟ جي مُئل جي نہ اُٿندا تہ اچو تہ کائون پيئون، ڇالاءِ جو سڀاڻي تہ مري وينداسين.</verse>
				<verse number="33">ٺڳجي نہ وڃو، بڇڙي سنگت چڱيون عادتون بگيڙيون ڇڏي.</verse>
				<verse number="34">راستباز ٿيڻ لاءِ هوش ۾ اچو ۽ گناهہ نہ ڪريو، ڇالاءِ جو ڪن کي خدا جي ڪابہ خبر ڪانهي: آئون اوهان کي انهي لاءِ ٿو چوان تہ من شرم اچيوَ.</verse>
				<verse number="35">پر ڪو چوندو تہ مُئل ڪيئن ٿا جي اُٿن؟ ۽ اُهي ڪهڙي قسم جي بدن سان ٿا اچن؟</verse>
				<verse number="36">اي بي عقل، جيڪي تون پاڻ پوکين ٿو سو جيسين مري نٿو، تيسين جيئرو ڪيو نٿو وڃي.</verse>
				<verse number="37">۽ جيڪي تون پوکين ٿو سو اهو بدن نہ آهي جو پيدا ٿيڻ وارو آهي، پر فقط داڻو آهي، پوءِ اهو ڪڻڪ جو هوندو يا ڪنهن ٻي جنس جو.</verse>
				<verse number="38">پر خدا کي جيئن وڻي ٿو تيئن اُنهي کي بدن ٿو ڏئي، ۽ هرهڪ داڻي کي پنهنجو پنهنجو بدن ٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="39">سڀ گوشت هڪجهڙو نہ آهي، بلڪ ماڻهن جو گوشت جدا آهي، ۽ جانورن جو گوشت جدا، ۽ پکين جو جدا آهي، ۽ مڇين جو جدا.</verse>
				<verse number="40">آسماني بدن بہ آهن، ۽ زميني بدن بہ آهن، پر آسماني بدن جو جلال ٻيو، ۽ زميني بدن جو جلال ٻيو آهي.</verse>
				<verse number="41">سج جو جلال هڪڙو ۽ چنڊ جو جلال ٻيو، ۽ تارن جو جلال ٻيو، بلڪ تاري، تاري جي جلال موافق ناهي.</verse>
				<verse number="42">مُئلن جي قيامت جو بہ ساڳيو حال آهي. اُهو فنا جي حالت ۾ پوکجي ٿو، ۽ بقا جي حالت ۾ جيارجي ٿو.</verse>
				<verse number="43">بي آبروئيءَ جي حالت ۾ پوکجي ٿو، ۽ جلال جي حالت ۾ جيارجي ٿو؛ ڪمزوريءَ جي حالت ۾ پوکجي ٿو، ۽ زورائتي حالت ۾ جيارجي ٿو،</verse>
				<verse number="44">جسماني بدن پوکجي ٿو، روحاني بدن جيارجي ٿو. جي جسماني بدن آهي تہ روحاني بہ بدن آهي.</verse>
				<verse number="45">لکيل بہ ائين آهي، تہ ”پهريون ماڻهو، يعني آدم، جيئري جان ٿيو؛“ پويون آدم جياريندڙ روح ٿيو.</verse>
				<verse number="46">انهيءَ هوندي بہ روحاني پهرين نہ هو پر جسماني، ۽ پوءِ روحاني ٿيو.</verse>
				<verse number="47">پهريون ماڻهو مٽيءَ مان ٺهيو ۽ مٽي آهي، ٻيو ماڻهو آسمان مان آهي.</verse>
				<verse number="48">جهڙو اهو مٽيءَ مان هو، تهڙا اُهي بہ آهن جي مٽيءَ مان آهن؛ ۽ جهڙو اهو آسمان جو آهي، تهڙا اُهي بہ آهن جي آسمان جا آهن.</verse>
				<verse number="49">۽ جيئن اسان کي انهي خاڪيءَ جي صورت ملي آهي، تيئن انهي آسمانيءَ جي بہ صورت ملندي.</verse>
				<verse number="50">پر هاڻي اي ڀائرو، آئون هيئن ٿو چوان، تہ گوشت ۽ خون خدا جي بادشاهت جا وارث ٿي ڪين سگهندا، نڪي جيڪي فاني آهي سو بقا جو وارث ٿي سگهندو.</verse>
				<verse number="51">ڏسو، آئون اوهان کي هڪڙي راز جي ڳالهہ ٿو ٻُڌايان: اسين سڀيئي سمهي ڪين پونداسين، پر سڀيئي بدلجي وينداسين؛</verse>
				<verse number="52">هڪڙي لحظي ۾، اک ڇنڀ ۾، پوئينءَ تريءَ جي وڄڻ تي: ڇالاءِ جو اُها تري وڄندي، ۽ جيڪي مري ويا آهن سي غير فاني حالت ۾ اُٿندا، ۽ اسين بدلجي وينداسين.</verse>
				<verse number="53">ڇالاءِ جو هي فاني جسم ضرور بقا جي پوشاڪ ڍڪيندو، ۽ هيءُ مرڻ وارو جسم ضرور هميشہ جي زندگيءَ واري پوشاڪ ڍڪيندو.</verse>
				<verse number="54">پر جڏهن هي فاني جسم بقا جي پوشاڪ ڍڪيندو، ۽ هي مرڻ وارو جسم هميشہ جي زندگيءَ واري پوشاڪ ڍڪيندو، تڏهن اُهو قول پورو ٿيندو جو لکيل آهي تہ ”موت فتح ۾ غرق ٿي ويو.“</verse>
				<verse number="55">اي موت، تنهنجي فتح ڪٿي آهي؟ اي موت، تنهنجو ڏنگ ڪٿي آهي؟</verse>
				<verse number="56">موت جو ڏنگ آهي گناهہ، ۽ گناهہ جو زور آهي شريعت.</verse>
				<verse number="57">پر شڪرانا خدا جا، جو هو اسان جي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي اسان کي فتح ٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="58">تنهنڪري اي منهنجا پيارا ڀائرو، اوهين ثابت قدم ۽ قائم رهو، ۽ خداوند جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا وڃو، ڇالاءِ جو اوهان کي خبر آهي تہ اوهان جي محنت خداوند ۾ اجائي نٿي ٿئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="16">
				<verse number="1">هاڻي انهي چندي بابت، جو پاڪ ٿيلن جي لاءِ آهي: جيئن مون گلتيہ جي ڪليسيائن کي حڪم ڏنو، تيئن اوهين بہ ڪجو.</verse>
				<verse number="2">هفتي جي پهرئين ڏينهن اوهان مان هرڪو پنهنجي وسعت آهر، ڪجهہ بچائي گڏ ڪري رکي، انهي لاءِ تہ جڏهن آئون اچان، تڏهن ڪوبہ چندو گڏ ڪرڻو نہ پوي.</verse>
				<verse number="3">۽ جڏهن آئون ايندس، تڏهن جن کي اوهين پسند ڪندا، تن کي آئون خط ڏيئي موڪليندس، تہ اوهان جي خيرات يروشلم ڏانهن کڻي وڃن،</verse>
				<verse number="4">۽ جي منهنجو وڃڻ بہ مناسب هوندو، تہ اُهي مون سان گڏجي هلندا.</verse>
				<verse number="5">پر آئون اوهان وٽ تڏهن ايندس، جڏهن مڪدونيہ مان لنگهندس، ڇالاءِ جو آئون مڪدونيہ مان لنگهڻ وارو آهيان.</verse>
				<verse number="6">۽ شايد اوهان وٽ ٽڪي پوندس، بلڪ سيارو اوهان وٽ گذاريندس، ۽ پوءِ اوهين مون کي سفر تي روانو ڪجو.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو منهنجي مرضي نہ آهي تہ واٽ ويندي اوهان جي ملاقات ڪريان، جو اُميد اٿم تہ جي خداوند جي مرضي هوندي تہ ڪجهہ وقت اوهان وٽ اچي رهندس.</verse>
				<verse number="8">پر پنتيڪست جي عيد تائين افسس ۾ ترسندس،</verse>
				<verse number="9">ڇوتہ منهنجي لاءِ هڪڙو وڏو ۽ ڪارگر دروازو کُليو آهي، ۽ مخالف بہ گهڻا آهن.</verse>
				<verse number="10">هاڻي جي تيمٿيس اچي تہ اهو خيال رکجو تہ اوهان وٽ بي ڊپو رهي، ڇالاءِ جو هو بہ خداوند جو ڪم ائين ٿو ڪري جيئن آئون ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="11">تنهنڪري ڪوبہ ماڻهو هن کي گهٽ نہ سمجهي، پر کيس صحيح سلامت اڳتي روانو ڪجو تہ مون وٽ اچي؛ ڇالاءِ جو ڀائرن سميت هن جي اچڻ جي لاءِ آئون منتظر آهيان.</verse>
				<verse number="12">باقي ڀاءُ اپلوس جي نسبت ۾ مون کيس گهڻي منٿ ڪئي تہ ڀائرن سان گڏ اوهان وٽ اچي، مگر هن وقت هن جي اچڻ جي بلڪل مرضي ڪانہ هئي، پر جڏهن وجهہ ملندس، تڏهن ايندو.</verse>
				<verse number="13">اوهين سجاڳ رهو، ايمان تي ثابت قدم رهو، مردانا ٿيو ۽ مضبوط ٿيو.</verse>
				<verse number="14">جيڪي ڪريو سو محبت سان ڪريو.</verse>
				<verse number="15">هاڻي اي ڀائرو، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان، (اوهان کي استفناس جي گهراڻي وارن جي خبر آهي تہ اُهي اخيہ جو پهريون ڦل آهن، ۽ اُهي پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار ٿا رهن،)</verse>
				<verse number="16">تہ اوهين بہ اهڙن ماڻهن جي، ۽ جيڪي انهي ڪم ۾ مددگار ۽ پورهيت آهن، تن جي تابعداريءَ ۾ رهو.</verse>
				<verse number="17">۽ آئون استفناس، ۽ فرتوُناتس ۽ اخيڪس جي اچڻ ڪري خوش ٿيو آهيان: ڇالاءِ جو هو اوهان جي بدلي آهن؛</verse>
				<verse number="18">۽ هنن منهنجي ۽ اوهان جي روح کي تازو ڪيو. اهڙن کي قبول ڪريو.</verse>
				<verse number="19">آسيہ جون جماعتون اوهان کي سلام ٿيون ڏين. اڪولہ ۽ پرسڪہ، ۽ جيڪا جماعت هنن جي گهر ۾ آهي، سي اوهان کي خداوند ۾ گهڻا گهڻا سلام ٿا ڏين.</verse>
				<verse number="20">سڀيئي ڀائر اوهان کي سلام ٿا ڏين. هڪ ٻئي کي پاڪ چُمي ڏيئي سلام ڏجو.</verse>
				<verse number="21">آئون پولس پنهنجي هٿ سان سلام ٿو لکان.</verse>
				<verse number="22">جيڪڏهن ڪو شخص خداوند کي پيار نٿو ڪري، تہ انهي تي شل لعنت هجي. خداوند اچڻ وارو آهي.</verse>
				<verse number="23">شل خداوند يسوع مسيح جو فضل اوهان تي هجي.</verse>
				<verse number="24">مسيح يسوع ۾ اوهان سڀني کي منهنجو پيار رسي. آمين.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="47">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب مسيح يسوع جو رسول آهي، انهي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان، خدا جي اُنهيءَ ڪليسيا ڏانهن، جا ڪرنٿيس ۾ آهي، ۽ انهن سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي ساري اخيہ ۾ آهن:</verse>
				<verse number="2">اسان جي پيءُ خدا، ۽ خداوند يسوع مسيح جو فضل ۽ اطمينان حاصل ٿيندو رهي.</verse>
				<verse number="3">اسان جي خداوند يسوع مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي تعريف هجي، جو رحمتن جو پيءُ ۽ سڀ ڪنهن تسلي جو خدا آهي.</verse>
				<verse number="4">جو اسانجين سڀني مصيبتن ۾ اسان کي تسلي ٿو ڏئي، انهي لاءِ تہ جيڪا تسلي خدا خود اسان کي ٿو ڏئي، تنهن جي وسيلي اسين اُنهن ٻين کي بہ تسلي ڏيئي سگهون جي ڪنهن مصيبت ۾ آهن.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو جيئن مسيح جي خاطر اسان جا ڏک وڌندا ٿا وڃن، تيئن ئي اسان جي تسلي بہ مسيح جي وسيلي وڌندي ٿي وڃي.</verse>
				<verse number="6">پر جي اسين مصيبت ۾ مبتلا آهيون، تہ اُها اوهان جي تسلي ۽ نجات جي لاءِ آهي؛ يا جي اسان کي تسلي ملي تہ اُها اوهان جي تسلي جي لاءِ آهي، جنهن جي اثر ڪري اوهين صبر سان اُهي ساڳيا ڏک سهو ٿا، جي اسين بہ ٿا سهون.</verse>
				<verse number="7">۽ اسان کي اوهان جي لاءِ پڪي اُميد آهي، ڇالاءِ جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جيئن اوهين انهن ڏکن ۾ شريڪ آهيو، تيئن انهي تسلي ۾ بہ شريڪ آهيو.</verse>
				<verse number="8">اي ڀائرو، اسان جي مرضي نہ آهي تہ اوهين اسان جي انهيءَ مصيبت کان ناواقف رهو جا آسيہ ۾ اسان تي پيئي؛ جنهن ڪري اسين حد کان وڌيڪ، ۽ پنهنجي طاقت کان ٻاهر بار هيٺ اچي وياسين، ايتري قدر جو اسان پنهنجي حياتيءَ جي بہ اُميد لاهي ڇڏي.</verse>
				<verse number="9">بلڪ اسان پاڻ تي موت جي حڪم جي پڪ سمجهي، تان تہ پاڻ تي ڀروسو نہ رکون پر خدا تي، جو مُئلن کي جياري ٿو؛</verse>
				<verse number="10">۽ هن اسان کي هيڏي وڏي خطري کان ڇڏايو ۽ ڇڏائيندو؛ تنهن تي اسان اها اُميد رکي آهي، تہ هو اڃا بہ اسان کي ڇڏائيندو رهندو.</verse>
				<verse number="11">اوهين بہ پنهنجي دعا سان اسان جي مدد ڪجو، تہ جيڪا نعمت اسان کي گهڻن جي وسيلي ملي آهي، تنهن جي لاءِ اسان جي طرفان گهڻا ماڻهو شڪرانا ڪن.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو اسان جو فخر هيءُ آهي، ۽ اسان جي دل بہ شاهدي ٿي ڏئي، تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان ۾ جيڪا هلت چلت ڪئي، سا جسماني ڏاهپ سان نہ، پر پاڪيزگيءَ، ۽ راستبازيءَ، ۽ خدا جي فضل سان.</verse>
				<verse number="13">هن ڪري جو اسين اوهان ڏانهن ٻيون ڪي ڳالهيون نٿا لکون، رڳو اهي ٿا لکون جي اوهين پڙهو ۽ مڃو بہ ٿا، ۽ آئون اُميد ٿو ڪريان تہ توڙ تائين مڃيندا رهندا.</verse>
				<verse number="14">جيئن ڪ اوهان ڪجهہ قدر مڃيو بہ آهي تہ اسين اوهان جو فخر آهيون، جهڙيءَ طرح اسان جي خداوند يسوع جي ڏينهن اوهين بہ اسان جو فخر ٿيندا.</verse>
				<verse number="15">۽ انهي اعتقاد تي مون ارادو ڪيو تہ پهرين اوهان ڏانهن اچان، تہ اوهان کي ٻيڻي نعمت ملي؛</verse>
				<verse number="16">يعني تہ اوهان وٽان ٿي مڪدونيہ ڏانهن وڃان، ۽ مڪدونيہ کان موٽي اوهان وٽ اچان، ۽ اوهين مون کي يهوديہ ڏانهن روانو ڪريو.</verse>
				<verse number="17">تنهنڪري جڏهن مون اهو ارادو ڪيو، تڏهن مون ڪا ڳالهہ هيٺ مٿي ڪئي ڇا؟ يا جن ڳالهين جو ارادو ڪريان ٿو، سو جسماني طرح ٿو ڪريان ڇا، انهي لاءِ تہ هائو هائو بہ ڪريان، ۽ نہ نہ بہ ڪريان؟</verse>
				<verse number="18">پر خدا ٿو ڄاڻي تہ اسين جيڪي اوهان کي چئون ٿا، تنهن ۾ هائو ۽ نہ ٻئي نہ آهن.</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ جو خدا جو فرزند يسوع مسيح، جنهن جي اسان اوهان ۾ منادي ڪئي، يعني مون ۽ سلوانس ۽ تيمٿيس، سو هائو ۽ نہ ٻئي نہ هو؛ پر انهي ۾ رڳو هائو آهي.</verse>
				<verse number="20">هن ڪري جو خدا جا جيترا بہ واعدا آهن، سي سڀ هن ۾ هائو سان آهن. ۽ انهي ڪري هن جي وسيلي آمين بہ ٿا چئون تہ اسان جي معرفت خدا جو جلال ظاهر ٿئي.</verse>
				<verse number="21">هاڻي جيڪو اسان کي اوهان سان گڏ مسيح ۾ قائم ٿو ڪري، ۽ جنهن اسان کي مسح ڪيو سو خدا آهي؛</verse>
				<verse number="22">انهي اسان تي مهر بہ هنئي ۽ اسانجين دلين ۾ روح سوٿيءَ طور ڏنائين.</verse>
				<verse number="23">پر آئون خدا کي پنهنجيءَ جان تي شاهد ڪري ٿو سڏيان، تہ اوهان تي ڪهل ڪرڻ جي سانگي آئون ڪرنٿيس ۾ نہ آيس.</verse>
				<verse number="24">اسين ايمان جي نسبت ۾ اوهان تي حڪومت نٿا هلايون، پر اوهان جي خوشيءَ جي لاءِ اوهان جا مددگار آهيون؛ ڇالاءِ جو ايمان جي ڪري اوهين قائم آهيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">پر مون پنهنجي لاءِ اهو پڪو ارادو ڪيو هو، تہ آئون وري اوهان وٽ غمگين ٿي ڪين ايندس.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ تہ جيڪڏهن آئون اوهان کي غمگين ڪندس تہ پوءِ مون کي ڪير خوش ڪندو، سواءِ انهي جي، جو منهنجي ڪري غمگين ٿيو آهي؟</verse>
				<verse number="3">۽ مون اها ساڳي ڳالهہ لکي تہ متان جڏهن اچان، تڏهن جن کان خوشيءَ جي اُميد اٿم، تن کان مون کي غم رسي، جو اوهان سڀني جي نسبت ۾ مون کي اهو يقين آهي، تہ منهنجي خوشيءَ ۾ اوهان سڀني جي خوشي آهي.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو مون ڏاڍي ڏک ۽ دلگيريءَ سان، گهڻا ڳوڙها ڳاڙي اوهان ڏانهن لکيو؛ نہ انهي لاءِ تہ اوهين غمگين ٿيو، پر انهي لاءِ تہ جيڪا گهڻي محبت مون کي اوهان سان آهي سا اوهان کي معلوم ٿئي.</verse>
				<verse number="5">پر جيڪڏهن ڪنهن هي غم پيدا ڪيو آهي، تہ رڳو مون ۾ ڪين پيدا ڪيو اٿس، آئون سختيءَ سان نٿو چوان – پر ٿورو گهڻو اوهان سڀني ۾ بہ پيدا ڪيو اٿس.</verse>
				<verse number="6">اها سزا، جا گهڻن جي طرفان ملي، سا اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڪافي آهي؛</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري اوهان کي گهرجي تہ کيس معاف ڪريو ۽ تسلي ڏيوس، متان اهو ماڻهو گهڻي غم ڪري برباد ٿي وڃي.</verse>
				<verse number="8">تنهنڪري آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ کيس پنهنجيءَ محبت ۾ بحال ڪريو.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو مون انهي لاءِ بہ لکيو تہ آئون اوهان کي آزمايان تہ سڀني ڳالهين ۾ فرمانبردار آهيو يا نہ.</verse>
				<verse number="10">پر جنهن کي اوهين ڪنهن ڳالهہ جي معافي ٿا ڏيو؛ انهي کي آئون بہ معافي ٿو ڏيان. ڇالاءِ جو جيڪڏهن مون ڪجهہ بہ معاف ڪيو آهي، تہ مسيح جي روبرو اوهان جي خاطر اهو معاف ڪيو اٿم.</verse>
				<verse number="11">انهي لاءِ تہ شيطان اسان تي قبضو نہ ڪري، جو اسين هن جي منصوبن کان غير واقف نہ آهيون.</verse>
				<verse number="12">هاڻي جڏهن آئون تروآس ۾ مسيح جي خوشخبري ٻُڌائڻ لاءِ آيس ۽ خداوند ۾ منهنجي لاءِ هڪڙو در کُليو،</verse>
				<verse number="13">تڏهن منهنجي روح کي آرام نہ آيو، ڇالاءِ جو مون پنهنجي ڀاءُ طيطس کي اُتي نہ ڏٺو؛ پوءِ هنن کان موڪلائي مڪدونيہ ڏانهن هليو ويس.</verse>
				<verse number="14">پر خدا جو شڪر آهي، جو مسيح ۾ اسان کي هميشہ فتحمند ڪري ٿو ۽ اسان جي وسيلي پنهنجي علم جي خوشبوءِ جتي ڪٿي ڦهلائي ٿو،</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو جن کي نجات ٿي ملي ۽ جيڪي چٽ ٿا ٿين، تن ٻنهي جي لاءِ اسين خدا جي حضور ۾ مسيح جي خوشبوءِ آهيون.</verse>
				<verse number="16">هڪڙن جي واسطي مرڻ لاءِ موت جي بوءِ، ۽ ٻين جي واسطي جيئڻ لاءِ زندگيءَ جي خوشبوءِ. ۽ انهن ڳالهين جي لاءِ ڪير لائق آهي؟</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو اسين انهن گهڻن جهڙا نہ آهيون، جي خدا جي ڪلام ۾ واپار ٿا ڪن؛ پر اسين دل جي سچائيءَ سان ۽ خدا جي طرفان، ۽ خدا جي حضوريءَ ۾، مسيح ۾ ٿا ڳالهايون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">اسين وري پنهنجي ساراهہ پاڻ ٿا ڪريون ڇا؟ يا جيئن ڪ ماڻهو ڪندا آهن تيئن سفارش جا خط اوهان ڏانهن موڪلڻ ۽ اوهان کان ڪجهہ وٺڻ جا محتاج آهيون ڇا؟</verse>
				<verse number="2">اسان جو خط تہ اوهين آهيو، جو اسان جي دلين ۾ لکيل آهي ۽ جو سڀيئي ماڻهو ڄاڻن ۽ پڙهن ٿا؛</verse>
				<verse number="3">۽ اها ڳالهہ پڌري ٿي آهي تہ اوهين مسيح جو خط آهيو، جو اسان خدمت بجا آڻي لکيو، نہ مس سان، پر جيئري خدا جي روح سان، نہ پهڻ جي تختين تي، پر گوشت جي يعني دلين جي تختين تي.</verse>
				<verse number="4">۽ اسين مسيح جي معرفت خدا تي اهڙو ئي يقين ٿا رکون.</verse>
				<verse number="5">ائين نہ آهي تہ اسين پاڻ اهڙي لياقت ٿا رکون، جو پاڻهي پاڻ کان ڪو خيال ڪري سگهون؛ پر اسان جي لياقت خدا کان آهي،</verse>
				<verse number="6">جنهن اسان کي نئين عهد جي خادم ٿيڻ جو لائق ڪيو، نہ لفظن جو پر روح جو؛ ڇالاءِ جو لفظ ماري ٿا وجهن، پر روح جياري ٿو.</verse>
				<verse number="7">پر جيڪڏهن موت جي خدمت، جنهن جو عهد پهڻن تي اُڪريل هو، سا اهڙي جلال واري ٿي جو جيڪو جلال موسيٰ جي چهري تي هو ۽ جيتوڻيڪ اهو جلال فاني هو تہ بہ بني اسرائيل سندس منهن ڏانهن غور سان نهاري نٿي سگهيا،</verse>
				<verse number="8">تہ روح جي خدمت ڀلا ڇو نہ جلال واري هوندي؟</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو اها خدمت جا ڏوهاري ٿي ٺهرائي، سا جيڪڏهن جلال واري آهي تہ جنهن خدمت جي ڪري راستباز ٿو ٺهرجي سا تہ ضرور انهيءَ کان بہ زيادہ جلال واري هوندي.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو حقيقت ڪري اهو جلال وارو، هن ٻئي جي زيادہ جلال جي ڪري بي جلال ٿي پيو.</verse>
				<verse number="11">هن ڪري جو جيڪڏهن هو فنا ٿيندڙ جلال وارو هو، تہ هي بقا ڪندڙ تہ ضرور زيادہ جلال وارو هوندو.</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري اهڙي اميد رکي اسين وڏيءَ دليريءَ سان ڳالهايون ٿا،</verse>
				<verse number="13">۽ موسيٰ وانگر نہ آهيون، جنهن پنهنجي منهن تي پردو وڌو تہ متان بني اسرائيل انهي فنا ٿيندڙ شئي جي پڇاڙيءَ تي غور سان نظر ڪن،</verse>
				<verse number="14">پر هنن جون دليون سخت ٿي ويون؛ ڇالاءِ جو اڄ ڏينهن تائين پراڻي عهدنامي جي پڙهڻ وقت اهو ساڳيو پردو پيل ٿو رهي؛ جو پردو مسيح ۾ کڄي ويو.</verse>
				<verse number="15">پر اڄ ڏينهن تائين جڏهن ڪڏهن هو موسيٰ جو ڪتاب پڙهن ٿا، تڏهن هنن جي دل تي پردو پيل ٿو رهي.</verse>
				<verse number="16">پر جڏهن ڪڏهن هنن جي دل خداوند ڏانهن ڦرندي، تڏهن پردو کڄي ويندو.</verse>
				<verse number="17">هاڻي اهو خداوند روح آهي؛ ۽ جتي خداوند جو روح آهي اُتي آزادي آهي.</verse>
				<verse number="18">پر اسين سڀيئي بي نقاب چهري سان خداوند جو جلال ڏسي، درجي بدرجي خداوند جي روح جي وسيلي سندس جلالي صورت ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">سو جنهن صورت ۾ اسان کي هيءَ خدمت خدا جي رحمت سان ملي آهي، تنهن صورت ۾ اسين همت نٿا هاريون.</verse>
				<verse number="2">پر اسان بي شرميءَ ۽ ٺڳيءَ جون ڳالهيون ڇڏي ڏنيون آهن، ۽ مڪارن وانگر نٿا هلون، نڪي خدا جي ڪلام ۾ ملاوت ٿا ڪريون، پر سچ کي پڌرو ٿا ڪريون، تہ خدا جي اڳيان اسان لاءِ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي دل ۾ خاطري ٿئي.</verse>
				<verse number="3">پر جي اسان جي خوشخبري ڍڪيل آهي، تہ اُها اُنهن جي ئي لاءِ ڍڪيل آهي جي چٽ پيا ٿين:</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو هن دنيا جي سردار بي ايمانن جي دلين کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي؛ انهي لاءِ تہ مسيح، جو خدا جي صورت آهي، تنهن جي جلال جي خوشخبريءَ جي روشني انهن تي نہ پوي.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو اسين پنهنجي منادي نٿا ڪريون، پر مسيح يسوع جي منادي ٿا ڪريون تہ هو خداوند آهي، ۽ پنهنجي لاءِ هيئن ٿا چئون تہ يسوع جي خاطر اوهان جا خادم آهيون.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو خدا فرمايو تہ اوندهہ مان سوجهرو چمڪي، جو اسان جي دلين ۾ چمڪيو، تہ خدا جي جلال جي علم جو نور يسوع مسيح جي چهري ۾ ظاهر ٿئي.</verse>
				<verse number="7">پر اهو خزانو اسان وٽ مٽيءَ جي ٿانوَن ۾ رکيل آهي، انهي لاءِ تہ معلوم ٿئي تہ اها وڏي قدرت خدا جي آهي، نہ اسان جي.</verse>
				<verse number="8">اسين هر طرف مصيبت ۾ مبتلا آهيون، تڏهن بہ گهُٽيا نہ ويا آهيون؛ مُنجهي پيا آهيون، تڏهن بہ نااُميد نہ ٿيا آهيون؛</verse>
				<verse number="9">ستايل آهيون، تڏهن بہ وساريل نہ آهيون؛ ڪيرايل آهيون، تڏهن بہ فنا نہ ٿيا آهيون؛</verse>
				<verse number="10">اسين هميشہ پنهنجي بدن ۾ يسوع جو موت کنيو ٿا گهُمون، انهي لاءِ تہ يسوع جي زندگي بہ اسان جي بدن ۾ ظاهر ٿئي.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو اسين جي جيئرا آهيون، سي هميشہ يسوع جي خاطر موت جي حوالي ڪيا ٿا وڃون، انهي لاءِ تہ يسوع جي زندگي بہ اسان جي فاني جسم ۾ ظاهر ٿئي.</verse>
				<verse number="12">تنهن ڪري اسين موت جي اثر هيٺ ٿا رهون، پر اوهين زندگيءَ جي.</verse>
				<verse number="13">پر جڏهن اسان ۾ اهوئي ساڳيو ايمان جو روح آهي، جنهن بابت لکيل آهي تہ ”مون ايمان آندو ۽ تنهنڪري مون ڳالهايو؛“ تڏهن اسين بہ ايمان ٿا آڻيون، ۽ تنهنڪري ڳالهايون ٿا؛</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جنهن خداوند يسوع کي جياريو، سو اسان کي بہ يسوع سان گڏ جياريندو، ۽ انهي سان گڏ پاڻ وٽ حاضر ڪندو.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو سڀ شيون اوهان جي واسطي آهن، انهي لاءِ تہ فضل، جو گهڻن جي ڪري زيادہ ٿو ٿئي، سو خدا جي جلال جي لاءِ شڪرگذاري بہ وڌائي.</verse>
				<verse number="16">تنهنڪري اسين همت نٿا هاريون؛ پر جيتوڻيڪ اسان جي ظاهري انسانيت فنا ٿيندي ٿي وڃي، تڏهن بہ اسان جي اندرين انسانيت روز بروز نئين ٿيندي ٿي وڃي.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو اسان جي هيءَ هلڪي مصيبت جا ٿوري وقت لاءِ آهي، سا اسان جي واسطي بيحد وڏو ۽ ابدي جلال ٿي پيدا ڪري؛</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو اسين انهن شين تي نظر نٿا ڪريون جيڪي ڏسڻ ۾ ٿيون اچن، پر انهن تي جيڪي نٿيون ڏسجن، ڇالاءِ جو ڏٺل شيون فاني آهن، پر اڻ ڏٺل شيون ابدي آهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">ڇالاءِ جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪڏهن اسان جو هيءُ تنبوءَ جهڙو خاڪي گهر ڊاهيو ويندو، تہ اسان کي خدا کان آسمان تي هڪڙي اهڙي عمارت ملندي جا هٿن سان جوڙيل نہ آهي، پر هميشہ جٽاءُ ڪندڙ آهي.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ تہ اسان جو گهر جو آسمان ۾ آهي، تنهن کي پوشاڪ وانگر پائڻ لاءِ اسين آهون پيا ڀريون:</verse>
				<verse number="3">۽ جي اهو ڍڪيوسين تہ پوءِ اسين اُگهاڙا نہ ٿينداسين.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو اسين هن تنبوءَ ۾ رهي، بار جي ڪري پيا آهون ڀريون؛ نہ هن لاءِ تہ اها پوشاڪ لاهڻ ٿا گهُرون، پر انهي لاءِ تہ هن جي مٿان ٻي پوشاڪ پايون، تہ جيڪي مرڻ هارڪو آهي سو حياتيءَ ۾ غرق ٿي وڃي.</verse>
				<verse number="5">هاڻي جنهن اسان کي انهيءَ ساڳيءَ ڳالهہ لاءِ تيار ڪيو، سو خدا آهي، ۽ اسان کي روح سوٿيءَ طور ڏنائين.</verse>
				<verse number="6">تنهنڪري اسان کي هميشہ پوري همت ٿي رهي، ۽ خبر اٿئون تہ جيسين جسماني گهر ۾ آهيون، تيسين خدا کان پري آهيون.</verse>
				<verse number="7">(ڇالاءِ جو اسين ايمان جي وسيلي ٿا هلون، نہ اکين ڏٺي.)</verse>
				<verse number="8">مطلب تہ اسان کي پوري همت آهي ۽ اسين بدن مان ڇُٽي خداوند وٽ رهڻ زيادہ پسند ٿا ڪريون.</verse>
				<verse number="9">انهي ڪري اسان جو هيءُ نشانو آهي، تہ اسين بدن ۾ هجون يا ٻاهر هجون تہ بہ هن کي خوش ڪريون.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو اسان سڀني کي مسيح جي عدالت جي تخت جي اڳيان حاضر ٿيڻو آهي؛ انهي لاءِ تہ هر ڪنهن کي انهن ڪمن جو بدلو ملي جي هن بدن ۾ رهي ڪيا آهن، پوءِ اهي چڱا هجن يا بڇڙا.</verse>
				<verse number="11">تنهنڪري خداوند جو خوف ڄاڻي اسين ماڻهن کي سمجهايون ٿا، ۽ اسان جو حال خدا کي معلوم آهي، ۽ مون کي اُميد آهي تہ اوهانجين دلين کي بہ اسان جي حال جي خبر پيئي هوندي.</verse>
				<verse number="12">وري بہ اسين اوهان وٽ پنهنجي تعريف نہ ٿا ڪريون، پر پنهنجي ڪري اوهان کي فخر ڪرڻ جو وجهہ ٿا ڏيون، تہ اوهين انهن کي جواب ڏيئي سگهو جي ظاهر تي فخر ٿا ڪن، نہ دل تي.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ تہ جي اسين سودائي آهيون تہ خدا جي لاءِ آهيون؛ يا جي اسين سمجهو آهيون تہ اوهان جي لاءِ آهيون.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو مسيح جي محبت اسان کي مجبور ٿي ڪري، هن ڪري جو اسين ائين ٿا سمجهون، تہ جي هڪڙو سڀني لاءِ مُئو تہ سڀ مري ويا؛</verse>
				<verse number="15">۽ هو سڀني جي لاءِ مُئو تہ جيڪي جيئرا آهن سي اڳتي پنهنجي لاءِ نہ، پر انهي جي لاءِ جيئن، جو سندن واسطي مُئو ۽ وري جي اُٿيو.</verse>
				<verse number="16">تنهنڪري هن کانپوءِ اسين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي جسماني طور نٿا سڃاڻون، جيتوڻيڪ اسان مسيح کي بہ جسماني طور سڃاتو هو، پر هاڻي اسين هن کي ائين نٿا سڃاڻون.</verse>
				<verse number="17">تنهنڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو مسيح ۾ آهي تہ هو نئون مخلوق آهي: پراڻيون شيون گذري ويون؛ ڏسو، هو نوان ٿي پيا آهن.</verse>
				<verse number="18">پر سڀ شيون خدا کان آهن، جنهن مسيح جي وسيلي اسان کي پاڻ سان ملايو، ۽ ميل ميلاپ جي خدمت اسان جي حوالي ڪئي.</verse>
				<verse number="19">يعني تہ خدا، مسيح ۾ ٿي ڪري جهان کي پاڻ سان ملايو، ۽ هنن جا قصور سندن ذمي شمار نہ ڪيائين، ۽ ميل ميلاپ جو ڪلام اسان کي ڏيئي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="20">تنهنڪري اسين مسيح جي طرفان ايلچي آهيون، ڄڻ تہ اسان جي وسيلي خدا اوهان کي منٿ ٿو ڪري، ۽ اسين اوهان کي مسيح جي پاران نيزاري ٿا ڪريون، تہ خدا سان ميل ميلاپ ڪريو.</verse>
				<verse number="21">جنهن کي گناهہ جي ڪابہ واقفيت ڪانہ هئي، تنهن کي هن اسان جي واسطي گناهہ ٺهرايو؛ انهي لاءِ تہ هن ۾ اسين خدا جي راستبازي ٿي پئون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">۽ اسين جي هن سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا آهيون، سي هيءُ بہ عرض ٿا ڪريون، تہ خدا جو فضل جو اوهان تي ٿيو آهي، سو اجايو نہ وڃي.</verse>
				<verse number="2">(ڇالاءِ جو هو چوي ٿو تہ ”قبوليت جي وقت مون اوهان جي ٻُڌي، ۽ نجات جي ڏينهن مون اوهان جي مدد ڪئي:“ ڏسو، اهو قبوليت جو ڏينهن هاڻي آهي، ڏسو، اهو نجات جو ڏينهن هاڻي آهي.)</verse>
				<verse number="3">اسين ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گمراهہ ٿيڻ جو وجهہ نٿا ڏيون، انهي لاءِ تہ اسان جي خدمت ۾ عيب ڏسڻ ۾ نہ اچي؛</verse>
				<verse number="4">پر سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾ پاڻ کي خدا جا خادم ڄاڻائي، پنهنجي نيڪي ظاهر ٿا ڪريون: ڏاڍي صبر ۾، مصيبتن ۾، ضرورتن ۾، تنگ حالتن ۾؛</verse>
				<verse number="5">چهبڪن کائڻ ۾، قيد ٿيڻ ۾، هنگامن ۾، محنتن ۾، اوجاڳن ۾، فاقن ڪڍڻ ۾؛</verse>
				<verse number="6">پاڪيزگيءَ ۾، علم ۾، گهڻي تحمل ۾، مهربانيءَ ۾، پاڪ روح ۾، خالص محبت ۾،</verse>
				<verse number="7">سچ جي ڪلام ۾، خدا جي قدرت ۾؛ راستبازيءَ جي هٿيارن سان سڄي پاسي ۽ کٻي پاسي؛</verse>
				<verse number="8">عزت ۽ بي عزتيءَ سان، بدناميءَ ۽ نيڪ ناميءَ سان؛ ٺڳن وانگر، مگر سچار؛</verse>
				<verse number="9">گمنامن وانگر، مگر مشهور؛ مُئلن وانگر، مگر ڏسو اسين جيئون پيا؛ سزا يافتن وانگر، مگر ماري وڌل نہ؛</verse>
				<verse number="10">غمگينن وانگر، مگر هميشہ خوش؛ غريبن وانگر، مگر گهڻن کي شاهوڪار ٿا ڪريون؛ سُڃن سکڻن وانگر، مگر سڀ ڪجهہ رکڻ وارا.</verse>
				<verse number="11">اي ڪرنٿيو، اسان کليءَ طرح اوهان سان ڳالهايو آهي، ۽ اسان جي دل ڪشادي آهي.</verse>
				<verse number="12">اوهين اسانجين دلين ۾ تنگ نہ ٿيا آهيو، مگر پنهنجين دلين ۾ تنگ ٿيا آهيو.</verse>
				<verse number="13">هاڻي آئون اوهان کي پنهنجا ٻار ڄاڻي چوان ٿو تہ اوهين بہ ڪشادہ دل ٿيو.</verse>
				<verse number="14">بي دينن سان تعلق پيدا نہ ڪريو، ڇالاءِ جو راستبازيءَ ۽ بدڪاريءَ جي وچ ۾ ڪهڙي شراڪت آهي؟ يا روشنيءَ جو اونداهيءَ سان ڪهڙو واسطو آهي؟</verse>
				<verse number="15">مسيح جي بليعال سان ڪهڙي موافقت آهي؟ يا ايماندار شخص جي بي ايمان سان ڪهڙي ڀائيواري آهي؟</verse>
				<verse number="16">۽ خدا جي هيڪل جو بُتن سان ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ ڇالاءِ جو اسين جيئري خدا جي هيڪل آهيون، جهڙيءَ طرح ڪ خدا فرمايو آهي تہ ”آئون انهن ۾ رهندس، ۽ انهن ۾ هلندس چلندس، آئون انهن جو خدا ٿيندس ۽ اهي منهنجي اُمت ٿيندا.</verse>
				<verse number="17">تنهنڪري اوهين انهن منجهان نڪري اچو ۽ ڌار ٿيو، ۽ ڪنهن بہ پليت شئي کي هٿ نہ لايو، ۽ آئون اوهان کي قبول ڪندس؛</verse>
				<verse number="18">۽ آئون اوهان جو پيءُ ٿيندس، ۽ اوهين منهنجا پٽ ۽ ڌيئرون ٿيندا. خداوند قادر مطلق ائين ٿو فرمائي.“</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">تنهنڪري اي پيارو، جڏهن اسان سان اهڙا واعدا ڪيا ويا آهن، تڏهن اچو تہ اسين پاڻ کي هر طرح جي جسماني ۽ روحاني ناپاڪيءَ کان پاڪ ڪريون، ۽ خدا جو خوف رکي پاڪيزگيءَ ۾ ڪامل ٿيون.</verse>
				<verse number="2">اسان کي قبول ڪريو، اسان ڪنهن سان بہ ظلم نہ ڪيو، نڪي ڪنهن کي بگاڙيو، نڪي ڪنهن کي ٺڳيو.</verse>
				<verse number="3">آئون اوهان کي ڏوهہ ڏيڻ جي لاءِ ائين نٿو چوان، ڇالاءِ جو آئون اڳيئي چئي چڪو آهيان، تہ اوهين اسانجين دلين ۾ اهڙي طرح ٿا رهو، جو اسين گڏ مرنداسين، ۽ گڏ جيئنداسين.</verse>
				<verse number="4">آئون اوهان سان وڏي جرئت ڪري ٿو ڳالهايان، آئون اوهان تي وڏو فخر ٿو ڪريان: مون کي پوري تسلي آهي؛ ۽ آئون پنهنجين سڀني مصيبتن ۾ نهايت خوش ٿو رهان.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو جڏهن اسين مڪدونيہ ۾ آياسين، تڏهن بہ اسان جي جسم کي آرام ڪونہ هو، پر اسين هر طرف مصيبتن ۾ گرفتار ٿي وياسين؛ ٻاهر جهيڙا جهڳڙا هئا، اندر ڊپ ڊاءُ هو.</verse>
				<verse number="6">انهي هوندي بہ جيڪو نماڻن کي تسلي ٿو ڏئي، يعني خدا، تنهن طيطس جي اچڻ ڪري اسان کي تسلي ڏني:</verse>
				<verse number="7">۽ نہ فقط سندس اچڻ ڪري پر اوهان هن کي تسلي ڏني تنهنڪري بہ، ۽ هن اسان کي اوهان جي دل جي خواهش، اوهان جو غم، ۽ اوهان کي مون لاءِ جو شوق آهي سو بيان ڪري ٻُڌايو، جنهنڪري آئون پاڻ زيادہ خوش ٿيس.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ مون اوهان کي پنهنجي خط سان غمگين ڪيو، تڏهن بہ انهي ڪري پڇتايان نٿو، اگرچہ اڳي پڇتائيم ٿي؛ ڇالاءِ جو آئون ڏسان ٿو تہ انهي خط اوهان کي غمگين ڪيو اگرچہ ٿوري وقت تائين.</verse>
				<verse number="9">هاڻي جو آئون خوش ٿيو آهيان سو نہ انهي ڪري تہ اوهين غمگين ٿيا؛ پر انهي ڪري تہ غمگين ٿيڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو اوهان پڇتاءُ ڪيو: ڇالاءِ جو اوهان جي غمگيني خدا جي مرضيءَ موجب هئي، انهي لاءِ تہ اوهين اسان جي ڪري ڪنهن بہ طرح جو نقصان نہ سهو.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ تہ اهڙي غمگيني، جا خدا جي مرضيءَ موجب آهي سا توبهہ ٿي پيدا ڪري؛ اهڙي توبهہ جنهن جو نتيجو نجات آهي، تنهن ۾ ڪا بہ پشيماني نہ ٿي ٿئي؛ پر دنياوي غم جي ڪري موت ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو ڏسو، اها ئي ساڳي ڳالهہ تہ اوهان جي غمگيني خدا جي مرضيءَ موجب هئي، تنهن اوهان ۾ ڪهڙي نہ سرگرمي، ڪهڙي نہ عذرخواهي، ڪهڙي نہ غيرت، ڪهڙو نہ ڊپ، ڪهڙي نہ سڪ، ڪهڙو نہ شوق، ڪهڙو نہ انتقام پيدا ڪيو! هر طرح سان اوهان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ انهي ڳالهہ ۾ اوهين آجا آهيو.</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري مون جو اوهان ڏانهن لکيو هو، سو نہ انهي جي ڪري جنهن بي انصافي ڪئي هئي، نڪي انهي جي ڪري جنهن سان بي انصافي ٿي، پر انهي لاءِ تہ اوهان کي جيڪو اسان جي لاءِ فڪر آهي، سو خدا جي اڳيان اوهان تي ظاهر ٿئي.</verse>
				<verse number="13">تنهنڪري اسان کي تسلي ملي، ۽ اسان جي انهيءَ تسلي کانسواءِ اسان کي طيطس جي خوشيءَ سببان نهايت گهڻي خوشي ٿي، ڇالاءِ جو اوهان سڀني جي ڪري هن جي روح کي تازگي ملي آهي.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو جيڪڏهن مون هن جي اڳيان اوهان جي بابت ڪو فخر ظاهر ڪيو، تہ آئون شرمندو نہ ٿيس، پر جيئن اسان اوهان سان سڀ ڳالهيون سچيون ڪيون، تيئن جيڪو فخر مون طيطس جي اڳيان ڪيو، سو بہ سچو ثابت ٿيو.</verse>
				<verse number="15">۽ جڏهن هن کي اوهان سڀني جي فرمانبرداري ياد ٿي اچي، تہ اوهين ڪهڙيءَ طرح ڊڄندي ۽ ڏڪندي ساڻس گڏيا، تڏهن سندس دلي محبت اوهان ڏانهن پاڻ گهڻي قدر زيادہ ٿي ٿئي.</verse>
				<verse number="16">آئون خوش ٿيو آهيان جو اوهان جي نسبت ۾ هر طرح جي دلجاءِ اٿم.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">هاڻي، اي ڀائرو، اسين اوهان کي خدا جي انهي فضل جي خبر ٿا ڏيون جو مڪدونيہ جي ڪليسيائن تي ٿيو آهي؛</verse>
				<verse number="2">تہ ڪهڙيءَ طرح مصيبت جي وڏيءَ آزمائش ۾ انهن جي خوشي وڌي ويئي، ۽ ڏاڍيءَ غريبيءَ جي ڪري سندين سخاوت جي دولت تمام گهڻي ٿي ويئي.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو آئون شاهدي ٿو ڀريان تہ انهن پنهنجي وت آهر، بلڪ پنهنجي وت کان وڌيڪ خوشيءَ سان ڏنو،</verse>
				<verse number="4">۽ پاڪ ٿيلن جي خدمت ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڏاڍي منٿ زاريءَ سان عرض ڪيائون؛</verse>
				<verse number="5">۽ نہ رڳو هنن اسان جي اميد موافق ڏنو، پر پنهنجو پاڻ پهرين خداوند کي ڏيئي، پوءِ خدا جي مرضيءَ موجب اسان کي بہ ڏنائون.</verse>
				<verse number="6">ايتري قدر جو اسان طيطس کي هدايت ڪئي، تہ جيئن هن پهرين اوهان ۾ اها نعمت شروع ڪئي هئي، تيئن انهي کي پورو بہ ڪري.</verse>
				<verse number="7">پر جيئن اوهين سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾، يعني ايمان ۽ ڪلام ۽ علم ۾، هر طرح جي سرگرميءَ ۾، ۽ اسان ڏانهن پنهنجي محبت ۾ وڌندا ٿا وڃو، تيئن هن فضل ۾ بہ وڌندا وڃو.</verse>
				<verse number="8">آئون حڪم وانگر ائين نٿو چوان، پر انهي لاءِ ٿو چوان تہ ٻين جي سرگرميءَ سان اوهان جي محبت جي سچائي آزمايان.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو اوهان کي اسان جي خداوند يسوع مسيح جي فضل جي خبر آهي، تہ جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تہ بہ اوهان جي خاطر غريب ٿي ويو، انهي لاءِ تہ اوهين سندس غريبيءَ جي ڪري دولتمند ٿي وڃو.</verse>
				<verse number="10">۽ انهيءَ ڳالهہ بابت آئون پنهنجي راءِ ٿو ڏيان، ڇالاءِ جو اها اوهان جي لاءِ فائدي واري آهي، جو اوهين گذريل سال نہ فقط انهي ڪم جي شروع ڪرڻ ۾ پر ارادي ڪرڻ ۾ بہ پهريان هئا.</verse>
				<verse number="11">هاڻي اهو ڪم پورو بہ ڪريو، تہ جيئن اوهين ارادي ڪرڻ ۾ تيار هئا، تيئن پنهنجي طاقت آهر انهي کي پورو بہ ڪريو.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ تہ جيڪڏهن نيت هوندي، تہ جيڪي ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو، تنهن موجب سندس خيرات قبول پوندي، نہ انهي موجب جيڪي موجود نہ هوندو.</verse>
				<verse number="13">آئون ائين هن لاءِ نٿو چوان تہ ٻين کي آرام ملي ۽ اوهان کي تڪليف ملي:</verse>
				<verse number="14">پر هڪ جهڙائيءَ لاءِ؛ يعني هن وقت جيڪي اوهان وٽ وڌيڪ آهي سو هنن جي ڪم اچي، تہ جيڪي هنن وٽ وڌيڪ ٿئي سو وري اوهان جي ڪم اچي، انهيءَ طرح برابري ٿي ويندي؛</verse>
				<verse number="15">جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”جنهن گهڻو ميڙيو تنهن وٽ ڪي ڪين بچيو، ۽ جنهن ٿورو ميڙيو، تنهن وٽ ڪابہ گهٽتائي ڪانہ ٿي.“</verse>
				<verse number="16">پر خدا جو شڪر آهي جو اوهان جي لاءِ طيطس جي دل ۾ ههڙي سرگرمي پيدا ڪئي اٿس.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو هن اسان جي هدايت قبول ڪئي ۽ کيس بہ ڏاڍو شوق هو، تنهنڪري پنهنجي خوشيءَ سان اوهان ڏانهن هليو آيو.</verse>
				<verse number="18">۽ ساڻس گڏ اسان انهي ڀاءُ کي موڪليو آهي، جنهن جي تعريف انجيل جي بابت سڀني ڪليسيائن ۾ ڦهليل آهي؛</verse>
				<verse number="19">نہ رڳو ايترو پر هن کي ڪليسيائن مقرر ڪيو هو تہ خيرات جي نسبت اسان سان گڏ سفر ڪري، جنهن خيرات جي خدمت اسين خداوند جو جلال ظاهر ڪرڻ لاءِ شوق سان ٿا ڪريون:</verse>
				<verse number="20">۽ اها خبرداري ٿا ڪريون تہ جنهن وڏيءَ بخشش جي خدمت اسين ڪريون ٿا، تنهن جي نسبت ۾ ڪوبہ ماڻهو اسان کي ڏوهہ نہ ڏئي.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو اسين انهن ڳالهين جو اڳيئي خيال ٿا ڪريون جي نہ رڳو خداوند جي نظر ۾، پر ماڻهن جي نظر ۾ بہ چڱيون آهن.</verse>
				<verse number="22">۽ انهن سان گڏ اسان پنهنجي انهي ڀاءُ کي موڪليو آهي، جنهن کي ڪيترائي ڀيرا گهڻين ڳالهين ۾ آزمائي ڏٺو اٿئون تہ سرگرميءَ وارو آهي، ۽ هاڻي تہ پاڻ وڌيڪ سرگرمي اٿس، ڇالاءِ جو هن کي اوهان ۾ وڏي اُميد آهي.</verse>
				<verse number="23">جيڪڏهن ڪو طيطس بابت پڇي تہ انهي کي خبر هجي تہ هو منهنجو شريڪ آهي، ۽ اوهان جي خدمت ڪرڻ ۾ منهنجو رفيق آهي، يا جي ڪو اسانجن ڀائرن بابت پڇي تہ انهي کي خبر هجي تہ اُهي ڪليسيائن جا قاصد ۽ مسيح جو جلال آهن.</verse>
				<verse number="24">تنهنڪري اوهين پنهنجي محبت، ۽ اوهان جي طرفان اسين جو فخر ٿا ڪريون، سو ڪليسيائن جي روبرو انهن کي ثابت ڪري ڏيکاريو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">پاڪ ٿيلن جي خدمت جي بابت منهنجو اوهان کي لکڻ اجايو آهي:</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو اوهان جي شوق جي خبر اٿم، جنهن جي ڪري آئون مڪدونيہ جي ماڻهن جي اڳيان اوهان تي فخر ٿو ڪريان، تہ اخيہ جا ماڻهو بہ سال کان تيار آهن؛ ۽ اوهان جي سرگرميءَ انهن مان گهڻن کي جوش ڏياريو آهي.</verse>
				<verse number="3">پر مون ڀائرن کي انهي لاءِ موڪليو تہ جيڪو فخر اسين اوهان تي ڪريون ٿا، سو هن ڳالهہ ۾ بي بنياد نہ ٿئي، بلڪ جيئن مون چيو آهي تيئن اوهين تيار رهجو؛</verse>
				<verse number="4">۽ ائين نہ ٿئي تہ جيڪڏهن مڪدونيہ جا ڪي ماڻهو مون سان اچن، ۽ اوهان کي تيار نہ ڏسن، تہ اسين (ائين نٿا چئون تہ اوهين) انهيءَ اُميد رکڻ جي ڪري شرمندا ٿيون.</verse>
				<verse number="5">تنهنڪري مون ڀائرن کي اهو عرض ڪرڻ ضروري سمجهيو، تہ هو اڳڀرو اوهان وٽ اچن، ۽ جنهن خيرات جو اوهان انجام ڪيو آهي، سا جمع ڪن، تہ اُها بخشش وانگر تيار ٿئي نہ زور زبردستيءَ وانگر.</verse>
				<verse number="6">پر آئون هيترو چوان ٿو تہ جيڪو ٿورو ٿو پوکي سو ٿورو لُڻندو، ۽ جيڪو سخاوت سان پوکي ٿو، سو سخاوت سان لُڻندو.</verse>
				<verse number="7">جيئن هر ڪنهن ماڻهوءَ دل ۾ ارادو ڪيو آهي، تيئن ئي ڀلي ڪري؛ پر ڪُرڪڻ ۽ لاچاريءَ سان نہ، ڇالاءِ تہ جيڪو خوشيءَ سان ٿو ڏئي تنهن کي خدا پيار ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="8">۽ خدا اوهان تي بيحد فضل ڪرڻ لاءِ قادر آهي؛ انهي لاءِ تہ اوهان کي سڀڪا شئي هميشہ پوريءَ طرح سان ملندي رهي، ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم جي لاءِ اوهان وٽ سڀ ڪجهہ هجي.</verse>
				<verse number="9">جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”هن پکيڙي ڇڏيو آهي، هن غريبن کي ڏنو آهي، هن جي راستبازي هميشہ تائين قائم رهي ٿي.“</verse>
				<verse number="10">۽ جيڪو هاريءَ کي ٻج ۽ کائڻ لاءِ ماني ٿو ڏئي، سو اوهان کي بہ پوکڻ لاءِ ٻج موجود ڪري ڏيندو، ۽ منجهس واڌ وجهندو، ۽ اوهان جي راستبازيءَ جو ڦل بہ وڌائيندو:</verse>
				<verse number="11">۽ اوهين سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾ هر طرح جي سخاوت لاءِ دولتمند ٿيندا، جنهنڪري اسان جي معرفت خدا جي شڪرگذاري ڪرڻ ۾ ٿي اچي.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو انهيءَ خدمتگاريءَ جي ڪري نہ فقط پاڪ ٿيلن جون گهُرجون پوريون ٿيون ٿين، پر انهي ڪري گهڻيئي ماڻهو خدا جي وڌيڪ شڪرگذاري بہ ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="13">انهيءَ خدمت سان اوهان جي آزمائش ٿي ٿئي، تہ ڪيئن اوهين مسيح جي خوشخبري قبول ڪري تابعداري ٿا ڏيکاريو، ۽ هنن کي ۽ سڀني کي مدد ڏيئي سخاوت ٿا ڪريو، تنهنڪري هو خدا جي وڏائي ظاهر ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="14">۽ هو پاڻ بہ اوهان جي لاءِ دعا ٿا گهُرن، ۽ خدا جو جيڪو گهڻو فضل اوهان تي آهي تنهن جي ڪري اوهان جا مشتاق ٿا رهن.</verse>
				<verse number="15">شڪر خدا جو انهيءَ بخشش لاءِ، جا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">هاڻي آئون پولس، جو اوهان جي روبرو اوهان سڀني ۾ نوڙت وارو آهيان، پر اوهان جي پرپٺ اوهان ڏانهن چڱي همت وارو آهيان، سو مسيح جي حليميءَ ۽ نرميءَ جو واسطو وجهي پاڻ اوهان کي عرض ٿو ڪريان:</verse>
				<verse number="2">هائو، آئون اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ متان حاضر ٿي ڪري مون کي انهيءَ دليريءَ سان همت ڏيکارڻي پوي، جنهن سان آئون ڪن ماڻهن تي دلير ٿيڻ جو ارادو ٿو ڪريان، جي اسان جي بابت ائين ٿا سمجهن تہ اسين جسماني طور هلت ٿا ڪريون.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ اسين جسم ۾ هلون ٿا، تڏهن بہ جسماني طور وڙهون نٿا.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو اسان جي جنگ جا هٿيار جسماني نہ آهن، پر اهڙا سگهارا آهن جو خدا جي وسيلي مضبوط قلعا بہ ڊاهيو وجهن؛</verse>
				<verse number="5">يعني بيهودا خيال، ۽ ٻي سڀڪا اوچي شئي جا علم الاهي جي برخلاف سر ٿي کڻي، تنهن کي ڊاهي ٿا ڇڏيون، ۽ سڀ ڪنهن خيال کي قيد ڪري مسيح جو تابعدار ٿا ڪريون؛</verse>
				<verse number="6">۽ تيار ٿا رهون تہ جڏهن اوهان جي فرمانبرداري پوري ٿئي، تڏهن هر طرح جي نافرمانيءَ جو بدلو وٺون.</verse>
				<verse number="7">انهن شين تي نظر ڪريو جي اوهان جي اکين اڳيان آهن. جي ڪنهن کي پاڻ تي اهو اعتبار آهي تہ هو مسيح جو آهي، تہ انهي کي پنهنجي دل ۾ اهو خيال بہ ڪرڻ گهرجي تہ جيئن هو پاڻ مسيح جو آهي تيئن اسين بہ آهيون.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو جيڪڏهن آئون کڻي انهي اختيار تي گهڻو فخر ڪريان (جو خداوند اوهان کي قائم ڪرڻ لاءِ مون کي ڏنو ۽ نہ اوهان کي ڊاهي ڇڏڻ لاءِ) تڏهن بہ آئون شرمندو نہ ٿيندس.</verse>
				<verse number="9">هيءُ آئون انهي لاءِ ٿو چوان تہ متان اوهان کي ائين نظر اچي تہ آئون اوهان کي خطن جي ذريعي ڊيڄاريان ٿو.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو هو چون ٿا تہ هن جا خط بيشڪ اثرائتا ۽ زبردست آهن؛ پر جڏهن هو پاڻ حاضر ٿو ٿئي تہ هن جو بدن ڪمزور ڏسڻ ۾ ٿو اچي ۽ سندس تقرير بي اثر آهي.</verse>
				<verse number="11">اهڙي ماڻهو کي هيءُ خيال ڪرڻ کپي تہ جهڙا اسين پرپٺ خطن جي رستي ڪلام ۾ آهيون؛ اهڙا روبرو پنهنجن ڪمن ۾ بہ آهيون.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو اسين اهڙا جرئت وارا نہ آهيون جو پاڻ کي انهن شخصن سان شمار ڪريون، يا انهن سان مقابلو ڪريون جي پنهنجي تعريف پاڻ ٿا ڪن: پر اُهي پاڻهي پاڻ کي هڪ ٻئي سان آزمائي ۽ مقابلو ڪري نادان ٿا ٿين.</verse>
				<verse number="13">مگر اسين اُنهيءَ حد کان وڌيڪ فخر نٿا ڪريون جا خدا اسان کي مناسب ڄاڻي ورهائي ڏني آهي، ۽ جنهن ۾ خود اوهين بہ اچي ٿا وڃو.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو اسين حد کان ٻاهر نٿا نڪرون، جو ڄڻ تہ اوهان تائين ڪين پهتا آهيون: اسين مسيح جي خوشخبري ڏيندي اوهان تائين پهچي وياسين:</verse>
				<verse number="15">۽ پنهنجي حد کان وڌيڪ فخر نٿا ڪريون، يعني ٻين ماڻهن جي پورهئي تي؛ پر اها اميد ٿا رکون تہ جيئن اوهان جو ايمان وڌندو ويندو، تيئن اسين بہ پنهنجي حد موجب اوهان جي ڪري اڃا وڌيڪ وڌندا وينداسين؛</verse>
				<verse number="16">انهي لاءِ تہ اسين اوهان جي سرحد کان بہ پري انجيل جي منادي ڪريون، ۽ نہ ٻئي جي علائقي ۾ ٺهيل ٺڪيل شين جي نسبت ۾ فخر ڪريون.</verse>
				<verse number="17">”پر جيڪو فخر ڪري سو خداوند تي فخر ڪري.“</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو جيڪو پنهنجي تعريف ٿو ڪري سو قبول نٿو پوي، پر اهو جنهن جي خداوند تعريف ٿو ڪري.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">شل اوهين منهنجي ٿوري بيوقوفيءَ جي برداشت ڪريو، ها منهنجي برداشت تہ ڪريو ٿا.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ تہ مون کي اوهان لاءِ غيرت آهي جهڙي خدا جي غيرت آهي: هن ڪري جو مون اوهان کي هڪڙي مڙس سان مڱايو، انهي لاءِ تہ اوهان کي پاڪ دامن ڪنواريءَ وانگر مسيح وٽ حاضر ڪريان.</verse>
				<verse number="3">پر مون کي اهو ڊپ آهي تہ جيئن نانگ پنهنجي مڪاريءَ سان حوا کي ٺڳيو، تيئن متان ڪنهن نموني اوهان جون دليون بہ انهيءَ سادگيءَ ۽ پاڪيزگيءَ کان بگڙي وڃن، جا مسيح سان هئڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="4">جيڪڏهن ڪو اچي ٻئي يسوع جي منادي ڪري جنهن جي اسان منادي نہ ڪئي، يا جيڪڏهن اوهان کي ڪو ٻيو روح ٿو ملي جو اڳي نہ مليو اٿوَ، يا ٻي ڪا خوشخبري ٿي ملي جا اوهان قبول نہ ڪئي هئي، تہ پوءِ اهو چڱو ٿا ڪريو ڇا جو انهي جي برداشت ٿا ڪريو؟</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو آئون پاڻ کي انهن افضل رسولن کان ذرو بہ گهٽ نٿو سمجهان.</verse>
				<verse number="6">پر جيڪڏهن آئون خوش تقريريءَ ۾ گهٽ آهيان، تہ بہ علم ۾ اهڙو نہ آهيان؛ بلڪ اهو اسان سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾، سڀني ماڻهن جي اڳيان اوهان وٽ ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي.</verse>
				<verse number="7">يا مون اهو گناهہ ڪيو ڇا جو اوهان کي خدا جي خوشخبري مفت ٻُڌائي پنهنجو پاڻ کي هيٺ ڪيم تہ اوهين مٿي ٿيو؟</verse>
				<verse number="8">مون ٻين ڪليسيائن کي ڦريو جو کانئن اُجورو ورتم، انهي لاءِ تہ اوهان جي خدمت ڪريان.</verse>
				<verse number="9">۽ جڏهن آئون اوهان وٽ هوس، تڏهن گهرج هوندي بہ آئون ڪنهن تي بار ڪين ٿيس؛ ڇالاءِ جو ڀائرن مڪدونيہ مان اچي منهنجون سڀ گهرجون پوريون ڪيون؛ ۽ هر ڪنهن ڳالهہ ۾ اوهان تي بار وجهڻ کان مون پاڻ کي روڪيو، ۽ انهيءَ طرح اڳتي بہ روڪيندو رهندس.</verse>
				<verse number="10">مسيح جي سچائي جا مون ۾ آهي، تنهن موجب چوان ٿو تہ اخيہ جي پرڳڻن ۾ مون کي انهي فخر ڪرڻ کان ڪوبہ ماڻهو روڪي نٿو سگهي.</verse>
				<verse number="11">سو ڇو؟ انهي لاءِ ڇا تہ آئون اوهان کي پيار نٿو ڪريان؟ خدا ڄاڻي ٿو تہ آئون اوهان کي پيار ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="12">۽ جيڪي آئون ڪريان ٿو سو ئي آئون ڪندو رهندس، انهي لاءِ تہ جيڪي پنهنجي ڪم جي وڏائي ٿا ڪن، تہ اسان جهڙا ڪم ٿا ڪن، تن جو فخر بي فائدو ثابت ٿئي.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو اهڙا ماڻهو ڪوڙا رسول ۽ دغاباز آهن، ۽ پاڻ کي مسيح جي رسولن جا هم شڪل ٿا بنائين.</verse>
				<verse number="14">۽ انهي ۾ ڪوبہ عجب ڪونهي؛ ڇالاءِ جو شيطان بہ هڪڙي نوراني ملائڪ جهڙي شڪل اختيار ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="15">تنهنڪري جيڪڏهن انهي جا خادم پاڻ کي راستبازيءَ جا خادم ٿا بنائين تہ ڪا عجب ڳالهہ ڪانهي. انهن جو نتيجو سندن ڪمن جهڙو ٿيندو.</verse>
				<verse number="16">آئون وري بہ ٿو چوان تہ ڪوبہ ماڻهو مون کي بيوَقوف نہ سمجهي؛ پر جي ائين سمجهو ٿا تہ مون کي بيوقوف ئي سمجهي قبول ڪريو، تہ آئون بہ ٿورو فخر تہ ڪريان.</verse>
				<verse number="17">(جيڪي آئون چوان ٿو، سو خدا جي پاران نٿو چوان، پر ڄڻ تہ بيوَقوف وانگر اِنهيءَ ٻٽاڪ ۾؛</verse>
				<verse number="18">جنهن صورت ۾ گهڻا جسماني طور فخر ٿا ڪن، تڏهن آئون بہ ڇو نہ فخر ڪريان.)</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ جو اوهين پاڻ تہ ڏاها ٿي خوشيءَ سان بيوقوفن جي برداشت ٿا ڪريو.</verse>
				<verse number="20">هن ڪري جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان کي غلام ٿو بنائي، يا جيڪڏهن اهو اوهان کي کائي ٿو وڃي، يا اهو اوهان کي ڦاسائي ٿو، يا پنهنجي وڏائي ٿو ڪري، يا اوهان کي منهن تي چماٽ ٿو هڻي، تہ اوهين انهي جي برداشت ٿا ڪريو.</verse>
				<verse number="21">افسوس سان مون کي چوڻو ٿو پوي تہ انهن ڳالهين ۾ اسين ضعيف آهيون! انهي هوندي بہ (آئون بيوقوف ٿي ٿو چوان تہ) جي ڪنهن ڳالهہ ۾ ڪو ماڻهو ٻٽاڪ ٿو هڻي تہ آئون بہ ٻٽاڪ هڻي ٿو سگهان.</verse>
				<verse number="22">ڇا هو ئي عبراني آهن؟ آئون بہ آهيان. ڇا هو ئي اسرائيلي آهن؟ آئون بہ آهيان. ڇا هو ئي ابراهيم جي نسل مان آهن؟ آئون بہ آهيان.</verse>
				<verse number="23">ڇا هو ئي مسيح جا خادم آهن؟ (اهو آئون پاڳل وانگر ٿو چوان) آئون انهن کان بہ وڌيڪ آهيان؛ محنتن ۾ گهڻو وڌيڪ، قيدن ۾ گهڻو وڌيڪ؛ چهبڪن کائڻ ۾ حد کان زيادہ، موت جي منهن ۾ گهڻائي ڀيرا.</verse>
				<verse number="24">مون پنج دفعا هڪڙي گهٽ چاليهہ چهبڪ يهودين جي هٿان کاڌا.</verse>
				<verse number="25">ٽي ڀيرا مون کي لڪڻن سان مار ملي، هڪڙو ڀيرو سنگسار ڪيو ويس،</verse>
				<verse number="26">ٽي ڀيرا جهاز ڀڄڻ جي مصيبت ۾ ڦاٿس، هڪ رات ۽ هڪ ڏينهن سمنڊ ۾ ڪاٽيم؛ گهڻائي ڀيرا مسافرين ۾ رهيو آهيان، درياهن جي خطرن ۾، ڌاڙيلن جي خطرن ۾، بيابانن جي خطري ۾، سمنڊ جي خطرن ۾، ڪوڙن ڀائرن جي خطرن ۾؛</verse>
				<verse number="27">محنت ۽ مشقت ۾، اڪثر اوجاڳن ۾، بک ۽ اُڃ ۾، اڪثر فاقن ۾، سرديءَ ۽ اُگهاڙپن ۾.</verse>
				<verse number="28">ٻين ڳالهين کانسواءِ هيءَ ڳالهہ بہ آهي جا هر روز مون تي بار وانگر ٿي رهي، يعني سڀني ڪليسيائن جو فڪر.</verse>
				<verse number="29">ڪنهن کي ڪمزور ڏسي آئون ڪمزور نٿو ٿيان؟ ۽ ڪنهن کي گمراهہ ٿيندو ڏسي منهنجو جيءُ نٿو جلي؟</verse>
				<verse number="30">جيڪڏهن فخر ڪرڻو اٿم تہ آئون انهن ڳالهين تي فخر ڪندس جن جو منهنجي ڪمزوريءَ سان واسطو آهي.</verse>
				<verse number="31">خداوند يسوع مسيح جو خدا ۽ پيءُ، جو هميشہ لاءِ مبارڪ آهي، سو ٿو ڄاڻي تہ آئون ڪوڙ نٿو چوان.</verse>
				<verse number="32">دمشق ۾، اريتاس بادشاهہ جي پاران اُتي جي حاڪم مون کي گرفتار ڪرڻ لاءِ دمشقين جي شهر تي پهرو بيهاريو هو،</verse>
				<verse number="33">پر مون کي هڪڙيءَ ٽوڪريءَ ۾ ويهاري هڪڙيءَ دريءَ مان ڀت تان لاهي ڇڏيائون، ۽ آئون هن جي هٿان بچي نڪتس.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">جيتوڻيڪ انهي مان ڪو فائدو ڪونهي، تڏهن بہ مون کي فخر ڪرڻو ٿو پوي؛ ۽ جيڪي رويا مون کي خداوند کان عنايت ٿيا، تن جو ذڪر ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="2">مسيح ۾ هڪڙي شخص جي مون کي خبر آهي تہ چوڏهن ورهيہ ٿيا جو هو ٽئين آسمان تائين کڄي ويو. (مون کي خبر ناهي تہ بدن ۾ ويو، يا بدن کانسواءِ، انهي جي خبر خدا کي آهي.)</verse>
				<verse number="3">۽ آئون ڄاڻان ٿو تہ اهو ماڻهو (بدن ۾ يا بدن کانسواءِ، سو نٿو ڄاڻان، اهو خدا ٿو ڄاڻي،) فردوس ۾ پهچايو ويو،</verse>
				<verse number="4">۽ اُتي هن اهڙيون ڳالهيون ٻُڌيون جي بيان ڪرڻ جون نہ آهن، ۽ جي ماڻهوءَ کي زبان تي آڻڻ روا نہ آهن.</verse>
				<verse number="5">اهڙي شخص تي آئون فخر ڪندس، پر پاڻ تي، سواءِ پنهنجين ڪمزورين جي، فخر نہ ڪندس.</verse>
				<verse number="6">پر جيڪڏهن آئون فخر ڪرڻ گهُران بہ، تہ بيوقوف نہ ٿيندس، هن ڪري جو آئون سچ ڳالهائيندس. پر آئون پاڻ کي روڪيان ٿو؛ تہ متان ڪو ماڻهو جهڙو مون کي ڏسي ٿو يا ٻُڌي ٿو، تنهن کان مون کي وڌيڪ سمجهي.</verse>
				<verse number="7">۽ ظهورن جي نهايت گهڻائيءَ ڪري متان آئون مغرور ٿي پوان، تنهنڪري منهنجي جسم ۾ هڪڙو ڪنڊو هنيو ويو، تہ شيطان جو قاصد ٿي اهو مون کي تنگ ڪري تہ آئون مغرور نہ ٿيان.</verse>
				<verse number="8">انهيءَ ڳالهہ بابت مون ٽي ڀيرا خدا کي سوال ڪيو، تہ اهو مون مان نڪري وڃي.</verse>
				<verse number="9">پر هن مون کي چيو تہ منهنجو فضل تنهنجي لاءِ ڪافي آهي؛ ڇالاءِ جو منهنجي قدرت ڪمزورين ۾ ڪامل ٿي ٿئي. تنهنڪري ڏاڍيءَ خوشيءَ سان آئون پنهنجين ڪمزورين تي فخر ٿو ڪريان، تہ مسيح جي قدرت منهنجي مٿان ڇانيل رهي.</verse>
				<verse number="10">تنهنڪري آئون مسيح جي خاطر ڪمزورين ۾، ايذائن ۾، احتياجن ۾، ستائجڻ ۾، ۽ مصيبتن ۾ خوش ٿو رهان؛ ڇالاءِ جو جڏهن آئون ڪمزور آهيان، تڏهن زوراور آهيان.</verse>
				<verse number="11">آئون بيوقوف تہ برابر ٿيو آهيان، مگر اوهان ئي مون کي لاچار ڪيو؛ ڇالاءِ جو اوهان کي منهنجي تعريف ڪرڻ کپندي هئي: انهي لاءِ تہ جيتوڻيڪ آئون ڪي ڪين آهيان تہ بہ افضل رسولن کان ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گهٽ نہ آهيان.</verse>
				<verse number="12">حقيقت ڪري رسول هئڻ جون نشانيون اوهان اڳيان گهڻي صبر سان، نشانن ۽ عجيب ڪمن ۽ معجزن سان، ظاهر ڪيون ويون.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو اُها ڪهڙي ڳالهہ آهي جنهن ۾ اوهين ٻين ڪليسيائن کان گهٽ ٿيا، سواءِ هن جي تہ آئون اوهان تي بار نہ ٿيس؟ انهيءَ بي انصافيءَ جي مون کي معافي ڏيو!</verse>
				<verse number="14">ڏسو هي ٽيون ڀيرو آهي جو آئون اوهان ڏانهن اچڻ جي لاءِ تيار ٿيو آهيان؛ ۽ آئون اوهان تي بار نہ ٿيندس؛ ڇالاءِ جو آئون اوهان جو ٻيو ڪي ڪين ٿو گهُران، رڳو اوهان کي ٿو گهُران. هن ڪري جو ٻارن کي مائٽن جي لاءِ جمع ڪري رکڻ نہ گهُرجي، بلڪ مائٽن کي ٻارن جي لاءِ.</verse>
				<verse number="15">۽ آئون گهڻيءَ خوشيءَ سان اوهانجن روحن لاءِ خرچ ڪندس، ۽ پاڻ بہ خرچ ٿي ويندس. جيڪڏهن آئون اوهان کي گهڻو پيار ڪريان، تہ اوهين ڪو مون کي گهٽ پيار ڪندا ڇا؟</verse>
				<verse number="16">پر اوهين ڀلي ائين سمجهو تہ مون پاڻ اوهان تي بار نہ وڌو؛ پر چالاڪي ڪري اوهان کي فريب سان ڦاسايم.</verse>
				<verse number="17">ڀلا جن کي مون اوهان ڏانهن موڪليو آهي، تن مان ڪنهن جي بہ معرفت مون اوهان کان ڪو فائدو ورتو ڇا؟</verse>
				<verse number="18">مون طيطس کي سمجهائي ساڻس گڏ هن ڀاءُ کي بہ موڪليو. پوءِ طيطس اوهان کان ڪو فائدو ورتو ڇا؟ اسان ٻنهي جي هلت هڪڙي ئي روح جي هدايت موجب نہ هئي ڇا؟ ۽ هڪڙي ئي طريقي تي نہ هلياسين ڇا؟</verse>
				<verse number="19">هيستائين اوهين شايد ائين پيا سمجهو تہ اسين اوهان جي اڳيان پنهنجو بچاءُ پيا ڏيون؟ اسين تہ خدا کي حاضر ڄاڻي مسيح ۾ ٿا ڳالهايون. پر اي پيارو، سڀ ڳالهيون اوهان جي سڌاري لاءِ آهن.</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ جو آئون ڊڄان ٿو تہ متان اوهان کي اهڙو ڏسان جهڙو ڏسڻ نٿو گهُران، يا اوهين مون کي اهڙو ڏسو جهڙو ڏسڻ نٿا گهُرو، جو متان ڪنهن بہ طرح جهيڙو جهڳڙو، حسد، ڪاوڙ، تفرقا، گلائون، غيبتون، ٻٽاڪون ۽ فساد ٿين؛</verse>
				<verse number="21">متان جڏهن آئون وري اچان، تڏهن منهنجو خدا مون کي اوهان جي اڳيان شرمندو ڪري، ۽ مون کي اهڙن گهڻن لاءِ افسوس ڪرڻو پوي، جن هيستائين ناپاڪي ۽ زناڪاري ۽ نفس پرستي جا گناهہ پي ڪيا آهن، ۽ توبهہ نہ ڪئي اٿن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">هي ٽيون ڀيرو آهي جو آئون اوهان ڏانهن ٿو اچان. ٻن يا ٽن شاهدن جي واتان سڀڪا ڳالهہ ضرور ثابت ٿي پوندي.</verse>
				<verse number="2">جڏهن آئون ٻئي ڀيري حاضر هوس، تڏهن جيئن اڳيئي چيو هوم، تيئن هن ڀيري بہ جڏهن آئون غير حاضر آهيان، انهن کي ٿو چوان جن هيستائين گناهہ پي ڪيا آهن، ۽ ٻين سڀني کي بہ ٿو چوان تہ جڏهن آئون ايندس، تڏهن ڪنهن کي بہ نہ ڇڏيندس؛</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو اوهين اها ثابتي ٿا گهُرو تہ مسيح مون ۾ ڳالهائي ٿو. هو اوهان لاءِ ڪمزور نہ آهي پر اوهان ۾ زور وارو آهي.</verse>
				<verse number="4">جيتوڻيڪ هو ڪمزوريءَ جي ڪري صليب تي چاڙهيو ويو، تہ بہ خدا جي قدرت ڪري جيئرو آهي. ڇالاءِ جو اسين بہ هن ۾ ڪمزور آهيون، مگر خدا جي قدرت سان اوهان لاءِ ساڻس گڏ جيئنداسين.</verse>
				<verse number="5">اوهين پاڻ کي جاچي ڏسو تہ ايمان تي آهيو يا نہ؛ ۽ پاڻ کي آزمايو. يا اوهان کي اها خبر ڪانهي ڇا، تہ يسوع مسيح اوهان ۾ آهي؟ بي وفا هجو تہ ٻي ڳالهہ آهي.</verse>
				<verse number="6">پر آئون اُميد ٿو ڪريان تہ اوهان کي خبر پوندي تہ اسين بي وفا نہ آهيون.</verse>
				<verse number="7">هاڻي اسين خدا کان دعا ٿا گهُرون تہ اوهين ڪا بڇڙائي نہ ڪريو؛ نہ انهي لاءِ تہ اسين وفادار ڏسڻ ۾ اچون، پر انهي لاءِ تہ اوهين اُهوئي ڪريو جو چڱو هجي، پوءِ اسين ڀلي تہ بي وفا سمجهيا وڃون.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو اسين سچ جي برخلاف ڪجهہ بہ ڪري نٿا سگهون، پر فقط سچ جي لاءِ ڪري ٿا سگهون.</verse>
				<verse number="9">هن ڪري جو جڏهن اسين ڪمزور آهيون ۽ اوهين زور وارا آهيو، تڏهن اسان کي خوشي ٿي ٿئي، ۽ اسين اها بہ دعا ٿا گهُرون تہ اوهين ڪامل ٿيو.</verse>
				<verse number="10">انهي نسبت اچڻ کان اڳ ۾ اهي ڳالهيون لکان ٿو، تہ جڏهن اچان، تڏهن مون کي انهي اختيار موجب سختي ڪرڻي نہ پوي، جو خداوند مون کي قائم ڪرڻ لاءِ ڏنو آهي، نہ ڊاهڻ جي لاءِ.</verse>
				<verse number="11">آخر ۾، اي ڀائرو، شل خوش هجو. ڪامل ٿيو؛ دلجاءِ ڪريو؛ يڪ دلا ٿيو؛ اطمينان ۾ رهو؛ ۽ خدا، جو محبت ۽ اطمينان جو چشمو آهي، سو اوهان سان هجي.</verse>
				<verse number="12">پاڪ چُمي ڏيئي هڪٻئي کي سلام ڪجو.</verse>
				<verse number="13">سڀ پاڪ ٿيل اوهان کي سلام ٿا ڏين.</verse>
				<verse number="14">خداوند يسوع مسيح جو فضل ۽ خدا جي محبت ۽ پاڪ روح جي شراڪت اوهان سڀني سان هجي.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="48">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">پولس، جو نہ انسان جي پاران، نڪي انسان جي وسيلي، پر يسوع مسيح جي وسيلي، ۽ خدا پيءُ، جنهن انهي کي مُئلن مان اُٿاريو، تنهن جي طرفان رسول آهي،</verse>
				<verse number="2">۽ جيڪي ڀائر مون سان آهن تن سڀني جي طرفان، گلتيہ جي ڪليسيائن ڏانهن:</verse>
				<verse number="3">خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند يسوع مسيح جو فضل ۽ اطمينان اوهان تي هجي.</verse>
				<verse number="4">جنهن اسان جي گناهن جي لاءِ پاڻ کي ڏيئي ڇڏيو، انهي لاءِ تہ اسان جي خدا ۽ پيءُ جي مرضيءَ موجب، هو اسان کي هن هاڻوڪي خراب زماني مان ڇڏائي؛</verse>
				<verse number="5">انهي جو جلال هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين.</verse>
				<verse number="6">مون کي عجب ٿو لڳي تہ جنهن اوهان کي مسيح جي فضل ۾ سڏيو، تنهن کان اوهين اهڙو جلد ڦري ڪنهن ٻئي قسم جي خوشخبريءَ ڏانهن ٿا وڃو؛</verse>
				<verse number="7">جا خوشخبري نہ آهي: رڳو ڪي اهڙا آهن جي اوهان کي مونجهاري ۾ ٿا وجهن، ۽ مسيح جي خوشخبري بگاڙڻ ٿا گهُرن.</verse>
				<verse number="8">پر جيڪڏهن اسين، يا آسمان مان ڪو ملائڪ اوهان کي ڪا اهڙي خوشخبري ٻُڌائي، جا اسان اوهان کي نہ ٻُڌائي آهي، تہ انهيءَ تي شل لعنت هجي.</verse>
				<verse number="9">جيئن اسان اڳي بہ چيو آهي، تيئن هاڻ بہ آئون وري چوان ٿو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو، جيڪا خوشخبري اوهان کي ملي آهي تنهن کان سواءِ ٻي ڪا خوشخبري ٻُڌائي ٿو، تہ انهي تي لعنت هجي.</verse>
				<verse number="10">ڇا آئون ماڻهن جي مهرباني ٿو چاهيان يا خدا جي؟ يا آئون ماڻهن کي خوش ڪرڻ ٿو گهُران ڇا؟ جيڪڏهن اڃا بہ ماڻهن کي خوش ڪندو رهان ها تہ مسيح جو خادم يا غلام نہ هجان ها.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، آئون اوهان کي چتايان ٿو، تہ جيڪا خوشخبري مون اوهان کي ٻُڌائي، سا انسان جي طرفان نہ آهي.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو، اُها مون کي انسان کان نہ ملي، نہ اها ڪنهن مون کي سيکاري، پر يسوع مسيح جي وسيلي مون تي ظاهر ٿي.</verse>
				<verse number="13">هن ڪري جو يهودين جي مذهب ۾، گذريل وقت ۾ منهنجي هلت چلت اوهان ٻُڌي آهي، تہ ڪهڙيءَ طرح خدا جي ڪليسيا کي حد کان وڌيڪ ستائيندو ۽ ڦٽائيندو هوس:</verse>
				<verse number="14">۽ مون يهودين جي مذهب ۾ پنهنجي قوم جي ماڻهن مان گهڻن پاڻ جيڏن کان وڌيڪ ترقي ڪئي هئي؛ ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي روايتن لاءِ تمام گهڻو سرگرم هوس.</verse>
				<verse number="15">پر جنهن خدا مون کي ماءُ جي پيٽان ئي مخصوص ڪري پنهنجي فضل سان سڏيو، تنهن جي جڏهن اها مرضي ٿي</verse>
				<verse number="16">تہ پنهنجي فرزند کي مون ۾ ظاهر ڪري، تہ آئون غير قومن ۾ انهي جي پڌرائي ڪريان، تڏهن مون ڪنهن انسان کان صلاح نہ ورتي:</verse>
				<verse number="17">نڪي يروشلم ۾ انهن وٽ ويس، جي مون کان اڳي رسول هئا: پر آئون فورن عربستان ڏانهن هليو ويس؛ ۽ وري اُتان موٽي دمشق ۾ آيس.</verse>
				<verse number="18">وري ٽن ورهين کانپوءِ آئون ڪيفاس سان ملڻ لاءِ يروشلم ڏانهن ويس، ۽ پندرهن ڏينهن وٽس رهيس.</verse>
				<verse number="19">پر خداوند جي ڀاءُ يعقوب کانسواءِ ٻئي ڪنهن رسول کي مون ڪونہ ڏٺو.</verse>
				<verse number="20">هاڻي جي ڳالهيون آئون اوهان ڏانهن لکان ٿو، تن جي بابت خدا کي حاضر ڄاڻي آئون ڪوڙ نٿو ڳالهايان.</verse>
				<verse number="21">تنهن کانپوءِ آئون شام ۽ ڪلڪيہ جي پرڳڻن ۾ آيس.</verse>
				<verse number="22">۽ يهوديہ جون ڪليسيائون، جي مسيح ۾ هيون، تن سان اڃا منهنجي واقفيت ڪانہ ٿي هئي.</verse>
				<verse number="23">پر هو رڳو هيترو ٻُڌندا هئا، تہ فلاڻو جو اڳي اسان کي ستائيندو هو، سو هاڻي اُنهي دين جي منادي ٿو ڪري جنهن کي هو اڳي ڦٽائيندو هو؛</verse>
				<verse number="24">۽ اُهي منهنجي سبب خدا جي وڏائي ظاهر ڪندا هئا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">وري چوڏهن ورهين کانپوءِ آئون برناباس سان گڏجي يروشلم ڏانهن ويس، ۽ طيطس کي بہ پاڻ سان وٺي ويس.</verse>
				<verse number="2">۽ منهنجو وڃڻ الهام موجب ٿيو؛ ۽ جنهن خوشخبريءَ جي مون غير قومن ۾ منادي ٿي ڪئي، سا مون خانگي طور هنن جي اڳيان، جيڪي معزز سمجهيا ويندا هئا، پيش ڪئي تہ متان ائين نہ ٿئي تہ منهنجي هاڻوڪي يا اڳوڻي ڊوڙ ڊڪ اجائي ٿئي.</verse>
				<verse number="3">پر طيطس جو مون سان گڏ هو، جيتوڻيڪ هو يوناني هو، تڏهن بہ هن کي ختني ڪرائڻ لاءِ زور نہ ڪيائون؛</verse>
				<verse number="4">سو رڳو انهن ڪوڙن ڀائرن جي ڪري، جي لڪي ڇپي داخل ٿيا هئا، جي انهي ڪري چوريءَ گهڙي آيا هئا تہ جيڪا آزادي يسوع مسيح ۾ حاصل ٿي آهي، تنهن جي جاسوسي ڪري اسان کي غلام بنائين.</verse>
				<verse number="5">اُنهن جا اسين تابعدار نہ ٿياسين؛ نہ، هڪڙي گهڙي بہ نہ ٿياسين؛ انهي لاءِ تہ انجيل جي سچائي اوهان ۾ قائم رهندي اچي.</verse>
				<verse number="6">پر جيڪي ماڻهو معزز ليکبا هئا (پوءِ اُهي ڪهڙا بہ هئا، تن سان منهنجو واسطو ڪونهي: خدا ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي طرفداري نٿو ڪري.) انهن معززن مان مون کي ڪابہ ڳالهہ حاصل نہ ٿي؛</verse>
				<verse number="7">پر اُٽلندو جڏهن انهن ڏٺو تہ جهڙيءَ طرح مختونن کي خوشخبري ڏيڻ جو ڪم پطرس جي حوالي ٿيو هو، تهڙيءَ طرح نامختونن کي خوشخبري ڏيڻ جو ڪم منهنجي حوالي ٿيو آهي،</verse>
				<verse number="8">(ڇالاءِ جو، جنهن مختونن جي رسوليت لاءِ پطرس ۾ اثر پيدا ڪيو، تنهن غير قومن جي لاءِ مون ۾ اثر پيدا ڪيو.)</verse>
				<verse number="9">۽ جيڪو فضل مون کي ڏنو ويو سو جڏهن هنن کي معلوم ٿيو تڏهن، يعقوب ۽ ڪيفاس ۽ يوحنا، جي ڪليسيا جا ارڪان ليکبا هئا، تن مون کي ۽ برناباس کي پنهنجو ساڄو هٿ ڏيئي، شراڪت ۾ قبول ڪيو، انهي لاءِ تہ اسين غير قومن ڏانهن وڃون، ۽ هو مختونن وٽ وڃن.</verse>
				<verse number="10">رڳو هنن اها خواهش ڏيکاري تہ اسان کي غريبن جي يادگيري رکڻ گهرجي. پر انهي ساڳئي ڪم ڪرڻ ۾ آئون اڳيئي سرگرم هوس.</verse>
				<verse number="11">پر جڏهن ڪيفاس انطاڪيہ ۾ آيو، تڏهن مون سندس منهن تي ئي سندس مخالفت ڪئي، ڇو جو هو ڏوهاري هو.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو يعقوب وٽان ڪن ماڻهن جي اچڻ کان اڳي هو غير قومن سان کائيندو هو، پر جڏهن هو آيا، تڏهن مختونن جي ڊپ کان هو پٺتي هٽي ويو، ۽ پاڻ کي ڌار ڪيائين.</verse>
				<verse number="13">۽ باقي ٻين يهودين بہ سندس جهڙو ڍونگ ڪيو، ايتري قدر جو خود برناباس بہ انهن جي چال ۾ ڦاسي ويو.</verse>
				<verse number="14">پر جڏهن مون ڏٺو تہ هو انجيل جي سچائيءَ موجب سنوان سڌا نٿا هلن، تڏهن مون انهن سڀني جي اڳيان ڪيفاس کي چيو تہ جي تون يهودي ٿي غير قومن وانگر ٿو گذارين ۽ نہ يهودين وانگر، تڏهن ڪيئن غير قومن کي زور ٿو ڪرين تہ هو يهودين وانگر گذارين؟</verse>
				<verse number="15">جيتوڻيڪ اسين ذاتي طور يهودي آهيون، ۽ نہ گنهگار غير قوم،</verse>
				<verse number="16">تہ بہ خبر اٿئون تہ ڪوبہ ماڻهو شريعت جي ڪمن سان نہ، پر فقط يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ سان راستباز ٺهرايو ٿو وڃي. تنهنڪري اسان بہ مسيح يسوع تي ايمان آندو؛ تہ مسيح تي ئي ايمان آڻڻ ڪري اسين بہ راستباز ٺهرايا وڃون، ۽ نہ شريعت جي ڪمن ڪري؛ ڇالاءِ جو شريعت جي ڪمن ڪري ڪوبہ انسان راستباز نہ ٺهربو.</verse>
				<verse number="17">پر اسين جي چاهيون ٿا تہ مسيح ۾ راستباز ٺهرايا وڃون، سي جيڪڏهن پاڻ بہ گنهگار ٿي پونداسين، تہ پوءِ مسيح گناهہ جو باعث ٿيو ڇا؟ هرگز نہ.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو جيڪي مون ڊاهيو آهي سو جي آئون وري اڏيندس، تہ آئون پاڻ کي قصور وار ثابت ڪندس.</verse>
				<verse number="19">هن ڪري جو آئون شريعت جي ڪري ئي شريعت لاءِ مُئس، تہ خدا لاءِ جيئرو ٿيان.</verse>
				<verse number="20">آئون مسيح سان گڏ مصلوب ٿيو آهيان، انهي هوندي بہ آئون جيئرو آهيان؛ پر هاڻي آئون جيئرو نٿو رهان، بلڪ مسيح مون ۾ جيئرو ٿو رهي؛ ۽ جيڪا حياتي آئون هاڻي جسم ۾ گذاريان ٿو، سا آئون انهي ايمان تي ٿو گذاريان، جو خدا جي فرزند تي آهي، جنهن مون سان محبت رکي منهنجي بدلي پنهنجي جان ڏنائين.</verse>
				<verse number="21">آئون خدا جي فضل کي اجايو نٿو وڃايان، ڇالاءِ تہ جيڪڏهن راستبازي شريعت جي وسيلي ملي ها، تہ پوءِ مسيح جو مرڻ اجايو ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">اي نادان گلتيو، هاڻي ڪنهن اوهان تي ڪامڻ وڌو؟ اوهان جي اکين اڳيان يسوع مسيح ظاهر ظهور صليب تي چاڙهيل ڏيکاريو ويو.</verse>
				<verse number="2">آئون اوهان کان فقط ايترو معلوم ڪرڻ ٿو گهُران، تہ پاڪ روح اوهان کي شريعت جي ڪمن ڪري مليو، يا ايمان جي پيغام ٻُڌڻ ڪري؟</verse>
				<verse number="3">اوهين اهڙا نادان آهيو ڇا جو روح ۾ شروع ڪري، هاڻي جسم ٿا پڄاڻي ڪريو؟</verse>
				<verse number="4">اوهان هيتريون تڪليفون اجايون سَٺيون ڇا؟ بشرطيڪ اهي سچ پچ اجايون هيون.</verse>
				<verse number="5">جيڪو اوهان کي روح ٿو بخشي، ۽ اوهان ۾ معجزا ٿو ڪري، سو اوهان جي شريعت جي ڪمن سببان ائين ٿو ڪري، يا ايمان جي پيغام ٻُڌڻ جي سببان؟</verse>
				<verse number="6">هاڻي ”ابراهيم خدا تي ايمان آندو ۽ اُهو هن جي لاءِ راستبازي ليکيو ويو.“</verse>
				<verse number="7">ائين ڄاڻو تہ جيڪي ايمان وارا آهن، اُهي ئي ابراهيم جو اولاد آهن.</verse>
				<verse number="8">۽ پاڪ لکيت ۾ اهو اڳيئي ڄاڻايل هو، تہ خدا غير قومن کي ايمان جي ڪري راستباز ٺهرائيندو، تنهنڪري اڳيئي هن اها خوشخبري ابراهيم کي ٻُڌائي تہ ”تنهنجي ڪري سڀ قومون برڪت پائينديون.“</verse>
				<verse number="9">جيڪي ايمان وارا آهن، تن کي ايماندار ابراهيم سان گڏ برڪت ٿي ملي.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ تہ جيڪي بہ شريعت جي ڪمن تي يقين ٿا ڪن، سي سڀ لعنت هيٺ آهن؛ هن ڪري جو لکيل آهي تہ ”جيڪو شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل سڀني ڳالهين تي عمل ڪرڻ ۾ قائم نٿو رهي، سو لعنتي آهي.“</verse>
				<verse number="11">هاڻي اِها ڳالهہ صاف ظاهر آهي تہ شريعت جي ڪري ڪوبہ ماڻهو خدا جي نظر ۾ راستباز نٿو ٺهري؛ ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”راستباز ايمان جي ڪري ئي جيئرو رهندو؛“</verse>
				<verse number="12">۽ شريعت جو ايمان سان ڪوبہ واسطو ڪونهي؛ پر (لکيل آهي تہ) ”جيڪو انهي تي عمل ڪندو، سو انهي جي ڪري جيئرو رهندو.“</verse>
				<verse number="13">مسيح پاڻ اسان جي بدران لعنتي ٿي اسان کي شريعت جي لعنت کان ڇڏايو؛ ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“</verse>
				<verse number="14">انهي لاءِ تہ مسيح يسوع ۾ ابراهيم جي برڪت غير قومن تي اچي؛ ۽ اسين ايمان جي وسيلي اهو روح جو انجام حاصل ڪريون.</verse>
				<verse number="15">اي ڀائرو، آئون ماڻهن جي دستور موجب ٿو ڳالهايان، تہ جيتوڻيڪ اهو ڪنهن ماڻهو جو عهد هجي، تہ بہ جڏهن اُهو پڪو ڪيو ٿو وڃي، تڏهن ڪوبہ انهي کي رد نٿو ڪري، نڪي انهي ۾ ڪجهہ وڌائي ٿو سگهي.</verse>
				<verse number="16">هاڻي ابراهيم ۽ سندس نسل سان واعدا ڪيا ويا. هو ائين نٿو چوي تہ ”نسلن سان“ جيئن گهڻن لاءِ چئبو آهي، پر جيئن هڪڙي لاءِ چئبو آهي تہ ”تنهنجي نسل سان“ ۽ اهو مسيح آهي.</verse>
				<verse number="17">هاڻي آئون هيئن ٿو چوان، تہ جنهن عهد کي اڳيئي خدا پڪو ڪيو، تنهن کي شريعت، جا چار سؤ ٽيهن ورهين کانپوءِ آئي، سا رد ڪري نٿي سگهي تہ اُهو واعدو بي اثر ٿي وڃي.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ تہ جيڪڏهن ميراث شريعت جي ڪري آهي، تہ اُها واعدي جي ڪري ناهي: پر خدا واعدي سان ئي اُها ابراهيم کي بخشي.</verse>
				<verse number="19">تڏهن شريعت ڇا آهي؟ اُها پوءِ حڪمن ڀڃڻ ڪري ڳنڍي ويئي، جيسين ڪ اُهو نسل اچي، جنهن سان اُهو واعدو ڪيو ويو هو؛ ۽ اُها ملائڪن جي وسيلي هڪڙي درميانيءَ جي معرفت تيار ڪئي ويئي.</verse>
				<verse number="20">هاڻي درمياني هڪڙيءَ ڌر جو نہ ٿيندو آهي؛ پر خدا هڪڙو آهي.</verse>
				<verse number="21">تڏهن شريعت خدا جي واعدن جي برخلاف آهي ڇا؟ اصل ئي نہ، ڇالاءِ تہ جيڪڏهن ڪا اهڙي شريعت ڏني وڃي ها، جا زندگي بخشي سگهي ها، تہ جيڪر راستبازي شريعت جي وسيلي هجي ها.</verse>
				<verse number="22">مگر پاڪ ڪتاب سڀ ڪجهہ گناهہ هيٺ بند ڪري رکيو آهي، انهي لاءِ تہ يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري اُهو واعدو ايمان وارن کي ملي.</verse>
				<verse number="23">پر ايمان اچڻ کان اڳي اسين شريعت جي هيٺ بند هئاسين، ۽ جو ايمان پوءِ ظاهر ٿيڻو هو، تنهن لاءِ بند ڪري رکيا وياسين.</verse>
				<verse number="24">تنهنڪري شريعت اسان کي مسيح تائين پهچائڻ لاءِ اسان جو اُستاد ٿي آهي، انهي لاءِ تہ ايمان جي ڪري اسين راستباز ٺهرايا وڃون.</verse>
				<verse number="25">پر هاڻي جڏهن ايمان آيو آهي، تڏهن اڳتي اسين اُستاد جي حڪم هيٺ نہ آهيون.</verse>
				<verse number="26">ڇالاءِ جو اوهين سڀيئي مسيح يسوع ۾ ايمان رکڻ ڪري خدا جا ٻار آهيو.</verse>
				<verse number="27">هن ڪري جو اوهان مان جيترن بہ مسيح ۾ شامل ٿيڻ جي بپتسما ورتي، تن مسيح کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="28">پوءِ نڪو يهودي رهيو نہ يوناني، نڪو غلام نہ آزاد، نڪو مرد نہ زال، ڇالاءِ جو اوهين سڀ مسيح يسوع ۾ هڪ آهيو.</verse>
				<verse number="29">۽ جي اوهين مسيح جا آهيو، تہ اوهين ابراهيم جو نسل آهيو، ۽ واعدي موجب وارث آهيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">پوءِ آئون چوان ٿو تہ جيستائين وارث نابالغ آهي، تيستائين اگرچہ هو سڀ جو مالڪ آهي، تہ بہ انهيءَ ۾ ۽ غلام ۾ ڪوبہ فرق ڪونهي؛</verse>
				<verse number="2">پر جيڪو ميعاد پيءُ مقرر ڪيو آهي، انهيءَ تائين هو سنڀاليندڙن ۽ مختيارن جي وس آهي.</verse>
				<verse number="3">انهيءَ طرح اسين بہ جڏهن نابالغ هئاسين، تڏهن دنيا جي ابتدائي ڳالهين ۾ غلام ڪري رکيا وياسين؛</verse>
				<verse number="4">پر جڏهن وقت اچي پورو ٿيو، تڏهن خدا پنهنجو فرزند موڪليو، جو زال مان پيدا ٿيو، ۽ شريعت جي ماتحت پيدا ٿيو،</verse>
				<verse number="5">انهي لاءِ تہ جيڪي شريعت جي ماتحت هئا تن کي آزاد ڪري، تہ اسين گود جا پٽ ٿيون.</verse>
				<verse number="6">۽ جيئن تہ اوهين پٽ آهيو، تنهنڪري خدا پنهنجي فرزند جو روح اسان جي دلين ۾ موڪليو، جو ابا يعني، اي بابا چئي ٿو پڪاري.</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري تون اڳتي غلام نہ آهين پر پٽ آهين؛ ۽ جيڪڏهن پٽ آهين تہ خدا جي وسيلي وارث بہ آهين.</verse>
				<verse number="8">انهي هوندي بہ انهي وقت اوهين خدا کان ناواقف هئڻ ڪري انهن جي غلاميءَ ۾ رهيا، جي حقيقت ۾ خدا نہ هئا؛</verse>
				<verse number="9">يا هاڻي جڏهن اوهين خدا کان واقف ٿيا، بلڪ جڏهن خدا اوهان کي سڃاتو آهي، تڏهن وري انهن ضعيف ۽ ڪين جهڙين ابتدائي شين ڏانهن ڪيئن ٿا ڦرو، ۽ ڪيئن غلاميءَ ۾ رهڻ لاءِ وري خواهش ٿا ڪريو؟</verse>
				<verse number="10">اوهين ڏينهن ۽ مهينن ۽ خاص وقتن ۽ ورهين کي ٿا مڃو.</verse>
				<verse number="11">مون کي اوهان جي نسبت ۾ اهو ڊپ ٿو ٿئي، تہ متان جيڪا محنت مون اوهان تي ڪئي آهي، سا ڪنهن طرح اجائي ٿي وڃي.</verse>
				<verse number="12">اي ڀائرو، آئون اوهان کي منٿ ٿو ڪريان، تہ جهڙو آئون آهيان تهڙا ٿيو، ڇالاءِ جو آئون بہ اهڙو آهيان جهڙا اوهين آهيو. اوهان مون کي ڪو اهنج ايذاءُ ڪونہ رسايو آهي:</verse>
				<verse number="13">پر اوهين ڄاڻو ٿا تہ پهريون ڀيرو مون اوهان کي جسم جي هيڻائيءَ ۽ ڪمزوريءَ ڪري، خوشخبري ٻُڌائي هئي؛</verse>
				<verse number="14">۽ جيتوڻيڪ منهنجي جسماني حالت اوهان لاءِ هڪ آزار هو، تہ بہ اوهان نڪي مون کي حقير سمجهيو، نڪي ڌڪاريو؛ پر اوهان مون کي خدا جي ملائڪ وانگر، بلڪ يسوع مسيح وانگر سمجهيو.</verse>
				<verse number="15">تڏهن اُها اوهان جي خوشحالي ڪاڏي ويئي؟ ڇالاءِ جو آئون اوهان جو شاهد آهيان تہ جي ائين ٿي سگهي ها تہ جيڪر اوهين پنهنجيون اکيون بہ ڪڍي مون کي ڏيو ها.</verse>
				<verse number="16">تڏهن هاڻي اوهان کي سچ چوڻ ڪري آئون اوهان جو دشمن ٿي پيو آهيان ڇا؟</verse>
				<verse number="17">هو اوهان کي دوست ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر نيڪ نيتيءَ سان نہ؛ بلڪ هو اوهان کي ڌار ڪرڻ ٿا گهُرن تہ رڳو کين پيار ڪريو.</verse>
				<verse number="18">هاڻي ڪنهن چڱي سبب ڪري ماڻهوءَ کي پيار ڪرڻ گهرجي ۽ نہ فقط منهنجي روبرو.</verse>
				<verse number="19">اي منهنجا ٻار، اوهان جي ڪري مون کي وري ڄڻڻ جا سور لڳا آهن، جيسين ڪ اوهان ۾ مسيح جي صورت پيدا ٿئي!</verse>
				<verse number="20">شل هاڻي آئون اوهان وٽ حاضر ٿي ٻيءَ طرح سان ڳالهايان؛ ڇالاءِ جو مون کي اوهان جي نسبت ۾ ڏاڍو مونجهارو آهي.</verse>
				<verse number="21">اوهين جي شريعت جي ماتحت رهڻ ٿا گهُرو، سي مون کي ٻُڌايو تہ اوهين شريعت نٿا ٻُڌو ڇا؟</verse>
				<verse number="22">ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ابراهيم کي ٻہ پٽ هئا، هڪڙو ٻانهيءَ مان ۽ ٻيو آزاد مان.</verse>
				<verse number="23">مگر ٻانهيءَ وارو پٽ جسمانيءَ طرح ڄائو هو، پر آزاد زال وارو پٽ واعدي جي ڪري ڄائو.</verse>
				<verse number="24">انهن ڳالهين ۾ هڪڙو مثال آهي: ڇالاءِ جو اهي زالون ڄڻ تہ ٻہ عهد آهن؛ هڪڙو سينا جبل وارو، جنهنڪري غلام ئي پيدا ٿا ٿين، ۽ اُها آهي هاجرہ.</verse>
				<verse number="25">هاڻي اها هاجرہ عرب جو سينا جبل آهي، ۽ هاڻوڪي يروشلم جي برابر آهي؛ ڇالاءِ جو هوءَ پنهنجن ٻارن سميت غلاميءَ ۾ آهي.</verse>
				<verse number="26">پر يروشلم جو مٿي آهي سو آزاد آهي، ۽ اُها اسان جي ماءُ آهي.</verse>
				<verse number="27">ڇالاءِ جو لکيل آهي، تہ ”اي سنڍ زال، تون جا ٻار نٿي ڄڻين، سا خوشيون ڪر؛ تون، جنهن کي ويم جي سورن جي خبر ڪانهي، سا وڏي آواز سان رڙيون ڪر؛ ڇالاءِ جو مڙس واريءَ زال کان نڌڻڪيءَ زال جا ٻار گهڻا آهن.“</verse>
				<verse number="28">هاڻي اي ڀائرو، اسين اسحاق وانگر واعدي جو اولاد آهيون.</verse>
				<verse number="29">پر جيئن انهي وقت جسماني طرح پيدا ٿيل ٻار، روحاني طرح پيدا ٿيل ٻار کي ستائيندو هو؛ تيئن هاڻي بہ آهي.</verse>
				<verse number="30">مگر پاڪ ڪتاب ڇا ٿو چوي؟ ٻانهيءَ ۽ سندس پٽ کي ڪڍي ڇڏ: ڇالاءِ جو ٻانهيءَ جو پٽ آزاد جي پٽ سان گڏ هرگز وارث نہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="31">تنهنڪري، اي ڀائرو، اسين ٻانهيءَ جا ٻار نہ آهيون، پر آزاد زال جا آهيون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">مسيح اسان کي آزاديءَ لاءِ آزاد ڪيو؛ تنهنڪري قائم رهو ۽ وري ٻانهپ جي پاڃاريءَ ۾ جوٽجي نہ وڃو.</verse>
				<verse number="2">ڏسو، آئون پولس اوهان کي چوان ٿو، تہ جيڪڏهن اوهين ختنو ڪرائيندا تہ مسيح کان اوهان کي ڪو فائدو ڪونہ پهچندو.</verse>
				<verse number="3">آئون سڀ ڪنهن ختني ٿيل ماڻهوءَ تي وري بہ شاهدي ٿو ڏيان، تہ اُهو ساري شريعت تي عمل ڪرڻ لاءِ ٻَڌل آهي.</verse>
				<verse number="4">اوهين جي ڀانئيو ٿا تہ شريعت جي وسيلي راستباز ثابت ٿيون، سي مسيح کان ڌار ٿي ويا؛ اوهين فضل کان محروم آهيو.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو اسين روح جي وسيلي ايمان جي ڪري راستبازيءَ جي اُميد جا منتظر آهيون.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو مسيح يسوع ۾ نڪي مختوني ڪنهن ڪم جي آهي، نڪي نامختوني؛ پر ايمان، جو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="7">اوهين چڱيءَ طرح پئي ڊوڙيا؛ اوهان کي ڪنهن روڪيو تہ سچ کي نہ مڃو؟</verse>
				<verse number="8">اها نصيحت اوهان جي سڏڻ واري کان ڪانہ آئي.</verse>
				<verse number="9">ٿورو خمير ساري ڳوهيل اٽي کي خميرو ڪيو ڇڏي.</verse>
				<verse number="10">مون کي خداوند ۾ اوهان تي اهو يقين آهي، تہ اوهين ٻيءَ طرح جو ڪوبہ خيال نہ ڪندا؛ پر جيڪو اوهان کي منجهائي ٿو، سو ڪير بہ هوندو تہ ضرور سزا پائيندو.</verse>
				<verse number="11">پر اي ڀائرو، جيڪڏهن آئون اڃا تائين ختني جي منادي ٿو ڪريان تہ پوءِ ڇو ٿو ستائجان؟ پوءِ صليب ٺوڪر جو باعث نہ رهيو.</verse>
				<verse number="12">شل جيڪي اوهان کي منجهائين ٿا، سي پاڻ کي ڪَپي ڇڏين تہ چڱو.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، اوهين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا هئا، پر ائين نہ ٿئي جو آزاديءَ کي جسماني ڳالهين جي لاءِ ڪم ۾ آڻيو؛ پر محبت جي رستي هڪ ٻئي جي خدمت ڪريو.</verse>
				<verse number="14">هن ڪري جو ساري شريعت هڪڙي ئي ڳالهہ ۾ پوري ٿي ٿئي؛ يعني هن ۾ تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر.“</verse>
				<verse number="15">پر جيڪڏهن اوهين هڪ ٻئي کي چڪ ٿا هڻو ۽ ڳهي ٿا وڃو، تہ خبردار ٿيو ڇوتہ انهي ڪري هڪ ٻئي کي چٽ ڪري ڇڏيندا.</verse>
				<verse number="16">پر آئون چوان ٿو تہ روح پٽاندر هلو تہ پوءِ اوهين ڪڏهن بہ جسم جي خواهش پوري نہ ڪندا.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو جسم روح جي برخلاف خواهش ٿو ڪري، ۽ روح جسم جي برخلاف؛ ۽ اُهي هڪ ٻئي جا مخالف آهن، انهي لاءِ تہ جيڪي اوهين چاهيو ٿا سو نہ ڪريو.</verse>
				<verse number="18">پر جي اوهين روح جي هدايت تي هلندا تہ شريعت جي ماتحت نہ ٿيا.</verse>
				<verse number="19">هاڻي جسم جا ڪم ظاهر آهن، يعني زناڪاري، ناپاڪي، شهوت پرستي،</verse>
				<verse number="20">بت پرستي، جادوگري، عداوتون، جهيڙو جهڳڙو، حسد، ڪاوڙ، تفرقا، جدائيون، بدعتون،</verse>
				<verse number="21">بغض، نشي بازي، عيش عشرت ۽ ٻيا اهڙا ڪم، جن بابت جيئن مون اڳي بہ اوهان کي خبردار ڪيو هو، تيئن هاڻ بہ اڳيئي خبردار ٿو ڪريان، تہ جيڪي اهڙا ڪم ٿا ڪن، سي خدا جي بادشاهت جا وارث ڪين ٿيندا.</verse>
				<verse number="22">پر روح جو ڦل آهي محبت، خوشي، اطمينان، صبر، مهرباني، نيڪي، ايمانداري،</verse>
				<verse number="23">نماڻائي، پرهيزگاري؛ اهڙن ڪمن جي برخلاف ڪابہ شريعت ڪانهي.</verse>
				<verse number="24">۽ جيڪي مسيح يسوع جا آهن، تن جسم کي انهي جي خواهشن ۽ سَڌن سميت صليب تي چاڙهيو آهي.</verse>
				<verse number="25">جيڪڏهن اسين روح جي ڪري جيئون ٿا، تہ اسان کي هلڻ بہ روح پٽاندر کپي.</verse>
				<verse number="26">اسان کي گهرجي تہ اجايو فخر نہ ڪريون، نہ هڪ ٻئي کي چيڙايون، ۽ نہ هڪ ٻئي ڏانهن بغض رکون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">اي ڀائرو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن گناهہ ڪندي پڪڙيو وڃي، تہ اوهين جي روحاني آهيو، سي اهڙي شخص کي نرم مزاجيءَ سان وري بحال ڪريو؛ ۽ پنهنجو بہ خيال ڪريو، متان اوهين بہ آزمائش ۾ پئو.</verse>
				<verse number="2">اوهين هڪ ٻئي جو بار کڻو، ۽ انهي طرح مسيح جي شريعت پوري ڪريو.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪي ڪينهي، ۽ سمجهي ٿو تہ آئون بہ ڪي آهيان، تہ هو پاڻ کي ٺڳي ٿو.</verse>
				<verse number="4">پر سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو ڪم پاڻ آزمائڻ کپي، پوءِ هن کي فقط پنهنجي نسبت ۾ فخر ڪرڻ جو وجهہ ملندو، نہ ٻئي جي نسبت ۾.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو سڀڪو ماڻهو پنهنجو بار پاڻ کڻندو.</verse>
				<verse number="6">پر جنهن کي ڪلام جي تعليم ٿي ملي، تنهن کي گهرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ شريڪ ڪري.</verse>
				<verse number="7">فريب نہ کائو، خدا کي ٺڳي ڪين سگهندا، ڇالاءِ جو جيڪي انسان پوکي ٿو سو ئي هو لُڻندو.</verse>
				<verse number="8">جيڪو پنهنجي جسم جي لاءِ پوکي ٿو، سو جسم مان فنا جو فصل لُڻندو، پر جيڪو روح جي لاءِ پوکي ٿو، سو روح مان هميشہ جي زندگي لُڻندو.</verse>
				<verse number="9">۽ اسان کي نيڪي ڪرڻ ۾ ٿَڪجڻ نہ کپي، ڇالاءِ تہ جي همت نہ هارينداسين، تہ پوري وقت تي لابارو لاهينداسين.</verse>
				<verse number="10">تنهنڪري جڏهن اسان کي وجهہ آهي، تڏهن اچو تہ سڀني ماڻهن سان نيڪيءَ جا ڪم ڪريون، خاص ڪري اُنهن سان، جي ايمان وارن جي جماعت جا آهن.</verse>
				<verse number="11">ڏسو، ڪهڙن نہ وڏن وڏن اکرن سان مون پنهنجي هٿ سان اوهان کي لکيو آهي.</verse>
				<verse number="12">جيڪي ماڻهو جسماني ڏيک ڪرڻ ٿا گهُرن، سي اوهان کي ختني ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڪن، رڳو انهي لاءِ تہ مسيح جي صليب جي سبب هو ستايا نہ وڃن.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو ختني وارا پاڻ بہ شريعت تي عمل نٿا ڪن؛ پر اُهي انهي لاءِ اوهان جو ختنو ڪرائڻ ٿا گهُرن تہ اوهان جي جسماني حالت تي فخر ڪن.</verse>
				<verse number="14">پر شل ائين نہ ٿئي تہ آئون ڪنهن ڳالهہ تي بہ فخر ڪريان، سواءِ پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي صليب تي، جنهن جي وسيلي جهان منهنجي نسبت صليب تي چڙهيو آهي، ۽ آئون جهان جي نسبت.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو مختوني ڪجهہ بہ نہ آهي، ۽ نامختوني بہ ڪجهہ نہ آهي، پر جيڪي آهي سو نئين سر پيدا ٿيڻ آهي.</verse>
				<verse number="16">۽ جيڪي بہ انهي قاعدي تي هلندا، تن تي ۽ خدا جي اسرائيل تي، شل رحم ۽ اطمينان هجي.</verse>
				<verse number="17">اڄ کان وٺي اڳتي ڪوبہ ماڻهو مون کي تڪليف نہ ڏئي؛ ڇالاءِ جو منهنجي بدن تي يسوع جا داغ آهن.</verse>
				<verse number="18">اي ڀائرو، شل اسان جي خداوند يسوع مسيح جو فضل اوهان جي روح سان هجي. آمين.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="49">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب مسيح يسوع جو رسول آهي، تنهن جي طرفان انهن پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي افسس ۾ آهن ۽ مسيح يسوع ۾ ايماندار آهن؛</verse>
				<verse number="2">اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان شل اوهان تي فضل ۽ اطمينان هجي.</verse>
				<verse number="3">اسان جي خداوند يسوع مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي تعريف ٿئي، جنهن اسان کي مسيح ۾ آسماني جاين تي هر طرح جي روحاني برڪت بخشي.</verse>
				<verse number="4">جيئن تہ هن اسان کي جهان جي شروعات کان اڳ ۾ هن ۾ چونڊي ڪڍيو تہ اسين سندس اڳيان محبت ۾ پاڪ ۽ بي عيب ٿيون:</verse>
				<verse number="5">۽ هن پنهنجي مرضيءَ جي نيڪ ارادي موجب اسان کي پنهنجي لاءِ اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو، تہ يسوع مسيح جي وسيلي سندس گود جا ٻار ٿيون،</verse>
				<verse number="6">تان تہ سندس انهي فضل جي جلال جي تعريف ٿئي، جو هن پنهنجي پياري ۾ اسان کي بخشيو:</verse>
				<verse number="7">۽ انهي ۾ اسان کي سندس رت جي وسيلي ڇوٽڪارو مليو آهي؛ يعني سندس فضل جي دولت موافق اسانجن گناهن جي معافي ملي آهي.</verse>
				<verse number="8">هن هر طرح جي حڪمت ۽ دانائيءَ سان اسان تي بيحد فضل نازل ڪيو،</verse>
				<verse number="9">جيئن تہ هن پنهنجي مرضيءَ جو راز انهي پنهنجي چڱي ارادي موجب اسان تي ظاهر ڪيو، جو هن پاڻ ۾ ٺهرائي ڇڏيو هو،</verse>
				<verse number="10">انهي لاءِ تہ زمانن جي پوري ٿيڻ تي اهڙو بندوبست ٿئي، جو سڀ شيون جي آسمان توڙي زمين تي آهن، سي مسيح ۾ گڏجي وڃن.</verse>
				<verse number="11">انهي ۾، جيڪو پنهنجيءَ مرضيءَ جي مصلحت موجب سڀ ڪجهہ ٿو ڪري، اسين بہ سندس ارادي موافق اڳيئي مقرر ٿي ميراث ٿياسين؛</verse>
				<verse number="12">انهي لاءِ تہ اسين، جن اڳيئي مسيح ۾ اُميد رکي هئي، سي انهي جي جلال جي تعريف جو سبب ٿيون.</verse>
				<verse number="13">جنهن ۾ اوهان بہ سچائيءَ جو ڪلام، يعني پنهنجيءَ نجات جي خوشخبري ٻُڌي؛ ۽ جنهن تي اوهان ايمان بہ آندو، ۽ واعدي ڪيل پاڪ روح جي اوهان تي مهر لڳي،</verse>
				<verse number="14">جو اسان جي خاص ميراث جي سوٿي آهي، جيستائين ڪ اسين اُها هٿ ڪريون، انهي لاءِ تہ سندس جلال جي تعريف ٿئي.</verse>
				<verse number="15">انهي لاءِ جيڪو اوهان جو ايمان يسوع مسيح تي آهي، ۽ جيڪا محبت اوهين سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن ظاهر ڪريو ٿا، تنهن بابت ٻُڌي،</verse>
				<verse number="16">آئون بہ اوهان جي لاءِ شڪر ڪرڻ کان باز نٿو اچان، ۽ پنهنجين دعائن ۾ اوهان کي ياد پيو ڪريان؛</verse>
				<verse number="17">تہ اسان جي خداوند يسوع مسيح جو خدا، جو جلال وارو پيءُ آهي، سو اوهان کي دانائي ۽ مڪاشفي جو روح بخشي؛ (تہ اوهين سندس معرفت حاصل ڪريو).</verse>
				<verse number="18">۽ اوهان جون روحاني اکيون روشن ٿين، تہ اوهان کي خبر پوي تہ هن جو اوهان کي ڪوٺيو آهي، تنهن جي ڪهڙي اُميد آهي، ۽ هن جي ميراث جي جلال جي دولت پاڪ ٿيلن ۾ ڪهڙي آهي؛</verse>
				<verse number="19">۽ اسان ايمان وارن جي لاءِ هن جي قدرت جي وڏائي، سندس انهيءَ وڏيءَ طاقت جي اثر موجب ڪهڙي نہ بي انداز آهي،</verse>
				<verse number="20">جا هن مسيح ۾ ظاهر ڪئي، جڏهن هن کي مُئلن مان جياري، آسماني جاين ۾ پنهنجي ساڄي پاسي ويهاريائين،</verse>
				<verse number="21">۽ هر طرح جي حڪومت، ۽ اختياريءَ، ۽ طاقت، ۽ بادشاهت کان، ۽ سڀ ڪنهن نالي کان مٿي ڪيائين، جو نالو نہ رڳو هن جهان ۾ وٺجي ٿو، پر ايندڙ جهان ۾ بہ ورتو ويندو.</verse>
				<verse number="22">۽ سڀ ڪجهہ هن جي پيرن هيٺ ڪري ڇڏيائين، ۽ کيس ڪل ڪليسيا جو سردار مقرر ڪيائين،</verse>
				<verse number="23">جا سندس بدن آهي، ۽ سندس معموري جو هر ڪنهن کي هر طرح سان معمور ٿو ڪري.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">۽ جڏهن اوهين پنهنجين خطائن ۽ گناهن جي ڪري مُئل هئا، تڏهن هن اوهان کي جياريو،</verse>
				<verse number="2">جن گناهن ۾ اوهين اڳي هن دنيا جي دستور موجب هلندا هئا، ۽ فضا ۾ اختيار هلائڻ واري حاڪم جي، يعني انهي روح جي پيروي ڪندا هئا، جو هاڻي نافرمانيءَ جي فرزندن ۾ اثر پيدا ٿو ڪري؛</verse>
				<verse number="3">انهن سان گڏ اسين سڀيئي بہ پنهنجي جسم جي خواهشن ۾ هلندا هئاسين، ۽ جسم ۽ دل جي سَڌين پورين ڪرڻ ۾ مشغول هئاسين، ۽ طبيعت جي ڪري ٻين وانگر غضب جا فرزند هئاسين:</verse>
				<verse number="4">پر خدا، جو رحم سان ڀرپور آهي، تنهن پنهنجيءَ وڏيءَ محبت سببان، جا هن اسان سان ڪئي،</verse>
				<verse number="5">اسان کي مسيح سان جيئرو ڪيو، جڏهن اسين اڃا پنهنجين خطائن جي ڪري مُئل هئاسين، (فضل جي ڪري ئي اوهان کي نجات ملي آهي)،</verse>
				<verse number="6">۽ انهي سان گڏ اسان کي اُٿاري مسيح يسوع ۾ آسماني جاين ۾ ساڻس گڏ ويهاريائين:</verse>
				<verse number="7">انهي لاءِ تہ پنهنجي انهيءَ مهربانيءَ جي وسيلي جا مسيح يسوع ۾ اسان تي آهي، ايندڙ زمانن ۾ پنهنجي فضل جي بي انداز دولت ظاهر ڪري:</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو فضل جي ڪري ئي، ايمان جي وسيلي اوهان کي نجات ملي آهي؛ ۽ اُها اوهان جي ڪري نہ، پر خدا جي بخشش آهي –</verse>
				<verse number="9">نہ عملن جي ڪري، متان ڪوبہ فخر ڪري.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو اسين سندس ڪاريگري آهيون، ۽ مسيح يسوع ۾ انهن چڱن ڪمن لاءِ خلقيا ويا آهيون، جي خدا اڳيئي اسان جي ڪرڻ ۽ انهن تي هلڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا هئا.</verse>
				<verse number="11">سو ياد رکو تہ اوهين، جي اڳي جسم جي ڪري غير قوم هئا، ۽ جن کي اهي نامختون ٿا سڏين، جي پاڻ جسماني ختني جي ڪري، جو هٿن سان ڪيل آهي، مختون ٿا سڏجن،</verse>
				<verse number="12">۽ انهي وقت اوهين مسيح کان ڌار ۽ اسرائيلي جماعت کان خارج هئا، ۽ واعدي جي عهدن کان غير واقف هئا، ۽ دنيا ۾ نااُميد ۽ خدا کان جدا هئا،</verse>
				<verse number="13">پر هاڻي مسيح يسوع ۾ اوهين جي اڳي پري هئا، سي مسيح جي رت ڪري ويجهو ٿي پيا آهيو.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو هو ئي اسان جو صلح آهي، جنهن ٻنهي کي هڪ ڪري ڇڏيو، ۽ جيڪا جدائيءَ جي ڀت وچ ۾ هئي سا ڊاهي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="15">يعني اُها دشمني جا حڪمن جي شريعت جي قانونن ۾ هئي، سا پنهنجي جسم جي وسيلي ڪڍي ڇڏيائين، انهي لاءِ تہ ٻنهي مان هڪڙو نئون انسان پيدا ڪري صلح ڪرائي؛</verse>
				<verse number="16">۽ صليب جي وسيلي دشمني دفع ڪري انهن ٻنهي کي هڪڙو جسم ڪري خدا سان ملائي:</verse>
				<verse number="17">۽ اوهين جي پري هئا، ۽ اهي جي ويجها هئا، تن ٻنهي کي صلح جي خوشخبري اچي ڏنائين:</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو انهي جي وسيلي اسين ٻئي هڪڙي ئي روح ۾ پيءُ تائين پهچي ٿا سگهون.</verse>
				<verse number="19">تنهنڪري اوهين ڌاريا ۽ پرديسي نہ رهيا پر پاڪ ٿيلن جا هم وطن ۽ خدا جي گهر جا ڀاتي آهيو،</verse>
				<verse number="20">۽ رسولن ۽ نبين جي بنياد تي اڏيل آهيو، جنهن جي ڪنڊ جو خاص پٿر خود مسيح يسوع آهي؛</verse>
				<verse number="21">انهي ۾ هرڪا اڏاوت گڏجي وڌندي خداوند جي هڪڙي پاڪ هيڪل ٿيندي ٿي وڃي؛</verse>
				<verse number="22">۽ اوهين بہ انهيءَ ۾ گڏ جڙندا اڏبا ٿا وڃو، تہ روح جي وسيلي خدا جو گهر ٿيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">انهي سبب آئون پولس، جو اوهان غير قومن وارن جي خاطر مسيح يسوع جو قيدي آهيان –</verse>
				<verse number="2">شايد ائين آهي تہ جيڪو خدا جو فضل اوهان جي لاءِ مون تي ٿيو، تنهن بابت اوهان ٻُڌو هوندو؛</verse>
				<verse number="3">تہ ڪهڙيءَ طرح الهام جي رستي اهو راز مون کي معلوم ٿيو، جيئن مون اڳي مختصر طور لکيو آهي،</verse>
				<verse number="4">۽ جنهن جي پڙهڻ مان اوهين سهي ڪري ٿا سگهو تہ ڪيتري قدر مسيح جو راز آئون سمجهان ٿو،</verse>
				<verse number="5">جو ٻين زمانن ۾ بني آدم کي ايتري قدر معلوم نہ ٿيو، جيتري قدر هاڻ سندس پاڪ رسولن ۽ نبين تي روح جي وسيلي پڌرو ٿيو آهي؛</verse>
				<verse number="6">يعني هي تہ مسيح يسوع ۾ غير قومون خوشخبريءَ جي وسيلي ميراث ۾ شريڪ، ۽ بدن ۾ شامل، ۽ واعدي جو حصيدار آهن.</verse>
				<verse number="7">۽ آئون خدا جي فضل جي بخشش موجب انهيءَ خوشخبريءَ جو خادم ڪيو ويس، جا سندس قدرت جي اثر ڪري مون کي عطا ٿي هئي.</verse>
				<verse number="8">آئون جو پاڪ جماعت ۾ سڀني کان گهٽ آهيان، تنهن کي اهو فضل عطا ٿيو، تہ آئون غير قومن ۾ مسيح جي بي انداز دولت جي منادي ڪريان؛</verse>
				<verse number="9">۽ سڀني ماڻهن تي اها ڳالهہ ظاهر ڪريان، تہ سڀني شين جي خالق ۾ ازل کان جو راز پوشيدو هو، تنهن جو انتظام ڪهڙو آهي؛</verse>
				<verse number="10">انهي لاءِ تہ هاڻي ڪليسيا جي وسيلي خدا جي طرح طرح جي حڪمت، آسماني جاين ۾ حڪومت ۽ اختياريءَ وارن کي معلوم ٿي وڃي،</verse>
				<verse number="11">انهي ازلي ارادي موافق، جو هن اسان جي خداوند يسوع مسيح ۾ ڪيو هو:</verse>
				<verse number="12">جنهن ۾ اسان کي مٿس ايمان آڻڻ ڪري دليري ٿي ملي، ۽ خاطري سان خدا تائين پهچ اٿئون.</verse>
				<verse number="13">تنهنڪري آئون عرض ٿو ڪريان تہ جيڪي مصيبتون اوهان جي خاطر سهان ٿو، تن جي ڪري همت نہ هاريو، جو اهي اوهان جي لاءِ عزت جو سبب آهن.</verse>
				<verse number="14">انهي سبب آئون انهي پيءُ جي اڳيان سجدو ڪري، عرض ٿو ڪريان،</verse>
				<verse number="15">جنهن جي نالي آسمان ۾ ۽ زمين جي سڀ ڪنهن خاندان کي نالو ٿو ملي،</verse>
				<verse number="16">تہ هو پنهنجي جلال جي دولت موافق اوهان کي هي عنايت ڪري، تہ اوهين سندس روح جي ڪري پنهنجي اندر ۾ زور وارا ٿيو؛</verse>
				<verse number="17">۽ ايمان جي وسيلي مسيح اوهانجي دلين ۾ گهر ڪري؛ تہ اوهين محبت ۾ پاڙ هڻي ۽ پيڙهہ ڄمائي،</verse>
				<verse number="18">۽ سڀني پاڪ ٿيلن سميت پوريءَ طرح سمجهي سگهو تہ سندس محبت جي ويڪرائي، ڊگهائي، اوچائي ۽ اونهائي ڪيتري آهي،</verse>
				<verse number="19">۽ مسيح جي انهيءَ محبت کي ڄاڻو جا سمجهہ کان ٻاهر آهي، انهي لاءِ تہ اوهين خدا جي ساري ڀرپوريءَ تائين ڀرپور ٿيو.</verse>
				<verse number="20">هاڻي جيڪو اهڙو قادر آهي جو اسان ۾ پنهنجي قدرت جي اثر موجب، اسان جي گهُرڻ يا خيال کان گهڻو وڌيڪ ڪم ڪري ٿو سگهي،</verse>
				<verse number="21">تنهن جو جلال ڪليسيا ۾ ۽ مسيح يسوع ۾، پشت بپشت ۽ هميشہ تائين رهي. آمين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">تنهنڪري آئون، جو خداوند ۾ قيدي آهيان، سو اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ جنهن ڪوٺ سان اوهين ڪوٺيا ويا آهيو، انهي جي لائق هلو،</verse>
				<verse number="2">يعني ڏاڍيءَ نماڻائيءَ ۽ نِوڙت سان تحمل ڪري، محبت ۾ هڪٻئي جي برداشت ڪريو؛</verse>
				<verse number="3">۽ ڪوشش ڪريو تہ روح جي يگانگي ميل ميلاپ جي ٻنڌڻ ۾ ٻَڌل رهي.</verse>
				<verse number="4">هڪڙو ئي بدن آهي ۽ هڪڙو ئي روح، جيئن ڪ اوهين بہ پنهنجي ڪوٺ وقت هڪڙي ئي اُميد ۾ ڪوٺيا ويا هئا؛</verse>
				<verse number="5">هڪڙو ئي خداوند، هڪڙو ئي ايمان ۽ هڪڙي ئي بپتسما آهي،</verse>
				<verse number="6">سڀني جو خدا ۽ پيءُ هڪڙو ئي آهي، جو سڀني جي مٿان، ۽ سڀني جي اندر ۽ سڀ منجهہ آهي.</verse>
				<verse number="7">۽ اسان مان هرهڪ تي مسيح جي بخشش جي انداز موافق فضل ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="8">جنهنڪري هو چوي ٿو تہ، ”جڏهن هو مٿي چڙهي ويو، تڏهن قيد ڪرڻ وارن کي قيد ڪيائين ۽ ماڻهن کي انعام ڏنائين.“</verse>
				<verse number="9">(هاڻي اهو جو چيل آهي تہ هو مٿي چڙهي ويو، تنهن جو مطلب هن کانسواءِ ٻيو ڇا آهي تہ هو پاتال ۾ بہ لهي ويو؟</verse>
				<verse number="10">جيڪو هيٺ لٿو، سو اُهو ساڳيو ئي آهي، جو تمام مٿي آسمان جي بہ مٿان چڙهي ويو، انهي لاءِ تہ هو سڀني شين کي ڀرپور ڪري.)</verse>
				<verse number="11">۽ هن ڪن کي رسول، ۽ ڪن کي نبي، ۽ ڪن کي مبشر، ۽ ڪن کي پاسبان، ۽ ڪن کي اُستاد مقرر ڪري ڏنو؛</verse>
				<verse number="12">انهي لاءِ تہ پاڪ ٿيل ڪامل ٿي، خدمتگاريءَ جو ڪم ڪندا رهن، تہ مسيح جو بدن ترقي ڪري:</verse>
				<verse number="13">جيسين ڪ اسين سڀ خدا جي فرزند جي ايمان ۽ علم ۾ يگانگي حاصل ڪري، ڪامل انسان بنجون، ۽ مسيح جي پوري قد تائين پهچون:</verse>
				<verse number="14">تہ اڳتي اسين ٻار نہ رهون، ۽ ماڻهن جي ٺڳيءَ ۽ مڪاريءَ جي ڪري سندن گمراهہ ڪندڙ منصوبن ۾ ڦاسي، هر ڪنهن قسم جي تعليم جي جهُوٽن ۾ هيڏانهن هوڏانهن نہ اُڇلجون، ۽ گهلجي نہ وڃون؛</verse>
				<verse number="15">پر محبت سان سچ ڳالهائي سڀني ڳالهين ۾ انهي سان گڏجي وڌندا وڃون؛ جو سڀني جو سر آهي، يعني مسيح؛</verse>
				<verse number="16">جنهن کان سارو بدن، هرهڪ سَنڌ جي مدد سان ڦهڪي ڳنڍجي، سڀ ڪنهن ڀاڱي جي انداز جي اثر موافق پاڻ کي وڌائي وڏو ٿو ڪري، تان جو اُهو، محبت ۾ ترقي ڪندو وڃي.</verse>
				<verse number="17">تنهنڪري آئون خداوند جي اڳيان شاهدي ڏيندي هيئن ٿو چوان، تہ جهڙيءَ طرح غير قومون پنهنجي اجاين خيالن موافق هلن ٿيون، تهڙيءَ طرح اوهين اڳتي نہ هلو؛</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو انهن جي سمجهہ انڌي ٿي پيئي آهي، ۽ جيڪا جاهليت منجهن آهي تنهن جي سبب، ۽ سندن دلين جي سختيءَ جي ڪري، خدا جي زندگيءَ کان خارج آهن؛</verse>
				<verse number="19">اُهي بي شرم ٿي شهوت پرستيءَ کي لڳي ويا، انهي لاءِ تہ ڏاڍي شوق سان هر طرح جا گندا ڪم ڪن.</verse>
				<verse number="20">پر اوهان کي مسيح جي اهڙي تعليم ڪانہ ملي؛</verse>
				<verse number="21">بشرطيڪ جيڪا سچائي مسيح ۾ آهي، سا اوهان ٻُڌي آهي ۽ منجهس اها تعليم حاصل ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="22">اوهين پنهنجي اڳوڻي هلت چلت ۽ پراڻي انسانيت، جا فريب جي شهوتن ڪري خراب ٿيندي ٿي وڃي، تنهن کي لاهي ڇڏيو؛</verse>
				<verse number="23">۽ پنهنجيءَ دل جي روحاني حالت ۾ نوان ٿيندا وڃو،</verse>
				<verse number="24">۽ نئين انسانيت ڍڪيو، جا خدا جي مرضيءَ موجب حقيقي راستبازيءَ ۽ پاڪيزگيءَ ۾ پيدا ٿي آهي.</verse>
				<verse number="25">تنهنڪري ڪوڙ کي ڇڏي اوهان مان سڀڪو پنهنجي پاڙيسريءَ سان سچ ڳالهائي: ڇالاءِ جو اسين پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا عضوا آهيون.</verse>
				<verse number="26">ڪاوڙ تہ ڪريو، پر گناهہ نہ ڪريو: ائين نہ ٿئي جو سج لهڻ تائين بہ ڪاوڙيل هجو:</verse>
				<verse number="27">نڪي شيطان کي موقعو ڏيو.</verse>
				<verse number="28">جنهن هيستائين چوري ٿي ڪئي، سو اڳتي چوري نہ ڪري؛ بلڪ گهُرجيس تہ پورهيو ڪري پنهنجن هٿن سان چڱا ڪم ڪري، تہ وٽس ايترو موجود ٿئي، جنهن مان گهُرج واري کي ڪجهہ ڏيئي سگهي.</verse>
				<verse number="29">اوهان جي وات مان ڪابہ گندي ڳالهہ نہ نڪري، پر اهڙي جا ضرورت موافق سڌاري جي لاءِ چڱي هجي، تہ ٻُڌڻ واري کي انهيءَ مان فضل حاصل ٿئي.</verse>
				<verse number="30">۽ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو، جنهن جي ڪري اوهان تي ڇوٽڪاري جي ڏينهن تائين مهر لڳي.</verse>
				<verse number="31">هر طرح جو ڪوڙ، ۽ ڪاوڙ، ۽ غصو، ۽ گوڙ، ۽ گلا، هر قسم جي بدخواهيءَ سميت، اوهان کان پري ٿئي:</verse>
				<verse number="32">۽ اوهين هڪ ٻئي تي مهربان ۽ نرم دل ٿيو، ۽ جهڙيءَ طرح خدا مسيح ۾ اوهان کي معاف ڪيو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪ ٻئي کي معاف ڪندا رهو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">تنهنڪري پيارن ٻارن وانگر اوهين خدا جي پيروي ڪريو:</verse>
				<verse number="2">۽ محبت سان هلو، جيئن ڪ مسيح بہ اوهان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي لاءِ پاڻ کي پاڻهي خوشبوءِ وانگر خدا جي اڳيان نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.</verse>
				<verse number="3">پر جيئن ڪ پاڪ ٿيلن کي مناسب آهي، زناڪاريءَ ۽ هر قسم جي ناپاڪيءَ، يا لالچ جو نالو بہ اوهان ۾ هئڻ نہ کپي.</verse>
				<verse number="4">بي شرمي، اجائي بَڪ بَڪ، يا چرچي بازي، جي نالائقي جهڙيون ڳالهيون آهن، اوهان ۾ نہ هئڻ کپن، پر اُٽلو شڪرگذاري ڪرڻ کپي.</verse>
				<verse number="5">پڪ ڄاڻو تہ ڪوبہ زناڪار، يا ناپاڪ، يا لالچي ماڻهو جو بُت پرست جي برابر آهي، تنهن جو مسيح ۽ خدا جي بادشاهت ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي.</verse>
				<verse number="6">متان ڪو ماڻهو اوهان کي اجاين ڳالهين ڪرڻ سان ٺڳي وڃي، ڇالاءِ جو اهڙن گناهن ڪري نافرمانيءَ جي فرزندن تي خدا جو غضب نازل ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري اوهين انهن جا شريڪ نہ ٿيو؛</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو اوهين اڳي اوندهہ هئا، پر هاڻي خداوند ۾ روشني ٿيا آهيو: سو روشنيءَ جي ٻارن وانگر هلو،</verse>
				<verse number="9">(ڇالاءِ جو روشنيءَ جو ڦل هر طرح جي چڱائيءَ ۽ راستبازيءَ ۽ سچائيءَ ۾ آهي،)</verse>
				<verse number="10">۽ آزمودي سان معلوم ڪندا رهو تہ خداوند کي ڇا ٿو وڻي؛</verse>
				<verse number="11">۽ اونداهيءَ جي اجاين ڪمن ۾ شريڪ نہ ٿيو، اُٽلندو انهن تي ڦٽڪار ڪريو؛</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو جيڪي ڪم هو ڳجهہ ڳوهہ ۾ ٿا ڪن، تن جو ذڪر ڪرڻ بہ شرم آهي.</verse>
				<verse number="13">پر جن ڳالهين تي ڦٽڪار ڪرڻ ۾ اچي ٿي، سي روشنيءَ جي ڪري ظاهر ٿيو پون: ڇالاءِ جو جيڪا بہ شيءِ ظاهر ڪئي ٿي وڃي، سا روشن ٿي ٿئي.</verse>
				<verse number="14">تنهنڪري هو چوي ٿو تہ، ”تون جو سُتو پيو آهين، سو جاڳ ۽ مُئلن منجهان جي اُٿ، تہ مسيح تو تي نور چمڪائي.“</verse>
				<verse number="15">تنهنڪري خبردار ٿيو تہ ڪيئن ٿا هلو، نہ نادانن وانگر پر دانائن وانگر هلو.</verse>
				<verse number="16">وقت جو قدر سڃاڻو، ڇالاءِ جو زمانو خراب آهي.</verse>
				<verse number="17">تنهنڪري اوهين بيوَقوف نہ ٿيو، پر خداوند جي مرضي سمجهو تہ ڪهڙي آهي.</verse>
				<verse number="18">۽ شراب پي متوالا نہ ٿيو، جو انهي مان بڇڙائي پيدا ٿي ٿئي، پر روح سان ڀرپور رهو؛</verse>
				<verse number="19">۽ اوهين پاڻ ۾ زبور ۽ گيت ۽ ديني راڳ ڳايو ۽ پنهنجي دل سان خداوند جي لاءِ ڳايو ۽ وڄايو.</verse>
				<verse number="20">۽ هميشہ خدا يعني پيءُ جا، خداوند يسوع مسيح جي نالي ۾ شڪرانا بجا آڻيندا رهو؛</verse>
				<verse number="21">۽ مسيح جي خوف ڪري هڪ ٻئي جي تابع رهو.</verse>
				<verse number="22">اي زالون، اوهين پنهنجن مڙسن جون اهڙيون تابعدار رهو، جهڙيون خداوند جون.</verse>
				<verse number="23">ڇالاءِ جو مڙس زال جو سر آهي، جيئن ڪ مسيح بہ ڪليسيا جو سر آهي، جو هو پاڻ بدن جو بچائيندڙ آهي.</verse>
				<verse number="24">پر جيئن ڪليسيا مسيح جي تابع آهي، تيئن زالن کي بہ سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾ پنهنجن مڙسن جي تابع رهڻ کپي.</verse>
				<verse number="25">اي مڙسو، پنهنجين زالن سان محبت رکو، جيئن ڪ مسيح بہ ڪليسيا سان محبت رکي ۽ پاڻ کي انهي جي لاءِ ڏيئي ڇڏيائين؛</verse>
				<verse number="26">انهي لاءِ تہ هو ڪلام سان پاڻيءَ جي غسل ڪري انهي کي ڌوئي صاف ڪري پاڪ بنائي،</verse>
				<verse number="27">۽ هڪڙي اهڙي جلال واري ڪليسيا پنهنجي اڳيان پيش ڪري، جنهن تي ڪوبہ داغ يا گهنج يا ڪا ٻي اهڙي شيءِ نہ هجي؛ پر اُها پاڪ ۽ بي عيب هجي.</verse>
				<verse number="28">ساڳيو انهي طرح مڙسن کي بہ گهرجي تہ پنهنجين زالن کي ائين پيار ڪن جيئن پنهنجي بدن کي پيار ٿا ڪن. جيڪو پنهنجيءَ زال کي پيار ڪري ٿو سو پاڻ کي پيار ٿو ڪري:</verse>
				<verse number="29">ڇالاءِ جو ڪنهن بہ ماڻهوءَ ڪڏهن پنهنجي جسم کي نہ ڌڪاريو؛ بلڪ انهي کي پالي ٿو ۽ انهي جي پرورش ٿو ڪري، جهڙيءَ طرح ڪ مسيح ڪليسيا کي ٿو پالي؛</verse>
				<verse number="30">ڇالاءِ تہ اسين سندس بدن جا عضوا آهيون،</verse>
				<verse number="31">”انهي سبب ماڻهو پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي ڇڏيندو ۽ پنهنجي زال سان گڏجي رهندو؛ هو ٻئي هڪ جسم ٿيندا.“</verse>
				<verse number="32">اِهو هڪڙو وڏو راز آهي: پر آئون مسيح ۽ ڪليسيا جي نسبت ۾ ٿو چوان.</verse>
				<verse number="33">مطلب هي آهي تہ اوهان مان هرڪو پنهنجيءَ زال کي اهڙو پيار ڪري جهڙو پاڻ کي ٿو ڪري؛ ۽ زال کي بہ گهرجي تہ پنهنجي مڙس کان ڊڄندي رهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">اي ٻارو، خداوند ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ جي فرمانبرداري ڪريو: ڇالاءِ جو اهو واجب آهي.</verse>
				<verse number="2">”پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي عزت ڏي،“ (اهو پهريون حڪم آهي جنهن سان واعدو شامل آهي)</verse>
				<verse number="3">”انهي لاءِ تہ تنهنجو ڀلو ٿئي ۽ زمين تي تنهنجي عمر وڏي ٿئي.“</verse>
				<verse number="4">اي پيئرو، اوهين پنهنجن ٻارن کي چڙ ڏياري نہ ڪاوڙايو، بلڪ کين خداوند جي تعليم ۽ تربيت ڏيئي سندن پرورش ڪريو.</verse>
				<verse number="5">اي نوڪرو، جيڪي جسم جي لاڳاپي ڪري اوهان جا ڌڻي آهن، تن کان صاف دليءَ سان ڊڄي ۽ ڏڪي سندن اهڙا فرمانبردار رهو، جهڙا مسيح جا؛</verse>
				<verse number="6">۽ ماڻهن کي خوش ڪندڙن وانگر ظاهري ڏيک جي لاءِ نوڪري نہ ڪريو؛ پر مسيح جي غلامن وانگر دل سان خدا جي مرضي پوري ڪريو؛</verse>
				<verse number="7">۽ دل جي شوق سان خدمت ڪريو؛ ڄڻ تہ خداوند جي ٿا ڪريو، نہ ماڻهن جي:</verse>
				<verse number="8">جو اوهين ڄاڻو ٿا تہ ماڻهو جهڙو بہ ڪم ڪندو، تهڙو ئي خداوند کان اجر ملندس، پوءِ کڻي غلام هوندا يا آزاد.</verse>
				<verse number="9">۽ اي مالڪو، اوهين بہ دڙڪو تاب ڇڏي هنن سان ساڳي اهڙي هلت ڪريو: جو ڄاڻو ٿا تہ هنن جو توڙي اوهان جو ڌڻي آسمان ۾ آهي، ۽ اهو ڪنهن جي بہ طرفداري ڪانہ ڪندو آهي.</verse>
				<verse number="10">پڇاڙيءَ ۾ آئون چوان ٿو تہ، خداوند ۾ ۽ سندس قدرت جي ڪري زور وارا ٿيو.</verse>
				<verse number="11">خدا جا سڀ هٿيار ٻَڌو، تہ شيطان جي منصوبن سان مقابلو ڪري سگهو.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو اسين گوشت ۽ رت سان جنگ نٿا ڪريون، پر رياستن ۽ طاقتن، ۽ انهن اونداهيءَ واريءَ دنيا جي حاڪمن سان، ۽ آسماني جاين وارن خراب روحاني لشڪرن سان ٿا وڙهون.</verse>
				<verse number="13">تنهنڪري خدا جا سڀ هٿيار ٻَڌو، تہ خراب ڏينهن ۾ مقابلو ڪري سگهو، ۽ سڀ ڪم پورا ڪري قائم رهي سگهو.</verse>
				<verse number="14">تنهنڪري سچ جو سندرو ٻَڌي، ڇاتيءَ تي سچائيءَ جو زرهہ ڍڪيو،</verse>
				<verse number="15">۽ پيرن ۾ صلح جي خوشخبريءَ جي تياريءَ جي جُتي پايو؛</verse>
				<verse number="16">۽ انهن سان گڏ ايمان جي ڍال بہ کڻو، جنهن سان اوهين انهي بدڪار جا سڀ ٻرندڙ تير اُجهائي سگهندا.</verse>
				<verse number="17">۽ نجات جو ٽوپ ۽ روح جي ترار، يعني خدا جو ڪلام بہ کڻو؛</verse>
				<verse number="18">۽ هر وقت ۽ هر طرح سان روح ۾ دعا ۽ منٿ ڪندا رهو، ۽ سڀني پاڪ ٿيلن جي لاءِ اورچ ٿي دعا گهُرندا ۽ جاڳندا رهو،</verse>
				<verse number="19">۽ منهنجي لاءِ بہ، تہ ڳالهائڻ وقت مون کي ڪلام ٻُڌائڻ جي توفيق ملي، تہ آئون خوشخبريءَ جو راز بهادريءَ سان ظاهر ڪريان؛</verse>
				<verse number="20">جنهن جي لاءِ آئون زنجيرن ۾ ٻَڌل ايلچي آهيان؛ تہ انهي کي دليريءَ سان اهڙو بيان ڪريان، جهڙو بيان ڪرڻ مون تي فرض آهي.</verse>
				<verse number="21">تخڪس، جو پيارو ڀاءُ ۽ خداوند ۾ ايماندار خادم آهي، سو اوهان کي منهنجون سڀ ڳالهيون ٻُڌائيندو، انهي لاءِ تہ اوهان کي معلوم ٿئي تہ آئون ڪيئن ٿو گذاريان.</verse>
				<verse number="22">اُنهي کي مون اوهان ڏانهن انهي ڪم لاءِ موڪليو آهي تہ اسان جي حالت جي اوهان کي خبر پوي، ۽ هو اوهانجين دلين کي تسلي ڏئي.</verse>
				<verse number="23">خدا پيءُ ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان شل ڀائرن کي اطمينان ۽ ايمان سان گڏ محبت حاصل ٿئي.</verse>
				<verse number="24">شل انهن سڀني تي فضل هجي، جيڪي اسان جي خداوند يسوع مسيح سان لازوال محبت ٿا رکن.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="50">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">مسيح يسوع جي بندن پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان مسيح يسوع جي انهن سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي فلپي ۾ آهن، نگهبانن (بشپن) ۽ خادمن ڊيڪنن سميت:</verse>
				<verse number="2">اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان اوهان کي شل فضل ۽ اطمينان حاصل ٿئي.</verse>
				<verse number="3">جنهن وقت مون کي اوهان جي يادگيري ٿي پوي، تنهن وقت آئون پنهنجي خدا جو شڪر ٿو ڪريان،</verse>
				<verse number="4">۽ پنهنجي سڀ ڪنهن دعا ۾ هميشہ خوشيءَ سان اوهان سڀني جي لاءِ دعا گهُرندو ٿو رهان،</verse>
				<verse number="5">هن لاءِ جو شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين انجيل جي ڦهلائڻ ۾ اوهين منهنجا شريڪ رهيا آهيو؛</verse>
				<verse number="6">۽ مون کي انهيءَ ڳالهہ جي خاطري آهي تہ جنهن اوهان ۾ چڱو ڪم شروع ڪيو آهي، سو انهي کي يسوع مسيح جي ڏينهن تائين پورو ڪندو؛</verse>
				<verse number="7">جيئن ڪ واجب آهي تہ آئون اوهان سڀني جي بابت اهڙو ئي خيال ڪريان، ڇالاءِ جو اوهين منهنجي دل ۾ موجود آهيو، ۽ منهنجي زنجيرن ۾ توڙي انجيل جي بچاءَ ۽ ثابتيءَ ۾، اوهين فضل ۾ مون سان ڀائيوار آهيو.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو خدا منهنجو شاهد آهي تہ آئون مسيح يسوع جي اُلفت ڪري اوهان سڀني جي لاءِ ڪيترو نہ پيو سِڪان.</verse>
				<verse number="9">۽ آئون هيءَ دعا ٿو گهُران تہ اوهان جي محبت، علم ۽ هر طرح جي سمجهہ، شل ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي؛</verse>
				<verse number="10">تہ جيڪي تمام عمديون ڳالهيون آهن، سي اوهين سمجهي پسند ڪريو؛ تہ مسيح جي ڏينهن تائين صاف دل ۽ بيڏوهي رهو،</verse>
				<verse number="11">۽ سچائي جي انهن ڦلن سان ڀريل رهو، جي يسوع مسيح جي ڪري آهن، تہ خدا جو جلال ۽ سندس تعريف ظاهر ٿئي.</verse>
				<verse number="12">هاڻي اي ڀائرو، منهنجي مرضي آهي تہ اوهان کي خبر پوي تہ جيڪي مون تي ٿي گذريو آهي، تنهن مان ڪيئن نہ خوشخبريءَ جو واڌارو ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="13">ايتري قدر جو شاهي پلٽڻ جي سڀني سپاهين ۽ ٻين سڀني کي معلوم ٿي ويو آهي تہ آئون مسيح جي خاطر قيد ۾ پيو آهيان؛</verse>
				<verse number="14">۽ جيڪي خداوند ۾ ڀائر آهن، تن مان گهڻن منهنجي قيد ۾ هئڻ ڪري، دلير ۽ بي ڊپا ٿي خدا جي ڪلام ٻُڌائڻ ۾ وڌيڪ جرئت ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="15">ڪي تہ حسد ۽ جهيڙي جي ڪري مسيح جي منادي ٿا ڪن؛ ۽ ڪي نيڪ نيتيءَ سان.</verse>
				<verse number="16">هڪڙا محبت جي ڪري ائين ٿا ڪن، جو ڄاڻن ٿا تہ آئون انجيل جو بچاءُ ڏيڻ لاءِ مقرر ٿيل آهيان؛</verse>
				<verse number="17">پر ٻيا تفرقي جي ڪري مسيح جي منادي ٿا ڪن، نہ سچيءَ نيت سان، بلڪ انهي خيال سان تہ منهنجي قيد ۾ مون لاءِ مصيبت پيدا ڪن.</verse>
				<verse number="18">پوءِ ڇا ٿيو؟ رڳو هيترو تہ هر طرح مسيح جي پڌرائي ٿي ٿئي، ڪوڙ سان توڙي سچ سان، ۽ انهي ڪري آئون خوش ٿو ٿيان، هائو، ۽ خوش ٿيندس.</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ جو آئون ڄاڻان ٿو تہ اوهان جي دعا ۽ يسوع مسيح جي روح جي مدد سان، انهي مان نيٺ مون کي ڇوٽڪارو ملندو.</verse>
				<verse number="20">جو منهنجي دل جي آرزو ۽ اُميد اها آهي، تہ آئون ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ شرمندو نہ ٿيان، بلڪ ڏاڍيءَ بهادريءَ سان هميشہ وانگر هاڻي بہ منهنجي بدن ڪري مسيح جي وڏائي ٿئي، پوءِ توڙي جيئرو رهان يا مري وڃان:</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو منهنجي لاءِ جيئڻ آهي مسيح ۽ مرڻ آهي نفعو.</verse>
				<verse number="22">پر جي جسم ۾ جيئري رهڻ ڪري منهنجي محنت مان ڦل پيدا ٿو ٿئي، تہ مون کي خبر ناهي تہ ڇا پسند ڪريان.</verse>
				<verse number="23">پر آئون ٻنهي جي وچ ۾ ڦاٿل آهيان، جو منهنجي خواهش آهي تہ هتان رحلت ڪري وڃان ۽ وڃي مسيح سان گڏجان؛ ڇالاءِ جو اهو سڀ کان بهتر آهي:</verse>
				<verse number="24">تنهن هوندي بہ جسم ۾ رهڻ اوهان جي خاطر زيادہ ضروري آهي.</verse>
				<verse number="25">انهي جي مون کي پڪ آهي، تنهنڪري آئون ڄاڻان ٿو تہ آئون جيئرو رهندس، هائو، اوهان سڀني سان گڏ گذاريندس، انهي لاءِ تہ اوهان جي ايمان ۾ واڌارو ۽ خوشي پيدا ٿئي.</verse>
				<verse number="26">۽ منهنجي اوهان وٽ وري اچڻ ڪري، منهنجي بابت اوهان جو فخر مسيح يسوع ۾ زيادہ ٿئي.</verse>
				<verse number="27">رڳو هيترو ڪريو تہ اوهان جي هلت چلت مسيح جي خوشخبريءَ جي لائق ٿئي: پوءِ آئون اچي اوهان کي گڏجان يا نہ، تہ بہ اوهان جو احوال اهو ٻُڌان تہ اوهين هڪڙي ئي روح ۾ قائم آهيو، ۽ هڪدل ٿي خوشخبريءَ جي ايمان لاءِ جانفشاني ڪندا ٿا رهو.</verse>
				<verse number="28">۽ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ مخالفن کان نٿا ڊڄو: اها ڳالهہ هنن جي لاءِ برباديءَ جي صاف نشاني آهي، مگر اوهان جي نجات جي، ۽ اُها خدا جي پاران آهي،</verse>
				<verse number="29">ڇالاءِ جو مسيح جي خاطر اوهان ئي تي اهو فضل ٿيو آهي تہ نہ رڳو هن تي ايمان آڻيو، پر هن جي لاءِ ڏک بہ سهو.</verse>
				<verse number="30">اوهين بہ اهڙيءَ طرح جانفشاني ٿا ڪريو، جهڙيءَ طرح اوهان مون کي ڪندو ڏٺو هو، ۽ هاڻي بہ ٻُڌو ٿا تہ ائين ئي پيو ڪريان.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">تنهنڪري جيڪڏهن مسيح ۾ ڪا تسلي آهي، جيڪڏهن ڪو محبت جو دلاسو آهي، جيڪڏهن روح جي ڪا شراڪت آهي، جيڪڏهن ڪا رحمدلي ۽ مهرباني آهي،</verse>
				<verse number="2">تہ اوهين منهنجي هيءَ خوشي پوري ڪريو تہ هڪدل ٿي رهو، هڪجهڙي محبت رکو، همراهہ ۽ هم خيال ٿي گذاريو؛</verse>
				<verse number="3">نفاق يا اجائي وڏائي جي ڪري ڪجهہ بہ نہ ڪريو؛ پر نماڻا ٿي هڪ ٻئي کي پاڻ کان بهتر سمجهو؛</verse>
				<verse number="4">اوهان مان ڪوبہ رڳو پنهنجيءَ حالت تي نظر نہ ڪري، پر ٻين جي تي بہ ڪري.</verse>
				<verse number="5">اهڙي ئي طبيعت رکو جهڙي مسيح يسوع جي هئي؛</verse>
				<verse number="6">جيتوڻيڪ هو خدا جي صورت ۾ هو، تہ بہ خدا سان برابر هئڻ جي درجي کي ڇڏڻ جو ڊپ نہ ڪيائين،</verse>
				<verse number="7">پر پاڻ کي خالي ڪري ڇڏيائين، ۽ خادم جي صورت اختيار ڪري اچي انسان ٿيو؛</verse>
				<verse number="8">۽ انسان جي شڪل ۾ ظاهر ٿي پاڻ کي پست ڪيائين، ۽ اهڙو فرمانبردار رهيو جو موت بلڪ صليبي موت قبول ڪيائين.</verse>
				<verse number="9">انهي ڪري خدا بہ هن کي گهڻو سر بلند ڪيو، ۽ کيس اهو نالو ڏنائين جو سڀني نالن کان اعليٰ آهي؛</verse>
				<verse number="10">انهي لاءِ تہ جيڪي آسمان ۾ آهن، يا جيڪي زمين تي آهن يا جيڪي زمين جي هيٺ آهن سي سڀيئي يسوع جي نالي تي گوڏا کوڙين،</verse>
				<verse number="11">۽ سڀڪا زبان قبول ڪري تہ يسوع مسيح خداوند آهي، جنهنڪري خدا پيءُ جو جلال ظاهر ٿئي.</verse>
				<verse number="12">سو اي منهنجا پيارا ڀائرو، جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو، تيئن نہ رڳو منهنجي حاضريءَ ۾، پر هاڻي منهنجي غير حاضريءَ ۾، اڳي کان بہ زيادہ ڊڄندي ۽ ڏڪندي پنهنجي نجات جو ڪم پورو ڪندا رهو؛</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو اهو خدا ئي آهي، جو اوهان ۾ پنهنجي نيڪ ارادي کي پوري ڪرڻ لاءِ نيت ۽ عمل ٻئي پيدا ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="14">سڀ ڪم ڪُرڪڻ ۽ تڪرار ڪرڻ کانسواءِ ڪندا رهو،</verse>
				<verse number="15">تہ اوهين بي قصور ۽ بي ضرر ٿيو، ۽ انهن ڏنگن ۽ نرڄن جي زماني ۾، اوهين خدا جا بي عيب ٻار ٿي رهو، جنهن جي وچ ۾ اوهين اهڙا ٿا ڏسجو جهڙا دنيا ۾ چراغ؛</verse>
				<verse number="16">۽ زندگيءَ جو ڪلام پيش ٿا ڪريو، انهي لاءِ تہ مسيح جي ڏينهن مون کي فخر ڪرڻ جو سبب ملي، تہ منهنجي ڊوڙ ڊڪ يا منهنجي محنت اجائي نہ ٿي.</verse>
				<verse number="17">پر جيڪڏهن اوهان جي ايمان جي خدمت ۽ قربانيءَ تي مون کي پنهنجو رت بہ وهائڻو پوي، تہ بہ آئون خوش ٿيندس، ۽ اوهان سڀني سان گڏجي خوشيون ڪندس؛</verse>
				<verse number="18">۽ اوهين بہ ساڳيءَ طرح خوش ٿيو ۽ مون سان گڏجي خوشيون ڪريو.</verse>
				<verse number="19">مون کي خداوند يسوع مسيح ۾ اُميد آهي تہ تيمٿيس کي سگهو ئي اوهان ڏانهن موڪليندس، تہ اوهان جو حال معلوم ڪري مون کي دلجاءِ ٿئي.</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ جو مون وٽ ڪو اهڙو هم خيال ماڻهو ڪونهي، جنهن کي سچ پچ اوهان جي حال جو فڪر هجي.</verse>
				<verse number="21">هن ڪري جو سڀني کي پنهنجين ڳالهين جو فڪر آهي، نہ يسوع مسيح جي ڳالهين جو.</verse>
				<verse number="22">پر اوهان کي ذاتي خبر آهي تہ جيئن ڪو پٽ پيءُ جي خدمت ڪري، تيئن هن مون سان گڏ انجيل ڦهلائڻ جي خدمت ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="23">تنهنڪري اُميد اٿم تہ جڏهن آئون ڏسندس تہ منهنجو ڪهڙو فيصلو ٿو ٿئي، تڏهن کيس هڪدم اوهان ڏانهن ڏياري موڪليندس.</verse>
				<verse number="24">پر مون کي خداوند ۾ يقين آهي تہ آئون پاڻ بہ جلد ايندس.</verse>
				<verse number="25">پر مون ضروري سمجهيو تہ اپفروديتس کي اوهان ڏانهن موڪليان، جو منهنجو ڀاءُ، ۽ هم خدمت، ۽ هم سپاهہ، ۽ اوهان جو قاصد، ۽ منهنجين گهُرجن پلڻ وارو خادم آهي.</verse>
				<verse number="26">هن کي اوهان سڀني جي ڏاڍي سڪ هئي، ۽ اوهان سندس بيماريءَ جي خبر ٻُڌي هئي، تنهنڪري هو ڏاڍو بي آرام ٿي رهيو.</verse>
				<verse number="27">سچ پچ هو بيمار هو ۽ مرڻ تي هو، پر خدا مٿس رحم ڪيو، ۽ نہ رڳو مٿس، پر مون تي بہ، تہ مون کي ڏک پٺيان ڏک نہ رسي.</verse>
				<verse number="28">تنهنڪري مون ڏاڍو سعيو ڪري کيس موڪليو آهي، انهي لاءِ تہ اوهين بہ هن کي وري ڏسي خوش ٿيو، ۽ منهنجو ڏک بہ گهٽ ٿئي.</verse>
				<verse number="29">تنهنڪري خداوند ۾ گهڻي خوشيءَ سان هن جو استقبال ڪجو؛ ۽ اهڙن کي عزت ڏيندا رهجو:</verse>
				<verse number="30">ڇالاءِ جو هو مسيح جي ڪم جي ڪري مرڻ تي هو، ۽ پنهنجي جان جوکي ۾ وڌائين، انهي لاءِ تہ منهنجي خدمت ۾ اوهان جي طرفان جيڪا گهٽتائي هئي، سا پوري ڪري.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">هاڻي، اي منهنجا ڀائرو، خداوند ۾ خوش رهو. ساڳيون ڳالهيون اوهان ڏانهن وري وري لکڻ ڪري مون کي تڪليف ڪانہ ٿي ٿئي، پر اوهان جي لاءِ انهي ۾ سلامتي آهي.</verse>
				<verse number="2">ڪتن کان خبردار رهجو، بدڪارن کان خبردار رهجو؛ جيڪي ختنو ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڪن، تن کان خبردار رهجو؛</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ تہ سچا مختون تہ اسين آهيون جي خداوند جي روح جي هدايت سان عبادت ٿا ڪريون، ۽ مسيح يسوع تي فخر ٿا ڪريون، ۽ جسماني ڳالهين تي ڪوبہ اعتقاد نٿا رکون؛</verse>
				<verse number="4">جيتوڻيڪ آئون جسماني ڳالهين تي بہ اعتقاد رکي ٿو سگهان. جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو جسماني ڳالهين تي اعتقاد رکڻ جو خيال ٿو ڪري، تہ آئون انهي کان زيادہ ڪري ٿو سگهان.</verse>
				<verse number="5">جو اٺين ڏينهن منهنجو ختنو ٿيو، ۽ آئون اسرائيل جي قوم ۽ بنيمين جي قبيلي مان آهيان، ۽ عبرانين جو عبراني آهيان، ۽ شريعت جي ڪري فريسي آهيان؛</verse>
				<verse number="6">ديني جوش جي ڪري ڪليسيا کي ستائيندو هوس؛ شريعت جي راستبازيءَ جي ڪري بي عيب هوس.</verse>
				<verse number="7">تنهن هوندي بہ جيڪي شيون منهنجي فائدي جون هيون، سي مون يسوع مسيح جي خاطر نقصان سمجهيون آهن.</verse>
				<verse number="8">هائو، بيشڪ، آئون پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي سڃاڻپ جي وڏيءَ خوبيءَ جي ڪري سڀني شين کي نقصان ٿو سمجهان؛ جنهن جي خاطر مون نقصان سَٺو ۽ انهن شين کي گند ٿو ڄاڻان؛ انهي لاءِ تہ مسيح کي حاصل ڪريان،</verse>
				<verse number="9">۽ منجهس شريڪ ثابت ٿيان، نہ خود پنهنجيءَ راستبازيءَ جي ڪري جا شريعت کان آهي، پر اُنهيءَ راستبازيءَ جي ڪري جا مسيح تي ايمان آڻڻ کان ۽ ايمان جي وسيلي خدا کان حاصل ٿي ٿئي.</verse>
				<verse number="10">انهي لاءِ تہ آئون کيس سڃاڻان ۽ سندس جي اُٿڻ جي قدرت کي ۽ ساڻس گڏ ڏکن ۾ شريڪ ٿيڻ کي معلوم ڪريان، ۽ سندس موت سان مشابهت پيدا ڪريان؛</verse>
				<verse number="11">تہ من ڪنهن رستي مُئلن منجهان جي اُٿڻ جي درجي تائين پهچان.</verse>
				<verse number="12">نہ انهي لاءِ تہ مون اها مراد اڳيئي حاصل ڪئي آهي، يا اڳيئي ڪامل ٿي چڪو آهيان: پر آئون ڌوڪيندو اڳتي ٿو وڃان، تہ من اُها شيءِ وڃي هٿ ڪريان، جنهن لاءِ مسيح بہ مون کي هٿ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="13">اي ڀائرو، آئون نٿو سمجهان تہ اڃا مون اُها شيءِ هٿ ڪئي آهي: پر هي هڪڙو ڪم آئون ڪريان ٿو، جو جيڪي گذري ويو آهي تنهن کي وساري، جيڪي اڳيان آهي تنهن ڏانهن وڌندو ٿو وڃان،</verse>
				<verse number="14">۽ انهي نشان ڏانهن ڪاهيندو ٿو وڃان، انهي لاءِ تہ اهو انعام حاصل ڪريان، جنهن لاءِ خدا مون کي مسيح يسوع ۾ اعليٰ درجي تي سڏيو آهي.</verse>
				<verse number="15">تنهنڪري اسان مان جيڪي بہ ڪامل آهن، تن کي اهو خيال رکڻ کپي: ۽ جي ٻيءَ ڪنهن ڳالهہ ۾ اوهان جو ڪو ٻيو خيال هوندو، تہ خدا اهو بہ اوهان تي ظاهر ڪندو:</verse>
				<verse number="16">اسان کي رڳو هيترو ڪرڻ کپي تہ جنهن منزل تائين پهتا آهيون، انهيءَ تي هلندا هلون.</verse>
				<verse number="17">اي ڀائرو، اوهين سڀيئي گڏجي مون وانگر هلو، ۽ انهن کي سڃاڻي ڇڏيو جي اهڙيءَ طرح هلن ٿا، جهڙيءَ طرح اوهين اسان کي هلندو ٿا ڏسو.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو جيڪي هلن ٿا، تن مان گهڻيئي مسيح جي صليب جا دشمن آهن، جن جو ذڪر ڪيترائي ڀيرا مون اوهان سان ڪيو آهي، ۽ هاڻي بہ روئي روئي اوهان کي چوان ٿو:</verse>
				<verse number="19">جن جي پڇاڙي فنا آهي، ۽ جي پيٽ جا پوڄاري آهن، ۽ شرم جي ڳالهين ۾ فخر ٿا ڪن، ۽ جن کي رڳو دنيا جي شين جو فڪر ٿو رهي.</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ جو اسان جو وطن آسمان ۾ آهي؛ جتان اسين هڪڙي نجات ڏيندڙ، يعني خداوند يسوع مسيح جي انتظار ۾ آهيون:</verse>
				<verse number="21">تہ جنهن قدرت جي اثر سان هو سڀ شيون پنهنجي تابع ڪري سگهي ٿو، تنهن سان اسان جي حقير بدن کي بدلائي پنهنجي جلال واري بدن جي صورت جهڙو ڪندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">تنهنڪري، اي منهنجا پيارا ڀائرو، جن جو آئون مشتاق آهيان ۽ جي منهنجي خوشي ۽ تاج آهيو، خداوند ۾ انهي طرح قائم رهو.</verse>
				<verse number="2">آئون يوئوديہ کي نصيحت ٿو ڪريان ۽ صنتخيءَ کي بہ، تہ اُهي خداوند ۾ يڪدل ٿي رهن.</verse>
				<verse number="3">هائو، اي سچا هم خدمت، آئون توکي بہ منٿ ٿو ڪريان تہ انهن زالن جي مدد ڪر، ڇالاءِ جو اُنهن مون سان، توڙي ڪليمنس ۽ منهنجن انهن ٻين مددگارن سان گڏ، خوشخبريءَ ۾ جانفشاني ڪئي، جن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ درج آهن.</verse>
				<verse number="4">هميشہ خداوند ۾ خوش رهو، وري بہ ٿو چوان تہ خوش رهو.</verse>
				<verse number="5">شل اوهان جي بردباري سڀني ماڻهن کي معلوم ٿي وڃي. خداوند نزديڪ آهي.</verse>
				<verse number="6">ڪنهن بہ ڳالهہ جو فڪر نہ ڪريو؛ پر جيڪو بہ عرض ڪريو، سو دعا ۽ منٿ سان شڪرگذاري سان خدا جي حضور ۾ پيش ڪريو.</verse>
				<verse number="7">۽ خدا جو اطمينان، جو سمجهہ کان بلڪل ٻاهر آهي، سو اوهان جي دلين ۽ خيالن جي مسيح يسوع ۾ نگهباني ڪندو.</verse>
				<verse number="8">هاڻي، اي ڀائرو، جيڪي بہ ڳالهيون سچيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون اشرافت جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون انصاف جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون پاڪ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون وڻندڙ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون چڱيون آهن؛ مطلب تہ جي ڪابہ نيڪي هجي، ۽ جي ڪابہ تعريف هجي، تہ انهن تي غور ڪندا رهجو.</verse>
				<verse number="9">جي ڳالهيون اوهان مون کان سکيون ۽ حاصل ڪيون، توڙي ٻُڌيون يا ڏٺيون، تن تي عمل ڪجو؛ ۽ اطمينان بخشيندڙ خدا اوهان سان رهندو.</verse>
				<verse number="10">پر آئون خداوند ۾ ڏاڍو خوش ٿو ٿيان، جو نيٺ منهنجي لاءِ اوهان پنهنجو خيال تازو ڪيو آهي؛ بيشڪ اڳي بہ اوهان کي انهي بابت خيال هو، مگر اوهان کي وجهہ نٿي مليو.</verse>
				<verse number="11">ائين نہ آهي تہ گهُرج جي ڪري آئون ائين ٿو چوان: ڇالاءِ جو آئون ايترو سکيو آهيان تہ ڪهڙيءَ بہ حالت ۾ هجان تہ انهيءَ ۾ راضي رهان.</verse>
				<verse number="12">آئون گهٽ ٿيڻ بہ ڄاڻان ٿو، ۽ وڌ ٿيڻ بہ ڄاڻان ٿو؛ سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾، سڀني حالتن ۾ آئون اِهو سکيو آهيان تہ ڪيئن ڍاول رهجي، ۽ ڪيئن بکيو رهجي، ڪيئن سائو رهجي، ۽ ڪيئن سُڃو رهجي.</verse>
				<verse number="13">جيڪو مون کي طاقت ٿو ڏئي، تنهن جي وسيلي آئون سڀ ڪجهہ ڪري ٿو سگهان.</verse>
				<verse number="14">انهي هوندي بہ اوهان چڱو ڪيو جو منهنجي مصيبت ۾ شامل ٿيا.</verse>
				<verse number="15">۽ اي فلپيو، اوهين پاڻ بہ ڄاڻو ٿا تہ خوشخبريءَ جي شروعات ۾، جڏهن آئون مڪدونيہ مان روانو ٿيس، تڏهن اوهان کانسواءِ ڪنهن بہ ڪليسيا پيسي ڪوڏيءَ سان منهنجي مدد نہ ڪئي،</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو ٿسلونيڪيءَ ۾ بہ منهنجي گهُرج پلڻ لاءِ اوهان هڪ ٻہ دفعا ڪي ڪجهہ موڪليو.</verse>
				<verse number="17">ائين نہ آهي تہ آئون بخشش ٿو گهُران؛ پر آئون اُهو ڦل ٿو گهُران جو اوهان جي بِلي وڌندو وڃي.</verse>
				<verse number="18">پر مون وٽ سڀ ڪجهہ موجود آهي ۽ ججهو ئي اٿم؛ اوهان جون موڪليل شيون اپفروديتس جي هٿان مون کي مليون، جنهنڪري آئون بلڪل آسودو ٿيو آهيان، اها خوشبوءِ ۽ وڻندڙ قرباني خدا وٽ قبول پوندي.</verse>
				<verse number="19">۽ منهنجو خدا پنهنجي جلال جي دولت موافق مسيح يسوع ۾ اوهان جون سڀ گهُرجون پوريون ڪندو.</verse>
				<verse number="20">هاڻي شل اسان جي خدا پيءُ جو جلال هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين.</verse>
				<verse number="21">سڀ ڪنهن پاڪ ٿيل شخص کي مسيح يسوع ۾ سلام ڏجو. جيڪي ڀائر مون سان آهن سي اوهان کي سلام ٿا ڏين.</verse>
				<verse number="22">سڀ پاڪ ٿيل شخص اوهان کي سلام ٿا چون، خصوصن اُهي جي قيصر جي گهر جا آهن.</verse>
				<verse number="23">خداوند يسوع مسيح جو فضل اوهان جي روح سان هجي.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="51">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب مسيح يسوع جو رسول آهي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان،</verse>
				<verse number="2">انهن پاڪ ٿيلن ۽ مسيح ۾ ايماندار ڀائرن ڏانهن، جي ڪلسيءَ ۾ آهن، اسان جي پيءُ خدا جو فضل ۽ اطمينان شل اوهان تي هجي.</verse>
				<verse number="3">اسين هميشہ اوهان جي لاءِ دعا گهُري پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي خدا جا شڪرانا بجا ٿا آڻيون،</verse>
				<verse number="4">جو اسان ٻُڌو آهي تہ اوهان بہ مسيح يسوع تي ايمان آندو آهي، ۽ سڀني پاڪ ٿيلن سان اوهين محبت ٿا رکو،</verse>
				<verse number="5">انهيءَ اُميد جي ڪري جا اوهان جي لاءِ آسمان ۾ رکيل آهي. ۽ جنهن جو ذڪر اوهان اڳيئي انهيءَ خوشخبريءَ جي سچي ڪلام ۾ ٻُڌو آهي،</verse>
				<verse number="6">جو اوهان وٽ آيو آهي؛ جيئن ڪ ساري جهان ۾ ڦل ڏيندو ۽ وڌندو ٿو وڃي. جنهن ڏينهن کان اوهان اُهو ٻُڌو ۽ خدا جي فضل کي سچيءَ طرح معلوم ڪيو، تنهن ڏينهن کان اوهان منجهہ بہ ڦل ڏيندو ۽ وڌندو وڃي ٿو؛</verse>
				<verse number="7">جهڙيءَ طرح ڪ اوهان کي اسان جي پياري هم خدمت اپفراس کان تعليم ملي. هو اسان جي پاران مسيح جو ايماندار خادم آهي،</verse>
				<verse number="8">جنهن اوهان جي محبت، جا روح ۾ آهي، سا اسان تي ظاهر ڪئي.</verse>
				<verse number="9">انهي ڪري جنهن ڏينهن اسان اهو ٻُڌو، تنهن ڏينهن کان وٺي اسين بہ اوهان جي لاءِ هيءَ دعا گهُرڻ ۽ عرض ڪرڻ کان بس نٿا ڪريون، تہ شل اوهين انهي جي مرضيءَ جي علم ڪري، ڪمال روحاني سياڻپ ۽ سمجهہ سان ڀرجي وڃو،</verse>
				<verse number="10">انهي لاءِ تہ اوهان جي هلت چلت هر طرح وڻندڙ ۽ خداوند جي لائق ٿئي، ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ ڦلدار ٿئي، ۽ اوهين خدا جي سڃاڻپ ۾ وڌندا وڃو.</verse>
				<verse number="11">۽ سندس جلال جي قدرت موجب، هر طرح جي طاقت سان مضبوط ٿيندا وڃو، تہ خوشيءَ سان صبر ۽ تحمل ڪري سگهو؛</verse>
				<verse number="12">۽ پيءُ جا شڪرانا ڪندا رهو، جنهن اسان کي انهي لائق ڪيو تہ روشنيءَ ۾ پاڪ ٿيلن سان گڏ ورثي جا حصيدار ٿيون.</verse>
				<verse number="13">۽ هن اسان کي اونداهيءَ جي چنبي مان ڇڏائي پنهنجي پياري فرزند جي بادشاهت ۾ آندو؛</verse>
				<verse number="14">جنهن ۾ اسان کي نجات، يعني پنهنجي گناهن کان معافي مليل آهي.</verse>
				<verse number="15">هو ناديدہ خدا جي صورت ۽ ساري مخلوقات کان اڳي مولود آهي؛</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو انهي ۾ سڀ ڪجهہ پيدا ڪيو ويو، جهڙو آسمان ۾ تهڙو زمين تي، جيڪي ڏسجي ٿو ۽ جيڪي نٿو ڏسجي، تخت توڙي حڪومتون، رياستون، توڙي طاقتون؛ سڀ ڪجهہ انهي جي وسيلي ۽ انهي جي لاءِ پيدا ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="17">۽ اِهوئي سڀني شين کان اڳي آهي، ۽ انهي ۾ سڀ شيون قائم آهن.</verse>
				<verse number="18">۽ اهوئي بدن جو، يعني ڪليسيا جو سر آهي: اهو ئي منڍ آهي، ۽ اهو ئي پهريون شخص آهي جو مُئلن منجهان جي اُٿيو؛ انهي لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ هن کي اول درجو هجي.</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ جو پيءُ جي اها مرضي هئي تہ ساري ڀرپوري منجهس رهي؛</verse>
				<verse number="20">۽ سندس رت جو صليب تي وهايو ويو، تنهن جي وسيلي صلح ڪري سندس معرفت سڀني شين جو پاڻ سان ميل ميلاپ ڪري، پوءِ اُهي شيون زمين تي هجن خواهہ آسمان ۾.</verse>
				<verse number="21">۽ انهيءَ ۾ هن سندس جسماني بدن ۾ موت جي وسيلي اوهان سان ميل ميلاپ ڪيو آهي،</verse>
				<verse number="22">جي اڳي کانئس ڇڄي ڌار ٿي پيا هئا، ۽ پنهنجن بڇڙن ڪمن جي ڪري پنهنجيءَ دل ۾ دشمن ٿي پيا هئا، تن کي بہ هاڻي پنهنجي جسماني بدن ۾، موت جي وسيلي آڻي ملايو اٿس، انهي لاءِ تہ هو اوهان کي پاڪ، ۽ بي عيب، ۽ بي ڏوهہ بنائي، پنهنجي حضور ۾ حاضر ڪري؛</verse>
				<verse number="23">بشرطيڪ اوهين ايمان ۾ مضبوط ۽ قائم رهو، ۽ جيڪا خوشخبري اوهان ٻُڌي آهي، تنهن جي اُميد ڇڏي نہ ڏيو، جنهن جي منادي آسمان جي هيٺان ساري زمين تي ڪل مخلوقات ۾ ڪئي ويئي آهي، ۽ آئون پولس انهي جو خادم آهيان.</verse>
				<verse number="24">هاڻي آئون اوهان جي خاطر پنهنجن ڏکن ۾ خوش ٿو رهان، ۽ مسيح جي مصيبتن جي ڪمي سندس بدن، يعني ڪليسيا جي لاءِ پنهنجي بدن ۾ پوري ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="25">جنهن جو آئون خادم مقرر ٿيس، خدا جي انهي انتظام موجب، جو اوهان جي واسطي مون کي ڏنو ويو؛ انهي لاءِ تہ آئون خدا جي ڪلام جي منادي پوري طرح ڪريان،</verse>
				<verse number="26">يعني اُهو ڳُجهو راز جو سڀني زمانن ۽ پيڙهين کان پوشيدہ رهيو؛ پر هاڻي سندس پاڪ ٿيلن تي ظاهر ڪيو ويو آهي.</verse>
				<verse number="27">جن تي خدا اهو ظاهر ڪرڻ گهُريو تہ غير قومن ۾ انهي راز جي جلال جي دولت ڪهڙي آهي، تہ مسيح جو جلال جي اُميد آهي سو اوهان ۾ رهي ٿو.</verse>
				<verse number="28">جنهن جي منادي ڪري اسين سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي نصيحت ٿا ڪريون، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پوري دانائيءَ سان تعليم ٿا ڏيون، انهي لاءِ تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي اسين مسيح ۾ ڪامل ڪري پيش ڪريون.</verse>
				<verse number="29">انهي لاءِ آئون بہ سندس انهيءَ قدرت موافق سرگرميءَ سان محنت پيو ڪريان، جا مون ۾ تمام گهڻو اثر ٿي ڪري.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">ڇالاءِ جو منهنجي مرضي آهي تہ اوهان کي خبر پوي تہ ڪيتري قدر آئون اوهان لاءِ ۽ لوديڪيہ وارن لاءِ، ۽ انهن سڀني لاءِ جن منهنجو منهن نہ ڏٺو آهي، جانفشاني ٿو ڪريان؛</verse>
				<verse number="2">انهي لاءِ تہ انهن جي دلين کي تسلي ملي، ۽ اُهي محبت جي ڪري پاڻ ۾ هڪ ٿي رهن، ۽ سمجهہ جي پوري معموري حاصل ڪن، تہ من خدا جي راز يعني مسيح کان واقف ٿين؛</verse>
				<verse number="3">جنهن ۾ سياڻپ ۽ علم جا سڀ خزانا پوشيدہ آهن.</verse>
				<verse number="4">اهو آئون انهي ڪري ٿو چوان تہ متان ڪو گمراهہ ڪندڙ ڳالهيون ڪري اوهان کي ڀُلائي،</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ آئون جسم جي ڪري غير حاضر آهيان، تڏهن بہ روح جي ڪري اوهان وٽ آهيان، ۽ اوهان جو انتظام ۽ مسيح ۾ اوهان جي ايمان جي پختائي ڏسي خوش ٿو ٿيان.</verse>
				<verse number="6">تنهنڪري جهڙيءَ طرح اوهان مسيح يسوع خداوند کي قبول ڪيو آهي، تهڙيءَ طرح انهي ۾ هلندا رهو،</verse>
				<verse number="7">۽ منجهس پاڙ ڄمائيندا وڌندا وڃو، ۽ پنهنجي ايمان ۾ اهڙا قائم ٿيندا وڃو، ۽ اهڙي بيحد شڪرگذاري ڪندا رهو، جهڙي اوهان کي تعليم ملي هئي.</verse>
				<verse number="8">خبردار رهجو متان ڪو ماڻهو پنهنجي فيلسوفيءَ ۽ اجائي فريب سان، ماڻهن جي روايتن ۽ دنيا جي ابتدائي تعليم موجب، ۽ نہ مسيح موجب، اوهان کي شڪار ڪري وٺي.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو اُلوهيت جي ساري معموري مجسم طور منجهس ٿي رهي،</verse>
				<verse number="10">۽ انهي ۾ اوهين معمور ڪيا ويا آهيو، جو ساريءَ حڪومت ۽ اختيار جو سر آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ انهي ۾ اوهان جو اهڙو ختنو بہ ٿيو جو هٿن سان نہ ٿيندو آهي يعني مسيح جو ختنو، جنهنڪري اوهان تان جسم لاٿو ويو،</verse>
				<verse number="12">۽ بپتسما جي ڪري انهي سان گڏ دفن ٿيا، ۽ خدا جنهن کيس مُئلن مان جياريو، تنهن جي قدرت سان، ايمان آڻڻ جي ڪري اوهين بہ ساڻس گڏ جياريا ويا.</verse>
				<verse number="13">۽ اوهين جي پنهنجن گناهن ڪري ۽ پنهنجي جسم جي نامختونيءَ جي ڪري مُئل هئا، تن کي هن سان گڏ جيئرو ڪيائين ۽ اسان جا سڀيئي ڏوهہ بخشيائين؛</verse>
				<verse number="14">۽ شريعت جو حڪم نامو جو اسان جي برخلاف ۽ اسان جي اُبتڙ هو سو مٽائي ڇڏيائين: ۽ انهي کي صليب تي ڪليون هڻي رد ڪري ڇڏيائين،</verse>
				<verse number="15">۽ حڪومتن ۽ طاقتن جو زور ڀڃي ڇڏيائين، ۽ کُليو کُلايو انهن جو تماشو ڪري صليب جي وسيلي انهي تي فتحيابيءَ جو شادمانو وڄايائين.</verse>
				<verse number="16">تنهنڪري ڪوبہ ماڻهو کاڌي پيتي بابت، يا ڪنهن عيد يا نئين چنڊ يا سبت جي نسبت ۾ اوهان تي الزام نہ آڻي؛</verse>
				<verse number="17">اِهي ايندڙ شين جون علامتون آهن؛ پر اصلي شيون مسيح جون آهن.</verse>
				<verse number="18">ائين نہ ٿئي تہ ڪوبہ ماڻهو جو پنهنجي حليميءَ تي فخر ٿو ڪري، ۽ ملائڪن جي عبادت ٿو ڪري، سو اوهان کي انعام کٽڻ کان محروم رکي، ڇوتہ اهڙو ماڻهو پنهنجي جسماني عقل تي اجايو ڦونڊجي روايتن ۾ محو ٿو رهي،</verse>
				<verse number="19">پر سر سان لاڳاپو نٿو رکي، جنهن سان سارو بدن، سَنڌن ۽ ٻَنڌن جي ڪري پاڻ ۾ ڳنڍيل ٿو رهي، ۽ پرورش پائي خدا جي برڪت سان وڌندو ٿو وڃي.</verse>
				<verse number="20">جيڪڏهن اوهين مسيح سان دنيا جي ابتدائي ڳالهين بابت مري ويا، تہ پوءِ ڇو دنيا جي ماڻهن وانگر پاڻ کي طهرن ۽ قاعدن جو تابعدار ٿا ڪريو؟</verse>
				<verse number="21">هن شيءِ کي هٿ نہ لايو، هن کي نہ چکو، هن کي نہ ڇهو،</verse>
				<verse number="22">جي سڀ شيون ڪم آڻڻ سان خلاص ٿيو وڃن ۽ ماڻهن جي تعليم ۽ روايتن موجب آهن.</verse>
				<verse number="23">انهن سڀني ڳالهين ۾، حقيقت ڪري، مرضيءَ موجب عبادت، ۽ نماڻائي ۽ بدن جي رياضت جي رستي، ڏاهپ جو رڳو ڏيک آهي، پر جسماني خواهش جي روڪڻ ۾ اهي ڪنهن بہ ڪم جون نہ آهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">تنهنڪري، جيڪڏهن اوهين مسيح سان گڏ جياريا ويا آهيو تہ انهن شين جا ڳولائو ٿيو جي مٿي آسمان ۾ آهن، جتي مسيح خدا جي ساڄي پاسي ويٺو آهي.</verse>
				<verse number="2">انهن شين سان دل لايو جي مٿي آسمان ۾ آهن، نہ انهن شين سان جي زمين تي آهن.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو اوهين مري ويا ۽ اوهان جي حياتي مسيح سان خدا ۾ پوشيدہ آهي.</verse>
				<verse number="4">جڏهن مسيح، جو اسان جي زندگي آهي، سو ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهين بہ ساڻس گڏ جلال ۾ ظاهر ٿيندا.</verse>
				<verse number="5">تنهنڪري اوهان جا عضوا جي زمين تي آهن، تن کي ماري ڇڏيو، يعني زناڪاري، ناپاڪي، شهوت، خراب خواهش، ۽ لالچ جا بُت پرستي آهي؛</verse>
				<verse number="6">انهن ڳالهين جي ڪري خدا جو غضب نافرمانيءَ جي فرزندن تي نازل ٿو ٿئي؛</verse>
				<verse number="7">۽ اوهين بہ جڏهن انهن ڳالهين ۾ زندگي گذاريندا هئا، تڏهن انهن تي هلندا هئا.</verse>
				<verse number="8">پر هاڻي اوهين بہ اهي سڀ ڇڏي ڏيو؛ يعني غصو، ڪاوڙ، بدخواهي، گلا ۽ گاريون ڏيڻ:</verse>
				<verse number="9">هڪ ٻئي سان ڪوڙ نہ ڳالهايو، جو اوهان پراڻي انسانيت سندس ڪمن سميت پوشاڪ وانگر لاهي ڇڏي آهي،</verse>
				<verse number="10">۽ نئين انسانيت ڍڪي اٿوَ، جا علم حاصل ڪرڻ لاءِ نئين ٿيندي ٿي وڃي، تہ پنهنجي پيدا ڪرڻ واري جي صورت وانگر ٿئي؛</verse>
				<verse number="11">جتي نڪو يوناني آهي نہ يهودي، نڪو مختون آهي نڪو نامختون، نہ جهنگلي آهي نہ وحشي، نہ غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح سڀ ڪجهہ آهي ۽ سڀني ۾ آهي.</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري جيئن خدا جا چونڊيل ۽ پاڪ پيارا آهيو، تيئن رحمدليءَ ۽ مهربانيءَ ۽ نماڻائيءَ ۽ حليمائيءَ ۽ تحمل جو جامو پهريو؛</verse>
				<verse number="13">جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪنهن ڏانهن رنج هجي تہ انهي جي برداشت ڪريو ۽ هڪٻئي کي معاف ڪريو؛ جهڙيءَ طرح ڪ خداوند اوهان کي معاف ڪيو، تهڙيءَ طرح اوهين بہ ڪريو؛</verse>
				<verse number="14">۽ انهن سڀني کان وڌيڪ محبت، جا ڪماليت جو ڪمربند آهي، تنهن کي پهريو.</verse>
				<verse number="15">مسيح جو اطمينان، جنهن جي لاءِ اوهين بہ هڪڙي بدن ۾ سڏيا ويا هئا، سو ڀلي تہ اوهان جي دلين تي حڪومت ڪري، ۽ اوهين شڪرگذار رهو.</verse>
				<verse number="16">ڀلي تہ مسيح جو ڪلام هر قسم جي دانائي سميت اوهان ۾ ججهو ئي رهي. هڪٻئي کي تعليم ڏيو ۽ نصيحت ڪريو، ۽ فضل سان ڀرپور ٿي پنهنجين دلين ۾ خدا جي لاءِ زبور ۽ گيت ۽ ديني راڳ ڳايو.</verse>
				<verse number="17">۽ جيڪي بہ ڪريو، قول يا فعل، سو سڀ خداوند يسوع مسيح جي نالي تي ڪريو، ۽ انهي جي وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا بجا آڻيو.</verse>
				<verse number="18">اي زالون، پنهنجن مڙسن جي تابعداريءَ ۾ رهو، جيئن ڪ خداوند ۾ مناسب آهي.</verse>
				<verse number="19">اي مڙسو، پنهنجين زالن کي پيار ڪريو ۽ ساڻن سختي نہ ڪريو.</verse>
				<verse number="20">اي ٻارو، سڀني ڳالهين ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ جي فرمانبرداري ڪريو، ڇالاءِ جو اها ڳالهہ خداوند کي گهڻو پسند آهي،</verse>
				<verse number="21">اي پيئرو، پنهنجن ٻارن کي ڪڪ نہ ڪريو، متان هو بي همٿ ٿي پون.</verse>
				<verse number="22">اي نوڪرو، جيڪي جسماني طور اوهان جا ڌڻي آهن، تن جو سڀني ڳالهين ۾ حڪم مڃو؛ ڏيکاءَ جي نوڪري نہ ڪريو، جيئن خوشامدڙيا ڪندا آهن، پر صاف دل ٿي خداوند کان ڊڄي نوڪري ڪريو:</verse>
				<verse number="23">جيڪو بہ ڪم ڪريو سو دل سان ڪريو، ڄڻ تہ خداوند جي لاءِ ٿا ڪريو؛ نہ ماڻهن جي لاءِ؛</verse>
				<verse number="24">ائين سمجهو تہ خداوند کان انهي جي عيوض ۾ اوهان کي ورثو ملندو: اوهين خداوند مسيح جي ٿا خدمت ڪريو.</verse>
				<verse number="25">ڇالاءِ جو جيڪو برائي ٿو ڪري، تنهن کي پنهنجي برائيءَ جو بدلو ملندو: اتي ماڻهن جي طرفداري ڪانهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">اي مالڪو، پنهنجن نوڪرن سان عدل ۽ انصاف جي هلت ڪريو ۽ ياد رکو تہ اوهان جو بہ هڪڙو ڌڻي آهي.</verse>
				<verse number="2">دعا گهُرڻ ۾ قائم رهو، ۽ شڪرگذاريءَ سان انهيءَ ۾ هوشيار رهو؛</verse>
				<verse number="3">اسان جي لاءِ بہ دعا گهُرندا رهو، تہ خدا اسان لاءِ ڪلام جو دروازو کولي، تہ آئون مسيح جي انهي راز جو بيان ڪري سگهان، جنهن جي ڪري آئون قيد ۾ بہ آهيان؛</verse>
				<verse number="4">۽ انهي جو اهڙو اظهار ڪريان جهڙو ڳالهائڻ فرض اٿم.</verse>
				<verse number="5">وقت کي غنيمت ڄاڻي جيڪي (ڪليسيا کان) ٻاهر آهن، تن سان ڏاهپ سان هلت ڪريو.</verse>
				<verse number="6">اوهان جي ڳالهہ ٻولهہ هميشہ فضيلت واري ۽ سلوڻي هئڻ کپي، جنهنڪري اوهان کي خبر پوي تہ هرهڪ کي ڪيئن واجبي جواب ڏجي.</verse>
				<verse number="7">منهنجو سارو احوال اوهان کي تخڪس کان معلوم ٿيندو، جو پيارو ڀاءُ، ۽ ايماندار خادم، ۽ خداوند ۾ اسان جو هم خدمت آهي؛</verse>
				<verse number="8">انهي کي مون انهي ڪم لاءِ اوهان ڏانهن موڪليو آهي، تہ اسان جي حال جي اوهان کي خبر پوي، ۽ هو اوهان جي دلين کي تسلي ڏئي؛</verse>
				<verse number="9">انهي سان گڏ انيسمس کي بہ موڪليو اٿم، جو ايماندار ۽ پيارو ڀاءُ آهي، ۽ اوهان مان هڪڙو آهي. اُهي اوهان کي هتي جون سڀ ڳالهيون ٻُڌائيندا.</verse>
				<verse number="10">ارسترخس، جو مون سان گڏ قيد ۾ آهي، ۽ برناباس جي سوٽ مرقس (جنهن جي بابت اوهان کي حڪم مليو، اهو جي اوهان وٽ اچي تہ انهي جو استقبال ڪجو.)</verse>
				<verse number="11">۽ يسوع، جنهن کي يوستس ڪري سڏيندا آهن، ۽ جي مختون آهن، تن اوهان کي سلام ڏنا آهن. رڳو اهي خدا جي بادشاهت لاءِ ڪم ڪرڻ ۾ منهنجا هم خدمت آهن ۽ اِهي ئي منهنجي تسلي جو سبب پئي ٿيا آهن.</verse>
				<verse number="12">اپفراس، جو اوهان مان هڪڙو آهي، ۽ مسيح يسوع جو غلام آهي، سو اوهان کي سلام ٿو چوي ۽ هميشہ اوهان جي لاءِ جانفشانيءَ سان دعا ٿو گهُري، انهي لاءِ تہ اوهين ڪامل ٿي پوري يقين سان خدا جي ساريءَ مرضيءَ تي قائم رهو.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو آئون شاهدي ڀري ٿو چوان تہ هن اوهان جي لاءِ، ۽ لوديڪيہ وارن لاءِ، ۽ هيراپلس وارن لاءِ گهڻو پورهيو ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="14">پيارو طبيب لوقا ۽ ديماس اوهان کي سلام ٿا ڏين.</verse>
				<verse number="15">جيڪي ڀائر لوديڪيہ ۾ آهن، تن کي ۽ نمفاس کي، ۽ جيڪا ڪليسيا سندن گهر ۾ آهي، تن کي سلام ڏجو.</verse>
				<verse number="16">۽ جڏهن هي خط پڙهي پورو ڪريو، تڏهن اهو لوديڪيہ وارن جي ڪليسيا ۾ بہ پڙهيو وڃي؛ ۽ جيڪو خط لوديڪيہ مان اچي، اهو اوهين بہ پڙهجو.</verse>
				<verse number="17">۽ ارخپس کي چئجو تہ جيڪا خدمت خداوند ۾ توکي ملي آهي، انهيءَ ۾ هوشيار رهہ، انهيءَ کي پورو ڪر.</verse>
				<verse number="18">آئون پولس پنهنجي هٿ سان اوهان ڏانهن سلام ٿو لکان. منهنجا زنجير ياد رکجو. شل اوهان تي فضل هجي.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="52">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">پولس ۽ سلوانس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿسلونيڪين جي ڪليسيا ڏانهن، جا خدا پيءُ ۽ خداوند يسوع مسيح ۾ آهي؛ شل اوهان تي فضل ۽ اطمينان هجي.</verse>
				<verse number="2">اسين هميشہ اوهان سڀني جي لاءِ خدا جا شڪرانا بجا ٿا آڻيون، ۽ پنهنجين دعائن ۾ اوهان کي ياد پيا ڪريون؛</verse>
				<verse number="3">۽ پنهنجي خدا پيءُ جي اڳيان اوهان جي ايمان جي ڪم ۽ محبت جي پورهئي، ۽ پنهنجي خداوند يسوع مسيح ۾ اُميد جي صبر کي هميشہ ياد پيا ڪريون؛</verse>
				<verse number="4">اي ڀائرو، خدا جا پيارا، اسان کي خبر آهي تہ اوهين چونڊيل آهيو،</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ تہ اسان جي خوشخبري اوهان وٽ نہ فقط لفظن ۾ آهي، پر قدرت، ۽ پاڪ روح ۾ پوريءَ خاطريءَ سان آهي؛ جو خبر اٿوَ تہ اوهان جي خاطر اسين اوهان سان ڪيئن هلندا هئاسين.</verse>
				<verse number="6">۽ اوهان پاڪ روح جي خوشيءَ سان گهڻيءَ مصيبت ۾ ڪلام قبول ڪري، اسان وانگر هلي، خداوند جي پيروي ڪئي؛</verse>
				<verse number="7">ايتري قدر جو مڪدونيہ ۽ اخيہ جي سڀني ايماندارن لاءِ اوهين نمونو ٿيا.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو اوهان جي ڪري نہ رڳو مڪدونيہ ۽ اخيہ ۾ خداوند جو ڪلام ڦهلجي ويو آهي، پر اوهان جو ايمان، جو خدا تي آهي، سو هر هنڌ مشهور ٿي ويو آهي؛ ايتري قدر جو انهيءَ بابت اسان کي ڪجهہ بہ چوڻ جي ضرورت ڪانهي.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو هو پاڻ اسان جي نسبت ۾ ذڪر ٿا ڪن تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان وٽ اسان جو اچڻ ٿيو؛ ۽ ڪهڙيءَ طرح اوهين بُتن کي ڇڏي خدا ڏانهن ڦريا، تہ اُن سچي ۽ زندہ خدا جي بندگي ڪريو،</verse>
				<verse number="10">۽ سندس فرزند جي آسمان مان اچڻ جي انتظار ۾ رهو، جنهن کي هن مُئلن مان جياريو، يعني يسوع کي، جو اسان کي ايندڙ غضب کان بچائي ٿو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسان جو اوهان وٽ اچڻ اجايو ڪين ٿيو؛</verse>
				<verse number="2">پر اوهان کي اڳيئي خبر آهي تہ فلپيءَ ۾ ڏکن سهڻ ۽ بي عزت ٿيڻ کانپوءِ بہ، پنهنجي خدا ۾ همت جهلي مخالفت جو سامهون ڪري اسان اوهان کي خدا جي خوشخبري ٻُڌائي.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو اسان جي نصيحت گمراہ ڪندڙ ناهي؛ نڪي ناپاڪ يا ٺڳيءَ واري آهي:</verse>
				<verse number="4">پر جيئن خدا اسان کي قبول ڪري، خوشخبري اسان جي حوالي ڪئي، تيئن اسين بہ بيان ٿا ڪريون؛ نہ ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ پر خدا کي، جو اسان جي دلين جو آزمائڻ وارو آهي.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو اوهان کي خبر آهي تہ اسان ڪڏهن بہ خوشامد وارا لفظ ڪم نہ آندا آهن، نہ اُنهن کي لالچ جو پردو ڪيو اٿئون، ۽ انهيءَ جو خدا شاهد آهي؛</verse>
				<verse number="6">جيتوڻيڪ اسين مسيح جا رسول ٿي اوهان تي بار وجهي ٿي سگهياسين، پر تڏهن بہ اسان ماڻهن کان عزت ڪانہ گهُري.</verse>
				<verse number="7">پر اسين اوهان منجهہ اهڙيءَ نرميءَ سان رهياسين، جهڙيءَ طرح ماءُ پنهنجن ٻارن کي پاليندي آهي.</verse>
				<verse number="8">اهڙيءَ طرح اسان کي اوهان جي ڏاڍي سڪ هئي، تنهنڪري نہ فقط اوهان کي خدا جي خوشخبري ڏيڻ لاءِ تيار هئاسين، پر پنهنجو ساهہ بہ ڏيڻ لاءِ تيار هئاسين، جو اوهين اسان کي ڏاڍا پيارا ٿي لڳا.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، اوهان کي اسان جي محبت ۽ مشقت ياد هوندي: جو اسان رات ڏينهن پورهيو ڪري اوهان کي خدا جي خوشخبري ٻُڌائي، تہ متان اوهان مان ڪنهن تي بوجو ٿي پئون.</verse>
				<verse number="10">اوهين پاڻ شاهد آهيو ۽ خدا بہ تہ ڪهڙيءَ طرح ايمان وارن سان اسين پاڪ، ۽ راستباز ۽ بي عيب ٿي هلياسين:</verse>
				<verse number="11">۽ اوهين ڄاڻو ٿا تہ جهڙيءَ طرح ڪو پيءُ پنهنجن ٻارن سان هلندو آهي، تهڙيءَ طرح اسين بہ اوهان مان هرهڪ سان هلياسين؛ ۽ اوهان کي دلداري ڏيئي، اوهان کي همتايوسين ۽ نصيحت ڪئي سين؛</verse>
				<verse number="12">انهي لاءِ تہ اوهين خدا جي لائق هلت چلت ڪريو؛ جو اوهان کي پنهنجيءَ بادشاهت ۽ جلال ۾ سڏي ٿو.</verse>
				<verse number="13">۽ انهي سبب ڪري اسين بہ هميشہ خدا جو شڪر ٿا ڪريون تہ جڏهن اوهان کي اسان کان خدا جو پيغام مليو، تڏهن اوهان اُهو ماڻهن جو ڪلام نہ پر جيئن حقيقت ۾ آهي، تيئن خدا جو ڪلام سمجهي قبول ڪيو، ۽ اُهو اوهان ايمان وارن تي اثر ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو اي ڀائرو، يسوع مسيح ۾ جيڪي خدا جون ڪليسيائون يهوديہ ۾ آهن، تن جا اوهين پوئلڳ ٿيا: هن ڪري جو اوهان بہ پنهنجن هم وطن ماڻهن کان ساڳيون اُهي تڪليفون سَٺيون، جي هنن يهودين کان سَٺيون؛</verse>
				<verse number="15">۽ جن خداوند يسوع کي توڙي نبين کي ماري وڌو، ۽ اسان کي بہ ستائي لوڌي ڪڍيائون، اُهي خدا کي نٿا وڻن ۽ سڀني ماڻهن جي برخلاف آهن؛</verse>
				<verse number="16">۽ اسان کي منع ٿا ڪن تہ غير قومن کي سندن نجات جي لاءِ ڪلام نہ ٻُڌايون؛ تہ ڀلي تہ هنن جي گناهن جا گهڙا هميشہ ڀرپور ٿيندا وڃن: پر انهن تي نهايت گهڻو غضب اچي ڪڙڪيو آهي.</verse>
				<verse number="17">پر اي ڀائرو، جڏهن اسين ٿوري عرصي جي لاءِ جسم جي ڪري، نہ دل جي ڪري، اوهان کان جدا ٿياسين، تڏهن ڏاڍي سڪ سان اوهان جي منهن ڏسڻ لاءِ نهايت گهڻي ڪوشش ڪئي سون.</verse>
				<verse number="18">انهي لاءِ اسان، يعني مون پولس، تہ هڪ ٻہ دفعا اوهان وٽ اچڻ جي خواهش بہ ڪئي؛ پر شيطان اسان کي روڪيو.</verse>
				<verse number="19">ڀلا اسان جي خداوند يسوع جي اڳيان سندس اچڻ وقت اُميد ۽ خوشي ۽ فخر جو تاج اوهين نہ ٿيندا تہ ٻيو ڪير ٿيندو؟</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ جو اوهين اسان جو جلال ۽ اسان جي خوشي آهيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">تنهنڪري جڏهن اسين زيادہ برداشت ڪري نہ سگهياسين، تڏهن اسان بهتر سمجهيو تہ اٿينس ۾ اڪيلا ئي رهجي وڃون؛</verse>
				<verse number="2">۽ تيمٿيس، جو اسان جو ڀاءُ، ۽ مسيح جي خوشخبريءَ ۾ خدا جو خادم آهي، تنهن کي موڪليوسين تہ اوهان کي قائم ڪري، ۽ اوهان جي ايمان جي نسبت ۾ اوهان کي تسلي ڏئي؛</verse>
				<verse number="3">تان تہ انهن مصيبتن جي ڪري ڪنهن جي بہ دل هارجي نہ وڃي، جو اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ اسين انهيءَ جي لاءِ مقرر ٿيا آهيون.</verse>
				<verse number="4">بلڪ جڏهن اسين اوهان وٽ هئاسين، تڏهن اسان اوهان کي اڳيئي چيو هو تہ اسان کي مصيبت سَهڻي پوندي؛ جيئن ڪ سچ پچ ٿي چڪو، ۽ اوهان کي خبر بہ آهي.</verse>
				<verse number="5">انهي ڪري جڏهن آئون زيادہ برداشت نہ ڪري سگهيس، تڏهن اوهان جي ايمان جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ تيمٿيس کي موڪليم، تہ متان ڪنهن طرح آزمائڻ واري اوهان کي آزمايو هجي، ۽ اسان جو پورهيو ضايع ٿئي.</verse>
				<verse number="6">پر جڏهن هاڻي تيمٿيس اوهان وٽان ٿي اسان وٽ آيو، ۽ اوهان جي ايمان ۽ محبت جي چڱي خبر اسان کي ڏنائين، ۽ هيئن بہ چيائين تہ اوهين هميشہ اسان کي ياد پيا ڪريو ۽ اسان جي ڏسڻ جي گهڻي سڪ اٿوَ، جيئن ڪ اسان کي بہ اوهان جي آهي؛</verse>
				<verse number="7">تڏهن، اي ڀائرو، اسان کي پنهنجي سڀ تڪليف ۽ مصيبت ۾، اوهان جي ايمان جي سببان، اوهان جي نسبت تسلي ملي.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو هاڻي جيڪڏهن اوهين خداوند ۾ قائم رهندا، تہ ڄڻ اسين جيئرا رهنداسين.</verse>
				<verse number="9">ڇوتہ جيڪا خوشي اوهان جي لاءِ پنهنجي خدا جي اڳيان اسان کي حاصل ٿي آهي، انهيءَ جي لاءِ ڪهڙيءَ طرح خدا جي شڪرگذاري ادا ڪري سگهنداسين؛</verse>
				<verse number="10">اسين رات ۽ ڏينهن تمام گهڻي دعا ٿا گهُرون تہ شل اوهان جو منهن ڏسون، ۽ اوهان جي ايمان ۾ جيڪا گهٽتائي هجي، سا پوري ڪريون.</verse>
				<verse number="11">هاڻي شل اسان جو پيءُ، ۽ اسان جو خداوند يسوع، اوهان تائين اسان جي رهبري ڪري:</verse>
				<verse number="12">۽ خداوند اوهان جي محبت هڪٻئي لاءِ، ۽ سڀني ماڻهن لاءِ وڌائي زيادہ ڪري، جيئن ڪ اسان جي اوهان سان آهي؛</verse>
				<verse number="13">انهي لاءِ تہ اُهو اوهان جي دلين کي اهڙو مضبوط ڪري جو جڏهن اسان جو خداوند يسوع پنهنجن سڀني پاڪ ٿيلن سان اچي، تڏهن اسان جي خدا پيءُ جي اڳيان اوهين پاڪيزگيءَ ۾ بي عيب هجو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">تڏهن هاڻي، اي ڀائرو، اسين اوهان کي خداوند يسوع ۾ عرض ٿا ڪريون، ۽ نصيحت ٿا ڏيون، تہ جهڙيءَ طرح اوهان کي اسان کان مناسب هلت چلت ڪرڻ، ۽ خدا کي خوش ڪرڻ جي تعليم ملي، جهڙي طرح اوهين هلو بہ پيا، تهڙيءَ طرح شل اوهين ڏينهون ڏينهن وڌندا وڃو.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسان اوهان کي خداوند يسوع جي طرفان ڪهڙا ڪهڙا حڪم پهچايا.</verse>
				<verse number="3">جو خدا جي مرضي اِها آهي تہ اوهين پاڪ رهو: ۽ زناڪاريءَ کان پاسو ڪريو؛</verse>
				<verse number="4">۽ اوهان مان هرڪو معلوم ڪري تہ پنهنجيءَ زال سان ڪهڙيءَ طرح پاڪيزگيءَ ۾ عزت سان گذاري؛</verse>
				<verse number="5">نہ شهوت جي جوش ۾، جيئن ڪ غير قوم وارا ڪندا آهن، جي خدا کي نٿا سڃاڻن؛</verse>
				<verse number="6">۽ ڪوبہ ماڻهو انهيءَ نسبت ۾ پنهنجي ڀاءُ سان زيادتي نہ ڪري، ۽ نڪي ساڻس ٺڳي ڪري، ڇالاءِ جو خداوند انهن سڀني ڳالهين جو بدلو ڏيندو، جيئن ڪ اسان اڳي بہ اوهان کي چتايو آهي.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو خدا اسان کي ناپاڪيءَ جي لاءِ نہ، پر پاڪيزگيءَ جي لاءِ سڏيو آهي.</verse>
				<verse number="8">تنهنڪري جيڪو هيءَ ڳالهہ رد ٿو ڪري، سو ماڻهوءَ کي رد نٿو ڪري پر خدا کي رد ٿو ڪري، جو پنهنجو پاڪ روح اوهان کي ڏئي ٿو.</verse>
				<verse number="9">پر ڀائرن جي محبت بابت اوهان ڏانهن ڪجهہ لکڻ جي ضرورت ڪانهي، ڇالاءِ جو اوهان کي هڪٻئي کي پيار ڪرڻ جي تعليم خدا کان ملي آهي؛</verse>
				<verse number="10">جيئن ڪ سچ پچ مڪدونيہ جي سڀني ڀائرن سان اوهين ڪريو بہ ٿا. پر اي ڀائرو، اسين اوهان کي منٿ ٿا ڪريون تہ اڃا بہ وڌندا وڃو؛</verse>
				<verse number="11">۽ جيئن اسان اوهان کي تاڪيد ڪئي، تيئن ڪوشش ڪري صبر سان زندگي گذاريو، ۽ پنهنجو ڪم ڪار ڪريو ۽ پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪريو؛</verse>
				<verse number="12">تان تہ جيڪي ڪليسيا کان ٻاهر آهن تن کان عزت مليوَ ۽ ڪنهن جا بہ محتاج نہ ٿيو.</verse>
				<verse number="13">پر اي ڀائرو، اسان جي مرضي ناهي تہ جيڪي گذر ڪري ويا آهن، تن جي نسبت ۾ اوهين غير واقف رهو؛ تہ متان اوهين بہ انهن وانگر غمگين ٿيو، جن کي اُميد ئي ڪانهي.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اسان جو اعتقاد آهي تہ يسوع مري ويو ۽ وري جيئرو ٿي اُٿيو، تہ جيڪي يسوع جي ايمان ۾ گذري ويا آهن، تن کي بہ خدا وري ساڻس گڏ وٺي ايندو.</verse>
				<verse number="15">انهي ڪري اسين خداوند جي ڪلام موجب ٿا چئون، تہ اسين جي جيئرا آهيون ۽ خداوند جي اچڻ تائين ڇڏيا ويا آهيون، سي انهن کان، جي گذر ڪري ويا آهن، ڪنهن بہ طرح اڳتي ڪين ٿي وينداسين.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو خداوند پاڻ آسمان مان وڏيءَ للڪار سان ۽ وڏي ملائڪ جي آواز سان لهندو ۽ خدا جي تري وڄندي؛ ۽ جيڪي مسيح جي ايمان ۾ گذر ڪري ويا آهن سي پهرين اُٿندا:</verse>
				<verse number="17">انهن کانپوءِ اسين جي جيئرا آهيون ۽ ڇڏيا ويا آهيون، سي اُنهن سان گڏ مٿي ڪڪرن ۾ کڄي وينداسين، انهي لاءِ تہ هوا ۾ خداوند جو استقبال ڪريون: اهڙيءَ طرح اسين هميشہ خداوند سان گڏ رهنداسين.</verse>
				<verse number="18">تنهنڪري اوهين انهن ڳالهين سان هڪٻئي کي تسلي ڏيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">پر اي ڀائرو، انهي جي ڪا ضرورت ڪانهي تہ وقتن ۽ موسمن جي نسبت ۾ ڪي اوهان ڏانهن لکجي.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ خداوند جو ڏينهن ائين ايندو جيئن رات جو ڪو چور اچي.</verse>
				<verse number="3">جڏهن ماڻهو پيا چوندا تہ اطمينان ۽ سلامتي آهي، تڏهن جيئن حاملہ زال کي سور لڳندا آهن، تيئن اوچتو ئي اوچتو موت اچي مٿان ڪڙڪندو؛ ۽ ڪو وسيلو ڪونہ ٿيندو.</verse>
				<verse number="4">پر اي ڀائرو، اوهين اونداهيءَ ۾ نہ آهيو، جو اهو ڏينهن چور وانگر اوهان تي اچي پوي.</verse>
				<verse number="5">اوهين سڀ روشنائيءَ جا ٻار ۽ ڏينهن جا فرزند آهيو: اسين رات جا ناهيون، نڪي اونداهيءَ جا آهيون؛</verse>
				<verse number="6">تنهنڪري ٻين وانگر اسان کي سمهي رهڻ نہ کپي، پر اچو تہ جاڳون ۽ هوشيار رهون.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو جيڪي سمهي رهن ٿا، سي رات جو ٿا سمهن؛ ۽ جيڪي نشئي ٿين ٿا سي رات جو نشئي ٿا ٿين.</verse>
				<verse number="8">پر جڏهن اسين ڏينهن جا آهيون، تڏهن اچو تہ ايمان ۽ محبت جي زرهہ ڍڪي، ۽ نجات جي اُميد جو ٽوپ پائي هوشيار رهون.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو خدا اسان کي انهي لاءِ ڪونہ مقرر ڪيو آهي تہ پنهنجو غضب اسان تي وجهي، پر انهي لاءِ تہ اسين پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي نجات حاصل ڪريون،</verse>
				<verse number="10">جنهن اسان لاءِ پنهنجي جان ڏني، انهي لاءِ تہ اسين جاڳون يا سمهون، تہ بہ ساڻس گڏ جيئون.</verse>
				<verse number="11">تنهنڪري هڪٻئي کي همتايو، ۽ هڪٻئي جي ترقيءَ جا باعث ٿيو، جيئن ڪ اڳيئي پيا ڪريو.</verse>
				<verse number="12">پر اي ڀائرو، اسين اوهان کي عرض ٿا ڪريون تہ جيڪي اوهان ۾ محنت ڪن ٿا، ۽ خداوند ۾ اوهان جا پيشوا آهن، ۽ اوهان کي نصيحت ٿا ڪن، تن جي عزت ڪريو،</verse>
				<verse number="13">۽ کين سندن خدمت جي سببان محبت سان گهڻو مانُ ڏيو. پاڻ ۾ صلح سانت سان رهو.</verse>
				<verse number="14">اي ڀائرو، اسين اوهان کي نصيحت ٿا ڪريون تہ بي قاعدي هلڻ وارن کي سمجهايو، ۽ جيڪي بي همت آهن، تن کي همتايو، هيڻن جي مدد ڪريو، سڀني سان ڏاڍي صبر سان گذاريو.</verse>
				<verse number="15">خبردار ڪوبہ ڪنهن سان بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪري؛ پر هميشہ هڪ ٻئي سان، ۽ سڀني سان، نيڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.</verse>
				<verse number="16">هر وقت خوش رهو؛</verse>
				<verse number="17">هميشہ دعا گهُرندا رهو؛</verse>
				<verse number="18">سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾ شڪرگذاري ڪريو: ڇالاءِ جو مسيح يسوع ۾ اوهان جي بابت خدا جي اها ئي مرضي آهي.</verse>
				<verse number="19">روح کي نہ دٻايو؛</verse>
				<verse number="20">نبوتن جي حقارت نہ ڪريو؛</verse>
				<verse number="21">سڀني ڳالهين کي آزمايو؛ جيڪا چڱي هجي، تنهن تي قائم رهو؛</verse>
				<verse number="22">هر طرح جي بديءَ کان پاسو ڪريو.</verse>
				<verse number="23">شل خدا، جو اطمينان بخشيندڙ آهي، اوهان کي پوريءَ طرح پاڪ ڪري؛ ۽ شل اوهان جو روح ۽ جان ۽ بدن، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي اچڻ تائين بي عيب ۽ سلامت رهي.</verse>
				<verse number="24">جنهن اوهان کي سڏيو آهي، سو سچو آهي ۽ اُهو ائين ئي ڪندو.</verse>
				<verse number="25">اي ڀائرو، اسان جي حق ۾ دعا گهُرو.</verse>
				<verse number="26">سڀني ڀائرن کي پاڪ چُمي ڏيئي سلام ڏجو.</verse>
				<verse number="27">خداوند جو قسم ڏيئي چوان ٿو تہ هي خط سڀني ڀائرن کي پڙهي ٻُڌائجو.</verse>
				<verse number="28">اسان جي خداوند يسوع مسيح جو فضل اوهان تي هجي.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="53">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">پولس ۽ سلوانس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿسلونيڪين جي ڪليسيا ڏانهن، جا اسان جي خدا پيءُ ۽ خداوند يسوع مسيح ۾ آهي؛</verse>
				<verse number="2">خدا پيءُ ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان فضل ۽ اطمينان اوهان تي هجي.</verse>
				<verse number="3">اي ڀائرو، اسان تي فرض آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ خدا جو شڪر ڪريون، ۽ گهرجي بہ ائين، ڇالاءِ جو اوهان جو ايمان گهڻو وڌندو ٿو وڃي، ۽ اوهان سڀني ۾ هرهڪ جو پيار پاڻ ۾ زيادہ ٿيندو ٿو وڃي،</verse>
				<verse number="4">ايتري قدر جو اسين پاڻ خدا جي ڪليسيائن ۾ اوهان تي اِهو فخر ٿا ڪريون تہ جيڪي ظلم ۽ مصيبتون اوهين سهو ٿا، تن سڀني ۾ اوهان جو صبر ۽ ايمان ظاهر ٿو ٿئي؛</verse>
				<verse number="5">اهو خدا جي سچيءَ عدالت جو صاف نشان آهي؛ انهي لاءِ تہ اوهين خدا جي بادشاهت جا لائق ليکجڻ ۾ اچو، جنهن جي لاءِ اوهين ڏک پيا سهو؛</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو خدا جي نظر ۾ اها انصاف جي ڳالهہ آهي، تہ جيڪي اوهان کي ڏک ٿا ڏين، تن کي بدلي ۾ ڏک ڏئي،</verse>
				<verse number="7">۽ اوهين جي ڏک سهو ٿا، تن کي اسان سان گڏ آرام ڏئي: سو اُنهي وقت جڏهن خداوند يسوع پنهنجي قدرت وارن ملائڪن سان آسمان مان ٻرندڙ باهہ ۾ ظاهر ٿيندو،</verse>
				<verse number="8">۽ جيڪي خدا کي نٿا سڃاڻن ۽ جيڪي اسان جي خداوند يسوع جي خوشخبري نٿا مڃين، تن کان بدلو وٺندو.</verse>
				<verse number="9">اُهي خداوند جي حضور کان، ۽ سندس قدرت جي جلال کان محروم رهندا، ۽ کين هميشہ جي لاءِ برباد ٿيڻ جي سزا ملندي:</verse>
				<verse number="10">سو انهي ڏينهن ٿيندو، جڏهن هن جي اچڻ ڪري، سندس پاڪ ٿيلن ۾ سندس جلال ظاهر ٿيندو، ۽ جن ايمان آندو آهي، تن سڀني ۾ تعجب جو سبب ٿيندو، ڇالاءِ جو اوهان اسان جي شاهديءَ تي ايمان آندو.</verse>
				<verse number="11">انهي مطلب لاءِ اسين بہ هميشہ اوهان لاءِ دعا پيا گهُرون، تہ شل اسان جو خدا اوهان کي پنهنجي ڪوٺ جي لائق سمجهي، ۽ نيڪيءَ جي سڀ ڪا خواهش، ۽ ايمان جو سڀ ڪو ڪم قدرت سان پورو ڪري؛</verse>
				<verse number="12">تہ اسان جي خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي فضل موجب، اسان جي خداوند يسوع جو نالو اوهان منجهہ جلال پائي، ۽ اوهين بہ منجهس جلال پايو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">هاڻي اي ڀائرو، اسان جو خداوند ايندو ۽ اسين سندس حضور ۾ گڏ ٿينداسين، تنهن بابت اسين عرض ٿا ڪريون،</verse>
				<verse number="2">تہ روح، يا ڪلام، يا خط جي ڪري جو اسان وٽان آيل سمجهو، اوهين پنهنجن خيالن ۾ ڊانوان ڊول نہ ٿيو، نڪي پريشان ٿيو، جو ڄڻ تہ خداوند جو ڏينهن هاڻي اچي پهتو آهي.</verse>
				<verse number="3">ڪنهن بہ طرح ڪنهن ماڻهوءَ جي فريب ۾ نہ اچجو: ڇالاءِ جو اهو ڏينهن تيسين نہ ايندو، جيسين پهرين گمراهي نہ اچي، ۽ گناهہ جو شخص، يعني برباديءَ جو فرزند ظاهر نہ ٿئي.</verse>
				<verse number="4">۽ جيڪو معبود ٿو سڏجي، يا جنهن جي پرستش ٿي ٿئي، تنهن کان هو پاڻ کي وڏو ٿو ڄاڻي، ۽ مخالفت ٿو ڪري؛ ايتري قدر جو هو خدا جي هيڪل ۾ ويهي پاڻ کي خدا ٿو سڏائي.</verse>
				<verse number="5">اوهان کي ياد ناهي ڇا تہ جڏهن آئون اڃا اوهان وٽ هوس، تڏهن اوهان کي هي ڳالهيون ٻُڌائيندو هوس؟</verse>
				<verse number="6">۽ هاڻي اوهان کي خبر آهي تہ اها ڪهڙي ڳالهہ آهي جيڪا هن کي روڪيو بيٺي آهي، انهي لاءِ تہ هو پنهنجي پوري وقت تي ظاهر ٿئي.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو بي دينيءَ جو راز تہ هاڻي اثر ٿو ڪري: پر هينئر هڪڙو آهي جنهن کي جيستائين وچ مان ڪڍي نہ ڇڏبو، تيستائين هو روڪيندو رهندو.</verse>
				<verse number="8">تنهن کانپوءِ اُهو بي دين پڌرو ٿيندو، ۽ خداوند يسوع پنهنجي وات جي ڦوڪ سان هن کي ماري وجهندو، ۽ پنهنجي اچڻ جي ظهور سان چٽ ڪري ڇڏيندو،</verse>
				<verse number="9">يعني اُهو بي دين، جنهن جو اچڻ شيطان جي تاثير موجب، هر طرح جي طاقت ۽ نشانين ۽ ڪوڙين ڪرامتن سان،</verse>
				<verse number="10">۽ برباد ٿيڻ وارن جي لاءِ ناراستيءَ جي هر طرح جي فريب سان ٿيندو؛ ڇالاءِ جو انهن سچ جي محبت اختيار نہ ڪئي تہ نجات ملين.</verse>
				<verse number="11">۽ انهي ڪري خدا هنن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ٿو ڏئي تہ ڪوڙ کي مڃين:</verse>
				<verse number="12">۽ جيڪي سچ تي ايمان نٿا آڻين، ۽ ناراستيءَ ۾ خوش ٿا رهن، تن سڀني کي سزا ملندي.</verse>
				<verse number="13">پر اي ڀائرو، خداوند جا پيارا، اسين ٻَڌل آهيون تہ هميشہ اوهان جي لاءِ خدا جا شڪرانا بجا آڻيون، ڇالاءِ جو خدا شروع کان اوهان کي انهي لاءِ چونڊي ڪڍيو هو تہ روح جي وسيلي پاڪ ٿيو، ۽ سچ تي ايمان آڻيو، ۽ نجات حاصل ڪريو.</verse>
				<verse number="14">انهي لاءِ ئي هن اوهان کي اسان جي خوشخبريءَ جي وسيلي سڏيو، تہ اوهين اسان جي خداوند يسوع مسيح جو جلال حاصل ڪريو.</verse>
				<verse number="15">تنهنڪري، اي ڀائرو، ثابت قدم رهو، ۽ جيڪي روايتون اسان اوهان کي زباني يا خط جي وسيلي سيکاريون آهن، تن تي قائم رهو.</verse>
				<verse number="16">هاڻي اسان جو خداوند يسوع مسيح پاڻ، ۽ اسان جو پيءُ خدا، جنهن اسان سان محبت رکي، ۽ فضل جي ڪري اسان کي هميشہ جي تسلي ۽ چڱي اُميد ڏنائين؛</verse>
				<verse number="17">سو اوهان جي دلين کي تسلي ڏئي، ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۽ ڪلام ۾ مضبوط ڪري.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">اي ڀائرو، هاڻي اوهين اسان لاءِ دعا گهُرو تہ خداوند جو ڪلام جلد ڦهلجي وڃي ۽ جلال پائي، جيئن ڪ اوهان منجهہ آهي؛</verse>
				<verse number="2">۽ اسين ڏنگن ۽ خراب ماڻهن کان ڇُٽي پئون، ڇالاءِ جو سڀني ۾ ايمان ڪونهي.</verse>
				<verse number="3">پر خداوند سچو آهي ۽ هو اوهان کي قائم ڪندو، ۽ انهي شرير کان اوهان کي رکي وٺندو.</verse>
				<verse number="4">۽ اوهان جي بابت اسان کي خداوند ۾ اِها خاطري آهي تہ جيڪي حڪم اسين اوهان کي ڏيون ٿا، انهن تي اوهين عمل ڪريو بہ ٿا ۽ اڳتي بہ ڪندا رهندا.</verse>
				<verse number="5">۽ شل خداوند اوهان جي دلين جي، خدا جي محبت ۽ مسيح جي صبر ۾ رهبري ڪري.</verse>
				<verse number="6">هاڻي اي ڀائرو، اسين پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي نالي تي حڪم ٿا ڏيون، تہ اوهين سڀ ڪنهن اهڙي ڀاءُ کان پاسو ڪريو، جو بي قاعدي ٿو هلي، ۽ انهيءَ روايت تي عمل نٿو ڪري جا اسان کان اوهان کي ملي.</verse>
				<verse number="7">اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان کي اسان جي پيروي ڪرڻ گهرجي: ڇالاءِ جو اسين اوهان منجهہ بي قاعدي ڪونہ هلياسون؛</verse>
				<verse number="8">نڪي اسان ڪنهن ماڻهوءَ جي هٿان مفت جي ماني کاڌي، بلڪ محنت ۽ مشقت ڪري رات ڏينهن پورهيو ڪيوسين، تہ اوهان مان ڪنهن تي بہ بوجو نہ ٿي پئون.</verse>
				<verse number="9">نہ انهي لاءِ، تہ اسان کي ڪو حق ڪونهي، پر انهي لاءِ تہ اسين اوهان جي لاءِ نمونو ٿيون، تہ اوهين بہ اسان جي پيروي ڪريو.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو جڏهن اسين اوهان وٽ هئاسين، تڏهن اوهان کي اهو حڪم ڏنوسون، تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪم ڪرڻ نہ چاهي تہ اُهي کائي بہ نہ.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو اسين ٻُڌون ٿا تہ اوهان ۾ ڪي آهن جي بي قاعدي ٿا هلن، ۽ ڪوبہ ڪم ڪونہ ٿا ڪن، پر ٻين جي ڪمن ۾ ٽپيو پون.</verse>
				<verse number="12">هاڻي جيڪي اهڙا آهن تن کي اسين حڪم ٿا ڏيون، بلڪ خداوند يسوع مسيح ۾ نصيحت ٿا ڪريون تہ اهي صبر سان پورهيو ڪري پنهنجي ماني کائين.</verse>
				<verse number="13">پر اي ڀائرو، اوهين نيڪي ڪرڻ ۾ نہ ٿڪجو.</verse>
				<verse number="14">جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسان جي هن خط جي ڳالهہ نہ مڃي تہ انهي کي نگاهہ ۾ رکو، ۽ ساڻس سڀ لاڳاپا لاهي ڇڏيو، انهي لاءِ تہ هو شرمندو ٿئي.</verse>
				<verse number="15">تنهن هوندي بہ انهي کي دشمن نہ ڄاڻو، بلڪ ڀاءُ سمجهي نصيحت ڪريو.</verse>
				<verse number="16">هاڻي خداوند جو اطمينان جو چشمو آهي، سو پاڻ اوهان کي هميشہ ۽ هر طرح اطمينان ڏيندو. شل خداوند اوهان سڀني سان هجي.</verse>
				<verse number="17">آئون پولس، پنهنجي هٿن سان سلام ٿو لکان، ۽ سڀ ڪنهن خط ۾ منهنجي اها نشاني آهي: آئون ائين لکندو آهيان.</verse>
				<verse number="18">اسان جي خداوند يسوع مسيح جو فضل شل اوهان سڀني تي هجي.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="54">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">پولس، جو اسان جي نجات ڏيندڙ خدا ۽ اسان جي اُميد، مسيح يسوع جي حڪم موجب، مسيح يسوع جو رسول آهي،</verse>
				<verse number="2">تيمٿيس ڏانهن جو ايمان جي ڪري منهنجو سچو فرزند آهي: خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند مسيح يسوع جو فضل ۽ رحم ۽ اطمينان تو تي هجي.</verse>
				<verse number="3">جيئن مون مڪدونيہ ڏانهن وڃڻ وقت توکي تاڪيد ڪئي هئي، تيئن افسس ۾ رهي ڪن ماڻهن کي اطلاع ڏي تہ ٻئي قسم جي تعليم نہ ڏين،</verse>
				<verse number="4">نڪي انهن آکاڻين ۽ بي انتها نسب نامن تي خيال ڊوڙائين، جن جي ڪري خدا جي انهي انتظام جي خبر نٿي پوي جو ايمان تي منحصر آهي، پر اُٽلندو تڪرار پيدا ٿا ٿين،</verse>
				<verse number="5">هاڻي انهي تاڪيد جو مطلب اهو آهي، تہ پاڪ ۽ نيڪ نيت ۽ سچي ايمان سان محبت پيدا ٿئي.</verse>
				<verse number="6">پر ڪي ماڻهو انهن ڳالهين کان پاسو ڪري اجائي بحث ۾ وڃي پيا آهن؛</verse>
				<verse number="7">انهي ارادي سان تہ شريعت جا تعليم ڏيندڙ ٿين، جيتوڻيڪ هو جيڪي پاڻ چون ٿا يا جنهن بابت يقين سان ڳالهائين ٿا، سو سمجهن بہ نٿا.</verse>
				<verse number="8">پر اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت چڱي آهي، بشرطيڪ ڪو ماڻهو انهي کي قاعدي موجب ڪم آڻي،</verse>
				<verse number="9">۽ اهو سمجهي تہ شريعت راستباز ماڻهن جي لاءِ نہ، پر بي دينن ۽ گنهگارن جي لاءِ، ناپاڪن ۽ لُچن ۽ ماءُ پيءُ جي قاتلن ۽ خونين جي لاءِ،</verse>
				<verse number="10">زناڪارن ۽ لونڊي بازن ۽ بردہ فروشن لاءِ، ڪوڙن ماڻهن ۽ ڪوڙن قسمن کڻڻ وارن لاءِ، ۽ انهن کانسواءِ صحيح تعليم جي برخلاف ٻيا جيڪي ڪم آهن، تن جي ڪرڻ وارن لاءِ مقرر ٿي آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ اهي ڳالهيون انهيءَ سڳوري خدا جي جلالي خوشخبريءَ موافق آهن جا منهنجي ذمي ڪئي ويئي آهي.</verse>
				<verse number="12">آئون انهي جو شڪر ٿو ڪريان، يعني اسان جي خداوند مسيح يسوع جو، جنهن مون کي اهڙي طاقت ڏني، ۽ مون کي ايماندار سمجهي پنهنجي خدمت جي لاءِ مقرر ڪيو؛</verse>
				<verse number="13">جيتوڻيڪ اڳي آئون ڪفر بڪندڙ ۽ ستائيندڙ ۽ سندس بي عزتي ڪندڙ هوس: تنهن هوندي بہ مون تي رحم ڪيو ويو، ڇالاءِ جو مون بي ايمانيءَ جي حالت ۾ اڻ ڄاڻائي ڪري اهي ڪم ڪيا؛</verse>
				<verse number="14">۽ ايمان ۽ محبت جا مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن سان اسان جي خداوند جو فضل مون تي نهايت گهڻو ٿيو.</verse>
				<verse number="15">اها ڳالهہ سچي ۽ هر طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي تہ مسيح يسوع گنهگارن کي نجات ڏيڻ لاءِ دنيا ۾ آيو؛ جن مان آئون سڀني کان وڏو آهيان.</verse>
				<verse number="16">تڏهن بہ انهي سبب ڪري مون تي رحم ٿيو، انهي لاءِ تہ يسوع مسيح مون وڏي گنهگار ۾ پنهنجو وڏو فضل ظاهر ڪري، ۽ جيڪي هميشہ جي زندگيءَ جي لاءِ مٿس ايمان آڻيندا، تن جي لاءِ آئون هڪڙو نمونو ٿيان.</verse>
				<verse number="17">هاڻي انهي مدامي بادشاهہ، يعني غير فاني، ناديدہ، واحد خدا جي عزت ۽ جلال هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين.</verse>
				<verse number="18">اي منهنجا فرزند تيمٿيس، جيڪي پيشنگوئيون تو بابت اڳي ڪيون ويون هيون، تن موجب آئون توکي اها تاڪيد ٿو ڪريان، تہ انهن جي ڪري تون چڱي جنگ ڪندو رهہ؛</verse>
				<verse number="19">۽ ايمان ۽ نيڪ ضمير تي قائم رهہ، جنهن کي ڪن ماڻهن ڇڏي پنهنجي ايمان جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي.</verse>
				<verse number="20">انهن مان همنيوس ۽ سڪندر آهن؛ جن کي مون شيطان جي حوالي ڪيو تہ ڪفر کان باز رهڻ سکن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">تنهنڪري، پهرين آئون هيءَ نصيحت ٿو ڪريان تہ سڀني ماڻهن لاءِ عرض، دعا، سفارش ۽ شڪر گذاريون ڪرڻ گهرجن؛</verse>
				<verse number="2">بادشاهن ۽ سڀني حاڪمن لاءِ بہ، تہ اسين نهايت دينداريءَ ۽ سنجيدگيءَ سان امن ۽ اطمينان جي حياتي گذاريون.</verse>
				<verse number="3">اها ڳالهہ اسان جي نجات ڏيندڙ خدا جي نظر ۾ چڱي ۽ پسنديدہ آهي؛</verse>
				<verse number="4">جنهن جي مرضي آهي تہ سڀني ماڻهن کي نجات ملي، ۽ سچ جي خبر پوينِ.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو خدا هڪڙو آهي، ۽ خدا ۽ ماڻهن جو درمياني بہ هڪڙو ئي آهي، يعني مسيح يسوع، جو انسان آهي.</verse>
				<verse number="6">جنهن پاڻ کي سڀني جي لاءِ قربان ڪري ڏيئي ڇڏيو، تہ مناسب وقتن تي اها شاهدي ڏني وڃي.</verse>
				<verse number="7">آئون سچ ٿو چوان، ڪوڙ نٿو ڳالهايان تہ انهي لاءِ ئي آئون مبشر ۽ رسول مقرر ٿيس، تہ ايمان ۽ سچ جي غير قومن کي تعليم ڏيان.</verse>
				<verse number="8">تنهنڪري منهنجي مرضي آهي تہ ماڻهو هر ڪنهن هنڌ، ڪاوڙ ۽ تڪرار کانسواءِ، پاڪ هٿ کڻي دعا ڪن.</verse>
				<verse number="9">ساڳيءَ طرح، زالون بہ حياءَ واري پوشاڪ ڍڪي حجاب ۽ پرهيزگاريءَ سان پاڻ کي سينگارين؛ نہ ڳتيل وارن ۽ سون يا موتين يا قيمتي پوشاڪ سان؛</verse>
				<verse number="10">پر چڱن ڪمن سان (جيئن ڪ انهن زالن کي مناسب آهي، جي پاڻ کي خدا پرست ٿيون چوائين.)</verse>
				<verse number="11">زال ذات کي گهرجي تہ ماٺ ڪري نهايت تابعداريءَ سان تعليم وٺي.</verse>
				<verse number="12">پر آئون ڪنهن بہ زال کي اجازت نٿو ڏيان تہ تعليم ڏئي، يا مڙس تي حڪم هلائي، پر خاموش رهي.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو پهريائين آدم جُڙيو ۽ پوءِ حوا؛</verse>
				<verse number="14">۽ آدم ٺڳيو نہ ويو، پر سندس زال ٺڳجي گناهہ ۾ گرفتار ٿي.</verse>
				<verse number="15">پر ٻار ڄڻڻ ڪري زال بچي ويندي، بشرطيڪ ايمان ۽ محبت ۽ پاڪيزگيءَ ۽ پرهيزگاريءَ ۾ قائم رهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">اها ڳالهہ سچي آهي تہ جيڪو ماڻهو نگهبان (بشپ) جو عهدو ٿو چاهي تہ اهو چڱي ڪم جي خواهش ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="2">تنهنڪري نگهبان کي گهرجي تہ بنا الزام هڪڙيءَ زال جو مڙس، پرهيزگار، سنجيدو، باقاعدي هلڻ وارو، مهمان نواز، تعليم ڏيڻ ۾ ماهر؛</verse>
				<verse number="3">نہ نشي باز، نہ مارڪٽ ڪندڙ؛ نہ تڪراري، نہ پيسي جو لالچي، پر حليم هجي؛</verse>
				<verse number="4">پنهنجي گهر جو پوريءَ طرح بندوبست رکڻ وارو ۽ پنهنجن ٻارن کي تمام سنجيدگيءَ سان تابع رکڻ وارو هجي؛</verse>
				<verse number="5">(پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي خود پنهنجي گهر هلائڻ جي خبر نہ آهي، تہ اهو خدا جي ڪليسيا جي ڪهڙي سنڀال ڪري سگهندو؟)</verse>
				<verse number="6">نومريد نہ هجي، متان مغروريءَ جي ڪري شيطان واريءَ سزا ۾ گرفتار ٿئي؛</verse>
				<verse number="7">جيڪي ٻاهر آهن تن وٽ بہ نيڪ ناموس وارو هئڻ گهرجي؛ تہ متان ملامت ۾ يا شيطان جي ڦندي ۾ ڦاسي پوي.</verse>
				<verse number="8">انهي طرح جيڪي خادم (ڊيڪن) آهن، تن کي سنجيدو ٿيڻ گهرجي، اهي نہ ٻہ چاپڙا، نہ شرابي، نہ ناجائز نفعي جا لالچي هجن،</verse>
				<verse number="9">پر ايمان جي راز کي پاڪ دل ۾ سنڀالي رکڻ وارا هجن.</verse>
				<verse number="10">۽ انهن جو بہ پهرين آزمودو وٺڻ گهرجي، پوءِ جي بي عيب ثابت ٿين، تہ ڀلي پنهنجي عهدي جو ڪم ڪن.</verse>
				<verse number="11">انهيءَ طرح زالن کي بہ گهرجي تہ سنجيدگيءَ سان رهن، نہ گلا ڪندڙ، پر پرهيزگار ۽ سڀني ڳالهين ۾ ايماندار هجن.</verse>
				<verse number="12">خادم کي بہ هڪڙيءَ زال جو مڙس هئڻ گهرجي، ۽ هو ٻارن ۽ پنهنجي گهر جو چڱيءَ طرح انتظام ڪن.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو جيڪي خادمن جي عهدي جو ڪم چڱيءَ طرح ٿا ڪن، سي پنهنجي لاءِ چڱو درجو، ۽ جو ايمان مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن ۾ وڏي همت حاصل ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="14">اهي ڳالهيون آئون تو ڏانهن انهيءَ اُميد تي بہ لکان ٿو تہ جلد تو ڏانهن ايندس؛</verse>
				<verse number="15">پر جي مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ ڀلي خبر پويئي تہ خدا جو گهر، يعني زندہ خدا جي ڪليسيا، جا سچ جو ٿنڀ ۽ بنياد آهي، تنهن ۾ ڪهڙيءَ طرح هلت ڪرڻ کپي.</verse>
				<verse number="16">بيشڪ دينداريءَ جو راز وڏو آهي، (اُهو هي آهي) تہ هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ روح ۾ راستباز ثابت ٿيو، ۽ ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو، قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي، دنيا ۾ مٿس ايمان آندائون، جلال ۾ مٿي کڄي ويو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">پر روح صاف ٿو چوي تہ آخرين زمانن ۾ ڪي اهڙا ٿيندا جي گمراهہ ڪندڙ روحن ۽ ڀوتن جي علم تي ڌيان ڏيڻ ڪري ايمان کان ڦري ويندا،</verse>
				<verse number="2">اهو انهن ماڻهن جي رياڪاريءَ ڪري ٿيندو، جي ڪوڙ ٿا ڳالهائين ۽ جن جي دل ڄڻ تہ گرم لوهہ سان ڏنڀيل آهي.</verse>
				<verse number="3">اُهي شادي ڪرڻ کان منع ڪندا، ۽ انهن کاڌن کائڻ کان پرهيز ڪندا، جي خدا انهي لاءِ پيدا ڪيا آهن تہ ايماندار ۽ حق سڃاڻڻ وارا، اُهي شڪرگذاريءَ سان کائين.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ تہ سڀڪا شيءِ جا خدا خلقي آهي، سا چڱي آهي، ۽ رد ڪرڻ نہ گهرجي؛ بشرطيڪ اُها شڪرگذاريءَ سان قبول ڪئي وڃي:</verse>
				<verse number="5">هن ڪري جو اها خدا جي ڪلام ۽ دعا جي ڪري پاڪ ٿيو پوي.</verse>
				<verse number="6">جيڪڏهن تون ڀائرن کي اهي ڳالهيون ياد ڏياريندين تہ تون مسيح يسوع جو چڱو خادم ٿيندين، ۽ انهي ايمان ۽ چڱي تعليم جي وسيلي پرورش پائيندين، جن تي اڄ تائين تون پئي هليو آهين.</verse>
				<verse number="7">پر اجاين ڳالهين ۽ وهمي زالن جي آکاڻين کان انڪار ڪج. ۽ دينداريءَ جي لاءِ تعليم وٺندو رهج:</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو جسماني ورزش مان ڪو ٿورو ئي فائدو آهي؛ پر دينداري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي، ڇالاءِ جو حال ۽ استقبال جي حياتيءَ جو واعدو بہ انهي ڳالهہ ۾ آهي.</verse>
				<verse number="9">اها ڳالهہ سچي آهي ۽ هر طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي.</verse>
				<verse number="10">انهي لاءِ ئي اسين پورهيو ٿا ڪريون ۽ ڪشالا پيا ڪڍون، جو اسان جي اُميد انهي زندہ خدا تي رکيل آهي، جو سڀني ماڻهن جو، خاص ڪري ايمان وارن جو، نجات ڏيندڙ آهي.</verse>
				<verse number="11">انهن ڳالهين بابت حڪم ڪر ۽ تعليم ڏي.</verse>
				<verse number="12">ڪوبہ ماڻهو تنهنجي جوانيءَ سببان تنهنجي حقارت نہ ڪري، پر تون ايمان وارن جي لاءِ، ڪلام ۽ هلت چلت ۾، محبت، ايمان ۽ پاڪيزگيءَ ۾ نمونو ٿيءُ.</verse>
				<verse number="13">جيسين آئون اچان تيسين پڙهڻ، ۽ نصيحت ڪرڻ، ۽ تعليم ڏيڻ ۾ مشغول رهہ.</verse>
				<verse number="14">جيڪا بخشش توکي نبوت جي وسيلي، بزرگن جي هٿن رکڻ سان ملي، تنهن کان غافل نہ رهہ.</verse>
				<verse number="15">انهن ڳالهين جو خيال رک، انهن ۾ محو رهہ، تہ تنهنجو سڌارو سڀني تي ظاهر ٿئي.</verse>
				<verse number="16">پنهنجي، ۽ پنهنجي تعليم جي سنڀال ڪج؛ انهن ڳالهين تي قائم رهندو اچج؛ ڇالاءِ جو ائين ڪرڻ سان تون پاڻ کي توڙي پنهنجي ٻُڌڻ وارن کي بچائيندين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">ڪنهن وڏيءَ عمر واري کي ملامت نہ ڪر، پر پيءُ وانگر سمجهي هن کي صلاح ڏي؛ جوانن کي ڀائرن وانگر ڄاڻ؛</verse>
				<verse number="2">وڏيءَ عمر وارين زالن کي مائون ڪري ڄاڻ، ۽ جوان زالن کي پوريءَ پاڪيزگيءَ سان ڀينرن وانگر سمجهہ.</verse>
				<verse number="3">جيڪي بيوهہ زالون سچ پچ بيوهہ آهن، تن کي عزت ڏي.</verse>
				<verse number="4">پر جي ڪنهن بيوهہ زال کي پٽ يا پوٽا هجن تہ اُهي ڀلي پهرين پنهنجي گهراڻي سان دينداريءَ جي هلت ڪرڻ، ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ جو بار لاهڻ سکن؛ ڇالاءِ جو خدا جي نظر ۾ اها ئي ڳالهہ چڱي آهي.</verse>
				<verse number="5">هاڻي جيڪا بيوهہ زال سچ پچ بيڪس آهي، تنهن جو آسرو خدا آهي، ۽ اُها رات ڏينهن منٿون ڪرڻ ۽ دعا گهُرڻ ۾ مشغول ٿي رهي.</verse>
				<verse number="6">پر جيڪا عيش عشرت ۾ گذاري ٿي، سا جيئري ئي مُئل آهي.</verse>
				<verse number="7">انهن ڳالهين جو بہ حڪم ڪر، مٿن ڪو الزام نہ لڳائي.</verse>
				<verse number="8">پر جيڪڏهن ڪو پنهنجن جي لاءِ، خاص ڪري پنهنجي خاندان لاءِ بندوبست نہ ڪندو، تہ ايمان کان انڪاري ٿيو، ۽ اُهو بي ايمان کان بہ بڇڙو آهي.</verse>
				<verse number="9">بيوهہ زالن جي ياداشت ۾ انهيءَ جو نالو داخل ٿيڻ گهرجي جا سٺ ورهين کان عمر ۾ ننڍي نہ هجي، ۽ هڪڙي ئي مڙس جي زال ٿي رهي هجي؛</verse>
				<verse number="10">جا چڱن ڪمن جي ڪري مشهور هجي؛ ٻارن کي پاليو هجيس، مسافرن جي مهمان نوازي ڪئي هجيس، پاڪ ٿيلن جا پير ڌوتا هجنس، ڏکويلن جي مدد ڪئي هجيس، سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ سعيي سان لڳي هجي.</verse>
				<verse number="11">پر جوان بيوهہ زالن کي داخل نہ ڪر: ڇالاءِ جو جڏهن هو مسيح جي برخلاف جسماني خواهش جي تابع ٿيون ٿين، تڏهن شادي ڪرڻ ٿيون گهُرن؛</verse>
				<verse number="12">پوءِ اِهي سزا جوڳيون ٿيون ٿين، ڇالاءِ جو پنهنجي پهرئين انجام تي قائم نہ ٿيون.</verse>
				<verse number="13">۽ تنهن کانسواءِ هو سست ۽ گهر گهر رُلن ٿيون؛ ۽ نہ رڳو سست ٿيون رهن، پر اجائي بَڪ ڪرڻ، ۽ ٻين جي ڪمن ۾ ٽپي پوڻ ۽ ناشائستيون ڳالهيون ڪرڻ بہ ٿيون سکن.</verse>
				<verse number="14">تنهنڪري منهنجي مرضي آهي تہ جوان بيوهہ زالون ڀلي تہ شادي ڪن، ۽ ٻار ڄڻين، ۽ گهر گهاٽ هلائين، ۽ دشمن کي گلا ڪرڻ جو وجهہ نہ ڏين:</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو هن کان اڳيئي ڪي شيطان جي پٺيان لڳي گمراهہ ٿيون آهن.</verse>
				<verse number="16">جيڪڏهن ڪنهن ايمان واريءَ زال وٽ ڪي بيواهہ زالون هجن تہ اها ڀلي انهن جي پرگهور لهي، پر ڪليسيا تي انهن جو بار پوڻ نہ کپي؛ تہ جيئن ڪليسيا انهن جي مدد ڪري، جي سچ پچ بيوهہ آهن.</verse>
				<verse number="17">جيڪي بزرگ چڱيءَ طرح حڪم ٿا هلائين، خاص ڪري اُهي جي ڪلام ۽ تعليم جي ڪم ۾ محنت ٿا ڪن، سي ٻيڻيءَ عزت جا لائق سمجهڻ گهرجن.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو پاڪ ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ، ”جڏهن ڪو ڏاند اَن ڳاهي، تڏهن انهي جو وات نہ ٻَڌ“. ۽ ”مزور پنهنجي مزوريءَ جو حقدار آهي.“</verse>
				<verse number="19">ڪنهن بہ بزرگ تي ڪا تهمت اچي تہ اها ٻن يا ٽن شاهدن کانسواءِ نہ ٻُڌ.</verse>
				<verse number="20">جيڪي گناهہ ڪن، تن کي سڀني جي اڳيان ملامت ڪر، تہ ڀلي ٻين کي بہ ڪو ڊپ ٿئي.</verse>
				<verse number="21">خدا ۽ مسيح يسوع، ۽ چونڊيل ملائڪن جي حضور ۾ آئون توکي تاڪيد ٿو ڪريان، تہ انهن ڳالهين تي بنا تعصب عمل ڪر ۽ ڪنهن بہ ڪم ۾ پاسخاطري نہ ڪر.</verse>
				<verse number="22">ڪنهن بہ ماڻهوءَ تي تڪڙ ڪري هٿ نہ رک، نڪي ٻين جي گناهن ۾ شريڪ ٿيءُ؛ پاڻ کي پاڪ رک.</verse>
				<verse number="23">اڳتي رڳو پاڻي نہ پيءُ، پر معدي ۽ پنهنجي اڪثر بيمار رهڻ جي ڪري ٿوري مئي ڪم آڻ.</verse>
				<verse number="24">ڪن ماڻهن جا گناهہ ظاهر هئڻ جي ڪري، سندن چال چلت جي خبر پئجيو وڃي، پر ڪن جا گناهہ دير سان ٿا ظاهر ٿين.</verse>
				<verse number="25">انهيءَ طرح چڱا ڪم بہ ظاهر ٿا ٿين، ۽ جيڪي ظاهر نہ ٿيا آهن، سي بہ لڪل نہ رهندا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">جيڪي غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ آهن، تن کي گهرجي تہ پنهنجن مالڪن کي گهڻي عزت جو لائق ڄاڻن، تہ خدا جي نالي، ۽ تعليم جي بدنامي نہ ٿئي.</verse>
				<verse number="2">۽ جن جا مالڪ ايمان وارا آهن، تن کي هو نہ ڌڪارين، ڇو جو اُهي بہ ڀائر آهن؛ بلڪ انهن کي گهرجي تہ سندن بهتر خدمت ڪن، ڇالاءِ تہ جن کي (خدمت جو) فائدو ٿو ملي، سي ايمان وارا ۽ پيارا آهن. انهن ڳالهين جي تون تعليم ڏي ۽ نصيحت ڪر.</verse>
				<verse number="3">جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻئي قسم جي تعليم ٿو ڏئي، ۽ صحيح نصيحت کي، يعني اسان جي خداوند يسوع مسيح جي نصيحت کي، ۽ دينداريءَ پٽاندر جا تعليم آهي، تنهن کي نٿو مڃي؛</verse>
				<verse number="4">اُهو مغروريءَ سان ڦنڊيل ۽ جاهل آهي؛ بلڪ لفظي تڪرارن ۽ بحث جو ڪوڏيو ٿو ٿئي، جن مان حسد، جهيڙو، بدگويون ۽ بدگمانيون پيدا ٿيون ٿين،</verse>
				<verse number="5">۽ انهن ماڻهن ۾ ردوبدل ٿي ٿئي، جن جا خيال خراب آهن ۽ جي سچ کان خالي آهن ۽ ڀانئين ٿا تہ دينداري نفعي جو هڪڙو ذريعو آهي.</verse>
				<verse number="6">پر دينداريءَ سان گڏ جيڪڏهن قناعت بہ هوندي تہ انهي ۾ وڏو فائدو آهي:</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ تہ اسان دنيا ۾ ڪي ڪين آندو، ۽ نہ ڪي انهيءَ مان ڪجهہ کڻي وينداسين؛</verse>
				<verse number="8">پوءِ جي اسان وٽ خوراڪ ۽ پوشاڪ موجود هجي تہ اسين انهيءَ تي راضي رهنداسين.</verse>
				<verse number="9">پر جيڪي دولتمند ٿيڻ ٿا گهُرن سي آزمائش ۽ ڦندي ۾، ۽ گهڻين اجاين ۽ نقصان وارين نفساني خواهشن ۾ ڦاسيو ٿا وڃن، جي ماڻهن کي برباديءَ ۽ تباهيءَ جي درياهہ ۾ غرق ڪريو ڇڏين.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو پيسي جو پيار سڀ قسم جي خرابين جي پاڙ آهي: جنهن جي پٺيان پوڻ ڪري ڪي ماڻهو ايمان کان گمراهہ ٿي ويا آهن، ۽ گهڻن ئي ڏکن جا تير منجهن چُڀي ويا آهن.</verse>
				<verse number="11">پر اي خدا جا بندا، تون انهن ڳالهين کان پري ڀڄ؛ ۽ راستبازيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، صبر ۽ حلم جو طالب ٿيءُ.</verse>
				<verse number="12">ايمان جي چڱي جنگ ڪر، هميشہ جي زندگيءَ تي قبضو ڪر، جنهن جي لاءِ تون سڏيو ويو هُئين، ۽ گهڻن شاهدن جي روبرو چڱو اقرار ڪيو هوءِ.</verse>
				<verse number="13">آئون خدا جي حضور ۾ توکي تاڪيد ٿو ڪريان، جو سڀني شين کي جيئرو ٿو رکي، ۽ مسيح يسوع جي حضور ۾ جنهن پنطيس پلاطس جي اڳيان چڱو اقرار ڪيو هو؛</verse>
				<verse number="14">تہ تون اسان جي خداوند يسوع مسيح جي ظاهر ٿيڻ تائين حڪم تي عمل ڪرڻ ۾ بي عيب، ۽ بي قصور رهہ،</verse>
				<verse number="15">جنهن کي اهو مناسب وقت تي ظاهر ڪندو، جو سڳورو ۽ واحد بادشاهن جو بادشاهہ ۽ خداوندن جو خداوند آهي؛</verse>
				<verse number="16">بقا فقط انهي کي ئي آهي، ۽ هو انهي روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نٿو سگهي؛ جنهن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي، نڪو ڏسي ٿو سگهي؛ انهي جي عزت ۽ قدرت شل هميشہ تائين رهي. آمين.</verse>
				<verse number="17">جيڪي هن موجودہ جهان ۾ دولتمند آهن تن کي حڪم ڏي تہ مغرور نہ ٿين، نڪي بي بقا دولت تي اُميد آسرو رکن، بلڪ خدا تي، جو اسان کي سڀ شيون ڪم آڻڻ لاءِ ڪثرت سان ٿو ڏئي؛</verse>
				<verse number="18">۽ هو نيڪي ڪن، ۽ چڱن ڪمن ۾ توانگر ٿين، سخاوت ڪرڻ لاءِ تيار رهن ۽ ٻين جي واهر ڪرڻ لاءِ راضي رهن؛</verse>
				<verse number="19">۽ آئيندہ لاءِ پنهنجي واسطي چڱو بنياد قائم ڪن تہ اها زندگي حاصل ڪن جا حقيقي آهي.</verse>
				<verse number="20">اي تيمٿيس، انهيءَ امانت کي سنڀالي رک، ۽ جنهن علم کي علم چوڻ ئي غلط آهي، تنهن جي اجائي بَڪ بَڪ ۽ اعتراض کان پاسو ڪر؛</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو ڪي انهي کي سچو سمجهي ايمان کان گمراهہ ٿي ويا آهن. تو تي فضل رهي.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="55">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">پولس، جو انهيءَ زندگيءَ جي واعدي موجب، جيڪا مسيح يسوع ۾ آهي، ۽ خدا جي مرضيءَ سان مسيح يسوع جو رسول آهي، تنهن جي طرفان،</verse>
				<verse number="2">تيمٿيس ڏانهن، جو منهنجو پيارو فرزند آهي، خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند مسيح يسوع جي طرفان فضل ۽ رحم ۽ اطمينان توکي حاصل ٿيندو رهي.</verse>
				<verse number="3">آئون خدا جو شڪر ٿو ڪريان، جنهن جي عبادت آئون صاف دل سان پنهنجن ابن ڏاڏن کان وٺي ڪندو اچان، تہ رات ڏينهن پنهنجين دعائن ۾ آئون توکي لڳاتار ياد ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="4">۽ تنهنجا ڳوڙها ياد ڪري تنهنجي ڏسڻ لاءِ سِڪايل ٿو رهان، انهي لاءِ تہ خوشيءَ ۾ ڀرجي وڃان.</verse>
				<verse number="5">جيڪو بي ريا ايمان تو ۾ آهي، سو مون کي ياد آهي، ۽ اُهو پهريائين تنهنجي ناني لوئس ۽ تنهنجي ماءُ يونيڪيءَ ۾ هو؛ ۽ مون کي يقين آهي تہ تو ۾ بہ آهي.</verse>
				<verse number="6">انهي سبب ڪري آئون توکي ياد ٿو ڏياريان، تہ تون خدا جي انهيءَ بخشش کي وري چمڪاءِ، جا منهنجن هٿن رکڻ ڪري توکي مليل آهي.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو خدا اسان کي ڊپ جو روح ڪونہ ڏنو آهي، پر قدرت ۽ محبت ۽ ضابطي جو روح ڏنو اٿس.</verse>
				<verse number="8">تنهنڪري اسان جي خداوند جي شاهدي ڏيڻ کان، توڙي مون کان جو سندس قيدي آهيان، شرم نہ ڪر؛ پر خدا جي قدرت موجب، خوشخبريءَ جي لاءِ مون سان گڏ ڏک سهہ.</verse>
				<verse number="9">جنهن اسان کي نجات ڏني ۽ پاڪ سڏ سان سڏيو، نہ اسانجن ڪمن موجب، پر پنهنجي خاص ارادي ۽ فضل موجب، جو فضل هن مسيح يسوع ۾ ازل کان اسان تي نازل ڪيو،</verse>
				<verse number="10">۽ جو هاڻي اسان جي نجات ڏيندڙ مسيح يسوع جي ظاهر ٿيڻ ڪري پڌرو ڪيو ويو، جنهن موت کي نيست ڪري، ۽ انجيل جي وسيلي حياتيءَ ۽ بقا کي روشن ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ انهيءَ انجيل جو آئون منادي ڪندڙ ۽ رسول ۽ تعليم ڏيندڙ مقرر ٿيو آهيان،</verse>
				<verse number="12">۽ انهي سبب ڪري آئون هي ڏک بہ ٿو سهان. تڏهن بہ آئون شرمايان نٿو، ڇالاءِ جو جنهن تي منهنجو ايمان آهي، تنهن کي آئون سڃاڻان ٿو، ۽ مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو انهي ڏينهن تائين سنڀال ڪري ٿو سگهي.</verse>
				<verse number="13">جيڪي صحيح ڳالهيون تو مون کان ٻُڌيون، تن جو نمونو انهي ايمان ۽ محبت سان دل ۾ رکج، جو مسيح يسوع ۾ آهي.</verse>
				<verse number="14">پاڪ روح جي وسيلي، جو اسان ۾ آهي، انهيءَ چڱيءَ امانت جي حفاظت ڪر.</verse>
				<verse number="15">توکي اها خبر آهي تہ آسيہ جا سڀيئي ماڻهو مون کان ڦري ويا آهن؛ جن مان فوگلس ۽ هرموگنيس آهن.</verse>
				<verse number="16">خداوند انيسفرس جي گهراڻي تي رحم ڪري: ڇالاءِ جو هن گهڻا ڀيرا مون کي تازو توانو ڪيو، ۽ منهنجي قيد جي ڪري شرمندو نہ ٿيو؛</verse>
				<verse number="17">۽ جڏهن هو روم ۾ هو، تڏهن ڪوشش سان ڳولا ڪري مون کي لڌائين،</verse>
				<verse number="18">(شل خداوند هن کي اهو بخشي تہ انهي ڏينهن کيس خدا جو رحم حاصل ٿئي؛) ۽ جيڪي خدمتون هن افسس ۾ ڪيون، سي تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">تنهنڪري اي منهنجا فرزند، جيڪو فضل مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن ۾ تون زور وارو ٿيءُ.</verse>
				<verse number="2">۽ جيڪي ڳالهيون گهڻن شاهدن جي اڳيان تو مون کان ٻُڌيون آهن، سي ٻين ايمان وارن ماڻهن جي سپرد ڪر، جي وري ٻين کي بہ سيکاري سگهن.</verse>
				<verse number="3">مسيح يسوع جي چڱي سپاهيءَ وانگر مون سان گڏ سختي سهہ.</verse>
				<verse number="4">ڪوبہ سپاهي ڀرتي ٿيڻ کانپوءِ پاڻ کي دنيا جي معاملن ۾ نٿو ڦاسائي؛ انهي لاءِ تہ جنهن کيس مقرر ڪيو آهي، تنهن کي خوش ڪري.</verse>
				<verse number="5">۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو شرط ۾ مقابلو ٿو ڪري تہ اهو بہ جيسين قاعدي موجب نٿو هلي، تيسين انعام نٿو مليس.</verse>
				<verse number="6">هاري بہ جيڪو پورهيو ڪري ٿو، تنهن کي سڀ کان اڳي پيدائش مان حصو ملڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="7">جيڪي آئون چوان ٿو، تنهن تي غور ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند توکي سڀني ڳالهين جي سمجهہ ڏيندو.</verse>
				<verse number="8">يسوع مسيح کي ياد ڪندو رهہ، جو مُئلن مان جي اُٿيو، ۽ دائود جي نسل مان آهي، جنهن جي مون خوشخبري ٻُڌائي،</verse>
				<verse number="9">۽ جنهن جي ڪري آئون سختي ٿو سهان، بلڪ ايتري قدر، جو هڪ بدڪار وانگر قيد ۾ پيل آهيان؛ پر خدا جو ڪلام قيد نہ آهي.</verse>
				<verse number="10">تنهنڪري آئون چونڊيلن جي خاطر سڀ ڪجهہ ٿو سهان، انهي لاءِ تہ جيڪا نجات مسيح يسوع ۾ آهي، سا هو بہ ابدي جلال سان حاصل ڪن.</verse>
				<verse number="11">اها ڳالهہ سچي آهي، تہ جيڪڏهن اسين هن سان گڏ مُئاسين تہ وري هن سان گڏ جيئرا بہ ٿينداسين:</verse>
				<verse number="12">جيڪڏهن اسين ڏک سهنداسين تہ هن سان گڏ بادشاهي بہ ڪنداسين؛ جيڪڏهن اسين سندس انڪار ڪنداسين تہ هو بہ اسان جو انڪار ڪندو؛</verse>
				<verse number="13">جيڪڏهن اسين بي وفا ٿينداسين، تہ بہ هو وفادار رهندو، ڇالاءِ جو هو ڪڏهن بدلجڻ وارو ناهي.</verse>
				<verse number="14">اهي ڳالهيون کين ياد ڏيار، ۽ خداوند جي اڳيان کين تاڪيد ڪر تہ هو لفظن بابت بحث نہ ڪن، ڇو جو انهي مان ڪجهہ بہ حاصل نٿو ٿئي، بلڪ جيڪي ٻُڌن ٿا سي بگڙيو پون.</verse>
				<verse number="15">ڪوشش ڪري پاڻ کي خدا وٽ مقبول، ۽ اهڙي ڪم ڪندڙ وانگر پيش ڪر، جو درستيءَ سان حق جو ڪلام استعمال ٿو ڪري، تان تہ شرمندو نہ ٿئي.</verse>
				<verse number="16">پر اجائي بَڪ بَڪ کان پاسو ڪر: ڇالاءِ جو اهڙا ماڻهو بي دينيءَ ۾ وڌندا ويندا،</verse>
				<verse number="17">۽ انهن جي تعليم ناسور وانگر کائيندي ويندي؛ انهن مان همنيوس ۽ فليتس آهن؛</verse>
				<verse number="18">اُهي ماڻهو سچ کان گمراهہ ٿي ويا آهن، جو چون ٿا تہ قيامت اڳيئي ٿي چڪي آهي، ۽ ڪن جو ايمان بگاڙين ٿا.</verse>
				<verse number="19">تنهن هوندي بہ خدا جو مضبوط بنياد قائم آهي، ۽ انهي تي اها مهر لڳل آهي تہ ”جيڪي خداوند جا آهن، تن کي هو سڃاڻي ٿو؛“ ۽ ”جيڪو خداوند جو نالو ٿو وٺي، تنهن کي ناراستيءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.“</verse>
				<verse number="20">هاڻي ڪنهن وڏي گهر ۾ نہ رڳو سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ ٿا ٿين؛ پر ڪاٺ ۽ ٺڪر جا بہ ٿين ٿا؛ ۽ ڪي اعليٰ ڪمن جي لاءِ آهن ۽ ڪي ذليل ڪمن جي لاءِ.</verse>
				<verse number="21">تنهنڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي ذليل ڪمن کان پاڪ ٿو رکي تہ عزت جو ٿانءُ ۽ پاڪ ٿيندو، ۽ ڌڻيءَ جي ڪم جو لائق ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم جي لاءِ تيار ٿيندو.</verse>
				<verse number="22">پر جوانيءَ جي خواهشن کان پري ڀڄ، ۽ جيڪي پاڪ دل سان خداوند کي ٿا پڪارين، تن سان گڏ راستبازيءَ، ايمان، محبت ۽ صلح جو طالب ٿيءُ.</verse>
				<verse number="23">پر بيوَقوفيءَ ۽ نادانيءَ جي حجتن کان پاسو ڪر، جو تون ڄاڻين ٿو تہ انهن مان جهيڙا جهڳڙا پيدا ٿا ٿين.</verse>
				<verse number="24">۽ خداوند جي بندي کي جهيڙو ڪرڻ مناسب نہ آهي، پر گهرجي تہ سڀني سان نرمي ڪري، ۽ تعليم ڏيڻ جو لائق ۽ بردبار هجي،</verse>
				<verse number="25">۽ جيڪي مخالف آهن تن کي حلم سان سمجهائي، شايد خدا انهن کي توبهہ جي توفيق بخشي تہ هو سچ کي سڃاڻن،</verse>
				<verse number="26">۽ جن کي شيطان پنهنجي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ ڦندي ۾ ڦاسايو آهي، تن کي سمجهہ اچي ۽ پاڻ کي انهي ڦندي مان ڇڏائين.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">پر هي ڄاڻ تہ آخري زماني ۾ ڏکيا ڏينهن ايندا.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو ماڻهو خود مطلبي، زردوست، ٻٽاڪي، مغرور، گلاخور، ماءُ پيءُ جا نافرمان، بي شڪرا، ناپاڪ،</verse>
				<verse number="3">طبعي محبت کان خالي، سنگدل، ڪوڙي تهمت آڻيندڙ، بدپرهيز، وحشي، نيڪيءَ جا دشمن،</verse>
				<verse number="4">دغاباز، ضدي، وڏائي خور؛ خدا کان وڌيڪ عيش عشرت کي پسند ڪرڻ وارا،</verse>
				<verse number="5">دينداريءَ جو ظاهري نمونو رکندڙ، پر انهي جي اثر کان خالي ٿيندا. اهڙن کان بہ پاسو ڪج.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو اهڙن ئي منجهان اُهي ماڻهو آهن، جي گهرن ۾ لڪ چوريءَ گهڙي، ڪن ڀورڙين زالن کي، جيڪي گناهہ سان ڀريل ۽ ڪيترين نفساني خواهشن جي ڪري گمراهہ ٿيل آهن، تن کي پنهنجي چنبي ۾ ٿا آڻين،</verse>
				<verse number="7">جي هميشہ تعليم پيون وٺن، پر ڪڏهن بہ سچ جي سڃاڻپ تائين پهچي نہ ٿيون سگهن.</verse>
				<verse number="8">۽ جهڙيءَ طرح ينيس ۽ يمبريس موسيٰ جي سامهون ٿيا هئا، تهڙيءَ طرح هي ماڻهو بہ سچ جي مخالفت ٿا ڪن؛ اهي اهڙا ماڻهو آهن جن جو عقل بگڙيل آهي ۽ ڪوڙي ايمان جي ڪري رد ٿيل آهن،</verse>
				<verse number="9">پر هو اڳتي وڌي ڪين سگهندا: ڇالاءِ جو سندن بي عقلي سڀني ماڻهن تي ظاهر ٿيندي؛ جيئن هنن جي بہ ٿي هئي.</verse>
				<verse number="10">پر تو منهنجي تعليم، هلت چلت، ارادو، ايمان، تحمل، محبت، صبر،</verse>
				<verse number="11">مصيبت، عذاب ۽ اُهي ڏک جي انطاڪيہ ۽ اڪونيم ۽ لسترہ ۾ مون تي پيا، ۽ جي مون سَٺا، سي ڏٺا آهن؛ ۽ انهن سڀني مان خدا مون کي ڇڏايو.</verse>
				<verse number="12">هائو، ۽ اُهي سڀ جي مسيح يسوع ۾ ديندار ٿي رهڻ ٿا گهُرن، سي ستايا ويندا.</verse>
				<verse number="13">پر جيڪي بدڪار ۽ ٺڳ آهن، سي ٻين کي ٺڳي، ۽ پاڻ بہ ٺڳجي زيادہ خراب ٿيندا ويندا.</verse>
				<verse number="14">پر جيڪي ڳالهيون تون سِکيو آهين ۽ جن جو توکي يقين آهي، تن تي قائم رهہ، ۽ اهو ياد رک تہ اُهي تو ڪهڙن ماڻهن کان سِکيون آهن؛</verse>
				<verse number="15">۽ تون ننڍپڻ کان انهن پاڪ لکيتن کان واقف آهين، جي توکي مسيح يسوع تي ايمان آڻڻ سان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ دانائي بخشي ٿيون سگهن.</verse>
				<verse number="16">هرڪا لکيت، جا خدا جي الهام سان آهي سا تعليم، ۽ ڏوراپي، ۽ سڌاري، ۽ راستبازيءَ جي سيکارڻ لاءِ فائدي واري آهي؛</verse>
				<verse number="17">انهي لاءِ تہ خدا جو بندو ڪامل ٿئي، ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم لاءِ پوريءَ طرح تيار رهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">آئون خدا، ۽ يسوع مسيح جي اڳيان توکي تاڪيد ٿو ڪريان جو جيئرن ۽ مُئلن جي عدالت ڪندو، ۽ سندس ظهور ۽ سندس بادشاهت جي يادگيري ڏياري ٿو چوان؛</verse>
				<verse number="2">تہ تون ڪلام جي منادي ڪر، وقت بي وقت تيار رهہ؛ هر طرح جي تحمل ۽ تعليم سان سمجهائي، ملامت ۽ نصيحت سان قائل ڪر.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو اهڙو وقت ايندو، جڏهن ماڻهو صحيح تعليم جي برداشت نہ ڪندا؛ پر ڪَنن جي خارش ڪري پنهنجين خواهشن موجب پنهنجي لاءِ گهڻا ئي اُستاد آڻي گڏ ڪندا،</verse>
				<verse number="4">۽ پنهنجا ڪَن حق کان ڦيرائيندا ۽ آکاڻين ڏانهن نيندا.</verse>
				<verse number="5">پر تون سڀني ڳالهين ۾ هوشيار رهہ، سختي سهہ، بشارت جو ڪم ڪر، ۽ پنهنجي خدمت پوري ڪر.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو هاڻي آئون قربان ٿيڻ تي آهيان، ۽ منهنجي لاڏاڻي جو وقت اچي پهتو آهي.</verse>
				<verse number="7">آئون چڱي ڪُشتي وڙهيو آهيان، مون پنهنجو دور آڻي پورو ڪيو آهي، آئون پنهنجي ايمان تي قائم رهيو آهيان؛</verse>
				<verse number="8">هن کان پوءِ منهنجي لاءِ راستبازيءَ جو تاج تيار رکيو آهي، جو عادل منصف يعني خداوند انهي ڏينهن مون کي ڏيندو: ۽ نہ رڳو مون کي پر انهن سڀني کي جي سندس ظهور جا مشتاق آهن.</verse>
				<verse number="9">ڪوشش ڪري مون وٽ جلد اچ؛</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو ديماس هن دنيا کي پسند ڪري مون کي ڇڏي ويو ۽ ٿسلونيڪيءَ ڏانهن هليو ويو؛ ڪريسڪينس گلتيہ ڏانهن، ۽ طيطس دلمتيہ ڏانهن هليو ويو.</verse>
				<verse number="11">رڳو لوقا مون وٽ آهي. مرقس کي پاڻ سان وٺيو اچج: ڇالاءِ جو خدمت جي ڪم ۾ هو مون کي ڪمائتو آهي.</verse>
				<verse number="12">پر تخڪس کي مون افسس ڏانهن موڪليو آهي.</verse>
				<verse number="13">جيڪو چوغو مون تروآس ۾ ڪرپس وٽ ڇڏيو هو، سو جڏهن تون اچين، تڏهن کڻي اچج، ۽ ڪتاب بہ، خاص ڪري چم جا ورق.</verse>
				<verse number="14">سڪندر ٺاٺاري مون سان ڏاڍي بڇڙائي ڪئي: خدا هن کي بدلو ڏيندو؛</verse>
				<verse number="15">تون بہ انهي کان خبردار رهہ، ڇالاءِ جو هن اسان جي ڳالهين جي گهڻي مخالفت ڪئي.</verse>
				<verse number="16">منهنجي پهرئين ڏنل بچاءَ ۾ ڪنهن بہ منهنجو طرف نہ ورتو، پر سڀني مون کي ڇڏي ڏنو؛ شل کين انهي جو حساب ڏيڻو نہ پوي.</verse>
				<verse number="17">پر خداوند منهنجو مددگار هو، ۽ مون کي سگهہ ڏنائين، انهي لاءِ تہ منهنجي معرفت ڪلام جي پوريءَ طرح پڌرائي ٿئي، ۽ سڀ غير قومون ٻُڌن: ۽ آئون شينهن جي وات مان ڇڏايو ويس.</verse>
				<verse number="18">خداوند مون کي سڀ ڪنهن خراب ڪم کان ڇڏائيندو، ۽ مون کي پنهنجي آسماني بادشاهت ۾ صحيح سلامت پهچائيندو؛ انهي جو جلال شل هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين.</verse>
				<verse number="19">پرسڪا ۽ اڪولہ ۽ انيسفرس جي گهراڻي کي سلام ڏج.</verse>
				<verse number="20">اراستس ڪرنٿس ۾ رهيو: پر تروفيمس کي مون مليتس ۾ بيمار ڇڏيو.</verse>
				<verse number="21">ڪوشش ڪري سياري کان اڳي اچج. يوبولس ۽ پودينس ۽ لينس ۽ ڪلوديس ۽ ٻيا سڀ ڀائر بہ توکي سلام ٿا چون.</verse>
				<verse number="22">شل خداوند تنهنجي روح سان هجي ۽ تو تي فضل ٿيندو رهي.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="56">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">پولس، جو خدا جو بندو ۽ يسوع مسيح جو رسول آهي، تنهن جي طرفان خدا جي چونڊيلن جي ايمان ۽ اُنهي حق جي سياڻپ موجب، جا دينداريءَ موافق آهي،</verse>
				<verse number="2">هميشہ جي زندگيءَ جي اُميد تي، جنهن جو واعدو خدا ازل کان ڪيو آهي، ۽ خدا ڪوڙ ڳالهائي نٿو سگهي،</verse>
				<verse number="3">پر هن مناسب وقتن تي پنهنجي ڪلام کي انهي پيغام ۾ ظاهر ڪيو، جي اسان جي نجات ڏيندڙ خدا جي حڪم موجب، منهنجي حوالي ڪيو ويو؛</verse>
				<verse number="4">اسان جي ايمان جي شراڪت موجب منهنجي سچي فرزند طيطس ڏانهن: خدا پيءُ ۽ اسان جي نجات ڏيندڙ مسيح يسوع جو فضل ۽ اطمينان تو تي ٿيندو رهي.</verse>
				<verse number="5">مون تو کي ڪريتي ۾ انهي لاءِ ڇڏيو تہ جيڪي ڳالهيون باقي رهيون آهن، سي تون درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون توکي حڪم ڏنو هو، تيئن هر ڪنهن شهر ۾ اهڙا بزرگ مقرر ڪرين،</verse>
				<verse number="6">جي بي الزام هجن، ۽ هڪڙي ئي زال هجينِ، ۽ سندن ٻار ايمان وارا هجن، ۽ مٿن بدچاليءَ يا سرڪشيءَ جي تهمت نہ آيل هجي.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو نگهبان (بشپ) جو خدا جو خدمتگار آهي، سو بي الزام هئڻ گهرجي، نہ خود راءِ، نہ چيڙاڪ، نہ نشي ۾ جهيڙا ڪندڙ، نہ مارڪٽ ڪندڙ، نہ ناجائز نفعي جو لالچي؛</verse>
				<verse number="8">پر مهمان نواز، نيڪيءَ جو طالب، سالم دل وارو، منصف مزاج، پاڪ، پرهيزگار؛</verse>
				<verse number="9">۽ ايمان جو ڪلام، جو تعليم موجب آهي، تنهن تي قائم هجي، انهي لاءِ تہ صحيح تعليم سان نصيحت ڪري ۽ مخالفن کي قائل ڪري سگهي.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو گهڻا ماڻهو سرڪش، اجائي بَڪ ڪندڙ ۽ دغاباز آهن، خاص ڪري مختونن مان،</verse>
				<verse number="11">جن جا وات بند ڪرڻ گهرجن؛ اهڙا ماڻهو جي ناجائز نفعي جي خاطر جيڪي ڳالهيون سيکارڻ نہ گهرجن سي سيکاري، گهرن جا گهر ڦٽائي ٿا ڇڏين.</verse>
				<verse number="12">انهن مان هڪڙو، جو سندن نبي هو، تنهن چيو آهي تہ ڪريتي جا ماڻهو هميشہ ڪوڙا، جهنگلي جانورن جهڙا ۽ سست پيٽوري آهن.</verse>
				<verse number="13">اِها شاهدي سچي آهي. انهي ڪري انهن جي سخت ملامت ڪندو رهہ، تان تہ سندن ايمان درست ٿئي،</verse>
				<verse number="14">۽ يهودين جي آکاڻين ۽ گمراهہ ٿيل ماڻهن جي حڪمن تي ڌيان نہ ڏين.</verse>
				<verse number="15">پاڪ ماڻهن لاءِ سڀ شيون پاڪ آهن: پر جيڪي پليت ۽ بي دين آهن، تن جي لاءِ ڪجهہ بہ پاڪ نہ آهي؛ پر انهن جو عقل توڙي دل ٻئي ناپاڪ آهن.</verse>
				<verse number="16">هو چون ٿا تہ اسان کي خدا جي پروڙ آهي؛ پر پنهنجن ڪمن سان هو انهي جو انڪار ٿا ڪن، جو هو نفرتي ۽ نافرمان آهن، ۽ ڪنهن بہ نيڪ ڪم ڪرڻ جا لائق نہ آهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">پر تون انهن ڳالهين جو بيان ڪج، جي صحيح تعليم موجب آهن:</verse>
				<verse number="2">يعني تہ پير مرد پرهيزگار، سنجيدا ۽ سالم دل هجن، ۽ اهي ايمان ۽ محبت ۽ صبر ۾ قائم هجن.</verse>
				<verse number="3">ساڳيءَ طرح پيرسن زالون بہ هلت چلت ۾ پاڪ ٿيلن وانگر هجن، نہ گلا غيبت ڪندڙ، نہ شراب جي عادت واريون، پر چڱيون ڳالهيون سيکارڻ واريون هجن؛</verse>
				<verse number="4">انهي لاءِ تہ اُهي جوان زالن کي سيکارين تہ پنهنجن مڙسن ۽ پنهنجن ٻارن کي پيار ڪن،</verse>
				<verse number="5">سالم دل، پاڪ دامن، گهر جو ڪم ڪار ڪندڙ ۽ مهربان، ۽ پنهنجن مڙسن جون تابعدار هجن، تہ خدا جو ڪلام بدنام نہ ٿئي.</verse>
				<verse number="6">جوان ماڻهن کي بہ ساڳيءَ طرح سالم دل رهڻ لاءِ نصيحت ڪج.</verse>
				<verse number="7">سڀني ڳالهين ۾ پاڻ کي چڱن ڪمن جو نمونو ڪري ڏيکار؛ پنهنجي تعليم ۽ صفائي ۽ سنجيدگي ڏيکاريندو رهہ.</verse>
				<verse number="8">۽ اهڙي صحيح تعليم ڏي، جا ملامت جوڳي نہ هجي؛ تان تہ مخالف ڌر شرمندي ٿئي، ۽ اسان جي برخلاف ڪابہ ڳالهہ ڪري نہ سگهي.</verse>
				<verse number="9">نوڪرن کي نصيحت ڪر تہ پنهنجن مالڪن جا تابعدار ٿي گذارين، ۽ سڀني ڳالهين ۾ انهن کي خوش رکن، انهن جي حڪمن جي انحرافي نہ ڪن؛</verse>
				<verse number="10">چوري چڪاري نہ ڪن، پر هر طرح جي ايمانداري ڏيکارين؛ انهي لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ اسان جي نجات ڏيندڙ خدا جي تعليم کي رونق ملي.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو خدا جو فضل ظاهر ٿيو آهي، ۽ اهو سڀني ماڻهن لاءِ نجات ڏيندڙ آهي؛</verse>
				<verse number="12">۽ اسان کي بہ سيکاري ٿو تہ بي دينيءَ ۽ دنيوي خواهشن کي ترڪ ڪري، هن موجودہ جهان ۾ پرهيزگاريءَ ۽ راستبازيءَ ۽ دينداريءَ سان زندگي گذاريون.</verse>
				<verse number="13">۽ انهيءَ مبارڪ اُميد جي، يعني پنهنجي عظيم خدا ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي جلال جي ظاهر ٿيڻ جي انتظار ۾ رهون؛</verse>
				<verse number="14">جنهن پاڻ کي اسان جي واسطي قربان ڪيو تہ اسان کي هر قسم جي بي دينيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي خاص ملڪيت لاءِ هڪڙي اهڙي اُمت بنائي، جا نيڪ ڪمن ۾ سرگرم هجي.</verse>
				<verse number="15">تون پوريءَ اختياريءَ سان انهن ڳالهين جو بيان ڪج ۽ نصيحت ڪج، ۽ ملامت ڪج؛ ۽ ڪوبہ ماڻهو تنهنجي حقارت نہ ڪري.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">انهن کي ياد ڏيار تہ حاڪمن ۽ اختياريءَ وارن جا تابعدار رهن ۽ سندن حڪم مڃين، ۽ هر ڪنهن نيڪ ڪم لاءِ تيار رهن،</verse>
				<verse number="2">ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي بدگوئي نہ ڪن، جهيڙاڪ نہ ٿين، بلڪ نرم طبيعت ٿين، ۽ سڀني ماڻهن سان پوريءَ حليمائيءَ سان هلن.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو اسين بہ اڳي بي عقل، نافرمان، گمراهہ، قسم قسم جي نفساني خواهشن ۽ عشرتن جا غلام هئاسين، ۽ بدخواهي ۽ حسد ۾ گذاريندا هئاسين. ۽ نفرت جا لائق هئاسين، ۽ هڪ ٻئي سان بہ نفرت ٿي ڪئي سين.</verse>
				<verse number="4">پر جڏهن اسان جي نجات ڏيندڙ خدا جي مهرباني، ۽ اسان جي لاءِ سندس محبت ظاهر ٿي،</verse>
				<verse number="5">تڏهن هن اسان کي نجات ڏني، نہ اسان جي راستبازيءَ جي ڪمن ڪري، پر پنهنجي رحم موجب نئين پيدائش جي غسل، ۽ پاڪ روح جي وسيلي، جو اسان کي نئين سر پيدا ٿو ڪري،</verse>
				<verse number="6">جو هن اسان جي نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي معرفت اسان تي افراط سان نازل ڪيو؛</verse>
				<verse number="7">انهي لاءِ تہ اسين سندس فضل جي ڪري راستباز ٺهرايا وڃون، ۽ اُميد سان هميشہ جي زندگيءَ جا وارث ٿيون.</verse>
				<verse number="8">اها ڳالهہ سچي آهي، ۽ منهنجي مرضي آهي تہ تون انهن ڳالهين تي زور ڏي، انهي لاءِ تہ جن خدا تي ايمان آندو آهي، سي چڱن ڪمن ۾ مشغول رهڻ جو خيال رکن. اهي ڳالهيون ماڻهن جي لاءِ چڱيون ۽ فائديمند آهن.</verse>
				<verse number="9">پر بيوَقوفيءَ جي حجتن ۽ نسب نامن، ۽ جهيڙن جهڳڙن، ۽ شريعت بابت تڪرار کان پاسو ڪر؛ ڇالاءِ جو اهي بي فائدا ۽ اجايا آهن.</verse>
				<verse number="10">جيڪو ماڻهو پهرينءَ ۽ ٻيءَ نصيحت کانپوءِ بہ بدعتي رهي، تنهن کان پاسو ڪر؛</verse>
				<verse number="11">۽ ڄاڻ تہ اهڙو ماڻهو گمراهہ ٿيل ۽ گنهگار آهي، ۽ پاڻ کي ڏوهي ٿو ٺهرائي.</verse>
				<verse number="12">جڏهن ارتماس يا تخڪس کي آئون تو وٽ موڪليان، تڏهن تون سعيو ڪري نڪوپلس ۾ مون وٽ اچج؛ جو مون ارادو ڪيو آهي تہ سيارو اتي گذاريان.</verse>
				<verse number="13">زيناس، شريعت جي عالم ۽ اپلوس کي اهڙي بندوبست سان روانو ڪج، جيئن هنن کي ڪنهن بہ شيءِ جي گهُرج نہ ٿئي.</verse>
				<verse number="14">اسانجن ماڻهن کي بہ گهرجي تہ ضرورتن جي رفع ڪرڻ ۾ مدد ڪن ۽ چڱن ڪمن ۾ مشغول رهڻ سکن تہ بي ڦل نہ رهن.</verse>
				<verse number="15">جيڪي مون سان آهن، سي توکي سلام ٿا ڏين. جيڪي ايماندار اسان کي پيار ٿا ڪن، تن کي سلام ڏج. شل اوهان سڀني تي فضل ٿيندو رهي.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="57">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">پولس، جو مسيح يسوع جي خاطر قيدي آهي، تنهنجي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان اسان جي پياري ۽ هم خدمت فليمون ڏانهن،</verse>
				<verse number="2">۽ اسان جي ڀيڻ افيہ، ۽ اسان وانگر مسيح جي سپاهي ارخپس، ۽ انهيءَ ڪليسيا ڏانهن، جا تنهنجي گهر ۾ گڏ ٿيندي آهي؛</verse>
				<verse number="3">اسان جي خدا پيءُ ۽ خداوند يسوع مسيح جو فضل ۽ اطمينان اوهان تي ٿيندو رهي.</verse>
				<verse number="4">آئون توکي پنهنجين دعائن ۾ ياد ڪري هميشہ خدا جو شڪر ٿو ڪريان،</verse>
				<verse number="5">جو تنهنجي ايمان ۽ محبت بابت ٻُڌو اٿم، جو خداوند يسوع ۽ سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن آهي،</verse>
				<verse number="6">۽ منهنجي دعا آهي تہ خدا تنهنجي ايمان جي شراڪت ۽ اوهان جي مسيح ۾ جيڪا نيڪيءَ جي سمجهہ آهي سا وڌائي.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو مون کي تنهنجي محبت جي ڪري گهڻي خوشي ۽ تسلي ٿي آهي: اي ادا، تنهنجي ڪري ئي پاڪ ٿيلن جون دليون تازيون ٿيون آهن.</verse>
				<verse number="8">انهي ڪري، جيتوڻيڪ مون کي مسيح ۾ هر طرح جي دليري آهي تہ توکي مناسب حڪم ڏيان،</verse>
				<verse number="9">تڏهن بہ محبت جي ڪري مون کي اها ڳالهہ پسند آهي تہ آئون پيرسن پولس، جو مسيح يسوع جو قيدي آهيان، توکي عرض ڪريان؛</verse>
				<verse number="10">يعني توکي پنهنجي ٻار انيسمس بابت عرض ڪريان، جو قيد ۾ منهنجو فرزند بڻيو آهي.</verse>
				<verse number="11">هو اڳي تہ تنهنجي ڪنهن بہ ڪم جو ڪين هو، پر هاڻي تنهنجي توڙي منهنجي ٻنهي جي ڪم جو آهي.</verse>
				<verse number="12">انهي کي، يعني خود پنهنجي جگر جي ٽڪري کي، آئون تو ڏانهن موٽائي ٿو موڪليان.</verse>
				<verse number="13">آئون جيڪر خوشيءَ سان هن کي پاڻ وٽ رکان ها، تہ تنهنجي پاران هن قيد ۾، جو انجيل جي ڪري آهي، هو منهنجي خدمت ڪري.</verse>
				<verse number="14">پر تنهنجي مرضيءَ کانسواءِ مون ڪي بہ ڪرڻ ڪين گهُريو؛ انهي لاءِ تہ تنهنجي نيڪي ڪنهن بہ صورت ۾ لاچاريءَ سان نہ ٿئي، پر خوشيءَ سان ٿئي.</verse>
				<verse number="15">شايد انهي ڪري هو توکان ٿوري وقت لاءِ ڌار ٿيو تہ پوءِ هو هميشہ لاءِ تو وٽ رهي؛</verse>
				<verse number="16">نہ غلام وانگر پر غلام کان بهتر يعني پياري ڀاءُ وانگر. هو جسماني طور ۽ روحاني طور مون کي پيارو آهي، ۽ توکي تہ انهي کان بہ وڌيڪ.</verse>
				<verse number="17">تنهنڪري جيڪڏهن تون مون کي شريڪ ٿو سمجهين، تہ هن کي ائين قبول ڪج جيئن مون کي.</verse>
				<verse number="18">جيڪڏهن هن توکي ڪو نقصان پهچايو آهي، يا توکي ڪي ڏيڻو اٿس، تہ اُهو منهنجي ليکي لکي ڇڏج.</verse>
				<verse number="19">آئون پولس پنهنجي هٿ سان ٿو لکان تہ اُهو آئون پاڻ ڀري ڏيندس: ائين چوڻ جو ضرور ئي ڪونهي تہ جيڪو منهنجو لهڻو تو تي آهي سو تون پاڻ آهين.</verse>
				<verse number="20">هائو ادا، شل مون کي تنهنجي ڪري خداوند ۾ خوشي حاصل ٿئي: مسيح ۾ منهنجي دل کي تازو ڪر.</verse>
				<verse number="21">مون کي تنهنجي فرمانبرداريءَ جي پڪ آهي ۽ اها خبر اٿم تہ جيڪي آئون چوان ٿو، تنهن کان بہ تون وڌيڪ ڪندين، تنهنڪري آئون تو ڏانهن ٿو لکان.</verse>
				<verse number="22">انهي کانسواءِ منهنجي رهڻ لاءِ جاءِ بہ تيار ڪري ڇڏج: جو آئون اُميد ٿو ڪريان تہ اوهانجين دعائن جي وسيلي آئون اوهان کي بخشيو ويندس.</verse>
				<verse number="23">اپفراس جو مون سان گڏ مسيح يسوع ۾ قيدي آهي،</verse>
				<verse number="24">۽ مرقس ۽ ارسترخس ۽ ديماس، ۽ لوقا، جي منهنجا هم خدمت آهن، سي توکي سلام ٿا ڏين.</verse>
				<verse number="25">اسان جي خداوند يسوع مسيح جو فضل شل اوهان جي روح تي نازل ٿيندو رهي. آمين.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="58">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">قديم زماني ۾ خدا ابن ڏاڏن سان نبين جي معرفت، ڪيترائي ڀيرا ۽ ڪيترن ئي نمونن سان ڪلام ڪيو،</verse>
				<verse number="2">۽ هاڻي هن زماني جي پڇاڙيءَ ۾ اسان سان فرزند جي معرفت ڪلام ڪيو اٿس، جنهن کي هن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو، ۽ جنهن جي وسيلي هن جهان بہ پيدا ڪيا؛</verse>
				<verse number="3">هو سندس جلال جو جلوو ۽ خود سندس ذات جو نقش ٿي، سڀني شين کي پنهنجي قدرت جي ڪلام سان سنڀالي ٿو، ۽ گناهن کي ڌوئي صاف ڪري، قادر مطلق جي ساڄي پاسي بالا عالم ۾ وڃي ويٺو؛</verse>
				<verse number="4">۽ هن کي ملائڪن کان جيتري قدر وڏو نالو ورثي ۾ مليو آهي، اوتري قدر هو کانئن اعليٰ ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو هن ملائڪن مان ڪڏهن ڪنهن کي چيو تہ ”تون منهنجو فرزند آهين، اڄ تون مون کان پيدا ٿئين؟“ ۽ وري ”آئون هن جو پيءُ ٿيندس ۽ هو منهنجو فرزند ٿيندو؟“</verse>
				<verse number="6">۽ جڏهن وري هو پهريتو پٽ دنيا ۾ آڻي ٿو، تڏهن چوي ٿو تہ ”خدا جا سڀ ملائڪ انهي کي سجدو ڪن.“</verse>
				<verse number="7">۽ ملائڪن بابت هو چوي ٿو تہ ”هو پنهنجن ملائڪن کي هوائون ڪري ٿو ۽ پنهنجن خادمن کي باهہ جو شعلو ٿو بڻائي.“</verse>
				<verse number="8">مگر فرزند جي بابت چوي ٿو تہ ”اي خدا، تنهنجو تخت هميشہ تائين قائم آهي ۽ تنهنجي بادشاهت جو عصو سچائيءَ جو عصو آهي.</verse>
				<verse number="9">تو راستبازيءَ سان محبت ۽ بديءَ سان عداوت رکي؛ تنهنڪري خدا، يعني تنهنجي خدا، توکي خوشيءَ جي تيل سان تنهنجن سنگتين کان وڌيڪ مسح ڪيو.“</verse>
				<verse number="10">۽ ”اي خداوند، تو شروع ۾ زمين جو بنياد وڌو؛ ۽ آسمان تنهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن:</verse>
				<verse number="11">اُهي نيست ٿي ويندا؛ پر تون قائم رهندين؛ ۽ هو سڀ پوشاڪ وانگر پراڻا ٿي ويندا؛</verse>
				<verse number="12">۽ تون انهن کي چادر وانگر ويڙهي ڇڏيندين، ۽ اُهي پوشاڪ وانگر بدلجي ويندا: پر تون اُهوئي ساڳيو آهين ۽ تنهنجا سال کُٽڻ جا ناهن.“</verse>
				<verse number="13">پر ملائڪن مان ڪنهن کي ڪڏهن هن چيو آهي تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيسين ڪ آئون تنهنجن دشمنن کي تنهنجن پيرن جي صندلي ڪريان؟“</verse>
				<verse number="14">هو سڀ خدمت ڪندڙ روح نہ آهن ڇا، جي اُنهن جي خدمت ڪرڻ واسطي موڪليا ٿا وڃن، جن کي نجات جو ورثو مليو آهي؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">تنهنڪري جيڪي ڳالهيون ٻُڌيون اٿئون، تن تي اسان کي زيادہ ڌيان ڏيڻ گهرجي، تہ متان انهن کان پري ڇڪجي وڃون.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ تہ جيڪو ڪلام ملائڪن جي معرفت ٻُڌايو ويو هو، سو جيڪڏهن محڪم ثابت ٿيو، ۽ سڀ ڪنهن قصور ۽ نافرمانيءَ جو مناسب بدلو مليو؛</verse>
				<verse number="3">تہ پوءِ جيڪڏهن هيڏيءَ وڏيءَ نجات کان غافل رهياسين، تہ ڪيئن ڇُٽي سگهنداسين؟ جنهن جو بيان پهرين خداوند جي وسيلي ڪيو ويو هو، ۽ جن اُهو ٻُڌو، تن اسان وٽ انهي جي ثابتي ڏني؛</verse>
				<verse number="4">خدا بہ انهن سان گڏ پنهنجي مرضيءَ موافق، نشانين ۽ عجيب ڪمن ۽ طرح طرح جي قدرتن، ۽ پاڪ روح جي نعمتن جي وسيلي، انهن جي شاهدي ڏيندو رهيو.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو ايندڙ جهان جنهن جو اسين ذڪر ٿا ڪريون، تنهن کي هن ملائڪن جي تابع نہ ڪيو،</verse>
				<verse number="6">پر ڪنهن هنڌ شاهدي ڏني ويئي آهي، تہ ”انسان ڇا آهي جو تون هن جو خيال ٿو ڪرين، يا انسان جو اولاد ڇا آهي، جو تون هن جو فڪر ٿو ڪرين؟</verse>
				<verse number="7">تو هن کي ملائڪن کان ٿورو گهٽ ڪيو؛ تو هن تي جلال ۽ عزت جو تاج رکيو؛ ۽ پنهنجي هٿ جي ڪاريگريءَ جي مٿان مقرر ڪيو؛</verse>
				<verse number="8">تو سڀ شيون تابع ڪري هن جي پيرن هيٺ ڪري ڇڏيون.“ ڇالاءِ جو جنهن صورت ۾ سڀ شيون هن سندس تابع ڪري ڇڏيون آهن، تنهن صورت ۾ ڪابہ شيءِ اهڙي نہ ڇڏي اٿس جا سندس تابع نہ هجي. پر اڃا اسين سڀ شيون هن جي تابع نٿا ڏسون.</verse>
				<verse number="9">پر اسين يسوع کي ٿا ڏسون، جو خدا جي فضل سان هر ڪنهن ماڻهوءَ جي لاءِ موت جو سواد چکڻ جي واسطي، ملائڪن کان ٿورو گهٽ ڪيو ويو، ۽ موت جو عذاب سهڻ ڪري جلال ۽ عزت جو تاج پهرايو ويس.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو جنهن جي لاءِ سڀ شيون آهن، ۽ جنهن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آهن، تنهن لاءِ اهو مناسب هو تہ جڏهن گهڻن پٽن کي جلال تائين پهچائي، تڏهن انهن جي نجات جي بانيءَ کي ڏکن جي وسيلي ڪامل ڪري.</verse>
				<verse number="11">هن ڪري جو جيڪو پاڪ ڪري ٿو ۽ جيڪي پاڪ ٿين ٿا، سي سڀ هڪ مان ئي آهن؛ انهيءَ سبب ڪري هو انهن کي ڀاءُ ڪري سڏڻ کان نٿو شرمائي.</verse>
				<verse number="12">ڇو جو هو فرمائي ٿو تہ ”آئون تنهنجو نالو پنهنجن ڀائرن سان بيان ڪندس، ۽ جماعت جي وچ ۾ تنهنجي تعريف ڳائيندس.“</verse>
				<verse number="13">۽ وري هي تہ ”آئون هن تي اعتقاد رکندس.“ ۽ وري هي تہ ڏس ”انهن ٻارن سميت جي خدا مون کي ڏنا آهن.“</verse>
				<verse number="14">تنهنڪري جڏهن ٻار گوشت ۽ رت ۾ شريڪ آهن، تڏهن هو پاڻ بہ ساڳيءَ طرح انهي ۾ ڀائيوار آهي، تہ جنهن کي موت تي اختيار هو تنهن کي، يعني شيطان کي، موت جي وسيلي نيست ڪري؛</verse>
				<verse number="15">۽ جيڪي سڄي عمر موت جي ڊپ کان غلاميءَ ۾ گرفتار هئا، تن سڀني کي آزاد ڪري.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو حقيقت ڪري هو ملائڪن جي دست گيري نٿو ڪري، پر ابراهيم جي نسل جي ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="17">تنهنڪري واجب هو تہ هو سڀني ڳالهين ۾ پنهنجن ڀائرن جهڙو ٿئي؛ انهي لاءِ تہ اُمت جي گناهن جي ڪفاري ڏيڻ لاءِ، خدا سان واسطو رکندڙ ڳالهين ۾، هڪڙو رحمدل ۽ ايماندار سردار ڪاهن ٿئي.</verse>
				<verse number="18">ڇو جو جڏهن هو پاڻ آزمايو ويو ۽ ڏک سَٺائين، تڏهن ٻيا جيڪي آزمائش ۾ پون ٿا، تن جي بہ مدد ڪري ٿو سگهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">تنهنڪري اي پاڪ ڀائرو، جي آسماني ڪوٺ ۾ شريڪ آهيو، اوهين انهي رسول ۽ سردار ڪاهن تي، يعني يسوع تي غور ڪريو، جنهن کي اسين مڃون ٿا.</verse>
				<verse number="2">هو پنهنجي مقرر ڪرڻ واري سان وفادار هو، جيئن ڪ موسيٰ بہ خدا جي گهر ۾ وفادار هو.</verse>
				<verse number="3">تنهن هوندي بہ يسوع هن کان ايتري قدر زيادہ جلال جي لائق ليکيو ويو، جيتري قدر ڪنهن گهر جو جوڙيندڙ انهي گهر کان زيادہ عزت وارو ليکبو آهي.</verse>
				<verse number="4">ڇوتہ سڀ ڪنهن گهر جو ڪونہ ڪو جوڙيندڙ آهي؛ پر جنهن سڀ شيون پيدا ڪيون سو خدا آهي.</verse>
				<verse number="5">هاڻي موسيٰ تہ خدا جي گهراڻي ۾ خادم وانگر ايماندار ۽ وفادار رهيو؛ انهي لاءِ تہ جيڪي ڳالهيون پوءِ بيان ٿيڻيون هيون، تن جي شاهدي ڏئي؛</verse>
				<verse number="6">پر مسيح فرزند طور هن جي گهر جو مختيار آهي؛ ۽ سندس گهر اسين آهيون؛ بشرطيڪ پنهنجي همت ۽ اُميد جو فخر توڙ تائين قائم رکندا اچون.</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري جيئن پاڪ روح فرمائي ٿو، تہ ”جيڪڏهن اڄ اوهين هن جو آواز ٻُڌو،</verse>
				<verse number="8">تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو، جيئن ڪاوڙائڻ مهل آزمائش جي ڏينهن رڻ پٽ ۾ هنن ڪيو،</verse>
				<verse number="9">جتي اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي آزمايو، ۽ چاليهہ ورهيہ منهنجا ڪم ڏٺائون.</verse>
				<verse number="10">تنهنڪري انهيءَ پيڙهيءَ سان آئون ناراض ٿيس، ۽ چيم تہ هو هميشہ پنهنجي دل ۾ گمراهہ ٿا ٿين: پر انهن منهنجين واٽن کي ڪين سڃاتو.</verse>
				<verse number="11">۽ مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ هو منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا.“</verse>
				<verse number="12">اي ڀائرو، سنڀال ڪجو تہ متان اوهان مان ڪنهن جي دل اهڙي خراب ۽ بي ايمان ٿئي جو زندہ خدا کان ڦري وڃي.</verse>
				<verse number="13">جيسين ڪ اڄوڪو ڏينهن چوڻ ۾ اچي ٿو، تيسين روز بروز هڪٻئي کي نصيحت ڪندا رهجو؛ تہ متان اوهان مان ڪو گناهہ جي فريب ڪري سخت دل ٿي پوي:</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو اسين مسيح ۾ شريڪ ٿيا آهيون، بشرطيڪ جيڪو يقين اسان کي شروع ۾ هو، تنهن تي توڙ تائين وفاداريءَ سان قائم رهندا اچون؛</verse>
				<verse number="15">جو چيل آهي، تہ ”اڄ جيڪڏهن اوهين هن جو آواز ٻُڌو تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو، جيئن ڪاوڙائڻ مهل ڪيوَ.“</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو اهي ڪير هئا جن آواز ٻُڌڻ مهل کيس ڪاوڙايو؟ اُهي سڀيئي نہ هئا ڇا، جيڪي موسيٰ جي وسيلي مصر مان نڪتا هئا؟</verse>
				<verse number="17">۽ اهي ڪير هئا، جن سان هو، چاليهہ ورهيہ ناراض رهيو؟ ڇا اُهي نہ هئا، جن گناهہ ڪيو ۽ جن جا لاش برپٽ ۾ پيا رهيا؟</verse>
				<verse number="18">۽ اهي ڪير هئا، جن سان هن اهو قسم کنيو تہ هو منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا، سواءِ انهن جي، جن نافرماني ڪئي؟</verse>
				<verse number="19">سو اسين ڏسون ٿا تہ هو ايمان نہ آڻڻ جي ڪري داخل نہ ٿي سگهيا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">تنهنڪري اسان کي خبردار رهڻ گهرجي تہ جڏهن هن جي آرام ۾ داخل ٿيڻ جو واعدو اڃا باقي رهيل آهي، تڏهن متان ائين نہ ٿئي تہ اوهان مان ڪو پوئتي رهجي وڃي.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو اسان کي بہ اهڙي خوشخبري ٻُڌائي ويئي آهي جهڙي هنن کي ٻُڌائي ويئي هئي: پر ڪلام، جو ٻُڌو هئائون، تنهن مان کين فائدو ڪونہ رسيو؛ ڇالاءِ جو جن اهو ٻُڌو، تن ۾ اسان جهڙو ايمان ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو اسان جن ايمان آندو، سي انهي آرام ۾ داخل ٿا ٿيون. جيئن ڪ هن چيو آهي، تہ ”مون پنهنجي ڪاوڙ ۾ قسم کنيو هو تہ هو منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا،“ جيتوڻيڪ جهان جي بنياد کان ئي هن جا ڪم پورا ٿيا هئا.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو هن ڪنهن هنڌ ستين ڏينهن بابت هيئن چيو آهي، تہ ”خدا پنهنجا سڀيئي ڪم پورا ڪري ستين ڏينهن آرام ڪيو.“</verse>
				<verse number="5">۽ وري انهي هنڌ چيو اٿس تہ ”هو منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا.“</verse>
				<verse number="6">تنهنڪري جڏهن اِها ڳالهہ باقي رهيل آهي تہ ڪي انهي آرام ۾ داخل ٿيندا، ۽ جن کي اڳي خوشخبري ٻُڌائي ويئي هئي، سي نافرمانيءَ جي ڪري داخل نہ ٿيا،</verse>
				<verse number="7">تڏهن وري هو هڪڙو خاص ڏينهن ٿو ٺهرائي، ۽ ڪيتري عرصي کانپوءِ دائود جي ڪتاب ۾ انهي کي اڄوڪو ڏينهن ٿو چوي، جيئن ڪ اڳي بہ چيو ويو هو تہ ”اڄ جيڪڏهن اوهين هن جو آواز ٻُڌو تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو.“</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ تہ جيڪڏهن يشوع انهن کي آرام ۾ داخل ڪري ها، تہ خدا انهي کانپوءِ ٻئي ڏينهن جو ذڪر نہ ڪري ها.</verse>
				<verse number="9">تنهنڪري خدا جي اُمت لاءِ سبت جو آرام باقي رهيل آهي.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو جيڪو خدا جي آرام ۾ داخل ٿو ٿئي، تنهن کي بہ پنهنجن ڪمن کان اهڙيءَ طرح آرام ٿو ملي، جهڙيءَ طرح خدا پنهنجن ڪمن کان آرام ڪيو.</verse>
				<verse number="11">تنهنڪري اچو تہ اسين انهي آرام ۾ داخل ٿيڻ جو سعيو ڪريون تہ ڪوبہ ماڻهو انهن وانگر نافرماني ڪري گمراهہ نہ ٿئي.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو خدا جو ڪلام جيئرو ۽ مؤثر آهي، ۽ ٻہ ڌاري ترار کان بہ تکو آهي، ۽ اندر ۾ اهڙو چُڀيو وڃي، جو جان ۽ روح کي، سَنڌن توڙي گودي کي ڌار ڪيو وجهي، ۽ دل جي خيالن ۽ ارادن کي ظاهر ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="13">اهڙي ڪابہ مخلوق ڪانهي جا هن کان ڳجهي آهي؛ بلڪ جنهن سان اسان جو واسطو آهي، انهي جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.</verse>
				<verse number="14">تنهنڪري جڏهن اسان جو هڪڙو وڏو سردار ڪاهن آهي، جو آسمانن مان لنگهي ويو آهي، يعني خدا جو فرزند يسوع، تڏهن اچو تہ اسين پنهنجي اقرار تي قائم رهون.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو اسان جو سردار ڪاهن اهڙو ناهي جو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان سان همدردي ڪري نہ سگهي، پر اهڙو آهي جو سڀني ڳالهين ۾ اسان وانگر آزمايو ويو، تہ بہ بيگناهہ رهيو.</verse>
				<verse number="16">تنهنڪري اچو تہ همت رکي فضل جي تخت وٽ هلون تہ اسان تي رحم ٿئي، ۽ اُهو فضل حاصل ڪريون جو گهُرج وقت اسان جي مدد ڪري سگهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">ڇالاءِ جو سڀڪو سردار ڪاهن جو ماڻهن مان ٿو چونڊجي؛ سو ماڻهن جي لاءِ انهن ڳالهين واسطي مقرر ڪيو ٿو وڃي، جي خدا سان لاڳاپو ٿيون رکن، انهي لاءِ تہ نذر ۽ گناهن جون قربانيون ادا ڪري.</verse>
				<verse number="2">اُهو جاهلن ۽ گمراهہ ٿيلن سان نرميءَ جي هلت ڪري ٿو سگهي، ڇالاءِ جو هو پاڻ بہ ڪمزوريءَ کان آجو نہ آهي.</verse>
				<verse number="3">انهي ڪري مٿس اهو فرض آهي تہ گناهن جي لاءِ جهڙي اُمت جي واسطي قرباني ڪري، تهڙي پنهنجي واسطي بہ ڪري.</verse>
				<verse number="4">۽ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي لاءِ تيسين اها عزت اختيار نٿو ڪري، جيسين ڪ هارون وانگر خدا کان سڏيو نٿو وڃي.</verse>
				<verse number="5">ساڳيءَ طرح مسيح بہ سردار ڪاهن ٿيڻ جي عزت پاڻ کي پاڻهي نہ ڏني، پر انهي ڏنيس جنهن کيس چيو، تہ ”تون منهنجو فرزند آهين، اڄ تون مون کان پيدا ٿئين“؛</verse>
				<verse number="6">جيئن ڪ ٻئي هنڌ بہ چيل آهي، تہ ”تون ملڪ صدق جي طريقي جو هميشہ لاءِ ڪاهن آهين.“</verse>
				<verse number="7">پنهنجي جسماني زندگيءَ ۾ يسوع زار زار روئي دانهون ڪري انهي کان دعائون گهُريون، جو کيس موت کان بچائي ٿي سگهيو، ۽ سندس خدا ترسيءَ جي ڪري اهي دعائون قبول پيون.</verse>
				<verse number="8">جيتوڻيڪ هو فرزند هو، تہ بہ هن ڏک سهي فرمانبرداري سکي؛</verse>
				<verse number="9">۽ ڪامل بڻجي پنهنجن سڀني فرمانبردارن لاءِ ابدي نجات جو باني ٿيو؛</verse>
				<verse number="10">۽ خدا جي طرفان ملڪ صدق جي طريقي جي سردار ڪاهن جو عهدو مليس.</verse>
				<verse number="11">انهي بابت اسان کي گهڻيون ڳالهيون چوڻيون آهن؛ جن جي سمجهاڻي ڏيڻ مشڪل آهي، ڇالاءِ جو اوهين ڪَنن کان گهٻرا ٿيا آهيو.</verse>
				<verse number="12">هن ڪري جو هيتري وقت ۾ تہ اوهان کي استاد ٿيڻ گهُربو هو، پر اوهان کي اڃا انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت آهي تہ ڪو ماڻهو خدا جي ڪلام جي اصولن جي ابتدائي تعليم اوهان کي ڏئي؛ ۽ اهڙا ٿيا آهيو جو سخت کاڌي کائڻ جي بدلي اوهان کي اڃا کير جي گهُرج آهي.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو جيڪو کير پياڪ آهي، تنهن کي راستبازيءَ جي ڪلام جو ڪوبہ آزمودو ڪونهي، جو هو اڃا ٻار آهي.</verse>
				<verse number="14">پر سخت کاڌو بالغن جي لاءِ آهي، يعني اُهي جن جا حواس استعمال ڪرڻ ڪري هو نيڪيءَ ۽ بديءَ جو امتياز ڪري سگهن ٿا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">تنهنڪري اچو تہ مسيح جي بابت ٻاراڻي تعليم ڇڏي ڪماليت ڏانهن وڌندا هلون، ۽ مُردار ڪمن کان توبهہ ڪرڻ ۽ خدا تي ايمان آڻڻ جو وري بنياد نہ وجهون؛</verse>
				<verse number="2">نڪي بپتسمائن، ۽ هٿن رکڻ، ۽ مُئلن جي جي اُٿڻ، ۽ هميشہ جي عدالت جي تعليم جو بنياد وري وجهون؛</verse>
				<verse number="3">۽ جي خدا گهُريو تہ ائين ئي ڪنداسين.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ تہ جيڪي ماڻهو هڪ دفعي روشن دل ٿيا، ۽ آسمان واريءَ بخشش جو سواد چکيائون، ۽ پاڪ روح حاصل ڪيائون،</verse>
				<verse number="5">۽ خدا جي چڱي ڪلام، ۽ ايندڙ جهان جي طاقتن جو ذائقو چکي ڏٺائون،</verse>
				<verse number="6">۽ پوءِ ڦري ويا، تن کي توبهہ جي لاءِ نئون بنائڻ ناممڪن آهي؛ ڇالاءِ جو اُهي خدا جي فرزند کي پاڻ لاءِ نئين سر صليب تي چاڙهي ظاهر ظهور هن کي ذليل ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="7">جيڪا زمين مينهن جو پاڻي وري وري ٿي پيئي، ۽ جيڪي منجهس پوک ٿا ڪن، تن لاءِ ڀاڄيون ڀتيون پيدا ٿي ڪري، تنهن تي خدا جي برڪت نازل ٿي ٿئي.</verse>
				<verse number="8">پر جي اُها ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا پيدا ڪري تہ نڪمي آهي ۽ لعنتي ٿيڻ کي ويجهو آهي؛ ۽ نيٺ ساڙي وڃي ٿي.</verse>
				<verse number="9">پر اي پيارو، جيتوڻيڪ اسين اهي ڳالهيون ڪريون ٿا، تڏهن بہ اوهان جي نسبت ۾ نجات جي بهتر ڳالهين جو يقين ٿا رکون.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو خدا اهڙو بي انصاف ناهي جو اوهان جو اُهو پورهيو، ۽ اوهان جي اُها محبت وساري ڇڏي، جا اوهان سندس نالي تي اهڙيءَ طرح ڏيکاري، جو پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪئي اٿوَ ۽ اڃا تائين پيا ڪريو.</verse>
				<verse number="11">۽ اسان جي خواهش آهي تہ اوهان مان هرڪو پڇاڙيءَ تائين ڪامل اُميد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو رهي؛</verse>
				<verse number="12">تان تہ اوهين سست نہ ٿيو، پر انهن جهڙا ٿيو، جي ايمان ۽ تحمل جي ڪري واعدن جا وارث ٿا ٿين.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو جڏهن خدا ابراهيم سان واعدو ٿي ڪيو، تڏهن کانئس وڏو ڪو ڪونہ هو، جنهن جو قسم کڻي. تنهنڪري پنهنجو ئي قسم کنيائين،</verse>
				<verse number="14">۽ چيائين تہ ”يقيناً آئون توکي برڪت پيو ڏيندس ۽ تنهنجو اولاد وڌائيندس.“</verse>
				<verse number="15">۽ اهڙيءَ طرح هن صبر ڪري اهو واعدو حاصل ڪيو.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو ماڻهو پاڻ کان وڏي جو قسم کڻندا آهن؛ ۽ سندن سڀ ڪنهن تڪرار ۾ قسم آخرين ثابتي آهي.</verse>
				<verse number="17">تنهنڪري خدا جڏهن واعدي جي وارثن کي زيادہ صفائيءَ سان ڏيکارڻ گهُريو تہ سندس ارادي ۾ ڪا ڦير گهير ڪانہ ٿيندي، تڏهن قسم کنيائين؛</verse>
				<verse number="18">تان تہ (واعدو ۽ قسم) ٻہ بي تبديل ڳالهيون، جن جي نسبت ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي، تن جي وسيلي اسان کي پڪيءَ طرح خاطري ٿئي، تہ جيڪا اُميد اسان جي اڳيان رکيل آهي، تنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ پناهہ وٺڻ واسطي ڊوڙي آيا آهيون.</verse>
				<verse number="19">اُها اُميد اسان جي جان جو اهڙو لنگر آهي، جو مضبوط ۽ قائم آهي، ۽ پردي جي اندر بہ پهچي ٿي؛</verse>
				<verse number="20">جتي يسوع اسان جي خاطر، هميشہ جي لاءِ ملڪ صدق جي طريقي موجب سردار ڪاهن ٿي پيشوا جي حيثيت ۾ داخل ٿيو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">ڇالاءِ جو اهو ملڪ صدق، شاليم جو بادشاهہ، خدا تعاليٰ جو ڪاهن آهي، ۽ هميشہ ڪاهن رهندو ٿو اچي. جڏهن ابراهيم بادشاهن کي قتل ڪرڻ کانپوءِ موٽيو، تڏهن هو کيس گڏيو ۽ سندس لاءِ برڪت گهُريائين،</verse>
				<verse number="2">۽ ابراهيم هن کي سڀني شين جو ڏهون حصو ورهائي ڏنو. هو پنهنجي نالي جي معنيٰ موجب پهرين راستبازيءَ جو بادشاهہ آهي ۽ پوءِ شاليم يعني سلامتيءَ جو بادشاهہ بہ آهي؛</verse>
				<verse number="3">جنهن جو نڪو پيءُ، نڪا ماءُ، نڪو نسب نامو آهي، جنهن جي عمر جي نہ شروعات آهي نہ حياتيءَ جي پڄاڻي، پر خدا جي فرزند جي مشابهہ ڪيو ويو آهي تہ هميشہ لاءِ ڪهانت ڪري.</verse>
				<verse number="4">هاڻي خيال ڪري ڏسو تہ اهو شخص ڪهڙو نہ بزرگ هو، جو انهي کي قوم جي بزرگ ابراهيم غنيمت جي عمدي مال مان بہ ڏهون حصو ڏنو.</verse>
				<verse number="5">۽ ليويءَ جي اولاد مان، جي کي ڪهانت جو عهدو مليو، تن کي حڪم آهي تہ شريعت موجب اُمت کان يعني پنهنجن ڀائرن کان ڏهون حصو اُڳاڙين، جيتوڻيڪ اُهي ابراهيم جي اولاد مان ئي پيدا ٿيا هئا.</verse>
				<verse number="6">پر جيڪو انهن جي نسب نامي مان ڪونہ هو، تنهن ابراهيم کان ڏهون حصو ورتو، ۽ جنهن کي واعدا مليا هئا، تنهن لاءِ برڪت گهُريائين.</verse>
				<verse number="7">هاڻي انهي ۾ ڪوبہ شڪ ڪونهي تہ ننڍي کي وڏي کان برڪت ملندي آهي.</verse>
				<verse number="8">۽ هتي فاني انسان ڏهون حصو ٿا وٺن، پر هُتي اُهو ٿو وٺي، جنهن جي نسبت ۾ شاهدي ڏني ويئي آهي تہ جيئرو آهي.</verse>
				<verse number="9">تنهنڪري چئبو، تہ جو ليوي ڏهون حصو اُڳاڙي ٿو، تنهن ابراهيم جي وسيلي پاڻ بہ ڏهون حصو ڏنو آهي؛</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو جڏهن ملڪ صدق ابراهيم کي گڏيو، تڏهن هو اڃا سندس اندر ۾ هو.</verse>
				<verse number="11">هاڻي جيڪڏهن ليويءَ واري ڪهانت جي ڪري ڪماليت حاصل ٿئي ها (جو انهيءَ جي ماتحت اُمت کي شريعت ملي آهي،) تہ پوءِ ڪهڙي گهُرج هئي، تہ ٻيو ڪاهن ملڪ صدق جي طريقي جو پيدا ٿئي ۽ نہ هارون جي طريقي جو؟</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو جڏهن ڪهانت بدلجي ويئي، تڏهن ضرور شريعت بہ بدلجڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="13">۽ جنهن جي بابت اهي ڳالهيون ڪيون ويون، سو ٻئي قبيلي جو آهي، جنهن مان ڪنهن بہ قربانگاهہ جي خدمت نہ ڪئي.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو اها ڳالهہ ظاهر آهي، تہ اسان جو خداوند يهوداهہ جي قبيلي مان آهي، جنهن قبيلي بابت موسيٰ ڪاهنن جي نسبت ۾ ڪي ڪين چيو.</verse>
				<verse number="15">۽ اها ڳالهہ اڃا بہ وڌيڪ صاف ٿي ٿئي جو ملڪ صدق جهڙو هڪڙو ٻيو ڪاهن پيدا ٿيو،</verse>
				<verse number="16">جو جسماني حڪم جي شريعت موجب نہ، پر غير فاني زندگيءَ جي طاقت موجب مقرر ٿيو.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو انهي بابت اِها شاهدي ڏني ويئي آهي، تہ ”تون ملڪ صدق جي طريقي موافق هميشہ لاءِ ڪاهن آهين.“</verse>
				<verse number="18">سو اڳيون حڪم ڪمزور ۽ بي فائدي هئڻ ڪري رد ٿيو آهي؛</verse>
				<verse number="19">(ڇالاءِ تہ شريعت ڪنهن بہ شيءِ کي ڪامل نہ ڪيو،) ۽ انهي جي بدران هڪڙي بهتر اُميد اچي ويئي، جنهن جي وسيلي اسين خدا کي ويجهو ٿا وڃون.</verse>
				<verse number="20">۽ اِهو قسم کڻڻ کانسواءِ مقرر نہ ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="21">جيڪي اڳي ڪاهن مقرر ٿيا هئا، سي قسم کانسواءِ مقرر ٿيا آهن؛ پر هي قسم سان انهي جي طرفان مقرر ٿيو آهي، جنهن سندس نسبت ۾ چيو، تہ ”خداوند قسم کنيو ۽ ڪڏهن ڪين ڦرندو، تہ تون هميشہ جي لاءِ ڪاهن آهين.“</verse>
				<verse number="22">تنهنڪري يسوع هڪڙي بهتر عهد جو ضامن آهي.</verse>
				<verse number="23">۽ بيشڪ هو تہ گهڻا ئي ڪاهن مقرر ٿيا آهن، ڇالاءِ جو موت جي سببان هو قائم رهي نٿا سگهن؛</verse>
				<verse number="24">پر هن جي ڪهانت لازوال آهي، ڇالاءِ جو هو هميشہ تائين قائم آهي.</verse>
				<verse number="25">تنهنڪري جيڪي سندس وسيلي خدا کي ويجهو ٿا وڃن، تن کي هو پوري پوري طرح بچائي ٿو سگهي، ڇو جو هو سندن شفاعت لاءِ هميشہ جيئرو آهي.</verse>
				<verse number="26">ڇالاءِ جو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گهُرج هئي، جو پاڪ، بي ريا، بي عيب، گنهگارن کان ڌار ۽ آسمانن کان بہ مٿي ڪيو ويو هجي،</verse>
				<verse number="27">جنهن کي انهن سردار ڪاهنن وانگر اها ضرورت ڪانهي تہ هو روز پهرين پنهنجن گناهن لاءِ، ۽ پوءِ اُمت جي گناهن لاءِ قربانيون چاڙهي: ڇالاءِ جو ائين هن هڪڙي ئي ڀيري ڪيو، جڏهن پاڻ کي قرباني ڪري ڏنائين.</verse>
				<verse number="28">هاڻي شريعت تہ انهن ماڻهن کي سردار ڪاهن مقرر ٿي ڪيو، جي ڪمزور آهن؛ پر شريعت کانپوءِ جيڪو قسم وارو ڪلام ٿيو، سو انهي فرزند کي مقرر ٿو ڪري، جو هميشہ جي لاءِ ڪامل ڪيو ويو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">هاڻي جيڪي ڳالهيون اسين پيا چئون، تن جو خاص مطلب هي آهي: تہ اسان جو سردار ڪاهن اهڙو آهي جو آسمانن تي قادر مطلق جي تخت جي ساڄي پاسي ويٺو آهي،</verse>
				<verse number="2">تہ جنهن سچي خيمي کي ماڻهوءَ نہ، پر خداوند کوڙيو آهي، انهيءَ پاڪ جاءِ جو خادم ٿئي.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو سڀڪو سردار ڪاهن نذرن توڙي قربانين جي چاڙهڻ لاءِ مقرر ٿيندو آهي: انهي ڪري ضرور آهي تہ هن سردار ڪاهن کي بہ چاڙهڻ جي لاءِ ڪي ڪجهہ هجي.</verse>
				<verse number="4">هاڻي جيڪڏهن اڃا هو زمين تي هجي ها تہ ڪڏهن بہ ڪاهن نہ ٿئي ها، ڇالاءِ جو شريعت موجب نذرن ادا ڪرڻ وارا موجود آهن؛</verse>
				<verse number="5">جي آسماني شين جي نقل ۽ پاڇي جي خدمت ٿا ڪن. جهڙي طرح ڪ جڏهن موسيٰ تنبو ٿي جوڙيو، تڏهن خدا هدايت ڪيس: ڇالاءِ جو هو فرمائي ٿو تہ ”ڏس، جيڪو نمونو توکي جبل تي ڏيکاريو ويو هو، انهي موجب سڀ شيون جوڙج.“</verse>
				<verse number="6">پر هاڻي مسيح ايتري قدر خادم جو درجو حاصل ڪيو آهي، جيتري قدر هو پاڻ بهتر عهد جو درمياني مقرر ڪيو ويو آهي، جو عهد بهتر واعدن جي بنياد تي قائم ڪيو ويو آهي.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو جيڪڏهن اُهو پهريون عهد بي عيب هجي ها، تہ ڪنهن ٻئي جي لاءِ جاءِ نہ ٿئي ها.</verse>
				<verse number="8">تنهنڪري هن جا عيب پڌرا ڪري هو چوي ٿو، تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا، جو آئون اسرائيل جي گهراڻي ۽ يهوداهہ جي گهراڻي سان نئون عهد ڪندس؛</verse>
				<verse number="9">نہ انهي عهد وانگر جو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان انهي ڏينهن ڪيو، جڏهن مصر جي ملڪ مان کين ڪڍي آڻڻ لاءِ سندن هٿ جهليم؛ ڇالاءِ جو هو منهنجي عهد تي قائم نہ رهيا، ۽ خداوند فرمائي ٿو تہ مون انهن ڏانهن ڌيان ڪونہ ڏنو.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ هي اُهو عهد آهي جو آئون اسرائيل جي گهراڻي سان انهن ڏينهن کانپوءِ ڪندس؛ آئون پنهنجا قانون هنن جي ذهن نشين ڪندس، ۽ اُهي سندن دلين تي لکندس. ۽ آئون سندن خدا ٿيندس، ۽ هو منهنجي اُمت ٿيندا:</verse>
				<verse number="11">۽ هرڪو ماڻهو، پنهنجي هم وطن کي توڙي پنهنجي ڀاءُ کي هيئن چئي نہ سيکاريندو تہ خداوند کي سُڃاڻ: ڇالاءِ جو ننڍا توڙي وڏا سڀيئي مون کي سڃاڻندا.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو آئون سندن بدڪاريون معاف ڪندس ۽ سندن گناهہ وري ڪڏهن ياد نہ ڪندس.“</verse>
				<verse number="13">جڏهن هو نئون عهد ٿو چوي، تڏهن پهرئين کي پراڻو ٺهرايائين. هاڻي جيڪي پراڻو ٿو ٿئي ۽ گهڻن ڏينهن جو ٿيندو وڃي، سو مٽجڻ تي آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">هاڻي پهرئين عهد ۾ بہ عبادت جا قانون هئا، ۽ انهي جي پاڪ جاءِ هن دنيا جي هئي.</verse>
				<verse number="2">يعني هڪڙو تنبو تيار ڪيو ويو هو، جنهن جي پهرئين حصي ۾ شمعدان ۽ ميز ۽ نذر جون مانيون هيون؛ جنهن کي پاڪ جاءِ چوندا آهن.</verse>
				<verse number="3">۽ ٻئي پردي جي پٺيان اُهو حصو هو جنهن کي پاڪ ترين جاءِ چوندا آهن؛</verse>
				<verse number="4">انهي ۾ سونو خوشبودان، ۽ عهد جي صندوق هئي، جا چوڌاري سون سان مڙهيل هئي، ۽ منجهس من سان ڀريل هڪڙو سونو ٿانءُ، ۽ هارون جي لٺ جنهن مُکڙيون جهليون، ۽ عهد جون تختيون هيون؛</verse>
				<verse number="5">۽ اُنهي جي مٿان جلال جا ڪروبي هئا، جي ڪفارہ گاهہ تي ڇانوَ ڪيو بيٺا هوندا هئا. انهن ڳالهين جو اسين هاڻي تفصيلوار بيان ڪري نٿا سگهون.</verse>
				<verse number="6">هاڻي جڏهن اهي شيون اهڙيءَ طرح تيار ٿي چڪيون تہ پوءِ تنبوءَ جي پهرئين حصي ۾ ڪاهن هر وقت خدمت بجا آڻڻ لاءِ داخل ٿا ٿين؛</verse>
				<verse number="7">پر ٻئي حصي ۾ رڳو سردار ڪاهن سال ۾ فقط هڪڙو ڀيرو اڪيلو داخل ٿيندو آهي، ۽ پاڻ سان رت کڻي ويندو آهي، جو رت هو پنهنجي ۽ پنهنجيءَ اُمت جي خطائن لاءِ نذرانو ڪري ڏيندو آهي.</verse>
				<verse number="8">انهي مان پاڪ روح هي اشارو ٿو ڏئي، تہ جيستائين تنبوءَ جو پهريون حصو بيٺو آهي، تيستائين پاڪ جاءِ ۾ وڃڻ جي واٽ ظاهر نہ ٿي ٿئي.</verse>
				<verse number="9">اهو هاڻوڪي زماني جو هڪڙو مثال آهي، جنهن موجب اهڙا نذرانا ۽ اهڙيون قربانيون ڏنيون وينديون آهن، جي عبادت ڪندڙن جي دل کي ڪامل ڪري نہ سگهنديون،</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو اُهي فقط کائڻ ۽ پيئڻ ۽ جدا جدا قسمن جي غسلن سان تعلق رکندڙ جسماني قانون آهن، جي سڌاري جي وقت تائين مقرر ڪيا ويا هئا.</verse>
				<verse number="11">پر جڏهن مسيح آيو، ۽ انهن چڱين نعمتن جو سردار ڪاهن ظاهر ٿيو، جي اچي پهتيون آهن، تڏهن اهڙي تنبوءَ جي رستي داخل ٿيو جو وڏو ۽ ڪامل آهي، ۽ جو نہ هٿن جو جوڙيل ۽ نہ هن جهان جو آهي،</verse>
				<verse number="12">۽ هڪڙي ئي ڀيري هو پاڪ جاءِ ۾ ٻڪرين ۽ گابن جي رت جي وسيلي نہ، پر خود پنهنجي رت جي وسيلي اسان جي لاءِ ابدي نجات حاصل ڪري داخل ٿيو.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو جيڪڏهن ٻڪرين ۽ ڏاندن جو رت، ۽ وهڙيءَ جي رک، ناپاڪن تي ڇٽڪارڻ ڪري جسم پاڪ ۽ صاف ٿي سگهي ٿو؛</verse>
				<verse number="14">تہ مسيح، جنهن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي اڳيان بي عيب قرباني ڪري ڏنو، تنهن جو رت ڪيترو نہ وڌيڪ مُردار ڪمن کان اوهان جي دلين کي پاڪ ڪندو تہ زندہ خدا جي عبادت ڪريو.</verse>
				<verse number="15">۽ انهي ڪري هو نئين عهد جو درمياني آهي، تہ پهرئين عهد جي زماني ۾ جيڪي قصور ٿيا هئا تن جي معافيءَ لاءِ، اُهو موت جو هن سَٺو، تنهن جي وسيلي، جي ماڻهو سڏيل آهن، سي واعدي موجب هميشہ جو ورثو حاصل ڪن.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو جتي وصيعت نامو آهي، اتي وصيعت ڪندڙ جو موت بہ ثابت ڪرڻ ضرور آهي.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو وصيعت نامو تڏهن عمل ۾ ٿو اچي، جڏهن موت ٿئي؛ هن ڪري جو جيسين وصيعت ڪندڙ جيئرو آهي، تيسين وصيعت نامو ڪنهن ڪم جو نہ آهي.</verse>
				<verse number="18">تنهنڪري پهريون عهد بہ رت کانسواءِ مخصوص نہ ڪيو ويو.</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ جو جڏهن موسيٰ ساريءَ اُمت کي شريعت جا سڀ حڪم ٻُڌائي رهيو، تڏهن هن وهڙن ۽ ٻڪرن جو رت، پاڻيءَ، ۽ قرمزي اُن، ۽ زوفا سان کڻي، انهي ڪتاب ۽ ساريءَ اُمت تي ڇٽڪاريو،</verse>
				<verse number="20">۽ چيائين تہ ”جيڪو عهد خدا اوهان سان ڪيو آهي، تنهن جو نشان هي رت آهي.“</verse>
				<verse number="21">تنهن کانسواءِ هن تنبو ۽ عبادت جي سڀني ٿانوَن تي بہ ساڳيءَ طرح رت ڇٽڪاريو.</verse>
				<verse number="22">۽ آئون ايترو بہ چئي سگهندس تہ شريعت موجب سڀ شيون رت سان پاڪ ٿيون ٿين، ۽ رت وهائڻ کان سواءِ معافي نہ ٿي ملي.</verse>
				<verse number="23">تنهنڪري ضرور هو تہ آسمان جي شين جا نقل اهڙين رسمن جي وسيلي پاڪ ٿين؛ پر خود آسمان جون شيون انهن کان بهتر قربانين جي وسيلي.</verse>
				<verse number="24">ڇالاءِ جو مسيح انهي هٿ جي جوڙيل پاڪ جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جا حقيقي پاڪ جاءِ جي نموني جهڙي آهي؛ پر خود آسمان ۾ داخل ٿيو، انهي لاءِ تہ هاڻي خدا جي حضور ۾ اسان جي واسطي حاضر ٿئي.</verse>
				<verse number="25">نہ انهي لاءِ تہ هو وري وري پاڻ کي قربان ڪري؛ جيئن ڪ سردار ڪاهن هر سال پاڪ جاءِ ۾، پنهنجو نہ پر ٻئي جو رت کڻي ٿو وڃي؛</verse>
				<verse number="26">نہ تہ جهان جي شروعات کان وٺي گهڻائي ڀيرا کيس ڏک سهڻو پوي ها: پر هاڻي زمانن جي پڇاڙيءَ ۾ هو هڪڙو ڀيرو ظاهر ٿيو، انهي لاءِ تہ پاڻ کي قربان ڪرڻ سان گناهہ مٽائي ڇڏي.</verse>
				<verse number="27">۽ جهڙيءَ طرح ماڻهن لاءِ هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ انهي کانپوءِ عدالت جو هئڻ مقرر ڪيل آهي؛</verse>
				<verse number="28">تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گهڻن جي گناهن کڻڻ لاءِ قربان ٿي، ٻيو ڀيرو نہ گناهہ جي فيصلي لاءِ پر نجات جي لاءِ، انهن کي ڏيکاري ڏيندو، جي سندس انتظار ۾ آهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">ڇالاءِ جو شريعت انهن اچڻ وارين نعمتن جو عڪس آهي، نہ سندين اصلي صورت، تنهنڪري سال بسال جيڪي ساڳيون قربانيون هميشہ ڪرڻ ۾ ٿيون اچن، تن جي وسيلي ماڻهن کي ڪامل ڪري نٿي سگهي.</verse>
				<verse number="2">نہ تہ جيڪر قربانيون چاڙهڻ بند ٿي وڃن ها؟ ڇالاءِ جو جيڪڏهن عبادت ڪرڻ وارا هڪ دفعي پاڪ ٿي وڃن ها، تہ پوءِ اڳتي هنن کي گناهن جي يادگيري بہ ڪانہ رهي ها.</verse>
				<verse number="3">پر هنن قربانين جي ڪري سال بسال گناهن جي يادگيري ٿي پوي.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو اهو ناممڪن آهي تہ ڏاندن ۽ ٻڪرن جو رت گناهہ مٽائي ڇڏي.</verse>
				<verse number="5">تنهنڪري دنيا ۾ اچڻ مهل هو هيئن ٿو چوي، تہ ”قرباني ۽ نذراني کي تو پسند نہ ڪيو، پر تو منهنجي لاءِ هڪڙو بدن تيار ڪيو آهي،</verse>
				<verse number="6">سوختني قربانين ۽ گناهہ جي قربانين سان تون خوش نہ ٿئين:</verse>
				<verse number="7">تڏهن مون چيو تہ ڏس، (جيئن پاڪ ڪتاب ۾ منهنجي بابت لکيل آهي) اي خدا، آئون آيو آهيان تہ تنهنجي مرضي پوري ڪريان.“</verse>
				<verse number="8">مٿي چيو اٿس تہ قربانيون ۽ نذرانا ۽ سوختني ۽ گناهہ جون قربانيون تو پسند نہ ڪيون، نڪي تون انهن مان خوش ٿئين (جي شريعت موجب چاڙهبيون آهن،)</verse>
				<verse number="9">پر چوي ٿو تہ ”ڏس آئون آيو آهيان تہ تنهنجي مرضي پوري ڪريان.“ هو پهرئين کي رد ٿو ڪري، تہ ٻئي کي قائم ڪري.</verse>
				<verse number="10">انهيءَ مرضي جي ڪري اسين يسوع مسيح جي بدن جي هڪڙي ئي دفعي قربان ٿيڻ جي وسيلي پاڪ ٿي ويا آهيون.</verse>
				<verse number="11">۽ سڀڪو ڪاهن تہ روز بروز بيهي عبادت ٿو ڪري، ۽ اُهي ئي ساڳيون قربانيون وري وري پيو چاڙهي، جي ڪڏهن بہ گناهن کي مٽائي نہ ٿيون سگهن:</verse>
				<verse number="12">پر هي شخص گناهن جي لاءِ هڪڙي ئي قرباني هميشہ جي واسطي چاڙهي خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو؛</verse>
				<verse number="13">۽ انهي وقت کان وٺي منتظر آهي جيستائين ڪ سندس دشمن سندس پيرن جي صندلي ٿين.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو هڪڙي ئي قرباني چاڙهڻ سان هن هميشہ لاءِ انهن کي ڪامل ڪري ڇڏيو آهي، جي پاڪ ڪيا ٿا وڃن.</verse>
				<verse number="15">۽ پاڪ روح بہ اسان کي شاهدي ٿو ڏئي: ڇالاءِ جو ائين چوڻ کانپوءِ، تہ</verse>
				<verse number="16">”خداوند ٿو فرمائي تہ هي اهو عهد آهي جو آئون انهن ڏينهن کانپوءِ ساڻن ڪندس؛ آئون پنهنجا قانون هنن جي ذهن نشين ڪندس، ۽ اُهي سندن دلين تي لکندس؛“</verse>
				<verse number="17">۽ وري ٿو چوي تہ ”هنن جا گناهہ ۽ هنن جون بدڪاريون آئون وري ياد نہ ڪندس.“</verse>
				<verse number="18">هاڻي جڏهن هنن جي معافي ٿي ويئي، تڏهن وري گناهن جي قربانيءَ جي ضرورت نہ آهي.</verse>
				<verse number="19">تنهنڪري، اي ڀائرو، جڏهن اسان کي يسوع جي رت جي وسيلي اُنهيءَ پاڪ جاءِ ۾ داخل ٿيڻ جي همت ٿي آهي،</verse>
				<verse number="20">۽ جڏهن هن نئون ۽ جيئرو رستو پردي يعني پنهنجي جسم منجهان اسان لاءِ مخصوص ڪيو آهي؛</verse>
				<verse number="21">۽ جڏهن اسان جو اهڙو وڏو ڪاهن آهي جنهن کي خدا جي گهر تي اختيار آهي؛</verse>
				<verse number="22">تڏهن اچو تہ اسين سچيءَ دل سان ۽ پوري ايمان سان دل جي الزام کان پاڪ ٿيڻ لاءِ پنهنجين دلين تي ڇڻڪار ڪري، ۽ پنهنجي بدن کي صاف پاڻيءَ سان ڌوئي، سندس ويجها وڃون.</verse>
				<verse number="23">اچو تہ پنهنجيءَ اُميد جي اقرار کي اهڙو سوگهو ڪري جهليون جو انهيءَ کي لوڏو نہ اچي؛ ڇالاءِ جو جنهن واعدو ڪيو آهي سو سچو آهي.</verse>
				<verse number="24">۽ اچو تہ محبت ۽ چڱن ڪمن ۾ همتائڻ لاءِ هڪٻئي جو خيال رکون؛</verse>
				<verse number="25">۽ پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ ڇڏي نہ ڏيون، جيئن ڪ ماڻهن جو دستور آهي، بلڪ هڪٻئي کي نصيحت ڪريون، ۽ جيئن جيئن اوهين اُهو ڏينهن ويجهو ايندو ڏسو، تيئن وڌيڪ انهيءَ طرح ڪندا رهو.</verse>
				<verse number="26">ڇالاءِ جو سچ جي سياڻپ حاصل ڪرڻ کانپوءِ جيڪڏهن اسين ڄاڻي ٻجهي گناهہ ڪنداسين تہ گناهن جي ڪابہ قرباني اڳتي باقي نہ رهندي،</verse>
				<verse number="27">پر عدالت جو هڪڙو خوفناڪ انتظار ۽ هيبت جهڙي باهہ سا باقي آهي، جا مخالفن کي کائي ويندي.</verse>
				<verse number="28">جو ماڻهو موسيٰ جي شريعت نٿو مڃي، سو ٻن يا ٽن ماڻهن جي شاهديءَ تي، سواءِ رحم جي ماريو ٿو وڃي:</verse>
				<verse number="29">تڏهن اوهين خيال ڪريو تہ اُهو شخص ڪيتري نہ وڌيڪ سزا جو لائق ٿيندو، جنهن خدا جي فرزند کي پيرن هيٺ لتاڙيو آهي. ۽ جنهن عهد جي رت سان هو پاڪ ڪيو ويو، تنهن کي هن هڪڙي ناپاڪ شيءِ ليکيو آهي، ۽ فضل جي روح کي بي عزت ڪيو اٿس.</verse>
				<verse number="30">ڇالاءِ جو اسين انهي کي ڄاڻون ٿا، جنهن چيو تہ ”وير وٺڻ منهنجو ڪم آهي، بدلو آئون ئي ڏيندس.“ ۽ وري هي تہ ”خداوند پنهنجيءَ اُمت جي عدالت ڪندو.“</verse>
				<verse number="31">زندہ خدا جي هٿن ۾ پوڻ خوفناڪ ڳالهہ آهي.</verse>
				<verse number="32">پر اڳوڻا ڏينهن ياد ڪريو، جڏهن روشن ٿيڻ کانپوءِ بہ اوهان تي ڏکن جو وسڪارو ٿيو.</verse>
				<verse number="33">پهرين تہ طعنن ۽ مصيبتن جي ڪري هڪڙي تماشي جي شيءِ ٿي پيا، ۽ ٻيو تہ جن سان اهڙي هلت ٿي، تن سان شريڪ ٿيا.</verse>
				<verse number="34">ڇالاءِ جو جيڪي قيد ۾ هئا، تن سان اوهان همدردي بہ ڪئي، ۽ پنهنجي مال ملڪيت جو لُٽجي وڃڻ بہ خوشيءَ سان قبول ڪيو، ۽ يقين ڪيو تہ اوهان وٽ بهتر ۽ جٽاءُ ڪندڙ ملڪيت موجود آهي.</verse>
				<verse number="35">تنهنڪري پنهنجي همت نہ هاريو، جو انهي جي ڪري اوهان کي وڏا انعام ملندا.</verse>
				<verse number="36">ڇالاءِ جو اوهان کي صبر ڪرڻ ضروري آهي، تان تہ خدا جي مرضي پوري ڪري اِهو واعدو حاصل ڪريو.</verse>
				<verse number="37">”ڇالاءِ جو تمام ٿوري مدت باقي آهي جو اچڻ وارو ايندو ۽ دير نہ ڪندو.</verse>
				<verse number="38">پر منهنجو راستباز بندو ايمان جي ڪري جيئندو؛ ۽ جي هو پٺتي هٽندو، تہ منهنجي دل هن کان خوش نہ ٿيندي.“</verse>
				<verse number="39">پر اسين انهن مان نہ آهيون جي پٺتي هٽي برباد ٿا ٿين؛ بلڪ انهن مان آهيون جي ايمان آڻي پنهنجي روحن کي بچائين ٿا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">هاڻي ايمان، جن شين جي اُميد اٿئون تن جو يقين، ۽ جيڪي نہ ڏٺو اٿئون تنهن جي ثابتي آهي.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو انهي جي ڪري بزرگن جي لاءِ الاهي شاهدي ڏني ويئي هئي.</verse>
				<verse number="3">ايمان ئي جي ڪري اسين سمجهون ٿا تہ عالم خدا جي ڪلام سان جڙيو ۽ انهن شين مان جي ظاهري ڏسڻ ۾ نٿيون اچن.</verse>
				<verse number="4">ايمان ئي جي ڪري هابل خدا وٽ قائن کان زيادہ عمدي قرباني چاڙهي، جنهنڪري هن جي راستباز هئڻ جي شاهدي ڏني ويئي، جو خدا هن جي نذرن جي نسبت ۾ شاهدي ڏني: ۽ جيتوڻيڪ هو مري ويو تہ بہ ايمان ئي جي وسيلي اڃا ڳالهائي پيو.</verse>
				<verse number="5">ايمان ئي جي ڪري حنوڪ مٿي کنيو ويو تہ موت نہ ڏسي؛ ۽ هن جو پتو ڪونہ پيو، ڇالاءِ جو خدا کڻي ورتس: هن ڪري جو سندس کڄي وڃڻ کان اڳي سندس نسبت ۾ اها شاهدي ڏني ويئي، تہ هو خدا کي پسند آيو آهي.</verse>
				<verse number="6">۽ ايمان کانسواءِ هن کي پسند اچڻ ناممڪن آهي: ڇالاءِ جو جيڪو خدا وٽ ٿو اچي، تنهن کي ايمان آڻڻ گهرجي تہ هو موجود آهي، ۽ جيڪي سندس طالب آهن، تن کي اجر ٿو ڏئي.</verse>
				<verse number="7">ايمان ئي جي ڪري جيڪي ڳالهيون اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون هيون، تن جي نسبت ۾ خدا نوح کي خبردار ڪيو، ۽ هن خدا جي خوف کان پنهنجي خاندان جي بچاءَ لاءِ هڪڙي ٻيڙي تيار ڪئي؛ ۽ ائين ڪرڻ سان هن جهان کي ڏوهاري ٺهرايو، ۽ پاڻ انهيءَ راستبازيءَ جو وارث ٿيو جا ايمان جي ڪري آهي.</verse>
				<verse number="8">ايمان جي ڪري جڏهن ابراهيم کي سڏ ٿيو، تڏهن حڪم مڃي انهي هنڌ ويو، جتي کيس ورثو ملڻو هو؛ ۽ جيتوڻيڪ هن کي اها خبر نہ هئي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان، تہ بہ اُٿي روانو ٿيو.</verse>
				<verse number="9">ايمان ئي جي ڪري هو واعدي مليل ملڪ ۾ اهڙيءَ طرح مسافر ٿي رهيو، جهڙيءَ طرح ڪو پرديس ۾ رهي، ۽ اسحاق ۽ يعقوب، جي انهي واعدي ۾ ساڻس گڏ وارث هئا، تن سوڌو تنبن ۾ رهڻ لڳو.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو هو انهي شهر جو اُميدوار هو جنهن جو بنياد پيل آهي، ۽ جنهن جو معمار ۽ اڏيندڙ خدا آهي.</verse>
				<verse number="11">ايمان ئي جي ڪري سارہ پاڻ بہ ٻڍاپي ۾ حاملہ ٿيڻ جي طاقت حاصل ڪئي، سو هن ڪري جو هن واعدي ڪرڻ واري کي سچو سمجهيو:</verse>
				<verse number="12">۽ انهي ڪري هڪڙو شخص جو تمام پيرسن هو، تنهن مان آسمان جي تارن جيترا، ۽ سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جيترا، بيشمار ماڻهو پيدا ٿيا.</verse>
				<verse number="13">اهي سڄي عمر ايمان تي قائم هئا، ۽ جيتوڻيڪ واعدي جون شيون نہ ملين، مگر پري کان انهن کي ڏسي انهن جي مرحبا ڪيائون، ۽ قبول ڪيائون تہ اسين زمين تي پرديسي ۽ مسافر آهيون.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو جيڪي اهڙيون ڳالهيون ٿا ڪن، سي ڏيکارين ٿا تہ اسين پنهنجي وطن جي ڳولا ۾ آهيون.</verse>
				<verse number="15">۽ جنهن ملڪ مان هو نڪري آيا هئا، سو جيڪڏهن هو ياد ڪن ها، تہ جيڪر کين موٽي وڃڻ جو وجهہ ملي ها؛</verse>
				<verse number="16">پر هاڻي هو بهتر ملڪ يعني آسماني ملڪ جي لاءِ خواهشمند آهن: جنهنڪري خدا هنن جو، يعني سندن خدا سڏجڻ کان، شرمندو نٿو ٿئي: ڇالاءِ جو هن انهن جي لاءِ هڪڙو شهر تيار ڪري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="17">ايمان ئي جي ڪري ابراهيم آزمائش وقت اسحاق کي قربان ڪيو: هائو، جنهن خوشيءَ سان واعدا قبول ڪيا، سو پنهنجي هڪڙي ئي پٽ کي قربان ڪرڻ تي هو؛</verse>
				<verse number="18">جنهن جي بابت چيو ويو تہ ”اسحاق مان ئي تنهنجو نسل جاري ٿيندو.“</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ جو هن سمجهيو تہ خدا کي مُئلن مان جيارڻ جي قدرت آهي؛ ۽ مثال طرح انهن مان ئي هو کيس وري مليو.</verse>
				<verse number="20">ايمان ئي جي ڪري اسحاق آئيندہ جي ڳالهين بابت يعقوب ۽ عيسوءَ کي برڪت ڏني.</verse>
				<verse number="21">ايمان ئي جي ڪري يعقوب مرڻ وقت يوسف جي ٻنهي پٽن کي برڪت ڏني، ۽ پنهنجي لٺ تي ٽيڪ ڏيئي سجدو ڪيائين.</verse>
				<verse number="22">ايمان ئي جي ڪري جڏهن يوسف مرڻ تي هو، تڏهن بني اسرائيل جي خروج جو ذڪر ڪيائين؛ ۽ پنهنجين هڏين بابت حڪم ڏنائين.</verse>
				<verse number="23">ايمان ئي جي ڪري موسيٰ جي مائٽن سندس ڄمڻ کانپوءِ کيس ٽن مهينن تائين لڪائي رکيو، ڇالاءِ جو هنن ڏٺو تہ ٻار خوبصورت آهي؛ ۽ هو بادشاهہ جي حڪم کان ڊنا ڪين.</verse>
				<verse number="24">ايمان ئي جي ڪري جڏهن موسيٰ وڏو ٿيو، تڏهن فرعون جي ڌيءَ جي پٽ سڏجڻ کان انڪار ڪيائين؛</verse>
				<verse number="25">هن ڪري جو هن ٿوري وقت تائين گناهہ جي خوشين ماڻڻ جي بدران، خدا جي اُمت سان ڏک سهڻ زيادہ پسند ڪيو؛</verse>
				<verse number="26">۽ مسيح جي واسطي ذلت سهڻ کي مصر جي خزانن کان وڏي دولت سمجهيائين: ڇالاءِ تہ جيڪو اجر ملڻو هوس، تنهن تي سندس نظر هئي.</verse>
				<verse number="27">ايمان ئي جي ڪري هن بادشاهہ جي ڪاوڙ جي پرواهہ نہ ڪئي ۽ مصر ڇڏي ڏنائين: ۽ اهڙي طرح برداشت ڪيائين جو ڄڻ تہ اڻ ڏٺل کي ٿو ڏسي.</verse>
				<verse number="28">ايمان ئي جي ڪري هن فسح جي قرباني ڪئي ۽ رت ڇڻڪيائين، تان تہ پهريتن ٻارن جو برباد ڪندڙ کين هٿ نہ لائي.</verse>
				<verse number="29">ايمان ئي جي ڪري هو ڳاڙهي سمنڊ مان ائين لنگهي ويا جيئن سُڪيءَ تان لنگهبو آهي: ۽ جڏهن مصرين بہ ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن ٻُڏي مُئا.</verse>
				<verse number="30">ايمان ئي جي ڪري يريحو جون ديوارون جڏهن ست ڏينهن انهن جي چوڌاري ڦيرا ڏنائون، تڏهن ڪِري پيون.</verse>
				<verse number="31">ايمان ئي جي ڪري راحب ڪسبياڻي نافرمانن سان گڏ برباد نہ ٿي، ڇالاءِ جو هن جاسوسن کي پاڻ وٽ صحيح سلامت رکيو.</verse>
				<verse number="32">هاڻي وڌيڪ آئون ڇا چوان؟ جو فرصت ڪانہ اٿم تہ جدعون، باراق، سمسون ۽ يفتہ جو ذڪر ڪريان؛ يا دائود ۽ سموئيل ۽ ٻين نبين جو ذڪر ڪريان؛</verse>
				<verse number="33">جن ايمان ئي جي ڪري بادشاهتون فتح ڪيون، راستبازيءَ جا ڪم ڪيا، واعدا حاصل ڪيا، شينهن جا وات بند ڪيا،</verse>
				<verse number="34">باهہ جي تيزيءَ کي بہ بي اثر ڪيائون، ترار جي ڌار کان بچي ويا، ڪمزوريءَ ۾ زور وارا ٿيا، جنگ ۾ بهادر ٿيا، ڌارين جا لشڪر ڀڄائي ڪڍيائون:</verse>
				<verse number="35">زالن کي سندن مُئل جيئرا ٿي مليا، ۽ ٻيا عذاب سهندي مري ويا، پر ڇوٽڪارو قبول نہ ڪيائون؛ انهي لاءِ تہ انهن کي بهتر قيامت نصيب ٿئي.</verse>
				<verse number="36">ٻين جي وري هن طرح آزمائش ٿي، جو مٿن کل ٺٺولي ڪيائون، کين چهبڪ هنيائون، بلڪ ٻيڙيون وجهي قيد ۾ بند ڪيائون:</verse>
				<verse number="37">هو سنگسار ڪيا ويا، ڪرٽ سان چيريا ويا، آزمائش هيٺ آيا، ترار سان قتل ٿيا: هو رڍن ۽ ٻڪرين جون کلون پائي محتاجيءَ، مصيبت ۽ بدسلوڪيءَ جي حالت ۾ گهُمندا رهيا.</verse>
				<verse number="38">(دنيا انهن جي لائق نہ هئي)، هو بيابانن ۽ جبلن ۽ غارن ۽ زمين جي چرن ۾ رهيا.</verse>
				<verse number="39">۽ جيتوڻيڪ انهن سڀني جي نسبت ۾ ايمان جي ڪري شاهدي ڏني ويئي هئي، تہ بہ واعدي واري نعمت حاصل ڪانہ ٿين،</verse>
				<verse number="40">ڇالاءِ جو خدا اسان جي لاءِ اڳيئي بهتر بندوبست ڪري ڇڏيو هو، تہ هو اسان کانسواءِ ڪامل نہ ڪيا وڃن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">تنهنڪري جڏهن شاهدن جو هيڏو وڏو بادل اسان جي چوڌاري بيٺل آهي، تڏهن اچو تہ اسين بہ سڀڪو بار ۽ گناهہ، جو اسان کي آسانيءَ سان چنبڙيو پوي، تنهن کان پاسو ڪريون، ۽ صبر سان اُها ڊوڙ ڊوڙون، جا اسان جي لاءِ مقرر ڪئي ويئي آهي.</verse>
				<verse number="2">۽ يسوع، جو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي، تنهن ڏانهن نهاريندا رهون، جنهن انهيءَ خوشيءَ جي واسطي جا سندس لاءِ مقرر هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جو ڏک سَٺو، ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو آهي.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو جنهن گنهگارن جي طرفان ايتري مخالفت سَٺي، تنهن تي غور ڪريو، تان تہ اوهين بيزار ٿي همت نہ هاريو.</verse>
				<verse number="4">اوهان گناهہ جو مقابلو ڪرڻ ۾ اڃا ايتري مخالفت نہ ڪئي آهي جو رت وهايو وڃي:</verse>
				<verse number="5">۽ اوهان اُها نصيحت وساري ڇڏي آهي جا پٽن وانگر اوهان کي ڪئي ويئي هئي، تہ ”اي منهنجا فرزند، خداوند جي سيکت کي ڪين جهڙو نہ ڄاڻ، جڏهن اهو تو کي ڇينڀي، تڏهن دل نہ لاهہ؛</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو جنهن سان خدا محبت ٿو رکي، تنهن کي هو تربيت ٿو سيکاري ۽ جنهن کي پٽ ٿو ٺهرائي، تنهن کي سيکت ٿو ڏئي.“</verse>
				<verse number="7">اوهين جو ڏک سَهو ٿا سو اوهان جي تربيت لاءِ آهي؛ خدا اوهان سان اهڙي هلت ٿو ڪري جهڙي پٽن سان ڪبي آهي؛ ڇالاءِ جو اُهو ڪهڙو پٽ آهي، جنهن کي سندس پيءُ تربيت نٿو ڏئي؟</verse>
				<verse number="8">پر جي اوهان کي اها تربيت نہ ملي، جنهن ۾ سڀ شريڪ ٿيا آهن، تڏهن اوهين حرامزادا ٿيا، نہ سچا پٽ.</verse>
				<verse number="9">تنهن کانسواءِ جي جسماني پيءُ اسان کي سيکت ڏيندا هئا تہ اسين انهن جي تعظيم ڪندا هئاسين؛ تڏهن روحن جي پيءُ جي اسين وڌيڪ تابعداري نہ ڪريون ڇا تہ جيئرا رهون؟</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو هو تہ ٿورن ڏينهن جي لاءِ جيئن مناسب سمجهندا هئا، تيئن اسان کي سيکت ڏيندا هئا؛ پر هي اسان جي فائدي لاءِ ٿو ڪري، تہ اسين هن جي پاڪيزگيءَ ۾ شامل ٿيون.</verse>
				<verse number="11">في الحال سڀ ڪنهن سيکت مان خوشي حاصل نٿي ٿئي، بلڪ غم جو سبب ٿي ڏسجي، تڏهن بہ جيڪي اها سهي سهي پڪا ٿي ويا آهن، تن کي راستبازيءَ جو ڦل ٿي ڏئي، جنهن مان اطمينان حاصل ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري ڍلا هٿ ۽ ڪمزور گوڏا سڌا ڪريو،</verse>
				<verse number="13">۽ پنهنجي پيرن جي لاءِ رستا سنوان ڪريو، تہ جيڪو منڊو آهي سو ٿاٻو نہ کائي، بلڪ ڇُٽي چڱو ڀلو ٿئي.</verse>
				<verse number="14">سڀني ماڻهن سان ميل ميلاپ رکو، ۽ پاڪيزگيءَ جا طالب ٿيو، جنهن کانسواءِ ڪوبہ ماڻهو خداوند کي نہ ڏسندو.</verse>
				<verse number="15">خبرداريءَ سان نظر ڪندا رهو، تہ ڪوبہ ماڻهو خدا جي فضل کان محروم نہ رهجي وڃي؛ متان ڪا ڪَڙي پاڙ ڦُٽي اوهان کي تڪليف ڏئي، ۽ انهي جي ڪري گهڻا ناپاڪ ٿي پون؛</verse>
				<verse number="16">متان ڪو زناڪار يا عيسوءَ جهڙو بي دين ماڻهو ٿئي، جنهن هڪڙي وقت جي کاڌي لاءِ پنهنجي پهريتي جو حق وڪڻي ڇڏيو.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو خبر اٿوَ تہ انهي کانپوءِ جڏهن هن برڪت جو وارث ٿيڻ گهُريو، تڏهن هو منظور نہ ٿيو (ڇوتہ هن کي توبهہ ڪرڻ جو موقعو ڪونہ مليو) جيتوڻيڪ هن ڳوڙها ڳاڙي انهيءَ کي هٿ ڪرڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو اوهين اُنهي جبل وٽ ڪونہ آيا آهيو، جنهن کي ڇهڻ ممڪن نہ هو، ۽ جو باهہ سان پئي ٻريو، ۽ جنهن تي ڪاراڻ ۽ اونداهي ۽ طوفان،</verse>
				<verse number="19">۽ تريءَ جو شور ۽ انهن ڪلامن جو آواز هو، جنهن جي ٻُڌڻ وارن منٿ ڪري چيو تہ هاڻي اسان کي وڌيڪ نہ ٻُڌايو وڃي:</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ جو هن حڪم جي هو برداشت ڪري نہ سگهيا تہ ”جيڪڏهن ڪو جانور بہ انهي جبل کي ڇهندو تہ اُهو سنگسار ڪيو ويندو.“</verse>
				<verse number="21">۽ هو نظارو اهڙو خوفناڪ هو جو موسيٰ چيو تہ ”آئون ڏاڍو ڊڄان ٿو ۽ ڏڪان ٿو.“</verse>
				<verse number="22">پر اوهين صيون جبل وٽ، زندہ خدا جي شهر، يعني آسمان واري يروشلم وٽ آيا آهيو، ۽ ملائڪن جي بيشمار لشڪر وٽ؛</verse>
				<verse number="23">۽ پهريتن جي عام جماعت، يعني ڪليسيا وٽ، جن جا نالا آسمان جي ياداشت ۾ داخل آهن. ۽ سڀني جي منصف خدا وٽ، ۽ ڪامل ڪيل راستبازن جي روحن وٽ،</verse>
				<verse number="24">۽ نئين عهد جي درميانيءَ يسوع وٽ، ۽ اُنهي ڇڻڪيل رت وٽ، جو هابل جي رت کان چڱيون ڳالهيون ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="25">خبردار متان اُنهي کان انڪار ڪريو جو ڳالهائي ٿو. ڇالاءِ جو جڏهن اُهي ماڻهو جن زمين تي هدايت ڪرڻ وارن کان انڪار ڪيو، سي بچي نہ سگهيا، تڏهن اسين آسمان مان هدايت ڪرڻ واري کان منهن موڙي ڪيئن بچي سگهنداسين.</verse>
				<verse number="26">اُهو، جنهن جي آواز انهي وقت زمين کي لوڏي ڇڏيو، پر هاڻي هن واعدو ڏيئي چيو آهي، تہ ”هڪڙو ڀيرو اڃا بہ نہ رڳو زمين کي پر آسمان کي بہ لوڏي ڇڏيندس.“</verse>
				<verse number="27">۽ اهي لفظ تہ ”هڪڙو ڀيرو اڃا بہ،“ ڏيکارين ٿا تہ جيڪي شيون لوڏجن ٿيون، سي پيدا ڪيلن شين وانگر گم ٿي وينديون، انهي لاءِ تہ جيڪي نٿيون لڏن سي قائم رهن.</verse>
				<verse number="28">تنهنڪري اچو تہ جيڪا بادشاهت لڏڻ جي نہ آهي، سا حاصل ڪري اهو فضل هٿ ڪريون، جنهن ڪري اهڙي ادب ۽ خوف سان عبادت ڪريون، جو اُها خدا کي پسند اچي؛</verse>
				<verse number="29">ڇالاءِ جو اسان جو خدا ڀسم ڪرڻ واري باهہ آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">شل ڀائرن جي محبت قائم رهندي اچي.</verse>
				<verse number="2">مهمان نوازي ڪرڻ کان غافل نہ رهو؛ ڇالاءِ جو انهي ڪري ڪن بي خبريءَ ۾ ملائڪن جي مهمانداري ڪئي آهي.</verse>
				<verse number="3">قيدين کي اهڙيءَ طرح ياد ڪريو جو ڄڻ تہ اوهين بہ انهن سان قيد ۾ آهيو؛ ۽ جن سان بدسلوڪي ڪرڻ ۾ ٿي اچي، تن کي بہ ياد ڪريو ۽ سمجهو تہ اوهان کي بہ انهن جهڙو جسم آهي.</verse>
				<verse number="4">سڀني کي سمجهڻ گهرجي تہ شادي وڏي عزت جي ڳالهہ آهي، ۽ بسترو بي داغ رهي؛ ڇالاءِ جو زناڪارن ۽ حرامڪارن کي خدا سزا ڏيندو.</verse>
				<verse number="5">پيسي جي پيار کان اوهين آزاد رهو؛ جيڪي اوهان وٽ آهي تنهن تي راضي رهو: ڇالاءِ جو هن پاڻ چيو آهي تہ ”آئون توکي ڪنهن بہ طرح ڇڏي ڪين ڏيندس، نڪي آئون ڪڏهن توکي وساريندس.“</verse>
				<verse number="6">تنهن ڪري اسين همت رکي چئي ٿا سگهون تہ ”خدا منهنجو مددگار آهي؛ آئون ڪين ڊڄندس؛ ماڻهو مون کي ڇا ڪندو؟“</verse>
				<verse number="7">جيڪي اوهان جا اڳواڻ هئا ۽ اوهان کي خدا جو ڪلام ٻُڌايائون، تن کي ياد ڪريو ۽ انهن جي حياتيءَ جي نتيجي جو ويچار ڪري انهن جهڙو ايمان رکو.</verse>
				<verse number="8">يسوع مسيح ڪالهہ توڙي اڄ، بلڪ هميشہ تائين ساڳيو ئي آهي.</verse>
				<verse number="9">جدا جدا قسم جي ۽ ڌارين تعليمن تي لڳي گمراهہ نہ ٿيو: ڇالاءِ جو فضل جي وسيلي دل کي قائم رکڻ چڱو آهي، نہ انهن طعامن جي وسيلي جن جي کائڻ وارن کي فائدو حاصل ڪونہ ٿيو.</verse>
				<verse number="10">اسان جي هڪڙي اهڙي قربانگاهہ آهي، جنهن مان خيمي جي خدمت ڪرڻ وارن کي کائڻ جو ڪوبہ حق ڪونهي.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو جن جانورن جو رت سردار ڪاهن پاڪ جاءِ ۾ گناهہ جي ڪفاري جي لاءِ کڻي ٿو وڃي، تن جا لاشا منزلگاهہ جي ٻاهر ساڙيا ٿا وڃن.</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري يسوع بہ پنهنجي اُمت کي پاڻ پنهنجي رت جي وسيلي پاڪ ڪرڻ لاءِ دروازي جي ٻاهر ڏک سَٺا.</verse>
				<verse number="13">انهي ڪري اچو تہ اسين بہ هن جي خواري پاڻ تي کڻي منزلگاهہ کان ٻاهر هن وٽ هلون.</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو هتي اسان جو ڪو جٽاءُ ڪندڙ شهر ڪونهي، پر اسين اهڙي جي تلاش ۾ آهيون جو اچڻو آهي.</verse>
				<verse number="15">تڏهن اچو تہ انهي جي وسيلي هميشہ خدا جي تعريف جي قرباني ڪندا رهون، يعني انهن چپن جو ڦل، جي سندس نالي جو اقرار ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="16">پر نيڪي ڪرڻ ۽ خيرات ڏيڻ متان وساريو: ڇالاءِ جو اهڙين قربانين ڪري خدا خوش ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="17">جيڪي اوهان جا اڳواڻ آهن، تن جا تابعدار ۽ فرمانبردار رهو: ڇالاءِ جو هو اوهانجن روحن جي فائدي لاءِ انهن وانگر سجاڳ ٿا رهن، جن کي حساب ڏيڻو پوندو؛ تان تہ هو اِهو ڪم خوشيءَ سان ڪن، نہ رنج سان، ڇالاءِ جو انهيءَ طرح اوهان کي ڪوبہ فائدو ڪونهي.</verse>
				<verse number="18">اسان جي لاءِ دعا گهُرو، ڇالاءِ جو اسان کي پڪ آهي تہ اسان جي نيت صاف آهي، ۽ سڀني ڳالهين ۾ ايمانداريءَ سان گذارڻ ٿا گهُرون.</verse>
				<verse number="19">۽ آئون ائين ڪرڻ لاءِ هن ڪري گهڻي قدر منٿ ٿو ڪريان تہ آئون اوهان وٽ جلد موٽي اچي سگهان.</verse>
				<verse number="20">هاڻي خدا جو اطمينان جو چشمو آهي، جنهن رڍن جي وڏي چرواهي کي، يعني اسان جي خداوند يسوع کي، هميشہ جي عهد جي رت جي وسيلي مُئلن مان وري جياري اُٿاريو،</verse>
				<verse number="21">سو شل اوهان کي سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ سندس مرضي پوري ڪرڻ لاءِ ڪامل ڪري، ۽ جيڪي سندس نظر ۾ پسند آهي سو يسوع مسيح جي وسيلي اسان ۾ پيدا ڪري؛ انهي جي وڏائي هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.</verse>
				<verse number="22">پر اي ڀائرو، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ هن نصيحت جي ڪلام جي برداشت ڪريو: ڇالاءِ جو مون اوهان ڏانهن مختصر طور لکيو آهي.</verse>
				<verse number="23">اوهان کي خبر هجي تہ اسان جو ڀاءُ تيمٿيس آزاد ٿيو آهي؛ جي اُهو جلد آيو تہ ساڻس گڏ آئون بہ اوهان کي اچي گڏبس.</verse>
				<verse number="24">جيڪي اوهان جا اڳواڻ آهن، تن سڀني کي، ۽ سڀني پاڪ ٿيلن کي سلام ڏجو. اطاليہ وارا اوهان کي سلام ٿا ڏين.</verse>
				<verse number="25">شل اوهان سڀني تي فضل ٿئي. آمين.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="59">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي بندي يعقوب جي طرفان اُنهن ٻارهن قبيلن کي سلام رسن، جي جدا جدا ملڪن ۾ ٿا رهن.</verse>
				<verse number="2">اي منهنجا ڀائرو، جڏهن اوهين طرح طرح جي آزمائشن ۾ پئو، تڏهن انهن کي وڏي خوشيءَ جي ڳالهہ ڪري سمجهو؛</verse>
				<verse number="3">۽ ڄاڻو تہ اوهان جو امتحان صبر پيدا ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="4">۽ صبر کي پنهنجو پورو ڪم ڪرڻ ڏيو تہ اوهين ڪامل ۽ سالم ٿيو، ۽ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گهٽ نہ پئو.</verse>
				<verse number="5">پر جي اوهان مان ڪنهن ۾ دانائيءَ جي ڪمي آهي، تہ اُهو خدا کان گهُري، جو سڀني کي بي انداز ٿو ڏئي، ۽ طعنا نٿو هڻي؛ ۽ اُها هن کي ڏني ويندي.</verse>
				<verse number="6">پر ايمان سان گهُري، ۽ ڪوبہ شڪ نہ آڻي: ڇالاءِ تہ جيڪو شڪ ٿو آڻي سو سمنڊ جي اُنهي لهر وانگر آهي، جا هوا سان ڌڪجي ۽ اُڇلجي ٿي.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو اهڙي ماڻهوءَ کي ائين سمجهڻ نہ گهرجي تہ کيس خداوند کان ڪي ڪجهہ ملندو؛</verse>
				<verse number="8">ٻہ دليو ماڻهو پنهنجيءَ ڪنهن بہ ڳالهہ تي قائم نٿو رهي.</verse>
				<verse number="9">پر غريب ڀاءُ پنهنجي وڏي مرتبي تي فخر ڪري:</verse>
				<verse number="10">۽ دولتمند انهي تي فخر ڪري تہ هو ذليل ڪيو ويو آهي: ڇالاءِ تہ گاهہ جي گل وانگر هو ڪومائجي ويندو.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ تہ سج اُڀرندي ئي جهولو لڳڻ شروع ٿو ٿئي، جو گاهہ کي سُڪائي ٿو ڇڏي؛ ۽ انهي جو گل ڪِريو پوي، ۽ سندس خوبصورتي گم ٿيو وڃي؛ انهي طرح دولتمند ماڻهو بہ هلندي هلندي ڪومائجي ويندو.</verse>
				<verse number="12">مبارڪ آهي اُهو ماڻهو، جنهن تي آزمائش ٿي اچي تہ بہ قائم ٿو رهي؛ ڇالاءِ جو جڏهن هو قبول پوندو، تڏهن زندگيءَ جو اهو تاج حاصل ڪندو، جنهن جو خداوند پنهنجي محبت ڪرڻ وارن کي واعدو ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="13">جڏهن ڪو ماڻهو آزمائش ۾ پوي، تڏهن انهي کي ائين چوڻ نہ گهرجي تہ منهنجي آزمائش خدا جي طرفان آهي، ڇالاءِ جو خدا پاڻ بڇڙائيءَ سان آزمايو نٿو وڃي، نڪي هو ڪنهن ماڻهوءَ کي آزمائي ٿو.</verse>
				<verse number="14">پر سڀڪو ماڻهو پنهنجين خواهشن ۾ ڇڪجي ۽ ٺڳجي، آزمائشن ۾ ٿو پوي.</verse>
				<verse number="15">پوءِ اها خواهش حاملہ ٿي گناهہ ٿي ڄڻي: ۽ جڏهن اهو گناهہ وڌي وڏو ٿو ٿئي، تڏهن موت ٿو آڻي.</verse>
				<verse number="16">اي منهنجا پيارا ڀائرو، ٺڳجي نہ وڃو.</verse>
				<verse number="17">سڀڪا چڱي بخشش ۽ سڀڪو ڪامل انعام مٿان ٿو اچي، يعني روشنيءَ جي ابي وٽان ٿو لهي، جنهن ۾ ڪنهن بہ طرح جي ڦير گهير ٿي نٿي سگهي، منجهس ڦرڻ جو پاڇو ئي ڪونهي.</verse>
				<verse number="18">هن پنهنجيءَ مرضيءَ سان حق جي ڪلام جي وسيلي اسان کي پيدا ڪيو، تہ اسين سندس پيدا ڪيل خلقت مان هڪڙي قسم جو پهريون ڦل ٿيون.</verse>
				<verse number="19">اي منهنجا پيارا ڀائرو، هيءَ ڳالهہ اوهين ڄاڻو ٿا، تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي گهرجي تہ ٻُڌڻ ۾ تکو، ۽ ڳالهائڻ ۾ ڍرو، ۽ ڪاوڙجڻ ۾ ٿڌو ٿئي:</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ جو انسان جي ڪاوڙ مان اهڙا ڪم ٿي نٿا سگهن، جي خدا جي راستبازيءَ موجب آهن.</verse>
				<verse number="21">تنهنڪري بڇڙائيءَ جي سڀ گندگي ۽ زيادتي ڇڏي، اُهو پوکيل ڪلام تحمل سان قبول ڪريو، جو اوهانجن روحن کي بچائي ٿو سگهي.</verse>
				<verse number="22">پر ڪلام تي عمل ڪندڙ ٿيو، نہ فقط ٻُڌندڙ، ۽ پاڻ کي نہ ٺڳيو.</verse>
				<verse number="23">ڇالاءِ جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪلام جو ٻُڌندڙ آهي ۽ عمل ڪندڙ نہ آهي، تہ اهو انهيءَ ماڻهوءَ جهڙو آهي جو پنهنجو منهن آرسيءَ ۾ ٿو ڏسي؛</verse>
				<verse number="24">۽ هو پاڻ کي ڏسي هليو ٿو وڃي ۽ هڪدم وساري ٿو ڇڏي تہ آئون ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهيان.</verse>
				<verse number="25">پر جيڪو ڪامل شريعت تي، يعني آزادگيءَ جي شريعت تي نظر ٿو ڪري ۽ غور ڪندو ٿو رهي، سو رڳو ٻُڌندڙ ناهي جو وساريو ڇڏي، پر عمل ڪندڙ آهي؛ اهوئي پنهنجي ڪم ۾ برڪت وارو ٿيندو.</verse>
				<verse number="26">جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي ديندار سمجهي ٿو ۽ پنهنجي زبان کي لغام نٿو ڏئي، بلڪ پنهنجي دل کي ٺڳي ٿو، تنهن جي دينداري اجائي آهي.</verse>
				<verse number="27">اسان جي خدا ۽ پيءُ جي حضور ۾ خالص ۽ بي عيب دينداري اها آهي، تہ يتيمن ۽ بيوهہ زالن جي سندن مصيبت جي وقت سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا کان بي داغ رکجي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">اي منهنجا ڀائرو، اسان جو خداوند يسوع مسيح، جو جلال وارو آهي، تنهن ۾ اوهان جو ايمان اهڙو هجي جو ڪنهن جي بہ پاسخاطري نہ ٿئي.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو سوني مُنڊي پائي ۽ عمدي پوشاڪ ڍڪي اوهان جي جماعت ۾ اچي، ۽ ٻيو هڪڙو غريب ماڻهو ميرن ڪپڙن وارو بہ اچي؛</verse>
				<verse number="3">۽ اوهين انهي عمدي پوشاڪ واري جو لحاظ ڪري چئو تہ تون هتي چڱيءَ جاءِ تي اچي ويهہ؛ ۽ هن غريب ماڻهوءَ کي چئُہ تہ تون هتي بيهہ، يا منهنجي پيرن جي صندليءَ وٽ ويهي رهہ؛</verse>
				<verse number="4">تڏهن اوهان پنهنجيءَ دل ۾ پاسخاطري نہ ڪئي ڇا، ۽ طرفداري ڪندڙ منصف نہ ٿيا ڇا؟</verse>
				<verse number="5">منهنجا پيارا ڀائرو ٻُڌو، خدا هن جهان جي غريبن کي ايمان ۾ ڀرپور ۽ انهي بادشاهت جو وارث ٿيڻ لاءِ پسند نہ ڪيو آهي ڇا، جنهن جو واعدو هن پنهنجي محبت ڪندڙن سان ڪيو آهي؟</verse>
				<verse number="6">پر اوهان انهي غريب ماڻهوءَ کي بي آبرو ڪيو آهي. دولتمند اوهان تي ظلم نٿا ڪن ڇا، ۽ اهي اوهان کي گهلي ڪچهريءَ ۾ نٿا وٺي وڃن ڇا؟</verse>
				<verse number="7">جنهن عزت واري نالي سان اوهين سڏبا آهيو، تنهن جي نسبت ۾ هو ڪفر نٿا بڪن ڇا؟</verse>
				<verse number="8">انهي هوندي بہ جيڪي پاڪ ڪتاب ۾ لکيل آهي، تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر“ تنهن موجب جيڪڏهن اوهين الاهي شريعت پوري ٿا ڪريو تہ چڱو ٿا ڪريو؛</verse>
				<verse number="9">پر جيڪڏهن ماڻهن جي پاسخاطري ٿا ڪريو تہ گناهہ ٿا ڪريو، ۽ شريعت اوهان کي ڏوهاري ٿي ٺهرائي.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو جنهن سڄيءَ شريعت تي عمل ڪيو ۽ پوءِ بہ هڪڙيءَ ڳالهہ ۾ قصور ڪيائين، تہ اُهو سڀني ڳالهين ۾ ڏوهاري ٿيو.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو جنهن هيئن چيو تہ ”زنا نہ ڪر“ تنهن هيئن بہ چيو تہ ”خون نہ ڪر.“ هاڻي جيڪڏهن تون زنا نہ ڪندين پر خون ڪندين تہ تون شريعت جو ڏوهاري ٿي چڪين.</verse>
				<verse number="12">اوهان جي گفتگو ۽ هلت چلت انهن ماڻهن وانگر هئڻ گهرجي، جن جو آزاديءَ جي شريعت موجب انصاف ٿيڻو آهي.</verse>
				<verse number="13">ڇالاءِ جو جنهن پاڻ رحم نہ ڪيو آهي، تنهن جو انصاف بہ رحم کانسواءِ ٿيندو: رحم انصاف تي غالب ٿو پوي.</verse>
				<verse number="14">اي منهنجا ڀائرو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي تہ آئون ايمان وارو آهيان، پر عمل ڪندڙ نہ هجي، تہ انهي مان ڪهڙو فائدو؟ اهڙي ايمان ڪري هن کي نجات ملندي ڇا؟</verse>
				<verse number="15">جيڪڏهن ڪو ڀاءُ يا ڀيڻ پوري ڪپڙي ۽ ڏهاڙيءَ جي کاڌي لاءِ محتاج هجي،</verse>
				<verse number="16">۽ اوهان مان ڪو انهن کي چوي تہ سلامتيءَ سان وڃو، گرم رهو ۽ ڍاول ٿيو؛ پر جيڪي شيون بدن جي لاءِ ضروري آهن سي کين نہ ڏئي، تہ انهي مان ڪهڙو فائدو؟</verse>
				<verse number="17">انهيءَ طرح ايمان بہ عمل کانسواءِ مُئل آهي.</verse>
				<verse number="18">هائو، ڪو ماڻهو چوندو تہ تون ايمان ٿو رکين ۽ آئون عمل ٿو ڪريان: تون پنهنجو ايمان عمل کانسواءِ مون کي ڏيکار، ۽ آئون توکي پنهنجن عملن جي ڪري ايمان ڏيکاريندس.</verse>
				<verse number="19">تنهنجو ايمان آهي تہ خدا هڪڙو آهي، سو چڱو ٿو ڪرين؛ بدروحن کي بہ اهڙو ايمان آهي ۽ ڏڪن پيا.</verse>
				<verse number="20">پر اي بيهودا ماڻهو، ايترو نٿو ڄاڻين تہ عمل کانسواءِ ايمان نڪمو آهي؟</verse>
				<verse number="21">جڏهن اسان جي پيءُ ابراهيم، پنهنجي پٽ اسحاق کي قربانگاهہ تي قربان ٿي ڪيو، تڏهن هو عملن جي ڪري سچار نہ ٺهرايو ويو ڇا؟</verse>
				<verse number="22">تون ڏسين ٿو تہ ايمان هن جي عمل سان گڏجي اثر ڪيو، ۽ عملن ئي جي ڪري ايمان ڪامل ٿيو؛</verse>
				<verse number="23">۽ جيڪي پاڪ لکيت ۾ چيل آهي سو پورو ٿيو تہ ”ابراهيم خدا تي ايمان آندو ۽ اهو سندس حق ۾ راستبازي ليکيو ويو؛ ۽ هو خدا جو دوست سڏيو ويو.“</verse>
				<verse number="24">هاڻي اوهين ڏسو ٿا تہ ماڻهو عمل جي ڪري راستباز ٿو ٺهري، نہ فقط ايمان جي ڪري.</verse>
				<verse number="25">ساڳيءَ طرح راحب ڪسبياڻي بہ عمل جي ڪري سچار نہ ٺهري ڇا، جو هن قاصدن کي پاڻ وٽ ٽڪايو ۽ ٻئي رستي اُماڻي ڇڏيائينِ؟</verse>
				<verse number="26">ڇالاءِ جو جيئن روح کانسواءِ بدن مُئل آهي، تيئن عمل کانسواءِ ايمان بہ مُئل آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">اي منهنجا ڀائرو، اوهان مان گهڻا اُستاد نہ ٿيو، ڇو جو ڄاڻو ٿا تہ اسين جي اُستاد آهيون، تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ٿيندي.</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو اسين سڀيئي گهڻين ڳالهين ۾ خطا پيا ڪريون. پر ڪامل انسان اُهو آهي، جيڪو ڳالهائڻ ۾ خطا نٿو ڪري، جيڪو سڄي بدن کي پنهنجي قبضي ۾ رکي ٿو سگهي.</verse>
				<verse number="3">هاڻي جڏهن اسين گهوڙن جي وات ۾ لغام ٿا وجهون، انهي لاءِ تہ هو اسان جي حڪم ۾ رهن، تہ پوءِ هنن جي ساري بدن کي بہ ڦيرائي ٿا سگهون.</verse>
				<verse number="4">ڏسو، جهاز بہ جيتوڻيڪ تمام وڏا ٿا ٿين ۽ تيز هوائن سان ڌڪجي ٿا هلن، تڏهن بہ هڪڙي تمام ننڍي سڪان جي وسيلي، سڪائيءَ جي مرضيءَ موجب ڦيرايا وڃن ٿا.</verse>
				<verse number="5">انهيءَ طرح زبان بہ هڪڙو ننڍو عضوو آهي، پر وڏيون وڏيون ٻٽاڪون ٿي هڻي. ڏسو، ڪيڏي نہ وڏي ٻيلي کي ڪيتري نہ ٿوري باهہ ساڙيو ڇڏي!</verse>
				<verse number="6">۽ زبان بہ هڪڙي باهہ آهي: اسانجن عضون ۾ شرارت جو عالم اها زبان آهي، جا ساري بدن کي ڪِنو ٿي ڪري، ۽ دنيا جي چرخي کي باهہ ٿي لڳائي ۽ دوزخ جي باهہ سان پيئي سڙي.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو سڀ ڪنهن قسم جا جانور، پکي، ۽ سُرندڙ ساهہ وارا، ۽ سمنڊ جا رهاڪو قابو ڪري سگهجن ٿا، ۽ ماڻهن انهن کي قابو ڪيو بہ آهي:</verse>
				<verse number="8">پر زبان کي ڪوبہ ماڻهو قبضي ۾ رکي نٿو سگهي؛ اها اهڙي بلا آهي جا روڪڻ جي ئي ڪينهي، ۽ موتمار زهر سان ڀريل آهي.</verse>
				<verse number="9">انهيءَ سان اسين خداوند ۽ ابي جي تعريف ٿا ڪريون؛ ۽ انهيءَ سان ئي اسين ماڻهن کي پِٽيون ٿا، جي خدا جي صورت تي پيدا ٿيل آهن؛</verse>
				<verse number="10">۽ ساڳئي وات مان دعا بہ ٿي نڪري. اي منهنجا ڀائرو، ائين ٿيڻ نہ گهرجي.</verse>
				<verse number="11">چشمي جي هڪڙي ئي ساڳئي منهن مان مٺو ۽ کارو پاڻي نڪري ٿو ڇا؟</verse>
				<verse number="12">اي منهنجا ڀائرو، انجير جي وڻ مان زيتون، يا ڊاک مان انجير پيدا ٿي سگهن ٿا ڇا؟ نڪي کاري چشمي مان مٺو پاڻي.</verse>
				<verse number="13">اوهان ۾ ڏاهو ۽ سمجهُو ڪير آهي؟ انهي کي گهرجي تہ پنهنجا ڪم چڱيءَ هلت ۽ ڏاهپ جي حليمائيءَ سان ڏيکاري.</verse>
				<verse number="14">پر جيڪڏهن اوهان جي دل ۾ سخت حسد ۽ نفاق آهي تہ فخر نہ ڪريو، نڪي سچ جي برخلاف ڪوڙ ڳالهايو.</verse>
				<verse number="15">هيءَ اُها ڏاهپ نہ آهي جا مٿان ٿي اچي، پر دنيوي ۽ جسماني ۽ شيطاني آهي.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو جتي حسد ۽ نفاق آهي، اتي فساد ۽ هر طرح جو بڇڙو ڪم بہ ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="17">پر جيڪا ڏاهپ مٿان ٿي اچي، سا پهرين تہ پاڪ آهي، پوءِ صلح پسند، حليم، نرم مزاج، رحيم ۽ چڱن ڦلن سان ڀريل، بي ريا ۽ بنا مڪر آهي.</verse>
				<verse number="18">۽ جيڪي صلح ٿا ڪرائين، تن جي لاءِ راستبازيءَ جو ڦل صلح ۾ پوکيو ٿو وڃي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">اوهان ۾ جنگيون، جهيڙا ڪٿان ٿا اچن؟ ڇا انهن خواهشن مان نٿا نڪرن، جيڪي اوهان جي عضون ۾ پيون جنگ ڪن؟</verse>
				<verse number="2">اوهين خواهش ڪريو ٿا؛ پر حاصل ڪجهہ بہ نٿا ڪريو؛ تنهنڪري اوهين خون ۽ لالچ ٿا ڪريو پر حاصل ڪجهہ بہ نٿا ڪريو؛ پوءِ جهيڙا جنگيون ٿا ڪريو. اوهان کي هن ڪري نٿو ملي جو گهُرو نٿا.</verse>
				<verse number="3">اوهين گهُرو ٿا پر حاصل نٿا ڪريو، جو اوهين بريءَ نيت سان ٿا گهُرو، انهي لاءِ تہ پنهنجي عيش عشرت ۾ خرچ ڪريو.</verse>
				<verse number="4">اي زناڪار انسان، اوهان کي خبر ناهي ڇا تہ دنيا جي دوستي خدا سان دشمني آهي؟ تنهنڪري جيڪو دنيا جو دوست ٿيڻ ٿو گهُري، سو پاڻ کي خدا جو دشمن ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="5">يا اوهين ائين ٿا ڀانئيو ڇا، تہ پاڪ ڪتاب جو چوڻ اجايو آهي تہ ”جيڪو روح هن اسان کي ڏنو تہ اسان ۾ رهي، تنهن جي هن کي غيرت آهي؟“</verse>
				<verse number="6">پر هو زيادہ فضل ٿو ڏئي، تنهنڪري هو فرمائي ٿو تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري خدا جي تابع ٿيو؛ شيطان جو مقابلو ڪريو تہ هو اوهان وٽان ڀڄي ويندو.</verse>
				<verse number="8">خدا جي ويجهو وڃو تہ هو بہ اوهان جي ويجهو ايندو. اي گنهگارو، پنهنجا هٿ صاف ڪريو؛ ۽ اوهين جي ٻِہ چِتيا آهيو، سي پنهنجيون دليون پاڪ ڪريو.</verse>
				<verse number="9">افسوس ۽ ماتم ڪريو ۽ روئو: اوهان جو کلڻ بدلجي ماتم ٿيڻ گهرجي ۽ اوهان جي خوشي دلگيري.</verse>
				<verse number="10">خداوند جي حضور ۾ پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ هو اوهان کي سرفراز ڪندو.</verse>
				<verse number="11">اي ڀائرو، هڪٻئي جي برخلاف نہ ڳالهايو. جيڪو ڪنهن ڀاءُ جي بدگوئي ٿو ڪري، يا پنهنجي ڀاءُ تي ڪو الزام ٿو آڻي، سو شريعت جي برخلاف ٿو ڳالهائي، ۽ شريعت تي الزام ٿو آڻي. پر جي تون شريعت تي الزام ٿو آڻين تہ تون شريعت تي عمل نہ پر عدالت ٿو ڪرين.</verse>
				<verse number="12">شريعت ڏيڻ وارو ۽ عدالت ڪرڻ وارو هڪڙو ئي آهي، يعني اُهو جو بچائي ۽ ماري ٿو سگهي. پر تون ڪير آهين جو پنهنجي پاڙيسريءَ تي الزام ٿو آڻين؟</verse>
				<verse number="13">هاڻي ٻُڌو، اوهين جو چئو ٿا تہ اڄ يا سڀاڻ فلاڻي شهر ۾ وينداسين، ۽ هڪڙو ورهيہ اُتي وڃي گذارينداسين، ۽ واپار ڪنداسين، ۽ فائدو حاصل ڪنداسين:</verse>
				<verse number="14">پر اوهان کي ايتري بہ خبر ڪانهي تہ سڀاڻي ڇا ٿيندو. اوهان جي حياتي ڇا آهي؟ ڇالاءِ جو اوهين تہ ٻاڦ وانگر آهيو، جا ٿوري وقت تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ۽ پوءِ گم ٿيو وڃي.</verse>
				<verse number="15">انهي جي بدران اوهان کي هيئن چوڻ گهرجي، تہ جيڪڏهن خداوند گهُريو تہ اسين جيئرا بہ رهنداسين، ۽ فلاڻو يا فلاڻو ڪم بہ ڪنداسين.</verse>
				<verse number="16">پر هاڻي اوهين پنهنجي مغروريءَ جي ٻٽاڪ ٿا هڻو: اهڙيون ٻٽاڪون هڻڻ گناهہ آهي.</verse>
				<verse number="17">تنهنڪري جيڪو چڱائي ڪرڻ ڄاڻي ٿو ۽ نٿو ڪري، تنهن جي لاءِ اهو گناهہ آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">اي دولتمندو، هاڻي ٻُڌو؛ جيڪي مصيبتون اوهان تي اچڻيون آهن، تن جي ڪري اوهين روئو ۽ رڙيون ڪريو.</verse>
				<verse number="2">اوهان جي دولت سڙي ڪِني ٿي ويئي، ۽ اوهان جا ويس وڳا ڪينئن کائي چٽ ڪيا.</verse>
				<verse number="3">اوهان جي سون ۽ چانديءَ تي ڪٽ چڙهي ويئي آهي، ۽ اُها ڪٽ اوهان تي شاهدي ڏيندي، ۽ باهہ وانگر اوهان جو ماس کائيندي. اوهان پوين ڏينهن لاءِ خزانو گڏ ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="4">ڏسو، جن مزورن اوهانجين ٻنين ۾ لابارو وڌو، تن جي مزوري، جا اوهان ٺڳي ڪري روڪي رکي ڇڏي، سا رڙيون پيئي ڪري: ۽ اُنهن لاهيارن جون دانهون لشڪرن جي خداوند جي ڪَنن تائين وڃي پهتيون آهن.</verse>
				<verse number="5">اوهين زمين تي عيش عشرت ۾ رهيا آهيو، ۽ موجون ماڻيون اٿوَ؛ قتلام جي ڏينهن لاءِ اوهان پنهنجين دلين کي تازو توانو ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="6">راستباز کي اوهان ڏوهاري ٺهرائي قتل ڪيو؛ پر هو اوهان جي مخالفت نٿو ڪري.</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري اي ڀائرو، خداوند جي اچڻ تائين صبر ڪريو. ڏسو، هاري زمين جي قيمتي ڦل لاءِ جيستائين آڳاٽو ۽ پاڇاٽو مينهن نٿو پوي، تيستائين صبر سان انتظار ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="8">اوهين بہ صبر ڪريو؛ پنهنجيون دليون مضبوط ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند جو اچڻ ويجهو آهي.</verse>
				<verse number="9">اي ڀائرو، هڪٻئي جي شڪايت نہ ڪريو، متان ڏوهاري ٺهرو: ڏسو، انصاف ڪرڻ وارو در تي بيٺو آهي.</verse>
				<verse number="10">اي ڀائرو، جن نبين خداوند جي نالي ڪلام ڪيو، تن جي ڏک سهڻ ۽ صبر جي نموني تي هلو.</verse>
				<verse number="11">ڏسو، جن صبر ڪيو، تن کي اسين مبارڪ ٿا سڏيون؛ اوهان ايوب جي صبر جو حال ٻُڌو آهي، ۽ ڏٺو اٿوَ تہ خداوند ساڻس پڇاڙيءَ ۾ ڇا ڇا ڪيو، ۽ ڪيئن خداوند فضل ۽ رحم سان ڀرپور آهي.</verse>
				<verse number="12">پر اي منهنجا ڀائرو، سڀ کان وڏي ڳالهہ هيءَ آهي تہ قسم نہ کڻو، نہ آسمان جو، نہ زمين جو، نہ ڪنهن ٻيءَ شيءِ جو؛ پر اوهان جي ها، ها هئڻ کپي؛ ۽ اوهان جي نہ، نہ؛ تہ اوهين سزاوار نہ ٿيو.</verse>
				<verse number="13">جيڪڏهن اوهان مان ڪوبہ ڏکي هجي تہ اُهو دعا گهُري، ۽ جيڪڏهن ڪو خوش هجي تہ اُهو تعريف جا گيت ڳائي.</verse>
				<verse number="14">جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو بيمار هجي تہ اهو ڪليسيا جي بزرگن کي سڏي؛ ۽ اهي کيس خداوند جي نالي تيل مکي هن لاءِ دعا گهُرن:</verse>
				<verse number="15">۽ جا دعا ايمان سان گهُربي، سا بيمار کي بچائيندي، ۽ خداوند انهي کي اُٿاري کڙو ڪندو؛ ۽ جيڪڏهن هن گناهہ ڪيا هوندا تہ انهن جي معافي ملنديس.</verse>
				<verse number="16">تنهنڪري پنهنجا گناهہ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ دعا گهُرو تہ شفا پايو. راستباز ماڻهوءَ جي دعا جو گهڻو اثر ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="17">ايلياہ بہ اسان جهڙيءَ طبيعت جو ماڻهو هو، ۽ هن دل و جان سان دعا گهُري تہ مينهن نہ وسي؛ پوءِ ساڍا ٽي ورهيہ برابر زمين تي مينهن نہ وسيو.</verse>
				<verse number="18">۽ هن وري دعا گهُري، تڏهن آسمان مان مينهن وسيو ۽ زمين مان پيداوار ٿيڻ لڳي.</verse>
				<verse number="19">اي منهنجا ڀائرو، جيڪڏهن اوهان مان ڪو حق کان گمراهہ ٿي وڃي، ۽ ٻيو ڪو کيس موٽائي آڻي؛</verse>
				<verse number="20">تہ ان کي ڄاڻڻ گهرجي تہ جيڪو ڪنهن گنهگار کي گمراهيءَ کان ڦيرائي صحيح راهہ تي ٿو آڻي، سو پنهنجي جان کي موت کان بچائيندو ۽ گهڻا گناهہ ڍڪي ڇڏيندو.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="60">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">يسوع مسيح جي رسول، پطرس جي طرفان انهن مسافرن ڏانهن جي پنطس، ۽ گلتيہ، ۽ ڪپدڪيا، ۽ آسيا، ۽ بٿنيہ ۾ پکڙيل آهن،</verse>
				<verse number="2">۽ جيڪي خدا پيءُ جي سابق علم موجب چونڊيا ويا آهن، تہ روح جي پاڪ ڪرڻ سان فرمانبردار ٿين، ۽ يسوع مسيح جي رت ڇٽڪارڻ ڪري مخصوص ٿين. شل اوهان تي فضل ۽ اطمينان وڌندو رهي.</verse>
				<verse number="3">اسان جي خداوند يسوع مسيح جو خدا ۽ پيءُ مبارڪ هجي، جنهن پنهنجي بيحد رحم سان يسوع مسيح جي مُئلن مان جي اُٿڻ جي ڪري اسان کي زيادہ اُميد جي لاءِ وري نئين سر پيدا ڪيو؛</verse>
				<verse number="4">تہ اسين هڪڙو غير فاني، ۽ بي داغ، ۽ لازوال ورثو حاصل ڪريون، جو خاص اوهان جي لاءِ آسمان ۾ رکيل آهي.</verse>
				<verse number="5">۽ جيڪا نجات آخر زماني ۾ ظاهر ٿيڻ جي لاءِ تيار آهي، تنهن جي لاءِ ايمان جي وسيلي خدا جي قدرت سان اوهان جي حفاظت ٿي ٿئي.</verse>
				<verse number="6">انهي جي ڪري اوهين گهڻي خوشي ڪريو، جيتوڻيڪ هاڻي ٿوري وقت لاءِ ضرورت جي سبب اوهان کي آزمائشون سَهڻيون ٿيون پون.</verse>
				<verse number="7">انهي لاءِ تہ اوهان جو ايمان، جو باهہ سان پرکيل فاني سون کان زيادہ قيمتي آهي، سو مسيح جي ظاهر ٿيڻ وقت، تعريف ۽ جلال ۽ عزت جي لائق ٿئي.</verse>
				<verse number="8">بنا ڏٺي اوهين هن کي پيار ٿا ڪريو؛ ۽ جيتوڻيڪ اوهين هاڻي کيس نٿا ڏسو، تہ بہ ايمان آڻي ايتري گهڻي خوشي ٿا ڪريو جا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، ۽ جلال سان ڀرپور آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ پنهنجي ايمان جو نتيجو، يعني پنهنجي روحن جي نجات حاصل ٿا ڪريو.</verse>
				<verse number="10">انهن نبين، جن انهيءَ فضل جي نبوت ڪئي جو اوهان تي ٿيڻ وارو هو، انهيءَ نجات جي تلاش ۽ تحقيقات ڪئي.</verse>
				<verse number="11">۽ پڇا ڪيائون تہ ڪهڙي شخص يا زماني ڏانهن، مسيح جو روح جو منجهن هو، اشارو ٿو ڪري تہ مسيح ڏک سهندو ۽ پوءِ جلال حاصل ڪندو.</verse>
				<verse number="12">۽ مٿن هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ هنن، اهي ڳالهيون پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي خدمت لاءِ ٿي ڪيون، جن جي خبر هاڻي اوهان کي انهن جي معرفت ملي، جن انهي پاڪ روح جي وسيلي، جو آسمان مان موڪليو ويو هو، اوهان کي خوشخبري ٻُڌائي، ۽ ملائڪ بہ انهن ڳالهين تي غور ڪرڻ لاءِ خواهشمند آهن.</verse>
				<verse number="13">تنهنڪري سمجهہ جو سندرو ٻُڌي هوشيار ٿيو، ۽ انهي فضل جي ڪامل اُميد رکو، جو يسوع مسيح جي ظهور وقت اوهان تي ٿيڻو آهي.</verse>
				<verse number="14">فرمانبردار ٻارن وانگر پنهنجي نادانيءَ جي وقت وارين نفساني خواهشن موجب هلت نہ ڪريو؛</verse>
				<verse number="15">پر جيئن اوهان جو سڏڻ وارو پاڪ آهي، تيئن اوهين بہ هر طرح جي هلت چلت ۾ پاڪ ٿيو؛</verse>
				<verse number="16">هن ڪري جو لکيل آهي تہ ”اوهين پاڪ ٿيو؛ ڇالاءِ جو آئون پاڪ آهيان.“</verse>
				<verse number="17">۽ جيڪڏهن اوهين انهي کي ابو ڪري ٿا سڏيو، جو بنا پاسخاطريءَ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي ڪم موجب انصاف ٿو ڪري، تہ پنهنجي مسافريءَ جو وقت خوف ۾ گذاريو.</verse>
				<verse number="18">اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان جي اجائي هلت چلت جا اوهان جي ابن ڏاڏن کان وٺي هلي آئي آهي، تنهن کان اوهان کي فاني شين، يعني سون ۽ چانديءَ جي وسيلي نجات نہ ملي؛</verse>
				<verse number="19">پر هڪڙي بي عيب ۽ بي داغ گهيٽي جي قيمتي رت سان ملي، يعني مسيح جي رت سان.</verse>
				<verse number="20">هو دنيا جي شروعات کان اڳي مقرر ٿيو هو، پر اوهان جي خاطر آخري زماني ۾ پڌرو ڪيو ويو.</verse>
				<verse number="21">هن جي وسيلي اوهان خدا تي ايمان آندو آهي، جنهن هن کي مُئلن مان جياريو ۽ جلال ڏنائينس؛ انهي لاءِ تہ اوهان جو ايمان ۽ آسرو خدا تي هجي.</verse>
				<verse number="22">جڏهن اوهان حق جي تابعداري ڪري پنهنجن روحن کي پاڪ ڪيو تہ ڀائرن سان حقيقي محبت ڪريو، تڏهن دل و جان سان هڪٻئي کي پيار ڪريو.</verse>
				<verse number="23">ڇالاءِ جو اوهين فاني ٻج مان نئين سر پيدا نہ ٿيا آهيو، پر غير فاني ٻج مان، يعني خدا جي ڪلام جي وسيلي، جو زندہ ۽ قائم آهي.</verse>
				<verse number="24">ڇالاءِ جو ”انسان گاهہ وانگر آهي. گاهہ سُڪي وڃي ٿو ۽ گل ڪِري ٿو پوي،</verse>
				<verse number="25">پر خدا جو ڪلام هميشہ تائين قائم رهندو.“ ۽ اهوئي خوشخبريءَ جو ڪلام آهي جو اوهان کي ٻُڌايو ويو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">تنهنڪري اوهين سڀ بدڪاري، سڀ ٺڳي ۽ رياڪاري، حسد ۽ سڀ بدگويون ڇڏي ڏيو.</verse>
				<verse number="2">نوزاد ڄاول ٻارن وانگر اُنهي نج روحاني کير جا خواهشمند ٿيو، تہ انهي تي نپجي نجات حاصل ڪريو؛</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو اوهان خداوند جي مهربانيءَ جو سواد چکيو آهي.</verse>
				<verse number="4">انهيءَ پهڻ وٽ اچو جنهن کي معمارن رد ڪري ڇڏيو، پر جو خدا کي پسند ۽ قيمتي آهي.</verse>
				<verse number="5">۽ اوهين بہ زندہ پهڻن وانگر اڏجي روحاني گهر بڻجو، انهي لاءِ تہ هڪڙي ڪاهنن جي پاڪ جماعت ٿي، اهڙيون روحاني قربانيون چاڙهيو جي يسوع مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول ٿيون پون.</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو پاڪ ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ ”ڏسو، آئون صيون ۾ چونڊيل ۽ ڪنڊ جو قيمتي پهڻ ٿو رکان: ۽ جيڪو اُنهي تي ايمان آڻيندو سو شرمندو نہ ٿيندو.“</verse>
				<verse number="7">تنهنڪري اوهين جن ايمان آندو آهي، تن لاءِ اهو قيمتي آهي؛ پر جيڪي ايمان نٿا آڻين تن جي لاءِ ”جيڪو پهڻ اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو، سو ساڳيو ئي ڪنڊ جي سري جو پهڻ ٿي پيو.“</verse>
				<verse number="8">۽ ”ٿاٻڙجڻ جو پهڻ ۽ ٺوڪر کائڻ جي ڇپ“: ڇالاءِ جو هو نافرمان ٿي ڪلام کان گمراهہ ٿا ٿين: ۽ انهي جي لاءِ هو مقرر بہ ڪيا ويا هئا.</verse>
				<verse number="9">پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، ۽ شاهي ڪاهنن جي جماعت، ۽ پاڪ قوم، ۽ خدا جي اهڙي اُمت آهيو، جا سندس خاص ملڪيت آهي، تان تہ انهي جون خوبيون ظاهر ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان ڪڍي، پنهنجي عجيب روشنائيءَ ۾ سڏيو آهي:</verse>
				<verse number="10">جو اڳي اوهين ڪابہ اُمت نہ هئا، پر هاڻي اوهين خدا جي اُمت آهيو: اڳي اوهان تي رحم ڪونہ ٿيو هو، پر هاڻي اوهان تي رحم ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="11">اي پيارو، آئون اوهان کي پرديسي ۽ مسافر ڄاڻي عرض ٿو ڪريان تہ اُنهن جسماني خواهشن کان پري رهو، جي روح سان وڙهن ٿيون،</verse>
				<verse number="12">۽ غير قومن ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جن ڳالهين ڪري هو اوهان کي بدڪار ڄاڻي اوهان جي گلا ٿا ڪن، تن ۾ اوهان جا چڱا ڪم ڏسي عدالت جي ڏينهن خدا جي وڏائي ظاهر ڪن.</verse>
				<verse number="13">خداوند جي خاطر انسان جي سڀ ڪنهن اختياريءَ جا تابعدار رهو. بادشاهہ جا هن ڪري جو هو سڀني کان اعليٰ آهي؛</verse>
				<verse number="14">۽ حاڪمن جا هن ڪري جو هو بدڪار کي سزا ڏيڻ لاءِ ۽ نيڪي ڪندڙن جي تعريف ڪرڻ لاءِ موڪليل آهن.</verse>
				<verse number="15">ڇالاءِ جو خدا جي اها ئي مرضي آهي تہ نيڪي ڪرڻ سان اوهين بيوَقوف ماڻهن جي نادانيءَ جي ڳالهين کي بند ڪريو.</verse>
				<verse number="16">۽ پاڻ کي آزاد ڄاڻو، پر ائين نہ ٿئي جو اها آزادي اوهان جي بدي ڪرڻ جو بهانو ٿي پوي، پر پاڻ کي خدا جا غلام سمجهو.</verse>
				<verse number="17">سڀني ماڻهن جي عزت ڪريو. برادريءَ وارن کي پيار ڪريو. خدا کان ڊڄو. بادشاهہ جي تعظيم ڪريو.</verse>
				<verse number="18">اي نوڪرو، ڏاڍي ادب سان پنهنجن ڌڻين جي تابعداريءَ ۾ رهو؛ نہ رڳو نيڪ ۽ نرم طبيعت وارن جي، پر تيز طبيعت وارن جي بہ.</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا جي نالي ناحق ڏک سهندو ۽ تڪليفون برداشت ڪندو، تہ اها قبول پوڻ جهڙي ڳالهہ آهي.</verse>
				<verse number="20">هن ڪري جو جيڪڏهن اوهين گناهہ ڪري انهي لاءِ مار کائو، ۽ پوءِ صبر ڪري اُها سهو تہ اُنهي ۾ ڪهڙو فخر آهي؟ پر جيڪڏهن نيڪي ڪري ڏک ڀوڳيو، ۽ صبر ڪري اُهو سور سهو، تہ خدا وٽ اها ڳالهہ قبول پوندي.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو انهي لاءِ ئي اوهين سڏيا ويا آهيو: هن ڪري جو مسيح بہ اوهان جي لاءِ ڏک سَٺا، ۽ اوهان کي هڪڙو نمونو ڏيئي ويو تہ اوهين بہ سندس پيروي ڪريو.</verse>
				<verse number="22">هن ڪوبہ گناهہ ڪونہ ڪيو، نڪا سندس وات مان ڪا ٺڳيءَ جي ڳالهہ نڪتي؛</verse>
				<verse number="23">هن گاريون کاڌيون، پر موٽائي گار نہ ڏنائين؛ هن ڏک سَٺو پر ڪنهن کي بہ ڌمڪايائين ڪين؛ بلڪ پاڻ کي سچي انصاف ڪرڻ واري جي حوالي ڪيائين.</verse>
				<verse number="24">هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهي لاءِ تہ اسين گناهن جي ڪري مري راستبازيءَ لاءِ جيون؛ هن جي مار کائڻ جي ڪري اوهان کي شفا ملي.</verse>
				<verse number="25">ڇالاءِ جو پهرين اوهين رڍن وانگر رُلي ويا هئا؛ پر هاڻي پنهنجن روحن جي ڌنار ۽ نگهبان (بشپ) وٽ موٽي آيا آهيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">ساڳيءَ طرح زالون، پنهنجن مڙسن جي تابعداريءَ ۾ رهن؛ انهي لاءِ تہ جي انهن مان ڪي ڪلام کي نہ مڃيندا هجن، تہ بہ پنهنجين زالن جي هلت چلت جي ڪري ڪلام ڪرڻ کانسواءِ خدا جي طرف ڇڪجي اچن؛</verse>
				<verse number="2">يعني جڏهن هو سندن پاڪ ۽ ادب واري هلت چلت ڏسن.</verse>
				<verse number="3">اوهان جو سينگار وارن ڳتڻ، ۽ سونا زيور پائڻ، ۽ عمدن وڳن ڍڪڻ وارو ظاهري سينگار نہ هئڻ گهرجي؛</verse>
				<verse number="4">پر اندر وارو باطن ۾ حليم، ۽ غريب طبيعت جو غير فاني ويس هئڻ گهرجي، جنهن جو خدا جي نظر ۾ گهڻو قدر آهي.</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو اڳئين زماني ۾ بہ پاڪ زالون، جن جي اُميد خدا تي هئي، سي انهيءَ طرح پنهنجن مڙسن جي تابع رهي، پاڻ کي سينگارينديون هيون:</verse>
				<verse number="6">جهڙيءَ طرح ڪ سارہ ابراهيم جي حڪم ۾ رهندي هئي، ۽ انهي کي پنهنجو مالڪ سڏيندي هئي. اوهين بہ انهيءَ جو اولاد آهيو، بشرطيڪ نيڪي ڪريو ۽ ڪنهن جو بہ خوف نہ ڪريو.</verse>
				<verse number="7">۽ اوهين جي مرد آهيو، سي بہ ساڳيءَ طرح پنهنجين زالن کي نازڪ ظرف سمجهي ساڻن سياڻپ سان هلو، ۽ پاڻ کي انهن سان زندگيءَ جي نعمت جي ورثي ۾ شريڪ ڄاڻي، کين عزت ڏيو؛ انهي لاءِ تہ اوهان جون دعائون روڪجي نہ وڃن.</verse>
				<verse number="8">آخر ۾ اوهين سڀيئي يڪدل ۽ همدرد ٿيو، ڀائرن وانگر هڪٻئي کي پيار ڪريو ۽ نرم دل ۽ نماڻي طبيعت وارا ٿيو؛</verse>
				<verse number="9">بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو، ۽ گار جي بدران گار نہ ڏيو؛ پر اُٽلندو دعا ڪريو؛ ڇالاءِ جو اوهين انهي لاءِ سڏيا ويا هئا تہ برڪت جا وارث ٿيو.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ تہ ”جيڪو ڀانئين تہ حياتي سُکي گذاريان ۽ چڱا ڏينهن ڏسان، سو پنهنجي زبان کي بديءَ کان روڪي، ۽ پنهنجي چپن کي ٺڳيءَ جي ڳالهہ ڪرڻ کان؛</verse>
				<verse number="11">بديءَ کان پاسو ڪري ۽ نيڪي ڪري، صلح جو طالب رهي، ۽ انهي جي پٺيان هلي.</verse>
				<verse number="12">ڇالاءِ جو راستبازن تي خداوند جي مهر جي نظر آهي، ۽ سندس ڪَن انهن جي دعا ڏانهن آهن؛ پر جيڪي بدي ٿا ڪن، سي خداوند جي نگاهہ ۾ آهن.“</verse>
				<verse number="13">جيڪڏهن اوهان کي نيڪي ڪرڻ جو شوق هوندو تہ ڪير اوهان سان بدي ڪندو؟</verse>
				<verse number="14">پر جي راستبازيءَ جي ڪري اوهين کڻي ڏک سهو تہ بہ اوهين مبارڪ آهيو: ۽ انهن جي ڌمڪين کان نہ ڊڄو، نڪي مونجهاري ۾ پئو؛</verse>
				<verse number="15">پر مسيح کي خداوند ڄاڻي پنهنجين دلين ۾ پاڪ سمجهو ۽ جا اُميد اوهان ۾ آهي، تنهن جو سبب جيڪو ماڻهو اوهان کان پڇي تنهن کي جواب ڏيڻ لاءِ هميشہ تيار رهو، مگر حليمائيءَ ۽ ادب سان.</verse>
				<verse number="16">۽ نيت بہ نيڪ رکو تہ جن ڳالهين جي نسبت ۾ اوهان جي گلا ٿي ٿئي، تن ۾ جيڪي اوهان جي مسيحي چڱي هلت چلت جي بدگوئي ٿا ڪن، سي شرمندا ٿين.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو جيڪڏهن خدا جي مرضي موجب اوهين نيڪي ڪري ڏک سهو، تہ اها ڳالهہ بدي ڪري ڏک سهڻ کان چڱي آهي.</verse>
				<verse number="18">هن ڪري جو مسيح بہ هڪڙو ئي ڀيرو گناهن جي لاءِ ڏک سَٺو، يعني راستباز ناراستن لاءِ، تان تہ هو اسان کي خدا تائين پهچائي. هو جسماني طور مارجي ويو، پر روحاني طور جياريو ويو؛</verse>
				<verse number="19">انهي حالت ۾ هن وڃي اُنهن روحن وٽ منادي ڪئي، جي قيد ۾ پيا هئا،</verse>
				<verse number="20">جي اڳي نافرمان هئا، جڏهن نوح جي زماني ۾ خدا تحمل ڪري انتظار ۾ هو، ۽ ڪَشتي تيار پئي ٿي، جنهن ۾ ٿورا ماڻهو، يعني اٺ ڄڻا پاڻيءَ ۾ ٻُڏڻ کان بچي پيا.</verse>
				<verse number="21">انهي جو سچو نمونو، يعني بپتسما، جنهن جي مراد اها نہ آهي تہ بدن جو مير صاف ڪري پر خالص نيت سان خدا جو طالب ٿئي، سا هاڻي بہ يسوع مسيح جي جيئري ٿيڻ جي وسيلي اوهان کي بچائي ٿي.</verse>
				<verse number="22">هو آسمان ۾ ويو ۽ وڃي خدا جي ساڄي پاسي ويٺو؛ ۽ ملائڪ ۽ اختيار وارا ۽ قدرتون انهي جي تابع ڪيون ويون آهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">تنهنڪري جڏهن مسيح جسم ۾ ڏک سَٺا، تڏهن اوهين بہ ساڳي طبيعت اختيار ڪريو، ڇالاءِ تہ جنهن جسم ۾ ڏک سَٺا، سو گناهن کان ڇُٽي پيو؛</verse>
				<verse number="2">تان تہ اڳتي پنهنجي باقي جسماني زندگي ماڻهن جي نفساني خواهشن موجب نہ، پر خدا جي مرضيءَ موافق گذاري.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو جيترو وقت اوهان غير قومن موافق هلت ڪئي، يعني شهوت پرستيءَ، نفساني خواهشن، شراب خورين، عيش عشرت ۽ موجن ۽ ڪراهت جهڙي بُت پرستيءَ ۾ گذاريو، ايترو ئي بس آهي.</verse>
				<verse number="4">هاڻي هنن کي عجب ٿو لڳي تہ اوهين سندن بدچاليءَ ۾ ساڻن شامل نٿا ٿيو، تنهنڪري هو اوهان جي بدگوئي ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="5">پر جيڪو جيئرن ۽ مُئلن جي عدالت ڪرڻ لاءِ تيار آهي، تنهن کي ئي پنهنجن ڪمن جو حساب ڏيڻو پوندن.</verse>
				<verse number="6">انهي ئي مطلب لاءِ مُئلن کي بہ خوشخبري ٻُڌائي ويئي تہ انهن جو انصاف ماڻهن وانگر جسماني طور ٿئي، ۽ اُهي خدا ۾ روحاني طور رهن.</verse>
				<verse number="7">سڀني شين جي پڄاڻي جلد ٿيڻ واري آهي، تنهنڪري اوهين هوشيار رهو ۽ دعا گهُرڻ ۾ سجاڳ رهو.</verse>
				<verse number="8">سڀني ڳالهين کان وڌيڪ هڪٻئي سان گهڻي محبت رکو؛ ڇالاءِ جو محبت گهڻا ئي گناهہ ڍڪيو ڇڏي.</verse>
				<verse number="9">ڪُرڪڻ کانسواءِ هڪٻئي جي مهمان نوازي ڪريو.</verse>
				<verse number="10">جيئن هر ڪنهن کي نعمت ملي، تيئن خدا جي فضل جا چڱا مختيار ٿي هڪٻئي جي خدمت ڪريو.</verse>
				<verse number="11">جيڪڏهن ڪو ماڻهو منادي ڪري تہ اهو خدا جي ڪلام موجب ڪري؛ جيڪڏهن ڪو خدمت ڪري تہ اهڙي ڪري جهڙي خدا طاقت ڏني هجيس، انهي لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ يسوع مسيح جي وسيلي خدا جو جلال ظاهر ٿئي، جنهن جي وڏائي ۽ بادشاهي هميشہ تائين قائم آهي. آمين.</verse>
				<verse number="12">اي پيارو، مصيبت جي باهہ جا اوهان جي آزمائش لاءِ اوهان تي آئي آهي، تنهن بابت تعجب نہ ڪريو، تہ ڄڻ جا عجيب ڳالهہ اوهان تي اچي پيئي آهي.</verse>
				<verse number="13">پر جيئن جيئن اوهين مسيح جي ڏکن ۾ شريڪ ٿا ٿيو، تيئن تيئن خوشي ڪريو؛ تہ سندس جلال جي ظهور جي وقت بہ ڏاڍا خوش ۽ سرها ٿيو.</verse>
				<verse number="14">جيڪڏهن مسيح جي نالي اوهان کي طعنا ٿا هڻن تہ اوهين مبارڪ آهيو؛ ڇالاءِ جو جلال جي روح، يعني خدا جي روح جي اوهان تي ڇانوَ آهي.</verse>
				<verse number="15">پر ڏسو، متان اوهان مان ڪوبہ خوني، يا چور، يا بدڪار، يا ٻين جي ڪمن ۾ دست اندازي ڪندڙ ٿي ڏک سهي.</verse>
				<verse number="16">پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو مسيحي هئڻ سببان ڏک سهي تہ انهي لاءِ تہ شرمندو نہ ٿئي؛ بلڪ انهي نالي جي ڪري خدا جي وڏائي ڪري.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو اهو وقت اچي پهتو آهي تہ خدا جي ڪليسيا مان عدالت شروع ٿئي: ۽ جيڪڏهن اُها پهرين اسان وٽان شروع ٿيندي، تہ جيڪي خدا جي خوشخبريءَ کي نٿا مڃين، تن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿيندي؟</verse>
				<verse number="18">۽ جيڪڏهن راستباز ماڻهوءَ کي ئي مشڪلات سان نجات ملندي تہ بي دين ۽ گنهگارن جو حال ڪهڙو ٿيندو؟</verse>
				<verse number="19">تنهنڪري جيڪي خدا جي مرضيءَ موجب ڏک ٿا سهن، سي چڱو ٿا ڪن ۽ پنهنجا روح سچي خالق جي حوالي ٿا ڪن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">تنهنڪري اوهان ۾ جيڪي بزرگ آهن، تن کي آئون نصيحت ٿو ڪريان، جو آئون بہ اُنهن منجهان هڪڙو ۽ مسيح جي ڏکن جو شاهد آهيان، ۽ جيڪو جلال ظاهر ٿيڻ وارو آهي، تنهن ۾ بہ شريڪ آهيان؛</verse>
				<verse number="2">خدا جو ڌڻ، جو اوهان جي سپرد آهي، تنهن کي اوهين چاريو ۽ انهي جي نگهباني ڪريو، نہ لاچاريءَ سبب، پر خوشيءَ سان، نہ پيسي جي لالچ تي، پر دل جي شوق سان؛</verse>
				<verse number="3">جيڪي اوهان جي سپرد ڪيا ويا آهن، تن تي حڪم هلائڻ واسطي نہ، پر انهي لاءِ تہ انهي ڌڻ جي اڳيان پاڻ کي نمونو بنايو.</verse>
				<verse number="4">۽ جڏهن وڏو ڌنار ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي جلال جو اهڙو ڇَٽ ملندو، جو ڪومائجڻ جو ناهي.</verse>
				<verse number="5">ساڳيءَ طرح، اي جوانو، اوهين وڏن جا تابعدار ٿيو. هائو، اوهين سڀ هڪٻئي جي خدمت ڪرڻ لاءِ نماڻائيءَ سان پنهنجي ڪمر ٻَڌو؛ ڇالاءِ جو ”خدا مغرورن جو مقابلو ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“</verse>
				<verse number="6">تنهنڪري خدا جي قدرت واري هٿ هيٺ پاڻ کي نماڻو ڪريو، تہ مناسب وقت تي هو اوهان کي سرفراز ڪري.</verse>
				<verse number="7">پنهنجو سمورو فڪر مٿس رکو، ڇالاءِ جو هن کي اوهان جو خيال آهي.</verse>
				<verse number="8">هوشيار ٿيو، سجاڳ رهو؛ اوهان جو دشمن شيطان گجندڙ شينهن وانگر هيڏانهن هوڏانهن پيو گهُمي ۽ وجهہ پيو ڳولي تہ ڪنهن کي ڦاڙي کائي.</verse>
				<verse number="9">پنهنجي ايمان تي قائم رهي، سندس مقابلو ڪريو، ڇوتہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان جا ڀائر، جي دنيا ۾ آهن، سي بہ اهڙن ڏکن ۾ پيا گذارين.</verse>
				<verse number="10">خدا، جو ساري فضل جو چشمو آهي، جنهن اوهان کي مسيح ۾ پنهنجي ابدي جلال جي لاءِ سڏيو آهي، سو اوهان جي ٿوري وقت تائين ڏکن سهڻ کانپوءِ اوهان کي ڪامل، ۽ قائم، ۽ مضبوط ڪندو.</verse>
				<verse number="11">شل سندس بادشاهي هميشہ تائين رهي. آمين.</verse>
				<verse number="12">سلوانس، جنهن کي آئون ايماندار ڀاءُ ٿو سمجهان، تنهن جي معرفت مون مختصر طور اوهان ڏانهن لکيو آهي، ۽ نصيحت ڪئي ۽ شاهدي ڏني اٿم تہ اهو ئي خدا جو سچو فضل آهي، انهي تي اوهين قائم رهو.</verse>
				<verse number="13">بابل واري ڪليسيا جا اوهان سان گڏ چونڊيل آهي، سا اوهان کي سلام ٿي موڪلي؛ ۽ اهڙيءَ طرح منهنجو فرزند مرقس بہ.</verse>
				<verse number="14">محبت جو ڀاڪر پائي هڪٻئي کي سلام ڪجو. اوهين سڀ، جي مسيح ۾ آهيو، تن کي شل اطمينان حاصل ٿئي.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="61">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">يسوع مسيح جي بندي ۽ رسول شمعون پطرس جي طرفان انهن ڏانهن، جن اسان جي خدا ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي راستبازيءَ ڪري اسان جهڙو قيمتي ايمان حاصل ڪيو آهي:</verse>
				<verse number="2">شل اسان جي خداوند يسوع جي سڃاڻپ ۾ فضل ۽ اطمينان اوهان کي زيادہ حاصل ٿيندو رهي.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو سندس خدائي قدرت، زندگيءَ ۽ دينداريءَ سان تعلق رکندڙ سڀ شيون، پنهنجي سڃاڻپ جي وسيلي اسان کي بخشيون آهن. هن پنهنجي جلال ۽ نيڪيءَ سان اسان کي سڏيو؛</verse>
				<verse number="4">۽ اسان سان پنهنجا قيمتي ۽ نهايت وڏا واعدا ڪيا، تہ انهن جي وسيلي اوهين نفساني خواهش جي ڪري دنيا ۾ جيڪا خرابي آهي، تنهن کان ڇُٽو، ۽ خدائي طبيعت ۾ شريڪ ٿيو.</verse>
				<verse number="5">۽ انهي سبب ڪري اوهين پنهنجي طرفان نهايت ڪوشش ڪري پنهنجي ايمان سان گڏ نيڪي وڌايو، ۽ نيڪيءَ سان علم.</verse>
				<verse number="6">۽ پنهنجي علم سان پرهيزگاري، ۽ پرهيزگاريءَ سان صبر؛ صبر سان دينداري؛</verse>
				<verse number="7">۽ دينداريءَ سان گڏ ڀائرن جو پيار، ۽ ڀائرن جي پيار سان گڏ محبت.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو جيڪڏهن اهي ڳالهيون اوهان ۾ موجود هونديون ۽ وڌنديون وينديون، تہ اُهي اوهان کي اسان جي خداوند يسوع مسيح جي سڃاڻپ ۾ سست ۽ بي ڦل ٿيڻ نہ ڏينديون.</verse>
				<verse number="9">ڇالاءِ جو جنهن ۾ اهي ڳالهيون نہ آهن، سو انڌو ۽ گهٽ نظر آهي، ۽ پنهنجن اڳوڻن گناهن جي ڌوپي صاف ٿيڻ جي ڳالهہ وساري ڇڏي اٿس.</verse>
				<verse number="10">تنهنڪري اي ڀائرو، پنهنجي ڪوٺ ۽ چونڊ جي خاطري ڪرڻ لاءِ زيادہ ڪوشش ڪريو؛ ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ ڪڏهن بہ گمراهہ نہ ٿيندا.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو ائين ڪرڻ سان اوهين فتحمند ٿي اسان جي خداوند ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي ابدي بادشاهت ۾ چڱيءَ طرح داخل ٿيندا.</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري آئون اوهان کي اهي ڳالهيون ياد ڏيارڻ لاءِ هميشہ تيار رهندس، جيتوڻيڪ انهن جي اوهان کي خبر آهي، ۽ جيڪا سچائي اوهان کي مليل آهي، تنهن تي اوهين قائم آهيو.</verse>
				<verse number="13">۽ آئون اها ڳالهہ واجب ٿو سمجهان تہ جيستائين آئون هن جسم ۾ آهيان، تيستائين اوهان کي يادگيري ڏياري پيو هوشيار ڪريان؛</verse>
				<verse number="14">جو آئون ڄاڻان ٿو تہ منهنجي جسم ڇڏڻ جو وقت جلد اچڻو آهي، جيئن ڪ اسان جي خداوند يسوع مسيح مون کي چتايو آهي.</verse>
				<verse number="15">۽ آئون اها ئي ڪوشش ڪندس تہ منهنجي لاڏاڻي کانپوءِ اوهين هر وقت اهي ڳالهيون ياد رکي سگهو.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو جڏهن اسان اوهان کي پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي قدرت ۽ اچڻ جي خبر ڏني هئي، تڏهن بناوٽي ڪوڙن قصن تي ڪونہ لڳا هئاسين، پر سندس عظمت جا اکين ڏٺا شاهد هئاسين.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو هن کي خدا پيءُ کان عزت ۽ جلال مليو، جنهن وقت نهايت اعليٰ جلال مان کيس هي آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي، جنهن سان آئون گهڻو خوش آهيان.“</verse>
				<verse number="18">۽ جڏهن اسين ساڻس گڏ پاڪ جبل تي هئاسين، تڏهن اسان پاڻ اهو آواز آسمان مان ايندو ٻُڌو.</verse>
				<verse number="19">۽ اسان وٽ نبين جو ڪلام آهي، جو زيادہ اعتقاد جوڳو آهي؛ ۽ اوهين چڱو ٿا ڪريو جو انهي تي ايترو غور ٿا ڪريو جو ڄڻ تہ هڪڙو ڏيئو آهي، جو اونداهيءَ جاءِ ۾ تيستائين سوجهرو پيو ڏئي، جيستائين ڪ پرهہ ڦٽي، ۽ صبح جو ستارو اوهان جي دلين ۾ اُڀري.</verse>
				<verse number="20">۽ پهرين هي ڄاڻجو تہ پاڪ ڪتاب جي ڪابہ پيشنگوئي انساني دل مان پيدا نٿي ٿئي.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو ڪابہ پيشنگوئي ڪڏهن بہ ماڻهوءَ جي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي؛ پر ماڻهو پاڪ روح جي چورڻ تي خدا جي طرفان ڳالهائيندا هئا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">پر انهيءَ اُمت ۾ بہ ڪوڙا نبي پيدا ٿيا، جيئن ڪ اوهان ۾ بہ ڪوڙا اُستاد پيدا ٿيندا، جي ڳجهہ ڳوهہ ۾ برباد ڪندڙ بدعتون شروع ڪندا، ۽ ايتري قدر جو انهي ڌڻيءَ جو بہ انڪار ڪندا، جنهن کين خريد ڪيو، ۽ هو پاڻ کي جلد ئي برباد ڪري ڇڏيندا.</verse>
				<verse number="2">۽ گهڻا ئي سندن شهوت پرستيءَ جي پيروي ڪندا، جن جي ڪري حق جي راهہ جي بدنامي ٿيندي.</verse>
				<verse number="3">۽ اهي لالچ جي ڪري ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهي اوهان مان فائدو حاصل ڪندا. ۽ انهن جي بابت قديم زماني کان وٺي جيڪا سزا جي فتويٰ مليل آهي، سا وڌيڪ مهمل نہ رهندي، ۽ سندن بربادي ويجهي آئي آهي.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ تہ جڏهن گناهہ ڪندڙ ملائڪن کي بہ خدا نہ ڇڏيو، پر دوزخ ۾ اُڇلائي وڌائين ۽ اونداهين کڏن ۾ بند ڪيائين، انهي لاءِ تہ عدالت ٿيڻ تائين اتي نظربند رهن:</verse>
				<verse number="5">۽ قديم دنيا کي بہ ڪين ڇڏيائين، پر انهيءَ بي دين دنيا تي طوفان آڻي، رڳو راستبازيءَ جي منادي ڪندڙ نوح ۽ ٻين ستن ڄڻن کي بچايائين:</verse>
				<verse number="6">۽ سدوم ۽ عموراہ جي شهرن کي برباديءَ جي سزا ڏيئي ساڙي رک ڪري ڇڏيائين، تان تہ اڳتي بي دينن جي لاءِ عبرت جو مثال ٿين؛</verse>
				<verse number="7">۽ راستباز لوط کي بچائي ورتائين، جو بدڪارن جي شهوت پرستيءَ جي هلت چلت جي ڪري ڏاڍو پريشان هو،</verse>
				<verse number="8">(ڇالاءِ جو اُهو راستباز ماڻهو انهن ۾ رهي ۽ سندن بي شرع ڪم ڏسي ۽ ٻُڌي، روز بروز پنهنجي سچيءَ دل ۾ پيو پريشان ٿيندو هو)</verse>
				<verse number="9">(تڏهن ثابت آهي تہ) خداوند ڄاڻي ٿو تہ ديندار کي آزمائش کان ڪيئن ڇڏائجي، ۽ بي دينن کي عدالت جي ڏينهن تائين ڪهڙيءَ طرح سزا هيٺ رکي.</verse>
				<verse number="10">۽ خاص ڪري انهن کي جي جسم جي ناپاڪ خواهشن تي ٿا هلن، ۽ حڪومت کي ڪين جهڙو ٿا ڄاڻن، ۽ گستاخ ۽ ضدي آهن، ۽ جلال وارن جي گلا ڪرڻ کان بہ نٿا ڊڄن.</verse>
				<verse number="11">جيتوڻيڪ ملائڪ، جي طاقت ۽ قدرت ۾ کانئن وڏا آهن، سي خدا جي اڳيان انهن تي ٽوڪبازي ڪري نٿا پڪارين.</verse>
				<verse number="12">پر اهي ماڻهو بي عقل جانورن وانگر آهن، جي رڳو پڪڙجڻ ۽ برباد ٿيڻ جي لاءِ حيوانن جهڙا پيدا ٿيا آهن، ۽ جن ڳالهين کان ناواقف آهن، تن جي نسبت ۾ اجايو سجايو پيا ڳالهائين. هو پنهنجي خرابيءَ ۾ پاڻ چٽ ٿي ويندا،</verse>
				<verse number="13">۽ بدڪاريءَ ڪري پاڻ بدڪاريءَ جو بدلو پائيندا؛ ۽ هو اهڙا ماڻهو آهن جو ڏينهن ڏٺي عيش عشرت ڪري خوش ٿا ٿين؛ هو داغ ۽ عيب آهن: جي اوهان سان گڏ کائيندي پيئندي پنهنجي محبت جي محفلن ۾ عيش عشرت پيا ڪن؛</verse>
				<verse number="14">انهن جي اکين مان زنا پيو بَکي، ۽ گناهہ ڪرڻ کان بس نٿا ڪن؛ ۽ جيڪي غير مستقل مزاج آهن، تن کي ڦاسايو وٺن؛ انهن جي دل لالچ ۾ ڏاڍي چالاڪ آهي؛ ۽ اُهي لعنت جا ٻار آهن.</verse>
				<verse number="15">اهي سنئون رستو ڇڏي گمراهہ ٿي پيا آهن، ۽ بعور جي پٽ بلعام جي پيروي ٿا ڪن، جنهن کي گناهہ جو اُجورو پسند هو؛</verse>
				<verse number="16">پر پنهنجي قصور ڪري پاڻ تي لعنت آندائين ۽ هڪڙي گگدام گڏهہ، انسان وانگر ڳالهائي انهي نبيءَ جي چريائي روڪي.</verse>
				<verse number="17">اهي اهڙن چشمن وانگر آهن جن جو پاڻي سُڪي ويو آهي، ۽ ڪوهيڙي وانگر آهن جنهن کي طوفان اُڏايو ڇڏي، جن جي لاءِ ڀڀ اونداهہ مقرر ٿيل آهي.</verse>
				<verse number="18">ڇالاءِ جو اُهي مغروريءَ جون نهايت بيهوديون ڳالهيون ڪري شهوت پرستيءَ جي وسيلي انهن ماڻهن کي جسماني خواهشن ۾ ڦاسائين ٿا، جي گمراهہ ٿيل ماڻهن کان ڌار ٿيڻ تي آهن.</verse>
				<verse number="19">هو کين آزادگيءَ جو واعدو ڏين ٿا، ۽ پاڻ خرابيءَ جا غلام ٿيا وتن: ڇالاءِ جو جيڪو ماڻهو ڪنهن کان مغلوب ٿو ٿئي، سو انهيءَ جي غلاميءَ ۾ ٿو اچي.</verse>
				<verse number="20">ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اُهي خداوند ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي سڃاڻپ جي ڪري دنيا جي ناپاڪائيءَ کان ڇُٽن ٿا، پر وري بہ انهيءَ ۾ ڦاسي مغلوب ٿا ٿين، تہ انهن جي پوئين حالت پهرينءَ کان خراب ٿي ٿئي.</verse>
				<verse number="21">ڇالاءِ جو هڪ ڀيرو راستبازيءَ جي واٽ معلوم ڪري پوءِ انهي پاڪ حڪم کان، جو کين مليو هو، ڦري وڃڻ، تنهن کان چڱو ائين هو جو انهيءَ واٽ کان واقف ئي نہ ٿين ها.</verse>
				<verse number="22">هي سچو پهاڪو ساڻن لاڳو ٿو ٿئي تہ ”ڪتو قئي ڪري وري انهي ڏانهن موٽي ٿو، ۽ سوئر غسل کانپوءِ وري وڃيو گپ ۾ ليٽي.“</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">اي پيارو، هاڻي آئون اوهان کي هي ٻيو خط ٿو لکان، ۽ انهن ٻنهي ۾ اوهان کي يادگيري ڏياري، اوهان جي سچيءَ دل کي هوشيار ٿو ڪريان؛</verse>
				<verse number="2">تہ جيڪي ڳالهيون پاڪ نبي اڳي ڪري ويا آهن، ۽ خداوند ۽ نجات ڏيندڙ جو حڪم، جو اوهان کي رسولن جي معرفت ڏنو ويو، تن کي ياد رکو.</verse>
				<verse number="3">۽ پهرين اها ڳالهہ ڄاڻو تہ آخرين زماني ۾ کل ٺٺولي ڪندڙ ايندا، ۽ پنهنجين نفساني خواهشن تي هلندا،</verse>
				<verse number="4">۽ چوندا تہ انهي جي اچڻ جي واعدي کي ڇا ٿيو؟ ڇالاءِ تہ جنهن ڏينهن کان ابا ڏاڏا گذر ڪري ويا، تنهن ڏينهن کان وٺي سڀ ڪجهہ ائين ئي پيو هلي، جيئن خلقت جي شروع ۾ هو.</verse>
				<verse number="5">پر هيءَ ڳالهہ هو ڄاڻي ٻجهي وساري ٿا ڇڏين، تہ خدا جي ڪلام سان قديم زماني کان آسمان موجود هئا، ۽ زمين بہ پاڻيءَ منجهان ٺهي ۽ پاڻيءَ جي وچ ۾ آهي؛</verse>
				<verse number="6">۽ پاڻيءَ جي وسيلي انهيءَ زماني جي دنيا پاڻيءَ ۾ چٽ ٿي ويئي.</verse>
				<verse number="7">۽ آسمان ۽ زمين جي موجود آهن، سي انهي ساڳئي ڪلام جي وسيلي هن لاءِ رکيا ويا آهن، تہ ساڙيا وڃن، ۽ اُهي عدالت جي ڏينهن ۽ بي دين ماڻهن جي برباديءَ تائين موجود رهندا.</verse>
				<verse number="8">پر اي پيارو، هيءَ هڪڙي ڳالهہ نہ وساريو، تہ خداوند جي اڳيان هڪڙو ڏينهن هزار ورهين جي برابر آهي، ۽ هزار ورهيہ هڪ ڏينهن جي برابر.</verse>
				<verse number="9">خداوند پنهنجي واعدي ۾ دير ڪين ڪندو آهي، جيئن ڪي ماڻهو دير جو مطلب ٿا سمجهن؛ پر هو اوهان جي نسبت ۾ گهڻو تحمل ٿو ڪري، جو سندس مرضي نہ آهي تہ ڪوبہ برباد ٿئي، پر چاهي ٿو تہ سڀيئي توبهہ ڪن.</verse>
				<verse number="10">پر خداوند جو ڏينهن چور وانگر اچي نڪرندو؛ انهي ۾ آسمان ڏاڍي ڪڙڪي سان هليا ويندا، ۽ عناصر سخت گرميءَ جي ڪري ڳري ويندا، ۽ زمين ۽ جيڪي مٿس آهي، سو سڙي ويندو.</verse>
				<verse number="11">جڏهن هي سڀ شيون هن طرح ڳري وڃڻيون آهن، تڏهن اوهان جي پاڪ هلت چلت ۽ دينداري ڪهڙي نہ قسم جي هئڻ گهرجي،</verse>
				<verse number="12">۽ ڪهڙيءَ نہ سڪ سان خدا جي انهي ڏينهن جي اچڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ انهي جي انتظار ۾ رهڻ گهرجي، جنهن جي ڪري آسمان باهہ ۾ سڙي ڳري ويندا ۽ عناصر سخت گرميءَ جي ڪري پگهرجي ويندا؟</verse>
				<verse number="13">پر سندس واعدي موجب اسين نوَن آسمانن ۽ نئين زمين جي انتظار ۾ آهيون، جن ۾ راستبازي ٿي رهي.</verse>
				<verse number="14">تنهنڪري، جڏهن انهن ڳالهين جا منتظر آهيو، تڏهن ڪوشش ڪريو تہ هو اوهان کي اطمينان جي حالت ۾ بي عيب ۽ بي داغ ڏسي.</verse>
				<verse number="15">۽ اسان جي خداوند جي گهڻي تحمل کي نجات سمجهو؛ جهڙيءَ طرح ڪ اسان جي پياري ڀاءُ پولس اوهان ڏانهن انهيءَ دانائيءَ موجب لکيو آهي جا کيس عطا ٿيل آهي؛</verse>
				<verse number="16">۽ جهڙيءَ طرح هن پنهنجي سڀني خطن ۾ بہ هنن ڳالهين بابت ذڪر ڪيو آهي، انهن مان ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن جن جو سمجهڻ مشڪل آهي، ۽ جنهن جي معنيٰ جاهل ۽ غير مستقل ماڻهو ڦيرائي اُبتي پيا ڪن، جيئن ڪ ٻين پاڪ لکيتن جي بہ ڪندا آهن، ۽ اهڙيءَ طرح پاڻ کي برباد ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="17">تنهنڪري اي پيارو، جڏهن اوهان کي انهن ڳالهين جي اڳيئي خبر آهي، تڏهن سنڀال ڪريو، متان بدڪارن جي گمراهيءَ ڏانهن ڇڪجي وڃو، ۽ پنهنجي پائيداريءَ کان ڪِري پئو.</verse>
				<verse number="18">بلڪ اسان جي خداوند ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي فضل ۽ سڃاڻپ ۾ وڌندا وڃو. شل انهي جو جلال هاڻي بہ ۽ هميشہ جي لاءِ هجي. آمين.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="62">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">زندگيءَ جو ڪلام، جو شروعات کان وٺي هو، جو اسان ٻُڌو، ۽ پنهنجين اکين سان ڏٺو، ۽ جو اسان غور سان ڏٺو ۽ هٿن سان ڇهيو، تنهن بابت</verse>
				<verse number="2">(۽ اها زندگي ظاهر ٿي، ۽ اسان ڏٺي آهي ۽ انهي جي شاهدي ٿا ڀريون، ۽ اُنهيءَ زندگيءَ، يعني هميشہ واري زندگيءَ جي خبر ٿا ڏيون، جا پيءُ سان هئي ۽ جا اسان تي ظاهر ٿي؛)</verse>
				<verse number="3">جيڪي اسان ڏٺو ۽ ٻُڌو آهي، سو اوهان کي بہ ٻُڌايون ٿا، تہ اوهين بہ اسان سان شريڪ ٿيو: ۽ اسان جي شراڪت پيءُ سان، ۽ سندس فرزند يسوع مسيح سان آهي.</verse>
				<verse number="4">۽ اهي ڳالهيون اسين هن لاءِ ٿا لکون تہ اسان جي خوشي پوري ٿئي.</verse>
				<verse number="5">۽ جيڪو پيغام اسان هن کان ٻُڌو، سو هي آهي ۽ اوهان کي ڏيون ٿا، تہ خدا روشني آهي، ۽ منجهس اوندهہ اصل ڪانهي.</verse>
				<verse number="6">جيڪڏهن اسين چئون تہ اسان جي هن سان شراڪت آهي، ۽ اوندهہ ۾ هلون تہ اسين ڪوڙ ٿا ڳالهايون، ۽ سچ تي نٿا هلون:</verse>
				<verse number="7">پر جي اسين روشنيءَ ۾ هلون، جيئن ڪ پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ اسان جي پاڻ ۾ شراڪت آهي، ۽ سندس فرزند يسوع جو رت اسان کي سموري گناهہ کان صاف ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="8">جيڪڏهن اسين چئون تہ اسين بي گناهہ آهيون، تہ اسين پاڻ کي ٺڳيون ٿا ۽ اسان ۾ سچائي ڪانهي.</verse>
				<verse number="9">جي اسين پنهنجا گناهہ باسينداسين تہ هو اسان جا گناهہ معاف ڪرڻ، ۽ اسان کي سموري ناراستيءَ کان پاڪ ڪرڻ ۾ سچو ۽ عادل آهي.</verse>
				<verse number="10">جي اسين چئون تہ اسان گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، تہ هن کي ڪوڙو ٿا ڪريون ۽ سندس ڪلام اسان ۾ نہ آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، اهي ڳالهيون آئون اوهان ڏانهن انهي لاءِ ٿو لکان تہ اوهين گناهہ نہ ڪريو. ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو کڻي گناهہ ڪري تہ پيءُ وٽ اسان جو هڪڙو مددگار موجود آهي، يعني يسوع مسيح راستباز:</verse>
				<verse number="2">۽ اهو ئي اسانجن گناهن جو ڪفارو آهي؛ ۽ نہ رڳو اسانجن گناهن جو، پر ساري دنيا جي گناهن جو.</verse>
				<verse number="3">۽ جيڪڏهن اسين هن جا حڪم بجا آڻينداسين تہ انهي مان اسان کي معلوم ٿيندو تہ اسين کيس سڃاڻون ٿا.</verse>
				<verse number="4">۽ جيڪو چوي ٿو تہ آئون هن کي سڃاڻان ٿو ۽ سندس حڪمن تي نٿو هلي، سو ڪوڙو آهي ۽ منجهس سچائي ڪانهي.</verse>
				<verse number="5">پر جيڪو هن جي ڪلام تي عمل ٿو ڪري، اُنهيءَ ۾ تحقيق خدا جي محبت ڪامل ٿي آهي. انهيءَ طرح اسان کي معلوم ٿو ٿئي تہ اسين اُنهيءَ ۾ قائم آهيون:</verse>
				<verse number="6">جيڪو چوي ٿو تہ آئون هن ۾ رهان ٿو، تنهن کي گهرجي تہ پاڻ بہ ائين ئي هلي، جيئن هو هلندو هو.</verse>
				<verse number="7">اي پيارو، آئون اوهان ڏانهن ڪو نئون حڪم نٿو لکان، پر اهو ئي اڳيون حڪم جو شروعات کان وٺي اوهان کي مليو هو: اڳيون حڪم اهو ئي ڪلام آهي جو اوهان شروع کان ٻُڌو.</verse>
				<verse number="8">وري اوهان ڏانهن هڪڙو نئون حڪم ٿو لکان، جا ڳالهہ منجهس توڙي اوهان ۾ سچي آهي؛ ڇالاءِ جو اوندهہ گذرندي ٿي وڃي، ۽ سچي روشني هاڻي چمڪڻ لڳي آهي.</verse>
				<verse number="9">جيڪو چوي ٿو تہ آئون سوجهري ۾ آهيان، پر پنهنجي ڀاءُ سان دشمني ٿو ڪري، سو اڃا تائين اوندهہ ۾ آهي.</verse>
				<verse number="10">جيڪو پنهنجي ڀاءُ کي پيار ٿو ڪري، سو روشنيءَ ۾ ٿو رهي، ۽ انهي کي گمراهہ ٿيڻ جو ڪوبہ سبب ڪونهي.</verse>
				<verse number="11">پر جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان دشمني ٿو ڪري، سو اوندهہ ۾ آهي، ۽ اوندهہ ۾ پيو هلي، ۽ خبر نٿي پويس تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان، ڇوتہ اوندهہ سندس اکين کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي.</verse>
				<verse number="12">اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، آئون اوهان ڏانهن هن ڪري ٿو لکان جو سندس نالي ڪري اوهان جا گناهہ معاف ڪيا ويا آهن.</verse>
				<verse number="13">اي بزرگو، آئون اوهان ڏانهن هن ڪري ٿو لکان جو جيڪو شروعات کان وٺي آهي تنهن کي اوهين سڃاڻو ٿا. اي جوانو، آئون اوهان ڏانهن هن ڪري ٿو لکان، جو اوهين انهي شرير تي غالب پيا آهيو. اي ننڍڙا ٻارو، مون اوهان ڏانهن هن ڪري لکيو آهي، جو اوهين پيءُ کي سڃاڻو ٿا.</verse>
				<verse number="14">اي بزرگو، مون اوهان ڏانهن هن ڪري لکيو آهي، تہ جيڪو شروعات کان وٺي آهي تنهن کي اوهين سڃاڻو ٿا. اي جوانو، مون اوهان ڏانهن هن ڪري لکيو آهي جو اوهين مضبوط آهيو، ۽ خدا جو ڪلام اوهان ۾ رهي ٿو، ۽ اوهين انهي شرير تي غالب پيا آهيو.</verse>
				<verse number="15">دنيا سان محبت نہ رکو، نڪي انهن شين سان، جي دنيا ۾ آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو دنيا سان محبت رکي ٿو تہ انهيءَ ۾ پيءُ جي محبت ڪانهي.</verse>
				<verse number="16">ڇالاءِ جو جيڪي بہ دنيا ۾ آهي، يعني جسماني خواهش، ۽ اکين جي خواهش، ۽ حياتيءَ جي مغروري، سا پيءُ جي طرفان نہ آهي، پر دنيا جي طرفان آهي.</verse>
				<verse number="17">۽ دنيا توڙي سندس خواهش ٻئي گذرنديون ٿيون وڃن، پر جيڪو خدا جي مرضيءَ تي ٿو هلي، سو هميشہ تائين قائم ٿو رهي.</verse>
				<verse number="18">اي ننڍڙا ٻارو، پڇاڙيءَ واري گهڙي اچي پهتي آهي: ۽ جيئن اوهان ٻُڌو آهي تہ مخالف مسيح اچڻ وارو آهي، تيئن هاڻي ئي گهڻا مخالف مسيح پيدا ٿيا آهن؛ تنهن مان اسين سمجهون ٿا تہ پوئين گهڙي اچي پهتي آهي.</verse>
				<verse number="19">اهي نڪتا تہ اسان منجهان ئي آهن، مگر اُهي اسان جا ڪين هئا؛ ڇالاءِ جو جي هو اسان منجهان هجن ها، تہ اسان سان گڏ ٿي رهندا اچن ها: پر هو نڪري ويا آهن، انهي لاءِ تہ ظاهر ٿئي تہ هو سڀ اسان منجهان ناهن.</verse>
				<verse number="20">۽ انهي قدوس اوهان کي مسح ڪيو آهي، ۽ اوهين سڀ ڳالهيون ڄاڻو ٿا.</verse>
				<verse number="21">مون جو اوهان کي لکيو آهي سو هن ڪري نہ، تہ اوهان کي سچ جي خبر ڪانهي، پر هن ڪري تہ اوهان کي انهي جي خبر آهي، ۽ هن ڪري تہ سچ مان ڪو ڪوڙ نٿو نڪري.</verse>
				<verse number="22">ڪوڙو ٻيو ڪير آهي، سواءِ انهي جي، جو هن ڳالهہ جو انڪار ٿو ڪري تہ يسوع ئي مسيح آهي؟ مخالف مسيح بہ اهو ئي آهي، جو پيءُ ۽ پٽ کي مڃڻ کان انڪار ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="23">جيڪو پٽ کي نٿو مڃي، تنهن وٽ پيءُ نہ آهي: جيڪو پٽ کي مڃي ٿو، تنهن وٽ پيءُ بہ آهي.</verse>
				<verse number="24">باقي اوهان جيڪي شروع کان ٻُڌو، سو اوهان ۾ قائم رهي. جيڪي شروع کان ٻُڌو اٿوَ، سو جيڪڏهن اوهان ۾ رهندو، تہ اوهين بہ پٽ توڙي پيءُ ٻنهي ۾ رهندا.</verse>
				<verse number="25">۽ اهوئي واعدو آهي جو هن اسان سان ڪيو؛ يعني هميشہ جي زندگي.</verse>
				<verse number="26">هي ڳالهيون مون اوهان ڏانهن انهن بابت لکيون آهن، جي اوهان کي گمراهہ ڪيو ٿا ڇڏين.</verse>
				<verse number="27">باقي هن اوهان کي جيڪو مسح ڪيو آهي سو اوهان ۾ رهي ٿو، ۽ اوهان کي انهي جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري، پر جيئن انهي جو مسح اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿو، ۽ اُهو سچو آهي ۽ ڪوڙو ڪينهي، ۽ جيئن انهي اوهان کي سيکاريو، تيئن اوهين منجهس قائم رهندا اچو.</verse>
				<verse number="28">۽ هاڻي اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، انهي ۾ قائم رهجو، تہ جڏهن هو ظاهر ٿئي تڏهن اسان کي همت هجي، ۽ اسين هن جي اچڻ مهل سندس اڳيان شرمندا نہ ٿيون.</verse>
				<verse number="29">جيڪڏهن اوهين ڄاڻو ٿا تہ هو راستباز آهي، تہ اها بہ خبر اٿوَ تہ جيڪو راستبازيءَ جا ڪم ٿو ڪري سو هن مان پيدا ٿيو آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">ڏسو، پيءُ اسان سان ڪهڙي نہ محبت ڪئي آهي، جو اسين خدا جا ٻار ٿا سڏجون: ۽ اسين آهيون بہ. دنيا اسان کي انهي ڪري نٿي سڃاڻي جو اها کيس بہ سڃاڻي نہ سگهي.</verse>
				<verse number="2">اي پيارو، هاڻي اسين خدا جا ٻار آهيون، ۽ اڃا اها ڳالهہ ظاهر ڪانہ ٿي آهي تہ اسين ڇا ٿينداسين. پر ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏهن هو ظاهر ٿيندو، تڏهن اسين بہ ان جهڙا ٿينداسين.</verse>
				<verse number="3">۽ جنهن مٿس اها اُميد رکي آهي، سو پاڻ کي اهڙو پاڪ ڪري جهڙو هو پاڪ آهي.</verse>
				<verse number="4">جيڪو گناهہ ٿو ڪري سو بي شرع ڪم ٿو ڪري؛ ۽ گناهہ شرع جي برخلاف آهي.</verse>
				<verse number="5">۽ اوهان کي خبر آهي تہ هو جو ظاهر ٿيو هو، سو انهي لاءِ تہ گناهہ کڻي وڃي؛ ۽ منجهس گناهہ اصل ئي ڪونهي.</verse>
				<verse number="6">جيڪو منجهس رهي ٿو، سو گناهہ نٿو ڪري: جيڪو گناهہ ڪري ٿو، تنهن نڪي کيس ڏٺو آهي، نڪي کيس سڃاڻي ٿو.</verse>
				<verse number="7">اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، متان ڪو اوهان کي گمراهہ ڪري: جيڪو راستبازيءَ جا ڪم ٿو ڪري، سو انهي وانگر راستباز آهي.</verse>
				<verse number="8">جيڪو گناهہ ٿو ڪري، سو شيطان مان آهي؛ ڇالاءِ تہ شيطان شروعات کان وٺي گناهہ ڪندو اچي. خدا جو فرزند انهي مطلب لاءِ ظاهر ٿيو تہ هو شيطان جي ڪمن کي برباد ڪري.</verse>
				<verse number="9">جيڪو خدا مان نئين سر پيدا ٿيو آهي سو گناهہ نٿو ڪري، ڇالاءِ جو هن جو ٻج منجهس رهي ٿو: ۽ هو گناهہ ڪري ئي ڪين سگهندو، ڇالاءِ جو هو خدا مان پيدا ٿيل آهي.</verse>
				<verse number="10">انهي ڪري خدا جا ٻار ۽ شيطان جا ٻار پڌرا ٿا ٿين: جيڪو راستبازيءَ جا ڪم نٿو ڪري، سو خدا مان ناهي، نڪي اهو جو پنهنجي ڀاءُ کي پيار نٿو ڪري.</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو هي اهوئي پيغام آهي جو شروعات کان وٺي اوهان ٻُڌو، تہ اوهان کي گهرجي تہ هڪٻئي کي پيار ڪريو،</verse>
				<verse number="12">نہ قائن وانگر، جو انهي بڇڙي مان هو، ۽ پنهنجي ڀاءُ کي قتل ڪيائين. ۽ هن ڇو انهي کي قتل ڪيو؟ ڇالاءِ جو سندس ڪم برا هئا، ۽ سندس ڀاءُ جا ڪم راستبازيءَ جا هئا.</verse>
				<verse number="13">اي ڀائرو، جي دنيا اوهان سان دشمني ٿي رکي تہ عجب ۾ نہ پئو.</verse>
				<verse number="14">اسين ڄاڻون ٿا تہ موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيا آهيون، ڇالاءِ جو اسين ڀائرن کي پيار ٿا ڪريون. جيڪو پيار نٿو ڪري سو موت ۾ ٿو رهي.</verse>
				<verse number="15">جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان دشمني ٿو ڪري، سو خوني آهي: ۽ اوهان کي خبر آهي تہ ڪنهن بہ خونيءَ ۾ هميشہ جي زندگي ڪانهي.</verse>
				<verse number="16">انهي مان اسان کي پيار جي خبر پيئي آهي، ڇالاءِ جو هن اسان جي لاءِ پنهنجي جان ڏني: ۽ اسان کي بہ پنهنجن ڀائرن لاءِ جان ڏيڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="17">پر جنهن وٽ دنيا جو مال آهي، ۽ اهو پنهنجي ڀاءُ کي گهُرج ۾ ڏسي مٿس رحم نٿو ڪري، تنهن ۾ ڀلا خدا جو پيار ڪيئن رهي سگهندو؟</verse>
				<verse number="18">اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، اسان کي رڳو ڳالهين ۽ زبان جو نہ، پر عملي ۽ سچائيءَ جو پيار ڪرڻ کپي.</verse>
				<verse number="19">انهي مان اسان کي خبر پوندي تہ اسين سچ مان آهيون، ۽ سندس حضور ۾ اسان جي دل کي خاطري ملندي.</verse>
				<verse number="20">خاص ڪري انهن ڳالهين ۾ جن ۾ اسان جي دل اسان کي ڏوهہ ٿي ڏئي. ڇالاءِ جو خدا اسان جي دل کان وڏو آهي، ۽ سڀني ڳالهين جي خبر اٿس.</verse>
				<verse number="21">اي پيارو، جيڪڏهن اسان جي دل اسان کي ڏوهہ نہ ڏيندي، تہ خدا جي حضور ۾ اسان کي همت ٿيندي؛</verse>
				<verse number="22">۽ جيڪي کانئس گهُرنداسين سو هن کان اسان کي ملندو، ڇالاءِ جو اسين سندس حڪم مڃون ٿا، ۽ جيڪي ڪم هن جي نظر ۾ پسند آهن سي ٿا ڪريون.</verse>
				<verse number="23">۽ هن جو حڪم هي آهي تہ اسين سندس فرزند يسوع مسيح جي نالي تي ايمان آڻيون، ۽ هڪٻئي کي پيار ڪريون، جيئن تہ هن اسان کي حڪم ڏنو.</verse>
				<verse number="24">۽ جيڪو هن جي حڪم تي عمل ٿو ڪري، سو هن ۾ قائم ٿو رهي ۽ هو انهي ۾. ۽ انهي مان اسين ڄاڻون ٿا تہ هو اسان ۾ رهي ٿو، يعني انهي روح مان جو هن اسان کي ڏنو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">اي پيارو، سڀ ڪنهن روح تي يقين نہ ڪريو، پر روحن کي آزمائي ڏسو تہ خدا جي طرفان آهن يا نہ. ڇالاءِ جو گهڻا ئي ڪوڙا نبي دنيا ۾ نڪري پيا آهن.</verse>
				<verse number="2">خدا جي روح کي اوهين هن طرح سڃاڻندا؛ جيڪو روح قبول ڪري تہ يسوع مسيح مجسم ٿيو آهي، سو خدا جي طرفان آهي؛</verse>
				<verse number="3">۽ جيڪو روح يسوع کي نٿو مڃي، سو خدا جي طرفان ناهي. ۽ اهوئي مخالف مسيح جو روح آهي، جنهن جي بابت اوهان ٻُڌو آهي تہ اچڻ وارو آهي؛ بلڪ هاڻي ئي دنيا ۾ اچي چڪو آهي.</verse>
				<verse number="4">اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، اوهين خدا جا آهيو، ۽ اُنهن تي غالب پيا آهيو؛ ڇالاءِ جو جيڪو اوهان ۾ آهي سو اُنهي کان وڏو آهي جو دنيا ۾ آهي.</verse>
				<verse number="5">هو دنيا جا آهن، تنهنڪري دنيا جون ڳالهيون ٿا ڪن، ۽ دنيا انهن جي ٻُڌي ٿي.</verse>
				<verse number="6">اسين خدا جا آهيون؛ جيڪو خدا کي سڃاڻي ٿو سو اسان جي ٻُڌي ٿو؛ جيڪو خدا جو ناهي سو اسان جي نٿو ٻُڌي. انهي مان اسين حق جي روح کي ۽ گمراهيءَ جي روح کي سڃاڻي ٿا وٺون.</verse>
				<verse number="7">اي پيارو، اچو تہ هڪٻئي کي پيار ڪريون: ڇالاءِ جو پيار خدا جي طرفان آهي؛ ۽ جيڪو پيار ٿو ڪري سو خدا مان پيدا ٿيو آهي، ۽ خدا کي سڃاڻي ٿو.</verse>
				<verse number="8">جيڪو پيار نٿو ڪري سو خدا کي نٿو سڃاڻي؛ ڇالاءِ جو خدا پيار آهي.</verse>
				<verse number="9">خدا جو پيار، اسان منجهہ هن طرح ظاهر ٿيو جو خدا پنهنجو هڪڙو ئي فرزند دنيا ۾ موڪليو، تہ اسين انهي جي وسيلي جيئرا رهون.</verse>
				<verse number="10">پيار هن ۾ نہ آهي تہ اسان خدا کي پيار ڪيو، پر انهي ۾ آهي تہ هن اسان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي گناهن جي ڪفاري لاءِ پنهنجي فرزند کي موڪليائين.</verse>
				<verse number="11">اي پيارو، جڏهن خدا اسان کي اهڙو پيار ڪيو، تہ اسان کي بہ گهرجي تہ هڪٻئي کي پيار ڪريون.</verse>
				<verse number="12">ڪنهن بہ ماڻهوءَ ڪڏهن خدا کي نہ ڏٺو آهي؛ جيڪڏهن اسين هڪٻئي کي پيار ٿا ڪريون تہ خدا اسان ۾ ٿو رهي، ۽ سندس پيار اسان ۾ ڪامل ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="13">انهيءَ طرح اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين هن ۾ رهون ٿا، ۽ هو اسان ۾ ٿو رهي، ڇالاءِ جو هن پنهنجي روح مان اسان کي ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="14">۽ اسان ڏٺو آهي ۽ شاهدي ٿا ڀريون، تہ پيءُ پٽ کي موڪليو آهي تہ جهان جو نجات ڏيندڙ ٿئي.</verse>
				<verse number="15">جيڪو قبول ڪندو تہ يسوع خدا جو فرزند آهي، تنهن ۾ خدا رهي ٿو، ۽ اهو خدا ۾ ٿو رهي.</verse>
				<verse number="16">۽ خدا جو پيار جو اسان ۾ آهي سو اسين ڄاڻون ٿا، ۽ انهي جو اسان کي پورو يقين ٿيو آهي تہ خدا پيار آهي ۽ جيڪو پيار ۾ ٿو رهي سو خدا ۾ ٿو رهي، ۽ خدا انهي ۾ ٿو رهي.</verse>
				<verse number="17">پيار اسان ۾ هن طرح ڪامل ڪيو ويو آهي تہ عدالت جي ڏينهن اسان کي تسلي هجي، ڇالاءِ جو جيئن هو آهي تيئن اسين بہ هن دنيا ۾ آهيون.</verse>
				<verse number="18">پيار ۾ ڪوبہ ڊپ ڪونهي: بلڪ ڪامل پيار ڊپ ڪڍي ٿو ڇڏي. ڇالاءِ جو ڊپ سزا جي ڪري ٿو ٿئي؛ ۽ جيڪو ڊڄي ٿو سو پيار ۾ ڪامل نہ ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="19">اسين پيار انهي لاءِ ٿا ڪريون ڇالاءِ جو هن پهرين اسان کي پيار ڪيو.</verse>
				<verse number="20">جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي تہ آئون خدا کي پيار ٿو ڪريان ۽ پنهنجي ڀاءُ سان دشمني ٿو رکي، تہ اُهو ڪوڙو آهي؛ ڇالاءِ جو جيڪو پنهنجي ڀاءُ کي پيار نٿو ڪري جنهن کي هن ڏٺو آهي، سو خدا کي پيار ڪري ڪين سگهندو، جنهن کي هن ڏٺو ئي ڪينهي.</verse>
				<verse number="21">۽ هن کان اسان کي هي حڪم مليو آهي تہ جيڪو خدا کي پيار ٿو ڪري، سو پنهنجي ڀاءُ کي بہ پيار ڪري.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">جنهن کي اهو ايمان آهي تہ يسوع ئي مسيح آهي، سو خدا مان نئين سر پيدا ٿيو آهي، ۽ جيڪو پيدا ڪندڙ کي پيار ٿو ڪري، سو انهي کي بہ پيار ٿو ڪري جنهن کي هن پيدا ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="2">جڏهن اسين خدا جي ٻارن کي پيار ٿا ڪريون، تڏهن ڄاڻون ٿا تہ خدا کي پيار ٿا ڪريون ۽ سندس حڪمن جا فرمانبردار آهيون.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو خدا جو پيار اهو ئي آهي، تہ اسين سندس حڪمن جي تعميل ڪريون؛ ۽ هن جا حڪم سخت نہ آهن.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو جيڪو خدا مان پيدا ٿيو آهي، سو دنيا تي غالب ٿو پوي؛ ۽ اهو غلبو جنهن دنيا کي فتح ڪيو آهي، سو اسان جو ايمان آهي.</verse>
				<verse number="5">۽ دنيا کي مغلوب ڪرڻ وارو ٻيو ڪير آهي، سواءِ انهي جي، جو اهو ايمان ٿو رکي تہ يسوع خدا جو فرزند آهي؟</verse>
				<verse number="6">هي اهو ئي آهي جو پاڻيءَ ۽ رت سان آيو، يعني يسوع مسيح. نہ رڳو پاڻيءَ سان، پر پاڻي ۽ رت ٻنهي سان.</verse>
				<verse number="7">۽ جيڪو شاهدي ٿو ڏئي، سو روح آهي، ڇوتہ روح حق آهي.</verse>
				<verse number="8">ڇالاءِ جو شاهدي ڏيڻ وارا ٽي آهن: روح، پاڻي ۽ رت: ۽ اهي ٽيئي هڪڙي ئي ڳالهہ ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="9">جيڪڏهن اسين ماڻهن جي شاهدي قبول ٿا ڪريون، تہ خدا جي شاهدي انهي کان وڌيڪ آهي: ڇالاءِ جو خدا جي شاهدي هيءَ آهي، جا هن پنهنجي فرزند جي حق ۾ ڏني آهي.</verse>
				<verse number="10">جيڪو خدا جي فرزند تي ايمان ٿو آڻي، تنهن ۾ شاهدي موجود آهي: جيڪو خدا تي ايمان نٿو آڻي تنهن هن کي ڪوڙو ڪيو آهي؛ ڇالاءِ تہ جيڪا شاهدي خدا پنهنجي فرزند جي حق ۾ ڏني آهي، تنهن تي ايمان نہ آندو اٿس.</verse>
				<verse number="11">۽ اها شاهدي هيءَ آهي، تہ خدا اسان کي هميشہ جي زندگي ڏني، ۽ اها زندگي سندس فرزند ۾ آهي.</verse>
				<verse number="12">جنهن وٽ فرزند آهي، تنهن وٽ زندگي آهي؛ جنهن وٽ خدا جو فرزند نہ آهي تنهن وٽ زندگي بہ ڪانهي.</verse>
				<verse number="13">اوهين جي خدا جي فرزند جي نالي تي ايمان ٿا رکو، تن ڏانهن مون هي ڳالهيون لکيون آهن، انهي لاءِ تہ اوهان کي معلوم ٿئي تہ اوهان کي هميشہ جي زندگي ملي آهي.</verse>
				<verse number="14">۽ اها ئي همت اسان کي هن جي حضور ۾ آهي، تہ جيڪڏهن اسين سندس مرضيءَ موجب ڪا شيءِ گهُرون، تہ هو اسان جي ٻُڌي ٿو.</verse>
				<verse number="15">۽ جيڪڏهن اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪو سوال اسين هن کي ڪريون ٿا سو هو ٻُڌي ٿو، ۽ اسين ايترو بہ ڄاڻون ٿا تہ جيڪي عرض اسان کيس ڪيا آهن، سي قبول ٿيا آهن.</verse>
				<verse number="16">جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ کي اهڙو گناهہ ڪندو ڏسي، جنهن جو نتيجو موت نہ هجي، تہ عرض ڪري، ۽ خدا هن جي ڪري انهي کي زندگي ڏيندو، جي اهڙا گناهہ نٿا ڪن جن جو نتيجو موت آهي. اهڙو بہ گناهہ آهي جنهن جو نتيجو موت آهي؛ اُنهي بابت عرض ڪرڻ لاءِ آئون نٿو چوان.</verse>
				<verse number="17">هر طرح جي ناراستي گناهہ آهي: پر اهڙو بہ گناهہ آهي جنهن جو نتيجو موت نہ آهي.</verse>
				<verse number="18">اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪو خدا مان پيدا ٿيل آهي سو گناهہ نٿو ڪري؛ پر جيڪو خدا مان پيدا ٿيو هو، سو هن جي حفاظت ٿو ڪري، ۽ اهو بڇڙو کيس هٿ لائي نٿو سگهي.</verse>
				<verse number="19">اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين خدا جا آهيون، پر سارو جهان انهي بڇڙي جي قبضي ۾ آهي.</verse>
				<verse number="20">۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آهي، ۽ اسان کي سمجهہ ڏني اٿس، تہ جيڪو سچو آهي تنهن کي ڄاڻون؛ ۽ جيڪو سچو آهي تنهن ۾ اسين آهيون، يعني سندس فرزند يسوع مسيح ۾. اهوئي سچو خدا ۽ هميشہ جي زندگي آهي.</verse>
				<verse number="21">اي ننڍڙا ٻارو، پاڻ کي بُتن کان بچائجو.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="63">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">هن بزرگ جي طرفان اُنهيءَ چونڊيل بيگم ۽ سندس ٻارن ڏانهن، جن کي آئون سچو پيار ٿو ڪريان؛ نہ رڳو آئون پر اُهي سڀ بہ جي سچ کي سڃاڻن ٿا؛</verse>
				<verse number="2">اُنهي سچ جي ڪري جو اسان ۾ رهي ٿو، ۽ جو هميشہ اسان سان رهندو.</verse>
				<verse number="3">خدا پيءُ کان، ۽ پيءُ جي فرزند يسوع مسيح کان، فضل ۽ رحم ۽ اطمينان، سچائيءَ ۽ پيار ۾ اسان سان رهندو.</verse>
				<verse number="4">آئون ڏاڍو خوش ٿيس جو جيئن اسان کي پيءُ کان حڪم مليو تيئن ئي مون تنهنجن ٻارن مان ڪن کي حق تي هلندو ڏٺو آهي.</verse>
				<verse number="5">۽ هاڻي آئون توکي هڪڙو عرض ٿو ڪريان. آئون ڪو نئون حڪم ڪونہ ٿو لکان، پر اُهو پراڻو ئي حڪم جيڪو اسان کي شروعات ۾ مليو هو، تہ اسين هڪٻئي کي پيار ڪريون.</verse>
				<verse number="6">۽ پيار هي آهي تہ خدا جي حڪمن تي هلون. هي اهو حڪم آهي، جو اوهان شروعات کان وٺي ٻُڌو، ۽ اوهان کي انهي تي هلڻ گهرجي.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو گهڻيئي گمراهہ ڪندڙ دنيا ۾ نڪري پيا آهن، جي هن ڳالهہ کي نٿا مڃين تہ يسوع مسيح مجسم ٿيو. اهو ئي گمراهہ ڪندڙ ۽ مسيح جو مخالف آهي.</verse>
				<verse number="8">پنهنجي سنڀال ڪريو تہ جيڪي ڪم اسان ڪيا آهن سي اجايا نہ ٿي وڃن، پر اوهين پورو انعام حاصل ڪريو.</verse>
				<verse number="9">جيڪو حد کان ٻاهر ٿو وڃي، ۽ مسيح جي تعليم تي قائم نٿو رهي، تنهن وٽ خدا موجود نہ آهي: جيڪو تعليم تي قائم ٿو رهي، تنهن وٽ پيءُ بہ موجود آهي ۽ فرزند بہ.</verse>
				<verse number="10">جيڪڏهن ڪوبہ اوهان وٽ اچي اها تعليم نہ ڏئي، تہ انهي کي پنهنجي گهر ۾ اچڻ نہ ڏيو ۽ نڪي سلام ڪريوس؛</verse>
				<verse number="11">ڇالاءِ جو جيڪو انهي کي سلام ڪري ٿو، سو هن جي خراب ڪمن ۾ شريڪ ٿو ٿئي.</verse>
				<verse number="12">مون کي اوهان ڏانهن گهڻيون ئي ڳالهيون لکڻيون آهن، پر اُهي ڪاغذ ۽ مَس سان لکڻ ڪونہ ٿو گهُران: مگر اُميد اٿم تہ اوهان وٽ ايندس ۽ روبرو ڳالهيون ڪندس، تہ اوهان جي خوشي پوري ٿئي.</verse>
				<verse number="13">تنهنجي برگزيدہ ڀيڻ جا ٻار توکي سلام ٿا ڏين.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="64">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">هن بزرگ جي طرفان پياري گايس ڏانهن، جنهن کي آئون دل و جان سان پيار ٿو ڪريان.</verse>
				<verse number="2">اي پيارا، آئون دعا ٿو گهُران تہ تو سان هميشہ خير هجي ۽ تون تندرست رهين: آئون ڄاڻان ٿو تہ روح ۾ تون خوش آهين.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ تہ جنهن سچائيءَ جي تون پيروي پيو ڪرين، تنهن جي شاهدي، جڏهن ڀائرن اچي ڏني، تڏهن مون کي ڏاڍي خوشي ٿي.</verse>
				<verse number="4">منهنجي لاءِ انهي کان وڌيڪ ٻي خوشي ڪانهي تہ آئون پنهنجن ٻارن بابت ٻُڌان تہ اهي سچ جي پيروي پيا ڪن.</verse>
				<verse number="5">اي پيارا، جيڪي ڀائر تو وٽ مسافر طور ٿا اچن، تن کي جيتوڻيڪ تون سڃاڻين ڪونہ، تہ بہ جيڪي تون ڪرين ٿو سو ايمان جو ڪم آهي.</verse>
				<verse number="6">انهن ڪليسيا جي اڳيان تنهنجي پيار جي شاهدي ڏني آهي. تون اُنهن کي اهڙيءَ طرح سفر تي روانو ڪر، جهڙيءَ طرح خدا جي خدمت جي لائق آهي.</verse>
				<verse number="7">ڇالاءِ جو هو انهي جي نالي جي واسطي نڪري پيا ۽ غير قومن کان ڪي بہ ڪين ورتائون.</verse>
				<verse number="8">تنهنڪري اسان کي گهرجي تہ اهڙن جون گهُرجون پوريون ڪريون، تہ سچائيءَ ۾ سندن هم خدمت ٿيون.</verse>
				<verse number="9">مون ڪليسيا ڏانهن ڪي ڪجهہ لکيو هو؛ پر دياترفيس، جو هنن ۾ وڏو ٿيڻ ٿو گهُري، سو اسان کي قبول نٿو ڪري.</verse>
				<verse number="10">تنهنڪري جي آئون آيس تہ جيڪي ڪم هو ڪري ٿو، سي اچي ظاهر ڪندس، تہ ڪيئن هو اسان جي برخلاف خراب ڳالهيون ٿو بڪي. ۽ ايتري تي بہ راضي نہ آهي پر پاڻ ڀائرن کي قبول نٿو ڪري، ۽ جيڪي قبول ڪرڻ گهُرن ٿا تن کي بہ منع ٿو ڪري، ۽ ڪليسيا مان ڪڍيو ڇڏي.</verse>
				<verse number="11">اي پيارا، برائيءَ جي پيروي نہ ڪر، پر چڱائي ڪر. جيڪو نيڪي ٿو ڪري، سو خدا مان آهي؛ جيڪو بدي ٿو ڪري، تنهن خدا کي ڏٺو ئي ڪينهي.</verse>
				<verse number="12">دميتريس بابت سڀيئي ماڻهو ۽ خود حق بہ شاهدي ٿو ڏئي، بلڪ آئون بہ شاهدي ٿو ڏيان، ۽ تون ڄاڻين ٿو تہ منهنجي شاهدي سچي آهي.</verse>
				<verse number="13">مون کي گهڻيون ئي ڳالهيون تو ڏانهن لکڻيون هيون، پر مَس ۽ قلم سان اهي لکڻ نٿو گهُران:</verse>
				<verse number="14">پر اُميد اٿم تہ سگهو ئي اچي توکي گڏبس ۽ پاڻ ۾ روبرو ڳالهيون ڪنداسين.</verse>
				<verse number="15">شل توکي اطمينان حاصل ٿيندو رهي. دوست توکي سلام ٿا ڏين. دوستن کي نالي وار سلام ڏج.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="65">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">يهوداهہ، جو يسوع مسيح جو غلام ۽ يعقوب جو ڀاءُ آهي، تنهن جي طرفان انهن ڏانهن جيڪي سڏيل، ۽ خدا پيءُ جا پيارا، ۽ يسوع مسيح لاءِ حفاظت ۾ رکيل آهن،</verse>
				<verse number="2">شل رحم ۽ اطمينان ۽ پيار اوهان جي لاءِ وڌندو وڃي.</verse>
				<verse number="3">اي پيارو، جڏهن مون اوهان ڏانهن اُنهيءَ نجات بابت لکڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ اسين سڀيئي شريڪ آهيون، تڏهن مون ضروري سمجهيو تہ اوهان کي اها نصيحت ڪريان تہ جيڪو ايمان هڪ ئي ڀيري پاڪ ٿيلن کي سونپيو ويو، تنهن جي لاءِ ڏاڍي جانفشاني ڪريو.</verse>
				<verse number="4">ڇالاءِ جو ڪي ماڻهو آهن جي لڪي ڇپي گهڙي آيا آهن، يعني اُهي جي قديم زماني کان هن سزا جي لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا، ۽ اُهي بي دين ماڻهو آهن، جي اسان جي خدا جو فضل ڦيرائي شهوت پرستي ٿا ڪن، ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند يسوع مسيح جو انڪار ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="5">هاڻي جيتوڻيڪ اوهان کي اڳيئي سڀني ڳالهين جي سُڌ آهي، تہ بہ اوهان کي ياد ڏيارڻ ٿو گهُران، تہ خداوند هڪڙيءَ اُمت کي مصر جي ملڪ مان صحيح سلامت ڪڍڻ کانپوءِ، جن ايمان نہ آندو، تن کي برباد ڪري ڇڏيو.</verse>
				<verse number="6">۽ جن ملائڪن پنهنجو درجو قائم نہ رکيو، پر پنهنجي خاص جاءِ ڇڏي ڏني، تن کي هن هميشہ جي قيد ۾ عظيم ڏينهن واري عدالت تائين اوندهہ منجهہ رکيو آهي.</verse>
				<verse number="7">جهڙيءَ طرح ڪ سدوم ۽ عموراہ ۽ اُنهن جي آس پاس وارا شهر، جي انهن وانگر زناڪاريءَ ۽ لونڊي بازيءَ جي پٺيان پيا، سي هميشہ جي باهہ جي سزا پيا سهن، تہ ٻين جي عبرت لاءِ هڪڙو مثال ٿين.</verse>
				<verse number="8">تڏهن بہ ساڳيءَ طرح اهي ماڻهو بہ پنهنجن اجاين خيالن ۾ پئجي جسم کي ناپاڪ ٿا ڪن، ۽ حڪومت کي ڪين جهڙو ٿا ڄاڻن، ۽ جلال وارن کي بي عزت ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="9">پر جڏهن وڏي ملائڪ ميڪائيل موسيٰ جي لاش بابت شيطان سان جهيڙو ۽ تڪرار ڪيو، تڏهن کيس ايتري همت نہ ٿي تہ هن جي برخلاف ڦٽڪار ڪري، پر فقط ايترو چيائين تہ خداوند توکي ملامت ڪري.</verse>
				<verse number="10">پر هي ماڻهو تہ انهن سڀني ڳالهين تي ڦٽڪار ٿا هڻن، جن جي کين ڪابہ خبر ڪانهي؛ ۽ جن ڳالهين کي هو بي عقل جانورن وانگر طبعي ٿا سمجهن، تن ۾ هو پاڻ کي خراب ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="11">افسوس آهي انهن تي، ڇالاءِ جو هو قائن جي واٽ تي هليا، ۽ لالچ جي ڪري بلعام جهڙيءَ گمراهيءَ ۾ ڪاهي پيا، ۽ قوراہ وانگر مخالفت ڪري برباد ٿيا.</verse>
				<verse number="12">هي جڏهن اوهان سان گڏ کائين پيئن ٿا، تڏهن اوهان جي محبت جي مجلسن ۾ لڪل ڇپون آهن، ۽ بنا ڊپ ڊاءَ جي پنهنجي پيٽ ڀرڻ وارا ڌنار آهن؛ ۽ بي پاڻيءَ ڪڪر آهن، جن کي هوائون کنيو اُڏائينديون وتن. سرءُ جي موسم جا وڻ آهن جن ۾ ڦل ڪونهي، ۽ اصل ئي سُڪل ۽ پاڙون پٽيل آهن.</verse>
				<verse number="13">سمنڊ جون شوخ لهرون آهن، جي پنهنجي بي شرميءَ جي گجي ٿيون اُڇلائين. گهُمندڙ تارا آهن، جن جي لاءِ ڀڀ اوندهہ هميشہ واسطي ٺهرايل آهي.</verse>
				<verse number="14">۽ انهن ئي جي نسبت ۾ حنوڪ، جو آدم جي ستين پيڙهيءَ ۾ هو، تنهن پيشنگوئي ڪري چيو تہ، ”ڏسو، خداوند پنهنجن لکن پاڪ ٿيلن سان آيو،</verse>
				<verse number="15">انهي لاءِ تہ سڀني جو انصاف ڪري ۽ سڀني بي دينن کي، سندن انهن سڀني بي دينيءَ جي ڪمن لاءِ، جي هنن بي دينيءَ سان ڪيا آهن، ۽ انهن سڀني سخت ڳالهين لاءِ، جي بي دين گنهگارن سندس برخلاف ڪيون آهن، ڏوهاري ٺهرائي.“</verse>
				<verse number="16">اهي ڪُرڪندڙ، شڪايت ڪندڙ، ۽ پنهنجين بڇڙين خواهشن تي هلندڙ آهن، ۽ سندن وات مان وڏيون ٻٽاڪون پيون نڪرن؛ ۽ هو فائدي جي لاءِ ماڻهن جي پاسخاطري ٿا ڪن.</verse>
				<verse number="17">پر اي پيارو، اُهي ڳالهيون ياد رکو جي اسان جي خداوند يسوع مسيح جي رسولن اڳيئي ڪري ڇڏيون آهن؛</verse>
				<verse number="18">جو اهي اوهان کي چوندا هئا تہ آخر زماني ۾ اهڙا ٺٺوليون ڪرڻ وارا ايندا، جي پنهنجين برين خواهشن تي هلندا.</verse>
				<verse number="19">هي اُهي آهن جي جدائيون ٿا وجهن؛ نفساني ماڻهو، جن ۾ روح نہ آهي.</verse>
				<verse number="20">پر اي پيارو، پنهنجي نهايت پاڪ ايمان ۾ قائم ٿي پاڪ روح ۾ دعا گهُرو،</verse>
				<verse number="21">۽ پاڻ کي خدا جي پيار ۾ قائم رکو، ۽ هميشہ جي زندگيءَ لاءِ اسان جي خداوند يسوع مسيح جي رحم جا منتظر رهو.</verse>
				<verse number="22">۽ ڪي ماڻهو جي اوهان سان بحث ٿا ڪن، تن تي رحم ڪريو.</verse>
				<verse number="23">۽ ڪن کي ڇڪي باهہ مان ڪڍي بچايو، ۽ ڪن تي خوف کائيندي رحم ڪريو؛ بلڪ جنهن پوشاڪ تي جسم جي ڪري داغ ٿيا آهن، تنهن کان نفرت ڪريو.</verse>
				<verse number="24">هاڻي جيڪو اوهان کي گمراهہ ٿيڻ کان بچائي ٿو سگهي ۽ نهايت خوشيءَ سان پنهنجي ازلي حضور ۾ بي عيب ڪري بيهاري ٿو سگهي،</verse>
				<verse number="25">اُنهي واحد خدا، اسان جي نجات ڏيندڙ کي، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي، جلال ۽ عظمت ۽ بادشاهي ۽ قدرت، ازل کان ۽ هاڻي ۽ هميشہ تائين هجي. آمين.</verse>
			</chapter>
		</book>
		<book number="66">
			<chapter number="1">
				<verse number="1">يسوع مسيح جو مڪاشفو، جو خدا هن کي انهي لاءِ ڏنو تہ پنهنجن بندن کي اُهي ڳالهيون ڏيکاري، جي ضرور جلد ٿيڻ واريون آهن: ۽ هن پنهنجو ملائڪ موڪلي انهي جي معرفت پنهنجي بندي يوحنا تي اُهي ظاهر ڪيون؛</verse>
				<verse number="2">جنهن خدا جي ڪلام جي گواهي ۽ يسوع مسيح جي شاهدي ڏني، يعني انهن شين جي، جي هن ڏٺيون.</verse>
				<verse number="3">مبارڪ آهي اُهو، جو هن پيشنگوئي جون ڳالهيون پڙهي ٿو، ۽ اُهي جي ٻُڌن ٿا، ۽ جيڪي اُنهيءَ ۾ لکيل آهي تنهن تي هلن ٿا: ڇالاءِ جو وقت ويجهو آهي.</verse>
				<verse number="4">يوحنا جي طرفان اُنهن ستن ڪليسيائن ڏانهن يا جي آسيا ۾ آهن. جو آهي، ۽ جو هو، ۽ جو اچڻو آهي، انهي وٽان فضل ۽ اطمينان شل اوهان تي هجي؛ ۽ اُنهن ستن روحن وٽان جي سندس تخت جي اڳيان آهن؛</verse>
				<verse number="5">۽ يسوع مسيح وٽان، جو سچو شاهد، ۽ جيڪي مُئلن مان جيئرا ٿيا تن ۾ پهريتو، ۽ زمين جي بادشاهن تي حڪم هلائيندڙ آهي. جو اسان کي پيار ٿو ڪري، ۽ جنهن پنهنجي رت سان اسان کي گناهن کان آزاد ڪيو؛</verse>
				<verse number="6">۽ اسان کي هڪڙي بادشاهت بنايو، ۽ پنهنجي خدا يعني پيءُ لاءِ ڪاهن ڪيو؛ انهي جي وڏائي ۽ بادشاهي شل هميشہ تائين قائم هجي، آمين.</verse>
				<verse number="7">ڏسو، هو بادلن ۾ ٿو اچي؛ ۽ سڀڪا اک اُنهي کي ڏسندي، ۽ اُهي بہ ڏسندا جن هن کي چُڀائي ماريو؛ ۽ زمين جون سڀ قومون اُنهي لاءِ ماتم ڪنديون. بيشڪ. آمين.</verse>
				<verse number="8">خداوند خدا، جو آهي، ۽ جو هو، ۽ جو اچڻو آهي، اُهو قادر مطلق فرمائي ٿو تہ آئون الفا ۽ اوميگا آهيان.</verse>
				<verse number="9">آئون يوحنا، جو اوهان جو ڀاءُ ۽ يسوع مسيح جي مصيبت، ۽ بادشاهت، ۽ صبر ۾ اوهان جو شريڪ آهيان، آئون خدا جي ڪلام ۽ يسوع جي شاهديءَ لاءِ اُنهي ٻيٽ ۾ هئس، جو پتمس ٿو سڏجي.</verse>
				<verse number="10">خداوند جي ڏينهن آئون روح ۾ اچي ويس، ۽ پنهنجي پٺيان تريءَ جهڙو هڪڙو وڏو آواز ٻُڌم.</verse>
				<verse number="11">جنهن چيو تہ جيڪي تون ڏسين ٿو سو ڪتاب ۾ لک، ۽ اُهو ستن ئي ڪليسيائن ڏانهن ڏياري موڪل؛ يعني افسس ڏانهن، ۽ سمرنہ ڏانهن، ۽ پرگمن ڏانهن، ۽ ٿواتيرہ ڏانهن، ۽ سرديس ڏانهن، ۽ فلدلفيہ ڏانهن، ۽ لوديڪيہ ڏانهن.</verse>
				<verse number="12">۽ جنهن آواز مون سان ڳالهايو، تنهن جي ڏسڻ لاءِ جڏهن آئون ڦريس، تڏهن ست سونا شمعدان ڏٺم،</verse>
				<verse number="13">۽ اُنهن شمعدانن جي وچ ۾ ابن آدم جهڙو هڪڙو شخص هو، جو پيرن تائين هڪڙيءَ پوشاڪ سان ڍڪيل هو، ۽ ڇاتيءَ تي هڪڙو سونو سينہ بند ٻَڌل هوس.</verse>
				<verse number="14">۽ انهي جو مٿو ۽ وار اڇا هئا، جهڙي اڇي اُن، بلڪ جهڙي برف؛ ۽ اُنهي جون اکيون باهہ جي شعلي جهڙيون هيون؛</verse>
				<verse number="15">۽ اُنهي جا پير صاف ٿيل پتل جهڙا هئا، جو ڄڻ تہ کوري مان تپي اُجري نڪتل هو؛ ۽ اُنهي جو آواز زور سان وهندڙ پاڻيءَ جي آواز جهڙو هو.</verse>
				<verse number="16">۽ انهي جي ساڄي هٿ ۾ ست تارا هئا: ۽ هن جي وات مان هڪڙي ٻہ منهين ترار ٿي نڪتي: ۽ اُنهي جي شڪل چمڪندڙ سج جهڙي هئي.</verse>
				<verse number="17">۽ جڏهن مون هن کي ڏٺو، تڏهن مردي وانگر سندس پيرن وٽ ڪِري پيس، ۽ هن پنهنجو ساڄو هٿ مون تي رکي چيو تہ ڊڄ نہ؛ آئون اول ۽ آخر آهيان،</verse>
				<verse number="18">۽ جيئرو آهيان؛ آئون مُئو هوس، ۽ ڏس، آئون هميشہ تائين جيئرو رهندس، ۽ مون وٽ موت ۽ مُئلن جي عالم جون ڪنجيون آهن.</verse>
				<verse number="19">تنهنڪري اهي ڳالهيون جي تو ڏٺيون، ۽ اهي ڳالهيون جي آهن، ۽ اهي ڳالهيون جي هن کانپوءِ جلد ٿيڻيون آهن، سي لک؛</verse>
				<verse number="20">يعني جي ست تارا تو منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڏٺا، تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو راز لک: اُهي ست تارا ستن ڪليسيائن جا ملائڪ آهن؛ ۽ اُهي ست شمعدان ست ڪليسيائون آهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="2">
				<verse number="1">افسس واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ جنهن کي پنهنجي ساڄي هٿ ۾ ست تارا آهن ۽ جيڪو ستن شمعدانن جي وچ ۾ ٿو هلي، سو چوي ٿو تہ</verse>
				<verse number="2">مون کي تنهنجي ڪم ۽ تنهنجي محنت، ۽ صبر جي خبر آهي، ۽ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ تون خراب ماڻهن کي سهي نٿو سگهين؛ ۽ جيڪي پاڻ کي رسول ٿا سڏائين ۽ آهن ڪين، تن کي تو آزمائي ڏٺو تہ ڪوڙا آهن.</verse>
				<verse number="3">۽ تون تحمل وارو آهين، ۽ منهنجي نالي سختيون سهندي سهندي بہ ڪين ٿَڪين.</verse>
				<verse number="4">پر تنهنجي برخلاف مون کي ايترو چوڻو آهي، تہ تو پنهنجو پهريون پيار ڇڏي ڏنو آهي.</verse>
				<verse number="5">تنهنڪري ياد ڪر تہ تون ڪٿان ڪِريو آهين، ۽ توبهہ ڪري اڳئين جهڙا ڪم ڪر؛ نہ تہ آئون تو وٽ ايندس، ۽ جي تون توبهہ نہ ڪندين تہ آئون تنهنجو شمعدان سندس جاءِ تان هٽائي ڇڏيندس.</verse>
				<verse number="6">پر تو ۾ هيءَ ڳالهہ آهي تہ نڪولين جي ڪمن کان تون نفرت ٿو ڪرين، جن کان مون کي بہ نفرت آهي.</verse>
				<verse number="7">جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنهن کي انهيءَ زندگيءَ جي وڻ جو ڦل کائڻ لاءِ ڏيندس جو خدا جي فردوس ۾ آهي.</verse>
				<verse number="8">۽ سمرنہ واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ جيڪو اول ۽ آخر آهي، ۽ جو مري ويو هو ۽ وري جيئرو ٿيو، سو چوي ٿو تہ</verse>
				<verse number="9">مون کي تنهنجي مصيبت ۽ تنهنجي مفلسيءَ جي خبر آهي، (پر تون تونگر آهين) ۽ جيڪي پاڻ کي يهودي ٿا سڏائين، ۽ آهن ڪين، پر شيطان جي جماعت آهن، تن جي خبر اٿم تہ ڪيئن نہ تنهنجي گلا پيا ڪن.</verse>
				<verse number="10">جيڪي ڏک توکي سَهڻا آهن تن کان نہ ڊڄ: ڏس، شيطان اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجهڻ وارو آهي تہ اوهان جي آزمائش ٿئي؛ ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان تي مصيبت رهندي. تون مرڻ تائين ايماندار رهہ ۽ آئون توکي زندگيءَ جو تاج ڏيندس.</verse>
				<verse number="11">جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنهن کي ٻئي موت جو ايذاءُ نہ رسندو.</verse>
				<verse number="12">۽ پرگمن واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ جنهن وٽ تکي ٻہ منهين ترار آهي، سو چوي ٿو تہ</verse>
				<verse number="13">مون کي خبر آهي تہ تون ڪٿي ٿو رهين، يعني اُتي جتي شيطان جو تخت آهي: ۽ تون منهنجي نالي تي قائم آهين، ۽ جن ڏينهن ۾ منهنجو ايماندار شاهد انتيپاس اوهان منجهہ قتل ڪيو ويو، جتي شيطان ٿو رهي، تن ڏينهن ۾ بہ اوهان منهنجي ايمان جو انڪار نہ ڪيو.</verse>
				<verse number="14">پر مون کي تنهنجي برخلاف ڪي ٿوريون ڳالهيون چوڻيون آهن، ڇالاءِ جو تو وٽ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جي بلعام جي تعليم تي ٿا هلن، جنهن بلق کي سيکاريو تہ بني اسرائيل جي واٽ ۾ ٿاٻي کائڻ جهڙي شيءِ رکي، تہ هو بُتن جي قربانيءَ جون شيون کائين ۽ زنا ڪن.</verse>
				<verse number="15">انهيءَ طرح تو وٽ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جي ساڳيءَ طرح نڪولين جي تعليم تي ٿا هلن.</verse>
				<verse number="16">تنهنڪري توبهہ ڪر؛ نہ تہ آئون جلد تو وٽ ايندس، ۽ پنهنجي وات جي ترار سان هنن سان وڙهندس.</verse>
				<verse number="17">جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون لڪل من مان ڏيندس، ۽ هڪڙو اڇو پهڻ ڏيندوسانس، ۽ انهي پهڻ تي هڪڙو نئون نالو لکيل هوندو، ۽ جنهن کي اهو نالو ملندو تنهن کانسواءِ ٻيو ڪوبہ اهو نہ ڄاڻندو.</verse>
				<verse number="18">۽ ٿواتيرہ واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ خدا جو فرزند، جنهن جون اکيون باهہ جي شعلي جهڙيون آهن، ۽ جنهن جا پير صاف ٿيل پتل جهڙا آهن، سو چوي ٿو تہ</verse>
				<verse number="19">مون کي تنهنجي ڪمن، ۽ تنهنجي پيار ۽ ايمان، ۽ خدمت ۽ صبر جي خبر آهي. ۽ اها بہ، تہ تنهنجا پويان ڪم پهرين کان زيادہ آهن.</verse>
				<verse number="20">پر تنهنجي برخلاف مون کي هي چوڻو آهي تہ اها زال ازبيل، جا پاڻ کي نبياڻي ٿي سڏائي، تنهن جي تون برداشت ٿو ڪرين؛ ۽ اها منهنجن ٻانهن کي زنا ڪرڻ، ۽ بُتن جي قربانيءَ جي شين کائڻ جي تعليم ڏيئي گمراهہ ٿي ڪري.</verse>
				<verse number="21">۽ مون انهيءَ کي مهلت ڏني تہ توبهہ ڪري؛ پر اها پنهنجي زناڪاريءَ کان توبهہ ڪرڻ نٿي گهُري.</verse>
				<verse number="22">ڏس، آئون انهيءَ کي بستري داخل ٿو ڪريان، ۽ جيڪي ساڻس زنا ٿا ڪن، سي جيڪڏهن پنهنجن ڪمن کان توبهہ نہ ڪندا تہ کين مصيبت ۾ وجهندس.</verse>
				<verse number="23">۽ آئون انهي جي ٻارن کي ماري وجهندس؛ ۽ سڀني ڪليسيائن کي معلوم ٿيندو تہ آئون اُهو آهيان جو اندر جا خيال ۽ دليون جاچيندو آهيان؛ ۽ آئون اوهان مان هرهڪ کي سندس ڪمن موجب بدلو ڏيندس.</verse>
				<verse number="24">پر اوهان ٿواتيرہ جي باقي ماڻهن کي، جيترا اها تعليم نٿا مڃين، ۽ جن کي اُنهن ڳالهين جي خبر ڪانهي جن کي شيطان جون اونهيون ڳالهيون چوندا آهن، تن کي آئون چوان ٿو تہ آئون اوهان تي ڪو ٻيو بار نٿو وجهان.</verse>
				<verse number="25">انهي هوندي بہ جيڪي اوهان کي مليو آهي سو قابو ڪجو، جيسين ڪ آئون اچان.</verse>
				<verse number="26">۽ جيڪو غالب پوندو، ۽ جيڪو منهنجي مرضيءَ تي توڙ تائين هلندو، تنهن کي آئون قومن تي اختياري ڏيندس:</verse>
				<verse number="27">جيئن مون کي بہ پنهنجي پيءُ کان اختيار مليو آهي. ۽ هو لوهہ جي لٺ سان انهن تي حڪم هلائيندو، ۽ هنن کي ڪنڀر جي ٿانءَ وانگر ڀڃي پرزا پرزا ڪندو.</verse>
				<verse number="28">۽ آئون هن کي صبح جو چمڪندڙ تارو سڏيندس.</verse>
				<verse number="29">جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="3">
				<verse number="1">۽ سرديس واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک تہ جنهن وٽ خدا جا ست روح آهن ۽ ست تارا آهن، سو هيئن ٿو چوي تہ مون کي تنهنجن ڪمن جي خبر آهي، ۽ تنهنجي نالي چوندا آهن تہ تون جيئرو آهين، پر آهين مُئل.</verse>
				<verse number="2">تون سجاڳ ٿي جيڪي شيون باقي رهيل آهن، ۽ نيست ٿيڻ تي آهن، تن کي قائم ڪر: ڇالاءِ جو مون تنهنجا ڪي بہ ڪم پنهنجي خدا جي اڳيان پورا ٿيل نہ ڏٺا.</verse>
				<verse number="3">تنهنڪري جيڪي توکي مليو آهي، ۽ جيڪي ٻُڌو اٿيئي، سو ياد رک، ۽ انهي تي قائم رهہ، ۽ توبهہ ڪر. سو جيڪڏهن تون سجاڳ نہ رهندين، تہ آئون چور وانگر ايندس، ۽ توکي خبر ئي ڪانہ پوندي تہ ڪهڙي وقت تنهنجي مٿان اچي پوندس.</verse>
				<verse number="4">پر سرديس ۾ تو وٽ ڪي اهڙا آهن جن پنهنجا ڪپڙا پليت نہ ڪيا؛ ۽ اُهي سفيد پوشاڪ پائي مون سان گڏ گهُمندا، جو اُهي انهي جا لائق آهن.</verse>
				<verse number="5">جيڪو غالب پوندو تنهن کي انهيءَ طرح اڇا ڪپڙا ڍڪايا ويندا؛ ۽ آئون سندس نالو زندگيءَ جي ڪتاب مان اصل ڪڍي نہ ڇڏيندس، ۽ آئون سندس نالو پنهنجي پيءُ جي اڳيان ۽ سندس ملائڪن جي اڳيان قبول ڪندس.</verse>
				<verse number="6">جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي.</verse>
				<verse number="7">۽ فلدلفيہ واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک تہ هو جو پاڪ ۽ سچو آهي، جنهن وٽ دائود جي ڪنجي آهي، جنهن جي کوليل کي ڪوبہ بند نہ ڪندو، ۽ جنهن جي بند ڪيل کي ڪوبہ نہ کوليندو، سو هيئن ٿو چوي تہ</verse>
				<verse number="8">مون کي تنهنجن ڪمن جي خبر آهي (ڏس، مون تنهنجي اڳيان هڪڙو در کولي ڇڏيو آهي جو ڪوبہ بند نہ ڪري سگهندو.) تو ۾ ٿوري طاقت آهي، ۽ تو منهنجي ڪلام تي عمل ڪيو، ۽ منهنجي نالي کان انڪار ڪين ڪيو.</verse>
				<verse number="9">ڏس، آئون شيطان جي جماعت مان انهن کي تنهنجي حوالي ڪندس، جي پاڻ کي يهودي ٿا چوائين ۽ آهن ڪين، پر ڪوڙ ٿا ڳالهائين. ڏس، آئون ائين ڪندس جو هو اچي تنهنجي پيرن وٽ سجدو ڪندا، ۽ ڄاڻندا تہ مون توکي پيار ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="10">ڇالاءِ جو تو منهنجي صبر جي ڪلام تي عمل ڪيو، تنهنڪري آئون بہ توکي آزمائش جي گهڙيءَ کان بچائيندس، اُها گهڙي جا زمين تي رهڻ وارن جي آزمائش لاءِ ساري جهان تي اچڻي آهي.</verse>
				<verse number="11">آئون جلد اچڻو آهيان: جيڪي تو وٽ آهي سو سنڀالي رک، تہ ڪوبہ تنهنجو تاج ڦري نہ وٺي.</verse>
				<verse number="12">جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون پنهنجي خدا جي هيڪل ۾ ٿنڀ وانگر ڪندس، ۽ هو وري اُتان ڪڏهن بہ ٻاهر ڪين نڪرندو: آئون انهي تي پنهنجي خدا جو نالو ۽ پنهنجي خدا جي شهر جو نالو، يعني نئون يروشلم، جو منهنجي خدا وٽان آسمان مان لهي هيٺ ايندو، ۽ خود پنهنجو نئون نالو لکندس.</verse>
				<verse number="13">جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي.</verse>
				<verse number="14">۽ لوديڪيہ واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ جو آمين، وفادار ۽ سچو شاهد، ۽ خدا جي خلقت جو شروع آهي، سو هيئن ٿو چوي تہ</verse>
				<verse number="15">آئون تنهنجا ڪم ڄاڻان ٿو، تہ تون نڪي ٿڌو آهين، نڪي ڪوسو؛ تون يا ٿڌو يا ڪوسو هجين ها تہ چڱو.</verse>
				<verse number="16">سو ڇالاءِ جو تون نهن سوسڙو آهين، ۽ نڪي ڪوسو آهين نڪي ٿڌو، تنهنڪري آئون توکي پنهنجي وات مان ٿُڪي ڪڍندس.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو تون چوين ٿو تہ آئون دولتمند آهيان، ۽ گهڻي دولت گڏ ڪئي اٿم، ۽ ڪنهن بہ شيءِ جي گهُرج ڪانہ اٿم؛ پر توکي اها خبر ڪانهي تہ تون ڪمبخت، ڏکيو، ۽ ڪنگال، انڌو ۽ اُگهاڙو آهين؛</verse>
				<verse number="18">تنهنڪري آئون توکي صلاح ٿو ڏيان تہ مون کان باهہ ۾ صاف ٿيل سون خريد ڪر تہ تون دولتمند ٿين؛ ۽ اڇا ڪپڙا وٺ تہ پاڻ کي ڍڪين، ۽ تنهنجي اوگهڙ جو شرم ظاهر نہ ٿئي؛ ۽ پنهنجين اکين ۾ پائڻ لاءِ سرمو وٺ تہ ڏسي سگهين.</verse>
				<verse number="19">جيترن کي آئون پيار ٿو ڪريان، اوترن کي آئون ڇينڀيان ٿو ۽ سيکت ٿو ڏيان؛ تنهنڪري سرگرم ٿي ۽ توبهہ ڪر.</verse>
				<verse number="20">ڏس، آئون در تي بيهي کڙڪايان ٿو: جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجو آواز ٻُڌي در پَٽيندو، تہ آئون انهي وٽ لنگهي ايندس، ۽ انهي سان گڏ ماني کائيندس، ۽ اُهو مون سان گڏ کائيندو.</verse>
				<verse number="21">جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون پنهنجي تخت تي پاڻ سان ويهاريندس، جهڙي طرح ڪ آئون پاڻ بہ غالب پيس، ۽ پنهنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.</verse>
				<verse number="22">جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="4">
				<verse number="1">انهن ڳالهين کانپوءِ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ آسمان ۾ هڪڙو کليل دروازو آهي، ۽ پهريون آواز جو مون ٻُڌو، سو تريءَ جهڙو هو، جنهن مون سان ڳالهائي چيو تہ هيڏانهن اچ، تہ آئون توکي اهي ڳالهيون ڏيکاريندس جي هن کانپوءِ ٿيڻ واريون آهن.</verse>
				<verse number="2">اُنهي دم آئون روح ۾ اچي ويس؛ ۽ ڏسو، آسمان ۾ هڪڙو تخت رکيل هو، ۽ انهي تخت تي هڪڙو شخص ويٺو هو؛</verse>
				<verse number="3">۽ جيڪو انهي تي ويٺو هو سو زبرجد ۽ عقيق جهڙو هو؛ ۽ تخت جي چوڌاري اڌنڪ هئي، جا ڏسڻ ۾ زمرد جهڙي هئي.</verse>
				<verse number="4">۽ انهي تخت جي چوڌاري چوويهہ تخت هئا: ۽ انهن تختن تي مون چوويهہ بزرگ ويٺل ڏٺا، جن کي اڇا ڪپڙا پهريل هئا؛ ۽ انهن جي مٿن تي سونا تاج هئا.</verse>
				<verse number="5">۽ انهي تخت مان کنوڻيون، ۽ آواز ۽ گجگوڙيون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باهہ جا مشعل پئي ٻريا، جي خدا جا ست روح آهن؛</verse>
				<verse number="6">۽ تخت جي اڳيان بلور جهڙو ڄڻ هڪڙو شيشي جو سمنڊ هو؛ ۽ تخت جي وچ ۾ ۽ تخت جي آس پاس، چار جاندار هئا، جن کي اڳيان توڙي پٺيان اکيون ئي اکيون هيون.</verse>
				<verse number="7">۽ پهريون جاندار شينهن جهڙو هو، ٻيو جاندار گابي جهڙو، ۽ ٽئين جاندار جو منهن ماڻهوءَ جهڙو هو، ۽ چوٿون جاندار اُڏامندڙ عقاب جهڙو هو.</verse>
				<verse number="8">۽ انهن چئني جاندارن مان هرهڪ کي ڇهہ پر هئا، ۽ چوڌاري ۽ اندران اکين سان ڀريا پيا هئا؛ ۽ اهي رات ڏينهن سدائين پيا ڳائين، قدوس، قدوس، قدوس آهي خداوند خدا، قادر مطلق، جو هو، ۽ آهي، ۽ اچڻ وارو آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي، ۽ جو هميشہ آباد آهي تنهن جي، جڏهن اهي جاندار تعظيم ۽ عزت ۽ شڪرگذاري ٿا ڪن،</verse>
				<verse number="10">تڏهن جيڪو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي اڳيان اهي چوويهہ بزرگ سجدو ٿا ڪن، ۽ جو سدائين جيئرو آهي، تنهن کي سجدو ڪري، ۽ تخت جي اڳيان پنهنجا تاج رکي ٿا چون تہ</verse>
				<verse number="11">اي اسان جا خداوند ۽ اسان جا خدا، تون تعظيم ۽ عزت ۽ قدرت جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تو سڀ شيون پيدا ڪيون، ۽ تنهنجي مرضيءَ ڪري اُهي پيدا ٿيون ۽ هستيءَ ۾ آيون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="5">
				<verse number="1">جيڪو تخت تي ويٺو هو، تنهن جي ساڄي هٿ ۾ مون هڪڙو ڪتاب ڏٺو، جو اندران ۽ ٻاهران لکيل هو ۽ ستن مهرن سان بند ٿيل هو.</verse>
				<verse number="2">۽ مون هڪڙي زور واري ملائڪ کي وڏي آواز سان هيءَ منادي ڪندو ڏٺو، تہ هن ڪتاب جي کولڻ ۽ انهي جي مهر ڀڃڻ جي لائق ڪير آهي؟</verse>
				<verse number="3">۽ ڪوبہ شخص آسمان يا زمين تي، يا زمين جي هيٺان، ڪتاب کولي يا انهي ڏانهن نهاري نٿي سگهيو.</verse>
				<verse number="4">۽ مون کي گهڻو روئڻ آيو، جو ڪوبہ انهي ڪتاب جي کولڻ ۽ انهي ڏانهن نهارڻ جو لائق نہ نڪتو؛</verse>
				<verse number="5">تڏهن بزرگن مان هڪڙي مون کي چيو تہ روءُ نہ: ڏس، هو شينهن، جو يهوداهہ جي قبيلي جو آهي، ۽ دائود جي نسل مان آهي، سو ئي غالب پيو آهي ۽ اهو ڪتاب ۽ انهي جون ست مهرون کولي ٿو سگهي.</verse>
				<verse number="6">۽ مون انهي تخت ۽ چئن جاندارن جي وچ ۾، ۽ انهن بزرگن جي وچ ۾، هڪڙو گهيٽو بيٺل ڏٺو؛ جو ڄڻ تہ ڪُٺو ويو هو، ۽ انهي کي ست سڱ ۽ ست اکيون هيون، جي خدا جا ست روح آهن، ۽ ساري زمين تي موڪليل آهن.</verse>
				<verse number="7">۽ هو آيو ۽ جيڪو تخت تي ويٺو هو، تنهن جي ساڄي هٿ مان ڪتاب ورتائين.</verse>
				<verse number="8">۽ جڏهن هن ڪتاب ورتو، تڏهن اهي چار جاندار ۽ چوويهہ بزرگ انهي گهيٽي کي پيرين پيا، ۽ هرهڪ وٽ هڪڙو تنبورو، ۽ لوبان سان ڀريل سونا پيالا هئا، جي پاڪ ٿيلن جون دعائون آهن.</verse>
				<verse number="9">۽ هڪڙو نئون راڳ ڳائڻ لڳا، تہ تون انهي ڪتاب وٺڻ ۽ اُنهي جي مهرن کولڻ جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ سڀ ڪنهن قبيلي، ۽ ٻوليءَ، ۽ اُمت، ۽ قوم جي ماڻهن کي پنهنجي رت سان تو ملهہ ورتو آهي،</verse>
				<verse number="10">۽ انهن کي اسان جي خدا جي لاءِ هڪڙي بادشاهت ۽ ڪاهن ڪيو اٿيئي؛ ۽ اُهي زمين تي بادشاهي ڪندا.</verse>
				<verse number="11">۽ مون ڏٺو ۽ اُنهي تخت، ۽ اُنهن جاندارن، ۽ بزرگن جي چوگرد گهڻن ئي ملائڪن جو آواز ٻُڌم؛ ۽ اُهي شمار ۾ لکن جا لک ۽ هزارن جا هزار هئا؛</verse>
				<verse number="12">۽ اُنهن وڏي آواز سان پئي چيو تہ جيڪو گهيٽو ڪُٺو ويو آهي سو قدرت، ۽ دولت، ۽ حڪمت، ۽ طاقت، ۽ عزت، ۽ جلال، ۽ تمجيد جي لائق آهي.</verse>
				<verse number="13">۽ سڀڪا خلقيل شيءِ، جا آسمان ۽ زمين تي، ۽ زمين جي هيٺان، ۽ سمنڊ ۾ آهي، ۽ سڀ شيون جي انهن ۾ آهن، تن کي مون هيئن چوندو ٻُڌو تہ جيڪو تخت تي ويٺو آهي تنهن جي، ۽ انهي گهيٽي جي تمجيد، ۽ عزت، ۽ جلال، ۽ حڪومت شل هميشہ تائين هجي.</verse>
				<verse number="14">۽ انهن چئني جاندارن چيو، آمين. پوءِ اُهي بزرگ پيرين پئي سجدو ڪرڻ لڳا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="6">
				<verse number="1">۽ مون ڏٺو تہ جڏهن گهيٽي انهن ستن مهرن مان هڪڙي کولي، تڏهن انهن چئني جاندارن مان هڪڙي کي گجگوڙ جهڙي آواز سان چوندو ٻُڌم تہ ”اچ.“</verse>
				<verse number="2">۽ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ هڪڙو اڇو گهوڙو آهي، ۽ جيڪو انهي تي سوار هو تنهن وٽ هڪڙي ڪمان هئي؛ ۽ انهي کي هڪڙو تاج ڏنو ويو: ۽ هو فتح ڪندو، ۽ وڌيڪ فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو.</verse>
				<verse number="3">۽ جڏهن هن ٻي مهر کولي، تڏهن مون ٻُڌو، تہ ٻئي جاندار چيو تہ ”اچ.“</verse>
				<verse number="4">۽ ٻيو گهوڙو نڪتو، جو ڳاڙهو هو: ۽ جيڪو مٿس سوار هو، تنهن کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ سندس ڪري زمين تان صلح ويندو رهي ۽ ماڻهو هڪٻئي کي قتل ڪن: ۽ کيس هڪڙي وڏي ترار ڏني ويئي.</verse>
				<verse number="5">۽ جڏهن هن ٽين مهر کولي تڏهن مون ٻُڌو، تہ ٽئين جاندار چيو تہ ”اچ.“ ۽ مون نهاريو ۽ هڪڙو ڪارو گهوڙو ڏٺم؛ ۽ جيڪو مٿس سوار هو تنهن جي هٿ ۾ هڪڙي ساهمي هئي.</verse>
				<verse number="6">۽ مون ڄڻ تہ هنن چئن جاندارن جي وچ مان هڪڙي آواز کي هيئن چوندو ٻُڌو، تہ هڪ دينار لاءِ ڪڻڪ جو سير ۽ هڪ دينار لاءِ جَوَن جا ٽي سير، پر تيل ۽ مئي کي نقصان نہ رساءِ.</verse>
				<verse number="7">۽ جڏهن هن چوٿين مهر کولي، تڏهن مون چوٿين جاندار کي چوندو ٻُڌو تہ ”اچ.“</verse>
				<verse number="8">۽ مون نهاريو تہ هڪڙو ڦڪي رنگ جو گهوڙو ڏٺم؛ ۽ جيڪو مٿس سوار هو تنهن جو نالو موت هو؛ ۽ مُئلن جو عالم سندس پٺيان هو؛ ۽ انهن کي زمين جي چوٿين حصي تي اهو اختيار ڏنو ويو تہ ترار، ۽ ڏڪار، ۽ مريءَ سان، ۽ زمين جي جهنگلي جانورن سان ماڻهو مارين.</verse>
				<verse number="9">۽ جڏهن هن پنجين مهر کولي، تڏهن مون قربانگاهہ جي هيٺان اُنهن جا روح ڏٺا جي خدا جي ڪلام ۽ پنهنجي شاهديءَ جي صدقي قتل ڪيا ويا هئا.</verse>
				<verse number="10">۽ انهن وڏي آواز سان چيو تہ اي پاڪ ۽ سچا خداوند خدا، تون ڪيستائين عدالت نہ ڪندين، ۽ جيڪي زمين تي آهن، تن کان اسان جي خون جو بدلو نہ وٺندين؟</verse>
				<verse number="11">۽ انهن مان هرهڪ کي هڪڙو اڇو وڳو ڏنو ويو؛ ۽ کين چيو ويو تہ اوهين اڃا ٿوري وقت تائين آرام ڪريو، جيسين ڪ اوهان سان گڏ خدمت ڪندڙن ۽ اوهان جي ڀائرن جو شمار، جي اوهان وانگر قتل ڪيا ويندا، پورو ٿئي.</verse>
				<verse number="12">۽ جڏهن هن ڇهين مهر کولي، تڏهن مون ڏٺو تہ هڪڙو وڏو زلزلو آيو، ۽ سج ڏاس جي کٿي جهڙو ڪارو ٿي پيو، ۽ سڄو چنڊ رت جهڙو ٿي پيو؛</verse>
				<verse number="13">۽ آسمان جا تارا زمين تي ڪِري پيا، جيئن ڪ طوفان ڪري انجير جي وڻ جو ڪچو ڦل ڪِري پوندو آهي.</verse>
				<verse number="14">۽ آسمان ائين گم ٿي ويو جيئن ڪو ويڙهو ويڙهبو آهي؛ ۽ سڀيئي جبل ۽ ٻيٽ پنهنجين جاين تان هٽي ويا.</verse>
				<verse number="15">۽ زمين جا بادشاهہ، ۽ حاڪم، ۽ وڏا سردار، ۽ دولتمند، ۽ پهلوان، ۽ سڀيئي ٻانها ۽ آزاد ماڻهو، غارن ۽ جبلن جي ڇپن ۾ وڃي لڪي ويٺا؛</verse>
				<verse number="16">۽ اُهي جبل ۽ ڇپن کي چوڻ لڳا تہ اسان تي ڪِري پئو، ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي تنهن جي نظر کان ۽ گهيٽي جي غضب کان اسان کي لڪايو:</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو انهن جي ڪاوڙ جو عظيم ڏينهن اچي پهتو آهي؛ ۽ ڪير بيهي سگهندو؟</verse>
			</chapter>
			<chapter number="7">
				<verse number="1">انهي کانپوءِ زمين جي چئني ڪنڊن تي چار ملائڪ بيٺل هئا، جي زمين جي چئني هوائن کي جهليو بيٺا هئا، تہ زمين تي، يا سمنڊ تي يا ڪنهن بہ وڻ تي هوا اصل ئي نہ لڳي.</verse>
				<verse number="2">۽ مون ٻئي ملائڪ کي ڏٺو تہ زندہ خدا جي مهر کڻي اُڀرندي کان مٿي چڙهي آيو: ۽ جن چئن ملائڪن کي اهو اختيار ڏنو ويو هو تہ زمين ۽ سمنڊ کي نقصان رسائين، تن کي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ،</verse>
				<verse number="3">جيسين اسين پنهنجي خدا جي ٻانهن کي سندن پيشانين تي مهر نہ هڻون، تيسين اوهين نہ زمين کي، نہ سمنڊ کي، نڪي وڻن کي نقصان رسايو.</verse>
				<verse number="4">۽ جن تي مهر هنئي ويئي تن جو تعداد مون ٻُڌو تہ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن مان هڪ لک ۽ چوئيتاليهہ هزارن تي مهر لڳي.</verse>
				<verse number="5">يهوداہ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي مهر لڳي: روبين جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: گاد جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي.</verse>
				<verse number="6">آشر جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: نفتاليءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: منسيءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي:</verse>
				<verse number="7">شمعون جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: ليويءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: اشڪار جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي:</verse>
				<verse number="8">زبولون جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: يوسف جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: بنيمين جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي مهر لڳي.</verse>
				<verse number="9">انهن ڳالهين کانپوءِ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ هرهڪ قوم، ۽ قبيلي، ۽ اُمت، ۽ ٻوليءَ جو هڪڙو وڏو ميڙاڪو آهي، جنهن کي ڪوبہ ماڻهو شمار ڪري نٿي سگهيو، ۽ جي اڇا ڪپڙا ڍڪيو، ۽ کجين جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، تخت جي اڳيان ۽ گهيٽي جي اڳيان بيٺا آهن؛</verse>
				<verse number="10">۽ اهي وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ اسان جو خدا جو تخت تي ويٺو آهي، تنهن وٽان ۽ گهيٽي وٽان نجات آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ سڀيئي ملائڪ انهي تخت، ۽ بزرگن، ۽ چئن جاندارن جي چوڌاري بيهي رهيا ۽ تخت جي اڳيان جهُڪي خدا کي سجدو ڪرڻ لڳا،</verse>
				<verse number="12">۽ چوڻ لڳا تہ آمين: تمجيد، ۽ جلال، ۽ حڪمت، ۽ شڪرگذاري، ۽ عزت، ۽ قدرت، ۽ طاقت هميشہ تائين اسان جي خدا کي هجي. آمين.</verse>
				<verse number="13">۽ انهن بزرگن مان هڪڙي مون کي چيو، تہ هي جي اڇا ڪپڙا پايو بيٺا آهن، سي ڪير آهن، ۽ ڪٿان آيا آهن؟</verse>
				<verse number="14">۽ مون هن کي چيو تہ اي منهنجا سائين، تون ئي ٿو ڄاڻين. ۽ هن مون کي چيو تہ هي اُهي آهن، جي انهيءَ وڏيءَ مصيبت مان نڪري آيا آهن، ۽ انهن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا ۽ گهيٽي جي رت ۾ اڇا ڪيا آهن.</verse>
				<verse number="15">تنهنڪري هي خدا جي تخت جي اڳيان آهن؛ ۽ رات ڏينهن سندس پاڪ جاءِ ۾ عبادت پيا ڪن: ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي سو هنن جي مٿان تنبوءَ وانگر ڇانوَ ڪندو.</verse>
				<verse number="16">هنن کي وري نڪا بُک لڳندي، نڪا اُڃ؛ نڪا کين اُس لڳندي، نڪا گرمي:</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو گهيٽو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار ٿيندو، ۽ کين آبِ حيات جي چشمن تي وٺي ويندو: ۽ خدا سندن اکين مان ڳوڙها اُگهي ڇڏيندو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="8">
				<verse number="1">۽ جڏهن هن ستين مهر کولي، تڏهن اٽڪل اڌ ڪلاڪ تائين آسمان ۾ ماٺ ٿي ويئي.</verse>
				<verse number="2">۽ مون اُهي ست ملائڪ ڏٺا، جي خدا جي حضور ۾ بيهندا آهن؛ انهن کي ست تريون ڏنيون ويون.</verse>
				<verse number="3">۽ ٻيو ملائڪ آيو، ۽ هڪڙو سونو خوشبودان کڻي قربانگاهہ تي اچي بيٺو، ۽ کيس گهڻو لوبان ڏنو ويو، تہ جيڪا سوني قربانگاهہ تخت جي اڳيان هئي، تنهن تي سڀني پاڪ ٿيلن جي دعائن سان گڏ چاڙهي.</verse>
				<verse number="4">۽ اُهو لوبان جو دونهون پاڪ ٿيلن جي دعائن سان گڏ اُنهيءَ ملائڪ جي هٿان خدا وٽ چڙهي وڃي پهتو.</verse>
				<verse number="5">۽ انهيءَ ملائڪ اُهو خوشبودان کڻي، انهي کي قربانگاهہ جي باهہ سان ڀري، زمين تي اُڇلائي وڌو؛ ۽ پوءِ گجگوڙيون، ۽ آواز، ۽ کنوڻيون ٿيڻ لڳيون، ۽ زلزلو آيو.</verse>
				<verse number="6">۽ اُهي ست ملائڪ، جن وٽ ست تريون هيون، تن انهن جي وڄائڻ جي تياري ڪئي.</verse>
				<verse number="7">۽ پهرئين تري وڄائي تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باهہ پيدا ٿي، ۽ زمين تي اُڇلائي ويئي: ۽ زمين جون ٽيون حصو سڙي ويو، ۽ سڀ سائو گاهہ بہ سڙي ويو.</verse>
				<verse number="8">۽ ٻئي ملائڪ تري وڄائي تہ ڄڻ باهہ سان ٻرندڙ هڪڙو وڏو جبل اُڇلجي وڃي سمنڊ ۾ پيو، ۽ سمنڊ جو ٽيون حصو رت ٿي پيو؛</verse>
				<verse number="9">۽ سمنڊ جي خلقت جو ٽيون حصو، يعني اُهي جن کي ساهہ هو، سي مري ويا، ۽ جهازن جو ٽيون حصو بہ برباد ٿي ويو.</verse>
				<verse number="10">۽ ٽئين ملائڪ تري وڄائي تہ هڪڙو وڏو تارو، مشعل وانگر ٻرندڙ، آسمان مان ڪِري پيو، ۽ ندين جي ٽئين حصي مٿان ۽ پاڻيءَ جي چشمن جي مٿان اچي پيو.</verse>
				<verse number="11">۽ اُنهي تاري جو نالو گوماندر سڏبو آهي: ۽ پاڻيءَ جو ٽيون حصو گوماندر ٿي پيو، ۽ پاڻيءَ جي ڪَڙي هئڻ ڪري گهڻا ماڻهو مري ويا.</verse>
				<verse number="12">۽ چوٿين ملائڪ تري وڄائي تہ سج جي ٽئين حصي کي، ۽ چنڊ جي ٽئين حصي کي، ۽ تارن جي ٽئين حصي کي ضرر رسي ويئي، جنهنڪري انهن جو ٽيون حصو ڪارو ٿي پيو، ۽ ڏينهن جي ٽئين حصي جو سوجهرو ڪونہ رهيو، ۽ رات جو بہ ساڳيو حال ٿيو.</verse>
				<verse number="13">۽ مون آسمان جي وچ ۾ هڪڙي عقاب کي اُڏامندو ڏٺو ۽ وڏي آواز سان هيئن چوندو ٻُڌم، تہ باقي ٽن ملائڪن جون تريون، جي اڃا انهن کي وڄائڻيون آهن، تن جي ڪري زمين جي رهڻ وارن تي افسوس، افسوس، افسوس!</verse>
			</chapter>
			<chapter number="9">
				<verse number="1">۽ پنجين ملائڪ تري وڄائي ۽ مون آسمان مان زمين تي هڪڙو تارو ڪِريل ڏٺو: ۽ انهي کي اوڙاهہ واري کڏ جي ڪنجي ڏني ويئي.</verse>
				<verse number="2">۽ هن اوڙاهہ واري کڏ کولي تہ کڏ مان دونهون نڪرڻ لڳو، جيئن ڪنهن وڏي کوري مان دونهون نڪرندو آهي؛ ۽ اُنهيءَ کڏ جي دونهين ڪري سج ۽ هوا اوندهہ ٿي پيا.</verse>
				<verse number="3">۽ دونهين مان زمين تي مڪڙ نڪري آيا؛ ۽ انهن کي اهڙي طاقت ڏني ويئي، جهڙي زمين جي وڇن کي آهي.</verse>
				<verse number="4">۽ انهن کي چيو ويو تہ زمين جي گاهہ کي، يا ڪنهن سائيءَ شيءِ کي، يا ڪنهن بہ وڻ کي ايذاءُ نہ رسائجو، پر رڳو انهن ماڻهن کي، جن جي پيشانين تي خدا جي مهر نہ هجي.</verse>
				<verse number="5">۽ کين اهو اختيار ڏنو ويو تہ هنن کي اُڦٽ نہ مارين، پر پنجن مهينن تائين هنن کي عذاب پيا ڏين، ۽ هنن جو عذاب اهڙو هو جهڙو وڇونءَ جي ڏنگڻ ڪري ماڻهن جو ٿيندو آهي.</verse>
				<verse number="6">۽ انهن ڏينهن ۾ ماڻهو موت کي ڳوليندا، پر ڪنهن بہ طرح لهندا ڪين؛ ۽ هو مرڻ گهُرندا، پر موت کانئن پيو ڀڄندو.</verse>
				<verse number="7">۽ انهن مڪڙن جون شڪليون اهڙيون هيون جهڙيون گهوڙن جون، جي جنگ لاءِ تيار ڪيا ويندا آهن؛ ۽ اُنهن جي مٿن تي ڄڻ تہ سون جهڙا تاج هئا، ۽ سندن منهن انسانن جهڙا هئا.</verse>
				<verse number="8">۽ کين زالن جهڙا وار هئا، ۽ سندن ڏند شينهن جي ڏندن جهڙا هئا.</verse>
				<verse number="9">۽ انهن جي ڇاتيءَ جون زرهون لوهہ جي زرهن جهڙيون هيون؛ ۽ انهن جي پيرن جو آواز اهڙو هو جهڙو جنگي رٿن جو آواز، جيئن گهڻا گهوڙا جنگ ۾ ڪاهي ايندا آهن.</verse>
				<verse number="10">۽ انهن جا پڇ ۽ ڏنگ وڇن جهڙا هئا، ۽ اُنهن جي پڇن ۾ اهڙي طاقت هئي جو پنجن مهينن تائين ماڻهن کي ايذاءُ رسائي سگهن.</verse>
				<verse number="11">اُنهن جي مٿان اوڙاهہ وارو ملائڪ بادشاهہ هو: انهي جو نالو عبرانيءَ ٻوليءَ ۾ ابدون آهي، ۽ يوناني ٻوليءَ ۾ اپليون.</verse>
				<verse number="12">پهرين مصيبت هاڻي لنگهي ويئي: ڏسو، باقي ٻہ مصيبتون هن کان پوءِ اينديون.</verse>
				<verse number="13">۽ ڇهين ملائڪ تري وڄائي تہ خدا جي اڳيان جيڪا سوني قربانگاهہ آهي، اُنهي جي سڱن مان هڪڙو آواز ٻُڌم.</verse>
				<verse number="14">۽ جنهن ڇهين ملائڪ وٽ تري هئي، تنهن کي ڪنهن چيو تہ جيڪي چار ملائڪ وڏيءَ نديءَ فرات وٽ ٻَڌل آهن، تن کي ڇوڙي ڇڏ.</verse>
				<verse number="15">۽ اهي چار ملائڪ ڇوڙيا ويا، جي انهيءَ گهڙيءَ، ۽ ڏينهن، ۽ مهيني، ۽ سال جي لاءِ تيار ڪيا ويا هئا، تہ ماڻهن جي ٽئين حصي کي ماري وجهن.</verse>
				<verse number="16">۽ گهوڙي سوارن جي لشڪرن جو تعداد ويهہ ڪروڙ هو: مون انهن جو شمار ٻَڌو.</verse>
				<verse number="17">۽ انهيءَ طرح رويا ۾ مون اهڙا گهوڙا ۽ انهن جا سوار ڏٺا، جن جي ڇاتيءَ جي زرهن جو رنگ ڄڻ تہ سرخ، نيلو ۽ پيلو هو. ۽ انهن گهوڙن جا منهن شينهن جي منهن جهڙا هئا؛ ۽ انهن جي واتن مان باهہ، ۽ دونهون، ۽ گندرف پئي نڪتو.</verse>
				<verse number="18">۽ اهي ٽيئي آفتون، يعني باهہ، ۽ دونهون، ۽ گندرف، جي هنن جي وات مان پئي نڪتيون، تن ماڻهن جو ٽيون حصو ماري وڌو.</verse>
				<verse number="19">ڇالاءِ جو انهن گهوڙن جو زور سندن واتن ۽ سندن پڇن ۾ هو: انهن جا پڇ نانگن جهڙا هئا، ۽ کين سسيون بہ هيون، جن سان هنن ايذاءُ ٿي رسايو.</verse>
				<verse number="20">۽ باقي ماڻهو جي انهن آفتن جي ڪري نہ مُئا، تن پنهنجي هٿن جي ڪمن کان توبهہ نہ ڪئي، ۽ نہ انهيءَ کان، تہ بدروحن جي، ۽ سون، ۽ چاندي، ۽ پتل، ۽ پهڻ، ۽ ڪاٺ جي بُتن جي عبادت نہ ڪن؛ جي نہ ڏسن، نہ ٻُڌن ٿا، نڪي هلي ٿا سگهن:</verse>
				<verse number="21">نڪي پنهنجيءَ جادوگريءَ، ۽ زناڪاريءَ، ۽ خون، ۽ چورين کان توبهہ ڪيائون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="10">
				<verse number="1">۽ مون ٻيو زور وارو ملائڪ، جو بادلن سان ڍڪيل هو، آسمان مان لهندو ڏٺو، ۽ انهي جي مٿي تي انڊلٺ هئي، ۽ سندس منهن سج جهڙو هو، ۽ سندس ٽنگون باهہ جي ٿنڀن جهڙيون هيون.</verse>
				<verse number="2">۽ سندس هٿ ۾ هڪڙو ننڍو کليل ڪتاب هو: ۽ هن پنهنجو ساڄو پير سمنڊ تي رکيو ۽ کاٻو پير زمين تي رکيائين؛</verse>
				<verse number="3">۽ وڏي آواز سان اهڙي رڙ ڪيائين جهڙي شينهن گجگوڙ ڪندو آهي: ۽ جڏهن هن رڙ ڪئي تڏهن ستن گجگوڙين جا آواز ٿيا.</verse>
				<verse number="4">۽ جڏهن ستن گجگوڙين جا آواز ٿيا، تڏهن آئون لکڻ تي هوس: پر مون آسمان مان هڪڙو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ جي ڳالهيون اُنهن ستن گجگوڙين ڪيون، تن تي مهر هڻي ڇڏ، ۽ اُهي نہ لک.</verse>
				<verse number="5">۽ جنهن ملائڪ کي مون سمنڊ تي ۽ زمين تي بيٺو ڏٺو، تنهن پنهنجو ساڄو هٿ آسمان ڏانهن کنيو،</verse>
				<verse number="6">۽ جيڪو هميشہ جيئرو آهي، ۽ جنهن آسمان ۽ جيڪي منجهس آهي، ۽ زمين ۽ جيڪي منجهس آهي، ۽ سمنڊ ۽ جيڪي منجهس آهي سو پيدا ڪيو، تنهن جو قسم کڻي چيائين تہ، وڌيڪ دير نہ ٿيندي!</verse>
				<verse number="7">پر ستين ملائڪ جي آواز جي وقت جڏهن هو تري وڄائيندو تڏهن خدا جو راز پورو ٿيندو، جو هن پنهنجن ٻانهن يعني نبين تي ظاهر ڪيو هو.</verse>
				<verse number="8">۽ جيڪو آواز مون آسمان مان ٻُڌو هو، تنهن کي وري ڳالهائيندو ٻُڌم، تہ جيڪو ملائڪ سمنڊ تي ۽ زمين تي بيٺو آهي، تنهن جي هٿ مان اِهو کليل ڪتاب وڃي وٺ.</verse>
				<verse number="9">۽ آئون اُنهي ملائڪ وٽ ويس ۽ چيومانس تہ مون کي اهو ننڍڙو ڪتاب ڏي. ۽ هن مون کي چيو تہ وٺ ۽ کاءُ؛ ۽ اهو تنهنجو پيٽ ڪَڙو ڪندو، پر تنهنجو وات اهڙو مٺو ٿيندو جهڙي ماکي.</verse>
				<verse number="10">۽ مون ملائڪ جي هٿان اهو ننڍڙو ڪتاب ورتو ۽ کاڌو، ۽ اهو منهنجي وات ۾ ماکيءَ جهڙو مٺو لڳو: ۽ جڏهن اُهو کائي بس ڪيم، تڏهن منهنجو پيٽ ڪَڙو ٿي پيو.</verse>
				<verse number="11">۽ مون کي چيو ويو تہ توکي ضرور گهڻين اُمتن، ۽ قومن، ۽ ٻولين، ۽ بادشاهن جي نسبت ۾ پيشنگوئي ڪرڻي پوندي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="11">
				<verse number="1">۽ مون کي ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙو ڪانو ڏنو ويو: ۽ هڪڙي چيو تہ اُٿ، ۽ وڃي خدا جي پاڪ جاءِ ۽ قربانگاهہ جي، ۽ جيڪي منجهس عبادت ٿا ڪن، تن جي ماپ ڪر.</verse>
				<verse number="2">پر جيڪو اڱڻ پاڪ جاءِ جي ٻاهر آهي سو ڇڏي ڏي؛ اُن جي ماپ نہ ڪر، ڇالاءِ جو اهو غير قومن کي ڏنو ويو آهي، ۽ هو پاڪ شهر کي ٻائيتاليهن مهينن تائين پيا لتاڙيندا.</verse>
				<verse number="3">۽ آئون پنهنجن ٻن شاهدن کي اختياري ڏيندس، ۽ هو کٿو ڍڪي هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن نبوت ڪندا.</verse>
				<verse number="4">هي اُهي ٻہ زيتون جا وڻ آهن ۽ ٻہ شمعدان، جي زمين جي خداوند جي حضور ۾ بيٺا آهن.</verse>
				<verse number="5">۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو کين نقصان رسائڻ جي ٿو ڪري، تہ سندن وات مان باهہ ٿي نڪري، ۽ سندن دشمنن کي ساڙيو ڇڏي: ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ هو ضرور انهيءَ طرح مارجي ويندو.</verse>
				<verse number="6">انهن کي اختياري آهي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين، تان تہ سندن نبوت جي ڏينهن ۾ مينهن نہ پوي. ۽ پاڻيءَ تي بہ کين اختياري آهي، تہ انهي کي بدلائي رت ڪري وجهن، ۽ جيترا ڀيرا مرضي پوينِ، اوترا ڀيرا زمين تي هر طرح جي آفت آڻين.</verse>
				<verse number="7">۽ جڏهن هو پنهنجي شاهدي پوري ڪري ڇڏيندا، تڏهن جيڪو حيوان اوڙاهہ مان نڪرندو سو ساڻن وڙهندو، ۽ مٿن غالب پئي کين ماري وجهندو.</verse>
				<verse number="8">۽ سندن لاشا انهي وڏي شهر جي رستن ۾ پيا هوندا، جنهن کي روحاني طرح سدوم ۽ مصر ٿا سڏين؛ جتي سندن خداوند بہ صليب تي چاڙهيو ويو هو.</verse>
				<verse number="9">۽ اُمتن ۽ قبيلن ۽ ٻولين ۽ قومن مان ماڻهو انهن جي لاشن کي ساڍن ٽن ڏينهن تائين ڏسندا رهندا، ۽ سندن لاشا قبر ۾ رکڻ نہ ڏيندا.</verse>
				<verse number="10">۽ زمين جا رهاڪو انهن جي موت ڪري خوشيون ۽ تماشا ڪندا؛ ۽ هڪٻئي ڏانهن سوکڙيون موڪليندا؛ ڇالاءِ جو هنن ٻن نبين زمين جي رهاڪن کي پريشان ڪيو هو.</verse>
				<verse number="11">۽ ساڍن ٽن ڏينهن کانپوءِ خداوند وٽان حياتيءَ جو روح انهن ۾ اچي پيو، ۽ هو اُٿي پيرن ڀر کڙا ٿيا، ۽ جن کين ڏٺو، تن کي ڏاڍو خوف ٿيو.</verse>
				<verse number="12">۽ هنن آسمان مان هڪڙو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن کين چيو تہ هيڏانهن اچو! ۽ هو ڪڪر تي چڙهي آسمان ۾ ويا؛ ۽ سندن دشمنن کين ڏٺو.</verse>
				<verse number="13">۽ اُنهيءَ گهڙيءَ وڏو زلزلو ٿيو، ۽ شهر جو ڏهون حصو ڪِري پيو؛ ۽ انهي زلزلي ۾ ست هزار ماڻهو مري ويا؛ ۽ باقي ٻيا ڊڄي ويا ۽ آسمان جي خدا جو جلال ظاهر ڪرڻ لڳا.</verse>
				<verse number="14">ٻي مصيبت لنگهي ويئي: ڏسو، ٽين مصيبت جلد ٿي اچي.</verse>
				<verse number="15">۽ ستين ملائڪ تري وڄائي، تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٿيڻ لڳا، ۽ انهن چيو تہ دنيا جي بادشاهت اسان جي خداوند ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي: ۽ اُهو هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.</verse>
				<verse number="16">۽ جي چوويهہ بزرگ خدا جي اڳيان پنهنجن تختن تي ويٺا هئا، سي پيرين پئي خدا کي سجدو ڪرڻ لڳا،</verse>
				<verse number="17">۽ چوڻ لڳا تہ اي خداوند خدا، قادر مطلق، جو آهين، جو هئين، اسين تنهنجا شڪرانا بجا ٿا آڻيون، ڇالاءِ جو تو پنهنجي وڏي قدرت ڏيکاري بادشاهي ڪئي.</verse>
				<verse number="18">۽ قومن کي ڪاوڙ لڳي، ۽ تنهنجو غضب نازل ٿيو، ۽ اُهو وقت اچي پهتو آهي جڏهن مُئلن جي عدالت ٿيندي، ۽ تنهنجن بندن يعني نبين کي، ۽ پاڪ ٿيلن کي، ۽ جيڪي ننڍا توڙي وڏا تنهنجي نالي کان ڊڄن ٿا، تن کي سندن اجر ڏنو ويندو؛ ۽ جيڪي زمين کي برباد ٿا ڪن، سي برباد ڪيا ويندا.</verse>
				<verse number="19">۽ خدا جو هيڪل، جو آسمان ۾ آهي، سو کوليو ويو؛ ۽ سندس عهد جي صندوق هيڪل ۾ ڏسڻ ۾ آئي؛ پوءِ کنوڻيون، ۽ آواز، ۽ گجگوڙيون ٿيڻ لڳيون، ۽ زلزلو ٿيو، ۽ وڏا ڳڙا پيا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="12">
				<verse number="1">۽ آسمان ۾ هڪڙو وڏو نشان ڏسڻ ۾ آيو؛ هڪڙي زال سج سان ڍڪيل نظر آئي، ۽ چنڊ انهي جي پيرن هيٺ هو، ۽ سندس مٿي تي ٻارهن تارن جو هڪڙو تاج رکيل هو.</verse>
				<verse number="2">۽ اها حاملہ هئي ۽ ويم جي سورن کان رڙيون پئي ڪيائين، ۽ ٻار ڄڻڻ جي تڪليف هُيس.</verse>
				<verse number="3">۽ ٻيو بہ هڪڙو نشان آسمان ۾ ڏٺو ويو؛ ۽ ڏسو، هڪڙو وڏو ڳاڙهو ازدها، جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا، ۽ سندس مٿن تي ست تاج هئا.</verse>
				<verse number="4">۽ انهي جي پڇ آسمان جي تارن مان ٽيون حصو ڇڪي زمين تي ڪيرائي وڌو: ۽ جنهن زال کي ٻار ڄمڻ تي هو، تنهن جي اڳيان اهو ازدها وڃي بيهي رهيو، انهي لاءِ تہ جنهن وقت هوءَ ٻار ڄڻي، تنهن وقت سندس ٻار کي ڳڙڪائي وڃي.</verse>
				<verse number="5">۽ هن کي پٽ ڄائو، يعني اُهو ٻار جو لوهہ جي لٺ سان سڀني قومن تي حڪم هلائڻ وارو آهي. ۽ انهيءَ زال جو ٻار خدا ڏانهن ۽ سندس تخت ڏانهن هڪدم کڄي ويو.</verse>
				<verse number="6">۽ اُها زال انهي بيابان ڏانهن ڀڳي، جتي خدا سندس لاءِ جاءِ تيار ڪري ڇڏي هئي، تہ انهي هنڌ هڪ هزار، ٻہ سؤ ۽ سٺ ڏينهن تائين سندس پرورش ٿئي.</verse>
				<verse number="7">۽ آسمان ۾ جنگ لڳي: ميڪائيل ۽ سندس ملائڪ انهي ازدها سان وڙهڻ لاءِ نڪتا. ۽ ازدها ۽ سندس ملائڪ بہ وڙهڻ لڳا؛</verse>
				<verse number="8">پر اهي غالب نہ پيا، ۽ نڪي وري کين آسمان ۾ ڪا جاءِ ملي.</verse>
				<verse number="9">۽ اهو وڏو ازدها يعني اهو قديم نانگ، جو ابليس ۽ شيطان سڏبو آهي، ۽ ساري جهان کي گمراهہ ڪندو آهي، سو زمين تي اُڇلايو ويو، ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ هيٺ اُڇلايا ويا.</verse>
				<verse number="10">۽ مون آسمان ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ هاڻي اسان جي خدا جي نجات، ۽ قدرت، ۽ بادشاهت، ۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آهي: ڇالاءِ جو اسان جي ڀائرن تي الزام آڻڻ وارو، جو رات ڏينهن اسان جي خدا جي اڳيان مٿن الزام پيو آڻي، سو هيٺ اُڇلايو ويو آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ هو گهيٽي جي رت جي وسيلي ۽ پنهنجي شاهديءَ جي ڪلام ڪري مٿس غالب پيا، ڇالاءِ جو هنن موت تائين پنهنجو ساهہ پيارو نہ سمجهيو.</verse>
				<verse number="12">تنهنڪري، اي آسمان، ۽ آسمان جا رهاڪو، خوشي ڪريو. پر اي زمين ۽ سمنڊ، اوهان جي لاءِ افسوس آهي: ڇالاءِ جو ابليس ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان اوهان ڏانهن لهي آيو آهي، ۽ خبر اٿس تہ باقي ٿورو وقت اٿم.</verse>
				<verse number="13">۽ جڏهن انهي ازدها ڏٺو تہ هو زمين تي ڪيرايو ويو آهي، تڏهن انهيءَ زال کي ستائڻ لڳو، جنهن کي پٽ ڄائو هو.</verse>
				<verse number="14">۽ زال کي وڏي عقاب جا ٻہ پر ڏنا ويا، انهي لاءِ تہ نانگ جي منهن کان ٽري اُڏامي بيابان ۾ پنهنجيءَ جاءِ تي وڃي، جتي هڪڙي زماني ۽ زمانن، ۽ اڌ زماني تائين سندس پرورش ٿيڻي هئي.</verse>
				<verse number="15">۽ نانگ اُنهيءَ زال پٺيان پنهنجي وات مان نديءَ وانگر پاڻي ڪڍيو، انهي لاءِ تہ کيس وهڪري ۾ وهائي ڇڏي.</verse>
				<verse number="16">پر زمين انهيءَ زال جي مدد ڪئي، ۽ زمين پنهنجو وات پَٽي جيڪا ندي ازدها پنهنجي وات مان ڪڍي هئي، سا ڳڙڪائي ويئي.</verse>
				<verse number="17">۽ ازدها کي انهيءَ زال تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ سندس باقي اولاد، جو خدا جي حڪمن تي ٿو هلي، ۽ يسوع جي شاهدي ٿو ڀري، تنهن سان جنگ ڪرڻ لاءِ ويو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="13">
				<verse number="1">۽ اُهو ازدها سمنڊ جي واريءَ تي وڃي بيٺو. ۽ مون سمنڊ مان هڪڙو حيوان نڪرندو ڏٺو، جنهن کي ڏهہ سڱ ۽ ست مٿا هئا. ۽ سندس سڱن تي ڏهہ تاج هئا، ۽ سندس مٿن تي ڪفر جا نالا هئا.</verse>
				<verse number="2">۽ جيڪو حيوان مون ڏٺو، سو چيتي جهڙو هو، ۽ پير رڇ جي پيرن جهڙا هئس، ۽ وات شينهن جي وات جهڙو هوس؛ ۽ ازدها کيس پنهنجي طاقت، ۽ پنهنجي بادشاهي، ۽ وڏو اختيار ڏنو.</verse>
				<verse number="3">۽ مون ڏٺو تہ هن جي مٿن مان هڪڙي کي موتمار ڌڪ لڳل هو؛ پر اُهو موتمار زخم ڇُٽي ويو هو. ۽ سارو جهان حيران ٿي انهي حيوان جي پٺيان اچڻ لڳو.</verse>
				<verse number="4">۽ ڇالاءِ جو ازدها پنهنجو اختيار انهي حيوان کي ڏنو هو، تنهنڪري انهن ازدها جي پرستش ڪئي؛ ۽ انهي حيوان جي بہ پرستش ڪيائون، ۽ چيائون تہ هن حيوان جهڙو ڪير آهي؟ ۽ ڪير هن سان وڙهي ٿو سگهي؟</verse>
				<verse number="5">۽ حيوان کي هڪڙو وات ڏنو ويو، جنهن سان هن وڏيون ڳالهيون پئي ڪيون ۽ ڪفر پئي بڪيو؛ ۽ ٻائيتاليهن مهينن تائين کيس پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ اختياري ڏني ويئي.</verse>
				<verse number="6">۽ هن پنهنجو وات کوليو، انهي لاءِ تہ خدا جي نسبت ۾ ڪفر بڪي، يعني سندس نالي ۽ سندس خيمي جي نسبت ۾ ڪفر بڪي.</verse>
				<verse number="7">۽ کيس اهو اختيار ڏنو ويو تہ پاڪ ٿيلن سان جنگ ڪري ۽ کين شڪست ڏئي، ۽ هن کي سڀ ڪنهن قبيلي، ۽ اُمت، ۽ ٻوليءَ، ۽ قوم تي اختيار ڏنو ويو.</verse>
				<verse number="8">۽ سڀني زمين جي رهاڪن انهن جي بندگي ٿي ڪئي، سواءِ اُنهن جي، جن جا نالا دنيا جي پيدائش کان وٺي ذبح ڪيل گهيٽي جي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.</verse>
				<verse number="9">جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي.</verse>
				<verse number="10">جيڪڏهن ڪو قيد لاءِ آهي تہ اُهو قيد ۾ ويندو. جيڪڏهن ڪو ترار سان قتل ڪندو، تہ اهو ترار سان قتل ڪيو ويندو. پاڪ ٿيلن جو صبر ۽ ايمان اهو آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ مون هڪڙو ٻيو حيوان زمين مان نڪرندو ڏٺو؛ جنهن کي گهيٽي وانگر ٻہ سڱ هئا، پر هن ازدها وانگر ٿي ڳالهايو.</verse>
				<verse number="12">۽ هن پهرئين حيوان جي روبرو سڀ اختيار ٿي هلايو، ۽ انهي زمين ۽ سندس رهاڪن کان انهي پهرئين حيوان جي پرستش ٿي ڪرائي، جنهن جو موتمار زخم ڇُٽي ويو هو.</verse>
				<verse number="13">۽ هن وڏا نشان ڪري ٿي ڏيکاريا، ايتري قدر جو هن ماڻهن جي اڳيان آسمان مان زمين تي باهہ ٿي ڪيرائي.</verse>
				<verse number="14">۽ انهي حيوان جي اڳيان جن نشانن ڪرڻ جو اختيار هن کي ڏنو ويو هو، تن جي ڪري هن زمين جي رهاڪن کي گمراهہ پئي ڪيو، ۽ انهن کي پئي چيائين تہ جنهن حيوان کي ترار جو زخم هو ۽ وري جيئرو ٿي پيو، تنهن جو بُت جوڙيو.</verse>
				<verse number="15">۽ کيس اهو اختيار ڏنو ويو تہ انهي ۾، يعني انهي حيوان جي بُت ۾ ڦوڪي ساهہ وجهي، تان تہ اُهو حيوان جو بُت ڳالهائي، ۽ جيترا ماڻهو انهي حيوان جي بُت جي پرستش نہ ڪن، تن کي مارائي ڇڏي.</verse>
				<verse number="16">۽ هن سڀني ننڍن ۽ وڏن، دولتمندن ۽ غريبن، آزادن ۽ غلامن کي سندس ساڄي هٿ يا پيشانيءَ تي هڪڙي ڇاپ هڻائي ڇڏي؛</verse>
				<verse number="17">انهي لاءِ تہ جنهن تي اهو نشان هجي، يعني انهي حيوان جو نالو يا سندس نالي جو عدد هجي؛ تنهن کانسواءِ ڪوبہ ماڻهو خريد ۽ فروخت نہ ڪري سگهي.</verse>
				<verse number="18">ڪنجي هيءَ آهي؛ ۽ جنهن کي سمجهہ آهي سو انهي حيوان جو عدد ڳڻي؛ ڇالاءِ جو اهو ڪنهن ماڻهوءَ جو نالو آهي؛ ۽ اُنهيءَ عدد جي معنيٰ ڇهہ سؤ ڇاهٺ آهي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="14">
				<verse number="1">۽ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ اهو گهيٽو صيون جبل تي بيٺو آهي، ۽ ساڻس گڏ هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهو آهن، جن جي پيشانين تي سندس نالو ۽ سندس پيءُ جو نالو لکيل هو.</verse>
				<verse number="2">۽ مون آسمان مان هڪڙو آواز ٻُڌو، جو زور سان وهندڙ پاڻيءَ جي آواز جهڙو ۽ وڏيءَ گجگوڙ جي آواز جهڙو هو؛ ۽ اُهو آواز تنبورن وارن جو هو جن ڄڻ تنبورا پئي وڄايا.</verse>
				<verse number="3">۽ اُنهن تخت جي اڳيان، ۽ چئن جاندارن ۽ بزرگن جي اڳيان، هڪڙو نئون راڳ پئي ڳايو. ۽ اُهي هڪ لک ۽ چوئيتاليهہ هزار ماڻهو، جي دنيا مان خريد ڪيا ويا هئا، تنهن کانسواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو اُهو راڳ سکي نہ سگهيو.</verse>
				<verse number="4">هي اُهي ماڻهو هئا، جي زالن سان ناپاڪ نہ ٿيا؛ ڇالاءِ جو اُهي ڪنوارا هئا ۽ گهيٽي جي پٺيان جيڏانهن هو وڃي ٿو اوڏانهن ٿا وڃن. اُهي مخلوقات مان خريد ڪيا ويا هئا، تہ خدا لاءِ ۽ گهيٽي لاءِ پهريون ڦل ٿين.</verse>
				<verse number="5">۽ سندن وات مان ڪوڙ نہ نڪتو، ۽ هو بي عيب هئا.</verse>
				<verse number="6">۽ مون هڪڙو ملائڪ آسمان ۾ اُڏامندو ڏٺو، جنهن وٽ زمين جي رهاڪن، ۽ سڀ ڪنهن قوم، ۽ قبيلي، ۽ ٻوليءَ ۽ اُمت کي ٻُڌائڻ لاءِ هميشہ جي خوشخبري هئي.</verse>
				<verse number="7">۽ هن وڏي آواز سان چيو تہ خدا کان ڊڄو ۽ سندس تمجيد ڪريو؛ ڇالاءِ جو عدالت جو وقت اچي پهتو آهي! ۽ جنهن آسمان، ۽ زمين، ۽ سمنڊ، ۽ پاڻيءَ جا چشما پيدا ڪيا، انهي جي بندگي ڪريو.</verse>
				<verse number="8">۽ هن جي پٺيان هڪڙو ٻيو ملائڪ آيو ۽ چيائين تہ ڪِري پيو، اُهو وڏو شهر بابل ڪِري پيو، جنهن پنهنجي زناڪاريءَ جي قهري شراب مان سڀني قومن کي پياريو هو.</verse>
				<verse number="9">۽ انهي جي پٺيان هڪڙو ٽيون ملائڪ آيو، جنهن وڏي آواز سان چيو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهي حيوان ۽ سندس بُت جي پرستش ڪندو ۽ پنهنجي پيشانيءَ تي يا پنهنجي هٿ تي ڇاپ هڻائيندو؛</verse>
				<verse number="10">تہ اُهو خدا جي غضب جي انهي شراب مان پيئندو، جو سندس غضب جي پيالي ۾ خاص طرح تيار ڪري رکيو ويو آهي. اُنهي کي پاڪ ملائڪن جي اڳيان، ۽ گهيٽي جي اڳيان، باهہ ۽ گندرف جو عذاب ڏنو ويندو.</verse>
				<verse number="11">۽ اُنهن جي عذاب جو دونهون سدائين پيو نڪرندو؛ ۽ جيڪي اُنهي حيوان ۽ سندس بُت جي پرستش ٿا ڪن، ۽ جيڪي سندس نالي جي ڇاپ ٿا هڻائين، تن کي رات ڏينهن آرام ڪونہ ملندو.</verse>
				<verse number="12">اهو آهي اُنهن پاڪ ٿيلن جو صبر، جي خدا جي حڪمن تي ٿا هلن، ۽ يسوع تي ايمان ٿا رکن.</verse>
				<verse number="13">۽ مون آسمان مان هڪڙو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ لک، تہ مبارڪ آهن اُهي مُردا جي اڄ کان وٺي مسيح ۾ ٿا مرن؛ روح چوي ٿو تہ هائو، هو پنهنجي پورهئي کان ڇُٽا آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي پنهنجن ڪمن جي ياداشت پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.</verse>
				<verse number="14">۽ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ هڪڙو اڇو بادل آهي؛ ۽ انهي بادل تي ابن آدم جهڙو هڪڙو شخص ويٺو آهي، جنهن جي مٿي تي سونو تاج آهي، ۽ هٿ ۾ هڪڙو تکو ڏاٽو اٿس.</verse>
				<verse number="15">۽ ٻيو ملائڪ هيڪل مان نڪري آيو، ۽ جيڪو شخص بادل تي ويٺو هو، تنهن کي هو وڏي آواز سان پڪاري چوڻ لڳو تہ پنهنجو ڏاٽو هلاءِ ۽ لُڻ؛ ڇالاءِ جو لاباري جو وقت آيو آهي؛ جو زمين جو فصل پچي راس ٿيو آهي.</verse>
				<verse number="16">۽ جيڪو بادل تي ويٺو هو، تنهن پنهنجو ڏاٽو زمين تي کڻي اُڇلايو، ۽ زمين لُڻجي ويئي.</verse>
				<verse number="17">۽ آسماني هيڪل مان ٻيو ملائڪ نڪري آيو، جنهن وٽ بہ هڪڙو تکو ڏاٽو هو.</verse>
				<verse number="18">۽ قربانگاهہ مان هڪڙو ٻيو ملائڪ نڪتو، جنهن کي باهہ تي اختيار هو، ۽ هن تکي ڏاٽي واري کي وڏي آواز سان سڏي چيو، تہ پنهنجو تکو ڏاٽو هلاءِ ۽ زمين جي ڊاک جا ڇڳا گڏ ڪر؛ ڇالاءِ جو ڊاک بلڪل پچي راس ٿي ويئي آهي.</verse>
				<verse number="19">۽ انهي ملائڪ پنهنجو ڏاٽو زمين تي اُڇلايو ۽ زمين جي ڊاک گڏ ڪري خدا جي غضب جي وڏي چيچڙي ۾ وڌائين.</verse>
				<verse number="20">۽ شهر جي ٻاهران انهي چيچڙي ۾ ڊاک پيڙي ويئي، ۽ چيچڙي مان ايترو تہ رت نڪتو جو گهوڙن جي لغامن تائين اچي پهتو ۽ سؤ ڪوهن تائين وهي هليو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="15">
				<verse number="1">۽ مون آسمان ۾ ٻيو وڏو ۽ عجب جهڙو نشان ڏٺو، يعني ست ملائڪ ڏٺم، جن وٽ ست آفتون هيون، ۽ اُهي پڇاڙيءَ جون آهن، ڇالاءِ جو اُنهن ۾ خدا جو غضب پورو ٿيو.</verse>
				<verse number="2">۽ مون شيشي جهڙو هڪڙو سمنڊ ڏٺو، جنهن ۾ باهہ گڏيل هئي؛ ۽ جيڪي اُنهي حيوان، ۽ اُنهي جي بُت، ۽ سندس نالي جي عدد تي غالب پيا هئا، سي خدا جا ڏنل تنبورا کنيو انهي شيشي جي سمنڊ وٽ بيٺا هئا.</verse>
				<verse number="3">۽ انهن خدا جي ٻانهي موسيٰ جو راڳ ۽ گهيٽي جو راڳ پئي ڳايو، تہ اي خداوند قادر مطلق، تنهنجا ڪم عظيم ۽ عجيب آهن؛ اي زمانن جا بادشاهہ، تنهنجا رستا سنوان ۽ سچا آهن.</verse>
				<verse number="4">اي خداوند، ڪير توکان نہ ڊڄندو ۽ تنهنجي نالي جي وڏائي نہ ڳائيندو؟ ڇالاءِ جو تون ئي اڪيلو پاڪ آهين؛ ۽ سڀيئي قومون تنهنجي اڳيان سجدو ڪنديون، جو تنهنجي انصاف جا ڪم پڌرا ٿيا آهن.</verse>
				<verse number="5">۽ انهن ڳالهين کانپوءِ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ آسمان ۾ جا شاهديءَ جي خيمي جي پاڪ جاءِ آهي سا کولي ويئي؛</verse>
				<verse number="6">۽ پاڪ جاءِ مان اهي ست ملائڪ نڪتا، جن وٽ ست آفتون هيون، ۽ اُهي صاف ۽ چمڪندڙ ڪتاني ڪپڙي سان ڍڪيل هئا، ۽ سندن ڇاتين جي چوڌاري سونا سينابند ٻَڌل هئا.</verse>
				<verse number="7">۽ انهن چئن جاندارن مان هڪڙي انهن ستن ملائڪن کي ست سونا پيالا، ابدي زندہ خدا جي قهر سان ڀريل ڏنا.</verse>
				<verse number="8">۽ اُها پاڪ جاءِ خدا جي جلال ۽ سندس قدرت جي دونهين سان ڀرجي ويئي؛ ۽ جيسين اُنهن ستن ملائڪن جون ست آفتون پوريون نہ ٿيون، تيسين ڪوبہ انهيءَ پاڪ جاءِ ۾ گهڙي نہ سگهيو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="16">
				<verse number="1">۽ مون هڪڙو وڏو آواز پاڪ جاءِ مان ايندو ٻُڌو، جنهن انهن ستن ملائڪن کي چيو تہ اوهين وڃي خدا جي قهر جا ست پيالا زمين تي اوتيو.</verse>
				<verse number="2">۽ پهرئين وڃي پنهنجو پيالو زمين تي اوتيو؛ ۽ جن تي اُنهي حيوان جي ڇاپ هئي، ۽ جي سندس بُت جي پرستش ڪندا هئا، تن کي گندا ناسوري ڦٽ ٿي پيا.</verse>
				<verse number="3">۽ ٻئي پنهنجو پيالو سمنڊ تي اوتيو؛ ۽ اُهو مُئل ماڻهوءَ جي رت جهڙو ٿي پيو؛ ۽ سمنڊ ۾ جيڪي جاندار هئا، سي سڀ مري ويا.</verse>
				<verse number="4">۽ ٽئين پنهنجو پيالو ندين ۽ پاڻيءَ جي چشمن تي اوتيو؛ ۽ اُنهن جو پاڻي رت ٿي پيو.</verse>
				<verse number="5">۽ مون پاڻين جي ملائڪ کي هيئن چوندو ٻُڌو تہ اي قدوس، تون جو آهين ۽ جو هُئين، تون عادل آهين، ۽ تو ئي اهڙو انصاف ڪيو؛</verse>
				<verse number="6">ڇالاءِ جو هنن پاڪ ٿيلن ۽ نبين جو رت وهايو، ۽ تو کين رت پيئڻ لاءِ ڏنو: اُهي انهي جا لائق آهن.</verse>
				<verse number="7">۽ مون قربانگاهہ مان هڪڙو آواز هيئن چوندو ٻُڌو تہ هائو، اي خداوند خدا، قادر مطلق، تنهنجا فيصلا سچا ۽ انصاف وارا آهن.</verse>
				<verse number="8">۽ چوٿين پنهنجو پيالو سج تي اوتيو؛ ۽ انهي کي اختيار ڏنو ويو تہ ماڻهن کي باهہ سان ساڙي.</verse>
				<verse number="9">۽ هو ڏاڍا سڙي ويا؛ ۽ خدا، جنهن کي انهن آفتن تي اختيار آهي، تنهن جي نالي تي ڪفر بڪڻ لڳا، ۽ توبهہ ڪري سندس تمجيد ظاهر نہ ڪيائون.</verse>
				<verse number="10">۽ پنجين پنهنجو پيالو انهي حيوان جي تخت تي اوتيو؛ ۽ هن جي بادشاهت ۾ اوندهہ ٿي ويئي. ۽ سور سببان ماڻهو پنهنجون زبانون چٻاڙڻ لڳا.</verse>
				<verse number="11">۽ پنهنجن سورن ۽ ڦٽن جي ڪري آسمان جي خدا جي نسبت ۾ ڪفر بڪڻ لڳا؛ ۽ پنهنجن ڪمن کان توبهہ نہ ڪيائون.</verse>
				<verse number="12">۽ ڇهين ملائڪ پنهنجو پيالو وڏيءَ نديءَ فرات تي اوتيو ۽ ان جو پاڻي سُڪي ويو، تان تہ جيڪي بادشاهہ اُڀرندي کان اچن، تن جي لاءِ رستو تيار ٿي وڃي.</verse>
				<verse number="13">۽ مون انهي ازدها جي وات مان، ۽ حيوان جي وات مان، ۽ انهي ڪوڙي نبيءَ جي وات مان، ٽي ناپاڪ روح ڏيڏرن جي شڪل ۾ نڪرندا ڏٺا:</verse>
				<verse number="14">ڇالاءِ جو اهي ڀوتن جا روح آهن، جي نشان ٿا ڏيکارين؛ اهي ساريءَ زمين جي بادشاهن وٽ وڃن ٿا، تان تہ قادر مطلق خدا جي عظيم ڏينهن جي جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.</verse>
				<verse number="15">(ڏسو، آئون ائين ٿو اچان جيئن چور ايندو آهي، مبارڪ آهي اُهو جو سجاڳ ٿو رهي، ۽ پنهنجي پوشاڪ جي سنڀال ٿو ڪري، تہ متان اُگهاڙو ٿئي ۽ ماڻهو سندس اوگهڙ ڏسن.)</verse>
				<verse number="16">۽ انهن کين انهي هنڌ آڻي گڏ ڪيو، جنهن کي عبرانيءَ ۾ هومگدون ٿا چون.</verse>
				<verse number="17">۽ ستين پنهنجو پيالو هوا ۾ اوتيو؛ ۽ هيڪل مان تخت جي پاسي کان هڪڙو وڏو آواز آيو، جنهن چيو تہ پورو ٿيو!</verse>
				<verse number="18">۽ کنوڻيون، ۽ آواز، ۽ گجگوڙيون ٿيون؛ ۽ وڏو زلزلو ٿيو، اهڙو جو جڏهن کان ماڻهو زمين تي پيدا ٿيا، تڏهن کان وٺي اهڙو وڏو زلزلو ڪڏهن ڪونہ ٿيو.</verse>
				<verse number="19">۽ انهي وڏي شهر جا ٽي ٽڪرا ٿي پيا، ۽ قومن جا شهر ڪِري پيا: ۽ خدا جي حضور ۾ وڏي شهر بابل جي يادگيري ٿي، تہ کيس پنهنجي سخت غضب جي شراب جو پيالو پياري.</verse>
				<verse number="20">۽ سڀ ٻيٽ گم ٿي ويا، ۽ جبلن جو پتو ئي ڪونہ رهيو.</verse>
				<verse number="21">۽ ماڻهن تي آسمان مان وڏا ڳڙا پوڻ لڳا، جن مان هڪ هڪ ڳڙو وزن ۾ هڪ مڻ هو؛ ۽ انهن ڳڙن جي آفت سبب ماڻهو خدا تي ڪفر بڪڻ لڳا، ڇالاءِ جو اها آفت ڏاڍي سخت هئي.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="17">
				<verse number="1">۽ جن ستن ملائڪن وٽ ست پيالا هئا، تن مان هڪڙي اچي مون سان ڳالهايو ۽ چوڻ لڳو تہ هيڏانهن اچ تہ جيڪا وڏي ڪسبياڻي گهڻن پاڻين تي ويٺي آهي، تنهن جي سزا توکي ڏيکاريان؛</verse>
				<verse number="2">جنهن سان زمين جي بادشاهن زناڪاري ڪئي آهي، ۽ زمين جا رهاڪو هن جي زناڪاريءَ جي شراب سان نشئي ٿي پيا آهن.</verse>
				<verse number="3">۽ هو مون کي روح ۾ بيابان ڏانهن وٺي هليو، ۽ مون هڪڙي زال، قرمزي رنگ واري جانور تي ويٺل ڏٺي، جو ڪفر جي نالن سان ڀريو پيو هو، ۽ جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا.</verse>
				<verse number="4">۽ انهيءَ زال کي واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جا ڪپڙا پهريل هئا، ۽ سون ۽ جواهرن ۽ موتين سان سينگاريل هئي. ۽ هٿ ۾ هڪڙو براين سان ڀريل سونو پيالو هوس، يعني سندس زناڪاريءَ جي ناپاڪ شين سان،</verse>
				<verse number="5">۽ سندس پيشانيءَ تي ڳجهو نالو لکيل هو ”وڏي بابل، ڪسبياڻين ۽ زمين جي براين جي ماءُ.“</verse>
				<verse number="6">۽ مون انهي زال کي پاڪ ٿيلن جي رت، ۽ يسوع جي شهيدن جي رت سان مست ڏٺو. ۽ کيس ڏسي آئون ڏاڍو حيران ٿي ويس.</verse>
				<verse number="7">۽ هن ملائڪ مون کي چيو تہ تون حيران ڇو ٿيو آهين؟ آئون توکي انهيءَ زال ۽ انهيءَ جانور جنهن تي هوءَ چڙهيل آهي ۽ جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ آهن، تن جو راز بيان ڪري ٻُڌائيندس.</verse>
				<verse number="8">اهو جانور جو تو ڏٺو، سو اڳي هو پر هاڻي ڪونهي؛ ۽ اوڙاهہ مان نڪري اچڻ تي آهي، ۽ پوءِ برباد ٿي ويندو. ۽ زمين جا رهاڪو، ۽ جن جا نالا دنيا جي بنياد کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن، سي جڏهن ڏسندا تہ اهو جانور جو اڳي هو، ۽ هاڻي ڪونهي، ۽ هن کانپوءِ ايندو، تڏهن عجب ۾ پوندا.</verse>
				<verse number="9">هن جو مطلب داناءُ دل پاڻ سمجهي. ست مٿا ست جبل آهن، جن تي هيءَ زال ويٺي آهي:</verse>
				<verse number="10">۽ اهي ست بادشاهہ آهن؛ انهن مان پنج ڪِري پيا، هڪڙو موجود آهي ۽ هڪڙو اڃا آيو ئي ڪينهي؛ ۽ جڏهن اهو ايندو تڏهن ضرور ٿوري وقت تائين رهندو.</verse>
				<verse number="11">۽ جيڪو جانور اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي، سو پاڻ اٺون آهي، ۽ انهن ستن مان آهي؛ ۽ اُهو برباد ٿي ويندو.</verse>
				<verse number="12">۽ جيڪي ڏهہ سڱ تو ڏٺا سي اُهي ڏهہ بادشاهہ آهن جن کي اڃا ڪا بادشاهت ڪانہ ملي آهي؛ پر انهي جانور سان گڏ هڪڙي ڪلاڪ تائين کين بادشاهن جهڙو اختيار ملندو.</verse>
				<verse number="13">سندن راءِ هڪڙي ئي آهي، ۽ اُهي پنهنجي قدرت ۽ اختياري انهي جانور کي ڏيئي ڇڏيندا.</verse>
				<verse number="14">اُهي گهيٽي سان جنگ ڪندا، ۽ گهيٽو مٿن غالب پوندو، ڇالاءِ جو هو خداوندن جو خداوند، ۽ بادشاهن جو بادشاهہ آهي؛ ۽ جيڪي سڏيل، ۽ چونڊيل، ۽ ايماندار هن سان آهن سي بہ غالب پوندا.</verse>
				<verse number="15">پوءِ هن مون کي چيو تہ جيڪي پاڻي تو ڏٺا، ۽ جن تي اُها ڪسبياڻي ويٺي هئي، سي اُمتون، ميڙاڪا، قومون ۽ ٻوليون آهن.</verse>
				<verse number="16">۽ جي ڏهہ سڱ تو ڏٺا سي، ۽ اهو جانور، انهيءَ ڪسبياڻيءَ کي ڌڪاريندا ۽ کيس برباد ۽ اُگهاڙو ڪندا، ۽ سندس گوشت کائي ويندا، ۽ کيس پوريءَ طرح باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندا.</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو خدا هنن جي دل ۾ وجهندو تہ هو سندس مرضيءَ تي هلن، ۽ هڪڙيءَ راءِ تي اچي بيهن، ۽ پنهنجي پنهنجي بادشاهت انهي جانور کي ڏين، جيسين ڪ خدا جون ڳالهيون پوريون ٿين.</verse>
				<verse number="18">۽ اها زال جا تو ڏٺي سا اُهو وڏو شهر آهي، جو زمين جي بادشاهن تي حڪومت ٿو ڪري.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="18">
				<verse number="1">انهن ڳالهين کانپوءِ مون هڪڙو ٻيو ملائڪ آسمان مان لهندو ڏٺو، جنهن کي وڏو اختيار ڏنل هو؛ ۽ زمين سندس جلال سان روشن ٿي ويئي.</verse>
				<verse number="2">۽ هن وڏي آواز سان چيو تہ ڪِري پيو، وڏو شهر بابل ڪِري پيو، ۽ ڀوتن جي رهڻ جو مڪان ٿي پيو، ۽ سڀ ڪنهن ناپاڪ روح ۽ سڀ ڪنهن ناپاڪ ۽ ڪراهت جهڙي پکيءَ جي رهڻ جي جاءِ ٿي پيو.</verse>
				<verse number="3">ڇالاءِ جو هن جي ناپاڪائيءَ جي شراب جي ڪري سڀ قومون مست ٿي پيون آهن؛ ۽ زمين جي بادشاهن انهي سان زناڪاري ڪئي، ۽ دنيا جا سوداگر انهي جي عيش عشرت جي گهڻائيءَ ڪري دولتمند ٿي پيا.</verse>
				<verse number="4">۽ مون آسمان مان هڪڙو ٻيو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ اي منهنجي اُمت، اوهين انهي مان نڪري اچو، انهي لاءِ تہ سندس گناهن ۾ شريڪ نہ ٿيو، تہ متان هن جي آفتن مان ڪا اوهان تي اچي پوي:</verse>
				<verse number="5">ڇالاءِ جو انهي جا گناهہ آسمان تائين وڃي پهتا آهن، ۽ خدا هن جي بدڪارين کي ياد ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="6">جيئن هن ڪيو، تيئن اوهين بہ ساڻس ڪيو. ۽ سندس ڪمن جو ٻيڻو بدلو ڏيوس. جيڪو پيالو هن ڀريو، تنهن ۾ سندس لاءِ ٻيڻو ڀريو.</verse>
				<verse number="7">جيتري قدر انهي پاڻ کي شاندار ڪيو ۽ عيش عشرت ڪيائين، اوتري قدر کيس عذاب ۽ ڏک ڏيو. ڇالاءِ جو هوءَ پنهنجيءَ دل ۾ چوي ٿي تہ آئون ملڪہ وانگر ويٺي آهيان، ۽ بيوهہ نہ آهيان، ۽ ڪنهن بہ طرح ماتم نہ ڪنديس.</verse>
				<verse number="8">تنهنڪري هن جون آفتون هڪڙي ئي ڏينهن ۾ اينديون، يعني موت ۽ ماتم، ۽ ڏڪار؛ ۽ هوءَ باهہ سان ساڙي چٽ ڪئي ويندي؛ ڇالاءِ تہ خداوند خدا، جنهن هن جي عدالت ڪئي سو قادر آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ جن زمين جي بادشاهن ساڻس زناڪاري ۽ عيش عشرت ڪئي، سي جڏهن هن جي سڙڻ جو دونهون ڏسندا، تڏهن سندس لاءِ روئندا ۽ پِٽيندا.</verse>
				<verse number="10">۽ انهي جي عذاب جي ڊپ کان پري بيهي چوندا تہ هاءِ هاءِ، اي بابل وڏا شهر، مضبوط شهر! هڪڙي ڪلاڪ ۾ تنهنجي سزا اچي پهتي آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ زمين جا سوداگر انهي لاءِ روئندا ۽ ماتم ڪندا، ڇالاءِ جو ڪوبہ سندن مال وري خريد نہ ڪندو؛</verse>
				<verse number="12">يعني سندن سون، رپو، جواهرات، موتي، عمدو ڪتاني ۽ واڱڻائي ۽ ريشمي ۽ قرمزي ڪپڙو، ۽ سڀ سرهيون ڪاٺيون، ۽ هر قسم جون عاج جون شيون، ۽ تمام قيمتي ڪاٺ، ۽ پتل، ۽ لوهہ ۽ سنگ مرمر مان جڙيل هر قسم جون شيون،</verse>
				<verse number="13">۽ دال چيني، ۽ مصالحہ، ۽ مر، ۽ عطر، ۽ لوبان، ۽ شراب، ۽ تيل، ۽ ميدو، ۽ ڪڻڪ، ۽ ڍور، ۽ رڍون، ۽ گهوڙا، ۽ گاڏيون، ۽ غلام، ۽ ماڻهن جون جانيون.</verse>
				<verse number="14">۽ تنهنجا دلپسند ميوا تو وٽان هليا ويا آهن، ۽ جيڪي لذيذ ۽ عمديون شيون هيون، سي تو وٽان گم ٿي ويون آهن، ۽ اهي وري ڪڏهن بہ هٿ ڪين اينديون.</verse>
				<verse number="15">انهن شين جا سوداگر جن کي هن دولتمند ڪري ڇڏيو هو، سي هن جي عذاب جي ڊپ کان پري بيهي روئندا ۽ ماتم ڪندا؛</verse>
				<verse number="16">۽ چوندا تہ هاءِ هاءِ، اهو وڏو شهر، جنهن کي عمدا ڪتاني ۽ واڱڻائي ۽ قرمزي ڪپڙا پهريل هئا، ۽ سون ۽ جواهر ۽ موتين سان سينگاريل هو!</verse>
				<verse number="17">ڇالاءِ جو هڪڙي ڪلاڪ ۾ سندس ساري دولت چٽ ٿي ويئي، ۽ سڀ ميربحر، ۽ سڀيئي جهاز جا مسافر، ۽ خلاصي، ۽ ٻيا جيڪي سمنڊ تي گذران ٿا ڪن، سي پري بيهي رڙيون ڪندا،</verse>
				<verse number="18">۽ هن جي سڙڻ جو دونهون ڏسي چوندا تہ هن وڏي شهر جهڙو ٻيو ڪهڙو شهر آهي؟</verse>
				<verse number="19">۽ پنهنجن مٿن تي خاڪ وجهي رڙيون ڪري روئي پِٽي چوندا تہ هاءِ هاءِ، وڏو شهر، جنهن جي دولت جي ڪري سمنڊ جا سڀيئي جهازن وارا دولتمند ٿي پيا هئا! سو هڪڙي ڪلاڪ ۾ برباد ٿي ويو.</verse>
				<verse number="20">اي آسمان، ۽ سڀيئي پاڪ ٿيل، ۽ رسول، ۽ نبي، اوهين انهي تي خوشي ڪريو؛ ڇالاءِ جو خدا انصاف ڪري هن کان اهو بدلو ورتو.</verse>
				<verse number="21">۽ هڪڙي زور واري ملائڪ هڪڙو وڏو جنڊ جي پاٽ جيڏو پهڻ کڻي، سمنڊ ۾ اُڇلائي چيو تہ بابل جو وڏو شهر هن طرح ڏاڍي زور سان ڪيرايو ويندو، ۽ وري سندس پتو ئي ڪونہ پوندو.</verse>
				<verse number="22">۽ تنبوري وڄائيندڙن، ۽ ڳائيندڙن، ۽ بانسري وڄائيندڙن، ۽ تري وڄائيندڙن جو آواز وري تو وٽ ڪڏهن بہ ڪين ٻُڌبو، ۽ ڪوبہ ڪاريگر، ڪهڙي بہ ڌنڌي وارو تو ۾ ڪڏهن بہ ڪونہ لڀندو؛ ۽ نڪي ڪنهن ڪارخاني جو آواز تو ۾ وري ڪڏهن ٻُڌڻ ۾ ايندو.</verse>
				<verse number="23">۽ تو ۾ وري ڏيئي جو سوجهرو ڪڏهن ڪونہ ٿيندو، ۽ تو ۾ وري گهوٽ ۽ ڪنوار جو آواز ڪڏهن بہ ٻُڌڻ ۾ ڪونہ ايندو! تنهنجا سوداگر زمين جا امير هئا ۽ سڀ قومون تنهنجي جادوگريءَ سان ٺڳجي ويون هيون.</verse>
				<verse number="24">۽ انهي ۾ نبين ۽ پاڪ ٿيلن جو، ۽ زمين تي جيڪي قتل ٿي ويا آهن تن سڀني جو رت لڌو ويو هو.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="19">
				<verse number="1">انهن ڳالهين کانپوءِ مون آسمان تي ڄڻ تہ هڪڙي ميڙاڪي جو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ هاليلوياهہ، نجات، ۽ جلال، ۽ قدرت اسان جي خدا جي آهي:</verse>
				<verse number="2">ڇالاءِ جو هن جا فيصلا سچا ۽ درست آهن! ۽ جنهن وڏيءَ ڪسبياڻيءَ پنهنجي زناڪاريءَ سان زمين کي خراب ڪري ڇڏيو، تنهن جو هن انصاف ڪيو، ۽ کانئس پنهنجن بندن جي خون جو بدلو ورتو اٿس.</verse>
				<verse number="3">۽ هنن وري ٻيو ڀيرو پڪاري چيو تہ هاليلوياهہ. ۽ انهي جي سڙڻ جو دونهون هميشہ تائين پيو اُٿندو.</verse>
				<verse number="4">۽ اهي چوويهہ بزرگ، ۽ چار جاندار، پيرين پئي خدا کي، جو تخت تي ويٺو هو، سجدو ڪرڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا، تہ آمين! هاليلوياهہ!</verse>
				<verse number="5">۽ تخت مان هڪڙو آواز آيو، جنهن چيو تہ اي خدا جا بندا، ننڍا توڙي وڏا، جي کانئس ڊڄو ٿا، سي سڀ سندس تعريف ڪريو.</verse>
				<verse number="6">۽ مون هڪڙيءَ وڏيءَ جماعت جهڙو آواز ٻُڌو، جو زور سان وهندڙ پاڻيءَ جهڙو آواز هو، ۽ وڏين گجگوڙين جهڙو آواز هو، جنهن چيو تہ هاليلوياهہ؛ ڇالاءِ جو اسان جو خدا قادر مطلق، بادشاهي ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="7">اچو تہ خوشي ڪريون ۽ ڏاڍا سرها ٿيون، ۽ کيس سجدو ڪريون، ڇالاءِ جو گهيٽي جي شاديءَ جو ڏينهن اچي پهتو آهي، ۽ سندس ڪنوار پاڻ کي تيار ڪيو آهي.</verse>
				<verse number="8">۽ انهيءَ کي صاف چمڪندڙ سنها ڪتاني ڪپڙا پائڻ لاءِ ڏنا ويا؛ ڇالاءِ جو سنها ڪتاني ڪپڙا پاڪ ٿيلن جي راستبازيءَ جا ڪم آهن.</verse>
				<verse number="9">۽ هن چيو تہ لک، تہ اهي مبارڪ آهن جن کي گهيٽي جي شاديءَ جي دعوت ملي آهي. ۽ هن مون کي چيو تہ هي خدا جون سچيون ڳالهيون آهن.</verse>
				<verse number="10">۽ آئون کيس سجدي ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪِري پيس. ۽ هن مون کي چيو تہ ڏس، متان ائين ڪرين: آئون تو سان ۽ جيڪي تنهنجا ڀائر يسوع جي شاهديءَ تي قائم آهن، تن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آهيان؛ خدا کي سجدو ڪر: ڇالاءِ جو يسوع جي شاهدي نبوت جو روح آهي.</verse>
				<verse number="11">۽ مون ڏٺو تہ آسمان کليل هو، ۽ ڏسو، هڪڙو اڇو گهوڙو نڪتو، جنهن تي هڪڙو سوار هو جنهن جو نالو آهي ايماندار ۽ سچار؛ ۽ اهو راستبازيءَ سان انصاف ۽ جنگ ٿو ڪري.</verse>
				<verse number="12">۽ هن جون اکيون باهہ جا شعلا آهن، ۽ هن جي مٿي تي گهڻا تاج آهن، ۽ هن جو هڪڙو نالو لکيل آهي، جو انهي کانسواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ ٿو ڄاڻي.</verse>
				<verse number="13">۽ هن جا ڪپڙا رت سان ڀريل آهن، ۽ هن جو نالو ”خدا جو ڪلام“ آهي.</verse>
				<verse number="14">۽ آسمان جون فوجون سفيد گهوڙن تي، اڇن ۽ صاف ڪتاني ڪپڙن ۾ سندس پٺيان پئي آيون.</verse>
				<verse number="15">۽ هن جي وات مان هڪڙي تکي ترار ٿي نڪتي، تہ هو قومن کي ماري: ۽ هو مٿن لوهہ جي لٺ سان حڪومت ڪري؛ ۽ قادر مطلق خدا جي خوفناڪ غضب جي شراب جي چيچڙي کي هو لتاڙيندو.</verse>
				<verse number="16">۽ سندس پوشاڪ تي ۽ رانن تي هي نالو لکيل هو: ”بادشاهن جو بادشاهہ ۽ خداوندن جو خداوند.“</verse>
				<verse number="17">پوءِ مون هڪڙي ملائڪ کي سج تي بيٺل ڏٺو؛ ۽ انهي وڏي آواز سان آسمان ۾ سڀني اُڏامندڙ پکين کي سڏ ڪري چيو تہ اچو، ۽ خدا جي وڏيءَ ضيافت ۾ اچي گڏ ٿيو؛</verse>
				<verse number="18">تہ اوهين بادشاهن، ۽ جنگي سردارن، ۽ جنگي ماڻهن جو، ۽ گهوڙن ۽ انهن جي سوارن جو، ۽ سڀني آزاد توڙي غلامن، ننڍن توڙي وڏن ماڻهن جو گوشت کائو.</verse>
				<verse number="19">پوءِ مون انهي حيوان ۽ زمين جي بادشاهن ۽ سندن لشڪرن کي ڏٺو تہ هو انهي گهوڙي سوار، ۽ سندس فوج سان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا آهن.</verse>
				<verse number="20">۽ اهو حيوان پڪڙيو ويو ۽ ساڻس گڏ اهو ڪوڙو نبي، جنهن سندس اڳيان اهڙا تہ نشان ڏيکاريا هئا، جن سان هن انهن کي گمراهہ ڪيو هو جن تي انهي حيوان جي ڇاپ هئي، ۽ جن هن جي بُت جي پرستش ڪئي هئي، اهي ٻئي گندرف سان ٻرندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا اُڇلايا ويا:</verse>
				<verse number="21">۽ باقي ٻيا انهي گهوڙي سوار جي ترار سان، يعني جا ترار سندس وات مان ٿي نڪتي، تنهن سان مارجي ويا: ۽ سڀيئي پکي انهن جي گوشت مان ڍاپي پيا.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="20">
				<verse number="1">پوءِ مون هڪڙي ملائڪ کي آسمان مان لهندو ڏٺو، جنهن کي هٿ ۾ اوڙاهہ جي ڪنجي، ۽ هڪڙو وڏو زنجير هو.</verse>
				<verse number="2">۽ انهي ازدها يعني قديمي نانگ کي، جو شيطان ۽ ابليس آهي، پڪڙي هزار ورهين لاءِ ٻَڌو،</verse>
				<verse number="3">۽ اُنهيءَ اوڙاهہ ۾ اُڇلائي اتي بند ڪري ڇڏيائينس، ۽ مٿس مهر هڻي ڇڏيائين، تہ هزار ورهين جي پوري ٿيڻ تائين وري قومن کي گمراهہ نہ ڪري؛ انهي کانپوءِ ٿوري وقت تائين کيس ڇوڙيو ويندو.</verse>
				<verse number="4">۽ مون تخت ڏٺا، ۽ جيڪي مٿن ويٺا هئا تن کي عدالت سونپي ويئي؛ ۽ جن جون يسوع جي شاهديءَ، ۽ خدا جي ڪلام جي ڪري سسيون لاٿيون ويون هيون، ۽ جن انهي حيوان جي پرستش نہ ڪئي، نڪي سندس بُت جي، ۽ جن پنهنجي پيشانيءَ ۽ پنهنجي هٿ تي ڇاپ نہ هڻائي هئي، تن جي روحن کي ڏٺم؛ ۽ اُهي جيئرا ٿيا، ۽ مسيح سان گڏ هزار ورهين تائين بادشاهي ڪندا رهيا.</verse>
				<verse number="5">۽ جيسين هزار ورهيہ پورا نہ ٿيا، تيسين ٻيا مُردا جيئرا نہ ٿيا. اها پهرين قيامت آهي.</verse>
				<verse number="6">مبارڪ ۽ پاڪ اُهو آهي، جو انهي پهرينءَ قيامت ۾ شريڪ ٿو ٿئي؛ اهڙن تي ٻئي موت جو ڪوبہ اختيار نٿو هلي؛ پر اهي خدا ۽ مسيح جا ڪاهن ٿيندا، ۽ ساڻس گڏ هزارن ورهين تائين بادشاهي ڪندا.</verse>
				<verse number="7">۽ جڏهن اُهي هزار ورهيہ پورا ٿيندا، تڏهن شيطان پنهنجي قيد مان ڇُٽندو،</verse>
				<verse number="8">۽ ٻاهر وڃي جيڪي قومون زمين جي چئن ئي ڪنڊن ۾ آهن، تن کي يعني ياجوج ۽ ماجوج کي ٺڳيندو، ۽ جنگ جي لاءِ گڏ ڪندو: انهن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جيترو آهي.</verse>
				<verse number="9">۽ هو زمين جي مٿان چوڌاري پکڙجي ويندا ۽ پاڪ ٿيلن جي لشڪرگاهہ ۽ پياري شهر کي وڪوڙي ويندا: ۽ آسمان مان باهہ ايندي ۽ انهن کي کائي ويندي.</verse>
				<verse number="10">۽ شيطان جنهن کين گمراهہ ڪيو هو، سو باهہ ۽ گندرف جي ڍنڍ ۾ اُڇلايو ويندو، جتي اهو حيوان ۽ ڪوڙو نبي بہ آهي؛ ۽ اهي رات ڏينهن اتي هميشہ تائين عذاب پيا سهندا.</verse>
				<verse number="11">۽ مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ڏٺو، ۽ انهي کي بہ، جو مٿس ويٺو هو، جنهن جي منهن تان زمين ۽ آسمان ٽري ويا؛ ۽ کين ڪابہ جاءِ ڪانہ ملي.</verse>
				<verse number="12">۽ مون سڀني مُئلن، وڏن توڙي ننڍن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو؛ ۽ ڪتاب کوليا ويا: ۽ هڪڙو ٻيو ڪتاب جو زندگيءَ جو ڪتاب آهي سو کوليو ويو. ۽ جيڪي ڳالهيون انهن ڪتابن ۾ لکيل هيون، تن موجب سندن ڪمن موافق مُئلن جو انصاف ڪيو ويو.</verse>
				<verse number="13">۽ سمنڊ ۾ جيڪي مُردا هئا، سي هن ڪڍي ٻاهر ڪيا؛ ۽ موت ۽ روحن جي عالم بہ جيڪي مُردا منجهن هئا، سي آڻي حاضر ڪيا؛ ۽ انهن مان هرهڪ جو سندن ڪمن موافق انصاف ڪيو ويو.</verse>
				<verse number="14">۽ موت ۽ روحن جو عالم باهہ جي ڍنڍ ۾ وڌا ويا. اها باهہ جي ڍنڍ ٻيو موت آهي.</verse>
				<verse number="15">۽ جي ڪنهن جو نالو زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ ڏٺو ويو تہ انهي کي بہ باهہ جي ڍنڍ ۾ اُڇلائي وڌائون.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="21">
				<verse number="1">پوءِ مون هڪڙو نئون آسمان ۽ هڪڙي نئين زمين ڏٺي: ڇالاءِ جو پهريون آسمان ۽ پهرين زمين ڪانہ رهي؛ ۽ سمنڊ بہ ڪونہ هو.</verse>
				<verse number="2">۽ مون پاڪ شهر يعني نئون يروشلم خدا وٽان آسمان مان لهندو ڏٺو، جو انهيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو هو، جا پنهنجي گهوٽ لاءِ سينگاربي آهي.</verse>
				<verse number="3">۽ مون تخت مان هڪڙو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ ڏس، خدا جو خيمو ماڻهن ۾ آهي، هو انهن سان رهندو، ۽ اهي سندس اُمت ٿيندا، ۽ خدا پاڻ هنن سان رهندو، ۽ سندن خدا ٿيندو؛</verse>
				<verse number="4">۽ سندن اکين مان سڀ ڳوڙها اُگهي ڇڏيندو، ۽ موت ٿيندو ئي ڪونہ، نڪو وري ماتم ٿيندو؛ ۽ نڪو روئڻ نڪو سور: پهريون حالتون گذري ويون آهن.</verse>
				<verse number="5">۽ جيڪو تخت تي ويٺو هو تنهن چيو تہ ڏس، آئون سڀني شين کي نئون ٿو ڪريان. ۽ هن چيو تہ لک: ڇالاءِ جو اهي ڳالهيون سچيون ۽ اعتبار جوڳيون آهن.</verse>
				<verse number="6">۽ هن مون کي چيو تہ اهي ڳالهيون پوريون ٿي چڪيون آهن، ڇالاءِ جو آئون الفا ۽ اوميگا، اول ۽ آخر آهيان. جيڪو اُڃايل آهي تنهن کي آبِ حيات جي چشمي مان مفت پياريندس.</verse>
				<verse number="7">جيڪو غالب پوندو سو هنن شين جو وارث ٿيندو؛ آئون انهي جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجو فرزند ٿيندو.</verse>
				<verse number="8">پر جيڪي ڊڄڻا، بي ايمان، ناپاڪ، خوني، زناڪار، جادوگر، بُت پرست ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جو حصو انهيءَ ڍنڍ ۾ ٿيندو، جا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ٻري؛ اهو ٻيو موت آهي.</verse>
				<verse number="9">پوءِ اُهي ست ملائڪ جن وٽ ست پيالا هئا ۽ اُنهن پوين ستن آفتن سان ڀريل هئا، تن مان هڪڙي نڪري اچي مون سان ڳالهايو؛ ۽ چيائين تہ هيڏانهن اچ تہ آئون توکي ڪنوار ڏيکاريان، يعني گهيٽي جي زال.</verse>
				<verse number="10">۽ هو مون کي روح ۾ هڪڙي وڏي ۽ اُتانهين جبل تي وٺي ويو، ۽ پاڪ شهر يروشلم خدا وٽان آسمان مان لهندو ڏيکاريائين،</verse>
				<verse number="11">جنهن ۾ خدا جو جلال هو: انهي جو چمڪاٽ تمام قيمتي جواهر جهڙو هو، ڄڻ تہ زبرجد، بلور جهڙو صاف.</verse>
				<verse number="12">هن جي ڀت وڏي ۽ مٿانهين هئي؛ ۽ ٻارهن در هئس، جن تي ٻارهن ملائڪ هئا؛ ۽ انهن تي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا نالا لکيل هئا:</verse>
				<verse number="13">ٽي در اُڀرندي ڏانهن هئا، ٽي در اُتر ڏانهن؛ ٽي در ڏکڻ ڏانهن، ۽ ٽي در اُلهندي ڏانهن هئا.</verse>
				<verse number="14">۽ انهي شهر جي ڀت جا ٻارهن بنياد هئا، ۽ انهن تي گهيٽي جي ٻارهن رسولن جا نالا هئا.</verse>
				<verse number="15">۽ جنهن مون سان ڳالهايو ٿي تنهن وٽ، شهر ۽ انهي جي دروازن ۽ سندس ڀت ماپڻ لاءِ هڪڙي سوني لٺ هئي.</verse>
				<verse number="16">۽ اهو شهر چوڪنڊو هو ۽ اُنهي جي ڊيگهہ ۽ ويڪر هڪ جهڙي هئي: ۽ هن انهي لٺ سان شهر کي ماپيو تہ ساڍا ست سؤ ڪوهہ ٿيو: هن جي ڊيگهہ، ويڪر ۽ بلندي هڪ جيتري هئي.</verse>
				<verse number="17">۽ هن سندس ڀت ماپي تہ ماڻهوءَ جي، يعني ملائڪ جي ماپ موجب، هڪ سؤ چوئيتاليهہ هٿ ٿي.</verse>
				<verse number="18">هن جي ڀت زبرجد جي جڙيل هئي: ۽ شهر خالص سون جو هو ۽ صاف شيشي جهڙو هو.</verse>
				<verse number="19">شهر جي ڀت جا بنياد هر قسم جي جواهرن سان سينگاريل هئا. پهريون بنياد زبرجد جو هو؛ ٻيو نيلم جو؛ ٽيون شب چراغ جو؛ چوٿون زمرد جو؛</verse>
				<verse number="20">پنجون عقيق جو؛ ڇهون لعل جو؛ ستون سونهري پهڻ جو؛ اٺون فيروزيءَ جو؛ نائون پکراج جو؛ ڏهون لاجورد جو؛ يارهون سنبلي پهڻ جو؛ ٻارهون ياقوت جو هو.</verse>
				<verse number="21">۽ ٻارهن در موتين جا هئا؛ هرهڪ در هڪ هڪ موتيءَ جو هو، ۽ شهر جي سڙڪ خالص سون جي هئي، ۽ صاف شيشي جهڙي هئي.</verse>
				<verse number="22">۽ مون انهي ۾ هيڪل ڪانہ ڏٺي: ڇالاءِ جو خداوند خدا، قادر مطلق ۽ گهيٽو سندس هيڪل آهن.</verse>
				<verse number="23">۽ انهي شهر کي روشنيءَ لاءِ سج جي گهُرج ڪانہ هئي، نڪا چنڊ جي؛ ڇالاءِ جو خدا جو جلال کيس روشن ٿو ڪري، ۽ گهيٽو سندس چراغ آهي.</verse>
				<verse number="24">۽ قومون انهي جي روشنيءَ ۾ هلنديون: ۽ زمين جا بادشاهہ منجهس پنهنجو شان ۽ شوڪت آڻيندا.</verse>
				<verse number="25">۽ سندس در ڏينهن جو ڪنهن بہ طرح بند نہ ٿيندا (۽ اُتي رات ٿيندي ئي ڪانہ.)</verse>
				<verse number="26">۽ هو قومن جي شوڪت ۽ عزت انهي ۾ آڻيندا؛</verse>
				<verse number="27">۽ انهي ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جهڙو ڪم ڪندڙ هرگز داخل نہ ٿيندو؛ پر رڳو اُهي داخل ٿيندا، جن جا نالا گهيٽي جي ڪتابِ حيات ۾ لکيل آهن.</verse>
			</chapter>
			<chapter number="22">
				<verse number="1">۽ هن مون کي آبِ حيات جي هڪڙي ندي ڏيکاري، جا بلور وانگر پئي چمڪي، ۽ انهي شهر جي سڙڪ جي وچ ۾ خدا ۽ گهيٽي جي تخت مان ٿي نڪتي.</verse>
				<verse number="2">۽ نديءَ جي ٻنهي ڪپن تي زندگيءَ جو وڻ هو، جنهن ٻارهن قسمن جا ڦل ٿي ڏنا، ۽ هر مهيني منجهس نوان ڦل ٿي لڳا؛ ۽ اُنهي وڻ جي پنن مان قومن کي شفا ٿي ملي.</verse>
				<verse number="3">۽ اڳتي وري ڪابہ لعنت ڪانہ هوندي: ۽ اتي خدا ۽ گهيٽي جو تخت هوندو، ۽ سندس ٻانها سندس عبادت ڪندا؛</verse>
				<verse number="4">۽ اُهي سندس منهن ڏسندا؛ ۽ سندس نالو انهن جي پيشانين تي هوندو.</verse>
				<verse number="5">۽ اڳتي وري رات ڪانہ ٿيندي؛ ۽ انهن کي چراغ يا سج جي روشنيءَ جي ضرورت ڪانہ پوندي، ڇالاءِ جو خداوند خدا انهن کي روشنائي ڏيندو؛ ۽ اُهي هميشہ تائين بادشاهي ڪندا.</verse>
				<verse number="6">۽ هن مون کي چيو تہ هي ڳالهيون اعتبار جوڳيون ۽ سچيون آهن: ۽ خداوند، نبين جي روحن جي خدا، پنهنجو ملائڪ انهي لاءِ موڪليو تہ پنهنجن ٻانهن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري، جي ضرور جلد ٿيڻ واريون آهن.</verse>
				<verse number="7">۽ ڏس، آئون جلد ٿو اچان. مبارڪ اُهو آهي جو هن ڪتاب جي نبوت جي ڳالهين تي ٿو هلي.</verse>
				<verse number="8">۽ آئون يوحنا اُهو آهيان، جنهن اهي ڳالهيون ٻُڌيون ۽ ڏٺيون. ۽ جڏهن مون ڏٺو ۽ ٻُڌو، تڏهن جنهن ملائڪ مون کي اهي ڳالهيون ڏيکاريون، تنهن کي آئون پيرين پئي سجدو ڪرڻ لڳس.</verse>
				<verse number="9">۽ هن مون کي چيو تہ ڏس، ائين نہ ڪر؛ آئون تو سان ۽ تنهنجي ڀائرن نبين سان، ۽ جيڪي هن ڪتاب جي ڳالهين تي هلن ٿا، تن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آهيان. خدا کي ئي سجدو ڪر.</verse>
				<verse number="10">۽ هن مون کي چيو تہ هن ڪتاب جي نبوت جي ڳالهين تي مهر نہ هڻ؛ ڇالاءِ جو اهو وقت ويجهو آهي.</verse>
				<verse number="11">جيڪو ناراست آهي سو ڀلي ناراستي پيو ڪري؛ ۽ جيڪو ڪميڻو آهي سو ڀلي ڪميڻو رهي؛ ۽ جيڪو راستباز آهي، سو ڀلي راستبازي پيو ڪري: جيڪو پاڪ آهي سو ڀلي پاڪ ٿيندو وڃي.</verse>
				<verse number="12">ڏس، آئون جلد ٿو اچان؛ ۽ منهنجو اجر مون سان آهي، جو هر ڪنهن کي سندس ڪم موجب ڏيندس.</verse>
				<verse number="13">آئون الفا ۽ اوميگا، پهريون ۽ پويون، اول ۽ آخر آهيان.</verse>
				<verse number="14">مبارڪ آهن اُهي، جي پنهنجا ڪپڙا ڌوئي صاف ٿا ڪن، اُهي زندگيءَ جي وڻ جا حقدار ٿيندا ۽ انهي شهر ۾ درن مان گهڙندا.</verse>
				<verse number="15">پر ڪتا، ۽ جادوگر، ۽ زناڪار، ۽ خوني، ۽ بُت پرست ۽ اهي سڀيئي جيڪي ڪوڙ کي پسند ٿا ڪن ۽ ڪوڙ ٿا ٺاهين، سي ٻاهر هوندا.</verse>
				<verse number="16">مون يسوع، پنهنجو ملائڪ انهي لاءِ موڪليو آهي، تہ ڪليسيائن کي انهن ڳالهين جي شاهدي ڏئي. آئون دائود جي پاڙ ۽ نسل ۽ صبح جو چمڪندڙ تارو آهيان.</verse>
				<verse number="17">۽ روح ۽ ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ اچ. ۽ ٻُڌڻ وارو بہ ڀلي چوي تہ اچ. ۽ جيڪو اُڃايل آهي سو ڀلي اچي؛ ۽ جنهن جي مرضي هجي سو زندگيءَ جو پاڻي مفت پيئي.</verse>
				<verse number="18">جيڪو بہ ماڻهو هن ڪتاب جي نبوت جون ڳالهيون ٻُڌي ٿو، تنهن لاءِ آئون شاهدي ٿو ڏيان، تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو اُنهن ۾ ڪي گڏيندو تہ خدا هن ڪتاب ۾ لکيل آفتون مٿس آڻيندو:</verse>
				<verse number="19">۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو هن نبوت جي ڪتاب جي ڳالهين مان ڪي ڪڍندو، تہ خدا زندگيءَ جي وڻ ۽ پاڪ شهر مان، جن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ ڪيل آهي، هن جو حصو ڪڍي ڇڏيندو.</verse>
				<verse number="20">جيڪو هنن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڀري، سو چوي ٿو تہ: هائو، آئون جلد ٿو اچان. آمين. اي خداوند يسوع، اچ.</verse>
				<verse number="21">شل خداوند يسوع جو فضل اوهان تي ٿيندو رهي. آمين.</verse>
			</chapter>
		</book>
	</testament>
</bible>